مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت

Page 1

‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬ ‫ماهم سنڌي‬ ‫ٻار جڏهن پنهنجي ماُء جي ُ‬ ‫ڪک مان جنم وٺي هن دنيا ۾ پير ٿو پائي ته‬ ‫يقينن ان جي پهرين سڃاڻپ ‪ ،‬پهريون سهارو ‪ ،‬پهرين سنڀاليندڙ ُهن جي‬ ‫ماُء ئي هوندي آهي‪ .‬وقت جا قدم اڳتي وڌڻ سان جڏهن ٻار جي قد ۽‬ ‫جسامت وانگر سوچ ‪ ،‬سمجهه ۽ شعور جا پيرا دنيا جي اندر وڌيڪ پختا‬ ‫ٿيندا آهن ته هن جي ڪنن تائين پهچندڙ پهريان لفظ سندن ئي ماُء جا‬ ‫هوندا آهن‪ ،‬جنهن ۾ مختلف قسمن جون لوليون ‪ ،‬ديني‪ ،‬دنياوي‬ ‫ڪچهريون ‪ ،‬پيار ‪ ،‬پاٻوھ ۽ دعائن سان ُپر ٿيل ٻول‪ ،‬رهنمائي جا لفظ ئي‬ ‫هوندا آهن‪ .‬ٻار جي پهرين درسگاھ ماُء هوندي آهي هو پنهنجي ٻار کي‬ ‫دنيا جي ٻين طور طريقن سميت ڳالهائڻ به سيکاري ٿي‪ .‬جيستائين ٻار ۾‬ ‫ڳالهائڻ جي سگهه ۽ لفظن جي صحيح ۽ مناسب استمعال جي سمجهه‬ ‫اچي‪ ،‬جيستائين هن کي لفظن جي اچارڻ جا ور وڪڙ دماغ ۾ بيهن‬ ‫تيستائين هو مسلسل ماُء جي چپن جي ڳالهائڻ دوران حرڪت کي غور‬ ‫سان نهاريندو رهندو آهي ۽ انهي طرح سان انهي ۾ ڳالهائڻ جو شعور‬ ‫دماغ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي رهيو هوندو آهي‪ .‬ماُء جي زبان مان ادا ٿيل‬ ‫لفظ هن الء دنيا ۾ هلڻ ۽ دنيا کي سمجهڻ جو آسان طريقو هوندو آهي‪.‬‬ ‫ٻار جا سکيل پهريان لفظ ٻاتا ۽ اڌ ڪٽيل لفظ جيڪي بعد ۾ وڃي هڪ‬ ‫مڪمل ٻولي جي صورت اختيار ٿا ڪن‪ ،‬اها ئي ٻار جي مادري ٻولي‬ ‫سڏائجي ٿي‪ .‬مادري ٻولي جي هرگز اها معنى ۽ مفهوم ناهي ته ڪو گهڻي‬ ‫ايراضي تي رهندڙ ڳتيل آبادي ۾ ڳالهائي وڃي‪ ،‬پر جيڪر هڪ طبقي تي‬ ‫مشتمل چند ڳوٺن تائين به ڳالهائي وڃي ٿي ته به اهائي اسانجي مادري‬ ‫‪1‬‬


‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫ٻولي سڏائبي ‪ ،‬جيڪا اسان کي بنا ڪنهن شرمساري جي بافخر ٿي‬ ‫ڳالهائڻ گهرجي‪ .‬اسان مان هر ڪو پنهنجي پياري ماُء ۽ پيُء سان بي پناھ‬ ‫۽ غير مشروط محبت ۽ چاهت ڪري ٿو ‪ ،‬چاهي اهي ڪهڙي به قد ڪاٺ‬ ‫شڪل صورت رنگ نسل جا ڇو نه هجن ‪ ،‬پر فقط اهي ئي اسان کي‬ ‫زندگي ڏيندڙ‪ ،‬پاليندڙ ‪،‬ڏک سک ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪندڙ هوندا آهن‪ ،‬پر‬ ‫افسوس صد افسوس اسان مان ئي ڪجهه ماڻهو يا ائين کڻي چئجي اسان‬ ‫پاڻ پنهنجي ماُء طرفان وراثتي مليل مادري ٻولي کي سڀني سامهون فخريه‬ ‫انداز ۾ ڳالهائڻ بجاء االهي ڇو پردن ۾ لڪائي ٻين ٻولين جو سهارو‬ ‫وٺندا آهيون؟ االهي ڪهڙي ذهنيت کي دماغ ۾ پرورش ڏيندا رهون ٿا‬ ‫جنهن سبب صرف قريبي رشتيدارن ۽ گهر محلي تائين پنهنجي زبان جي‬ ‫ٿا؟‬ ‫بڻايون‬ ‫ئي‬ ‫پاڻ‬ ‫پنهنجو‬ ‫لڪير‬ ‫سرحدي‬ ‫ٻاهر جي دنيا ۾ ملندڙ هر ماڻهو سان دفتر ۾ توڙي ٻين آفيشل جڳهن تي‬ ‫اسين اردو ۽ انگريزي زبان کي اوليت ڏيندي ڳالهائڻ ضروري ٿا‬ ‫سمجهون‪ ،‬جيتوڻڪ اهو غلط ته نه آهي اردو اسانجي قومي‪ ،‬انگريزي‬ ‫دفتري زبان آهي ‪،‬پر جيڪر اسان وٽ سٺن لفظن ۽ سٺن ٻولن تي مشتمل‬ ‫پنهنجي مادري ٻولي موجود آهي ته ڇو اسان انکي پروموٽ ڪرڻ کان‬ ‫لنوائيون ٿا!؟ڇا اسانکي پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي شرم ٿو اچي؟ ان ۾ ته‬ ‫ڪو حرج به ناهي نه ئي ڪو اعتراض واريندو ڇو ته جيستائين منهنجي‬ ‫سوچ پهچي ٿي ته اسان ته بافخر ئي محسوس ڪندا آهيون پنهنجي مادري‬ ‫ٻولي ڳالهائي ڪري‪ ،‬اهو ايترو به ضروري ناهي ته اسين پنهنجي ٻولي‬ ‫کي غير اهم قرار ڏيندي ٻين ٻولين کي ئي ڪميونيڪيشن جو ذريعو‬ ‫‪2‬‬


‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫ٺاهي انهن سان ئي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهون‪ .‬بهتر ته اهو‬ ‫ٿيندو ته اسين پنهنجي ماُء پيُء پاران سيکاريل ٻولي سنگتين ساٿين تائين‬ ‫پهچايون ۽ انهن اڳيان اهو باور ڪرايون ته اسان وٽ به پنهنجي شاندار‬ ‫۽ پرڪشش لفظن واري مادري ٻولي آهي جنهن تي اسانکي مان ‪ ،‬فخر ۽‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫پڻ‬ ‫خوشي‬ ‫ڪنهن به طبقي جي ٻولي ان الِء روڊ ميپ جي حيثيت ٿي رکي‪ ،‬ان جي‬ ‫ڪلچر‪ ،‬تهذيب وتمدن‪ ،‬رسم و رواج کي ڄاڻڻ ۽ پرکڻ الِء ان جي ٻولي‬ ‫جي ادائگي‪ ،‬لهجو‪ ،‬جملن جا پاڻ ۾ ڳانڍاپا‪ ،‬شيشي جيان سامهون ايندڙ‬ ‫عڪس کي صاف چٽو ظاهر ڪن ٿا ته اسين ڪهڙي ذات پات سان الڳاپيل‬ ‫آهيون‪ .‬ڀلي کڻي سامهون وارو شخص اسانجي زبان ڀلي ڀت پوري‬ ‫سمجهي به نه سگهي‪ ،‬پر اسانجي زبان مان ادا ٿيل لفظ اسانجي سڃاڻپ‬ ‫ٿا بڻجن‪ ،‬لفظ به اهي لفظ جيڪي اسان چڱي طرح سان مڪمل روانگي‬ ‫سان بنا ڪنهن گرامر جي غلطي‪ُ ،‬اچارن ۾ هير ڦير‪ ،‬ادائگي ۾ اڻائي ڪرڻ‬ ‫جي ‪ ،‬خيالن جو اظهار ٻين تائين پهچائيندا رهون ٿا‪.‬‬ ‫ُاها ئي ٻولي جيڪا اسانجي ماُء طرفان اسان ۾ منتقل ٿئي ٿي جئين ته‬ ‫هر ٻار جو چهرو عادتون جزبات سندن ئي ماُء سان مشهابهت رکن ٿا‪ ،‬ائين‬ ‫ئي سندن زبان جي ادائگي‪ ،‬لهجي جي به ڀيٽ سندن ماُء سان آساني سان‬ ‫ڪري سگهجي ٿي‪ .‬اسانجي چهري‪ ،‬نالي ۽ لباس وانگر ٻولي به اسانجي‬ ‫ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شناخت ڪرائي ٿي‪ .‬دنيا ۾ انتهائي اهميت جي حامل‬ ‫مادري ٻولي بابت اسان معمولي سوچ رکي گهڻن ئي موقعن تي پنهنجي‬ ‫ٻولي کي سائيڊ تي ڌڪيندي ٻين ٻولين کي پنهنجو چوائي فخر ٿا‬ ‫‪3‬‬


‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫محسوس ڪيون جيتوڻڪ مونکي ته اهو شرم جو مقام ٿو لڳي جو اسان‬ ‫ٻولي جي نالي تي اصل ۾ پنهنجي امڙ جي سڃاڻپ ٻين اڳيان ڪرڻ بجاِء‬ ‫لڪائڻ جي ڪوشش ڪري اڻڄاڻائي ۾ بزدلي جو کليل مظاهرو ڪري‬ ‫آهيون‪.‬‬ ‫هوندا‬ ‫رهيا‬ ‫ڇا اسين پنهنجي جيجل ماُء طرفان مليل ٻولي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس‬ ‫ڪيون ٿا؟ يقينن نه ته پوِء ڇو فخر سان سائنڻ جي ٻولي کي نظر اندازي‬ ‫ڇڏيون!!‬ ‫چاڙهي‬ ‫ٿا‬ ‫ور‬ ‫جي‬ ‫مادري ٻولي کي ايتري ته اهميت مليل آهي جو هر سال فيبروري جي ‪21‬‬ ‫تاريخ تي اقوام متحده پاران نيئن ٿيم هيٺ مادري ٻولي جو عالمي ڏهاڙو‬ ‫ملهايو وڃي ٿو‪ .‬اها عام فهم جي ڳالهه آهي ته عالمي ڏينهن ملهائڻ جو‬ ‫مطلب اهو ئي آهي ته ان موضوع کي سماج ۾ اجاگر ڪرڻ آهي‪ ،‬جيڪي‬ ‫اڻڄاڻ آهن‪.‬‬ ‫ملهه کان‬ ‫قيمتي شيِء جي‬ ‫پنهنجي‬ ‫انهن ڏينهن کي ملهائڻ جي پس منظر تي نظر جيڪر ڪجهه وقت الِء‬ ‫ترسائبي ته مادري ٻولي پويان ڪيل بنگالي جدوجهد جي تاريخ جو هڪ‬ ‫ورق ڪارو ۽ رت سان ريٽيل ملندو‪ .‬مادري ٻولي جي ڪري ڪيل لڳاتار‬ ‫جدوجهد جو ‪ 21‬فيبروري جي ڏينهن وارو اثر ۽ بي دردي سان جوان‬ ‫شاگردن تي ڪيل تشدد نه وسرڻ جوڳو آهي‪1947.‬ع ۾ پاڪ هند ورهاڱي‬ ‫سبب اوڀر بنگال پاڪستان جي حصي هيٺ آيو ‪.‬حالتن ۾ ڪشيدگي ‪1948‬ع‬ ‫حڪومت پاڪستان اردو ٻولي کي اڪيلي‬ ‫۾ تڏهن نروار ٿيڻ لڳي جڏهن‬ ‫ِ‬ ‫پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو‪ ،‬جنهن جي بعد بنگالي پنهنجي ٻولي‬ ‫‪4‬‬


‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫جي نظر اندازي سبب کلي طرح سان ميدان ۾ اچڻ لڳا‪1952 .‬ع ڌاري‬ ‫هاڻوڪي بنگالديش جي گادي واري شهر ڍاڪا جي يونيورسٽي ۾ سرگرم‬ ‫شاگردن ڀرپور احتجاج ڪيو‪ ،‬انهي احتجاج کي دٻائڻ الِء پوليس بندوقن‬ ‫جا ُمنهن سڌا ڪري ڇڏيا‪ ،‬انڌ ڌنڌ فائرنگ ۽ شيلنگ سبب ‪ 4‬جوان شاگرد‬ ‫ڳولين جو کاڄ بڻجي ويا ۽ پنهنجي ٻولي جي حقن جي حاصالت خاطر‬ ‫موت کي ڀاڪر ڀري چنبڙي ويا‪ .‬انهي شاگردن جي رت ڳاڙهي الل ٿي‬ ‫رنگ التو‪ .‬انهي ڏينهن بعد انهي احتجاج جو دائرو وسيع ٿيندو ويو ۽‬ ‫ڏينهن گذرڻ سان گڏ ڦهلجندو ويو‪ .‬نيٺ ‪ 4‬سالن بعد انهي احتجاج آڏو‬ ‫گوڏا کوڙيندي ‪ 29‬فيبروري ‪ 1956‬۾ بنگالي ٻولي کي پاڪستان جي دفتري‬ ‫زبان طور قبول ڪيو ويو ۽ پوِء ‪ 1971‬۾ بنگال جي ورهاڱي بعد بنگالين‬ ‫پنهنجي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولي طور منظور ڪيو‪.‬اها جدوجهد‬ ‫ڏسي گولين جي آواز تي اک پٽيندي ‪ 17‬نومبر ‪1999‬ع ۾ اقوام متحده‬ ‫جي يونيسڪو‪ 21 ،‬فيبروري کي مادري ٻولي جو بين االقوامي ڏينهن‬ ‫طور ملهائڻ جو اعالن ڪيو‪ .‬اهو ڏينهن پهرين دفعا سال ‪2000‬ع جي ‪21‬‬ ‫فيبروري کان باقاعدگي سان ملهايو ويو ۽ هر سال نئي ٿيم هيٺ ملهايو‬ ‫ٿو‪.‬‬ ‫وڃي‬ ‫منهنجو (ماهم سنڌي) جو بنيادي طور تعلق سنڌي ٻولي سان آهي‪ ،‬مونکي‬ ‫اها زبان ناناڻن توڙي ڏاڏڻن ٻنهي طرفان وراثت ۾ ملي آهي‪ .‬اها ٻولي‬ ‫مون الِء باعث فخر آهي‪ .‬اها ٻولي منهنجي امان جيجل مونکي جهولي ۾‬ ‫سمهاري سيکاري ٿي ته پياري بابا سائين اڱر پڪڙي هلڻ مهل‪ ،‬شروعاتي‬ ‫وکن دوران منهنجا پير زمين تي پختا ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جي‬ ‫مٺڙن لفظن کي منهنجي دل و دماغ اندر ڪاميابيسان پڪو ڪندو ويو‪.‬‬ ‫‪5‬‬


‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫منهنجي ٽٽل ڀڳل جملن جي صحيح جوڙجڪ ڪندو ويو‪.‬‬ ‫ڪنهن کان پڇيو ويو ته سڀ کان مٺي ء سٺي ٻولي ڪهڙي آهي ان جواب‬ ‫ڏنو ته سڀ کان عمده ۽ ڪشش ڪندڙ اها سنڌي ٻولي آهي جيڪو معصوم‬ ‫ٻار ٻاتي ٿو ڳالهائي‪ .‬ان جي جواب سان مان بلڪل متفق آهيان ۽ مون‬ ‫سميت سڀ سنڌي به سوء سيڪڙو متفق هوندا‪.‬‬ ‫تنهنڪري اڄ ‪ 21‬فيبروري تي پنهنجي مادري سنڌي ٻولي بابت مختصر‬ ‫معلومات پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهيندم‪ .‬سنڌي لفظ سنڌو دريا مان اخذ‬ ‫ڪيل آهي‪ .‬سنڌ صوبي ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري زبان جي حيثيت مليل‬ ‫آهي ۽ بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي‪ .‬سنڌي ٻولي‬ ‫ڏکڻ ايشيا جي زبان آهي اها پاڪستان ۽ انڊيا جي عالئقي ڪڇ ‪،‬گجرات‬ ‫‪،‬راجستان ‪،‬مهارشترا‪ ،‬جيسيلمير ۽ ممبئي ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي‪ .‬سال‬ ‫‪2006‬ع جي هڪ ڪاٿي موجب پوري دنيا ۾ ‪ 42‬ملين ماڻهو سنڌي‬ ‫ڳالهائيندڙ آهن‪ ،‬جنهن ۾ ‪ 35‬ملين پاڪستان ۾ ‪ 5‬ملين انڊيا ۾ ‪150 000‬‬ ‫متحده عرب امارات ۾ ‪ 180,000 ،‬برطانيا ۾‪ 50,000 ،‬آمريڪا ۾‪35,000 ،‬‬ ‫ڪينيڊا سميت ٻين به ملڪن ۾ توڙي جو گهٽ مقدار ۾ ئي سهي پر‬ ‫ڳالهائي وڃي ٿي‪ .‬جيتوڻڪ هاڻي وقت جي گذرڻ سان گڏ ان تعداد اضافو‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫رهيو‬ ‫اچي‬ ‫آهن‪،‬‬ ‫قسم‬ ‫مٿي‬ ‫کان‬ ‫ڇهه‬ ‫جا‬ ‫ٻولي‬ ‫سنڌي‬ ‫اترادي‪ ،‬اهو ٻولي جو قسم اتر سنڌ ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي سڄي سنڌ ۾‬ ‫وڃي ٿي‪.‬‬

