رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
1
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ت ڪيا رائي پير َر ُ (آتم ڪھاڻي)
امير بخش شر
ماِء پبليڪيشن ،سکر 2015ع ڊجيٽل ايڊيشن: 2018ع
سنڌ سالمت ڪتاب گهر 2
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ ڪتاب جو نالو:
رائي پير َر ُت ڪيا
موضوع: ليکڪ: ڇاپو: سال: ڪمپوزنگ: ٽائيٽل: ڇپائيندڙ: قيمت:
آتم ڪھاڻي امير بخش شر پهريون 2015ع نظام جمالي سھيل احمد شيخ ماِء پبليڪيشن ،سکر 350روپيا
3
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سنڌ سالمت پاران : سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رائي پير َر ُت ڪيا“ اوهان اڳيان پيش آهي .آتم ڪھاڻيَء جي ھن مجموعي جو ليکڪ ڪامريڊ امير بخش شر آھي .سنڌ جي ھن سٻاجھڙي ليکڪ امير بخش شر پنھنجي زندگيَء جي الھن چاڙھن، ڪاميابين ناڪامين ،ڏکن ۽ خوشين کي قلم بند ڪيو آھي ،اھو خود ھڪ حوصلي وارو ڪم آھي .ھو لکي ٿو: ”ها اڄ تائين سڀ ڪجھ سچ لکيو اٿم ۽ جيڪي ڪونه لکيو اٿم سو گهڙيَء کن الِء توهان پڙهندڙ سمجهجو ته ڪوڙ آهي ،۽ اهو ڪوڙ آهي منهنجا عشق .هي سٽون لکندي اهي سڀ خوبصورت چهرا اکين آڏو پيا ڦرن .پر مِٺي به ماٺ ته ُمٺي به ماٺ .هونئن به ڪير پيو ِپيريَء ۾ زالن جا ُسهما سهندو .يا گنجي ٽِڪڻ تي سينڊل سهندو .باقي جي ٿي ملي موڪل ته خوشونت سنگھ جي ڪمپني آف وومين کي ميل نه ماريان ته پنهنجيَء ِڏس کي گهروڙي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏجو“ . هي ڪتاب ماِء پبليڪيشن ،سکر پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو .ٿورائتا آهيون ڪامريڊ امير بخش جي فرزند اياز امير شر جا جنھن ڪتاب سنڌ سالمت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ الِء موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام sulemanwassan@gmail. com www. sindhsalamat. com books. sindhsalamat. com
4
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پبلشر نوٽ
ڪنھن بہ ماڻھوَء جي آتم ڪٿا تيستائين ان جي ئي آتم ڪٿا ھوندي آھي جيستائين اھو لکي نہ ٿو وٺي ۽ لکجڻ کانپوِء ڇپجي وڃڻ بعد اھا آتم ڪٿا ڄڻ تہ عام جي بہ ٿي ويندي آھي .سڄي دنيا ۾ پرائي جيَء ۾ جهاتي پائڻ ۾ گهڻي ئي دلچسپي ورتي ويندي آھي ،ان ڪري جن بہ شخصيتن جون آتم ڪٿائون/آتم ڪھاڻيون ڇپيون آھن انھن کي سٺي موٽ ملي آھي .ان جو ڪارڻ اھو آھي تہ ان مان سکڻ الِء ڪجه نہ ڪجه ملندو آھي. ڪن آتم ڪٿائن مان رڳو حوصلو نہ پر جيئڻ جو بہ حوصلو ملندو آھي .سو دنيا ۾ انھن ماڻھن کي قدر جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آھي ،جيڪي پنھنجا تجربا توڙي حقيقتون ٻين تائين پھچائيندا آھن .جنھن کي ايئن کڻي چئجي تہ جيئڻ الِء حوصلن جي ڊونيشن ڏني ويندي آھي. سنڌ جي ھن سٻاجھڙي ليکڪ امير بخش شر بہ پنھنجي زندگيَء جي الھن چاڙھن، ڪاميابين ناڪامين ،ڏکن ۽ خوشين کي قلم بند ڪيو آھي ،اھو خود ھڪ حوصلي وارو ڪم آھي. اداري پاران ھن آتم ڪٿا کان اڳ سنڌ جي ڏاھي سوڀي گيانچنداڻيَء جي آتم ڪٿا ”روشنيَء جي پنڌ ۾“ سڄي دنيا ۾ سنڌي پڙھندڙن وٽ ُ مان ماڻي چڪي آھي .اميد تہ ڪٿا جو ھي ڪتاب بہ موٽ ماڻيندو.
پبلشر
5
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پنهنجي پاران
آ ئون بنيادي طور تي نه ئي ڪو ليکڪ آهيان ۽ نه ئي وري ڪو اديبڙو غريبڙو، پرايئن چئجي ته ادب جي الف کان به اڻ واقف ماڻهو آهيان .جيتوڻيڪ لکڻ ۽ پڙهڻ ،گهڻي وقت کان منهنجين عادتن ۾ شامل رهيو آهي .جنهن جو ذڪر هن سموري ڪتاب ۾ به هنڌين ماڳين ڪيو اٿم .مون 1978۾ پهريون مضمون روزاني هالل پاڪستان ۾ لکيو هيو ،۽ هي اهي ئي ڏينهن هيا ،جو ڪميونسٽ پارٽيَء جا ڪامريڊ مون کي پنهنجن چنبن ۾ چائي ويا هيا .تن ڏينهين اڃان ڪوئي ويهارو کن ليک منهنجي پنهنجي نالي سان چپيا هيا ،بس پوِء اهلل اهلل خير سال ٿي وئي .۽ پوِء مون به ڪامريڊن جي َپ ِر پاريندي ،لکڻ ۾ هروڀرو جو پاڻ کي انڊر گرائونڊ ڪري ڇڏيو .پوِء مون جيڪي ڪجھ لکيو هيو ،سو ڇپيو به ،پر ايرن غيرن نالن سان ڇپيو هيو .يارڙن مٿي ۾ هڪڙي ُڌن ويهاري ڇڏي هئي ته بس پاڻ کي مِڙوئي ماڻهن تائين انقالب جي ڳالھ ُپڄائڻي آهي .تنهن ثواب جي ڪم ۾ پنهنجا ناال نه آيا ته به خير آهي .ايئن اهو مواد به سانڍجي ڪونه سگهيو ،يا سنگت پاران سانڍڻ جي منع هئي .نذير عباسيَء جي شهادت کان پوِء ڪجھ ورهيه پارٽيَء کان آڏو پاسيرو رهڻ ڪنو جو بنهي ٽانِء ۾ ڀرجي بعد وري ٻيو دور آيو .سو هيو ڪامورپ جو ،سو به اهڙو ِ ويس .انهن ڇپيل پنن مان جيڪر ڪو انڌو منڊو ڪاڳرڙو سانڍيل به هيو ،سو به مينهوڳيَء ماسات کي باھ ٻارڻ ۾ مدد ڏيندي ڦلهيار ٿي االئي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن ُاڏاڻو هيو. ۾ ِ بس پوِءکيل ئي ختم ٿي ويو .مون وٽ رڳو وڏ ماڻهپي ۽ وڏ ماڻهپيَء وارا پوزٽ رهيا، باقي رهيو نام اهلل جو .االهي سارن ورهين بعد وري َڦرڪو ڦِريو .۽ هڪڙو دور اهڙو آيو، جو اوچتوئي اوچتو اها ڪامورپ به هلي ُچري .ته به اندر مان ٽيڳر ۽ ٽرڙپ ڪانه نڪتي. هرڪنهن کي ٽڻي ٽامڻي سمجهڻ جي عادت به ڪانه نڪتي .ها اهو ضرور هيو ته 1973کان 2001تائين جي انهيَء دور ۾ يا اڄ تائين ڪتابن پڙهڻ جي عادت اهائي اصلوڪي رهي، سا ُٺپ ڪانه نڪتي هئي. 6
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تان جو 2007۾ هڪڙو اهڙو جهٽڪو آيم ،جنهن صفا جهوري وڌو هيو ،جيتوڻيڪ ايستائين دل به ٻه ڀيرا بي ايماني ڪري چڪي هئي ،پر انهيَء کي به ڪونه کنگهيو هيم .پر هن نئين جهٽڪي هڻي صفا پورو ڪري ڇڏيو هيو .اصل مکڻ جون ماڙيون ئي وگهيري ڇڏيون هيائين .سولي سنڌيَء ۾ چئجي ته جتي پير هيا اتي مٿو اچي ُکتو هيو .تڏهن اندر ئي اندر ۾ ڀڄڻ ۽ ُڀرڻ لڳو هيس .لوڪ جي نظرن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪريل ۽ نيچ سمجهڻ لڳو هيس .۽ دنيا جهان کان ڪاٽا ٿي هڪڙي ُ ڪنڊڙي وسائي وڃي ويهي رهيو هيس .اهڙو ڪو يار دوست به ڪونه ٿي ُسجهيو جنهن سان اندر جو حال اوري هينئين جو بار هلڪو ڪريان ها .نيٺ گهڻن ڏينهن کان پوِء هڪڙي ڀيري مصطفي اڄڻ سان اندر جو حال اوريم. جنهن ڪافي نيڪ ۽ عالماڻيون صالحون ڏنيون ،پرانهن ڦڪين فرق ئي ڪونه ڪيو .نيٺ پراڻي پڳ مٽ يار الئق ٿيٻي سان صالح ڪيم ،تنهن صالح ڏني ته هاڻ تنهنجو عالج ُملپ ۾ آهي ،ماٺڙي ڪري وڃي نمازون پڙھ ،ڀيڏيَء تي سٿڻ رک ۽ اهلل اهلل ڪر .ايئن
ڪري به ڏٺم ،پر جهوراڻو پوِء به ڏينهون ڏينهن جهوريندو ويو.
تان جو وسڪارا آيا ته بدر ابڙو ،پنهنجي سموري ڪيڙ سوڌو ٿر مان موٽندي ڳوٺ آيو. ڀنڊار جي ٻن چئونرن واري آفيس ۾ رات جي مانيَء کان پوِء جڏهن هئو مئو ٽريو، چوڏهينَء جو چنڊ پنهنجي پوري جوڀن سان چئونرن جي آڏو اوٽي تي ٻن کٽن تي ويٺل اسان ٻنهي جي مٿان چمڪڻ لڳو هيو ،ته بدر منهنجي اکين ۾اکيون وجهي مون کان پڇيو هيو ،ادا اڄڪلھ تنهنجي فون تان ايندڙ نياپن مان نااميدي ۽ نراسائيَء جي بوِء ٿي اچيم، ٻڌاِء ڪهڙي ويڌن اٿئي.؟ بس انهيَء هڪڙي ئي سوال تي ڦِسي پيو هيس ،اندر جو سمورو اوٻر ڪڍي سندس آڏو بيان ڪيو هيم .پوِء انهيَء ٿڌڙيَء رات ۾ بدر پنهنجي سموري ڏاهپ سان مون کي جيئڻ ۽ جياپي جو اتساھ ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو هيو ۽ انهيَء جو حل اهو َڏسيو هيائين ،ته مون کي ٻيو ڪجھه نٿو ڏانُء اچي ته پنهنجي جيون ڪٿا ئي لکڻ گهرجي ،سندس بقول ته لکڻ مهل ڪاغذ ۽ قلم ئي انسان جا بهترين دوست هوندا آهن. انهن سان اندر جا احوال ايمانداريَء سان اوري ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو ڀائيندو آهي. ۽ پوِء ايئن ئي ڪيم ،ته لکندي لکندي االئي ڪهڙا ڪهڙا سورن جا قصا ياد ايندا ويا، گڏوگڏ پنهنجو ماضي لکندي لکندي اکين مان لڙڪ ايئن هليا جيئن مينهن وسندي گهر 7
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ت جا نيسارا هلن .هڪڙي ڪاپي ،ٻي ڪاپي ،ٽين ڪاپي ڀرجي وئي پر ڳالهيون کٽڻ جي ِڇ ِ جو نالو ئي نه وٺن .لکيو وريو پڙهان ته االئي ڇو اوڇنگارون نڪريو وڃن .ايئن هينئين جو بار هلڪو ٿيندو ويو .هلڪو ٿيندو ويو .تڏهن سنڌيَء ۾ ڪمپيوٽر تي لکڻ ڏانُء ڪونه ايندو هيم .سو انڙپور واري زاهد ميسي کي وڏو َڏٽو ڏنم ته هي ڪمپيوٽر تي سنڌيَء ۾لکي ڏي ،چار پئسا به ڏيندو سانِء .هن ويچاري سئو کن صفحا لکي موڪليا ،سندس سنڌي ڏسي ،اڄڪلھ جي ننڍيَء ٽهيَء جي ٻوليَء بابت ڄاڻ تي وري روئڻ اچي ويم .نيٺ انهن سئو کن صفحن کي سڌارڻ الِء مون کي پاڻ کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ سکڻي پئي .زاهد جو ته ٿورو ٿيو ،جهڙي تهڙي جڏي ڦڏي لکيائين ،پر کيس اجوري جو هڪڙو ٽڪو به ڪونه ڏنم ،رهندو ُٿڪ بجو به ڪيو مانس ته تو جهڙي پڙهئي لکئي جي هيَء سنڌي آهي. ۽ پوِء زاهد ميسي جي انهيَء لکيل سنڌيَء کي ڪمپيوٽر تي سڌاريندي مون جهڙي سيکڙاٽ کي ٻه ٽي مهينا گذري ويا .نيٺ هڻي ماريَ ،مس جيئن وڃي ،اهي اکرڙا ِسڌا ڪري ،انهن جو ڇاپو ڪڍي ،هڪڙي فائيل ۾ رکيم .ڪجھ ڏينهن بعد ڪامريڊ جميل الشاري ڪنهن دوست سان گڏجي ملڻ آيو هيو ،تنهن کي هڪڙو ٻه صفحا پڙهي ٻڌايا هيم. تنهن وٺي ڀنڀور کي باهيون ڏنيون .اوڙي پاڙي ۾ ايندن ويندن کي اصل ڪنهن مڱڻهار جيان دهل ٻڌي ،ٻڌائيندو وتيو ته همراھ ڪوئي ڪتاب پيو لِکي .جميل جون دٻون ُٻڌي، هڪڙي ڏينهن ملو ابراهيم شر لنگهي آيو ته اهو ڪتاب مون کي به ڏيکار .مون کي ڪهڙي خبر ته ابراهيم پڙهيو لکيو هوندي بهُ ،ملو ٿيندي ئي ٿورڙو دقيانوس خيال جو به ٿي ويو آهي .همراه مون وارا َپنڙا پڙهي ،وٺي ابتيون ُسبتيون ٽوڪون ڪيون .ورندي ته ڪونه ڏني مانس پر اندر ئي سڙي ويو .اڳتي لکڻ کان ارواح ئي کٽو ٿي ويو .انهيَء قصي کي ڇھ ست مهينا گذري ويا .ڳاراڻو ڳاريندو رهيو ،سور ساڙيندا رهيا ،پر لکيم هڪڙو پنو به ڪونه .تان جو هڪڙيَء رات ُملو نيڪو عرف ارباب نيڪ محمد اچي نڪتو ،ماني ٽِڪي کائي چنئوري ۾ آرامي ٿيو ،ته ننڊ نه آيس ،اٿي ٽڙيل پکڙيل پنا ڦلهورڻ لڳو .تان جو اهو فائيل ور چڙهيس .رات ۾ اهي سئو کن پنا پڙهي پورا ڪري پوِء ڪو ُستو .ورنديَء صبح جو جيئن ئ ي ڇاندو پاڻي کڻي آيو سانس ته همراه کڻي هٿن کي چميون ڏنيون هيون .چئي يار تو ته حد ڪري ڇڏي آهي .اڃان به لِک ،پر بنهي گهڻو لِک .تنهنجي ٻولي سادي ۽ عام ڳوٺاڻي آهي .پوِء اچي لکڻ جي روڙ روڙان ٻڌم .ڪمپيوٽر تي ڳچ جيترا ڪاڳر روڙي 8
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ويس .هڪڙي ڀيري نور احمد جنجهي ،ڄام ساقيَء جي ڳوٺ ۾ مليو ،چيومانس يار مون ڪجھ لکيو آهي ،توڏي اي ميل ڪريان ٿو ،انهيَء کي سڌاري به ڏي ،۽ ڪا صالح ثواب به ڏي .ڪو خاص سڌارو ته ڪونه ٿيو ،پر نوراحمد جي تبصري مان مطلب اهو ڪڍيم ته هيُء ُبنڊ ڳرو آهي ،پنهنجي کڻڻ کان ڀانيان ٿو زور آهي .ايئن وري اهو قصو اتي ئي پورو ٿي ويو .تنهن وچ ۾ هن لکت مان هڪڙو ٻه باب ،ڪجھ اخبارن ۽ رسالن کي موڪليا به هيم .پر ڪٿان به ڪا هاڪاري موٽ ڪونه ملي هئي .تن ڏينهين ڪاوش ميگزين نڪرندو هيو ،سواڃان ڪاوش دنيا ڪونه ٿيو هيو .اوڏانهن به هڪڙو باب موڪليم ،ٻه چار مهينا گذري ويا ،پر ٿيو ڪجھ به ڪونه .تيسين ڳاراڻي اهو ڪم ڪيو جو رت ۾ مٺاڻ جو درجو وڃي پنجن َ سو ِن تي پڳو هيو .تان جو هڪڙي ڏينهن ڪاوش دنيا جو اشتهار ڏٺم ته ٻن ڏينهن کان پوِء ڪاوش دنيا ۾پڙهندا ،ڪامريڊ مان ڪاٽڪو ٿيڻ جي ڪهاڻي .گهڙيَء کن الِء سوچيم ته خدا نٿو ُڀالئي ته متان اهي مون وارا ڪارناما هجن .پر وري سوچيم ته ڪاوش وارن اڳي ڪڏهن مون کي کنگهيو به ڪونهي .سو وري هاڻ به ڪهڙو گاھ وجهندا، اهو ڪو ٻيو هوندو. سو جنهن ڏينهن منهنجو لکيل اهو سچ ڪاوش دنيا وارن ڇپيو هيو انهيَء ڏينهن رت جو مٺاڻ پنجن َ سون کان ُاڪري وڃي ڇهن سون جي ويجهو پڳو هيو .۽ آئون جيئن تيئن ڪري پنهنجو پاڻ کڻائي ،ميرپورخاص جي وڏي ڊاڪٽر بالچند موتياڻيَء جي ڪلينڪ تي پڳو هيس .جيڪو ڀوڳن ڀوڳن ۾ مون کي واڻيو ٻروچ چوندو آهي .اسپتال جي اسٽريچر تي ستل هيس جو مون واري هٿ فون تي واقفڪار يارن جي گهنٽين جا ڌوڙيا ٿي ويا. هرڪو پيو ساراهون ڪري ،ڪو ڪيئن ته ڪو وري ڪيئن پيو داد ڏئي ،ڪيڏانهن ويو رت جو مٺاڻ ته ڪيڏانهن ويو اسٽريچر ،ڊاڪٽر به کِلي کڻي چيو ”ڀڄ واڻيا ٻروچ تنهنجو عالج ٿي ويو“ .تنهن کان پوِء ڌڙاڌڙ لکندو ويس ۽ ڪاوش ۾ ڇپبو ويو ،راڄ مڙسن ۽ مائين جا فون ڪري مبارڪون ڏيندا رهيا .تنهن وچ ۾ کوڙ سارن وڏن وڏن نالن به هنن لکڻين کي ساراهيندي ،فونن تي داد ڏيندي واڄٽ وڄائي ڇڏيا .سوچيندو ضرور هيس ته ٻيلي مون جيڪا ٻولي پڙهي آ سا لکي اٿم ،ڪو وڏو ڦاڙهوته ڪونه ماريو اٿم .هروڀرو جو همراهن کڻي ُپڇ َٻڌي َمه ِري ٺاهيو آ ،باقي ڳالھ ۾ ڪجھ ڪونهي .ها اڄ تائين سڀ ڪجھ سچ لکيو اٿم ۽ جيڪي ڪونه لکيو اٿم سو گهڙيَء کن الِء توهان پڙهندڙ سمجهجو ته ڪوڙ آهي ،۽ اهو ڪوڙ آهي منهنجا عشق .هي سٽون لکندي اهي سڀ خوبصورت چهرا اکين آڏو پيا ڦرن .پر مِٺي به ماٺ ته ُمٺي به ماٺ .هونئن به ڪير پيو ِپيريَء ۾ زالن جا 9
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُسهما سهندو .يا گنجي ٽِڪڻ تي سينڊل سهندو .باقي جي ٿي ملي موڪل ته خوشونت سنگھ جي ڪمپني آف وومين کي ميل نه ماريان ته پنهنجيَء ِڏس کي گهروڙي ٻنهي هٿن جا ڀونڊا ڏجو. سو ٻيلي جيڪر مونکي ڪير ليکڪ ٿو مڃي ته پوِء مونکي توڙي انهيَء کي اهو مڃڻو پوندو ته منهنجو استاد بدر ابڙو آهي ،جيڪر انهيَء سال بدر مون وٽ نه اچي ها ۽ جيئڻ جو اتساھ ڏيڻ ۽ هينئين جو بار هلڪو ڪرڻ الِء لکڻ جي صالح نه ڏئي ها ته نه اوهان منهنجيون لکڻيون پڙهو ها نه لکان ها ،پر االئي ڪڏهوڪو قبر ڀيڙو ٿيان ها ۽ هيستائين هڏا به هوند ڳري وڃن ها.
امير بخش شر
10
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
آتم ڪٿا وڏڙا چوندا ُهيا ته مون اميري َحياتيَء جو پهريون ساهه هڪڙيَء ُجهوپڙيَء ۾ کنيو ُهيو .اها هوپڙي موجودھ تعلقي سنڌڙيَء جي ديھ بي کيراهو ۾ سنڌ جي اڳوڻي حڪمران خاندان ُج ِ جي َ پوينرن مان هڪڙي مير تاج محمد ٽالپر ِجي سڏجندڙ وڏيَء زمينداريَء واري “ َڇ َن ڳوٺ ” تي آباد هارين جي سئو سوا سئو کن ُجهوپڙين مان َ هڪڙي مسڪين هاريَء ،اڪبر جي هئي .جنهن کي عام طور تي ڳوٺ جا ماڻهو َا ُ ڪو سڏيندا هيا ،ڪي ڪي وڏڙا ته وري کيس َا ُ َ لجي، ڪ به چوندا هيا .جيڪو انتهائي غريب ،مسڪين ،يتيم۽ پراون َدرن تي َپ ِ پاروٿا ُٽڪر کائِيَ ،م ِچي ُمڙس ٿيو هيو. ڳالهه َ ڪندا ُهيا ته تنهن زماني ۾ اسان جي موجوده ڳوٺ کان ُاتر طرف ،سڏ پنڌ تي هڪ ننڍڙو شهر نالي“ سمون جوڻيجو” آباد هوندو هيو .جنهن ۾ کوڙ سارن ڀائيبندن جا َه َ ٽ هوندا هيا ،دنيا جهان جي ِسيڌي سامان جو هرهڪ َو ُڙ انهن هٽن تان سودي سگهبو هيو. جنهن شهر جو ُمکي سيٺ واڌو َملَ ،ه ِر آئي َوئي جي آڌرڀاُء ڪري ،غريبن ،مسڪينن۽ ُمحتاجن جي ُ واهر ڪري ُسڪون محسوس ڪندو ُهيو .شهر ۾ مسلمانن جا صرف ٽي گهر هوندا هيا .جن مان هڪڙو شرن جو ،هڪڙو ڪنڀارن جو۽ هڪڙو مغلن جو هيو .باقي جملي آبادي ڀائيبندن جي ُهئي 1943 .ڌاري شهيد سورهيه بادشاه پاران شروع ٿيل وطن جي آزادي واري تحريڪ دوران شهيد سورهيه بادشاھ جي گرفتاريَء کان پوِء ،تحريڪ پنهنجي ِسر جڏهن هلڻ لڳي ،تڏهن ُحرن جي آڙ ۾ عام ڦورن هِن شهر ۾ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪياُ ،حرن جي آڙ ان ڪري ٿو چوان جو ُان وقت سمي جوڻيجي جو فرزند دين محمد جوڻيجو وڏيَء هليَء چليَء وارو هوندو هيو ،۽ پڻ سورهيه بادشاھ کي تمام گھڻو ويجهو به هوندو هيو، هاڻي جي َلڌل برٽش الئبرريَء وارن خطن موجب سورهيه بادشاھ جيل مان سپرٽنڊنٽ معرفت وقت جي سرڪار کي ساڻس دين محمد جوڻيجي سان مالقات ڪرائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي .ان ڪري اهو يقين ٿو ڪجي ته ُحرن دين محمد جوڻيجي جي والد پاران جوڙايل هن شهر ۾ ڪا به واردات ڪونه ڪئي هوندي .تڏهن انهيَء روز روز ُڦر ُڦران ۽ ڌاڙا گرديَء جي سورن کان اول اول ڀائيبند ُمٺيون ڀيڙي وٺي َڀڳا ۽ اهڙا َڀڳا جو وطن جا وڻ ئي ڇڏي ويا ،باقي رهيل مغل مسلمانن جو گهر مير پور خاص لڏي ويو جن جي پونيرن مان غالم حسين شيزب ،جهانگير مغل ۽ ايم پي اي ّخير النساِء آهن ۽ ٿورڙن سالن بعد 11
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
چئو ڦير ُسڃ ئي ُسڃ کي واڪا ڪندي ڏسي ۽ گدڙن جي اوناڙن کان تنگ ٿي ،شر ۽ ڪنڀار جا ٻئي گهر موجودھ ڳوٺ جي جاِء تي ،ميراڻيَء زمين تي ،مير صاحبن جي اجازت سان، واريَء جي وڏي دڙي تي پنهنجا ُجهوپڙا اڏي اچي آباد ٿيا .تيستائين هندستان انگريزفيل مست وارو هندستان به ڪونه رهيو هيو ،سندس ُ ڪک مان مذهبي مت ڀيد جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ هندستان نالي ٻه نوان ملڪ جنم وٺي چڪا هيا .انگريز فيل مست پنهنجا ٽپڙ گول ڪري پنهنجي ديس روانو ٿي چڪو هيو ،اوڙي پاڙي ۾ واڻڪي بلي ڀائِي ۽ دٻدٻو به بيهجي چڪو هيو .پئسي ۾ ُپ ِر واڻين جي جاِء ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي مسلمانن پئي ڀ ِري، باقي گھڻي ڀاڱي هندستان مان آيل مسلمين ڀائر هر شيِء جا وصي وارث ٿيو پئي آيا .ايئن پئي لڳو ته سنڌي واڻين جون ملڪيتون پريان کان ئي سندن نالي لِکجي چڪيون هيون. نڪوئي هتي جي رهاڪن کي به اندازو هيو ته واڻيا ڪي هميشھ الِء ٿا وڃن. چون ٿا ته تن ڏينهين منهنجو نانو عرس خان ۽ ڏاڏو کٿوريو خان ،ميراڻيَء زمين پوکڻ سان گڏوگڏ ُمکيَء واڻئي جو به هارپو ڪندا هيا ،االئي ته سيٺ ُمکي ويندي ويندي سرڪار کي لکرائي ويو هيو ،يا ڪو ٻيو سبب هيو ،جو ڏاڏي ۽ ناني کي مختيارڪار جي آفيس جو سڏ ٿيو ،مڙسن کي پهريائين ته ڊپ ۾ سيئو تپ اچي چڙهيو ،نيٺ ٻئي ڏينهن ،ٻئي ڄڻا تپ ۾ ُهڙڪنداَ ،کٿا اوڍي وڃي مختيارڪاريَء ۾حاضر ٿيا .سرڪاري حڪم م ُ ِلين ته اوهان جو سيٺ وطن ڇڏي ويو آهي ،هاڻي اها زمين اوهان کي ڏجي ٿي .همراھ لِيلڙاٽيون پائي وڃي مختيارڪار جي پيرن تي ڪريا ،چئي صاحب! تون اسان کي نيمڪ چور نه ڪر .اسان سڄي ڄمار ُمکي مل جو نيمڪ کاڌو آ ،اسان ڪڏهن به سندس ٻنيَء جا ڌڻي ڪونه ٿينداسون .جنهن کي وڻئي تنهن کي ڏئي ڇڏ .رڳو هارپو ڏجانِء ۽ هينئر به اسان کي موڪل ڏي ته گهر ڀڄون. اسان جي موجوده ڳوٺ جي آس پاس جون گهڻيون تڻيون زمينون سنڌ جي اڳوڻن ٽالپرحڪمرانن جي چوياريَء مان هڪ َ يار ،مير ٺاري خان ٽالپر جي پوٽي يا پڙ پوٽي مير تاج محمد خان جي جاگير جو ِحصو ُهيون .سندس والد مير غالم حيدر ٽالپر جي ننڍپڻ ۾ گذاري وڃڻ سبب ُاهي زمينون انگريز سرڪار نيالميَء ذريعي مقاطعن تي ڏيندي رهندي هئي ،۽ مير صاحبن کي اها مقاطعي جي رقم موڪليندي رهندي هئي .ميرن جي زمين ۾ موجوده ڳوٺ جي واريَء جي َدڙي واري سروي نمبر ۾ انهيَء گھرن واري دڙي کان سواِء باقي سموري زمين آباديَء الئق هئي ،جيڪا منهنجو ڏاڏوکٿوريو مرحوم آباد ڪندوهيو .نئين ڳوٺ ۾ آباد ٿيڻ جي سال ِٻن اندر يعني پاڪستان ٺهندي ئي ڏاڏو کٿوريو، 12
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جوانيَء ۾ ئي ڪنهن اوچتيَء بيماريَء سبب راه رباني وٺي ويو .ٻروچڪي رواج موجب ڏاڏيَء جا عزيز کيس زبردستي پاڻ سان گڏ نوابشاھ لڳ سٺ ميل وٺي ويا هيا ۽ ٻه معصوم ٻارڙا پنجن ورهين جو بابا ۽ چئن ورهين جي ُپڦيَء کي هتي ئي اهلل جي آسري تي ڇڏي ويا هيا ،جيڪي اوچتا نِڌڻڪا ۽ ڇورا ڇنا ٿي پيا .تڏهن ڏاڏي کٿورئي جي غريباڻي گهر کي به جهڙوڪر ڊنگهر اچي ويو هيو .ٻئي معصوم ٻارڙا ڪڏهن ڪٿي ،ته ڪڏهن ڪٿي ُرلندا وتندا هيا .جيئن ته سندن ويجهڙو ۽ َر ُت جي رشتي وارو ڪوئي عزيز هِن دنيا ۾ڪونه
هيو جيڪو کين سنڀالي ،تعليم ۽ تربيت جو بِلو ڪري .تعليم ۽ تربيت ته پري رهيا پر پيٽ گذر به سندن الِء وڏو مسئلو ٿي پيو هيو .هونئن به هڪ چوڻي آهي ته ڇورو ٻار بي زورو هوندو آُ .ان ڪري هي ٻارڙا به ڪڏهن ڪڏهن برادريَء جي خوشيَء غميَء ۾ ايندڙ يا ويندڙ عورتن سان گڏ هنڱورني ،ولواريَء ۽ تگوسر تائين ايئن ئي پويان لڳا هليا ويندا هيا. بابا ڳالهه ڪندو هيو ته ُان زماني ۾ شادين تي شاميانا لڳرائڻ جو رواج ڪونه هيو .ڪا َڄ َ راڄن جون ڇ ُ کان مهينوکن اڳ َ ڪاٺ جي ُٿوڻين تي ڪکن جا ڇپر ٺاهبا هيا، يڙون ڪري جنهن کي َڇنو چوندا هيا .اهڙيَء ئي هڪڙيَء نه ڄاڻ ڪنهن جي شاديَء ۾ َٻ ِئي ڇورا ِڇنا ڀاُء ڀيڻ ،بمشڪل ستن ۽ ڇهن ورهين جي ڄمار ۾َ ،متل شر جي ڳوٺ ۾ ،جيڪو بان واھ جي نئين موريَء کان اتر طرف ،وڏيري سادي راڄڙ جي ڳوٺ سان لڳ آهيُ .ان ۾ شادي جي َڇني ۾ اچي ويٺا سينُ .ان رات تمام گهڻو سيُء هيو ،ڇني ۾ گنب ڀت جهڙي ماني به ته وڏين ڇڙٻن سان مِلي هئي ،پر َڇٺيَء جي ڇورن کي َه ُ نڌ بِسترو ڏيڻ وارو ڪير به نه ِ َ ُ مِليوهيو .نيٺ سيَء ۾ سڙڪندي ،ڇني جي وچ ۾ بيٺل گهاٽي سرينهن جي وڻ هيٺان ُ ڪين کي مٿان وجهي ُسمهي پيا ُهياسينُ .ان رات اسان جي َرکِيل ،ڦٽين جي خالي َبر ِ َ ڪسمپرسيَء ،مسڪينيَء۽ َيتيميَء جهڙي حالت برادريَء جي جملي وڏڙن توڙي جوانن َ ڪن پئي ڏٺي .ڪن اسان جي حال تي ،نڪ تي آڱريون گهي توبهائون ٿي ڪيون ته وري ِ ٿڌا شوڪارا پئي ڀرياُ .مبادا ڪنهن َمشوري سان يا انساني همدرديَء خاطرُ ، صبح جو ماني کائڻ بعد ُعرس خان ،ٻنهي ڀاُء ڀيڻ کي َسڏي گهوڙيَء تي پاڻ سان گڏ ويهاري ،پنهنجي مرحوم پيُء جي پراڻن َپڊڙن تي آندو هيوِ .جتي هاڻ عرس خان جي گهر ۾ رهڻ لڳا هياسينُ .هن شريف النفس انسان ُان سال ئي مون کي َا َ ٺ آنا في ڍور جي حساب سان، چارڻ جيڏي عمر چارڻ جي ڌنڌي سان لڳايو .جيتوڻيڪ ست سال مال ِ پاڙي وارن جا ڍور ِ چارڻ شروع ُ ڪيم. ڪانه ُهئي ،پر ٻين َڌراڙن جي مدد سان پنهنجي ڳوٺ وارن جو مال ِ 13
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڀيالڙن جي ڏينهن ۾ ُڦٽين جا ُچونڊا ڪري شام ٽاڻي ڪنهن دوڪان تي اهي ُڦٽڙيون سار ُيون شيون وٺي ايندو ُهيس. وڪڻي ،ننڍڙيَء ڀيڻ الِء کوڙ ِ مرحوم ٻڌائيندو هيو ته آرهڙ جي جهولن ۾ ،ڪڏهن ڪڏهن ،وڻن جي ٿڌڙين َ ُ ڇان َو ِن ۾ ويهندي ئي ننڊ اچي ويندي هئي ۽ ڍور وڃي ،اوسي پاسي جي فصلن ۾ پوندا ُهيا .يا اڃان سيڙهي تي ئي ُپڄندا هيا ،ته ٿوريَء گهڻيَء َ واهي ڏاڍيون ڀيل تان به وڏيرن جا ڪمدار ۽ ِ مارون َ ُ ڪڍندا ُهيا .ڪي ته اهڙا ظالم هوندا ُهيا جو ڪانڊيرا وڍي انهن تي پيرن ُاگهاڙو َهل ِر جيان َهلرائيندا ُهيا .ڪانڊيريَء جا سونهري ۽ ننڍڙا ڪنڊا پيرن ۾ ُچڀندا ويندا ُهيا ته تمام گهڻيون رڙيون ڪندو ُهيس .ان وقت مرحيات کٿورئي جي هن يتيم ۽ اڪيلي ُپٽ جون
بيوسيَء واريون ِريهون ُٻڌي ،اوسي پاسي جي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري ناري ٽيڏيَء اک سان ڏسي ،ڪمدارن ڪاراون جي ڊپ ۾ وري هيٺ ڪنڌ ڪري پنهنجي ڪرت سان لڳل ڪيهون ڪندي ُٻڌي ڪمدارن کي رحم جي الِء نه رهندا هيا .ڪو به هاري ،مون يتيم کي ِ چوندو هيو .۽ جڏهن شام جو پيرن ۾ ڪانڊيريَء جي ُچڀيل َ ڪنڊن سان سور ۾ َٻرندو، َپ َٻن تي يا ُکڙين تي جيئن تيئن هلي ،گهر پهچندو ُهيس .تڏهن ننڍڙيَء ڀيڻ ڏي ِڏسي، َ ڏينهن جو وڏيرن جي ڪمدارن۽ واهين هٿان مليل ُ مارن ۽ دانهن ڪوڪن سان ڀوڳيل ُ عذاب ياد ڪري روئي پوندو ُهيس .۽ پوِء ٻئي ڀاُء ڀيڻ ،اللٽين جي جهيڻي روشني ۾ روئيندي روئيندي ،پيرن مان ُسئيَء سان سنهڙا ڪنڊا کوٽي ڪڍندا ُهياسين .اِيئن پيرن ڀور مان ڪنڊا کوٽيندي ،اللٽين جي ٿڌڙي روشنيَء ۾ ،جهوپڙيَء نما گهر جي ڇيڻي جي ِ واري اڱڻ ۾ ،ٿڌڙي هوا جي ُجهوٽن تي ،ٻنهي کي االئي ڪيڏيَء مهل ننڊ وٺي ويندي ُهئي .ڪڏهن ،ڪنهن ،مٿان ڪا َرلي وڌي يا نه وڌي ،رات گذري ويندي ُهئيُ .ان وچ َ ۾اسان ِ ِ ِ ڀاُء ڀيڻ جي حال تي َرحم کائِي ،برادريَء جي چڱن ماڻهن ،هڪ ٻه ڀيرا سٺ ميل ( نوابشاھ) تائين َ پنڌ ڪري ،امڙ (منهنجيَءڏاڏيَء) جي عزيزن کي َمڃائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو به هيو“ ته کٿورئي غريب جي گهر کي ڊنگهر اچي ويو آهي ،سندس معصوم ٻچڙا در بدر پيا ٿين ،هيڏانهن ماُء جي مامتا به پئي َتڙپي ،ٻنهي جي حال تي رحم کائِي ،ٻچڙن جي ماُء کي اجازت ڏيو ،ته هلي ُمڙس جي ڪکن ۾ وي ِهي ،ٻچڙا پالي ،يا جي ايئن نه ٿا ڪريو ،ته ٻچڙا هِتي ئي گڏ رهائِڻ جي اجازت ِڏيوس .ته جيئن نه ئي معصوم ٻارڙا در در جون ٺوڪرون کائن ۽نه سندن ماُء ئي جهوريَء ۾ جهڄندي وتي. ُ ڳالهائو ُهيو ،ڳالهيون اڳيان امڙ(ڏاڏيَء) جو ڀاُء ،مامو حسين بخش ،بنهي ِڏنگو ماڻهو ۽ بال ڪندا هيا ته مڙس کي ِو َڄ جا پاڻي ُهوندا هيا .تنهن مڙس ،هتي جي لنگهي ويندڙ سمورن 14
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
راڄ وارن کي جي ڳالھ کي ڇنڊي کين ُکتو جواب ڏيندي چيو هيو ،ته هائو ادا اوهين سچا هوندئو!!! پر ننڍي نيٽي ڀيڻ آئون بنان ڪنهن آسري جي ڇڏيان ته وڃي ٻچن تي ويهي، ايئن ٿي نٿو سگهي ،جيڪر اوهان راڄ وارن کي کٿورئي جي ٻارن جو ايترو ئي خيال َ ٿئي ٿو ته ٻه َسڱ ڏيئي ،نينگري مون کان پرڻائي وٺي وڃو ،باقي ايئن نه ڀيڻ موڪليندس نه ئي ٻار َر ُ کندس .هڪ ٻه سال تائين ڳالهين جا ُاهي سلسال هلندا رهيا ،ان دوران ُعرس خان جي ٻي گهر واري به گذاري وئي هئي. بابا ٻڌائيندو هيو ،ته ُان دوران برادريَء جي وڏڙن طيِء ڪيو ،ته امڙ( منهنجي ڏاڏيَء) جو َسڱ عرس خان سان ڪرائجيُ ،ان ڪري منهنجي ننڍڙيَء ڀيڻ ( پڦيَء)۽ ناني گل حسن جي ڌيَء جا ٻه َسڱ باسي ،امڙ (ڏاڏيء)َ جو سڱ ُعرس خان الِء ورتوويو .جيڪا عرس خان جي ٽين شادي هئي ،سندس اڳيون ٻئي گهر واريون گذاري ويون هيون .تڏهن اسين ڀاُء ڀيڻ ڏاڍا خوش ٿيا هياسين ،ورهين جي وڇڙيل امڙ جڏهن اسان کي ،اهڙي ننڌڻڪي حال ۾ڏٺو ،ته ِجهڄي پئي ،پوِء روئيندي روئيندي ،اسان جا مهينن جا ليڙون ٿيلَ ،م ُر ۾ َٿڦيل ميرڙا ڪپڙا ڌوتائين ،اسان جي جسمن تي ُاڀري آيلَ ،ملي جي ُڦرڙين تي مينديَء جا ٿڌڙا َپها رکيائين ،اسان جي وارن مان ُج ُ وئون چونڊي ماريائين ،راتين جو پنهنجيَء ڪوسيَء َ ڪ َ ڇ ۾ ،مٺڙيون لوليون ڏيئي سمهاريائين ،ته اسان ڀاُء ڀيڻ جا سالن جا سمورا ٿڪ ،هڪ لحظي۾ َل ِهي پيا .امڙ ،صبح جو سويل ُاٿي ،منهنجي ڍور کولڻ کان اڳ ،مانيَء جو ڍوڍو َپچائيَ ،م ِهيَء جي وٽي سان اڳيان رکندي ُهئي ،منجهند جو ٻنيَء تي ايندڙ ڪنهن هاريَء ناريَء َهٿانُ ،ڳڙ جي ڳنڍ سان ماني موڪلي ڏيندي هئي .تڏهن آئون واٽر جي َ ڪپر تي ِ ويهيُ ،ڳڙ سان ماني کائي ،ڪنهن بيٺل ُدٻي ،يا وهندڙ واٽر مان پاڻي ِپي ،ڏاڍو خوش ٿيندو ُهيس .بقول بابا جي سندن اهي خوشيون ،ٿورڙن سالن تائين هليون ُهيون .ڏاڏيَء کي، ُعرس خان مان هڪڙي ڌيَء پيدا ٿي ،جيڪا اڃان ڇهن ورهين جي ڄمار کي پهتي هئي ،ته ڪ ِري، هڪ ڏينهن ماني پچائيندي ُچلهه مان اٿيل چڻنگ اچي ڏاڏيَء جي ڪپڙن تي ِ جيستائين ڏاڏي پاڻ سنڀالي ،باهه وسائڻ جي َ ڪري ،ايستائين باهه ڀڀڙ ٿي ُچڪي ُهئي، گهڙيَء پلڪ ۾ ڏاڏيَء جو جسم سڙي خاڪ ٿي ُچڪو ُهيو .تن ڏينهن گورن جي صاحبي تازي تازي ختم ٿي هئي ،قانون کي اڃان قانون سمجهبو هيو ،اڄڪلھ واري ڪار ڪونه ٿي هئي .سو ڏاڏيَء جي سڙي فوت ٿيڻ جي ڪري ،ڳوٺ ۾ تمام گھڻو هراس پکڙيو هيو، پوليس جي ڊپ مان هرڪن هندوَء توڙي مسلمين پنهنجا َ ڪ َن لِڪائڻ جي پئي ڪئي. انگريز بهادرپاڻ ته ويو هليو هيو پر پنهنجي پويان قانون اهڙا سخت ڇڏي ويو ُهيو ،جو 15
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
شينهن ٻڪري ساڳئي گھاٽ تان پاڻي پيئندا هيا ،ٿوري گھڻي قانون جي ڀڃڪڙيَء تي ُسڪن سان گڏ ساوا به ُلوساٽجي ويندا هئا. بابا ٻڌائيندو ُهيو ته جڏهن سندس امڙ باھ وگهي سڙي ،هيُء جهان ڇڏيو هيوُ ،ان سال سندس جوانيَء جا ڏار پي ُڦٽا ،کيس ُمڇن جي ساوڪ ُهئي ،ماڻهو پوليس کان ڏاڍا ڊڄندا هيا ،بابا جي امڙ جي سڙي فوت ٿيڻ جهڙي اڻ ٿيڻي واقعي جو ڪاٺڙيَء جي پوليس ٿاڻي کي اطالع ُ ڊوڙايائون ،ته ڪرايو ويو ،گڏوگڏ هڪڙو ماڻهو ،مير تاج محمد ڏانهن به ڀلي گهوڙي تي جيئن مير تاج محمد ،پنهنجي زمين تي آباد غريب ڳوٺ وارن کي پوليس جي قهر کان گھڙي نه ُگذري هئي جو ،گورکوجمعدار ٻن َبچائي سگهي .ٿاڻي تي رپورٽ لکائڻ بعدِ ، سپاهين سان گهوڙن تي اچي موقعي واردات تي وارد ٿيو هيو ،ڳوٺ وارن تي هڪل هاهوڙ ۽دڙڪا دهمان شروع ٿي ويا .ان ڏينهن غريب ڳوٺاڻن جي رونَء رونَء ڏڪڻ لڳي هئي .بابا ٻڌائيندو هيو ته پوليس وارا ،گهڙيَء گهڙيَء مونکي ٻاهر ڪڍيَ ،وڃ ِيو ُپڇا ڪن ته ،ٻڌائه ڪنهن تنهنجي ماُء کي باهه ۾ ُاڇليو؟ تون رڳو ڪنهن نه ڪنهن تي بِ ُ يھ ،پوِء ويٺو ِڏ ُ س اسان جا قانون .بقول بابا جي ڳالھ ۾ ڪجھه ُهجي ها ،ته آئون به ڪنهن تي بيهان ها، ُان ڪري هر گھڙيَء منهنجو روئيندي روئيندي کين جواب ُهجي ته منهنجي امان کي ڪنهن به ڪونهي ساڙيو ،هوَء ويچاري پاڻهي سڙي آهيُ .ان هوندي به پوليس وارن سڄو ڏينهن نه الش کي هٿ الئڻ ٿي ڏنو ۽ نه دفنائڻ ٿي ِڏنائون ،سڄو ڏينهن مشير ناما ۽ بيان لکندا رهيا .۽ آڏيون ُپڇائون به ڪندا رهيا .تڏهن شام ڌاري ڪرڙ خان ،ڀلي گهوڙي تي مينهن واُء ڪندو ،گورکي جمعدار الِء مير تاج محمد جو خط کڻي آيو هيو ،خط ڇا آيو هيو ،ڀانِء ته تپي ٽانڊا ٿيل ،گورکي جمعدار جي هيانَء تي ڪو بنهي ٿڌي پاڻيَء جو ڇنڊو پيو هيو ۽ خاموشي سان پوليس وارن کي وٺي ،پويان پير ڪيا هيائين .ڳالهه ڪندا هيا ته ُ کانئن ان زماني ۾ مير تاج محمد ٽالپر جي وڏي َهلندي ُپڄندي ُهئي .انگريز سرڪار ميرپورخاص جي حڪومت ُڦري ،کين معمولي جاگيرون عطا ڪري ،معمولي وظيفا مقرر ڪري خوش رکيو ويٺي ُهئي .ته نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ۾ به سندن دٻدٻو اهو ئي هيو، ُ خان خانان ڪونه هوندو هيو .چور عالئقي ۾ مير صاحب جي َم ِد مقابل ڪوئي ،ڊِنگ يا ِ َچڪار ،چڱا َمٺا سندس َد َر جا سالمي هوندا هئا .مير صاحب جڏهن به جاگيرون ُگهمڻ ايندو ُهيو ته سندس ويهڻ الِءهِ َ ڪ ُسهڻي کٽ ۽ نئين نڪور بستري جو بندوبست ڪري کيس باقي خداجي مخلوق زمين تي ويهن ِدي ُهئي .سچ ڪوڙ جي ڪنهن وڻ هيٺان ويهاربو هيو. ِ رک اها هوندي هئي جو جنهن به ماڻهوَء کان ڪا لِ َ َپ َ ڪ چوريَء واري ڳالھ ُپڇڻي هوندي 16
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُهئي يا جهيڙي ڦڏي ۾ارڏائيَء ،اڳرائيَء جو َق ُ سم وٺڻو هوندو هيو ،ته کانئس مير صاحب نهن ،ڇا ِج ُيون ُ جي کٽ تي َه ُٿ َرکائي ڳالهه ُپڇبي ُهئي .ڇا جا ُس َ ساکون،؟؟ اڳلو مير صاحب جي َکٽ تي َه ُٿ َرکِي اندر ۾ لِڪايل جملي حقيقت اوڳاڇي ِوجهندو هيو .اهو هوندو هيو ايمانداريَء جو انوکو مثال .هاڻ ته حالت اها آهي جو ُمڙس اڳيان چوريَء جو مال کنيو وڃن ،پويان چڱا َمٺا ڏسندا وڃن ،ته به روڙيو وڃيو قرآن ۾ هٿ وجهن. سو ڳالهه پي ڪيم ڏاڏيَء جي سڙي فوت ٿيڻ ِجي ،پوليس جي ريڙه پيڙه جي ڪري پهريون سج لهي ويو ،ڳوٺ ۾ نه ڪنهن رڌو نه پڪو ،ٻئي ڏينهن ڏاڏيَء مرحومه جو ُ مڙھِ ،چٽوڙيَء جي تاريخي قبرستان ۾ ،شي ِر سنڌ ،مير شير محمد ٽالپرجي عاليشان مقبري جي ُاتر طرف، چند قدمن جي مفاصلي تي ڏاڏي مرحوم جي قبر لڳ َدفنايو ويو هيو .جيڪا قبر به ڏاڏا جي قبر جيان ڪجهه سالن بعد ميسارجي مٽيَء برابر ٿي وئي .پوِء بابا کي به انهن قبرن جي جاِء ۽ نشان به ياد ڪونه رهيا هيا .گھڻو پوِء تائين به هر سال نائين محرم تي بابا خود، توڙي آئون ڪڏهن ڪڏهن ِچٽوڙيَء جي قبرستان ٻاهران بيهي چار ُقل َپڙهِي کين بخشي هليا ايندا ُهياسين .باقي قبرن جو ڪو اتو پتو ڪونه هيو ته ڪهڙيون آهن. ڏاڏيَء سان ُعرس خان جي شادي ٿيڻ وقت سندس ٻه زالون گذاري ُچڪيون هيون .کيس پهرين گهر واريَء مان هڪ ُپٽ محمد رمضان ،ٻي گهر واريَء مان هڪ ڌيَء ۽ هاڻي ڏاڏيَء مان به هڪ ڌيَء ٿي .ڏاڏيَء جي گذارڻ بعد ُعرس خان جي ٽن ٻارن ۽ کٿورئي جي ٻن ٻارن ُ ُ ُ ٻيَء کي سنڀالڻ الِء ڪا به وڏڙي نه هئي .ٻار به هاڻ جوان ٿي رهيا هيا ،عرس خان پنهنجي ِ گهر واريَء مان ٿيل نياڻيَء جو نڪاح بابا سان ڪرڻ جو ِرٿيوُ .ان وقت اوڙي پاڙي جي عام ماڻهن ُعرس خان جي انهيَء فيصلي کي تمام گهڻو ساراهيو هيو ،ڇاڪاڻ ته هڪڙي يتيم ٻار کي پنهنجي گهر ۾ رهائڻ ۽ پنهنجي نياڻي پرڻائي ِڏ َي ُڻ وڏي دل ُگردي جو ڪم ُهيو .جيڪو هرڪنهن ماڻهوَء يا جهڙي تهڙي جي َوس جو ڪم به ڪونه هيو. ُ ڌائيندوهيو ته ُغربت جو اهڙو حال ُهيو جو ،کيس سندس شاديَء جي ڏينهن ،پائڻ الِء بابا ُٻ بافتي جو پراڻو وڳو ُهيو ،پراڻِي َچتيون لڳل ُجتي ُهئي ،شلوار ۾ سوتليَء کي َوٽي اڳٺ ٺاهي وڌو ُهيائين .ڏاڏاڻي آڪھ مان نه هيو چاچو ،نه مامو ،نه ڀاُء نه ماُء ،بس ٻن ننڍڙين ُ ڀيڻن ِ َ ُ خوشيون پئي ڪيون .غريب جي خوشي به ڪهڙي هئي نه ميندي نه موڙھ ،معصوم ڀينرن جا ٻاتڙن ٻولن ۾ ٻه چار ِڳيچ ،پرائي گهران گهڙي پلڪ الِء جنسي وٺي ٻانهن ۾ ٻڌل ڳانو۽ موڙه هيا ،بس ،رڳو ُملو گهرائي ،نڪاح پڙهايو ُهيائون.
17
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ابي مرحيات جي چوڻ موجب شايد اهو پاڪستان ٺهڻ کان ڪجھ سال اڳي جو ئي زمانو کپريَء جي ٻن ُهيو ،جو ميرتاج محمد ٽالپر صاحب جون َڇن واريون هي زمينون ،ديھ ِ واڻين ،سيٺ چڻي مل ۽ سيٺ ڪاري مل مقاطعي طور ،ڏھ روپيا في ايڪڙ ورتيون ُهيون، پريَء جي انهن واڻين جو ُاتي کپريَء ۾ ڪو ڪمدار ڪارائو هيو جو رگهو مينگهواڙ به کِ ِ واڻين جي اچڻ وقت هو به پنهنجي سموري ويڙهي سميت انهيَء سال هن َپٽ ۾ آيو هيو ۽ موجوده ڳوٺ جي اوڀر طرف ،سليمان شاهه جي قبرستان لڳ ،دڙي تي موجود ديوين جي گهاٽي جهنگ ۾ ڪچا گهرڙا ٺاهي اچي آباد ٿيو ُهيو .۽ ُاهي انگريزن جي حڪمرانيَء جا پڇاڙڪا سال هيا ،۽ فيل مست جي مستيَء کي سنڌ ۾ سورهيه بادشاھ ٽوٽا چٻائي چڪو هيو .شايد اهي شهيد سورهيه بادشاھ ۽ انهيَء سرفروش ُحرن پاران هلندڙ آزاديَء جي تحريڪ جا پڇاڙڪا ڏينهن ُهيا ،سورهيه باد شاھ جي گرفتار ٿيڻ بعدُ ،حرتحريڪ جي سرواڻيَء ڪرڻ الِء ڪو به نالي وارو ماڻهو ظاهري سرواڻيَء الِء ڪونه رهيو هيو ،تڏهن ٽڙيل پکڙيل ُحرن جي تحريڪ جي گمنام ۽ روپوش ڪمانڊرن جي حڪم تي ُحر فقيرن، پويان پساھ کڻندڙ ،انگريز سرڪار سان َٽڪر کائڻ سان گڏو گڏ ،عالئقي جي انگريزن سان ٻ ُ ٽ مقامي ماڻهن تي به راتاها هڻڻ شروع ڪيا هيا .ايئن آزاديَء جي تحريڪ جي ڏوهاري ِ ۽ انگريز جي وفادار مقامي هندن توڙي مسلمانن ،مطلب ته ُسڪن سان گڏ ڪيئي بي ڏوھ مقامي ساوا به ُلوساٽجڻ لڳا هيا .جن ۾ اڪثريت هندن جي هئي ،ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو مسلمان به هوندو هيو .جن تي ُحرن کي شڪ هوندو هيو ته اهي پنهنجن ُسکين َسنهنجن سيٺين جي معرفت گورن وٽ سندن مخبري ٿا ڪن .ماڻهو چوندا هيا ته شايد ُرگهي َمل جي سيٺ ِين جي ،انگريز فيل مست سان به ڪا چڱي موچاري راهي پوکي هئي ،جنهنڪري حرن فقيرن کي رگهي مل تي به پڪو پڪو ُچغلپائيَء جو شڪ هيو ،جنهن جي ڪري ئي ُحرن جي ڪن ٽولن ،ٻه ٽي ڀيرا ُرگهي َمل جي ويڙهي تي هالئون ڪري ُڦرون ڪيون به هيون .ته گڏوگڏ ڪافي ڀيرا ُهن جون واٽون جهلي ،گهات هڻي رگهي مل جي ِس َر وٺڻ جا به جتن ڪيا هيا .پر ڪاڪي ر(گهي جو ڪو لولو اگهاڻل هيو يا ڪي ِپير زور هيس جو هر ڀيري هو بچي ويندو هيو .جيتوڻيڪ ٻه ٽي ڀيرا ُحرن هٿان ُڦرجڻ ۽ ِسر وٺڻ الِء گهٽ جهلجڻ باوجود به ُحرن کان بچي نڪرڻ تائين ته ُرگهو َمل ُٺپ ڪونه ٿِڙيو هيو ،پر جڏهن هندستان جو ورهاڱو ٿي ويو ،۽ مذهب جي نالي تي هڪڙي ملڪ مان ٻه ملڪ ٿيا ،ته مقامي مالدار واڻيا ۽ ٻيا ُسکيا هندو ،به ڌڙاڌڙ هندستان ڏي ڀڄڻ شروع ٿيا ،سمي جوڻيجي جو شهربه خالي ٿي ويو ،واڻين جو دٻدٻو به هوريان هوريان َگهٽبو ختم ٿي ويو ،ته ُرگهي َمل کي به 18
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َپڊ َمٽائڻ ۽ ُاتان ٽپڙ کڻڻ الِء هورا کورا ٿيڻ لڳي .سوال اهو هيو ته رگهي مل جي سيٺين ۽ ٻين هڏڏوکين جي راتوواھ وطن ڇڏي هلئي وڃڻ بعد ،هو ويچارو آخر وڃي ته وڃي ڪيڏانهن.؟ ڪير کيس پاڻ سان گڏ ويهاري ۽ ٻرنديَء باھ ۾ هٿ وجهي ُحرن سان ڦٽائي؟ اهڙو اڙٻنگ کيس ڪوئي ڪونه ٿي ُسجهيوُ .اتي کيس ناني ُعرس خان سان رکيل پراڻو ِدينپو ياد آيو ،جيڪو پڻ هن وانگر ئي غريب مسڪين ۽ ميراڻيَء زمين تي هر هاري هيو، پر ُڏکيَء ُسکيَء ۾ آڌيَء اسر مهل رگهي مل جا ساڻس چڱا پير ڀريل هيا .۽ هو به هميشھ نه آڌي ڏسندو هيو نه مانجهي رگهي مل جي هڪل تي هٿين خالي هليو ايندو هيو .ايئن رگهي مل جون ڳچ ڏينهن تائين ناني عرس سان لڏو کڻي سندس سانگي سان ويهڻ الِء صالحون َه ِليون ۽ نيٺ هڪڙي ڏينهنُ ،عرس خان اوڙي پاڙي جو ڳچ ساريون ڍڳي گاڏيون جوٽائيُ ،رگهي َمل جي سموري ويڙهي کي لڏائي ،پنهنجي پاڙي ۾ وٺي آيو جيڪو به ساڳئي ميراڻي زمين تي ئي هيو ۽ اڄ به آهي .شايد ان خيال سان ته ُعرس خان شر ٻروچ ُهيو ۽ شرن ٻروچن جي پاڙي ۾ ڌاڙو هڻڻ کان َم َن ته ُحر فقير پاسو َ ڪ ِن ها .يا ٻيا ڏوهاري به ٽارو ڪن ها ،پر هتي لڏي اچڻ بعد به عرس خان ۽ رگهي مل جي سوچ ۽ سمجھ مطابق ائين ڪونه ٿيو ،پاڪستان ٺهڻ بعد به ُحرن ُرگهي َمل تي هِتي به َه ُ الئون ڪيون .پر سدائين سندس ِپير زور هوندا ُهيا ،يا ڪو ِڏنو آڏو پئي آيس ،االئي مڙس ڪو وڏو سئوڻي هوندو َ چي ويندو ُهيو. هيو .جو هو هر ڀيري جي حملن کان ب ِ ابو سائين ڳالھ ڪندو هيو ته هڪڙي ڀيري ُحرن جو هڪڙو ٽولوُ ،رگهي َملتي هالن ڪري سندس ويڙهي کي ُڦرڻ الِء ُاتران سمي جوڻيجي جي ڦٽل ڳوٺ وٽان اچي لٿو هيو ،هنن ُ پنهنجي مٿان اوڍيل ُ بندوقون لِڪائي رکيون هيون ،اهو ٽولوميراڻي َڇ َن ٻپڙين َاجرڪن ۾ جي ٻنيَء جي پاڻيَء جي واري تي بيٺل هڪڙي مينگهواڙ هاريَء کي پريان کان ئي ُسونهون ٺاهي اڳيان ڪريو آيو هيو ته اسين ُعرس خان شر جا مهمان آهيون ،اسان کي سندس اوطاق تي پهچاِء!! ۽ جڏهن سادڙو سٻاجهڙو ۽ حرن جي دلبي ۾ آيل مينگهواڙ هاري ،عرس خان جي نقلي مهمانن جي اڳيان ٿيو ،ڳوٺ جي ويجهو پهچيُ ،عرس خان جي ُ جهڳيَء جهڙي اوطاق طرف ُمڙيو هيو ،تڏهن فقيرن اجرڪن مان هٿيار ڪڍي ورتا هيا ،ميگهواڙ هاريَء کي ٻه چار ٿڦڙون هڻي ،کڻي اڳ ۾ ڪيو ،ته ُاٺ جا ُپڇ ايڏانهن ڪيڏانهن ٿو هلين؟ اسين عرس ُٻرس جا مذمان ناهيونِ ،پڻهين ُرگهي جا مذمان آهيون .اسان کي هلي رگهي جو گهر ڏيکار! اِيئن انهيَء ميگهواڙ ٿڙڪندي ٿڙنديُ ،حرن فقيرن جي انهيَء ٽولي کي وڃي ُرگهي مل جي اوٽي تي بيهاريو هيو .۽ پوِء انهيَء ڏينهن ُهنن ميگهواڙن جو ُجملي پاڙوَ ،گ ُ ھر 19
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َگ ُ ھر ڪري ُڦريو هيو ۽ رگهي جي ڳوال توڙي ُپڇا ڪندا رهيا ،تڏهن عرس خان ،دينپي جو ڀرم نباهيندي دليريَء سان ُحرن فقيرن وٽ واردات هلندي هليو ويو هيو ،وڏي ڳالھ ته رگهو مل انهي ڏينهن سندس گهر واريَء سوڌو ڪيڏانهن ٻاهر ويندي ،پنهنجو هيڪلو ُپٽ بيکو مل ،عرس خان جي گهر ڇڏي ويو هيو .سو عرس خان ُرگهي َمل جي اڪيلي ُپٽ، بيکي کي پنهنجين نياڻين جا ڪپڙا َپهرائي چيچ مان جهلي وڃي فقيرن جي وچ ۾ بيٺو، ته فقيرن رائيفل سيني تي َرکِي ُپڇيس “پوڙها! ُرگهو ڏيکار ۽ رگهي جو گهر ڏيکار!! عرس خان وراڻين ته “ فقير رگهي جي گهر ۾ ته پاڻ بيٺا آهيون ،باقي رگهو ۽ سندس گهر واري هتي ڪونهن .فقيرن جي وڏي هوا ۾ هڪڙو فائر ڪري ڏهڪاُء پکيڙيندي عرس ُ اوالد ڏيکار؟ ناني عرس خان ،رگهي خان کي چيو ته پوِء جي رگهو گهر ۾ ناهي ته سندس مل جي پٽ بيکي جي مٿي تي ُ هٿ رکي وراڻيو هيو فقير ُرگهي کي هڪڙو ئي پٽ آهي، جيڪو رات کان بنهي گهڻو بيمار ُهيو ،فجر جو ئي ٻئي زال مڙس ٻئي ڍڳي گاڏي جوٽي َ اچيو ته آئون اوهان جو کيس عالج الِء شهر وٺي ويا آهن ،هاڻ ورڻ وارا هوندا .اعتبار نه مسلمان ڀاُء آهيان ۽ هي ڏسو ته آئون پنهنجيَء نياڻيَء جي مٿي تي هٿ رکي ،جهڙوڪر ُسنهن ساک سان اها ڳالھ ِپيو چوان .عرس خان جي اهڙي اکر تي فقيرن کي يقين اچي ويو هيو ۽ ايئن عرس خان جي انهيَء ڪوڙيَء ساک سان ،رگهي مل جي اڪيلي پٽ بيکي مل جي حياتي بچي وئي هئي. ڳالهه ڪندا ُهيا ته ُان زماني۾ گلو ميگهواڙ نئون َپرڻِيو هيو ،سندس گهر واريَء کي تنهن ڏينهن نئون وڳو ۽ کوڙ سارا زيور َپهريل ُهئا ،سا فقيرن جي َڀ َ ئو کان گهر ڇڏي وٺي ٻاهر ڀڳي هئي ته فقير به پويان ڀڄندا آيا هيس ،سامهون ڪجھ ٻروچياڻيون فقيرن جي حملي کان بيخبر ،ڳوٺ جي الهندينَء کوهيَء تان پاڻيَء جا دال ڀرڻ الِءپئي ويون ،ته انهن جي َگ َ ھگھيلي ويس تي نظر پوندي ئي ،فقير ميگهواڙ مائيَء جو پيڇو ڇڏي ،هيٺ ڪنڌ ڪري ُپٺ تي موٽي ويا هيا .پوِء ڳالهيون هليون ته اها سا منجهن ساڃاھ هئي ته ٻروچن جي گهرن کان پاسو ڪرڻو آهي .يا ٿي سگهي ٿو ته منجهن ئي ڪو ٻروچ به ُحر فقير به هجي .سا خدا کي خبر ٻي انهن فقيرن کي خبر .پر رگهو مل پوِء به ڪونه ٿڙيو .نه ملڪ ڇڏي ڀڳو .ڇو جو هو ويچارو وڏي نالي وارو ته هيو پر وڏي مال وارو ڪونه هيو .جيتوڻيڪ وڏي مال وارا ڀائيبند سڀ جا سڀ هلڪي ڦلڪي هالن تي مال مڏيون اڌ ملھ تي هالئي هندستان هليا ويا .پر رگهي مل پوِء به پنهنجو اباڻو وطن ۽ اباڻا ڪک نه ڇڏيا ۽ اڀري سڀري حال سارو هتي ئي رهيو .جيتوڻيڪ پاڪستان ٺهڻ بعد به انهيَء رگهي مل پنهنجيَء سخا، 20
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مروت ۽ آئي وئي جي آڌر عيوض وڏي اوج ڏٺي ۽ پنهنجي پويان وڏو نالو ڇڏي ويو .اڄ به سندس هڏڙا هن ئي مٽيَء ۾ دفن آهن پر مٽيَء سان مِلي مِٽي ٿي ويا آهن .اهو هينئر جي سنڌي ماڻهن ٽڪي پئسي جي ڳالھ تي اباڻا ڪک ڇڏي پرائي ديس پڌارڻ وارن الِء هڪڙو وڏو مثال آهي. ڳالهه ڪندا ُهيا ته پاڪستان ٺهڻ بعد حرن جي وارداتن ۾ ڪجهه ٺاپر آئي هئي ،پر مير صاحب جون زمينون پوِء به مقاطعن ۾ ئي رهيون ،اڳ واڻيا مقاطعيدار هوندا هيا ۽ واڻين جي وڃڻ کان پوِء ،هاڻ مسلمانن مقاطعا وٺڻ شروع ڪيا هيا .مير صاحب کي زمينن سنڀالڻ جي ڪا به ُاون به ڪونه هوندي هئي ،نه ئي ڪا ٻنين جي دنگن دڙن جي َ ڪل هئي .بس ڇٺيَء َڇماهيَء ڪنهن دانهن دڙيَء تي يا شڪار جي شوق سان مير صاحبن جيڪر ڪو ٻنين تان ڀيرو ڀڳوته واه نه ته ٿيو خيرُ .ا َ ون به ڀال ڇو هجي چوندا هيا ته مير صاحب وٽ ايتري دولت هئي ،جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل هيو .چوندا هيا ته اسان جي تر ۾ توڙي هند سنڌ ۾ ،اها عام خبر هئي ته مير تاج محمد ٽالپر ،روزانو صبح جو هِيرن ۾ تورجي ٿو. ڳالهه پي هلي بابا جي شاديَء جي ،غريباڻيَء شاديَء کان پنج ست سال پوِء تائين بابا بي اوالدي ئي رهيو ،۽ ُٻڌائيندو هيو ته شاديَء جي ڪجهه سالن بعد ئي ڳوٺ جا ميگهواڙ توڙي ڪنڀار ،صبح جو سوير منهنجو منهن ڏسڻ کان َلهرائڻ لڳا هئا .۽ اويل سويل نجھن وهم هوندو ُهيو ته بي اوالدي سامهون ايندي ئي َگس َمٽي ويندا هيا ،ڇاڪاڻ ته َم ِ نهن پوڻ سان اڳلي جا سنئوڻ ماڻهو معني ته نڀاڳو ۽ نيرانو ڪنهن بي اوالدي ماڻهوَء جي ُم ِ خراب ٿين ٿا .۽ ُانهيَء ڏينهن ڪهڙي به ڪم ڪار تي نِڪرجي ته اهو ڪم ڪار نه ٿيندو آهي .هونئن به پنهنجي سنڌ ۾ ميگهواڙن سميت سمورا هندو قبيال ،۽ سمورا َٿري قبيال سنئوڻن ۽ وهمن۾ اڳ جيان اڄ به سرس آهن .اڻائي َسڻائي پکيَء جي ٻولڻ تي ،گڏه جي هِينگ تيَ ،رن زال جي سامهون اچڻ تي ،پويان سڏ ٿيڻ يا ڇڪ ڏيڻ تي وڏا وهم ڪندا آهن .انهيَء تان هڪڙي ڳالھ ياد پئي اچيم سا به ڪندو هالن .گهڻو پوِء 1992ڌاري حبيب بينڪ ڇور ڇانوڻيَء جو مينيجر هيس ته ڊسمبر جي ٽارگيٽ ۾ ڪي ٻه چار لک ُکٽا ٿي. تن ڏينهين محبت نوهڙيَ ، ڪس جو نالي وارو بِليڪي هوندو هيو .تنهن سان جو ڳالھ ڪيم ته “ چيائين اٿي منهنجي جيپ ۾ چڙه .پئسن جي اللچ ۾ مون به دير ڪونه ڪئي. رستي ۾ ڳالھ ڪيائين ته حويليَء جي ڳوٺ ۾ بليڪ جا کوڙ سارا پئسا هڪڙي َٺ ُ ڪر( نالو ِ وسريم ٿو) وٽ رکيل اٿم سي کڻي ٿا اچون .ايئن هڪلي هوڪاري همراه جي اوتاري تي 21
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُپڳاسين ،ته ُمڙس جو َڏ ُ س ٻنيَء تي پيو .ٻنيَء تان وڃي جيپ ۾ کنيوسونس ،رستي ۾ حالي حوالي به ٿيندا آياسين ،همراھ اسان کي اوتاري ۾ ويهاري “ اوهين ٻيسو ،هون چانھ نه اوهان جا پئسا لي َپنچان مِنٽان مين آئون ٿو” .ايئن چئي گهر ڏي ويو ،ڳچ دير ٿي وئي، چانھ ته آئي پر مڙس موٽڻ ۾ کوڙ ساري دير ڪئي ۽ دير سان ئي جڏهن آيو ته چيائين“ محبتيا! تان جي امانت سون جهڙيُ ،ڏڌ مين ڌوئي ڏئيس ،پڻ اج ڪو ڏيان” .منهنجي ٻروچڪي رڳ ٿِڙي سوچيم پئسا منهنجي يار جا بليڪ جا ۽ َٺ ُ ڪر بي ايمان ٿي اسان کي مڙوئي پيو ُسرمو پارائي .هوڏانهن وري ُمحبت ُهن جي ڳالھ تي آمين چئي ٽوال ڇنڊي ُ ڪلهي تي رکي اٿيو ۽ مون کي به ُاٿاريائين .رستي ۾ ُهن مونکي گهڻو ئي سمجهايو ته سوڍي جا سنئوڻ خراب ٿيا هوندا نه ته هي يڪ ُسخنا ماڻهو آهن .پر مون نه مڃيو هيو. واقعي به هن واري ڳالھ سچي ٿي هئي .ٻئي ڏينهن بينڪ کلڻ کان اڳ هو ٽوال جي ٻن ُ ڪنڊن ٻه الڳ ڳنڍيون ٻڌيو آيو هيو ،جيترا محبت جا اوترا سندا پئسا به بينڪ ۾رکي ويو هيو .گڏوگڏ ڪالھ سنئوڻ نه ٿيڻ جي ڪري پرايا پئسا گهر مان نه ڪڍڻ تي معافي به ورتي هيائين. بابا ُٻڌائيندو ُهيو ته هندستان پاڪستان ٿيڻ وقت واڻين جي لڏي وڃڻ جي ڪري سمي جوڻيجي جو شهر ڦِٽي ويو هيو .انهيَء ڦٽل شهر جي آس پاس ڪنڊيَء ۽ َٻ ُٻرن جا وڏا وڏا وڻ هوندا ُهيا .جيڪي پري کان ڪنهن گهاٽيَء ُهڙهيَء جي ِڏک پيا ڏيندا هيا .تن ڏينهين اسانجي گهر ۾ غربت بنهي گهڻي هوندي هئي ۽ کائڻ الِء رات هوندي هئي ته ڏينهن ڪونه هوندو هيو .آڌيَء اسر ڏکيَء سکيَء ۾ کڻت کڻائڻ وارا واڻيا به ويا هليا .وڏيرن وٽان گهڻو قرضي هجڻ ڪري وروَء واٽ جو به ڪو آسرو ڪونه هوندو هيو .تنهنڪري انهيَء کوٽ کي منهن ڏيڻ الِء واندڪائيَء جي وقت ۾ خاص ڪري رات جو ماما ۽ بابا ،ڪهاڙا کڻي هڪ اڌ سگھو موچارو ڪنڊيَء جو وڻ يا ٻٻر جو وڻ وڍي ُٽڪي ،فجر ڌاري ،ڏاند گاڏيَء ۾ ِوجهي ميرپورخاص روانا ٿيندا ُهيا .تن ڏينهين مير پورخاص وڃڻ الِء ڪوبه پڪو رستو ستائيَء جا ڏينهن ُهيا ،ڪاٺين جي هڪڙيَء ڪونه ُهيو ،ڪچي رستي تان وڃبو هيوَ ،س ِ گاڏيَء مان هڪڙي هفتي جو گهر جو سموروراشن ٿي ويندو ُهيو .تڏهن راشن به وري ڪهڙو هوندو هيو؟ ڪڻڪ ،جوئر ٻاجهر يا چانورن جو اٽو!۽ بس ٻيو ڪجھ به نه!!! .تڏهن ٻوڙ ڪنهن گهر ۾ رڌبو ئي ڪونه ُهيو .صبح جي ماني لسي مکڻ ۽ َمهيَء سان ۽ رات جو کير جي وٽي سان کائي اوڳرايون ڏبيون هيون .لٿي پٿي لوڻ کپندو هيو سو به عام طور تي ماڇي قبيلي جون عورتون گڏهن تي کڻي گهر ويٺي پهچائي وينديون ُهيون جنهن جي 22
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
عيوض َکري لٿي کين َان ڏبو هيو .صابڻ جو رواج ڪونه ُهيو ،ڪپڙا الڻي مان ٺاهيل کار ۾ ڌوپندا ُهئا ،سا به عام طور ماڇاڻيون ئي پهچائينديون ُهيون .۽ اسان جي قبيلي جون وڏڙيون ته پاڻ به کار ٺاهڻ جون جراح ڪاريگر هونديون هيون .اٺين ڏهين ڏينهن وڏڙيون واٽر جي ڪپ تي ُ ڪنو چاڙهي ميرا ڪپڙا پاڻيَء ۾ وجهيُ ،ٻڪ کن کار جو وجهي باھ تي ٻڙهڪائي ،ٿڌي پاڻيَء مان ڪڍي ،نپوڙي سڪائي ڇڏينديون هيونَ .ٻنين ۾ ڪڻڪ جي َٻ َن ِن تي سرنهن جا داڻا َڇٽي ڇڏبا ُهئا ،۽ انهيَء کي ُ ڪٽي ُسٽي گهاڻي تان پيڙائبو هيو ته وارن ُ ميٽ ئي اهڙي شئي هئي جيڪا دوڪانن تي کڻ جو تيل انهن مان ٿي ويندو هيو. کي َم ِ ملندي هئي ،يا بتيَء ٻارڻ الِء گاسليٽ .بس اهلل اهلل خير صال. 1959ڌاري مير صاحب جون زمينون ،مختلف مقاطعيدارن کان ڦِرنديون ،گِهرنديون قيصر خان راڄڙ وٽ ،اوڻيتاليھ روپيه في ايڪڙ مقاطعي تي آيون هيون .جنهن چونڊڪي جي رهاڪو سيٺ رائت مل سان چارآنا حصي جي ڀائيواري رکِي هئي .هتي اهو به ذڪر ڪندو هلجي ته ايئن ڀانئبو هيو ته سنڌ مان ورهاڱي وقت ٿيندڙ لڏپالڻ ۾ چونڊڪي جا واڻيا يا ته بنهي گهٽ َلڏيا هيا ،يا ته مورڳو لڏيا ئي ڪونه هيا .سو حاجي قيصر خان راڄڙ جي نئين ڀائيوار سيٺ رائت مل ڳوٺ جي اوڀرندينَء ُ ڪنڊ تي ،وڏو ڪوٽ ڏياري ،هڪڙو دوڪان رکيو هيو .ڳوٺ جي جملي هارين کي سيڌو سامان به اوڌر تي انهيَء دڪان تان ملڻ شروع ٿيوُ .ان سال کان هن ڳوٺ جا جملي ماڻهو قرضن ۾ وڪوڙجڻ شروع ٿيا هيا .چوندا ُهيا، ته چونڊڪي جا هي سيٺ اهڙا ته ڏکيا هوندا ُهيا جو روزانو ڪنهن نه ڪنهن هاري تي ڪونه ڪو بِلو لکندا رهندا ُهيا .پڇا ڪبي هئي ته چوندا هيا ،اري بابا تون فالڻي ڏينهن َه َ ٽ تي آيو ُهئين ،ته ڪجهه نه ڪجهه ورتو ضرور هوندئه ني .بس ايئن ڳالھ لئه مِٽي ٿي ويندي هئي .ڪي ته وري کلندي کلندي چوندا هيا ته واڻين جو کنڌي جو بِلو به عجيب هوندو هيو ،ٻه روپيا ڏاٺ جي سور جي دوا الِء روڪڙا ،ته وري ٻين روپئين جي دوا ،ته وري ٻه روپين جي ِشوداراُ .مئا سيٺيا وري لکندا به واڻڪي اکر هيا ،جيڪا ڪو به انڌو منڊو پڙهيل يا بنهي گهڻو سنڌي پڙهيل به ڪونه سمجهي سگهندو هيو .اِئين هن ڳوٺ جي جملي هارين جو ُڦٽين جو روڪڙي ناڻي ڏيارڻ وارو فصل ته اڳي به قرضن ۾ زميندارهونئن به کڻي ويندا ُهيا ،پر هنن رائت مل وارن واڻين جي اچڻ بعد ،چيٽ جنهن کي عام ٻوليَء ۾ پيٽ به چئبو هيو ،سو به سمورو واڻين وٽ اڳ کڻت ۽ دڪان قرض ۾ ويندو هليو ُهيو .موٽ ۾ مڙني کي مِلندو ُهيو ،هڪ مڻ ِورئو في خاندان .پوِء انهيَء هڪڙي مڻ مان ڪنهن عياليَء گهر جي پوري ٿ ِئي يا نه ٿ ِئي ،انهيَء ۾ نه قيصر راڄڙ جو ڪجهه 23
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وڃي نه رائت مل جوڪجھ وڃي .ڪو ُاڃيو سمهي يا ڪو بکيو سمهي ،رائت مل ڪو ٺيڪو ٻولي ڪونهي کنيو ،جو هرڪنهن کي ورئو کان به وڌيڪ ڏئي .ها ِڏبو ،پر حساب ڪتاب سان ڏبو ،ڳائي وڄائي َم ِٿڪي وٺبي ،سا به هيڪوڻ جي ٻيڻ ،يا ويندي ويندي ٽيڻ به هوندي ،جهڙو ماڻهو تهڙو ُملھ .انهيَء ۾ قيصر خان جو ڪو واسطو ئي ڪونه هوندو هيو ،نه ئي ڪا خبر چار .رائت مل ڄاڻي ته هاري ڄاڻن. سرڪاري ڪاغذن موجب منهنجي جنم جو سال پهرين مئي 1960آهي .پر مزي جهڙي ڳالھ اها آهي ته آمر ايوب خان جي الڳو ڪيل زوريَء تعليم جي قانون ۾ هر اسڪول جو ماستر پاڻ وٽ هڪڙو طفل شماري رجسٽر رکندو هيو ،جنهن ۾ ڳوٺ جي جنهن گهر ۾ ڪوئي ٻار ڄمندو هيو ته انهيَء جي داخال ڪندو ويندو هيو .ته جيئن ٻار پنجن ورهين جو ٿئي ته زوريَء تعليم جي قانون موجب کيس اسڪول ۾ پڙهڻ الِء ويهارجي ۽ جي ڪو مائٽ ٻار کي اسڪول نه موڪلي ته کيس سزا ڏجي .گهڻي وقت بعد جڏهن پاڻ ئي انهيَء اسڪول جو ماستر ٿي آيو هيس ته طفل شماري رجسٽر مان پتو پيو هيو ته اتي وري پنجين جنوري 1960آهي .اهو پنج ،هڪ سٺ ،مان ڦِري ،هڪ ،پنج ،سٺ ڪيئن ٿيو ۽ ڪهڙي ماستر کان ٿيو َتنهنجي ڪا خبر ڪانهيم ،پر اها سا خبر اٿم ته بابا ۽ امان اصل ۾ڪورا اڻ پڙهيل ُهيا ،کين ڪهڙي َ ڪ َل ته منهنجي جنم جا سال تاريخون ۽ ڏينهن ڪهڙا هيا !. . . .بس ايترو سو ياد ُهين ته منهنجي جنم وقت ايوب جي بادشاهي هئي .جنهن کي پاڻ آمريت جا ڏينهن چئي سگهون ٿا .ماڻهو چوندا هيا ته تن ڏينهين فوجي بابوئن کان خلق ڏاڍي ڊڄندي هئي. چوندا هيا ته اهي فوجي بابو ڪنهن جي به ڳالھ نه ُٻڌندا هيا نه سمجهندا هيا .اصل جهنگ ين سو ڪري گذرندا هيا .ڪنهن ڳالھ ڪئي هئي جي ماڻهن جيان جيڪي ُمنهن ۾ ايندو ُه ِ ته هڪڙي ڀيري فوجي صاحبن هڪڙيَء الريَء کي روڪي ڊرائيور کي ٻه چار ٿڦڙون هڻي ڪڪڙ بنجڻ جو حڪم ڏنو .موچڙن جي ُسوران جلدي جلدي ڪڪڙ بڻيل ڊرائيور ڪنجهندي َچ ُين ،سائين منهنجو قصور ته ٻڌايو؟ تنهن تي فوجي صاحبن کيس ٻه ٽي ُٿڏا هڻندي چيو ته الريَء جي ڇت تي ماڻهو ڇو ويهاريا اٿئي .ڊرائيور کي تڪڙو عقل اچي ڪري نه ويو هڪدم چيائين سائين ،الريَء جي ڇت تي ماڻهن جو سامان رکيل آهي ،سو ِ پوي ،انهيَء جي ڪري مٿي ماڻهو ويهاريا اٿم .تنهن تي همراھن خوش ٿي سندس ڏاهپ تي داد ڏيندي مڙس جي جان ڇڏي هئي ،پراڳئين ڊرائيور جي عقلمنديَء تي پويان ايندڙ ٻيَء الريَء واري ڊرائيور جي شامت اچي وئي هئي ،ڇو جو انهيَء الريَء جي ڇت تي ڪوبه ماڻهو ويٺل ڪونه هيو .هن هروبرو پادر کاڌا ته ماڻهو مٿي ڇو ڪونه ويهاريا اٿئي ،جيڪر 24
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪري پوي ته ڪير ڀري ڏيندو .اهڙا کوڙ سارا واقعا هوندا هيا ،بس يارڙن ڪنهن جو سامان ِ کي جنهن جيڪو ُمنهن ڏنو ،تنهن تي ڳنڍ ٻڌي بيهندا هيا ته ايندا ويندا َجهرڙجي ويندا هيا. ڏينهن ۾ منهنجو جنم ٿيو هيو. سو اهڙن مورن جي بادشاهيَء جي ِ امڙ سانئڻ ٻڌائيندي ُهئي ته منهنجو َڇٺيَء جو نالو عارب رکيو ُهيائون ،عارب جي نالي سان ابي جي ڪنهن پيڙهيَء ۾ ڪوئي وڏڙو شايد هيو تڏهن .پوِء اهو عارب سال کن تائين ته الڏ ڪوڏ ۾ عارب مان ڦري ُ عارو تائين جي منزل طيِء ڪري چڪو هيو .يا ڳوٺ ۾ ميگهواڙن جي اڪثريت ۽ اڌ نالي وٺڻ واري رواج تحت ايئن ٿيو هيو .۽ هر سال جي سياري ۾ بابا سائين جو مرشد ۽ زنده ولي پير بقا محمد قريشي مريدن وٽ ڏن پٽ الِء ايندو هيو ،سو جڏهن هتي آيو هيو ته بابا کي منهنجو نالو مٽائڻ جو حڪم ڏنائين ۽ پوِء سندس چوڻ تي منهنجو نالو عارب ۽ عاروَء مان ڦيرائي رکيائون امير بخش .جيڪ به اڳتي هلي ٿيو هيو اميرو .بقول امڙ جي ،منهنجي جنم جي وقت اسان جي گهر ۾ تمام گهڻي ُغربت هوندي ُهئي ،ايتري قدر جو رات جي ماني کائي ،رب جا شڪرانا ڪندي وري ُا َ ون ڪٿان آڻبو .۽ پوِء ڪڏهن ڪڏهن اوڙي پاڙي مان اٽي جو ڪبي ُهئي ته صبح جو کائڻ الِء ِ تس اڌارو وٺبو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن نيرانو ئي رهبو هيو ته ڪڏهن ڪڏهن ته نانو ،عرس خان ،اسان کي(امان ۽ جيجان) فجر جو ننڊ مان اٿاري ،جنڊ پيهڻ الِء سڏ ڪندو ُهيو ،ته اٿندي ئي وراڻينديون ُهيونسين “اباُ ،گنديَء ۾ ته َا ُن جو ته داڻو ئي ڪونهي ،ڇا پيهنداسين”؟ تڏهن نانو چوندو ُهيو ته ُپٽ توهان جنڊ تي وڃو ته سهي ،جام سارو َا ُن اتي رکيو آهي .۽ پوِء سچ به وڃي جنڊن تي ڏسنديون هيون سين ته ٽوال جي چئني پالندن ۾ چار ڳنڍيون ٻڌيون پيون هونديون ،ڪنهن ۾ سير ٻه ڪڻڪ ،ڪنهن ۾ سير ٻه ٻاجهر ،ڪنهن ۾ سير ٻه جوئر هوندي هئي .ايئن لڳندو ُهيو ته شايد نانو ُعرس ،رات جو ٻارن جي کائي پي ُسمهڻ بعد ،پنهنجي گهوڙي پالڻي اوڙي پاڙي جي َسرند سنگتين وٽان لڪ چوريَء لنگهي ويندو هيو ۽ ڪي َا َن ڪڻا ُاڌارا کڻي ايندو ُهيو .ڪڏهن ڪڏهن ،ويلن تي ويال پوندا ڪروڌ کان ُهيا ،ته مرحوم سائينڏني ڪنڀار جي گهرواري مرحومه رحم کائيُ ،مڙس جي ِ ٽ ۾ َا َن َ لِڪي ،پاڻيَء ڀرڻ جي بهاني سان دلي يا َم َ ڪڻا وجهي ،ڳوٺ جي پويان ننڍڙيَء کوهيَء تي کڻي ُپڄائيندي ُهئي جتان وري اسين پنهنجي دلي ۾ گهر کڻي اينديون هيون سين . .سائينڏنو ڪنڀار تن ڏينهين اسان جي ڳوٺ جي واڻين کان پوِء ٻئي نمبر جو وڏو ُتجار ماڻهو هوندو هيو .رائت مل وارن جيان هڪڙو وڏو َه ُ ٽ به هيس ،ته گڏوگڏ اڙيالن
25
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سان ڪڻڪ جي ڪچي ٻول به جام ڪندو هيو .جنهن مان هيڪوڻ جي ٻيڻ ملندي هيس. تنهن ڪري سندس گهر ۾ ان جا انبار پيا هوندا هيا. جنڊ تان ياد آيو اٿم ته اڳئين زماني ۾ گهرن جون وڏڙيون فجر جو ُاٿي جنڊ تي ڪڻڪ، جوئر ،ٻاجهر ۽ چانورن جو جو اٽو ِپيهنديون ُهيون ،عام طور فجر جي ٿڌڪار ۾ سانت ۽ ماٺار جي ُا َن ويل يا ته ڪارڪڻڇيَءجي مِٺڙي الت ُٻڌڻ ۾ ايندي هئي يا وري َج َ نڊ جي َگهرڙاٽ تي ماڻهو سجاڳ ٿيندا ُهيا .ڪو ماڻهو ڪيترو به غريب هجيَ ،ج ُ نڊ گهر ۾ ضرور ڪن قبيلن ۾ ڌيئرن کي ڏاج ۾ جنڊ ڏيڻ جا رواج ُهيا .هاڻ به ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو ُهيسِ ، گھرن ۾ جنڊ آهن پر جنڊ جو اٽو هاڻ ڪير ڪونه ٿو ِپيهي ۽ کائي .اڄڪلھ جي جوانن کي ڪير ڪهڙو هوندو هيو ته جنڊ جو تنوار ڪهڙو هوندو اها به خبر ڪونه هوندي ته جنڊ جو ِ هيو .انهي کي ته ڇڏيون پر اها به سوچڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جي ڳالھ آهي ته سنڌي هندن ۾ هڪڙو جنڊآهوڙا جي نالي سان قبيلو اڄ به موجود آهي .اڳي جنڊ آهوڙا هر ڇهين مهيني هر ڳوٺ مان ڦيرو ڪندا هيا ،جن کان ماڻهو جنڊن جي پٿرن کي آهوڙائيندا هيا .ڀانيان ٿو ڪارين ۽ ڪورين جيان انهن جو ڌنڌو ئي جنڊ آهوڙڻ هيو .ايئن ٿو لڳي ته تن ته ڪنڀارن، ِ ڏينهين جنڊ آهوڙڻ به هڪڙو ڌنڌو هوندو هيو .جنهن جي پويان اهي ماڻهو اڄ تائين جنڊ آهوڙا سڏجن پيا .جيتوڻيڪ بجليَء اچڻ بعد اسان جي ڏيھ مان جنڊن جو رواج ڪڏهوڪو موڪالئي ويو آهي .پر همراهن جي ذات ئي جنڊآهوڙا ٿي وئي آهي. تڏهن چانهه جو رواج ڪٿي به ڪونه ُهيو ،نه ڪنهن ڏٺي هئي نه ٻڌي هئي .هڪڙو چانھ جو ٻوٽو ٻنين ۾ ٿيندو هيو جنهن جا ساوا پن ڪوسي پاڻيَء ۾ ڪاڙهي زڪام جي عالج طور ُ وٺي هڻي ،ڌڻي جو نانُء ِ ماڻهوَء کي پياربا هيا .وڏڙا ننڊ مان اٿي ،منهن تي پاڻيَء جو ڇنڊو ِ صبح جا سائين تو ٻيڙي ٻني الئين جي دعا گهري ،اهلل توهار ڪري وڃي ڏاندن جي ڪلهن پيهي ٺڪر جي َتس ۾ رکنديون هيون. تي پاڃاري رکندا ُهيا .تيسين و ِڏڙيون جنڊ تي اٽو ِ مال مان کير ڏهي هڪڙي پاسي لئيَء جي تلهڙين مان ٺهيل کاري هيٺان رکي ،راتوڪو ڄمايل کير ولوڙي ،انهيَء مان مکڻ جو وڏو چاڻو ڪڍي ،چاڏيَء ۾ ٺهيل لسي ڍڪي کاري هيٺان ڪري ،پوِء وڃي ماني َء جا ٻه چار لوال َٿڦي اهي به رلڪي ۾ ٻڌي ساڳئي کاري هيٺان رکنديون هيون ، .تيسين ڳوٺ جو ڌراڙ اچي مال پهرائڻ جو هوڪو ڏيندو هيو، مايون مال مال پهرائي ،ڦرڙا اولي ۾ ٻڌي ،مال جو وٿاڻ ميڙي ،آال ڇيڻا ڀتين تي ٿڦي. جهڙوڪر گهر جي سموري ڪم ڪار مان وانديون ٿينديون هيون ۽ سج به جهڙوڪر ڪانو ٻه چڙهي ايندو هيو ،پوِء لوٽي َلسيَء جي ،مکڻ جي ڦوٽي سان َ ڪ َ ڇ ۾ ِوجهيَ ،اڳڙيَء ۾ ِ 26
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
راهي ٿينديون ُهيون .اتي پڄي مانيون ٻڌي ،گهر جي گهٽيَء کي ڊنگھر ڏئي ٻنيَء ڏانهن ِ پنهنجي َمردن کي ماني کارائي ،پوِء سڄو ڏينهن ساڻن ٻنيَء جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائينديون ،ٻنيَء جي ڪم مان وانديون ٿي وري مال جي گاھ کي لڳنديون هيون ،شام ڌاري جڏهن گهرن ڏي واپس ورنديون ُهيون ته ساوڙيَء ،ڏنھ ۽ ٻئي گاھ جون ٻه سگهيون ڀريون زال مڙس ٻنهي جي مٿن تي هونديون هيون .شام جي سانجڻ ۾به ،ٻه مانيون کير سان هرڪنهن کي ملنديون هيون ،جيڪي کائي وڏيون اوڳرايون ڏئي ،اوڳرائيَء اوڳرائيَء تي شڪرالحمد الهلل چئبو هيو .ڇا جا ٻوڙ ،ڇا جي ست رڇي .باقي ڪجهه به ڪونه هوندو هيو جو رڌجي يا کائجي.!!. وڏڙا ڳالهيون ڪندا ُهئا ته تن ڏينهين ديهه کاڻي مڱريا ۾ خليفي دائم مڱريو جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول االئي ڪهڙي سبب جي ڪري ڦِٽي بند ٿيو هيو ،رڳو اسڪول ڪونه ڦٽو هيو پر االئي ڪهڙيَء ُ ڪمهريَء جي ڪري خليفي دائم مڱرئي جو سمورو ڳوٺ به ڦٽي ڀِڙو ٿيو هيو .تڏهن رب سائينَءُ ،رگهي مل جهڙي ڪوري اڻ پڙهيل ميگهواڙکي االئي ڪيئن هيڪاندي همت ڏني هئي ،جنهن تعليم کاتي ۾ مقررسندس مائٽ ڪالرڪ معرفت، سرڪار وٽ درخواست ِڏني هئي ته خليفي دائم مڱرئي جي ڳوٺ جو ڦِ َٽل اسڪول اسان وٽ اچي آباد ٿئي .ڀانيان ٿو ته اهو زمانو 1961جو هوندوُ ،رگهي مل جي اها درڪاش (درخواست) قبول ٿي هئي .اسڪول جي بدلجڻ جو پروانو ڳوٺ ۾ اچي پهتو هيو ته سندس ئي اڳواڻيَء ۾ خليفي دائم جي ڳوٺان ،ڍڳي گا ِڏين تي اسڪول جون بينچون ،ماستر جي ميزُ ، ڪرسي ۽ رڪارڊ توڙي الئبرريَء جي ڪاٺ واري پيتي کڄي آيون هيونُ .رگهي مل، زميندار مير تاج محمد ۽ مقاطعيدار حاجي قيصر خان سان مشوري ڪرڻ بنان ،هِمت ۽ ُمڙسي ڪري ،پنهنجي خرچ سان ،هارين کان ڇيڙون وٺي ،ڳوٺ جي ُاڀرندئين ڇيڙي تي، مير تاج محمد جي زمين تي ئي اسڪول الِء َ ڪوٺي جوڙائ ِ ِي ،پنهنجيَء اوطاق تي ڪ ِچ ِي ِ ماستر جي رهائش جو بلو ڪيو۽ ماني جو ذمو به پنهنجي ِس َر تي کنيو .موٽ ۾ سرڪار اسڪول جو نالو ئي ڏنو ،گورنمينٽ پرائيمري اسڪول رگهو مينگهواڙ .گڏوگڏ رگهي مل الِء ڇھ روپيه ماهوار مسواڙ به مقررٿي هئي. ُرگهي مل جي اهڙيَء هِمت ،مير تاج محمد مرحوم کي کي چيڙائي وڌو هيو ،جنهن جي زمين تيُ ،جڙيل نئين اسڪول جو نالو ،بجاِء سندس نالي جي هڪڙي عام ميگهواڙ جي نالي پويان ٿيو هيو .گڏوگڏ ان وقت جي مقاطعيدار ،حاجي قيصر خان کي به رگهي مل جي اهڙيَء ُاٻهرائيَء تي ڏاڍي ڪاوڙ آئِي هئي ،جيڪو ايوب خان جي خاص وزير ،محمد 27
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
خان جوڻيجو جو گهاٽو دوست به ُهيو .گڏوگڏ اسان جي وڏڙن کي به اسالمي جذبو ان وقت جاڳيو ،ته مار اسان سڀ مسلمان رهياسين اتي اسڪول تي وڃي نالو پيو ميگهواڙ جو!!. مير صاحب ۽ مقاطعيدار جي ته ڪاوڙ ٺهي ٿي باقي اسان وارن جهونڙن ته حب علي ۽ بغض معاويه وارو قصو ڪندي هروڀرو جو رگهي مل تي پئي خار کاڌا .ڇو جو رگهي مل کي هت آڻڻ وارا هنن جا وڏڙا هيا ۽ سمجهيائون ٿي ته اسڪول تي نالو به سندن هجي ها. هونئن به منهجن ٻي ته ڪا ُٿوم ڪونه هئي ،جو ڪجھ ڪن ها ،باقي شام جي پهر ٻنيَء ٻاري جي ڪم ڪار مان واندا ٿي جيڪي وڏيرن جون ُٻڌل خبرون ڪندا هيا ،تن مان لڳندو هيو ته اڄ يا سڀاڻ مير صاحب يا قيصر خان ُرگهي مينگهواڙ کي اهڙيَء اٻهرائيَء واري حرڪت ڪرڻ ۽ اسڪول پنهنجي نالي کوالئڻ تي ڪنهن َ ڪڻاهيَء ۾ َترائي ڇڏيندا .پر پوِء به رگهو مل سنئين ڳاٽ هلندو رهيو ،سندس ڪن تي ڪائي جونَء ڪونه ُچري ۽ پنهنجيَء ُکٽيَء ُمئو .ڪنهن وڏيري وڙي هٿان سندس وار به ونگو ڪونه ٿيو هيو .۽ پوِء اهو اسڪول ُرگهي مل جي نالي پويان هلڻ شروع ٿيو۽ َا ُڄ ڏينهن تائين هلندو اچي .اهو ئي اسڪول اڳتي ه ِلي هن ڳوٺ ۾ تبديليَء ۽ ترقيَء جو اهم ٿنڀو ٿيو .اهو اسڪول نه ُکلي ها ته نه ئي آئون پڙهان ها ۽ نه ئي اڄ اوهان هي قصا ُٻڌي ۽ پڙهي حيران ٿيو ها .۽ نه ئي وري سڄو ڳوٺ پڙهي سگهي ها ،۽ نه ئي هينئر جا موجود کوڙ سارا ڪامورا هجن ها. پوِء جڏهن مون پنهنجي پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو ته انهيَء اسڪول کي ترقي وٺرائي پهريان مڊل اسڪول ۽ پوِء هاِء اسڪول تائين پهچايو .گڏوگڏ نياڻين جي پرائمري تعليم جي اسڪول کان وٺي مڊل تائين به الڳ اسڪول کواليو .انهيَء سڄي عمل ۾ڳوٺ جو ٻيو دوست جيرام جيڪو وفاقي وزارت اطالعات ۾ ڪامورو آهي ،سو هرگهڙيَء ٻانهن ٻيلي رهيو .۽ ڪي ڪيترا ورهيه اڳ تائين اهي اسڪول اهڙا هليا جو ضلعي جي اسڪولن ۾ اول اسڪول ڳڻبا هيا .پر پوِء جيئن سياسي صاحبن جي تعليم ۾ سياست شروع ٿي ته انهيَء سياست به اچي هنن اسڪولن تي ڇيھ ڪيو ،اڳي اٺ کن ماستر ۽ ساڍا ٽي سئو ٻار هڪيا تڪيا موجود هوندا هيا ،اتي هڪڙو ماستر َ ڪن ڪڍيو ويٺو آهي .نه هاِء اسڪول ۽ مڊل اسڪول جي بجيٽ منظور ٿي نه ماستر مليا ،ڇيڙون ڪري ،ڳوٺ جي واندن بي روزگار پڙهيل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کان ٻارن کي ٻه ٽي سال سبق ڏياريا سين .هوڏانهن سرڪار وٽ به دانهون ڪوڪون ڪيون سين ،پر نه ڪجھ ٿيڻو هيو ۽ نه ٿيو .نيٺ مجبور ٿي مونکي اڌ لڏو کڻي ٻار پڙهائڻ الِء شهر وڃڻو پيو.