‫‪6‬‬


‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫‪.1‬‬

‫‪.2‬‬ ‫‪.3‬‬ ‫‪.4‬‬

‫‪.5‬‬

‫وچولي‪ ،‬اهو قسم سنڌ جي بلڪل سينٽرل ايريا يعني وچ وارن‬ ‫عالئقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي‪ ،‬وچولي زبان سنڌي ٻولي جو معياري‬ ‫بنياد پڻ آهي‪.‬‬ ‫الڙي ‪ ،‬ٻولي جي هن قسم جو نالو ئي ظاهر ڪري ٿو ته اها سنڌ جي‬ ‫الڙ وارن عالئقن (لوئر سنڌ) جي زبان آهي‪.‬‬ ‫السي ‪ ،‬ٻولي جي نالي سان مشهابت رکندڙ اها زبان بلوچستان جي‬ ‫عالئقي لسٻيلي طرف جي زبان آهي‪.‬‬ ‫ٿري ‪ ،‬اهو قسم ٿرپارڪر ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ان کي ڍاٽڪي ٿرو‬ ‫يعني وارياسي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي‪ .‬اهو وارياسي عالئقو ڏکڻ اوڀر‬ ‫طرف پاڪ هند بارڊر هئڻ سبب بارڊر پار ‪ ،‬انڊيا جي راجستان جي‬ ‫عالئقي جيسلمير ۾ وڏي عالئقي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي‪.‬‬ ‫ڪڇي ‪ ،‬ڪوڇي‪ .‬اها ڪڇ واري عالئقي جي زبان آهي‪ ،‬اها ڪاٺي‬ ‫وار گجرات ۾ سمجهي وڃي ٿي‪.‬‬ ‫سنڌي ٻولي جي عروج جو سفر ‪ 14‬کان ‪ 18‬صدي دوران ٿيو‪ .‬جڏهن سنڌ‬ ‫ڌرتي مها ڏاهن ‪ ،‬امن ۽ انسانيت جي پرچار ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي‬ ‫‪ ،‬سچل سرمست ‪ ،‬سامي کي پئي جنم ڏنو‪ .‬سنڌي ٻولي ۾ ايترا نامور‬ ‫اديب ليکڪ ۽ دانا ٿي گزريا ۽ موجوده دور ۾ آهن‪ ،‬جنهن مان صرف هڪ‬ ‫يا ٻه ناال کڻڻ تاريخي غلطي چئبي‪ .‬منهنجي مادري سنڌي ٻولي ۾ ‪500‬‬ ‫کان مٿي ويب سائيٽس مختلف موضوعن تي معلومات مهيا ڪري رهيون‬ ‫آهن‪ .‬اسان سڀ سنڌي درخواست نه پر پرزور مزاحمت سان گڏ مطالبو‬ ‫ڪيون ٿا ته ‪1972‬ع ۽ ‪1994‬ع جي ٻولي بابت ٺهرائن کي منظور ڪري آئين‬ ‫‪7‬‬


‫مادري ٻولي جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي جي اهميت‬

‫جي آرٽيڪل ‪ 251‬۾ ترميم جي منظوري ڪري سنڌي ٻولي کي ملڪ جي‬ ‫قومي ٻولي طور رائج ڪيو وڃي‪.‬‬

‫‪8‬‬


Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.