28
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٺيڪ انهن ڏينهن ۾ جڏهن اسڪولن ۾ تعليم جو تي تارو کوٽي ڪڍيو ويو هيو ۽ مون کي ٻار پڙهائڻ الِء مجبوريَء ۾ پنهنجي اڌ َمڏي شهر کڻي وڃڻي پئي هئي ،تڏهن هن تر ۾ ُملپ زور شور سان وڌڻ شروع ٿي هئي ۽ عرب ملڪن جي مدد سان هنڌين ماڳين بهترين عمارتن وارا مدرسا کلڻ شروع ٿيا هيا .تڏهن حاجي محمد اسلم به دين جي خدمت ۽ ثواب خاطر ٻارهين ميل تي به هڪڙو مدرسو کواليو هيو .جنهن کي هالئڻ وارو به پنهنجو ئي ڇوڪرو هيو ،۽ پنهنجي ڇوڪري ُملپ جي شوق ۾ توڙي پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ الِء هوريان هوريان ڳوٺ جي مسلمان ٻارن کي ريهي ريڀي اسڪول مان ڪڍرائڻ شروع ڪيو هيو .غربت جي لڪير کان هيٺ پهتل ڳوٺاڻن مدرسي ۾ مفت جي مانيَء جي الالنگهي تي کوڙ سارن مائٽن ٻارن کي دنيوي تعليم جي جنجهٽ کان ڪڍي ديني تعليم ڏيارڻ الِء مدرسي ۾ موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو .باقي رهيل مينگهواڙن جي ٻارن تي وري هٿڙو ڦيريو ڳوٺ جي هڪڙي مينگهواڙ جوان ،جنهن جڏي ڦڏي اين جي او ٺاهي سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن کان ڀر واري ڳوٺ ۾ اسڪول ورتو هيو .تنهن وري امداد م لڻ جي آسري تي ٻار گڏ ڪري پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ جي ڪئي .هاڻ جڏهن به ڳوٺ وڃڻ ٿئي ٿو ته ڀڙڀانگ ٿيندڙ اسڪولن جي بهترين عمارتن کي بي واهو ٿيندي ڏسي اکيون ڀرجيو اچن .ڀائنيان ٿو ته رگهي مل جو روح به اسڪولن کي ڦٽندو ڏسي تڙپندو هوندو .پر گهڻي ڦٽ لعنت آئون پنهنجو پاڻ تي ڪندو آهيان ته ڪاش نوڪريَء سانگي ۽ پنهنجي اوالد کي پڙهائڻ جي چڪر ۾ ڳوٺ کي نه ڇڏيان ها ۽ پاڻ ئي ويهي خدا ڪارڻي اهي اسڪول هاليان ها ته ڪيڏو نه وڏو ثواب ٿئيم ها. ها سو ڳالهه پئي َه ِلي منهنجي جنم ۽ َڇٺيَء جي نالي بدلجڻ جي ،امڙ ُٻڌائيندي ُهئي ته ڇهن مهينن اندر کيس اڌ رنگ جي بيماري ٿي پئي ،جسم جو ساڄو منهنجي جنم جي ِ پاسو ُسڪي ُس ُن ٿي ويو هيو ،منهن ڦري وڃڻ سبب زبان به بند ٿي وئي هئي ،ڇاتين جو کير ُسڪي ويوهيو .حال سارو ُستيونَ ،ڦڪيون ،حڪيمن۽ ڊاڪٽرن جون دوائون ٿيون ُ َ ئي هيون ،پر فائدو ڪٿان به ڪونه ٿيو هيو .ايئن سڄو سال گذري ويو ۽ امڙ کٽ تي پ ِ ُ َ يتي، رهي .۽ منهنجي پرورش خان محمد جي والده ڪندي رهي .مون ٿ ِڃ به انهيَء جي ِپ ِ ائين اسين ماروٽ پڦاٽ مان ڦري َٿ ِڃ شريڪ ڀائر به ٿيا سين .سندس ُان پرورش ڪري يجي ۽سندس چيچ جهلي ڌرتيَء تي پهريان قدم رکڻ ڪري ،ٻاروتڻ کان کيس ِجيجان ۽ ِج ِ ڪري سڏيندو ُهيس .مرحومه جيستائين جيئري هئي آئون کيس جيجي ئي سڏيندو ُهيس ۽ حقيقي امڙ کي امان چوندو هيس. 29
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ها جڏهن امان کي مِلندڙ ڄٽڪين ُستين ۽ َڦڪين ڪوئي فرق نه ڪيو هيو ،ته هِن ُهن جي َڏسن تي وڏڙا تعويذ ۽ ڦيڻي وارن پويان لڳا هيا .ايئن ُپڇائون ڪندي ڏس پوڻ تي نانو گل حسن (امان جو چاچو) َٿ َر جي نامياري فقير رحم علي وسائي پوٽي وٽ اسالم ڪوٽ لڳ کانکڻهيار رحم عليَء وڃي پهتو ۽ امان الِء ڪي تعويذ وٺي آيو هيو .چون ٿا ته انهن تعويذن ذريعي امان جي طبيعت ڪجھ صحيح ٿي هئي .ڇهن مهينن بعد اوچتو سندس ُ لي پئي .امڙ ساڄي هٿ ۽ پير ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ،۽ هڪڙي ڏينهن زبان به اوچتوک ِ جي مِٽن مائٽن خوشيون ملهايون ۽ تاهري ڀت جي ديڳ خيرات ڪري معصومن کي کارائي هئيُ .انهيَء وقت رابطي جا ٻيا ذريعا نه هوندي به نانو گل حسن واپس موٽندي فقير رحم علي کان خط جي ايڊريس َوٺِيو آيو هو .امان جي ٺيڪ ٿيڻ تي ڳوٺ جي ماستر کان خط لِکائي ،فقير رحم عليَءکي امان جي خيريت ۽ چڱڀالئيَء جو اطالع َ ڪرايو هيائين .ڪجهه عرصي بعد فقير رحم علي صاحب ُاتر جي سفر کان واپس موٽنديُ ،پڇائون ڪندو اسان جي ڳوٺ ۾ آيو هيو ،۽ امڙ کي پوتي پارائي ِڌيَء ڪوٺيو هيائين .۽ پوِء جيستائين جيئرو هيو ،تيستائين سال بر سال ڌيَء جي سنڀار لهندو ايندو هيو .۽ ڏڪار جي سالن ۾ پنهنجا ڍور هتي ڇڏي ويندو هيو ،جن کي چارڻ الِء امان سڄو ڏينهن ٻنين مان ساوڙيَء جي گاه جون ڀريون ُلڻيَ ،مٿن تي ڍوئي ،انهن ڍورن کي کارائيندي ،چوندي هئي ته منهنجي ابي جو مال آهي ،آئون ڇو نه گاھ ڪريان!!. آئون ستن سالن جي ڄمار ۾ امان ۽ نانا گل حسن سان گڏجي پهريون ڀيرو ٿر ويو هيس، ياد اٿم ته تنهن زماني ۾ ٿر جو سفر سڻائو ڪونه هيو ،۽ اسان مانيون ۽ ڳڙ ڳنڍ ۾ ٻڌي، فجر جا نڪتل سج لهڻ مهل نئين ڪوٽ پهتا هياسين .جتان کان اڳتي روڊ رستو ڪونه هيو ۽ اڳتي جو سفر کيکڙي ۾ ڪرڻو هيو جيڪو سامان ،مال ۽ ماڻهن سان سٿجي لڙيَء رات جو مٺيَء الِء نڪتو هيو ،ورندي رات مٺيَء مان به ايئن ئي سالم ڪوٽ الِء نڪتاسين ۽ ٽين رات سالم ڪوٽ ۾ وڃي ُپڳاسين .ٿر جي کيکڙن تي ٽِن راتين جا اهي َاڻانگا سفر، ُبکونُ ،اڃون ۽ اوجاڳا اڄ به منهنجي دل تي اڪريل آهن ،سالم ڪوٽ کان کانکڻهيار رحم عليَء الِء فجر ويل پنڌ نڪرڻ واريون اهي گهڙيون به چٽيون ياد اٿم ،جڏهن هوٽل تان چار مانيون ۽ ڳڙ جون ٻه ڳنڍيون ٻڌي ،سانداريَء ۾ پاڻي کڻي اسان ٽن ڄڻن جي قافلي پيرين پنڌ اتر اولھ طرف فقير صاحب جي ڳوٺ الِء پنڌ کي هوڪاريو هيو .اهو پنڌ ته االئي ڪيترا ميل هيو سو ياد ڪونهيم پر اهو ياد اٿم ته اسان فجر جا نڪتل سج لهڻ ويل کانکڻهيار رحم علي پهتا هياسينُ .ان سفر جون ڪي ٿڌيون يادگيريون اڃان به دل ۽ سانڍيل اٿم. 30
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
فقير رحم علي ،ڳاڙهيَء ڏاڙهيَء سان ڪرڙوڍ مڙس ُهيو ،ڏاڙهيَء کي َوٽي ِسکن جيان ڳنڍيون ڏيئي َٻڌندو ُهيو ،کٽ تي ويهندو هيو ته َاالئي ڪهڙيون َاڻ ِڏٺل قوتون کيس بلور، ننڍڙا َپٿر ۽ ٺ ِڪريون ُاڇالئي ِپيون هڻنديون ُهيون .پاڻ هٿن سان اشارا ڪري پيو چوندو ُهيو ،ڇورا ڇڏيو تنگ نه ڪريو .اڙي تنگ نه ڪريو .اسين ننڍڙا ٻار اوسي پاسي ۾ ڪنهن کي نه ِڏسي َپڪ سمجهندا ُهياسين ،ته فقير ِج َن ِن۽ ڀوتن سان پيو ڳالهائي ،۽ جن ،ڀوت ئي کيس ڀتر ،ٺڪر ۽ بلور هڻي پيا تنگ ڪن .انهيَء اسرار جي پڇڻ جي نه اها عمر هئي ۽ نه ئي اهڙي همت هئي جو هيڏي َڏيا ۽ حشمت واري فقير رحم عليَء کان انهن ڀترن ۽ بلورن هڻڻ وارن جو پڇي سگهون .بس اها سا پڪ سمجهندا هياسون ته فقير صاحب ڪا وڏي ازغيبي قوت رکندڙ ماڻهو هيو .مرحوم ايستائين پيو اسان جي َت َر ڏي اويل سويل ڀيرا ڪندو هيو ،جيستائين امان ۽ بابا حياتيَء ُهيا .پوِء جي ڪا خبر نه رهيم ته فقير سائين جيئرو به آهي يا نه. انهيَء زماني کان اٽڪل 43ورهين بعد 2009۾ آئون هرو ڀروَء جو وڏو ماڻهو بڻجي ،ٽانِء ۾ ڀريل ڪنهن ڪاموري جيان ڪروال ڪار َ ۾ٿ ُر گھمڻ سانگي ٻارين ٻچين ويو هيس ،۽ اسالم ڪوٽ جي سرڪٽ هائوس ۾ رهيل ُهيس .هڪڙي ڏينهن ٿر جي روڊن تي گهمندي گهمندي وڃي ساڳئي ڳوٺ ۾نڪتو ُهيس .االئي ڪيئن مون کيُ ،اهي ڀٽون ُ ۽اهي چونرا ِ ِ ِڏٺل وائٺل لڳا هئا .خاص ڪري فقير سائينَء جي ڳوٺ کان ڏاکڻي اولهندين ڪنڊ واري پاسي واري ُاها ڀِٽ ،جنهن جي چوٽيَء تي ٻين ٻارن سان گڏ چڙهي ،پنهنجو پاڻ کڻي ڇڏيندا هياسون ته واريَء ۾ گسڪندا اچي هيٺ ڪرندا هياسون ،سا ته ايئن هينئين تي ُاڪريل هئي جو ڀانِء هينئرئي هن ڀ َ ٽ تي ليٿڙيون پائي ويو هجان .نيٺ اڳيان ُکتل ،ڳوٺ جي ِ نالي جو بورڊ پڙهي ياد آيم ته هي اهو ئي فقير رحم عليَء جو ڳوٺ آهيِ ،جتي بچپن ۾ امڙ سان گڏ آيو ُهيس .ايئن دل ۾ آيو ته ڇو نه انهن ماڻهن جي پڇا ڪريان جن وٽ راتيون رهي ويو هيس .گاڏيَء مان لهي وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻڻ لڳس .تڏهن ُاتي موجود هڪڙي پوڙهي وڌي اچي کيڪاريو .جنهن جي پوِء خبر پئي ته پنهنجي دور جي ڀلوڙ شاعرُ ،سگھڙ ۽ درويش حاصل فقير جو پٽ هيو .ساڻس ڳوٺ گام سميت پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرايم ،پر کيس نه منهنجو نالو پلئه پيو ۽ نه ئي ڳوٺ ُسجهيس .فقير رحم عليَء سميت گهڻا تڻا وڏڙا پنهنجو پنهنجو وارو وڄائي وڃي ُچڪا هيا .جيڪر حياتيَء هجن به ها ته به مون کي ته ٻار ئي ڏٺو هيائون ،سي سڃاڻين ڪونه ها .سو انهيَء حاصل
31
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
فقير جي ُپٽ کي چيم ،ڀائو اسين فقير رحم عليَء جي گھر جا مهمان آهيون ،سندس اوالد مان ڪو هجي ته مالِء. ٿر ۾ پاڻ وارا حجاب ۽ پردا ٿين ئي ڪونه .سو ُهن همراه اسان جي سموري ڪيڙ کي وٺي اچي فقير صاحب جي گھر ُپڄايو .ايڪڙ ٻيڪڙ ُجهونڙيون ِج َ يئريون ُهيون ،فقير صاحب جي گهر واريَء سان ملياسين .نالو ٻڌايم “اميربخش” .۽ ذات شر ٻروچ ،ويٺل ٻارهين ميل جو .پوڙهيَء ڳچ تائين ذهن تي زور ڏنو ،پر تحت الشعور کان الشعور تائين به منهنجو نالو ياد ڪونه آيس .چانھ پاڻي پيارڻ بعد گهڻيَء دير کان پوِء ويٺي ويٺي پڇيائين ،اوهان لڳي ،فقير مرحيات جا پري پري تائين شر قبيلي شر آهيو نه؟ اسان جي ها چوڻ تي پڇڻ ِ سان واسطا هيا ،پر 12ميل جي شرن جو ذڪر ڪڏهن مون سندس واتان ڪونه ُٻڌو هيو. ايئن چئي وري پڇيائين ته ڀال اوهان سمي جوڻيجي جو ڳوٺ ڏٺو آهي؟ منهنجي ۽ منهنجي َ جي هڪڙيَء شرياڻيَء گهر واريَء جي ها چوڻ تي ٻڌايائين ته “سمي جوڻيجي جي ڳوٺ ِ کي فقير سائين ڌيَء ڪري سڏيندو ُهيو .کيس هڪڙو ُگلن جهڙو ُپٽڙو ُهيو ”اميرو“ .ڀال ُانهيَء اميري کي سڃاڻو ٿا؟ ۽ جڏهن کيس ٻڌايو هيوسين ته اهو ئي اميرو هيُء آهي، جيڪو هاڻ اميربخش ٿو َسڏجي ،سوئي اوهان سان ملڻ آيو آهي ،ته ِڳراٽڙيون پائي روئِي لڳي ،اچو ڏسو منهنجو ڏوهٽو 40سالن اوڙي پاڙي ۾ آباد ڌيئرن ۽ ُپٽن کي سڏي ُٻڌائڻ ِ سي۽ کين ياد ڪري منهنجا ُلڙڪ به الرون ٿي َهليا بعد آيو آهي .تڏهن ماُء پيُء جا واسطا ِڏ ِ ُهيا ۽ بند ٿيڻ جو نالو ئي نٿي ورتائون .انهيَء ڏينهن ماُء پيُء جي واسطي سان مليل عزت ۽ ُ مان ڏسي منهنجو اوالد به حيران پئي ٿيو. سو ڳالهه پئي هلي ڳوٺ جي ُکليل نئين اسڪول ۽ ُانهيَء جي کوالئيندڙ ُرگهي مل جي، رگهي مل جي همت هن تر جي غريب مسڪين ماڻهن کي تمام گهڻي ڪم آئي هئي ،ڇو جو گهڻي ڀاڱي سڀني جا ُپٽڙا اسڪول پڙهڻ الِء ويٺا هيا .گهڻو پوِء انهيَء اسڪول جا گهڻا تڻا پڙهيل ڇوڪرا وڃي ڪامورا به ٿيا هيا ،پر ٿلهي ليکي هرهڪ گهر مان هڪڙو ٻه ماڻهو پڙهي پيا هيا ،جيڪي پنهنجا ليکا چوکا پاڻ ڪري ،وڏيرن ۽ سيٺين جي قرضن ۽ سورن کان آجا ٿي رگهي مل کي دعائون پيا ڪندا هياُ .رگھي مل جو نانا ُعرس خان سان دينپو تمام گهاٽو ُهيو ،جنهن کي ڍاٽڪيَء ۾ َڌرميلو چوندا هيا .ڳوٺ ۾ اڪثريت مينگهواڙ قبيلي ِجي ُهئي .سندن ريتمن رسمن موجب ،رگهي مل سان َڌرميلي جي ڪري ،عرس خان جي نياڻي ،رڳو عرس خان جي نه پر سڄي ڳوٺ جي نياڻي ُهئي .سڄي ڳوٺ جا مينگهواڙ َ دي سڏيندا ُهئا ۽ آٌء به ٻاتِڙيَء ٻوليَء ۾ سڀني کي مامو چوندو هئس .جيئن ته امان کي ا ِ 32
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
رگهي مل کي ِڌيئاڻو اوالد ئي ڪونه ُهيو ،سندس گهر واري ۽ هو پاڻ امان کي سڳيَء ڌيَء ُ ياريَء ،ٽ ِ َ جيترو ُ يج ۽ ٿڌڙيَء تي امان ڌيَء مان ڏيندا هيا ،شاديَء ُمراديَء ،عيد َبراد ،هوليَءِ ،ڏ ِ جيان ڪوٺِجي ويندي ُهئي .۽ ڌيئرن جيان ويس وڳا کيس ملندا هيا .جيئن ته ُرگهي مل جو گهر اوڙي پاڙي نه پر پوري راڄ ۾ سڀني کان ُسکيو۽ َس ُ رند به هوندو هيو ۽ تنهن ڪري واري، اوڙي پاڙي جي ماڻهن الِء حڪمت ۽ ڊاڪٽريَء جو درجو رکندو ُهيو ،سندس گهر ِ ُستيون َڦڪيون سانڍي رکندي هئي .جيڪي آئيَء ويل هر ڪنهن کي ڪم اينديون ُهيون. تڏهن ڊاڪٽريون ٻاڪٽريون وڙلي ڪي ُٻڌبيون هيون ،تپ تاُء به ايترا ڪونه هيا ،ماڻهو ُستين ۽ ڦڪين تي گهڻو ڀاڙيندا هيا .سي آڌيَء توڙي اسر جو رگهي مل جي گهران هڪيون تڪيون حاضر ٿي ملنديون هيون .رگهي مل جي اوطاق به اوطاق هئي ،هلندي نه پر َوهندي هئيِ ،ويهارو َک ُن َک ُٽون هميشه ِوڇايون پيون هونديون هيون .اونهاري ۾ پاڻيَء جون ڇٽڪارون ٿينديون رهنديون هيون ،هندو توڙي مسلمان مهمان هوندا ُهيا ،مسلمانن الِء ڪچو سيڌو اسان جي گهر ڏي يا منوَء ڪنڀار جي گهر ڏي رڌ پچاُء الِء ڏيندو ُهيو ،ويلي تي ڀلي پنجاهي مهمانن جو ڪٽڪ اچي وڃي پر رگهي مل جي ُمنهن ۾ حرام ڪو ُگهنج پوي .ڪلهي تي رکيل انگوڇي سان پيو مکيون هڪليندو ۽ مهمانن کي چوندو هيو ته اڃان ڪجھ کاُء ،اڃان به ڪجھ کاُء .هوڏانهن هندو مهمانن کي سندس گهر واري هٿن سان مانيون پچائي کارائيندي ُهئي .ايتري قدر جو الباري جي وقت ٿر جي مختلف ڳوٺن جا مينگهواڙ مزدور ،ٽولن جي صورت ۾ ُرگهي مل جي اوطاق تي ٽِڪي ،مفت جون مانِيون کائي پورهيو پنهنجي الِء ڪندا ُهيا .پر اسان ڪڏهن به رگهي مل جي گهر واريَء کي گرمي توڙي سرديَءُ ،جهڙيَء توڙي ُڦڙيَء مانيون پچائيندي ُمنهن ۾ ڪو َس ُر ڪونه ڏٺو هيو .ٻئي زال مڙس چوندا هيا ته ابا ،ماني ڪاني آهي. رائت َمل جي دوڪان کلڻ بعد اوڙي پاڙي جا ننڍا ننڍا وڏيرا به ڳوٺ ۾ سندس دڪان تي اچڻ لڳا هيا ،جن مان قالو ڪيريو ۽ دودو ڪانهيو نالي وارا ۽ اهم هوندا ُهيا .ناني ُعرس جو به ساڻن واسطو هوندو ُهيو .انهن کان پوِء سندن اوالد عالم ڪيريو ،احمد ۽ محمد ڪانهيو به ايندا رهندا هيا .سيٺ رائت مل هر مهيني ۾ هڪ رات َست َس ُ نگ ڪندو ُهيو، جنهن ۾ گهڻو ڪري مِٺي ِسيري جي ديڳين جي خير خيرات ٿيندي هئي .جيڪا اسان جا مائٽ به کائيندا هيا ته اسان کي به کائڻ کان ڪونه جهليندا هياَ .جهل هئي نه هئي ته مينگهواڙن جو رڌل پچايل کاڌو ڪونهي کائڻو ،ڇو جو اهي هندو آهن .آئون سوچيندو هيس هندو ته واڻيا به آهن پوِء انهن جو ڇو ٿا کائون؟ اها ڳالھ سمجھ ۾ ئي ڪونه ايندي 33
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيم .ها رائت مل جي انهيَء ست سنگ بعد رات جو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي ُهئي، ڄنن بعد شاه جون وايون سيٺ جو مالزم َديالو مل ،باجو کڻي ويهندو هيو ته مذهبي ُڀ ِ مٺڙي آواز ۾ آالپيندو ُهيو .چوندا ُهيا ته َديالو مل گهراڻي گهر جو ٻار ُهيو ،سندس وڏڙن ُهن جي تعليم ،تربيت ۾ راڳ رنگ تي به زور رکيو ُهيو ،وقت ۽ حالتون ڦريون ته مائٽن جي ڪنگال ٿيڻ بعد ،هو پاڻ ٻئي جي در جو نوڪر بڻجڻ تي مجبور ٿيو ُهيو ،تڏهن ته َ يسُ .ان هوندي به ڪڏهن اندر مان درديال آالپ ڪڍندي نيڻن جا ڪٽورا ُڇلڪندا رهندا ُه ِ ڪڏهن ساڻس گھڙي يا پڪواز تي سنگت ڪندڙ بينجهي مينگهواڙ ۽ ٽيڪئي مينگهواڙ جي ليَء مان ٿِڙي وڃڻ تي ،کين راڳ روڪي هڪل ڪري دڙڪا به ڏيندو ويندو هيو. بابا ڳالهيون ڪندو ُهيو ته انهيَء زماني ۾ چوريَء جو وڏو آزار هوندو هيو .سڄي ڏينهن ٻنين ۾ لِڱ ِولوڙي َه ُچ ٿيل ،هاري راتين جو وري پنهنجي انڌيَء منڊيَء مال مڏيَء تي پهرا ڏيئي سج ُاڀاريندا هيا .تن ڏينهين اوڙي پاڙي جي ڳوٺن جي ڀيٽ ۾وري اسان جي ڳوٺ مان چوريون تمام گهڻيون ٿينديون هيون ،پر ايئن چئجي ته گهڻا تڻا سيکڙاٽ ۽ وات ڳاڙها چور ته پنهنجو ُ هٿ ئي اسان جي ڳوٺ جي چورين تان َپڪو ڪندا هيا .ڇو جو ڳوٺ سڄو هيو غريب ميگهواڙن جو ،باقي اسان شرن جا ٻه ٽي گهرڙا ،سي به ڪهڙا وري شر؟ نه َ ڪن چوري نه َچڪاري ،نه جهيڙو نه ڦڏو ،نه اچين ڪڏهن ورهڙو نه وري ڪنهن جو ڪو مال به ٻڌن .مڙوئي ويچارڙا پيٽ جي پاندي پوري ڪرڻ ۽ َ ڪن لڪائڻ ۾ پورا هوندا هيا .ٻئي پاسي جي مِٽن مائٽن جا هِتان ُهتان چوريَء جي مال هڻڻ جا واڄٽ پيا وڄندا هيا. پر هتي ٻيو ٿيو خير .ٿيندي ٿيندي پوِء ته َڀتين پوتين ،مِٽ مائٽ به اسان جي وڏڙن کي شرن بجاِء ُرگهي جي ڳوٺ جا ميگهواڙ چوندا هيا .نه جهيڙو نه ڦڏو ،نه اڙي نه َسڙي ،نه اِڙتي نه ڦِڙتي ،پوِء ڇا جا شر!!! سو انهيَء َ ڪن لڪائڻ واريَء ڪار تان نيٺ هڪڙي ڀيري ڪي ٻه چور ،اسان جي ڍڳن جو جوڙو به ڪاهي ويا هياَ ،ورهڙا َٻرهڙا هلي گهمي موٽيا ،پر چورن پير ايئن لِڪايا ڀانِء ڍڳا توڙي چور آسمان ِڳهي ويو هيو .پوِء سائين راڄ برادريَء ۾ ،اوڙي پاڙي ۾ ،سنگت ساٿ ۾ ،مِٽن مائٽن ۾ وڏيون وڏيون وڙولون هليون ،ميڙون منٿون ٿيون ،چئوچوائون ٿيون، هِن ُهن تي بار پيا ،روز جا آسرا ،وڏڙا ويچارا ڏينهن لڙئي جو وٿاڻين وري ،ٿڌا شوڪارا ڀري ،هڪ ٻئي سان حال حوالي ٿينديَ ،تر جي ڏاڍن مڙسن جي ڪالڪ اڌ ساراھ ڪري، پوِء اصل ڳالھ تي ايندا هيا ته هائو ٻيلي انهيَء همراه اڄ پڪ ڏني آهي ته ڏينهن ٻن ۾ ڪم ٿي ويندو .اهڙن اڄ سڀاڻ جي آسرن ۾ ٻه چار مهينا لنگهي ويا ،پر ڍڳا نه موٽڻا هيا سي نه 34
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
موٽيا هيا ،تڏهن زمينداربه ٺوڪي اسان جي هارپ جي َٻني بند ڪري ڇ ِڏي هئي ،چئي بابا ڍڳن کان بنان هارپو ڪهڙو؟ هاڻ ته نسورو ويل ٿي پيو ،ڍڳا ڇا ويا گذر سفر جو وسيلو، هارپي جي ٻنيَء جا چار ٻارا به ُڦرجي ويا .تڏهن زالين ُمڙسين همراهن جا ڍڳن جي ُ آهري ڏي ڏسي ٿڌا شوڪارا نڪري ويندا هيا .اڄ ته قصو ئي اور آ ،هتان مال ڪاهيو ،سواريَء ۾ هنيو پنجين ضلعي جي ِپڙيَء ۾ وڪامي به ويو ،پر اڳي ايئن ڪونه هيو ،سال سال تائين ماڻهو چوراڻي مال کي پيا چاريندا هيا .اسان جو هڪڙو عزيز مرهيات يوسف نالو هيس سو ڪم جو ڪو بنهي ٽوٽِي هيو ،سوبه خاص ڪري گاھ َپٺي کان ته ُٺپ َٻرو چڙهندو س تان ڪنهن نه ڪنهن جو هيس .تنهن جي کيتي هوندي هئي ،ته ٻجائيَء جي ٽائيم تي ِد ِ جوڙو ڍڳن جو هڻي ايندو هيو .ٻجائي ڪڍي وري اهي ُڀنگ تي واپس ڪري ڇڏيندو هيو. ڪاريگري اها ڪندو هيو جو اوڙي پاڙي مان مئل ڪڇي ڍڳن جا ڪارائيَء سان ڪتريل ِسڱ ،هڏوارن کان وٺي گهر ۾ رکي ڇڏيا هيائين .ٻجائيَء جي ڏينهن ۾ چوراڻي جوڙي کي اهي ِسڱ پارائي ،پيو کلئي عام ٻنين ۾ وهائيندو هيو .چون ٿا ته هڪڙي ڀيري چوراڻن ڍڳن جو اصل ڌڻي ڪو اچي اتان النگهائو ٿيو ،جتي هن ُمڙس پئي هر کيڙيا .سو ڍڳن جي ٽور ڏي ِڏسي ،شڪجي بيهي رهيو ،۽ هن همراه کي چوڻ لڳو ير خدا جي قدرت ته ِڏس!! منهنجن چوري ٿيل ڍڳن ۾ ھنن ڍڳن جي رنگ روپ ،پنڌِ ،وک ،پر ڪنهن به ڳالھ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي ،آهي نه آهي ته تنهنجا ڍڳا ڪڇي آهن ۽ سڱ بنهي وڏا اٿن ۽ منهنجن جا سڱ بنهي ُمٺيانوان هيا .نه ته هِي به ُهو َبهو نِس ِپس جهڙا منهنجا ڍڳا .چون ٿا ته ان زماني جا چور ُدشمنيَء ۾ يا ڪنهن َ پل َو پاند ۾ ڪنهن جا ڍڳا ڪاهيندا ُهيا ،ته اڳلي سان وير پارڻ الِء انهن گگدامن کي ڪوسي پاڻيَء جا ُڍڪ ِڏيندا ُهيا ،پوِء َڀ ِلي ته ُاهي ڏاند ُڀنگ تي يا ُکريَء تي موٽي به اچن پر سندن اندر ۾ اوتيل ڪوسو پاڻي َس ُ ندن آنڊا ساڙي ُ ُ ُ ري ويندا ُهيا .اڄڪلھ ته ماڻهو چانهه ڇڏيندو ُهيو ۽ ٿورڙن ِڏ ِ ڙي َم ِ ڙي چ ِ ينهن اهي ڏاند چ ِ جي نالي ۾ ڪوسي پاڻيَء جا ڪيڏا ڪوپ آنڊن ۾ ٿا اوتين!!! جي هن ِ خير ڳالھ پئي ڪئي سون اسان جي ڍڳن جي جوڙي جي چوريَء جي ،سو َڇ ِ مهينن ِ ڀڄ ڊوڙ ۽ هِن ُهن کي ميڙن منٿن بعد اهي ڏاند ،ٽي سئو ُروپيه ُڀنگ تي مِلڻا ٿِيا هيا .تڏهن ٽي سئو به وڏي ڳالھ هيا ،تن جي الِء اسان جي وڏڙن کي هڪڙي ُسوئا مينهن ،هڪڙي ڀلوڙ ڍڳي ۽ هڪڙي گاه ُ ڪڻڻي پئي هئي ،نيٺ اهو ٽي سئو روپيا ڪتر ڪرڻ جي مشين ِو ِ ِ ُڀنگ ڀري ڍڳا ورائي ڏاڍا خوش ٿيا هيا ۽ هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون هيائون .هوڏانهن ُ وٿاڻ خالي ڏسي ،ڪيترا ئي ڏينهن گهر جون وڏڙيون ،ٻن ڍڳن جي بدلي ۾ سمورو 35
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُسڏڪنديِون رهنديون هيون ۽ نانو عرس وري هٿ ک ِڻي چورن کي پاراتا ڏيندو رهندو هيو. ماڻهو چوندا هيا ته نانو عرس اهلل وارو ۽ درويش منش هيو ،سندس دعا ِپٽ لڳندي هئي. سا انهن چورن کي به َرسي هئي ،جيڪي ٻيئي جوانيَء ۾ ئي هلي ُچريا هيا .اها ته خبر خدا کي ته اهي ناني عرس جي ِپٽ سان پورا ٿيا هيا يا پنهنجيَء ُکٽيَء سان .پر اها سا خبر اٿم ته نانو وڏو نا ِظ ُ رو هيو .شل نه ڪا شيِء وڻيس ،اتي جو اتي ٻوالئي چوندو هيو ته ادا منهنجي ڪانِي وهِي وئي .ماڻهو چوندا هيا ته نانو عرس ڪنهن تي ڪاوڙبو هيو ته ،اڳلي کي ٻوالئي چوندو هيو ،ڀائو هاڻ وڃي پاڻ سنڀال پنهنجي ڪاني لڳي وئي اٿئي .چوندا هيا ته ڪنهن جي به ڪنهن شيِء ڏي دل سان نهاريندو هيو ته ُاها ُاتي جو ُاتي ٽِڙڪي پوندي هئي .مامو ڳالھ ڪندو هيو ته هڪڙي ڀيري ڪو ٻٻر پاڙان ڪڍڻو هيو .ناني کيس انهيَء ڪم تي لڳايو ۽ پاڻ گهران ماني کڻڻ ويو ،ڪالڪ اڌ ۾ جيسين مڙس َو ِريو ،تيسين مامي ٻٻر کي وڃي باَقي ڪو ڇڏيو هيو .همراه موٽندي ئي ،چيو هل ڙي مڙس تنهنجون فلڪون !!.ايئن چئي هڪل ڪيائينس ته هاڻ ُکڙين تي زور رک ۽ ڀڄي جان ڇڏاِء ،منهنجي ٽارين جا ڪاني َوڙهل اٿئي .همراه گهڻو ئي ڀڳو ،۽ ٻٻر به ڏانهس وريو ،پر پوِء به ٻٻر جي ِ ُ ڇانبر وڃي ُکڙين ۾ لڳس. مامو هڪڙي ٻي به ڳالھ ُٻڌائيندو هيو ته َوهيَء ۾ بنهي سگهو هيس ،زور ايترو هوندو هيو ،جو َ ڪرڙ جي ڪمداريَء ۾ سان پاڏي جيان ٽاڏيون ڏيندو وتندو هيس .هڪڙي ڀيري ِ مان ڪڻڪ جي گاڏي ڀرڻ ويس .اڍائي َمڻيون ٻوريون يڪي ِسر ڀاڪر ۾ کڻي گاڏيَء ۾ َسٿي روانو ٿيس .اتي ڪو بروهي ذات جو ڀائي ِڇتو ناظرو بيٺو هيو ،تنهن جا ڪاني هنئي ته هلنديَء گاڏيَء مان مڪڙيَء واري ٻوري ٿي ٿڙي ۽ آئون ٻوريَء ُسوڌو گاڏيَء جي چاڪ هيٺان اچي ويس .ڍڳا هيا سگها سو ڳچ تائين ته ٻوريَء سوڌي کي گهليندا آيا ،پر نيٺ ٻوري ڦاٽي ۽ چاڪ منهنجي مٿان وهي ويو .جهوليَء ۾ کڻي اچي گهر ُپڄايائون .هوش ۾ آيس ته ابي ُپڇيو ته گاڏي ڀريندي توکي ڪنهن ڏٺو هيوُ .ٻڌايم ته فالڻو بروهي هيو .ابي اوڏيَء مهل گهوڙي پالڻي ۽ انهيَء بروهيَء جي ڳوٺ وڃي ُپڳو ۽ ٻوالئي نظر هنيائينس. مڙس جو جوان ُپٽ ويهي ويو .سا ڳالھ ملڪان ملڪ مشهور ٿي وئي ته اوڙي پاڙي جا ماڻهو چوندا هيا ته عرس خان جي ڪانيَء کان جيڪو بچيو سو ڄڻ ته نئون ڄائو. ان زماني ۾ ريڊيا هن ملڪ ۾ نوان نوان آيا ُهيا ،اسان جي ڳوٺ جي ُمجيريَء سيٺ رائت مل جي ُدڪان تي به هڪڙو فلپس ڪمپنيَء جو وڏو ريڊيو َرک ِيل هوندو ُهيو ،جنهن جي 36
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ايريل هڪڙي سنهڙي تار هوندي هئي ،جيڪا ريڊئي سان ڳنڍي پوِء انهيَء کي دڪان جي ِڇت تي اڇلي ڇڏيندا هيا ،تڏهن اهو ريڊيو پري پري جون ٽيشنون َجهٽي وڄڻ شروع ڪندو هيو .تن ڏينهين حيدرآباد ۽ ڪراچيَء جي ٽيشنن کان سواِء ،خاص ڪري سيلون جي ريڊئي اسٽيشن تان ايندڙ صبح جو سويل وارا پراڻا هندستاني گانا ماڻهو وڏي شوق سان ُٻڌندا هيا .جن ۾ شمشاد بيگم جو گانو“ ميري پيا گئي هين رنگون ،ڪيا هي َوهان سي ٽيليفون” ڏاڍو مشهور هوندو هيو .اسان جي ڳوٺ جا سٻاجهڙا ڳوٺاڻا ،جن پنهنجين هيڏين سارين ڄمارن ۾ پهريون ڀيرو هيَء ريڊئي جهڙي َبال ڏٺي هئي ،سي ريڊئي جي انهيَء ننڍڙيَء ري ،وات تي آڱريون رکي ،هڪ ٻئي کي اکين ئي اکين ۾ چئني پيتيَء کي ِ پاسن کان ڦِ ِ ِ اشارا ڪري ِپيا حيران ٿيندا ُهيا ،چئي هيترڙيَء پيتيَء ۾ هيڏو ساروماڻهو ڪيئن ويٺو ڳالهائي ۽ ڳائي.؟ اصل اها ڳالھ پنهنجي ُڊول ۾ ويهي ئي ڪونه ٿي .ٻي مزي واري ڳالھ ته انهيَء زماني ۾عام ۽ سادڙا سٻاجهڙا ماڻهو ريڊيو اسٽيشن کي عام طور تي ٽيشڻ چوندا هيا ،ڪي ته مورڳهين ريڊئي جي ٽيشڻ ۽ريل جي ٽيشڻ کي هڪڙي ڳالھ سمجهندا ُهياُ .انهيَء ڪري ئي ويجهڙائيَء ۾ شادي پليَء مان اسان واري ڳوٺ لڏي آيل ،سوهجي ميگهواڙ کي جو پنهنجي اباڻن ڪکڙن جي تانگهه ٿي ،ته کانئس رهيو نه ٿيو ۽ هڪڙي ڏينهن سيٺ رائت مل جو پاسو وٺي هوريان هوريان کيس چيائين ،سيٺ تو واري ريڊئي جو بينڊ گهمائي ڪا شادي پليَء جي ٽيشڻ لڳاِء ته ڪي منهنجي پراڻي ڳوٺ جون خبرون چارون به ُٻ ُڌئون .انهيَء تي سيٺ رائت مل کِلي وراڻيو هيس ،ته اڙي چريا سوهجا مل، شادي پليَء ۾ ريڊئي جي ڪا ٽيشڻ ئي ڪانهي ته اها ڪيئن ريڊئي تي لڳايان ۽ وڄايان جو تون پراڻي ڳوٺ جون خبرون ُٻڌين؟ سيٺ رائت مل جي اهڙي جواب تي سوهجي مل ُاٽلو سيٺ تي چٿر ڪندي چيوهيو“ ،واه ڙي رائت مل ،واه ُتنهنجو َع ُقل ،هيڏي وڏي ٽيشڻ لهن ٿا ،توکي اها به آهي ،جنهن تي روز ريل گاڏي بيهي ٿي ،سوين ماڻهو چڙهن۽ سوين ِ ِ َ ڪ َل ڪانهي .پوِء تو ڏٺو ڇا آهي؟ هاڻ ٻڌاِء چريو تون پاڻ آهين يا آئون؟”. چونڊڪي جا هي واڻيا ،ليکي چوکي ۾ هرڪنهن کي ُابتيَء ڪاتيَء سان ُ ڪهندا هيا .۽ هميشھ هارين تي هيڪوڻ جي ٻِيڻ لکندا هيا .اصل ُانڊن جا ُبنڊ لکي ڳاڙهي ُپڙ واريون َبنديون سدائين ڪاريون ڪريو ويٺا هوندا هيا .ٻي مصيبت اها هوندي هئي جو لکندا هيا واڻڪي اکر ،جيڪي ڪو به ڪونه پڙهي سگهندو هيو .جيڪر ڪو انڌي منڊي سنڌي پڙهيل وڃي پاسي ۾ ويهي ليکو ڏسڻ جي ڪندو به هيو ته انهيَء الِء اهڙا واڻڪا اکر َدٻي ۾ ٺڪرين برابر هوندا هيا .بس ليکي مهل بِال به اهڙا عجيب ُٻڌائيندا هيا جو ٻه روپيا ُڳڙ 37
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جا ،ٻه روپيا ُڳڙ واسطي ۽ ٻه روپيا ُڳڙ الِء ،شيِء هڪڙي ٽي ڀيرا ايئن ُابت ُسبت ڪري لکندا هيا .۽ جيڪر ڪنهن هاريَء اهڙي ڪوڙي بِلي تي َاڙي َسڙي ڪئي ته چوندا هيا ته ڀائي ڪرم ڌرم توتي آ ،ڀال ُٻڌاِء انهيَء تاريخ تي اسان جي هٽ تي آيو هئين نه؟ هاري جيڪر چوندو هيو ته ها آيو ته هيس .ته ٺھ پھ وراڻيندا هيا ته آيو هئين ته ڪجھ نه ُ ڪجھ ورتو به هوندئي ،ايئن توکي ڪهڙي اسان جي ُاڪير هئي جو آئين ڀال ڀائي؟ هاريَء وٽ اڳتي ڪو به جواب ڪونه هوندو هيو ويچارو ماٺِڙي ڪري َٺ ِري ويهي رهندو هيو. هي واڻيا هڪڙي ٻي به وڏي پيداگيري ڪندا هيا جو هندو توڙي مسلمان کي منع هئي ته اهي گهڙا منجيَء تي پيل پاڻيَء جي َمٽن مان پاڻي ِپين ڀلي ،پر ُٻڪ ۾ پيئن .۽ سيٺين جي گالس ۾ پاڻي نه پيئن ،ڪڏهن ُڀل چڪ ۾ به اسان پاري ڪنهن ٻار ،پاڻي واڻڪي گالس ۾ پيتو ناهي ۽ واڻين اسان کي گارين جا ُ دسوڙ چاڙهي اهو ڪائي جو گالس ڀڳو ناهي ،اصل دير ئي ڪونه ڪندا هيا .جيتوڻيڪ وڏيري قيصر خان کي ساڳئي گالس ۾ پاڻي ڏيندا هيا .تڏهن گالس ڪونه ڀڃندا هيا .سندن انهيَء عمل تي اسان ٻارن توڙي اسان جي وڏڙن کي کار ته ڏاڍا ايندا هيا پر رڳو هٿ مهٽڻ جي حد تائين .آئون تڏهن سوچيندو هيس ته هرڪو ُملو ته چوي ٿو ته اسان مسلمان مٿي آهيون ۽ هي هندو گهٽ آهن .پر هتي ته مسلمان توڙي هندو سڀني هارين سان ساڳي ُجٺ پئي ٿئي!!! اهي خبرون پوِء جڏهن وڏا ٿياسون تڏهن ڪامريڊن پڙهايون ته يارو!!اهو هيو طبقاتي َ فرق .جو وڏيرو ۽ واڻيو ٻئي ُسکيا هيا ۽ سندن طبقو ساڳيو هيو ،تنهنڪري ٻنهي کي هڪ ٻئي ۾ ڪا ِو َڏ نظر ڪونه ايندي هئي .۽ اوهين هندو توڙي مسلمان غريب ۽ تتڙينگ ُسڃيا هيئو ،تنهڪري ڪنا هيئوُ .انهيَء ُجٺ جي عيوض اسان جا وڏڙا ٻيو ته ڪري ڪجھ ڪونه ٻيئي هنن الِء ِ سگهندا هيا پرساڻن مذاق مذاق ۾ اندر سڙندي ،هلڪي ڦلڪي ٺڳي ڪري ويندا هيا .ٿيندو هينئن هيو ته سندن بورچي ُاتمون مل ُ ڀاٽ ،سيٺين کي ماني کارائڻ کان پوِء کير گرم ڪري منجهس ڦوٽا ،بادام ،پستا ۽مصري وجهي ديڳڙو چلھ تي رکي ،بورچي خاني مان نڪري دڪان ڏي ويندو هيو يا بورچي خاني جي ُرگھ مان نڪري ٿڌڙي هوا وٺندو هيو، ته تاڙ ۾ ويٺل هڪڙو همراھ بورچي خاني ۾ داخل ٿي ،کير جي ديڳڙيَء جو َڍ ُ ڪ پاسيرو ڪري ،مٿس لٺ سان َٺڙڪو ڪندي ،رڙ ڪندو هيو ِڇر ٻِ ِلي ،ڇر ٻلي .اڙي ُاتمان ،نڀاڳا ڪيڏانهن مري وئين ،سيٺين جو ڪڙهيل کير ته ٻلي وڃائي وئي .ايئن چئي پلڪن ۾ اهو همراھ پاسيرو ٿي لِڪي ويندو هيو.
38
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سيٺيون ۽ بورچي ،ڊوڙي بورچي خاني ۾ ڏسندا هيا ته هائو ٻيلي برابر ديڳڙي جو َڍ ُ ڪ لٿو پيو آهي .تڏهن سيٺين کي پڪ ٿيندي هئي ته هائو ٻيلي برابر ٻلي کير ُلٻي وئي آهي. پوِء سيٺ چوندا هاڻ ته انهيَء ُلٻيل کيرکي لوڙهي ۾ هاريو .تڏهن تاڙ ۾ ويٺل اسان جي وڏڙن مان ڪو همراه ُاٿي چوندوهيو ،سيٺيون ٻيلي! ايئن نه ڪيو ،کير ڀٽارو آهي ،انهيَء کي هاريو نه ،اسان کي ڏيو ،اسين پيئون ٿا ،ڀلي اسان کي مرگهي ٿئي .پوِء اهو کير هنن غريبن جي حوالي ٿيندو هيو .۽ ٻه چارڄڻا ساهيون کڻي ،اهو سمورو بادامن ۽ ِپستن وارو کير پي ويندا هيا .اها ڪار مهينو ٻه هلي ،واڻين به انتظارڪيو ،ته ٻليَء جو ُجوٺو کير پي ڪڏهن ٿي مڙسن کي مرگهي وٺي .پر جڏهن همراهن کي ڪجھ ئي ڪونه ٿيو ته نيٺ شڪ ِپ ُين ۽ همراھن جي چوري پڪڙيائون .۽ پوِء ُاتمي ڀاٽ کي کير گرم ڪري سيٺين جي پيٽ تائين پهچائڻ تائين ُچلھ کان پري نه ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيائون .وڏڙا چوندا هيا ته چونڊڪي جا واڻيا ليکي چوکي جا ته ماهر هوندا هيا پر عام ڪار وهنوار ۾ سادڙا هوندا هيا ،سا ڳالھ مڃڻ جوڳي ته ڪانهي پر مامو رمضان ڳالھ ڪندو هيو ته جڏهن ميرپورخاص کان کپري وارو روڊ پڪو پئي ٿيو ،تڏهن ڏامر ساڙڻ جو ُدونهاڙ ڏسي ،سيٺ رائت جي ٻن واڻين مالزمن سترامداس ۽ ديالي مل کانئس پڇيو هيو ،ته ادا رمضان، ُالهنديان اهو ُدونهاڙ ڇا جو آهي؟ ته وراڻيو هيم ته اڙي چرٻٽو اوهان کي خبر ڪانهي ڇا ته روڊ کي باھ لڳي آهي ،۽ باھ ۾ سڙندڙ ڏامر جا ُ چاپڙ ُاڏاميو ميلن تائين پري پيا ڪرن، ڪرن ۽ ڳوٺ کي باھ وڪوڙي وڃي .اسان جي ٿي سگھي ٿو ته اهي پنهنجي ڳوٺ تي به ِ ته گهرن ۾ آهن ڪاريَء وارا ڪک ،سو جي باھ لڳي ته به خير آ .اوهان جي هٽ ۽ مال ملڪيت جو اونو مون کي به آ .انهيَء ڀئو ۾ همراهن قميصون الهي اچي دڪان جي سامان جي ڍوِء ڍوئان َٻڌي هئي ،چوريَء جي ڀئو کان نه وري ڪنهن هاريَء ناريَء کي ويجهو پيا ڇڏين نه ڇا ۽ جيستائين شام ڌاري رائت مل پهچي ئي پهچي ،ايستائين همراهن دڪان جو سمورو سامان ڍوئي وڃي ٻاهر ٻٻرن هيٺان َ ڪٺو ڪيو هيو .پوِء رائت مل اچي ُٻ ُ ڌاين ته چريا ،رمضان اوهان کي َوهائي ويو آهي .ڀال روڊ کي ڪيئن باھ لڳندي ۽ ڏامر جا چاپڙ ڪيئن اڏامندا؟ هوڏانهن مامي رمضان سوڌو سمورا هاري واڻين سان ڪوڙي ليکي چوکي عيوض اهڙي ُجٺ ڪري ،ڪي ڪيترا ڏينهن رات جي ڪچهرين ۾ ڪانڀون ٻڌي ،وري وري اها ڳالھ ڪري کِلي کِلي کيرا ٿيندا هيا. وندي ،لڳ ڀڳ پنجن منهنجي هاڻوڪي هنيل اندازي موجب اها سال 1965جي ُشروعات ُه ِ ورهين جو ٿيو هوندسَ ،ڇڙي چولي ۾ ُگهمندو َوتندو ُهئس ،تڏهن اهو رواج ئي ڪونه هيو 39
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ته ستن اٺن سالن جي ڪنهن ڇوڪري جا مائٽ ُسٿڻ جو ڪپڙو به وٺن .هرڪو ڇڙي چولي ُ َ ُ ِٽيَء جون رانديون ڪندو ۾ هلندو وتندو هيو .سو آئون به مٿو اگهاڙو۽ پير اگهاڙا ڪريو ،م ِ ُ ۽ سڄو ڏينهن ُ ڀڀوت ٿيو ،پيو هلندو ُهيس .تن ڏينهين ئي هڪڙيَء شام جو ،بابا ڌوڙ ۾ سائين ،هن تر جي ڪاريگر واڍي ،بهرام بوزدار کان مون الِء ننڍڙي تختي ٺهرائي آندي هئي ُ ُ ميٽ ُپسائي ِه َن تختيَء تي لڳاِء ،ته ۽اها تختي امڙ کي ڏيندي چيو هيائين ،ڀاڳڀري! ص َ سڀاڻ اميرو اسڪول کڻي پڙهڻ وڃي .۽ ورنديَء ُ بح جو ڏينهن ،اڄ به ذهن تي اهڙو ِچٽيل َاٿم ،ڀانِء هيانُء جي ڦرهيَء تي ڪا شيِء هميشھ جيان ُاڪريل هجي .اهي سياري جا ڏينهن هيا ،ان ڏينهنَ ،امڙ سانئڻ ،صبح جو سويل ئي ،ڪوسي پاڻيَء سان ُمنهنجا هٿ پير ڌوئاريا هيا ،وارن ۾ َلپ َلپ تيل جي وجهي ڦڻي ڏني ُهئي ۽ منهنجي اکين ۾ جام ُسرمو جهونگاريندي پارايو ُهيو .امڙ سانئڻُ ،انهيَء ڏينهن اهڙي ڪم جي دوران هوريان هوريان ِ رهي هئي ته ،منهنجو ٻچڙو اي ِميَء چڙهندو ،هفيسر ٿيندو ،اهلل ڪندو ،اهو ڏينهن به ايندو. ِ ُ ُ تن ڏينهين ،ان ايميَء جي خبر نه امڙ کي هئي نه ابي کي ،نه ئي وري پوِء ئي ڪا اهڙي ڙن جي واتان ُٻڌو ُهيو ته فالڻو وري ڪهڙو اي ِميَء پاس آهي. خبر به پينِ . بس انهن به َوڏ ِ تڏهن امڙ به اها جهونگار َٻڌيو بيٺي هئي ،ته منهنجو ٻچڙو به ايميَء چڙهندو .۽ جڏهن انهيَء َ چولي ۾ ،پيرن ُاگهاڙو ،ميٽ سان جي چيچ جهلي ،ڇڙي پهرئين ڏينهن ،بابا سائينَء ِ ميساريل تختي هٿ ۾ کڻي ،ڪچي ڪوٺيَء واري اسڪول جي ورانڊي ۾ ُپهتو هيس ،ته اندران ٻين ٻارن جا وڏي وڏي زور زور سان سبق ياد ڪرڻ جا آواز ُٻڌا هيم .هو الهبچايو ۽ قاسم ،هو خان محمد ۽ جيرام ،هو لوڻيو ۽ ڏيارام ،سڀئي ڪتابن ۾ ڪنڌ نِمايو زور ُ زور سان ،پنهنجا پنهنجا سبق َپئي پڙهيا .ان ڏينهن ،ماستر ارجڻ داس ،بابا سائينَء سان گڏ مون کي ِڏسي ،بابا سائينَء کي چيو هيو تهَ ،ا ُچَ ،ا ُچَ ،ا ُ ڪو اچ ،مون به اڄ ئي سوچيو پئي، ِ ته طفل شماري رجسٽر موجب تنهنجي ُپٽ جي عمر پنج ورهيه ٿي چڪي آهي ۽ زوريَء تعليم جي قانون موجب کيس اسڪول موڪلڻ الِء ،تو ڏانهن نياپو ڪريان ،چڱو ٿِيو جو تون پاڻ ئي ُپٽ کي وٺي آئين. تن ڏينهين ملڪ تي ايوبي آمريت جو راڄ هيو ،جيتو ڻيڪ ُهن پٺاڻ جي ٻچي هر طرح سان ملڪي قانونن جي لتاڙ ڪندي ،ملڪ کي ڪنهن نه َو ُٺ ڏيندڙ َ سان پاڏي جيان بيدرديَء سان ڀيليو پئي .هن جا اهي سڀ قصا جيڪر هڪڙي پاسي ڪري صرف هڪڙي خير جي ڪم تي سوچيون ته اهو هيو زوريَء تعليم وارو قانون .جيتوڻيڪ ان قانون ته عمل، نڪي قانون جوڙيندڙن کي ڪرڻو هيو ۽ نه ئي عمل ڪرائيندڙن کي ڪرڻو هيو .پر ان 40
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هوندي ڪڻي مان ڪاسو ،ماڻهن جو ڀلو ٿيو ضرور هيو .عام ماڻهن ،جيلن ۽ روڪ رقم جي ڏنڊ جي ڊپ ۾ پنهنجن ُپٽڙن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ شروع ڪيو هيو .۽ ڪجھ نه ڪجھ تعليم وڌي ضرور هئي. وڃي اِيئن اسڪول جي پهرئين ڏينهن ،ڊڄندو ڊڄندو ،تختي هٿ ۾ کڻي آخري بينچ تي ِ َ ُ هڙيَء کن کان پوِء ،سائينَء ارجڻ داس ٻارن جا سبق ُپڇڻ شروع ڪيا هئا. ويٺو هيس .گ ِ چوٿين درجي جي شاگردن َمٽوَء شر ۽ مولهاٽي ڪيرئي جا حال ڪي بنهي َجڏا ُهيا ،سندن سائينَءارجڻ داسُ ، رين تي زور سبق ڪچا ٿيا هيا ۽ سبق ڪچا ٿيڻ تي، هٿن جي ت ِ ِ سندن ِ ِ َ مولهاٽي جا ُاڀ ڏاريندڙ َٻرڙاٽ ُٻڌي ،مون جيان سان ُرول هڻڻ شروع ڪيا هيا .مٽوَء ۽ سڀني ٻارن جي جسمن مان ُدرڙيون پئي نِڪتيون .ٻين ٻارن کي ته االئي ڀئو ٿيو يا نه ،پر َ َ َ مون کي َ هي ِويو مار جو ايترو ته ڀوُء ٿِيو ،جو ڏڪندي ڏڪندي بينچ تي ڪاڪوس ئي َو ِ هيو .۽ جڏهن سائينَء ارجڻ داس ،سڀني َدرجن جا سبق ُٻڌندو ،حصي موجب سزائون َج ُ زائون ِڏيندو ،منهنجي بينچ َوٽ ُپهتو هيو ،ته ڊپ ۾ منهنجو َت ُن َب ُ ڪيو ،۽ جڏهن مون دن پئي َٿ ِڙ ِ کي َ ڪ َن مان َجهلي بينچ تان ُاٿاريو هيائين ،ته ڪاڪوس جي َڌ َ پ ۽ مکين جي المارن کي ِڏسي ،سمورن ٻارن جو ڌيان اوڏانهن ِڇڪجي ويو هيو .گهڻو ڪري سمورن ٻارن ُمسڪرائي ،کڻي ُمنهن جي آڏو ڪتاب ِڏنا هيا .سائينَء ارجڻ داس ،دڙڪا َد َ همان ڪري، ِ ُ َ مون کي گهر وڃڻ جو حڪم ِڏنو هيو .۽مٽوَء ۽ مولهاٽي کي سبق ڪچي هئڻ جي سزا ۾ ڪ ُيون بالٽيون ڀري بينچ ڌوئِڻ جو ُحڪم ِڏنو هيائين .چٽو ياد اٿم ته ان ڏينهن َوڏيون هِ ِج ِ َ َ َ ُ َ ئي ،مون کي ِوهنجاريو هيو، ڀريندو گهر پهتو هيس .امان سانئڻ ،منهنجي ڳلن تي مِٺيون ڏ ِ ايستائين نانگو ويٺو ُ رهيو هيس .ان هرائي هئي، ڌوئي ،لوڙهي تي ُسڪائي ،پوِء َپ قميص ِ ِ ِ ُ پڙهڻوٺ ُ ڏينهن مٽوَء ۽ مولهاٽي کي َ پ ڪونهي. مار کائِيندو ڏسي ،دل ۾ عهد ڪيو هيم ،ته روئيندي ،روئيندي االئي ڪيترا ڀيرا َامان سانئڻ کي َچ ُيو هيم ته ،امان آئون ڪونه ُ پڙهندس. َ َ ُ لن تي َه ِٿڙا ڦيريَ ،سمجهاڻيون ۽ ُدعائون ِڏينديَ ،چ َ وڻ ان ڏينهن ،امان سانئڻ ،منهنجن ڳ ِ ُ َ َ ايميَءچڙهي ،هفيسر ٿِيڻو آهي ” .تڏهن حيرت ڙهي، ِ لڳي هئي “ پٽ! ڪجھ به ٿئي ،توکي پ ِ ِ َ َ مان ،امان سانئڻ کان پڇيو هيم “امان اي ِمي ڇا آهي؟” .امان سانئڻ وراڻِيو هيو“ٻچڙا! پڙهي ،پاش ڪري ،اهو ايميَء َچ ِڙهيو”!!. جيڪو ماڻهو ،کوڙ ڪتاب ِ جي موڪل بعد ،جڏهن خان محمد وار گهر آيا هيا ،ته َپ ِريان ان ڏينهن شام جو ،اسڪول ِ جي بينچ تي َهن ِگيو !!.اهو ،اهو ،اميري ئي هو ِ ڪرا ڪندا آيا .اهو ،اهو ،اميري اسڪول ِ کان ِ 41
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سندن ُهوڪرا ُٻڌي ،آٌء تهائين وڌيڪ روئڻ ُ اسڪول جي بينچ تي هنگيو!!ُ . لڳو هئس .۽ ِ ِ ِ ِ جڏهن شام جو بابا سائين ۽ ما ما رمضان ،ٻنين تان موٽي گهر آيا هيا ،ته منهنجي بهادريَء َ َ َ ُ ٿئي جو قصو ٻڌي ڏاڍا کِليا هيا .بابا سائينَء ته کِلندي کِلندي رڳو ايترو چيو هيو ته هال ِ ڀاڙيا ماڻهو کِاليا َاٿئي!! .پر ماما رمضان ،فيصالئتي ڳالهه ڪندي چيو هيو اداَ ،ا ُ ڪ ُو ِ َ ُ ڙهي ڪونه َسگهندو .چٽو ياد اٿم ،ان ڏينهن ،ماما تنهنجو پٽ ڊڄڻو آهي ،۽ ڪڏهن به پ ِ سوچ ُيو هيمَ ،ر ُ ب ڪري شال اِيئن ئي ٿِئي. ڻي هئي ۽ جي ڳالھ ُمون کي به ِ ِ ڏاڍي َو ِ رمضان ِ ڏينهن ،سج اڀرندي ئي ،بابا سائينَء ۽امان سانئڻ جا َ پيار۽ ِڳراٽ ِ ِڙ ُيون هجن ته ُپٽ ۽ َورندي ِ ڇيڻن ۾ َ ضد ڪري روئ ِ ُڻ ُهجي ۽ روئي ،روئي َو َ ليٽ ِهڙا ٿاڻ جي اسڪول َو ُڃ .۽ منهنجو ِ ِ ِ پائي وڏي واڪ رڙيون َ ڙه ُ ڪري چوڻ ته ،گهوڙا ڙيَ ،ابا ڙي ،آٌء ڪونه َپ َ ندس ،آئون ڪونه ِ پڙهندس .پر ڪالڪ کن جي روئڻ ۽ وٿاڻ جي ڀاڻ ۾ ،آلن ڇيڻن ۾ ليٽهڙا پائڻ سان ڪجھ آڻ ڪونه وريو ،بابا سائينَء جي مِٺين مِٺين ڳال ِه ِين۽ امڙ سانئڻ جي ِڳراٽ ِ ِڙيِ ِن تي ،نيٺ ِ جي اسڪول ُپهتس ،ته سائينَء َمڃڻي َپ ِئي .۽ ِ جي ِ ريڀ ِ جڏهن مائٽن جي ڏٽن ۽ پوزين تي ري ِه ِ ڪڍي ِڏنو هيو .ان ارجڻ داس ،پنهنجي قميص جي پاسي واري کِيسي مان هڪڙو َک ِٽ ِم ِٺڙو ِ جي ،جلديَء جلديَء ۾ سائين ارجڻ داس جي هٿ مان کٽ ِمٺڙو ورتو هيم کٽمٺڙي تي هِرکِ ِ ۽ وڃي ساڳيَء بينچ تي ويٺو هيس .ان ڏينهن پهريون سبق مليو هيم ،الف انب ،بي بال، ٻڪري .سنڌي صورتخطيَء جي انهن پهرين ٽن اکرن کي سڄو ڏينهن وڏي زور سان ٻي ِ ڀيرا ڏيئي ياد ڪيو هيم .ان ڏينهن ،توڙي ان کان الڳيتو ڪجھ ڏينهن پوِء ،مٽوَء ۽ مولهاٽي ِلي ،جو سميت ڪنهن به شاگرد جو نه سبق ڪچو ٿيو ،۽ نه وري ڪنهن شاگرد کي مار م ِ مون کي وري اسڪول مان ُگسائڻ يا ڀڄڻ جو بهانو ملي .ايئن آهستي آهستي اسڪول جي ماحول سان هري مِري ،پڙهڻ لڳس .۽ اهڙو اڙيس جو پنجاه سالن کان مٿي ڄمار ٿي وئي اٿم ،پر اڃان پيو پڙهان ،اڃان پيو پڙهان .نه ٿا ڪتاب ُکٽن ۽ نه ئي ٿو ڪتابن مان منهنجو ڍوُء ٿئي. ُ اڄڪلھ جي نئين ٽهيَء کي ڀانيان ٿو اها به خبر ڪونه هوندي ته ،انهيَء زماني ۾اسڪول سڄو ِڏ ُ ينهن هلندا ُهياِ ،و َچ ۾رڳو منجهند جي مانيَء جي موڪل ٿِيندي ُهئي .پري جي ڳوٺن جا ٻار ماني ٻڌي ايندا هيا ۽ ڳوٺ جا ٻار گهڙيَء پلڪ ۾ لٻو ٿٻو ڪري واپس ورندا هيا .تن ڏينهن ۾ ُاستادن جو تمام وڏو اِحترام ڪبو ُهيو .پر ڊڄبو به گهڻو هيو ،شام جو َ َ ُ ُ ُ ئي .ته َمتان سائين ِڏسي َوٺي ۽ بي ه ِ موڪل بعد ڳوٺ جي گِ ِهٽين ۾نوس نوس ڪونه ڪ ِ ُ سبق َپڙهڻ َبجاِء ُرل ِين ڇو پيو؟ ٻار ته َٺ ِهيو پر َو ِڏڙا به ماسترن جو ويهي ُپڇي ته ابا گهر ِ 42
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُ َ َ ُ َ ٿي کيس تمام گهڻو احترام ڪندا هيا .هلنديَء ڪچهريَء ۾ ما ِستر جي اچڻ تي س ِڀڪو ا ِ َ آڇ ِيندو ُهيو .ڪچهريَء ۾ ڪنهن به ُمنڌل ُسٽ کي ُسلجهائڻ ويهندا هيا ته به ڻائي جاِء ِ س ِ ڪالڪن جا ڪالڪ مٿو هڻي ،هڪ ٻئي سان ڏند چڪ ڪري ،نيٺ ماستر جي ڳالھ وزنائ ِتي سمجهي ويندي هئي .ڀلي ته اهو ماستر راڄ جو هجي يا ڌاريو ،پر سڀڪو چوندو هيو ته ادا مڙس پڙهيو لکيو آهي ،علم پيٽ ۾ اٿسَ ،سڻائي ڳالھ ڪندو ،۽ ُسٺي صالح ڏيندو. ِچٽو ياد اٿم ته تن ڏينهين اسان جو ُاستاد ارجڻ داسُ ،رگهي مل جي اوطاق ۾ رهندو ُهيو. جي ُٻهاري ڪڍڻ ،ڇٽڪار ڪرڻ سائين پنهنجي رهائش جي ڪري ،رگهي مل جي اوطاق ِ ۽ رات جي ڪچهريَء جي َم َچ الِء ڪاٺِيون ڪرڻ جو ڪم گهڻو ڪري َاسان شاگِردن کان ئي َ ڪرائِيندو ُهيو .ايئن به ڪونه هيو ته سندس انهيَء ڪم َڏسڻ تي ٻارن جو ڪو مائٽ ارهو ٿيندو هجي .پر هرڪو خوش ٿيندو هيو ،ته ٻارڙا ڀلي پنهنجي استاد جي خدمت ڪن. ُ ُ ُ جي پاڪ َو ِڏڙن واتان اسان جي استاد بابت ٻڌندو هيس ،ته استاد ارجڻ داس ،کي1965ع ِ نگ َسبب َٿ َر مان بدلي ڪري هيڏانهن موڪ ِليو ِويو ُهيو .رڳو استاد ارجڻ نه پر ڀارت َج ِ سڄي ٿر ۾ جتي به ۽ جنهن به کاتي ۾ ،ڪو هندو نوڪري ڪندڙ هيو ،ته ان کي اتان بدلي ڪري ،بئراجي عالئقي ڏانهن موڪليُ ،انهن جي جاين تي بئراجي عالئقن جا مسلمان رکيا ويا هيا .ڇاڪاڻ ته تن ڏينهين پيارو پاڪستان اڃان ڇوڪراڻي وهيَء ۾ هيو ،جنهن فوجي جي عمر ُمڇن جي ساول واري يعني ارڙهن ورهيه کن مس ٿي هئي .انهيَء جي ِ هندو ڪامورن تي ڪوبه اعتبار نه ُهيو .وڏو َڊ ُ ُ ُ ين ،ته هندو ماسترن۽ ُحڪمرانن کي پ ُه ِ بڻجي ،پنهنجي پاڪ ُملڪ جا نقشا ۽ َمتان ُاهي هِندو ُهجڻ جي ناتي ،هندستان جا ايجنٽ ِ َ َ هن .ايوب خان جي فوجي جنتا ۽ سول ندستاني ڪي اهم راز هِ فوج جي حوالي نه ڪري ِو َج ِ ِ بيوروڪريسيَء هڪ ٻئي جي جوڙيوال بڻجي ِسنڌ جي رهاڪن کي به مذهبن جي نالي محب وطن ۽ غدار جون الڳ الڳ سڃاڻپون ڏيئي ،ڪن کي غدار ۽ ڪن کي هندستاني ِ ُ حاالنڪ هنن يارن جي ڊول ۾ اها محب وطن ٺاهي ڇڏيو هيو. ايجنٽ ،ته وري ڪن کي ِ ِ ڳالھ االئي ڇو ڪونه ٿي ويٺي ته ورهاڱي وقت جيڪا لڏپالڻ ٿي هئي ،ان ۾ ُهتان ته االئي ڪهڙي ڊاڊ ُڊوڊ ُاٿلي پئي هئي ،پر هتان رڳو امير طبقي جا هندو ويا هيا ،پوئتي پيل ۽ مسڪين قبيلن جي هندن مان وڙلي ڪو َلڏيو هيو .۽ اها وطن جي وفاداري چئجي جو ماڻهو پنهجي ديس کي ڏکين حالتن ۾ به نه ڇڏي .۽ جيڪر ان ماڻهوَء جي وفاداريَء تي ڪوئي اڻ چونڊيل ۽ پاڻ هرتو بڻيل حڪمران شڪ ڪري ،ته انهيَء حڪمران کي ڪهڙي
43
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
خاني ۾ بيهارجي.؟ سا ته پاڻ کي به خبر ڪانهي ،اوهان ئي سمجهو ۽ سوچيو ،پر پاڻ حال گھڙي هوڪاريون ٿا اڳتي. سو جڏهن 1965جي پاڪ ڀارت جنگ بند ٿي هئي ،ته هڪڙي ڏينهن اوچتواسان جي استاد سائين ارجڻ داس جو واپس ٿر ڏي بدليَء جو پروانو به اچي پهتو ،سائين ارجڻ داس سميت ٻين سمورن هندو سرڪاري مالزمن کي جنگ جي دوران ُرڳو انهيَء ڪري پري پري بدلي ڪيو ويو هيو جو سرڪار سڳوريَء جي ڏاهن ماڻهن کي اهو شڪ هيو ته متان هندو مالزم هندستان جي هندو فوج کي هن ملڪ جا ڪي گهٽ گهيڙ َڏسين ۽ هندستاني رات جي پيٽ ۾ ئي اچي سر تي چڙهي بيهن .۽ سو بدلي ٿيندي ئي جلدي جلدي ۾ پنهنجا ٽپڙ ويڙهي ،ڳوٺ وارن کان موڪالئي ،ٿر وڃي پنهنجي ٻچن ڀيڙو ٿيو. تڏهن اسان جو نئون استاد ،سائين عطا محمد جروار آيو هيو ،سائين عطا محمد ،ڪاٺڙيَء جي اوسي پاسي جو رهاڪو ،سانوري پڪي َرنگ جو ،پوري ِپني َق َد سان ،بو ِسڪيَء جو ڌي گهمندو هيو .ڳرو ۽ وڏو آواز هيس ،ٿورڙو ٻاتڙائي ڳالهائيندو هيو .۽ هو جڏهن پٽڪو َٻ ِ َ چي اسڪول ۾ سائينَء ارجڻ داس جي ڪرسيَء تي ويٺو ُهيو ته ايئن هو پهريون ڀيرو ا ِ پئي لڳو ڀانِء ڪو الڙ جو ملھ پهلوان ماستر جي ڪرسيَء تي زوريَء ويهي رهيو هجي. شروع شروع ۾ ُ سندس حشمت ۽ َڏ َيا کان اسين سڀ ٻار ڊِڄندا ُهياسين .پر پوِء هوريان هوريان ساڻس ويجها ٿيندا وياسين .سائين عطامحمد اڪثر ڪري شام جي وقت اسڪول ُ َ َ َ َ َ کي ،فلپس ڪمپنيَء جي جي ڇانو ۾ کٽ َر ِ جي آڳر ۾ بيٺل سريِنهن جي وڏي ۽ گهاٽي وڻ ِ آواز ۾ سنڌي عارفانه ڪالم ُٻڌندورهندو ُهيوُ .ان زماني ۾ريڊيو پاڪستان ريڊئي تي وڏي ِ سنڌي فنڪار فقير امير بخش تمام گهڻو مشهور ُهيو .سائين به فقير امير حيدرآباد تان ِ بخش جي ڳايل ڪالم “ ُسڻ بات برھ دي ڪيهي ،ايهي عجب جيهي ”کي تمام گهڻو پسند ڪندو ُهيو ،۽ جڏهن به ريڊئي تان اهو ڪالم وڄندو هيو ته سائين سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي االئي ڪهڙي جهان ۾ايئن غرق ٿي ويندو هيو ڀانِء “ مِل معشوقان مصلحت ڪيتي ،عاشق قتل ڪريسون” وارو مقتول عاشق سائين عطا محمد ئي هجي ۽ ُسوليَء جو سزاوار ٿيڻ الِء تيار بيٺو هجي .۽ پوِء جڏهن اهو ڪالم ختم ٿيندو هيو ته کانئس وڏو شوڪارو نڪري ويندو هيو .انهيَء وچ ۾ شاگرد يا ڳوٺ جو ڪو ماڻهو ڀلي بيٺو به هجي پر سائين کي ڪا ئي ڪل ڪونه هوندي هئي. انهيَء ڳائڻي جي نالي جي مناسبت سان مون کي اڪثر ڪري فقير امير بخش جي نالي سان َسڏيندو هيو .سائِين عطا محمد ،خود به فقيراڻي رنگ ۾ َرڱ ِ ُ يل ُهيو .عطا محمد َبجاِء ِ 44
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
خود کي عطن فقير لِ َ ک ُڻ ۽ َچوائ ِ ُڻ َپسند ڪندو ُهيو .سندس زبان ٻاتڙي ُهئيَ ، لفظ َچٻي ماري ڪري ُاچاريندو ُهيو. ِچٿي ُاچاريِندو ُهيو .خاص ڪري “ڙ” ڙي ماڙيَء کي “ر” ري ِ هِ َ ڪ ڀيري پهرئين درجي جي ٻارن کي سبق ِڏيندي ،سائينَء َپڙهِيو ،هي گهورو آهي .ٻارن وري به سائينَء به سائينَء جي پويان ُاچاريو ،هي گهورو آهي .سائينَء ٻِيهر ُاچاريو ،ته ٻارن ِ ُ هن ٿا ،ت ِ َ نگ ٿي سائينَء چيو ،بابا ،اِيئن نه پڙهوِ ،ج َ يئ َن ِجيان اچاريو .نيٺ َت ِ يئن ماڻهو َپ َڙ ِ ُ ُ ََ ُ َ َ ين ڙي ِپيوَ .سمجهيائ ِ ئي اچارڻ لڳا ،ته سائين ِچ ِ پڙهو .پ َر ٻار استاد جي چيل جملي موجب ِ ٻاَ َر منهنجي َا َهل ٿا ڪن .سڀني کي چڱي موچاري ڦيهه َ ڍيائين .ڪالڪ کن بعد جڏهن ڪ ِ ِ ِ ِ ِ لٿس ،گڏوگڏ پنهنجي ِز َ بان جي ٻاتِڙائِڻ جو احساس به ٿيس ،تڏهن هوريان وڃي ڪاوڙ ِ ِ يائين ته ُاٿي تون هنن ٻارن کي اهو هوريان پنجين درجي جي هوشيار شاگرد ڏيارام کي َچ ِ سبق ڏي .جنهن پهرئين درجي وارن کي صحيح ُ ُ تلفظ سان سبق پڙهايو ته وڃي مرحوم سنڌي اکر موتِين ج ِهڙا مطمئن ٿي ٿورو گهڻو مسڪرايو .مرحوم سائين عطن فقير جا ِ َ َ ُ َ ُ َُ ني هوندا هيا .هِجيَ ،تلفظ ۽ ُا ِ چارن تي ڪافي دسترس هيس .اڄ به مون سميت سندس س ِڀ ِ شاگردن جا َا َکر ُه ُ ِلن ٿا .۽ هِجي توڙي تلفظ به درست اٿئون نه ته اڄڪلھ جي وبهو ساڻس م ِ جوانن جي سنڌي ٻوليَء جي هِجي ۽ تلفظ کان ته ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکڻا ٿا پون .يا مورڳهين گيسي ٿي ڪرڻي پوي. سائينَء ته اسان کي پٽي ۽ پهريون ڪتاب پڙهايو هيو ،۽ جڏهن اسان رڙهند رڙهندا انگريزي اسڪولن ۾ ُپڳاسين ته سائين عطا محمد جتي به گڏبو هيو ته چوندو هيو ته “ابا هاڻي اوهين ذري گهٽ مون جيڏا اچي ٿيا آهيو” هاڻ پيرين پوڻ واري َپ ِر ڇڏيو .هاڻ بس پاڻ دوست آهيون ،مون سان گڏ ويهي کِلو ُ ڪڏو ،ڀوڳ چرچا ڪريو .استادي هئي اسڪول تائين .نيٺ سائينَء جا سڀ شاگرد ڊڄي ڊڄي ساڻس حجائتا ٿياسين .پر حجائتا به اهڙا جو ڀوڳ چرچن تائين .پوِء سائين ڪڏهن ڪڏهن اسان سان اهڙا ته چرچا ڪندو هيو جو کلي کلي کيرا ٿي پوندا هياسين .سو هڪڙي ڀيري شاگردن جي هڪڙي شرارتي ٽولي جي صالح بيٺي ته ڇو نه سائينَء سان ڪو اهڙو چرچو ڪجي جيڪو يادگار ٿي وڃي. جي هڪڙيَء سو ٻن ٽن همراهن گڏجي ميرپورخاص جي ڇوڪرين واري اسڪول ِ خوبصورت ماسترياڻيَء جو نالو ُٻڌي ،انهيَء جي صحيح ائڊريس هٿ ڪري ،اسان جي هن فقير تن ۽ درويش استاد سان شرارت رٿي .ٺوڪي کڻي انهيَء مائيَء صاحبه جي نالي سان ُ درويش سائينَء عطامحمد کي ٻه ٽي عشقيه خط موڪليا هيا!! .سائين عطا محمد ،ويچارو َ ُ َ چي ويو ،۽ مائيَء سان ملڻ الِء ماڻهو ،اڌ وهيَء جي عمر ۾ به ڪوڙن َخ ِ طن جي دلبي ۾ ا ِ 45
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٽڪساٽ جوڙڻ لڳو .نيٺ هڪڙي ڏينهن بوسڪيَء جو َپٽڪو َٻ َ ڌي ،ٻه ٻه ُترا ڇڏي ،ڏاڍا تيل ُڦليل ڪري ،اکين ۾ لپ لپ سرمي جي وجهي ،ٻنهي ڪنن ۾ اوٺي درٻار عطر جا ُٻڙا مالقاتي ٿِيو .حالي حوالي ٿيا ته وجهي ،وڃي ڇوڪرين جي اسڪول ۾ مائيَء صاحبه سان ِ مائي حيران َپريشان ُهجي ته هيَء ڪهڙي بال اچي ڪنڌ ۾ پئي اٿم .هيڏانهن سائينَء جو ِ َ َ ُ ئي ته گهرايو آهي ،هاڻي مورڳهين سڃاڻڻ کان ئي کي خود ِ زور هجي ،ته توهان هي خط لِ ِ نڪار پيا ڪريو ،اها وري توهانجي ڪهڙي ِ َرمز آهي؟ اِيئن َ ُ ئي ڪڍي اهي ٽيئي اِ چو ِ ندي ِ ُ َ کڻي مائيَء جي اڳيان پيل ُ َ ئي ،غور سان کيائين. ٽيبل تي َر خط، ِ مائي بنهي سمجهدار ه ِ ِ ٽيئي خط پڙهي ،پهريائين سائينَء عطامحمد کان َس ُ ندس ڪرت ُپڇيائين ،پوِء پنو پين هٿ کائي ،پڪواندازو لڳائي ،پوِء چيائي ِنسِ ،قبال هيَء ۾ ڏيئي ،کانئس سنڌيَء جا ٻه جمال لِ ِ ِ بهو توهان سان م َ َ َ َ نهن شاگرد جي آهي .هي ڏسوُ ،هو ُ س. ِلندڙ ا َکر ا َٿ ِ شرارت توهان جي ڪ ِ ِ ُ اوڦٽو خط تي ڃي پنهنجا شاگرد ڳوليو ،۽ اڳتي الِء ڪنهن مون سان عشق ڪرڻ بجاِء َو ِ َ ُ َ ُ ڻي ،نِڪرڻ کان ک ِج ِي َچ اِيئن َم ِ کجي ،ڊبل گهوڙي بوسڪيَء جي پٽڪي جون ٻه ٻه َو ِڙيون ه ِ ِ َاڳ ُ ڪٿي ڪاٺ ۾ نه َپئجي وڃو!!! .سائين ڪجھ سوچي سمجهي پوِء نِڪرندا ڪريوِ ، ِ عطامحمد جي دل ۾ ٽن خطن جي دوران اوچتو ُاڀري آيل عشق ته ويو پلڪن ۾ پورو ٿي. جيئن تيئن ڪري مائيَء جي مٿي تي هٿ ڦيري ،امان ،نياڻي ۽ جيجان ڪري جان آجي ڪرائي کِسڪيو هيو، ۽ “عشق ٿي ڳيا ڦِشق ميڪون ٽڪا وال ڏي” جيان پوِء سائين عطامحمد مرحيات ،ڪيترا ئي سال ،جتي به ڀتين پوتين گڏبو هيوَ ،اسان ڪامورا بڻجي ويل شاگردن کان ُسنهن ساکون ڏئي ُپڇندو هيو ته ابا هاڻ کڻي ُٻڌايو ته اها ُڌوڙ ڪنهن پاتي هئي .پر اسان سڀئي خبر هوندي به ڪن الٽار ڪندي روڙي کڻي قسم کڻندا هياسون .نيٺ چڙي اگهاڙيون َ ُ پاتي آهي ،ڪيئن وڙ ئي چوندو رهِيو ته هزارن شاگردن مان االئي ڪهڙي اها ڌ ِ ِ گاريون ڏ ِ َخ َبر َپوي؟ ۽ جي نه اڄ به خبر پوي ته هڻي هڏ ُگڏ ڀڃي ڇڏيانس .پر ڪار ُمنهان ڇورا هاڻ ڪامورا ٿي ويا آهن سچي به نٿا ڪن .گهڻو پوِء جڏهن سائين هلڻ چلڻ کان ويهي ويو تڏهن شرارتي شاگرد سچي ڪئي .ته انهيَء کي حال گهڙيَء گهروڙي ٻوٿ تي ڀونڊو رکيائين .پوِء وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين “ڇورا تو ته مورهيان سر وڃايو هيو” .وري ٻيَء گهڙيَء چيائين “ اسان تي به ذري گهٽ زماني جو رنگ چڙهيو هيو پر بچي وياسين نه ته ريل ۽ جيل جو جهان ئي اوکو هيو.
46
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ِري ِو ُيو هيس. ري م ِ سو فقرائي طبيعت جي سائين عطامحمد سان آئون تمام جلدي هِ ِ پنهنجي هم ڪالسين ڌارو ،هرجي ۽ پرتاب کان َاڳ سبق ياد َ ڪري َوٺندو ُهيس .پهرين ِ درجي جا بيت ،آُء ُته ُ الٽونئڙو ڦيرايون ،واهه ڙي تارا روشن تارا ،ب ِر ِزبان ياد ٿي ِويا هيم، سي بيت اڪثر رات جو بابا سائينَء ۽ امان سانئڻ کي ُٻڌائيندو ُهيس ،ته ٻنهي جي اکين َ ُ َ ُ لڙن تي ُچميون َڏئِي ٿڌڙا ساهه َڀ ِريندا مان خوشيَء جا لڙڪ ل ِڙي پوندا هيا ۽ ٻئي منهنجي ڳ ِ ِ ُهيا .تڏهن آئون حيران به ٿيندو هيس ته بابا ۽ امان منهنجي بيت ياد ڪرڻ تي خوش ٿيڻ بجاِء روئن ڇو ٿا؟ پر انهي اونهي سوال جو جواب گھڻو پوِء سمجھ ۾ آيم جڏهن پاڻ ُپٽ مان پيُء ٿي چڪو هيس ۽ بابا توڙي امان ڏورانهين ڏيھ هليا ويا هيا .پر انهن جي ان وقت جي الڙيل ُلڙڪن وارين دعائن سان آئون االئي ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتس .جنهن جو اندازو ئي ڪونه هيم. ڳالھ پئي هلي اسڪول جي ۽ سائينَء عطن فقير جي ،سو سائين ارجڻ داس ته رڳو پٽي پڙهائي هئي ۽ پهريون پاس ڪرڻ بعد سائين عطا محمد جي به اوچتو بدلي ٿي وئي هئي. وري اسان جونئون ُاستاد محمد حيات جروار آيوهيو ،سائين محمد حيات ،پوري ُپني قد ُ ٽوپي َپ ِهريل هوندي هيس ،سا به گهڻو ڪري سنڌي جوان هوندو هيو .ٻارهوئي جوُ ،خوبرو ِ ِ نراڙ تي هوندي هيس .شروع ۾ ته سڀني شاگردن کي کانئس به ڊپ ٿِيڻ لڳو هو ،پر آهستي آهستي ُ ڊپ ختم ٿيڻ شروع ٿيو هيو ،آئون ٻيو درجو وٽس َپ ُ ڙهيسِ ،چٽو ياد اٿم ته امتحان ڏينهن ،بيٽ آفيسر محمد حيات مريَء ،جڏهن ُمنهنجو اِمتحان ورتو هيو ،ته آئون ُجملي جي ِ َ ُ ڪي ڳ ُ يتون ڏيئي پڙهڻ!! .ويتر منهنجي استاد ،بيٽ آفيسر ڪم پاڻيَء جيان ِپيئڻ لڳس ،نه ِ ِ ُ کي ٻڌايو ته هِيُء ُ هوشيار آهي ،جو ٽِئين ۽چوٿين درجن جا سبق ،صورتخطي ٻار ايترو ته ۽ حساب به فٽا فٽ َ ڪ ِريو َوڃيُ .ان ڳالھ تي بيٽ آفيسر ،منهنجو ٽِئين درجي جو امتحان سي ،وڏو شوڪارو ڀري ،سائينَء کي چيائين َو ِرتو .۽ رزلٽ شيٽ کولي ،جنم جي تاريخ ِڏ ِ جي ُعمر ننڍي آهي ،نه ته آئون پنهنجا پاور استعمال ڪندي ،کيس ٻنهي ته ،ادا هن ٻار ِ درجن مان پاس ڪري ،چوٿين درجي ۾ ويهاريان ها .يعني ڊبل ،ٽرپل پروموشن ڏيانس ها. واضح ڪندو هالن ته ُان وقت امتحان اڄ جيان ڪونه ٿِيندا ُهيا ،جو ِڏنو ُپ ُ ٽ ُڇٽي جو ٿي، َ هڙيَء ۾مارڪون َڀري درجا ُٽپايا وڃن ٿا .يا سپروائيزر صاحبان اسڪول ۾ پهچيو ،مانيون گ ِ کايو ،پئٽرول جا پئسا وٺي ،ماسترن کي چيو ڇڏين ته ،رزلٽ شيٽون پاڻ ئي ڀري آفيس ۾کڻي اچجو ته صحيح ڪري ڏيندسَ .ا ُ ڳ امتحان جي ِڏينهن ،ڳوٺن جا ماڻهو اِسڪول ڳاه ُ ٻاهران َ ٽ ٿيو انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا ،ته ِڏ َس ُئون ڪنهن جو ُپٽ فل پاس ،پاس ۽ چڙهي 47
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي ڪيٽگريَء مان نِڪتو۽ ڪنهن جو ُپٽ ناپاس ٿيو .نتيجي جي اعالن بعد پاس ٿِيندڙن ُ ريو ِڙ ُيونُ ،ڳ ُڙ ،مِٺا ُڀڳڙا ۽ َن ُقل ورهائي خوش ٿيندا ُهيا .۽ ناپاس ٿيندڙن جا مائِٽ حال ساروِ ، جا مائٽ وري پنهنجي اوالد کي پاس نه ٿيڻ تي دڙڪا ۽ دهمان ڪندا هيا .ته گڏوگڏ ٿڌا شوڪارا به ڀريندا هئا. هينئر هي سٽون لکڻ وقت به هِنن لونَء ساڙيندڙ ُلڪن جي مهيني ۾ ،سونهاريَء سنڌ ۾ پرائمري اسڪولن کان وٺي مڊل اسڪولن جا امتحان پيا ٿين ،فوٽو ڪاپين جي دڪانن کان وٺي ،اسڪولن جي آڏو ماڻهن ۽ موٽرسائڪلن جي ِپيھ ڏسي ،يادگيرو ٿو اچيم ته اسان جي واري ۾ اسڪولن جي امتحانن کان مهينو کن اڳ ۾ئي تياريون شروع ٿينديون ڪچين ڀتين وارن اسڪولن جا ُ هيونَ ، ڪنڊون پاس ٻهاري صاف ڪبا هيا ،ڪکائن ڇپرن جي اسڪولن جا ڪک ڪانا ِسڌا ڪبا هئا .اصل وڏي َڇنڊ ُڦوڪ ٿيندي هئي ،آڌيَء مانجهيَء ڪنهن گھر جي لوڙهي جو پاسو ڏئي َمٽبو هيو ،ان مان ايڪ ڏون ڏون ،ٻه ڏون چار ،يا واھ ڙي تارا ،گول تارا ،جا ٻاراڻا آواز ُٻڌڻ ۾ پيا ايندا هيا .معني امتحانن جي تياري زورن ۽ شورن سان هلندي هئي .تن ڏينهين ڳوٺن جي دڪانن تي گاسليٽ جو واهپو وڌي ويندو هيو ،جنهن تي ٻرندڙ اللٽينن جي جهيڻي روشنيَء ۾ ٻارڙا سبق ياد ڪندا هيا .۽ امتحان جي ڏينهن مائرون توڙي ڀينرونُ ،پٽڙن يا ڀائرن کي وهنجاري سينگاري ،ڏاڍا تيل ُڦليل پ َل َ ڪرائيَ ،ل َ پ ُسرمي جي اکين ۾ وجهي ،اسڪول موڪليندي دعائون ڪنديون هيون “ته ٻچڙا رب ڪندو شل ايميَء چڙهندين ۽ ِپيريَء ۾ ابي امان جو سهارو ٿيندين” .۽ امتحان ڌاڙيون ڇڏي، واري مقرر ڪيل ڏينهن ،ڳوٺاڻا هاري ناري ،ڪمي ڪاسبي ،سڀ ڌنڌا ِ اسڪولن جي ٻاهران اچي ڳاهٽ ٿيندا هيا ،ڪي ڪينچي ڇاپ سگريٽ ِڇڪيندي ،ته ڪي پن جون ٻِيڙيون ِڇڪيندي ،ته وري ڪي ڪپڙي جي ڳوٿريَء مان تماڪ ڪ ِڍي ڀونگريَء ۾ ڀريندي ،ان تي تِيلي رکي َنرو کڻي اسڪول طرف نهاريندي چوندا هيا “ ،او اهو منهنجو پٽ پيو سبق پڙهي ٻڌائي .اهو اهو منهنجي پٽ جو آواز آ” .هوڏانهن ٻارڙن ۾ وٺ وٺان هوندي هئي ،ٽنگون پيون رڦنديون ُهين ،شل نه ڪو اهڙو سوال ٿئي ،جنهن جي معني نه اچي ،متان ڪو حساب غلط ٿئي ،متان ڪا صورتخطيَء ۾ ُچڪ ٿئي .۽ ها سچي جڏهن سپروائيزر جو گهوڙو ايندي ڏسبو هيو ته هرڪو ڊوڙي انهيَء جا واڳ وٺڻ جي ڪندو وڙي وڃي سپروائيزر کي هٿ ڏيندا هيا، هيو ،موچارا مهانڊا به ڊوڙي ٻين کان اڳ ڪڍي ،نِ ِ تن ڏينهين سپروائيزرن کي عام ٻوليَء ۾صاحب چوندا هيا .راڄ جي وڏڙي تي اهي فرض هوندا هيا ته ان ڏينهن ڪوشش ڪري صاحب جي مانيَء ٽڪيَء جوحال سارو بِلو به ڪري. 48
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
۽ هڻي ماري شام ڌاري جڏهن نتيجا پڌرا ٿيندا هيا ،ته فالڻو پٽ االڻي جو فل پاس ،فالڻو پٽ االڻي جو رڳو پاس ۽ فالڻو ولد فالڻو چڙهي ،ته فل پاس ۽ پاس ٿيندڙ ٻارڙن جي مائٽن جا منهن ،باوجود زماني جي هزارين ُدکن ۽ دردن جي َٻهڪندا هيا ،وسين لڳي ،۽ وت آهر هرڪو ريوڙين ۽ نقلن جا جهول ڀري اچي ورهائيندو هيو .ته منهنجو ٻچڙو امتحان ۾ پاس ٿي ويو آهي .ساڳي ڪار قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ مهل به ٿيندي هئي ،پر انهيَء کان به ٻه هٿ مٿي ٿيندي هئي ،قرآن پورو ڪندڙ جو والد ،حال سارو تاهريَء ،چاشنيَء يا باصري ڀت جي ديڳ الهيندو هيوُ ،پٽ کي ململ جي ڪپڙي جي َپڳ ٻڌائبي هئيِ ،مٽ مائٽ پنج ڏه روپيا مبارڪ جا ڏيندا هيا .هرڪو نصيحت ڪندو هيو ته ابا قرآن جو دور ڪندو رهجانِء ،ڳرو بارو ٿجانِء ،قرآن پيٽ ۾ اٿئي. ۽ پوِء وقت بدليو ،نوان زمانا آيا ،نوان ماستر آيا ،نوان نصاب آيا ،نيون ريتون رسمون ايجاد ٿيون ،هاڻ ٻار پڙهڻ بجاِء ماستر جي گھر جون ڪاٺيون ڪرڻ به لڳا ،ته ماستر جي ڍڳيَء يا مينهن ڀٽاريَء الِء گاه جي ُمٺ آڻڻ به انهن جي پڙهائيَء جوحصو ٿيڻ شروع ٿي وئي .هوڏانهن وري اڳي جيان مسيت جي ُمالن جي ماني گھر گھر مان پاڻهي اچڻ بند ٿي ٺ “ َڦ َ ڪر” جي نالي تي ِپني اچڻ ٻارن جي ذمي ٿي .تڏهن به ڪجھ نه ڪجھ ته اها به گھر ِڏ ِ اسڪولن ۾ چاڙهو ڏسڻ ۾ ايندو هيو ،سو به ان ڪري جو اسڪولن جي سار سنڀال جو پختو نظام موجود هيو ،ماستر ٿورو ڪي گھڻو پڙهائيندا ضرور هيا .انهن ئي ڏينهن جي پڇاڙيَء ۾ ڪاپي ڪلچر آيو ،يا آندو ويو ،ڪارتوس جو اکر پاڻ تڏهن رڳو بندوق ۾ هڻڻ وارو ٻڌو ۽ ڏٺو هيو .امتحان ۾ ڪاپيَء ڪرڻ وارو ڪارتوس پهريون ڀيرو ُٻڌوسي .گھڻو پوِء جڏهن ،هي بندو نائين درجي ۾ هيو ،اوسي پاسي ۾ ڪاپيَء جا ڌوڙيا ڏسي ،روح ڪونه رهيو ،سو عربيَء جي پيپر ۾ سورت فلق جي معني ياد نه هجيم ،ان جو ڪارتوس ٺاهي، پاسي واري کيسي ۾ وڌم ،ٿيو به ايئن جو اهوئي سوال اچي ويو .بسم اهلل ڪري ڪاپيَء جي شروعات ڪيم ،اوچتو مٿان بيٺل ماستر تي نظر پئي ،اچي ڏڪڻي لڳي ،ڪارتوس وڃي پيرن ۾ ڪريو .ماستر هيو ُملو ،سو قراني آيت منهنجي پيرن ۾ ڪريل ڏسي کڻي پٽڪي ُڌوڙ ڪيائين سا رب ٿو ڄاڻي .بس انهيَء کان ته ُسٺو اکين تي رکيائين ۽ پوِء جا ِ هيو ته ٻه ٿڦڙون وهائي ڪڍي ها .اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن پاڻ به االئي ڪيترا امتحان ڏنا، االئي ڪيتريون ڊگريون ورتيون ،پر ڪاپيَء ۽ ڪارتوس کان ايئن وونُء وياسي جيئن گنجو پاڪيَء کان.
49
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وري ٻيو نئون دور آيو ،هاڻ ڪارتوسي ۽ ڪاپيَء ڪرڻ وارا مڙس ڪرسين تي وارد ٿيڻ شروع ٿيا ،۽ پوِء اصل ٿيو ايئن جو جنهن کي ٻي ڪا نوڪري نه پئي مِلي سو َو ِڃيو ماستر ٿئي ،ڪجھ ڏينهن تائين ته ڏنو پٽ ُڇٽي جو قصو هالئيندو رهيو ،جنهن ۾ هي بندو به اڳتي هلي چوڏهين سوين ۾ ماستر ٿيو هيو .پر پوِء سياسي صاحبن جي اک هن پاسي ٿي، تڏهن سمجھ آين ته مار هيڏانهن ته وڏا کانچا آهن ،اسان هروڀرو پيا ڌوڙ ۾ ٿاڦوڙا هڻون. پوِء مڙسن کيپ کٽيندي تعليم ۾ سياست کي ايئن ُٽنڀيو جيئن هينئر ُملن مذهب کي سياست جي رنگ ۾ رنگيو آ .۽ پهرئين ڌڪ ۾ پنهنجا نواز پاليسي آڻيندي ،ڌڙاڌڙ ماستر ڀرتي ڪيائون ،۽ پوِء هنن اکين کوڙ سارا اڻ پڙهيا ڀائو ۽ ڀينرون به ماستر ٿيندي ،پگھارون کڻندي ڏٺا .سرڪاري رڪارڊ ۾ ته مڙس پڙهيل هيا ،پر اصل ۾ الال مال خالص هيو .ان دور ۾ اسڪول ُاجڙڻ شروع ٿيا ،سنڌ ۾ تعليم کاتو ،جنهن کي اڳي ڀوڳن ڀوڳن ۾ “ٿڌي ڇانو ،مِٺي ُبک” چوندا هيا ،سو اوچتو ئي اوچتو سڻڀو ٿي پيو .انهيَء سڻڀ جو ئي ڪمال آ جو تعليم کاتي جي ڪرسيَء تي لٺ پئي لڳي ،جيڪا اڳي ٿاڻن ،ٻاڻن تي لڳندي هئي. اهو سڻڀ جو ئي ڪمال چئجي جو نالو وڏو ديھ ويران ٿيڻ لڳي .۽ ٿيندي ٿيندي قصو وڃي اتي پهتو جو پيغمبري پيشي سان واڳيل کوڙ ساراماڻهو ويزائن تي هلڻ شروع ٿيا. هيٺان کان مٿي تائين حق حالل جي روزي ڪمائي کائيندڙ کاتي کي اندران ئي اندران ُسري کائي َچ ُ ٽ ڪري ڇڏيو ،هاڻ تعليم کاتي جو ُاڀو ڪاٺ ته بيٺل ڏسئون پيا ،پر ايڪا قلم يارڙا ڄاڻين ٿا ته انهي ُڀتل ڪاٺ کي هلڪو ُڦلڪو ٿيڙو ئي ڪيرائي وجهندو .هڪڙو مثال ٻڌائيندو هالن ته ڪجھ سال اڳ سنڌ حڪومت هن بندي کي به وزير اعلي جي تعليمي مانيٽرنگ ڪميٽيَء تي ٿاڦيو هيو .ڪاليجن جا امتحان پئي هليا ،اسان کي ڪنهن ڪاليج تي ڇاپو هڻڻو هيو ،الريَء مان لهي ،النگون هڻندو ،پنڌ ئي پنڌ ڪاليج جي در تي وڃي پڳس ،ٻي سنگت جو اڃان َڏس َپتو ڪونه هيو ،ڪپڙا گهنجيل ،سنڌي ٽوپي مٿي تي ،سٿڻ جو هڪڙو پانئچو هيٺ ٻيو مٿي ڏسي همراهن پڪو گراهڪ سمجهيو ،چيومان منهنجي پٽ جو پيپر آهي ،مونکي اندر ڇڏيو ته ڪارتوس ڏيانس ،اوهان کي خرچي پاڻي ڏبي. خرچي وٺي وراڻيائون ڀلي اندر اچ ،پر گهڙي کن الِء هن ڪٻٽ جي پويان لِڪي بيھ، هڪڙي ٽيم ٿي اچي ،اها ٿي وڃي پوِء وڃي ُپٽهين کي مال پاڻي ُپڄائجانِء .خير ٽيم آئي، ۽ منهنجو به راز ظاهر ٿيو ،مڙسن جا رڳو ٻوٿ لٿا ،ڪوبه ڊپ ڪونه ٿين ته اچڻ واريَء ٽيم جي هڪڙي ماڻهوَء اسان جي هيڏي وڏي چوري پڪڙي ورتي آهي .ان ڏينهن سنڌ جي
50
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اهم ۽ نالي واري تعليمي اداري جي هڪڙي بالڪ مان ڪارتوسن جو پاچڪو ڀري ڪڍيو هيم!!!!!! جڏهن ملڪ جي تعليم جا اهڙا حال ٿيا ته ٺيڪ ان مهل اسان پاري اڇي ڪپڙي ۾ ويڙهيل طبقي ڌڙاڌڙ ذاتي اسڪول کوالئي رجسٽر ڪرائڻ شروع ڪيا .هاڻ تعليم هرڪنهن جو بنيادي آئيني حق هجڻ بجاِء ايئن ٿي پئي جو“هجئي ناڻو ته گھم الڙڪاڻو” .اميرن جا ٻارپئسا ڏئي الڳ اسڪولن ۾الڳ نصاب پڙهيا .غريبن الِء دودو ڌوڙ چنيسر ڇائي واري ڪار ٿي .ڇو جو ماستر صاحبن اسڪول وڃڻ جو ڄڻ قسم کڻي ڇڏيو .ڇٽي ڇماهي حاضريون لڳائڻ الِء ويا ته ويا ،نه ته پندرهين سوين وارو مڙس پاڻهي صحيحون به ڪري ڇڏيندو .هاڻ وري جٺ اها به ٿي ته ،جتي سترهن ٻار اتي ستاويھ ماستر ،جتي سئو ٻار اتي هڪڙو ماستر ،سو به دڪانداري ڪندڙ مڙس ،۽ تنهن به پندرهين سوين ۾ مون جهڙوبيروزگار ڳولي اسڪول ۾ ويهاريو .جيڪو پڙهائڻ بنان رڳو ٻارن کي اسڪول ۾ ايئين واڙيو ويٺو آهي ،جيئن ڪاڙهي تتي جو ڌراڙ رڍن جو ڌڻ ڪنهن ڇانو ۾ واڙي وڃي آرام ڪندا آهن .سو ايئن سنڌ جي ٻچڙن مان تعليم جو تارو به نڪري ويو .نڪري پيو ۽ شايد نڪرندو رهي. هاڻ ٿا ڪريون جهيڙي واري ڳالھ ،اسان جي سونهاريَء سنڌ ۾ االهي ساريون ڏيڍ چانور جون ديڳڙيون چڙهيل آهن ،کوڙ سارا سماج سڌارڪ ،کوڙ سارن ڪمن سان سلهڙيا پيا آهن .راڄ مڙسن جا دان +شور ٿا سڏجن .پر ڌڻيَء کي حاضر ناظر ڄاڻي ڪا هڪڙي ُڌر ،ڪو هڪڙو مڙس ماڻهو ڇاتي ٺوڪي چوي ،ته ٻيلي اسان جي مول متن ۾ ،اسان جي قول فعل ۾ اهو شامل آ ته پهريائين پنهنجي قوم کي علم جي زيور سان سينگاربو ،پوِء اها عالم قوم ،اها ڏاهي قوم ،انقالب آڻڻ الِء پنهنجا رستا پاڻهي ڳوليندي ،پاڻهي فيصلو ڪندي ته انقالب ،چيني هجي يا روسي هجي يا ڪو ٽيون هجي .ڀانيان ٿو ڪا به ڌر اهڙي ڪانه هوندي جيڪا ڇاتي ٺوڪي ايئن چوي .هلو جي ايئن ناهي ٿيو ته اڃان به اربع خطا ڪانهي ٿي ،هاڻ به ڪا صالح ثواب ڪريون ،ڪو مستقل حل ڳوليون ،ڪو ڪهڙي ذميواري کڻي ته ڪو ڪهڙي ،ٻيو ته ٺهيو پر ڳوٺ ڳوٺ ،شهر شهر ،اسڪولن جي مالڪي ڪريون ،ايندي ويندي المارا ڏئي ،اسڪولن جي پڙهائي ڏسون ،ته به گھڻو ڪجھ ٿي سگهي ٿو .يقين ڄاڻو ته جي قوم جا ٻچڙا سڌاري وياسين ته بهشت ۾ ايئن وينداسين جيئن “ ُڌو ٻاروچا ڀنڀور ۾”.
51
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سو ڳالھ پئي هلي سائين محمد حيات جروار جي ۽ پاڻ وياسون هليا االئي ڪيڏانهن. پهريون درجو پاس ڪري اڃان ٻئي ۾ ُپڳاسين ئي َمس ته اوچتو ئي اوچتو سائين عطن فقير جي بدليَء جو پروانو اڏامندو آيو ۽ سائين عطن فقير پنهنجي فقيراڻيَء َمڏيَء کي ويڙهي سيڙهي هليو ويو .هاڻي اسان جونئون استاد محمد حيات آيو هيو ،جيڪو سنڌيَء ٽوپيَء کي گهڻو ڪري نراڙ تي پائيندو هيو .ڪاريون ڀنئور ُمڇون ۽ کل ُمک چهرو هوندو هيس .شروع ۾ ته اسان سڀني شاگردن کي اڳوڻن استادن جيان کانئس به ڊپ ٿِيڻ لڳو هو، پر آهستي آهستي اهو ُ ڊپ ختم ٿيڻ شروع ٿيو هيو ،ڇو جو سائينَء جي ُڳوٺ ۾ ايندي ئي ،ماما رمضان سان مٿو مٿي تي ياري ٿي وئي هئي ،هوريان هوريان رڳو ماما سان نه پر سائين محمد حيات ڳوٺ جي هرهڪ ڀيل ،مينگهواڙ توڙي ڪنڀار جو به يار ٿي ويو هيو .اهي ڳالهيون اسان کي گهڻو پوِء سمجھ ۾ آيون هيون ته سائينَء کي مٺياڻي ڪاليج مان ماستريَء جو ڪورس ڪندي ڪا قوم پرستيَء جي لغار لڳي ُچڪي هئي .تنهنڪري هر غريب غربو سندس يار هيو ،۽ يارانيَء الِء شرط صرف اهو هيو ته اڳلو سنڌي هجي. تن ڏينهين سائين محمد حيات زميني حقيقتن سان مالئي وطن جي حب ۽ سنڌيت بابت کوڙ سارا مثال اسان ٻارن کي سبقن ۾ ڏيڻ جي ڪندو هيو پر سندس ڳالهيون اسان جي مٿان گذري وينديون هيون .آئون پرائمريَء جا ٻه درجا وٽس َپ ُ ڙهيسِ ،چٽو ياد اٿم ته ٻئي ڏينهن ،بيٽ آفيسر محمد حيات مريَء ،جڏهن ُمنهنجو اِمتحان درجي جي امتحان واري ِ َ ُ ڪي ڳ ُ ُ يتون ڏيئي پڙهڻ!! .ويتر ورتو هيو ،ته آئون جملي ڪم پاڻيَء جيان ِپيئڻ لڳس ،نه ِ ِ ُ منهنجي استاد ،بيٽ آفيسر کي ٻڌايو ته هِيُء ُ هوشيار آهي ،جو ٽِئين ۽چوٿين ٻار ايترو ته درجن جا سبق ،صورتخطي ۽ حساب به فٽا فٽ َ ڪ ِريو َوڃيُ .ان ڳالھ تي بيٽ آفيسر، منهنجو ٽِئين درجي جي سبقن مان به امتحان َو ِرتو هيو جيڪو ايئن ڏنم جيئن سمورا سي ،وڏو شوڪارو ڀري، ڪتاب پڙهيل هجان .۽ پوِء رزلٽ شيٽ کولي ،جنم جي تاريخ ِڏ ِ جي ُعمر ننڍي آهي ،نه ته آئون پنهنجا پاور استعمال سائينَء کي چيائين ته ،ادا هن ٻار ِ ڪندي ،کيس ٻنهي درجن مان پاس ڪري ،چوٿين درجي ۾ ويهاريان ها .يعني ڊبل ،ٽرپل پروموشن ڏيانس ها .واضح ڪندو هالن ته ُان وقت امتحان اڄ جيان ڪونه ٿِيندا ُهيا ،جو َ ُ هڙيَء ۾مارڪون َڀري درجا ُٽپايا وڃن ٿا .يا سپروائيزر صاحبان ِڏنو ُپٽ ُڇٽي جو ٿي ،گ ِ اسڪول ۾ پهچيو ،مانيون کايو ،پئٽرول جا پئسا وٺي ،ماسترن کي چيو ڇڏين ته ،رزلٽ شيٽون پاڻ ئي ڀري آفيس ۾کڻي اچجو ته صحيح ڪري ڏيندسَ .ا ُ ڳ امتحان جي ِڏينهن، ڳاه ُ ڳوٺن جا ماڻهو اِسڪول ٻاهران َ ٽ ٿيو انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا ،ته ِڏ َس ُئون ڪنهن جو 52
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُپٽ فل پاس ،پاس ۽ چڙهي جي ڪيٽگريَء مان نِڪتو۽ ڪنهن جو ُپٽ ناپاس ٿيو .نتيجي ُ ريو ِڙ ُيونُ ،ڳ ُڙ ،مِٺا ُڀڳڙا ۽ َن ُقل ورهائي جي اعالن بعد پاس ٿِيندڙن جا مائِٽ حال ساروِ ، خوش ٿيندا ُهيا .۽ ناپاس ٿيندڙن جا مائٽ وري پنهنجي اوالد کي پاس نه ٿيڻ تي دڙڪا ۽ دهمان ڪندا هيا .ته گڏوگڏ ٿڌا شوڪارا به ڀريندا هئا. سو ڳالھ پئي هلي سائين محمد حيات جروار جي سائين ٻن سالن بعد بدلي ٿي مڊل اسڪول ڪاٺڙيَء ۾ساڳئي پگهار تي انگريزي پڙهائڻ ويو هليو هيوُ ،پوِء اسين جيئن ئي پنجون پاس ڪري مڊل اسڪول ڪاٺڙيَء ۾ پهتاسين ،جيڪو ڳوٺ کان پنج ميل پري هوندي به اسان الِء جهڙوڪر پرديس هيو ،ته اسان پارن اسان جي ڳوٺ جي جملي غريب شاگردن جو واقفڪار ۽ ڀرجهلو سائين محمد حيات ئي هيو جنهن جي ڏڍ تي ڪاٺڙيَء جو اسڪول ڀانِء پيو هيو .۽ هو سچ به اسان جو اهڙوته ڀرجهلو ٿيو جو پنهنجن ٻچن جيان گهر ۾ رهائڻ کان وٺي اويل سويل حال سارو اڻڀيون َسڻڀيون مانيون کارائڻ ۾ ڪڏهن به ارهو ڪونه ٿيندو هيو .تنهن زماني ۾ ويجهيَء ڇڪ ۾ ڪاٺڙيَء کان سواِء ڪوبه انگريزي اسڪول به ڪونه هوندو هيو .اڄڪلھ جي اسان جي ٽهيَء جي جملي ڪاٺڙيَء جي پڙهيل ماڻهن ۾ جيڪر ٽڪو پئسو ڪو قومي جذبو ،وطنيت جو اتساھ ۽ طبقاتي معاشري جي ٽڪساٽن جو ڪو پتو آهي ته اهو ڪبيرو گناھ سائينَء محمد حيات جو ڪيل آهي .سو پوِء اسين سمورا شاگرد ڪاٺڙيَء مان پڙهندا االئي ڪٿان ڪٿان پڙهي ڪامورا ٿيندا وياسين، پر سائين محمد حيات اويل سويل ،توڙي مرڻي پرڻي هرهڪ شاگرد وٽ ٻارين ٻچين پير ڀريندو رهيو .۽ اڄ به هيڻي حال هوندي رٽائرڊ زندگي گذاريندي به حال سارو پنهنجي َپ ِر پاريندو اچي .سائينَء جو هڪڙو قصو ياد پيو اچيم ،جنهن تي لکندي کل به اچي پئي .۽ انهيَء قصي ڪرڻ کان سواِء سائينَء جو قصو ئي اڌورو ۽ اڻپورو هوندو .ها گھڻو پوِء جي ڳالھ آهي ته سائين محمد حيات جروار عبدالواحد آريسر ۽ شفي سينهڙي جي گهڻو ويجهو ٽ ،ته وري ڪڏهن ڪنهن ٻيَء َ ٿي ويو هيو .،ڪڏهن قمر ڀٽي َ ڪ َ ڪ َ ٽ جي ڏاڙهي َرکيو، ديشي ٿيو وتندوهيو .ها اهو سنڌي ٽوپي نراڙ تي پايو ،سرڪاري مالزم هوندي به پڪو ِ به ٻڌائيندو هالن ته ايستائين آئون ارڙهين اوڻهين گريڊن جون نوڪريون ڪري ،گولڊن هينڊ شيڪ ۾ چڱا خاصا ڏوڪڙ روڙي ،رٽائرڊ زندگيَء هوندي به اڳئين کان اڳرو ٿيو وتندو هيس .مٿان وري مالن نيڪوَء سان ياري هجيم سا به جهڙي تهڙي نه پر صفا لنگوٽيا هجون .۽ درويش صفت مالن نيڪوَء الِء خلقن جو ُهاليل هجي ته ملو ڏاڍن ُمڙسن جو ماڻهو آهي .سو اسان واري سائينَء الِء هڪ ته تعجب جهڙي ڳالھ اها هئي ته آئون رٽائر ٿي 53
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
به اهڙي ٺٺ ٺانگر واريَء زندگيَء الِء پئسو ڏوڪڙ ڪٿان ٿو آڻيان .ٻيو وري مٿان ڪنهن يارڙي ٺوڪي کڻي ڦوڪ ڏنس ته آئون به ڏاڍن مڙسن جو پگهاردار آهيان .سو هڪڙي ڏينهن هڪلي هوڪاري مون وٽ آيو ،۽ انتهائي ادب جا هٿ ٻڌي چوڻ لڳو ،ابا مون توکي پڙهايوُ ،پٽن جيان پنهنجي گھر ۾ رهايو ،ٻيلي منهنجي پارت هجئي !!!.آئون پريشانيَء مان سائينَء جا جوڙيل هٿ کوليان ۽ سائين َو ِريو َو ِريو پيو هٿ ٻڌي .نيٺ گهڻي ُپڇ ُپڇان بعد اصل ڳالھ ٻڌايائين .تنهن تي ڏاڍا ڀلي سونهاري ۽ جاميَء جا قسم کڻي کيس يقين ڏيارڻ جي ڪيم ته سائين ايئن ناهي جيئن اوهان ُٻڌو آهي .پر سائينَء اهڙي ڳنڍ َٻڌي جو ڦِريو ڦِريو چوي ،ها ابا سڀ ايئن ئي چوندا آهن ،پر هوندا ٻيو ڪجھ آهن .اهي ڏينهن اڄوڪا ڏينهن سائينَء کي منهنجي ڳالھ تي يقين ڪونهي آيو ،جيتوڻيڪ سائين هاڻ آريسر وارن کان االهي پري بيٺو آهي ،پر پوِء به َوسين لڳي منهنجي اڳيان ڪا به سياسي ڳالھ ڪرڻ کان َلهرائيندو آهي ،ته نه پر اصل وونُء ويندو آهي .اڃان به ڊپ اٿس متان ڪا چغلي هڻي پيريَء ۾ ٽنگائي نه وجهانس. سائينَء جي قصن سان ڇيڙ خاني ڪنداسون ته ڪتاب ڀرجي ويندا پر پوِء به هڪڙو ٻيو به ياد ٿو اچيم سو ڀانيان ٿو ته اوهين به ُٻڌندا هلو 1983 .ڌاري منهنجي وڏي پٽ جو عقيقو هجي ،رات جي مانيَء ٽڪيَء بعد سڀني مٽن مائٽن يارن دوستن جي راِء هجي ته راڳ جي محفل ڪريون ،جنهن الِء ڦلهڏين جو دوست ۽ شوقيه ڳائڻو ابراهيم مري يڪتارو ۽ چپڙيون کڻي آيو هجي .هوڏانهن اسان جي برادريَء جو بزرگ ۽ڪٽر وهابي مولوي حاجي ابوالحسن شر جو ضد هجي ته مولودن جي محفل ڪجي .حاجي صاحب بزرگ هوندي به وڏو ڀوڳائي هوندو هيو۽ سائين محمد حيات جا ڀوڳ چرچا تمام گهڻا سهندو هيو .نيٺ انهيَء رات سائين محمد حيات اسان جي بزرگ مولويَء کي مڃائي ويو ته صوفياڻو ۽ قومي راڳ به هڪڙي قسم جي بندگي آهي .نيٺ اسان وارو بزرگ هڪڙيَء ڪنڊ ۾ وڃي رلي تاڻي سمهي رهيو ۽ باقي سنگت سڄي رات راڳ تي پئي ڪنڌ ڌوڻيا .فجر ڌاري هرڪو وڃي آرامي ٿيو .هوڏانهن وري حاجي صاحب اٿيو ،وضو ساري ،ڇني جي لڳو لڳ واري مسيت ۾ وڃڻ بجاِءُ ،ستل مهمانن جي منهن تان رليون پاسي ڪندي ،سڃاڻپ جي ڪوشش ڪندي، جڏهن سائين محمد حيات وٽ پهتو ته سندس سيرانديَء کان بيهي ٻئي هٿ ڪنن ۾ وجهي شرارت طور اذان ڏيڻ الِء ڪيائين اهلل اڪبر ،اهلل اڪبر .سائين اڃان ڪچڙيَء ننڊ ۾ هيو، سو رليَء مان منهن ڪڍي چيائين مار! هن ُملي ته ڇنو ئي مسيت ڪري ڇڏيو .تنهن تي بزرگ ابولحسن کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو هيو ۽ پوِء ٻئي هڪ ٻئي سان منهن منهن ۾ 54
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏئي ڳچ دير کلندا رهيا .اها هئي انهيَء دور جي بزرگن جي برداشت ۽ رواداري نه ته اڄڪلھ جو دور هجي ها ته سائين محمد حيات اهڙي ڀوڳ ڪرڻ تي بنان پئسي ڪڏهوڪي بهشت جي ٽڪيٽ وٺي چڪو هجي ها، ۽ پوِء سندس بدلي ٿي وئي .چوٿون ۽ ُ ُ پڙهيس جيڪوبه ٽ پنجون ،مرحوم گل حسن جروار َو ِ فق ِيراڻي َر َ ُ نسان ُهيو .واضح رهي ته ُمنهنجيَء زندگي َء ۾ تبديلين نگ جو سادو ۽ ِسڌو اِ جو ُم َ حرڪ والدين سان َگڏ سائين گل حسن به َب ِڻيو ،آئون جيڪي ڪجھ اڄ آهيان سو بابا سائين ۽ امان سانئڻ سان گڏوگڏ سائين گل حسن جي ڪري آهيان ،سائين گل حسن جي انهن احسانن جو گهڻو ِذڪر َاڳتي ايندو. تن ڏينهين ،پنجين درجي ۾ پڙهندا ُهياسين ،جو ميراڻي زمين تان قيصر خان راڄڙ جي مقاطعي جو مدو پورو پئي ٿيو .ڇن جون هي ميراڻيون زمينون ڪالھ به ڀلوڙ هيون ته اڄ َ زمين جي مقاطعي جي هن به آهن .سو زمينن جي زرخيزيَء کي ڏسندي ،مِير صاحب ِ ڪافي ڊِنگ زميندار َڀ َڄ ڊوڙ ۾ هياُ .ان وقت منهنجي ُعمر َڏ َهه ورهيه کن حاصل ڪ ِرڻ الِء ِ َ صرف هِڪڙي َک َ هوندي ُهئي جنهن تي بابا ُسمهندو ٽ هوندي .جيئن ته اسان جي گهر ۾ ِ ِ ِ ِ َ َ ُهيو .ٻين ڀاتين الِء ڪاٺ جون پيهيون ٺهيل هونديون هيون .امانِ ،جيجان ۽ اسين ٻار انهن َ ُ کي ُسمهندا ُهياسين .آئون ڪڏهن ڪڏهن ڪاٺ جي ِ پيهين تي کِپ ِوڇائي مٿان َرليون َر ِ ُ َ انگل آرا ڪري وڃي ،بابا سان گڏ کٽ تي به سمهندو ُهيس .جيڪا کٽ رات جي وڳڙي ۾ هميشھ گهر کي ڏنل ڊنگهرن واري لوڙهي جي گِهٽيَء تي َرکِ َيل هوندي ُهئي .بابا پاڻ سان َُ ُ َ کي جي الئسنس واري هڪ نالي بندوق ۾ ڪارتوس ِوجهي ،رليَء هيٺان َر ِ گڏ ماما رمضان ِ پوِء ُسمهندو ُهيو .اها بندوق اڄ به خان محمد وٽ موجود آهي جيڪا بابا ۽ ماما ڪڻڪ جي هڪڙي ٻوري ڏيئي پاڙي جي ڪنهن وڏيري کان خريد ڪئي هئي .ڇاڪاڻ ته ُان زماني ُ ڻيون ٿ ِ ُ ڪار ُيون َگ ِه ُ ينديون ُهيون .انهيَء ڪري ماڻهو پنهنجن ۾اسان جي تر ۾ چوريون َچ ِ ڳوٺن تي پهرا به ڏيندا هيا ،هونئن به هر گهر ۾ هڪڙو اڌ ڀاتي رات جو واري واري سان پيو جاڳندو هيو .جيئن مال متاع جو سماع ڪبو رهجي .اهڙيَء ئي َ هڪڙيَء رات جو آئون، بابا سان گڏ گهٽيَء تي رکيل کٽ تي ُس ُ ار َيل ُبلٽري ُ ڪ َت ِن ُرو َم ِڙ تل ُهيس ،ته اسان جي َڌ ِ ِ ڪري ٻاهران ايندڙ ڪنهن ماڻهوَء کي َوڃي َد ِسيو .بابا ۽ آئون ڇ َ رڪ ڀري جاڳيا ِسين ،ڏسون ِ ِ َ ُ ُ َ چي اسان جي ته ُرگهو مل ،مٿي اگهاڙو ،پيرين اگهاڙو ،ڪتن کان پاڻ ڇڏائ ِيندو ،سهڪندوا ِ َ ئي َسهڪندي چوڻ لڳو .اڪبرخان، َکٽ تي ِ ڪريو .۽ بابا جي ڳالهائڻ ۽ ڪجھ پڇڻ کان اڳ ِ اڪبر خان ،ڌاڙيلن جي ٽولي َاسان ميگھواڙن جو سمورو ويڙهو ُڦري ،هاڻ سيٺ رائت مل 55
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٽاڙي ڪڍي پاس ِيرا ڪريو ،ڌاڙيل رائت جي دڪان تي ڪاهِيو آهيَ ،اوهين به گهرن مان َٽ َپ َڙ ِ مل کي ُڦري ،ڄاڻ اوهان ڏي پهتا. ُ ئي ،بابو سائين ،کيس بنان ڪنهن ورنديَء ڏيڻ جي ،ڊِگهيون ُرگهي مل جي ڳالهه ٻڌندي ِ َٻرانگهون َڀريِندو ،ڀريل بندوق ۽ ڪارتوسن جي پٽي سميت کنيون ،واڻِين جي ُد َ ڪان ُ َ ذري هئي ،جو واڻين جي ُد َ ڪان جي ُاترينَء َڀ ِر، هڙي ئي ڪونه گ ِ طرف هليو ويو .گ ِ مينگھواڙن پاران ٺاهيل جانورن جي کلون رڱڻ واري ماٽي لڳ بيٺل َٻ ُٻر َوٽان ُ بندوقن جا ُڌوڙيا ۽ بابا جون َه ُ ڪلون شروع ٿِي ويون هيون .آئون ۽ رگهومل َڊپ ۾ َڏ َ ڪندي هڪ ٻئي ِ کي چنبڙي ويا هياسين ،چٽو ياد اٿم ته انهيَء ڏينهن ُرگهو مل مون کان به وڌيڪ َپئي َ ڪيو .نانا گل حسن جو ُپ ُ ٽ قاسم ،تن ڏينهين ڦوھ جوانيَء ۾ ُهيو .سو به بندوق جي ڏ ِ ٺڪاون جي آواز تي سجاڳ ٿيُ ، ڪهاڙي َک ِڻي ٺڪاون جي طرف ڊوڙندوهليو ويوَ .ٺ َ ڪاو ِن َ ُ ُ ُ الهي خير جو ِو ِر ُد ڪرڻ لڳا تي ڳوٺ جا ٻڍا ،ٻار ،مايون ،دايون ،سڀ ِڇرڪ ڀري جاڳندا ،يا اِ ِ هيا .رگهي مل جي ُپٽ بيکي مل ،پنهنجي اسپين جي دونالي بندوق لوڙهي تان اسان جي گهر ۾ اڇلي ڏني هئي .تنهن کي ڪنهن هٿ به ڪونه التو .انهيَء ڪري جو اسان سڀني جو هيانُء اڳيئي ٺڪاون جي ڪري پئي ڦاٽو ،ويتر ٻيَء بال ۾ هٿ ڪير وجهي ۽ ڇوڙي. نيٺ بندوق جا فائر ۽ بابا ُجون َه َ ڪلون اوڀر طرف َو َڌن ِد ُيون ۽ ِجهي ِڻيون ٿِين ِد ُيون ويون، تان جو فائر ٿِ ُ يڻ بند ٿي ويا .اسان جي ڏڪڻي به ويتر وڌي وئي ،رگھي مل جي وات مان گھڙيَء گھڙيَء ٿڙندڙ ۽ ڏڪندڙ زبان سان بابا جي خيريت الِء ڀڳوان کان وينتيون پئي نڪتيون .ڪالڪ َک َن بعد بابا سائين ۽ قاسم ،سهڪندا واپس موٽِيا هيا ۽ ُرگهي مل کان ڪ ُ ُ َ ُپڇڻ لڳا هيا ته ،ڪاڪا ُرگها! واڻِين جي ُدڪان ۽ ُتنهنجي اوطاق تي ُ ڪ ُ ڳي ِ ڙو ڪو ل ِ ِ ڳوٺ جا سڀ ُ َ َ َ ڪيڏانهن ِويا آهن؟؟ ُرگهي مل کي به بابا سائينَء وارن جي ماڻ ُهو ئي آهي، پ ِ اهڙي سوال تي حيرت پئي ٿي ،ته آخر هيڏا سارا ماڻهو ڪيڏانهن ويا هوندا؟ نيٺ بابا َ سائينَء وارن ُرگهي مل کي ُ وريل ساڻ ڪري ،و ِڏيَء ڳوال بعد واڻِين جي ان جي َڀانڊي ۾ ُپ ِ َ يس َيل ُهئا ،جو َپ َ نهنجن جا َسڏ َچاله ِيارو همراهه ٻاهر ڪڍيا هيا .جيڪي ايترا ته ڊِ َنل ۽ هِ ِ َُ َ َ ُ رنائين .ته متان اڃان ڌاڙيل بيٺا هجن ۽ ٻاهر نڪرندي ئي نه ِپيا َو ِ سڃاڻي به ڊپ مان سڏ ِ ماري نه وجھن. ٻِئي ِڏينه ِن بابا ُٻڌايو ُهيو ته راتوڪا همراھ ڌاڙيل ڪونه هيا ،پر ڪي َ چور هيا ،جن ڪاريَء ڪپڙو َٻڌي بندوق َبڻائي ،رگھي مل جي اوطاق تي َ ڪاٺيَء ۾ َ ڪچهريَء ۾ َم ُحو ميگهواڙن ِ کانئن ئي واڻِ َين کي َس ُڏ َ َ َ کيُ ، ڪوٽ جو ڪرائي ،واڻين جي وڏي ئي َپ ِٽڪ ِن ۾ َٻ ِڌ ِيِ ُ ، سن ِ دن ِ 56
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َد ُرکوالئي ،واڻِين کي ڏاڍي َ َ ڌي ،جڏهن ُ ورن ِ سم ِ ڍي ،سمورن مينگھواڙن سان گڏ َٻ ِ مار ڪ ِ َ َ َ ُ مڙسن کي ڀانڊي ۾ ِ َ ٽي ِپئي هين ،ڇو جو مينگھواڙن جي اوطاق واڙڻ لڳا هيا ،ته ڳڻپ ک ِ تان َٻڌل مڙس ڳڻي وٺي آيا هئا چاليھ .واڻين سوڌا جڏهن ڳڻي پورا ڪيائون ته هڪڙو مڙس ُکٽي پ ُي ِن .تڏهن هڪ ٻئي کي َچ ُ ڪاري ِسگها ٿِيو ،پوڙهو َڀ ِڄي ويو َ اٿو، يائونِ ،ش ِ ِ ِ َ ڄاڻ َو ِڃي سموري ڳوٺ کي جاڳائِيندو .پوِء تڙ تڪڙ ۾ اڃان ٿورو گهڻو سامان هڙوٽين ۾ َ ات ڌي َوٺِي َڀڳا .ر ِ ٻڌي کڻڻ جي تياري پئي ڪيائون ،جو بابا جي ڪيل فائِرن جو آواز َُٻ ِ ُ ئي ُ ڦورو اڳيان َڀڄندا َپئي ِويا ۽ بابوسائين پويان فائِر ڪندو َپئي ِويو .جيڪر چانڊوڪي ه ِ ِ َ ُ َوٽن ڪوه ِٿ ُ جوابي ُ فائر به ڪ ِن ها .ان رات يار پنهوار هجي ها ،ته ضرور بابي سائينَء تي ِ ُ ڪارتوس َکپائي ،سليمان شاھ جي قبرستان وٽان واپس ٽيويهه يهن مان ِ بابو سائين ،به َپ ِ نجو ِ َو ِريو ُهيو. ُ جي زمين گهڻو پوِء جڏهن وڏا ٿياسون ته خبر ئي ،ته اِهو ڪارنامو مِير صاحب ِ پيئي ه ِ ِ مقاطعي تي حاصل ڪندڙ زميندارن جي پاڻ ۾ تنگا ڪشيَء جو نتيجو هيو ،رگهو مل انهيَء ۾ اڙيو هيو جو هن انهيَء وڏيري الِء مير صاحبن کي سفارش ڪونه ڪئي هئي. گھڻن ماڻهن جون آڱريون تر جي مشهور وڏيرن ڏي کڄنديون هيون .پاڻ جي ناال کنيا ته ڪ َن ٿيندا ان ڪري مِٺي به ماٺ ،ته ُمٺي به ماٺ .رب ٿو ڄاڻي ته سچ ڇا هيو .نيٺ ٿيو ايئن ِ ُ ُ هيو ،جو ٻيا زميندار رهيا ِسٽون ِسٽيندا ،۽ ڦر ڦران ڪندا ،وچان وچ چوڌري اسلم گھمڻ ٻني مقاطعي تي کڻي ويو .يا وري رگهي مل ئي اهو مقاطعو کيس وٺرائي ڏنو هيو. هاڻي اسان جو َنئون مقاطعيدار ۽ ُمجيري ،چوڌري اسلم گھمڻ آيو هيو ،جيڪو ُسفيد يندڙ۽ نيڪ نِمازي هيوُ . ڏاڙهيَء سانُ ،پوري پني َق ُد وارو ،ٺيٺ ِسنڌي ڳالهائ ِ ُ سندس َاچڻ ِ ِ ِ سيٺ رائِت مل به هوريان هوريان پنهنجو ُدڪان ڳوٺ مان َپ ِٽيو هيو. کان جلدي پوِء ئي، ِ ڪمدار ئي َرهِيو ،باقي ٻي خلق ُ ُ واهي، ۾منشي، باقي ُرگهومل وري به چوڌري اسلم جو ِ َ َ وارد ٿيا منيجر، چي زمينداري اوطاق تي ِ چوڪيدار۽بورچي ،مطلب ته کوڙ سارا ماڻهو ا ِ ِ هيا .چوڌري اسلم جي مالزمن ۾خاص طور تي هِڪڙو مينيجر ،چوڌري اسحاق هوندو هيو ،جنهن کي اسان چوڌري ايساک چوندا هياسون .هو تمام سختُ ،رکو۽ َبددماغ هوندو واري وليس ڪمپنيَء جي ِج َ يپ گاڏڙ سنڌيَء ۾ ڳالهائيندو ُهيوُ ،ک ِل َيل هوڊ ُهيو .پنجابيَء ِ ِ وندي ُهيس جنهن ۾ چڙهي گهمندو هيو ،ٿوري گهڻي ڪم ڪار جي ڪوتاهيَء تان هارين ُه ِ گاريون ِڏيندو هيو .تنهنڪري سڀڪو هاري کانئس ڏاڍو لهرائيندو هيو .هو کي َز ُن ُدختر ِ
57
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
حاجي اسلم گهمڻ جي ڀلوڙ طبيعت جي بلڪل ُابتڙ هوندو هيو .خبر ئي ڪونه پوندي هئي ته حاجي اسلم جهڙي شريف ماڻهوَء اهڙو ُرکو ماڻهو ڪيئن مالزم ڪري رکيو آهي. ان سال نئين مقاطعيدار حاجي اسلم سموريَء زمين جا پراڻا َٻنا ۽ َا ُ ڏون ،ناليون ۽ نائڪا ورين َٻ ِنين مان ڍڳن ذريعي ُسڪيَءجا پنج َڇهه ٽريڪٽرن سان کيڙائي َڊهِرائي َڇ ِڏيا هياَ .س ُم ِ يخ ِن واري َ ڪيڻون َلڳيون ُهيون ،لوهي ِش ُ ليٽ ِڻ ،جيڪا َه َر نِڪتا هيا ،ٻه ٻه ڀيرا ڍڳن جون ِ ِ ِ ِ االهي ڳري هئي سا به آندي هيائون ،جنهن ۾ لوھ جا ُسنڀا لڳل هوندا هيا ،مٿس ڪاٺ جي تختي نما ڪرسي به ٺهيل هئي جيڪا انهيَء ۾ جوٽيل ڍڳن کي هڪلڻ واري هاريَء جي ويهڻ الِء هئي .جنهن کي ڏاندن۾ جوٽي ٻنيَء ۾ هالئڻ سان کيڙيَء جا سمورا ڀِ َتر ُڀ ِري ٿي فجر جي نِماز َ ِويا .سا به ٻه ٻه ڀيرا ٻنيَء ۾ ڦيرايائون .مقاطعيدار ،حاجي اسلم پاڻ ُ ويل َٻنيَء ِ ُ مينجر۽منشي ڪالڪ َک ُن اڳ ۾ وڃي ٻنيَء ۾ ُپهچي ويندو هيو .هاري ،ڪمدار ،ڪاراوا، َ ُ ٿي ِويون هيون .حيرانيَء ۽ ڀني جون نِنِ ُڊون حرام ِ ۾ هڪيا تڪيا حاضر ٿيندا هيا .س ِ پريشانيَء ۾ رڳو هڪ ٻئي جي منهن ۾ سواليه نظرن سان پيا ڏسندا هيا ،ڇاڪاڻ جو سڀئي هاري ليکن چوکن ۾ االئي ڪيترن سالن کان واڻين جا َ ڪهڪايل هيا .انهيَء ڪري ڪجھ چوڻ ،آکڻ جي ڪنهن ۾ همت ئي ڪونه ٿيندي هئي .باقي اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کان وڏا سوال ڪري ويندا هيا .جن جو مطلب کين ئي سمجھ ۾ ايندو هيو ،ڪو ٻاهريون يا اوڦٽو ماڻهو ،سندن اکين ۾ سمايل سوالن کي پڙهي ڪونه سگهندو هيو. ُانهيَء زماني ۾سرڪار اسڪولن جا ٽائيم به بداليا هيا ۽ هاڻي پنجين وڳين بجاِء ،ٻ ِين َوڳين اسڪول جي موڪل ٿيڻ لڳي هئي .جنهن جي ڪري شام جي ويلي اسين ٻارڙا به ٻنيَء ٻاري جي َ ڪم ۾ وڏڙن جو َه ُٿ َونڊائِڻ لڳا هياسين .ٻيو ڌنڌو ته اسان ٻارن جي وس کان ٻاهر هيو ،پر پوِء به مائٽ اسان ٻارن کان اڪثر ڪري ڪوڏرن ذريعي َٻ َنا َٺ ِپرائ ِ ُڻ ۽ پڪين ِس ُرن کي ُچن لڳائي َٻ َن ِن تي قظارن ۾ ُاڀو ڪرڻ جو ڪم وٺندا ُهيا .نئين مقاطعيدار َ ڪئي ُهئي، ايتري ته مِحنت پهري ِن َڇ َه ِن مه ِي َن ِن ۾ ِم ِڙني هارين ،ٻارن ٻچن سميت جي ِ ِ ين جي ماريل ،۽ َق ِرضن جي ڪوٽن ۾ پوريل هاريِن جا ُمنهن هيڊاِ ،پيال جواڳ ۾ ئي ڳڻ ِت ِ لڳندا ُهيا ،سي هاڻ ويتر وڌيڪ ڪومائجي ۽ ڪاراٽجي ويا هيا .واندڪائيَء ويل جڏهن به َ ڇانو ۾ ويهي ڪو ڊاٻو ڪندا هيا ،ته ٿڌن شوڪارن ڀريندي ،هڪ ٻئي سان ڪنهن ٻٻر جي اندر جا احوال اوريندي ،هڪ ٻئي کي َچوندا ُهيا ،يار پاڻ ڄاوا ئي ُسور ِپ ِٽڻ الِء آهيون ،ابن ڪمائي َ ڏاڏن کان پيا پورهيا ڪيون ۽ نيٺ َ َ پرقرض ڪونه َلهندا، ڪمائي َم ِر ِي ِويندا ِسين شايد ڌڻيَء َپنهنجو ُمقدر ئي اهڙو لکيو آهي!!!. 58
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪي ڪي َت ِ تنهن زماني تائين هرڪنهن هاريَء وٽ پنهنجو ڍڳن جو جوڙو ۽ ڍڳي گاڏي َه ِ ۽ الزمي هوندي هئي .جنهن هاريَء وٽ پنهنجو جوڙو ۽ ڍڳي گاڏي نه هوندي هئي تنهن کي اول ته هاري ئي ڪونه مڃبو هيو ۽ کيس ُبگڙيو هاري چئبو هيو .هرڪنهن هاريَء جي انهيَء ڍڳي گاڏيَء جي بانڪن تي به اڳيان توڙي پويان ُڳوڻ جي َٽ ِپڙي َٻڌل هوندي هئي ۽ هرڪو هاري هر روز صبح جو ٻنيَء تي ويندي مال جي وٿاڻ جو ڀاڻ پنهنجيَء ڍڳي گاڏيَء ۾ هرروز ٻنيَء تي کڻيو ويندو هيو ،۽ اهو پنهنجي آئيٺي ۾ پکيڙيندو ويندو هيو .ايستائين موجودھ ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهريليون دوائون اسان توڙي اسان جي وڏڙن هارين مان ڪنهن به ڪونه ڏٺيون هيون ۽نه ئي وري ُٻڌيون هيون .فصلن تي ُاڙي ُٿڙي بيماريَء جي حملي يا جيت جڻي جي نقصان کان بچاُء الِء هرڪو هاري رٿابنديَء سان پنهنجيَء ٻنيَء جي ٻنن تي ٿوري گھڻي جوئر يا ٻاجھري جا داڻا َڇٽي ڇڏيندو هيو ،جنهن مهل فصلن جي مند ڀربي هئي ته جوئر ۽ ٻاجهر جي تيار ٿيل ۾ به داڻا لڳندا هيا ۽ پوِء انهن داڻن تي جھار لڳندي هئي ،تڏهن جھرڪيون ،وهيا ،ڪٻرون ۽ ڳيرا انهن سنگن جا داڻا ُچڳندي آس پاس بيٺل ٻئي فصل تي جيت ڏسي انهن کي به کائڻ شروع ڪندا هيا .اهڙيَء طرح فصلن جي بيمارين جو جهڙوڪر بنان پئسي عالج ٿي ويندو هيو. حاجي اسلم گھمڻ ،انهيَء سال پهريون ڀيرو هن تر ۾ ڪيميائي ڀاڻ ۽ جيت مار دوائون ِمال اسان جي وڏڙن وڏيَء آنا ڪانيَء ۽ سورن بع ِد َ آنديون هيون ،جن جو اِستع ُ ڪيو هيو. ِ سو به تڏهن جڏهن ڪمدارن ڪاراون دڙڪا دهمان ڪري چيو ُهين ته هيُء ڀاڻ ۽ دوا ٻنيَء ۾هڻو ،جي نه ته به اوهان جي کاتي لکجي چڪو آهي .پوِء به ڪي ڪي همراھ ته کڏون کڻي انهن ڀاڻ جي ٻورين ۽دوائن کي پوري ڇڏيندا هيا .۽ پنهنجي َپ ِر ۾ چوندا هيا ته اسان ڪو پنهنجي آئيٺي ۾ هٿ سان ڪلر وجهندا سون ڇا؟ پوِء به گهڻا تڻا جهونا هاري ڪيميائي ڀاڻن کي اڄ سوڌو ڪلر چوندا آهن ،۽ ُاتر ڏي ته هرڪو ماڻهو اڃان به ڪيميائي ڀاڻهن کي ڪلر ئي چوي ٿو .ها سچي ٽريڪٽر جهڙي وڏن ڦيٿن واري بال به اسان انهيَء سال ئي ڪ ُ َ يڻون َهڻندي رن کي َٻنيون کيڙيِنديِ ، پنهنجيَء حياتيَء ۾ پهريون دفعو ڏٺي هئي .ٽِريڪٽ ِ ِڏسي ،اسين َت ُ عج َ ب ۾ َوٺ ِبا ُهياس ِين .حيرت ٿيندي هئي ته مار! هيَء بال ڪيئن پئي سموريَء ِ ٻنيَء کي اٿالئي ُپٿالئي کيڙي ۽ ڪيڻ هڻي؟ انهيَء سال نئين مقاطعيدار حاجيَء اسلم پاران سمورن هارين کي سائي رنگ جو هڪڙو ننڍڙو ڪتاب َڇپرائي ِڏنو ويوهيو .جنهن َ ڻت بِلي سميتَ ،ٻنيَء جا کي پاس بوڪ ٿي چيائون .انهيَء ۾ هرهڪ هاريَء جي روڪ َک ِ َ صحيحن سمورا َخرچ ،اهي سمورا ڪنهن جي هٿان مليا يا ٿيا ،تن جي ِڏيندڙ ۽ َوٺندڙ جي 59
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سميت انهيَء ڪتاب ۾ َدرج ٿِيندا ُهيا .تن ڏينهين ماڻهو ڳالهيون ڪندا ُهيا ،ته حاجي اسلم صاحب َوٽ پنهنجي يا مقاطعن جي زمين هزارن ايڪڙن ۾ ُهئي ۽ هر هنڌ هاريَء الِء َاهڙي پاس بوڪ جو َرواج ُ هوندو هيو .جيڪو جڏهن به ڪا روڪ کڻت ڪندو هيو ،ڀاڻ ڀتر يا وروُء واٽ کڻندو هيو ته اهو ڪتاب پنهنجي قميص جي پاسي واري کيسي ۾ کڻيو ويندو هيو .۽ انهيَء ۾ منشيَء هٿان داخال ڪرائي ،ڪمدار ڪارائي سميت پاڻ به کاٻي هٿ جو آڱوٺو مس ۾ ٻوڙي هڻيو ايندو هيو. تن ڏينهين اسان جي وڏڙن وٽ ڪو پنهنجو تڏو ُٿوڻي ڪونه هوندو هيو ،گھڻو ڪري رگھي مل جي اوطاق ئي اسان جي وڏڙن جي مهمان تائيَء جي آئي وئي جي ڪم ايندي جي هئي .گھڻو پوِء نانا گل حسن کي پاڻ هرتو خيال آيو ۽اوطاق الِء هڪڙي اوڏڪي ڀِ ِ ت ِ ِ ڪوٺي ۽ َڇپرائِين النڍي ٺاهيائين ،۽ اتي هڪڙو ننڍڙو َه ُ ٽ به َرکِيو ُهيائين .اها ڇپرائين ِ َ ُ النڍي ،پوِء اها ڇپرائين النڍي اسان جي وڏڙن کي اوطاق جو ڪ ُم ِڏيندي هئي .مرحوم ِ َ ُ ناني گل حسن ،پنهنجن پراڻن پيل وا ِڍڪن اوزارن سان ڪاٺ ِجي هڪڙي َو ِڏي َ صندل به ٺاهي النڍيَء ۾ رکي هئي .النڍيَء جي آڳر ۾ سرينهن جي هڪڙي وڻ جي چڪي آڻي لڳائي هيائين جيڪو پوِء اسان جي سانڀر تائين وڏو وڻ ٿيو بيٺو هوندو هيو ،گڏوگڏ ڪجھ ٻٻرن جا وڻ به پاڻهي ٿي پيا هيا .جنهن جي ڪري النڍيَء جي آڏو سڄو ڏينهن ڇانو ۽ ٿڌڪار لڳي پئي هوندي هئي .ڪاڙهي تتي جو ٻنين تان ٿڪي ،ٽٽيَ ،ه ُچ ٿي ورندڙ هاري ،صندل کي گِھلي َس َ َ ڇانو ۾ رکيَ ،پٽڪا سيراندي ڪري َا ِچي آرام ِي ٿ ِيندا رينهن ۽ َٻ ُٻرن جي ٿڌڙي ُهيا .نانا گل حسن النڍيَء جي ِو َچ ۾ سياري جي َم َچ الِء هڪڙي ُچلھ به ٺهرائي هئي .جنهن ِ ُ ڪ ِٽ ِلي ڏينهن لڙئي تي ِسياري توڙي اونهاري ،نانا جي ڀاُء ،مرحوم هاشم ِجي چانھ جي ِ َ ويل َچڙهن ِدي ُهئي .مرحوم هاشم چانهه جو اهڙو ته ٻانڌاڻِي هوندو ُهيو ،جو ڀلي ته اوطاق َ ِهمان ويٺا ُهجن ،ڀلي ته ڪيترائي َسلهٽيل هاري به ويٺا چپ َچ ِٽين .پر مرحوم ۾ ڪيترائِي م هاشم ،چانھ جي ڪنهن کي َسک ِڻي صالح به ڪونه ڪندو ُهيو .جڏهن پاڻ چانھ جا کوڙ سارا ڪوپ پي ڍوُء ڪندو هيو .تڏهن ڀر ۾ ويٺل ڪنهن ماڻهوَء يا مهمان کي رسم پوري ڪرڻ الِء َسکڻي صالح ڪندي چوندو هيو ته ،ڀائو چانھ جو ُڍڪ کن بچيو آهي ،جي پيئين ته اچي پيُء .هاشم مرحيات صفا درويش ۽ سڌو سادو ماڻهو هوندو هيو .پنهنجي ٻنيَء سان عشق جي حد تائين چاهت هوندي هيس ،رات ڏينهن ٻنيَء ۾ هڻ وٺ ۾ هوندو هيو .پاندي پوري ٿئي يا نه ٿئي تنهن سان مرحيات جو ڪو ُڊول ڪو چمٽو !!.بس هلڻو آ ۽ ڪم ڪرڻو آ .هلي هلي مرحيات جا پير ڍڳي جي ُکرن جهڙا سخت ٿي ويا هيا ،هڪڙي ڀيري 60
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پيرين ُاگهاڙيَ ،هر ڪاهيندي ڪنهن ُلنڊيَء تي پير اچي ويسُ ،لنڊي به ُک ِڙيَء ۾ ٺوڪي کڻي چڪ وڌس ،هن جا پير به ڍڳن جي ُکرن جهڙا هجن ،سو همراھ کي َ ڪل ئي ڪانه پئي، ته ُلنڊي چهٽي پئي آهي ،هلندي هلندي گهڙيَء گهڙيَء ُک ِڙيَء جي زمين تي ُکپڻ سان ُلنڊي ته ڪڏهوڪي ُپوري ٿي وئي هئي ،هي همراھ االئي ڪيتري دير انهيَء ُلنڊيَء کي گهليندو وتيو .۽ جڏهن ڪنهن تو مون پاري ڍڳن جي وراڻي تي َڏ ِس ُيس ته ميان هاشم پير ۾ لنڊي ُچهٽي پئي اٿئي .ته همراھ جوڙو ڇڏي لنڊيَء جي سراپ ۾ َڍڪرجي پيو .پوِء ته رڙو رڙ ڪري ڪي ڪالڪ اوڙو پاڙو ۽ هاري ناري پريشان ڪري وڌائين. مرحيات هاشم بنهي گهڻو ڊڄڻو هوندو هيو ،جهيڙي جهٽي توڙي ڦڏي فساد کان اهڙو لهرائيندو هيو جهڙو گنجو پاڪيَء کان .ڳوٺ ۾ يا اوڙي پاڙي ۾ ڪو ٿورو گهڻو گوگاُء ٿيو يا ڪو هڪ ٻئي ۾ ُٺڙڪو ُسڙڪو ٿيو ته مرحوم پاڻ بچائڻ الِء گهڻو ڪري َان جي ڳوڻين جي َسٿيَء جي پويان لِڪي ويندو هيو .هڪڙي ڀيري ڪي چورن چڪارن تي بندوقن جا وڌيڪ ُڌوڙيا ٿيا ته هن مڙس کي اچي ِسر جي لڳي ،گهر ۾ َان جي َسٿي نه لڌس ته ُٽپ ڏيئي وڃي َان جي ُگنديَء ۾ لِڪو .جڏهن هئو مئو ٽريو ته هن مڙس جي ڳوال شروع ڪيائون .تان جو ُگنديَء مان هڪلون ڪري چيائين ٻيلي جي خير ٿي ويو هجي ته وارو ڪيو مون کي ٻاهر ڪڍو ،ڀئو ۾ اندر ته گِهڙي ويس هاڻ نڪري نٿو سگهان. سو هيُء مڙس جڏهن ٻنيَء جي ڪم ڪار کان ويٺو ته وڏيرن وڙن ۽ ڪمدارن ڪاراون کي چئو چوان ڪرائ ي ڪڻڪن توڙي ڦٽين جي کرن تي ڪانگتڙو ٿي ويهندو هيو .پوِء بس کٽ تي ويٺو ئي رهندو هيو ۽ چانھ ڪاڙهي کري تي رسائڻ جو بار ُپٽس عنايت جي ڪنڌ ۾ اچي پيو .جنهن کي هو گهڻو ڪري ٻوڙو ٻوڙو ڪري سڏيندو هيو .خدا جي قدرت اهڙي س پ ُ ٿي آهي جو سندس وڏو ُپٽ عنايت به نِ ُ س پيُء جهڙو آهي .ايئن جو ايئن ديڳڙي ِ چاڙهيندو ،پر حرام جو ڪنهن کي چانھ جي ُڍڪ جي به صالح ڪري ،پوري ديڳڙي َچ ُ ٽ ڪريو وڃي .همراھ مون کان ڪي ٻه چار ورهيه ننڍو ٿيندو .جوانيَء ۾ پير ڏنو سين ته شهيد ُڀٽي خالف اچي واويال ٻري ،تان جو ضياُءالحق اچي ُڌو ٻاروچا ڪيو ۽ ُڀٽي صاحب کي جيل ۾ وڌائين .هڪڙي ڏينهن عنايت سهڪندو اچي منهنجو پاسي ۾ ويٺو ۽ هوريان هوريان هوريان پڇڻ لڳو يار! مون کي اهو ته ُٻڌاِء ته ڀٽو صاحب ته جيل ۾ هليو ويو .هاڻ بيگم نصرت ڀٽو کي گهر ۾ اٽو ڪير وٺي ڏيندو هوندو؟ آئون سندس سادگي ۽ ڀورپ ڏسي حيران ٿي ويس1990 .
61
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ڌاڙيلن سموريَء سنڌ ۾ ِر ُڻ ٻاري ڏنو هيو ،تڏهن هيُء همراه حاجي محمد حسن جو هاري هيو ،سو هڪڙيَء رات ٻن ٽن ميگهواڙ هارين سان گڏجي پاڻيَء جي واري تي پئي ويو ،ته اوچتو ڪمند جي فصل مان ڌاڙيل عباس چانڊئي جو ٽولو اچي منهن ۾ ِپ ُي ِن .همراھ َٻڌو ُٽپ ڏئي وڃي هڪڙي کامي ۾ بيٺو ،چيلئي ميگهواڙ ڌاڙيلن کي َهڪل ڪري روڪيو .ته ڌاڙيل عباس چانڊئي پنهنجي سيني تي َسجيل گوليون ٽارچ هڻي هنن کي ڏيکاريون .ميگهواڙ ويچارو هونئن ته گهڻو ئي دلير هيو پر گوليون ِڏسي صفا َڍرو ٿيو هيو ،ته هڪڙي ڌاڙيل هڪل ڪري کانئن پڇيو ،هاڻ اوهان ٻڌايو ته ڪير آهيو؟ چيلئي ميگهواڙ سڀني هارين جون ذاتيون ٻڌايون .شر ذات ُٻڌي ڌاڙيل عباس چانڊئي ِڇرڪ ڀري ٻئي ڌاڙيل کي چيو ،فقير هوشيار ٿي اهو کامي ۾ بيٺل همراھ شر ٻروچ اٿئي ۽ ڀانئيان ٿو ته ڌڪ تاڙيو بيٺو اٿئي !!.هي عنايت مڙس اڳي ئي ڊڄڻو هيو ۽ ڌاڙيل ڏسي ويتر ساھ ٿي نِڪتسَ ،مٿان وري جو ڌاڙيلن به هڪ ٻئي کي هِن تي اک رکڻ جو چيو ته مڙس جو هيٺيون ساھ هيٺ ۽ َمٿيون مٿي رهيو .خير جيئن تيئن ڪري ڌاڙيلن مان جان آجي ڪرائي هي يارڙو ۽ ٻيا هاري ڳوٺ بچائڻ بجاِء ڳوٺ کان پرتي جهنگ منهن ڪري وٺي ڀڳا ۽ ڌاڙيل ڳوٺ ڏي وريا پر اسان واري اوطاق کان پاسو َڏيندا ،اڳتي وڃي احمد ڪانهي ۽ بيکي ميگهواڙ جي نالي چٺيون ڏيندا هليا ويا .هنن هاري همراهن جو ُاتر ڏي منهن ڪيو سو ڪڻو ڪڻو ٿي ويا عنايت سڀني کان الڳ ٿي ٻن ٽن ميلن جو ڦيرو ڪري ،ڳوٺ جي الهندئين ڇيڙي تي سندس سوٽ مرحيات الهبچائي جي گهر وٽ جيئن تيئن َرسيوُ ،اتي ئي وڏي رڙ ڪري َڍڪرجي ويو ،گڏوگڏ سيئو َت ُ اڙيون نه ِپيون پ به اهڙو ته چڙهيس جو َڄ ِ وڙ مان منهن ڪڍي ،تيڏيَء مهل مٿان بيٺل ڪنهن نه ڪنهن عزيز بِيهنس .جيڏيَء مهل َس ِ کي ڏسي ته رڙ ڪري چوي تون بچي وئين؟ تون جيئرو آن ،هان ،پوِء ڌاڙيلن ڪنهن ڪنهن کي ماريو؟ ڇا ڇا ڦريائون؟ ساڳين ئي ڏينهن ۾ هڪڙيَء سنجها جيَء ويل جو ئي اچي ڪنهن ماڻهوَء ُٻڌايو هو ته ڳوٺ جي اڀرندين پاسي ڌاڙيلن جو ٽولو ِڏسي آيو آهيان .انهيَء رات اسان جي برادريَء جو ڪو َڀ ُت هجي ننڍو وڏو قطارجي اوڏنهن هليو ُهجي .گهر گهر ۾ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ َمڙها ۽ ڪي َم ِڙهيون موجود هجن .۽ ميگهواڙن واري راڄ کان سواِء شرن ۾ مرد ماڻهو مورڳهين ڪي ٽي چار هجون .چئني جي صالح بيٺي ته ڳوٺ تي حملي ٿيڻ کان اڳ۾ ئي جنهن ُٿم ۾ ڌاڙيل لِڪل هجن تنهن تي پاڻ ئي هالن ڪري ڏيون .هڪڙو همراھ گهرن واري مورچي تي ڇڏي پاڻ مان ٽي ڄڻا اڳتي ٿا نڪرون .عنايت کان پڇيم ته ڏي خبر تون ڪيئن ڪندين؟ 62
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ته پنهنجي ُ ڪٻي ڇاتي ٺوڪي چيائين “ ،ڀائو هاڻ پاڻ اڳيان ڊڄڻا عنايت ناهيون ،پاڻ وارا اڳيان ڊپ َ ڊاو ويا االئي ڪيڏانهن ،هاڻ صفا مڙس ماڻهو به نه پر شينهن ٿي ويا آهيون، ڌاڙيل هجن يا ڪي ٻيا پاڻ اصل واھ جو وڙهنداسين .سندس اهڙيَء دليريَء تي حال گهڙي حيرت ته ٿي هئي ۽ پوِء اسين ٻئي ڄڻا ڌاڙيلن جي َڏسائيندڙ ُٿم طرف وڌيا هيا سين .ميل کن پنڌ ڪيو سين ته ڏکڻان وات سان َهنيل ِسيٽي ُٻڌڻ ۾ آئي ،وري ايتري ئي پنڌ تي ُاتران به ِسيٽي َوڳي .اسان ٻنهي جا ڪن به َسرال ٿيا .پڪ ٿي ته همراھ ُٽٽل آهن ۽ هڪ ٻئي کي پيا ڳولين .تڙ تڪڙ ۾ هِن کي چيم ته ُاترين سيٽي پري آ ۽ ڏکڻين ويجهي آ .تون هينئن َ ڪ ِر جو هِن واٽر جي ڦِٽل َڀڏي ۾ ويهي سيٽيَء جو جواب ڏي ،آئون چوڪڙي کن اڳيان ناليَء جي َڀڏي ۾ ٿو ويهان .ڏکڻيان همراھ تنهنجي ِسيٽيَء تي واڪيا ايندا .۽ بي خبريَء ۾آئون کين ُڀڃي الهيندس .مون ناليَء جي ڪپ کي مورچو ٺاهي پير پڪا ڪياُ ،هن به وڃي سيٽي هنئي ،هڪڙي ٻي ٽي ،سامهون به جواب آيس .پوِء ٻنهي پاسي هوريان هوريان بلڪل ماٺار ٿي وئي .ماٺار تي منهنجي پريشاني وڌڻ لڳي .نه ُچري سگهان نه ُپري سگهان. نه ڪو َکڙڪو ڪري سگهان ڇو جو اندازي موجب جي ڌاڙيل هِن واريَء سيٽيَء تي آيا هوندا ته هاڻ منهنجي آس پاس ئي هوندا .ڪالڪ کن ساھ ُگهٽيو پيو هيس ،نيٺ ڊپ اچي ورايم ته عنايت کنڀجي ويو االئي ڇا؟ پوپيٽ َڀر ريڙهيون پائيندو ،ناليَء جو پيٽ ئي پيٽ وٺي ُهن واري ُٿم تي پڳس ته ڪاريَء وارا ڪک هجن .همراھ جو ڏس نڪو پتو .زمين پيرن هيٺان نڪري وئي ،وري به ريڙهيون پائي ُجوِء ڇڏڻ جي ڪيم .ڪالڪ کن جي اندر اچي ڳوٺ جي ويجهو ٿيس ته ڳوٺ جي ٻاهران ُمک مورچي جي هيٺان باھ ٽمڪندي ڏٺم. ڪ َٽل باھ تي رکيو ويجهو ٿيندي ڏسان ته هي يارڙو سڀني ڳڻتين کان آجو ٿيو چانھ جو ِ ُسڪون سان ويٺو آ .هڪل ڪري چيو مانس نڀاڳا ايئن ڪيئن ڀڄي آئين؟ ته ڏاڍي سڪون ۽ اعتماد سان وراڻيائين “ ادا سيٽيون وڄائڻ کان پوِء عقل آيم تهُ ،سکيو به تونآهين ،مال ملڪيت به تو وٽ آهي ،ڌاڙيلن هٿان ُڦربين به تون ،جي کڄندين ته به تون .پوِء مان ڇو پنهنجو پاڻ ُٻوهي ۾ وجهان؟ ان ڪري دل ۾ چيم ته ڌوڙ وڃي پائي اميرو!!! ُاٿ ڙي عنايت ۽ هلي ڪي ڪڙڪ چانھ جا ٻه ٽي ُڍڪ پيُء ته ڊپ به لهئي ۽ َٿ ُ ڪ به. ساڳئي زماني ۾ ڳوٺ تي پهري جي صالح بيٺي ،هرڪنهنجا وارا ٺهيا ،هن کي ڪير گڏ کڻي ئي نه ،سڀ چونس تون ڊڄڻو آهين ،ڀاڙيا اسان کي ئي مارائيندين .ته وڏو ٽهڪ ڏيئي وراڻيائين ،اڙي بابا هي بندوقن جا ڌوڙيا ُٻڌي ُٻڌي هاڻ شينهن ٿي ويو آهيان ،اوهان آزمائي ته ڏسو ،پر هڪڙو هٿيار به ڏيو .پوِء ڏسو منهنجي ُمڙسي .نيٺ مڙس کي گڏيائون ،هٿيار 63
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مون ڏنومانس ،قدرتي ٿي ڦِٽيس .جنهن رات هن جو وارو هجي ،تنهن رات ڳوٺ کي ڏکڻين پاسي کان ٿي باھ لڳي .ٻيا همراھ ڀڳا باھ وسائڻ ۽ هن گوهي ڏني گهر ڏانهن. رڙوڙ رڙ تي سمورو اوڙو پاڙو ُاٿي پيو ،اچي َمچي ڪري باھ وسائي وڌائون .نيٺ سڀني کي عنايت ياد آيو .اڙي هي درويش عنايت ويو ڪيڏانهن؟ هرڪنهن جي وات تي آيو ابا مڙس جي خبر چار وٺو . .ڪيڏيَء مهل ڏسئون ته ڳوٺ جي اڀرندين پاسي کان ريشمي سوڙ مٿي تي رکيو ،هڪڙي ڍڳي جو رسو هٿ ۾ جهليو پيو اچي ،پويان مڙهي ماُء به گِهلبي پئي اچيس .پڇيومانس ،تون ته پهري تي هئين .پوِءهينئر آڌيَء رات جو ماُء ۽ ڍڳي سوڌو َسوڙ مٿي تي رکيو ،ڳوٺ جي ٻاهران ڪٿان پيو اچين؟ ته منهن تي پڪائي آڻيندي اچيووڃي .ڳوٺ کي لڳل باھ ڏٺم ته سوچيم، وراڻيائين ادا ڪڏهن ڪڏهن ُسڃائي به ڪم ِ ُسکين جا مال متاع ۽ گهر سڙندا ،پنهنجي پونجي آ هڪڙو ڍڳو ،هڪڙي ريشمي سوڙ ۽ هڪڙي امان ،سو انهن کي وٺي ڳوٺ مان هليو ويس ۽ هو تو وارو هٿيار به ڍڳي جي ُ آهري ۾ اڇليو اٿم ،بيھ ته امان ۽ ڍڳو گهر ڇڏي هٿيار ڳولي اچان ،ڏئيس نه ڪو ياروَء پارو ڇورو َٻرو .۽ پوِء لوھ نه ٿيون وري تو منجهان!!! هونئن ته مڙس چوريَء چڪاريَء کان وونُء وڃي ،پر چانھ جي ُچوس تي آڌيَء َا ُسر ماڻهن جي گهرن ۾ گِهڙي ٻڪرين مان کير ُڏهي اچڻ ،اڄ به هِن جي ڏائي هٿ جو کيل آهي، جيتوڻيڪ هن عمر ۾ انهي تان هڪڙي هلڪي ُڦلڪي َ ٺيپ به کاڌي اٿائين پر ُمڙي پوِء به نٿو .ٺيپ کائڻ وارو قصو ٿيو هينئن جو هڪڙيَء رات ُلنڊي واٽر جي پاڻِيَء جي واري تي هجون .همراھ اسان کان لِڪي ٻنيَء جي َڀر ۾ ويٺل ڪنڀارن جون ٻڪريون چوريَء ُڏهڻ ويو ته جيئن ڪڙڪ ۽ دودپتي چانھ پي سگهي .اوڏيَء مهل ڪي چور ڪنڀارن جون ٻڪريون چوريَء ڪرڻ الِء اڳي ئي گهٽي جهليو بيٺا هيا ،چنڊ لڙي چڪو هيو پر چانڊاڻ اڃان به هيس ،پري کان ماڻهو ُسڃاڻجي نه سگهي پر ُدڦ ڏسڻ ۾اچي پئي سگهيو .سو هن تاڙيو ته ،هائو ٻيلي مون کان وڏا شڪاري ته اڳي ئي بيٺا آهن .هاڻ اچي ڦاٿو ،جي همراھ به ِ ٿو هڪل ڪري ته چور ٿا مارين ۽ جي ٿو رڙ ڪري ته چور ڀڄي ويندا ،پر ڀاڳين مان ٿو اڙجي ،ته ميان ت ون رات جو ٻين وڳين هتي ڇو آئين؟ نيٺ عقل جي دوڙ لڳائي پنهنجو ڪرندي ئي رڙ ڪيائين ،گھوڙا ڙي!! َٽنگ ڀڄي پئي. پاڻ کڻي زمين تي ڇڏيائين ،۽ ِ چورن جو اوچتي رڙ ٻڌي سي وٺي ڀڳا ،ڀاڳيا به ڪونه جاڳيا ته هن به رکي َرلي ُ ڪلهي تي. چورن جو ٻڌو ته ٻئي ڏينهن نه را را ٿي نه ورهڙو ٿيو ته انهن کي به پڪ ٿي ته مڙس ڀاڳيو نه پر ڪو ٻيو هيو .نيٺ هڪڙي رات اڳ ڦري آيس ،گهڻيئي قرآن کنيائين ،ته اهو مان 64
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪونه هيس پر منهنجو ڀاُء هيو پر هنن مڙسن به ڪو آواز مان سڃاڻي ورتو هيس .سوکِيسي پيل ٻه ٽي سئو روپيا به ڪڍيائونسِ ،ٻيڙين جو پاڪيٽ به ڦريائونس ،ٿوري گهڻي ٿڦا ٿوڦي به ڪيائونس ،جيڪا اڄ ڏينهن تائين باسڻ الِء تيار ڪونهي .۽ پوِء به پراين ٻڪرين مان چوريَء کير ُڏهڻ کان اڃان به ڀان ڪونه ڪئي اٿس. خير اهي قصا پوِء ڪبا پاڻ هلون ٿا اڳتي ،ناني گل حسن جي جوڙيل اوطاق ِجي انهيَء النڍيَء ڏي .جنهن جي پويان ۽ لڳولڳ َاسان جا ُجهڳين جهڙا چار پنج َگهر ُهوندا هياِ .جن ڀاڻ جا َوڏا ڍڳ جنهن کي اروڙي به چئجي ،سي اوطاق کان َالڳ َ کي مال جي َ ڪيو بِيٺا ِ ُهيا .اوطاق مان نِڪري اولهه ُمنهن َ ڪبوهيو ته گهر نظ ِر ئي ڪونه اِيندا ُهيا .رڳو ڀاڻ ئي ڀاڻ هوندو هيو .تن ڏينهين مال جي گاھ ُ ڪترڻ جون مشينون نيون ،نيون آيون هيون، اسان جي َسڀنِي وڏڙن ،گهر ِڏٺ ڦوڙي ڪري ،گاهه ُ ڪ ِترڻ جي هڪڙي مشين َورتِي هئي، ِ َ ُ ُ جيڪا اوطاق جي َٻ ُٻرن هيٺان پٿرن سان فٽ ڪري َرکِيل هوندي هئي .سڀڪو پنهنجي مال جو گاھ انهيَء مشين تي اچي ُ ڪتر ڪري ،بوه سان َملي ،مال کي ڏيڻ الِء گھر کڻي گاهه ُ ويندو هيو .هرروزشام ويلي ،جڏهن بابا سائين ،قميص الهي َ ڪترڻ جي مشين َ قميص جا کِيسا ڳول ِيندو ُهيس .پر ُاتي سدائين ِڇڪ ِيندو ُهيو ،ته آئون َخرچيَء الِء بابا ِجي ڪاريَء وارا َ ڪ َ ک هوندا ُهيا .آئون بابا جي سهڪندڙ ساهن ۾ نيڻن جا ڪٽورا ڀرجندا ِ محسوس ڪندو هيس ،سندس نيڻن جا ڪٽورا ُڇلڪڻ تي هوندا هيا ،يا ڪڏهن ُڇلڪي به پوندا هيا .پنهنجي اڪيلي پٽ جون محروميون ڏسي .ايئن قصو هلندو پئي آيو ،هڪڙي ڀيري ٿيو هينئن جو بابا پاران گاھ جي ڀري اڇلينديُ ، ڪڙ جا ڪجھ َٻچا گاهه جي َڀ ِريِن ڪ ِ ٺ سان گڏ ُ ڪ ِتر ِجي ،ڳترا ڳترا ٿي ،سامهون نِ َ ڪرندا ِڏسي، هيٺان َدٻِ ِجي ويا هيا ۽ گاھ جي ُم ِ سموري حياتِيَء ۾ ُ ڪڪڙ جو گوشت نه کاڌائين. بابا ُالٽ ِين جا َڌ َڌڪا الئي ڏنا هيا۽ پوِء باقي ِ ٻيو ته ٺهيو پر ڪٿي رت جا ٻه ڦڙا به ڏٺائين ته ُالٽين جا ڌڌڪا شروع ٿي ويندا هيس .ڪٿي ٻنيَء ٻاري تي ڪو نانگ بال ڏسندو هيو ته ،انهيَء جي ُمنڍيَء تي لٺ رکي ،ڀڄڻ کان روڪيُ ،پٺيرو بيهي ،اوسي پاسي ۾ بيٺل ڪنهن ٻئي هاريَء کي سڏ ڪندو هيو ،ته ٻيلي وارو ڪر اچي مارينس .جيتوڻيڪ اوڏانهن منهن به ڪونه ڪندو هيو ،پر پوِء به تصور ۾ اهي ڪڪڙ جا ٻچا ايندي ئي ،الٽيون شروع ٿي وينديون هيس. چون ٿا ته ميراڻيَء ٻنيَء جي حاجي اسلم صاحب پاران مقاطعي کڻڻ بعد اڳيون مقاطعيدار حاجي قيصر خان راڄڙ ،رگهي مل تي تمام گھڻو ڪاوڙيو هيو ،کيس رڳو شڪ ڪونه هيو پر اها پڪ هئي ،ته حاجي اسلم کي مقاطعو ڏيارڻ ۾ رگھي مل ئي ميرصاحب کي سفارش 65
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪئي آهي .انهيَء ڪاوڙ ۾ ڊينگاڻ ڀرڳڙيَء ڏي وڃي ،ڀرڳڙين جون کوڙ ساريون زمينون ُ ڪمدار ڪري، مقاطعن تي ورتيون هيائين ،۽ ماما رمضان کي هاريَء مان ترقي ڏيئي ڊينگاڻ ُڀرڳڙي ڏي َوٺِي ِويو هيو .هاڻي جو ماما اوڏانهن ويوهيو ،ته بابو سائين اڪيلو ٿي پيو هيو .۽ جيئن ته انهيَء زماني ۾ اسان ميراڻي ٻنيَء جي مقاطعيدارن وٽ ٻن جوڙن جو هارپو ڪندا هياسين ،تنهڪري بابا سان ٻئي جوڙي تي هڪڙي ٻئي سرڙئي هاريَء جو گڏ هجڻ ضروري ٿي پيو هيو .جنهن الِء انهيَء سال کان بابا سان گڏ ،ٻئي جوڙي تي ،جانجهو ميگهواڙ ِسرڙيو هاري ٿِي َ ڪمائِڻ لڳو .جنهن لڳ ڀڳ پندرهن سال بابا سان گڏ اها جوڳ ِ ِ ِ پچائي هئي .هونئن ته اها خبر اسان کي به ڪونه پوندي هئي ،ته جهانجهي ڪيترا سال بابي سان گڏجي سور پٽيا هيا .پر پيريَء ۾ هو پاڻ اسان کي ُٻڌائيندو هيو ته مون پندرهن َ ڪتيون اڪبر سان گڏ هارپو ڪيو هيو .واضح رهي ته تنهن زماني ۾ سال به فصلن جي ڪتيون معني پندرهن َ حساب سان ڳڻبا هيا .جانجهي جون پندرهن َ ڪتيَء جا فصل ٿيندا. حاجي اسلم صاحب جا گھڻي وقت کان جماعتي فقيرن سان تعلقات تمام گھاٽا هوندا هيا، نه رڳو جماعتي فقيرن سان پر پير صاحب پاڳاري سان پڻ تمام ويجها تعلقات هيا ،پير صاحب ،ته هميشھ جيان اڄ به کيس تمام گھڻو ڀانئيندو آهي .انهيَء ڪري سندس هرهڪ واٽر تي ڪونه ڪو جماعتي فقير ،قاضي يا ڪمدار هوندو ئي هوندو هيو .سندس هرهڪ واٽر تي هڪڙي اڌ جماعتيَء فقير جو گهر به الزمي هوندو هيو .سوانهي ڪري ئي ُهن، ڪوٽ ۾ ُ َ ڦتوَء نالي هڪڙي مهرفقير کي اسان جي ڳوٺ ۾ رائت مل وارن جي خالي ِپ َيل ويهاريو هيوُ . ُ قداورمڙس هيو ،پر جي پاڻ ايئن چئون ته پنج َهٿيو مڙس هيو ته ڦتو مهر، به ڪو وڌاُء ڪونه ٿيندو ،چاپئين ڳاڙهِي ڏاڙهِي هوندي هيسُ ،سفيد َم َ لمل جي َپ ِٽڪي، َ ُسفيد َقم ِي َ شمت سان ڳوٺ ۾ َهلندو وتندو هيو .اسين پنهنجي ص ۽ گو ِڏ سان وڏيَء َڏيا ۽ َه َو ِڏڙن جي واتان اڪثر اهي خبرون ُٻڌندا ُهياسين ته َڦ ُتو فقير مهر ،پنهنجي َو َ قت جو وڏو ويتر ُ چوريءچوريَء َ ٻار َ ڌاڙيل هيو .ڌاڙيل ُٻڌي اسين َ ڏانهس سندس َهشمت جا ِديوانا ٿِي ِ ِ ِڏسندا ُهياسين .جيتوڻيڪ چاچو ڦتو پوِء ڪجھ وقت بعد هتان لڏي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي آباد ٿيو هيو .۽ گھڻو پوِء مون کي خبر پئي هئي ته جنهن ڦتوَء مهر کي اسان جي ڳوٺ جا سٻاجهڙا ماڻهو ڌاڙيل چوندا هيا .سو ڌاڙيل نه پر آزاديَء جو ويڙهاڪ اهڙو غازي هوندو جنهن پنهنجي مرشد جي حڪم تي لبيڪ چئي انگريزن جي خالف جنگ جوٽي هوندي. جيئن عام ويڙهاڪن الِء انگريزن ُهالئي ڇڏيو هيو ته اهي ڌاڙيل آهن .سو ڪاڪو ڦتو مهر
66
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
به اهڙو ئي سرفروش هوندو .پوِء ته وري ڪاڪي ڦتوَء سان ملڻ جو شوق جاڳيو ،پر ايستائين ڪاڪو ڦتو به اوڏانهن وڃي چڪو هيو جتان ڪوبه ڪونهي وريو. تن ڏينهين االئي ڪٿي جا شر ۽ مري ،ڪنهن ٻانهن جي چڪر تان پاڻ ۾ ٽڪريا هيا ،۽ هڪ ٻئي جي گهرن تي هالئون ڪيون هيائون .تنهن تان اسان جي وڏڙن کي اچي ڦِڦڙيَء ٿين .يا ڀانيان ٿو ته ورايو هيو ،ته متان مري ٻروچ اسان جا هيکال گھر ِڏسي حملي آور نه ِ حاجي ورند نالي هڪڙي منڊڙي مريَء ،سندس راڄ پاران ٿيندڙ صالحن بابت ڪو اندر جو احوال اوريو هين .ڇو جو حاجي ورند ۽ هن جا وڏڙا ڪي ڪيترا سال مال جي سانگي سان هتي رهيا پيا هوندا هيا .۽ اسان جي وڏڙن سان ايئن رستو ٿي ويو هين جهڙا گهر جا ڀاتي هجن .انهي ڊپ جي سوران مامو رمضان اڳئين ٻوٿ واري هڪڙي ويگن ڀاڙي تي ڪري آيو هيو جنهن ۾ چڙهي سمورين مائين جو لشڪر ،اسان ڇوڪرن سميت پٽيل سمي جي ڳوٺ ۾ وڃي رهڻ لڳو هيو ،مال متاع تي ابو اڪيلو واهي ٿيو ويٺو هوندو هيو .پٽيل سمي خان هيڏين سارين آڪهن کي جيَء ۾ جايون ڏيندي پنهنجو گهر خالي ڪري ڏنو هيو ،گڏوگڏ اٽو ،ٻاٽ توڙي لوڻ مرچ به هڙان وڙان وٺي پيو هڙني کي کارائيندو هيو .تن ڏينهين مرين پاران ٿيندڙ ڪنهن اويل سويل جي امڪاني حملي ۾ مدد الِء ڪاڪو ڦتو مهر ۽ حاجي محمد رحيم مهر پاڻ هرتو ،پنهنجون رائفلون کڻي اچي ،سڄي سڄي رات ابي سان گڏ اسان جي خالي گھرن تي پهرا ڏيندا هيا .ٿورين گهڻين ڏينهين اهو قصو هڪڙي پاسي ٿي ويو ته سڀڪو وري اچي پنهنجي ڪکين آباد ٿيو هيو .ڦتوَء ۽ محمد رحيم مهر جي ڏکئي وقت ۾ ڪيل مدد تي اسان توڙي اسان جا وڏڙا سندن اهي ُڳڻ هميشھ الِء ڳائيندا ايندا آهيون. گھڻو پوِء مرحوم محمد خان جوڻيجي جي بادشاهيَء واري دور ۾ هن عالئقي جي ُحرن ُ فقيرن ۾ توڙي عام خلق َ ڪندڙ ،فقير عبداهلل َمهرُ ،ان وقت تمام ۾و ِڏي ناماچار پيدا گهڻي َ ڪسمپرسيَء ۽ ُغربت جي حالت ۾ حاجي اسلم جو َسٺ روپيه ماهوار پگهار تي َ ماني وٽ ڪمدار ٿِي َڇ َن ۾ آيو ُهيو ،هو پنهنجي ذات ڀائيَء ڦ ُتوَء َبجاِء ،نانا گل حسن ِ ِ کائيندو ُهيو .ڇاڪاڻ جو نانا گل حسن جي گهر واري جماعتڻ هوندي هئي ،عبداهلل فقير، پنهنجن وڏڙن جي ڌرميلي جي حساب سان کيس ُپڦي چوندو هيوَ .اڪثر ڪري َم َ لمل جو َپ ِٽڪو سيران ِدي َ ڪريَ ،منجهند جي ننڊ به نانا گل حسن جي ُانهيَء اوطاقي ص ُ ندل تي ڪندو ُهيو .پوِء مٿس رب سائين راضي ٿيو ته سندس وارا نيارا ٿي ويا ،مرحوم هوندو به راڄن جو َم ُ ٽ هيو ،سوالي ايندڙ امير هجي غريب ،واقف هجي اڻواقف ،آڌي هجي َا ُسر هجي، 67
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
عبداهلل فقير ،سندس سڏ تي نڪرندو ته پٽڪي َٻڌڻ جي به دير ڪونه ڪندو هيو ،پٽڪو ڪڇ ۾ کڻيو ايندو ،سو به انهيَء جي ڪم الِء هلندي هلندي َٻڌندو هيو .۽ گھڻو پوِء مرحوم جڏهن هي جهان ڇڏيو هيو ته سندس جنازي ۾ ماڻهن جا انبوھ ڏسي ڪامريڊ رمضان ميمڻ مون کان پڇيو هيو ته ،هن ماڻهوَء جي زمين ڪيتري هئي ،مون جڏهن ُٻڌايو هيو مانس ته صفا غريب هيو ۽ ڀانيان ٿو ٻني صرف اٺ ايڪڙ هيس ،ته ڪامريڊ رمضان به ،مڙس جي هيڏي وڏي راهوڻي ڏسي حيران ٿي ويو هيو. َ دوست ،عالم مهيني ماس ،جڏهِن ماما رمضان ڪمداريَء تان اِيندو ُهيوته ُان جا پاڙيس ِري ُ َ ُ مچندي ُهئي. ڏي ڪچهري ڪيريو ،آچر ِ ِ ڪوري ۽ ٻيا گهڻا ا ِچي گڏ ٿيندا هيا .اوطاق تي َو ِ ُانهيَء َ ُ ڪچهريَء جو ُ مرحيات .مجنو ،پنهنجي نالي َپٽاندڙ سا ِدڙو، مور هوندو ُهيو مجنو ُ َ لوڪ َبندو ،ڊِگهي َقد سانُ ، چاپئين ڏاڙهِيَء سانَ ،م َ ڪوٻ ِڌيو ،ميرڙا لمل جو َپ ِٽ َسٻا ِجهڙو ،اهلل هيٺ ٻيو َمٿي َ ڪپڙا َپهريوُ ،س َٿڻ جو هِ ُ ڪ ِريو ،سڄي ڳوٺ ۾ ُمرڪندو ِپيو هلندو ڪ پانچو ِ ِ ِ َ جيڪر ُلوسڻ جو گاهه ُل َڻ َڻ ويهندو ته ِويندو ُلڻندو ،ويندو ُهيو .سندس سادگي اهڙي ُهئي ،جو ُلڻندو ،پهر گذري ويندا هيا ،مرحيات پوئتي َل َوڻو ئي ڪونه ڦيريندو هيو .پويان ڪونه ڪو شاهِينگ َڀ ِر ُيون َٻ ِڌي گاه ُه َک ِڻي ِويندو هيو .مجنو مرحيات ،گاھ ُلڻيُ ،لڻي جڏهن دل ئي دل ۾ َسمجهندو هيو ،ته هاڻي ٻه ٽي َڀر ُيون ُ گاهه ٿِي ويو ُهوندو .تڏهن پوئتي َلئوڻو ڦيريِندو ِ ُ ماڻهو به هيو ته گاهه ُجون ُمرڳهين ٻه ٽي َسٿ ِر ُيون پيون هونديون۽ پري پري تائين ڪو ڪونه ِڏسبو هيو .تڏهن مڙس حيران ۽ پريشان ٿي ويندو هيو .۽ شام جو حيرت مان ڳوٺ وارن کي ُٻڌائيندو ادا اڄ ،جان ڀانِيان ٿوِ ،ج َن منهنجو ُلئل ُ گاهه ک ِڻي ِويا هيا ،جان ڀانِيان ِ ُ ُ ُ َ چورانهيَء ڪچهريَء ۾ موجود هوندي ٿو ،گاھ لئو ئي ٿورڙو هيم .وڏي ڳالھ ته گاھ جا ِپيا کِلندا هيا ۽ مجني مرحيات جي خبرن جا َمزا َوٺندا هئا. آچر ڪوري ۽ عالم ڪيريو ،مجني مرحيات سان تمام گھڻا َچ ِرچا ڪندا هئا ،ته َ خلق وڏا ٽهڪ ڏيئي کِ َلندي هئي ،اصل ُ وڪ ِريا ٿِي ويندا هيا .۽ جڏهن مجنو مرحياتُ ،هنن جي هر ڪ ِ جواب َچ َ َچ َ ُ رچي ۾ ِڏيندو هيو ،پر سندس چرچي تي کِلندو ڪير به ڪونه هيو ،سڀ رچي جو چپ ڪري ويٺا هوندا هيا .مرحيات هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندو هيو ،ادا ،ڀانيان ٿو ته َ مون وارو چرچو ڪونه لڳو .اِئين چئي پاڻ ئي کِ َل ۾ ُٻ ِڏي ويندوهيوَ .س ِه َ هڙي پ ۽ سادگِي ا ِ ِ ُ َ هوندي ُهيس جوهِڪڙي ڀيري ڳوٺ ۾ کدڙا فقير ساليانو الڳ وٺڻ آيا ،ڪنهن ماڻهوَء کين َ َ ڪنو ُ ڪم هڪڙو روپيو ڏئي َسمجهايو ته مجني سان جهيڙو جوٽيو ،ته تو اسان ِجي َح َد ۾ ِ ُ َ َ ذري ته کدڙن فقيرن همراهه کي ڌوڙ ۾ َدسي ،پير ۾ مينهن جي هڙي ئي نه گ ِ ڪيو آهي ،گ ِ 68
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
رسي جهڙي ُسرڪڻ وجهي ،وڏيَء ٿوڻيَء ۾ ڪلي َو ُر ڏئي کڻي َٻڌو ،چئي ،اسان جي َحد ڪم َ ڪيو اٿسُ ،ان ڪري َمڙهِيَء۾ک ِڻي وين ُ ُ داسونس .چئوکنڀي ٻڌل ،مجني ڪنو ۾ ِ ُ ئيَ ،و ِريو وات تي آڱر رکي سوچي، مرحيات جون َر ِڙيون ۽ رڙين سان گڏ کِل بند ئي نه ٿ ِ ِ ُ نسان خطا جو ڪنو ڪم ته يا ِد ئي ڪونه ٿو َا ِ چيمَ ،پر َاوهان َسچا ُهوندا ،اِ چوي ٻيلي ،اهڙو ِ ُ گھر آهي ،مونکان به ڪونه ڪو ڪنو ڪم ٿي ويو هوندو .هِيُء ڀيرو مونکي معافِي ِڏيو، آئينده اِيئن ڪرڻ کان توبهه َ ڪ َي ِم. تن ڏينهين ،سانگھڙ جو رهاڪو جمعو ميربحر ،هن تر ۾ مکيَء ڍنڍ جون َمڇيون وڪڻندي وڏي راهوڻي ڪري ويو هيو .هر ننڍي وڏي سان قرب جا پير ڀريل ُهيس .انهيَء جي َڀ َ ت راڄ جا َڊ ُ تي هن تر جي هرڪنهن َ زن کن همراهه سن ِبريا .تڏهن سانگهڙ َوڃڻ جو واحد ذريعو ريل گاڏي ُهئي .جهول جي اسٽيشن تي ريل گاڏيَء مان َل ِهي ،پوِء پيادل ،ڍڳي گاڏين يا ٽانگن ۾سانگھڙ َو ِڃبو ُهيو .سو هن راڄ جا مڙس َڀ ُت کائي واپس ورندي مهل ،جڏهن ريل جي اسٽيشن تي پهتا ،ته ان وقت ٽڪيٽون َوٺڻ واري َهمراهه ٽڪيٽون ته سڀني جون پوريون َو ِرتيون ،پر سنگت آڏو ڪينچي ڇاپ سگريٽ جي پاڪيٽ جو ڳاڙهو ُٽڪرو َ ڪ ِٽيو َکڻيو آيو ۽ چيائين ،ادا پوري ٽيشڻ تي َمرداڻيون ٽِڪيٽون ُهيون ئي يارهن ۽ پاڻ ڄڻا آهيون ٻارهن ،مجنو َرهِ ِجيو ٿي ويو ،سو ُان الِء مجبوريَء ۾ هيَء َزنانِي ٽِڪيٽ آن ِدي َا ُ ٿم، ٻي ريل به االئي ڪڏهن اچي ،تنهنڪري مڙس اڻائو سڻائو پاڻ سان گڏ ئي هلي گھر ڀيڙو ته هلي ٿئي .تڏهن مجني مرحيات ،سندس الِءزناني ٽڪيٽ آڻيندڙ انهيَء ڳوٺائيَء جو َاحسان لي وڃان ها .هاڻي مجني مرحيات الِء مند ٿيندي ،کيس چيوهيو ته ،چڱو ڪيئه يارنه ته ُر ِ سنگت صالح مسئلو اهو ٿيو هيو ته همراھ ڀائيَء مان مائي ڪيئن ٿئي .ان تي سموريَء ِ ڀائو مائِي ٿيڻ الِءَ ،پٽڪو الهي چيلهه سان َٻ ُڌُ ،جتي الهي َ ڪ َ س تهُ ، ڇ ۾ ڪر ،۽ انهيَء ِڏ َن ِ سيڙهِجي و ِڃي ريل ڀيڙو ٿيُء ،پوِء َکٽن ڀاڳ .۽ پوِء سنگت جي ويڙهجي ٻِ ُپڙي َاجرڪ ۾ ِ ِ صالح تي عمل ڪري ،ٻِ ُپڙيَء اجرڪ ۾ويڙهجي سيڙهجي ،گھونگھٽ ڪڍي اچي ريل گاڏيَء جي گاڏي ۾ ُ ڪنڊڙي وٺي ُمڙسن جي وچ ۾ ويٺو .۽ جڏهن ريل جو ٽڪيٽ ڪنڊيڪٽر گاڏي ۾ ٽِڪيٽون چيڪ ڪرڻ آيو .تڏهن مجني مرحيات جي سنگت ،زور سان َ هِ َ ک پور ۽ نرڄا آهن ،جو َمرد ُهوندي ڪ ٻِئي کي َچوي ته ادا! ڏسو ماڻهو ڪيڏا نه شيطان ،ا ِ مايون ٿِيو پيا ريل ۾ َس ُ َ به ُ کين ٺونٺيون َه ِڻيو، فر ڪ ِن ،اصل نه حياُء نه شرم .ته مرحيات ِ ِ هوريان هوريان ڪري ُا ُون ُهونُ ،ا ُون ُهون .مارايو نه ٻيلي .ايئن جهول کان ريل جو اهو ڊگھو سفر ڪاٽي ،جڏهن مڙسن جو اهو قافلو ميرپورخاص پهتو ،ته ميرپورخاص جي 69
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اسٽيشن تي مجنو مرحيات َاجرڪ الهي ،جوتا ڪڇ مان ڪڍي ڇنڊي پائي ،تکو تکو هلندي، ٽِي ٽِيَء کي ڇاتيَء ۾ سڌيون تِريون هڻيُ ،ٻٽ َڀ ِڄي ِويو هيو. تن ڏينهين ،مرحيات وٽ پنهنجو ڪو ڍڳو ڍور ڪونه هوندو هيو ،سدائين سرڙيو هاري ٿيو پيو هِن يا ُهن وٽ ڪمائيندو هيو .حاجي اسلم صاحب جي هارپي واري ڪم ۾ سختي ڏسي ۽ مجني مرحيات جي سادگي ڏسي ،ٻنيَء جي ڪم ُرلڻ ۽ حاجي صاحب جي ڪمدارن ڪاراون جي ڇڙٻن جي َ ڀئو کان ڪير کيس سرڙيو هاري به ڪونه بيهاريندو هيو .ان ڪري حاجي اسلم صاحب کيس واندو۽ بيڪار ويٺل ڏسي کڻي پگهار تي رکيو ،ته هو َڇ َن ڏانهن ايندڙ ڪچيَء رستيَء تي ڇٽڪار ڪندو ڪري .پوِء مجنو ،بالٽيون ڀري سڄو ڏينهن رستيَء تي ڇٽڪارون ڪندو وتندو هيو .تن ڏينهين حاجي صاحب وٽ هڪڙو سماٽ قبيلي جو ِڏنگو مڙس ڪمدار ُهيو ،سو ايندي ويندي ،ڏني نه ورتي ،مجني مرحيات کي روزانو دڙڪا ۽ داٻا َڏيو ويندو هيو .نيٺ ُمڙس تنگ ٿي هِنُ ،هن سان صالح ڪئي ته ،ٻيلي! مان جهڙو تهڙو تڏهن به رئيس آهيان ،ٻروچ آهيان ،هي ڪمدارڙو ،سو به سماٽ جو ،سو اچيو روزانو مونکي دڙڪا ٿو ڏئي ،صالح ڏيو ته ڇا ڪريانس؟ ڪنهن صالح ڏنس ته ،ڪمدار کي ڪن ۾ َچ ُ ڪ ِري پئو .۽ پوِء ٻئي ڏينهن اصل دير ئي ڪونه ڪيائين .ڪمدار جو اچي ڪ هڻيِ ، کيس هاها ڪرڻ ۽ هن جو کيس ڪن ۾ َچ ُ ڪ هڻي ڪري پوڻ .هاڻ ڪمدار سميت ُڌوڙ ۾ ٻنهي جون ليٿڙيون هجن .۽ هوڏانهن ڪمدار جون رڙيون هجن ،ٻيلي وارو ڪريو ،مڙس َ ڪ ُن َپٽي ويندو .تڏهن خدا جي خلق اچي َمسينَ ،مسين ،ڪمدار جي ڪن مان مجني جي ڏندن کي جيئن جا تيئن زور الئي ته ٺهيو پر ڪاٺين جا گهوڪا هڻي آجو ڪرايو هيو. جڏهن اهڙي دانهن مقاطعيدار حاجي صاحب کي ِم ِلي هئي ،تڏهن پڇيائينس ته ،رئيس مجنا خانُ ،ٻڌاِء ڀال ايئن ڇو ڪيئه؟ تنهن تي ٺھ پھ وراڻيائين ،سائين مان جهڙو تهڙو تڏهن به رئيس آهيانِ ،ڏس تون به ماکي ،رئيس ۽ خان ٿو چئين ،ته هن سماٽ جي ماڻهوَءکي ڪيئن ٿي اهڙي همت ٿئي جو ماکي روز روز داٻا ڏيو وڃي .تڏهن حاجي صاحب سميت ڪچهريَء ۾ ويٺل سمورو راڄ ڏاڍو کِليو هيو .۽ اهو فيصلو ايئن ئي آيو ويو ڪندي ،حاجي صاحب ٻنهي همراهن کي ڀاڪر پارائي ،اڳتي الِء ڪمدار کي به سختيَء سان هدايت ڪندي چيو هيو ته هو مجني کي اڳتي الِء رئيس مجنو خان چوي .تڏهن مجنو خان خوشيَء مان ڪنڌ ڌوڻي حاجي صاحب جي انصاف تي ڏاڍو خوش ٿيو هيو. ُ ٺارڻ الِء سو اهڙا َد ِرويش ۽ سادڙا ،سٻاجهڙا ماڻهو ،اوطاق جي ُانهيَء صندل تي ،ڏينهن ِ ڪ الهي ،کِل خوشيَء جا ُ صبح جي پورهئي جا سمورا َٿ َ اچيُ ، راڙ ڪرا ڪري، ڪو ِ اوراڙ َپ ِ ِ 70
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُجون خبرون ڪري ،شام ٽاڻي ،وري پنهنجين َٻنين ٻارن جي ڌنڌي ڌاڙيَء تي راهِي ٿيندا ُهيا. مجني مرحيات واري قصي کان پوِء دل چوي ٿي ته ته هنن جي گهر جو به سمورو قصو مت اچڻ لڳي هئي تڏهن ڪندو هلجي .قصو هيئن آهي ته اسان کي جڏهن کان ٿوري گهڻي ِ کان ڏٺو هيم ته هيڏي ساري ڳوٺ ۾ اسان جي ٻروچڪن چئن ڀونگن مان هڪڙو ُهنن جو به هيو .نه ُهين ڪا ٻائي نه ئي ڪا ُٻٽيُ ،هيون ته ُهيون سڄيون ساريون چار ِسرن جون بالئون پنهنجن ِسرن سان .هڪڙو قاضي َسنهيون ،ٻيو َمجنون ،ٽيون ُحسين ۽ چوٿون قاضيَء جو پٽ َمٽوُ .مڙس پاڻ پچائين ،پاڻ کائين ،نه ڪا رڌڻ واري نه پچائڻ واري .۽ وري جي ٻنيَء تي کيڙيَء کاٻار الِء وڃن ته نيرانا ئي اهلل توهار ڪن ،پويان ڪا مانيَء کڻي وڃڻ واري ته ٺهيو پر پچائڻ واري به ڪونه َلڀين ،تنهنڪري مانجهاندي وارو ويلو ڀر پاسي جي هاريَء جي آيل اڻڀي سڻڀيَء مانيَء تي ئي گذاري وٺندا هيا .گذارو به ڪهڙو ،مڙوئي َلٻو َٿٻو ٿي ويندو هين .باقي رهي رات جي ماني ،سا مڙس پاڻ پچائيندا هيا ،اسين اڃان ڇڙي چولي ۾ هلندڙ ٻلونگڙا هياسين ،سو ُمڙسالن کي اٽو ڳوهيندي ،ٻوڙ رڌيندي ،مانيون پچائينديَ ، ٿانو ڌوئيندي ۽ َڦريو( ُٻهاري) ڏيندي ڏسي حيران ٿيندا هياسون .ڇو جو اسان جي سمجھ موجب اهي سڀ زاالڻا ڪم هيا ۽ ُمڙسالن جي ڪرڻ جا ئي ڪونه هيا. وڏڙن واتان ُٻڌو هيوسين ته جڏهن هو هتي پنهنجيَء پڦيَء ( نانا گل حسن جي گهر واريَء )جي سانگي سان لڏي آيا هيا تڏهن ڀرئي ترئي گهر وارا هيا .قاضي سنهيون ۽ مجنون ٻئي سڳا ڀائر هيا ۽ ُحسين فقير سندن سوٽ هيو .حسين فقير کي ٻه ڀيڻون هيون جيڪي قاضيَء ۽ مجني سان پرڻيون هيون .قاضيَء مرحيات تي کي هڪڙو ُپٽڙو َمٽو پيدا ٿيو، ٿورن ڏينهن جي وٿيَء سان ٻئي ڀيڻون راھ رباني وٺي ويون هيون .۽ پوِء هوريان هوريان مجنون ۽ قاضي به رمندا رهيا ،پر قاضي مرحيات ويندي ويندي پنهنجي ُپٽ َمٽوَء کي پرڻائيندو ويو هيو .رهيو حسين فقير ،تنهن باقي سموري ڄمار پنهنجي ڀاڻيجي مٽوَء جي در تي گذاري ڇڏي ۽ َجتي َستي رهيو ،نه پرڻيو نه پتريو .نه ُڦٽو نه ڦاٽو ،نه وڌيو نه ِويجهيو. بس جهڙو آيو جن کان ،تهڙو ويو تن ڏي. حسين فقير کائيندو پيئندو ته پنهنجي ڀاڻيجي مٽوَء جي گهران هيو پر سندس رهائش هوندي هئي اسان واري گڏيل اوطاق .جيتوڻيڪ سندس وڏڙا پيرصاحب پاڳاري جي فرق واري جماعت سان تعلق رکندا هيا ،نه ڪنهن جي َ ٿانو ۾ پاڻ کائيندا هيا ته نه وري ڪنهن کي کارائيندا هيا .جيئن ته اسان جي سموري ڳوٺ ۾ حسين فقير هڪڙو ئي جماعتي 71
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو۽ سو به فرق وارو ،سو االئي ڪڏهن کان هوريان هوريان فرق کي ڦٽو ڪري ،سالم جماعت جو حصو ٿي ويو هيو. مرحيات مال جون ڳانيون ،ڳانڍياُ ،نڪتاُ ،مهرا ۽ ُمڇيون ٺاهڻ کان سواِء کوڙ سارن قسمن ڪلين جي کٽن واڻڻ جو جراح ڪاريگرهوندو هيو .جن ۾ ڪانَء پيريَء کٽ واڻڻ کان وٺي ِ تي سنهڙي ُمڃ سان ٻارين ۽ گلن واري واڻيل کٽ به هوندي هئي .تنهن ڏينهين اسان جي گهر ۾ هڪڙو سرينهن جو وڏو وڻ هوندو هيو ،ابي مرحيات انهيَء کي وڍي ،چيرائي کوڙ ساريون هارپي جي ڪم جون شيون ٺهرايون هيون ،انهن کان سواِء چار کن کٽون به هيون، جيڪي حسين فقير کي واڻڻ الِء ڏنائين ۽ مونکي سندس مدد ڪرڻ الِء چيائينُ .مڃ جي واڻ جي لڙهيَء کي کولي پري تائين وڪڙن کان بچائي سڌي رکي پوِء انهيَء جا ڍيرا ٺاهيندي مرحيات حسين فقير چيو ”ابا هيُء کٽن واڻڻ جو به بنهي وڏو هنر اٿئي .سکي وٺندين ته ڪڏهن اوکيَء ويل ۾وڏو ڪم ڏيندئي“ .ايئن انهن چئن کٽن کي لڳ ڀڳ ٻن اڍائين مهينن ۾ واڻيندي ،هن مرحيات مونکي به کٽن واڻڻ جو هنر سيکاري ڇڏيو هيو. پوِء ڪي ڪيترا سال گهر جون توڙي اوڙي پاڙي جي ويجهڙن عزيزن جون کٽون ،مفت ۾ گهڻو ڪري آئون ئي واڻيندو هيس .۽ مٿن پنهنجي پنهنجي ڪاريگريَء جو ڌاڪو به ويهاريندو هيس. گهڻو پوِء حسين فقير جا هٿ ڪنهن بيماريَء جي ڪري بنهي گهڻو ڏڪڻ لڳندا هيا پوِء به ڳوٺ جا ماڻهو پڇاڙيَء تائين به مرحيات حسين فقير کان مينهن جي ُمڇين جون ڳنڍيون ڏيارڻ ايندا هيا .۽ هو ڏڪندڙ هٿن سان به ڏاڍي ُڏکيائيَء سان اهي کين ڏئي ڏيندو هيو ۽ کٽون واڻائڻ وارن کي چوندو ٻيلي هاڻ هٿ چيو ڪونه ٿا ڪن ،اوهان پاڻ واڻيو آئون مٿان بيهي ُٻڌائيندو ٿو وڃان ته هتان نوڙي هيٺان ِڇڪيو ۽ ُهتان مٿان واريو .جيتوڻيڪ جوانيَء ۾ هو ڍڳن جي ڳچيَء ۾ پارائڻ الِء ڀلوڙ ڳانيون ٺاهيندو هيو .۽ اهي به جي ڪنهن سنگتيَء ساٿيَء کي وڻيون ته ڍڳن جي ڪنڌ مان زوريَء ڇوڙي ويندو هيس .مرحيات ارهو ٿيڻ جي بجاِء اڳلي جي ارھ زورائيَء تي رڳو پيو کلندو هيو .وري ٻئي ڏينهن هِتان ُهتان چار پئسا ُاڌارا ُسڌارا هٿ ڪري ،شهر ويندڙ ڪنهن ماڻهوَء هٿان رنگ برنگي مڻيا گهرائي واندڪائيَء ۾ ويهي ،وري ٻي ڳاني ٺاهڻ شروع ڪندو هيو .حياتيَء جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ شوڪارا ڀري چوندو هيو ” ير ڳانيون ته ويون ڳانين جي ماڳ ،هاڻ ته ملڪ ۾ ڍڳو به ڳولئي ڪو وڙلي ٿو لڀي .االئي ڀٽارين ڍڳين ويامڻ ئي ڇڏي ڏنو آ االئي ڇا.
72
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
حسين فقير جي شروع کان اوطاقي هجڻ ڪري ،اسان جي جوانيَء واري دور جي سمورن روپوش ڪامريڊن سان سندس ڪچهريون ٿينديون هيون ،جاللي طبيعت ۽ سنهڙي هاٺي هجڻ ڪري کيس وڄ جا پاڻي هوندا هيا .ڪامريڊن جي ڪيل طبقاتي ڇيدن تي ڀڙڪو کائي چوندو هيو ،هلو اٿو ،هينئر ئي ٿا هينئن يا هونئن ڪريون .ڪامريڊ غالم حسين شر پارا ته ساڻس هڪل ۾ حامي هوندا هيا .پر تاج مري جنهن سان هن جا پيچ مرڻ گهڙيَء تائين اهڙا گهرا هيا جهڙا جوانيَء ۾ ،سوئي کيس سمجهائي ٿڌو ڪندو هيو .پر جي ڪنهن ڪامريڊ حر جماعت الِء ڪجھ غلط سلط چيو ته همراھ اهڙو بگڙندو هيو جو ڌڻي ڏئي ُ امان .پوِء ٻه ٽي ڏينهن هنڌ بسترو کڻي َمٽوَء جي گهر هليو ويندو هيو ،نيٺ ميڙون منٿون ڪري َمس جيئن پرچائيندا هياسونس .پڇاڙيَء ۾ اها ريت نه ڇڏيائين ،ڀائيجي سان ڪاوڙيو ته ٻه ٽي ڏينهن ماني ُٺپ نه کائيندو هيو ،اوڙي پاڙي واري سان ڪاوڙيو ته ٻه ٽي ڏينهن ساڻس ڳالهائڻو ناهي ۽ جي اوطاق تي ڪنهن ڇوڪر ڇٻر جو ڪو گفتو نه وڻيس ته مڏي مٿي تي هل َمٽوَء جي گهر .ٻه ٽي ڏينهن گذريا ،وري ساڳي اوطاق ،ساڳيو حسين فقير. سندس آخري وقت ۾اسڪولن جي پڙهاين جي گهٽجڻ جي ُالڪي سبب مونکي منهنجي اڌ َمڏي شهر ۽ اڌ ڳوٺ ۾ ڪرڻي پئي .۽ پوِء منهنجو ڳوٺ وڃڻ اٺين ڏهين ڏينهن ٿيندو هيو ،پر جڏهن به ويندو هيس ته لڙيَء رات جو ڳوٺ جي مسيت مان سندس ذڪر جي مِٺڙي ُهو ُهو ُهو تي گهريَء ننڊ مان جاڳ ٿي پوندي هيم ۽ صبح جو جيڪر حسين فقير منهنجي ڳوٺ اچڻ جو ُٻڌندو هيو ته لٺ تي رڙهندو اهلل هلل ڪندو ،ڊگهي تسبيَء جا مڻيا سوريندو اچي پهچندو هيو ،۽ ڏک ُسک جا قصا اوري هينئين جو بار هلڪو ڪندو هيو ،گڏوگڏ هڪڙي نصيحت به ڪندو هيو ته ”ٻيلي تنهنجي ابي جو جوڙيل هي تڏو نه ڦٽاِء ،ڇڏ شهر جي پچر ،بنهي نه رهين ته جوان ُپٽن کي اوڏانهن موڪل ،تون هتي موٽِي اچ ته ڏکيَء ُسکيَء ۾ هڪ ٻئي جا حال ڀائي هجون ۽ ويڙهو به ويران نه ٿئي“ .نئين زماني ۾اسان جي ڳوٺ جي نئين سامايل ننڍي پوش ُملپ ڏي گهڻو وري پئي هئي ،حسين فقير جي انهن سان ُٺپ ڪونه پوندي هئي ،نماز به کانئن الڳ پڙهندو هيو .جي نماز جو ٽائيم ٿي ويو ته بسم اهلل ڪري اذان ڏئي ،نماز پڙهي هليو ويندو هيو ،ٻانگي ۽ پيش امام الِء ڪونه ترسندو هيو .خاص ڪري فجر جي اذان ختم ڪرڻ مهل الئوڊ تي ئي هڪڙي دل کي وڻندڙ دعا گهرندو ” ته اي صبح جا سائين!! جڳ جهان جو خير ڪجانِء ،هندوِء مسلمين جو خير ڪجانِءُ ،حر جماعت جو خير ڪجانِء ،جيت جڻي جو خير ڪجانِء ،پکيَء پکڻ جو خير
73
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪجانِء ،۽ انهن سڀني جي صدقي هن ڳوٺ جي ماڻهن جو ،ماڻهن جي مال رزق جو به خير ڪجانِء“. پڇاڙڪن ڏينهن ۾جڏهن به ساڻس ڪا ڪچهري ٿيندي هئي ته وصيعتون ڪندو هيو ۽ سڌو سنئون ڳوٺ جي ننڍي پوش وارن ُملن ڏي هٿ کڻي انهن جي سامهون ئي چوندو هيو ته ” منهنجي مرڻ کان پوِء نه مون کي هي غسل ڏين ۽ نه ئي منهنجو جنازو پڙهن، (جيتوڻيڪ سندس ُپڦيَء جي سـڱ ۾ ُاهي سڀئي سندس به ڏوهٽاڻ ٿيندا هيا) ۽ ها مونکي دفن به شڪور شاھ جي قبرستان ۾ عبداهلل فقير مهر جي قبر جي پاسي ۾ ڪجو جتي منهنجي سڄي جماعت جا دوست دفن ٿيل آهن“ .چوندو هيومانس ”فقير! تنهنجون باقي سڀ شرطون منظور ،باقي قبرستان واري ضد تان لھ ٻيلي ڏاهو ٿيُء ،انهيَء قبرستان ۾ نه پنهنجو مِٽ نه مائٽ ،ڪنهن سان ڪچهريون ڪندين ۽ ٻيو آهي به پري ڪير چار قل پڙهڻ به ڪونه ايندئي“ .ته وڏو ٽهڪ ڏئي وراڻيندو هيو” منهنجا مِٽ مائٽ منهنجا جماعتي آهن ،جيڪي ُاتي کوڙ آهن ،پيا ڪچهريون به ڪنداسين ته ذڪر بهُ ،پٽ َپهي هونئن ئي ڪونهيم ،باقي اوهان جي دل نه چوي ته پنڌ کڻي نه ڪجو ،چار قل هتان ئي پڙهي بخشي ڇڏجو ،پاڻهي ثواب ملي ويندم“ .۽ پوِء خدا جي ڪرڻي ٿي به اهڙي جو جڏهن سئو ورهيه پورو ٿيس ،ته سج لهي منهن ميراڻ ٿي هئي ،قدرتي سڀئي نوڪرين وارا به ڳوٺ ۾ ئي هياسون .جڏهن سندس ڪفن الِء ڪنهن کي ڏوڪڙ ڏيندي سنبيريم پئي ته پريان هڪڙي همراھ روڪيندي ُٻڌايو ته مرحوم حسين فقير ڪفن ۽ دفن جي خرچن جي رقم گهڻا سال اڳ گڏ ڪري ،ٽن ماڻهن کي شاهد ڪري ڳوٺ جي فالڻي دڪاندار وٽ رکي ڇڏي آهي. انهن پئسن مان ڪفن آيو ،غسل ڏيندي ،عبداهلل فقير مهر جي ُپٽ سميت پنجن ستن جماعتين جا فون آيا ته ”ابا حسين فقير اسان کي غسل ۽ جنازي نماز بابت بار بار وصيعت ڪندو هيو ته ُحر جماعت جا ماڻهو ئي اهو ڪم ڪن ٻيا نه .توڙي دفنائڻ الِء به شڪور شاھ جي قبرستان بابت چوندو هيو“ .کين وراڻيم ” ادا ،فقير مرحيات مون سميت سموري ڳوٺ کي به اهي وصيعتون ڪندو هيو ،هڪڙي غلطي سمجهو يا ڏوھ ته سندس جنازي کي غسل اسان ڏياري ڇڏيو آهي ،باقي رهيل ڪم سندس وصيعت موجب صبح جو اچي اوهين ئي ڪجو“ .۽ پوِء جيئن ئي درويش جي وصيعت هئي ،تيئن ئي سندس ميت حر جماعت جي هٿان سينگارجي شڪور شاھ جي قبرستان حوالي ٿيو. ايئن منهنجي کٽون واڻڻ جو هنر سيکارڻ واري هن خوددار ُاستاد جون جملي وصيعتون توڙي َچوڻيون پاڻهي پوريون ٿيون .اڄ سندس خود داريَء کي سالم ڪرڻ تي دل ٿي 74
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
چوي ،ڇو جو جو سال کن اڳ۾ ئي پرديس پالڻڻ جا پروڻ پوندي ئيُ ،پٽ پهي نه هجڻ جي ڪري ،ڪفن دفن جي خرچ جو ڪنهن تي بار ٿيڻ بجاِء االئي ڪيئن ۽ ڪٿان بلو ڪري ،پاسيرا ڪري رکي ويو .پر پنهنجي لڳ ڀڳ اسي سالن جي عمر تائين کوڙ ساري ڀڄ ڊوڙ ڪرڻ جي باوجود هن کي پاڪستان جي شهريت نه ملي سگهي هئي .يعني شناختي ڪارڊ نه ٺهي سگهيو هيس ،ڇو جو سندس والدين جا ڪارڊ ڪونه هيا ۽ ڪٿي پڙهڻ جو به رڪارڊ ڪونه هيس .۽ والد َمٽائي ٻئي جو ُپٽ لِکائي شناختي ڪارڊ هن به نٿي ٺهرائڻ چاهيو .ڀٽ ڌڻيَء به ڀانيان ٿو هي سٽون اهڙن ئي فقيرن الِء جوڙيون هيون ته” جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي .تنين جي چوٽي پورب ٿيندي َپڌري“ آچر ڪوري ،جنهن جي اڳ ۾ ڳالھ پئي ڪئي سون ته مجني مرحيات سان ڏاڍا چرچا ڪندو هيو .سو به وڏو ٺ ِ ُڙھ هوندو هيو .مڙس قدآور هيو ،ماتا جا سينئرا منهن تي هوندا هيس، ڪرسيَء جهڙو ،صفا مسڪين ماڻهو هيو .مجني مرحيات جيان پنهنجو ڪو رنگ پڪو ِ ٻنيَء جو ٻارو ڪونه هيس .پر ڌڻيَء ڀاڳ اهڙو ته لکيو هيس ،جو وڃي ٿيا ست خيرُ .مڙس هر هميشھ ُٽو باِء ٽو جي اڇي پاپلين جو ڌوٻيَء جو ڌوتل وڳو پهريندو هيو .ڪينچي ڇاپ سگريٽ به ُمٺ تي پيئندو هيو .تنهن جي به ُڦلي ُاڇلڻ ويل جيڪا چپٽي وڄائيندو هيو ،سا اڄ ڏينهن تائين ڪو به مائيَء جو الل ڪونه وڄائي سگھيو آهي .چڱن َمٺن سان پير ڀريل هوندا هيس .جتي به ويندو هيو اتي محفل جو مور هوندو هيو .مير تاج محمد ٽالپر سان ته َپن ٻولِيل هيس .ٻارهوئي مير صاحب جي بنگلي جي حاضريَء ۾ بيٺو هوندو هيو ۽ تر جي هڪڙي ٻئي وڏيري محبوب درس سان به مٿو مٿي تي ياري هوندي هيس .مرحيات جهڙو پڪي گفتي جو شاھ ڪاريگر اسان اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺو ۽ نه ئي وري ُٻڌو. ڪچهريَء ۾ ويهي گفتو گفتي سامهون ڏيندو ،اکر اکر جي سامهون چوندو ،توري تڪي چوندو ،ڀري وڄائي چوندو ،پر مجال آهي جي سندس وات مان ڪو ڪچو اکر نڪري، چرچي جو گفتو اهڙو پڪوڪڍندو هيو جو ڀلي ته ڪچهريَء ۾ نياڻيون سياڻيون به ويٺيون ُٻڌن .مرحيات پنهنجي دور ۾ غريبت سريبت جي ڪاڻ ئي ڪونه ڪڍي .نه ئي وري ڪا لوڪ کي لکا پوڻ ڏنائين ته آچر ڪو ايترو غريب به آهي .پوِء پيريَء ۾ پٽن ُراليس ،هن تر مان لڏو َپٽيائون ۽ االئي ڪهڙي ُجوِء وڃي وسايائون .ڀانيان ٿو آچر ڪوريَء مرحوم آخري پساھ به ڪنهن ٻيَء ُجوِء ۾ وڃي کنيا هيا ،پر پوِء به جنهن تر ۾ ڄائو نپنو ،جتي ٺٺ ٺانگر سان رهيوُ ،اتي جي ماڻهن الِء اهو اڄ به اسرار رهيو ،نه ٻني نه ٻارو ،نه ڌنڌو نه ڌاڙي ،آچر ڪوري هيڏي ساري عيال جي پوري ڪيئن ڪندو هيو. 75
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اڳ ۾ به ذڪر ڪيو َاٿم ته مال جي گاھ ُ خرچيَء ڪترڻ مهل ،بابا جي الٿل قميص مان ِ ڳوليندو هيس ،۽ سدائين بابا جا کيسا خالي ڏسيُ ،ٻ ُ وٿ ڦِلهو ڪري ويهندو هيس .ڪڏهن خرچي مِلندي ُهئي ،نه ته ٿيو ٿ ايندو ُهيو ،ته آنو ٻه آنا قِسمتي ،بابا کي ڪو روپيو ٻ َه َه ِ ِ خير !.واڻِ َين جا ۽ قيصر خان جا قرضن جا ڪوٽ چڙهيل هوندا ُهيا ،آمدنيَء جو ٻيو ڪوبه ُ ينهن ۾ امان سانئڻ ۽ جيجيَء ين چونڊڻ جي ِڏ ِ ذريعو ڪونه هوندو هيو .ٻيو ته ٺهيو پر ،ڦ ِٽ ِ ِجي ُڦ ِٽين ِجي ُچونڊاڻِي به بابا وارن جي پراڻي قرض ۾ َجمع ٿيندي ُهئي .نئين مقاطعيدار حاجي اسلم ،اچڻ ساڻ ئي نئون قانون ڪڍيو هيو ته ،هارين جي عورتن جي ُچونڊاڻيَء جي َرقم قرض ۾ جمع ڪ ِرڻ َبجاِء کين هفتيوار روڪڙي ِڏني وڃي ،۽ جڏهن انهيَء چونڊاڻي ڏينهن ۾ اسان جي َگهر ۾ هفتيوار جي پئسن ملڻ جي بسم اهلل ٿي هئي ته ،پوِء ڦٽين جي ِ تَ ،ا َ ٺ ُروپيه َا ُ َس َ چڻ ُشروع ٿيا هيا .جن مان گهر جا گهڻا تڻا خرچ به نڪرڻ شروع ٿيا هيا، ۽اسان ٻارن جا ته جاوا ٿِي پيا هيا .ڦيرو ڏي ِئي ُ مائرن کان آنو ٻه آنا َوٺِيُ ،رگهي مل جي ِ ڪ َتلُ ،ڀ ُ ُ ڪان تان َ َ ُ َ نئين ُد َ ريوڙيون وٺي ،انهن جا کِيسا ڀري چ َرڪندا وتندا هيا ڳڙا ۽ نقل يا ِ سين. ۽ جڏهن حاجي اسلم وٽ هارپي جو پهريون سال پورو ٿيو هيو ،تڏهن به ڪنهن به هاريَء کي ليکي جي ڪا ُاون هئي نه ئي وري ڪو ُالڪو هيو .ڇو جو سڀئي هاري ورهين کان قرضن ۾پوريل هوندا هيا .نئين مقاطعيدار ٻني مقاطعي تي وٺڻ مهل سڀني هارين جو رهيل قرض رائت مل ۽ حاجي قيصر خان کي ڀري ڏنو هيو .سو کين پڪ هئي ته نئين مقاطعيدار جي هيڏن سارن نون خرچن ۽ اڳئين قرض جي هوندي کين رڳو بِال ئي ُٻڌڻا پوندا .هونئن به هنن الِء ليکي جو ڏينهن ڪنهن عيد جي ڏينهن بجاِء رڳو بِال ُٻڌڻ جي ڏينهن برابر هوندو هيو ،باقي ڪجه به نه .هڪڙي ڏينهن مقاطعيدار سڀني هارين کي پهرئين وڪن سميت سي پوٺي جي زمين واري اوطاق تي َسڏايو هيو ،ته ليکي ُٻڌڻ الِء پاس ُب ِ ُ ماريل هاري اها ُسس ُڦس ڪندي سي پوٺي َسنِبريا ،چي ،ڪهڙا ليکا ،مڙئي ُم صيبتن جا ِ ُ قرض لِکائي موٽنداسين ،ٻِيووري ڇا ٿيندو!! .پاڻ هيل سال اڳئين جيئان بِال ُٻ ِڌي ،نئون نئين زمينداريَء ۾ نت نوان نوان خرچ ٿيا آهن ،سو قرض وارو قصو اڳئين کان ٻيڻ ٽيڻ تي پڪ سان وڌندو ئي وڌندو. ُ کڻ جي واهيري ڏانهن َو َرڻ جي و َ کي َپ َ يل ،ٻين هارين سان گڏ بابا به َ واپس انهيَء شام َپ ِ ندس َچهرو َٻهڪي َرهيو ُهيوَ .امان ۽ جيجيَء کي َسڏي َچيوهيائينَ ، َو ِريو هيو ته َس ُ ڀاڳ ِ ِ ُ بارڪون ُه َ َڀ ُ ج َن َوَ ،س ِڀئي اڳيان پويان قرض الهي پوِءبه سڄا سارا ٻ َه سئو ستاسي ريون ُم 76
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
روڪڙي مِلي َاٿم .اسان ٻارن سميت سموري گهر جي ڀات ِ ِين جا بي يقِينيَء وارا چت روپيه َب ِ ِ ڪڙڪ نوٽ َ َچهرا ِڏسيَ ،اڳئين کِيسي مان َسئو َپنجاهه ۽ َڏ َهن جا َ ڪ ِڍي ڏيکارينديَ ،س ُ ندس ِ َ ُ ٿلي ِپيا هئا .سمورن گھر جي ڀاتِين ِزندگيَء ۾ پهريون ڀيرو سئوَ ،پنجاهه ۽ ڏهن نيڻ به ا ِ َ نوٽ ِپيا ِڏ ُسون ،۽ انهن تي واري واري سان جا نوان نوٽ ِڏٺا ُهياَ .و ِري َو ِري َه ِٿڙا ڦيري ُ ريو ِڙيون وٺي خدا ڪارڻ پيا هٿڙا ڦيرايون .انهيَء رات َسڄن َسارن َپنجن روپين ُجون ِ يونسين .گهڙيَء گهڙيَء رب جي راضي ٿيڻ تي سندس شڪرانا معصومن ۾ ِورهايون ُه ِ پئي بجا آنداسون .۽ حاجي اسلم کي هٿ کڻي پئي دعائون ڪيون سين .نيٺ رات جو سانجڻ پاڻيَء کان پوِء سمهڻ مهل ،هڪڙي نئين مسئلي ڪر کنيو ،ته بچت وارا اهي پئسا ڪٿي َر ُکون .اسان جي گهر ۾ نه ڪا ڪوٺِي هئي ،نه َ ڪ ُ ٻٽ هيو ،نه َد ُر هيو نه َد ِري هئي، ِ ت هئي نه جارو هيو ،ڪڙي َڀڳل ڪاٺ جي هڪڙي پي ِتي ُهئي ،جيڪا االئي ڪيترن نه ِڇ ِ َ ڏينهن ُهيا ،اسان جي گهر من کان اسان جي خاندان جو َاهم َاثاثو ُهئي .اهي ِسياري جا َج َن ِ جي ُٿوڻين تي َٺ ِهيل َڇ َ پر هيٺان َم َچ تي ويٺيَ ،ڇ َپر ِجي ِوچ ِينَء ُٿوڻيَء تي امان ۽ جيجان پاران َگ َ پ۽ ِم ِٽيَء سانَ ،ٿڦي ٺاهيل َ ٿنڀ تي بابا ِجي نظر َپئي ،ته َيڪدم چيائِين ،ڇونه هن َ َٿ َ ڪوپر جي داٻِلي ۾ پئسا ِوج ِهي ،جاري ۾ رکي َمٿان نڀ ۾ َرنبي سان ننڍڙو جارو ٺاهي، َگ َ لڪن ۾ پ مِٽيَء سان راڳي َڇ ِڏيون!! .اها صالح گھر جي َسڀني ڀاتين کي َوڻِي هئيَ ،پ ِ رنبي جي کوٽ کوٽان سان جارو َٺهيو هيو ،ڪوپر جي داٻلي ۾ پئسا ِپيا ۽جاري جو ُگرکو ساڳيو َٿ ُ نڀ ٿي بيٺو هيو .تڏهن هرڪنهن جو ُالڪو لٿو ،۽ سڀڪو وڃي ٿانيڪو راڳ ِجي ِ ِ َ ٿنڀ ٿ َ ڪي ،ته ُ نڀ ِن جهڙو ٿي بيٺو .پوِء به اِيندي ِويندي، ٿي ُستو هيوِ .ٻئي ڏينهن اها مِٽي ُس ِ َ ک ُانهيَء ٿن َ ڀ ۾ ُپ َ گهر جي ُ ُاٿندي ويهندي َ وريل ِقيمتي اثاثي ڏانهن سمورن ڀاتِين ِجي ا ِ ُ ضرور ِويندي ُهئي .اثاثو گھڻو؟ ٻه سئو ستاسي روپيا!!!. محدود ۽ نه هجڻ جيتريون هونديون ُهيونَ ،پئسي جو َک ُ ُ ۾ضر َ ُ پ ور ُتون بنهي ان زماني ُٺپ ڪونه ُهوندو ُهيو .جو ماڻهو اويل سويل ڪو رپيو ٻه به هروڀرو جوخرچي .هوڏانهن پئسا به ٿنڀ جي جاري ۾ محفوظ هوندا ُهيا .ڪنهن کي ڪائي اون ڪونه هئي .ڇهن مهينن بعد ،روزن واري عيد ويجهي آئِي ،ته اچي بابا جا َ ڪ َن کاڌا سين َن َو ِن ڪپڙن الِء .اِيئن نيٺ ِ هڪڙي ڏينهن بابا راضي ٿِيَ ،امان کي چيو ته ،پئسا َ ڪ ِڍي ڏي ته َ گه َر جي سمورن ڀاتين َ ڪي ِم ِٽي کوٽي ،داٻلي مان پئسا ڪ ِڍي َڳڻيا الِء عيد جا نوان ڪپڙا وٺي اچان .جاري ِجي ُس ِ نوٽ ُگم ُهيو ،سڀني کي مٿي تي َه َ ُ ٿ َا ِچي ِويا .گھر جي ڀاتين کان ِويا ،ته پنجاهه جو سواِءڪنهن کي ڪهڙي َ ُ چور ٿِي ور َيل آهن؟ ڪير ٿو ڪ َل ته اسان جا پئسا هِتي ُپ ِ 77
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سگهي؟!سڄو گهر هڪٻئي ڏانهن پيو شڪي نظرن سان نهاري ،اصل ۾ ٿيو هِيئن ُهيو جو ماما رمضان جو ُپٽ خان محمد ،پنج ڪتاب پاس ڪري ڇهين درجي ۾ ڪاٺڙيَء پڙهڻ ُ ويوهيو۽ َرهندو به سائين گل حسن جروار جي گهر ۾ ُهيو ،کيس زماني جي هوا َل ِڳي ُچڪي ُهئي ،سو مرحيات الهبچائي پاران ڀٽ شاھ جي ميلي گهمڻ جي صالح تي جارو چوري ڪري ،باقي پئسا ساڳيَء جاِء تي رکي ،جاري کي لنبي ،ڀٽ شاهه َڀ ِڃي ،پنجاهه روپيه ِ جي ميلي تي ِويو ُهيو .ٻئي ِڏينهن ُسهڻو ُبوٽ به آندو ُهيائين ،پڇا ڪرڻ تي ُٻڌايو ُهيائين ته الهبچايو ميلي تي َوٺِي ويو ُهيو۽ ُب ُ وٽ مسجد مان چورايو َاٿم .مسجد مان چوريَء ِجي ُ ٺاڪ دڙڪا ِڏنا ُهيا .اِيئن ُاها ڳالهه آئِي َوئِي ٿِي َوئِي هئي .هاڻ جو ڳالهه تي بابا کيس ٺِيڪ موچاري َ ڦيهه پنجاهه روپيه ُکٽا ته سڀني جو ِڌيان خان محمد ڏانهن ِويو .بابا کيس چ ِڱي ِ چوري نه ڪر َڻ جو واعدوبه ڪڍي ته با ِسيائِين .گڏوگڏ آئينده الِء پنهنجي يا ٻِئي ڪنهن جي ِ ڪيائين. الهبچائي جو قصو ڇيڙيو اٿئون ته ان جو به ذڪر ڪندا هلون .اسان ڇڙي چولي ۾ هلندڙ گينگها ڇوڪرا ،جڏهن زوريَء جهلجي پهريون ڀيرو اسڪول ۾ پڳاسين ته هو پنجين درجي ۾ پڙهندو هيو ،اسان کان االهي ڊگهو۽ قداور لڳندو هيو .اسان اڃان پٽيَء ۾ الف انب بي بال پئي ڪئي ته هو پنجون پاس ڪري انگريزي پڙهڻ الِء اسان جي زميندار قيصر خان راڄڙ جي ڳوٺ هليو ويو هيو ،جتان روزانو ميرپورخاص وڃي االئي ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهندو هيو .اسان جي ڳوٺ مان اهو پهريون ٻار انگريزي پڙهڻ ويو هيو .ٻين کي مائرون ئي پرديس تي موڪلڻ الِء تيار ڪونه ٿينديون هيون ،هو ته ڇٺيَء جو ڇورو هيو، ماُء تي رڳو پيٽ ۾ کڻڻ وارن نون مهينن جو بوجھ بڻيو هيو .سا ويچاري کيس ڄڻيندي ئي راه رباني وٺي وئي هئي .هن کي پاليو ڏاڏيَء هيو تنهنڪري ئي ڏاڏيَء انگريزي پڙهڻ واري ڳالھ تي راضي ٿي کيس شهر موڪلي ڇڏيو هيو .هو منهنجي امڙ جو سوٽاڻي سوٽ ۽ منهنجو مامو هيو. اسان جڏهن پنجين ۾ پڳاسين ته هو ڏهين مان ناپاس ٿي حاجي قيصر خان جو ڳوٺ ۽ ميرپورخاص ڇڏي واپس موٽيو هيو .تڏهن پيُء شادي به ڪرائي ڇڏي هيس ،ٿورن ئي ڏينهن بعد ڳوٺ به راس نه آيس ته هڪڙيَء صبح جو ڏاڏيَء جا ٻه ُ ڪ ُ ڪڙ چورائي ،پير ٻڌل ُ ڪڪڙن کي ٽوال جي ُپٺارڪ جيان ڪلهي تي رکي ،االئي ڪيڏانهن جي پنڌ کي وڍيائين. بس پوِء ڏينهن گذرندا ويا ،هڪڙو وسڪارو ويو ،ٻيو وسڪارو ويو ،ٽيون وسڪارو به ويو پر همراه جي نه چٺي ،نه َچپاٺي نه خط نه َپ ُ َ ڏاڏيس به ٻه چار ڏينهن ٽ ،نه ڏس نه پتو. ِ 78
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
لڙڪ الڙيا ،ڏاهين ماين کان ڦارون وجهرايون ،پيرن فقيرن کان ُپڇائون ڪرايون ،نيٺ ُرليو سهسائيُ ،ٻڏو سهسائي االئي ُمئو سهسائي ماٺڙي ڪري ويهي رهي. تنهن زماني ۾ هن سموري تر ۾ حاجي احمد بخش ناريجي جي ڳوٺ ۾ هڪڙي پوسٽ آفيس هوندي هئي ۽ اسان رڙهندا رڙهندا جڏهن اٺين درجي ۾ پهتا هياسين ته مڊل اسڪول ڪاٺڙيَء ۾ هڪڙي ڏينهن ٽپالي مونکي هڪڙو خط اچي ڏنو هيو ،جنهن جي لفافي تي پوئين پاسي موڪليندڙ جو نالو ” لياقت بلوچ ،رانگيواڙھ ڪراچي“ لکيل هيو .خط کي کولي جو پڙهيم ته اڙي هي ته مون وارو وڃايل مامو اهلل بچايو هيو .هن پنهنجي تفصيلي خط ۾ لکيو هيو ته هو ۽ هڪڙو جاٽو ميگهواڙ( جيڪو ڪراچيَء پهچي مسلمان ٿيو ۽ نالو عزيز شيخ رکايائين) هتان ڀڄي ڪراچيَء پهتا هيا ،هلڪي ڦلڪي مزدوري ڪندا هيا ۽ شام جو انهيَء مزدوريَء جي ڪمائيَء مان فلمون ڏسي ،فوٽ پاٿن تي سمهي رهندا هيا. ٿوري وقت بعد کيس ڪنهن بحري جهاز تي خالصيَء جي نوڪري ملي وئي هئي ۽ هو اوڀر پاڪستان کان وٺي برما سميت هندستان جا به ڪجھ ٻيٽ گهمي آيو هيو .پوِء اها نوڪري ڇڏي اڄڪلھ ڪراچيَء جي هڪڙي نٽ بولٽ ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪري ٿو ،جتي جي مزدور يونين جو به اڳواڻ آهي. خط کڻي اسڪول مان اڏامندو ڳوٺ پهتو هيس ،واھ واھ ٿي وئي ،مڙني ماين توڙي ڀائين گڏجي ڏاڏيس سميت ُهن جي ونيَء ۽ پيُء کي هن جي جيئري هجڻ ۽ وري َلڀي پوڻ تي مبارڪون ڏنيون هيون ته خوشيَء مان ُلڙڪ به الڙيا هيا .۽ رات جو اسان جي ڀونگن جي ڪاراچيَء ۾ ننڍڙي راڄ مڙي صالحون ڪيون ته ”هائو ٻيلي همراھ ته هٿيڪو آ پر مئي ِ ُپڄي ڪير“؟ نيٺ ناني گل حسن ( سندس چاچي) پنهنجي ُسلفيَء ۾ ڊڀن جي ٻور سان ماليل تماڪ سان ڀري ،تيلي ڏئي ،دونهين جون الٽون ڪڍندي اعالن ڪيو” مان خاجا اجمير ( اجمير شريف) تائين ُاٺ َلڏيا آهن ،ڪاراچي ته هيَء پئي آ ،سڀاڻي ئي ٿو وڃي ڪن ڪن ته رڳو دل ئي دل ۾ سوچيو ،پر گهڻن ته چئي مان جهلي وٺي اچانس“ .ويٺلن مان ِ ڏنس ” ،ادا ُگلسن!! بچايو ته هونئن ئي ُرليو ،پر تون به ڪاراچيَء ۾ ُ ڪن جيڏي شهر ۾ ُرلي ويندين“ .پر هو نه ُمڙيو ،ٻئي ڏينهن ان جي َپليَء مان مڻ کن ڪڻڪ جو ڪڍائي، ڪاڪي ُرگهي جي هٽ تي وڪڻي ،چار مانيون ۽ ڳڙ جي وڏي ڳنڍ ٽوال جي ڪنڊ ۾ اٽڪائي ،ململ جي پٽڪي ۾ ڀاڙي کان وڌيڪ پئسا لليچن کان بچائڻ الِء ٻڌي ،لئيَء جي َ ٺ هٿ ۾ کڻي ڪراچيَء هليو ويو هيو ۽ اٺين ڏينهن اهلل بچائي سوڌو واپس موٽيو، وڏي ل ِ نه پر کيس اڳ۾ ڪريو آيو هيو. 79
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هن ڀيري ڳوٺ آيل بچايو ڳوٺاڻو بچايو نه پر ،هندستاني فلمن جي اداڪارن جهڙو وڏن وارن وارو پتلون پهريل بيل باٽم بچايو هيو .هو دنيا جون ڪجھ ڪنڊون گهمي موٽيو هيو ،زماني جي هوا به لڳل هيس .ڏنگايون چڱايون به ِسکيل هيو .ته زماني سازي ته هونئن ئي در در جي ٺوڪرن سيکاري ڇڏي هيس .پوِء هن نئون جهان جوڙڻ الِء هتي ئي ميرپورخاص ۾ روزيَء روٽيَء جي ڳول ڳوالن شروع ڪئي ،غريب آباد ميرپورخاص جون گهٽيون اڄ به انهيَء ڳالھ جون گواھ آهن ته هن پنهنجن پيرن تي بيهڻ الِء ڪيترا پاپڙ ويليا هيا .ڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊر ته ڪڏهن ڪنهن مسافرخاني جو منشي، ڪڏهن اسٽيٽ الئيف ۾ سيلز مين ته ڪڏهن وري بايو گيس پالنٽ لڳائڻ وارو پر نه پاڻ پيرن تي بيٺو ۽ نه سندس روح کي ڪٿي به سڪون آيو .رهندو هڪڙي دلگهرئي يار ته ُمئو سمجهي رڻ ۾ تڏهن ُراليس جڏهن هنن جي موٽرسائيڪل جو عمرڪوٽ ويجهو حادثو ٿي پيو هيو ۽ اللهبچائي جون ٻئي ٻانهون ڀڄي پيون هيون .اهو دل گهريو يار ،پنهنجو هلڪڙو ڌڪ سهسائي کيس مئل سمجهي ،پنهنجي موٽرسائيڪل کڻي گم ٿي ويو هيو. هاڻ دور به ڪافي بدلجي ويا هيا ،اسان ننڍي پوش وارا ڇوڪرا به ڪامريڊ ٿي ويا هياسين ۽ مامي اهلل بچائي جي به اسان جي ڳوٺ ايندڙ سڀني ڪامريڊن سان ياري ٿي وئي ،خاص ڪري تاج مريَء سان ته مٿو مٿي تي ياري ٿي ويس .انهيَء زماني ۾ ڳوٺ وارن کي توڙي اوڙي پاڙي وارن کي ڪراچيَء توڙي حيدرآباد ۾ ڪم پوڻ لڳا ته سڀني جو سونهون اهلل بچايو هوندو هيو ،ڪراچيَء جي ته گهٽي گهٽيَء جو اهڙو واقف هوندو هيو جو ايئن ڀانئبو هيو ته مڙس ڪو ڄائو ئي هتي هيو .مون کي جڏهن پهريپن ڀيرو پي ٽي وي ڪراچيَء ۾ پروڊيوسر جو انٽرويو ڏيڻو هيو ته به هو منهنجو سونهون ٿي هليو .توڙي ڳوٺ جي سمورن اسان جي ٽهيَء جي جوانن کي همٿائيندو رهندو هيو ته ” اڙي ابا هتي ڇا رکيو آ ڳوٺ ۾، نڪرو ٻاهر دنيا گهمو ،ڏسو ،هتي ته کوھ جا ڏيڏر ٿيا ويٺا آهيو“ . وچ ۾ وري هڪڙو دور اهڙو به آيو جو همراھ جون حاجي قيصر خان جي ُپٽ سردار صالح راڄڙ جي دوستيَء ۾ راڄن سان ياريون ٿي ويون ،جن ۾ ڄام معشوق کان وٺي جمال شاھ تائين جهڙا امير توڙي وزير به شامل هيا ،ڪجھ ڏينهن غالم مصطفي جتوئيَء جي نگران وزير اعظم واري دور ۾ پير آفتاب شاھ جيالنيَء جي تمام گهڻو ويجهو ٿي ويو ،پر جيترو جلدي سندس ويجهو ٿيو هيو اوترو جلدي پري ڀڄي ويو .هو هميشھ صاف ُسٿرو رهندو هيو ،ڪپڙي لٽي جو انتهائي شوقين هيو ۽ َڊنهل يا گولڊ ليف کان گهٽ ڪو سگريٽ به ڪونه پيئندو هيو .هو بال جو پياڪ به هيو ،پر پيتي کان پوِء اسان ڪڏهن کيس 80
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪن ڪندي نه ڏٺو نه ٻڌو .هڪڙي ڀيري سندس والد مرحوم کي ٿڙندي ٿاٻڙندي يا ڪي ِ ڪا ڪل پئي ته همراھ خمارن ۾ اوطاق ۾ َوٽيو پيو آهي ،سو لٺ تي ٽيڪجي اوطاق تي هليو آيو ۽ ڀونڊو گهروڙي ڏنائينس ،پر هيُء همراھ مجال جي ڪجھ ُ ڪڇي ،اصل هيٺ ڪنڌ ڪريو ويٺو رهيو. وچ ۾ هن کي ڪهڙيَء به حالت ۾ آمريڪا ۾ وڃي ڪا نوڪري ڪرڻ جو شوق جاڳيو ،۽ انهيَء شوق ۾ وري 1988واريَء ٻوڏ ۾ رلي ڪلهي تي رکي ڪراچيَء هليو ويو ،پر هن ڀيري هو اڪيلو ڪونه هيو ساڻس گڏ حيدرآباد جو مشتاق بڙدي به هيو ،پوِء بقول سندس ٻنهي ڄڻن ساندھ ٻه ٽي سال گلشن اقبال ۾ رهندڙ هڪڙي سنڌي وڏيري جا ديڳڙا ڌوتا. نتيجي ۾ مشتاق بڙديَء جو لنڊن تائين ته جڳاڙ ٿي ويو پر مامو بچايو ويزا ملڻ کان رهجي ويو .۽ مشتاق به لنڊن ته پهتو پر اڳتي آمريڪا جي ڀاڙي ۾ جهڙوڪر َٻڌل هيو ،ته هن پنهنجيَء ٻنيَء جا چار ٻارا زرعي بينڪ ۾ گروي رکي ،گهر جا زيور وڪڻي کيس همراھ ِ ڀاڙو ڪري ڏنو .موٽ ۾ مشتاق ساڻس االئي ڪيترو نڀايو پر اهو سو ضرور ٿيو جو ُهن پنهنجي والد مرحوم وڪئي بڙديَء سان گڏ هن يار کي به مالئيشيا ،سنگاپور ۽ ٿائلينڊ گهمايو ،پر ايئن گهمايو جو پنهنجو بينڪ جو اي ٽي ايم موڪلي ڏنائين ته جيڪو وڻي سو خرچ ڪندا وڃو. نيٺ هڪڙو ڦيرو اهڙو آيو جو اهلل بچائي ،اوچتو ئي اوچتو وڃي مسيت وسائي ۽ پوِء حياتيَء جا باقي ڏهاڪو کن سال دنيا جهان کان ڪنارھ ڪش ٿي صفا مسيت جو ئي ٿي ويو .ٿور ڳالهائو ته هونئن ئي هيو ،مولوي ٿيڻ کان پوِء ته مورڳهين ڪي ٻه چار اکر وات مان ڪڍندو هيو ته واھ نه ته ٿيو خير .باقي ڪا ڳالھ دل سان لڳندي هيس ته رڳو مسڪرائيندو هيو .جوانيَء ۾ ڪنهن زماني ۾ اداڪاريَء ۽ ڳائڻ جو شوق هوندو هيس ۽ مڪيش جا غزل ڏاڍي پرسوز انداز ۾ ڳائي پاڻ به روئي ڏيندو هيو ته ويٺلن کي به روئاڙي ڇڏيندو هيو ،تنهنڪري آخري وقت ۾الئوڊ تي اذان بلڪل انهيَء انداز ۾ ڏيندو هيو جنهن ۾ جوانيَء ۾ ڳائيندو هيو .ته سندس جواني ياد ڪري هرڪنهن کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو هيو .آخري وقت ۾ سونهاري اهڙي ته سهڻي لڳندي هيس جو عام ماڻهو ۽ اڻواقف به کيس ڪوئي درويش ،بزرگ ۽ زندھ ولي سمجهي هروڀرو به پيرن تي ڪري پوندا هيس. مرحوم سموري ڄمار آمريڪا وڃڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي نيٺ جڏهن دنيا جهان کان التعلق ٿيو ۽ مسيت سڳوري وسايائين ،تڏهن به پنهنجن ٻنهي ُپٽن کي همٿائيندو رهيو ته ٻيلي ٻاهر نڪرو ،دنيا ڏسو ،گهمو ڦرو ،۽ پوِء کين ڪراچيَء موڪلي ڇڏيائين .۽ هڪڙو 81
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ته رڙهندو رڙهندو اڳتي نڪتو ۽ وڃي سعودي عرب جا وڻ وسايائين ،پر سو به تڏهن جڏهن مرحوم پاڻ هيُء جهان ڇڏي ويو .باقي ٻيو پيُء جي جهان ڇڏڻ بعد وري واپس موٽي اچي گهر ويهي رهيو .حياتيَء جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پڇندا هياسونس ته ”ماما تنهنجيون وڏن وڏن ماڻهن سان هيڏيون ياريون دوستيون هيون ،پر ڪوئي لڙي به ڪونه ٿو اچئي طبيعت ُپڇڻ .ته چوندو هيو ” ابا انهيَء ڳالھ ۾اوهان ڪامريڊ سچا آهيو ته واقعي هن معاشري ۾ طبقاتي فرق آهي ۽ وڏيري ،ننڍيري جي دوستي هلڻ يا نباهڻ ناممڪن آهي“. ۽ پوِء سندس ڳالهايون کير جهڙيون اجريون نڪتيون” هن جي الڏاڻي تي ڪو به وڏو ماڻهو لڙي ڪونه آيو ،شايد هن جي ياريَء وارا سڀ سياسي ماڻهو هيا تنهنڪري ڪونه آيا هوندا. يا کين هڪڙو ووٽ وٺي وري اليڪشن ۾ بيهڻو ڪونه هوندو تڏهن ڪونه آيا هوندا. ڳالھ پئي ڪئي سين عيد جي ڪپڙن ۽ جاري ۾ لڪايل پئسن جي چوري ٿيڻ جي .سو ڪپڙن تان ياد ُآي ِم ته ُان زماني ۾اسان جي عورتن جا ڪپڙا درزيَءوٽ ِس ِب َ جڻ الِء ڪونه ويندا ُهيا .زاالڻو ڪپڙو درزيَء وٽ وڃڻ وڏو عيب سمجهبو هيو .غيرت جو سوال ٿي پوندو هيو جيڪر ڪوئي زاالڻو ڪپڙو درزيَء کان سبرائيندو هيو ته سڀڪو کيس ڦٽ لعنت ڪندي جام ِسٺيندو هيو .غربت جي ڪري گهرن۾ ِسالئيَء ُجون َم ُ شينون به ڪونه ُهونديون ُهيون .سڀني ماين کي ڪا َو ِڏڙي ڪپڙا َ ڪ ِٽي ڪوري ڏيندي ُهئي ،پوِء هر ڪا ِ مائِي ُسئيَء َسڳي سان پنهنجا ڪپڙا پاڻ ِسبندي ُهئي .تن ڏينهين اسان ٻروچن ۾ مائين جي حلواڻ جي ڳاڙهن َگ َ مايون َ هگهن پهرڻ جورواج ُهيو .تن الِء واندڪائيَء ۾ ُ پاڻ ڀرت َ جوگ َ پوتيَء سان جي هگهو ،ٽ ِ ِن ڀري َتڻا ٺاهينديون ُهيونَ .گربِيَء جي ُسٿڻ ۽ حلواڻ ِ ِ والن ِ َزنانو َٻروچڪو ويس ُهيو .سو انهن ڪپڙن سبڻ واريَء ڳالھ تان ڪاڪو ڀوڄو ياد آيو اٿم تنهن جو ذڪر به ُٻڌندا هلو .تنهن زماني م اڄوڪي ڪار ڪونه هئي ته پڙهجي رڳو نوڪريَء الِء ،تڏهن نوڪريَء کي ڪو سٺو ڪم ڪونه سمجهيو ويندو هيو ۽ هڪڙي مشهور چوڻي هوندي هئي ” ،نيچ نوڪري ،وڌندڙ واپار ۽ اتم کيتي“ .سو پڙهبورڳو انهيَء الِء هيو ته ڪجھ ِپرائجي ۽ نه ئي ڪي ُاٺ ڪتابن جا پڙهي وڃي سرڪار جو نوڪر ٿجي .چوندا هيا ته کيتيَء سر سيتيِء کان سواِء ماڻهوَء کي ڪونه ڪو هنر به پيٽ ۾ هجي. ۽ جيڪر کيتيَء ۾ ڪو ڏڪار ُٻڪار پئي ،وارا ڄمارا ٿين ،سدائين ُ مٽ ماٽيَء تي هوندو آ ۽ جيڪرڪڏهن ماٽي ڦري مٽ تي ٿئي ،ته ماڻهوَء جي پيٽ ۾ ڪونه ڪو هنر هوندو ته ُبک ڪونه مرندو .انهيَء ڳالھ کي اک ۾ رکندي ابي امان به رٿيو ته اميري کي به ڪونه ڪو هنر سکڻ گهرجي ،جنهن الِء هڻي ماري وڃي صالح بيٺن ته درزڪو ڪم سکڻ گهرجيم. 82
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڇو جو ابي امان جي ناناڻن واري پاسي ،بڇيريَء جي شهر ۾ پيارو نالي ڪوئي عزيز درزي بڻجي روزانو ڪجھ نه ڪجھ پئسا ڪمائي ايندو هيو .تن ڏينهين اڃان پنجين ڪتاب ۾ پڙهندو هيس جڏهن اهي صالحون پئي هليون. اسان جي ڳوٺ جي ميگهواڙن جي هڪڙي اوطاق هوندي هئي ،جنهن کي هو ُدکڻ چوندا هيا ،تنهن ۾ هڪڙيَء ڪنڊ ۾ ڪاڪو ڀارو موچڪو ڪم پيو ڪندو هيو ته وري ٻيَء ڪنڊ ۾ ڪاڪو ڀوڄو سالئيَء جي مشين رکي سموري ڳوٺ وارن جا ڪپڙا پيو سبندو هيو. ڪاڪي ڀاروَء جو ته ڳوٺ جي سمورن گهرن سان آهت رکيل هيو جيڪي سڀ جا سڀ ٻني ٻاري سان جي ڪرت سان هيا .آهت جي رواج موجب هو آهتيَء گهر جي هرهڪ گهر ڀاتيَء کي سال ۾ هڪڙي ُ ڪرم جي جتي ٺاهي ڏيندو هيو ۽ باقي سمورو سال انهن جي ڦاٽل ُجتين جي ڳنڍ ٽوپ ۽ جنڊا ٻڌڻ جو ڪم ڪري ڏيندو هيو ۽ موٽ ۾ ڪڻڪ جي کري لٿي کيس گهر ِڏٺ ڪڻڪ جي ٻوري ملندي هئي .باقي ڀوڄي درزيَء الِء ذهن تي گهڻو ئي زور ڏنو اٿم پر ياد ئي ڪونه ٿو اچيم ته انهيَء جو ڪهڙو حساب ڪتاب هوندو هيو. خير قصو ڪوتاھ ،ابي امان جي صالح بيٺي ته مونکي اسڪول مان واندي ٿيڻ بعد ڀوڄي درزيَء وٽ ڇڏيو وڃي ته جيئن آئون پڙهڻ سان گڏوگڏ درزڪو ڪم سکي وٺان .ڪاڪي ڀوڄي الِء ُٻڌائيندو هالن ته هو مينگهواڙن جي ٻوچيا ُنک جو هيو ،اصل ٿر جي ڳوٺ روهيراڙي جو هيو ۽ هتي جي جوڳو مينگهواڙن مان پرڻيو هيو .االئي ڪهڙي سال ٿر ۾ آيل ڪنهن ڪاري ُڏڪار ۾ لڏو کڻي اچي هتي ساهرن ۾ ڪکڙا اڏي ويٺو هيو .هندن جي ريت مطابق ڳوٺ ۾ ڄاول نينگري سموري ڳوٺ جي نياڻي” گان ِري ڏيڪري“ سڏبي هئي ۽انهيَء جو مڙس وري سموري” گانَء جو ُجئائين“ ( ڳوٺ جو نياڻو ) سڏبو هيو .سو ڳوٺ جي جئائينَء الِء اهو الزمي هوندو هيو ته هو هميشھ مٿي تي پٽڪو ٻڌي ۽ ”رهاڻ“ يعني ڪچهريَء ۾ وري پٽ تي وڇايل رليَء تي ويهي .ڪاڪو ڀوڄو جيئن ته ڳوٺ جو ُجئائين هيو ،سو به اها ريت پارڻ الِء انهيِء تي عمل ڪندوو هيو سدائين ململ جو پٽڪو ٻڌندو هيو ،سواِء ڪنهن مرڻي جي اسان کيس سدائين ململ جو پٽڪو ٻڌل ڏٺو ،باقي ڳوٺ ۾ ڪنهن مرڻي جي موقعي تي هو پٽڪو ڇڏي ٽوال ۽ مٿي تي ٻڌندو هيو .پر درزي هجڻ جي ڪري ڀانيان ٿو کيس اڻ اعالنيل اجازت مليل هئي ته هو ڪاٺ واريَء ُ ڪرسيَء تي ويهي ڀلي مشين هالئي. سو هڪڙي ڏينهن بابو مونکي ڪاڪي ڀوڄي وٽ درزڪو ڪم سکڻ الِء ڇڏي ويو .باقي ڳالهيون مهاڙيون ڀانِء اڳ۾ ئي ڪيل هيس .هن پهريان ئي مونکي ُسئيَء سان ڪاج ٻڌڻ 83
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جو ڪم ڏنو ،ٻن ٽن ڏينهن بعد بٽڻ ٽاڪڻ سيکاريائين .۽ پوِء ُسٿڻن جي پانئچن تي ُسئيَء سان ڪنڊڙو هڻڻ سيکاريائين .تڏهن ماڻهن ۾ ُسٿڻ جي پانئچي تي هٿ جي ڪنڊڙي جو وڏو شوق هوندو هيو .ايئن هوريان هوريان پهريائين شلوارن جو ڪوريل ڪپڙو سبڻ الِء ڏنائين ،اها به الڳ ڳالھ آهي ته شروع شروع ۾ االئي ڪيترين ُسٿڻن جا ابداڻا ُابتا سبيم ته وري االئي ڪيترين جون النگون ڦيرائي ڇڏيم .جيڪي وري ڪاڪي ڀوڄي کي ٽاڪا ُاڊيڙي نئين سنئين سبڻيون پيون هيون .مونکي سيکارڻ دوران ابتا ٽوپا اچڻ ۽ اڊيڙي نئين سر ٽوپو هڻڻ جي چئوڻيَء هالکيَء دوران هن کي ڪڏهن به ڪا ڪاوڙ ڪونه ايندي هئي .پر رڳو سندس وات مان نڪرندو هيو” هاِء رام“ يا ” هاِء مانهجا راميا“ يا بنهي گهڻو ڪم خراب ڪندو هيس ته چوندو هيو ” اي مِنيا ڀڳوان تانهنجي ڀلي ڪري اين ڪوني اون ٽانڪو هڻ“ ( اي ننڍڙا خدا تنهنجو ڀلو ڪري هينئن نه پر هونئن ٽانڪو هڻ). درزڪو ڪم سکڻ ۾ مون کي ڇھ مهينا کن لڳي ويا هيا ،۽ انهن ڇهن مهينن ۾ ڪاڪو ڀوڄو مونکي رڳو درزڪو ڪم ڪونه سيکاريندو هيو ،پر هو پنهنجي تجربن جي آڌار تي جيئڻ جا جملي ُگن به سيکاريندو رهندو هيو .ڪپڙن سبڻ واري مشين جو هلڪو آواز هلندو رهندو هيو ،ڪاڪي ڀوڄي ٻئي هٿ ڪوريل ڪپڙي جي ٽاڪجڻ تي هوندا هيا ته اکيون به انهيَء جي سڌائيَء ۽ صفائيَء تي کتل هونديون هيون ،پير سائيڪل جيان مشين جي وڏي ڦيٿي کي ڦيرائيندا رهندا هيا ۽ زبان جهيڻن لفظن سان نصيحتن ڀريا لفظ اچاريندي رهندي هئي ” .ڏيڪرا اي ڪل جڳ اهي ،اِٿ جهڙا َپگ ڀرسو ،ڀڳوان اوهان نان ُاوئي رو ُاتو پرسو ڏيسي“ ( ُپٽ هي ڪل ُجڳ آهي هتي جهڙا پير ڀريندئو خدا اوهان کي انهيَء جو اوترو ئي ِسلو ڏيندو) .۽ ٻيا به انيڪ نصيحتن ڀريا ُگن ۽ گفتا ،نياز ۽ نوڙت، هٿ جوڙي ،صبر ۽ برداشت جهڙا مثال مون اسڪولن ۾ استادن وٽان اوترا ڪونه سکيا جيترا ڇهن مهينن ۾ درزڪي ڪم سکڻ دوران ڪاڪي ڀوڄي وٽان ِسکيا. وقت گذرندو ويو وقت جي ويرن ۾ لڙهندي اسان واري ٽهي به ڪڻو ڪڻو ٿيندي ڪيڏانهن کان ڪيڏانهن هلي وئي ۽ ڪاڪو ڀوڄو صفا جهور پوڙهو ٿي ڪم ڪار کان ويهي ويو. ڳوٺ ۾ ڪپڙي لٽي پهرڻ جون تبديليون اچڻ شروع ٿيون ،پٽڪي جي جاِء ٽوپيَء ورتي ۽ پوِء انهيَء جي جاِء آڏيَء سينڌ ورتي ،النگوٽي جي جاِء ُسٿڻ ورتي ۽ هوريان هوريان پتلون اچڻ شروع ڪيو .پر ڪاڪي ڀوڄي نه پٽڪو ڇڏيو نه النگوٽو .ڳوٺ جي گهڻن ماڻهن جي اٿڻين ويهڻين ۾ توڙي ريتن رسمن ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به هوريان هوريان اهڙيون
84
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تبديليون اچڻ شروع ٿيون جو ننڍي پوش” گِٽ مِٽ گِٽ مِٽ ۽ تيريون ميريون “ ڪرڻ شروع ٿي پر ڪاڪي ڀوڄي پنهنجي اباڻي ڍاٽڪي ٻولي نه ڇڏي سا نه ڇڏي. سندس حياتيَء جي پڇاڙن ورهين ۾ ڳوٺ جي ٻن جاين تي پوڙهن ۽ ڪم ڪار کان واندن ڏوڪرن پنهنجي ڪچهريَء ڪرڻ جا ٻه ٺڪاڻا پاڻ هرتا ٺاهيا هيا .سياري ۾ الياس ڪنڀر جي دڪان آڏو لوڙهي کي ُپٺ ڏئيَ ،پٽ تي ويٺا سج جي تپش تي پاڻ سيڪيندا هيا ته اونهاري ۾ وري هرجيَء جي َچڪيَء جي آڏو بيٺل ٻٻر جي هيٺان پٽ تي ويهي ،گوڏن ۾ ٽوالن جون ڪانڀون ٻڌيو ،پنهنجي گذريل زمانن جي يادن کي ساري ٿڌا شوڪارا ڀريندا ۽ اوراڙ پراڙ جا احوال ڪندا هيا .انهن قصن جي بسم اهلل الياس ڪنڀار ۽ کنگهار ميگهواڙ کان ٿيندي هئي جيڪي خبرن جي حوالي سان ڳوٺ جي بي بي سيَء طور اڄ به مشهور آهن .ڪاڪو ڀوڄو به انهن ڪچهرين ۾ شريڪ هوندو هيو .پر هنن جي عجيب ۽ انوکن ۽ احوالن تي ڪوئي تبصرو ڪرڻ بجاِء سندس وات مان پهريائين مان سرد شوڪارو نڪرندو هيو ،پوِء پنهنجي سڙيل کاٻي هٿ جي اشهد آڱر نڪ تي َگسندي هئي ۽ چپن مان نڪرندو هيو” هاِء ڀڳوان يا هاِء رام“ يا ڪڏهن ڪڏهن الياس ڪنڀر کان ِسکيل اکر ” توبھ توبھ ۽ اي مانهنجا خدا“ اچاري خاموش ٿي ويندو هيو .اها هئي منهنجي درزڪي ڪم جي استاد ڪاڪي ڀوڄي جي زندگي ،جيڪو پنهنجيَء پوريَء ڄمار ۾ نه ڪنهن جي ٻن ۾ آيو ته نه ٻارهن ۾ .جيتوڻيڪ زماني هن جا ٻه توڙي ٻارهن بگاڙي ُپٽن ۾ وڏا ڦيٽهڙا وڌا ،پر هن اشراف وسين لڳين ڪڏهن ڪنهن سان ڪڙو ڪونه ٻوليو .۽ عزت سان پنهنجو وارو وڄائي ويو. پاس ڪري ،ڇهين درجي الِء مارچ 1970ڌاري ڳوٺ جي اسڪول مان پنجون درجو ِ ُ تياري َ ئي ڪ ِ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪاٺڙي وڃڻ جي ِ يم .خان محمد ،مون کان اڳ۾ ِ ُ ۾رهندوهيو ،هوڏانهن ڪاٺڙيَء و ِڃي ُچڪو ُهيوُ .هو سائين گل حسن جروار جي گهر اڄڪلھ جو پي آئي ڊي ڪراچيَء وارواخبارن جي اي بي سي ڪرڻ وارو جيرام داس وري ٽنڊو جان محمد هاِء اِسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو ۽ اتي ِجي هاسٽل ۾ رهندو هيو۽ مرحيات الهبچايو ،قيصر خان راڄڙ جي ُ بنگلي تي َرهِي ميرپورخاص ۾پڙهندو ُهيوُ .منهنجي ۽ پرتاب ميگھواڙجي ڪاٺڙي وڃڻ بعد ،انهيَء سانگي سان ،خان محمد به اسان سان گڏ ڳوٺ َ َ ميل جي شهر( جتي هينئر سنڌڙي تعلقي جو اچ ُڻ شروع ڪيو هيو .تڏهِن ٻارهين هيڊڪوارٽر آهي) جو ڪو ُو ُجود ئي ڪونه ُهيو .چئوطرف گھاٽوجهنگ هوندو ُهيو .چئو 85
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
طرف وڏيون وڏيون ديويون هونديون هيون ،سامهون الهندي پاسي کان پنگو خاصخيليَء جي ڳوٺ واري رستي سان چٽوڙيَء جي قبرستان کان اڳيان پينگھاري جي ڊِ َ ٻ هوندي هئي ،جنهن ۾ بگهڙن توڙي ٻين خطرناڪ جانورن جي هجڻ بابت به خبرون ُٻڌندا هياسين ۽ ٿورڙو پريان وري َلڪيَء وارا چشما به هوندا هيا ،جتي جي گندرف گاڏڙ پاڻيَء ۾ وهنجڻ وارن جي خارش جي بيماري ختم ٿي ويندي هئي .اهي ٻيئي شيون هاڻي ايئرپورٽ جي ٺهڻ بعد پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون آهن .ٻارهين ميل جي موجوده پيٽرول پمپ ۽ مسجد جي وچ وٽان ،اوڀر طرف ديوين جي گهاٽي جهنگ مان هڪڙو پيچرو هوندو هيو ،ٿورڙو هلڻ سان ئي راڻي ڀِيل جو ُ گهر ايندو هيو ۽ اهو پيچرو ان گھر جي پاسي مان اوڀر طرف گذرندو ُهيو. َ َ مهاجر جي گهر واٽ نظام الدين ان زماني ۾ اسان جي ڳوٺ مان شهر بحر نڪرڻ جي وٽان ٿين ِدي ،دوسي جي پٽڙيَء ذريعي هلي ،دوسي تي رکيل ڪاٺيَء تان ُاڪري محمد خان َ ٽ جوڻيجي جي فارم تائِين ُهون ِدي ُهئي .گهڻو پوِء جڏهن دودي ڪانهيي جي ڳوٺ ۾ کِ ِ ڳوٺ َٻڌائيَ ، ُ ڪ ِچي َرس ِتي َٺهرائِي ٽ ٿي ته حاجي محرم ڪانهئي ،پنهنجو موجوده الڳ ِپ ِ الهه َ جهنگ َوڍيَ ، ُ ڪ ِڍي، هئي .تڏهِن رمضان ڪانهيي ٻارهين ميل جي اولهندين پاسي جو َ ڪکائِين النڍي ٺاهيَ ، هوٽ ُل ڪڍيو هيو ،هوٽل به ڇا هيو ،النڍيَء ۾ هڪڙو فوٽ ڏيڍ جو ِ ويڪرو ٿلهو ٺاهي ان جي مٿان تڏا وڇائي ڇڏيا هيائين ،۽ ٻن آنن ۾ چانهه جو ڪوپ پيارڻ َلڳو هيو .تڏهن ايڪڙ ٻيڪڙ واندي خلق سندس هوٽل تي اچي ويهندي هئي .۽ چانھ جو ڪوپ پي پتن جي راند جا سٽڪا پئي ڪندي هئي .تن ڏينهين هڪڙو ته هوٽلن جو رواج ڪونه هيو ۽ جي هيو ته به عام طور تي هوٽلن تي ويهڻ کي عيب سمجهبو هيو ،۽ هوٽلن تي کير وڪڻڻ کي ته مورڳهين وڏو گناه سمجهيو ويندو هيو ،ماڻهو چوندا هيا ته ابا کِير پير آهي ،تنهن کي ڪو نڀاڳو ئي وڪڻندوُ . َ وقت بعد مرحوم جانِ ُ ب خاصخيلي به ڪجهه ِ َ ڇانو اچي رمضان ڪانهئي سان سلهڙيو هيو ،سو وري انهيَء هوٽل جي ٻاهرانَ ،ٻ ُٻ َر ِجي ۾ ،هٿرادو ٺاهيل رنگين شربتن جا ڊِگها ِشيشا رکِي وڏا هوڪا َڏئِي ايندن ويندن کي ِپيو بنان برف جي ٿڌو شربت پياريِندو ُهيو .۽ ٻه چار آنا روز ڪمائي خوش ٿي ،هرڪنهن سان پيو ڊاڙا ٺڪاو هڻندو هيو. َ سڪول ڪاٺڙيَء ۾ داخال جو ،خان محمد ڪاٺڙيَء ِقصو ُهيو منهنجي ڇهين درجي ۾ مڊل اِ جو ُس ُ ونهون ُهجي ،اسان ( مون ۽ پرتاب ) الِء ته ڪاٺڙي بنهي نئون جهان هيو ،۽ مون ته عمر ۾پهريون ڀيرو بابا ۽ امان کان سواِء گھر کان ٻاهر پير رکيو هيو۽ الريَء ۾ به 86
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اڪيلوپهريون ڀيرو َچ ِڙهيو هيس .جنهن ڪري انهيَء ڏينهن ڏاڍو ڊپ پئي ٿيم ،ته ڪٿي ڪري نه پوان يا ورندي مهل مورڳهين الريَء جيڪڏهن بيهي ئي نه ته گھر الريَء مان ِ ڪيئن ُپڄان يا وري ُمورڳو گهر ُپڄڻ کان اڳ۾ ُڀلجي نه پوان .پرائمري اسڪول جي ڪچيَء ڪوٺيَء ۾ پنج سال پڙهي جڏهن ڪاٺڙيَء جي اسڪول ۾ پهريون قدم رکيو هيم ُ پارڪونُ ،گلُ ،ٻوٽا، ڪي ۽ ُسه ِڻي بلڊنگ ،چئوديواري، ته ،ڪاٺڙيَء جي مڊل اسڪول ِجي َپ ِ َوڏا َوڏا َوڻَ ،تالُء ۽ بينچن َبجاِء ڊيسڪون ِڏسي دل ڏا ِڍي خوش ٿي هئي ،پر جيڪر ايئن چوان ته هيانُء ئي ٺري پيو هيو ته انهيَء ۾ به ڪو وڌاُء ڪونه ٿيندو .اسڪول ۾داخال ٿي ُ َ ڪالس ۾ ڇهون ڪالس پڙهڻ شروع سامهون ورڪشاپ جي ڪمري جي ته تالَء جي َ ڪيوس ِين .هن اسڪول ۾ سڀ َو َڻ َو َڻ ِجي ڪاٺِي ُهجون .جيتوڻيڪ سڀ ڀر پاسي وارن س تي هجن .انگريزي جو ڳوٺن جا هياسون پر پوِء به اهي ڳوٺ اسان ٻارن الِء وڏيَء ِد ِ ُ ُ ُ مرحوم ُخوبروجوان ُهيو ،ڪاٺڙيَء جروارهيو. ٽيچر مرحوم علي اڪبر پهريون ڪالس جي ئي هڪڙي معزز استاد ۽ خوشحال ماڻهوَء حاجي پير بخش جروار جو ُپٽ هيو .مرحوم وارن ۾ تمام گهڻو تيل َهڻندو ُهيوِ ،ز َ بان ۾ َاٽڪ ُهوندي علي اڪبر آ ِڏي ِسينڌ نِڪتل ِ س ،ڳالهائِيندي ُمنجهندو ُهيو .پر انگريزيَء تي چڱي موچاري دسترس هوندي هيس. ُه َي ِ جيئن سندس والد مرحوم حاجي پيربخش کي سنڌي گرامر تي ُعبور هيو ،تيئن سائين علي اڪبر کي انگريزي گرامر تي ُعبور هوندو هيو .اسان جي انگريزي صحيح معني ۾ مڊل اسڪول ۾ ئي ڪجھ نه ڪجھ ُجڙي نه ته اڳتي هلي ،الال مال خالص ٿي ويو هيو. جيڪي قصا اڳتي ڪنداسون. تنهن زماني ۾اسڪول وڃڻ الِء اسين پنڌ ئي پنڌ ڳوٺان نِڪ ِري دوسي ِجي پٽڙيَء جي ُڊسڙ َ ڳوٺ جي ُ سامهون تان َهلندا ،پر جي چئون ته ُڊسڙ جهاڳيندا ،حاجي دودي ڪانهيي جي ُ س ۾ چڙهندا ُهياسين. ڪ ِري ،محمد خان جوڻيجي جي فارم تان َب ِ دوسي تي َرکِيل ڪاٺِي ا ِ َ هڳٽوهوندو ُهيو ،جيڪو اڃان به رستي ۾ دوسي جي َپ ِٽڙيَء تي گھاٽن ک َٻ ِ ڙن جو هڪڙو ُج ِ ساڳيَء حالت ۾ موجود آهي ،جنهن کي َننڍڙو لوڙهو ِڏ ُ نل هوندو ُهيو .حاجي دودي جي ڳوٺ ِ ُ ُ جا ڪانِهيا ،پنهنجي فوت ٿ ِ َيل معصوم ٻارڙن کي اتي َد ُ فن ڪندا ُهيا .انهيَء جاِء کي هو ُ ش ڪري ُاتان حيدرشاهه چوندا ُهيا .مون کي اتان ايندي ويندي ڏاڍو ڊِ ُڄ ٿيندو ُهيو .ڪو ِش ِ لنگھڻ وقت َسڀ ِني جي اڳيان اڳيان ۽ تِکو تِکو هلندو ُهيس .جڏهن انهيَء کٻڙن جي ُجھڳٽي کان گھڻو اڳتي َمٽي ويندا هياسين تڏهن وڃي ساھ ۾ ساھ پوندو هيوُ . ڪجهه وقت بعد هاڪو چوکو ڀيل ُدڪاندارچريو ٿِي اِ َ ُ َ يند ِن فارم جو َر وري ٻيو ڏچو پيدا ٿيو جو جوڻيجي ِ 87
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
و َ يند ِن کي ڀِ َترهڻڻ لڳو هيو ،پوِء ته اسان الِء نسورو ئي ويل ٿي پيو هيو ،هڪ ٻه ڀيرا ڀتر ِ لڳا ته ڀڄي جان ڇڏائي سون ،نيٺ اسان َڊپ ۾ ُاتان اچڻ وڃڻ ئي ڇڏيو ۽ پوِء ِسڌا دوسي جي پٽڙي وٺي وڃي پڪي روڊ ِجي موريَء تان روڊ تي چڙهِي ،الريَء ۾ ويهندا ُهياسين. جيڪو ُ ُ هوندوهيو ،صبح جو ته ٿڌ جي پهر ۾ پنڌ جي پنڌ ڳوٺ کان لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر پرواھ ڪونه هوندي هئي ،پر شام جو واپس ورندي مهل ُب َ ک جا َس َ تايل ڪتابن جون َه ُڙون ڳوٺ ُپڄندي ُپڄندي ُ هچ ٿي پوندا ُهياسين. ک ِڻي ،ساڳيو چار ڪلو ميٽر جو پنڌ ڪندي ِ امتحانن جي ڏينهن ۾ اسٽاپ تي بيهي ،بسن جو انتظار ڪرڻ بجاِء دوسي تان روڊ تي چڙهي پنڌ ئي پنڌ ڪاٺڙي هليا ويندا هياسين .انهيَء خيال سان ته جيڪڏهن بس خراب هجي ۽ ٽائيم تي نه اچي ته اسان جو پيپر رهجي ويندو .اڄ جڏهن پنهنجي ئي اوالد کي اهو پنڌ موٽرن ۾ ويهي ڏيکاري چئون ٿا ته اسان هينئن به پنڌ ڪري ايندا هياسين ته اها ڳالھ سندن ُڊول ۾ ئي ڪونه ٿي ويهي ۽ هنن الِء ناقابل يقين ٿي هجي. مڊل اسڪول ڪاٺڙيَء جي هيڊ ماستر سائين نور محمد ناريجي جي حشمت کان ،شاگرد َ ُ ُ نيٽ جي ُ َ ڪٻي هئيَ ، ُ ٽيڪ ڏئي لڪڻ تي ته ڇا پر استاد به لهرائيندا هيا .مرحوم جي چيلهه ِ هلندو ُهيو .خاص ڪري اٺين درجي کي انگري ِزي پڙهائيندو ُهيو .۽ گھڻو ڪري ڪالس روم بجاِء اسڪول جي اڳيان بيٺل جهنگ جليبيَء جي وڻ هيٺان پڙهائيندو هيو .سندس پڙهائيَء کي ياد ڪري ،اڃان بيٺل جهنگ جليبيَء جي وڻ کي ڏسي اڄ به اکيون آليون ٿيو ٿيون وڃن .ٻيو ته ٺهيو پر کلئي ميدان ۾ ايئن پڙهائيندو هيو ڀانِء ڪا فلم هلندي هجي. حرام جو ڪو ٻار هيڏانهن هوڏانهن لوڻو هڻي ،ڀلي ته پاسن ۾ ڪو بيٺو ُدهل ڌماچا وڄائي. مرحوم الھ بخش ڀ ِٽي ،جنهن کي ماتا جا سينورا ُمنهن تي هوندا هيا ،سنهڙو سيپڪڙو هوندو هيو ،سو ٽنڊي الهيار جو رهاڪو هوندو هيو ،اتي ئي ڪاٺڙيَء ۾ ڪنهن وٽ رهندو هيو ،سو خاص ڪري سڀني ڪالسن کي انگريزي گرامر پڙهائيندو هيو .پڙهائڻ وقت ايئن لڳندو هيو ڀانِء انگريزي گرامر جو ڪو طوفان ُاٿندو هجي ،حرام جي ڪا هٻڪ هجيس، حرام جو گھڙيَء کن الِء ئي ڪنهن ڪتاب مان سهارو وٺي ،پوِء ڪجھ اسان ٻارن کي ُٻڌائي .اصل ايئن سمجهبو هيو ته گرامر جا جملي ڪتاب ۽ جملي بيهڪون ،جملي نشانيون۽ جملي زمان سندس اندر مان ُاڌما ڏئي پيا نڪرن .گھڻو پوِء ساڳئي اسڪول مان ئي ڪنهن اوڙي پاڙي جي نڀاڳي يار مان سائينَء کي َڀنگ پيئڻ جي عِلت پيدا ٿي ،ايئن ٿيندي ٿيندي فقيري رنگ ۾ هليو ويو ،نيٺ هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو جو نوڪري ڇڏي ٽنڊي الهيار ۾ ڪنهن صوفي بزرگ جي درگاھ وڃي وسايائين ،۽ پوِء االئي ڪيترا سال 88
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اڙيال سنڌين کي مفت ۾ ڌاڳا ڦيڻا ڪندو ۽ ڏيندو رهيو .سائين اهلل بخش ڀانئيان ٿو ته هاڻ هن جهان ۾ ناهي رهيو. ۽ اسان جو پرائمريَء جو سائين محمد حيات جروار ،جيڪو پرائمريَء جو استاد هوندي به ساڳئي اسڪول ۾ ڊيپوٽيشن تي پڙهائيندو هيو ،سو ته اسان سڀني شاگردن کي ُپٽن جيان َ ڇانو هيو ،هڪڙو ته هو اسان جي ڳوٺ ۾ پيار ڪندو هيو .خاص ڪري اسان الِء ته ڇپر ۽ ماستر رهي ويو هيو ۽ بقول سندس ته منهنجي پيٽ ۾ اوهان جي مائٽن جا کارايل َاڀرا َسڀرا ُٽڪر اڃان َڳريا ئي ڪونهن .گڏوگڏ ماما رمضان سان لوهان لوه ياري به هوندي هيس. ان ڪري به اسان بنان روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل جي سندس گھر هليا ويندا هياسين ،سندس گھرواري ۽ والدھ اسان الِء امان ۽ ڏاڏيَء برابر هونديون هيون ،۽ ڀائينديون به اوترو ئي هيون. ُ حڪومتن ،ووٽن ۽ سياست جي ُس ِڌ ُٻ ِڌ سال 1970وارا ووٽ ٿيا ُهيا ،تڏهن مون کي انهيَء ِ ڪونه ُهئيُ ،ر ُ هن ووٽن ڳومون کي نه پر ُمون جيڏن سڀ ِني جو ساڳيو حال ُهيو. ڪڏهن ڪڏ ِ ِ يپن جو جلوسُ ،ڌ ُ الِء ايندڙ وڏيرن جي ِج ُ وارد وڙ اڏائيندو ،اچي ُرگهي مل جي اوطاق ۾ ِ ِ ٿيندو ُهيو .ڪير ڪهڙيَء پارٽيَء جو آهي۽ ڪير ڪنهن جو ساٿي آهيَ .اسان ٻارن کي اها ڪٿان ،ڪنهن هِ َ ڪ جيڏي جي وات مان ُس ِڌ ئي ڪونه ُهوندي ُهئي .پوِء هڪڙي ڀيري االئي ِ جيئي ڀٽو جو اکر نِڪتو ،پوِء ته اصل رونشو ٿِي ِپيو ،اِيندڙ ِويندڙ جيپن اڳيان ڌوڙ ُاڏائي جيئي ڀٽو جا ُا َ ڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا ُهياسين .اها خبر ئي ڪونه هوندي ُهئي ته ُڀٽو ڇا آهي ُ ڪير آهي؟ َبس جيئي ڀٽو جي ُڌوم ُهوندي ُهئي .۽ جڏهن ُڀٽي جي ُمخالفن آڏو به ۽ ڀٽو يپون روڪي ُ ساڳيا نعرا هڻندا ُهياسين ته جيپن وارا وڏيرا ِچ ِڙيِ ،ج ُ ڀونڊا ۽ گاريون َڏئِي، ڀتر هڻي اسان ٻارن کي رستي تان َڀڄائي َهل ِيا ِويندا ُهياُ .رڳو ُ نڊن ۽ گارين تي به ڀو ِ شام َ خيرڪونه ٿيندوهوَ .پ َر ايندڙ ڏينهن وري اسان جي َو ِڏڙن الِء وڏي َ ت اِينِ ِدي ُهئي .چئي، اوهان اسان کي ِڏ ِسي ٻارن کي چوري جيئي ڀٽو جا نعرا َهڻايا آهن .مصيبتن جا ماريل ُ جان َڇڏائيندا ُهيا .جيتوڻيڪ هرڪو ويچارا وڏڙا ،پوِء وڏيون ميڙون مِنٿون ڪري پنهنجي ِ وڏڙو ،وڏن ماڻهن جون ِڇ ُ ڙٻون ،داٻا ۽ دڙڪا ُٻڌي ،پيرن تي ڪري لِيالئي معافيون وٺي، جان آجي ڪرائي ،گھر پهچي اسان ٻارن جي چڱي موچاري ڪن َمهٽ ڪندو هيو .ڪو ته ساڳي کيتي ۽ ساڳي جيئي ُڀٽو ڦيھ به ڪڍندو هيو ،پر اسان ِ ٻارن ِجي ٻِئي ِڏينهن وري به ِ جي ُڌ َ وم ُهوندي ُهئي. .
89
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُان سال پولِنگ ،يونين ڪائونسل ڪاٺڙيَء جي بلڊنگ ۾ ٿِي ُهئي .جيڪا کنڊرن جيان اڄ َ ڳوٺ مان ووٽ ڏيڻ الِء چاليهارو َک ُن َڍڳي گا ِڏيون َڀر ِجي نِڪ ِتيون به ُاڀي آهي .اسان جي ُهيونَ .اسين رونشي ڪو ِڏيا َ ٻار ب ِه ڍڳي گاڏين ۾ َچڙهِي ِپيا هيا ِسين .ماما رمضان ،مير تاج محمد جي َچ َ وڻ تيُ ،ڀٽي ِجي پارٽيَء جي مير علي بخش ٽالپر( موجودھ ايم اين اي مير منور ٽالپر جو والد) جو ايجنٽ ويٺو هيو ،جنهن تي اوڙي پاڙي جا ڪافي ُ ماڻهو ماما ِ رمضان تي ناراض ٿيا هيا .جيئن هاڻ عام طور تي اسان جي ِڇڪ ۾ ووٽن ۾ پيپال ۽ ليگال آمهون سامهون هجن ٿا ،تيئن اڳي به ايئن ئي هيوُ ،ڀٽو صاحب ،جنرل ايوب جي سنگت ڇڏي عوامي عدالت ۾ آيو هيو ،اڃان ايوب جو داٻو ملڪ تي هيو ،خاڪين جي مارن ۽ خوارين کان چڱا موچارا وڏيرا ،تڏهن ايوب جي ٺاهيل ڪنوينشن ليگ جا هيا .ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نانگا ماڻهو اچي ُڀٽي ساڻ بيٺا هيا .اڄ جي شهيد ُڀٽي واري پارٽيَء جا ڊِنگ ڊنگ تڏهن َ ڪن لِڪائڻ ۾ پورا هوندا هيا .تن مان گھڻا تڻا ته گھڻو پوِء به هر چڙهندي سج ِ جا سالمي ٿيا ۽ ٿيندي ٿيندي ُڀٽي جي پارٽيَء جا وارث ٿي ويا ،وري جڏهن ضياَء جو وارو آيو ته مڙس طوطا ڪٻڍي ڪندا ڀٽي جي پارٽي مان هليا ويا .۽ ُڀٽو صاحب بي ڏوھو ٽنگجي ويو ،رڳو غريب ،مسڪين ماڻهو پوِء به ُڀٽي سان بيٺا رهيا .باقي هنن مڙسن جي ڪنن تي جونَء به ڪانه ُسري .پرانهن مان ڪي ته وتيا ٻيون ٻيون ۽ ٽيون ٽيون شاديون ڪندا .وري بينظير صاحبه آئي ته مڙس ُ ڪڏڪارون ڪنداُ ،ڳڙ تي َمکين جيان وريا .ايئن اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن ،پر سندن واسڪوٽين جي نه ڪڏهن استري ڦِٽي ،نه ئي وري اهي ڪڏهن ُ ميريون ٿيون .پاڻ گھڻي َڦلر ۾ ڪونه ٿا پئون ،ناال لِکڻ شروع ٿياسين ته اصل ڪم اتي ئي رهجي ويندو .رڳو َ ڪن َڳڻائي چئون ٿا ته موجودھ پيپلز پارٽيَء جو ميرپورخاص وارو صدر ،قابل احترام ۽ عظيم انسان مير علي بخش ٽالپر جو فرزن ِد ارجمند ۽ ايم اين اي، مير منور خان ٽالپر ،شهيد ڀٽي کي ڦاسي ڏيندڙ جنرل ضياَء جي مجلس ُشوري عرف عام مجلس ُشودا جو ميمبر هيو .موجوده پيپلز پارٽيَء جو ڊويزنل سربراه پير آفتاب شاھ جيالني ،ضياَء جي الڏلي رئيس غالم مصطفي جتوئيَء جي نگرانيَء ۾ وفاقي وزير هيو. ڪي َڀ ِلي. بس شادي پليَ ،ڍ ِ قصو پئي هليو ،ڍڳي گاڏين ۾ چڙهي ،ڪاٺڙيَء جي پولنگ تي ووٽ ڏيڻ جو ۽ هليا وياسون االئي ڪيڏانهن ،سو ڍڳي گا ِڏين تان ياد ٿو اچيم ته ،اڳي گهر گهر ۾ ڍڳي گاڏيون هونديون لٺ شوقين هوندو هيو ،انهيَء شوق ئي کيس هيون .بابو غريبت هوندي به ڍڳي گاڏين جو ِ حيدرآباد جي واڍن جو پاڙو ڏيکاريو هيو .پهريون ڀيرو مرحيات جمعي ڪيرئي ،کي 90
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سونهون ڪري ساڻ وٺي ويو هيو ،پوِء ته سڄي راڄ جو سونهون ٿيو ،پاڻ پيو گڏيو پيو ويندو هيو .هونئن به اوڙي پاڙي ۾ ڪنهن هاريَء وٽ ڪا موچاري ڍڳي گاڏي ڏسندو هيو ته واپار ڪري ،پنهنجي ڍڳي گاڏيَء ڏيڻ سان گڏ چڱو موچارو ُاتر ڏئي اها وٺندو هيو .۽ ها ڃون ،ڍڳي گا ِڏين ۾ وينديون ُهيونَ .ڄ َ اڳي اوڙي پاڙي ۾ شادين ُمرا ِدين جون َڄ ُ ڃ چڙهڻ کان گهڻو َا ُ ڳ تياريون ٿينديون هيون ،ڍڳن کي وڏن شيشن سان َ تيل جا ُڍ َ ڪ ِڏبا هيا .ڪجھ ِ َ ڪتاَ ،ٽئنورُ ،سهڻيون ُ ُ مڪائِبا هئاُ ،سهڻا ُمهراُ ،ن ُ ڱ به َچ َ واڳون ،ڳانڍيا، تيل بچائي ڍڳن جا ِس ِ ندڻ توڙي َمڻيا َل َ گي ُڦ َ ڳانيون ،گهنگرا ۽ مٽر َٺ ِهرائ ِ ِبا هياِ .ج ِن ۾ َر َ ڳل ُهوندا هئا .ڏاند نگبرن ِ گا ِڏين جي ُدرين ۾چاڪن کي َ تيل ُجون َا ِڳ ُ ڙيون ٻوڙي سنهين شيخن سان تيل ڏبو هيو ،ته ِ ِجيئن گاڏيَءجي َه َ لڻ َوقت َٺ ِڙ َٺ ِڙ جا آوز نِ َ ڪر ِن .۽ اوڙي پاڙي وارا به چون ته واھ مڙس َ تنهنجي گاڏي .ڪي ُمڙس وريو گاڏيَء جي َب ُ ديويَء ُجون سنهيون َتل ِه ُ ڙيون انڪ ِن ۾ل ِئيَء يا ِ س ُسه ِڻ ُيون َرلِيون َٻ َ گوالئيَء َ َ ڇانو به ٿِي ويِندي ُهئيُ .ان کي ڌندا ُهيا ،ته َپردو۽ ۾ٻ ِڌي َم َٿ ِ ڃ جي گا ِڏين جو ُجلوس جڏهن َ چوندا هياَ .ڄ َ رانوتِي َ ڳوٺ ِن جي َڀرسان ُگذرندو ُهيو ته ڍڳي وار ،ڍڳن جي ُپڇن تي ٻِ ُ ليون رکِي َو ِڏيون ُٻ ِچ ُ ڪ ِڙيِن تي ويٺل ُس َ ڪارون ڪري، گاڏين جي َم ِ ُ ُ َ لين جي تڪليف سان تِکا َرن ِ لن واريِن واڳ ِن کي ڄاڻي واڻي َتڻڪ ڏيندا هيا ته ڍڳا ٻِ ِ گين گ ِ سندن َم َٿن ،سڱَن ۽ پيرن ۾ َٻ َڌل ُگ ُ ڪ َ ٿِي َ نڌ ُڌ َ وڻ ڪندا هيا ،تڏهن ُ هنگهرن جي آواز ۽ مائين ِ ِ ِ جي ِڳيچن ،هار ٿو جوڙائي ،يا ٻانهين جوڙائِ ِج نِ ِه ِري ،سان عجيب قِسم جي موسيقيت پيدا ٿِيندي ُهئي .اهڙي موسيقيت ُٻڌڻ الِء اڄ به روح َس ُٽون ٿو کائي ،پر ڇا ڪجي اهي ڏينهن پاڻ سان گڏ رڳو پنهنجون يادون ئي ڇڏي ويا آهن .اڄڪلھ جي جواڻ مڙسن کي ته َ ٻاروتڻ ۾ کوڙ سارن ڍڳي گاڏيَء جي پرزن جي نالن جي به خبر ڪونه هوندي .اسان جي هڪ جيڏن جي شا ِدين ُجون َڄ ُ ڃون ڍڳي گاڏين ۾ مختلف ِڏ ُسن تي ويون هيون .جن ۾ وڏي شوق سان شريڪ ٿي فخر محسوس ڪندا هياسين .تنهن کان سواِء عام طور تي به چڱن َمٺن جي سواريَء جو واحد ذريعو ڍڳي گاڏي ئي هوندي هئي .ڪن ڪن وٽ اڪيلي سر چڙهيَء الِء گھوڙا به هوندا هيا .نه ته امير توڙي غريب جي باقبيلي سواريَء الِء ڍڳي گاڏيون ئي هونديون هيون. ڳالهه پئي ه ِلي 1970جي اليڪشن ِجي .سو اسان جي وڏڙن مير تاج محمد جي چوڻ تي ُڀٽي ِجي پارٽيَء جي ميرعلي بخش ٽالپر کي ووٽ ڪري ،هن تر جي سموري وڏيرڪي راڄ جو ناراضپو س َر تي َکنيو هيو .مير علي بخش صاحب ته نه ُ َ اڳ ِڏٺو ُهيائون ۽ نه وري ِ ِ پوِء ڏسڻ نصيب ُ ٿي ِن .پر انهن ووٽن ڏيڻ سان ايترو ضرور ٿيو هيو جو ڳوٺ مان ،اوڙي 91
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
چوريون َ ڪرايون هيون .اصل رات خالي ڪونه هوندي هئي، پاڙي جي وڏيرن ڏا ِڍيون ِ هِ َ جاڳي ِپيو هيو ،۽ ڏاندن وٽ ڌاريو ڪڙيَء ِ رات چور اسان جا ڏاند به ڪاهِڻ آيا هئا ،۽ بابو ِ همراھ بيٺل ڏسي َهڪ َل ڪيائين ۽ هڪل ساڻ چورن گھوٻاٽو اڇلي ُ هنيس .۽ ان تِکي َگھڙيل گهوٻاٽي ِجي ُچهنب بابا جي َٽنگ ۾ ُک ِپي وئي هئي .بندوق جو هِڪڙو ُ فائر ڪري، بابا ويهي رهيوَ .ٽنگ مان ِڇڪي گهوٻاٽو ڪڍيوهيائينُ .انهي رات ٺينڍيون ڪري وهندڙ، ُ ڪٿان دليري آئي هئي ،جو هڪدم بابا بابا جورت ِڏسيُ ،منهنجي ڊِڄڻي طبيعت ۾ االئي ِ ُ کي َچيو هيم ،بابا آئون وڏو ٿِي ُ ڪندس .۽ پوِء ايئن ٿيو به، چور ٿيندس ۽ ُتنهنجو پالند پر االئي ڪيئن پڙهي پيس ۽ ڪامريڊ مان ڪاٽڪو ٿيندو وڃي ڪامورو ٿيس. جاري ُهئيُ ،ان وقت سائين گل محد الشاري هوڏانهن ڪاٺڙيَء ۾ اسان جي پڙهائِي ڌڙا ڌڙ ِ نئون ماستر ٿي آيو هيو ،ڏاڍو ماريندو ُهيو ،هرو ڀرو به هرڪنهن کي چڱي موچاري ڦيھ ڪڍي ڇڏيندو هيو .اسين هرروز ُ صبح جو ُدعا ُگهري اسڪول ويندا ُهياسين ته ،اهلل ڪري َا ُڄ سائين گل محمد کي َت ُ پ اچي .پر اهلل سائين اسان جون دعائون ڪونه اگھائيندو هيو، ۽ هرروز صبح جو سائين چڱو ڀلو ۽ نوبنو اچي اسڪول ۾ وارد ٿيندو هيو .سائين گل َ ُ ڳس. محمد گهڻو پوِء ماستري ڇڏي ،يوسف لغاريَء سان وڪالت ڪرڻ لڳو ،اتي به ِدل نه ل ِ ته گهر ويٺو رهيو ،۽ اهلل اهلل ڪندو رهيو .اهلل َوڏي حياتِي ڏئيس!. لڳي هئي ،ته سرڪاري حڪم سان ماستر قومي تت ئي 1971جي پاڪ ڀارت ِ ُس ِ جنگ ِ واهن۽ ُ رضاڪار َبڻجيَ ، ڳوٺ و ِڃي ،جنگ ڳوٺ شاخن جي ُپلين تي َپهرا ڏيڻ کان سواِء، ِ ِ َ ڳوٺ ۾به رضاڪار آيا هيا، جي حملي کان بچاُء جون َتدبِيرون ُٻڌائڻ لڳا هيا .اسان جي ُ سموري ڳوٺ کي َسڏي َگڏ ڪري سمجهايائون ته رات جو َب ِتي يا باه نه ٻاريو .ڇاڪاڻ ته سوجهري تي َمٿان ُاڏامندڙ دشمن جو هوائي جهاز َب ُم ڪيرائي سگهي ٿوُ .ان کي بليڪ آئوٽ ٿي چيائون .زمين تي ليڪا ڪڍي انگريزيَء جي وي َجهڙي ِش َ ڪل جا ٻه چار کڏا ِ ُ کوٽ ِ ُ سمجهايائون ،ته هوائي جهاز جي حملي جي ُ صورت ۾ رايائون ،پوِء ڳوٺ وارن کي َ ويندانو .جنگ جي ڏينهن ۾ ڊوڙي ُان کاهيَء ۾اونڌي ُمن ِهن ُسم ِهي َرهِجو ته وڏو بچاُء ٿي ِ ُ هر روز ريڊيو پاڪستان تان مائي نورجهان جي َمڌر آواز ۾ فوجين جي همت وڌائڻ الِء گانا هلندا ُهيا .ميريا ڍول سپاهيا ،تينون رب ِديان َرکان جهڙا گانا تن ڏينهين تمام گھڻو َ تازين ُ رن۾اعالن ٿيندا ُهيا ته پاڪ خب مشهور ٿيا هياِ .و َچ ِو َچ ۾ گانا روڪي جنگ جي ِ فوج اوڀر پاڪستان ۾فِالڻو محاذ فتح ڪري اڳتي وڌي پ ِئي ،دشمن جا هيترا هوائي جهاز، ُ هيتريون ٽينڪون تباهه ڪيون َاٿئون ،الهندي محاذ تي هيترا ڪارناما سرانجام ڏناسون 92
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وغيره وغيره .اهي خبرون ته جڏهن وڏا ٿياسون ،تڏهن ِپيون ته نورجهان جي گانن جي وطن عزيز جي َلکين هزارين ڪنوارين نينگرين جون ُ لڄون ُلٽي ،لکين هِيرن ۽ جوڌن، ِ بنگالين جو ڪوس ڪري ،پنهنجو ئي وطن پئي فتح ڪيو .تن ڏينهين ريڊئي پاڪستان جي اهڙين خبرن تي ڏاڍا خوش ٿيندا هياسون .وڏيون کڳيون هڻندا هياسون .هڪ ڏينهن يحي خان سان ُمالقات ڪري جنگ جي فنڊ ۾ هڪ ريڊيو خبر ِڏني ته چوڌري اسلم ،صدر ٰ لک روپين جو امدادي چيڪ ڏنو آهي .چوڌري اسلم َاالئي ڪهڙو ُهيو پر واه واه ٿي اسان نهنجي ِدل!!! سڄو سارو َل ُ ت، ک روپيهَ .ه ِ جي ُمجيريَء جي .سڀڪو پيو چوي َڀال ُڀورا ُت ِ ِ واه سائين واه !! !.ها سچ ٻهراڙيَء جون مايون گھڻو ڪري صدر صاحب جو نالو ڪونه وٺنديون هيون ،جيڪي نالو کڻنديون هيون سي به ڦِڪيون ڦِڪيون پيون ٿينديون هيون، اصل اهڙيون جو ڪنن جون پاپڙيون به شرم کان ڳاڙهيون ٿي وينديون ُهين .ڪي وريو ڪنو رکيو چونديون هيون ُمئا پٺاڻ ڪي چريا آهن ،هيڏي ساري ڀائيَء جو نالو ڪهڙو نه ِ اٿن. هڪڙي ڏينهن صبح صبح جو باھ جي مچ ۾ بچي پيل ٽانڊن تا هٿ پئي سيڪياسون ته َ ُ هڙي ِسج اڀرئي ساڻ ئي هندستاني جهاز ُزوزاٽ ڪندا ،اسان جي ڳوٺ جي َمٿان َمٽي ويا .گ ِ نه ُگذري جو ميرپورخاص جي اسٽيشن تي بم وسائي موٽِيا .بمن جا ڌوڙيا اسان هتي به پئي ُٻڌا ،ايئن پئي لڳو ڀانِء ڌرتي پئي ُڌٻي .حملي ڪندڙ جهازن کي نه لهر نه لوڏو آيو!!، نه َر َ ڪڻ وارو ڪونه مِليو ،پوِء ته ڄڻ هِري پيا ۽ َگ ُ س َلڀي پين، نڊ نه روڪ ٿي!! .ڪو به رو ِ هر روز ُ مرضيَء سان جتي صبح جو ُاڀرندان تيزيَء سان زوزاٽ ڪندا ايندا ُهيا ،پنهنجي ِ وڻندو هين اتيَ ،ڀ ُ رپور حمال ڪري ،آرام سان هليا ويندا ُهيا .ريڊيو پاڪستان پوِء به اعالنن ۽ روز نوان محاذ فتح ڪرڻ جا ڌوڙيا اليو بيٺو هوندو ُهيو .اوڀر پاڪستان ۾ ُمڪتي باهني خالف و ِڏيون فتحون ٿيڻ جا اعالن ٿيندي ٻڌندا ُهياسين .الشمس ۽البدرجا ڪارناما ته وڏا ٿي پوِء خلقن واتان ُٻڌاسون۽ حمودالرحمٰ ن ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڙهياسون .تڏهن سوچيوسين ته انهي زماني جي هنيل کڳين تي ُٻڏي مرڻ ُ گھرجي ها ته بهتر هيو. ڏينهن ،ڪاٺڙيَء ۾ سائين نور محمد ناريجو جهنگ جليبيَء جي وڻ هيٺان اسان هڪڙي ِ کي انگريزي ڊِڪٽيشن لکرائي رهيو هيو .جو ڳوٺ جو هِڪڙو ماڻهو فلپس ڪمپنيَء جووڏو ريڊيو َه َ ٿ ۾ لو ِڏيندو َو ِڏ ُيون ٻرانگهون َڀريندو آيو .۽ سائينَء کي َچيائين ماستر، واري، ٰ يحيي خان جو قوم کي خطاب ٿو ڪري اوهان به ُٻڌو .چٽو ياد آهي ته ڏڪندڙ آواز ِ َ تقريراسان ٻارن به ُٻڌي هئي ،جنهن ۾اوڀر پاڪستان۾ جنرل نيازيَء پاران، يحيى خان جي 93
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جنرل جگجيت سنگھ اروڙا آڏو هٿيار ڦِٽا َ ڪرڻ بعد ،مغربي محاذ تي به رات جو ٻارهين رات عمرڪوٽ طرف وڏا وڏا ڌماڪا ۽ وڳين کان جنگ بنديَء جو اعالن ڪيوهيائينُ .ان ِ باهه جا ُشعال آسمان سان َٽڪرائِبا ِڏٺاسين ،چون ٿا ته جنرل ٽِڪا خان مشرقي پاڪستان جي ٽ تائين ُپ َ هار جو بدلو وٺڻ الِء َا َ ڪ َوڍي جي ڀ َ هتل هندستاني فوج تي وڏو حملو ڪري ِ کين تمام وڏو جاني نقصان ڏنو هيو. جيتوڻيڪ نيازيَء جهڙي جوڌي ،پنهنجي جوڌپائيَء سان اڌ ملڪ وڃايو هيو ،گڏوگڏ لڳ ڀڳ نوي هزار جوڌا هندستان جي ُترم ۾ واڙايا هيا .هڪڙو نيازي ڇو چئون ،سندس پويان راڄ نيازين جا هيا .ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻيون .جيتوڻيڪ انهيَء وقت به سنڌ بنگالين سان گڏ بيٺي هئي ،۽ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جو اندازو هيو ته هنن کان پوِء اسان جو وارو به ايندو .سنڌ مان ڄام ساقي پهريون سياستدان هيو .جنهن پنهنجن جوڌن جي ُ ڪڌن ڪرتوتن جا بي بي سي ذريعي ڇوڏا الٿا هيا .۽ قاضي فيض محمد ته عوامي ليگ جو مرڪزي وائيس چيئرمين هيو .تنهن به حڪمرانن جي انهيَء پاليسيَء تي سخت تنقيد ڪئي هئي. پوِء جڏهن مڙسن جا سڀ تِرڪتال ه ِلي ڇيھ ٿيا .تڏهن شهيد ُڀٽي کي ٻاهرئين ملڪ مان ُگهرائي باقي بچيل ملڪ جون واڳون هٿ ۾ ڏيندي پاڻ اڳتي الِء ڀان ڪيائون .ڀٽو صاحب ڏنائينِ ،پني ِسني خالي خزانو ڳائي وڄائي سندن ڀر جهلو ٿي بيٺو ،نوي هزار مڙس ڇڏائي ِ ڀريائين ،تنهن جو جيڪو سلو مليس سو سڄيَء دنيا ڏٺو .ڄام ساقيَء کي بنگالين جي حمايت ڪرڻ تي جيڪو اعزاز ڏنائون سو به ُڳجهو ڪونهي .قاضي فيض محمد مرحوم النگوٽو ٻڌي واڻيو بڻجي پيرين اگهاڙو بارڊر ٽپي جان بچائي .جيتوڻيڪ سنڌ جا ماڻهو ذهني طور بنگالين سان گڏ هيا ،پر اڪيلي ُڀٽي صاحب پاران جوڌن جو ڀرجهلو ٿيڻ ڪري، بنگالي اڄ به سنڌين کان شديد نفرت ڪري ٿو ،اهي خبرون ته اجهو هاڻ قربان علي شاھ ڪيون هيون .جيڪواسان جي پياري پاڪستان جي ُ ڪک مان جنم وٺندڙ ،بنگالديش ڪنهن ڪورس الِء ويو هيو. 1971جي جنگ ۾ اسان وٽ ڪنڀارن جا ڪجھ گهرڙا به لڏي آيا هيا ،جن بابت به ڪجھ چوندا هلون ته ڀلو ،سو قصو هينئن آ ته جيتريقدر يادگيرو ٿو اچيم ۽ ُهن جي ڌنڌلڪي تصوير اکين جي آڏو ٿي اچيم ته ”اڇڙي ميرڙي ٽوپي مٿي تي ،هِ َ رک جا پر پراڻا ۽ ميرڙا ڪپڙا پاتل ،پيرن ۾ سخت چم جي ُجتي جنهن کي ٿريا ”موجو“ چون ،هڪڙيَء اک تي مٿي کان ڦيرائي اڳڙي ٻڌل (ڀانِء اک تي ڪا آنڙي نڪري ُڦرڙيَء جيان ٿي پئي هجيس) ڏاٽو هٿ ۾ ،جيڏيَء مهل ِڏ ُ س گاھ واريَء اڇيَء پوتيَء جو ڪانبو ٻڌيو ،ٻنين جي َٻنن ۽ 94
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َا ُڏن تان ڇٻر ۽ ڏنِھ جو گاھ ڏاٽي سان ُلڻندو وتندو هيوُ .مڇن جي ريھ لٿل هيس ۽ کاڏيَء تي ڏاڙهيَء جا ُاڀري آيل ٿورڙا وار به چڱا خاشا وڌيل هوندا هيس .هو 1965جي جنگ ۾ طالسر مان تڙجي نڪتل ڪاڪي آچار جو وڏو ُپٽ ابراهيم هيو .طالسر جو ڳوٺ هندستان جي ڇهوٽڻ تعلقي ۽ ٻاڙهمير ضلعي جي ڪا ننڍڙي وسندي آهي .سندس ننڍڙي خاندان جي نئين منزل ڀانيان ٿو ته کوکري پار لڳ ڀِٽاري نالي ننڍڙو ڳوٺ هئي جتي سندن سيڻپو هيو ،۽ شايد قسمت کي اڃان به کين رولڻو هيو ،ٻن چئن سالن بعد 1971جي جنگ ۾ سيڻن سوڌو ڪاڪي منوَء ڪنڀار جي سانگي سان هتي لڏي آيا هئا. تن ڏينهين ناني گل حسن ،اسان جي ڳوٺ ۾ پاڻ ئي چيڪي مٽي ڪوڏر سان وليُ ،پسائي، ڳوهي ،گنب مٽيَء جا پنوڙا ُپٺن تي ڍوئي ،اوڏڪي اوساري ڪري ،هڪڙي ننڍڙي مسيت ٺاهي هئي .ڳوٺ ۾ جيڪي به مسلمانڪا (شرن ۽ ڪنڀارن جا) چار گهرڙا هيا ،تن مان ڪو هڪڙو اڌ قرآن سميت سنڌيَء جا به هڪڙو يا ٻه ڪتاب پڙهيل هيو .تنهن هوندي به نماز جي پاسي گهٽ الڙو هين ،پوِء نانو گل حسن پاڻ ئي ڪڏهن جمعاڻي چانڊاڻي وڃي مسيت سڳوريَء جي ٻهاري ڪڍندو هيو ،قرآن شريف تي ويڙهيل پوش ۽ پوتيون الهي ڇنڊي ڦوڪي وري پهرائي ساڳيَء جاِء تي رکندو هيو ۽ جي دل ۾ ايندو هيس ته به چار سجدا ڏئي وٺندو هيو. نه ته اسان واري مسيت سڳوري گهڻو ڪري هندو مسلمين سڀني الِء عزت ۽ احترام واري اهڙي جاِء هوندي هئي ،جنهن کي ساري اوکيَء اڻائيَء ويل تي مِٺيون ُ ڪنيون باسبيون هيون ،۽ مرادون پوريون ٿيڻ تي اهي رڌي ،ڳوٺ جي معصومن کي سڏي مسيت سڳوريَء جي در تي ويهاري دعائون گهرائبيون هيون .ڪي مايون وري مرادون پوريون ٿيڻ تي قرآن شريف کي اڌ وال ڪپڙي جو اچي پهرائينديون هيون .تنهن زماني ۾ بجليون ٻجليون هيون ڪونه ،مسيت سڳوريَء ۾ سوجهري ڪرڻ جي الِء ڪاڪو منو ٻه چار ڏيئا ٺاهي هڪڙيَء ُ ڪنڊڙيَء ۾ رکي ويندو هيو .جنهن جو تيل وري مسيت تي باسون باسيندڙ مينگهواڙ توڙي شر ۽ ڪنڀار پاڻ هرتو وڏي شيشي ۾ مسيت جي آڳر جي ننڍڙيَء ڀت تي رکي ويندا هيا .جنهن کي ڏيئي ۾ اوتي نانو گل حسن ئي سدائين سج لهڻ مهل مسيت ۾ ڏيئو ٻاري سوجهرو ڪندو هيو .ڇو جو سندس گهر مسيت سڳوريَء سان لڳو لڳ هوندو هيو. ابراهيم وارا جڏهن هن ڳوٺ ۾ آيا هيا ،تڏهن کان به االئي ڪيترو اڳي کان هو پنج وقتي نماز جو پابند هوندو هيو .هتي اچڻ ساڻ هن ئي اسان واري ڪچيَء مسيت جي ڇنڊ ڦوڪ 95
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪري ،هِتان ُهتان ڏوڪڙ هٿ ڪري ِڇنل تنئوريون مٽائي نيون تنئوريون آنديون هيون ۽ مسيت ۾ پنج وقتي اذان ڏئي نماز پڙهڻ شروع ڪئي هيائين. تڏهن اسان جي مِٽن کي ڪنهن سڄڻ صالح ڏني هئي ته ابراهيم کي چئو ته اوهان جي ٻارن کي قرآن پڙهائي ،ايئن پوِء اسان ڏهاڪو کن هڪ جيڏن صبح جو اسڪول کان پهرئين ُهن وٽ قرآن مجيد پڙهڻ شروع ڪيو هيو .جنهن جو هن ڪوبه اجورو وٺڻ کان نابري واري ڇڏي هئي .پوِء هوريان هوريان ڇهن مهينن اندر اسان قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو ۽ کوڙ ساريون سورتون ته برزبان ياد به ڪري ورتيون هيون سين .جڏهن مون قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو هيو ته بابي خوشيَء ۾ خدا ڪارڻي هڪڙي ڀت جي ديڳ الٿي هئي. جنهن ۾ مونکي ۽ منهنجي استاد ابراهيم کي ننڍين منجين تي ويهاريو ويو هيو .مونکي قرآن شريف پڙهي پورو ڪرڻ تي ململ جو پٽڪو ٻڌرائي ،مبارڪون ڏنيون ويون هيون، ۽ پوِء ابراهيم کي به پٽڪو پارائي ٻِ ُپڙي اجرڪ اوڍائي وئي هئي .۽ سمورن مائٽن پاران مون کي نصيحتون ڪيون ويون هيون ته ”ابا! هاڻ ڳرو بارو ٿجانِء ،نياڻيَء سياڻيَء جي ساڃاھ ڪجانِء ڇو جو قرآن پيٽ ۾ اٿئي“ .ايئن هرهڪ هڪ جيڏي کي واري واري سان قرآن پورو ڪرڻ تي پٽڪا ٻڌايا ويا هيا ۽ خيراتون ڪيون ويون. پوِء اسان جي ڳوٺ جي مسيت ۾ باقائدي پنج وقتي نماز ٿيڻ لڳي ۽ ڳوٺ جي مسيت جو اڻ اعالنيل پيش امام ملو ابراهيم ٿي ويو .تنهن زماني ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ مسيتن ۾ جمعي تي جتوئيَء جي خطبي پڙهڻ جو رواج هيو ،سو اسان جو ملو ابراهيم به ڪٿان جتوئيَء جي خطبي وارو ڪتاب وٺي آيو هيو ۽ پوِء هر جمعي تي خطبو اسان مان ڪو پڙهيل ڇوڪرو پڙهندو هيو باقي نماز ابراهيم پڙهائيندو هيو .ڇو جو ملو ابراهيم سنڌي پڙهيل ئي ڪونه هيو .االئي ڪي ڪيترا سال ملو ابراهيم پنهنجي روزيَء روٽيَء الِء ڊوڙ ڊوڙان سان گڏوگڏ مسيت سڳوريَء ۾ امامت به ڪندو آيو ۽ پوِء وقت بدلجڻ سان ُملي ٿيڻ ۽ پيش امام ٿيڻ جا پيمان به بدليا ته ڳوٺ وارن ٻيو ملو لقمان پيش امام ڪري رکيو، ۽ هوريان هوريان جتوئيَء جي خطبي جي جاِء به عربيَء واري خطبي واالري. انهيَء وچ ۾ ڪاڪو آچار گذاري ويو ،ڏھ ڏينهن پندرهن ڏينهن مِٽن مائٽن اچي تپايس ” چئي ڪنڀارڪي ريت موجب ڪاڪي آچار جي پويان خيرات ڪر“ُ .ملو صفا دڙهو هڻي بيهي رهيو” چئي ابي کي ثواب پڄائڻ الِء چار قل پڙهي بخشيندس ،قرآن شريف جو ختمو ڪڍائيندس ،باقي اوهان جي چوڻ جي ڀت جون ديڳيون رڌي ،ايندن ويندن کي کارائڻ سان ابي کي ڪهڙو ثواب ٿيندو؟ اهو ته سڌو ِپڌو ٿيو گڏهن کان َکرو ڀيالئڻ ،مرڻ مري ويندس 96
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ايئن ڪونه ڪندس .پوِء ڪنڀارن ۾ ڪو ُ ُ پوت ٿيندو هيو يا ڪا مرڻي تي خيرات ٻيرات ڀت ٿيندي هئي ،تڏهن مهمان ٿي آيل ڪنڀار ُملي ابراهيم کي ٽوڪون هڻندي چوندا هيا ” اڙي ڪالن نان پيو َ اِڀريا!! تانهجو ابا آچار او ُاوئي کيجڙ مٿي ٻيٺو اهي ،آن ُ ڪهي ڪي اڀرئي مانهنجي الريا خيرات ڪو َ ڪريانتي؟( او اِڀريا (ابراهيم) تنهنجو ابو آچار ،تو پاران خيرات نه ڪرڻ جي ڏک ۾ قبر ڇڏي ،او ُهن سامهين وڻ تي ويٺو آهي ۽ شڪايت پيو ڪري ته ابراهيم منهنجي پويان خيرات ڪانهي ڪئي) .ابراهيم بنان ڪنهن حجاب ۽ ارهي ٿيڻ جي مِٽن مائٽن کي روڪڙي ورندي ڏيندو هيو” مِين خيرات ڪو َ ڪ ِري توهيج مانهجو ابا کيجڙ مٿي َٺ ِڍي هوا مين ٻيٺو اهي ،اڀان خيراتان تي اِتا خرچ ڪريا توهيج اوهان جا مائيتر اِتي گرمي ۾ قبران مين پيا سڙين“( مون خيرات ناهي ڪئي ته به منهنجو ابو وڻ تي ٿڌي هوا ۾ ويٺو آهي ،اوهان خيراتن تي هيڏا خرچ ڪيا پوِء به اوهان جا مائٽ ههڙيَء گرميَء ۾ قبرن ۾ پيا سڙن)ُ .ملي ابراهيم جو روڪڙو جواب ُٻڌي ،مٿس ٽوڪون ڪندڙ سڀئي مائٽ ماٺ ڪري ويهي رهندا هيا. تيستائين اسين به وڃي جوان ٿياسين ۽ڪامريڊن سان پيچ اڙاياسين .تڏهن به ملو ابراهيم اسان کان االهي وڏو هوندي به اسان جهڙو ڪامريڊ ٿي بيٺو .هر ڪچهريَء هر اجالس ۾ ملو اڳيان اڳيان هوندو هيو .ٿيندي ٿيندي سنڌ هاري ڪميٽيَء جو اسان واريَء يونين جو صدر به کيس چونڊيوسين .پوِء ملي ابراهيم جا سمورن ڪامريڊن سان اهڙا ته پيچ اڙيا جو هارين جي بيدخليَء خالف ڪيترن ئي ڪيسن ۾ خود ئي ُڌرٿي ڪيس داخل ڪيائين. هڪڙي ڪيس ۾ ته اڳلو وڏيرو بنهي سگهو هيو ،جنهن ڪورٽ مان ٻاهر نڪرندي چيس ” ُمالن! تون ڀانيان ٿو مونکي نٿو سڃاڻين ،منهنجو نالو . . . . . . . . . . .اٿئي ،آئون هن جيپ جي پويان ٻڌي گهليندو سانِء“ .تنهن تي ُمالن کلندي وراڻيوهيس” سائين جڏهوڪا مينهن تڏهوڪا پاڻي ۽ تو جڏهن ايئن ڪيو تڏهن ڏسنداسين“ .پوِء ته ڪو زمانو اهڙو به آيو جو سموري ڳوٺ جي ڇيڙي نبيري ابراهيم جي هٿ وس ٿي وئي جيڪا اڃان به گهڻي ڀاڱي ايئن ئي آهي. وري زمانا بدليا ،تفرقا وڌيا ،پوِء به ملو ابراهيم نه بدليو ،هندو مسلمان سڀني جي الِء هڪ جهڙو ،۽ هڪل ساڻ حاضر .ڪنهن کي جي ڪڪڙ ُ ڪهائڻو آ ته هلو ابراهيم وٽ ۽ جي ڪنهن کي ٻڪر ۾ ِسير وجهرائڻي آ ته به هلو ابراهيم وٽ .مال جو وري اهڙو پارکو جو ڪنهن جي ڪا ٻڪري ٺڪري ،ڍڳي يا مينهن بيمار ٿئي ته به سڀڪو ڊوڙي هن ڏي ،ٻيلي ابراهيم واروڪر .۽ ابراهيم آ سو نه ڏسي نه رات ،نه ڏسي ُجهڙ نه مِينهن ،هڪيو تڪيو 97
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
حاضر ،رڳو ُگهت هڻي ته به نماز جي فرضن پڙهڻ جي ،وري اڃيو بکيو ساڳئي هنڌ پڄيو وڃي .مطلب ته اڄ ڏينهن تائين ڳوٺ جي هر ماڻهوَء سان ڏک سک ۾ توڙي مرڻي پرڻي ۾ ايئن سلهڙيو اچي ،جهڙو ڄائو نپنو ئي هنن سان هجي .ٻيو ته ٺهيو پر ڳوٺ ۾ جيڪر ڪنهن مينگهواڙ جي گهر ۾ به ڪو مرڻو ٿي پيو ته سڀني کان اڳي ملو ابراهيم ُپڄندو ۽ جي رات هوندي ته هنن سان ُهنن جيئن سموري رات جنازي جي ڀر ۾ ڪنڌڙو نوايون ويٺو هوندو ،جي ڪنهن جي چوري چڪاري ٿي ته به سڀني کان اڳ۾ ملو ابراهيم ئي هوندو جيڪو رڙ جي جواب ۾ آيو چئي پيرين اگهاڙو اچي ُپڄندو .ڀوڳائيَء سان ڀوڳ، ُرکي سان ُرکو ،جهڙو ماڻهو تهڙو ابراهيم. ٽيهارو ورهيه اڳ اسان جي گهر ۾ ڪو ننڍڙو ڪاڄ هجي ،مرحيات وڌي ڪانهئي کي ڀت رڌيندي ڪو ڀوڳ ُسجهيو سو ابي مرحيات کي چيائين ”يار اڪبر کنڊ ته جام بچت پئي آ ،همراھ گرميَء ۾ ديڳين تي ڪم ڪري ساڻا ٿي پيا آهن ،سو ُملي ابراهيم کي چئه ته کنڊ جو شربت ٺاهي سڀني کي پياري“ .ابي کي ڪهڙي خبر ته ڪو ڪنڀاراالئي ڪهڙي ڪاوڙ ۾ کنڊ جو نالو ئي ڪونه وٺن ۽ کيس مِٺاڻ چون .۽ مڱڻهار ُمڱن کي مورڳهين. . . . . .داڻا چون .۽ جيڪر ڪو ڪاڄ ڌڻي ،ڪاڄ هلندي ڪنڀار کي کنڊ ۽ مڱڻهار کي ُمڱن جي بابت ڪوبه ڪم چوندو ته همراھ ِچڙي ڪپڙا ڦاڙي وجهندا .۽ ڪاڄ ڌڻيَء کان نئون وڳو وٺندا .سو ابي مرحيات جو ُملي ابراهيم کي شربت الِء چوڻ ۽ ُهن جو چرڙاٽ سان قميص کي ڦاڙي شيرواني ٺاهي ،ڪلهن مان ڪڍي ديڳ جي َچ ِر ۾ ُاڇلڻ .سمورو ڇنو ڊوڙي آيوُ ،ملو ڇاتي بگڙيو ،ملو ڇاتي بِگڙيو؟ تيڏيَء مهل ُملو به ڪو جهليو ٿئي ڇا؟ چئي اڪبر کنڊ جو نالو ڇو ورتو؟ هوريان هوريان ٿڌو ڪيوسونس .ڊوڙندي گهران ڪپڙن جو نئون وڳو آڻي ڏنو مانس .پر عيوضي ۾ مليل نئون وڳو واپس ڪندي چيائين ” ير مڙئي ڀت ۾ هيو کِل ڀوڳ جو مزو ڪرڻو ،ڪا وڳي جي ُبک هيم ڇا جو توکان وٺان؟ انهيَء ابراهيم تي پوِء رانجهن اهڙو راضي ٿيو جو هڙئي ُپٽڙا سپوٽ ٿي پيس ،حق حالل جي ڪمائڻ وارا ٿي پيس ،۽ گهر واريَء سميت حج به ڪرايائونس .هاڻي سڀ ڪم به موال معاف ڪيا اٿس رڳو ويٺو اهلل اهلل ڪري .پر مرڻي پرڻي توڙي اوکيَء سوکيَء ۾ ڳوٺ جي مينگهواڙن ،ڪنڀارن ۽ شرن جو ڀرجهلو جهڙو اڄ به ابراهيم ٿئي ٿو ،اهڙو ُپٽ اسان واري ڳوٺ ۾ اڃان ڪنهن ماُء ناهي ڄڻيو .اڳتي جي خبر خاوند کي.
98
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُ چارڪلوميٽرپنڌ ڪري ،بس ۾ چڙهي ڪاٺڙيَءوڃڻ جي ،سو ڇهين درجي ڳالهه پئي َه ِلي جي امتحانن دوران ڳوٺان سوير َڀرا نِڪري پنڌ ئي پنڌ ڪاٺڙيَء ِويندا هيا سينُ .انهي َڀئو کان ته متان بس خراب ُهجي ،ٽائيم تي نه اچي ۽ پيپررهجي وڃي .ٻي َو ِڏي ڳالهه ته سنڌڙيَء کان کيراهو شاخ تائين ،روڊ جي اوسي پاسي وارن ڳوٺن مان َاڃا اسان ٽي ڄڻا ئِي انگريزي پڙهڻ ويندا ُهياسين .باقي َسڀڪو پنجون پاس ڪري مائٽن جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو هيو .تنهن زماني ۾ اسان جي وڏڙن جو ڀاروَء موچيَء سان َ آه ُت ُهيو ،جنهن موجب هڪ ڀيرو هِ َ ُ َگ َ ڪ نئين ُج ِتي ٺاهي ڏيندو ُهيو. هر جي مرد ۽ عورت ڀاتِين جي الِء سال ۾ باقي سڄو سال ُانهن ُجتين جي َ ڳنڍ ٽوپ مفت ڪندو ُهيو۽ ڪڻڪ جي َکري ِجي َبٽائِيَء ٿيڻ َ ويل کيس ڪڻڪ جي هِ َ ٻوري ِڏبي ُهئي .ڪاٺڙيَء جي ڪلر کان اهلل َا َ مان ۾ رکي، ڪ ِ ُ َم ُ ڪي پوندا ُهياُ .اهو ڪلر اڪن جي ڏينهن ۾ اهڙواڦرندو هيو ،جو ماڻهو بيٺي بيٺي تِر ِ ِ َ ٽوپَ ،جنڊا ۽ َچ ِتيون خان اسان جي ُجوتن کي سالن بجاِء مهينن ۾ ساڙي ڇڏيندو ُهيوَ .ڳ َن َڍ، محمد کي وڻنديون ڪونه ُهيون ،ڪڏهن واپسيَء ۾ ُج ِتي دوسي جي ٽِن واٽرن مان ڪنهن هڪ جي ماڊول ۾ لوڙهي پيرن اگهاڙوگه ِر ايندو هيو ،ته بابا ُپڇندو هيسُ ،پٽ پيرن اگهاڙو آيو آهينُ ،ج ِتي ڪيڏانهن ڪيئه؟ همراه ڏاڍي ادب سان وراڻيندو هيو ،چاچاُ ،جتي ڪلر ۾ َ ڪٿي ڪ ِري ڀرجي وئي هئي اصل پيرن مان نڪتي ٿي وئي سو الريَء مان لهندي االئي ِ پئي .بابا سائين ،خان محمد جي ِسڌي ِپڌي ڪوڙ تي شوڪارو ڀري ماٺ ڪري ويهي رهندو هيو ،۽ ورندي ڏينهن خان محمد وري ُمنهنجي ُجتي ُڦري وٺندو هيو ۽ آئون ڪنهن نه ٽڪ َس َ ڪنهن کان پ َن جا هوائي چمپل وٺي َس َ اسڪول پهچندو هيس .ڪڏهن ٽڪ ڪندو ِ ِ ُ ڪڏهن هوائي چمپلن جا ڪشا ،ڪلر جي وزن سبب ِڇڪي پير کڻڻ جي ڪري ٽٽي پوندا هيا .يا پاڙ کان ئي نڪري ويندا هيا ته چمپل هٿ ۾ کڻي وٺندوهيس .ڪڏهن ايئن به ٿيندو هيو ته چمپل جو هڪڙو تاڪ هٿ ۾ هوندو هيو ته ٻيو وري پير ۾ هوندو هيو .ان تي ڪنهن به قسم جو ڪو به ڊپ ڊاُء ڪونه هوندو هيو ،يا ڪابه ڦِڪائي ڪونه ٿيندي هئي ،بس مڙوئي گاڏ و گيڙڻو هوندو هيو .رڳو ايئن نه ته اسان جي گهر جي اها حالت هوندي هئي، پر سڀ جا سڀ شاگرد هڪجهڙا ۽ غريب هوندا هيا. اهو 1972جو زمانو هيو۽ 1972تائين ،هن ڳوٺ کي آباد ٿئي لڳ ڀڳ پنجويهه ورهيه ٿِيا هونداُ . هندو مسلمان ڀائرن ِجيان رهندا ُهيا .ڪو به ننڍو يا ڪوبه وڏو ڪونه ُهيو .ڳوٺ جي ڪچي مسيت کي 1965جي جنگ بعدَ ،لڏي ُ ڪنڊ تي ،ننڍڙيَء َ ُاتر اولهه واريَء ُ آيل ُملو ِ ِ ابراهيم ڪنڀار آباد ڪندو ايندو هيو .جنهن اسان مڙني کي بنا ڪنهن َا ُجوري جي قرآن 99
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
شريف پڙهايو هيوُ .ان مسجد ۾ محراب جي ڀر ۾ رکيل ٺڪر جو ڏيئو ٻارڻ الِء ڳوٺ جا ڪيترائي مينگهواڙ به ُملي ابراهيم کي ُ تيل ڏئي ويندا ُهيا .اڪثر مينگهواڙ جمعي جي ڏينهن مِٺي ڀت جو ديڳڙو الهي مسيت جي در تي ويهي معصومن کي کارائي خوش ٿيندا ڪڙ ُ هيا .ڳوٺ ۾ ڪنهن مينگهواڙ وٽ ڪو مهمان ايندو هيو ته ُ ڪ ُ ڪهائڻ الِء مسلمانن کي ڳوليندا وتندا هيا .مطلب ته مذهبي فرق ڪوبه ڪونه رکندو هيو ،قرب به ايترو هيوجو رمضان جي عيد جو ُ چنڊ ڏسڻ ساڻ مينگهواڙ ،ٽوالن ۾ ِپليٽون ويڙهي ،اسان جي گھر جو ُ ُرخ ڪندا هيا .۽ َڇپر هيٺان ِوڇايل َرلِين تي َا ِچي َگڏ ٿيندا ُهيا۽ شرن جي ُجملي گهرن مان سيويونِ ،سيرا۽چانور َرڌ ِجي ،ديڳڙن ۾ َک ِڄي ايندا ُهيا .پوِء بابا سائين ،پنهنجي َهٿن سان ِورهائيندو ،هر هڪ کي کارائيندو ويندو ُهيو .آئون به امڙ کان َگھڙيَء َگھڙيَء سيوين جي پليٽ َوٺِي ،پنهنجي هم ڪالسين کي الڳ ويهاري ،کارائي خوش ٿيندو ُهيس. رات جو ،سمورا مسلمانُ ،رگهي مل جي اوطاق ۾ اچي َ ڪٺا وري هندن جي ڏياريَء جي ِ ٿِيندا هئا .ڦوٽي حلوائيَء جون مِٺايون پاپڙ ُ ۽پ ُ وريون ،گهر گهر مان اينديون هيون .ڪي َ ڀوڳ ڪندي، دارونَء جا شوقين ُچڪڙو به چاڙهيندا هيا .پوِء سڀيئي کائي خوش ٿِي ،کِل ُ سڀني سان گڏجي ڦٽاڪا ٻارڻ الِء کليل ميدان تي گڏ ٿيندا هئا .ڦٽاڪي کي تِي ِلي ڏيئي، هڪ ٻئي ڏانهن ُاڇلي ڊيڄاربو هيو ،ته تاڙيون َوڄنديون هيون ،هوڪرا ٿيندا هئاُ .ان مهل ندوِ ،ه ُ هِ ُ ندو نه رهندو هيو ،۽ ُمسلمانُ ،مسلمان نه رهندو هيو .سڀ ڀائر هوندا هئا۽ سڀ انسان هوندا هئا .ٿڌڙيون ،ٽِيجون۽ آکاٽيجون اينديون ته پنهنجن هم ڪالسين سان گڏجي سندن ُ هن کڙي پونم تي هِندو ڀينرن هٿان َراکيون ٻ ُان ِ مائرن هٿان َپڪل ،مِٺا لوال کائبا هئاَ ،ر ِ ۾ َٻڌائي خوشيون َ ضحي جي عيد ايندي هئي ،ته بابو مِڙني ڪ ِبيون هيون .مسلمانن جي ُا ٰ َُ ۾وجهي َمٿي تي َک ِڻي گهرن مان مينگهواڙن جي حصي جو گوشت گڏ ڪري ،وڏي ٿالهه ِ گه ِر گه ِر وڃي ورهائي ايندو هيو. وڏي ڳالھ اها به هوندي هئي ته انهيَء زماني کان وٺي اڄ تائين ،غربت جي ڏينهن کان سرنديَء وارا ٿيندي تائين ،هندن جي مذهبي عقيدت جو خيال رکندي سموري ڳوٺ ۾ ڪنهن به مسلمان ڪڏهن ڪا َو ُهڙي اضحي ڪونه ڪئي آهي .جيتوڻيڪ هاڻي ڳوٺ ۾ ُملپ تمام گهڻي وڌي وئي آهي ،ڀيڏيَء تي ُسٿڻون رکي ،گهڻا ُمڙس هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا وتن .پر اهو سو اڃان خيال اٿن ،جو ٻئي جي مذهب سان ڇيڙڇاڙ ڪونه ٿا ڪن .ها سچي وچ ۾ هڪڙو ُملي ابراهيم جو ڀاُء ُملو حڪيم نئون ُملو ساماڻو هيو ،جنهن بابري مسجد جي واقعي تي ڪاوڙجي مينگهواڙن جي گهرن کي تيلي ڏيڻ الِء ننڍي پوش کي 100
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سنبرايو هيو .پر پوِء سڀني جي ڦٽ لعنت ۽ زماني سازيَء کيس به روادار بنائي ڇڏيو هيو. اها رواداري مون گهڻو پوِء حاجي اسلم گهمڻ ۾ ڏٺي هئي جيڪو عام طور تي ڀيلن، مينگهواڙن ،ڪولهين ۽ اوڏن جا فيصال ڪندي کين سڏي مسجد منجھ ويهاريندو هيو ،۽ اڄ تائين ايئن ڪندو اچي .هو صرف نماز واريَء تنئوريَء جي مٿان اڇو ڪپڙو وڇارائي ڇڏيندو آهي .جنهن تي هندو ويهي پنهنجا فيصال ڪرائي ادب ۽ احترام سان ُاٿيا هليا ويندا آهن .اڄڪلھ جا يار ته ڪنهن ٻئي فرقي جي مسلمان جو مسجد ۾ ڍري وڃڻ به ُسٺو نٿا سمجهن ۽ ست ست ڀيرا مسيت سڳوريَء کي ڌوئاري پوِء ٿا نمازون پڙهن .انهيَء ڳالھ تان هڪڙو ٻيو به قصو ياد آيو اٿم ڀانيان ٿو ڪندو هالن ،گهڻا سال پوِء اسان جو هڪڙو عزيز ُملو ٿيو ،پر اهڙو ٿيو جو يارن وڃي کيس ڪشمير ۾ جهاد الِء پهچايو .گھڻن سالن تائين مڙس جو ڪو ڏس َپتو ڪونه پيو ته ماڻس روئي ِپٽي ُمئو سهسائي ويهي رهي. هڪڙي ڏينهن همراه اوچتو اچي وارد ٿيو ،وڏا احوال ڪيائين ،پر گھڻو خوش انهيَء ڳالھ تي هيو ته اڻ ڳڻيا ڪافر جهنم ڀيڙا ڪري وريو هيو .سو هڪڙي ڀيري مهمان ٿي مون وٽ آيو ،اوطاق تي چانھ آئي ته شرارت ڪندي ُمڙس کي چيم يار مون تازي بينڪ جي نوڪري ڇڏي آهي ،انهيَء مان جيڪي پئسا مليا اٿم سي وري ٻيَء بينڪ ۾ رکيا اٿم، انهن تي ملندڙ وياج مان گھر جي کنڊ چانھ ٿي اچي ،تنهنجي الِء اها چانھ حرام هوندي، ايترو ٻڌائڻ منهنجو فرض هيو اڳتي تنهنجي مرضي چانھ پيئين يا نه پيئين .۽ ُملي ُاتي جو ُاتي کڻي چانھ جي ڀريل ڪوپ مان هٿ ڪڍيا .هتي جو مڙس کي شينهن ٿي اچڻ تي هيڏيون عزتون مليون ،ته همراه ڏينهون ڏينهن ُڦنڊبو ويو ،ايتريقدر جو پوِء ته عام غريبن ۽ مسڪينن جي گهرن ۾ ُڌڪو کڻي ڪاهي پوندو هيو ،چئي ٽي وي نه وڄايو ،ٽيپ نه وڄايو ،اها بدعت آهي .هڪڙي ڀيري گڏيو ته چيومانس ،ڀائو غريبن جي گهرن ۾ ايئن ڪاهي ٿو پئين ،مون وٽ به ٽي وي پئي هلي سا نٿو بند ڪرائين .ته ڏند ٽيڙي چيائين نفعي نقصان مان اسين به سمجهون ٿا .!!.سچ هڪڙي ڀيري ڪار ۾ کپري مان آيس پئي، تنهن ڏينهن گرمي بنهي گهڻي هئي .جان کڻي ڏسان ته اهو ساڳيو جهادي ملو روڊ سان پنڌ پيو وڃي .رحم کائي کڻي ڪار ۾ کنيومانس ،گاڏيَء ۾ ويهندي ئي وڄندڙ ٽيپ رڪارڊر جو آواز بند ڪيائين .مون ڀانيو ته همراھ جو هٿ لڳي ويو هوندو .سو آواز کوليم ،همراه وري بند ڪيو ،پڇيومانس ،هي ڇا پيو ڪرين؟ ته ٺھ پھ وراڻيائين اهو راڳ ٻڌڻ بدعت آهي .چيومانس گرميَء کان بچڻو اٿئي ته اها بدعت ٻڌڻي پوندئي ،نه ته ڀلي پنڌ اچ .همراھ کي گرميَء اهڙو تپايو هيو جو راڳ ٻڌڻ قبوليائين ،پر پنڌ ڪونه ڪيائين .هاڻي ته ڏينهون 101
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏينهن زماني جي هوا سان گڏ مڙس پاڻ َمٿڪي ڪمائڻ وارو ٿي پيو آهي ،انهيَء کي هو گهاٽي وا ِڌي يا وياج جي ُزمري ۾ ڪونه ٿو آڻي ،هاڻ منهنجي به ماني کايو وڃي ڪڏهن ِ پر ماڻهن کي اڃان به چوندو آهي ته منهنجي مسلمانيَء ۾کيس شڪ آهي. ڳالھ پئي ڪئي سون ڳوٺ جي ُقرب جي ۽ هليا وياسون ُملن ڏي ،سو َچ ُيم پئي ته ڳوٺ لڳي .هونئن به ٻه ٺڪر گڏ جي اهڙي ُسک ۽ سانت واري ماحول کي االئي ڪنهن جي نظر ِ رکبا ته ٺڙڪندا ضرور آهن پر هتي ته قصو ئي اور ٿي ويو هيو ،جو هڪڙي ڏينهن بابوسائين ۽ ُرگهي مل جو ُپٽ بيکو ،ڪنهن ڳالھ تان تِکا َمٺا ٿيا ،تان جو َو ِڃي لٺيون لڳي ،ڌڪا ٺيلها کنيائون .را را ٿي ،حال سارو سڀڪو لٺ ُڌ ڪو کڻيو ڀڄندو آيو ،و ِڏي ِ لٺ ِ ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونه هيا .لٺين جا َمٿن ۾ لڳڻ جا ٺڙڪا توڙي پاڻ ۾ لڳڻ جا ٺڙڪا پري پري تائين پئي ُٻڌا .نيٺ بابي سائينَء ۽ ُرگهي مل جا مٿا ڦاٽا .ٻنهي جو ُ رت ٺينڍيون ڪري نڪتو ،تڏهن ڪنهن سڄڻپائي ڪندي هِن ُهن کي ڌڪا ٺيلها ڏئي جهيڙو ٽاريو هيو. تن ڏينهين اسان ڇهين درجي جا ٻار جهڙوڪر گِينگھا هياسون .پر خان محمد ڪجھ َس َٻر ُ ُهيو ،مينگھواڙن سان ِوڙهڻ الِء وڏيون ُ ونس .رگهي وارن لوهون پاتائِين ،پر روڪي وڌائ ِ رات جي پيٽ ۾ زميندار حاجي اسلم کي اطالع ڪرايو ،پر مزي جهڙي ڳالھ اها هئي جو ڪي ڍڳي گا ِڏين۾ ،هڪ ٻئي جي َاڳيان ُپٺيان حاجي صاحب جي اوطاق تي ٻنهي ڌرين جا َڌ ِ ِسي پوٺي ُپهتا هئا .ڪمپائونڊر ،مختيار ٻنهي ُڌرين جون َپٽيون َ ڪيون .وري به ساڳئي پنڌ سان ٻئي ُڌريون ڍڳي گاڏين ۾هڪ ٻئي جي اڳيان پويان اچي ڳوٺ ُپهتا هيا .هوڏانهن امڙ به پوتيَء جي پاند مان ٻه روپيه ڇوڙي خان محمد کي ڀاڙي جا ڏيئي ولواريَء مان مائٽ ُگهرايا هيا .رات ٿيندي ئي ،راڄ شرن جا اچي لٿا ،جيسين ِس ُج ُاڀري ۽ جهيڙو َمچي ،حاجي اسلم فجر جو ئي اچي ُپهتو ،ٻنهي ُڌرين جون ڳالهيون ُٻ ِڌي ،مکڻ مان ُ وار ڪ ِڍي ،ڏوهيَء کي ڏوهِي ڪري ،ڏنڊ ِوجهي۽ بخشائي ،ڀاڪر پارائي ُ خير ڪري َڇڏيائينَ .چون ٿا ته بابا کي ،موٽومل ،نالي مليريا سپروائيزر جي لٺ لڳي ُهئي ،موٽو مل سنهڙو سيپڪڙو ،وڏيون ُمڇون رکندڙ هيو ،جيڪو نوڪريَء سانگي رگهي مل جي اوطاق ۾ رهيو پيو هوندو هيو. ۽ انهيَء جهيڙي بعد جلديَء ۾ بدلي ڪرائي پنهنجي ڳوٺ ڇاڇري هليو ويو هيو .انهيَء ُ مهمان جهيڙي کان گهڻو پوِء ،جوان ٿي آئون ِرٿون ِرٿيندو ُهيس ،ته خدا ڪري موٽومل، ٿي مينگهواڙن وٽ اچي ته آئون پنهنجا َه َ ٺاريان .يا ڪو اهڙو ِو ُ گھ ملي جو آئون ٿر ٿ ِ وڃي به پيُء جو پالند ڪريان .گھڻو پوِء ماستريَء دوران هڪڙيَء اليڪشن ۾ ڇاڇري ۾ڊيوٽي لڳي هئي ،ته موٽو مل ڏٺم ،گھڻيئي ِسٽون ِسٽيم ،پر تن ڏينهين ٿر ۾ روڊ رستا 102
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪونه هيا ،ڀڄڻ جي ڪا به گھٽي نه ُسڌي ته هٿ َمهٽي هليو آيس .ورهيه گذري ويا نه موٽومل آيو ،نه ئي وري منهنجا َهٿ َٺريا .موٽومل گهڻا سال پوِء مونکي ٿانيڪو ٿي تڏهن موت مري .ڀلوڙ انسان جو ُروپ َوٺِي ُچڪو هٿ آيو .جڏهن منهنجي اندرجو شر ،پنهنجي ِ ُهيو .تڏهن به مون کي هٿ مهٽڻا پئجي ويا هيا. ڳالهه پئي ه ِلي ڪاٺڙيَء جي ۽ خان محمد جي ِڏنگائين جي ،هڪڙي ڏينهن دوسي جي َ َ ٺ َو ِڍي ،ته واهيَء يا هاريَء پٽڙيَء تي پوکيل ،حاجي اسلم جي ڪمند مان ،خان محمد ل ِ وزيرڪانهيي دڙڪو ِڏ ُنس ،هن همراه دڙڪي واري ڳالھ ِد ِل ۾ رکِي .ٻئي ڏينهن شام ڌاري اسڪول مان موٽيا سين ته همراھ کيسي مان ماچيس ڪڍي لڳو ڪمند کي باهِه ڏيڻ ،ان مهل اسين چار ڄڻا اسڪولي شاگرد گڏ ُهجون ،لوڻيو ڇهين ۾ نئون آيو ُهجي ،آئون ۽ سڙ جا ُٻڪ ڀري باهه ِوسائي سون ،ته شرارتيَء پرتاب ڊڄڻا ُهجون ،واٽر جي پٽڙيَء تان ُڊ ِ لوڻئي وري خان محمد کي ٻي جاِء َڏ ِسي ،ته ُمڙس ُاتان وڃي تِي ِلي ڏني ،وري اسان مِٽي ُ ڪي ،ان کي به وسائڻ اڇلي اتان به باھ ِوسائِي ،تيسين ٽِينَء جاِء تان ِڏنل تيلي ڀڀڙ ٿي َڀڙ ِ جي ڪوشش ڪئي سين ،جڏهن نه وساڻي ،ته بيوس ٿي وٺي َڀڳاسين .خان محمد ۽ لوڻيوته باھ لڳڻ سان ڪڏهوڪا گولي ٿي ويا هئا ۽ اسان ٻنهي جي پيرن ۾ ُهجن َ ڪ َ لر ڀريل هوائي ُ ڊوڙون ته تِرڪيو پئون ،نيٺ چمپل هٿن ۾ ڪري وٺي ڀڳا سون .مون ته َڊپ ۾ چمپل، سوڙيون ُ اوڍيون هيون ،پرخان محمد ،بي اونو ٿي ،ڪمند جي َو َڍ تي بابا ،امان ۽ گهر اچي ِ جيجان ڏي اِيئن هليو ويوڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه ُهجي .ڪمند جي باھ جا دونهان ۽ ٽڙڪاٽ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيا .پري پري تائين دونهون ئي دونهون هيو ،سوين هارين جي َو ُٺ پڪڙ بعد َمسين َمسين وڃي باه ِوساڻي هئي .پوِء به لڳ ڀڳ ڇھ ايڪڙ ڪمند سڙي َ هڙي نه ُگذري هئي جو ورهڙو پير کڻي اچي اسان جي َگهٽيَء ويو هيو .باھ وسائڻ بعد گ ِ جي ويجهو ُپهتو هيو .باھ ڏيندڙن جا پير ،اسان جي گھرن ڏانهن ايندا ڏسي ورهڙو واپس موٽيوهيو ۽ حاجي اسلم کي اطالع ڪيائون .رات ٿي ته حاجي اسلم صاحب به آيو ،وڏي خلق گڏ هجيس .اسان چئني کي ڪچهريَء ُ ۾گهرايو ويوَ ،سڀني ُ سچ ٻڌايو ،خان محمد کان آخر ۾ پڇيائين ،ان به جيئن ُهيو تيئن ُٻڌايو .حاجي اسلم رڄ اشراف ماڻهو ُهيو .اسان جون ڳالهيون ُٻڌي ،بنان ڪنهن ڊيگهه ۽ ويڪر جي فيصلو ُٻڌائيندي چيائين ،بابا ٻارن کان ٻاراڻِي ٿي آهي ،مون کين معاف ڪيو۽هاريَء جو حصو به آئون َڀري ُ ڏيندس .جيڪر چاهي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ان زماني ۾ ڇهه ايڪڙ ڪمند جا پنجاهه هزار ٿيا ٿي .سي اسان جي
103
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وڏڙن کان وصول ڪري ها ،يا سندن کاتي تي لکي ها ،ته به اسان جا و ِڏڙا ورهين جا قرض وڃن ها. وڏن قرضن جي بار هيٺان َا ِچي ِ الهڻ بعد وري ِ ُان حاجي صاحب سان لڳ ڀڳ چاليهن ورهين بعد ،منهنجي نيازمندي َو ِڌي ،ايتري قدر جو هميشه گڏ ُهوندا ُهياسين ،پير پاڳاري کان وٺي انهيَء پائي جي وڏن ،وڏن ماڻهن سان منهنجو تعارف ڪرائي چوندو ُهيو ته هي منهنجو دوست امير بخش آهي ،جنهن ننڍي هوندي منهنجي ڪمند جا ڇهه ايڪڙ ساڙيا ُهيا ،ڪڏهن به اهو محسوس ڪرڻ ڪونه ڏنائين اعلي ته آئون سندس ئي هڪڙي غريب ۽ مسڪين هاريَء جو پٽ آهيان .هڪ ڀيرو ته وزير ٰ اعلي ارباب غالم سنڌ ،جي ڪچهريَء ۾ به کِلندي ،کِلندي اها ڳالھ ڪيائين .ان تي وزير ٰ رحيم ،ڏاڍو کِليو ُهيو .ها ياد اٿم ته ُا َن رات حاجي اسلم ،معاف ڪرڻ سان گڏ اسان کي پنج پنج روپيه خرچي به ِڏني ُهئيَ .ڳلن تي ه ِٿڙا ڦيري چيو ُهيو ،ٻچا اڳتي الِء ائين نه ڪجو. 1972۾ اڃان ستين درجي ۾پڙهندو ُهيس ،جو بابي سائينَء ۽امان سانئڻ کي اڪيلي ُپٽ راد ڏسڻ جي هوراکورا لڳي .روزانو پاڻ ۾ ويهي صالحون َ جي ُم َ ڪ ِن .پر سندن صالحون ِ بيهن ئي نه .سوچي سوچي هڪ ٻئي کي چون ته ڀال پاڻ تي ڪير َو ُڙ ڪندو؟ پاڻ وٽ ته ُ ڪير ٿورو ڪندو؟ ڀال ُسڃائيَء ناهي بدي جو سڱ ۽ نه ئي وري پئسو پنجڙ؟ ڀال َٺ ِلهه تي ُ ڪير سيڻپو ڪندو؟ اهي سوچون ڳچ ڏينهن هلنديون رهيون ،منهنجي سامهون ۾ پاڻ سان صالحون ٺهنديون ۽ ڊهنديون رهيون پر ٿيو ڪجھ به ڪونه .نيٺ َه ِڻي ماري ُپڦيَء ۽ هاشم، َ يو .چئن ورهين جي نياڻيَء جي ٻانهن امڙ جي هٿ ۾ ڏيندي چيائون ،هيَء مٿن وڏو َو ُڙ ڪ ِ اڄ به اوهانجي سڀاڻ به اوهان جي .پوِء ته سائين ابي امان جي عيد ٿي وئي ،اصل هڪڙي پير تي پيا نچن .خوشين ۾ نينگرين سينگرين کي گڏي ٿلهي تي َس ِهرا ڳارايائونُ ،ڳڙ ورهايائون ،امڙ سانئڻ ،پوتيَء جو هڪڙو َو ُ ال ،انهيَء نينگريَء جي َمٿي تي اوڍائيُ ،ن َ نهن َ ت ئي ڪانه پ ِئي َپئي ته َمڱ ڇا ُهوندي قبولي پنهنجي ڪري آئي .تن ڏينهين پاڻ کي ڪا َم ِ آهي؟ يا زال ڇا ٿِيندي آهي؟ بس ،جيڪر امان سانئڻ خوش آهي ۽ بابا سائين به خوش آهي ته آئون به خوش هوس .اڃان منهنجي مڱڻي کي مهينو ڏيڍ َمس ُ ّگذريو هيو ،جو هڪڙيَء رات جو امان اوڇنگار ڏنِي ،رڙڪ ِئيُ ،ڍنڍڪار ڏني .امان ڇاٿيو؟ امان ڇاٿيو؟ ڊڄي ڊڄي َ نهنجي َمڱ ُمدي جي تپ ۾ ُگذاري وئي .امان سان گڏ ُهنن جي امان کان پڇيو هيم .ابا ُت ِ ُ َ جان کٽ تي ِس ِڌي لي ِٽيل هئي ،هڪڙي پراڻي پوتِي مٿان َپهرايل گه ِر ِويو هيس ،هوَء بي ِ هيس ،جنه تي مکين المارا پئي ڏنا .کيس ِڏسندو ئي رهِ ُيس .ٻئي ڏينهن ،وڏڙا کيس ُمقام 104
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
الش ڏٺم .ڇرڪ ڀري امان کي ُ ڀاڪ ُ ۾پوري آيا .جڏهن رات ٿي ته خواب ۾ َمڱ جو ُ رپاتم، امان ڊِڄان ٿو!! .رات ُگذرندي رهِي االئي ڪهڙا ڪهڙا خواب ايندا َرهيا .امڙ جي چوڻ تي سموري رات ڪلما پڙهندو ُ رهيس .ڏينهن ِٻن ۾ جڏهن ڳالهه ِو ِس ِري وئي هئي ،تڏهن وڃي ڊپ ختم ٿيو هيو. ُ ساڳي هورا اڃان انهيَء قصي کي چار مهينا کن مس گذريا هيا ته بابا ۽امان کي وري به ِ َ ۾سڱن ُجون ُپڇائون ٿ ِ ُيون .هن ڀيري ُ ڪڻو کورا ل ِڳيُ .پٽ جي ُمراد ِڏ ُسون .اوڙي پاڙي َ ِ هڪ سير ريوڙيون ۽ ُ نِڪتو ،حاجيَء سومر مرحيات تيَ .هڪلي هوڪاري وياُ ، وال پوتِيَء ِ جو َڳن ِڍ ۾ َٻ ِڌيو ِويا ،ڀانِء َوڃڻ جي دير ُهئي .بس ويندا ۽ ها ٿيندي ،مٺائي ورهائي موٽندا. ۽ ٿيو به ائين ،ويندي جي َ وير ٿيُ .اتي ُپهتا ،ڇاندو پاڻي ڪري احوال ڏنائون .اڳلي بنان ڪنهن آنا ڪانيَء جي ها َ ڪ ِئي ،پوتي اوڍائي ،ريوڙيون ِورهائي موٽيا .خوش خوش ۽ َ ٻهڪندا آيا هيا .ٽي مهينا َمس گذريا ،ته اتان به خبر آئي ته ُاها َمڱ به اهلل کي پياري ٿي َوئي .بابا ۽امان جي اکين مان لڙڪ َل ِڙيا ،جنازي تي به ُپهتا .آئون اسڪول ُهيس ،ڪونه ِويس ،ٻيَء مڱ کي َمڱ ٿيڻ اڳ توڙي پوِء ،نه جيئري ِڏ ُٺو هيم۽ نه ُمئي ڏٺمُ .ان ڪري رات جو خوابن ۾ ڊِ ُ نس به ڪونه. ابي امان کي وري به آنڌ مانڌ ٿِي ُپٽ جي ُمراد ڏسئون .ڳالهه ڇيڙيائون .هِن ُهن سان .ڪنه ِن َچ ُي ِن ،ڇورو نڀاڳو َاٿ َو ُک ِڙي َڏ َن ِڀ ُ يوس ،ٻه ماريون اٿئين ،اڃان هليا آهيو ٽينَء جي پويان!!! ڪ َن مان ُٻڌي ،ٻئي مان َ هڪ َ ڪڍيائونُ .پڇائون َهلنديون ُ رهيون ،اوچتو نانا گل حسن َچ ُي ِن، ِ ساري ويٺي آهي .ڇا ٿِي پيو جي منهنجي ڏوه ِٽي ،ننگر خان جي ڌيَء ڇوري ڇني ،و ِڏي ِ پو به پنهنجي ته آهي!ُ ، گهر سنڀاليو وي ِٺي ُهوندي تيسين اميري کان اٺ سال کن وڏي آهيِ . اميرو به َم ِچي ُمڙس ٿيندو .انهن سان هلي ٿا ڳالھ چوريون .نانا گل حسن جي اها صالح بابا ۽ امان کي به وڻيُ .اهي بابا جا ناناڻا به ُهجن. ُ سو هڪڙيَء ُ ڪليوپنڌ کي نوابشاهه ڏانهن .ٽ ِن صبح جو ڳ َڙ سان مانِيون َٻ ِڌي ،بابا ۽ نانا َه ِ َ گهوڙوٻ َڌ ُڻ ئي ڪونه ٿو راتِين بعد موٽيا .امڙ کي احوال ِڏنائون ته ماموحسين بخش َو ِڻ ُ َ ُ ِڏئي چيَ ،ا ُ ڱ ،نه ُ مال ،نه پئسو ،ڇوڪ ِري و ِڏي ڇوڪرو ننڍوَ ،سڱ ڪونه ڪو ،تو وٽ نه س ڏيندس .ان هوندي به امانِ ،دل ڪونه الٿِي ،ڪجهه وقت بعد حاجي سومر کي موڪليائين، سو به خالِي خبرون کڻي موٽيو هيو .ٽين ڪاهه ۾ امان ،بابا ،حاجي سومر۽ نانا گل حسن، پهريائين ُپڦيَء جي ُمڙس حيسب خان وٽ وياُ .اتان حيسب خانُ ،پڦي ۽ ڌڻي بخش به گڏجي ِو َيا .ٽي راتيون ڌرڻو هڻي ويٺا َرهيا تان جو حسين بخش ۽ ننگر خان راضي ٿيا .سو به 105
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُ هڪ ڏاندن جي جوڙي ۽ هڪ َسڱ تيَ .سڱ جڏهن ٿيو تڏهن ُگهربو .باقي ڍڳن جو جوڙو اٺين ڏينهن اچي ڪاهي ويندا .ڳالهيون مهاڙون طيِء ڪري پوِء پوتِي ِوڌائون ،مٺايون ورهائي موٽيا .ته هتي به مبارڪون مبارڪون ٿيون. َ ماسات به ٿيندي ُهئي .آئون َجڏهن به امڙ ۽ بابا سان نواب شاهه منهنجي نئين َمڱ ،منهنجي ِ ويندو ُهيس ،ته بابا هڪڙي رات پنهنجي مامي حسين بخش وٽ ضرور رهندو ُهيو ،تڏهن ماسات ،مون کي َ ڪ َ ڇ تي َکڻي رانديون ڪرائيندي ُهئي ،الکي جي ڳوٺ جي کوه تي بيٺل ِ گهر َ ڄاڱرين ٻيريِن مان پڪل ٻير چونڊي مون کي کارائ ِين ِدي ُهئي .سڄي ڳوٺ جي َ گهر ُ ُ ِٺڙوماسات آيوُ .اها رات ماسات آيو ،منهنجو م ۾ گهمائيندي ،چوندي ُهئي ،منهنجو مِٺڙو مونکي پنهنجيَء َ ڪ َ ڇ ۾ ُسمهاريندي ُهئي ،هونئن امان کان ُجدا ُسمهندي مونکي ڊپ ٿيندو ُ ماسات سان گڏ ڊپ ڪونه ٿيندو ُهيو .آئون کيس ٻاتڙي ٻوليَء ۾ ادي. . . . . . . . . . هيو ،پر ِ چوندو ُهيس .جڏهن امان ۽ بابا نواب شاهه مان َسڱ وٺي موٽيا ته آئون اٺين درجي ۾ پڙهندو ُهيسَ .مڱ ۽ شاديَء جي تڏهن به ڪا ُسڌ ُٻڌ ڪونه ُهيمُ .ان ڏينهن امان ُمبارڪن هاڻ منهنجي زال وٺڻ مان واندي ٿي ته هوريان هوريان ُپڇيم .امان! اديِ . . . . . . . . . . . . . ٿيندي؟ امان کِلندي ،وات تي هٿ رکِي چيوُ ،چ ُ پ ڪر َچريا . . . . . . . . . . .،هاڻي تنهنجي ماسات جي َاديَء مان ڦِري زال ٿيڻ واري عمل لڪن ۾ ادي ڪانهي ،زال آهي زال .آئون َپ ِ ِ ماسات بعد ۾ منهنجي تي حيران ُهيس .سمجهه ۾ ئي ڪونه پئي آيم ته ائين ڇو آهي؟ ُاها ِ ُ زال ٿي ،پنهنجي زندگيَء جا ستاويهه سال مونسان گڏ گذاريائين ،ماُء ۽ ِپيُء جوانيَء ۾ معني ۾ انسان بنائڻ ۾ ُان عورت ئي پير رکندي ئي موڪالئي ويم ،ته مون کي صحيح ٰ ڪردار ادا ڪيو. سمورو ِ جيتوڻيڪ سڀني مائٽن جو ساھ پنهنجي اوالد ۾ هوندو آهي ،هوَء چوڻي آ نه ته مائٽ آهي َپ ُ ٽ ۽ اوالد آهي َو ُ ٽ .سو ان زماني ۾ ابي امان جو هيکلو اوالد هوندي ،آئون امڙ جوتمام ُ دادلو هوندو ُهيس .امڙ جو مون ۾ جهڙوڪر ُ گهڻو ُ ڪک به ڪونه ساهه ُهيو .اصل مون تي سهندي هئي ،شل نه ڪو ُ تپ تاُء اچيم ،امڙ جو اصل ُسک ڦٽي ويندو هيو .گھڙيَء گھڙيَء اورون گھورون پئي ٿيندي هئي .تنهن زماني ۾ ُڀٽي صاحب جي حڪومت اسڪولن جي ٻارن جون ساليانيون رانديون ِرٿيون هيون ٽِنڊي جان محمد ۾ .گھڻن ئي شاگردن مختلف راندين ۾ ناال لکرايا هيا .انهن سان گڏجي مون به وڏي جمپ ڏيڻ ۾ نالو لکرايو هيو .پر انهيَء النگ جمپ ۾ جيئن جو تيئن هارايو ُهيم .ٽنڊي جان محمد ۾ اڃان هِڪڙي رات ئي رهياسين جو ٻيَء ُ صبح جو امان ،جيرام کي ڀاڙو ڏئي موڪليو ،ته منهنجو ُپٽڙو آڻي ڏي. 106
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
نه ته منهنجو هيانُء ٿو ڦاٽي .هونئن به آئون ننڍي هوندي کان ئي ڊڄڻو ڏاڍو هوندو هيس. تن ڏينهين ماڻهو ڳالهيون ڪندا ُهيا ته ٽرڪن وارا پٺاڻ ننڍڙن ٻارن کي اغوا ڪري خرڪار ڪيمپن ۾ پورهيا ٿا ڪرائين .تنهن ڪري اهو ڊپ اندر ۾ ويٺل هوندو ُهيو ،اسڪول ايندي ويندي روڊ تان ڪائي ٽرڪ گذرندي هئي ته هاسيڪار روڊ کان پري ٿي بيهندا هياسين ،متان ڪو پٺاڻ ڊرائيور کڻي نه وڃي .ٻي ويڌن وري اها هوندي هيم جو رات جو ِج َنن۽ ڀوتن جو ڊپ بنهي گھڻو ٿيندو هيو .اونداهي ٿي ناهي ڊپ شروع ٿيو ناهي .ايتريقدر جو گھر جي َٿلهي تي هيڏانهن هوڏانهن هلندي ڦرندي به لوڻا هڻندو هيس ته متان ڪو ِج ُن نه بيٺو ُهجي .وڏو سارو ٿي ويس ته به ِپرڪار اهي ئي هيا ،ڳوٺ ۾ ڪو مرڻو ٿيندو هيو ته رات جو هلندي ڦرندي مرڻ واري کان ڊپ ٿيندو هيو ،ڪٿي اهو ِجن ٿي اڳيان نه اچي وڃي .ٻي به مصيبت هئي ،ڳوٺ ۾ مينگھواڙ بنهي گھڻا هوندا هيا ،سي جنن کان بنهي وونُء ويندا هيا ،ايندي ويندي يا تکيَء واُء تي گھر ۾ ڪو ٺڙڪو ٿيندو ُهين ته رڙو رڙ هوندي هين ،گھوڙا ڙي جن آياِ .جنن تان هڪڙي ڳالھ ياد آيم ته اسان جي مامي قاسم جي گھر جي پاسي ۾ جانجهي مينگھواڙ جو گھر هوندو هيو ،هڪڙي ڀيري سندس گھر ۾ ڪنهن مائيَء وٺي ُڌوڻڻ شروع ڪيو ،چيائون پئي ته ُ گھٽي آئي اٿس .جانجهي مائيَء کي ُ هڪل ڪري چيو فقير هاڻ اها ڌوڻ بند ڪر .نه ته آئون ٿو قاسم کي سڏ ڪريان ته بندوق کڻي اچي .ٻنهي ُمڙسن جي گھر جي وچ ۾ رڳو لوڙهي جي َا َڙ هئي ،قاسم اهو گفتو ُٻڌي ورتو ،تن ڏينهن قاسم ُپست جي ڪڻ کان وٺي ،ڏوڏي ۽ آفيم تائين ،جيڪو به نشو هٿ ايندو هيس سو ڳڙڪائي ڇڏيندو هيو .تنهن جو ُٽناريَء ۾ هوندي اهو ُٻڌو سو هڪل ڪري چيائين ،نه ابا نه مان غريب ماڻهو آهيان ،مِنهنجي ِجنن سان دشمني نه ڪراِء ،مان بندوق ڪونه آڻيندس. سو اهڙا قصا ُٻڌي ُٻڌي هروڀرو به بدن مان ُدرڙيون نڪري وينديون هيونُ ، ٻانهن جا وار ُاڀا ٿي ويندا هيا .ايتريقدرجو رات جو پيشاب ايندو هيو ،ته امان يا بابا کي سڏي چوندو هيس ته هلي َمٿان بيهو ته پيشاب ڪريان .نه ته پيشاب ڀلي ڪانچ ۾ وهي وڃي کيرو ٿيو پيو هوندو هيس .تن ڏينهن ُغربت سبب گھر ۾ َک ُٽون ڪونه هونديون ُهيون ،اونهارن ۾ پي ِه ِين تي ُسمهندا ُهياسين ،ڪاٺ جي ڏنگين ڦڏين ٿوڻين تي بيٺل انهن پي ِهين تي چڙهڻ صفا سولو هوندو هيو ۽ َلهڻ ُمرڳھين ڏکيو هوندو ُهيو .ٿوڻين جي َانگھن ۾ پير ڦاسائڻ الِء وڏا ُجهد ِپٽڻا پوندا هيا .سو تن ڏينهين ،ڪڏهن ڪڏهن رات جو پيشاب جي گهڻي زور تي پيهيَء تان لهڻ بجاِء ُاتي ئي ٿوڻيَء جي پاسي وٽان بيٺي بيٺي ئي ،پيشاب ڪري ڇڏيندو 107
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُهيس .ڪڏهن ته مورڳو ڪانچ ۾ ئي الو ميان ڪري ڇڏبي هئي ،يا ننڊ ۾ ئي ڪانچ ۾ پيشاب وهي ويندو هيو. َ ُ َ ساري وي ِٺي ڇاڙي ُهئي ،بابا ۽ امان کي اڻ ُتڻ ٿِي ،ته اميري جي َمڱ و ِڏي ِ اها 1972جي َپ ِ آهي .ڇو نه جل ِدي َپرڻائجيَ .مڱڻي کي اڃان ٻه َمهينا ئي َمس ُگذريا ُهيا .جو شاديَء ُجون تياريون شروع ٿيونَ .اٺين درجي ۾ َپڙهندو ُهجان .خان محمد اسڪول ۾هڪ جيڏن شاگردن سان ڳالهه َ ڪ ِئي ،ته هڪ جيڏا ڏاڍوکِليا .هي ِترڙي ٻار جي شادي؟؟! . .سڀني جي سامهون ڦِڪو ڦِڪو ِپيو ٿِيان .شادي ڇا آهي؟ سا ته ڪا ُ پروڙ نه ُهيم .ٻِين کي سندن شا ِدين تي نوان ُ ۽ٽوپيون پاتل ِڏسي ِدل ۾ خوشي پئي ٿي .مون کي به نوان ڪپڙا مِلندا، ڪپڙا ،نوان ُبوٽ ماسات به اسان جي گهر اِين ِديَ ،بس اِها ُهئي ُس ِڌ ُٻ ِڌ ۽ َرکي َرکي احساس پئي ٿيم ته ِ منهنجي سمجھ شاديَء بابت .شاديَء جون تياريون به عجيب ُهيون ،گهوٽ ۽ ڪنوار الِء ُ ويڙه، ڪنوار الِء چانديَء جو هڪ هڪ وڳو آيوُ ،جتي آئي ،مون الِء ٽوپي ،واچ ۽ اجرڪ ته ِ ُ واليونَ ،نڪ جو سونو ڪوڪو ،وڏي ڳالهه ٿي وئي .ڀوڄو درزي آيو، چار چان ِديَء جون ڪپڙن جي ماپ ورتائين. َ ون ڪپڙن تي ڏاڍو خوش ٿ ِ ُيس .اڳ عيد براد تي بابي کي ڪپڙن وٺڻ الِء روز ڪنن تي ن ِ ڳال ِهه َه ِڻبي ُهئي .نيٺ هڪ ڏينهن سنبرندو هيو ۽ شهر ويندو هيو ته اسڪول جي موڪل َ ُ ُ ُ سنداهياسين .اِجهوبابا آيو ،اِجهو ڪپڙا آيا ،ڪپڙا يوپيا ِڏ بعد اتران واٽر جي ”ڦڙ“ تي نرا ڏ ِ ايندا هيا ته ُ ڊوڙون پائي گه ِر گ ِهر ڏيکاربا هئا” ،ڏسو َاسان جا نوان ڪپڙا ،ڏسو اسان جا بجي گهر ايندا نوان ڪپڙا“ .وڏڙيون مايون ُمبارڪون ِڏينديون هيون ،۽ جڏهن ڪپڙا ِس ِ هئا ،ته عيد تائين ُ صبح توڙي شام ،انهن جي ُاٿل ُپٿل ٿِيندي هئي ،روز ِڏسبا ۽ڏينهن َڳ ِڻبا ڪڏهن عيد ايندي جو پائِجن. ڀوڄي درزيَء تان ياد ُآيمُ ،ان سال بابا۽ امان مون کي ڀوڄي درزيَء وٽ درزڪو ڪم ِسکڻ الِء ويهاريو .چئي ”ابا ُهنر پيٽ ۾ هوندو ته ماڻهو ُبک ڪونه مرندو“ .پهريان ڪاج۽ ڪ ُيمَ . کيس ،ڪوريل ڪپڙو ِسالئِي َ بٽڻ هڻڻ ِس ُ ڪٽائِي اڃان نه ِسکيو ُهيس جو شاديَء جي تيارين ۾ درزڪو ڌنڌو ڇڏيمُ .هنر جي ڳالهه تان ياد آيم ته امڙ مون کي َ اڳٺ ۽ َس ِڳ ُيون ٺاهڻ به سيکاريون هيون ،جيڪي ڏاڍيون خوبصورت ٺاهيندو ُهيس .کٽون واڻڻ به ِسکيس. يارين جي ،نانو گل حسن ،نواب شاهه مان چنڊ جي تاريخن سو ڳالھه پئي َه ِلي ،شاديَء جي َت ِ تي ڏينهن ِچٽا ڪريَ ،و َنواهه ڪرائي موٽيو ،انگريزي تاريخ بِيٺي پهرين جنوري .1973 مامو ،ڊينگاڻ مان اِري چانورن جون ٻوريون ڍڳي گاڏيَء ۾ کڻائي آيو ،مون کي ڳانو 108
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ميڙ گڏ ِجيو َسهرا ،ڳيچ ۽ الڏا ڳائِن ،آُء َ َٻڌائون ،روز رات جو َٿلهي تي مايِن جا َ کٽ تي هٿن ِ پيرن کي ميندي اليو ِپيرن جيان ويهان. ُان زماني ۾ شاميانن جو رواج نه ُهيو ،ڪاٺيون وڍيَ ،س َرن جا َڇ َپر ۽ َڇنا ٺاهبا ُهيا .ماما، ڊينگاڻ ۾ شاميانا ِڏٺا ُهيا ،اعالن ڪيائين ته شاديَء ۾ شاميانو لڳائبوَ ،ڄ َ ڃ الِء به َس ِڄي ساري بس ڀاڙي َ ڪ ِبي ،سمورو خرچ منهنجو هوندو .دعوتون َه ُ ليون ،ڳوٺن مان ديڳيون ِ ُ گڏ ٿِيونَ . هنڌ َٽ َ ِٽ عزيز آيا .ڄڃ جي روانگيَء کان هڪ رات اڳ ۾ مامو ،ڄڃ جي پڙ آيا .م ِ ڀاڙي ڪيل َبس ۾ وڏا الئوڊ ۽ بيٽري َکڻائي آيو .اسڪول جي سامهون ميدان ۾ سرينهن جي وڻ جي چوٽيَء ۾ الئوڊ َٻڌائون ،فوني ۾ رڪارڊ چڙهيا ،الئوڊ وڳو ،واه واه ٿي وئي. نوربانو ،ڪزبانو۽ مائيَء ڀاڳيَء جا رڪارڊ هليا ،اصل بلي بلي ُهجي .رات جو آتم مينگهواڙ الئوڊ تي ِچرمِي ڳائي ،واه واه وصول ڪ ِئي. فجرجو ڄڃ روانِي ٿي .مون کي نوان ڪپڙا پهرائي موڙھ َٻڌي ،گهوٽ ڪري ،اڳئينَء ِسيٽ تي ويهاريائون ،راڄ جا جملي ماڻهو گڏ ،پيارو خان ايڊوڪيٽ ته رائفل به آندي ُهجي ،هڪ ٻه فائر ٿيا ته سڀڪواکيون مهٽيند ُ واٿي آيو .بابا جو ُمرشد بقاُء محمد قريشي به آيل ُهجي، مون کي ننڍڙونوٽن جو ُ هار پارايائين ،وڳو ڪپڙن جو ڪنوار الِء ۽ ِويهه روپيا پوئوڏنائين، خلق پهريون ڀيرو ڪنهن پير کي مريدن تي خرچ ڪندي ڏٺو ،حيرت ۽ تجسس مان. ڪرڻا منهنجي ُمنهن تي پاتل موڙھ تي تڏهن پيا پهرين جنوري 1973جي ِس َج جا په ِريان ِ گهر جي گهٽيَء تي ،باهه جي َ جڏهن ننڊاکڙين اکين سان بس مان لهيُ ، ساهرن جي َ مچ آڏو سيج تي سينگاريو ويٺو ُهيس .باباُ ،پڦي جي ڳوٺان ،ديڳيون کڻائي ۽ ُملي حاجيَء کي ڍڳي گاڏيَء ۾ وٺيو آيو .نڪاح ٿيو ،ڳيچ ٿيا ،ڍڪڻ ُ ڀڳم ،النئون ٿيونَ ،سهرا ۽ سنئوڻ ساٺ ماسات (ڪنوار) سميت ڄڃ واپس ٿياُ ،ڳ َڙ جي ُبصري کاڌمُ ،مبارڪون مليون .ٻارهين ڌاري ِ وري .سج لهڻ کان ٿورو اڳ ،ڳوٺ ُپهتي ،ته به مبارڪون مليون .سج لٿي کان اڳ نِکيٽي لو کي منهنجي اجرڪ جي َپ َ ماسات جي پوتيَءجي َپ َ لو ۾ َٻ ِڌي اڳيان پويان ڳيچن جي ٿي، ِ جهونگار ۾ گهر ُپهتاسين. َڇ َپر ۾ رلين تي راڄ مائِين جا ويٺا ُهجن ،وچ ۾ گهوٽ ڪنوار جي سيج واري َک َ ٽ تي ُ ويٺاسون ،ماني مِلي ،گڏ کاڌي سون ،سفر جي َٿڪ منهنجا لِڱ ساڻا ڪري ڇڏيا ُهيا .االئي ڪهڙيَء مهل ننڊ اچي وئيُ .سهاڳ رات ته پوِء ُٻڌم ،خبر ئي نه ُهئيُ . صبح ُاٿيس ته کٽ جي چوڦير َپ َ ٽ تيُ ، ماسات ُ فجر جو ئي ُاٿي ،امڙ کي ڪم مايون ٻارن ُسوڌيون ُستل ُهيون، ِ ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ لڳي ُهئي. 109
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ماسات جي هٿ ۾ ُ ڪنجي ڏني ،سا به هڪڙي ۽ نئينَء منجهند جو هئو مئو ٽريو ،ته امان، ِ پيتيَء جي .جنهن ۾ ڪنوار جا ڪپڙا ۽زيور ُقلفجي َهليا ُهيا .ٻيو َ گهر ۾ ُهيو به ڇا؟ ڪاريَء وارا َ ڪ َ ماسات جو ُ ڏاج گهر ۾ َو ِڌيو ُهيو .سو به هڪ ک ،نه َد ُر نه َدري وڏو َڇ َپر .ها سچ ِ ڪ هنڌ ۽ َ ڪ تڏو ،هِ ُ ڪنجهي جو وٽو ،هڪ ڪنجھي جي ٿالهي ،هِ ُ هڪ پيتي اهلل اهلل خير ِ سال. َ زمين پنهنجي وڏي ُستت ئي حاجي اسلم جو مقاطعو ختم ٿيو ،مير تاج محمد َڇن جي ُپ َ ٽ مير ٺاري خان کي ورهائي ِڏني .جنهن مقاطعن بجاِء خود َٻنيون سنڀالڻ جو فيصلو ڪيو .پهريون ڀيرو ڳوٺ ۾ آيو هيو ته پراڻا خاڪي ڪپڙا َپه ِريل ُهيسُ ،پراڻي ُجتي ،اونِي ٽوپ مٿي تي ،هلڪي ڪاري ڏاڙهي ،وڏيون اکيون۽ بندوق ُ ُ ڪلهي تي .مون زندگيَء ۾ پهريون ڀيرو مير ٺارو ڏٺو هيو ،مسلمانن سان ُ هٿ ماليائين ،هِ ُ ندن سان نه ماليائين .کٽ تي ته ويٺوپر پاڻي به نه پيتائينُ ،حڪم جي انداز ۾ چيائين هندو سڀ هن ڳوٺ مان لڏي ُ هالئيندس .باقي مسلمان منهنجا ڀائرآهن َوڃن ،سو به َاٺن ڏينهن ۾ ،نه ته َگهرن تي بلڊوزر سي ويٺا ُهجن ،کين هارپو به ُ ڏيندس .انهن ٻن جملن بعد ڀڙڪو کائي ُاٿيو ،ڀانئيان ٿو ته گامڻ مري گڏ ُهيس ،ويندي ويندي بندوق سان ڳيرا ماريندو ويو.
سڄي ڳوٺ وارن کي ڄڻ نانگ ُسنگهي ويو هيو ،مير صاحب جهڙي ڏاڍي سرڪار آڏو ته ڪير به نه ُ ڪڇيو هيو ،سڀني جا ڪنڌ هيٺ ٿيل هيا ۽ ُمنهن َ لٿل هئا .پر پوِء به هرڪ ماٺ هيو .هڪ ٻئي ڏي ِڏسيو اکيون ڀرجيو ٿي آين ،شام تائين صرف ٿڌا ُشوڪارا پئي ڀريائون. هڪ ڏينهن ٻه ڏينهن ۽ نيٺ مير صاحب جي ڏنل مدي ،يعني هڪ هفتي ۾ ڳوٺ ويران ٿي ويو ،هندو۽ مسلمان جي ناتي ورهاست ٿي وئي ،سڀني هڪ ٻئي کان روئي موڪاليو، ُرگهي مل جو سمورو پاڙو ،ڏهروڙي ڏانهن حاجي اسلم جي ٻنين تي لڏي ويو ،جاٽن جو سمورو پاڙو ،وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ويو ،ڪي ڪيڏانهن ويا ڪي ڪيڏانهن ،باقي شرن ۽ ُ ڪنڀارن جا گهرڙا وڃي َبچيا هئاُ .ان ڏينهن شام ٿي هئي ته هيڏي وڏي ڳوٺ ۾ ُ ڪڙوڪو ڪ ِ ُهجي ،تنهن رات مسلمانن جي گهرن ۾ به ڪي ڪين َپ َ ڪو هيوُ ، سڀڪو روئي ،شوڪارا ُ ڪهڙوقرب ڀريُ ،بکيوئي ُسمهي رهيو هيو .مون کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو ،ته ُاهو ُهيو ،مينگهواڙن سان ڪنهن جي نه مٽي نه مائ ِٽي ،نه َسڱ نه َب َند ،هو هندوهيا ۽ اسين مسلمان هياسين ،پوِء به وڇڙڻ جو ايڏو ڏک هيو!!؟ گهڻو پوِء اها خبر ِپ َي ِم ،ته سڀني کان وڏو رشتو طبقي جو آهي ،سڱ َبند ،مذهب ،مِٽيون ۽ مائٽيون سڀ پوِء آهن.
110
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مير صاحب هفتي بعد وري ڳوٺ ۾ آيو هيو ،ان ڏينهن ميرپورخاص جو دڪاندار رمضان ُ بيڪانيري گڏ ُهجيس ،ڳوٺ کي ُسڃيو ِڏسي ،ڏاڍو خوش ٿيو هيو ،مجني مرحيات جي ڀاُء، قاضي ساالر کي ڪمدار ڪيائين .بچيل هارين کي َٻنيون ورهاست ڪري ڏنائين ،نئين سر هارپو شروع ڪيوسين .ٻنيَء جو خرچ َپکو توڙي هاريَء ناريَء کي اويل سويل جو خرچ رمضان بيڪانيري ڏيندو ُهيو ،جيڪو شايد مير صاحب سان ُمنافعي َ ۾ا َڌ جو ڀائيوار ُهيو .ايئن مير صاحب جي هارپي جو پهريون فصل پوکيوسين .انهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيري بابو ۽ آئون رمضان بيڪانيريَء کان خرچ جا پئسا وٺڻ ميرپورخاص وياسين .سندس ُدڪان تي ويٺا هياسين ،وٽس ُ ڪرسيون ئي ٻه ُهجن ،جن تي آٌء ۽ بابو ويٺا هياسين .اسان کي ڪٽنگ چانهه پياريائين ،پئسا ڏنائين ،صالح ڪيائين ته گھر جو سامان خريدي ،پوِء منجهند جي ماني مون وٽ کائجو .اڃان سندس دڪان جي ڪرسين تي ويٺا ُهيا سين ،جو ميرصاحب جي جيپ اچي بيٺي .مير صاحب جي اسان تي نظر َپ ِئي يا اسان کي ڪرسين تي ويٺل ڏٺائين ،ته موڊ خراب ٿي ِويس ۽ ڊرائيور کي زور سان چيائين ته َه ُل ،جيپ وري چالو ٿي، رواني ٿي ۽ هلي وئي .رمضان بيڪانيريَء ۽ بابا هڪ ٻئي جي اکين۾ نهاريو ،مون اندازو لڳايو ته مير صاحب کي اسان جو ُ ڪرسين تي ويهڻ نه وڻيو آهي ،ڇاڪاڻ ته مير صاحب خود به انهن ُ ڪرسين تي ويهندوهيو .جنهن ڪرسيَء تي مير صاحب ويهي ُان تي غريب هاري ڇو ويٺا.؟ان بعد مير صاحب جي ڪاوڙ کي رمضان ته االئي ڪيئن منهن ڏنو هوندو؟، باقي ،بابا سان جيڪا ٿي ُان جو ذڪر اڳتي ايندو. ان ڏينهن اسان کي رمضان بيڪانيري ،منجهند جي مانيَء تي پنهنجي گهر وٺي ويو .نائي پاڙي ۾ حويليَء ُنما گهر هيو ،جيڪو ڪنهن ملڪ مان تڙيل واڻئي ڇڏيو هيو ،۽ رمضان، اهو ڪليم۾ حاصل ڪيو ُهيو .گهر جي بيٺڪ واري ڪمري ۾ صوفا ،پلنگ ،ٽيبلون پيل ُهجن ،صوفن جو فوم ايتروته نرم هيو ،جوويهندي اندر َل ِهي پيا وڃون .مانيَء ۾کوڙ طعام آندائين ،مڇي تريل ،ٻڪر جو گوشت ،چانور ،چوڪنڊا ُاڦراٽا .زندگيَء ۾ پهريون ڀيرو ڀلوڙ ماني ،عزت سان صوفي تي ويهي ٽيبل تي َرکي کاڌم ،نه ته سدائين اڻڀي ماني لسيَء جي وٽي سان کائيندا هياسون .تڏهن دل مان حسرت نڪتي ،ڪاش منهنجو به َاهڙو ُ گهر ُهجي .رمضان اندر ويو ،ته بابا سان ڳالهه ڪيم ”بابا خدا ڪري پنهنجو به اهڙو َگ ُ هر ُهجي“. ان ويل بابا جي چهري تي ” َ ُ سمجهيم ته ،بابا جي ڪ ِڙي مسڪراهٽ“ آئي ۽ َوئي .پڪ سان ُمسڪراهٽ جي پويان سالن جا ُڏک ،درد ۽ پيڙائون َ ڪ ُر کڻيو بيٺيون آهن ۽ هاڻ زندگيَء ِ
111
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي سمورين آسائشن کان نا ُاميد ٿي ،منهنجي اِن ٿِيڻي خواهش تي مون کي راضي ڪرڻ الِء ُمسڪرائي ِپيو. رمضان بيڪانيريُ ،مهاجر ٿي ڪري اهلل لوڪ انسان ،نيڪ ۽ ايماندار ماڻهو هوندو ُهيو. هاريَء ۽ ُمجيريَء جو فرق نه رکندو ُهيو ،بابا سان ٻٽيهه دليون ُهونديون ُهيس ،هميشه کيس ”ادا اڪبر“ ڪري سڏيندو ُهيو .سوچيان ٿو ،شايد هندستان ۾ به اسان جي غريب طبقي جو هيو ۽ هِتي ڪليم ۾ ُ مال هٿ ڪيو ُهيائين .نه ته وڏو ماڻهو ۽ ماڻهپو! اهو کوڙو ئي نٿو لڳي .ان بعد ورهيه گذريا ،زمانا َبدلِيا ،مير صاحب ويو ،بابا ويو ،امڙ وئي، پهرين گهر واري به وئي ،۽ آئون به بابا سائينَء ۽ امڙ سانئڻ جي دعائن سان ،االئي ڪٿان جو ڪٿي وڃي ُپهتس .رمضان تان ئي ياد ٿو اچيم ته 2001ڌاري اسالم آباد ۾ ُهجان .عيد ويجهي ُهئي ،فالئيٽ عيد جي رات جو ُهجيم .گهر واريَء فون ڪري عيد جي سامان جو ڪار بيٺي اٿئي ،ڊرائيور سان وڃي ،پاڻ ئي وٺي چيو ته ،چيومانس پڙهيل لِکيل آهين، ِ ُ اچ .سا سڌي رمضان بيڪانيريَء جي ُدڪان تي وئي ،سامان جو ِچٺو ڏنائين ،سامان پيڪ ڪرائي ،گاڏيَء ۾ رکندي، رمضان ُپڇيس امان اوهان ڪير آهيو؟ َ ذات ۽ زوجيت ،وقت منهنجو نانٌء ُٻ ِڌي رمضان جا ُلڙڪ َ لڙ ِي ِپيا .پهريائين ته موٽ ۾ ِ منهنجيَء خوشحاليَء تي هٿ کڻي وڏي واڪ رب سائينَء جا شڪرانا مڃيائين .۽ پوِء منهنجيَء گھر واريَء کي َمٿي تي ُ هٿ رکندي چيائين ”امان تون منهنجي دوست جي ُننهن آهين ،معني منهنجي به ننهن آهين .وقت ايترو بدلجي ويوآهي ،جو تون خود دڪان تي هلي آئي آهين ،آئنده امير بخش نه ُهجي ،ته سامان جي لسٽ ڊرائيور سان موڪلي ڏيندي ڪر ،پاڻ نه َا ُچ ،مون کان اهو برداشت نٿو ٿئي ته منهنجي دوست جي ُننهن بازار ۾ دوڪانن تان پاڻ سودو خريدي“ .اهو هيو هڪڙي مهاجر جو ماڻهپو .ماڻهو ڪيئن مڃي ته مهاجر سڀ اندر جا ڪارا هوندا!!. سو ڳالهه پئي هلي مير صاحب جي۽ اسان کي ُ ڪرسين تي ويٺل ڏسي ڪاوڙجي جيپ موٽائڻ جي .ورندي ڏينهن ٻنيَء تي ايندي ساڻ ئي ،بابا کي گار ڏيندي چيائين ”اڙي. . . . . . . . . . . . . .ڪالهه ڪنهن جي اجازت سان شهر ويو ُهئين“؟ بابا کي هونئن به گار تان تمام گھڻي ِچ َڙ ايندي ُهئي ،اوطاق جي ڪچهريَء ۾ به جيڪر ڪو هڪ ٻئي کي گار ڏيندو ُهيو ته به بابا ِچڙي پوندو ُهيو .هاڻ جو ِسڌي خود کي گار مِليس ،ته بِگڙي پيو ،جوڙو ڇڏيندي ئي ”پائِڻو“ کڻي ،ميرصاحب تي ” ُلوهه“ ڪيائين ،جيتوڻيڪ بندوق هٿ ۾ هجيس، 112
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پر بابا جا تيور ڦريل ڏسي ،مير صاحب ِڏٺو ته ماريندو ،سو رکيائين ُکڙين تي زور .بندوق ڪلهي تي ،اڳيان مير صاحب ۽ گامڻ خان ،ته پويان بابو پائڻو هٿ ۾ کنيو وڦلندو پئي ويو ،نيٺ بابو سائين ،مير صاحب سان ڊوڙ۾ ُپڄي نه سگهيو ته َسهڪي بيهي رهيو .۽ مير ٺاري خان ڀڄي جان ڇڏائي هئي. تن ڏينهين عالم ڪيريو هن تر ُڳجهو توڙي بنهي ارڏو ُمڙس هيو ،سوڙھ سڪوڙ ۾ سڀڪو وٽس ڀڄي ويندو هيو .هو به مڙس جهيڙي جوٽڻ ۽ ڪيسن ڪرڻ جو ڪوڏيو هوندو هيو .جنهن سان به گڏجي بيٺو ته انهيَء جو ٿي ويو .انهيَء تان پوِء ڪوبه خان خانان ڪونه هٽائي سگهندو هيس .سو به مير صاحبن جي ڪجھ ٻني پنهنجي هارين کان هارپ تي پيو پوکائيندو هيو .پر ڪجھ وقت کان مير تاج محمد سان ڪنهن ڳالھ تي ُرٺو ويٺو هيو، گڏوگڏ کيس اها به خبر ُهئي ته مير صاحب جي ڇن واري لڳ ڀڳ 158ايڪڙ ڀلوڙ ٻني، ُڀٽي صاحب زرعي سڌارن هيٺ ٽوڙي ڇڏي آهي .۽ اڃان تائين ُانهيَء ٻنيَء جودعويدار ين ته گهڻيئي ها ،پر ميرپورخاص جو ڪوبه ڪو نه ٿيو آهي .تن ڏينهين هونئن دعويدار ٿِ ِ مختيارڪار مرحوم عبداالحد شيخ ۽ ڊي سي هاشم ميمڻ ،صفا ايماندار آفيسر هيا ،ڪوڙي دعويداريَء ڪرڻ واري کي ٽ ِ َ يپ کائڻ جي َپڪ هئي .مڙسن جي ايمانداريَء ۽ اصول پرستي َء جي هنڌين ماڳين هاڪ هوندي هئي .خاصخيلي صاحب جو ته تعلقو هيو ،هاشم ميمڻ صاحب جو ته ضلعو هيو ضلعو به ڪو جهڙو تهڙو ڪونه هيو ،هاڻوڪو عمرڪوٽ ،ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص ٽئي ضلعا انهيَء هڪڙي ضلعي ۾ هيا .سو عالم ڪيرئي ،جو ُٻڌو ته بابا ۽ ميرصاحب ۾ ِڇڪ ِڇڪان ٿي آهي ،سو مڙس رات جو ئي اچي ٺڪاُء ڪيو ۽ ڳوٺ وارن کي سڏي پاڻ سان گڏ ويهاري پوِء ڳالھه ڪيائين ته اها زمين هاڻي مير صاحب جي ملڪيت ڪانهي رهِي ،سرڪار جي َسندي آهي َسندي .هاڻ رڳو چئين آني واري درخواست ڏيڻ جي دير آهي .ٻني اوهان جي ٿي ويندي. انهيَء مهل ته وڏيري عالم جي ڳالھ سڀني کي ڦوڪ لڳي پئي ،ڇو جو سڀني کي خبر هئي ته مير صاحب ڪو جهڙو تهڙو ڪونه هيو جو ڀٽو صاحب انهيَء کان مائٽاڻي ملڪيت ُ ڪجھ نه ڪجھ ڪجي ،پوِء وري ُڦري ڇڏي .پر پوِء به هڻي ماري سڀني جي صالح بيٺي ته اها به صالح ٿي ته ُرگهي جي پاڙي جي لڏي ويل مينگهواڙن کي به سڏائجي ،سڀيئي هڪڙي صالح ٿي پوِء گڏجي دعويداريَء الِء دانهين ٿجي .ميگهواڙن ڏانهن نياپو ويو، منجهائن ٻه چار ڄڻا آيا .ورندي ڏينهن مختيار ڪار کي ستن اٺن ُمڙسن گڏجي درخواست ڏني .مختيار ڪار وٽ انصاف به هيو ته ُڀٽي جي ٽائيم جي ڪامورن وٽ تڪڙي داد رسي 113
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
به هئي .بس رڳو درخواست ڏيڻ جي دير هئي ،نه ڊيگھ ٿي نه ويڪر ٿي ،گهڙيَء ۾ ئي تپيدار ُ گهرائجي آيو ،قرآن شريف ۽ گيتا کڄي آيا ،وچ تي ٻئي پاڪ ڪتاب رکي ،ديھ جو نقشو رکي ،قران ۽ گيتا تي هرهڪ کان سروي نمبر ُسڃاڻرائي ،خسره گرداوري ِڏ ِسي، ُ پنجڙ ،نه اوڻيهه ماڻهن کي ُاتي جو ُاتي ،ٻنيَء جي مالڪيَء جا َپ َٽا ٺاهي ِڏنائين .نه پئسو نه َ گينداڙ .سڀني کي َپٽا مِليا ،ته پنا ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ،ڀٽي صاحب جو انصاف ڏسي گِ ِهل نه ڪن جي اکين مان بي اختيار ۽ ست پيڙهيائتي هارپي واري ٻنيَء جي مالڪ ٿينديِ . خوشيَء لڙڪ پئي لڙيا .خير ميرپور مان واپس اچي ،اهي پٽا ماٺ مِيٺ ۾ گهرن ۾ آڻي رکيائون .ڪجھ ڏينهن بعد شرن جا اسان وٽ ۽ ميگهواڙن جا رگهي مل وٽ امانت ڪري رکيائون .عالم پنهنجا َپٽا پاڻ سان کڻي ويو .ايئن سڀڪو ٿانيڪو ٿي وڃي لڳو پنهنجيَء ماٺ م ِيٺ ۾ ڪاغذي ڪم پي ُاڪاليا، ڪرت سان .پويان بيکي ۽ عالم ِ پنهنجيَء ٻنيَء جي ِ پندرهين فارم ۾ پئي داخالئون رکرايائون ،پاڻِيَء جي شيئر لسٽ به َٺ ِهي تيار ٿي .مير تاج محمد صاحب توڙي سندس ُپٽ مير ٺاري خان کي َجن نه َ ڪ ِن ،پويان ڪم پئي َلٿو .االٽ ِ ٿيل زمين مان ڪجهه ُٽڪرن تي اسان شرن مير صاحب جي هارپي سان فصل پوکيو ُهيو. جيڪو به هاڻ اچي تيار ٿيو هيو .هوڏانهن ماما رمضان کي ُان قصي جي خبرئي ڪونه ُهئيُ ،مڙس ڪمدارين ۾ پورو هو .ايندو به ڇهين ڇهين مهيني ڳوٺ هيو .سو هڪڙي َ س .ماما رمضان کي مير تاج ڏينهن ڳوٺ آيو ،ته بابا ،سموري ڳالهه ڪندي ڪاغذ ڏيکاري ِ محمد جي هستيَء۽ هلنديَء جي خبر هئي ،ان ڪري مير صاحب جي ڏمر کان ڏاڍو ڊِنو .۽ سڀني ڳوٺ وارن گڏ ڪري مير صاحب جي ڏاڍ ۽ ڪاوڙ جي ياد ڏياريائين .حال گھڙي ته شينهن ٿيل شرن ۽ مينگھواڙن کان ُدرڙيون نڪري ويون هيون ،ڪي ته ماما جا احوال ُٻڌندي ئي جهنگ جي خيال الِء ُاٿي ويا هيا .ڀانيان ٿو ته مير صاحب جي ڀئو کان مڙسن جا دست هليا ويا هيا .گھڙي ئي ڪونه گذري ته سڀني ڏڪندي ڏڪندي اچي ماما جي اڳيان ٻنين جي َپٽن وارا ڪاغذ رکيا .۽ صالح ڏيندي چيائونس ته ،رمضان مير صاحب کي چئجانِء ته اسان ڪابه درخاش ڪا نه ڪئي هئي ،سرڪار پاڻهي گھر ويٺي اچي هي ڪاڳر ڏنا هيا .ايئن مامو مڙني کان ڪاغذ وٺي ،عالم ڪيرئي کان َ لڪ ِڇ َ پ ۾ اهي کڻي مير صاحب وٽ ويو هيو ،۽ ٻنين جا ُاهي َپٽا ،مير تاج محمد جي َهٿ ۾ ِڏيندي چيو هيائين ،ته سائين! هي ٻنيَء جا ڪاغذ حڪومت اسان کي ِڏنا آهن ،پر اسان ابن ڏاڏن کان تنهنجي در جو نيمڪ کاڌو آهي ،اسان ڪونه ٿا رکون ،هي َو ُٺ کاتا ۽ َپ َٽا .اسان ابن ڏاڏن کان تنهنجا
114
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هاري هياسون ،اسان جو اوالد به تنهنجو هاري رهندو ،نيمڪ چور نه اڳي هياسون ۽ نه ئي وري هاڻ به ٿينداسون. چوندا ڪونهن ته هر ڪمال کي زوال هوندو آهي سو ڀانئيان ٿو ته ُاهي ڏينهن مير تاج محمد صاحب تي زوال جا آيل هيا .هونئن به هڪڙو مسڪين ماڻهو ،جنهن سڄي ڄمار مير صاحب جهڙي هستيَء جو هارپو ڪيو هجي ،تنهن کي ُڀٽو صاحب ميراڻي ملڪيت ُڦريُ ،ان جو مالڪ ٺاهي ڇڏي ،سو ئي وري وڃي مير صاحب کي چوي ته سرڪار ته مون کي مالڪ ٺاهيو آهي ،پر آئون توتي ٿورو ڪري مالڪ ڪونه ٿو ٿيان .ته اهو فطري آهي ته مير صاحب هجي يا ڪو ٻيو گرم ته ٿيندو ،ماما اهو ته سوچيو ئي ڪونه هيو ته ڪو مير صاحب ويتر مٿس ڪاوڙبو .۽ وري ايستائين مير صاحبن مان ڪنهن کي به ڪائي ڪل ڪانه هئي ته هاڻي اها زمين سندن ڪانهي رهي .مير صاحب ماما جي ڳالھ نه سمجهندي به کانئس ڪاغذ ورتا ۽ ڪاغذ پڙهي ،ماما کي ُاڇلي ُمنهن ۾ َهنيائين ۽ بنهي گھڻو اول فول ڳالهائي ،بنگلي مان ٻاهر نِڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيائين رمضان ،مون تي ٿورو نه ڪر، مون کي سڀ ڪجهه ڪرڻ اچي ٿو .منهنجو نالو مير تاج محمد آهي ،سا ته توکي به خبر هوندي .۽ ايئن ماما کي مير صاحب جي نوڪرن ڌڪا ڏئي بنگلي مان ڪڍيو هيو ،ڀانئيان ٿو ته ُجتيَء پائڻ جي به مڙس کي گھٽي ڪونه ڏني هيائون .اهي ڳالهيون ماما ڪنهن سان َسليون ته ڪونه هيون ،اندر جو سور اندر ۾ رکيو هيائين ،پر ُوٺي جون خبرون پانڌين پئي ڏنيون ۽ پڪ به اهائي هئي ته مير صاحب ماما سان اڻ ٿيڻي ڪري بنگلي مان ڪڍيو هيو .ان ڏينهن ماما مير صاحب کان موٽيو هيو ته ،عمر ۾ پهريون ڀيرو مير تاج محمد جي در تان تڙجي ُبڇڙو ٿي نڪرڻ تي بِ ُر ٿِيو آيو هيو ،هوريان هوريان ُسرٻاٽن ۾ بابا سان مير صاحب پاران ڪيل بي عزتيَء واري ڳالھه ڪئي هيائين ،تڏهن بابا ،ماما رمضان تي ڏاڍو کِليو هيو ،اصل ٻڌا ٽهڪ ڏيندي چيو هيائينس ته ادا مون کي ته اڳي ئي اها پڪ هئي ته ايئن ئي ٿيندو ،۽ مير صاحب توکي ڳاڙهن گلن جا هار پارائي واپس موڪليندو .۽ پوِء وري کلندي کِلندي چيائينس ته ادا رمضان ،چڱو جيڪي ٿيو سو خير ٿيو ،جيڪر دل جهلي سگهين ته هتي ويھ ،نه ته تون وڃي پنهنجي ڊينگاڻ وساِء ،پويان اسان ڄاڻيون ته تنهنجو مير صاحب ڄاڻي .اسان کي ڀلي ڪڻاهيَء ۾ َترائي ڇڏي ،جي جيئرا هياسون ته اچي خبرون وٺجانَء ،جي مئاسون ته پرتاسون رب کي .ڄاڻ ٿيئي ته اچي ڪانڌي ٿجانِء نه ته به تنهنجي مرضي .پاڻهي پيا راڄ وارا پوريندا.
115
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُ هلي هئي ته ٻِليَء جي ڪنڌ جيئن اڳي ڪونه ڪتابن ۾ پڙهيو هيوسي ته ڪ ِ وئن جي صالح ِ ۾ گهنڊڻي ٻڌڻي آهي ،پر َٻ َڌي ڪير؟ سو مسئلو هيو ڪوئن سان توڙي اسان سان .سو اسان وٽ به صالحون شروع ٿيون ته ،زمين جو قبضو ڪيئن وٺجي؟ ڪيراڳرائي ڪري؟ ُ هلنديون رهيون .راڄ ميگھواڙن جو هيو ،شرن ۾ به اهڙي ٿوم ڪونه هئي جو صالحون مير صاحب کي منهن ڏئي سگهن .ڪيرين جوهڪڙو گھر هيو ،انهيَء مڙس ۾ ڦلڪون هيون ،اصل ُگسڻ جهڙو ڪونه هيو ،پر هڪڙو ته مڙس هيکلو ٻيو وري ُپڇڙيَء ۾ به هيو، خير انهيَء وچ ۾ مير صاحب ڪورٽن جا در کڙڪائي ڪيس ڪڙا سرڪار تي داخل ڪري ُچڪو هيو ،تان جو مرچن ۽ وونئڻن جو فصل به اچي تيار ٿيو ،عالم ڪيرئي جي صالح سان هڪڙي ڏينهن بابا بندوق کنئي ۽ ڪوڏر َکنئي ،چيائين هلو ته هلي پنهنجو پاڻي َٻڌون. اسين ننڍا ُهجون ڪنهن لٺ ،ڪنهن بانٺو کنيو ،واٽر گهرن جي سامهون ئي هيو ،بسم اهلل ڪري وڃي واٽر کي ڳنڍو ڏئي ،پاڻي َٻڌوسين .ميرصاحبن جا ڪمدار ڊوڙندا آيا ،بابا َچ ُي ِن ،ڀڄي پري ٿيو ،زمين منهنجي کاتي جي آهي ،سرڪاري شيئر لسٽ موجب پنهنجي واري جو پاڻي َٻڌو َاٿم .جنهن به ٽين ٽين ڪئي ته سڌي بندوق هڻندو سانس .مير صاحب جا ڪمدار ڪاراوا اسان کان به چٽ هيا .سوسڀ ڪنهن ماٺڙي ڪري پوئتي موٽڻ جي ڪئي .نه جهيڙو ٿيو نه ڦڏو ،عالم ڪيريو ُپٽن سوڌو َپريان بيٺو ُهيو ،سو به آبدار کي وٺي آيو .مير صاحب جي ڪمدار کي واپس ُگهرائي ،پاڻي َء جا وارا ۽ ٽائيم ُٻڌايائين۽ شيئر لسٽ به ڏنائين .ٻئي ڏينهن اِالٽي ميگهواڙ به پنهنجي ڪکين موٽيا .اچي اسان جيان پنهنجين ٻنين جا ڌڻي ٿيا. هوڏانهن مير صاحب ڏي به ماڻهو ڊوڙيا ،وڏي وٺ وٺان َ ڪي ِئين ،لوفر ُلنب آندائين .هٿيار پنهوار آندائون ،ڏاڍا ڏڏا ڏکر ٿيا ،پر ايئن سمجهجي ته ڪجهه ڪونه ٿيو .ايئن لڳو ڀانِء اسان سڀني جا ِپير ُزور ُهيا نه ته ڇا رگهي جي ڳوٺ جا ميگهواڙ ،ڇا ميگهواڙن سان گڏ ويٺل شر۽ ڇا مير تاج محمد جي زمين تي قبضو ،سو به بنان ڪنهن جهيڙي جهٽي ۽ خون خرابي جي ،اصل کوڙو ئي ڪونه ٿي لڳو .بس قدرت جو ڪو ميرن تي ڪو ڏمر هيو جو اڻ ٿيڻيون پئي ٿيون!!.پوِء به مير تاج محمد جو ته سج لهي چڪو هيو يا لهڻ وارو هيو، باقي مير ٺاري مرحيات پهريون ڪم اهو ڪيو جو 100ايڪڙ ٻني 2100روپيا في ايڪڙ جي اگھ سان وڪڻي .سرڪار تي ڪيسن جي ڌم الئي ڏنائين .جيتوڻيڪ قانوني حساب سان اهي سڀ ڪيس حڪومت جي خالف ٿيندا هيا ،پر اسان کي انهيَء ۾ الزمي ُڌر ٿيڻو پوندو هيو .اها ڪار ايستائين هلي جيستائين مير صاحب هيو .گڏگڏ هڪڙو ٻيو به ڪم ڪيائين 116
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جو پهريائين هڪڙا کاهاڻي ٻروچ اچي ٻنيَء تي ويهاريائين ،جيڪي صفا اهڙا ُب َز هيا جو َ هنگندي ُمٽندي به رائيفل ڪلهي مان ڪونه الهيندا هيا .پوِء ڦلهڏين جا مري ٻروچ حاجي قادوَء جي اڳواڻيَء ۾ آيا ،پوِء وري آتڻاه جا شر ٻروچ آيا .سڀني کي ٻني ڇڏائي ڏيڻ جي صورت ۾ اڌ ٻني ڏيڻ جو آسرو ڏنو هيائين .شروع ۾ ته اسان سڀني کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو هيو ته ِڏنگا ماڻهو اچي لٿا آهن .هاڻي االئي ڇا ٿيندو .پر توڙ تائين ٻنهي طرفين رڳي کيکراٽ ئي ٿيا ،ڪو وڏو ڏچو ڪونه ٿيو .تڏهن اسان کي به پڪ ٿي ته مير صاحب جا آندل ڏاڍا مڙس به اسان جهڙا ئي ڪمزور آهن .۽ مير صاحب جي سادگي ۽ سچائيَء کي ڏسي سڀ مڙس َک َل سائي ڪرڻ هليا هيا .اهي قصا االئي ڪيترا سال هلندا رهيا ،ايتريقدر جو اسين اوالدي عيالي به ٿي وياسين. خير هاڻ هلون ٿا پوئتيُ ،ان سال مڊل اسڪول ڪاٺڙيَء مان اٺون پاس َ ڪ ُيم ،خان محمد سال کن اڳ۾ ئي اٺون پاس ڪري ميرپورخاص پڙهڻ ويو ُهيو .گورنمينٽ هاِء اسڪول جي هاسٽل۾رهندو ُهيو .جڏهن مون اٺون پاس ڪري نائين ۾ داخال وٺڻ الِء َپ َر پئي ساهيا، تڏهن اسان جي گهر ۾ غربت جو ديرو ڄمايل هيو ،ويلي تي ويلو پوندو هيو ،قرضن جا ڪوٽ هيا .ان ڪري ُ غربت سبب ٻن ٻارن جوخرچ ڪرڻ الِء مائٽ ڏاڍا پريشان ٿيا .تڏهن ماما ،بابا ۽ امان کي چيو ته پاڻ هڪڙي خان محمد کي پڙهايون ٿا ،۽ اميرو ڀلي ٻني جو ڪم ڪار ڪري .بابا سائينَء ماما جي انهيَء صالح تي هڪدم ها َ ڪ ِئي هئي .پر انهيَء مهل َامڙ وچ۾ پئي چيو ،نه ادا ،توهان وٽ خرچ ڪونهي ته خير آهي ،پر ڪجھ به ٿئي آئون پورهيا ڪري به پنهنجو ُپ ُ پڙهائينديس .امان جو فيصلي ُنما ُجملو ُٻڌي ماما کڻي ٽ ِ ماٺ ڪئي .۽ ٻئي ڏينهن آئون امان جا ڏنل ٻه روپيا ۽ سرٽيفڪيٽ کيسي ۾ وجهي ،وڃي ميرپورخاص جي گورنمينٽ هاِء اسڪول۾ خان محمد وٽ ُپهتس .ڦٽا ڦٽ داخال مِلي وئي ُ هئي ،نائون اي ڪالس مليو ،هاسٽل ۾ خان محمد سان گڏ ڪمروبه اِالٽ ٿيو ،ٻنهي جون ٻه ُ ڪرسيون ،ٻه ميزون ،ٻه َک ُٽون ،وڏي لئيِء ٿي وئيُ .انهيَء زماني ۾ گورنمينٽ هاِءاسڪول ميرپورخاص وڏيَء اوج تي ُهيو .بلڊنگ آڏو وڏا خوبصورت راند جا ٻه ميدان، سائي چهچ َڇٻر ،وڏا وڏا وڻ۽ بهترين پڙهائي هوندي هئي .ڀانئيان ٿو ته سائين حبيب اهلل ميمڻ هيڊ ماستر هوندو هيو ،اسان جو ڪالس ٽيچر سائين غالم رسول جتوئي هيو ۽ خان محمد وارن جو عبدالفتاح ميمڻ هوندوهيو .نئون ماحول ۽ نئون اسڪول ڏسي حال گھڙيَء ته وائڙو ٿي ويس ،پوِء آهستي آهستي وڃي انهي ماحول سان هِريس.
117
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
منهنجي َاچڻ سان خان محمد تي به بوجهه ِپيو ،اسان ٻن ڄڻن جا ميس جي مانيَء جا پئسا مائٽ ڪونه ٿي َ ڪري سگهيا .هڪڙو کائي ۽ ٻيو ِڏسي ،اهو اسان جي ُمنهن تي ڪونه ٿي پيو ،ان ڪري ميس به بند ڪرڻي پئي ،ڳوٺ آياسين ۽ امان ۽ جيجان سان اهو احوال ڪيوسين ،تن ٻنهي رات جي پيٽ ۾ ڏهن سيرن جيترو اٽو ،جنڊ تي ِپيهي ورتو ،۽ ورنديَء صبح جو اهو اٽو ڪپڙي جي ڳوٿريَء ۾ ِوجهي اسان جي حوالي ڪيائون .جيئن ته آئون عمر ۾ ننڍو هيس انهيَء ڪري اخالقي ۽ اصولي طور هر هفتي اها اٽي جي َب َڊ منهنجي مٿي َسجي ميرپور هلندي هئي .اها الڳ ڳالھ آهي ته ڪپڙي جي ڳوٿريَء مان اٽو ڇڻي منهنجي وارن ۾ به جذب ٿيندو رهندو هيو ،تن ڏينهين اسان ٻنهي کي هفتي جي خرچي ٻه روپيا ملندي هئي ،جنهن مان هفتي جي موڪل وارو اوٽ موٽ جو ڀاڙو به ڪرڻو پوندو هيو .اسين اهو اٽو ميس جي سرڪاري بورچيَء محمود بنگاليَء کي ڏيندا ُهياسين ،جيڪو اسان کي انهيَء مان ٻن ويلن جي ماني پچائي ڏيندو ُهيو ،محمود بنگالي ،ڪڏهن ڪڏهن ُ صبح جو رحم کائي ،اميرن جي ٻارن جي چانهه مان ٻه ڪوپ به مفت ۾ڏئي ڇڏيندو ُهيو. منجهند ۽ رات جو ُرکي ماني ِڳهي ڪونه سگھندا هياسين ،اصل ماني ڀٽاري نڙيَء مان لهندي ئي ڪونه ُهئي ،ته گرھ ِڳهڻ الِء پاڻيَء جا ُڍڪ َڀريندا ُهيا سين .پاڻيَء سان وري ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ ُسور پوڻ لڳندو ُهيو .پوِء ِپيٺل ڳاڙهين مرچن جي هڪڙي ُپ ِڙي ٻن آنن ۾ خريدي آندي سون .ٿورڙا پيٺل مرچ پاڻيَء ۾ ُپسائي ُان ۾ ماني ٻوڙي
ُ کائينداهياسين .ڇا جو احساس محرومي؟؟ ،ڇا جي ِريس؟؟ڇا جون حسرتون ،ته هاسٽل ۾ رهندڙ اميراڻا ٻار ،ميس ۾ ُ ڪڪڙ ۽ قورما ٿا کائين ،۽ اسان ُرکي سکيَء تي گذارو ٿا ڪريون .بس ُڌن ُهئي پڙهڻ جي ۽ ڪانه ڪا منزل ماڻڻ جي ،ٻيو ڪجهه به نه!! .ها سچ هاسٽل ۾ هڪڙو اسان کان به وڌيڪ غريب ،حمزو بروهي هوندو هيو ،جيڪو ميرپورخاص جي اولھ طرف جو رهاڪو هيو ،انهيَء ويچاري کي ته ٻه ٻه ڏينهن ويال پوندا هيا .موڪل جي ڏينهن ڀاڙو ڪونه هوندو هيس جو گھر وڃي .پڙهي نڪرڻ کان پوِء ان جو ڏس َپتو ئي ڪونه پيو ته ڪهڙي جهان ۾ آهي. ڪپڙن تان ياد آيو اٿم ته تن ڏينهين مليشيا رنگ اسڪولي ٻارن جو يونيفارم هوندو هيو، اسان وٽ مليشيا جو هڪڙو ئي وڳو هوندو ُهيو .سڄو هفتو اسڪول ۾اهو هڪڙو ئي وڳو پائبو هيو ،پگھر جي ڌپ جو به احساس ڪونه ٿيندو هيو ،ته وري استري يا ڪپڙن جا ُ گھنج ڪنهن کي به ياد ڪونه هوندا هيا .هر ڇنڇرتي واپس گھر ايندا ُهياسين .صبح جو ڪپر تي ڪپڙن ڌوئڻ جو ُ امڙ ،واٽر جي َ ڪنو چاڙهيندي ُهئي ،رڳو اسان جا نه پر سڄي 118
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
گھر جا ڪپڙا آچر آچر تي ڌوپندا هيا .اسين مائرن جون پوتِيون گوڏ ٻڌيَ ،مهٽي ُپسايل تيل ميٽ سان وهنجي ،واٽر تي ئي ويهندا هياسين .ايستائين ،امان ميرن ڪپڙن کي ُ ڪني ِ ۾ الڻا ساڙي ٺاهيل ُ کار سان َٻڙهڪائي ،نيپوڙي ،سيپوڙي ،واٽر تي ئي ڇٻر يا ڪنهن وڻ تي ُسڪڻا وجهندي ُهئي .ڪالڪ کن اندر ُسڪل َ ڪپـڙا َپهري گهر اچبو هيو .وري نئين هفتي ساڳيا ڪپڙا ڌوپندا ُهيا ،اها حقيقت آهي ته غربت جي ڪري ُسرهي صابڻ جي ٽِڪي اسان جي گھر ۾ عيد براد تي ئي ايندي هئي نه ته ٻيو ٿيو خير. ڪڏهن ڪڏهن ،هاسٽل جا ٻه ُسکيا شاگرد اسماعيل چانهيو يا نبي بخش بروهي چانهه الِء شاگردن کي صالحي ،آمريڪن اسپتال جي سامهون فرنٽيئر هوٽل تي وٺي ويندا ُهياِ .جتي رات جي ٿڌڪار ۾نورجهان جا گانا ُٻڌي ،چانھ جو ڪوپ ڪوپ پي پوِء هاسٽل ڏي موٽندا رات جو َاٺن َڏهن ڄڻن جي ُگروپ ۾ چانهه پي هاسٽل ڏانهن ُهياسين .اهڙيَء ئي هڪڙيَء ِ ُ ڪنڌ ٻاهر ڪڍي ُ هٿ موٽندي ،گاما اسٽيڊيم وٽان گذرندڙ گاڏين جي قطارمان شهيد ُڀٽي لوڏيو .ڀانئيائين ته سندس استقبال الِء بيٺا آهيون .ڏاڍا خوش ٿياسون .پنهنجي اهميت ِڏسي .وزير اعظم ُڀٽي جهڙيَء هستيَء اسان کي سالم ڪيو ته َوٺي زور زور سان نعرا هنياسيون ،جيئي ڀٽو ،سدا جيئي ڀٽو ،اسماعيل چانهيو ،پير پاڳاري جو ُم ُ ريد ُهيو ،پير پاڳاري جا ُم َ ريد ُڀٽي صاحب کان پرڀرا هوندا هيا ،پر انهيَء رات اسماعيل به اسان سان گڏ نعرن جا ُڌوڙيا لڳايا هيا ،پوِء َپئي م ُ ِنٿون ڪيائين ته ڪنهن جماعتيَء سان ڳالهه نه ڪجو. اهو اساعيل چانهيو پوِء ڊاڪٽر ٿيو ،باقي نبي بخش بروهيَء جو ڪو ڏس پتو ڪونهي ته ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي. ماما ،هڪ ڀيرو ڇهين مهيني ڪمداريَء تان ڳوٺ آيو هيو ،آچر جي ڏينهن معمول جي خرچيَء کان عالوه خان محمد کي لِڪائي ،ڪي ڏهاڪو کن روپيا ڏنائين .هڪڙيَء شام جو خان محمد مون کي هاسٽل ۾ اڪيلو ڇڏي فلم ڏسڻ ويو .موٽندي مون الِء مِٺو ُ پان ۽ سگريٽ وٺي آيو .پهرين ڀيرو ُ پان کائِي ،زندگيَء جو پهريون سگريٽ ُدکايم ،کنگه ُيس ته دريَء مان سائين غالم رسول جتوئي صاحب جي نظر پئجي وئي ،سگريٽ ته ڀورا ڀورا ٿي ِويو ،پر سائينَء جي ٿڦڙ ڪنن مان دونهان ڪڍي ڇڏياَ .اصل َڳ ُل ئي ڳاڙهو ٿي ويو هيو. اها هئي ان زماني جي ماسترن جي سختي ،اڄڪلھ جي ماسترن جو ته قصو پري رهيو، پر چون ٿا ته هاڻ بچن شل پيُء ُپٽ گڏ ويٺا نشا پتا ڪن .ڪا پرواھ ئي ڪانهي ته هي ڇا ويٺا ڪريون ،هي اسان پنهنجي اوالد کي ڪهڙي رستي تي پيا الهيون .ها سو سگريٽ جي
119
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٽسينگ ٿيس ،ڪامورو ٿيس ،تڏهن اها سا علت پئجي ڳالھ تان ياد آيم ته گھڻو پوِء جڏهن ِ وئي جنهن مان اڄ تائين جان ناهيان ڇڏائي سگھيو. ُانهيَء زماني ۾ سنڌ اسيمبليَء ۾ آيل سنڌي ٻوليَء جي بِل تان سنڌين ۽ مهاجرن ۾ چڱي موچاري تنگا َ شي ٿي ُهئي ،رئيس امروهويَء جي ،اردو کا جنازا هي ذرا ڌوم سي ڪ ِ نڪلي ،مهاجرن ۾ ممڻ مچائي ڇڏيو ُهيوُ .ان ِڍينگا ُمشتيَء کي ويتر ميرپورخاص مان تڏهن هوا ِم ِلي .جو ڪامپريهنسيو هاِء اسڪول ۾ ٻه ٽي شاگرد ڪنهن معمولي ڳالهه تان َ ٽڪي پيا ۽ شهريار نالي مهاجر شاگرد مارجي ويو هيو .اهو ڪيس مير تاج محمد جي ُپ َ ٽ ا ِ علي احمد ،پوِء جي مشهور داروغي مظهرشاهه عرف ٽانڊو شاھ ۽ اڪبرمستوئيَء مٿان داخل ٿيو هيو .مهاجرن کڻي شهر مٿي تي کنيو هيو .سڄيَء سنڌ م سنڌي مهاجر جهيڙا ايترا ته وڌي ويا جو ُڀٽي صاحب کي مجبور ٿي پنهنجي ٽيلنٽيڊ سوٽ ممتاز علي ڀٽي کي وزارت اعلي تان الهڻو پئجي ويو هيو ،گھڻو پوِء ته ماڻهن ڳالهيون ڪيون هيون ته ايئن ڪونه هيو ،ٻوليَء جا جهيڙا به اصل ۾ شهيد ڀٽي جي اعالنيل زرعي سڌارن کي روڪڻ الِء ڪيا ويا هيا .۽ پوِء اهو قصو هميشھ الِء سنڌ جي ماڻهن جي نڙيَء ۾ مڇيَء جي ڪنڊي جيان اٽڪي پيو هيو ،جيڪو اڃان تائين ايئن اٽڪيو پيو آهي .هاڻ جيڪر اسان سمجهون ته انهيَء سازش ۾ سنڌي وڏيرو ايم پي اي ،يا ايم اين اي شامل هيو ته پاڻ اهو چئي سگھون ٿا ته ٻوليَء واري جهيڙي جو طوق وڏيري طبقي جي ماڻهن ئي اسان جي ڪنڌ ۾ وڌو هيو ،رڳو پنهنجون ملڪيتون بچائڻ الِء .جيئن غوث علي شاھ به هڪڙو وڏو طوق سنڌ جي ڳچيَء ۾ وجهي ويو ،جيڪو اڃان پيو گهوگها ڏئي ،نه ڄاڻ ڪيتري تائين ڏيندو رهندو. تن ڏينهين اسان جو نائين جو امتحان ٿيڻ وارو ُهيو .رات جو دير تائين پڙهي ،پڙهي ،بي ُاونا هاسٽل ۾ ُستل ُهياسين ،جو ُ صبح سويل بابا اچي َسهڙيو ،چئي شهر ۾جهيڙن جو ُٻڌي سڄي گهر جا ڀاتي سڄي رات َڳڻتين ۾ ُستا ئي ناهيون ،ته اسان جي ٻچڙن جو االئي ڪهڙو حال هوندو؟ بس هاڻ اٿو ۽ هينئر جو هينئر هلو ڳوٺ ۽ هلي مائرن کي منهن ڏيکاريو، جن سڄي رات روئيندي َ ڪٽي آهي .ائين پوِء َٻڌي ُٻوٿ ڳوٺ آياسين .۽ پوِء مون نائين جو امتحان ۽ خان محمد ڏهين جو امتحان ،ڳوٺان روز َب ُسن ۾ وڃي ڏنو ۽ پاس به ڪيو. هاڻ ڳوٺ ۾گھڻو رهڻ جي ڪري ،اويل سويل ٻنيَء ٻاري جي ڪم ڪار ۾ به بابا مرحيات جو به هٿ ونڊائڻ لڳو هيسُ .ان ئي زماني ۾ مذهبيت جي طرف الڙو وڌڻ لڳو هيم. هوريان هوريان آئون حد کان وڌيڪ مذهبي ٿيندو پئي ويس .جيتوڻيڪ هن ڳوٺ ۾ ڪو 120
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
به اهڙو ماڻهو ڪونه هيو جيڪ مونکي َپٽيون پڙهائي ها .يا منهنجي ويهي ڪا ِسکالئي ڪري ها .پر االئي ڇو جنونيت مون تي حاوي ٿيندي پئي وئي .تن ڏينهين ڳوٺ ِجي ڪچي َمسيت جي ُٻهاري ڪڍڻ ،ڇڻڪار ڪرڻ ۽ رات جو ڏيئو ٻارڻ ،منهنجا اولين فرض هوندا صبح جو قرآن شريف جو دور ڪرڻ ،پنج وقتي نماز پڙهڻَ ، ُهيا .هر روز ُ ٽيهئي روزا رکڻ، تراويحون پڙهڻ کان عالوھ ُجمعي جو ُخطبو پڙهڻ ته ِذمي ئي منهنجي ُهيو .ڪڏهن ڪڏهن ُملو ابراهيم ٿر هليو ويندو ُهيو ته اهي ٻه چار ڏينهن سڀني نمازن جي امامت به آئون ڪندو ُهيس .تن ڏينهين جيرام ميٽرڪ پاس ڪري ،ماستر ٿي ڳوٺ ۾ آيو ُهيوُ .ان سان گهڻي آڳاٽي ۽ گهاٽي سنگت ُهجيم ،تن ڏينهين ُهو پليجي جي مائو نواز ڪميونسٽ پارٽيَء سان واڳجي چڪو ُهيو ،کوڙ ساريون اخبارون ،رساال ۽ ڪتاب مون کي ڏيندو ُهيو .جن کي گهڻي غور سان پڙهندو رهندو هيس. پر پوِء جيئن جيئن مون تي غالب پوندڙ مذهبي ڪٽرپڻي پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا هيا ،تيئن تيئن ،جيرام کان ِڇڊو ٿيڻ لڳو هيس ،ڀائيندو هيس ٿي ته هي جيرام ته هندو آهي ۽ هر هندو ڪافر آهي ،۽ هر ڪافر منهنجي مذهب جو دشمن آهي۽ جيڪو منهنجي مذهب جو دشمن آهي سو خدا جو به دشمن ٿيو ۽ سو به اڳتي هلي کيس دوزخ جي باه جو ُ ٻارڻ ٿيڻو آهي ،تنهنڪري هِن جيرام سان منهنجي دوستي ته مورڳهين مذهب سان دشمنيَء جي برابر ٿي ٿئي .سو تن ڏينهين نه ڏني نه ورتي جيرام سان ياري ٽوڙي ڇڏي هيم .ٻيو ته ٺهيو پر پوِء ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڳوٺ جي هڪ جيڏن مينگهواڙن سان اٽڪي ،وڏا وڏا مذهبي حواال ڏئي پاڻ کي ،مذهبي طور ُاتم ظاهر ڪندو ُهيس ۽ کين نِج ڪافر چئي ڪوٺيندو ُهيس .تڏهن سمجھندو هيس ته خدا آهي ئي رڳواسان مسلمانن جو ،اها خبر ئي ڪونه هيم ته هندو به خلقيل ته ُانهيَء ُخدا جا آهن .رت جو رنگ به ساڳيو ڳاڙهو اٿن، جسماني بناوٽ به ساڳي ،پوِء اسان ڇو ُاتم آهيون ۽ هو ڇو نيچ آهن؟؟؟ اهي خبرون گهڻو پوِء پيم ،جڏهن ڪامريڊن جي ور چڙهيس ۽ کوڙ سارا ڳاڙها ڪتاب پڙهيم .تڏهن ڳوٺائي يارن سان پنهنجن انهن پراڻن روين تي ڏاڍو افسوس ٿيم .اڄ به انهن سوچن تي حد کان وڌيڪ پڇتاُء اٿم. ۽ جڏهن نائين درجي جي رزلٽ آئي هئي ،ڏهين درجي ۾ داخال جا ڏينهن آياهئا ،تڏهن خان محمد جيئن ته ڏهون پاس ڪري چڪو هيو ،ان ڪري ماما رمضان ،کيس سروري اسالميه امڙ جي ِدل به ڪاليج هاال پڙهڻ الِء موڪليو .تڏهن آئون اڪيلو ٿي ِپو هيس .هوڏانهن ِ ُ ُ لڳي هئي ،چوي ته شهرن ۾ ُمئن مهاجرن جا جهيڙا آهن ،منهنجو هيڪلو گائون مائون ٿيڻ ِ 121
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُپٽ اسڪول ڪيئن وڃي؟؟ ُاتي نه ڄاڻ ڪنهن بابي کي صالح ڏني هئي ،ته هاِء اسڪول ڪنڊياري ويجهو آهي .انهيَء اسڪول جي پڙهائي به ُسٺي آهي .اميري کي اوڏانهن موڪليو ،روزانو بسن ۾ وڃي ،اسڪول ۾ پڙهي وري شام جو پنهنجي گھر هليو اچي. انهيَء صالح سان سهمت ٿي ،بابا سان گڏ وڃي ،هاِء اسڪول ميرپورخاص مان اسڪول ڇڏڻ جوسرٽيفڪيٽ ورتو هيم. نيٺ هڪڙي ڏينهن ،اهو سرٽيفڪيٽ کڻي ،هاِء اسڪول ڪنڊياريَء سنبريس ،پيرن جو چمپل ڦاٽل ُهيو ،بابا جي ُ يس .بابا ُان ڏينهن پيرين ُاگهاڙو ڪرم واري ڳاڙهي ُجتي پائي ِو ِ ٻنيَء تي ويو هيو .مون کي پهرئين ئي ڏينهن داخال ملي وئي هئي .پهرئين ڏينهن ئي ڪالس ۾ وڃي اڳئين بينچ تي ُ ويٺس ،جيڪا االئي ڪهڙي شاگرد جي هئي جيڪو شايد َ خبرپ ِئي ته هڱورني ۽ ڦلهڏين جا ڪافي مائٽ انهيَء ڏينهن موڪل تي هيو .رسيس ۾ نائين درجي ۾ پڙهندڙ آهن .ڪاٺڙيَء جا الشاري ،به محمد عليَء جي اڳواڻيَء ۾ ڪنڊياريَء ۾ موجود ُهيا. گورنمنيٽ هاِءاسڪول ڪنڊياري ،خان بهادرغالم محمد وساڻ شروع ڪرايو ُهيو، اسڪول جي هاسٽل ۾ پري پري جا غريب شاگرد اچي رهندا ُهيا ،مِڙني کي ٽه وقتي ماني، وساڻ صاحب پاران ُمفت۾ ملندي ُهئي .ڀانيان ٿو ته ڪپڙا به مفت ڌوپي ملندا ُهئا .سنڌي ڪن باقائدي اسڪول کواليا هئا. مسلمانن جا اِهي وڏا ڪارناما چئبا ،جو سرند وڏيرن مان ِ جن ۾ ڪنڊياريَء جي وساڻ صاحب ۽ ڀٽ ڀائٽيَء جي محمد عثمان مريَء جا ناال قابل ذڪر آهن .خانبهادرغالم محمد وساڻ ،وڏي دل گردي وارو ماڻهو هوندو هيو ،سياست ۾ سدائين ڪاميابيون سندس قدم چمنديون اينديون هيون ،انگريزن جي زمانن کان اليڪشن کٽيندو ايندو هيو 1970 .جي اليڪشن ۾ زندگيَء۾ پهريون ڀيرو ُڀٽي صاحب جي طوفان آڏو پاڻ َ ڀيروه َارکاڌائين ،۽ ُان هار جي صدمي ۾ئي فوت ٿي نه جھلي سگھيو۽ زندگيَء ۾ پهريون ويو ُهيو .جيئن ته کيس ڪو ُپٽاڻو اوالد ڪونه ُهيوُ .ان ڪري سندس ملڪيت غالم حيدر ۽ نياز محمد وساڻ کي ورهائجي ملي هئي .نياز محمد ،پوِء ننڍي وهيَء ۾ ئي ُڀٽي صاحب جي ڪابينه ۾ سائنس ٽيڪناالجي جو وفاقي وزير به ٿيو ُهيو .وري بينظير صاحبه جي دور ۾ ٿائيلينڊ جو پاڪستاني سفير به رهيو هيو .تن ڏينهن اڄ جيان تعليم ڪاروبار ڪونه ٿي هئي ،ان هوندي به ،ڀٽي صاحب اهي سمورا اسڪول جيڪي پرائيويٽ طور سنڌي وڏيرا خيراتي طور هالئيندا هئا ،سي به قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيا هيا .ان هوندي به هن اسڪول جي هاسٽل اڃا به آباد ُهئي ،وساڻ صاحب جي پونيرن پاران شاگردن کي ماني ،اڳي جيان، 122
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جيئن جو تيئن ملندي ُهئي .ٻيو ته ٺهيو پر اسان پارا هاسٽل ۾ نه رهڻ وارا غريب شاگرد به منجهند وارو ويلو ٽاري وٺندا ُهياسين ،ڪنهن به شاگرد کي ماني کائڻ کان ڪا به َج َ هل َپل ڪانه هوندي هئي. هاِء اسڪول ڪنڊياريَء ۾ تن ڏينهين ڏهين ڪالس کي انگريزيَء جو سبجيڪٽ، هيڊماستر مرحوم صفدر حسين اسرائيلي پڙهائيندو ُهيو .اسرائيلي صاحب جي پڙهائي ڏاڍي دلچسپ هوندي هئي ،سبق شروع ٿيو ،پڙهائيندي پڙهائيندي شاگرد کان ڪنهن معني تان ڳالهه نڪتي ،انهيَءڳالھ مان ٻي ڳالهه معني ُپ ِڇي ،انهيَء انگريزي لفظ جي ٰ ٰ َ سائين اسرائيلي صاحب جي جوانيَء جا قصا ڪهاڻيون شروع نِڪتي ،سبق ُاتي ئي رهيو، ٿيون ،تان جو پيرڊ پوروٿي ويوُ .سڀاڻ جون ڳالهيون وري ُسڀاڻ سان ،چئي اسرائيلي صاحب ڪالس مان اهلل واهي ڪندو هيو .اسڪول ۾حسابن جو ڪو به استاد ڪونه هوندو ُهيو ،وساڻ صاحبن جي هارين جا ليکا چوکا ڪندڙ قاضي امداد ،وساڻ صاحبن جي حڪم تي واندڪائيَء ۾ اسان کي حساب پڙهائڻ ايندو ُهيو .نه ته قصو ايئن ئي پئي هليو .سائين مدد علي مري ،سائنس پڙهائيندو ُهيو ،سو پنهنجي ليبارٽري سنڀاليو ويٺو هوندو هيو ۽مرحوم الهه بخش سهتي صاحب ،جهڙو زبردست استاد صرف نائين درجي ۾ ئي پورو هوندو ُهيو. ڪنڊياريُ ،ان وقت بنهي ننڍڙوشهر ُهيو ،تڏهن بس اسٽينڊ ،هاڻوڪي مين روڊ بجاِء ،اندر يونين ڪائونسل جي آفيس جي سامهون هوندو ُهيو ،ان جي بلڪل َڏکڻان ،هڪڙو ُمسافر ُ ۽ب َ ِسيُ ،مساڳُ ،چوڙيون َ ڪل رکيوُ ،مسافر وارڻيون مايون ،م ِ خانو هوندو ُهيو .جنهن ۾ گ ِ عورتن جي انتظار ۾ ويٺيون هونديون ُهيون .بس اسٽينڊ جي اولهه طرف ِڊگهي مانڊڻين ڪچي رس ِتي يونين جي قطارهئيُ ،اتر طرف ناڪي جي پويان ،قبرستان سان لڳ ،هڪ ِ ڪائونسل جي پٺيان نِڪري اسڪول طرف ويندي ُهئي .رس ِتيَء جي اولهه کان هِ ُ ندن جا ُ ڪجھ گهرڙا لوڙهن ۾ ُهيا .يونين ڪائونسل جي اولهه طرف پيل خالي َپٽ کان گهڻو اڳتي ،سيٺ ُاوڌم داس جو هڪڙو ئي دڪان هوندو هيو ،ان کان ٿورو اڳتي وري خالي َپ ُ ٽ هوندو هيو ،پوِء هڪڙي بينڪ هوندي هئي ۽ پوِء بازار سڌي اولهه طرف ويندي ُهئي، اڳتي هلي بازار جي ڏکڻئين پاسي هڪڙو بنگلوهيو۽ پوِء ڏکڻ ۾ ٻنيون هونديون هيون. بازار وري ُمڙي ڏکڻ اتر طرف ٿيندي ُهئيُ .انهيَء ڏکڻئين بنگلي ۾الشاري رهندا ُهيا، مائٽ ُسکيا ُهين ،مسواڙ جو بنگلو ۽بورچي به هين ،نوابن جيان رهِي پڙهندا ُهيا.
123
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪالس ۾ چالهيارو کن شاگرد ۽ اسڪول ۾ ٻه ٽي سئو شاگرد ُهياسونِ .رسيس ۾ يا ڪنهن خالي پيرڊ ۾ َ بان واھ جي ڪپرن تي هليا ويندا ُهياسين ،هي اهو بان واھ آهي ،جنهن کي مٺڙائو ڪئنال به چئجي ٿو ،پر هن تر جا جملي ماڻهو کيس بان واھ چوندا آهن .چون ٿا ته جڏهن هي واھ ٺهيو پئي تڏهن هن واھ کي ڊزائين ڪري سرزمين تي بيهي ٺهرائڻ واري انگريز انجنيئر ،سنڌ جي وڏيرن کان هارين جون تمام وڏيون ڇيڙون ورتيون هيون .جيئن ته انهيَء انگريز انجنيئر جو نالو هيو ،مسٽر بارن ،ان جي ڪري عام ماڻهو اڄ ڏينهن تائين مٺڙائوَء ڪئنال کي بان واھ چوندا اچن .سو انهيَء بان واھ جي ڪپرن تي بيٺل ٽالهين ۽ َٻ ُٻرن جي وڻن هيٺان ويهي ،پيرن کي بان واھ جي ٿڌڙي پاڻيَء ۾ لڙڪائي، ڪتاب پڙهندا هياسون يا ڪچهريون ڪندا ُهياسونُ .ان زماني ۾ جن به شاگرد ساٿين سان دوستيون ٿيون ،سي َا ُڄ تائين ايئن جو ايئن َ هلن پيون .مرحوم محمد علي شرسان تن ڏينهين اهڙا ته ٻنڌڻ َٻڌا هئا ،جو رات ڏينهن گڏ هوندا هياسين ،جيڪر ٻه ڏينهن نه ملياسين ته هڪ ٻئي کي وڏا وڏا خط لکي پيا احوال ڪندا هياسين .نيشنل بينڪ جي هاڻوڪي ڪاموري قاسم ناريجي ،سان به ُاتان کان دوستيَء جا عهد وپيمان ٿيا ،اڄ تائين اڀري سڀري حال سارو هڪ ٻئي سان ايئن نڀائيندا َا ُچون ،جيئن سڳا ڀائر نڀائين. ُان زماني جي سرڪاري رٿا موجب موجوده پاڪستان ايئر فورس جو سنڌڙي ايئرپورٽ، موجودھ جاِء بجاِء روڊ جي اوڀر طرف ٺاهڻو هيو ،انجنيئر ماپون ڪري نشان ڏيندا ُهيا. ٺيڪيدار ،ريتيَء ،ڪرش ۽ ِس ُرن سان نشانن جا ٻن فوٽن جا ٿنڀا ٺاهيندا ويندا ُهيا .آئون گهڻو ڪري موڪلن ۾ يا ڪڏهن ،ڪڏهن اسڪول کان ُگسائي ،بابا جي ڍڳي گاڏي جوٽي، مزدوريَء تي ريتي ۽ ِس ُرون روڊ کان کڻي مختلف نشانده جاين تي پهچائي ،شام جو چاليهه ،پنجاهه روپيه ڪمائي ،بابا جي َهٿ جي تريَء تي رکندو ُهيس ،ته بابا ۽ امان ،اڪيلي ُپٽ جي پهرين ڪمائي ِڏسي خوشيَء جا ُلڙڪ الڙي ويهندا ُهيا. ڳالھ پئي هلي ڪنڊياري هاِءاسڪول جي ،سو اسڪول جي موڪل بعد ،بس اسٽينڊ جي اولهنديان ،مانڊڻين جي قطار آڏو ِپيل ٻن بينچن تي بس جي انتظار ۾ اچي ويهندا ُهياسين. ُاهي بينچون ،خدا بخش ناريجي پنهنجيَء مانڊڻيَء آڏورکيون هيون .خدابخش ،هڪ َٽنگ کان َجڏو۽ ڏاڍوقربائتو ماڻهو هوندو ُهيو .بس اسٽيند تي هڪ گاڏي وارو کير واريون قلفيون کڻي بيهندو هيو .ڪنڊياريَء جو موجوده وڏيرو منظور وساڻ ،تڏهن شايد اٺين درجي ۾ پڙهندو هيو ،موڪل ُ بعد انهيَء گاڏي َمٿان ويهي لڳاتار قلفيون کائيندورهندو ُهيو .مون کي قلفيون ڏاڍيون وڻنديون ُهيون ،پر غربت ۽ ِمسڪينيَء سبب کائي نه سگهندو 124
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُهيس .منظور وساڻ کي ُقلفيون چوسيندي ِڏسي منهنجي وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندو ُهيوِ .دل ئي ِدل ۾ ُقلفيَء کائڻ جا َسکڻا مزا پيو وٺندو ُهيس. ڪنڊياريَء ۾ شاگردن جي يونين به ُهئي .علي اڪبر راهمون صدر ۽ منظور مير بحر جنرل سيڪريٽري هيا .شاگرد چوندا ُهيا ته ُاها يونين ڪجهه ورهيه اڳ مئٽرڪ پاس ڪري ويندڙ ٻن شاگردن تاج مريَء ۽ امداد چانڊئي ٺهرائي ُهئي .امداد ته تمام گهٽ پر تاج مريُ ،جمعاڻي، چانڊاڻي اسڪول مان ڀيرو پيو َڀڃندو ُهيوُ .ان وقت ُ تاج ،شاگردن جي مضبوط تنظيم سنڌ نيشنل استوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي اڳواڻ هيو .ٻه ٽي ڀيرا جيل ڪاٽي ُچڪو ُهيو. ُاستاد توڙي شاگرد ،سندس تمام گهڻو احترام ڪندا ُهيا .آئون پري کان ئي کيس ڏسندو رهندو ُهيس .تاج سان اڳتي هلي چڱا واسطا وڌيا .جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. امداد چانڊئي الِء گهڻو پوِء ،مون کي مرحوم اهلل بخش َسهتي ُٻڌايو ته ،جڏهن امداد جا وڏڙا سڪرنڊ کان ڪنڊياريَء لڏو کڻي آيا ،ته امداد سڪرنڊ جي ڪنهن مدرسي يا اسڪول جي مهتمم جو خط کڻي مون وٽ آيو هيو .لِکيل ُهيو ،سهتا ،لِ ِڏ ۾ لعل لِ ُ ڪل آهي توڏي موڪليان ٿو ُاميد ته ڳولي لهندين “ .اهو امداد پوِءشهيد نذير عباسي کان پوِء ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاڪستان جو چيئرمين ٿيو هيو ،ضيائي دور ۾ آمريت سان چڱو موچارو ُمهاڏو اٽڪايائين ،ست ورهيه سزا ڦٽڪن ُسوڌي ڪاٽيائين ،ضيائي باقيات جي اک ۾ ڪنڊو ٿي ُاڀريو .اڄڪلهه لطيف يونيورسٽيَء مان ڊاڪٽريٽ ڪري پيو ،اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ اتي ئي بين االقوامي تعلقات پڙهائي ٿو .شل رب ڪري اڃان به ترقيون ماڻي. مٽئرڪ جو امتحان ،هاِء اسڪول سانگهڙ جي سينٽر مان ڏنوسينِ ،رزلٽ ٻن مهينن بعد اچڻي ُهئي .تيستائين اسڪول مان واندا ٿي ،وڃي گهرن ڀيڙاٿياسين .انهيَء واندڪائيَء جي ڪري ،هڪڙي ڏينهن بابا چيوتهُ ،پٽ َ مامهين رمضان ،نئون شوق ڪري ڊينگاڻ مان ٽيهارو کن رڍون ،اوڌر تي خريدي آنديون آهن ،جن جي پويان اڪيلو جان محمد ڦتڪندو وتي ،تون به ڪڏهن ڪڏهن جان محمد کي ساهيَءڏيڻ خاطر رڍون چارڻ ويندو ڪرُ .انهيَء طرح آهستي آهستي جهنگ ڏانهن وڃڻ ۽ رڍون چارڻ ُ لڳسُ .ان زماني ۾ مون جيڏا ،مون َسرتا ڏاڙهيون ُ ڪوڙڻ لڳا هئا ،مونکي اچي ُا َ ون ورايو هيو ته االئي ڇو مون کي ڏاڙهِي نٿي اچي؟ جڏهن ،ڪنهن پاڻ جيڏي سان صالح ڪئي هيم ته يار ڏاڙهي ڪونه ٿي اچي، االئي ڇو .تنهن تي صالح ڏني هيائين ،يار تون هينئن ڪر جو ِر ُڍن جو کير ُڏهي ،روزانو ُمنهن تي الئي ،انهيَء جي مٿان بليڊ ڦيراِء ،ته ڏاڙهي ِسگهي ايندي .پوِء انهيَء صالح تي 125
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َ ڇانو ۾ عمل ڪندي ،اڪثرڪري منجهند جو رڍون ،واٽر جي اوسي پاسي ۾گهاٽي ٻٻرجي ُ کيرڏهي ،ٽِريٽ بليڊ جو اڌ َڀڃي ،س َر جي تِيليَء ۾ ڦاسائي ،ٻنهي ويهاري ،لوٽيَء ۾ رڍن جو ُ ڪنڊن تي ڌاڳو ويڙهي ،ننڍڙي ٽ ِ َ ڪ گوڏي تي رکي ،ويهي ُ بليڊ ُ منهن تي ُگهمائيندو ُهيس. اهو روز جو معمول ڪري ڇڏيم .ساڳيو بليڊ ساڳي َس َر جي تِيلي ،ساڳيو واٽر جو َ ڪ ُ پ۽ ِ ِ آئون .االئي ڪيترا ڏينهن اهو سلسلو هلندو رهيو .تان جو روز روز جي بليڊ جي ڦير ڦيران ۽ رڍن جي گرم کير اثر ڏيکاريو ۽ ڏاڙهي به اچڻ شروع ٿي وئي. هوڏانهن اڃان مئٽرڪ جي رزلٽ اچي ئي اچي ،منهنجي ُمنهن ۾ ڏاڙهي پوري َلهي ئي ماسات منهنجيَء پهرينَء ڌيَء کي َجنميو هيو. َلهي ،آئون شينهن ُمڙس ٿيان ئي ٿيان ،جو ِ َ ُ اڪوَء جي ڏنل زبان موجب ماسات جي مائٽن جا نياپا ُپڳا هيا .ته اڃان ڇٺي به نه ٿي هئي ته ِ ُ ماسات جي مائٽن جا نياپا ايندا رهياُ .انهيَء وچ ۾ بابا ۽ ماما خان اهو َسڱ اسان جو آهي. ِ محمد جي شاديَء جي تيارين ۾لڳا .ڏينهن ِچٽا ٿياُ .ٻڪيَء جي ڏينهن ،اوڙي پاڙي جو عورتون جيئن ئي ڳيچ ڳائينديون ،اسان جي گهر جو َٻنجرو ُٽپي ،ڪنواريتن جي اڱڻ تي ُپهتيون ،ته خان محمد جو سهرو ،ڪرڙ خان لٺ کڻي ُاٿيو ،،چئي مون َو ُڙ ڪيو هيو تڏهن، ُ ُ جڏهن اوهان وٽ َسڱ نه ُهيو ،هاڻي َسڱ َا َٿو .پهريائين مون کي َبدو ڀري ڏيو ،پوِء ُٻڪي وڄي ويا .بابا ڏانهن نهاريائين .جنهن نه ڪئي هم نه تم ،اصل وجهو .ماما رمضان جا واڄٽ ِ فٽا فٽ ڪنواريتن کي چيائين اچو منهنجي پوٽيَء تي پوتي پارائي ،پنهنجي ُپٽ جي نانِء ڪي ِوجهڻ ڏيو .۽ پلڪن ۾ ائين ٿيو ،آئون انهيَء ڏينهن به رڍون چارڻ ويو ڪريو۽پوِء ُٻ ِ ماسات اکين مان لڙڪ الڙي ،قِصو ٻڌايو هيو .تنهن ڏينهن مائٽن ُهيس ،شام جو موٽيس ته ِ جي اهڙي اٻهري فيصلي تي ڏاڍو ڏک ٿيوهيم ،ڌيَءکي ڄائي هفتو ئي َمس ته ٿيو هيوجو َاڻ ِڏٺل جي نانِء ٿي وئي هئي !!.هي ڪهڙو انصاف آهي؟ جيئن ته اڳ۾ به عرض ڪري ماسات مون کان عمر ۾ اٺ سال وڏي هئي۽ ڪافي سمجهدار به ُهئي .مون آيو آهيان ،ته ِ کي انسان بڻايو ُهيائين سو مون کي ملول ڏسي کاٻي ٻانهن پنهنجي ُمنهن تي ڦيريُ ،لڙڪ ُاگهي ،يڪدم چيائين .ماسات ،اهو پنهنجن وڏن جو فيصلو آهي ،پاڻ کي هر حالت ۾ آمين چوڻو پوندو ،آئون ته ڏاڍي خوش آهيانُ .لڙڪ ته خوشيَء ۾ آيا اٿم .تون به بابا کي ڪجهه نه َچئجانِءُ .انهيَء ويل پڪ سان سمجهيو هيم ،ته ُهن جي اندر ۾ ُاڌما هئا .اصل َ ڪڙهِي َپئي ڪڙهي ،پر وڏڙن جي احترام ۽ گڏيل ڪٽنب جي َڀلي خاطر ،وڏڙن جو فيصلو تسليم ڪري ويٺي ُهئي.
126
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڳوٺ وارن کي اسان سميت جيتوڻيڪ زرعي سڌارن ۾ ڪجهه زمينون مليون ُهيون ،پر ُپڇڙي جو واٽر هجڻ ڪري پاڻيَء جي گهڻي کوٽ هوندي هئي ،فصل اڌوگابرا پچندا هيا ۽ وڌندڙ مهانگائيَء سبب ڳوٺ جي رهاڪن جي مالي حالتن ۾ ڪو خاص ڦيرو ڪونه آيو ُهيو .ساڳيا الٽون ،ساڳيا ُچگهه هيا ،آڻيون چاڙهيون ُهئيُ .انهيَء زماني ۾ دلور اسٽاپ تي بجلي آئي هئي ۽ رائت مل جي پٽ پرمانند عرف پمونَء واڻئي ،بجليَء تي هلندڙ اٽي پيهڻ ِجي چڪي لڳائي هئي ،جيئن ته اها بجليَء تي هلڻ واري َچڪي هئي .تن ڏينهين ماڻهو بجليَء کي گھڻو ڪري پانور چوندا هيا .ڪڏهن ڪڏهن گرمين ۾ فجر جو امڙ کي جنڊ پيهندي َپگهر ۾ َش ُل ِڏسي ِدل چوندي ُهئي ،ته امڙ کي عذاب مان ڇڏايان ۽ َچڪيَء تان اٽو پيهائي اچان .ڍڳي گاڏي جوٽڻ جو آسرو ڪونه هوندو هيو ،ڇو جو ڍڳا گھڻو ڪري ٻنيَء جي ڪمن ۾ قابو هوندا ُهيا .تڏهن َمنوَء ڪنڀار کان سوالي گڏهه وٺي ،مڻ ڪڻڪ جو گڏهه جي ُپٺن تي َرکِي ،دلور جي َچڪيَء تان اٽو پيهائڻ ويندو ُهيس .پيسائي جا پئسا کيسي ۾ ڪونه هوندا ُهياَ ،چڪيَء واري سيٺ پمونَء مل ،کي ِپيسائيَء ۾ اٽو ڪاٽڻ جو چئي ،هڪڙو روپيو روڪڙو به وٺندو ُهيس .جنهن مان نکي بروهيَء مرحوم جي هوٽل تي دود َپ ِتي چانهه پي خوش ٿيندو ،گڏه تي اٽو َلڏي گهر موٽندو ُهيس .ويندي وقت ته منوَء ڪنڀار وارو ُ گڏهه فضيلت سان هلندو ُهيو ،پر واپسيَء ۾ َ گه َر جي تانگهه يا ُبک سببان ڳوٺ کي ويجهو ٿيندي ئيَ ،ٻڌا ُٽپ ڏيئي ڊوڙڻ لڳندو هيو .آئون اٽو سنڀاليندي ،سنڀاليندي ڪڏهن ڪڏهن، اٽي سوڌو پاڻ به وڃي هيٺ ڌوڙ ۾ڦهڪو ڪندو ُهيس ۽گڏهه ُپستيون هڻندو َ گه َر ڀڄي ويندو ُهيو .پوِء ُڌوڙ ۾ ڀڀوٽ ٿِي ،اٽو مٿي تي کڻي ،اچي گهر پهچندو ُهيس .اٽو ،مِٽي۽ پگهر گڏجي منهنجي ُم َ نهن جي اهڙي ته حالت ڪندا هيا جو وڃي ٿيا ست خير!!!. ۾ماسات جا م َ ِٽ چوندا آهن ته ُڏٻريَء کي ُڏک به گهڻا هوندا آهن ،سو خان محمد جي شاديَء ِ آيا ،ته هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ تر ِسي پياَ ،هئو مئو ٽريو ته بابا سان ِڇڪ ِڇڪان ڪيائون ،چئي، تو پيٽ لکي ڏنو هيو ،تنهنجي َسڱ ِڏيڻ جي زبان ُهئيَ ،سڱ ٿيو ته ٻين کي ِڏ ُنئي ،اها سنئين سڌي ۽ ديناداستي بي واجبي آهي ،جيڪا اسان کان هرگز َسٺي ڪونه ٿيندي .ايئن ڇڪ ڇڪان شروع ٿي تان جو وڌندي وڌندي ،دڙڪو ڏنائونس ،چئي اسان پنهنجي ڇوڪري وٺي وڃي ٿا ويهاري ڇڏيون ،اچجانِء ته آڱوٺو ڏينداسونِء .پهريائين اسان کي سڱ ڏيئي پوِء وٺي وڃجانِء. ڪ ُ نڌ هيٺ َ ماسات َ ڪيون َپئي ُٻڌي. ت جي مائٽن جي اها ٻن ڏينهن جي رينگ رينگان، ِ ماسا ِ سا به ڪا مائٽن تي اندر ئي اندر ۾ڪڙهِي ويٺي ُهئي ،۽ هيٺ ڪنڌ ُ ڪيون گھڙيَء گھڙيَء 127
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پئي پير جي آڱوٺي سان مٽي کوٽيائين ،نيٺ تنگ ٿيَ ، ڪنڌ َکڻي پيُء کي چيائينَ ،ابا او ابا ،مون کي و ُ ڪ َي َو ،ڍڳا َ ُ حيف ُه َ ورتو ،اڃا به ڍوَء نه ٿ ِ َ َ جيو ،جو اڃان به سکيو يو. ورتوَ ،ٽڪا ِ َ ٽڪر کائڻ ڪونه ٿا ڏيو .سو آئون نه اڄ اوهان جي ڌيَء نه ُسڀاڻ به اوهان جي ڌيَء .جيڏانهن َ َ هالنو ،منهنجو مرڻ جيئڻ هاڻ هتي هالنو نه صبحاڻ جا آهيو تيڏانهن َوڃو .آئون نه اڄ ٿيندو ،۽ خدا کان دعا ٿي گھران ته هتان منهنجو جنازو ئي نڪري .ماسات جي ايڏي وڏي همت ڏسي اسان جا ته وات پٽجي ئي ويا هيا ،ايڏي همت!!! بلي!!!. ماسات جيڪي چيو سو ڪري به ڏيکاريائين ،ورهيه گذريا ،سندس مائٽن ۾ڪيترائي ۽ پوِء ِ مرڻا ٿيا ،ڪيترائي پرڻا ٿيا ،ته به اک ۾ ڳوڙهو ڪونه آيس .نه ئي وري اباڻي وطن جي ِس َ ڪ َس ُ تايس .جڏهن پرڻجي آئي ُهئي ته ويڳو ڀاُء ابراهيم ،ٻن ٽن ورهين جو هوندو هيو، ماسات پنهنجو سو جوان ٿيو .الکي جو ڳوٺ ڦِٽو ،ته سٺ ميل تان لڏي شهدادپور آيا ،پر ِ وچن قائم رکيو آئي .ابراهيم جوان ٿي ،ويڳيَء ڀيڻ جي ِسڪ ۾ ُپڇائيندو آيو .ٻارهين ميل تي آيو ۽ اچي منهنجي ُپڇا ڪيائين .آئون سامهون ويٺو هيسُ ،ٻڌان ويٺوِ ،ڏسان ويٺو، اڳلي ُپڇيس ،جنهن جو پڇين ٿو ُان کي ُسڃاڻين به ٿو يا نه؟ وراڻيائين ،اٿم ته ڀيڻ جو ُمڙس پر کيس ِڏٺو ڪڏهن به ڪونه اٿم پوِء ِڇڪي کڻي ڇاتيَء سان التو مانس .ڀيڻس وٽ آندم ،چئي هيُء ڇوڪروڪير آهي ،جنهن کي گهر ۾ وٺي آيو آهين؟ جڏهن ُٻڌايو مانس ته ڀاُء اٿئي ابراهيم !!.ته ج ِهڄي پ ِئي .ورهين ُپڄاڻان ويڳي ڀاُء ماسات جو بابو پيو سان مِلي ،ته ٻنهي جون اکيون ڀِنيون ڏاڍو ُرناُ .ان وچ ۾ عيد براد تي ِ ڀيروڪندو هيو .گهڻا ورهيه پوِء جڏهن ُڏک ڏور ڀڄي ويا ،۽ ُسک آيا ،ته هڪ ڏينهن گاڏيَء کي مختلف روڊن تان گهمائي ڦيرائي ،الکي جي ڦِٽل ڳوٺ ويجهو وڃي گاڏي بيهاريم. ياد َ ماسات کي َچيم گاڏيَء مان َله ُهَ ،ل ِٿي ته َچيومانسُ ، ڪ َر هيُء عالئقو ،هي وڻ ٽڻ اڳي ِ ڪڏهن ڏٺا اٿئه؟؟ اونهي سوچ ۾ پئجي وئِي هيڏي هوڏي نهاري ،وڻن ٽڻن ڏي ِڏسي ،نِ ِو ِڙي مِٽيَء جي َل َ پ ڀري ُسنگهيائين .مِٽي ُسنگهندي ئي اکين مان ايندڙ ُلڙڪ ُاگهي چيائين ماسات ڳوٺ جي ُسڃ ۽ ويراني ڏسي ،پهرين ته پڪ ئي ڪانه پئي بيٺم ته هي جنم جي جاِء اٿم ،پر هِتي جي مِٽيَء مان َامڙ جي هڏڙن جي خوشبوِء ُسنگهي پڪ َ ڪيم ته هيُء ُاهو ئي ڦِٽل ڳوٺ آهيِ ،جتي ڄايس ،نِ َ سُ ،گڏڙين سان رانديون کي ِڏي و ِڏي ٿيس ،زندگيَء جا ويهه پي ِ سال گذاري تنهنجي َپناري ِپيس. تنهن زماني ۾بابا کي گوڏن ۾ شديد وائِي سور ٿيندو ُهيو .سور به اصل اهڙو جورڙو رڙ پئي پوندي هيس ۽ گهر جا سمورا ڀاتي مٿس ويهي رات گذاريندا هياسين .هڪڙي ڀيري 128
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پاڻيَء جي واري جي رات جو کيس گوڏن سان گڏ ٽنگن جي ُبڪين ۾ به اچي سور پيو. سور به اهڙو جو مڙس َو َ ٽ پئي کاڌا .تان جو اوچتو بابا کي پاڻيَء جي واري جو سڏ ٿيو هيو .ان رات ُسور جي ِشدت ۾ بابا ڦٿڪندي به اٿيو ،۽ ُانهيَء حالت ۾ به َلٺ جي ٽيڪ تي ُاٿي ڪوڏر کنيائين .ان وقت مون ۾ االئي ڪٿان همت آئي هئي ،اڳتي وڌي ،بابا کان ُ ڪوڏر وٺندي چيم نه بابا َب َ ڪندس ،پاڻي ورائيندس ،توهان س ،هاڻي گهڻو ٿيو ،آئون ٻني آرام َ ڪريو. تن ڏينهين صفا ڊِڄڻو ۽ گي ِدي ُهجان .رات جو َک َ ٽ تان به نه َلهان ،هوا جي ُسوسٽ تي به ڊڄي هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيريان رڳو جنن ڀوتن جي َ ڀئو کان .پرانهيَء رات االئي ڪٿان دليري آئي هيم ،همت ڪري پاڻيَء جي واري تي هليو ويو هيس .سڄي رات ٻنيَء ۾ هيڪلي سر پاڻي ورايم ،نه ڊپ ٿيونه ڊاُء .جڏهن تاري ُاڀرئي مهل ٻنيَء ۾ بيٺل ٻن ُدنبن َٻ ُٻرن جي هيٺان آيس ،ته منهنجي پيرن جي کڙڪي تي مٿي ٻٻرن تي ويٺل ،ٻه چار ننڊاکرا َ ڇرڪ ڀري ،ڀڙڪو کائي ُاڏاڻا .ڳيرن جي اڏامڻ جو ڀڙڪو ايترو ته اوچتو ۽ اڻ سوچيو ڳيرا، ٿيو ،جو تن بدن مان ُدرڙيون نڪري ويون ،ٿورو ٿوروسيئانڊو ٿيو ،سڄي جسم جا وار ُاڀا ٿي ويا ،هلڪي ڏڪ ِڻي به ٿي .پهريائين ته ڳيرن جي خبرئي نه پئي ،ڀانيم االئي ڪهڙي بال هئي؟ ڪو جن هيو يا ڀوت هيو .پر پوِء اندازو ڪري ويس ته اهي ننڊاکرا ڳيرا هيا، جن منهنجو هينئون ٿي ڦاڙيو. پوِء به ٻنيَء کي مڙسان مڙسي پاڻي ڏيندو ۽ هلندو رهيس ،فجر ڌاري جڏهن ُملي ابراهيم، َ ٺ جي ٽيڪ تي ٿِڙندو َٿاٻڙندو مون اسان واري ڪچي مسيت مان ٻانگ ڏني هئي ،ته بابا ،ل ِ الِء چانهه جي ڪٽلي کڻي آيو هيو ،منهنجي ڊڄڻ جي عادت سبب پريان کان ئي َه َ ڪل ڪئي رات جو ڊِنين ته ڪونه؟ وڏي زور سان ُاتان ئي وراڻيو هيم ،نه ابا نهُ ،ٺپ هيائين ته ابا ِ ڪونه ڊنو آهيان .بابا ويجهو ُپهتو ته ڳراٽڙي پاتي هيائين ،جسم کي هٿ لڳندي ئي چيائين، اڙي توکي ته تپ جا آڙاهه آهِن ،آڙاھَ ،ٻ ِرين پيو َٻريِن .بس هاڻي َه ُل گهر ،آئون پاڻهي پاڻِيَء جا آواندا ڊگها ڪري ،گهر ٿو اچان .ايئن انهيَء فجر جو تپ ۾ ُهڙڪندو گهر آيو هيس ،امڙ ۽ ماسات َِ ، ري مٿان َس ِٿي هئي ،ته به سيُء ڪونه لٿو هيو ،تڏهن ڪي ڊاڪٽر سوڙيِن جي َڀ ِ ُ ڊوڙايائون ،ڪيرين ته اوڙي پاڙي ۾ ُسجهندا ئي ڪونه هيا ،ان ڪري ِس ُج ُاڀريو ته ماڻهو جي ڳوٺ ُملي لقمان ڏي تعويذ الِءُ .ملي لقمان ،تعويذ ڏيندي ،چيوته ،همراهه کي َ ديو جي جهڙپ اچي وئي آهي .تڏهن پڪ ٿيم ۽ دل ۾ به سوچيم ،راتوڪو َڀ ِڙڪو ڀانِء َ ديو ئي ڪيو هو. 129
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اهو تپ ته االئي تعويذ سان لٿو يا پاڻهي لٿو هيو ،پر ان واقعي ۽ ديو جي جهڙپ جي ڪتاب ورتمُ .ان ۾رات جو ڊڄڻ وران الِء تعويذ ڪجھ ڏينهن بعد ،تعويذن جو هڪڙو ِ ڳوليم .هڪ هنڌ لِکيل ُهيو ،جيڪو ماڻهو رات جو ڊڄندو ُهجيُ ،ان کي هيُء تعويذ ٺاهي، ڪنڌ ۾ ائين پارائجي ،جو دل جي مٿان َلڙڪندو ُهجيس ،ته اهو ڪڏهن به نه ڊڄندو .پاڻ ئي پنهنجي الِء تعويذ لکيم ،امڙ کان َاڳڙيَء ۾ پوئائيُ ،سٽ جي ڪاري ڌاڳي ۾ سبائي َ ڪنڌ ۾ پاتم ،ته دلير ٿي ويس .ڊپ ڊاُء سڀ ڪافور ٿي ويا هيا .پاڻيَء جو اڳلو وارو ،ٻيو وارو، ٽيون وارو ،ڊپ نه ڊاُء ،صفا شينهن ٿي پيس ،م َ ِٽ مائٽ حيران هجن ته هي ڇا ٿيو؟ ڊڄڻو ُمڙس دليرڪيئن ٿيو؟ تعويذ جي ڳالھ ڪنهن کي ڪونه ُٻڌائي هيمُ ، اصل ۾ هيو ايئن جو ڊڄندو ته اڃان به ڏاڍو ُهيس ،پر بابا جي تڪليف َس ِٺي ڪونه ٿيندي هئيُ .ان ڪري ڳالھ ڪنهن سان ڪونه ڪندو هيس. ايئن آهستي آهستي ،بابا جون ُدعائون َکٽڻ الِء تعليم ڇڏي پڪو هاري ٿي ِپ ُيس .تن ڏينهين ٻه طرفي ٻني پوکيندا ُهجون ،پنهنجيَء االٽ ۾ پنج ڇهه ايڪڙ ،حاجي محمد حسن ڏينهين، تن ِ راڄڙ وٽ هارپي تي ٻن جوڙن جي ٻني .ٻئي جوڙي تي جان محمد هوندو هيوِ ، گهر ۾ ڏاندن جا جوڙا هوندا ُهيا .جنهن جي به َ َ َ گهر ۾ ڏاند نه هوندا هيا ته ُاهو گهرئي گهر ِ نڀاڳو چئبوهيو .جنهن هاريَء جا ڏاند َاڀرا هوندا تنهن الِء به چوندا ُهيا ته ادا ،جيڪو گگدامن کي ُبکيو رکي ،سو ڪڏهن به نه ُسڌري .اسان جي ڳوٺ ۾ چالهياروکن ڏاندن جا جوڙا َ سلهٽ ٿيندا هئاَ ،اڀرن َسڀرن هارين کي ٽيڪو ِڏبو هيو ،وڏيون وڏيون هوندا ُهيا .جوڙن جا ُ ڇيڙون ٿينديون هيونَ ،ٻنين مان ُسڪيَء جا پنج ڇهه َه َر نڪرندا هيا وٽوهڙ سان ڀتر ڀڃبا ڪيڻون لڳنديون. هيا۽ پوِء وري ڏاندن جون ِ هڪڙو قصو گهڻا ڏينهن اڳي لکيو هيم ته ابي جي گوڏن جي وائي سور جي ڪري هڪڙيَء رات دل جهلي ڪوڏر ڪلهي تي کڻي پاڻيَء جي واري تي ويو هيس ۽ پوِء ٻٻر هيٺان وڃي بيهڻ تي ننڊاکرن ڳيرن جي ڀڙڪو کائي اڏامڻ واري ڊپ ۾ سيئو تپ چڙهي ويو هيم .اهو قصو رهيو اتي ،تپ لٿو ته بسم هلل ڪري ابي سان ڪيل وعدي موجب پڙهڻ ڇڏي وڃي هارپي ۾ هٿ وڌو هيم .هونئن به ُ هياسي ته جدي ُپشتي هاري هاريَء جا ُپٽ .پر خبر اها به ڪانه هيم ته هر هڪلڻ الِء ڍڳن جي ڪلهي ۾ پوندڙ پاڃاري ابتي ڪيئن آ ته ُسبتي ڪيئن آ .تروٽ ڪهڙي اٿس ته َٿنڀري ڪهڙي ،ڏورڻو ڪٿان پوندو ته ناڙو ڪٿي وجهبو .پهرئين ڏينهن ئي ابتي پاڃاري ڍڳن جي ڪنڌ ۾ وجهندي ابي ڏسي ورتو ته کِل ۾ ويڙهجي ويو هيو .پوِء هن مونکي پاڃاريَء ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺين جا ناال ياد ڪرايا ،ڍڳن جي ڪلهن 130
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
۾ پاڃاري وجهي ڏورڻا ڀِچائڻ سيکاريا ،پوِء هر کڻي ،پاڃاريَء ۾ ڪاڪي ڀاروَء جي ٺاهي ڏنل چمڙي جي ناڙي کي عجيب طريقي سان وڪڙ ڏئي هر جي ه ِرنهن ۾ انهيَء کي ناڙي کي وڪڙي ُ ڪ ُ ڪري ڦاسائي هئي .پوِء آندرو ڍڳي جي ِسير( نڪ ۾ نٿيل رسو) وٺي هر جي هنڊل جي ُمٺئي ۾ ٻڌي هيائين ۽ پوِء سنهڙو پائڻو( ڪچڙو لڪڻ) هٿ ۾ وجهي بسم اهلل پڙهي ڍڳن کي هڪلي ،جاٽ هنئي هيائين .مونکي به هر جي ُمٺئي ۾ هٿ وجهڻ جو چيو هيائين .ٻن ٽن گهمرن تائين ته جهڙو هر ۽ ڍڳن جي پويان گهلبو ويس ۽ نيٺ ابي کي چيم ته هاڻ آئون پاڻهي هر هالئيندس ،پوِء هر مان هٿ ڪڍندي هدايت ڪئي هيائين ته خيال ڪجانِء هر ٿورو ماٺو اٿئي ۽ ڦار به نئون ٺپيل آ متان هڻي ڍڳو نه ڪو وڍي وجهين. بس ايئن بسم اهلل ٿي ،پوِء ڍڳن جي ڪيڻ هڻڻ سيکاريائين ،ها سچي هڪڙي ڀيري ٻه جوڙو سانهر پئي ٻجائيَء واريَء ٻنيَء کي هنيوسون ۽ ٻئي ڄڻا سانهر تي چڙهيل هياسون، ابي ڀانيو هيو ته هاڻ آئون ڪاريگر ٿي ويو هوندس سو رسي جي ڪائي َجهل منهنجي هٿ ۾ ڪانه ڏني هيائين ،ٻني تان جو لوڏو آيو ،سانهر ٿِڙيو ته ُڌو اميرو ٻوٿ ڀر ٻنيَء ۾، ۽ سانهر ُپٺن تان وهي ويو .هلڪيون سلڪيون روڙون آيون ،ڪپڙا ته ڇنڊيم االئي نه پر ٻوٿ تي هٿڙو ڦيري وري به ڊوڙي وڃي ڍڳن جون سيرون جهلي سانهر تي چڙهيس .بس پوِء سال کن اندر اهڙو پڪو هاري ٿي ويس ،جو ٻنيَء ٻاري جو هرڪم ڪار گهڻن جڏن هارين کان االهي ڀلو ڪندو هيس ٻيو ته ٺهيو پر کاٽيَء ٻاٽيَء ۾ ڪانو به گهڻن کان اڳي کوٽي ويندو هيس .پر اهو سمورو سلسلو هليو رڳو هڪڙو سال. سو ڳالھ اها ڪرڻي هئي ته منهنجو درويش ابا ،جنهن تي مائٽن کارو نالو رکيو هيو ” َا ُ ڪ “ .جيڪو اڳتي هلي سڏاڻو ”اڪو“ .۽ وقت جيئن جيئن ڦرندو ويو ،تيئن ابي جو نانُء به ڦرندو ٿيو ”اڪبر“ .۽ هاڻ هن جهان کي ڇڏئي جي به ٽيهارو ورهيه پوِء خلق جا کوڙ ماڻهو ٿا سڏينس مرحوم” رئيس غالم اڪبر شر “ .تنهن مسڪين هيڏا وڏا ُڏک ڏسي ۽ پاهوڙين سان خلقن جي مال جي وٿاڻن جا ڇيڻا ُٻهاري پنهنجي هيکلي ُپٽ کي پڙهايو ،نه رڳو سرٽيفڪيٽن ۽ ڊگرين الِء ۽ نه ئي نوڪرين الِء پر جيڪر چئجي ته ماڻهپي الِء پڙهائي باقاعدي ماڻهو ٺاهيو .سو ابواڪبر اٿندي ويهندي رب سائينَء کان هڪڙي دعا گهرندو هيو ته” اي منهنجا پرودگار پنهنجيَء هلنديَء هالئجانِء ،جڳ جي محتاجيَء کان بچائجانِء“. پڇندو هيو مانس ته ابا انهيَء دعا جو وري ڪهڙو مطلب آهي ته چوندو هيو” اميرا ُپٽ هاڻ اهي زمانا ناهن رهيا جو جواڻ مڙس ،کٽن تي پيل َمڙهن مائٽن جون چاڪريون ڪن. جيتوڻيڪ تون منهنجو هيکلو ُپٽ آهين پر پوِء به رب کان دعا اها ٿو گهران ته مونکي 131
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پنهنجيَء هلنديَء هالئي ۽ ڪارن وارن ۽ اڇن ڏندن هوندي پاڻ ڏي گهرائي وٺي .جيئن پيريَء ۾ توتي به ڪو بار نه ٿيان “ .۽ پوِء سچ به سندس دعا اگهاڻي ۽ اڄ کان ٽيهارو ورهيه اڳي منهنجو استاد ،منهنجو رهبر ،منهنجوسڀوڪجھ ،منهجو ابو اڪبر ،هن ئي مهيني ۾ ويٺي ويٺي ،مون کان موڪالئي اهڙي پار ُاڏاڻو جتان اڄ تائين ڪو ناهي موٽيو ۽ نه ئي وري موٽندو. هاڻ زمانو االهي بدلجي ويو آهي ،ابي جي ساٿارين مان ڪي ڪي اڃان به جيئن پيا ،پر جي چئون ته جيئن ڪهڙو مڙوئي تڳن پيا ،ساھ جي ڏور اٿن سا نٿي ُٽ ِٽين باقي قصو پورو اٿن ۽ انهن جي اوالد آڏو محتاجيَء جي حالت ڏسي ،وري ابي اڪبر جي انهيَء اگهاڻل دعا کي ياد ڪري ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو اٿم .۽ سوچيندو آهيان ته ڪهڙي خبر ته جي اڄ ابو حياتيَء هجي ها ۽ مان ضعيفيَء ۾ ُهن جي ايتري خدمت نه ڪري سگهان ها ،جيترا هن جا مون تي احسان هيا ۽ هو مون کان لهڻيندو هيو .ته پوِء جهڙوڪر پڙهيو نه پر َ ڪڙهيو هيس. تن ڏينهين ،بابا جي ،جانو بروهي جي ڳوٺ جي بروهين سان دوستي تمام گھاٽي هوندي ُهئي .اويل سويل ٻنيَء جي ڪم جي سوڙھ سڪوڙ ۾ ۾ بروهين جي جوڙن کي نگاروڪري ُ َو ُ گهرائيندو هيو .اسان جي ڳوٺن جي آس پاس بروهين جا ڳچ جيترا ڳوٺ آباد هيا ۽ اڄ تائين به آهن .سندن پاڙا ته محمد حسني ،پانيزئي ،زهري ،پندراڻي سميت ٻيا ڪيترا ئي آهن ،پر هڪ ٻئي جي پاڙن تي عجيب ناال ،پاڻ ئي رکيا هيائون ،جن سان اڄ به هڪ ٻئي کي سڏيندا اچن .مثال طور گومبڙا ،گدڙ ۽ بگهڙ وغيرھ .سو بابا جي دوستي گومبڙن بروهين سان هئي .آئون نئون ،نئون هاري ٿيو ُهجان ،اصل اهڙو جو هر کيڙيندي ُسٿڻ جا ور ُکنجڻ به ڪونه پيا اچنم .هڪڙي ڀيري بابا االهي سارن جوڙن جي ڇيڙ ڪئي هئي ،ڳوٺ جي جوڙن کان سواِء ،ڏهاڪو کن جوڙا ٻيا به آيا هيا .سي سڀئي گومبڙن بروهين جا ُهجن .بروهي صفا َ ڪٽ مستَ ،سگها۽ صفا چريا هجن ،نه سمجهن نه ُسڻن. جيڪي ُمنهن ۾ اچين ،اوڏانهن اهلل توهار ڪريو ڏين .سڀئي ڀلن ڍڳن سان ُهجن .ڪي منهنجي جوڙي جي اڳيان ته ڪي ُپٺيان ٿيا ۽ ڪئي سون ،هرن کيڙڻ جي بسم اهلل .هلندي ڄائين ،جيسين آئون ُسٿڻ جا َور هلندي اڳين همراھن کي ُجو ِجڪي چڙهي ته َوٺِيو ڏاند َڀ ِ کڻي ،پوِء منهنجي ڏاندن کي پائڻي جون ُچنگون ڏئي تِکو ڪريان ئي ڪريان ،تيسين بروهين جا پويان جوڙا به پاسو َڏيو نِڪريو وڃن ۽ اڳيان جوڙا به وراڻو واپس َو ِريو اچن. 132
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
چڙهي آيا ۽ٻاهروَء انهيَء ِڇڪ ِڇڪان ۾ هڪڙيَء ويل پوئين جوڙي جا ڏاند منهنجي مٿان ِ ُ ڀڳس. ڏاند جا ِسڱ جڏهن اچي منهنجي ُپٺن ۾ لڳا ،ته َه َر جي ُمٺئي مان هٿ ڪڍي وٺي ڦار ُهجي تهدر نئون چڙهيل ،سو منهنجي ُ َه َر ۾ ُ آندرو مليري ڍڳي جي پير ۾ ُکپي ويو. ڍڳي جي پير ۾وڏو گهاَء ٿي پيو۽ ڏاڍي َر ُت هلي ،آئون ،بابي جي دڙڪن جي ڊپ کان ُ ڏاڍورنس .چريا بروهي بجاِء افسوس ڪرڻ جي ۽ دلداري ڏيڻ جي ،اٽلو مون تي ڏاڍوکِليا هيا ،هي هي هي هي هي هي!!!! .جڏهن بابو ٻنيَء تي ماني کڻي آيو هيو ته مون کي ڪجهه ڪونه چيو هيائين .ان سال ،باقي فصل ٽن ڏاندن تي ،چوٿون ڏاند ڪڏهن ُهن کان ڪڏهن هِن کان وٺي ،جيئن تيئن ڪري پوکيو هيوسين .پير وڍيل ڏاند ٻن مهينن تائين مس وڃي ٺيڪ ٿيو هيو .پوِء به اڳيون َفلڪون ڪونه رهيس. تن ڏينهين حاجي محمد حسن راڄڙ ،مير ٺاري خان کان سئو ايڪڙ زمين خريد ڪئي َ ٺ ُڌڪي ۾ نه َکٽيو ،ته ڪورٽن ُهئي ،ٿيو هينئن هو جو جڏهن مير ٺارو خان ،االٽين سان ل ِ ۾ ويو .راڄڙ کي زمين وڪڻي اسان االٽين تي۽ ڀٽي جي سرڪار تي ڪيس ڪيا ُهيائين هاِء ڪورٽ سميت االئي ڪهڙين ڪهڙين ڪورٽن ۾ .اهي ڪيس پوِء به االئي ڪيترا سال هلندا رهيا ،مير صاحب صفا سادو ،سڌو ۽ ايماندار ماڻهو هوندو هيو ،ڪوڙ ڳالھائي ڪونه سگھندو هيو ،وڪيل ڪيڏو به سيکاري بيهارين ،پر همراھ ججن جي سامهون به نج نبار سچ چئي ڇڏيندو هيو .اٽلو چوندو هيو ته ايئن آهي ته ڪونه ،پر مونکي وڪيل سيکاريو آهي ،ته جج صاحب جي آڏو ايئن چئجانِء .هڪڙي ڀيري ڪورٽ جو سڏ ٿيو ،اسان َاٺ هاري ۽ نائون مير صاحب ،پيش ٿياسون .جج پڇيو ،بابا اوهان مان مير صاحب ڪهڙو آهي؟؟ مير صاحب ڇاتي ٺوڪي چيو ،جج صاحب! پراڻن ڪپڙن ۽ سادگيَء ڏي نه ِڏ ُ س، ُ مير آئون آهيان ،هي حرامي ته ڪپڙا به ڪنهن ڌوٻيَء کان مسواڙ جا وٺي پائي آيا آهن. ان زماني ۾ حاجي محمد حسن راڄڙ کي ڇن ۾ ڪيال پوکڻ جو شوق ٿيو ،االئي ڪٿان ڪيلي جي ُٿڙين جي ٽريڪٽر ٽرالي ڀرجي آئي هئي ،سڀ هاري سڏيائين ،چئي ڇيڙ ۾ ڪيال پوکايو ،اها اپريل مهيني جي پڇاڙي ُهئي ،جيئن جيئن ڏينهن تتو ته ُلڪ ساڙڻ لڳي، َمٿو اگهاڙو ،پير اگهاڙا ،گنجي ۽ گوڏ ۾ ڪيلي جو ُٿڙيون ڍوئيندي ،منهنجي اڇي چمڙي، جهولي جي سٽ نه سهي سگهي ،ته تپ اچي ويو .اصل آڙاهه هجنُ ،هڙڪان پيو .حاجي صاحب ۽ ملوڪ راڄڙ جو والد ولي محمد مرحوم ،مٿان بيٺا ُهجن .هڪل ڪيائون ڇوڪرا، َڍرو نه ٿيُءَ ،ٿڪو آهين ڇا؟
133
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وراڻيم ،سائين ُبخار اچي ويو اٿم .حاجي صاحب َو ِڌي ٻانهن کي هٿ الئي ڏٺو ،۽ پوِء زور سان چيائين ،اڙي يار هيڏو تپ .!!!.پوِء زور سان کِليو ،ٽهڪ ڏيندي بابي کي چيائين، َا ُ ڪو ،تنهنجي هن ڳاڙهي ُپٽ کان ٻنيَء جو ڪم ڪٿي ٿو ٿئي يار؟ ڏس ته سهي تپ ڪيڏو تڏهن اڄڪلھ جيان کِرين تي ووئنڻ پوکڻ جو رواج ڪونه هوندو هيو ،ووئڻن آيو اٿس. جون ناڙيون ٿينديون ُهيونَ .تڪن جا َتڪ ريج ٿيندا هيا ،ٻِجائيَء ۾ ڍڳن جا ٻه ٻه هر ،سائيَء جا نڪرندا هئا ،پوِء ُسهاڳو ڏبو هيو ،جنهن کي ڪي سانهر ته وري سانهور به چوندا هيا. ُ ڪڪڙاپسائبا هيا ،ورندي ڏينهن تاري ُاڀرئي ڪڪڙن ٻنيَء کي َڍڪي پوِء ،اڳليَء رات جو جي ٻوريَء کي پاڻيَء مان ڪڍي ڪنهن اڌوڀر تي رکبو هيو ته جيئن انهيَء مان پاڻي َڳ ِڙي نڪري وڃي ،پوِء انهن ُپسيل ڪڪڙن کي مٽيَء سان َملي ڪڻو ڪڻو الڳ ڪبو هيو ،۽ پوِء ناڙي َ ڪبي هئي ،اهي هميشھ جهولن جا ڏينهن هوندا ُهيا ،ٻنيَء جي ريج کڻڻ جو َڀئوهوندو هيو .هوڏانهن ٽاڪ منجهند جو ڪڻڪ جي هلر َٻڌڻ الِء به ڪمدارن جي ِڇڪ ِڇڪان هوندي هئي .ته وري ووئنڻن جي ناڙيَء جي به ُاون هوندي هئي. ٻِجائيَء جي ڏينهن ۾ اسين تاري ُاڀرئي ُاٿي ڏاندن تي پاڃاري وجهندا ُهياسين ،پاڃاريَء تان ياد آيم ته هاڻ ته اڄڪلھ جي جواڻ ُمڙسن کي ،هر ،پاڃاري ،ناڙوُ ، ڪڪري ،ڪلي ،ڦار، هنڊل ،هرينهن ،ڏورڻو ،تروٽ کان وٺي ٻنيَء ۾ ڪم ايندڙ جملي اوزارن جا ناال اوپرا ۽ نوان لڳندا هوندا ،يا ته ايندڙ وقت ۾ ُاهي کين ڪنهن عجائب گهر ۾ ڏسي حيرت مان پنهنجن مائٽن کان ايئن ُپڇندا جيئن منهنجي ُپٽڙن ،ڍڳن جو جوڙو ِڏسي ،مون کان پڇيو هيو ته بابا اهي مينهون ڪيڏيون نه متاريون آهن .سو ڳالھ پئي هلي تاري ُاڀرئي هر ٻڌڻ جي ،پوِء اسين ٻارهين ڌاري َهر کولي ،ڏاندن کي گاهه جي ُمٺ ڏئي ،ساهي کڻندا هيا سين. ڪالڪ کن بعد ،ڪو وڃي َه َ لر ٻڌندو ُهيو ته ڪو ناڙي ڪندو هيو. ياد ٿواچيم ،پهرئين سال هارپي واري ڪڻڪ جي َونڊي ملي هئي .ڪڻڪ جون اڍائي مڻ ڪلهي تي کڻي ڍڳي گاڏيَء ۾ َسٿيم ۽ الَٿم ته ُ وزن جون ٻوريون يڪي سر ُ ڪلهي جي چمڙيَء مان َروڙ اچڻ سان ٿورڙو َر ُت ِسميو هيو ،رت ۽ پگهر پاڻ ۾ مِليا هيا ته ُ ڪلهوڏاڍو ٽِچڪيو هيو ،پر سموري سال جو وروُء هڪڙيَء جاِء تي ملڻ جي خوشيَء ۾ هلڪو ڦلڪو سور پيٽاري ويو هيس. هڪ ڀيري فجر جو پيرين اگهاڙي َ هر وهندي ،گپ ۽ مٽي پيرن جي ترين تي ايتري ته ٿڦجي وئي هئي جو يادگيرو ئي ڪونه رهيو هيو ته پير اگهاڙا اٿم ،يا ڪا جتي پاتل به اٿم. اوچتو هر جي ڦار ۾ ڪو ڇٻر جو ُٻٿو اچي ڦاٿو هيو .ڇٻر جي انهيَء ُٻٿي کي ڪڍڻ الِء َهر 134
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي َ ڪن تي پير جي تِري رکي ،انهيَء جو زور ڏنو هيم ،جيئن هميشھ ڪندا هياسون .پر اڄ ته پير اگهاڙا هيا .هوڏانهن هر جو َ ڪ ُن به َگسي َگسي ڪاتيَء جهڙو تکو ٿي ويو ُهيو، پير ۾ ڪاتيَء جيان ُکپي ويو ،ڏائي پير جي تِري ائين چيرجي َوئي ِجيئن مهاڻو َمڇيَء کي ِچيري .وڃي ڊاڪٽرن ڀيڙو ٿيو هيس ،سڄا سارا َاٺ ٽانڪا لڳا هيا .مهينو کن کٽ تي پيو ُ رهيس .ها سچ ان زماني ۾ کاٽيَء جون مشينون ڪونه آيون هيونُ ،بکن جا ماريل ويچارا هاري ڪوڏرن سان کاٽي کڻندا هيا .آئون جڏهن پهريون ڀيرو دوسي جي کاٽيَء تي ِويو هيس ،ته ماڻهو بابا تي پيا کِلن .گهڙيَء گهڙيَء پيا چونسَ ،ا ُ ڪو ،هِن السڙاٽ ڇوڪري کان ُ ڪٿي ٿو دوسي جو ڪانو کوٽجي !!.۽ جڏهن سڀني سان َگڏ پنهنجي حصي جو ڪانو کوٽيمَ .پ َر ياد اٿم ته گهڻن جڏن هارين کان اڳ ۾ کوٽيو هيم ،ته واه واه ٿي وئي هئي. ايئن هڪڙي ڀيري واٽر جي کاٽيَء ۾ به ڪوڏر ٿِڙي اچي ڏائي پير ۾ لڳي هئي ،ٻه ٽي انچ اندر َلهي وئي هئي ،کوڙ سارا ڏينهن َڦ ُ ٽ هيو .اڄ جڏهن اوالد کي پنهنجي پيرن تي ُاهي ڦٽن جا نشان ڏيکاريندو آهيان ،ته حيرت ٿيندي اٿن ۽ يقين ئي ڪونه ايندو اٿن ته مون ڪو هارپو ڪيو هوندو يا هيڏا سور َسٺا هوندا .هڪڙي ڀيري واٽر جي کاٽي کڻندي مرحوم خدابخش شر ،رستي تان النگهائو ٿيو هيو ،بابا کي چيو هيائين ،ماما ،هِن کي ڪٿي قاضي يا ُمنشي ئي َ ڪ ِر ،ڪنهن وڏيري وٽ .ڪنهن سيٺ وٽ ُدڪان تي ئي بيهار ،ائين ته نه مارينس .بابا ٿڌو شوڪارو ڀري ڪابه ورندي ڪانه ڏني هئي. تن ڏينهين ،مير ٺاري خان کي وري ُجوجڪي چڙهي۽ حاجي محمد حسن راڄڙ کي ياد ڏياريو هيائين ،ته توهان کي ٻني ئي انهيَء شرط تي ِوڪي ُهيم ،ته االٽين کي هارپو ڪونه ڏيندئو .پر اوهان وعدي جي خالفي ڪري االٽي هارين کي هارپو ڏنو آهي .جيتوڻيڪ هاڻ مير صاحب ڪيترو به ڪاوڙجي ها پر ُڏڌل کير ٿڻين ڪونه پوي ها .پرحاجي محمد حسن کي به ڀانيان ٿو ته مڙوئي بهانو کپندو هيو .سو ٻين سان گڏ ٺوڪي بابا کي به هارپي جو جواب ڏنو هيائين .تن ڏينهين اسان جو گڏيل عيال وڏو ُهجي ،االٽ جي پنجن ڇهن ايڪڙن مان گذارو ڏکيو بنهي ٿِي پيو هيو ،تڏهن ڪنهن مزدوريَء الِء جهوتون ڏيڻ لڳو هيس. ٺيڪ تن ڏينهين ُڀٽي صاحب جي عوامي ُحڪومت ،قومي اسيمبليَء ۾ پير غالم رسول شاھ جيالنيَء جي پيش ڪيل رٿ کي ُ مان ڏيندي ،ايئرپورٽ جي پهرين تجويز رد ڪري، اوڀر بجاِء ،مين روڊ جي اولھ طرف پينگهاري ِجي ڊِ َ ٻ واري سرڪاري زمين طرف ايئر پورٽ ٺاهڻ جي ِر َ ٿ ِرٿي ۽ عمل ۾ به آندي .تڏهن اسان اوڀرندينَء َڀ ِر جي ڳوٺاڻن ُسک جوساهه کنيو هيو ۽ ُڀٽي صاحب کي جام دعائون ڪيون هيون .ايئرپورٽ جو َ ڪم شروع 135
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٿيو ،ته جهڙوڪراسان غريبن جي روزي ُکلي پئي هئي .تڏهن نه هوندا ُهيا ،ڊوزر نه ڊمپر، واريَء جي وڏين ڀِ ُٽن جي مِٽي ،مزدورن هٿان ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي ڪڍڻي ُهوندي هئي، اهڙي مزدوري ُکلي ته ڏاڍا خوش ٿياسين ،اسان جي ڳوٺ جي اٺن ڄڻن گڏجي مزدورن جو ٽولو ٺاهيو هيو ،بيلچا ورتا هيا ،ٽريڪٽر ٽراليَء واري سان مزدوريَء جو حساب ڪتاب طئي ٿيو .اسين رات جي ماني کائي وڃيو ٽريڪٽر تي چڙهندا هياسون .سڄي رات بيلچا ه ِڻيُ ،ملي جي ٻانگ مهل َو ُرندا هياسون .جيتوڻيڪ واري ڍوئي ڍوئي بدن جي رونَء رونَء ۾ واري ڀرجي ويندي هئي ،نڪ جي ناڦاڙن ۾ آڪسيجن سان گڏ واري ُڌوڙيا ڪندي ويندي هئي .پر پوِء به ٽيهارو روپيه روزانو َ ڪمايو اچون ،ته وڏا ُسک به ٿي پيا ،روز جي ايندڙ پئسي گهڻين ڳڻتين مان آجو ڪري ِوڌو هيو .گڏوگڏ راتين جي اوجاڳن ۽ بيلچن َهڏ ُ گڏ ٿڪائي وڌا ُهيا .ائين لڳندو هيو ڀانِء ورهين جو َٿ ُ ڪ جسم ۾ لهي آيو هجيم. ِ تان جو 1977جو سال به آيو ،شهيد ُڀٽي ،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن جو اعالن ڪيو هيو ،ته عالئقي جا چڱا موچارا وڏيرا محمد خان جوڻيجي جو پاسو ڇڏي ،پير غالم رسول شاهه جيالنيَء ڏي ويا هيا ،جيڪ هاڻي ڀٽي صاحب سان گڏ هيو .عالم ڪيريو، بنهي هوشيارماڻھو هوندو هيو .اسان جي ڳوٺ تي چڱن جيان پوريَء حياتيَء تائين پنهنجو ڪن جو داد فرياد ٿيندو هٿ رکيو آيو .ٿوري گهڻي اهنج ايذاَء تي ڊوڙي وٽس وينداهياسينِ . هيو ،گهڻا ماڻھو چوندا هيا ته وڏيرو عالم ،اسان جي ڪمن جي آڙ ۾ پنهنجي ذات وارن سان دشمنيون به پاڙي ويندو ُهيو .پر اسين توڙي اسان جا وڏڙا اڄ به اهو سمجهون ٿا ته مرحيات جا هن ڳوٺ تي وڏا ٿورا آهن ،جيڪي الهي نٿا سگهجن ته ڳائجن ضرور. ڳالهه پئي ڪيم اليڪشن جي ۽ عالم ڪيرئي جي .سو عالم جي پويان پير غالم رسول شاهه جي بنگلي تي اويل سويل پيا ڀيرا ڪندا ُهياسين .ويتر جو هن ڀيري پاڻُ ،پٽس آفتاب شاهه جيالنيَء ،سوڌو قومي ۽ صوبائيَء جي اليڪشن ۾ لٿو هيو ،ته روز بنگلي تي ڀڳا بيٺا ُهجونس .منجهند جوڳاڙهن ٻوڙن سان مانيون کايو ،زردا ُپالَء کايو ،وڏيون اوڳرايون ڏيندا پيا موٽندا ُهياسين. اسان جي ڳوٺ ۾ جڏهن پيپال پهريون ڀيرو ورڪن تي آيا هيا ،ته سڄي ڳوٺ ۾ٽِرنگا جهنڊا ڦڙڪائي ُ ۽اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي سندن آجيان ڪئي هئي سون .ان عمل جو سڄو ڪردار۽ ڪريڊٽ وڏيري عالم ڏي ويندو ُهيو .ڇاڪاڻ ته ُڌرڌڻي ،اسان کي نه ڄاڻيندا ُهيا نه ُسڃاڻيندا ُهيا .نه ئي وري اسان ۾ ڪو َل ُل هيو جو پنهنجي ُسڃاڻپ به ڪرايون.
136
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
شهيد ُڀٽي جو جڏهن گاما اسٽيڊيم ۾ جلسو ٿيو هيو ،ته عالم کي پير صاحب ٻه سرڪاري بسون ڏنيون هيون ،جيڪي ٻئي بسون ،اسان جي ڳوٺ مان ماڻهن سان َڀريون هيون .تنهن ڏينهن جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج سان ،بسن جي ِڇتين تي ڊانسون ڪندا ،گاما اسٽيڊيم ُپهتا هياسون .شهيد ُڀٽي کي روبرو تقريرڪندي ويجھي کان پهريون ڀيرو ڏٺو هيم .ڇا ته ڏاهپ ۽ ڏانُء هيس تقرير جو .اصل ايئن چئون ته ُمڙس بال جو مقرر ُهيو .تقرير ۾ هڪڙي هنڌ مزاح ڀريندي ،موالنا شاهه احمد نورانيَء جو نالوموالنا الهه احمد شوراني ڪري ورتائين ،ته پنڊال مان ڏاڍيون تاڙيون َو ِڳيون هيون .اليڪشن ويجهي آئي هئي ته چورن اسان جي ڳوٺ ۾ رڻ ٻاري ڏنو هيو .اصل رات خالي نه ُهجي ،ڳوٺ ۾ وڏو راڄ هيو ،سو به مينگهواڙن جو ،پهرا ڏئي بيزار ٿيو پئون .شرن۽ ڪيرين جي چوري ڪونه ٿئي ،ٿين ُرڳو مينگهواڙن جون .ويچارا غريب جو ٿيا .انهيَء جي حقيقت ڇا هئي خدا ٿو ڄاڻي!!!. انهيَء زماني جي ماڻهن نعرا به عجيب ٺاهيا هيا ،جيئي ڀٽو ،ڍڳن جو جوڙو ُڇٽو .ٻيو مشهور نعرو هيو جيئي جيالني ،ٻوڙ ماني. اسان جي پولنگ شاهه بخش الشاريَء جي ڳوٺ ۾ ٿي هئي ،پير صاحبن جون موڪليل ٽرڪون ڀري ،اصل ٽرڪن ۾ سٿجي ُپهتا هياسين ،تڏهن الشارين جي ڳوٺ م وڏي ساوڪ هوندي هئي بغ ئي باغ هوندا هيا .سو اسان جواڻ مڙسن کي الشارين جي باغ ۾ وڃڻ ئي نه پيا ڏين ،چيائون ٿي ته پير غالم رسول شاھ صاحب جا ٿاڻي بوالخان مان آيل هٿيار بند ُمريد ويٺا آهن ،ڪنهن جهيڙي جهٽي جي صورت ۾ ڪم اچڻ الِء. تن ڏينهين ملڪ ۾ڏاڍا ڊالرهليا هيا ،ڪاڪي ڪسنجر جي ڌمڪيَء ڪم ڏيکاريو هيو ،طيِء ٿيل پالن تحت قومي اتحاد ،صوبائيَء جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو .پير صاحب پاڳاري جا فقير ،صوبائيَء جي پولنگ تي ڪونه آيا ته جاوا ٿي پيا هيا .ڌڙاڌڙ ڪوڙا ووٽ هاليا هياسون .منهنجو ووٽ داخل ئي ڪونه هيو ،ننڍو ُهيس ته به نٿو خيري جون پرچيون َکڻي، االئي ڪيترا ڀيرا نالو ۽ ولديت مٽائي ،پ پ پ جي پير آفتاب شاھ جيالنيَء کي سترهن ڪوڙا ووٽ ڏنا هيم .قومي اتحاد نون ستارن تحريڪ هالئڻ جي ڌمڪي ڏني هئي .پر انهيَء وچ ۾ سنڌ جي ڪابينا ُجڙي هئي ته پيرآفتاب شاھ جيالني ،تعليم جو صوبائي وزير ٿيو هيو .تڏهن وڏيون َک ِڳيون هنيون هيون سين ،بغليون وڄايون هيون سين ته واهه واهه ٿي وئي ،هاڻ ته نوڪريون ملنديون .لئي ٿي ويندي. ھوڏانهن ُملڪ َٻ ِري پيو هيو ،الهور ۽ ڪراچيَء ۾ مني مارشل ال آئي هئي ،مهاجرن شهر بند ڪيا هيا .ريليون ،باهيون ۽ ڌرڻا ٿيا هيا .پر ُڀٽي صاحب جي َ ڪن تي جونَء به نه ُسري 137
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هئي .پير آفتاب ،وزير ٿي بنگلي تي ُپهتو هيو ته وڏيري عالم سان گڏجي وٽس ويو هيس. ُپراڻا ڪپڙا ،پيرن ۾ هوائي چمپل ،سنڌيَء ۾ ماستريَء الِء درخواست لکي ،وڏيري عالم معرفت پير صاحب کي ڏني هيم ،پير صاحب نوٽ هنيو ته ،Pl :appoint him .صحيح ڪيائين ،ٺپو لڳو ،هدايت DEOڏانهن هجي ،خوشيَء ۾ نه پيو ماپان ،تعليم جي وزير جو حڪم آهي ،نوڪري پڪي ،وڏيرو عالم ُاتي ئي وسريو هيو .هوائي چمپل جي جي سٽڪ سٽڪ ڪندو DEOجي آفيس ۾ ُپهتو هيس .سڌو هليو ويس آفيس ۾ DEO ،کي درخواست ڏنم .ڏسي ،پڙهي ،درخواست واپس ڏيندي چيائين ،پاڻ وٽ َر ُ ک ،جڏهن جايون خالي ٿيون ته نوڪري ملندئه. چيم پر سائين _! وزير صاحب لکيو آهي. وراڻيائين ،بابا جيڪي چيم ،سو ڪونه ُ ٻڌِء ڇا؟ ساڳين پيرن تي واپس موٽيس ،دل ُ ۾پور پچائيندو اچان ته وزير صاحب جو حڪم نه مڃڻ تي ،پڪ ئي َپڪ DEOجي نوڪري وئي ،ٻچا ُرلي ويندس!!! ها ها ڀل ته ُر ُلنس ،مونکي َٽڪي جيتري به عزت ڪونه ڏنائين ،آخر ته تعليم جي وزير جو ماڻهو ۽ ووٽر هيس .پير صاحب جي بنگلي تي ُپهتس ته وڏيرو عالم ڪونه ُهيوِ ،دل ٻڌي پير صاحب سان مِليس، سموري ماجرا ٻڌائيم ،سائينَء شايد سڃاتو ڪونهُ ،ٻڌو اڻ ُٻڌو ڪيائين .ته وري اٿي بيهي چيم ”قبال DEOکي فون تي ڪا دٻ َپٽيو!!!“ .سائينَء مون ڏي ڏٺو ڪاوڙ ۾ چيائين ته نٿو ڪري ته آئون ڇا ٿو ڪري سگهان؟؟ زور ڀريم ته ِچ ِڙي چيائين َه ُل ٻاهر مون کي ٻين سان ڳالهائڻ ڏي .مون کي وڏو ڌچڪو لڳو ،پلڪن ۾ جڙيل مکڻ جون ماڙيون ڊهندي ڏٺم ،سوچيم ،ڪالهه نه سڃاڻيندي به ڀاڪ ُر ٿي پاتائين ،اڄ وزير ٿيڻ سان ايترو بدلجي ويو .مار!! اتي ويٺل ،اوڙي پاڙي جي ماڻهن بي عزتو ٿيندي ڏٺو ،نيٺ ڦِلهو ُٻوٿ ڪري ٻاهر نڪتس!. گهڻو پوِء جڏهن حبيب بينڪ جو مينيجر ٿيس۽ بينڪ زميندارن کي زرعي قرض ڏيڻ شروع ڪيا ،ته ساڳيو پير صاحب مون ڏي سفارشي فون ڪرڻ ۽ وزيٽنگ ڪارڊ موڪلڻ ماٺ ميٺ ۾ سندس ماڻهن جا ڪم ڪري ڇڏيندو ُهيس .ڪڏهن به ُان واقعي جو لڳو .آئون ِ سفارشي چٺيون آڻيندڙن سان ذڪر ڪونه ڪيم. هيَء دنيا به عجيب آهي ،اهو وقت َمٽيو ،آفيسر ٿيس ،رٽائر ٿيس ،اڇا ڪپڙا َپهريم ،وڏيرو سڏجڻ لڳس .رئيس سڏجڻ لڳس ،ته ساڳيو پير صاحب ،ڀاڪر پائي ملڻ لڳو ،ڀانِء ورهين جا واسطا هجن ،وٽس اسالم آباد جي فيڊرل الج ۾ وڃي چانهيون ،پي بسڪيٽ کائي، 138
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪچهريون ڪيم .تڏهن سوچيم وتايو سچو ُهيو ،چئي اڇن ڪپڙن کي عزت آهي .مڃڻو پيو ته طبقاتي فرق ئي ماڻهوَء کي ماڻهوَء کان پري ڪري ٿو .نه ته ڇا َا ُ ڪوَء جو ُپٽ اميرو؟ ڇا اسالم آباد؟ ۽ ڇا پير صاحب؟بس رنگيَء جا َرنگ نراال آهن .پير صاحب کي ووٽ پوِء به ڏيندا اچون .اڄ تائين بنان لوڀ ۽ اللچ جي ،بنان ڪنهن ڪم ڪار گهرڻ جي، تن ڏينهين ،جيرام ،ڳوٺ ۾ ماستر ٿي آيو هيو ،ته پليجي وارن جو رنگ چڙهيل هيس، ڳاڙها ڪتاب آڻيو ڏئي سي ويٺو پڙهان ،روز هالل پاڪستان اخبار آڻي ،سا به پڙهان ،رڳو پڙهان نه َپ َر َچٽيو ڇڏيان .جيرام وڏا وڏا قصا ٻڌائي ،انقالب جا انقالبين جا ۽ ُانهن جي ڪمن جا ،ڏاڍو ُمتاثر ٿيان .جيئن جيئن پڙهان تيئن تيئن مذهبي ڪٽرپڻو گھٽبو وڃيم، َمن جي َ ڪ ُ ٽ لهڻ لڳي .سوچيان ،علم واقعي علم آَ ،اندر ُاجرو َ ڪريو ڇڏي .اڄ ٿو سوچيان ٿو جي جيرام نه هجي ها ته چور ُهجان ها يا ڦورو هجان ها ،روز پوليس ُٻنڊڻ ُ ڪٽي ها ،يا ُملو هجان ها مسيتون وسايو ويٺو ُهجان ها. موالبخش کوسي ،محمد علي ٽالپر ،حبيب اهلل ملوڪاڻيَء ۽ ٻين جا پليجي سان اختالف ٿيا ته جيرام وارا الڳ ٿيا .سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ٺاهيائون .آئون سندن ميمبر نه ُ ضرورهيس. پر همدرد ت ِ ِن ڏينهن ۾ ٻني َء جي ڪم مان واندو ٿي ،ڏاندن کي گاهه ڏئي نلڪي هيٺان يا واٽر تي بنان صابڻ جي وهنجي ،ساڳيا پگهر وارا ڪپڙا پهري ،گهڙي کن آرام ڪندو ُهيس ،يا جيرام سان ڪچهري ڪندو هيس .رات جو کير جي وٽي سان ماني کائي ،پراڻي ڪچي اسڪول ۾گهڙيَء کن جيرام سان ڪچهري ڪري ،گهر اچي سمهي پوندو ُهيس. ُ سال پراڻن پڊن کي ڇڏي رائت مل جي اوطاق ۾ گهر ٺاهڻ جو سوچيوسين .ڪوٽ انهيَء ِ اڳ۾ آيو پيو ُهيو .اوڏن کان ٽي ڪچيون ڪوٺيون ،ونگائين ورانڊي سميت ٺهرايونسين، ڇت الِء اوڙي پاڙي مان َٻ ُٻرن جون ڪاڃڻون وڍي آياسين .سر ُلئاسين ،دلور تان مانجهليَء در َ جا ڪايا خريديِ ،ڇت ِوڌي ُسونَ . درين جيترا پئسا نه ُهجن .پوِء به پريان ڏسيو خوش پيا ٿيون ته واه جا گهر ٺاهيا اٿئون ،اصل النگ پئي لڳي. هڪ ڏينهن بابا مون کي َسنبرائي چيو ته هل ،حمير شر جي ڀاُء رحيم خانَ ،متل جي ڪمداريَء ۾ وساڻن جي نئين ڳوٺ ۾ ُدڪان کوليو آهي .توکي ُاتي نوڪريَء ۾ بيهاري َ ڇانو ۾ ويٺو ُهوندين .ان ڏينهن بان واھ جي اچان .هنن هرن ڪاهڻ کان چڱو آهي ته ٿڌيَء نئينَء موريَء تي بس مان لهي ،پنج ميل پنڌ ڪري ،انهيَء ڳوٺ ۾ ُپڳاهياسين .بابا ،حمير َ ئي ،اڳلي جهٽ ۾ ئي ها ڪئي هئي ،نه پگهار جي ڳالهه ٿي نه ُمهاڙ ٿي، خان سان ڳالھ ڪ ِ 139
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
بابا ماني کائي واپس َو ِريو ۽ مون وڃي نئين ڳوٺ ۾ رحيم خان سان گڏ ريزڪي ُدڪان سنڀاليو ،سڄا سارا چار مهينا انهيَء دڪان تي رهيس ۽ آخر ۾ٺوهيو ٿي نِڪتس ،نه پگهار مليو ،نه پئسو مليو ،باقي چئن مهينن ۾ ماني سا ڍوَء تي ملي .باقي ٿيو خير ،نه ڪڏهن بابا َچ َي ُن ،نه ئي مون ڪا رڙ ڪئي .ماٺڙي ڪري وري اچي ٻنيَء کي لڳس. ان ئي زماني ۾ نون ستارن جي ميڙي چونڊي گڏ ڪيل اتحاد پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيا ،جن کي ُڀٽي جي ضرورت هئي تن جي هاڻ ڀٽو صاحب ضرورت ڪونه رهيو ،ته ضياَء جي نالي ۾ ساڄي ُڌر جي سڌي ِپڌي فوجي سرڪار جوڙيندي ،ڀٽي صاحب کي جيل ۾ ڪيس ٿيڻ شروع ٿيا ،منهنجي عمر ايستائين سترهن کن ورهيه هئي ،پر واڙيائون ،وڏا ِ سچي ڳالھ اها آهي ته مون کي سياست جي ڪائي ُسڌ ُٻڌ ڪانه هئي ،ملڪ ۾ ڇا پيو وهي ڇا پيو واپري ،ان جي اون ئي ڪونه هوندي هيم .جيتوڻيڪ جيرام جو ڏنل ڳاڙهن ڪتابن جي پڙهڻ سان ذهن تي طبقاتي فرق ،طبقاتي سماج جي بابت ٿور گهڻي پروڙ پيم پئي. پر اصل ڳالھ اها به هئي ته غربت ۽ پيٽ جي پاندي پوري ڪرڻ جي ُاون ۾ ٻي ڪا ڪل ئي ڪانه هيم. ربيع 1978۾ ڇهه ايڪڙ ڪڻڪ پوکي هيم ،ان سال ڪڻڪ جو نئون ٻج آيو ُهيوُ ،ان کي ُ ڪارتهي ڪڻڪُ .ان ڪڻڪ جي َس َ نگ جا ِسرا ڪارا هوندا ُهيا ۽ جسم کي ماڻهو چون پيا ُ منجهانئن تمام گهڻي خارش ٿيندي ُهئي .ايتري قدر جو جسم تي َک ِنهي َک ِنهي لڳڻ سان َڊٻڙ ٿي ويندا ُهيا .ٻين فصلن جيان معمول جي جملي مرحلن مان ُاڪ ِري ،جڏهن اها ڪڻڪ ڪي ،ته هر سال جيان ،اسان جي گهر جي سمورن ڀاتين گڏجي البارو ڪيو ،ڪڻڪ ڀٽاري َپ ِ ِ َ َ جي َو ِل جون ڀريون َمٿن تي ڍوئي ،موجوده پرائمري اسڪول واري جڳهه تي کرو ٺاهيوسينُ .ان زماني ۾ ڪڻڪ ڳاهڻ جا ٿريشر ڪونه آيا ُهئا ،ڪڻڪ جي ول گول دائري ۾ رکي ،وڏو ڦيڙهوٺاهبو ُهيو .ڪڻڪ ڀٽاري ُآڀن ۾ ايندي هئي ،ته هاريَء کي اچي ڊنگهر ڳولڻ جي ُاڻ ُتڻ ورائيندي هئي ۽ الباري جي تيارين کان اڳ ئي پري پري کان ڳولهي ُ ڊنگهر وڍبو هيو .ان ڊنگهر کي گِ ِهلي ٻنيَء ۾ آڻي مٿانئس ڦولهي ،ڪن ِڊيَء جي وڻ جو وزن ڏئِي رکبو هيو .البارو پورو ڪريَ ،ول ڍوئي ،وڏو ڦيڙهو ٺاهي ،ڪنهن سومر جي منجهند کان بادشاھ ِپير دستگير جي نالي پنجين روپئين جون ريوڙيون ورهائي ،پوِء َه َلر شروع ڪبي هئي ،پهريائين ڦيڙهي جي چوٽ تي چڙهيُ ،ان جي چوٽيَء تان ٿوري ٿوري ڪڻڪ جي ول الهي ،ڦيڙهي جي گول دائري ۾ زمين تي پکيڙبي هئي ،ان بعد ڪنڊيَء َ ڊنگهر جنهن کي ڦرشو به چوندا هيا ،ان تي ٿورڙي َو ِل وڇائي ،ڊنگهر جي جي ُسڪل 140
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪنهن َسگهيَء َانگه ُه يا ٻيالنگھيَء۾ سنگهر وجهي ،ڏاند ن جي ُ ڪلهن تي چڙهيل پاڃاريَء ِ ڪبي هئي .ڪنڊيَء جي ڊنگهر جي َانگهائين َ ۾ سنگهر قابو َ ڪ َ نڊن ۽ ڏاندن جي پيرن، ِ ِ سبب اپريل جي ُلڪن ُ ۾سڪي ُڀڳڙا ٿيل َو ِل ُڀرندي ويندي ُهئيَ ،رکي َرکي ٻِيانيَء سان ُڀرندڙ َو ِل کي ُاٿل ڏبي رهبي هئي .تان جو اها َول ُبوهه ٿيندي ويندي هئي ،ايئن وري مٿان ٻي َول الهبي هئيَ .ول الهڻ جي اهڙي عمل کي چئبو هيو َپ َ ڳ َر وجهڻ ٻِيانيَء يا ٽنگڙيَء َ هيوٽوپ ڏيڻ .ائين سئوکن مڻ ڪڻڪ ،وڌ ۾ وڌ ،ويهن ،پنجويهن سان ُاٿل ڏيڻ کي چئبو ان ،الڳ ڪرڻ الِء ان کي ڍ ُ ڏينهن ۾ وڃي َڳ َهندي ُهئي .پوِء ڳاهيل ڪڻڪ مان بوهه ۽ ُ ڳ ِ ِ ڪري ڌڙو ٺاهبو هيو ،جڏهن سڻائي واُء لڳندي هئي ته ٽنگڙيَء ذريعي ُ وائر شروع ڪبي هئيُ . وائر دوران ،اڌ ُڀريل سنگَ ،ٻ ُٻر جي سنهيَء ۽ سائيَء ڊِنگهريَء سان ٽاري الڳ ڪبا هيا ،انهن کي َ ڪڏا چئبو هيوُ . وائر پوري ڪري ،پوِء ُانهن ڪڏن کي پکيڙي ،وچ ۾ ڪاٺ جي ُمني کوڙبي هئي ،جنهن چوندا ُهيا ميڙهِه .پوِءپنج ست ڏاند هٿ ڪري ،تن کي پاڻ ۾ َ ڏن سلهاڙي ،هڪ ڏاند کي ميڙهه سان ٻڌبو هيو ،جنهن کي چئبو هيو ميڙهي ڏاند .انهيَء ڪ ِ َ َ ڪڏن مٿان هلندا واري َهلر کي گھڻو ڪري گانبولِي چئبو هيو .جڏهن اهي ڏاند ڀورڻ ِ ِ رهندا هئا ،ته ڌڻي جهونگاريندو رهندو هيو ،هلي ملهي ،هلر هليَ ،رکي َرکي ڪڏن کي ُاٿل به ڏيندو رهندو هيو ،ته سنگ ُڀري ويندا هئا .ٻئي ڏينهن انهن کي به ُ وائري اهي صاف ٿيل داڻا َا َن جي راهه ۾ وجهبا ُهيا .اهو سمورو عمل اپريل جي جهولن ۾ شروع ٿي ،مئي جي وچ ڌاري ُپڄاڻيَء تي پهچندو ُهيو. ڪڻڪ جي َکري تي هڪڙو ماڻهو چوڪيدار ڪري رکبو هيو ،جنهن کي عام طور ڪانگ َتڙو چئبو هيو ،انهيَء ڪانگ تڙي وٽ هڪڙو ڪاٺ جو ٺهيل زمينداري َٺپو هوندو هيو. ُهن جي ذمي اهو ڪم هوندو هيو هيو ته َان جي تيار ٿيل را ِھ تي پاسن کان ٿورڙي ڪي مِٽي وجهيُ ،ان جي مٿان ُانهيَء ڪاٺ جي ٺپي کي رکندو هيو ته ڪاٺ تي ِوٿ ِير ِ ُاڪريل اکر لِکجي ويندا هيا .معني ته راھ تي ٺپو لڳي ُچڪو .هاڻ ته ٿريشرن جي اچڻ بعد اڳيان رواج ئي َمٽجي ويا آهن .نه ته اڳئين زماني ۾ ڪڻڪ جي َکري جي َبٽئي ڪرڻ وقت جيڪي هاري َا َن جي ڌڙن جون ڪانبيون ڀرڻ الِء َان جي را ِھ ۾ ويهندا هيا ،تن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪونه هوندي هئي ،مٿي تي ڪپڙو َٻڌل هوندو ُهين ،پير اگهاڙا ڪندا هيا، چوندا هيا ته ايئن ڪرڻ سان َان مان برڪت ڪونه ويندي .بادشاھ پير جي نالي ريوڙيون يا نقل ورهائي ،پوِء بسم اهلل ڪري پهرين ڪان ِبي ،بادشاھ پير جي نالي جي َان سان ُٽ ُ ٻ َ هاريندو، ڪري َڀربِي هئي ،پوِء هڪڙو همراھ اها ڪانبي کڻي گول راه ۾ ڪڻو ڪڻو ا ُن ِ 141
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڄڻ ته را ِھ ڀڃڻ جو اعالن ڪندو ويندو هيوُ .ان ڪانبيَء جوباقي بچيل َا ُن بادشاھ پير جو ڌڙو ڪري الڳ رکبو هيو ،جنهن جي نالي خيرات ڪبي هئي ،پوِء تور شروع ڪبي هئي، اڳئين زماني ۾ سڀ ڪم آهت تي ٿيندا هيا ،سڀ ڏيتيون ليتيون کري لٿي ڪبيون هيون، ُان ڪري سڀني آهتين ،يعني واڍي ،موچي ،لوهار ،ڪنڀار ،درزي ۽حجام کي کري بٽئيَء ڪرڻ جو اطالع ڪيل هوندو هيو ،هرڪو پنهنجو آهت وٺي خوش ٿي روانو ٿيندو هيو، مسيت سڳوريَء ،غريب غربي ،سيد توڙي اوڙي پاڙي جي رن زال الِء به ڌڙو ڪڍي رکبو ٽ ۾ ُکڙيَء ٻوڙ جيترو َا ُن هاريَء جي ُ هيو .چڱن زميندارن جو رواج هوندو هيو ته َپ َ ڪ ِڍيَء الِء ضرور ڇڏيندا هيا .جيڪا مايون اچي ميڙي ٻه ٽي ٻوريون َا ُن گڏ ڪنديون هيون .کري جي بٽئيَء جو ُٻڌي اوڙي پاڙي جا ٻارڙا ماڪوڙين جيان ِسرڪي اچي ُپڄندا هيا .ڪنهن کي ڪو دڙڪو ڪونه ڏبو هيو ،آخر ۾ َپ ُ ٽ ميڙي هرهڪ ٻار کي قميص جي جهوليَء ۾ ُٻڪ ٻه ُٻڪ ان ضرور ڏبو هيو ،جنهن کي خوراڪ يا کڙاڪ چوندا هيا .ڪنهن کي به کري تان خالي ڪونه موٽائبو هيو ،پوِء ڀل ته هاريَء کي ونڊيَء جي ڪڻڪ مان ڪجھ بچي يا نه بچي .همراه َٺلهي ُڳوڻ ُ ڪلهي تي کڻي واپس ورندي به چوندو ويندو هيو ته ادا خير آ ،نوان پراڻا ته ٿياسي. سو ڳالهه پي ڪيم َکري ٺهڻ جي ،ڪڻڪ ڀٽاري ڍوئي ،کرو ٺاهي ،اپريل جي وچ ڌاري هلر شروع ڪيم .ڪار ُتهي ڪڻڪ جا تکا سرا ،سخت جهولن ۾ ِجسم کي لڳن ته شديد خارش ٿئي .منهن کان وٺي سڄو جسم ڊٻڙ ٿيو پوي ،هلر هلندي ،هر روز دعائون ُ گهران ،منهنجا َ َ جان ڇڏاِء!!! موال_مِهر ڪر ،ٻيو ڪو ڌنڌو ڏي ،هِن ڪ َم مان ِ هڪڙي ڏينهن هلر پي ڳاهيم ته بابا منجهند جي ماني آندي هئي ،لوڻ ،بصرَ ،لسي ۽ ماني، کري لڳ ننڍڙيَء ُٻ ُٻريَء جي َ ڇان َو ۾ ٿي ويٺاسينُ .مڪ سان َبصر َڀڃي ،مٿس لوڻ ُٻرڪي، لسيَء ۽ ماني سان گڏ کائڻ شروع ڪيمُ .اڀرندان اڇيَء ٽوپيَء سان ڪو ماڻهو ايندو ِڏسي، بابا چيو ُپٽِ ،ڏ ُ س اهو ڪير پيو اچي؟ گوڏن َڀ ِر َنرو کڻي ِڏٺم ،سائين گل حسن جروار آهي بابا ،ايئن چئي ،ماني کائڻ لڳس. سائين گل حسن ،تن ڏينهن ۾ سي پوٺو جي اسڪول ۾ ماستر ُهيو ،سو اسڪول جي موڪل ڪري واپس پئي وريو ،ويجهو آيو ته وڌي ملياسين .منهنجي ڳاڙهي چمڙي ڪڻڪ جي خارش سبب َڊٻڙ ٿيل ڏسي ،بابا کي چيائين ،اڪبر ،امير بخش هوشيار آهي ،گڏوگڏ ٿ ڪري َا ُچ ،ته آئون سڀاڻي ئي مئٽرڪ به پاس آهي ،تون ڪٿان پندرهن سئو روپيه َه ِ 142
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ماستري وٺي ڏيانس .سائينَء جي ڳالھ ٻڌندي ئي ،اسان ٻنهي جي ڪوماڻل چهرن تي االئي ڪٿان کوڙ ساري مسڪراهٽ اچي وئيِ .دل ئي ِدل ۾ ڏاڍا خوش ٿيندي ،سائين سان ها ڪئي سون .سائين ويو ،ته خوشيَء ۾ َه َلر نه پئي هلي ،ڏاند کولي ،گهر اچي ،امڙ سان ڳالهه ڪئي سون .امڙ به ڏاڍي خوش ٿي ،اصل واهه واهه پئي ٿي .پر سوال اهو پيدا ٿيو ته آخر ُاهي پندرهن سئو ڪٿان اچن؟ گهر ۾ ته پندرهن روپيه به نا ِهن .ڏئي وٺي هڪڙي ٻارن َ ڪي سون ،سا به ُمرڳهين ٽِن َس َو ِن ۾ .امان جو چانديَء جو جي ٻڪري ِو ِ کي کير پيارڻ ِ َه ُ س ،جيڪو االئي ڪيترين پيڙهين کان وڏڙين جي ِڳچين جو سينگار ٿيندو پئي آيو ،سو به َهليو ٽِن َس َون ۾ .نوسئو اڃان به ُکٽا ٿي ،اهلل ۾ آسرو رکي رات جو ُسمهي پياسينِ .سج جهولي جهلي ،برادريَء جي ماڻهن ڏانهن پالڻيوسين .هڱورني ۾ لهندي ئي ُمنهن ُاڀريو ته ِ ۾ غفور مليو ،بابا کان احوال ورتائين ۽ کلندي کلندي کيسي مان ڇهه َس َو ڪڍي ڏنائين، ڪٿان آندئي؟؟ چيائين ماما، بابا چيس ،ابا تون ته اسان کان به وڌيڪ غريب آهين ،هي پئسا ِ سون ۾ وڪيو ُهيم ،اڄ انهيَء جا پئسا مليا هيا ،توهان جو ڪم هڪڙوپوڙهو ڏاند ڇهن ِ ٿئي ،پوِء جون ڳالهيون پوِء سان ،اڳتي وياسين ،چار سئو مرحوم گل بيگ ڏنا ،سئو اڃان ُ چيوهل ،اهو سئو ماستر گل حسن کان ئي ُاڌارو ُگهرنداسون. به ُکٽي پيو ،بابا هڪلي هوڪاري ،سائينَء وٽ پهتاسين ،جنهن اوڏيَء َ مهل ئي ميرپورخاص هلڻ جو چيو. ان ڏينهن شام جا ٽي ٿيا ُهيا ،چوٿين مئي 1978جو ڏينهن ُهيو ،جو اسان وڃي ،ايس ڊي اي او جي آفيس ۾ ُپهتاسينُ .ان زماني ۾ ماستر ڀرتي ڪرڻ جا اختيار ،ايس ڊي اي او جا ُهيا ،اڄڪلھ ته ُاهي وزير اعلئ وٽ به ڪونهن .سائين گل حسن ،احوال ڏيندي مون ڏانهن آڱر کڻي چيو ته هيَء منهنجو شاگرد ،غريب ۽ هوشيار آهي ،مون هنن کي اوهانجي مٺائيَء الِء ،پندرهن سئو روپيا چيا هيا ،پر هنن مسڪينن کان ٿيا ئي ”چوڏهن سئو“ آهن .مهرباني ڪري هن کي ماسترڪريو“. ايس ڊي اي او صاحب گهنٽي وڄائي ،هيڊ ڪالرڪ کي ُ گهرائي ۽ هدايتون ڏنيون .مون کان سرٽيفڪيٽ ۽ درخواست ورتائون .آرڊر ٺهيو ،صحيح ٿي ،ٺپو لڳو ،روانگي رجسٽر ۾ چڙهيو ،نمبر لڳو ،پنو منهنجي هٿ ۾ مليو ،خوشيَء مان ُاڇالن پيوَ ،ٻهڪان پيو .بابا ڏي نهاريم .خوشي جا لڙڪ اکين مان ُاٿلڻ تي ُهجنس .آرڊر کڻي شام جو خوش خوش گهر ماسات خوشيون ڪيون .پنج سيرڪڻڪ دڪان تي وڪڻي، موٽياسين .امان ڏاڍي خوش ٿي. ِ چانور خريدي ُڳڙ جو تاهِري َڀ ُت َرڌي ،معصومن کي کارائي ،اهلل جا شڪر ادا ڪياسين. اوڙو پاڙوُ ،پڦيون ،ماسيون مبارڪون ڏيڻ آيون .ڇنل َک َ ٽ تي ويهي ،ايئن پيو مبارڪون ِ 143
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وصول ڪيان ،ڀانِء َوري گهوٽ ٿيو ُهجان .ڀانِء ڪو َحج َ ڪيو ُهجيم ،ڀانِء ڪا وڏي کيپ َکٽي ُهجيم. سرڪاري مالزمت ماستريَء جي پهرين پوسٽنگ ،گل محمد رند جي ڳوٺ ٿي هئي .جيڪو ڳوٺ رتن آباد ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ طرف ڪاڪ بنگلي کان به اڳتي هوندو هيو. َهڪلي ،هوڪاري اتي ُپهتس .انهيَء ڳوٺ جا جملي ماڻهو رند ٻروچ هيا ،سنهڙا ،سيپڪڙا، سنهڙن آوازن وارا ،سرائيڪي ٻولي ڳالهائيندڙ ُهجن .نائين درجي جا هم ڪالسي زمان ۽ شريف رند به ڏٺم ته خوش ٿيس .اسڪول بند پيل هيو ،چيائون ته اسڪول جي چاٻي ۽ چارج چاچي تاج وٽ آهي .چاچي َ تاج جو َڏ ُ س نڪو هيو َپتو .رات ٿي وئي ته اوطاق تي ڪچهري َمتي ،راڄ ُمڙسن جا اچي َ ڪٺا ٿيا ،مانيَء جي مهل ٿي ته ماني به آئي ،پر هجن ٻه ِ ُ سنهڙا ُڦلڪا ۽ انهيَء سان گڏ ُ ٻوڙ به هيو ،ٻن ڦلڪن مان منهنجو ڍوُء ته ڪونه ٿيو هيو .پر رندن جي ڳوٺ ۾ پهريون ڏينهن هجڻ جي ڪري حجاب ۾ وڌيڪ ماني ڪونه گهريم، سوچيم ته ٻروچ االئي ڇا سمجهن ته ُمڙس بنهي ڪو پيٽي آهي. ان رات ڪچهريَء ۾ هڪڙو سهڻو ۽ اڇڙو ڇوڪرو آيو ،وڏا وار ُهجنس ،چيائون پئي چاچو تاج آهي ،ڏسڻ ۾ َسڀني کان ننڍو پئي لڳو ۽ سڀني چاچو پئي چيو ،آئون حيران پئي ٿيس!! ،ته هي ڇا قصو آهي؟ سڀني کان ننڍو ۽ سڀني جو چاچو .رسمي عليڪ سليڪ بعد، اسڪول جي چاٻي ڏئي چيائين ،ماستر هاڻي تون ڄاڻ تنهنجو اسڪول ڄاڻي ،اسان جي الهواهي .چاچو تاج اصل ۾ تاج بلوچ هيو ،تاج رند هيو ،اڳوڻو ڪميونسٽ ۽ هاڻوڪو سگا جو اڳواڻ .تاج بلوچ تن ڏينهين نئون نئون ،مليريا کاتي ۾ نوڪريَء سان لڳو هيو، ڳاڙهو ڳٽول خوبرو جوان هوندو هيو ،سنڌ يونيورٽيَء مان ايم اي انگلش۾ ڪيل هيس. چون ٿا ته ووٽرلسٽون سنڌيَء ۾ ڇاپڻ ۽ ون يونٽ خالف هلندڙ تحريڪن ۾ تاج بلوچ، اسان واري لڏي جي شاگرد ونگ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ هوندو هيو، ۽ عزيز مهراڻويَء سان گڏجي اوچتو جلسن ۾ وارد ٿيندو هيو ،ڏاڍي ڀلوڙ تقرير ڪري اسٽيج تان لهي ،ننڍڙي ٻار جيان خلق جي وچ ۾ الوپ ٿي ويندو هيو .پوليس ۽ سي آئي ڊي جا ماڻهو تاج بلوچ جي پويان ُنوسيندا وتندا هيا ۽ هيُء همراھ هنن جي آڏو ٻارن جيان ٺينگ ٽپا ڏيندو گم ٿي ويندو هيو. چون ٿا ته سنڌ يونيورسٽيَء ۾ ٻن شاگردن علي مردان شاھ ۽ جان محمد کيڙو جي مارجي وڃڻ واري ڪيس ۾ پوليس کيس ڳوليندي اچي ڳوٺ پهتي هئي ،هيُء همراھ به ڪو َ ڇانو ۾ کٽ رکي ويٺو هيو ،اوچتي پوليس ڏسي ،ڀڙڪو کائي پاسي اوطاق آڏو وڻن جي 144
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
۾ بلورن سان راند کيڏندڙ ٻارن سان گڏجي راند کيڏڻ شروع ٿي ويو ،پوليس جي آفيسرن کيس ۽ ٻين ٻارن تي به زور ڀريو ،ته ٻڌايو تاج بلوچ ڪٿي هوندو؟ همراھ پنهنجو پاڻ ئي پوليس کي ورنديون ڏيندو رهيو ته چاچو هتي آيو ئي ڪونهي ،يونيورسٽيَء پڙهڻ ويو آهي .جيتوڻيڪ تاج هينئر ڪافي پوڙهو ٿي ويو آهي ،پر سندس جذبا اڃان به جوان آهن، سگا ميرپورخاص کان وٺي ٻين کوڙ سارين تنظيمن ۾ جيڪر تاج بلوچ نه هجي ته اهي ڪاغذي هجن .سندس ڪمٽمينٽ جو اڄ به اهو حال آهي ،جو ڪوبه ڏکيو ڪم سندس ذمي ڪري وڃي ٻانهن سيراندي ڪري ُسمهي رهو .تاج ڄاڻي ته ڪم ڄاڻي .گھڻن پراڻن يارن جيان نه گھڻي َڦ َل ِر يا اجائي ڊيگھ ويڪر ڪونه ڪندو ،پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻو آهيس، ڪنهن يار دوست کان جي شڪايت به آهي ته اها به هوريان هوريان ۽ لڳ ڀڳ َ ڪ َن ۾ چوڻي آهي ،ڇو جو ڀتين کي به ڪن آهن .ٻيو ڪو به ڀئو ڪونهي ،پر متان ميار ملي وڃيۡ .ڪهڙوبه سنڌ جي ماڻهن جي ڀلي الِء ٿيندڙ پروگرام هجي ،ڪٿان نه ڪٿان خبر رڳو پوي .چاچو تاج ،انهيَء پروگرام جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ،هٿ ۾ هڪڙي ٻه اخبارون ويڙهيو ويٺو هوندو .جي ڳالهائڻ يا تقرير جو چيائونس ته سڀني کي سچ منهن تي ئي چئي ڇڏيندوُ .اتي وري ڪنهن جي رک رکان ڪونه ڪندو .ڀلي ڪيڏو به وڏو ماڻهو يا ڪامورو هجيُ .ٻڌو اٿئون ته وڏي ڀاُء حاجي نور محمد کان پوِء هاڻي گھڻو وقت ڳوٺ کي ڏئي ٿو. رب ڪري جتي به هجي سندس آواز جو دٻدٻو ۽ جذبا جوان هجن .۽ پيريَء ۾ پاڻ جهڙا ڏهاڪو کن تاج به پنهنجي ڳوٺ ۾ پيدا ڪري وڃي .ته اهو سنڌ تي سندس وڏو احسان هوندو. انهيَء ڳوٺ ۾ ئي تاج بلوچ جو ڀائيٽو ابوبڪر رهندو هيو ،جيڪو ڪنهن زماني ۾ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳواڻ رهيو هيو ،۽ انهيَء زماني ۾ هڪڙي ٻئي سوٽ، اسماعيل رند سان گڏ ووٽرلسٽون سنڌيَء ۾ ڇاپڻ واري تحريڪ ۾ يا ون يونٽ خالف هلندڙ تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي جيل ڪاٽي آيو هيو .پوِء ابوبڪر به ُسرخو ٿي ويو هيو، ڪامريڊن جي گهڻو ويجهو رهيو هيو ،اڄڪلھ جيتوڻيڪ هو چڱو موچارو وڏيرو ٿي ويو آهي ،ڀانيان ٿو ته کوڙ سارا حج ۽ عمرا به ڪري آيو آهي ،تڏهن به روزاني عوامي آواز ذريعي ورهين کان پنهنجي اندر جو اوٻر عوام آڏو آڻيندو رهي ٿو .يار وٽ رک رکاُء ڪونهي ،جيڪي محسوس ڪيو سو ُٻوٿ تي چوڻو آهي ،پوِء ٿوري گهڻي رومال ۾ ويڙهي ڇو ڳالھ ڪجي .اصل ڪجي ته سڌي راند سونٽي جي ڪجي نه ته ڪجي ئي نه. مون سان گهڻو ويجهو رهڻ جي ڪري ،منهنجي لِکت ُسڃاڻي ويندو آهي ،ڀلي پوِء اها 145
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪهڙي به نالي سان لِکي هجيم .گھڻا ورهيه پوِء ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ ڪنهن وڏي ماڻهوَء هڪڙي پريس ڪانفرنس پئي ڪئي .جيڪا لِکيل منهنجي هئي .انهيَء پريس ڪانفرنس دوران آئون به ڪنهن ُ ڪنڊ ۾ ويٺو هيس .سوالن جوابن جي وقفي ۾ ابوبڪر کانئس هڪڙو بنهي ڏکيو سوال ڪيو .ته همراھ ُمنجهي پيو ،هڪڙي ٻه ڳيت ڏنائين ،نيٺ ابوبڪر چئي ڏنس ،ته سائين ايئن چئو ،ته اهي ِسٽون امير بخش لِکيون ئي ڪونه هيون. سو انهن رند بلوچن جي اوطاق تي روزانو رات جو ڪچهريون َمچنديون هيون .روزانو، نوان نوان ُمهانڊا ايندا هيا ،نوان نوان چهرا ايندا هيا ،االهي ڪتاب پڙهيل لکيل۽ داناُء ماڻهواالئي ڪٿان ڪٿان اچي نڪرندا هيا .فضول ڪچهريون ڪونه ڪندا هيا ،اڪثر ڪري سندن ُمک موضوع ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون ُهوندو هيو ،سندن واتان ُسرخ انقالب جون ڳالهيون ٻڌندو هيس ،سوشلزم جون ڳالهيون ٻڌندو هيس ،مسڪين ماڻهن جي دردن ۽ درمانن جون ڳالهيون ٻڌندو هيس .بلڪل اهڙيون ڳالهيون ،جهڙيون جيرام به اڳي مون سان ڪندو رهندو ُهيو .نيٺ ڳالهين ڳالهين ۾سڀ ڳالهيون ُکلنديون ويون ،خبر پئي هوسڀيئي ڪامريڊ ُهيا .هن ملڪ جي ڪورٽ سڳوريَء پاران پابندي مڙهيل ڪميونسٽ پارٽيَء جا ڪارڪن .ڪامريڊ ڄام ساقيَء جا ڪارڪن ،حيدر بخش جتوئيَء جي سنڌ هاري ڪاميٽيَء جا ڪارڪن ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ڪارڪنُ .هنن جا ڪچهرين ۾ َ رهيسُ ،هنن جا آندل ڪتاب پڙهندو ُ ڪيل قصا ٻڌندو ُ رهيس ،ذهن تي هٿوڙا لڳڻ شروع ٿيندا هيا ،نيٺ ذهن ُکلندو ويو ،۽ َم َن تي چڙهيل ورهين جي َ ڪ ُ ٽ ايئن ڌوپڻ لڳي ،جيئن فوجي بندوق کي ڪوسي پاڻيَء مان ڌوئڻ مهل ڪٽ ڳاري الهيندا آهن .۽ پوِء رندن جي ڳوٺ ايندڙ يارن پاران مون الِء ڳاڙهن ڪتابن جون ڀريون اينديون رهيون ،تان جو سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو خفيه ڇپجندڙ ۽ ترجمان پرچو هلچل به منهنجي هٿن تائين اچي پهتو هيو ،نيٺ ٿيندي ٿيندي ڪميونسٽ پارٽيَء جو ترجمان ُ سرخ پرچم به ِر ِڙهي اچي َرسيو .جنهن جي ڇپڻ وارن الِء االئي ڪيترن ورهين کان يارڙا نوس نوس ڪندا پئي وتيا. تن ڏينهين تاج بلوچ جي ڀاَء حاجي نور محمد رند جي اوطاق هلندي نه پر جيئن جو تيئن َوهندي هئي .مون پارا ڪيئي ُاڙيا ُٿڙيا ،مفت جون مانِيون کايو ،وڏيون اوڳرايون َڏيوَ ،ک ُٽن تي َاهليا پيا هوندا هيا .ڪجھ دائمي مهمانن ۾ مون کان سواِء ٿر جي ڳوٺ چوڻهيار جا ٻه سميجا ڀائر محمد خان ۽ سونهاروخان به هوندا هيا .جيتوڻيڪ تن ڏينهين ،سونهارو سميجو سنڌ يونيورسٽيَء جي ڪيمسٽريَء واري شعبي ۾پهچي ،ڪامريڊن جي َو ِر چڙهي چڪو 146
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو ،پر اڃان ترقي ڪري ساغر سميجو ڪونه ٿيو هيو .ان زماني ۾ رندن وٽ ايندڙ عام سنڌي اخبارن ۾ ڪامريڊ غالم حسين شر ۽ مانڌل شر جا ناال ۽ خبرون پڙهندو ايندو هيس. سو هڪ ڏينهن سونهاري سميجي کان پڇيم ته يار انهن مڙسن کي سڃاڻين ٿو؟ جنهن تي ٺھ پھ وراڻيو هيائين ته اهي به اسان واري لڏي جا ڪامريڊ ئي آهن .بس ،پوِء ڳالھ آئي وئي ٿي وئي هئي .جيتوڻيڪ منهنجي انهيَء ُپڇا پويان نسل پرستي يا شر پرستي ضرور شامل هئي .االئي ڇو دل ۾ايندو هيم ته انهن مڙسن سان مِالن ۽ دوستي رکان .انهيَء ڳالھ کي ڪافي ڏينهن گذري ويا هيا ،ڪجھ وقت بعد سونهارو به يونيورسٽيَء هليو ويو هيو، ۽ ُاتي وڃي ڪا َلڪڙ تار ڪئي هيائين .هي جو اڄڪلھ مختلف فرقن جا تبليغي گروھ نوجوانن کي پاڻ ڏانهن الڙڻ الِء جتن ڪندا وتن ،تيئن تڏهن ڪامريڊ ايئن ڪندا هيا ،اصل شل نه ڪنهن سان ڪو ڪوڙو سچو ،انڌو منڊو واسطو نڪرين .مڙس راتورات َچنبن ۾ چائجي ويندو هيو .مون سان به اهائي ڪار ٿي هئي ،سونهاري جي ُدکايل دونهينَء هڻي وڃي هنڌ ڪيو هيو .هڪڙيَء رات اسڪول کان موڪل ڪري ڳوٺ آيل ُهيس ته منهنجيَء ڀونگيَء نما اوطاق ۾ ٻه اڻ ڪوٺيا ڪامريڊ اچي سهڙيا هيا .هڪڙوهيو سنڌ يونيورسٽيَء جو باٽنيَء جي شعبي وارو موجودھ پروفيسر ڊاڪٽر شير محمد مڱريو .۽ ٻيو هيو ڪامريڊ سان ،ڀانِء ورهين کان وڇڙيل مليا هجون .ڀانِء غالم حسين شر .ناال ُٻڌندي ئي َٻکجي پيو ِ ڪا پراڻي ياراني هجي. تنهن زماني ۾ موالبخش کوسي ۽ محمدعلي ٽالپر وارو لڏو ،رسول بخش پليجي کان ُرسي نڪتو هيو ،۽ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي نالي سان پنهنجي ڌار تنظيم جي ديڳڙي چاڙهي هيائون .سي جيرامداس اٻوجهي معرفت مون تي ڦيڻا رکڻ ۾ لڳا پيا هئا. ۽ مون ۾ شعور جي انڌي منڊي ُسڌ ُٻڌ آندي به جيرام هئي ،پر شر پرستيَء ۾ جيرام ۽ انهيَء جي دوستن کي ڇڏيم ُاتي ئي ۽ پاڻ وڃي هنن ڪامريڊن سان گڏيس. تنهن زماني ۾ شهيد عبدالرحيم گرهوڙيَء جي پاڙيسريڻ شيرين سومريَء جي واقعي سڄي سنڌ کي لوڏي وڌو هيو .ٻين سان گڏ مون وارو يار سونهارو سميجو به ترقي ڪري ساغر سميجو ٿي وڃي ُترم ۾ پهتو هيو .هڪڙي رات جو سپاف الڙڪاڻي جي ٽن شاگرد اڳواڻن ايازسومرو ،اسد ابڙو ۽ احمد علي سومري کي ڪاري ٽوپي لِڪائي َڇپائي ميرپورخاص جي جيل کڻيو پئي آئي .ڪامريڊ غالم حسين شر روپوشيَء ۾ روپ َمٽائي بلوچستان پئي ويو .روهڙيَء جي اسٽيشن تي سنگهرن ۾ سلهڙيل مڙس ڏسي روح نه رهيس ،وڃي صوبيدار سان عليڪ سليڪ ڪيائين .صوبيدار صاحب به ڪو هجي پير 147
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پاڳاري جو مريد ،جيئن ئي ُهن ڪامريڊ کي اها ڳالھ ٻڌائي ته هيُء همراه ڀيڄ پاڳارا چئي َٻکين پئجي ويسَ .ٻڌل همراهن جا ناال ذاتيون ُپڇيُ ،اتان ئي اسان واري لڏي ڏي خط روانو ڪيائين ته ُمڙسن جي وڃي واهر ڪريو .متان پاڻ کي هيکلو سمجهن .ڪامريڊ جو خط مون وٽ ڇا پهتو هيو ،ڄڻ هنڌين ماڳين لڪڙ تار هلي وئي هئي ،خط ملڻ جي ٻئي ڏينهن کان ئي ،جيل تي همراهن جي مالقاتين جي النڍ لڳي وئي هئي .مڙس وائڙا هجن ته هن ٻڌايوسون ،ته روهڙيَء شهر ۾ نه ڄاڻ نه سڃاڻ ،هي ڪيترا مالقاتي پيا اچن .پوِء جڏهن اهو ِ جي اسٽيشن تي جيڪو صوبيدار جو جماعتي مليو هيو ،سو اصل ۾ ڪامريڊ غالم حسين شر هيو ۽ ان ئي هيُء ممڻ مچايو آهي .تڏهن سپاف جا هي نوجوان ،ڪامريڊ ۽ ڪامريڊن جي خلوص تي حيران ٿي پيا هيا .گهڻو پوِء احمد علي سومرو ويچارو ته ڪنهن ظالم جي گوليَء جو نشانو ٿي ويو هيو ،اسد ابڙو شايد ڊاڪٽري پيو ڪري ،باقي اياز سومرو اڄڪلھ جو سنڌ جو وزي ِر قانون آهي .اهو به االئي ميرپورخاص جيل جي مالقاتي ڪمري جي ڄارين مان اسان جون ِڏنل اخبارون ُسٿڻ جي َو َر ِن ۾ لڪائڻ وارو ڪارڪن اياز آهي يا وقت جي ِوير ۾ ُلڙهي سچ پچ به وزير ٿي ويو آهي. ها سچي هڪڙي ٻي به ڳالھ ياد آئي اٿم ،سا به ڀانيان ٿو ته ڪندو هالن .اياز سومري وارن سان هڪڙيَء مالقات دوران اتي جيئي سنڌ جا ڪي اڳواڻ مليا هيا ،هڪڙي جو نالو به ڌنڌلڪو ياد ٿو اچيم ،االئي غالم رسول زرداري هيو يا غالم رسول ڏاهريُ .مڙس اصل بيٺي بيٺي چنبڙي پيو ،چئي ڀائو تون اسان جي جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيُء .خير اوڏي مهل ته ٻروچ کان ٻروچڪيون ُگھتون گوهيون هڻي جان ڇڏائي هيم .پر گھڻن ڏينهن بعد جڏهن آئون پڪو ُسرخو ٿي چڪو هيس ،تڏهن جيئي سنڌ وارن ،انهن همراهن جي لڪڙ تار تي جيئي سنڌ جي آريسر واري لڏي جا ٻه چڱا موچارا مهانڊا اقبال ڪيهر ۽ تيجڏان چارڻ، مون کي جيئي سنڌ ۾ شامل ڪرڻ الِء اچي ڳوٺ نڪتا هيا ،مانيَء ٽڪيَء کان پوِء جڏهن حال احوال ٿيا هيا ته مڙسن پنهنجي ماجرا ُٻڌائي هئي .۽ پوِء مڙسن قوم پرستيَء جي حق ۾ دليلن ڏيڻ سان وسان ڪونه گهٽايو هيو ،سموري رات ساڻن ڪچهري هلي هئي ،آئون چوان ،اوهانجي ڳالھ صحيح هوندي پر مونکي سمجھ ۾ئي ڪونه ٿي ڦِريو ڦِريو وريو ِ ويهي ،همراه جتان ڳالھ کي ڇڏين وريو ُاتان کان بيهن .پر منهنجو قصو وري به ساڳيو، سهي جي ٽن ٽنگن وارو .همراھ حيران به هجن ته هيڏي دماغ واري مڙس کي ڳالھ ڇو ڪونه ٿي سمجھ ۾ اچي .تن ڏينهين آئون ٿورو ٿورو چور ُپٽ به هوندو هيس ،مون وٽ حاجي رمضان مري به رهيل هيو .اسان وارا قصا ُٻڌي ٻڌي حاجي رمضان چوي ،يار حيرت 148
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
کيو به ِپ ُڙ ڪڍيو آهي ،آئون ُٺپ اڻپڙهيل آهيان ،سو به ڳالھ سمجهي ويو آهيان .تون پڙهيو لِ ِ بيٺو آهين ،ته سمجهان ڪونه ٿو .هاڻ کيس ڪهڙو جواب ڏيان ،آئون سمجهي ُس ِڻي پيو حرامپائي ڪريان .بس مون کي جو سمجهڻو ڪونه هيو سو َس ُ مڌس به ڪونه .اها رمز هنن کي به ڪونه آئڙي هئي .وري گڻا ورهيه پوِء تيجڏان ته وطن ڇڏي بي وطن ٿي هندستان هليو ويوهيو ،باقي اقبال ڪيهر سان عمرڪوٽ ۾ بينڪ جي نوڪريَء دوران وڏيون ڪچهريون قائم ٿيون هيون .تنهن کي جڏهن اصل ڳالھ ُٻڌائي هيم ،ته حيران ٿي چيو هيائين ،مار پوئي تون ته ڪو وڏو الھ آهين .تنهن رات ته اسان ٻنهي توکي ٿلهي دماغ وارو ڪورو ڄٽ سمجهيو هيو .پر تون اسان سان َپٽي ڪري ويو هئين .ايئن چئي پنهنجي اشهد آڱر وات تي رکي چوي ،اسان کي اها ڪل ئي ڪونه هئي ته ڪامريڊن ۾ به ڪا ايڏي ڏاهپ ۽ لِڪ هوندي. ڳالھ پئي هلي ،ڪامريڊ غالم حسين جي ،همراھ کي ِچڙ جا گھوڙا هوندا هيا ،شل نه ڪنهن سان ڪنهن ڳالھ تي َاڙجي ،اصل وڻ گھوڙو ٻڌڻ ئي ڪونه ڏيندو هيو .غالم رسول سهتي تي ته اصل ُالڙيَء ُ ڪهاڙيَء جيان ايندو هيو .ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي اهم پناه گاه ،بلوچستان، جتي صوفي عبدالخالق جي اثر هيٺ ٻنهي صوبن جي دنگ تي وهندڙ واه جي ڪپ تي کٽ رکيو ُستو پيو هوندو هيو ،جي هيَء پوليس آئي ته هوڏانهن هليو ويندو هيو ۽ جي هوَء پوليس آئي ته هيڏانهن .صوفي تن ڏينهين پارٽيَء جي پولٽ بيورو جو ميمبر هيو، هڪ ڀيري ڪامريڊ ان تي به ڪاوڙجي پيو۽ چيائينس ته ،صوفي! تون به ڊِنگھرن تي َاٽو هاريندو وتين .اسان جي ڳوٺ جي امرئي مينگهواڙ جي مٿين خاني جا ڪجھ نٽ ڍرا هوندا هيا ،سو ڪامريڊ جي ڪچهريَء ۾ اڪثر ويٺو وڏيرن تي ٿيندڙ َو ُٺ ٻڌندوهيو ،تنهن هڪ ڏينهن ٺوڪي کڻي َز ُ ٽ هنيو ته فالڻي وڏيري اسان جي ڦٽيون چونڊيندڙ الهيارن کي يرغمال ڪري ورتو آهي .همراھ بندوق کڻي اٿيو ،پوِء جيسين ڪوڙ ،ڪوڙ ٿئي ۽ سچ سچ ٿئي تيسين مڙس کي روڪڻ ۾ جيڪي اسان ٻک وڌا سي رب ٿو ڄاڻي ،ٻيا جيڪي حياتيَء آهن سي. رحمدل به ايترو جو هڪڙي ڀيري مرحيات عرس ڪانهئي جي زمين جي ڦڏي ۾ سندس گھر تي رات جو پهرو پئي ڏنائين جو مرحيات عرس چيس ته ڪامريڊ مون وٽ کائڻ الِء اٽو به ڪونهي ٻڌاِء ته ڇا ڪريان؟ ڪامريڊ ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ پنهنجي ٿيلهي مان چانديَء جا ٻه وزني پير ڪڙول ڪڍي ڏنائينس .االئي اهي پنهنجي ٻچڙن جا هيس يا ٻئي ڪنهن جا؟ تن ڏينهين ڪامريڊ تي پارٽي فنڊ گڏ ڪرڻ الِء غير قانوني ذريعا استعمال ڪرڻ جهڙا 149
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪجھ غلط الزام به لڳا هيا .حقيقتون هڪڙو رب ٿو ڄاڻي ٻيا پارٽيَء جا اهي ذميوار جيڪي فنڊ استعمال ڪندا هيا. هو جڏهن هتان کان ڪراچيَء ويو هيو ته ڏاڙهي رکيل هيس ،وار وڏا هيسُ ،اتي لطف ۽ امام بخش پيرزادن جي گھران جهلجي پيو هيو ،پر پاڻ کي پيرزادو ۽ لطف وارن جي ٻڪرين جو ڌراڙ ُٻڌائي ُڇٽي ويو هيو .۽ وري به هتي ئي آيو ،ته مٿو ،ڏاڙهي ۽ ُمڇون ڪوڙيل هيس ،مٿي تي ملنگن واري رليَء جي ُٽڪرين جي ٽوپي پيل ۽ هٿ ۾ کجيَء جو ڇٻو هيس .رمضان ڪانهئي جي هوٽل ۾ ڇهين آنين ڪوپ واري چانھ پئي پيتائين .آئون کيس ڪونه سڃاڻي سگھيو هيس .تڏهن هوريان هوريان منهنجي پويان ايندي سڏ ڪيوهيائين ،آواز مان سڃاڻي چيو مانس ،ڪامريڊ تون ته جھلجي ويو هئين !.تڏهن وراڻيوهيائين ته انهيَء قصي کي ڇڏ ،منهنجو ڀاڙو ُکٽل هيو تڏهن توڏي آيو آهيان .نه ته يارڙا نوس نوس ڪندا پويان ايندا هوندا .اهو سندس اچڻ آخري هيو. ناري جي اورينَء ڀر تي بان واه جي ٻنهي ڪپرن جي ڍاڪي ۾ اڪثر ڪري شر قبيلي جا گھر ڏسي پير پاڳاري جو ننڍڙو خليفو مرحيات حاجي شفي محمد راهو چوندو هيو ته هي بان جي ڍاڪي ۾ صرف انهيَء ڪري ٿا رهن جو ڪاريون ڪري ماريل مائين جا الش لوڙهڻ ۾ سوالئي ٿي ٿئين .سو انهيَء قبيلي مان هي ُجنگ جوان پيدا ٿيو هيو ،جنهن اميد خاتون ۽ حسن بانو ،شرياڻين کي ،ڪميونسٽ پارٽيَء جي ڪوٽا تي ماسڪو پڙهڻ الِء موڪلي ڇڏيو ،گھڻن کي اها خبر ڪانهي ته اميد خاتونَء جي لکيل مينگھي فقير کان ماسڪو تائين جي پويان ڪهڙو اهم ڪردار هيو. اهو ڪامريڊ جڏهن 21آگسٽ تي گذاري ويو ته ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ الِء اسان واري ڪامريڊ لڏي مان وڙلي ڪي هيا ،نه ته ٿيو خير .ٻيو ته ٺهيو پر ُٽٽندڙ ڪميونسٽ پارٽيَء جي آخري سيڪريٽريَء ڄام ساقيَء کي به سال کان پوِء آئون ئي سندس تڏي تي فاتحي وٺي ويو هيس .تڏهن سندس والد مرحيات عبدالرزاق جي سامهون ويهندي اسان جون ڦڪائيَء ۾ اکيون هيٺ هيون .ان ڪامريڊ جون ڪيئي ورسيون آيون ۽ خاموشيَء سان گذري ويون. ڪار آهي هن زماني ۾. بس جيڪي ُچلھ تي سي دل تي ،جيڪي ُاسريا سي وسريا واري ِ ڳالهه پئي ڪيم رندن جي ٻن ُڦلڪن جي ،سي به صفا سنهڙا ،اصل ڪاغذ جهڙا هوندا هيا، جن مان منهنجو ڍوُء ئي ڪونه ٿيندو ُهيو .نڪو ئي وري حجاب ۾ ٻي ماني گهرندو هيس. بس مڙوئي اڌ بک ته اڌ ڍئوَء تي پئي قصو هليو .ان زماني ۾هرروز رات جي مانيَء کان پوِء ،رند ،هڪ ٻئي کي َسڏ ڪندا ُهيا .سنهڙي آواز جا سڏ ،هلو ڙي هلوِ ،سگها ٿيو هلو!!. 150
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
آئون ڏسندو ُهيس ته هو هر روز ساڱريَءشاخ يا ڪنهن ٻيَء شاخ مان پاڻي چوريَء ڪرڻ الِء ،ڏهاڪوکن ُمڙس وٺي رٻڙ جو پائيپ پاڻيَء ۾ الهڻ الِء ،ڪامريڊ ابوبڪر جي اڳواڻيَء ۾ويندا ُهيا .پنهنجو چوريَء وارو ڪاج پورو ڪري اهو رٻڙ جو پائيپ وري اچي اوطاق ۾ ڦٽو ڪندا هيا .هڪڙي ڏينهن اهو پائيپ کڻي ڏٺم ،مشڪل سان ڏيڍ مڻ کن وزن ُهجيس. تن ڏينهن آئون اڍائي َمڻي ڪڻڪ جي ٻوري مال مليَء کڻي ويندو هيس .سو هڪڙي ڏينهن ِدل ٻڌي ،ٺوڪي حاجي نور محمد جي سامهون ئي ابوبڪر کي چيم ،ڀائو ،هي جو هيترا ماڻهو پائيپ کڻڻ الِءگڏ ڪرين ٿو ،ان کان ته مون کي ڍوَء تي ماني کاراِء .آئون اڪيلوئي اهو پائيپ کڻي شاخ ۾ لڳائي ڏيندوسانِء .حاجي نور محمد جي ڳوٺ وارا رند ٻروچ، ُ سمجهو ماڻهو ُهيا ،مون ماستر کان پائيپ ته ڪونه کڻايائون پر پوِء هميشھ الِء مانيون ٻن بدران چار اچڻ شروع ٿيون .تڏهن وڃي منهنجو به ڍئو ٿيو. اعلي اهو وقت ايئن گذريو جيئن ڪالهوڪو ڏينهن ،انهيَء کان اوڻٽيهه ورهيه پوِء وزير ٰ سنڌ جي ،ايڊيو ڪيشن مانيٽيرنگ ٽيم جي ميمبر جي حيثيت ۾ ساڳيو اسڪول وڏي دٻدٻي سان وڃي وزٽ ڪيو هيم .۽ هيڊ ماستر کي چيم پراڻو رڪارڊ ته ڏيکار .ويچارو ڏڪندي ،ٿِڙندي ،ٿاٻڙندي ،سوتليَء سان ٻڌل مِٽيَء هاڻن رجسٽرن جي َڀ ِري کڻي اچي آڏو بيٺو 1978 .جي ماسترن جي حاضريَء جو رجسٽر کوليم ،پنهنجون صحيحون ڏٺم .نيڻ ڀرجڻ لڳا ،پنهنجي نالي تي آڱر رکي ماستر کان ُپڇيم ته ڀائو ،هن ماستر جي خبر اٿئي ته هينئرڪٿي آهي؟؟ وراڻيائين ،سائين ُٻڌو اٿم گهڻو اڳ ماستري ڇڏي ويو هو .هاڻي االئي ڇا ٿو ڪري سا خدا کي ئي خبر آهي .تڏهن نيڻن مان نير وهي هليا هيا ،وزير اعلي جي ٽيم جا باقي ميمبرحيران۽ پريشان هجن ،ته هن سان ويٺي ويٺي ڪهڙي ماجرا ٿي آهي؟ مان ته اهو ماستر آئون آهيان ۽ ُان دور جي ُغربت جا ڏينهن نيٺ گھڻي اسرار تي ُٻڌايو هيو ِ ياد ڪري ُلڙڪ َلڙيا اٿم. ڳالھ پئي هلي ،پهرينَء نوڪريَء جي ،سو جڏهن نوڪريَء جو پهريون پگهار مليو ،ته اهو هيو ٽي سئو ڏهه روپيا .بابا ،انهيَء ڏينهن َڀ َ ت جي ديڳ الٿي هئي .غفور ۽ گل بيگ کي ٿورا ٿورا ڪري قسطن ۾ پئسا ڏيندو آيس .ڪجهه مهينن ۾ ئي پي ٽي سيَء جي ٽريننگ الِء آرڊر ٿيو هيو .رندن کان موڪالئي ،ميرپورخاص ُپهتس ،ٽريننگ ڪاليج ،ميونسپل هاِء اسڪول جي عمارت ۾ ُکليو ُهيو ،ماستري پڙهڻ دوران فرسٽ ايئر ،انٽر جا ڪتاب به ورتم۽ پڙهڻ لڳس .اِن وچ ۾ٻين ڪامريڊن سان گڏجي تاج مريَء جي اڳواڻيَء ۾منهنجي ڳوٺ کان سواِء ،تگوسر ،هنڱورنو ،سميت ڪافي جاين تي سنڌ هاري ڪميٽي جا يونٽ 151
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
کولياسين ،مزي جي ڳالھ اها هوندي هئي ته جيڪر هڪڙي ڏينهن ڪنهن نئين ڳوٺ ۾ پهتاسين ،همراهن سان رات جو ڪچهري ٿي ،تاج پاران ٻئي ڏينهن اخبارن کي خبر جاري ٿي ويندي هئي ،ته فالڻي ڳوٺ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيَء جو يونٽ کليو ،فالڻا فالڻا عهديدار چونڊيا .آئون سوچيندو هيس ته ايئن ڪيئن انقالب ايندو ،بس هڪڙي ڪچهريَء ۾ ماڻهو اسان جا ٿيا به سهي ۽رات وچ ۾ ليڊر به ٿيا ،سي ڪهڙو انقالب آڻيندا؟ ڀانئيان ٿو ته تاج مريَء سميت سموري سنگت ،پارٽيَء جي مرڪز ۾ جواب ڏيڻ الِء رڳو انگ پورو ڪندي هئي .تاج مريَء جو قصو هليو آهي ته ڪجھ سندس ساروڻين کي به ساريندو هلجي ٽ ٽ ِپ ِ تنهن زماني ۾ ميرپورخاص جي سنڌين ۽ مهاجرن جي جهيڙن ۽ هلڪيَء ڦلڪيَء کِ ِ کان ڊڄي ،ابي ۽ امان ڪجھ ڏينهن الِء پنهنجي هيکلي ُپٽ اميري کي ميرپورخاص جي هاِء اسڪول مان ڪڍي اچي گهر ويهاريو هيو ۽ نيٺ گهر ۾ ويهي مکيون مارڻ ۽ اجايا ڪتا ُ اوڙي پاڙي جا ُ ڪٽڻ جي ُسوران ،لڳ ڀڳ چئن مهينن بعد وري ڪنڊياريَء جي هاِء اسڪول ۾ ڏهون درجو پڙهڻ الِء موڪليو هيائون .ايستائين جيتوڻيڪ شهيد ڀٽي ،سنڌ جي چند خدا ترس ماڻهن جا جوڙايل ناميارا خيراتي اسڪول قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيا هيا .پر تڏهن به خانبهادر غالم محمد وساڻ جي جوڙايل ڪنڊياريَء واري هاِء اسڪول ۾ غريب شاگردن الِء هاسٽل ۽ ٽن ويلن جي ڀلوڙ ماني وساڻ جي خاندان پاران مفت ۾ ملندي هئي. اهو 1974جو زمانو هيو ،جو پهرئين ڏينهن پيرن ۾ جتي نه هجڻ ڪري ابي جي ُجتي پائي، مون وڃي گورنمينٽ هاِء اسڪول ڪنڊياريَء ۾ ڏهين درجي ۾ داخال ورتي هئي .تڏهن اها خبر به ڪونه هئي ته شاگردن جي به ڪا يونين هوندي آهي ،۽ نه ئي يونين جهڙي بال ڪٿي ڏٺي ۽ ُٻڌي هئي سون .پر هتي شاگردن جي يونين ٺهيل هئي ،جنهن جو صدر، ڇاڇري جو هاڻوڪو اي ڊي او تعليم علي اڪبر راهمون ۽ جنرل سيڪريٽري منظور ميربحر هيا .شاگردن واتان ٻڌو هيم ته اها يونين تاج مريَء نالي ڪنهن اڳوڻي شاگرد ٺهرائي هئي جيڪو انهن ڏينهن ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ۽ مشهور اڳواڻ هيو. سندس نالو ُٻڌي گهڙيَء کن الِء منهنجي به دل ۾ آيو هيو ته انهيَء وڏي ماڻهوَء ۽ شاگردن جي نالي واري اڳواڻ تاج مريَء سان مالقات ڪجي .پر پوِء اسڪول جي پڙهائيَء دوران اها ڳالھ ئي وسري وئي هئي .تان جو مئٽرڪ پاس ڪري هڪ اڌ سال هارپو ڪري 1978 ۾ جڏهن پندرهن سئو ۾ ماستر ٿيس ۽ ڪامريڊ رندن جي ڳوٺ ۾ مقرري ٿي تڏهن انهن 152
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي معرفت ذات پرستيَء جي جنون ۾ ڪامريڊ غالم حسين شر سان ڏيٺ ويٺ ٿي .۽ ٿيندي ٿيندي آئون به ُسرخو ٿي ويس ،تڏهن ُسرخن ڪامريڊن تاج مريَء کي ئي مون کي سياست جا سبق پڙهائڻ واسطي توڙي سياسي ڪم ڪار جي رپورٽ وٺڻ ۽ پارٽي الئين ڏيڻ الِء مقرر ڪيو .هيُء اهو ئي تاج مري هيو جنهن ڪنڊياريَء جي هاِء اسڪول جي يونين ٺهرائي هئي .۽ کيس ڏسڻ ۽ ملڻ الِء ڪڏهن دل جي ڪنڊ ۾ ڪو شوق جاڳيو هيو ،خير پوِء هن باقاعدي منهنجي سياسي تربيت ڪرڻ شروع ڪئي .جنهن ۾ پارٽي الئين موجب سمجهاڻين کان عالوھ اسٽڊي سرڪل ۽ پارٽي سيل جون گڏجاڻيون به هيون. تڏهن هونئن ته هجئون نه هجئون پر گهڻو ڪري اسان سڀ ڪامريڊ پاڻ کي هروڀرو به روپوش سمجهندا هياسين ۽ ڀانيان ٿو ته ڪجھ وقت تاج مريَء منهنجي فرضي نالي سان به روپوشي گذاري هئي ،ڇو جو جوانيَء ۾ اسان جا مهانڊا ٿورا گهڻا هڪ ٻئي سان ملندا هيا .هونئن به روپوشين ۾ تاج مري اسان واري سموري لڏي ۾ وڏوسئوڻي سمجهيو ويندو هيو ،ڇاڪاڻ ته هو ٻين سمورن ُسرخن جي ابتڙ اڪثر ڪري گرفتاريَء کان بچي ويندو هيو .االئي ڪيئن؟ سا خبر ته کيس هوندي .ٻي سندس رب کي ۽ ٽين سندس والد چاچي فضل حسين کي جيڪو تن ڏينهين پيپلز پارٽيَء جو اڳواڻ به هيو .چوٿين پڪ سان شازيه مريَء جي والد مرحوم عطامحمد کي هجي ها جيڪو سندس ويجهڙو عزيز هيو پر هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو. سنئوڻي هوندي به تاج ڳچ ڀيرا پوِء به ڪاٺ ۾پيو هيو ،پر هڪڙي ڀيري پارٽيَء جي حڪم تي صحافين جي تحريڪ ۾ تاج پاڻ ئي ڪنهن مارڻي ڏاند جيان پوليس کي ُٿونا هڻي وڃي گرفتاري ڏني هئي .۽ پوِء منهاج برنا سان گڏجي جيل ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهي رهيو هيو .انهيَء ڊگهي مدي واري ُبک هڙتال کي ڪراچيَء جي اردو اخبار امن الڳيتو پنجاهي کن ڏينهن ايڏي ته وڏي ڪوريج ڏني هئي جنهن جو ڪوئي ماپو يا ماڻ نه ٿو ڪري سهگجي .صحافين جي انهيَء تحريڪ جي نتيجن بجاِء ،تاج الِء جيڪي تڪڙانتيجا نڪتا هيا سي هيا ،سکر جيل جو بند وارڊ ،ڏنڊا ۽ آڙا ٻيڙيون. سو تاج ،روپوشيَء دوران هڪڙي ڀيري عيد ڪرڻ الِء حيدرآباد مان بس ۾ويهي پنهنجي اباڻي ڳوٺ الِء روانو ٿيو ،بس ۾ ويٺي ايئن ئي وهم ٿيس ته متان ڪٿي ڪو سي آئي ڊيَء وارو پويان نه هجي ،هيو به ايئن ته هڪڙو سي آئي ڊي جو ماڻهو حيدرآباد کان بس ۾ گڏيو آيو هيس .رات جو اٺين وڳين ميرپورخاص مان سانگھڙ ويندڙ ايس آر ٽي سيَء جي آخري بس ۾ ويهي تاج جڏهن ڳوٺ الِء روانو ٿيو ۽ ُهن يار واپس وڃي رپورٽ ڏني ،ته 153
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تاج هٿيڪو عيد ڪرڻ الِء رات جو اٺين بجي واري ايس آر ٽي سيَء جي آخري بس ۾ سانگھڙ ويو آهي .هيڏانهن تاج جي به شايد ڏائي اک ڦرڪي هئي ،جو ڳوٺ وڃڻ بجاِء رستي ۾ ٻارهين ميل تي ئي بس مان لهي ،عيد جي رات اچي مون وٽ ٽڪيو هيو. هوڏانهن ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي کوڙ ساري پوليس ،ٻن ڊي ايس پين سوڌو وڃي راتو واه ،تاج جي گھر تي ڇاپو هنيو هيو .۽ تاج نه ُ لڌن ته سندس اوطاق ۾ ئي لڏو الهي ويهي رهيا هيا .ٻئي ڏينهن تاج عيد نماز اسان سان گڏجي عالم ڪيرئي جي ڳوٺ ۾ هلي پڙهي هئي .نماز بعد تاج جي چوڻ تي سندس ڳوٺ جو احوال ۽ چاچا فضل حسين کان تاج جي خرچ الِء ڪجھ پئسا وٺڻ الِء جڏهن آئون اتي پهتو هيس ،ته سندس گھر توڙي اوطاَق کي ڪاري ٽوپي گھيريو بيٺي هئي .مون وڏي مشڪل سان سنڌڙيَء جو شيخ سڏائي ،ڪنهن قضيئي تي وڃڻ الِء تاج جي ننڍي ڀاُء ڪاظم جي گاڏي ڀاڙي تي ڪرڻ الِء اچڻ جو بهانو ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي هئي پوِء پارٽيَء ۾ اقليتي ،اڪثريتي ،قومي ۽ طبقاتي سببن جي ڪري وڏي ڀڃ ڊاھ ٿي ۽ پارٽيَء جوسمورو جهان ت ِ َتر بِ َتر ٿي ويو .تڏهن ڪجھ وقت سانھ َستي ۾ ويهڻ بعد ُسک نه آيس ته تاج مري به ٻين ڪامريڊن جيان صحافت جي َ ڪڇ ۾ ُسڪون ڀانئيندي اوڏهن ئي َپر ساهيا ،۽ نيٺ ڪراچيَء جو هڪڙو جاکوڙي صحافي بڻجي اڀريو هيو ،پر پوِء به مڙني ڪامريڊن جيان سدائين خيالن ۾ ُاڏرندڙ ۽ هوائي تجزين تي ئي ڀاڙيندو رهيو .پر اهو ضرور هيو جو پارٽي ٽٽڻ بعد به نظرياتي طور جتي ڪامريڊن بيهاريو هيس اتي ئي بيٺو رهيو .جيتوڻيڪ هوريان هوريان سڀ ڪامريڊ سڻڀا ٿيندا ،پنهنجي مڇيَء مانيَء وارا ٿيندا ويا ،پر تاج مري پنهنجن نظرياتي عقيدن ۽ تجزين جي ڪري جهڙو شروعاتي ڏينهن ۾ ”اڻڀو“ هوندو هيو ،تنهن کان به ڪي ٻه رتيون گهٽ ”اڻڀو“ ٿي ويو .اهو ئي سبب هيو جو هن جون معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بگڙنديون ويون. اهو تاج شهيد بينظير صاحبا جي پهرئين دور ۾نوجوانن جي سرڪاري وفد ۾ منيال ويو، بينظير صاحبا صحافي ڪالونيَء ڪراچيَء ۾ پالٽ ڏنس ،سوبه ڀڳڙن جي ُمٺ تي هالئي ڇڏيائين .الک اخبار جو ايڊيٽر ۽ حصيوار مالڪ ٿيو ،ٻي خلق مال ميڙيا ،اخبار بند ٿي ته تاج ٻانهون لوڏيندو هٿين خالي واپس وريو .وطن دوست جي گل صديق پٺاڻ جي مدد سان هڪڙيَء پيسٽيسائيڊ ڪمپني پاران ڪاروبار شروع ڪيائين ،پهرئين سال جي َلکن واري ڪ ُ ٺ ڪلر واريَء زمين جا اٺ ايڪڙ خريدي ،ڪاروبار کي اهلل واهي ڪمائيَء مان ڪاريِ ، ڪيائين .سڄي عمر جي ڪمائيَء مان سچل ڳوٺ ڪراچيَء ۾ هڪڙو گھر ورتائين ،اوچتو 154
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وري ڪار وٺڻ ،۽ گهڻا پالٽ وٺي وڪڻڻ جو جو شوق ٿيس ،ته گھر وڪڻي ڪار ورتائين، ۽ باقي پئسن مان ٻه کن پالٽ ،پڇاڙيَء ۾ اها ڪار مال جي ُ آهري مثال ٿي بيٺي رهي ۽ پالٽن جا ڪاغذ به موڳهين ڪوڙا نڪتس ته ماٺڙي ڪري ويهي رهيو. 2003جي نئين ۽ اين جي اوز جي دور ۾ مون جڏهن سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن ۾ بحيثيت مالزم ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هيو ته اڇڙي ٿر جي عوام الِء سياسي تعليم جي هڪڙي ورڪشاپ ڪرائڻ الِء مون تاج کي ئي چونڊيو ،ڇو جو کپري واري اڇڙي ٿر ۾ سياست تي اهو ئي ماڻهو ٿي ڳالهائي سگهيو جيڪو اتي جي زميني حقيقتن کان واقف هجي .ان الِء مون کي تاج کان وڌيڪ ٻيو ڪو ماڻهو ڪونه ٿي ُسجهيو .جيڪو الل به لڀي ۽ پريت نه وڃي جيان منهنجو ۽ ِسگا جو ٻيڙو تاري وڃي ۽ اهڙيَء غلطيَء تي منهنجي هڪڙي لنگوٽئي يار ،مون خالف سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جي ”ٻن وڏن دانشورن“ ولي محمد روشن ۽ علي حسين بروهيَء کي هڪڙي شڪايت ڪئي هئي ،جنهن ۾ مون تي وڏو الزام اهو به هيو ته مون عام ماڻهن جي سياسي تعليم جو هڪڙو ورڪشاپ تاج مريَء جهڙي ”غير سياسيَء ماڻهوَء“ جي هٿان ڪرايو هيو .جيڪو غلط هيو. ۽ پوِء سگا پاران ڪرايل انهيَء انڪوائريَء واري ڪميٽيَء جا چڱا مڙس هيا ،ڪرم االهي چنو ،نذير ڀنڊ ۽ علي حسين بروهي .جن جي ”دانشمند ۽ دور انديش نظرن“ ۾ آئون هڪڙو ڪورو ڄٽ ۽ سڌو پڌو ضدي ٻروچ هيس ،جيڪو علم ۽ عقل جي ”عين“ کان به ناواقف هجي .ڪميٽيَء جي انهن ٽنهي ڏاهن ماڻهن آڏو منهنجي وڏي تمهيد بعد ،ڪرم االهي چني جيڪو ننڍڙو جملو چيو هيو ،سو هيو ڀائي تو به هڪڙي ”ناڪام سياستدان“ کي کڻي هيڏو وڏو پروگرام ڏنو آهي ته دانهن ته ٿيندي .انهيَء مهل ڪرم االهيَء جو اهو جملو ڏاڍو ڏکيو ته ٺهيو پر گوليَء جيان لڳو هيم .۽ پوِء ”ٻين گهڻن سببن“ سان گڏ ڪرم االهيَء جي انهيَء جملي جي ڪري سنڌ گريجويٽس ايسوسيئشن سان هميشھ الِء ناتا ٽوڙي ڇڏيا هيم، سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ واري تجربي جا به وڏا داستان هن سيني ۾ سانڍيل آهن ،حياتي رهي ته اهي به توهان کي حرف به حرف پڙهائبا. سو آئون اڄ به ڊنڪي ڪي چوٽ تي تاج مريَء کي پنهنجو سياسي استاد سمجهندو آهيان. ۽ هن ملڪ جي ناپاڪ سياست ۾ تاج منهنجو آئيڊيل رهيو هيو ۽ آهي به ،آئون هن جي شرافت ۽ اخالق سميت ،عقل ۽ ڳالھ جي ڇيد ڪرڻ جا مثال ڏئي خلقن کي سمجهائيندو هيس ته تاج هيڏو وڏوداناُء آهي .هاڻي هيڏي وڏي تجربي ۽ زماني جي مختلف ڌنڌن ۾ ڌڪ کائڻ بعد پنهنجي انهي تجزئي تي ٿورڙو عجب ٿو لڳيم ،ايئن ناهي ته آئون اڳي تاج 155
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
کي عظيم سمجهندو هيس ۽ هاڻي قديم سمجهان ٿو ،هو مون الِء ڪالھ به عظيم هيو ،اڄ بازار يوسف ۾ به آهي ۽ صبحاڻ به رهندو .پر اهو سو ضرور چوندس ته سياست جي هن ِ پنهنجي جواني ُلٽائڻ وارا تاج پارا گهڻا ڪامريڊ ،جتي ڪالھ هيا االئي ڇو اڄ به ُاتي ئي بيٺا آهن .معذرت سان چوان ته جهڙا لڪير جا فقير ۽ اڄ به جهڙا پراڻي پارٽي الئين تي هلندڙ .نه زميني حقيقتن جي ڄاڻ وٺندا نه ئي وري گهڻومطالعو ڪندا ،نه معاملي جي پوري ڄاڻ رکندا ،نه ئي وري صحيح معني ۾ اپ ڊيٽ ٿيل ھوندا .اصل ايئن لڳندو آ ته مذهبي مشنرين وانگر جيڪو مٿي ۾ ويهاريو ويو اٿن سوئي پيا ڪن .پنهنجي دماغ سان ناهين لنگهي. ڪونه ٿا سوچين .۽ نئين زماني جي نواڻ واري هوا پاسو ڏئي به ِ سو تاج هڪ ڀيرو وري صحافت ۽ سماج سڌارڪيَء سميت وري وڃي ڪامريڊن جي جوڙيل عوامي ورڪر پارٽيَء سان سلهڙيو آهي ،ڊڄان ٿو ته وري خدا خير ڪريس ،سوچيندو آهيان هن درويش جي صاف گوئي ،سچائي ۽ پاڻ ارپڻ واري جنون سبب اها نئين پارٽي به کانئس االئي ڪيتريون ۽ ڪهڙيون قربانيون وٺندي .۽ موٽ ۾ به االئي ڪهڙا ِسال ڏيندي؟ ڇو جو ويجهي ماضيَء ۾ جڏهن هن جي دل مورڳهين هٿن مان ٿي وئي ۽ مون ملڪ جي سمورن نيٽ ورڪن تي وٺي ٻاڪاريو هيو ته ”ڪامريڊو! ٻيلي وارو ڪريو تاج ٿو هٿن مان وڃي .هٿ هٿ ڪري عالج ڪرايونس “ .تڏهن پوري پاڪستان ۾ موجود لکين سڻڀن ُسرخن مان هڪڙو رمضان ميمڻ ئي ڇاتيَء تي هٿ هڻي سڀئي بار سر تي کڻي بيٺو هيو ،باقي ُ ڪل پيران دا خير لڳو پيو هيو .ٻيو ته ٺهيو پر مون کان خود کان به ڪجھ ڪونه ُپڳو هو .تاج ته پنهنجي جذبي سان سچائيَء سبب انهيَء ڦٽيل دل جي ڳنڍ ٽوپ ڪرائي ،ابتا ُسبتا ٽانڪا لڳرائي وري اچي ساڳئي ُ ڪن ۾ ُڌوڪاريو آهي ۽ يارن جي ” مهربانين “ واري انهيَء قصي کي صفا ُپٺن تي واري وري پنهنجيَء ُڌن ۾ مگن لڳو پيو آ .هاڻ ڏسئون ته هيُء ملڪ ۽ هن ملڪ جا سابق ۽ هاڻوڪا ُسرخا ۽ ُسرخن جا آئيڊيل پورهيت ماڻهو ،تاج کي اڳتي هلي ڪهڙو سونو روپو ُ تاج ٿا پارائين. تن ڏينهين ماروٽ خان محمد ،سروري اسالميا ڪاليج هاال کي ڇڏي اچي شاه لطيف ڪاليج ميرپورخاص جا وڻ وسايا هيا ،ان به ڪاليج ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو يونٽ به کوليو هيائين ،پوِء ڪاليج کان عالوھ به هرهنڌ باقاعدي ميٽنگون ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ڳوٺن ۾اسٽڊي سرڪل به هلڻ لڳا هيا ۽ سرخ انقالب جي انتظار جون تياريون ٿيڻ لڳيون هيون ،انقالبي تحريڪ جي هراول دستي جي اڳواڻيَء جون تياريون ڪرڻ لڳا هياسين. 156
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪميونسٽ پارٽيَء جي خبر مونکان سواِء باقي نون ساٿين مان ڪنهن کي به نه ُهجي .آئون به پارٽيَء جو رڳو نالو ُٻڌندو اچان ،اڃان ميمبر نه هجان .اها ُسڌ ٻڌ هجيم ته هي سڀ ڪامريڊ ،ڪميونسٽ پارٽيَء جا ميمبر ۽ عهديدار آهن .پارٽيء تي پابندي هجڻ جي ڪري َمختلف فرنٽ جوڙي ،ان ذريعي ڪم پيا ڪن .اسان واري ڪميونسٽ سنگت ،تن ڏينهين مرحوم غوث بخش بزنجي کان الڳ ٿي پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي ُهئي .نيشنل پروگريسو پارٽيَء جي نالي سان ،اعزاز نذير صدر ۽ هاڻوڪو سرحد صوبي جو سينيئر وزير ،افراسياب خٽڪ جنرل سيڪريٽري هيو .ساغر سميجي جو ڀاُء ڊاڪٽر محمد خان سميجو ،ان پارٽيَء جو سنڌ الِء ُمک عهديدار ُهيو .ڊاڪٽر محمد خان ٽريننگ ڪاليج ۾ ُ سرخ پرچم ۽ باقائدگي سان مون سان ملڻ ايندو ُهيو ،ڪميونسٽ پارٽيَء جي ترجمان هلچل جون ڪاپيون مون کي پهچائي ويندو هيو ۽ آئون اهي اڳتي ورهائيندو هيس. سرڪاري ادارا ڳول ڳوالن ۾ هوندا هيا ته سرخ پرچم ۽ هلچل ڪير ٿو ڇاپي ۽ ڪٿان ٿا اچن؟؟ پر کين ڪل ئي ڪانه پوندي هئي .ته اهو خطرناڪ مال ڪٿان ٿو اچي .پرچا باقاعدگيَء سان پڙهندڙن وٽ پهچندا رهندا هيا. هڪڙي ڏينهن ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ثاقب آريسر تي نظر پئي ،جنهن ڊيپوٽيشن تي اسان ماسترن کي سنڌي ٿي پڙهائي .ته يڪدم مونکي چيائين ،انهيَء ماڻهوَء کان بچجانِء!!حيران ٿيندي چيم ،ڇو ڀال؟ تنهن تي وراڻيو هيائين ،ته اهو ايجنسين ۽ جماعت اسالمي جو پگهاردار آهي .تن ڏينهين ،ثاقب به مون کي قوم پرست سمجهي ،دوستيَء جو ُ کٽيندس. هٿ وڌايو هيو ،ڀانيو هيائين ته جماعت اسالميَء الِء هڪڙو مسلمان وڌائي ثواب مون پاران مانائتي موٽ ملڻ تي اسان جي دوستي وڌندي وئي ،ثاقب ،مونکي ڪٽر قوم پرست سمجهي ،منهنجي دل کٽڻ الِء ڪميونسٽن کي زن ُدختر گاريون ڏيندو هيو ،آئون ثاقب جي چانهه جو ڪوپ پي ،پنهنجو پاڻ کي کوڙ ساريون گاريون ڏياريندو هيس .گھڻو ڪري رهندو خاموش خاموش هوس .ڪڏهن ڪڏهن فقرو هڻي ڇڏيندو هيس ته ،هان سائين ڪميونسٽ اهڙا آهن!! هان سائين پوِء ته هي وڏا ڪافر ۽ اسالم دشمن چئبا!! بلي!! مار!! .تيئن سائين وڌيڪ َش َھ ۾ اچي ڪميونسٽن تي گارين جا ڌوڙيا الئيندو هيو .سو ايئن ثاقب سان گهرائپ وڌندي وئي۽ ورهين کان وٺيُ ، اڄ به آهي ،اهو ثاقب نه ايجنسين جوپگھاردار هيو نه ئي واٺو هيو ،رڳو جماعتي ذهن ُهيس ۽ اڄ به َا َٿس .ان ذهني سوچ سبب ،ڀورپائيَء ۾ ُهوڙهيائيون ڪري غلطيون به جام ڪيائين ،پر ڪنهن به ڪامريڊ يا قوم پرست تي آڱر کڻي ،ضيائي مارشل ال ۾ ٽنگايائين ڪونه .وري ڪو وقت اهڙو به آيو 157
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جو سندس گهاٽا صحبتي ۽ يار اسان ڪامريڊ ئي رهياسين .اسان کان سواِء نه ُهن جي سرندي هئي ۽ نه وري اسان جي ُهن کان سواِء سرندي هئي. ميجر ڪفايت جي ڏاڍ مڙسيَء جي ڪري سموري سنڌ ٻري پئي ُهئي .شاگردن پاران ڄامشوري ڦاٽڪ تي ڪيل سخت احتجاج ،جنهن ۾ ڪجھ فوجي جوان به هلي ُچريا هيا، تنهن ڪيس ۾اسان جي ساٿين مان ٻين سان گڏ ساغر سميجو به جهليو هيو .سرفراز ميمڻ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو هيو .ڪجهه وقت ۾ حاجي صاحب يعني ،ڄام ساقي به پنهنجن ٿرين جي ٿورن سان پٺاڻ ڪالونيَءحيدرآباد مان اقبال ميمڻ جي گھران جهلجي ويو هيو .ڀاڀيَء سکان ڏک ۾ پنهنجو پاڻ کي کوھ ۾ کڻي ڦٽو ڪيو هيو ،عبرت ۽ هالل پاڪستان ۾ ڀاڀيَء ُسکان جي خودڪشيَء جون خبرون وڏين سرخين سان لڳيون هيون .مون کي انهن ٻنهي بي وقتن واقعن جو ڏاڍو ُڏک ٿيو هيو .ڄام ،االئي ڪهڙن ٽارچر سيلن ۾ ُهيو .۽ پٺيان سڄي سنگت وٺ َوٺان ۾ هئي .ڄام تان ياد آيو اٿم ته تن ڏينهين اسان جو آئيڊيل ڄام ساقي هوندو هيو ،ڀانيان ٿو ته پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ڪميونسٽن جي هتان لڏي وڃڻ بعد ،ڪميونسٽ پارٽيَء تي ٿيل ٻاهرين يلغار سبب وڙلي ئي ڪو سنڌي اڳواڻ پارٽيَء جي اهم پوزيشن تي هيو ،سڄو ڪار وهنوار ٻاهران آيل دوست هالئيندا هيا .۽ گڏوگڏ سپريم ڪورٽ پاران پارٽيَء تي پيل پابنديَء کان پوِء جي پوري عرصي ۾ صرف ٻه سنڌي پارٽيَء ۾ گهڻو اڳتي آيا هيا .جيڪي ٻئي بنهي غريب ۽ مسڪين هيا .انهن مان هڪڙو شهيد نذير عباسي۽ ٻيو ڄام ساقي هيو .جيتوڻيڪ سگھارن ُمڙسن نذير جو وجود ئي اسان کان ُڦري ورتو هيو ،پر ڄام کي جنهن حالت ۾ جيئدان مليو هيو سو به شهادت کان گھٽ ڪونهي .هوڏانهن پارٽيَء جي اهم عهدن تي ويٺل سرڪاري مالزم ،جيتوڻيڪ جيل ۽ ريل ۾ ڄام وارن سان گڏ هيا .پر هڪڙن حياتيون ڏنيون ،ٻيا جڏا ۽ اپاهج ٿي جيلن مان نڪتا ،ٽِين ڏه ڏه سال سزائون ۽ ڦٽڪا کاڌا .پر جيلن مان نڪري به جن جون پينشنون جاري ٿيون تن مڙسن جي خبر اڄ تائين ڪونه پئي ته ڪهڙي ُ ڪوفي مان هيا .سو ڄام ساقي ،سنڌين جي پڙهيل لکيل۽ غريب طبقي جو هي آئيڊيل شخص زماني جي وڏن الهن چاڙهن مان گذرندي به جتي ڪالھ هيو ،اڄ به اتي بيٺو آهي ،ذري جيترو چئون يا تر جيترو چئون پنهنجي جاِء تان ڪونه ٿڙيو آهي .ڄام تي پيپلز پارٽيَء ۾ وڃڻ جون آڱريون کڻڻ آهرا ۽ ُ وارا منهنجا دوست پنهنجي جيَء ۾ جهاتي پائي ڏسن ته ڪيترا ُ پاهرا مٽايا اٿن .هو ته جتي به ويو آهي اتي به انهي طبقي جي وڪالت اڄ به ڪري پيو ۽ ڪالھ به پئي ڪيائين. هونئن به اسان جي سنڌ ،سنڌ جي هاريَء ،سنڌ جي مزدور ،يا کڻي چئون ته سموري ملڪ 158
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي مزدورن ڄام الِء ڇا ڪيو آهي؟ جيڪو سڄي ڄمار هنن الِء وڙهندي ،ڪڏهن ريل ۾ يا ڪڏهن جيل ۾ رهيو .پارٽيَء جي سنگت ،پارٽيَء جي ميمبرن تڏهن ڪجھ به ڪونه ڪيو هيو ،جڏهن مڙس مرڳهين هٿن مان ٿي ويو .تڏهن وري به انهيَء طبقي ،جنهن جي خالف ڄام سموري ڄمار جنگ ڪئي هئي .انهن ئي مدد ڪئي هئي ،يعني گورنر محمود هارون، سرڪاري رقم منظور ڪري عالج الِء لنڊن موڪليو هيس. انهيَء ڄام سان پارٽيَء جي سرگرمين دوران ڀانيان ٿو ڪڏهن مالقات ڪونه ٿي هيم .جي هوندي ته به تڏهن ناال ۽ شڪليون ئي َم ِٽيل هونديون هيون .نه ئي وري اها همت هوندي هئي جو گڏ گهمندڙ ڦرندڙ هڪ جهڙن ڪارڪنن کان اصل نالو ۽ ذات ُپڇون .۽ جي ڪنهن ُڀل ُچڪ ۾ ڪنهن کان اهڙو سوال ُپڇي ورتو ،ته مڙس سڄي عمر مشڪوڪ هوندو هيو. هاڻي ڄام ساقيَء سان منهنجا جيتوڻيڪ گھر جي ڀاتيَء وارا رشتا آهن .سندس سموري خاندان ۾ منهنجي حيثيت گھر جي ڀاتيَء واري آهي .ڄام جي راڄ وارا هزار ڳالهيون ڪن ،مائٽ ۽ دوست هزار ڳالهيون ڪن ،پر هن مڙس جي واتان حرام جي ڪنهن الِء به ڪا ٻڙڪ به ٻاهر نڪتي هجي .ڪيترو به پڇبو .جواب هوندو ادا ِڏسين پاڻهي پيو. جيتوڻيڪ پارٽيَء جي ڪوٽا تي پنهنجي ڀاُء سلطان کي سوويت يونين مان پڙهايائين .پٽ سجاد به انجنيئر ٿيو ،پر اهي ٻه ڇو؟ اسان مان گهڻا تڻا خود توڙي انهن جو اوالد ڄام جو ُ ڪيڙ ٿئي ٿو .ڀانئيان ٿو ته سڀڪو مڇيَء مانيَء وارو آهي ،پر ڪنهن به اڄ تائين ڄام ئي کان اهو ڪونه پڇيو آهي ته ظالم وقت جو گاڏو بنان ڪنهن آمدنيَء جي ذريعن جي ڪيئن پيو گيڙي؟ اهو ضرور آهي ته پنهنجن پراڻن ساٿين ۽گھر جي ڀاتين کان جيڪر ڪڏهن انتهائي مجبوريَء ۾ جيڪر ڪي چار پئسا اڌارا ُ گھريا هوندائين ته ُهو هوا ضرور ڪئي هوندائون. تن ڏينهن ۾اوچتو هڪڙي ڏينهن حيدر جو خط مليو .حيدرجتوئي ،ڪامريڊ غالم حسين شر جو ڪميونسٽ پارٽيَء ۾ فرضي نالو هوندو هيو .خط ۾لکيائين ته الڙڪاڻي جا ڪجهه دوست شاگرد ،اياز سومرو ،احمد علي سومرو ۽ اسد ابڙو ميرپورخاص جي جيل ۾ آيا آهن .جنهن ڳالھ جو ذڪر اڳ۾ به ڪري آيو آهيان .سنگت کي ُٻڌايوسين ۽ مالقاتون وڃي هارين .جيتوڻيڪ ٽئي همراه ُسپاف جا ُهيا .پر ڪامريڊ ڪيونسين ،ته ُمڙس متان هِمت ِ غالم حسين جي انقالبي جذبي ،سندن مدد ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھيو .اسين عيد جي ڏينهن سندن مالقات تي وياسين .آئون ۽ جيرام .مِٺائي ۽ اخبارون َوٺي وياسين .ڪڏهن ساڻن مالقات ئي ڪونه ٿي هئي ،تنهنڪري همراه ُسڃاڻن به نه پيا .کين روهڙي اسٽيشن 159
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
واري ڳالهه ُٻڌائي سون ،ته ڏاڍا خوش ٿيا .ميرپورخاص جي شهر ۾ ڪامريڊاڻي سنگت کي مڙسن جا احوال ڪياسين ،پوِء ته جيل تي سندن مالقاتين جي َ النڍ لڳي وئي .اسين به هر ٻئي ٽئي ڏينهن مالقات الِء ويندا هياسين .هنن يارڙن مان هڪڙو وڃي وزارت تي ُپڳو آهي .سو ساڳيو آهي يا ٻيو ٿي ويو آهي ،سا َ ڪٿ ۽ ماپ تور ڪرڻ جا ڏينهن هاڻ ڪڏهوڪا وڃي چڪا آهن .هاڻ ته جيئي جيئي جو زمانو آهي ،اهلل سائين هرڪنهن کي امان ۾ رکي. ٽريننگ دوران اسان ماسترن جي ئي هڪڙي ُمهاجر استاد ڀانئيان ٿو عبدالحميد نالو هيس ۽ اسين کيس ڀاشاني به سڏيندا هياسون ،تنهن هڪڙي سنڌي شاگرد ماستر سوني دل کي ٿڦڙ َوهائي ڪڍي .اسين به مهاجرن ۽ مليٽريَء جا گهڻا ستايل ُهجون ،سو بِگڙي پياسون. ٺوڪي کڻي ڪالسن جو بائيڪاٽ ڪيوسون ،وٺي زوردارنعرا هنياسون ،نعرا به سياسي، جو ضياُء جويار آ ،سوغدار آ ،غدار آ ،۽ تنهنجو ساٿي منهنجو ساٿي ،ڄام ساقي ،ڄام ساقي. اصل اسان جي ڦٽيَء جا پار هيا ،سرڪاري نوڪر ۽ نعرا سياسي ،سو به سڌا ِپڌا ،اهڙي ماڻهوَء جي خالف جيڪو اڳي ئي سنڌين تي ٻريو ويٺو هجي .وري ٻئي ڏينهن سوير ئي ڪالسن رومن جي تالن ۾ ٺوڪي کڻي ايلفي وجهي ڇڏي سون .سمورا شاگرد گڏ ٿيا ته، جلوس ڪڍي َشهر ۾ ڪاهي پياسين .نعرا وري به سياسي َدٻياسين .فوجين تي ڦٽڪار، آمريڪي سامراج تي لعنت جهڙا .شهر جي خلق حيران هجي ته هوڏانهن ضياَء جا اسالمي ڪوڙا ،سياسي ڪارڪنن جا ُٻنڍڻ پيا ٽوڙين۽ هنن ماسترن جي ڪيئن ڦِٽي آهي .جو نوڪريون به ٿا وڃائين ۽ ٽيپ کي به پيا سڏ ڪن!! ماسترن جا چڱا ُمڙس هجون آئون، رشيد خاصخيلي ۽ ُعمر َمهر (سپاف) .ٽئين ڏينهن هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ٽنهي کي الڳ الڳ َس ِڏ ٿيو .وڃون ته فوجي ميجر ويٺو آهي ،دڙڪا دهمان ،ڊڄ ،ڊپ ،جيل ڪوڙا ،آخر نوڪرين مان ڪڍڻ جو دڙڪوڏنائين .تن ڏينهين ٽئي ُمڙس ُسڃا َت َتڙينگ هجون ڊڄي پياسون .ٻيلي ٻچا ُرلي ويندا .هنن يارن ته االئي ڇا لکيو يا ڇا چيو ،پر منهنجوانقالب رهيو رستي ۾ ،انقالب جون آجيائون هليون پنڌ ۾ ،هيڏو سارو معافي نامو لکت ۾ ڏئي ،جان آجي ڪرائي .پوِء آفيس مان ٻاهر نڪري ،سنگت آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو رهيس .ايئن ڪونه هيو ته فوجي ڀائرن اسان مان هٿ ڪڍي ڇڏيا هياُ ،مڙسن اندر خاني جانچ پڙتال پئي ڪئي ،هر هڪ جو رڪارڊ جانچيائون ،لسٽ ٺاهي تعليم کاتي کي ڏنائون .هڪڙا ُاهي جن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا ،ٻيا ُاهي ِجن ڄام ساقيَء جا نعرا هنيا .ٿر جا گهڻا تڻا ماستر ڄام ساقيَء کي ٿريو ڳوٺائي سمجهي نعرا هڻڻ سبب ُان لسٽ ۾ آيا .نيٺ 109ڄڻن الِء حڪم
160
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٿيو ته جيئن ئي ٽريننگ ختم ٿئي ،تيئن ڊويزن بدر ٿين .تڏهن سنڌ ۾ ڊويزنون ُهيون ٽي، ڪراچي ،سکر ۽ حيدرآباد .اسان کي ُسڌ ئي نه هجي پويان اسان جو ڪم لٿو پيو ُهجي. تن ڏينهين هالل پاڪستان اخبارجي وڏي ڳالھ هئي .سنڌ جا چڱا موچارا پڙهيا لکيا مهانڊا اتي نوڪريون ڪندا هيا .جيتوڻيڪ ضياَء الحق انهن ڏينهن ۾ پيپلز ٽرسٽ ٽوڙي ،شيخ سلطان ٽرسٽ ٺاهي اخبار انهيَء کي ڏني هئي .پر مالزم ساڳيائي هيا .سو گهٽ ڪونه ڪندا هيا .اڄ سن جي سائينَء ،سائين جي ايم سيد جي جنم جو ڏينهن آهي .جيتوڻيڪ هي بندو ٻاروتڻ جي ڏينهن کان ئي “ ُسرخن” جي بحري باز جهڙن چنبن ۾ چائجي چڪو هيو. جنهن ۾ َپٽيون ئي اهي پڙهايون وينديون هيون ته هن طبقاتي نظام جي “النڍيَء” جي “ڪاڃڻ واري ڪاٺي ” ئي وڏيرو آهي ،۽ پاڻ طبقاتي نظام جي اوڏڪين ڀِتين جي پاڙن تي َکهيڙا َکڻيو کوٽ کوٽان ۾ لڳا پيا آهيون .تنهنڪري وڏيرڪي سنگت کان ايئن وونُء وڃڻو آهي جيئن گنجو وڃي پاڪيَء کان .اهو ئي سبب هيو جو هن بندي پنهنجي اڌ صديَء واريَء ڄمار ۾ کوڙ سارن “کاٻن” جا هٿ ڌوئاري ۽ کانئن گهڻو ڪجھ سکيو ته اڄ به ِسکي پيو .پر سن جي سائينَء جي هڪڙو ڀيرو به زيارت توڙي صحبت نصيب ڪونه ٿي. نه ئي وري سن جي سائينَء جي ساٿين سان ڪا گهڻي حجت ٿي ،ٿي هوندي ته سواِء ايڪڙ ٻيڪڙ جي باقي ٿيو خير .پر سن جي سائينَء جو هن بندي تي هڪڙو اهڙو ٿورو هيو .جنهن جي ڪل هڪڙي سائينَء کي هئي ته ٻي هن بندي کي .سو ٿورو هينئين تي به اڄ ڏينهن تائين بار ٿيو بيٺو اٿم. ۽کوڙ سارن سالن کان سائينَء جي ٿوري جو هينئين تي جيڪو بار به هيو .گهڻو ئي سوچيم ته َچپ ِسبيل ئي هجن ته ُسٺو .پر روح نه رهيو ،نيٺ هينئين جو بار هلڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي هي چند ِسٽون لکڻ جو فيصلو ڪري ورتم .جن سان اهو ثابت ٿيندو ته سن جو سائين ڪيڏو وڏو ماڻهو هيو .جيتوڻيڪ هنن ِسٽن تي به اڳي جيان انيڪ قسمن جا تبصرا ٿيندا .طعنا يا مهڻا ملندا ،پر پاڻ صوفياڻي َپ ِر پاريندي اڳواٽ ئي چئي ٿا ڇڏيون ته “ ڪو ڪيئن چوي ،ڪو ڪيئن چوي ،مان جوئي آهيان سوئي آهيان. قصو هينئن آهي ته 1978جي پڇاڙيَء االئي 1979جي شروع وارن ڏينهن ۾ هن بندي سرڪاري ماستر بڻجي ماستريَء جو ڪورس پئي ڪيو ،ڪتابن پڙهڻ جي ِپٽ ڪامريڊن اڳ۾ ئي وجهي ڇڏي هئي تنهنڪري ماسترن جي پڙهڻ واري ڪاليج جي الئبرريَء ۾ نه ڇڏيو هيو ڪو اهڙو ڪتاب يا پنو جيڪو نه پڙهيو هجيم .تن ڏينهين ملڪ ۾ هالل پاڪستان اخبار جي وڏي هاڪ ڪوندي هئي .۽ پياري پاڪستان جي آسمان تي ضياَء جي 161
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مارشل ال جا ڪارا ڪڪر سج کي ڍڪيو بيٺا هوندا هيا ،هالل پاڪستان دبئيَء جي شيخ جي نالي جو ٽرسٽ بڻجي نئون ُجبو پائي ُچڪي هئي .پر تڏهن به هالل پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن رومال ۾ ويڙهي پنهنجو “ڪم” جاري رکيو هيو .سو ڀانيان ٿو ته هالل پاڪستان وارن جي ڪا ڪوٺ ڇپي هئي ته سنڌ جي ٻن عظيم هڏ ڏوکين ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ڀڳت ڪنور رام تي ليک لکي موڪليو ته ڇاپيون. هي بندو “ڪامريڊ” ۽ “ڪاٽڪو” ٿيڻ جا جوکا سر تي کڻي چڪو هيو .هاڻي وري نئين جنون ۾ هيو ته “اخباري ليکڪ” بڻجي ،جيئن ماڻهو به واھ واھ ڪن ۽ نالو به وڄي .سو جيئن ئي هالل پاڪستان اخبار جي اها ڪوٺ پڙهيم ته پنو ۽ پين کڻي ويٺس ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيَء تي مضمون لکڻ .پر چئن ِسٽن کان مٿي هڪڙو به اکر لکي ڪونه سگهيو هيس .وري ٻيو پنو کڻي ڀڳت ڪنور رام تي سوچيم ،پر قصو ساڳيو ئي بيٺو .تن ڏينهين الئبرريَء مان آندل سائينَء جو ڪتاب “ جنب گذاريم جن سان” پڙهيم پئي .ٺوڪي کڻي سائينَء جي انهيَء ڪتاب تا حرف به حرف ٻنهي همراهن بابت نقل هڪڙي هڪڙي مضمون جيترو مواد نقل ڪيم .۽ اهو پنهنجي نالي سان هالل پاڪستان اخبار کي موڪلي ڏنم .۽ هالل پاڪستان وارن به انهيَء ڳالھ ڏي ڌيان ئي ڪونه ڏنو ته هڪڙو نئون ۽ الهڙ ماڻهو هيڏي ُپختگيَء ۽ روانيَء سان سنڌي لکي سگهي ٿو .جڏهن سائينَء جا لکيل اهي ٻئي مضمون منهنجي نالي سان اخبار ۾ ڇپيا ته ُهو هوا ٿي وئي، وڏيون النگون هڻي ڳوٺ جي هر ننڍي وڏي کي اهي ڏيکاريندو وتيس .ڏسو منهنجا ليک اخبار ۾ ڇپاڻا آهن .منهن ۾ ٽڪي جو به گهنج نه هجيم جو پرائي محنت چوري ڪري پنهنجي نالي سان ڇپائي هيم. ۽پوِء جيون جا هيڏا الها چاڙها ڏسڻ بعد خبر پئي ته مار!! هڪ هڪ اکر لکڻ ڪيڏو نه َاوکو آهي .۽ لکندڙ کي پنهنجو هڪ هڪ اکر ،انهيَء جي معني توڙي مفهوم ايئن هينئين تي ُاڪري ويندو آهي جيئن ٻار ڄڻيندڙ ماُء کي پنهنجي پيدا ٿيندڙ ٻار جي هر حرڪت ۽ هر گهرج جي خبر هوندي آهي .۽ ڪوئي تخليقڪار به هڪڙيَء ماُء جهڙا سور سهي ڪي ِسٽون گهڙي ٿو .يقينن سائين جي ايم سيد ،مون الهڙ پاران چوري ڪيل هن جون َسرجيل ِسٽون پڙهيون هونديون ۽ چپن ئي چپن ۾ مسڪرايو هوندو .۽ سوچيو هوندائين ته هن جواڻ مڙس ڪري ته حد ڇڏي جو ٻئي جي ڪئي ڪمائي پنهنجي نالي ڇپائي ويو آ .۽ اهو به يقين اٿم ته سائين اهو سور به صرف ۽ صرف ان ڪري پيتو هوندو ۽ دل ئي دل ۾ چيو هوندائين “ته هلو ٺيڪ آ ،هڪڙي الهڙ نوجوان جي دل ضرور خوش ٿيندي ۽ اڳتي 162
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هلي پڙهندو ۽ لکندو ،نيٺ ته سمجھ ڀريو ٿي چوراڻي ِپٽ ڇڏيندو” .پوِء ٿيو به ايئن .ٿوري ئي وقت ۾ پاڻ چوراڻو جهان ته ڇڏيو ئي ڇڏيو .پر االئي ڪيترا ورهيه ڦڪائيَء ۾مان ڪجھ لکڻ کان ئي گيسي ڪئي. اڄ عمر جي هن ڏاڪي تي ُپڄي جڏهن پوئتي نهارجي ٿو ته انهيَء قصي کي ورهيه گذري ويا پر سائين جيستائين هن جهان ۾هيو تيستائين اهڙي ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍيائين .جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ڪيڏو نه عظيم انسان هيو ،جنهن پنهنجي عظمت سان هڪڙي اٻوجھ ۽ الهڙ جوان جي هيڏي وڏي غلطيَء کي درگذر ڪري ڇڏيوهيو .نه ته جيڪر چاهي ها ته هن بندي جي من ۾ موريل لکڻ پڙهڻ وارو َسلو انگورجڻ کان اڳ ئي چيڀاٽي سگهيو پئي .پر ُهن جي عظمت ،دور انديشي ۽ ڏاهپ هن کي ايئن ڪرڻ کان روڪيو هيو .نه ته اڄ جيڪر اسان پاري ڪنهن جون سٽون ڪوئي ايئن چوري ڪري ته ايڏو ته ٻائيتال ٻاريون جو اڳلو ڪن لڪائڻ ۾ پورو هجي. تنهنڪري هن بندي جي دل چوي ٿي ته سن جي سائينَء کان ُمئي پڄاڻان معافي گهرجي. ڇو جو سن جوسائين به هڪڙو اهڙو شهيد آهي جنهن جي روح رياستي نظربنديَء دوران ئي جسم جو ساٿ ڇڏيو هيو .۽ سن جي جي سائينَء جيڪو خواب ڏٺو هيو ان جي پوري ٿيڻ کان اڳ سندس روح متان عالم ارواح ڏي نه ويو هجي .۽ جيڪڏهن ايئن آهي ته سندس روح اڄوڪي معافيَء واريون ِسٽون پڙهي ايئن ئي ُمسڪرائيندو جيئن اڄ کان پنجٽيھ ورهيه پهريان هن جي بندي جي حماقت تي چپن ئي چپن ۾ مسڪرايو هوندو. اهو 1979جو سال هيو ،جو ماڊل ڪاليج ميرپورخاص مان فرسٽ ايئر ۽ انٽر جو پرائيويٽ فارم ڀريو هيم ،امتحان ڏنم الڳيتو ئي پي ٽي سيَء جو امتحان به ڏنم .انٽر سيڪنڊ ڊويزن ۾ ۽ پي ٽي سي فرسٽ ڪالس ۾ پاس ڪيم .ڏاڍو خوش ٿيس ته پگهار ۾انڪريمينٽ وڌي ملندي .اڃان انهن خوشين ۾ ئي هجان ،جو تعليم کاتي 109 ،ڄڻن مان 22سکر ۽ باقي خيرپور ضلعن ڏانهن بدلي ڪيا .تڏهن ڪروڌ مان هالل پاڪستان ۾ هڪڙو مضمون لکيو هيم .جنهن جو عنوان هيو ،ٿر پار ڪر جي 109استادن سان هيُء ويڌن ڇو؟ مضون ڇپيو ته تعليم کاتي سان الڳاپيل هر هڪ آفيس ڏانهن فوٽو ڪاپي ڏياري موڪلي هيم. مضمون پڙهي پ ٽ الف جي هڪڙي اڳواڻ غالم محمد الکي صالح ڏني هئي ته ڪامورن سان پاڻ به وڃي مالن .سڀ کان پهريائين ملڻ ويو هيس ڊي اي او سان .تڏهن ڊي اي او هوندو هيو ميرمحمد سيال ،تنهن ته ملندي ئي کنڌا کڻي ڇڏيا هيا .دڙڪا ،داٻا ڇڙٻون نصيب ته ٿيون .پر آخر ۾ ِپٽون ۽ پاراتا به ڏنائين .پر بدليَء جي باري وريو ڪجهه به ڪونه!. 163
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
فوجي جنتا جي حڪمن جي پوئواريَء ۾ تعليم کاتي پاران سزا ۾ ،سکر بدلي ٿيڻ جي هڪ هفتي اندر ،سفر جو سامان َٻ ِڌي گهرن کان نڪتا هياسين .سنگت ۾اسان واري تر جا َست اٺ ڄڻا ُهجون .حيدرآباد کان وڃي سکر جي بس ۾ ويٺاسين .حيدرآباد به ان ڏينهن زندگيَء ۾پهريون ڀيرو ڏٺي هيم .زندگيَء جو پهريون ۽ ڊگهو سفر ُهجيم .رينگ رينگان ڪندي رڙهندي رڙهندي ِس َج لهڻ ويل ،بس مس وڃي خيرپور ُپهتي هئي ،آئون َرستي ۾ ئي بخارن ۾ وٺجي ويو هيس .باقي سنگت سڄي خيرپور جي آرڊرن واري هئي ،اڪيلو آئون سکر جو مسافر هيس .انهي ڪري اڳيان ڪا َڀوا ڪانه ُسجهندي ،آئون به يارن سان گڏ بس مان لهي پيو هيس .اها رات سنگت سان گڏ خيرپور جي ُمسافر خاني ۾ گذاري هيم ،سڄي رات ُبخار جا َم َچ ُهجن .هڪڙي ُ ڪنڊڙي وٺي پئي ُهڙڪيس .جڏهن ورندو ِس ُج ُاڀريو هيو ،ته همراھ َسڀيئي ٿيا هيا تعليم کاتي جي آفيس طرف روانا .باقي بچيس آئون هيکلو ،سو سکر جو سونهون به نه ُهجان .بخار جا به َم َچ ُهجن .ڳچ دير تائين سوچي سوچي وڍيم واپسيَء جي پنڌ کي .ڦلهو ٻوٿ ڪري اچي امڙ جو سالم ڪيم .ڳوٺ پهچڻ بعد به هفتو کن بخارن ۾ پيو رهيس ،ٻئي هفتي تاج مري ڳوٺ آيو هيو ،سربستي ڳالھ ڪئي هئي مانس ،صالح اها بيٺي هئي ،ته وڃڻو ضرور پوندو .سکر ڪامريڊ لڏي سان ڀريو پيو آهي ،کوڙ سارا دوست آهن .تاج چيو چوين ته چٺي لکي ڏيانِء .بنهي لهرائين ته آئون توسان گڏجي ٿو هالن .تاج جي گڏجي هلڻ واري ڳالھ سان دل تي به ڇنڊو پيو. تاج تن ڏينهين سڀني ڪامريڊن جيان سچي پچي يا هروڀرو به روپوش ُهجي .پروگرام موجب هڪڙيَء سج لٿي مهل ميرپورخاص مان َپالڻيوسين سکر ڏي .حيدرآباد پهچي ،رات جي ماني تاج جي چاچي ۽ ٿيڻ واري َس ُهري جي گهر کائي ،غالم شاهه ڪلهوڙي جي ُمقبري کان پنڌ ئي پنڌ هلندا َاچي سکر جي بس ۾ ويٺا سين .بس جو ڀاڙو ُمرڳهين ويھ روپيا في ماڻهو هيو .رستي ۾ االئي ڪيڏيَء مهل گهري ننڊ اچي وئي هيم ،ڊگهي سفر جي خبرئي ڪونه پئي هيم .فجر ويل سکر پهتا هياسين۽ پوِء هڪڙي رڪشي ۾ ويهي پراڻي سکر پهتا هياسين ،سڌا سائين رڪن الدين قاسميَء جي گهر .تاج مري منهنجي ٻانهن قاسمي صاحب جي حوالي ڪئي ،انڌي منڊي نيرن ڪئي۽ پوِء وڍيائين پنڌ کي ڪنه ٻئي طرف .قاسمي صاحب جي َڏسن پارن تي رڪشائن ۾ ڌڪ کائي ،تعليم کاتي جون آفيسون ڳولي هٿ ڪيون هيم .مونکي پوسٽنگ ملي هئي روهڙي تعلقي جي ڳوٺ َو َ س ۾ .روهڙيَء کان اڳتي اسان واري ٿر جهڙو اڇڙي ٿر وارو عالعقو هيو .ڪوئي روڊ رستو ڪونه هيو .ڪچن رستن سان جيپون وينديون هيون سو هڪڙَء صبح جو ٻين مسافرن سان 164
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جيپ وسيلي واريَء گاڏڙ ُڊسڙ مٿي تي وسائيندو سنگرار جي شهر ۾ ُپهتو هيس .اڳتي جو سفر ڏهين روپئين جي ڀاڙي تي گڏهه ذريعي ڪرڻو ُهيو ،نه روڊ هيا نه رستا هيا ،اڇڙو ٿر هيو ،ٻيو ته ٺهيو پر وڻ ٽڻ به ڪو وڙلي هيو ،سنگرار جي اسڪول ۾ نيو ڇور جو رهاڪو ماستر موهن سوٽهڙ مليو ،جيڪو اڄ ڏينهن تائين ماستر هئڻ سان گڏ گهورڙيو ڊاڪٽر به آهي .پرديس ۾ پنهنجو پاڙيسري ڏسي ،جهڙوڪر ساهه پئجي ويو هيم .موهن جي به مون واري ساڳي ڪيفيت هئي .رات موهن وٽ رهيُ ، صبح جو بسم اهلل ڪري ڀاڙي جي گڏھ تي چڙهيس ۽ گڏهه وسيلي ئي َو َ س ڳوٺ ۾ پهتو هيس .وس جو وڏيرو صوبدار خان ڪانئيچو هيو .صوبدار خان ڪانئيچي جو هيُء ڳوٺ ،انڊيا جي بارڊر سان ويجهو هوندو ُهيو ،اسڪول به عجيب هيو ،ڇپرائين النڍي ،ٻه ٽي ٻار ،چار بينچون ۽ آئون. منهنجو روح اتي ِرجي ئي نه پيو .ويتر رات جو گِدڙن جي اوناڙين کان ڊپ مان ُدرڙيون نڪريون وڃن .ڪلما ڀري کٽ تي ويهي راتيون گذاريان ،ڀانيان ٿو انهن چند راتين ۾ جيترا ڀيرا ڪ لمي شريف جو ورد ڪيو هيم ايترو سموري زندگيَء ۾ ڪڏهن به ڪونه ڪيو اٿم .هڻي ماري هفتو رهيس ،نيٺ هڪڙي ڏينهن هفتي جي موڪل جي درخواست لِکي ،ڀاڙي جي گڏهه تي سوار ٿي سنگرار پهتس .رات موهن وٽ رهي ،ٻئي ڏينهن سکر وڃي ،سائين رڪن الدين قاسميَء وٽ ُپهچي ،کيس سموري ماجرا ُٻڌايم .منهنجون ڳالهيون ٻڌي پهريائين ُمرڪيو ۽ پوِء پائيپ مان دونهون ڪڍندي ،ٻيهر ُمرڪندي چيائين، ڪامريڊ ۽ ڊپ!! ڳالھ سمجھ ۾ ئي ڪونه ٿي اچيم؟؟ ايتري ۾ سائين رڪن الدين قاسميَء سان ملڻ الِء هڪڙو ڳاڙهو ڳٽول جوان به سندس آفيس ۾ لنگهي آيو. قاسمي صاحب ،سندس تعارف خادم سومري جي نالي سان ڪرايو .اتي ئي کيس منهنجي مسئلي جو چيائين ،جنهن ڇاتيَء تي َه ُٿ هڻي چيو ،اٿي ته هينئر ئي هلون ٿا ،الهداد ٻوهيو سکر جو ڊي اي او ۽ منهنجو واسطيدار آهي .هينئر ئي ڪم ٿيندو .تن ڏينهين سکر جي ڊي اي او جي آفيس ۽ ضلع ڪائونسل جون آفيسون گڏ ُهونديون هيون .آئون ۽ اهو قاسمي صاحب وارو خادم سومرو رڪشا ذريعي اتي پهچي ،جيئن ئي رڪشا مان لٿاسون ،ته پوليس جا ڪٽڪ آفيس کي گهيرو ڪيو بيٺا هئا .شايد ان ڏينهن ضلع ڪائونسل جي چيئرمين الِء سردار غالم محمد مهر جي چونڊ پئي ٿي .پوليس تي نظر پوندي ئي ،خادم سومري جي ُمنهن جو پنو َلهي ويو .مڙس صفا ڪاراٽجي ويو هيو .سندس چوڻ تي هيٺ ڪنڌ ڪري ،تِکا تِکا آفيس ۾ داخل ٿياسين .بقول خادم جي ،ته هو به ٻين ڪامريڊن جيان روپوش هيو ،۽ گيٽ تي وڏي اٽالي سان بيٺل ڊي ايس پي ُسڃاڻيندو ُهيو ،تنهن جو ڪامريڊ 165
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏٺا هيا ،ته الرٽ به ٿيو ،ڇو جو اسان کان اڳ ۾ مالن رشيد انڍڙ جهڙو ڪامريڊ به آفيس ۾ پهتو هيو ،ان ڪري ڊي ايس پيَء کي خطري جي بوِء آئي هئي .خادم جي قيادت ۾ اسان ٽئي ڄڻا مرحوم الحداد ٻوهئي صاحب سان مليا هياسون ،الحداد ٻوهئي چند منٽن ۾ ئي آچر گهٽيَء پرائيمريَء اسڪول جو آرڊر ڪڍي ڏنو هيو .آفيس جي ڪمري کان ٻاهر نڪرندي ئي ،خادم سومري چيو ته هاڻي پاڻ کي ُمک دروازي بجاِء ،پويان ديوار ُٽپي ڀڄڻو آهي ،ڇاڪاڻ ته پوليس مون کي سڃاڻي ورتو آهي ۽ پارٽيَء جي فيصلي تحت مون کي گرفتاري ناهي ڏيڻي .تنهن تي حيران ٿي چيو مانس ٻيلي تنهنجو ته ڪو ايڏو وڏو نالو ٻڌو ڪونهيم جو تنهنجي پويان پوليس هجي .ائين ُپٺيان جبل جي طرف کان ڀڄي نڪتا هياسين .۽ پگھر به وڃي ٻيَء رات ڳوٺ ٺاريا هياسون .خادم سومرو پوِء به سال کن تائين به واري تڙ روڊ تي مون سان گڏ رهيو هيو .سکر جي مختلف عالئقن ۾ ،مختلف ماڻهن ۾ پارٽيَء جو ڪم گڏجي ڪيو به هيائين .مون کي آخر تائين اها خبر نه ُهئي ته خادم سندس فرضي نالو آهي .هڪ ڀيري ميرپورخاص جي شاهه لطيف ڪاليج ۾ شاگردن جو جلسو ٿيو هيو .آئون به ُهجان ۽ خادم به ُهجي ،ٻئي گڏ ويٺا ُهجون .ان وقت اسٽيج تان اعالن ٿيو ته هاڻي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي اڳواڻ ،امرالل شاگردن کي خطاب ڪندوُ .ان وقت منهنجيَء ڀر ۾ ويٺل خادم سومرو ٽپ ڏئي ُاٿيو هيو ،اسٽيج تي وڃي تقرير ڪيائين ،تڏهن خبر پيم مار هيُء ته امرالل آهي !!.ڪامريڊن جوايڏو ُڳجهه! پنهنجن کان به ايڏي لِڪ!! .سال کن کان گڏ رهندا اچون پر پوِء به مڙس مونکان نالو لِڪائيندا اچن .اهو امر الل پوِء پنهنجن يارن جي ڀالئين سان جيل ڀيڙو ٿيو هيو ،االئي ڪيترن ٽارچر سيلن مان ٿيندو ،وڃي ڄام ساقي ڪيس ۾نامزد ٿيو هيو .بينظير ڀٽو ،ولي خان ،بزنجو۽ ٻيا سندن بچاُء ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ شاهديون ڏيڻ آيا هيا .جيل ۾ واڻيو صفا ڏاڍو مڙس ٿي رهيو هيو ،چون ٿا ته جيل ۾ گهڻا ڦڏا ڪرڻ سبب مٿس لِٽل لينن جو نالو به پيو هيو ،گهڻو پوِء جڏهن آئون صفا گيدي ٿي ،هڪڙي ُ ڪنڊ جهلي وڃي ويٺو هيس ،ته مون کي جيل مان خط لکيا هيائين ته ڀائو َرليَء جي موت کان سٺو آهي ته ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ مري .پر سندس خط جي اهڙن اکرن سبب به منهنجي ڪن تي جونَء به ڪانه چري هئي .وقت بدليو هيو ته انهيَء امرالل الِء اخبارن ۾ خبرون آيون هيون ته مشرف سرڪار جي آخري دور ۾ آمريڪي صدر بش سان مالقاتون ڪندي ،وڃي وزيراعظم محمد ميان سومري جو صالحڪار ٿيو هيو .هاڻ به ُٻڌجي پيو ته ڪو وڏو ڪاروبار اٿس .رب ڪري جتي به هجي خوش هجي. 166
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سائين رڪن الدين قاسميَء جي باري ۾ جيڏي مهل به ڪجھ لکڻ چاهيان ٿو ته دل ڀرجيو ڪٽ ۾ رهندو هيو .فل ٿي اچيم .ڇا ته ماڻهو هيو ،ڇا ته سندس شخصيت هئي ،سدائين ِ سوٽ وري ٺهندو به اهڙو هيس جو وڃي ٿيا ست خير .مٿان وري خوبصورت پائيپ ۾ خوشبوَء وارو تماڪ وجهي پيئندو هيو ،ته اوسي پاسي مان َمٽيندڙ ماڻهو هڪڙو ڀيرو ُمڙي ،سائينَء ڏي ضرور ڏسندا هيا .تنهن زماني ۾ سکر جي ڪامريڊن مٿس نالو ئي رکيو هيو ڪامريڊ قاسمينوف .هر ُڏک سک ۾ هرڪو ماڻهو وٽس ڀڳو بيٺو هوندو هيو .مون
سان ته ٻٽيھ دليون هونديون هيس .اندر جو هرهڪ ُسر مون سان ضرور َسليندو هيو. هيمون ڪاالڻيَء جو گھر به مون کي سائينَء ئي ڏيکاريو هيو .مزي جي ڳالھ اها به هئي ته جڏهن شهيد ُڀٽي ،نعپ تي پابندي لڳائي ،پٺاڻن ۽ ٻروچن کي ُترم ۾ واڙيو هيو ته قاسمي صاحب حيدرآباد ٽربيونل ۾ ٻين وڪيلن سان گڏ وڪالتنامو کڻي اچي بيهي رهيو هيو. سو ڳالهه پئي ڪيم ،خادم سومري (امر الل) جي معرفت ،محترم الحداد ٻوهئي هٿان، سکر شهر ۾ بدلي جي آرڊر ملڻ جي ،انهي اسڪول جو نالو هيو آچرگهٽيَء پرائمري اسڪول .ٻئي ڏينهن ئي انهيَء اسڪول ۾ وڃي ،دخلڪار ٿيس .ٿورن ڏينهن ۾ انهيَء پاڙي ۾ رهندڙ شرافت بلوچ ۽ ُمريد بلوچ سان دوستي ٿي وئي هئي .اهي ٻئي بلوچ اسٽوڊنٽس ارگنائيزيشن جا اڳواڻ ُهيا .۽ انهيَء آچر گھ ِٽي پاڙي ۾ چڱي موچاري راهوڻيَء وارا هيا .رهڻ الِء ڪا جاِء ڪونه هيم ته ڪجھ ڏينهن ته ِپ َن جون ٻه ٽي رليون ۽ هڪڙو وهاڻو هٿ ڪري ،اسڪول جون ٻه بينچون گڏائي ،انهن جي پيرن هيٺان سروٽا ڏئي ،تختن جي ٻيڙيَء نما کٽ ٺاهي انهيَء تي سمهندو هيس .باٿ روم به انهيَء اسڪول ۾ ڪونه هوندو هيو ،پيشاب به اسڪول جي انهيَء ُ ڪنڊ واري ڪمري ۾ ڪري وٺبو هيو .جنهن ۾ ُ سويل ُاٿي ڀڄندو ڀڳل ٽٽل بينچون َسٿيون پيون هونديون هيون .فجر جو ڪاڪوس الِء هيس ٻاهر .اويل سويل جيڪر پيٽ ۾ ڪو َو ُ ٽ پوندو هيو ،ته اسڪول جا در بند ڪري ڀڄبو هيو پبلڪ باٿ رومن ڏانهن ،جيڪي منارا روڊ ڏي هوندا هيا .جتي يا ته مڙسن جي قطار اڳئي هوندي هئي ،يا ته ڍونڍ جي ڌپ ايڏي هوندي هئي جو اهلل ڏئي امان .تن ڏينهين منهنجو معمول هوندو هيو ته اسڪول جي موڪل بعد گهنٽا گهر لڳ ،هڪڙي واڻئي جي هوٽل تان مورڳهين ڏيڍ ٻن روپين ۾ سستيُ ،سٺي ۽ سادي ماني کائي .وڏيون اوڳرايون ڏيندو ،ڀرسان ئي غريب آباد سکر ۾ ارشد درزيَء جي دڪان تي وڃي ويهندو ُهيس .جيڪو ُان زماني ۾ درزين جي يونين جو مزدور ليڊر هوندو هيو۽ سندس دڪان مڙني ڪامريڊن جو اڏو هوندو ُهيو .تن ڏينهين پئسي جو حال به ڪونه هيم ،توڙي منهنجي به ڪوشش اها 167
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هوندي هئي ،جو اڪثر ڪري شام جو پارٽيَء جي ڪم سان ڪڏهن ڪنهن سان ته ڪڏهن ڪٿي ڪٿي وڃي رات وارو ويلو ٽاري وٺندو هيس ،نه ته ُاڙيو ُٿڙيو ڄاڻي واڻي سان گڏِ ، ويلو ٽارڻ الِء ،رات جو دير سان قاسمي صاحب جي آفيس جي پويان ڪامريڊن جي ڪري پوندو ُهيس .بتيَء جي روشني ِڏسي ،ڪڏهن مخصوص ڪمري ۾ اچي کٽ تي ِ ڪڏهن قاسمي صاحب جي گهر واري دال سان چانورن جي پليٽ ،ننڍڙيَء نياڻيَءاختر هٿان ڏياري موڪليندي ُهئي .نه ته ُبکيو ئي ُسمهي رهندو هيس .اختر ُان زماني ۾ ننڍڙي پتڪڙي ُهئي ۽ پوِء ڄام ساقيَء سان شاديَء بعد اسان جي ڀاڀي ٿي .هونئن اڪثر ڪري محرم جي مهيني ۾ ته هرروز ڪنهن نئين پاڙي جي امام بارگاھ۾ وڃي ،ڇاتيَء تي ٻه، ٽي هٿ هڻي نياز کائي ،ڏهئي ڏينهن رات جو ويلو ٽاري وٺندو هيس .رات جو سمهڻ تان ياد آيم ته ڪڏهن ڪڏهن ارشد درزيَء جي دڪان ۾ به سمهي رهندو هيسُ .اتي ڪڏهن رات جو گهڻو زور وارو پيشاب ايندو هيو ،ته پيشاب ڪرڻ الِء ٻي ڪا گهٽي ڪونه ُسجهندي هئي ،ڇو جو دڪان جو شٽر ٻاهران بند هوندو هيو ،پوِء َدٻي کڻي دڪان جي شٽر جي ڪنهن ڪنڊ وٽان ويهي ،پيشاب کي آ پيارا ڪندو هيس .شڪر خدا جو ڪجي جو شٽر وٽان دڪان جو فرش مڙوئي ڳچ جيترو لهوارو هيو .جنهن ڪري پيشب هيٺ وهي ويندو هيو .صبح تائين ملڪ ُسڪي پوٺو ٿي ويندو هيو. انهن سورن جي قصن کي گهڻا ورهيه گذري ويا ،پوِء جڏهن حبيب بينڪ جو ڪامورو هيس ،۽ اويل سويل جهازن ۾ پيو سکر ويندو رهندو هيس .تڏهن حبيب بينڪ جي ئي ڪاموري ۽ پراڻي ڪامريڊ رحيم بخش مهر کي هڪڙيَء رات جو چيو هيم ،ته يار َه ُل ته هلي پراڻي سنگت سان مِلي اچون .تن ڏينهين سائين رڪن الدين قاسمي صاحب صفا جهور ُهيو ،اکين جي ديد به گهڻي َ ُ جهڪي ُهجيس .۽ 1980کان وٺي مون کي ڪونه ڏٺو هيائين ،ملندي رڳو اهو ُٻڌايومانس ته سائين ،ڪوشش ڪري مون کي ُسڃاڻو ،پاڻ اڄ ويهارو سالن بعد پيا ٿا ملون .۽ پوِء پل ۾ ئي ُسڃاڻي ورتائين .پڇيومانس سائين ايئن ڪيئن ٿيو جو پهرئين ئي ڌڪ ۾ منهنجو نالو کڻي ورتو َ اٿو .ته چيئين يار سڀ ڪامريڊ اويل سويل پيا ڀيرا ڀڃندا هيا .تو ئي هئين جنهن کي ورهيه ٿي ويا هيا .تو جو ويھ ورهيه چيو ته پڪ ٿيم ته اها سوکڙي تون ئي آن .شبير بيدار ڀٽو ،جڪو ڪڏهن سڄڻ ڀٽو به هوندو هيو .سو ڪاوش جي سکر واريَء آفيس ۾ ويٺو ُهيو .گهڻائي احوال ڏناسون ،گھڻائي گڏ گذارڻ وارا حواال ڏنامانس ،واري تڙ واريَء جاِء کان وٺي ارشد سيٺيَء جي دڪان جا،
168
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َپ َر همراهه مونکي نه ُسڃاتو سو نه ُسڃاتو ،نه ئي وري ڪا چانھ پاڻِيَء جي سکڻي صالح ئي هنيائين .ماڻهوَء ماڻهوَء تي مدار آ. ڪڏهن ،ڪڏهن ڪامريڊ غالم رسول سهتي سان گڏ خيرپور اچڻ به ٿيندو ُهيو .الال شاه محمد درانيَء جي گهر ايندا هياسين جتي سنگت سان ڊگها بحث ۽ ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون ُهيون .ڪامريڊ غالم رسول سهتي تان هڪڙي ڳالھ ياد آيم ،ته گھڻو پوِء سنڌ اخبار ٿي ڪڍيائين ،سڄي سنگت کي ڳولي هٿ ڪري چندا ۽ ڦوڙيون ڪري .ڪن کي ڪن کان اڌارا ڪري پئسا وٺندو ،هڪڙي ڏينهن مونکي ڳوليندو شيئر جا دالسا ڏئي ته ِ اچي کپري پهتو هيوَ . ڪنن جي پاپڙين تي بيٺل وڏن وارن کي وٽيندي ،اخبار جاري ڪرڻ جو ڊگھو قصوکنيائين .چئي نذير عباسيَء جي نياڻيَء زرقا جو هڪ لک جو شيئرآهي، امداد چانڊئي جوبه هڪ لک جو شيئرآهي ،صالح بلوَء جوبه شيئرآهي ،قصو هلندي ڳالھ وڃي ُکٽي اِنھيَء تي ته تون به شيئر رک ،يا چندوڏي ،ٻئي ڪم نه ٿين ته ُاڌارا ويھ هزار ئي ڏي .االهي سالن کان پوِء ُمڙس جو ايئن ڳولي اچڻ ۽ اوڌر گهرڻ ڪجھ ڪجھ عجيب ته لڳو پئي پر پوِء به حصي بجاِء اوڌ ر واري ڳالھ مون کي به وڻي هئي .سو ُاٿي بينڪ جي ڪيش مان ئي پئسا کڻڻ ويس ،تن ڏينهين منهنجو سيڪنڊ آفيسر هوندو هيو شهاب فاروقي ،چيائين سائين ايترا پئسا ڪيڏانهن ٿا ڪريو؟ سڄو قصو ٻڌايومانس ته کِلي چيائين اهي پئسا به ويا ُکوھ جي تري ۾!! .فاروقيَء جي ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري پئسا سهتي کي ڏئي ڇڏيا هيم .ڪجھ وقت بعد رستي ويندي تاج مري مليو هيو ،سهتي واري ڳالھ سربستي ڪئي هئي مانس ته وڏا ٽھڪ ڏيئي چيو هيائين ،ڀائو ،اول ته اها اخبار هلندي ئي ڪونه ۽ جي هلي ته ٻيا سڀ ڪنن جي پاپڙين ته هٿ رکي ڀڄي ويندا ،باقي بچندو هڪڙو سهتو .ان تي به ڪن الٽار ڪري دل کي ڏڍ ڏيندو رهيس ته اخبار به هلندي ۽ منهنجا پئسا به ترندا .آئون گھڻو ڪري تاج مريَء کي سڌو سنئون ۽ ُٿلهي دماغ وارو سمجھندو آهيان ،پر ڪڏهن تاج جا تجزيا به هوبهو سچا ٿي پوندا آهن .هيُء تجزيو به سچو ٿيس ،قصو ُکٽائڻو ايئن ٿو پوي ته پوِء ُانهن ويهن هزارن الِء وڏا پنڌ ڪيم ،جڏهن وڃان سهتي جي ڪن تي جونَء به نه ُچري ،چوي تنهنجا پئسا مون ڏي ڪونهن اداري ڏي آهن۽ ادارو ئي نقصان ۾ پيو وڃي ،ته پئسا ڪٿان ڏيان .هڻي ماري ڪجھ پئسا وڏن ُجهدن بعد ايئن ڪڍايم ،جيئن ٻرئي گھر جو ڌڻي بچيل اڳڙيون ڦلھوري ڪجھ ھٿ ڪندو آ ،پوِء به ست هزار نه ڏنائين .اڄ ڏينهن تائين ُاهي ُٻڏل سهسايم .هاڻي به سهتو جتي ملندو آهي،
169
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سنئين ڳاٽ ملندو آهي ،حرام جي ڪو ُمنهن ۾ گھنج ُهجيس ته هِن جي هيڏي رقم ڳڙڪايون ويٺو آهيان. ڳالھ پئي هلي سھتي سان گڏ خيرپور وڃڻ جي ،خير پور پريس ڪلب ۾ منصور ميراڻيَء جي شاعري ُٻڌڻ ويندو ُهيس .هڪڙو نظم سندس يا ٻئي ڪنهن جو ُٻڌايو ُهيائين .اڄ تائين ياد اٿم. منهنجو آهي هاري پيُء، گرمي توڙي سيُء، ڪاهي َه َر ،ڪکائون ُ گهر، ليڙا ليڙا ويس ،سئو ڏهين جو ڪيس، ابو سدائين جيل ۾ ،اسان پويان ويل ۾. غالم عباس ڀنڀرو ،تڏهن عبرت جو ناميارو صحافي ُهيوُ ،ان جي جاِء تي ڪچهريون َمچنديون ُهيون .بوزدار وڏا جورهاڪو غالم عباس ٽانوري اڪثر ُاتي ملندو هيو ،پوِء مون
کي وڏا وڏا خط لکندو هيو .،اخترعباس ٽانوريَء جي نالي سان ادبي پورهيا به ڪيائين. هاڻي خبر ناهي ڪٿي ۽ ڪهڙي حال هوندو. جيئن اڄڪلھ ،ڪاوش اخبار سنڌ ۾ مشهور آهي .تيئن تن ڏينهين ،هالل پاڪستان اخبار سرڪاري هوندي به ضياَء جي مارشل ال ۾ ڪڏهن ،لِڪائي َڇپائي ،ته ڪڏهن ڦِرڦِر سونٽو ڪري ،پڌري پٽ ،سنڌي ماڻهن سان هر ڳالھ ۾ ٻ ُ ٽ ٿيو بيٺي هوندي هئي. ِ تن ڏينهين ،موهن جي دڙي جي مٽيَء جو رهواسي هدايت منگي مرحيات ،هالل پاڪستان جو سکر الِء بيوروچيف ُهيو ،ساڻس مٿو مٿي تي ياري هجيم ،اهڙي جنهن کي اصل لوهان ُ لوهه ياري چئجي .ٻئي مڙس شام جي وقت ،گهڻو ڪري زماني جي ڪمن ڪارين مان واندا ٿي ،هرروزسج لهڻ ويل ،انڊس هوٽل جي هڪ ُ ڪنڊائتي ٽيبل تي اچي گڏبا هياسون. اوراڙ پراڙ جا احوال ڪري ،چانهه جي ڪوپ ،ڪوپ تي ،چرس جي سگريٽن جا دونهان ڪڍي ،آڌي رات ڪري ُاٿندا هياسين .چرس جي سگريٽن تي ڪيل انهن ڪچهرين جو مک موضوع ،کاٻي ڌر جي سياست ۽ ان سان الڳاپيل ادب هوندو هيو .نه ڪنهن جي گال نه غيبت .اهڙي ئي هڪڙي رات ڳالهين مان ڳالهه نڪتي هئي جو ،هدايت مرحيات چيو يار!! خبر اٿئي ته مشتاق شاهه اڄڪلهه شهر ۾ آهي!!؟ ُان وقت َ ڪ َل ئي ڪونه هيم ته اسان واري ڪامريڊ سنگت مان مشتاق شاهه ،ڪنهن جو فرضي نالو آهي .هوڏانهن ڀانئيان ٿو ته هدايت منگيَء ،مون کي ڪميونسٽ پارٽيَء جو اهم ماڻهو سمجهي ،شايد اهو سوال 170
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪيو هيو .۽ مون به هروڀرو ئي صرف ڪنڌ ڌوڻ سان سندس سوال جو جواب ها ۾ ڏنو واري تڙروڊ جي ،سوڙهين گِهٽين مان هڪ گھٽيَء ۾ ،شفقت ميراڻيَء هيو .تن ڏينهين ِ جي گهر مٿان هڪڙو ڪمروپارٽي آفيس الِء وقف ُهيو .جاِء به اهڙي جتي ڪابه گاڏي نه اچي سگهي .هڪڙي واڻ جي کٽ هئي .باقي چئني ُ ڪنڊن ۾ڳاڙها ڪتاب ،پمفليٽُ ، سرخ پرچم، هلچل پکڙيا پيا هوندا هئا .۽ انهن ڪتابن جي وچ ۾ ڪڏهن ،ڪڏهن ڪامريڊ غالم حسين شر پنهنجو پسٽل لڪائي ويندو هيو ته ڪڏهن امرالل پنهنجي اصلي نالي ۽ ڇوڪراڻي وهيَء واري فوٽوَء سان ٺهيل پاسپورٽ .اها اڪيلي واڻ جي کٽ ،هڪڙي وهاڻي سميت منهنجو بيڊ ُهوندي هئيُ .رلي پني َه ُچ ٿي ،اچي انهيَء َک َ ٽ تي ڪري پوندو هيس .ڪڏهن ِ ُ آڌيَء ڌاري امراللُ ، در کڙڪائي ،ننڊ ڦٽائي ،اچي پاسو وٺي گڏ سمهي پوندو هيو ،ته ڪڏهن ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش يا غالم حسن شر دي گريٽ ،ته ڪڏهن ڪوٻيو ڪامريڊ. َ جوا َلبم ُان رات هدايت منگيَء کان ُاٿي جاِء تي آيس ،ته شفقت ميراڻيَء هڪڙو فوٽن ڏيکاريو .اسان جي ساٿيَء نذير عباسيَء جي ننڍڙي پتڪڙيَء ڌيَء زرقا جي فوٽن جو ،نذير جي الڏليَء موتيا جي فوٽن جو ،فوٽو ڏسندي شفقت ۽ آئون نذير ۽ حميدھ گھانگھرو جي زندگيَء بابت ،زندگيَء جي کين ڏنل کوڙ سارن سورن بابت ،کوڙ سارا قصا ڪري ،وڃي آرامي ٿيا هياسين .آڌيَء ڌاري غالم حسين شر به االئي ڪٿان رلندو ،اچي گڏ ُستو هيو. ڀانئيان ٿو ان رات فجر ويل جڏهن سکر جي ُملن ،الئوڊن تي ٻانگن جا ڌوڙيا بيٺي ڪيا، جواسان جي ان ُ ڪنڊائتيَء ڪوٺيَء جو دروازو هوريان هوريان هڪ ٻه ڀيرا َکڙڪيو هيو. بي مهلو دروازو کڙڪڻ تي ٻئي ڄڻا ڇرڪ ڀري جاڳياهياسين .اڻ َلکي ڊپ سان گڏ يقين پئي ٿيوته شايد ڇاپو لڳو آهي!؟ پوليس جو!؟ فوج جو!؟ ان وقت بي اختيار منهنجي نظر ڪنڊ ۾ پيل کوڙ سارن سرخ پرچم ۽ هلچل جي پرچن ڏي کڄي وئي هئي .غالم حسن، ڀڙڪو کائي ،پمفليٽن هيٺان لڪائي رکيل پسٽل ڪڍي ،مونکي ُ ڪنڊيَء کولڻ جو اشارو ڪيو .ڪنڊيَء کولڻ کان اڳ دروازي جي سير مان ڏٺم ،هڪڙوسنهڙوسيپڪڙو ،همراه. ڪاري ڏاڙهي ،بريف ڪيس هٿ ۾ ،فوجي جرسي پايو ،دروازي ڏانهن سواليه نظرن سان ُگھوري رهيو هيو .۽ دروازو کولڻ بعد اهي ساڳيون سواليه نظرون منهنجي چهري تي کتل هيون .کيس ڏسندي ئي غالم ُحسن ٿڌوساھ ڀري چيو ،يار مشتاق تون آهين!! اسان ته ڀانيو هيو ڪو ڇاپو لڳوآهي .ان ويل انتهائي مٺڙي ۽ پرعزم آواز ۾ وراڻيائين، بلوچستان پئي ويس ،ريل ۾دير ُهئي ،سوچيم شفقت جي گهران زرقاجا فوٽوکڻيو وڃان. سندس ايترو چوڻ تي آئون کيس يڪدم ُسڃاڻي ويس ته مشتاق شاه ،معني نذير عباسي. 171
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُ ڪندوهيو .جلدئي غلطيَء جواحساس ٿي ِويس ،ته هڪ هن جوذهن تمام گھڻو تيز ڪم اڻواقف ماڻهوَء آڏو پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪري ويٺو آهيان .شفقت جي گھران فوٽن سان گڏ چانھ به آندم ،ته ڪوسي چانھ ساسر۾ پيئندي ُاٿيو ۽ روانو ٿي ويو .غالم حسن کان پڇيم همراھ تڪڙو آيو۽تڪڙو ويو .االئي ڇو؟ غالم حسن منهنجي اهڙي سوال تي صرف ُمسڪرايو هيو ،ڪو جواب ڪونه ڏنو هيائين .آئون ُهن جي معنئ خيز مسڪراهٽ جو مطلب َسمجهي ڪونه سگھيو هيسُ .ان کان ڪجھ پوِء ڪميونسٽ پارٽيَء جي ڪنهن
فريڪيشن جي يا سنڌ ڪميٽيَء جي گڏجاڻي منهنجي ڳوٺ ۾ٿي هئي .سڀ انڊرگرائونڊ ڪامريڊ ،اوورگرائونڊ ٿي ويٺا هيا .ڪچيَء اوطاق جي بند ڪمري ۾االئي ڇا ڳالهايائون، ڇا نه ڳالهايائون؟ اها رات آئون اوطاق آڏو پيل کٽن تي تارا ڳڻيندو رهيس .ان رات جو دير سان ،ميٽنگ جي وقفي دوران ،اڪيالئيَء ۾مشتاق شاه منهجي پاسي واري کٽ تي اچي ليٽيوهيو ۽ هوريان هوريان ُپڇيو هيائين’مون کي ُسڃاڻين؟ وراڻيم ها .چيائين,اهوئي ُ آئون مشتاق شاھ آهيان .چيم ،نه اهوئي ته تون نذيرعباسي آهين .چيائين ڀال ٻڌايانِء ته ته ڪڏهن۽ ڪيئن ُسڃاتئه؟؟ چيم ُٻڌاِء!! .چيائين ،شفقت ميراڻيَء جي گهر۾ منهنجي وڏيَء غلطيَء سان .چيم ،ها صحيح ٿو چئين .۽ ايئن اسان جي سنگت جو قصووڌڻ شروع ٿيو. نذير ،ٽنڊي الهيار جو رهاڪو هيو ُان ڪري انهيَء پاسي کان اچڻ وڃڻ ڪونه هوندو هيس، سانگھڙ کان ڪنڊياريَء جي رستي ڦري ايندو هيو ،ڪنڊياريَء جو تاج مري ،تن ڏينهين ڀائنيان ٿو ،ته يا جيل ۾ هيو يا روپوش هيو ،ان ڪري تاج جي ڪيل ڪم ۽ ماڻهن کي سنڀالڻ جو ذمو ڪجھ نذير پنهنجي سر تي کنيو هيو ۽ ڪجھ مون تي وڌو هيو .پوِء گھڻو ڪري اسان ٻئي انهيَء تر جي مختلف ڳوٺن ۾ گڏجي ويندا هياسين ۽ راتين جو اوطاقن جي ڪچهرين ۾ ماڻهن کي سجاڳيَء جا سبق پڙهائيندا هياسين .ڪنڊياريَء ۽ ان جي پسگردائيَء جي گھڻن ننڍن جوانن کي اڄ اها ڪل ئي ڪونه هوندي ته شهيد نذير عباسي مونسان ۽ تاج مريَء سان گڏ گھڻو ڪري سڀني ڳوٺن مان مشتاق شاھ جي نالي سان گهمي ڦري ويو هيو .هڪڙي ڀيري ،اسان کي بان واھ جي ڪنڊياريَء واري موريَء جي اڀرندين َڀر ،لوهرن جي ڳوٺ ۾ وڃڻو هيو ،جتي امداد چانڊئي پنهنجي ٻاروتڻ جا ڏينهن گذاريا هيا. ان ڏينهن مقرر ٽائيم تي آئون پهچي ڪونه سگهيو هيس ،ٽائيم تي سختيَء سان پابند رهندڙ ،نذيرعباسي ،پوري ٽائيم تي آيو هيو ،مون کي مقرر جاِء تي نه ِڏسي ،ڪا گڙٻڙ سمجهي ،پنهنجي معمول موجب رفوچڪر ٿي ويو ،۽ جڏهن دير سان پهچي نذيرعباسيَء کي نه ڏسي ،جيڪا پشيماني ٿيم ،سا ته رهي پنهنجي جڳھ تي ،پر ڊپ اهو اچي ٿيم ته 172
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ايندڙ ميٽنگ ۾ نذير مونکي ڌوڙ ڪري ڇڏيندو ،۽ پوِء ٿيو به ايئن ئي ،ٻيَء ميٽنگ ۾ منهنجي اکين مان نماڻين نينگرين جيان ڳوڙها قطارون ڪري پئي هليا ،پر نذير جودير ڪرڻ بابت سواليه پڇاڻو پڇاڙيَء تائين بند ڪونه ٿيو هيو. نذير آخري ڀيرو جڏهن منهنجي ڳوٺ آيو هيو ،ته ان رات انقالب جي آمد تي وڏا بحث ڪيا هياسين ،ورنديَء ُ صبح جو سنڌڙيَء مان بس ۾ ويهاريندي ولِس سگريٽ جو پاڪيٽ وٺي ڏنو هيومانس ته چيو هيائين ،يار ايترا سگريٽ نه پيار ،اڳي ئي سنھڙو آهيان ،هاڻ جي َجهليس ته ماربه ڪونه سهي سگهندس .۽ ٿيو به ائين ئي ،مون کان وڃڻ جي هفتي ٻن ڏينهن ۾ َجهليوَ ،اٺ ڏينهن ٽارچرسيلن ۾ امتياز ٻلي جا ڏنل عذاب اندر ،جوالِء جي آخري ِ سهندي ،نيٺ زندگيَء جي جنگ هارائي ويٺو .جنهن رات ،بي بي سيَء نذير جي شهادت واري خبر ڏني هئيُ ،ان رات ڍاڍيون ڪري ُرنو هيس .ساندھ ٻه ڏينهن ماني ڪونه کاڌي هيم .ابي۽ امڙ کي ٻڌايم ته ،هيُء جو مشتاق شاهه مون سان گڏ پيو هلندو ُهيو ،اهوئي نذيرعباسي هيو ،کيس ظالم ضياُءالحق ماري ڇڏيو .ان رات امڙ به مونسان گڏجي ڏاڍو ُرني هئي .گڏوگڏ ڏاڍو ڊِنِي به هئي ،ڀانيائين ته منهنجوهيڪلو ُپٽ به مارجي ويندو .سو ڇا ڪيائين جو ورندي ڏينهن ،ڳاڙهن ڪتابن جون ڀريون ،گھر جي َڇپر مان گِهلي ،ٻورين مان ڪڍي ،اڱڻ تي رکي ساڙي ڇڏيائين. ُان واقعي بعد سڀڪوساٿي ڪڻو ڪڻو ٿي ويو .نه ڪنهن کي نذير جي ياد آئي نه ان جي معصوم نياڻيَء جي ،نه ان جي نوجوان ونيَء جي .سڀ وڃي ڌنڌن ڌاڙين کي لڳاسون ۽ جڏهن ورهيه گذري ويا ،حميدھ عذابن مٿان عذاب ڀوڳيندي جيئندي رهي ،معصوم زرقا وڏي ٿي پرڻجي اوالدي به ٿي وئي ،تڏهن وري َڦرڪو ڦِريو ،ته اسان پارن ڪامريڊن کي نذير سوڌو هن جھان مان هليا ِويل سڀ ڪامريڊ ياد آيا .سندن ورسيون ۽ سالگرهون ملهائڻ شروع ڪيونسين .ڪجھ مهينا اڳ۾ مونکي سنگت دعوت موڪلي ،ته نذير جي جنم ڀوميَء ،ٽنڊي الهيار ۾ سندس سالگرھ ٿا ملهايون تون به اچي ڳالهائجانِء .۽ ورندي ڏينهن جي اخبارن ۾ ٻين سان گڏ منهنجو نالو به ڇپيو ته نذير جا هي ،هي ساٿي مٿس ڳالهائيندا. ان ڏينهن ،شرم ۽ ڦِڪائيَء مان ٽنڊي الهيار ڪونه ويس .۽ انهيَء رات خواب ۾ نذيرعباسي کي ڏٺم .ساڻس جيڪا ڪچهري ٿي سا اجھو هينئن هئي. کلندي ،کلندي چيائين ،اميرا ،ڏي خبر ،هي وري اڄڪلھ ڪهڙا ڌنڌا شروع ڪيا َ اٿو!!؟ نڪ جي پڪائيَء سان وراڻيم ،نذير ،ڀانئيان ٿو ته ٻين شهيدن جيان تنهنجو روح به ،هن ڌرتيَء تي ئي ،اسان جي اوسي پاسي ۾ ڦرندي ،اسان جا ِپرڪار ڏسندو رهندو هوندو .سو 173
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
توکي تنهنجي روح ،تو پويان بچي ِويل يارن جي ِپرڪارن بابت ته گهڻو ڪجه ٻڌايو هوندو. ُان هوندي به منهنجي واتان ُٻڌڻ چاهين ٿو ته ُٻڌ ،ها ،اهو به ُٻڌي ڇڏ ،ته ٻين تي آئون ُٺپ ڪونه ڳالهائيندس ،منهنجن پرڪارن تي پڇين ته سڀ ڪجھ سچ ُٻڌايانِء. ڪاوڙ مان الل ٿيندي چيائين ،چئبو ته روزي روٽي بند ٿيڻ جو ڀئو اٿئي ،ان ڪري ٻين تي نٿو ڳالهائين ،چڱو ڀال تون پنهنجا لڇڻ ئي ٻڌاِء. ڪنڌ هيٺ ڪري ڪياڙي َکنهندي وراڻيم ،ادا ،سنئين سڌي ڳالھ اها آهي ،ته پنهنجو ڀڀ ڀرڻ الِء خلق جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي ،ڪاغذن تي ليڪا ڪڍي ،پنهنجي ٻوٿ تي ڪارنهن ويٺو َمليان ،ٻيو ڪجھ به نه. ڏند ڪرٽيندي چيائين ،منهنجون ورسيون ۽ سالگرهون هيترا سال ياد ڪونه َ آيو ،منهنجو الش به ايڌيَء اچي دفنايو ،ويتر ُهن پوڙهي ۽ دم جي مريض کي به اچي سوڙھ ۾ منهنجي پاسي ۾ سمهاريائون ،ان مهل به منهنجا ڌڻي ڪونه ٿيئو ،هينئر پيا کڳيون هڻو ،آخر ڇو!!؟ ڦڪو ٿيندي وراڻيم ،ادا ،ٻي سنگت جي ته خبر ڪانهيم ،باقي تنهنجي شهادت وارن ڏينهن ُ ۾ڪوئي ۾ ،سچي ڳالھ اها آهي ته آئون ڏاڍو ڊڄڻو هيس ،سو خاڪين جي جوتن جي ڊپ جيان وڃي ٻِ َر ۾ لڪو ُهيس .باقي هن پوڙهي جي الش سان گڏ آئون مقام ۾ ئي ڪونه آيو هيس ،ٻيا يار هيا ،ڀائنيائون ٿي ته جيڪر انقالب آيو ته تنهنجي قبر کي وڏي عزت ملندي، ان ڪري ُهن َمڙهي کي به ليِء ڪرائڻ الِء سوڙھ ۾ کڻي تو سان پوريو اٿن. اکيون ڦوٽاري چيائين ،ڪوڙ واري عادت اڃان ڪونه وئي اٿئي؟ پوِء هي جو وچ ۾ ڪامورو ٿيو هئين ۽ مال ميڙيا هيئي سو ڪيئن!!؟ حيرانگيَء مان اکيون هيٺ ڪري وراڻيم ،مار! توکي سڀ خبرون آهن ڇا؟ چڱو جي خبر اٿئي ته ُٻڌ ،تو واريَء سموريَء سنگت ،تنهنجي الش جو اڻ سڌو سودو ڪيو هيو ۽ توکان جلدي پوِء ،ٻيا ته االئي ،باقي آئون ته وڏو آفيسر ٿي ويس ،تنهنجي ڏنل اجتماعيت واري سوچ تي مٽي پائي ،انفرادي طور مال ميڙڻ شروع ڪيم .تون ،تنهنجي پارٽي ،تنهنجي زرقا ۽ تنهنجي وني مون کان ايئن وسريا جيئن ڪالهوڪو ڏينهن وسريو .نذير! حڪومتون آيون ويون ،ورهيه آيا ويا ،تنهنجي ٻچڙن ۽ عزيزن جي ڪا به سار ڪانه لڌم .ها پر انهيَء عرصي ۾ وڏيون وڏيون آسائشون حاصل ڪيم .بنگال ،گاڏيون ،بينڪ بيلنس وغيرھ وغيرھ .ان وچ ۾ تنهنجون ڪيئي ورسيون آيون ۽ ويون ،پرمنهنجون جون سرڪاري مصروفيتون ايتريون ته وڌيڪ هيون ،جو تنهنجو يادگيرو ئي ڪونه آيو ، .ڪڏهن 174
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪڏهن ياد ايندو هئين ،ته به اکيون پوري ڇڏيندو هيس .نذير! تون ئي ته هئين جيڪو منهنجي اونڌن پرڪارن تي پارٽيَء ۾ گهڻي ڪن َمهٽ ڪندو هئين، تڏهن ُمسڪرائي چيائين ،پوِء هاڻ وري هي ڪهڙو نئون رينگٽ شروع ڪيو اٿئي!! دل جھلي وراڻيم ،ادا!جڏهن سرڪاري مال ميڙڻ مان ڍوُء ڪونه ٿيم ،تڏهن ٻڌم ،ته سامراجي دنيا جا ڍاول امير ،اسان جي غريب ملڪن جي غربت مِٽائڻ الِء خيرات طور ڪجھ مال غير سرڪاري ادارن جي نالي ۾ڏيڻ الِء آتا آهن ،ته اهو موقعو به هٿان ڪونه وڃايم ،وڃايان به ڇو؟ آخر انقالب ته آڻڻو آ نه جاني! .پوِء وڏيَء ڌام ڌوم سان انهي ُ ڪن ۾ به ڪاهي پيس ،پنهنجو ادارو به جوڙيم ،ته ان کا به وڏن ادارن ۾ پنهنجي ٻولي لڳرائي پاڻ کي ِوڪيم به .ادا ،تنهنجي تعليم ئي اهڙي ڏنل هئي جومون تي ايڏيون ته ٻوليون لڳيون ،جن جو ڪڏهن سوچيو به ڪونه هيم. ٽهڪ ڏيندي چيائين ،معني ته تنهنجي واڳ ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي ،۽ تون ُپتليَء جيان تماشا بيٺو ڪرين ،ڀال ٻڌاِء ته ڪهڙي ايجنڊا ملي اٿئي!. وراڻيم ،ادا ،خبر اٿئي مون ،وڪاڻل گهوڙي کي ايجنڊا ڪهڙي ملي هوندي؟ اهائي پنهنجي پراڻي!!! .جنهن ۾ هاڻ نتيجا گهربل ڪونه آهن ،صرف لٻاڙ ،ڄاڙي ۽ ڪاغذي رپورٽون ٿيون کپن .پوِء ته منهنجو ڪم اڃان وڌيڪ سولو ٿي ويو آهي ،تو سميت سڀ پراڻا ۽ هي جهان ڇڏي ويل ڪامريڊ به ياد آيا ،سڀني جون ورسيون ۽سالگرهون ملهائيندي، تقريرن دوران هٿن جون ُاڇلون ڪندي مائيڪ ٽوڙي وجهندو آهيان. چيائين ،پوِء سڄيَء سنڌ ۾ ڪو هڪڙو به ماڻهوڪونهي بچيو ڇا جيڪو توتي ڦٽ لعنت ڪري!!؟“. چيم ،ادڙا! اهي ڏينهن ويا جڏهن سڀڪو چوندو وتندو هيو ته سنڌ جي سينڌ اڃان َسنڍ ڪونه ٿي آهي ،ورهين پڄاڻان ،پرائي پئسن تي ڪيل ،منهنجي هن عمل تي ڪو هڪڙو به اهڙو سنڌي ڪونه آهي ،جيڪو مونڏي ٻه آڱريون ئي ُاڀيون ڪري ،يا ُپٺيرو بيهي منهنجي هن عمل تي ڪا ُالٽيَء جهڙي ُٿڪ ئي اڇالئي .ڪو هڪڙو نه ڪونهي ادا ،پاڻ سڀ پيا هرکجن ته َمن کين به اهڙو جهٽ لڳي. مسڪرائي چيائين ،پوِء ته تون صفا نرڄو ٿي پيو هوندين!؟ ڦڪو ٿي چيم ،اڙي يار ،هاڻ ته نڪ جو ايترو پڪو ۽ اک ُپور ٿي ويو آهيان ،جو جن، ڍاول ملڪن جي اميرن مون کي خريديو آهي ۽ ڀلي گهوڙي جيان ٽاپ ۾ ڊوڙائيندا آهن، تن جي آڏو پاڻ کي ،لينن ،مارڪس ،تو ۽ ڀٽي جو وارث سڏائيندو آهيانَ .ٽڪي جي به 175
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڦِڪائي ڪونه ٿيندي اٿم .خبر اٿئي ته مون وارو ُمجيري منهنجي انهيَء دعوئ تي معنئ خيز مسڪراهٽ سان مون ڏانهن رڳو نهاريندو رهندو آهي ،پر چوندو ڪجھ به ڪونهي. تڏهن به منهنجي ُمنهن ۾ حرام جي ڪو ڦِڪائيَء جو ُگهنج ايندو هجي. چيائين ،۽ جيڪا منهنجي وارث سڏائيندڙ نئين سياسي پارٽي ٺهي آهي ،ان جو به اڳواڻ هوندين!؟ چيم ،نه ادل! نه شروع ۾ ته پڪ هيم ته اها پارٽي تنهنجي پيرن تي هلنديِ ،پيريَء ۾ جيل کارائيندي ،ان ڪري کانئس پري ُهيس ،پر هاڻ پڪ ٿي اٿم ته اهي هوائي خبرون هيون، ۽ان پارٽيَء جي آفيس ۾ ويهي ،روز انقالب ۽ انقالب الِء ُگهربل مال جو انتظار ٿيندو سورڻ شروع ڪيا آهن. آهي .سو هاڻ ٿورا ڏينهن ٿيندا ته مون به ان پارٽيَء ۾ وڃڻ الِء َپ َر ِ تڏهن وري ڪاوڙندي چيائين ،نيٺ ته هيڏانهن عالم ارواح ۾ به ايندين ،اهڙيون ُجٺيون ڪرائيندوسانِء ،جهڙيون ضياُء الحق ۽ ان جي ساٿارين سان ڪرايون اٿم!!؟ ڪنڌ هيٺ ڪري وراڻيم ،جاني! اها ته پڪ اٿم ته ڄاڻَ ،رليَء جو موت وٺي تو وٽ اچڻو آهيان ،۽ اها به پڪ اٿم ،ته عالم ارواح ۾ تنهنجو روح لکين هزارين ٻين ُروحن سان گڏجي مون تي ٺٺوليون ڪندو ،۽ اسيمبلي ميمبرن جيان شيم شيم جا نعرا هڻندو ،ڀلي پيا ڪجو ،حال گھڙي ته مال ميڙڻ ڏي! هونئن به ڇا ڪريان؟ مال ڏاڍو مِٺو آهي ،آسائشون ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي .منهنجا جاني نذير عباسي. ڳالھ پئي هلي ڪميونسٽ پارٽيَءجي يارن جي ۽ انهن جي پارٽيَء جي مقصد سان سچائيَء ۽ وفاداريَء جي ،ته انهيَء سچائيَء ۽ ايمانداريَء جو اهو َعالم هو ،جو هڪڙي ڀيري سکر جي آچر گھٽيَء پرائمري اسڪول ۾ ٻارن کي پئي پڙهايم ،ته اوچتو پٺاڻڪي ٽوپيَء ۽ صدريَء سان ميرا ڪپڙا پاتل ،هڪڙو همراه ڪالس ۾ ڌوڪيندو آيوُ .ٺڙ ُٺپ کيس ڪونه سڃاتم ،ساڻس هٿ مالئي ،جڏهن ڳالهايم ،ته سندس آواز مان خبر پئي ،اڙي مار پئيس حالت غير ۾ ڏسي حيران ٿيندي پڇيومانس ،ڀائو، هيُء ته هيُء ته تاج مري آهي! .کيس ِ خير ته آهي اهڙا حال ڪيا اٿئي جو سڃاپڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچين؟ تاج جيئن هونئن به هميشھ ُاٻهرو ٿي ڳالهائيندو آهي .تيئن ُاٻهرائيَء ۾ وراڻيائين ،في الحال منهنجن حالن کي ڇڏ ،کيسي ۾ ڪي پئسا هجنئي ته ،مون کي ويهارو کن روپيه ڏي ته حيدرآباد وڃان. ُ ڀاڙوکٽل اٿم .کيسي مان ويھ روپيه ڪڍندي پڇيومانس ،ته ڀائو ،رستي ۾ ماني ڇو جو
176
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٽڪيَء الِء ڪجھ ڪونه کپندئي ڇا؟ وراڻيائين نه ڙي يار نه ،رستي ۾اهڙيَء ڪنهن شيِء جي ضرورت ئي ڪونه پوندي ،بس ايترو چوندي تکو تکو وڏيون ٻرانگهون هليو ويو. هڪڙي ڀيري اڄڪلھ جي سنڌ يونيورسٽيَء جي پروفيسر ڊاڪٽر شير محمد مڱرئي کي پارٽيَء جي هڪڙي ميٽنگ ۾ ،منهنجي ڳوٺ ۾ ،رات جو اٺين وڳين پهچڻو هيو ،مڙس ميرپورخاص مان الريَء ۾ چڙهيو ،وٽس الريَء جو ڀاڙو صرف ڪاٺڙيَء تائين جو هيو. خودداري ايتري هيس ،جو بس جي ڪنڊيڪٽر کي ڪاٺڙيَء جو ڀاڙو ڏيئي اتي لهي پيو، ان مهل رات جا ست ٿيا هيا ،نوين وڳين ميٽنگ شروع ٿيڻي هئي ،ڪاٺڙي ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ڇھ ڪلوميٽر مفاصلو هيو ،همراه ٽنگون وڄائي ڏيڍ ڪالڪ ۾ اهو پنڌ ڪري اچي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو هيو .۽ ٻئي ڏينهن واپسيَء جي ڀاڙي الِء جڏهن مونکي چيائين ته سندس واتان اها ڳالھ به نڪري وئي هئي ته يار ،رات به ڀاڙو ُکٽي پيو هيو ۽ ڪاٺڙيَء کان هيترو سارو پنڌ ڪري هتي پهتو هيس .ساڳي ڪارغالم حسين شرسان به ٿي هئي ،جو جڏهن لطف پيرزادي وارن سان گڏ ڪراچيَء ۾ گرفتار ٿي ،پاڻ کي ٻلهڙيجيَء جو پيرزادو ۽ پيرزا دن جي ٻڪرين جو ڌراڙ ظاهر ڪري آزاد ٿيو هيو ته به وٽس ميرپورخاص پهچڻ جيترو ڀاڙو مس هيو .هتان ئي ڪراچيَء ويندڙ غالم حسين ،هلڪي ڏاڙهيَء ۽ وڏن وارن وارو هيو ۽ واپس ورندڙ عالم حسين جو مٿوُ ،مڇون ۽ ڏاڙهي ڪوڙيل هئي ،ننڍڙو کجيَء جو ڇٻو هٿ ۾ هيس ،هندن جي ٻاون جهڙي حلئي سان واپس وريو هيو .هو جيئن ته روپوشيَء دوران اسان جي تر ۾ رمضان جي فرضي نالي سان رهندو هيو ،سو هڪ ڀيري اسان چار پنج دوست اوطاق ۾ ويٺا هجون ته امريو ميگھواڙ ڊوڙندو آيو ۽ اچي وڏي دٻ ڏيندي چيائين ته اسان جي زميندار ،ڪاڪي رگھي مينگھواڙ کي تمام گھڻو ماريو آهي ۽ اسان جا الهيارا ڦٽيون پيا چونڊين تن تي گھيرو ڪري بيهي رهيا آهن. غالم حسين ،امرئي جي ڳالھ ٻڌندي ئي ڀڙڪو کائي بابا جي بندوق کڻي ،امرئي جي َڏسيل جاِء ڏانهن ڊوڙيو ،ويندي ويندي چوندو ويو ،هاڻ پيا ڪيسن کي مڙس ٿي منهن ڏجو .آئون انهيَء وڏيري جو ڪم پورو ڪري پرٻاهرو هليو ويندس .خدا ڀلو ڪري ڪجھ ٻين هارين جو جيڪي سرزمين تان ايندي جذباتي ڪامريڊ کي ڊوڙندو ڏسي کانئس سبب پڇڻ الِء بيٺا هيا .ته کين امرئي جي ڪوڙ جي خبر پئي هئي ،تڏهن گيتائن ۽ قرآن جا سنهن کڻي ڪامريڊ کي يقين ڏياريو هيائون ،ته ٻيلي انهيَءهمراه جي َ ڪل ٿِڙيل آهي ۽ تون انهيَء جي ُڦوڪ تي ٿو مڙسن کي مارين ڪجھ ڌيان ڪر .تڏهن وڃي ُمڙيو هيو.
177
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هڪڙي ڀيري هارين جي ميٽنگ ۾ ويٺا هجون تن ڏينهين عرس ڪانهئي جو ٻنيَء تي ڦڏو پئ هليو ،جماعتين سان ،تنهن وقت عرس وارن وٽ ايتري غربت هئي جو وٽن ڪڏهن ڪڏهن ويال به پوندا هيا ،سو عرس ميٽنگ ۾ رڙ ڪري چيو ڪامريڊ گھر ۾ اٽو ڪونهي، ڀاڙو ڪونهي جو پنهنجي ٻنيَء جي ڪيس الِء ڪورٽ ڀيڙا ٿيون ،تون ٿو چوين ته سڄي سنڌ آجي ڪرڻي آهي!! ڇڏ ٻيلي .ڪامريڊ غالم حسين ،عرس ڪانهئي جي دل ۾ لڪل درد پڙهندي ئي ،پنهنجي ٿيلهي ۾ هٿ وجھي ڪنهن جادوگر جيان چانديَء جا ٻه وزني پير ڪڙول ڪڍي کڻي هٿ تي رکيس .عرس سميت سڀ دوست حيران هجون ته هن ڪامريڊ هي شيون ڪٿان آنديون .اهو معمو اڄ تائين حل ڪونه ڪري سگھياسون. غالم حسين شر ،تن ڏينهين روپوش هوندو هيو ۽ عالئقي واسي هجڻ سبب سکر ڏانهن تمام گهٽ ايندو ُهيو .جيڪر ايندو ته مون وٽ ضرو ايندوهيوُ ،ان رات ڪنهن َڀلي هوٽل تي ڀلي ماني به کارائيندوهيو .رات مون سان گڏ رهندو هيو۽ ُ صبح جو ڪندو هيو جوڳي َرمتا ڀال .سندس ڀاُء ۽ هاڻوڪو ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ،لياقت شر ،تڏهن تازي وڪالت پاس ڪري ،شايد شيخ اياز يا ڪنهن ٻئي جو جونيئر وڪيل هيو .هاڻي شڪل َ موچاروڦڏائي شبيھ توڙي افعالن ۾ به صفا شريف لڳندڙ مڙس لياقت شر ،تن ڏينهين چڱو هوندو ُهيو .بچي شل ُمڇون به وڏيون رکندو هيو ،سي به ُاڀيون ۽ َوٽيل هونديون هيون. ڏينهن ۾ خاص ڪري هينئر ڪورٽن ۾ججن ۽ وڪيلن سان ته االئي ڪيئن ٿوهلي ،پر ُانهن ِ سکر کان ٺري ميرواه جي بسن وارن سان ڀاڙي تان ڏاڍا جھيڙا ۽ ڦڏا ڪندو هيو ،ٿيندو هينئن هيو آئون اڪثر ڪري جمعي جي ڏينهن واري موڪل گذارڻ ،ساڻس گڏ مينگهي فقير شر جي ڳوٺ ويندو ُهيس .ٺريَءميرواھ جي َب َ س وارن کي لياقت ڀاڙي کان ُٺپ جواب ڪار هوندي ُهئي .لياقت جي ڏيندوهو ،ته جهيڙو ٿي پوندو هو .هر هفتي لياقت جي اها ِ جهيڙن دوران آئون بلڪل خاموش ويٺو هوندو هيس ۽ پنهنجيَء سيٽ تان ُچرندوئي ڪونه ڪلو لڳل ُهجيم .هڪڙو ڀيرو ،ٻيو ڀيرو ،ٽيون ڀيروبه ،منهنجي هيس ،ڀانِء هيٺان ڪو ِ ساڳي ڪار ِڏسي ،نيٺ مون تي نالو رکيو هيائين ِڌيئاڻو ٻار .پوِء ته اهو نالو هرڪنهن کي َ پيوڏسيندو هيو ته اميربخش ڌيئاڻو ٻار آهي .تن ڏينهين لياقت وارا ،مينگهي فقير جي ڳوٺ مان تازا َلڏيا ُهياَ .سڏ پنڌ تي اوڏڪين ڀِتين جا گهر ،وڏي ڪوٽ سان ٺهرايا هيائون. هڪڙيَء ڪوٺيَء کي ُپٺيان به َدروازو هوندو هيو ،گهرن جي ُپٺيان اڇيَء واريَء جي ننڍڙن دڙن تي گهاٽا َسچا َس َر بيٺل هوندا هيا ،اهو ڪامريڊ غالم حسين جو روپوشيَء دوران ڄڻ جو َگ ُ ڪنهن ڇاپي ڌاپي ۾ َڀ َ هٽ هوندو هيو .سندن والد مرحوم زوار عبدالرزاق جون 178
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪچهريون ،اڃان دل تان ئي نٿيون ِوسرن .هاڻ ته سڄو ڳوٺ ٽڙي پکڙي ويو آهي ،چئوطرف آبادي ئي آبادي آهي .روڊ رستا ۽ بجليون آهن .تڏهن ٺريَء ميرواه کان پنڌ ئي پنڌ انهيَء ڳوٺ ڏانهن ويندا هياسين .انهيَء زماني ۾ فقيرغالم حيدر گودڙئي جو مقبرو ڏسي حيرت ٿي هيم .مار!! شر به اولياُء ٿيو ٿا سگهن؟“!!! هيڏانهن اسان جي پاسي جا شر گھڻي ڀاڱي ته سڀ چيلھ سان رسا ٻڌيو هلندا وتندا هيا!!! ” .منهنجي انهيَء سوچ جي تصديق گھڻو پوِء پاڪ فوج جي ڪرنل عمر ڪرمانيَء به ڪئي هئي ،جيڪو ڌاڙيلن خالف آپريشن دوران سنڌ جي چپي چپي ۾ ُرليوهيو .تنهن هڪڙي نجيَء ڪچهريَء ۾ مون کي چيو هيو ته ،مون اڄ ڏينهن تائين ڪو به شر ذات جو ماڻهو يا وڏو ڌاڙيل يا پڙهيو لکيو ناهي ڏٺو، سڀئي چيلھ سان رسو ٻڌڻ وارا مليا اٿم. فوالد فقير شر ،شايد پوِءراھ رباني ورتي هئي ،يا فقيرن جي ٻوليَء ۾ پيالو پيتو هيو. انهيَء زماني ۾ ڳوٺ ۾صرف هڪ مقبرو ڏٺو ُهيم .گھڻو پوِء جڏهن ڄام ساقيَء کي ٿورو گھڻو صوفي ازم جو رنگ چڙهيو هيو ،ته گِهلي وٺي ويو هيو ،فوالد فقير جي قبر تي. هاڻ ته فوالد فقير جي پوئلڳن سان ياريون اٿم ،خاص ڪري عطا فوالديَء سان. تڏهن ته سکر کان ڳوٺ وڃڻ الِء اڪثر ڪري شام جو بس ۾ نِڪرندو هيس ،نواب شاهه ڀرسان سٺ ميل تي ُپڦيَء وٽ رات رهي پوندو هيس .جيڪڏهن سٺ ميل جي بس نڪري ويندي هئي ،ته مهراڻ يونيورسٽيَء جي هاسٽل ۾ محمد علي ٽالپر وٽ رهي پوندو هيس. محمد علي ،سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو جنرل سيڪريٽري هيو ،پوِء فون کاتي ۾ڊويزنل انجنيئر ٿيو .ڀانئين ٿو ،اڄڪلهه ڪيناڊا ۾رهي ٿو .هڪڙيَء رات محمد عليَء ُٻڌايو هيوته ڪالهه رات امداد چانڊيو ،محمد خان سولنگي۽ شير محمد مڱريو روپوشيَء ۾ هوندي ،او سامهون ُهن پارڪ ۾ ويٺا ُهيا ،جيئي سنڌ وارن ُسڃاتا ته َٻ َ ڌڻ ِجي ڪوشش ڪيائون .هي ٽيئي همراهه به منهن ڏئي بيٺا ،چڱي موچاري مارا ماري ٿي هئي ،نيٺ ٽئي ِ ُ ڄڻا هيڻا ٿيا هيا .ته جيئي سنڌ وارن کڻي ٻڌ ِن ،چئي نازشي ،سازشي ۽ روپوش آهن ،پوليس جي حوالي َ ڪبا .بقول محمد عليَء جي ُهن وڏيون منٿون ڪري همراهن کي ڇڏايو هيو. محمد عليَء َس ُچ ٻڌايو هيو االئي نه ،اهي خبرون امداد وران کي هونديون ،نيٺ به ٽيئي مڙس حيدرآباد ۾ االئي ڪنهن جي ڀالئيَء سان جهالڻا ،جنرل ضياَء جي مهربانين مان ست ست سال ٽيپ۽ ڦٽڪن کائڻ جي واجبي ورڇ ورتائون. هي اهي ڏينهن هيا ،جڏهن عالمي سامراج جي ُپڇ لٽڪائو۽ پاڪستاني عوام جي نوڪر جنرل ضياَء ،عوامي حڪومت تي راتاهو هڻي ،آمريڪي ايجنڊا تي هلندي ،ڪسنجر جي 179
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڳالھ کي پاڻي ڏيندي دنيا جي مشهور ڏاهي ۽ عالمي طور َمڃيل سياستدان ذوالفقار علي ُڀٽي کي بي ڏوهو ،ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ واڙي ،وڏا عذاب ڏنا ،ته به آڻ نه مڃائي سگھيو هيو .تڏهن ڪوڙا سانگ رچائي ،ڪوڙي ڪيس ۾ هٿ جي ٺاهيل هڪڙي صوبي جي عدالت هٿان ڦاسيَء جي سزا ڏيارڻ جو ڍونگ ڪري ،راولپنڊيَء جي ُ ڪوفي ۾ سندس ساه ورتو هيو .مون کي اهو ڏينهن چٽو ياد آهي ،تڏهن رابطي جا اهڙا ذريعا ڪونه هوندا هيا ،جيئن هينئر آهن ،انهي نڀاڳيَء رات ،آئون ماما رمضان وٽان ڊينگاڻ ويل هيس .ورندي ڏينهن صبح جو واپس پئي موٽيس ،ميما جي ڳوٺ مان ڊينگاڻ ڏانهن پنڌ ايندي ،رستي ۾ ڪنهن اها خبر ٻڌائي هئي .االئي ڇو ڪجھ ڪرڻ جي بجاِء منهجي اکين مان ُلڙڪن جون الرون هليون هيون .انهيَء ڏينهن مون جيڪو به ماڻهو ڏٺو هيو ،انهيَء ماڻهوَء جي اک آلي ڏٺي هئي .آئون ڀانيان ٿو ته ُڀٽي صاحب جي واقعي تي پکي پکڻ ُرنا هوندا .ڇو جو چوٿين اپريل جي انهيَء ڏينهن هتي بي مندائتو مينهن به ُوٺو هيو .ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوِء چوٿين يا پنجين ڏينهن آئون ،عالم ڪيريو ،الهبچايو۽ احمد ڪانهيو ،مجني الشاريَء جي ٽيڪسيَء ۾ شهيد ُڀٽي جي فاتحاخوانيَء الِء ويا هياسون .مون کي چٽو ياد آهي ته انهيَء ڏينهن ايئن لڳو پئي ،ڀانِء اسان ڪنهن ڌارئي ملڪ ۾ پيا وڃون .ميل ميل تي فوجين جون چيڪ پوسٽون هيون ،هرهنڌ شناختي ڪارڊ ڏسي اڳتي وڃڻ جو مقصد پڇي، اڳينَء چوڪيَء کي اطالع پئي ڏنائون .ايئن جڏهن اسان شهيد ُڀٽي جي قبر تي پهتا هياسون ته ُاتي موجود سوين ماڻهن جيان اسان جون به اوڇنگارون نڪري ويون هيون. ڀٽي صاحب جي قبر جي مٽي اڃان ڪونه ُسڪي هئي .مون انهيَء ڏينهن سوچيو هيو ته سنڌ وارن جي ِسرن گهرڻ جي مند شروع ٿي وئي آهي ،هاڻ االئي ڪيترا سال ۽ صديون اهو عمل ورجائبو رهندو .ها هڪڙي سا سوچ ضرور آئي هيم ته روئڻ ِپ ِٽڻ کان ته سٺو آهي ته ماڻهن کي منظم ڪريون ،ته هاڻ سر ڏيڻ بجاِء سر وٺڻ گهرجن .مون کي اهو به ياد آهي ته ورندي مهل مون ڀٽي شهيد جي قبر تان گالب جي گلن جون ڪافي پتيون کيسي ۾ وجهي کنيون هيون ،اهي جڏهن ڳوٺ وارن کي ڏنيون هيم ته ابي امان سوڌو سڀ ماڻهو انهن سڪل َپتين کي اکين تي رکي ڏاڍو ُرنا هيا. ڪ ِي آيو ،بس ،رڳو انقالب آڻيندڙن جي تن ڏينهين ايئن لڳندو هيو ته ُسرخ انقالب آيو ِ گهوڙن جون ُ واڳون وٺڻ جي دير هئي .ايئن جيئن سنڌ جي ريت پٽاندڙاوطاقن تي ايندڙ مِزمانن کي پري کان تاڙي ،گهر ڌڻي ،گهوڙي جي واڳ وٺڻ الِء ٻه ِوکون َڀري هلي ويندو آهي ،تيئن افغانستان ۾ خلق ۽ پرچم وارن يارڙن جي اوچتو آندل ُسرخ انقالب ،اسان 180
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪامريڊن کي اصل ُدڻيئون پاڻِيئون َ ڪ ِڍي ڇڏيو هيو ،هوائن ۾ ُاڏامندي ،هر نئين صبح جو ُانهيَء آسري تي ُاٿي آرس َڀ َ ڃندا هياسين ،ته پٺاڻ جالل آباد کان وٺي ڪابل تائين ڪي ُپهتا، سامراجيت مان پنهنجا پاند آجا ڪري ،ڄاڻ اسان جا بند خالصا ڪرڻ الِء ُپهتا ِ اجمل خٽڪ ته ڀانيان ٿو ،تن ڏينهين اسان جي پارٽيَء کي ڇڏي ويو هيو ،باقي پختونخواھ جو هاڻوڪو سينيئر وزير افراسياب خٽڪ ۽ مختيار باچا اڃان اسان واري لڏي سان هيا. تن ڏينهين پارٽي الئين اها هوندي هئي ته پارٽيَء جا ساٿي به پارٽيَء جو نالو چپن تي ڪونه آڻيندا هيا .تڏهن ڪميونسٽ پارٽيَء نالو لِڪائي ،ڪامريڊن پاران روز روز جو ولي خان ۽ بزنجي جي پارٽين ۾ لِڪڻ بجاِء جيڪا نئين نالي سان نيشنل پروگريسوپارٽي سياسي ميدان ۾ الٿي وئي هئي ،هي ٻئي يارڙا ،انهيَء پارٽيَء جا اهم اڳواڻ به هيا .تن ڏينهين، خلق ۽ پرچم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا مثال اسان جي آڏو هوندا هيا ،۽ نور محمد ترهڪئي ،ببرڪ ڪارمل ،حفيظ اهلل امين ۽ ڊاڪٽر نجيب پارا ،اسان جا آئيڊيل هوندا هياَ .منجهن وڏا آسرا هوندا هيا ،وڏيون ُاميدون هونديون هيون .اسين ُسرخا ٿورڙا هوندي به شل نه ڪو ،ڪنهن جو مظاهرو يا جلسو ُٻڌون ،هٿوڙي ۽ ڏاٽي وارو ڳاڙهو جهنڊو ُسٿڻن جي َو َرن ۾ لِڪائي ُاتي بي دعوتيا ئي ُپڄي ويندا ُهياسين .جيڪر ڪنهن جو ڪو مظاهرو هوندو هيو ته پارٽي الئين ملندي هئي ،ته ڪوشش ڪري هِڪڙو هِڪڙو ٿي ان جي اڳواڻيَء تي قبضو ڪجي ،۽ پنهنجا نعرا ِڏجن .۽ جڏهن به ايئن ٿيندو هيو ،ته ڪنهن نه ڪنهن جي ُسٿڻ جي َور مان ڪو بينر به نڪري نروار ٿيندو هيو ،پوِء نعرن جي ڌوم شروع ٿيندي هئي ،آمريڪي سامراج مرده آباد ،جو آمريڪا جويار آ غدار آ غدار آ ،ضيائي آمريت تي ڪتو چوڻ ُ لعنت ،ضياُء ڪتو هاِء هاِء ،ضياَء کي ُ ڪتي جي توهين آ .۽ پوِء رات جو اٺين وڳين مارڪ ٽيليَء جي موڪليل رپورٽ جڏهن بي بي سيَء تان نشر ٿيندي هئي ته اڪثريتي پيپلز پارٽيَء جي نعرن جو نالو نشان ڪونه هوندو هيو ،رڳو اسان جي نعرن جي ُڌوم هوندي هئي .تڏهن اسان جي َر ُڳن ۾ نئون روح ڦوڪبو هيو ،نئين سج سان نئون عزم کڻي وري ڪاهيندا هياسون ملڪ جي ٻيَء ُ ڪنڊ ڏانهن .انهيَء سوچ سان ته ڄاڻ انقالب آيو. تن ڏينهين اسان جي انهن کڳين جو بي بي سيَء تان بار بار نشر ٿيڻ جو مطلب اسان کي ش ۾ خوش هوندا هياسين ،پر ضياُء انهن گھڻو پوِء سمجھ ۾ آيو هيو ،اسان ته هروڀرو ُه ِ نعرن کي َس ِچي به آمريڪا ۽ ان جي ساٿارين وٽ جيئن جو تيئن ڪيش ڪرائيندو هيو، هاڻ ٿا سمجهون ته تن ڏينهين ،پيپلز پارٽيَء يا ايم آر ڊيَء ۾ شامل ٻين ُڌرين جي نعرن 181
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
کان وڌيڪ اسان جا نعرا بي بي سيَء ۽ وائس آف آمريڪا تان هٿ وٺي نشر ڪرائي ،آمر ضياُء ،سامراج کي نياپو ڏيندو هيو ته ،وارو ڪريو منهنجي مدد ڪيو ،نه ته ُسرخا ،افغانستان ڪي پهتا .۽ هو پنهنجيَء انهيَء پاليسيَء ۾ ڪامياب به ويو ،اسان کان بارڊر ُٽپي ڄاڻ پهتا ِ هوائن ۾ ئي ُاڏرندا ئي رهياسينُ ،هن مال ته ميڙيا ،پر اسان جي ٽولي کي امتياز ٻلي جي ٽولي هٿان اهڙو ته ٽوڙيائين ،جو اڄ ڏينهن تائين چيلھ ِسڌي ڪونه ڪري سگهيا آهيون. تن ڏينهين اسان ُسرخن جي ساٿ ۾ کوڙ سارا واڻيا َس ِلهڙيل هوندا هيا ،جن مان نرنجن دوداڻي ،امر الل ۽ ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش ،اهم ناال هيا .پاڻ کي اڄ يادگيرو آيو آهي، گھنشام جو ،جنهن جي جو گِھگھو آواز اڄ به االئي ڪيترن ورهين کان پوِء به ڪنن ۾ ايئن پيو ُٻري ،ڀانِء ،اوُ ،هو پريان ڪنهن سان ڳالهائي بيٺو .جيتوڻيڪ اڄ هو مون کان ڪوهين ڏور دهليَء ۾ ويٺو آهي ،۽ حيرت انگيز طور تي ُاتي جي ڪميونسٽن سان گڏجڻ بجاِء بي جي پيَء سان وڃي سلهڙيو آهي .پر فارسيَء جو محاوري دهلي دور است کي ڌوڙ وجهي ،ايئن ٿو ڀائنيان ،ته هو مونسان گڏ پيو گهمي ڦري .چٽو ياد اٿم ته گهنشام پنهنجي ڳري آواز ۾ جڏهن نعرا هڻائيندو هيو ،ته سندس آواز پري کان َپڌرو هوندو هيو .هرڪو آواز مان کيس ُسڃاڻي ويندوهيو .تڏهن اسان ڌرتيَء تي گهمندي ڦرندي اوور گرائونڊ هوندي به هروڀرو انڊر گرائونڊ هوندا هياسين .ان ڪري هِن ُمڙس جي َٻڌجي وڃڻ جو ڀئو ڪجھ وڌيڪ هوندو هيو .ان ئي سبب جي ڪري ڀانيان ٿو ته پارٽيَء کيس ،گھنشام مان ڦيرائي لطيف پيرزادو ٿيڻ جي الئين ڏني هئي ،ته جيئن مڙس ،پنهنجو پاڻ بچائي سگهي. پر هيُء واڻيو ٻين عام واڻين جيان ڪچي ِپنڊي ڪونه هيو ،هيُء ته سڌو ِپڌو مورئي ماڇيَء جي پاڙي جو شينهن هيو شينهن ،سو کيس ٻلهڙيجيَء جي لطيف پيرزادي جي نالي ۾ لِڪائڻ پارٽيَء الِء َسولو ڪونه هيو .۽ نه ئي گھنشام جي َرڳن ۾ هروڀرو لڪڻ جهڙو َر ُت هيو ،هو درويش ته جهڙو اندر هيو تهڙو ٻاهر. تن ڏينهن داڻي پاڻيَء مون کي به سکر جي شهر جا وڻ ڏيکاريا هجن ،سو جيڪب آباد ضلعي جي هن شينهن واڻئي سان اٿڻ ويهڻ پارٽيَء جي مامرن ڪري اوچتو وڌيڪ ٿي پيو .جيتوڻيڪ سکر ۾ اچڻ وڃڻ ،گهنشام الِء ايئن هيو ،جيئن ڪوڙڪيَء ۾ پاڻهي اچي پير ڏيڻ .پر هيُء واڻيو اباڻي وطن جي سڪ ۾ لِڪي َڇپي به ڳوٺان ڀيرو ڪري ويندو هيو ،۽اها خبر پارٽيَء جي ذميوارن کان به لِڪي ويندي هئي .انهن ئي ڏينهن ۾هڪ ڀيري، مهيني جو پگهار کڻي ،معمول موجب ڳوٺ َسنبريس ،ته گھنشام جيڪو اڳي ئي واري تڙ روڊ تي پارٽيَء الِء ارپيل شفقت ميراڻيَء جي لڪل ٺڪاڻي تي مونسان گڏ موجود هيو. 182
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تنهن چيو ته ،اڄ مون کي به ٽنڊوالهيار وڃڻو آهي ،ٻئي گڏجي ٿا هلون .ايئن ان رات سکر کان َب ُسن جو ٿڪائيندڙ سفر ڪري ،رات جو منهنجي ڳوٺ اچي ُپڳا هياسين ،اوطاق کي ويجها ٿيندي ئي پري کان ڏٺو هيم ،ته اوطاق ۾اسان جا ُمرشد َلٿا پيا هجنُ .ان مهل گھنشام جي آڏو ٻه به ِويم ته ڇھ به ِويم ،دل ۾ سوچيم هيُء ڪامريڊ به ڇا چوندو ،ته ٻين کي برابريَء جو سبق ڏيڻ وارا پاڻ ِپيرن جي پيرن ۾ ويٺا آهن!!؟ ڪامريڊ جي آڏو پت وائکي ٿيڻ کان پاڻ بچائڻ الِء کيس چيم ته ڪامريڊ لڳي ٿو اوطاق ۾اڳ ئي ڪي مهمان لٿل آهنَ ،ه ُل ته پاڻ هلي ٿا اسڪول ۾ رهون .۽ پوِء گھنشام کي اوطاق سان لڳولڳ ڪچي اسڪول ۾ کٽ رکي ڏني هيم .ان رات مون جيان گهنشام به َٿڪل ُهيو .مانيَء کائڻ بعد جيئن ئي کٽ تي آهليو ته ِسگهوئي کونگهرا هڻڻ شروع ڪيائين .۽ جڏهن ِڏ ُٺم صبح ته مڙس وڃي خوابن جي دنيا ۾ پهتو آهي ،ته آئون به گهر وڃي آرامي ٿيس. جو ،گھنشام الِء نيرن۽ چانهه کڻي نڪتس ،حيرت تڏهن ٿيم ،جڏهن ِڏسان ته اسڪول ۾ گھنشام واري کٽ آهي ئي ڪونه ،اکيون بي اختياراوطاق ڏي کڄي ويون .حيرت مان اکين جي ِپنبڻين کي هيٺ مٿي ڪري پڪ ڪندي ڏٺم تهُ ،مرشد سڳوري ۽ گهنشام جون َُ ۾گڏ پيل آهن ،اصل ايئن جو اِيس سان اِيس مِليل َاٿن .مرشد کٽون اوطاق جي ورانڊي سڳورو ،گهنشام جي شلوار ۾ اڳٺ پيو وجھي ،سامهون نهاريم مرشد جوخليفو نلڪو پيوگيڙي ۽ گهنشام نلڪي هيٺان ِوهنجي پيو .مائٽن ۽ مرشد جي ڀوَء ۾ بدن مان ُدرڙيون نڪري ويم ،دل ئي دل سوچيم گھنشام ته اڄ الک ئي َلهرائي ڇڏي .سوچن جو سلسلو تڏهن ُٽٽو جڏهن ،مرشد سائينَء مونکي ڏسندي ئي ،هڪل ڪري ميارڏني هئي ،چئي ابا، اميرا شابس ٿئي ٻيليِ ،پيرن ۽ ِپيرزادن ڇا وڃايو آهي جو رات ِپيرزادي کي اوطاق بجاِء اسڪول ۾ کٽ ِو ِجھي ڏني هيئه؟ تڏهن وڃي ساھ پيمُ .انهيَء ويل سوچيم ،مار!گهنشام به وڏو الھ نِڪتو! .اسان جي مرشد ڪامل کي ئي وهائي ويو. اصل ۾ ٿيو هينئن هو ،جو مون پاران اوطاق بجاِء ،اسڪول ۾ سمهارڻ تان ،گھنشام تجسس ۾ پئجي ،اوطاقي مهمانن کي ڏسڻ الِء ،ننڊ جو بهانو ڪري ،نقلي کونگهرا َهڻي، مونکي َڀڄائڻ جو ِرٿيو هيو .۽منهنجي گھر وڃڻ بعد ،انگوڇو ڪلهي تي رکي ،وڃي پ ِير صاحب جي کٽ َمٿان بيهي وڏي واڪ سالم ورايو هيو ،مرشد جي جاڳڻ تي پنهنجو تعارف ٻلهڙيجيَء جي لطيف پيرزادي جي نالي سان ڪرايو هيائينُ .مرشد سڳوري ،جو ٻڌو ته هيُء همراھ پيرزادو آهي ،ته مون تي ُ پرپٺ ڏاڍو ڪاوڙيو هيو ،۽ ڪجھ گهٽ وڌ ڳالهائي. ُاٿي وڃي گھنشام جي َک َ ٽ پاڻ کنئي هيائين .۽ پوِء ڏيپارجن جو ريالئي ِپير۽ ٻلهڙيجيَء 183
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جو پيرزادو َک ُٽون گڏي ُستا هيا .ان ڏينهن َک َل بچي ويم ،ڇاڪاڻ ته چڱوٿيو جو ڳوٺ وارن مان ڪنهن کي به ٻلهڙيجيَء جي لطيف پيرزادي جي اصليت جي خبر نه هئي .نه ته پيريَء مرشديَء جي قيد ۾ ورتل وڏڙا ،هڪڙي ڪامريڊ واڻئي جي مرشد سان گڏ کٽ تي ويهڻ تان ،حال گهڙيَء منهنجو ته َپٽڪو ئي ڌوڙ ڪري وجھن ها. گهڻو پوِء ،پارٽيَء جي ڀڃ ڊاهه ۾جڏهن اسان گھڻن جيان گهنشام جون آدرشون به ڀورا ڀورا ٿيون ،جنهن انقالب الِء جيل ڪاٽيا هيائين ،ڦٽڪا ۽ مارون کاڌيون هيائين ،سو انقالب جڏهن اڪثريت۽ اقليت جي جهيڙي ۾ ُلڙهندو ڏٺائين ،ته به نه َڀڳو ،نه ُٽٽو ،پارٽي ُٽ ِٽي ،سڀ ڪڻو ڪڻو ٿيا ،ته به ماٺ ڪري ويهڻ گهنشام الِء ُمشرڪيَء سان مشابهت رکڻ برابر هيو، تڏهن پنهنجي جيل جي هنڊيوال ،ڪالسيڪل وڏيري چاچي شاهنواز جوڻيجي ،جي ساٿ سان پيپلز پارٽيَء ۾ هليو ويو .ياد اٿم ،تن ڏينهين ،چاچو شاهنواز وفاقي حڪومت ۾ ننڍو وزير هيو ۽ منهنجو ڳوٺائي پراڻوڪامريڊ جيرام ،سرڪاري طور سندس پي آراو هيوُ .ان کان جڏهن گهنشام جي پيپلز پارٽيَء ۾ وڃڻ الِء ڪيل پريس ڪانفرنس جو احوال پڇيو هيم ،ته هڪ ٿڌو ساھ ڀري چيو هيائين ،نه يار گهنشام خود به سمجهي ٿو ته سندس پيپلز پارٽيَء ۾ وڃڻ مِس فائر آهي .۽ پوِء ُستت ئي چاچي شاهنواز واري َلڏي کي ،جڏهن غالم اسحاق گھر ڀيڙو ڪيو ،ته گھنشام کي پنهنجي اصلي گھر وڃي پهچايائون .ٽارچر ،بند وارڊ ۽ ڏنڊا ٻيڙيون وري به سندس مقدر بڻيون. ڀانيان ٿو ُاتان نڪرندي ئي علي حسن چانڊيو گِھلي ويو هيس ،يا پاڻهي ڊاڪٽر قادرمگسيَء جي پارٽيَء ۾ ويو هيو ،تڏهن گهڻن کان واڻئي جو روز روز جو رينگٽ َسٺو نه ٿيو هيو. مڙس کي ايئن گم ڪيائون ،جيئن ڍڳي جا َمٿيان ڏند .تڏهن به راڄ ُمک منصفن جا واري وٽيَء سان ُ ڪرسين تي وارد ٿيندا پئي آيا ،پر ڪنهن به پاڻ هرتو ،هن ستن نياڻين جي پيُء جي گم ڪرڻ جو نوٽيس ڪونه ورتو .ڀانئيان ٿو هندو هو تڏهن .شايد پنهنجن جي ذهنن ۾ اهو زهر ويٺل آهي ته هندو سڀ جا سڀ ُاڀرندين جا ايجنٽ هوندا آهن .۽ نيٺ ،کولين ۾ ٽارچر سهندي ،اکين تي پٽيون ٻڌي باٿ رومن جي درن جا ڌڪ سهندي ،سهندي دل ئي دل ۾ وطن جا وڻ ڇڏڻ جو سوچيائين ،يا وري وطن جا وڻ ڇڏڻ الِء سگهارن پاڻ ئي سور ڏيئي تيار ڪيس .چوندا آهن نه ته ِجت ُپڄڻ ڀيڻي ناھُ ،ات َڀڄڻ ڪم وريامن جو .سو همراھ ڀڄي جان ڇڏائي .جوانيَء جا قيمتي سال ،جيلن ۾ مارون سهڻ واري ،گهنشام سان هندستان وڃڻ کان ٿورو اڳ ،سانگھڙ جي هڪ ادبي پروگرام ۾ مالقات ٿي هئي .جتي هو مرحوم نماڻي سنڌيَء سان گڏجي آيو هيو ،تن ڏينهين گهنشام ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن يار کان سواِء، 184
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
باقي اسين سڀ ُسرخاَ ،سڻڀين ُ ڪرسين تي پهچي ُچڪا هياسين .۽ عيش و آرام واري زندگي گذاري رهيا هياسين ،اهڙن ادبي پروگرامن ۾ وڃڻ اسان جي واندڪائيَء جي رڳو وندر هيو ،باقي ڪجھ به نه. ان ڏينهن ملڻ وقت ،رسمي عليڪ سليڪ بعد پڇيو مانس ،گھنشام مون کي ُسڃاڻين ٿو؟ ساڳئي پراڻي گِھگھي آواز ۾وراڻيائين نه ته!!! .چيومانس ،يار سوچ! پاڻ اڄ ڏهن ورهين بعد مليا آهيون .ڪي ساعتون سوچي ،اوچتو ڀاڪرن ۾ ڀري ،ڳل ُچمندي چيائين امير بخش آن ني؟ چيم ،آهيان ته ساڳيو ،پر ڪيئن سڃاتئه؟؟ وراڻيائين ،اڙي ظالم! ُسرخن جي ُسکئي ٿيڻ ۽ وڇڙڻ کان پوِء به سڀ ساٿي ملندا رهندا ُهيا ،تون االئي ڪهڙي ُ ڪن ۾غرق هئين ،اڄ جو ڏهن سالن بعد ملڻ جو چيئه ،ته پڪ ٿيم ته ڏهن سالن کان پراڻن ُسرخن مان ،هڪ ئي شخص نه مليو آ ،۽ اهوتون آن. چيم ،چئبوته جيلنُ ، مارن ،موچڙن۽ ٽارچرن مان گذري به دماغ سالم اٿئي! .تڏهن معمول وارا ٽهڪ ڏنائين وڏا ۽ َٻڌا ٽهڪ .اهوگهنشام پرڪاش ،جنهن سنڌ جي ماروئڙن جي ،سورن کان آجپي جا انيڪ خواب سيني ۾ سانڍي ،سالن تائين سگهارن جا سور ۽ سختيون َسٺيون ڏينهن ،ساهه بچائڻ خاطر۽ نياڻين خاطر ،وطن جا وڻ ڇڏي دهليَء هيون ،سو گھنشام ،هڪ ِ هليو ويو .ڪنهن سنڌي جوڌي کان ڪونه پڳو ته کيس روڪي .کيس چوي ته تون دلگير نه ٿي سڻائو واُء ورڻو آهي ،تو نه ڏٺا ،ته تنهنجو اوالد ضرور ُسک ڏسندو .ڪنهن کان ڪونه پڳو!!!!. ُ رب ڪري گھنشام جتي به هجي ،پنهنجي ٻچڙن سان گڏُ ،سکيو ُهجي .چري دل چوي ٿي، داراشڪوه جي دهليَء جي ،دروديوار کي هتان کان ايڏي وڏي ڪوڪ ڪري چوان ته ،اي! دارا جي دهلي ،تو کي منهنجي سنڌ جي گھنشام پرڪاش جي پارت هجي .۽ اها ڪوڪ ايڏي وڏي هجي جو دهليَء جي عام ماڻهوَء کان خاص ماڻهوَء تائين پهچي ،دهليَء جي اوليائن کان بزرگن تائين پهچي ،من موهن سنگھ کان سونيا گانڌيَء تائين پهچي. ڪامريڊاڻي قصي مزو اهڙو ڏنو جو پاڻ به يڪا هليا وياسون اوڏانهن ،هاڻ ورون ٿا پوئتي اصل قصي ڏانهن .سو ُانهيَء زماني ۾ماستريَء جي ٽي سئو ويهه روپيه پگهار مان پاندي پوري ٿيندي نه ِڏسي ،هڪڙي ڏينهن تاج مريَء سان صالح ڪيم ،يار ،تون ڪو ڏس ڏي ته ِ ڇا ڪريان ،هن پگھار مان ته پاندي پوري ڪانه ٿي ٿئي؟ ته ٺھ پھ وراڻيو هيائين .مون جيان سرڪاري نوڪري ڇڏ ۽ تنهنجي ئي عالئقي ۾پارٽيَء جو ُ ڪل وقتي ڪارڪن بنجي ڪ ُم َ َ ڪ ِر .ايترو ئي اعزازيو پارٽيَء پاران ملندئي جيترو سرڪاري نوڪريَء مان پگهار 185
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اٿئي .تنهن تي چيو هيو مانسَ ،ير تاج ،اڃان ته پارٽيَء مون کي ميمبر به ناهي ڪيو؟ تنهن تي هميشھ جيان ٺھ پھ چوڻ لڳو هيو ،ته ڪامريڊ تون ميمبر آهين ،هي جو هفتيوار گڏجاڻي ڪندا آهيون سيل جي ،جنهن جوسيڪريٽري به تون آهينُ .اهو به پارٽيَء جو سيل ئي ته آهي ،بس ،رڳو نالو ڪونه ٿا وٺونَ ،متان ڪوهمراھ ُٽ ِٽي پئي ،ان ڪري نه ته اها پارٽي ئي ته آهي .تنهن زماني ۾ڪميونسٽ پارٽيَء جو ميمبر ٿيڻُ ،ان جي ڪنهن ننڍڙي ُ سيل جو سيڪريٽري ٿيڻ ،يا ُ ڪارڪن ٿيڻ بنهي وڏي ڳالهه ُهئي .هڪڙو وڏو ڪل وق ِتي اعزاز هوندو هيو .سو به جهڙي تهڙي کي نصيب ڪونه ٿيندو هيو. پوِء تاج جي اهڙيَء آڇ تي پورا َاٺ ڏينهن سوچيو هيم ،ته غربت به آهي ،چار نياڻيون به اٿم ،ابو۽ امان به انهيَء آسري آهن ته ُپٽ ڪمائيندو ۽ اسان ِپيريَء ۾ ويهي آرام سان کائيندا سون .ٻي سوچ آئي هيم ته آئون بنهي ڊڄڻو آهيان ،االئي ڪڏهن جهلجي پوان ۽ پوليس جي مار کڻي به سگهان يا نه؟ پوِء هڙني جا ناال کڻي خواريَء جو ٺِڪر ِس َر تي کڻان، پوِء دل ئي دل ۾فيصلو ڪيو هيم ،نه نه آئون نوڪري ئي ڪندس ،اڳتي پڙهندس ،ڊگريون وٺندس ،ابي امان کي ِپيريَء ۾ ُسک ڏيندس ،گهر جون مالي حالتون سڌاريندس ،پوِء جي سياست ڪري سگهيس ته واھ نه ته ايئن ئي چڱو آهيان .۽ ٻئي هفتي کي تاج کي جڏهن پنهنجو فيصلو ٻڌايو هيم ته به قائل ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي هيائين ،پر منهنجي ُکتي جواب بعد ماٺ ڪري ويهي رهيو هيو. ڏينهين تاج مري روپوشيَء واري حالت ۾ سکر شهر۾ مليو هيو ۽ چيو هيائين ،ته يار تن ِ ُ تاراج ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ته ُهن ٻاڏي ،جنرل ضياِء جي ظلم۽ جبر ملڪ جي هر شيِء کي ۽ چئوطرف ماٺاربه ٿي وئي آهي .۽ سموري سنگت جي راِء آهي ته بيٺل پاڻيَء ۾ ڪو پٿر ُاڇالجي ،ته ڪي لهرون پيدا ٿين ،ڪو ولولو پيدا ٿئيُ .انهيَء ڪري صحافين فيصلو ڪيو آهي ته ،اخبارن تي الڳو سينسرشپ ۽ ٻين ڪارن قانونن جي خالف احتجاج ڪري گرفتاريون ڏيون .۽ ڪميونسٽ پارٽيَء جو به فيصلو آهي ته انهيَء جا جيڪي به ماڻهو صحافت جي پورهئي سان واڳجي ،لڪا ويٺا آهنُ ،اهي سڀ گرفتارين الِء تيار رھن .سو آئون(تاج) ڪنهن ڏينهن اوچتو گرفتاري ڏئي ،پنهنجو پاڻ کي ڪاٺ ۾ هڻائيندس .توکي االئي خبر آهي يا نه ،ته آئون لِڪ ِڇ َ پ ۾هوندي به سانگهڙمان نڪرندڙ ٽي روزه اخبار الفقراُء کي ايڊٽ ڪندو آهيان .ٿيو به ايئن ته انهيَء ڳالھ کي ڪي ٿورڙا ڏينهن مس گذريا ته ،تاج مري ،منهاج برنا سان گڏ گرفتاري ڏئي ،جيل اندر ڊگهي ُبک هڙتال تي ويهي رهيو
186
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو .ويندي ويندي مون ڏي نياپو موڪليندو ويوهيو ته الفقراُء اخبار سنڀالڻ الِء انهيَء جي مالڪ ۽ ايڊيٽر فقير محمد رحيم مهر سان وڃي مالن. تن ئي ڏينهن ۾هڪڙيَء شام جو لطيف يونيورسٽيَء جو هاڻوڪو پروفيسرامداد چانڊيو، تنظيمي ڪم سان منهنجي ڳوٺ آيو هيو .۽ مون کيس تاج وارو قصو اکر به اکر ُٻڌايو هيو ،سو انهيَء رات سج لٿي کان ُ صبح تائين ،امداد مون کي اخبارن جون خبرون ٺاهڻ، ايڊٽ ڪرڻ ،پروف ريڊنگ ۽اداريا لکڻ بابت بنيادي سمجهاڻيون ڏنيون هيون .آئون سنڌي اخبارن ۾ انڌا منڊا ڪالم اڳ ئي لکندو ُهيس ،ڪم جو ٿورو گهڻو اندازو به اڳ۾ ئي ُهيم .بس امداد چانڊئي جي چئن پهرن جي پڙهائيَء مون کي به رات جي پيٽ ۾ ڪوڙو يا سچو صحافي بنائي ڇڏيو هيو. ورنديَء صبح جو ڀانيان ٿو ته تاج جي موڪليل ڪا چٺي ،يا سکڻو نياپو ۽ نشاني کڻي، سانگھڙ جي بس ۾ ويهي اخبار جي مالڪ بابت سوچيندو روانو ٿيس ،االئي ڪھڙي قسم جو ماڻهو هوندو؟ االئي نوڪريَء ۾ رکي به يا نه رکي؟ الفقراُء پريس تي پهچي فقير محمد رحيم جي ُپڇا ڪئي هيم ،جڏهن مِاليائون ،ته ڏٺم فقيرصاحب قدآور ُمڙس ،ڪاري ڏاڙهي ،ململ جو سفيد پٽڪو ،سفيد گوڏ ۽ سفيد صدريَءسان ،سفيد پهراڻ َپ ِهريو ُ ويٺوهيو .اخباري مالڪ بابت منهنجي تصور ۾ ُهيو ته ڪوئي سوٽيڊ بوٽيڊ صاحب هوندو. هِت ته قصو ئي اور ُهيو .اهڙا فقير ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ ڏسندوايندو ُهيس ،جن وٽ مرشد کان سواِء ٻي ڪا به مڃتا واري ُڌر ڪونه هوندي ُهئي ،۽ پيريَء مريديَء کان ٿڙيل ،وهابي ،ڪارا ۽ ُجبيري ٿي ،سندن هٿان سر عام ڳڀا ڳڀا ٿي ويندا ُهيا. مارڻ وارا به بنان ڪنهن ڊپ ڊاُء جي ،مرشد جا نعرا هڻندا وڃي جيل َوسائيندا هيا .سوچيم، تاج وارن ڪامريڊن مون سان هي ڇا ڪيو ،هيَء وري ڪهڙي ُجٺ ڪيائون ،هِن گوڏ ڪٿي ٿو هلي سگهي.؟ ۽گبريَء واري فقير سان منهنجو ساٿ ِ سو انهيَء مالقات ۾رسمي عليڪ سليڪ بعد ،تاج جو حوالو ۽ نشاني ڏني مانس ،ته سمجهي ويو ته آئون به ڪو پڪو ڪامريڊ ۽ نوڪريَء جو گھرجائو آهيان .هوڏانهن تاج جونالو ُٻڌندي ئي فٽافٽ چيائين ،جيڪر منهنجو َو ُ س ُپڄي ته آئون اڄ ئي ڀي ِر تي ڏ ُئونڪو هڻي سڄيَء سنڌ ۾ اعالن ڪرايان ته سانگهڙ جي َم ِرين جو سردار تاج آهي ،نه ڪي عطا محمد مري .هاڻوڪي وزيراطالعات شازيا مري جو والد .اها ڳالهه پوري ٿيندي ئي ،ڪاٺ کوڙ سارين خبرن مان َ َ هڪڙي خبر کڻي مون کي جي ميز تي پيل ،نمائندن جي موڪليل ڏيندي چيائين ،ابا هيَء خبر نمائندي موڪلي آهي ،هاڻي تون انهيَء کي ٺاهي ڏي ،اها به 187
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
گهڻو وقت پوِء خبر پيم ته ،مرحوم جو انٽرويو وٺڻ جو طريقو ئي اهو هيو .خير ،اها خبر ُهئيُ ،ڊٺڙي واري ِپير حسن بخش شاهه جي ميلي بابت .آئون خبر پڙهي ٻڏتر ۾ پئجي ويس ،گهڙيَء ڏيڍين اکين سان فقير جي اسٽائيل ڏي ڏسان ،وري اهڙي اسٽائيل وارن فقيرن جي ِپيرپرستيَء ڏي ڏسان ،وري انهيَء خبر ڏي ڏسان .۽ سوچيان هيُء ته پڪو ِپير پرست هوندو ،هن جي اڳيان ڪهڙي قسم جي خبر ٺاهيان ،ڪيئن ڪيان .پر نيٺ به دل َ َ ڪي خبر ٺاهيمُ ،سرخي عام رواجي خبرن جيان ڏنم ته ،اچي ويو ،اچي ڪي ڏ ِ جھلي ،ڏ ِ ويو ،حسن بخش شاهه جو ميلو اچي ويو .خبر پڙهيائين به ڪونه ،رڳو ُسرخي ِڏسي ڪڙڪيدار آواز ۾ َه َ ڪل ڪندي چيائين ،اڙي! تون ڪامريڊ آهين؟ ُٻڌاِء!! تون ڪامريڊ آهين؟ ڏڪندي ڏڪندي وراڻيم ،ها سائين آهيان ته ڪامريڊ .تڏهن ڪڙڪيدار ۽گجندڙ آواز ۾ چيائين ،اڙي پوِء اوهين ڪامريڊ وري ڪڏهن کان پير پرست ٿيا آهيو ،جو هيَء ُسرخي ٺاهي اٿئي!! .سندس دهشت ۽ دٻدٻو مون تي ايترو ته حاوي ٿي ويو هيو ،جومون کان ڪو به جواب نه پئي ُاڪليو ،آئون صرف سندس ُحلئي کي مٿي کان پيرن تائين ڏسندو ئي رهيس. مرحوم وڏو داناُء ماڻهو هيو ،کيس پيرن کان مٿي تائين ڏسڻ مهل ،منهنجي اکين ۾ سمايل سوين سوال پلڪن ۾پڙهي ورتا هيائين ۽ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ،اڙي درويش، ڪٿي ُمنهنجي پٽڪي پهراڻ ۽ گوڏ مان مون کي ڪوئي پڪو پير پرست ته ڪونه سمجهيو اٿئي؟ .منهنجي ڪجھ ڳالهائڻ کان اڳ ئي وري به پاڻ ئي چيائين ،اڙي يار آئون ته موحد آهيان موحد .اوهان ڪميونسٽن جھڙو ۽ شايد اوهان کان به ٻه َرتيون وڌيڪ هجان .سندس اهڙيون ڳالهيون ٻڌيَ ،م ُن و ِڌيو ۽ ٽيبل تان نئون ڪاغذ کڻي ،انهيَء خبر جي نئين ِس ُ رسرخي ٺاهيم ،اها ُسرخي ڏسندي ئي ڀڙڪو کائي ُاٿندي چيائين ،مون کي خبر آهي ته مون جيڪو جهاد شروع ڪيو آهيُ ،انهيَء کي في الحال اوهان ڪامريڊ ئي اڳتي هالئي سگهو ٿا ،حال گهڙيَء ٻين ۾ ته اهڙي ڪا ٿوم نظر ئي ڪانه ٿي اچيم .پوِء اوڏيَء مهل ئي اخبار جي سموري عملي کي ُ گهرائي منهنجو تعارف ڪرائي چيائين ،ابا هاڻ هي َ اٿو الفقراُء جو نئون نيوز ايڊيٽر .وري مون ڏي منهن ڪري چيائين ،ابا هاڻ اها پريس ،اهو تون ،اسان جي اهلل واھي آهي .مرحوم اٿيو ۽ نه ڄاڻ ڪيڏانهن روانو ٿي ويو. ٽي روزھ اخبارالفقراُء ۾ مون تمام گهڻي محنت ڪئي ،اداريا ،مضمون ،خبرونَ ،خبرن جي ترتيب ،پروف ريڊنگ .تڏهن اڄڪلھ جيان ڪمپيوٽر جو دور ڪونه هيو ،هٿ سان اکر کڻي ڪمپوز ڪبا ُهيا ،ڪمپازيٽر قربان لغاري ۽ علي نواز ،فورمين بهادر ،توڙي فقير 188
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جا ٻه ننڍڙا ُپٽ محمد بخش ۽ محمد علي ،مون سميت هٿين پيرين ڪارن لِينهگن سان َٿ ِڦيا پيا هوندا ُهيا .ملڪ ۾ آمر ،ضياَء جا ڪارا قانون هيا ،سينسرشپ الڳو هئي ۽ سانگهڙ جو انفارميشن آفيسر محمد جي ابڙو هوندو هيو ،تنهن کان چڱڙيون خبرون تڳائي هالئڻ وڏي ڳالهه هوندي ُهئي .اخبار ڇپجڻ جي رات ڪاپي تيار ڪري ،مشين تي چاڙهي ،فائنل ڪاپي ڪڍي ،فائنل پروف ڏسي ،گهڻو ڪري آئون ۽ فقير جا ٻئي ُپٽ نظاماڻين جي سينيما تي مفت جي فلم ڏسڻ وينداهياسينُ .پٺيان فورمين بهادر مهر اخبار ڇپي وٺندو هيو، قربان لغاري پوسٽ ڪرڻ جي ڪاپين تي ٽڪليون لڳائيندو ويندو هيو۽ علي نوازلغاري ائڊريسون لکندو ويندو هيوُ . صبح جو هڪڙو همراھ ٽپال ذريعي ويندڙ ڪاپيون کڻي پوسٽ آفيس ويندو هيو ،ته ٻيو وري سائيڪل تي سانگهڙ شهر جي سمورين آفيسن ۾ اخبار ُپهچائيندو هيو .تڏهن سانگهڙ جي اخبار الفقراُء ۽ ميرپورخاص جي اخبار همدرد جي وڏي ُهوڪ ُهئي .ماڻهو هفتو ،هفتو ٽپاليَء جو انتظار ڪندا ُهيا ته ڪڏهن ٿيون ُاهي اخبارون َاچن. الفقراُء جي ُان وقت جي نمائندن مان عاجز منگي ،فقير دين محمد ،حاجي محمد رحيم ڪنڀر ۽ بادل ٿريَء صحافت ۽ سياست ۾ وڏو نانٌء ڪمايو هيوُ .ان زماني ۾ عبرت جو ضلعي رپورٽر هوندو هيو موالبخش سومرو ،همراھ ڪابه خبر ُٻڌي يا ڪو واقعو ڏسي، فون تي اداري جي نيوز ڊيسڪ تي ويٺل ماڻهوَء کي ڳالهه سربستي ڳالھ ٻڌائي ويندو هيو ،پوِء خبرٺاهڻ جو ڪم اداري وارن کي ئي ڪرڻو پوندو هيو .موالبخش الِء اها ئي خبر هوندي هئي ،جيڪا فون تي لکايائين .جيڪڏهن اداري پاران ڪا اسٽوري ڪرڻ جو حڪم ملندس يا ڪڏهن ڪجهه لکڻو پوندس ته حال گهڙي ته َٻرجي پوندو هيو ،پوِء نيٺ ڊوڙندو ايندو هيو مون وٽ ۽ چوندو هيو ،اڙي شرڙا! هي َو ُٺ گولڊليف جو پاڪيٽ !،تون به ڇا ياد ڪندين اسان جي سخا کي .گڏوگڏ بهادر فورمين کي رڙ ڪري چوندو هيو ،اڙي بهادر، سڀني الِء دود پتي چانهه به ُ گهراِء .جيتوڻيڪ آئون سندس ُمراد پروڙي وٺندو هيس .پر پوِء به هو مون ڏانهن منهن ڪري چوندو ،چڱا ُمڙس چڱو هاڻ ُٻڌ ،قصو آهي هيُء ،هاڻي انهيَء جي خبر ته ٺاهي ڏي ،اداري وارن ُ رت ئي سڪائي ڇڏيو آهي .۽ پوِء گولڊليف جي پاڪيٽ جي رشوت تي جيئن ئي منهنجي هٿان اها خبر ٺهن ِدي هئي ،ته واه واه ڪندو ،خبر جو پنو هٿ ۾ لوڏيندو گولِي ٿي ويندو هيو. فقير صاحب جي ٻنهي ننڍن ُپٽن مان هڪڙي ،محمد بخش جي مون سان گهڻي لڳندي ُهئي .سڄو ڏينهن پيو مونکان ڪامريڊن جون خبرون ٻڌندو هيو ،اڳتي هلي مون ڏي ڊگها 189
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڊگها خط لکڻ لڳو آئون به کيس وڏا وڏا خط لکندو ُهيس .اهو محمد بخش ،اڄڪلهه جو بخشڻ مهراڻوي آهي .موال وڏي ڄمار ڏئيس .فقير صاحب جي ڀاُء فقير حاميد جو ُپٽ مرحوم معصوم سانگهڙائي تن ڏينهين شيرين سومرو واقعي ۾ علي حيدر شاھ سا ن گڏ گرفتار ٿيڻ بعد تازو ئي جيل مان آزاد ٿيو هيو .علي حيدر شاهه ،کيس جيل مان خط لکندو ُهيو .جيئن ته علي حيدر شاھ وارا جيئي سنڌ ۾ هيا ان ڪري آئون پنهنجي ڪامريڊڪي رڳ ڊوڙائيُ ،اهي خط چوري ڪري پڙهندو ُهيس ،جنهن چوريَء جي مرحوم کان جيئري ئي معافي ورتي ُهيم. شهيد فقير محمد رحيم مهر ،تن ڏينهين سانگھڙ جي جماعتي جوڌن کي ڏٺو ڪونه وڻندو هيو ،مٿس ُجبيري ۽ ڪارو جا ناال به رکيا هيائون ،هو به ُمڙڻ واري ُٻوٽي ڪونه هيو ،اخبار ذريعي چڱن چوکن جي پت وائکي ڪرڻ کان ڪڏهن به ڪونه ُمڙندو هيو ،آئون ڀانيان ٿو ۽ جيڪي ڳالهيون ٻڌندو هيس انهن موجب جيڪڏهن جهول ۽ سنجهوري جي ٿاڻن جو پراڻو رڪارڊ ويهي ڦلهورجي ته فقير محمد رحيم مهر صاحب جي بهادريَء جي گهڻن کي َ ڪل پئجي ويندي ،ڇو جو کيس شهادت جي رتبي تي ُپڄائڻ الِء جيڪي به حمال ٿيا هيا انهن جا ڪيس چڱن موچارن تي درج ڪرايا هيائين ،پر اهي ايف آئي آرون سيل ٿينديون وينديون هيون .ستت ئي آئون فقير صاحب سان ڪنهن ننڍڙي ڳالھ تي ڪاوڙجي اخبار ڇڏي هليو ويو هيس ،ته به مرحوم روايتي مالڪن کان هٽي جيڪو نوٽ منهنجي الڳ ٿيڻ تي پنهنجيَء اخبار ۾ لکيو هيو ،سو ان وقت جي اخباري مالڪن جي لکڻين کان نروار ۽ الڳ ٿلڳ هيو .جنهن ۾ منهنجي اداري کان الڳ ٿيڻ جو احوال اهڙي ته سهڻي ۽ مٺڙي انداز ۾ بيان ٿيل هيو جنهن جو اڄوڪيَء دنيا ۾ تصور به ڪونه ٿو ڪري سگھجي. فقير صاحب جنهن کي مرحوم لکڻ تي منهنجي دل ڪونه ٿي چوي ،سو هميشھ بافتي جي ڪپڙي جي هڪڙي ننڍڙي ٿيلهي هٿ ۾ کڻندو هيو .جنهن ۾ ويبلي جو ڇھ ڌڪيو ريوالور هروقت ڀريو تريو هوندو هيو .ڇو جو سانگھڙ ۽ ان جي آس پاس جا چڱا مڙس هر وقت فقيرصاحب جي خون جا گھورا هوندا هيا. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن نور اسالم هوٽل جي سامهون جتي هينئر هڪڙو پٺاڻن جو االئي ڪنهن ٻئي جو مشهور هوٽل آهي ان جي آس پاس موٽرن جي مستريَء جي دڪان تي رکيل کٽ تي پاسي ڀر ،ٺونٺ جي ٽيڪ تي اهليو ويٺو هيو ،ته ڀانئيان ٿو ته بچائي سنگراسيَء نالي هڪ جنونيَء مٿس ڪارتوسي پستول سان حملو ڪيو ،حملو ايترو اوچتو ۽ ڌڪ ايترو هنڌائتو هيو جو فقير صاحب پنهنجو ريوالور کڻي ڪونه سگھيو نه ته اها پڪ هئي ته 190
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
حملي آوارن کي ليٽائي وجهي ها .فقير صاحب جي شهادت سان سانگھڙ مان صحافت جو هڪ بي باڪ باب هميشھ الِء ختم ٿي ويو .اڄ به جڏهن سانگھڙ مان ان جاِء تان گذرڻ ٿيندو اٿم جتي ظالمن فقير صاحب کي شهيد ڪيو هيو ته بي اختيار منهنجي من تي ڀٽائيَء جون هي سٽون ٽري اينديون آهن ،نه سي ووئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريونَ ،پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي. تنهن زماني ۾ ماما رمضان وڏرن جي ڪمدارين تان ڇهين ٻارهين مهيني ورندو هيو، تنهن کي االئي به ڇو اسان وٽ ديرو ڄمائي ويٺل ڪامريڊ ُٺپ ڪونه وڻندا هيا ،۽ وري ڳوٺ ايندو هيو ۽ ڪنهن نه ڪنهن ڪامريڊ کي قدرتي ٿيندو ايئن هيو ته ماما جڏهن به ِ ڳوٺ ۾ موجود ڏسندو هيو ،تڏهن جڏهن ڪچهريون ختم ڪري هرڪو پنهنجين ڪکين وڃي آرامي ٿيندو هيو ،تيڏيَء مهل ماما پير پير ۾ ڏئي ،لڪ ڇپ ۾ وڃيُ ،ستل ڪامريڊن کي ننڊ مان جاڳائي ،ٻانهون ٻڌي چوندو هيو ته ،ٻيلي اسان ۾ لولي جو به لوڻ ڪونهي، هلڪي ڦلڪي دٻ جھلڻ به ڪانهي ،ڀالئي ٿورو ڪري اسان وٽ نه ايندا ڪريو .ڪڏهن ته کين اوڏيَء جو اوڏيَء مهل هلئي وڃڻ جو چوندو هيو .بنهي نه ُپڄندو هيس ته وري ڪڏهن مرحيات الهبچائي کي اڳيان ڪري ،انهيَء جي واتان ڪامريڊن کي اها ڳالھ چورائيندو هيو .چورائڻ ته پري رهيو پر مرحيات الهبچائي کان ڦٽڦٽي چالو ڪرايو ايندو هيو .ته انهي تي کڻي وڃي ڪامريڊن کي ڪنهن نه ڪنهن پاسي ڪري اچ .تنهن هوندي به ڪامريڊن اسان جي ڳوٺ مان ڀيرو ڪونه ڀڳوُ ،جمعاڻي چانڊاڻي ايندا رهندا هيا .هڪڙي ڀيري تاج مري تپ ۾ ُهڙڪندو آيو ته به ماما رمضان منهن پئجي ويس ۽ ڳوٺ مان هليو وڃڻ جو َچيائينس .تپ ۾ هڙڪندڙ تاج جون ٻه به ويون ته ڇھ به ويون .ڳوٺ ۾ ڪا سواري به نه هجي .مرحيات الهبچائي جي ڦٽڦ ِٽي به ڪونه هئي ،نيٺ تاج اهڙيَء حالت ۾ رڙهي رڙهي ساهيون کڻي ٽي ميل پنڌ ڪري دلور تي پنهنجي جيل جي ساٿي هميري مينگهواڙ وٽ وڃي رات گذاري هئي .مير ٿيٻي۽ پير شهاب ۽ غالم حسين شر سان به هڪڙو هڪڙو ڀيرو ساڳي ُجٺ ٿي چڪي هئي .ٻيا ته ماما جي انهيَء دٻ تي ُرٺا به هيا ،پر ورهين ُپڄاڻان به تاج هيڪلو ئي اڄ ڏينهن تائين ڀيرو ڀڃندو اچي .مير ٿيٻو جو ُرٺو ته وري نه آيو ،گھڻا ورهيه پوِء هڪ ڀيري آمريڪا مان انٽرنيٽ تي چيٽنگ دوران مليو ،جڏهن پڪي سڃاڻپ ٿيس ته آئون اهوئي ساڳيو آهيان جيڪو ساڻن سنگت گڏ ۾ هيس ،ته مونکي ڏاڍا ڏکيا اکر چيائين ،جيتوڻيڪ گھڻوئي چيو مانس ته ميرُ ،ان زماني جي حالتن ۾ ايئن ته ٿيڻو ئي هيو .سا به ڳالھ تو جھڙي دانشور ماڻهوَء کي ايڏو دل تي رکڻ ڪونه ٿي ُجڳائي ،تو جھڙو 191
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تاج به آهي ُانهيَء اڄ تائين سکڻي ميار به نه ڏني آهي .ان تي اٽلو چيائين ،تاج کي شرم حياُء ڪونهي پر مون کي آهي .منهنجي دل ۾ آيو ته هيڪر چئي ڏيانس ته هو پاڻ پارٽيَء توڙي خود سان ڪهڙو سچو رهيو آهي جو مون تي ٿو ميارون رکي .پر سور پي ويو هيس .ها انهيَء ڏينهن اهو ضرور سوچيو هيم ته ڪجھ به ٿئي ،آخرڪار مير ٿيٻو وڏيرڪو ٻار ته آهي ،ايئن نه چوي ها ته ٻيو ڀال ڇا چوي ها.؟ ُانهيَء زماني ۾ ماستريَء ۽ الفقراَء اخبار جي نوڪريَء کان عالوه ،پنهنجي ٻنيَء تي هارپو به پاڻ ڪندو هيسُ ،ملي جي ٻانگ مهل ُاٿيو ڏاندن تي پاڃاري ِوجهندو هيسُ ، صبح جو اٺين وڳين تائين َه َر کيڙي ،امڙ يا گهر واريَء جي پوتي گوڏ ٻڌي نلڪي هيٺان ويهي ،پاڻ ئي پاڻي گيڙي ،بنان ڪنهن ُسرهي صابڻ جي وهنجي ،بنان بدن سڪائڻ جي ،الڻن جي کار سان ُ ڪني ۾ ڌوتل ،بنان استريَء ڪپڙا پائي ،اسڪول وڃي ٻار پڙهائيندو هيس .هڪڙي ڀيري موجودھ هاِء اسڪول جي بلڊنگ واري ٻنيَء ۾ هر کيڙيم پئي ،ته مشتاق بڙدي ملڻ آيو هيو .مشتاق بڙدي اڄڪلھ آمريڪي رياست ،ٽيڪساس جو سکيو ستابو شهري آهي. مشتاق تڏهن روزگار جي تالش ۾ ڳوٺن بايو گيس پالنٽ لڳائيندو وتندو ُهيو ،ڍڳن جو جوڙو جهلي ،اوڙ مان ٻاهر نڪري وڃي کيڪاريو هيومانس ،مون سان َهٿ مِالئي چيائين ته ،ادا امير بخش کي ته سڏائي ڏيو ،کيس حاضر ،چئي چيم توهان هن جهوپڙيَء نما اوطاق جي ڇنل کٽوليَء تي هلي ويهو ته آئون کيس سڏي ٿو اچان .ايئن َه َرکولي ،وهنجي ،ڪپڙا تبديل ڪري اچي چيو مانس ،سائين اميربخش آئون آهيان هاڻ حڪم ڪريو!. مڙس حيران ٿي ويو ،تڙي کڙي ُپڇيائين ،هو هر کيڙڻ وارو توهان جو ڀاُء هيو ڇا؟ مسڪرائي وراڻيو مانس ،نه اهو به آئون ئي ُهيس .ايتري تي چوڻ لڳو هيو ،ته اميربخش ايتري محنت ڪرڻ جي بعد به توهانجون مالي حالتون ُسڌرن ئي ڪونه ٿيون ڇو؟ سندس انهيَء ڇو جو ڪو به جواب وات مان ڪونه اڪليو هيو جو کيس ڏئي سگهان ها. اسالم آباد جي جبڙا چوڪ جي سامهون پوريل َٻٽي ِهيَء واري آمر ضياَء جي مارشل ال ۾ اهڙي ته سوڙهي ُ گهٽ ڪئي وئي هئي جو ڪارن قانونن ،بندشن ،جيلن ،ڦٽڪن ۽ ذوالفقار علي ُڀٽي ۽ نذير عباسيَء سميت ڪيترن ئي بي ڏوھي ماڻهن جي شهادت ،لکين بي گناهن جي گرفتارين بعد ،جيڪا خلق خدا ٻاهر هئي ُان ۾گهڻا تڻا مون پارا بچيا ُهيا .سي به سڀ گهڻو ڪري َ ڪن لِڪائڻ ۾ پورا ُهيا .مون الِء نه ڪا وندر ُهئي نه ورونهن ،نه ڪتاب نه اخبار ،بس رڳواسڪول ۾ ٻار پڙهائي ،ٿورو گهڻو ٻنيَء جو ڪم ڪري ڪکائين اوطاق جي ڇنل واڻ وارين کٽن حوالي ٿيڻ کان سواِء ڪجھ به ڪونه هوندو هيو .چوندا آهن ته 192
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ماڻهو جڏهن واندو هوندو آهي ته سندس َم َن ۾ابتا سبتا خيال اچڻ لڳندا آهن .ٺيڪ تڏهن جڏهن ُملن جو مشهور ڪيل شيطان مون تي حاوي ٿيڻ جي الِء َپ َر سوري رهيو هيو .تڏهن سندس ٻئي روپ جي صورت ۾ منهنجو ُ يار ۽ ڦلهڏين جي رهاڪوَء حاجي رمضان مريَء اوطاق تي اچڻ شروع ٿيو هيو .حاجي رمضان ،بندري قد جو ،پوري پني ڪاري ڏاڙهي، سنڌي ٽوپي پاتل يا بوسڪيَء جو پٽڪو ٻڌل ،ڪهاڙي هٿ ۾ کڻيو اڪثر ڪري شام ڌاري ايندو هيو .آڌيَء رات تائين ڪچهريون ڪري واپس ويندو هيو .سندس ڪچهري جو ُمک موضوع چور ۽ چوريون هوندو هيوُ ،مڙس پاڻ به کڙپيل“ چور ُهيو .هر رات” َت َر“ جي مختلف چورن جي ڏاڍ ُمڙسين جا احوال زير زبر سان مرچ مصالحا مالئي ُٻڌائي .ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي َ ڪيل چورين جا قصا به ُٻڌائي .جيئن جيئن قصا ُٻڌان تيئن تيئن ُاتساهه ِمليم ،خوش ٿيان .هڪ ڀيري خبر ڏنائين ته هڪڙي چوريَء تي آئون ۽ اوڀايو سنبرياسين. ڪ ُڙ ُ ڪ َڙ“ورتي سون ته ُ ڪ ُ وڪو لڳي رات جويارهين ڌاري ڀاڳين جي ڳوٺ کي ويجھا ٿي ” ِ پير َ پئي هئيُ ، پير ۾ڏئي ِس ِري ڳوٺ کي ٿورا ويجها ٿياسينُ ،ان رات ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا جي ُل ِر پئي لڳي ،اسان کي پڪ هئي ته هن ُل ِر ۾ ڳوٺ جا ماڻهو اهڙيَء ته مٺڙيَء ننڊ ۾ ٿيندن .رات جو هڪ ٿيو هوندوجو مون وڃون پر سار نه هوندا جو َڀ ِل ته الھ تلھ ٻهاري ِ ِ ڙھ جو ڊ َ وڃي َک َ نگھ ُر الٿو ،گهٽي ُاڪري اندر ٿياسين ،ڪکائين گهر جي اڱڻ ۾ وڇايل کٽن ِ تي ڀاڳيا گهري ننڊ ۾رليون اوڍي ُستا هيا .اڇا اڇا پير ڏئي جانچيوسين ته مرد ماڻهوَء جي کٽ ڪهڙي آهي .ڇو جو خدا نه ڪري ڀاڳيا جاڳيا ته به مايون ۽ ٻار وڙهڻ بجاِء رڳو رڙيون ڪندا ،مرد ماڻهو وڙهي پوندو .سو هيٺ پيل ُجتين مان مرد جي کٽ تاڙي ،اوڀايو گھوٻاٽو کڻي ڀاڳئي جي مٿان َڌ َ ڪ تي بيٺو۽ مون وڃي ڍڳا کوليا ،ڌاريو ماڻهو ڏسي ڍڳن ڪجھ ُ ُ َ َ پون .پر پوِء ڦوڪٽ ڪيا ،مونکي ڊپ ٿيو ته ڪٿي ڍڳن جون ِزيلون ٻڌي ڀاڳيا نه جاڳي ِ پير َ ڍڳن کي آتاري آتاري ُپٺن تي هٿڙا ڦيري ٻاهر ڪڍي اچي سلهاڙيمُ . پير ۾ ڏئي اوڀايو به ٻاهرآيو۽ پوِء َوڍيوسين پنڌ کي .اڃان رات به وڏي ُهئي .تاري ُاڀرئي ڇهه ڪوهه پنڌ جا سرڙيُ ،ڦلهڏين جي روڊ تي ڍڳا چاڙهياسين ،ٻه چار ڪوهه روڊ سان شهر ڏانهن هلي روڊ سان ئي واپس موٽ کاڌي سون ،موٽڻ کان اڳ۾ اڌ ڪالڪ کن روڊ تي بيٺا رهياسين ته جيئن ڍڳا ڇيڻو الهين ۽ ڀاڳين کي پڪ ٿئي ته پير شهر ڏانهن ئي ويا آهن .پوِء دوسي واهه ۾ڍڳا هڻي ،پاڻيَء ۾ ترندا اچي ڳوٺ جي ٻاهران نڪتاسينُ .ان مهل ُملي ٻانگ ڏني ُهجي، قادوَء کي ُاٿاري چيم ٻڪريون سويل کولجانِء ۽ دوسيَء جي اوريان پريان ٻڪريون ڦيرائي، پير ڊاهي ڇڏجانِء .قادوَء ايئن ئي ڪيو ۽ ورندي ڏينهن ورهڙو پير کڻي روڊ وٺي ڇيڻا 193
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ِڏسي شهر جي پاسن کي آهوڙون ڏئي ڏئي َٿڪو پر پير نه هلڻا هيا سي نه هليا ،وڏا وڏا پي ِري آندائون .جن ۾ محمد رحيم مهر ،رمضان بجير ،وڪيل باغ وارو ڪولهي ،آتڻاھ ڄلوپيري ،پر پير نه نِڪتا ۽ ورهڙو سج الهي واپس وريو .نيٺ وڙول هلي. موريَء جو ِو ِ اسان وٽ به وڙول ُپڳي ،ٻن ٽن ڏينهن بعد ُڀنگ گهريوسين .سڄو سارو هڪ هزار روپيا. ڳالهيون ُمهاڙيون طيِء ٿيون ،پوئين ُپڇا جو ذمو وڙول واري سنگتيَء کنيو ،ٻه سئو پاڻ رکيائين ،اسان کي َاٺ سئو مليا ٻيَء شام جو ڳوٺ مان ئي کيس ڍڳا ڏناسين ،همراھ اهڙو ته ڊڄڻو هجي جو سج بيٺي ڍڳا ڪاهڻ کان پيو لهرائي ،پوِء ته ڏاڍا نڪ وڍياسونس .ڀيڻسان ڀاڙيو آهين ڇا َٺ ِريل ڍڳا ڪاهڻ کان ڊڄين ٿوپيو .نيٺ دل ٻڌي ڪاهيائين .پوِء ته ٻه ٽي ڏينهن ڦلهڏيون ،هڱورني ۽ تگوسر جي هوٽلن تي ويهي وڏا خرچ ڪياسين ،اصل واھ واھ ُهجي .آئون جيئن جيئن اهڙا چوراڻا احوال ُٻڌان ،تيئن تيئن ڏاڍي ُمڙس ٿيڻ جا خيال اچن ڦني خان ٿيڻ جا خواب ڏسان .هڪڙيَء رات اهڙي ئي هڪڙي خواب ۾ ڏٺم چوريَء تي ويا ڪريا ته رکيو آهيون ،ڀاڳيا جاڳي پيا آهن ،گهوٻاٽن جا ُسوساٽ ڪيا اٿم .هڪ ،ٻه ڀاڳيا ِ اٿئون ُکڙين تي زور. وڏڙا چوندا هيا ته ڪارو َٻ ُڌ َ ڪٻري سان جي رنگ نه َمٽيائين ته به خيال ضرور َمٽيندو .سو حاجي رمضان جي ڪچهريَء رنگ الئڻ شروع ڪيو .آئون ،ڪجھ ضياَء آمر جي ٿورن سان ۽ ڪجھ پنهنجي افعالن سان ،بي اي جو شاگرد هوندي ،ڪميونسٽ پارٽِيَء جو اڳوڻو انقالبي ڪارڪن هوندي به ،چور ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳسُ ،ان زماني ۾ سنڌڙيَء جي هوائي اڏي تي مقرر محمود نالي فوجي ڀاُء ِديناداستي هٿيار وڪڻندو وتندو هيو ،تنهن کان ڇھ ڌڪيو چرخيَء وارو ريوالور ورتم .پيري لوهار کان هڪڙي ُرڪ جي ُ ڪهاڙي به ِ ُ ڪليو هوڪاريو ان ٺهرايم .پوِء جنهن به ماڻهوَء الِء ُٻڌان ته چور آهي يا کاٽ ِڙيو آهي ته َه ِ سان وڃيو سنگت رکان .دعوتون ڪريو مانيون کارايان .دائود الِء ُٻڌم ته ڏاڍومڙس آهي، خلقن جون چوريون ڪريو ،مال َٿميو ،ورهڙن سان وڙهيو ۽ ڊوڙايو ڪڍي ٿو .ساڻس ڳولي وڃي سنگت رکيم ،خان ،قبولِ ،پيري ،گالب ،علي دوست سميت سوين چورن سان ڳولي وڃي ياريون رکيم .تن ڏينهن ۾اصل النگ پئي لڳي. ڌڱاڻو ۽ پٺاڻ ،مورهڏيَء جي درسن جي چوريَء ۾ جهليا ته پوليس سچوَء سان ُٻنڊڻن جا ڇوڏا الهي ڇڏين ،پر مڙس ٻڙڪ نه ُ ڪڇياِ .سڪوَء به واھ جي مار کنئي ،عثمان۽ سلطان ِ نڪتن ،ٿوريَء مار تي وٺي ڍاڍيون الريَء مان جهليا ،سٿڻن جي َو َرن مان کاٽ جا رنبا ِ ڪيائون ،چون ٿا ته ٿاڻو َڀري ڇڏيائون .ڀاڙي ڪنهن جاِء جا ،ڌوڙ هجينُ .مڙس ِڏ ُ س ڪهڙا 194
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پرڏر لڳا پيا هيا ،پر ايمان مهمان آهي سائين ڪنهن ڪنهن جو ئي مهمان ٿيندو ،سڀڪنهن جو ٿوري ئي ٿيندو. ان زماني ۾ منهنجي الِء ڏاڍ ُمڙسيَء جا پيمانا اِهي ئي ُهجن جو جنهن جا پوليس روز ُٻنڊڻ ُ ڪٽي سو ڦني خان سمجهان ،باقي پويان مڙس جي گهر ۾ ڀلي ته ِرلي ٽنگيل هجي ۽ ُ ڪ ُ ڪڙ به ڀلي سنئين ڳاٽ پيو هلي .تڏهن ٻارهون ميل تازو ٺهيو هيو ،هوٽلون ُکليون ڪهاڙي ُ ُهيون .آئون ڪم ڪار مان واندو ٿي هوٽلن تي ُنوس ُنوس ڪرڻ َوڃان ته ُ ڪلهي تي کڻيو وڃان .وڏن پانئچن واريون شلوارون ،ٽوپي نراڙ تي ،اصل ڀِ ُرن مٿان رکان .تن ڏينهين عباس چانڊئي سان ٻکو ٻک هجيم .عباس پوِء نامي گرامي ڌاڙيل ٿيو. هي جو اسان سنڌين تي هنڌين ماڳين آڱريون ٿيون کڄن ته سنڌي چور۽ ڌاڙيل آهن. حقيقت ۾ سنڌين کي چور ۽ ڌاڙيل ٺاهيو ويو آهي .جنرل ضياَء ۽ ان جي ساٿارين جي اها خواهش ۽ پاليسي هئي ته سنڌين کان گذر سفر جا سڀ وسيال ُڦري کين اهڙو سوڙهو ڪجي ،جو انهن جي نوجوانن وٽ منظم ٿي پنهنجن حقن الِء ويڙھ ڪرڻ بجاِء سوچ ئي اهڙي پيدا ٿئي جنهن سان سندن ڪردار تي آڱريون کڄنُ .اهي سٺي معاشري کي جوڙڻ بجاِء ان جي بگاڙ جو سبب بڻجن .نه ته ڪٿي آئون ڄام ساقيَء ،اعزازنذير۽ نذير عباسيَء جو پڙهايل ڪارڪن ۽ ڪٿي چوريون .کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳيُ .ان زماني ۾ ۽ ان کان پوِء مون جهڙن ڪيترن ئي پڙهيل لکيل نوجوانن جھنگ ُمنهن ڪيو هيوُ .ان جا سبب صرف ئي صرف ُاهي هيا. خير ،پاڻ اڳتي هلون ٿا ،نيٺ منهنجي به بسم اهلل ٿيڻي هئي سا ٿي .جڏهن پهرينَء چوريَء تي ِويس ته اڃان ڀاڳين جي ڳوٺ کان گهڻوپري ُهياسون جو هڪ ٻه ڀيرا پير ٿِڙيا .ڳوٺ کي ڪجھ ويجها ٿياسين ته َٽ ُ نگون ڏڪيون .۽ جڏهن ڳوٺ کي صفا ويجها پهتا سين ته جسم َرڦيو ۽ جون جي مهيني۾ڏڪڻي وٺي وئي ،اهڙي جو ڄاڙي نه پئي بيهي کاٽ اڳ۾ ئي تاڙيل هيو ،ٻنيَء مان ووڻاٺيون وڍي لوڙهي تي رکي ٻه همراھ اندر ويا، کاٽڙئي همراھ کاٽ َهنيو .آئون الھڙ هيس ان ڪري مونکي ٻاهرتاڙ تي بيهاريائون ته متان ڪو ڀاڳيو ٻاهران نه اچي وڃي .ڪم ٿيو ٻاهر نڪتاسون .پير وڃائي ڇڏياسين .ڳالهه آئي وئي ٿي وئي . .گهورپ َهلي پر مال ڪونه َوريوُ . ڪرٽي کائي وياسون .ايئن ٻي چوري ڪيم ،ٽين چوري ڪيم ته ڊپ ختم ٿي ويو .پوِء ته ڀاڳئي جي َگهر ۾ ايئن وڃان جيئن ڄڻ پنهنجي گهر پيو وڃان ،نه ڊپ نه ڊاُء .چوراڻو مال گهر ڪونه آڻيندو هيس ،ابي امان جي
195
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڊپ کان .سليمان شاھ جي قبرستان ۾ َٻڌندو هيس ،يا ڀر ۾ ويٺل پراڻي ڪاٽڪو رمضان ناريجي وٽ ٻڌندو هيس .کاٽ جي چوري گهڻو ڪري گالب مڱرئي وٽ رکندو هيس. چوراڻو جهان به عجيب جهان هيوُ ،ان زماني ۾ کاٽ جون گهڻي ڀاڱي چوريون َڏ َ س تي ٿينديون هيون ،ڪي ِوڙلي چور هٿيار کڻندا هيا ،چوندا هيا ته هٿيار کڻڻ جي معني آهي جهيڙو ڪرڻ ،چورته چوري ڪرڻ ٿو وڃي ڪنهن سان جهيڙو ڪرڻ ڪونه ٿو وڃي .هڪڙي لٺ يا ُ ڪهاڙي ساڻ هوندي ،ٻه ٽي گهوٻاٽا هوندا ،وڙلي ڪنهن چور سان ڪو ڪارتوسي پستول هوندو نه ته بس .ان پستول جو به استعمال بنهي مجبوريَء ۾ تڏهن ڪبو جڏهن ڪي ڏسبو ته ُسجاڳ ٿيل ڀاڳيا ِس ُر ٿا وڃائين .پوِء به ڏسي وائسي هوائي فائر ڪبو ،ڀاڳيا َه ِٻ ِ بيهندا ۽ و ِڍبو پنڌ کي .کاٽ هڻڻ جي ڀلوڙ موسم هوندي هئي اونهاري واري ،جڏهن گرمين جي ڪري ڀاڳيا اڱڻ ۾ َک ُٽون وجهي ٻاهر سمهندا آهن .سيارو ،ڍڳي ڍور جي چوريَء الِء مناسب هوندو هيو ،هڪ ته ڀاڳيا سيَء جي ڪري اندر سمهندا هيا ،ٻيو سياري ۾ راتيون وڏيون ٿين ته ُ مال پنڌ به چڱو خاشو ڪڍيو وڃي .کاٽ جي چوري هجي يا مال جي َڏ َ س ٿوري يا گهڻي ضرور هوندي .خاص ڪري کاٽ الِء ته ُد َڦ تي ڪڏهن به ڪونه وڃبوَ ،ڏس ڪسجي يا ڪنهن ُسکئي کان َس ِڙي هلندو ڏيڻ وارو ڪنهن اوڙي پاڙي جي ماڻهوَء سان َا ِ َ س واري کان َپ َ جوڏ َ ٽ سندس چوري ڪرائڻ .چورن وٽ اهڙي ته ڪاريگري هوندي هئي ُ خبرون تي لِيڪا پارائي ،گهر جو پورو نقشو وٺندا ،اوڙي پاڙي جي ُمڙس ماڻهن جون ُپڇندا ،ڀاڳئي وٽ ڪنهن هٿيار پنهوار جو ُپڇندا .سمورو احوال وٺي پوِء ڪاريگري ڪري چوندا ،نه بابا نه اها چوري پاڻ کان ڪونه ٿينديُ ،ڏکي به آهي۽ اڳيان ُڌر به ڏا ِڍي آهي .ٻئي ڪنهن کي وڃي چئو پاڻ ۾ ايتري دٻ جهلڻ ئي ڪانهي .نيٺ جڏهن ڏس ڏيڻ وارو نااميد ٿي وڃي گهر ويهندو .مهينو ٻه گذاري هڪڙو چور ماٺ ميٺ ۾ آني بهاني ڀاڳئي جي ڳوٺ مان المارا ڏئِي گس گهيڙ تاڙي ايندو ،ٻه ٽي مهينا ُگذاري پوِء ڪنهن دل واري يا ويجهي عزيز کي صالح هڻندو ،ڳالھ طيِء ٿيندي ۽ گهڻو ڪري چنڊ جي ُاونداهين راتين جو پروگرام ٺهندو .گهر ۾ رکيل ُجتيون اهڙيون پائ ِ ِبيون جيڪي اصل پير کان هڪ نمبر و ِڏيون ُهجن ،جيئن پي ِريَء کي بتاُء ڏجي ،جتيَء ۾ پويان ُسگتر وٽان ٻه چار َاڳڙيون َرکِبيون ته جيئن هلڻ ۾ ُڏکيائي نه ڪري ،رات جو لڳ ڀڳ ٻارهين ڌاري ڀاڳئي جي ڳوٺ جي آس ڪ َڙ وٺندا ،لوڙهي جي اوسي پاسي ۾ بيٺل جوئر ،مڪئيَء يا گوار جي هڪڙي پاس پهچي ِ َڀ ِري وڍي لوڙهي تي رکندا ،جيئن لوڙهو ُٽپڻ ۾ سوالئِي ٿئي .لوڙهي ۾ اندر ل ِهي، پهريائين هيڏاهن هوڏانهن ُٿوما ڏئي ُٿوڻي ،پاڃاري يا ڪيڻ وغيره ڳولي ،اندرئين پاسي 196
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
به لوڙهي تان ُاڪرڻ الِء رکبي .پوِء ُسٿڻ جي َو َر مان رنبو ڪ ِڍي کاٽ جي شروعات ڪندا. ت ڀڃڻ ۾ سولي هوندي هئي ڇوجو هڪڙي ِس َر نڪتي ته ڄڻ سڀ پڪي سر واري ڀِ ِ نڪتيون ۽ ڪم ٿي ويو ،اوڏڪيون ڀتيون َڀ ُ ڃڻ ُڏکيون هونديون هيون .اوڏ ،مٽيَء کي ِ هڪ ته گهڻي ” َو َل“ ڏيندا هيا ،ٻيو وري ڳولي اهڙي ِچيڪيَءمٽيَء جون ڀِتيون ٺاهيندا هئا َ ٺ تي اجرڪ ويڙهي ،کاٽ جي ُڳڙکي ۾ اندر ڪندا ته َمتان ت ۾ کاٽ چاڙهي ،ل ِ جهڙو پٿر .ڀِ ِ ڪ تاڙيو ويٺو ُهجي سو جي ڌڪ هڻي ته به لٺ کي ُ ڀاڳيو جاڳيو هجي ۽ اندارن َڌ ُ ڌڪ هڻي .جڏهن پڪ ٿيندي ته اندر سڀ خيرآ ،ته هڪڙو همراھ اندر َلهندو۽ ٻيو ٻاهر بيهندو، اندريون پيتيون ڪڍي ٻاهرئين کي ڏيندو ويندو .ٻاهر نڪري گهر کان بالڪ کن پري وڃي ،پيتيون َڀڃي ،ڪم جو مال ڪڍي هڪ جيترو ورهائي ،هڙوٽيون ٺاهي کڻبيون ،باقي نڪمو سامان اتي ئي ڇڏي ڏبو .ڳچ پنڌ ه ِلي ،ڪنهن روڊ تي ايئن چڙهبو جو جيڪر ڏکڻ جي پاسي وڃڻو هوندو ته ُاتر طرف ڏانهن ميل اڌ تائين روڊ جي ڪناري سان ه ِلي ،پوِء ڀاڳين کي پڪ ٿئي ته چور کي اتر طرف ئي وڃڻو آهي .ڳپل پڪي تي پير چاڙهبا .جيئن ِ تائين ايئن ه ِلي پوِء موٽ کائبي ڏکڻ ڏانهن جيڏانهن اصل ۾وڃڻو هوندو .روڊ تي ڳپل ڪوھ هلي ،اڳ ئي تاڙيل واٽر يا شاخ جي موريَء وٽ پهچي ُجتيون الهي هٿ ۾ ڪري روڊ ۽ واٽر جي وچ واري ڪچيَء زمين جي ُٽڪري تي اجرڪ وڇائي ،ان مٿان اگهاڙا پير رکِي ،ابتي پيرين واٽر ۾ َل ِهبو .ميل کن پاڻيَء ۾ پوئين پيرين َهلبو ،پوئين پيرين ان ڪري جو جڏهن پيري پاڻيَء ۾ لهي پنهنجن پيرن سان چور جا پير جانچڻ جي ڪندو ،ته خبر پوندس ته ڪو پيرين اگهاڙو روڊ ڏانهن آيو آهي نه ڪي روڊ تان لٿو آهي .گهڻا پي ِري ته اهڙا چاالڪ ٿين جو پاڻيَء مان به پير چونڊيو وٺن .پاڻيَء مان به اهڙيَء جاِء تان نڪربو جتي ڇٻر يا ” َڏنِھ“ جو تمام گهڻو گاھ هوندو ۽ پير نه لڳندا ،جي اهڙيَء جاِء ناهي ته جتان گهڻن ماڻهن جي گذر ڻ جي يا گهڻي مال گذرڻ جي واٽ هجي اتان نڪربو .ڪم تي وڃڻ وارا ماڻهو صبح جو سوير اتان گذرندا يا ڀاڳيا صبح جو سويل مال پهرائيندا ته پير ڊهي ويندا .چوريَء کان پوِء ڪي چور اهڙا ته ڇپڻا هوندا جو هفتو کن گهر کان ٻاهر ئي ڪونه نڪرندا ،جڏهن ڳالھ ٺرندي ته ذرو ذرو ڪري پيا ُ ڪرٽيندا ۽ کائيندا .ان وچ ۾ جيڪر ڀاڳيا شڪجي َڏ َ س واري ۾ هٿ وجهندا ۽ اهو چور تي بيهي رهيو ته به ُسنهن ساک سان ثابت ڪبو ته هن برابر َڏ ِسيو هيو پرمون ُاتي جو ُاتي جواب ڏنومانس ،ڀلي قرآن وٺوس جي انهيَء ڳالھ ۾ تر جيترو به ڦيرو هجي .پوِء به جيڪر پيرا ڀيٽا جو چيائون ته اڙ ڪبي ۽ چئبو ته سرزمين تي نائون نمبر پير هيو منهنجو اٺون نمبر آهي .پوِء به بنهي گهڻو ضد 197
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٿيو ته پيرا ڀيٽا ۾ ِو َ ڀل ته پي ِري به بتال ک ماري َرکِبي ،هڪڙي وک و ِڏي ته ٻِي نن ِڍيِ ، ٿئي .ان هوندي به جي ُسنهن ساک تي ڳالھ آئي چئبو آئون ڪ ِئي ،ڪرائِيُ ،ٻ ِڌيُ ،س ِئي جي ُ ساک ڏيندس ۽ مون تي سئو سالن ۾ به ثابت ٿئي ته َسڱ چٽي ڀريندس .گهڻا تڻا ڀاڳيا ته اهڙي ڳالھ تي ئي اعتبار ڪري ويندا ،۽ توبھ توبھ ڪندي چوندا ادا مون بس ڪئي. ُ جيڪڏهن ڪوئي َمڇڏ نڪتو۽ ڀلو سونهارو کڻڻ الِء ضد ڪيائين ته اعتماد سان ُاٿي ُوضو ڪبو ،وضوَء ڪر ڻ تائين گهڻا تڻا ڀاڳيا ته يقين ڪري وٺندا ۽ چوندا ادا بس ،تون به سچو ضدي نِڪتو ۽ قرآن مٿي تي ته قرآن به سچو اسان جي توبھ ،ته به بچي وڃبو .جيڪو صفا ِ کڻائڻ الِء مسيت ۾ وٺي ويو ته قرآن تي هٿ رکي سڀ سچ ٻڌائي ِڏبو ،گڏوگڏ ڀاڳئي کي به انهيَء قرآن جي ُمحابي عرض ڪبو ته سڀ وهنوار ڪندس ،ڏنڊ ڏوھ ڀريندس نڪي ٻڌرائجانِء۽ نه ئي خوار ڪجانِء. ڍڳي ڍور جا چور به ايئن ئي پير وڃائيندا هيا .ڪي پنهنجي گهرن ۾ ئي ٻڌندا هيا ته ڪي پاٿاريدارن وٽ مال ٻڌندا هيا .ڪي چور وري اهڙا نڀاڳا۽ بي ساعتا هوندا هيا جن جي چوري لِڪي ڪونه سگهندي هئي ان ڪري انهن جو مال ڪير به ڪونه ٻڌندو هيو ته ُاهي ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾ ڍور ٿمي ،انهن جو منهن ٻڌي ڇڏيندا هيا .گگدام سـڄو ڏينهن بکيا ُاڃيا َٻڌا بيٺا هوندا هيا ،چور ٻي رات جو اچي اتان ڪڍندا هيا .پوِء ڪنهن ٿانيڪي جاِء تي وڃي ٿميندا هيا .مال جي چورن ۾ به ڪي کاٽڙين جهڙا ڇپڻا هوندا هيا ته ڪي وري وات ڦاٽوڙا هوندا هيا ،سي هوٽلن تي ويهي وڏا احوال ڪندا ،اجائي ڦلر به ڪندا جيڪا ڪنڌ ۾ پئجي ويندي ُهين .جڏهن مال جي گھورپ هلندي ۽ وڙولون اينديون ته چور ۽ انهن جا چڱا مڙس ڀاڳين کان ڀاڙا وٺي ،ٽيڪيسون ڪري ،سنگت ساٿ وٽ وڙول َهالئيندا۽ چوندا ادا فالڻو ماڻهو اسان جو پڳ مٽ ُ يار آهي ۽ مال ويو اٿس يا کاٽ لڳو اٿس سو ڪهڙي به حالت ۾ورائڻوآهي ،عزت جو سوال آهي .اڳلو وري کانئن مال جا پارپتا پڇندو ،رنگ ،قد، بت وغيرھ سڀ .ٻئي ٽئي ڏينهن ورندي وٺڻ جو چئي پوِء واپس ورندا. اسانجي سانڀر ۾ هن تر ۾ ڪي پيري اهڙا به هيا جو هڪ ڀيرو جيڪو پير کڻن ،ان جي وڃين .ماٺ ميٺ ۾ پيا چورن جون پڇائون ڪن ،يا جيڪو وک اندر جي ڦرهيَء تي لکجيو ِ چرندڙ ُپرندڙ ُسجهين ُان جي وک ِڏسي ڇڏين .اڳيان توڙي هاڻوڪا پيري سچي ڪڏهن به نه ڪندا هيا .بنهي ڪا لت ڳ ِري پين ته به چور جو نالو نه کڻندا .باقي چوري وٺي ڏيندا. ڪي ته اهڙا به پيري هيا جيڪي چور جو پير سڃاڻي ،ورهڙي کي هڪ هنڌ بيهاري آڏ واهر يا پير آهوڙڻ جو چئي ٻن ٽن ميلن تي هلي وڃي چور جي پٺيَء تي هٿ رکي چوندا هيا ته 198
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تنهنجو پير سڃاتو اٿم ،مال مون کان سواِء ڪنهن کي به نه ڏجانِء .ڪجھ ڏينهن بعد ڀاڳين جو بار پوندو هين ته کانئن ُڀنگ وٺي ڪجھ حصو پاڻ رکي باقي چورن کي ڏيئي مال موٽائيندا هئا .انهن ڇپڻن چورن مان هڪ الهورايو به هيو ،ڪنهن کي خبر ڪونه هئي ته هيُء جڏڙو۽ ڦڏڙو به کتنگ چور هوندو .ڳالھ تڏهن ُکلي جڏهن مڙس صفا سڃيو تتڙينگ ٿيو ۽ ُملن اچي سوڙهو ڪيس ته رب ڏمريو اٿئي نمازون پڙهي ِريجهائينس .نيٺ جڏهن وڏي ڏاڙهي رکي پڪو نمازي ٿيو ته در در وڃي ماڻهن کان بخشائڻ لڳو .هڪ ڀيري پڇيو مانس الهورايا ،ڏي خبر فالڻي ماڻهوَء جو مون سان گڏجي کاٽ هنيو هيئه ُان کان به بخشايو اٿئه يا نه؟ چوڻ لڳو يار هڪ ته اهو کاٽ بنهي وڏو هيو ،ٻيو ڌڻي به ڏاڍو ڏنگو آهي ،بخشڻ ته پري رهيو ُمرڳهين ماري وجهندو ،ان ڪري اهو قيامت جي ڏينهن رب سائينَء جي سامهون سوال ڪري بخشائيندس. ڳالھ پئي ڪيم پنهنجي ڦني خانيَء جي ،چوريون ڪريو ،ماڻهن جا مال ُڀنگ تي ورايو، هوٽلن تي ويهي کڳيون هڻان ته فالڻي جو کاٽ سئيَء سڳي سوڌو ورايم ،فالڻي جا ڏاند ڏينهين ِڏتو هن تر جو ڏاڍو ُمڙس چور ُهيو .هڪ ڀيري منهنجي ڳوٺ جي ورايم .تن ِ مينگھواڙن جي چوريَء تي آيو .همراهن سنڀالي ورتو .رڙ ٿي ،هڪ ٻه فائر ٿيا ته وٺي ڀڳو، اڳ ورتومانس .سيون ايم ايم جي چوراڻي رائيفل هجيم .پنجئي گوليون مِس ٿِيون۽ همراھ بچي ويو. ڪهاڙي ُ بي اي پارٽ ٽو جو امتحان ڏيڻ ميرپورخاص وڃان ته ُ ڪلهي تي ۽ ٽوپي نراڙ تي رکي گهران نِڪران .ڪهاڙي ٻارهين ميل جي ڪنهن دڪان تي ڇڏيو پوِء بس ۾ چڙهان. واپسيَء تي ساڳي ڪهاڙي هٿ ۾ ٻانهن جي لوڏ ۽ چوراڻي سنگت سان ٻکوٻکَ ،ه ُل ڪالهوڪي هنڌ .ابي امان کي اها ُاٿ ويهه نه وڻي ته سمجهائين پر وڻ گهوڙو َٻڌڻ ئي نه ڏيان .تن ڏينهين ايترو ته بي ضمير ۽ بي حس ٿي ويس جو ’’ڪنهن به ُسکئي گهر جي چوري ڪونه ڪيونُ ،رڳو مِسڪينان مار ڪندا وتونُ .سکين مان ڊپ ٿئي ته متان بندوق جنسَ ،متان َٻڌائي ِوجهيُ .سڃئي مان نه هوندي لهر وارو ُهجيَ ،متان چار چور چئي ۾ ُه ِ نه لوڏو ،رڙندو ،روئيندو ،نيٺ الهه تلهه وڪڻي به ُڀنگ ڏيندو .سال ڏيڍ ۾ االئي ڪهڙا َقهر ٿيا .انهيَء حرام جي ڪمائيَء مان بوسڪيَء جو َپٽڪو ورتم .ٻه ٻه ُترا ڇڏيانُ ” .ٻڪل“ هڻيو هالن .چوڦير بلي بلي هجيم. رجي َڀر ِجي نيٺ ُاٿلنديُ ،اٿلڻي ُهجي سا اڄ ٿي ُاٿلي يا ُسڀاڻ ٿي ُاٿلي. وڏڙا چوندا آهن ته َڀ ِ نينگر ُ ڪڏيُ ، ُ اڄ نه ُٻڏي ُسڀاڻ ُٻڏي. درياَء ڪنڌيَء 199
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُ هڪڙي ڀيري هنڱورني ڏانهن برادريَء جي ڪنهن َڀ َ ت جو سڏ مليو .سنگت سان گڏ َسنبت ٿي ،صالح بيٺي ته َڀ ُت کائي رات جو َڀ ِر واري ڳوٺ مان ڍڳا ڪاهبا .وڻ وڻ جي ڪاٺي هڱورني ۾ گڏ ٿيڻا ُهجون ،بس ۾ هڪڙو شر مليو ،چور ته هيو پر اسان جي سنگت مان ڪونه هيوَ .بس مان لٿا سون ،ڪارا ڪپڙا ،بوسڪيَء جا پٽڪا ،ڊگھن پانئچن سان شلوارون پيرن ۾ لڙڪنديون بازار جي مِٽي ُٻهارينديون َهلن .سامهون بازار ۾ پوليس بيٺي هئي. پوليس ڏسي بدن مان ُدرڙيون نڪتيون .االئي متان روڪي ُپڇا نه ڪن ،دل کي ڏڍ ڏنم، نه نه پوليس ڇو روڪيندي؟ جمعداراحمد حسين گوندل ُکليل ِپڪ اپ ۾ اڳيان ويٺو هيو ،چار سپاهي ڊالي ۾ ڪرسين ُ ڪنڌ ڪري َم ِٽياسون. تي پويان ويٺل ُهجن .اسين النگون هڻندا پوليس جي اڳيان هيٺ اوچتو جمعدار جي َهڪل ٿي ،اڙي بيهي رهو.!- َلوڻا ڦيرائي ڏٺو سين ڀانِء ُڀليا آهيون ٻئي ڪنهن کي سڏ هوندوِ .وک کنئي سون ته هڪل سان گار ڏيئي چيائين . . . . . . . . . . . . . . . .،اڙي ُٻڌو ڪونه ٿا ،هيڏانهن اچو. اسان جون ٽنگون ٿِڙيون ،جسم مان سيئاٽو نڪتو ،گڏيل آواز سان چيوسين اسان؟“!! ٻيو نه ته اوهان جا بابا؟ ورندي ڏنائين. سوچيم ،مار ،هيُء ته ڪو ِڇتو آ االئي ڇا ڪندو؟ ايتري ۾ سپاهي ُٽپ ڏئي پڪ اپ مان لٿا ،اڳيان اهو شر هيو آئون پويان هيسُ .هن کان ُپڇيائون ،اڙي ڪير آهين؟ جواب ڏنائين ،شر .پڇيائون ڪٿي جو؟ وراڻيائين الحداد جي ڳوٺ جو .ڪجھ سوچي چيائونَ ،و ُڃ. ڪتيَء َ ُ ڪ َن َوڍايا ،هن مون ڏانهن لوڻو به ڪونه هنيو۽گولي ٿي ويو .هاڻ منهنجو وارو آيوِ ،دل ۾ سوچيم ،ڏاڍو مڙس آهيان ،شر آهيانُ ،رگهي مينگهواڙ جي ڳوٺ جو سڏايم ته پوليس کِلندي .چوندا شر ۽ ويٺو آ مينگهواڙ جي ڳوٺ ۾ .سوچيم چوندس رمضان شر جي ڳوٺ جو آهيان ،وري ٻي سوچ آيم ،پر رمضان جو نالو ته وٽي تي به ڪونهي .دل کي ڏڍ ڏنم ،اهلل خير ڪندو .جمعدار پڪ اپ مان َلٿو۽ ِسڌو ٿي بيٺو ،شينهن ُمڙس ُهجي ،مون کان پڇيائين اڙي تون ڪير آهين؟ وراڻيم شر .پڇيائين ڪٿي جو؟ وراڻيم ،رمضان شر جي ڳوٺ جو .ٿوروسوچيائين پر رمضان ڪونه ُس ُ جهيس ته هڪل ڪري چيائين ،چور چور جو ُپٽ آهين .دل ۾ سوچيم انگريزيَء ۾ ڪوڙ ٿو َهڻان، انگريزيَء ۾ چيم ،سائين آئون سنڌ يونيورسٽيَء جو شاگرد آهيان .پيرن کان مٿي تائين غور سان ڏٺائين .شايد سوچيو هوندائين يونيورسٽيَء جو شاگرد ،پٽڪو ،ڪارو ويس، 200
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َپٽائين لٺ۽ ست وال سٿڻ ،شايد ڪو کوڙو نه لڳس .کيس سوچيندو ۽ گهوريندو ڏسي يڪدم چيم ،ماستر به آهيان سائين .جلديَء ۾وراڻيائين تڏهن پٽڪو ۽ َلٺ به اٿئي. ايئن چوندي ئي اوچتو زوردارٿڦڙ ڳل تي هنيائين ته ڪنن مان دونهان نڪري وياَ .پٽڪو وڃي بازار جي گهٽيَء جي ُٿڪن ۽ کانگهارن ۾ ڀريو ،اڃان پاڻ سنڀاليم مس ته ٻي ٿڦڙ ٻئي ڳل تي لڳي ته ڀنواٽي اچي ويم ،سپاهين کي هڪل ڪيائين ،اڙي َٻڌوس. پوليس وارن منهنجي ئي پٽڪي ۾ منهنجا هٿ ُپٺيان ِڇڪي کڻي َٻڌا ،گاريون ۽ ڀونڊا ڏيندي چوڻ لڳا ،چور ،لوفر صاحب سان ٿو گِٽ مِٽ ڪرين. ايئن چوندي ُڄنڍن مان جهلي کڻي ُاڇاليائون پڪ اپ جي ڊالي ۾ .پوليس وارا چڙهيا ،هاڻ آئون پوليس وارن جي پيرن ۾ پيو آهيان .جمعدار َه َ ويهاريوس، ڪل ڪئي ،اڙي ُاٿاري ِ بازار جي گشت ۾ ڀلي ته چور چڪار ڏسنس ،پاڻ کان َ ڪ َن هڻندا. ٻئي هٿ پويان ٻڌل بيوس ۽ الچار پڪ اپ جي ڊالي ۾ سپاهين جي پيرن ۾ اوڪڙو ويٺو هيس ،شهر جا ماڻهو رونشو پيا ِڏسن .پوليس وارا گهڙيَءڄنڊا پٽين ،گهڙيَء َچنبا هڻن، کِلن ۽ رونشو پيا َ ڪ ِن .سڄي شهر جو گشت ڪرايائون هڪ ڀيرو ،ٻه ڀيرا ،ٽي ڀيراِ .دل ۾ دعائون پيو گھران منهنجا موال اڄ جان ڇڏاِء ،اڳتي الِء توبهه ڪيم .ڀئو پيو ٿئيم ،ٿاڻي ڪ َن ڪيم ته ٿاڻو ڌوئاريندا ڪ َن نه ڪيان ،جي ِ تي ضرور ماريندا ،ماني به َڍ َو تي کاڌل اٿمِ ، ُ ڪندس ،سڀ چوريون باسيندس ،وري سوچيان پوِء به .سوچيان پيو مار کان اڳ ۾ سچي ته راڄ ٻڌبا ،ماڻهو ڀاڙيو چوندا ،پوِء به االئي ڪيترو جيل لڳي .وري دل ۾ دعاگهران ”اهلل سائين تون بچاِء ،امان مري ويندي ،ابي جواالئي ڇا ٿيندو“ .؟ماستر ُپٽ چوريَء ۾ ٻڌ و وڃي!!رب سائين هتان ُڇٽان ته ڪنڀار وانگر م ِٽي ُ ڪٽيان .منهنجي ابي ڏاڏي جي چوري ڪرڻ کان گيسي .نيٺ رب سائينَء دعا ُٻڌي ،حمير ڏٺو ،پڪ اپ روڪايائين ،جمعدار لٿو، ڀاڪر پائي مليا ،جمعدار کي ميار ڏيندي چيائين ،واه يار واه منهنجو مائٽ ،سوبه ماستر جهليو اٿئه .جمعدار وراڻيو ،چور آهيِ ،ڏس ته ڪيئن ٿو چوريون باسي ،رڳو ٿاڻي تي هلي. حمير مرحوم کيسي ۾ هٿ وجهي ٻه ڳاڙها نوٽ ڪڍي جمعدار جي کيسي ۾ وڌا ته گهڙيَء ۾ ئي بدلجندي ،يڪدم سپاهين کي چيائين ،اڙي ڇڏيوس .منهنجا هٿ ُکليا ته پٽڪو َ ڪ َ ڇ ۾وڌم ،لٺ پوليس وارن ڪونه ڏني ،حمير مرحوم کي انڌو منڊو هٿ ڏئي ،الهه واهي ڪيم الريَء ڏانهن ،ڇا جا َڀت؟ ڇا جي سنگت؟ ڳوٺ پهچي سڌو ڀوڄي درزيَء وٽ ويس ۽ چيم ”ڪاڪا هن َپ ِٽڪي مان ٻه قميصون ته ٺاهي ڏي ،ماپ اڳئي اٿئي .چيائين ،ڇو ڀال پٽڪو ته وڏي شوق مان ورتو هيئه؟ 201
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
چيم ،ڪاڪا ڇڏ انهيَء ڳالهه کي ،شادي پلي َڍڪي َڀليَ . گهر ُپهتس ته امان پڇيوَ ،ڀت تي ڪونه وئين ڇا؟ ُچپ رهيسَ ،چپ ُچرن ئي نه .ابو ُاٿيو امان ُاٿي ڳاڙهن ڳلن تي َ ديو جهڙي جمعدار جي آڱرين جا نشان چٽا بيٺا ُهجن .نشان ڏسي پڇيائون ،ڪيروڙهيو اٿئي؟ هي ڇا آهي؟ چيم ،نه نه خير آ ڪجھ به ڪونه ٿيو آهي .چون ُٻڌاِء ڇا ماجرا آهي؟ ،نيٺ ٻڌايم۽ ُٻڌائيندي روئي پيس .بابا کِليو وري کِليو ،اسان ته اڳ ئي سمجهيو پئي ته ايئن ٿيندو ،پر تون اڪيلو اوالد هئين ،توکي ڇا چئون؟ گهڙي رکي بابا پڇيوَ ،پ ِٽڪو ڪيڏانهن ڪيئه؟؟ وراڻيم ،اهو ڪاڪي ڀوڄي کي ڏنم ته قميصون ِسبي ڏئي .اڳتي الِء ڪونه َٻ ُ ڌندس .ڪڏهن به نه ،توبھ ڪيم ،گِيسي ڪيم .ڪجھ ڏينهن ُگذريا سنگت اچي َسڏ ڪري ته لِڪيو َوڃان. چئون ته گهر۾ ڪونهي .دل ئي ِدل ۾ َقسم کنيم ته ڪڏهن به چوري ماڻهن کي چوان وڃي ِ نه َ ڪندسَ .ڀلي ته ڪير منهنجي به چوري ڪري وڃي .ڪنهن سان پالند به نه ڪندس ۽ ُ ڏيندس .هيستائين ڪرائيندس .ٻيو ته ٺهيو پرچورن کي ماني به نه کارائيندس ۽ ِڏسي پاسو جي ڪرتوتن تي َبس وڏي ندامت اٿم. اهو قصو پنجويھ ورهيه اڳ جو آهي هن عمر ۾ به سوچيان ٿو ته زندگيَء جي انهن ٻن ورهين جي ڪارنامن تي ڏاڍو شرم ٿو اچيم .بي اي پاس ،ڪامريڊ ۽ چور!!!ُ .ٻڏي مرڻ جو مقام هيو .ورهين پوِء تاج مري مليو ته اهاڳالهه ڪئي مانس .ڳالهه جي تڪ تور سياسي انداز ۾ ڪندي چيائين ،اهي به ضياَء جي پاليسين جا اثر ُهيا۽ معاشري جي اصالح ڪندڙن الِء حالتون ئي اهڙيون پيدا ڪيون ويون جو اهي اصالح بجاِء معاشري جي بِگاڙ ۾ لڳا. تو ته ڪجهه به نه ڪيو هيو ،چڱا موچارا ُمهانڊا ڌاڙيل ٿيا ،ڦورو ٿيا ،خون ڪيائون ،رت سان هوليون کيڏيائون .اهو جمعداراحمد حسين پوِء SHOٿيو ،آُء بينڪ آفيسر ٿيس ،هڪ ڀيري مليوته سوچيم سندس احسان َمڃان .اندر جي شر ٻروچ چيو ٿڦڙن کي ياد ڪري بيعزتو ڪرينس .پر اندر جي چور تي تاج مريَء جو شاگرد حقيقي انسان حاوي ٿيو ،شيطان تي انسان حاوي ٿيو ،ڪجهه به ڪونه چيو مانس ،مري ويو ته دعائون گھريم ،رب سائين مون کي انسان ڪيو َاٿائين جنت ۾ جايون ڏجانس .پٽڪي تان ياد آيم ته جڏهن 1997۾ ٻي شادي ڪيم ته گھڙي کن الِء پٽڪو َٻ ُ ڌم ،تڏهن به لوڻا پيو هڻان ته متان پوليس اچي َٻڌي .عيدن تي ،شادين تي ،خوشين تي ،نياڻيون َچ َون ،بابا َپ ِٽڪو ٻڌو ،نياڻين جي دل رکڻ الِء گھڙي کن َٻڌان ۽ جلدي الهيو ڇڏيان .اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن گهڻن چورن کان چوريون ڇڏايم ،اوڙي پاڙي ۾ چوري چڪاري ٿئي ڪاوڙ اچيم۽ چورن کي پوليس جي حوالي ڪري ،چڱا موچارا پادر َهڻايانُ .انهن سان ُدشمنيون به ٿِيم ،اڃان به َاٿم پر َهالن پيو. 202
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڀائو عبدالقادر جوڻيجي ڪٿي لکيو هيو ته سنڌ ۾ ڪوچڙا وڏا مشهور ۽ کتنگ چور هوندا هيا ،مون کي چٽيَء طرح ياد آهي ته اسان جي سانڀر ۾ ,اسان جي ڳوٺ ٻاهران نربت ڪوچڙي جو گهر هوندو هيو ،ڳوٺ جا ماڻهو سڄو ڏينهن ٻني ٻاري جا ڪم ڪري راتين جو َه ُچ ٿي جڏهن واپس گهرن ۾ايندا هيا ته چوريَء جي ڊپ کان وارا ٺاهي ڳوٺ تي َپهرا ڏيندا هيا .پر ُ ڪوچڙن جي گهر کي نه پهرو هوندو هيو ۽ نه ئي کين چوريَء جي پرواھ هوندي هئيُ .اهي سڄو ڏينهن السي گڏهن“ تي چڙهي پيا گهمندا هيا .آئون دوستن کان پڇندو هيس ته هي ڇو ڪونه ٿا پهرا ڏين؟ ته وراڻيندا هيا ” ڀائو ،ڪوچڙا پاڻ وڏا چور آهن ڪنهن جي ڦِٽي آهي جو سندن لوڙهو لتاڙي؟ هونئن به پاڻ وٽ سنڌيَء ۾ هڪڙي چوڻي مشهور آهي ته جڏهن ماڻهو ڪنهن ڏکئي انسان مان ڦاسندو آهي ته چوندو آهي ٻيلي هن ” ُ ڪوچڙي“ مان منهنجي جان ڇڏايو .سو واقعي اهڙيَء طرح دشمن کي چنبڙندا هيا جهڙا ”چچڙ“ هجن .سندن کاٽ هڻڻ جي فن بابت ته ڀائو عبدالقادر گهڻو ڪجھ لکيو آهي ،پر هڪ نئين ڳالھ جيڪا مون ان وقت ڪوچڙن ۾ ڏٺي سا هئي جهنگ مان مال مارڻ .ڪوچڙا السي گڏهن تي چڙهي سڄو ڏينهن ماڻهن جو جهنگ ۾ چرندڙ مال پيا تاڙيندا هيا .ڪنهن ڏينهن ڌراڙن کان اک بچائي ،ڪنهن َ ڪچڙي گهيٽي يا آئٺ جي ُمنڍي مروٽي ،گهڙيَء پلڪ ۾ ڪپڙي ۾ ويڙهي ،السي گڏھ تي النگ ورائيندا هيا .ڌراڙ ۽ ڌڻي رات جو مال سنڀاليندا هيا ،ورندي ڏينهن تائين ڪوچڙن جي گڏهن جو نه پير نه ُکر .نربت ڪوچڙي جي گهر وٽان گذرندي هميشھ ُسوتلين ۾ َ پويل گوشت ُاس ۾ سڪندو ڏسي مون سميت گهڻن جو روح پيو پاڻي ٿيندو هيو ،گهڻو پوِء اهي ڪوچڙا هتان لڏي وڃي ٻئي هنڌ آباد ٿيا ،۽ ڌنڌو مٽائي لليچپ شروع ڪيائون .ان ڌنڌي ۾ به سندن عالئقا ورهايل هوندا هيا .اڄ به ان ڌنڌي جا ماهر آهن. ان زماني جي چورن جو چوڻ هوندو هيو ،ادا ِدس ڪاڻي ڪجي پر ِڏس ڪاڻي نه ڪجي. راڄ ،برادري ،اوڙي پاڙي جي ننگ جو وڏو خيال ڪبو هيو ،اهڙي هنڌان چوري ڪبي جتي ڪنهن ڏاڍي مڙس جو هٿ نه هجي ۽ سنگت ساٿ جي به ميار نه ملي ،ڪوهن تان وڃي چوري ڪبي .اڄ جيان اوڙو پاڙو ڪونه لڄائبو .پوِء به جي ڪو اک پور اهڙو ُ ڪڌو ڪم ڪري ويو ته کانئس ڳائي وڄائي ،پاُء پاڻي وٺبو .سنگت ساٿ کي َست َستان ڪبي، ٻيلي مڙس کي چئو ،وهنوار ڪري ،ڀاڙيو نه ٿئي ،نه ته مزو ڪونه ٿيندو! پوِء به جي اڳلو نه مڃيندو ته پالند ٿيندو .پالند به ٽن قسمن جا ٿيندا هيا ،پهرئين پالند ۾ ته چور صاحب
203
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي اوڙي پاڙي مان چوري ڪبي ۽ ڳالهين مهاڙين کان پوِء چڱن َم َٺن معرفتَ ، ڪ َن جي بدلي َ ڪ ُن ٿيندو ،يعني ڏي ۽ وٺ. ٻئي قسم جو پالند تمام خطرناڪ هوندو هيو ،جنهن ۾ وهنوار نه ڪندڙ چور جي گهر تي هالن ڪبي ،کاٽ هڻبو۽ کڻبا رڳو ،زنانا ڪپڙا ،گهوٻاٽن سان گڏ سنهي ُ الڪڙ چور پريان کان ئي وڍيو ايندا ،هر اڌ فرالنگ بعد زناني ڪپڙي جي ُٽڪر جي جهنڊي ٺاهي ُاڀي ڪندا ويندا ته جيئن ورهڙي وارن کي خبر پوي ته ڪنهن مڙس ماڻهوَء پالند ڪيو آهي .اهڙا پالند اڪثر ڪري ٻروچ قبيلن جا چور سماٽ جي چورن سان ڪندا هيا. ٽئين پالند ۾ اڳلي جومال ڪاهي ،اوطاق تي کلئي عام َٻڌبو هيو ،ورهڙو ويجهو ايندو ڏسي ،ڳوٺ جو ڌڻي ،چار وکون ڀري اڳتي وڌي وڃي ،ورهڙي وارن کي چوندو هيو ،ادا او اهو سامهون توهان جو مال ٻڌو بيٺو آهي ،اسان جو توهان ڏانهن ،فالڻو ڪي فالڻو وهنوار آهي ،اهو وهنوار ڪري پنهنجو مال ڪاهي وڃو .پوِء ٿيندو هيو چوراڻو فيصلو ۽اهڙن چوراڻن فيصلن ۾ چوراڻا َو َ ٽ تمام گهڻا هلندا ،فيصلو ڪندڙ ئي انهن چوراڻن وٽن کي منهن ڏيندو ،عام ماڻهوَء ڪڏهن اهو تصور به ڪونه ڪيو هوندو ته چور فيصلي ۾ اهڙي اڻ ٿيڻي ڳالھ به رکي سگهي ٿو .چورن جا امين به چور هوندا هئا ،فيصلن ۾ ڪيئن پنهنجي ڳالھ رکجي ،ڪوڙ کي ڪيئن سچ ثابت ڪجي ،اهڙا ُگر چورن کان ئي ڪو سکي .ان الِء هڪڙو قصو ڪندا هلون هڪڙي ڏاڍي مڙس چور ُبک مان ڪنهن جي ڪڻڪ جي راھ مان ٻوري ڀري کنئي ،ٻئي ساڳئي ڳوٺ جا ۽ ويجها عزيز به هجن .همراه پير به ڊاهي ڇڏيا ،مالڪ جو شڪ ڏاڍي مڙس تي هجي ،ڳالهيون ٿيون ،همراه ڳالھ ڪرڻ سان قرآن کڻڻ الِء آتو هجي ،فيصلو ڪندڙ به چور هيو ،کيس شڪ پئجي ويو هن يار ۾ رولو آهي ،هڪڙي منٽ الِء چور کي ڪچهريَء مان ٻاهر ڪڍي ويو ۽ هوريان هوريان چيائين نڀاڳا تون به ٻوري ته ڪا نئين کڻين ها انهي ڦاٽل ٻوريَء مان داڻا ڪرندا تنهنجي در تائين ته ويا آهن!! .همراه بيوقوفيَء مان سٿر تي ڌڪ هڻندي چيو ،نه يار ٻوري ته ڏسي وائسي نئين کنئي هيم ،داڻا االئي ڪيئن هارجي ويا .ايئن چوراڻو وٽ کلي پيو ۽ همراھ ڪڻڪ جي ٻوريَء الِء ڪوڙو قرآن کڻڻ کان بچي ويو .چورن جي چڱي مڙس ڳالھ کي ليِء مِٽي ڪندي فتوا ڏني ته همراھ چور ته ڪونهي پر جيئن ته ڌڻيَء جو ويساھ آهي ته سندس چور اهو ئي آهي ،ان ڪري هيُء ڇڪايل همراھ ڪڻڪن لٿي ،ٻوري ڪڻڪ جي ڀري ڏيندو.
204
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪجھ ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي ته هڪڙو بابا جو ساٿاري پوڙهو اچي نڪتو ،ڪنهن زماني ۾ بابا سان گڏ مال چاريندو هيو ،پوِء پنهجو سوٽ قتل ڪري جيل ۾ ويو ،اتان جي رنگ مان جڏهن رڱجي نڪتو ته ڏاڍو مڙس چور ٿي پيو ،اڄ پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ پاڻ پٽن پوٽن سميت ساڳيَء ڪرت سان واسطو رکي ٿو ،پوليس جو تپايل هجي ،سو اچڻ ساڻ چيائين آئون تنهنجي پيُء جو ساٿاري آهيان ،وڏي هلندي پڄندي اٿئي ،پيُء جي قبر ڏي ڏس ،مون بي گناھ جي پوليس مان جان ڇڏاِء .هڪڙو پٽ ۽ ڀائيٽو اڳ۾ ئي چوري ڪندي جاڳي پيل ڀاڳيو مارجي وڃڻ جي سزا ۾ عمر قيد پيا ڪاٽِين .هاڻ هن عمر ۾ آئون به ٿو ڪاٺ ۾پوان .مون انهيَء حد جي پوليس عملدار ۽ ناظم سان ڳالهايو .ٻنهي جو جواب هيو ته همراھ ڪنهن مسڪين جا ٻه ڍور جهنگ مان ٻڌا آهن هاڻ ڏئي ڪونه ٿو ،هن کي موڪليو ته فيصلي ۾ سنهن ساک ڏيئي پاڻ آجو ڪري ٻي صورت ۾ ڀاڳيو ساک کڻڻ الِءتيار آهي ۽ هيُء مال ڀري ڏئي .مون ان شخص کي جڏهن اهو جواب ٻڌايو ته چيائين آئون ساک ڏيندس ته بابا مون پنهنجي سر نه مال ٻڌو ،نه ڏٺو ۽ نه وڪيو ،مون چيو ،چاچا پوِء ته تنهنجو ڪم ٿيو پيو آهي .مون ناظم کي وري فون ڪري همراھ کي اوڏانهن روانو ڪيو ،ٻئي ڏينهن ن اظم فون تي اطالع ڏنو ته سائين هن جو مسئلو حل ڪونه ٿو ٿئي، مون حيران ٿيندي چيو ،ادا هيُء ساک ڏيڻ الِء ته تيار آهي!! .ناظم وراڻيو سائين اوهان کي چوراڻو وٽ سمجھ ۾ ڪونه آيو ،هيُء به سچي ساک ٿو ڏئي ته هن نڪي مال ٻڌو۽ نڪي ڏٺو ،اهو سڀ عمل هن جي ڪنهن پٽ ،ڀائيٽي يا پوٽي ڪيو آهي۽ ڀاڳيو دانهيندڙ هن تي آهي ،ان ڪري هيُء ساک ڏيڻ الِء صحيح آهي ،باقي اوالد ۽ عزيزن جي ساک ڪونه ٿو ڏئي. ڪافي چور سرزمين تي ٻڌجي پوندا هيا ،ڪي پنهنجي بي عقليَء سان ٻڌبا هيا ته ڪي ڀاڳين جي همت سان .پر چورن کي ٻڌندو هميشھ چور هيو ،ڇاڪاڻ ته کيس ئي چور جي گذرڻ جي گهٽن ۽گهيڙن جي خبر هوندي هئي ،باقي الهڙ ڀاڳين کي ته چور گهوٻاٽن سان اڏاري ڇڏيندا هيا .بي عقليَء سان ٻڌل چورن ۾ هڪڙو لڌو شر به هيو ،ڪجھ همراھ لڌي سان گڏ ڪنهن ڳوٺ ۾ چوريَء تي ويا ،ڀاڳيا جاڳي پيا هڪل ٿي ته وٺي ڀڳا ،لڌو ،ڀڄندو ڀڄندوسامهون ننڍڙن الڻن ۾ وڃي لڪو ،ڀاڳين ڏٺو ته چور هتي ئي لڪو آهي ،ويجها وينداسون ته ڪٿي گهوٻاٽو يا پستول هڻي ڦڦڙ نه ڪڍي وجهي .ڀاڳين جي ُ ڪتي جو نالو به لڌو هيو ،سو وٺي پنهنجي ڪتي کي زور زور سان ڪوڪاريائون ته لڌو ،لڌو ،لڌو. هوڏانهن الڻن ۾ ويٺل همراھ سمجهيو ته مار هنن ته مون کي سڃاڻي ورتو آهي ،جو 205
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
منهنجو نالو زور زور سان پيا وٺن .ان ڪري ماٺڙي ڪري ڏاڙهي َکنهندو ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ ڀاڳين کي چيائين ،ابا لڀنداسين نه ته ڪاڏي وينداسين“ .پوِء ته ڀاڳين اهڙي ڪيس جهڙي ُٻرڙي ڪئي ٻارن سان. اهڙي هڪ ٻي به ڪهاوت آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ چور پيا ته ڀاڳيا به جاڳي پيا ،را ،را ،ٿي، هڪڙي ڊڄڻي همراھُ ،کڏ تي چڙهي وٺي رڙيون ڪيون ته اتريون پاسو سنڀاليو ،چور اتر طرف بابي جي گهاٽي سرنهن ۾ لڪي ويندا ،چورن جو ٻڌو ته اترئين پاسي لِڪڻ جي جاِء آهي باقي سڄو ملڪ پوٺو لڳو پيو آهي ،ڇونه ان طرف ڀڄون ،سو جڏهن اوڏانهن ويا ته آندائون خبر پئي ته اتي پوٺو ئي پوٺو هيو ،همراھ سوگها ٿي ويا .جڏهن َٻڌي ،اوطاق تي ِ ريگري؟ ان تي ٻڌل ته رڙين ڪرڻ واري ڳوٺ وارن کي چيو ڪيئن ٿا ڀانيو منهنجي ڪا ِ چورن همراه کي چيو هيو ،ٻڌجي اسان به پياسون باقي پڻهين جي گهاٽي سرنهن اسان به ڏٺي. ان زماني ۾ ٻڌل چور سان وڙهڻ کي عيب سمجهيو ويندو هيو ،چوندا هيا ته ادا ڪوبه مڙس ماڻهو ڀاڳيو ٻڌل چور سان ڪونه وڙهندو .جيڪر ڪوئي ڪنهن ٻڌل چور سان وڙهيو ته چوندا وڏو ڪو .ڀاڙيو آهين .پر ڪي ڪي ڀاڳيا انهن ريتن رسمن بجاِء ٻڌل چور جي الک الهي ڇڏيندا هيا .اسان جي تر جو هڪڙو چور جنهن جو نالو خان هيو ،ان کي دلشاد شاخ جي مڱڻهارن سرزمين تي ٻڌو هيو ،اهڙي ته حالت ڪيائونس جو االئي ڪيترا سال پيٽان رت هلندو هيس ،اوالد کي به چوري نه ڪرڻ جون نصيحتون ڪندو وتندو هيو ،پر افسوس جو سندس اوالد انهيَء نصيحت تي عمل نه ڪيو. ڏاڍي مڙس چور کي جيڪر پوليس جهليو ته ٿاڻي ۾ ڀلي ڏينهن گذري وڃن پر ماني نه کائيندو ،چانھ جي ڪوپ ۽ بسڪوٽ تي پيو گذارو ڪندو ،ڀلي ته ُسڪي”ٻڙهو“ ٿي وڃي. پوليس جي مار به اهڙي ڳري هوندي آهي ،جو جهڙي تهڙي جي کڻڻ جي جاِء ڪانهي ،چڱن چڱن جا ٻرڙاٽ نڪريووڃن ،ٿاڻي ۾ ٻڌل چور ماني انهيَء ڪري ڪونه کائن جو متان پوليس جي مار ۾ دست نڪري وڃن .مار به عجيب قسم جي هوندي آهي انساني قد جي ڊيگھ جي حساب سان چار ڪال کوڙيل هوندا آهن ،چور صاحب کي نانگو ڪري انهن ڪلن جي وچ ۾ منهن ڀر ليٽايو ويندو آهي ،سندس هٿ ۽ پير ڇڪي انهن ڪلن ۾ ٻڌا ويندا آهن ،ان بعد چمڙي جي ٺهيل سچ پتري يعني سچوِء سان سندس ٻنڊڻن تي وسڪارو ڪيو ويندو آهي ،چور جي جيڪر ماني کاڌل هوندي ته دست هڻي ٿاڻو ڀري وجهندو ،انهيَء مار جي عمل مان ڪو ڪو چڙهندو آهي. 206
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جيڪو ٻنڊڻ ُ ڪٽائي مار مان چڙهيو اهو وڏو نالي وارو سڏبو ،خلق دعوتون ڪندس ،مار جا قصا کڻي ٻڌائيندو .جيڪو مار ۾ ڪچو ٿيو ۽ اڳيون ،پويون ،ٿيون ،ٿينديون ،ڪيون، نه ڪيون سڀ باسيائين ،راڄ مڙسن جا ٻڌرايائين .ان کي چوندا اهو گوال ٿيو آهي ،اهو گوالپ پيو ڪري وغيرھ وغيرھ .ڪي اهڙي ماڻهوَء کي جوڻت به چون ،يعني ادا فالڻو پوليس وٽ جوڻيون پيو هڻي .ڪو مڙس پوليس جي ڊپ مان هميشھ الِء پوليس جو انفارمر ٿي ويندو ته کيس چوندا پوليس پٽيل .چي ادا فالڻو ڀاڙيو هاڻ پوليس جو پٽيل ٿيو وتي. ان زماني ۾ پوليس جو دٻدٻو ڏسڻ وٽان هوندو هيو ،ڪٿي اوڙي پاڙي ۾ ڪا چوري ُٻڌبي ته چورن جي بدن مان سيئانڊو نڪري ويندو هيو ،ڪن لڪائڻ ۾ پورا هوندا هيا، هوٽلن تي النگون هڻڻ بند ٿي وينديون هين ،پوِء به راڄ َٻڌبا ۽ ُ ڪٽبا هيا .مٽوَء نالي اسان جو هڪڙو ڀورڙو عزيز آهي ،هڪ ڀيري ڪهاڙي کڻيو ٻارهين ميل تي پئي ويو ،ڪنهن چيس ڀائو ٻارهين ميل تي پوليس بيٺي آهي ۽ تنهنجا به چوراڻا مهانڊا آهن ،ڪٿي جهرڙجي نه وڃين .همراھ اتان ئي واپس وريو ،هرڪنهن کي چوندو وتيو ،يار اسين اڄڪلھ هوٽلن تي ڪونه وڃون ،چور ته ناهيون پر چوراڻا مهانڊا اٿئون ان ڪري پوليس ٻڌي وٺندي. ملڪ جي ُمک منصف اڄڪلھ جي پوليس کي ٽين جنس ڪري وڌو آهي .گڏوگڏ مشرف جي نئين پوليس آرڊر موجب آپريشن ۽ انويسٽيگيشن جا شعبا الڳ ٿيڻ سان به چورن جو ڀلو ٿيو آهي ،هاڻي حالت اها آهي ته آپريشن وارو صوبيدار ايف آئي آر ڪاٽي، انويسٽيگيشن ڏانهن موڪليو پاڻ تان بار الهيو ڇڏي .انويسٽيگيشن وارن جي وري ڪهڙي ڳالھ ڪجي ،ايئن ٿو لڳي ڀانِء جوابدار جي ڳوٺ ڪا ”فاتح پڙهڻ“ الِء ويا ۽ ڀيرو ڏيئي موٽي آيا .بس ڪاغذي ڪارروائي ويٺي ويٺي پوري ٿي ڪيس ڪورٽ پهتو يا نيڪال ٿيو نه ڪنهن کي لهر نه لوڏو. اڄڪلھ جي ڪميونيڪيشن جي دور ته چورن الِءويتر وڌيڪ آساني ڪري ڇڏي آهي ،پڪن روڊن ۽ موبائل فونن جو جھڙو چور َڊڊيَء استعمال ڪيو آهي اهڙو ٻئي ڪنهن به نه ڪيو هوندو ،اڳي ڍور ڍڳو ڪاهي ڪوه پنڌ جا هڻي ڪنهن روڊ تي چاڙهبو هيو ،هاڻي هنڌين ماڳين روڊ رستا ٿي پيا آهن ،ڍڳا ويچارا ته سنڌ سونهاريَء مان ويا پر هاڻ چور صاحب، ماڻهن جون مينهون ڪاهي ،ڀاڳئي جي گهر کان ٻاهر نڪري ،موبائل فون تي ڊاٽسن پڪ اپ ُگهرائي ،مينهن ڀٽاري ڊاٽسن ۾ هڻيو وڃن ڇا جا پير ڇا جو ورهڙو؟ هاڻ وري هلون ٿا اصل قصي ڏي ،يعني غربت جي يادن کي تازو ڪرڻ ،سو َغريبت جي ڪ هِ َ ڪ َپ ُل ،هِ َ ڪ هِ ُ ڪ گِهڙي ،هِ ُ ڪ هِ َ ِڏينهن جي هِ َ ڪ ساع َ ِت ،اندر جي ڦرهيَء تي اڄ تائين ِ ِ ِ 207
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُاڪري پئي آهي۽ ِوسرڻ جوڳ ِي ئِي ناهيُ .اهي ڏينهنُ ،انهن ڏينهن جون َمحروميون ۽ َم ُ جبوريون ،سنگدل ُمعاشري جي ظالم ماڻهن جا ُاهي طعنا ۽ ُتنڪاَ ،رکِي َرکِي اندر مان نڪتل ُاهي آهون ۽ شوڪاراُ ،ڏکن ۽ ُب ُکن مان َڀريل ُاهي ُسڏڪا ،اڄ به ڪنهن پراڻي فلم جيان تحت الشعور مان نِڪري ،اکين آڏو ڦِرندا َرهن ٿا .ايئن ٿو ڀانيان ،ڄڻ هينئر ئي، نڌ َس ُ ور ڀوڳي آجو ٿيو ُهجان .ڀانِء َس ُ ڪالڪ اڌ پهريان ُاهو ُس ُ نڌُ ،سورن سان ساڻو هجيم. َ َ نگُ ، نگ َا ُ ڀانِء َا ُ نگجي زهر ۾ ُچور ُچور ُهجي. واٽن تي ويٺل واسينگن جي ڏنگن مان ڏ ِ ڀانئيان ٿو ته اها 81جي َپڇاڙي ُهئي ،واهوندي جا واُء وريا ُهيا ۽ َس َر نِسريا ُهيا ،تڏهن ماسات معصوم جميله کي جنميو هيو .گھر ۾ َا ُ ڻهوند وارا ُشڪرانا ۽ خوشيون ڪيون ِ ڏينهن ۾ ُاوئان ُاوئان ڪري سنڌ ڌرتيَء جي ِسيني تي ُهيون سين .ضيائي ڏاڍ ۽ جبر جي ِ پنهنجي آمد جو اعالن ڪندڙ ،هن ننڍڙيَء جي َڇٺيَء کي اڃان َڇ َھ ڏينهن ئي َمس ُگذريا هوندا جو سندس طبعيت اوچتو هِيڻي ٿيڻ لڳي هئيُ ،انهيَء َاڀاڳي ڏينهن هميشه جيان َگ َ هر جيم .ان َ ماسات جي ماُء واري مامتا ،سوالي انداز ۾ مجبور ۽ ويل ۾ هِڪ ُروپيو به نه ُه ِ ِ ڙپي ،ڪجھ َڦٿڪي ،نيٺ اندر جي لوڇ پوڇ نه روڪي ڀِنل نماڻا نيڻ مون ڏي کڻي ،ڪجھ ت ِ ُ ڙي ،ٻيلي! وارو ڪر!!ُ ،منهنجي نِياڻِي هي ِڊي ِپيلي سگهي ته ڍنڍڪارون ڪري ُرني ۽ َر ِ ڪرُ ، ٿيندي پئي وڃي ٻيلي! وارو َ ڪجھ ڪر!!!“. ياد اٿم ،ان ڏينهن هوائي چمپل جي َسٽڪ َسٽڪ ڪري ،ڳوٺ جي هر ُسکئي ۽ َسرند جي گهر کان ُهن َ در تي ،هِن َ گه َر تائين چار ڏوڪڙ اوڌارا وٺڻ الِء ڊوڙيو ھيسُ ،ان ڏينهن َتھ ُ هيڪوڻ جي ٻِيڻ تي سياري هوندي به منهنجوپگهر نه پئي ُسڪو .نيٺ َوڏيَء جاکوڙ بعد ڪنهن ُسکئي ستابي ،وڏو ٿورو ڪري ،چار پئسا ِڏنا ُهيا .اسان جلدي جلديَء ۾ ٽيڪسي َ ڪري ،ننڍڙيَء کي کڻي ،اسپتال الِء نِڪتا ُهياسين .ان ڏينهن سمي جوڻيجي جي ڦِٽل ڳوٺ واري ڪلراٺي رستي کان ٿيندا ،جڏهن سنڌڙي ميرپورخاص روڊ جي ويجها ٿيا هياسين، ته پري کان ئي روڊ تي ُرڳي خاڪي ئي خاڪي پئي ڏسڻ ۾ آيا .اک جي نهار تائين ماسات بيوسيَء کي َپکڻ به پئي هڪليائون ،مون ۽ سڀوڪجھ سندن جي گهيري ۾ ُهيوَ .پ ِ ِ مان هڪ ٻئي ڏي نهاري ،وري ننڍڙيَء ڏانهن ڏٺو هيو ،۽ االئي ڇو ٻِنهي جي اندر مان ويجهي ٿيندي ئي، هڪ ئي وقت ٿڌو ُشوڪارو نڪتو هيو!.؟ ۽ پوِء گاڏي پڪي روڊ ِ خاڪين جي بندوقن جا نال اسان ڏانهن سڌا ٿي ويا هيا .بندوقن جي گهوڙن تي سندن آڱرين جي سختيَء کي محسوس ٿيندي ڏٺو هيم .۽ جڏهن ڊرائيور ڊپ مان گاڏيَء کي بريڪ هنئي هئي ،ته اسان ٻنهي جا خيال ميرپورخاص جي اسپتال کان اوچتا موٽي سنڌڙي 208
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ايئرپورٽ جي روڊ تي ُپهتا .جتي ڊرائيور روڊ بالڪ ُهجڻ جو حڪمنامو ُٻڌي رهيو هيو، ان ويل ايئن لڳو ڀانِء اوچتي َمٿان ڪا و َڄ اچي َ ڪي ُهجي .بيوسيء ۽ الچاريَء مان ڪڙ ِ ِ هڪ ٻئي ڏي نِهاري َاکين ئي َاکين ۾ هاڻ ڇا ٿيندو جا سوال ڪياسين .پوِء به منهنجي ُروح کي َس َ ٽ آئيُ ،ٽپ ڏئي گاڏيَء مان َل ُٿس۽ َڏڪندڙ َٽ َن ُگن سان خاڪيَء سپاهيَء ڏانهن بندوق جو ُ َو ِڌ ُيس .سپاهي ،جنهن جي جديد ُ نال اڳ ئي مون طرف هيو ،تنهن پنهنجو َه ُٿ وڌيڪ مضبوط ڪندي مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو .تڏهن ُاتان ئي نِماڻي انداز ۾ هٿ َٻڌي َع ُ رض ڪيو ُهيم ،سائين! ُمنهنجي معصوم نياڻيَء جي طبيعت تمام گهڻي خراب ِ آهي ،مهرباني ڪري اسان کي روڊ سان وڃڻ ڏيو. ُ منهنجي سوال تي خاڪي خود ته ُبت َبڻيو بيٺو رهيو ،هن پاران سامهون بيٺل ڦولن واري خاڪيَء ،منهنجي التجا ُٻڌي ،اڳتي وڌي ،زوردار آواز ۾ چيوَ ،ا ُڄ گورنر سنڌ ۽ ڊپٽي مارشل ال ايڊمنسٽريٽر ليفٽينينٽ جنرل جهانداد خان ،سنڌڙي ايئرپورٽ جي افتتاح تي اچي رهيو آهيُ ,ان ڪري هيُءروڊ ٽن ڪالڪن تائين بند رهندو ،توهان بعد ۾ اسپتال وڃجو .سندس جواب ٻڌي منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا هيا .۽ همت ڪري وري به َه َ ٿ ِ َٻ ِڌي عرض ڪيو هيم ،سائين ٽ ِ ِن ڪالڪن ۾ ته منهنجي نياڻِيَء جو االئي ڇا ٿيندو؟ خاڪيَء خفي ٿيندي چيو هيو ،جيڪڏهن َمري به ٿِي ته َڀ ِل َم ِري وڃي ،پر اسين پنهنجي قانون تي مڪمل عمل ڪندي ڪنهن به گاڏيَء کي ٽِن ڪالڪن تائين روڊ تي اچڻ ڪونه ڏينداسين َ هڙيون ته آئون پنڊ پاهڻ ٿيو ۽ هو ُمنهن ڦيري بيهي َرهيو هيو .سندس جواب تي ڪي گ ِ بيٺو رهيسِ .سپاهيَء جي بندوق اسان ڏي تاڻيل ئي رهيُ .ان ويل آئون ،زندھ الش جيان َ نن کي َچ ُئه ماسات چيو هيو، رڙهندو واپس گاڏيَء وٽ آيو ُهيس .تڏهن سادڙيَء ِ ماسات! هِ ِ نه ،ته پاڻ هندستاني ڪونه آهيون ،اوُ ،هو سامهون گهرن ۾ ويٺل شر ٻروچ آهيون ۽پاڻ کي وڃڻ ڏين .مون هڪ ڀيرو وري پوئتي نهاريو هيو بندوق ِسڌي ڪري بيٺل سپاهيَء طرف، ماسات الِء ڪو جواب ُاڪليو هيو ۽ نه فوجيَء سان ڳالهائڻ جي پر منهنجي چپن مان نه ِ هِمت ٿي ُهيم .ها ،سوچيو ضرور هيم ته ،اسان جي ئي اڻ ِسڌي ۽ ِسڌي ٽيڪس مان پگهار کڻندڙ اسان جو مالزم اسان تي ئي بندوق تاڻي بيٺو آهي .مالڪ ۽ مالزم جي تميز اِجها اِها رهي آهي هِ َن ُملڪ ۾؟؟؟ ها وري سوچيو ُهيم ،جنرل جهانداد خان ،گورنر سنڌ جو آهيِ ،سنڌي عوام جي ِڏنل ٽيڪس مان پگهار کڻي ٿو .جاِء بجاِء تقريرن ۾ چوندو وتي ،ته اسين عوام جا نوڪر آهيون .پوِء َ ُ ٿن؟ ڇا عوام جا نوڪر عوام کان ڊڄن ٿا!!؟؟ وري سوچيو َا ُڄ هِيُء روڊ بند ڇوڪيو ا ِ 209
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيم ،هي خاڪي عوام کان ڀال ڇو نه ڊِڄنُ ،مجيرين مان سڀني کان ڏاهي ماڻهوَء ذوالفقار ڪوڙي فتوا ِڏياري ،راولپنڊيَء جي ُ علي ُڀٽي کي ُملي مشتاق هٿان ُ ڪوفي ۾ ڪال ڪوٺ ِڙين اندر ِچيچائيِ ،چيچائي ماري ڇڏيائونُ .منهنجي يار نذيرعباسيَء کي به ته ِچيچائي ُ فرياد ٿيو!!! .هي جي ِچيچائي ،االئي ڪيترا عذاب ڏئي ماري ڇڏيائون .ڪو داد ٿيو نه َلکين ،هزارين ماڻهو ُترمن ۾ واڙي ڇڏيا اٿائون ،سندن ُ نازڪ ،نفيس ،پاڪ ۽ پوتر انگن تي َپل ِيت ڪوڙا َوسائي ،سندن َکلون ُاڊيڙي ڇڏيون اٿائون .هن ملڪ ۾ هاڻي ٻاهر ته ُمون ُ چي آهيُ ،انهيَء کان به َڊ ُ پ اٿن!!؟ انهن سوچن سان گڏوگڏ اکيون ِ جهڙي ڊاڊ ڊوڊِ خلق َب ِ گهڙيَء گهڙيَء ڊرائيور جي واچ ڏانهن کڄي ٿي ويون .پندرهن منٽ ُگذريا ،گاڏيَء ۾ ُمنهن ماسات جو ُکوھ جي تري مان ُٻڏل آواز آيو ،ڪڪي ماسات کان ُپڇيم ڏي خبر!!!؟ َه ِڻي، ِ ِ ماسات!! اهلل تي َر ُ ک ،سڀ خير ٿيندو!! دل نه َپ َل َپ َل پوئتي ٿيندي وڃي .چيوھيومانس ِ اله ِه .وري واچ ۾ اکيون وڌم ،اڌ ڪالڪ ُگذريو ،ڪالڪ ُگذريو ،ياد اٿم ڊرائيور کي چيو هيم ،ڀائو تنهنجي واچ جا ڪانٽا خراب ته نا ِه ِن؟!واچ بيهي ته ڪونه رهي اٿئي؟ جواب ڏنو هيائين ،نه نه اوهان کان پريشانيَء ۾ وقت نٿو گذري!! ۽ پوِء االئي ڪيتر ڀيرا گاڏيَء ۾ ماسات ڪڪيَء جي خبر ماسات هاڻ ُٻڌاِء!!!، ماسات خبر ڏي!!، ُمنهن هڻي چيو هيم، ِ ِ ِ ڏي!!!“. ان ڏينهن جو َپ ُل پل ڪنڊن جي سيج تي پاڻ کي پيرن اگهاڙو بِيٺل ڀانيو ُهيم ،ياد اٿم، ڪين کي آزيون ،نيازيون ڪيون ُهيم۽ ٻانهون َٻ َڌيون هيم ،سائين هڪ ڀيرو وري خا ِ مهرباني ڪريو !!.صاحب مهرباني ڪريو!!ُ .ان ڏينهن انتظار جا ٽي ڪالڪ ،ٽن ڏينهن کان به وڏا ٿي پيا هيا ،اصل بنهي وڏا ٿي ويا هيا .آنڌ مانڌ ۾ ،اڻ تڻ ۾ ،ڳڻتين ۾ اکيون ُپسائڻ ۾ ،پوڻا ٽي ڪالڪ گذاري وياسين ،تڏهن ُڏور ڏکڻ مان سائرن جي آواز تي سرير ساهه پيو هيوُ ، ۾ ُ ُ ماسات! جنرل اچي ڊوڙيس ڄاڻ روڊ ُکليو۽ اسپتال ُپڳاسين .گاڏيَء ڏي ِ ِ ماسات ،سندس منهن پيو ،بس ،اجهو روڊ ُکليو ،ننڍڙيَء جي منهن تان ڪپڙو ال ِھ ،ته ِڏسان. ِ تان ڪپڙو هٽايوُ ،گلن جيان َٻهڪندڙ چهرو هيڊو ِپيلو ُهيس .ٺيڪ ان ويل اوچتو هِچڪي ماسات جي ِريهه آيس ،هڪڙي ،ٻي ،ٽين ۽ بس .ڌڻيَء جي شئي ڌڻيَء ڏي واپس وڃي ُپهتي. ِ ۽منهنجي اوڇنگار يڪ آواز ٿي فضا ۾ گونجيا .ڊيوٽيَء تي بيٺل ،خاڪي الرٽ ٿيا ،متان جنرل صاحب جي جلوس کي ڊسٽرب ڪرڻ الِء رڙين جو ڊرامو ٿا َ ڪ ِن .ان ئي ويل گاڏي ِ ۾ واپس موٽياسين ،روئينديُ ،سڏڪندي ۽ سوچيندي ته ،هيُء قتل آهي ،قاتل تي FIR َ ماري آهي ،هڪڙي فو ِجيَء ڪ ِٽجڻ ُگھرجيُ ،منهنجي گلن جهڙي نياڻِي ،هڪڙي ڊڪٽيٽر ِ ِ 210
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪيئن داخل ٿيندو؟؟؟ ماري آهيَ ،مٿس ڪيس داخل ڪندس!! .وري سوچ آيم ،ڪيس ِ ِ ڪهڙي صوبيدار ۾ ِدل آهي؟؟؟؟ ڪهڙي َج َج ۾ ِدل آهي؟؟؟؟؟ تڏهن هٿ کڻيُ ،اڀ ڏي نهاري چيم ،اي ُخدا منهنجو تنهنجي ڪورٽ ۾ فرياد آهي ،جي تون رحيم ۽ ڪريم آهين ته پڪ سان ُمنصف به هوندين ،اڄ جيڪر هيُء روڊ بند نه ُهجي ها ته ُمنهنجي معصوم ُگلن جهڙي نياڻيَء جي حياتي بچي پوي ها .!!!!.اي ُخدا!! اڄ پنهنجن پاڪ فرشتن کي ُحڪم ڏي ته ُمنهنجو فرياد لِکن ،۽ قيامت جي ڏينهن مون کي هنن ظالمن ،غاصبن۽قاتلن کان حساب َوٺي ڏين .جيڪي ُمنهنجا پگهاردار هوندي به منهنجي نياڻيَء جو قاتل آهن ،اي ُخدا!!!! اي ُخدا!!!!!. ايئن ڏاڍن ُڏکن ۽ سورن سان ظالم وقت جو گاڏو گيڙيِندي ،اچي ڊسمبر 1983جي ڏهين تاريخ تائين پهتو هيسُ .اهو ُجمعي جو ڏينهن هيو .هرڪو معمول جا ڪم ڪار الهي اوطاق جي آڏو بيٺل ٽالهين ۽ سرينهن جي وڻن جي ڇانو هيٺان رکيل َک ُٽن ۽ تئونرين تي ،ٿڪ ڀڃڻ ۽ ڪچهري ڪارڻ ِمڙيو هيو .تڏهن اسان جي گڏيل اوطاق منهنجي موجودھ گهر جي جاِء تي ُهئي .اولهه طرف هڪڙيَء َ ڪچيَء ڪوٺيَء ۾ اسڪول جي اڳيان ٽي عدد ٽالهين جا َو َڻ هيا۽ هڪ تمام وڏو سرينهن جو وڻ پڻ هيوُ .اهي وڻ ئي ُ اصل ۾ اوطاق جو ڪم ِڏيندا ُهيا .انهن جي اولهه طرف رائت مل جي اڳوڻي ڪوٽ ۾منهنجو َ گه ُرهيو .اوطاق، اسڪول ۽ گهر جي ِوچان ُگذرندڙ شاهي رستو ٽنهي کي الڳ ڪري بيٺو هيو .گهر جو ڪوٽ صرف پنج فوٽ جو ُهيو .رستي سان ٽريڪٽر ٽراليون يا ڍڳي گاڏيون گذرنديون ُهيون ته به منهنجي گهر جو پردو نه رهندو ُهيو .مون ۾نه ئي ايتري ِس َ ُ ڪوٽ ڪت ُهئي جو مٿي ڪرائجي ۽ نه ُهئي ايتري طاقت جو ڪنهن کي روڪجي ته هتان هيٺ لهي گذرندو س ڪڏهن ڪا ڍڳي گاڏي ،ڪو ٽريڪٽر يا ڪا ٽرڪ ُگذرندي ُهئي ته اکيون پوري ڪرَ .ب ِ ڇڏيندو ُهيس ڀانِء ڪجهه به نه ڏٺو اٿم .ڪنهن به منهنجي ٻچڙن ڏانهن ڪونهي نِهاريو. ڳالهه پي ڪيم ڏهين ڊسمبر 1982جي ،سو انهي ڏينهن اسان جي مسيت جو پيش امام ُملو بارڪونُ ،م َ ابراهيم ،انهيَء رستيَء تان گذريو پئي .اولهه طرف منهنجي گهر مان ُم َ بارڪون ُٻڌي َ ڪنرايائ ِين ،ته منهنجي گهر ۾ پٽ ڄمڻ جي خبر ِپيس ،ڊوڙي پري کان ئي مبارڪ ڏيندي چيائين اميرا!پهرئين ُپ َ ٽ جون ُم َ بارڪون ُهجنئي ،هاڻ مون کي کير پيار“ُ .ان زماني ۾ رواج ُهيو ته پهرين ُپ َ ٽ جي مبارڪ ک ِڻي ايندڙ کي کير پيارڻ الِء ڀلوڙ مينهن يا ڍڳي ڪليَء تان ڇوڙي ِڏبي ُهئيَ .ڀ ِلي ته مالڪ جي َد َر تي هِڪڙي ُهجي ۽ جي نه ُهجي ته قرض ِ کڻي به مبارڪ آڻيندڙ کي کير ِپياربو هيوُ .ان ڏينهن اسان جي گهر ۾ صرف پنجاهه روپيا 211
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُه َ ج ِن ،سي به ُ صبح َمردان کيسي ۾ ِوجهي نڪتو ُهيس ته خاڪو مينگهواڙ کي شاديَء جو ُپوئو ڏيندسُ .مبارڪ ملندي ئي کيسي ۾ هٿ ِوجهي ،اهو پنجاهه جو نوٽ ُملي ابراهيم جي هٿ تي رکيمُ .ملي پهريائين نوٽ کي ُابتو ُسبتو ڪري ڏٺو ،پوِء مون ڏي ڏسڻ بجاِء، ساڳيو نوٽ هٿ ۾ جهلي ،ڀرسان بيٺل بابا ڏانهن التجائي نظرن سان نهاريائين .بابا جون سواليه نظرون منهنجي نظرن سان مليون .مايوسيَء مان ٻنهي کڻي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، ُملي ابراهيم به اسان جي نظرن جي بيوسي پڙهندي ،نوٽ کڻي کيسي ۾ ِوڌو ،۽ پنهنجي گهر هليو ويو هيو. هاڻي ته ُسڌريل زماني۾ اسان پاڻ کي پڙهيل لکيل سڏائي ،وڏڙن جي ريتن رسمن کي ڄڻ ته ُ َ ڪڍي ،پنهنجي پيرن تي ُ ڪهاڙو هنيو آهي۽ حالتون ائين وڃن ٿيون آ ِهن جو پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي ُگذري .اڳي ائين ڪونه هيو ،ماڻهو مرڻي پرڻي ،هڪ ٻئي جي مالي مدد ڪندا ُهياُ ،پٽ ڄمڻ تي روڪڙيون ُمبارڪون ِڏبيون ُهيون ،وڳا ڪپڙن جا ِڏبا هيا .ڌيَء جي ڄمڻ تي به روڪڙا نه ته به ڪپڙا الزمي ڏبا هيا .ائين گهر گهر مان ڪپڙا ملڻ َ ئو به ساڳيَء رسم سان غريب ماڻهو جي ٻار جو سال ٻن جو ڪپڙو لٽو ٿي ويندو ُهيوُ .پو ِ سان ُجڙيل هيو ۽ اهو به ڪاڄ ڌڻيَء جي مالي مدد جو طريقو هيو .جنهن کي هاڻوڪين رسمن ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي .ائين ئي جيڪرڪٿي ڪو مرڻو ٿيندو ُهيو ،ته سانده ٽي ڏينهن ُانهيَء ماڻهوَء جي َگهر َ ۾ ُچلهه َٻ ُ رڻ نه ڏبي ُهئي .ڪانڌي ،تڏي تي پهچي ُدعا گهري جيڪا رب جي رضا چوڻ سان گڏ پنج روپيا يا ڏهه روپيا في َ گه َر ،ڏکويل جي ڪنهن ويجهي عزيز آڏو رکندا ويندا ُهيا .جنهن کي ڇاڙھ چئبو هيو .ائين مرڻ واري جي پونيرن وٽ ايتري روڪ رقم گڏ ٿي ويندي ُهئي ،جو جيستائين غم مان نِڪرنُ ،ڏک مان نڪرن. ڪنهن روزگار جو بِلو ڪن .ايستائين سندن گذر سفر الِء ،ٻِن چئن مهينن جيتري روڪ رقم وٽن موجود هوندي ُهئي .سو ڳالهه پئي ڪيم ُپٽ جي پيدائش جي ،شام تائين اوڙي پاڙي راڄ برادري مان جنهن به َپٽڪي جو َو ُر ڏنو ُهيو ،سو ڏهه روپيا ويهه روپيا روڪڙيَء ُمبارڪ ساڻ کڻي آيو هيو .سج لهڻ تائين سڄا ساراچار سئورپيا کيسي ۾ َج ُ مع ٿي ُچڪا َ ڪيون ۽ دائ ِين جا خرچ به ُانهن چئن سون مان ٿي ويا هياُ .انهيَء رات ُهجنمُ .ستيون ،ڦ ِ خواب ۾ شهيد نذير عباسي وري ِڏٺو هيم ،چوي پيو ،تون مون الِء ُرنو ُهئين نه ،ڏس آئون تو وٽ ٻئي جنم ۾ آيو آهيان ،هاڻ ته راضي آهين نه؟ َڇٺيَء تي ديڳڙو ڀت جو الهي ننڍڙي جو نانُء به نذير رکيو هيم ،جيتوڻيڪ امان ۽ بابا منع ڪئي ته ُپ ُٽهين نذير عباسيَء جهـڙو نه ٿيو ته نالو َکرندو .پر سندن چوڻ نه َمڃيو هيم .قدرت 212
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏينهن ۾ بابا جو اهوئي ُمرشد پيربقا محمد قريشي جي ڪرڻي اهڙي ٿي هئي جو ٿورن ِ وري آيو هيو .جنهن اڳي منهنجو نالو به عارب مان ڦيرائي امير بخش رکيو هيو .سو مرحوم هڪڙو زنده اولياُء ُهيو .منهنجي پٽ جو نالو ُٻڌي مون کان شهيد نذير عباسيَء بابت ُمڪمل معلومات وٺي ،فيصلي جي انداز ۾ چيائين ته هن ننڍڙي جو نالو نذير بجاِء خادم حسين رکو .پير بقا محمد جي ايتري هشمت هوندي هئي جو ڪنهن کي همت نه ٿي جو پير صاحب کي جواب ڏيون ،اِئين هڪ هفتي ۾ منهنجي پهرئين ُپٽ جو نانٌء نذيرمان ڦري خادم ٿي ويو هيو. اڳئين زماني جا وڏڙا چوندا هيا ،ته ابا انسان کي اعزرائيل جي اچڻ جا ُ پروڻ چاليهه ڏينهن اڳ ئي پئجيو ٿا وڃن .سو بابا کي االئي ڪهڙا ُ پسوڻ پيا جو جنوريَء جي پڇاڙيَء ۾ ڪن انداز ۾ اعالن ڪيائين ،ته خادم جو عقيقو ُڌوم ڌام سان َ فيصلي ُ ڪبو .بابا کي چيم، ڪي ڪينهي ،عقيقو ڪيئن ڪبو؟ وراڻيوهيائين نواب صاحب ابا ،پنهنجي گهر ۾ ته ِ منهنجي پوٽي جي خوشي آهيُ ،ان ۾تنهنجو ڪجهه به ڪو نه وڃي ،اهو منهنجو ڪم آهي. ته ڇا ٿئي ٿو ،ڪيئن ٿئي ٿو ۽ ڪير ڪري ٿو .ائين خادم جو عقيقو ٿيو هيو ،وڏي ڌوم ڌام ٿي هئي ،وڏا راڳ رنگ به ٿيا هيا .قرض تي کنيل سامان جو قرض ،عقيقي جي مبارڪن مان ئي لٿو هيو ،ٻيو ته ٺهيو پر چار َٽڪا بچيا به هيا. َ ڪاڄ َڌڻيَء کي راڄ برادريَء وارا ،ڪاڄ جي ُانهي زماني ۾ هڪڙو رواج هوندو هيو ته ڏينهن ُمنجهائيندا ُهيا ،ڀوڳن ڀوڳن ۾ ته جيئن ُڀل ُچڪ ۾ ڪنڀار کي کنڊ کڻڻ يا کائڻ جو دال جو َڏ ُ س ڏئي ۽ ُاهي ُمڙس َمڇرجي ڪپڙا ڦاڙي بِيهن .چون ٿا ته چوي يا مڱڻهار کي ِ گهڻا ورهيه اڳ هڪڙو ڪنڀار گهڻي کنڊ کائڻ سبب ڦاٽي ُمئو ُهيو ۽ مڱڻهار سان وري دال ساڳي ُجٺ ڪئي ُهئي .اهي ڏينهن اڄ جو ڏينهن ٻئي ذاتيون ٻِنهي ُنقصانڪار نالن کان پون .مڱڻهار دال جو نالو وٺڻ بجاِء چونَ ،م ُڇال داڻا .۽ ڪنڀار کنڊ کي چون مِٺاڻ. ِچڙيو ِ ڪاڄن ۾ جيڪر ڪاڄ ڌڻيَء جي واتان اهو اکر نڪريو وڃي ته ڪنڀار ۽ مڱڻهار ،تن تي پاتل ڪپڙا ڦاڙي چيهون چيهون ڪريو ڇڏين ،پوِء ناز نخري سان ڪاڄ جي ڌڻيَء کان نوان وڳا ڀرايووٺن .سو انهيَء ڏينهن وڌي ڪانهئي مرحوم جي ڦوڪن تي لڳي ،بابا به ُڀل ُچڪ ۾ ُملي ابراهيم ڪنڀار کي کنڊ جو شربت ٺاهڻ جو چيو .بابا جي وات مان کنڊ جو نالو نڪرڻ ۽ ُملي ابراهيم ِجي قميص جو چرڙاٽ ٿيڻ .مڙس نئون وڳو لِيڙون ليڙون ڪري بيهي رهيو هيو ،اوڏي مهل ته گهر ۾ ڪو نئون وڳو هڪيو تڪيو حاضر ڪونه هيو .سو
213
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
في الحال ته کيس بابا جواڌوراڻو وڳو پارائي راضي ڪيوسين .پرٻئي ڏينهن بازار مان نئون وڳو گهرائي ڏيڻو پيو. سو ڳالهه پئي هلي عزرائيل جي پروڻ پوڻ جي ،بابا سائينَء عقيقي بعد ٻن ڏينهن کان پوِء خادم کي ُگهرائي ،پنهنجي هنج ۾سمهاري ڳلن تي کوڙ ساريون ُچميون ڏيئي ،ساڄيَء ٻانهن ۾ بد نظر جي بچاَء الِء ُسٽ سان َوٽيل ڪارو ڌاڳو َٻڌو هيائينُ .انهيَء وقت سندس اکين مان لڙڪن جون ال ُرون لڙندي اسان سڀني ِڏٺيون هيون .پر اها َ ڪ َل ڪنهن کي ئي نه پار پالڻيو آهي .ٻن ٽن ڏينهن ُپڄاڻان هڪڙي ڏينهن اوطاق تي َپئي ته بابا سائينَء پرئين ِ ويٺي ويٺي ِزبان بند ٿيس ،پاسو ُسن ٿيس ،بلڊ پريشر هاِء ٿيس .ڊاڪٽرن جي بقول برين هيمرج ٿيو آهي ،ميرپورخاص ۽ پوِء الل بتي حيدرآباد جو ميڊيڪل وارڊ ،نالي واري ڊاڪٽرعالماڻيَء جو وارڊ .بابا بلڪل بيهوش ،ڪڏهن اکيون کولي هيڏانهن هوڏانهن ِڏسي َ ڏينهن ۽ پندرنهن راتيون بابا جي پيرانديَء کان ِپيل اسٽول تي وري بس .ساندھ پندرنهن ُ دعائون گهرندو ُهيس ،اي ويٺي اوجاڳا ڪندي ،ويٺي ويٺي ننڊون ڪنديِ ،دل ئي ِدل ۾ منهنجا موال ،ائين نه ڪجانِء آئون ُرلي ويندس ،نه ڌڻي نه سائين ،نه اوهي نه واهي ،بابا ئي اٿمُ ،اهو نه َکسجانِء. ته هڪڙو سهارو ِ ُ انڌير هيو .سندس ڊاڪٽر عالماڻيَء جو جيڏو وڏو نانُء هيو ،سندس وارڊ ۾ اوڏوئي وڏو وارڊ جو رجسٽرار هيو ڊاڪٽر شريف ورياماڻي .ايئن لڳندو هيو ته ڄڻ وارڊ نه پر ڪوس جن. گهر ُهجي۽ ِسکيا وٺندڙ ڊاڪٽر ،ڊاڪٽرياڻيون۽ نرسون انساني جسمن تي هٿ ٺاهيندا ُه ِ هر روز ٻه ٽي الش نِڪرندا هيا ،جنهن ڏينهن ڪو الش نه نڪتو ته ايئن ڀانئبو هيو ته ماڻهن تي ڪو رب راضي ٿيو آهي .چڱا ڀال ماڻهو ،پيٽ سور جي دانهن سان پنهنجي پيرن تي َه ِلي اچي اسپتال ۾ داخل ٿيندا هيا ۽ ڏينهن ٻن جي عالج بعد سندن الش ايمبولينسن ۾ کڄي ويندا هيا .جيڏيَء مهل به ڪو الش نڪرندو ڏسان ته دل ۾ ايندڙ اهڙن ُابتن وهمن۽ خيالن کي جھٽڪيو ڇڏيان .۽ سوچيان ،نه نه ُ رب ڪندو منهنجو بابا ٺيڪ ٿيندو .هلندو گهمندو ڦرندو .نيٺ 27فيبروري 1983جي ڏينهن ُملي فجر جي ٻانگ ڏني هئي ته بابي سائينَء اکيون کوليون هيون .مونکي وهاڻي جي ٽيڪ تي ويهارڻ جو اشاروڪيو هيائين. جڏهن کيس ٽيڪ تي ويهاريو هيم ته وارڊ ۾ هلندڙ چانھ واري کي ِڏسي چانھ الِء اشارو ڪيو هيائين .چانهه آئي هئي ته ُانهيَء ۾بسڪيٽ ٻوڙي وات ۾ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين ،ايئن ڪرڻ سان کنگهه جو دوروٿِيس .اصل ڄڻ ُاٽاڻجي پيو هجي .چانھ ڇڏي ڏنائين .ڪجھ گھڙين بعد سامت ۾ اچڻ شرط ،اشارن سان ٻين عزيزن جي ُپڇا ڪيائين. 214
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جيڪي اسپتال جي ٻاهران ڇٻر تي ويٺل هيا ،تن سڀني کي سڏايمُ ،منهنجي ٻانهن وٺي َ َو َر َو َر ڪري هِڪ َه َ ک مان ُلڙڪن جون الرون َهليس، ڪ جي َهٿ ۾ ڏنائين ته ساڄي ا ِ بيوسيَء ۽ الچاريَء مان هيڏانهن هوڏانهن نهاري سمهارڻ جو اشارو ڪيائين يڪدم بلڊپريشر گهٽجڻ شروع ٿيو .انجيڪشنون ،ڊرپون ،ايمرجنسيَء ۾آڪسيجن پر ڪجھ به نه ٿيو ،رات جا ڏهه ٿيا ته ساهه جو پکي پرواز ڪري ويو۽ بي ساهي جسم جي ڳوٺ پهچڻ کان َاڳ ۾ ئي روح جو پکي وڃي اباڻي ديس جي مٿان ُاڏاڻو ،المارا ڏنائين .نه فون نه ڦرڙو ،نه لڪڙتار نه عام تار .پر ڳوٺ ۾ خبر پهچي وئي .سا االئي ڪيئن پهتي ،ٿيو هيئن جو رات جو ٻين وڳي ايمبولينس اوطاق جي َ ڪيهه پڌر ۾پهتي هئي ،۽ اندران ،امان جي ِ ڌايو ته هيَء ُ ٿي هئي ،هاِء اال مان ُلٽجي ِو َيس .سوچيم ،امان کي ڪنهن ُٻ ُ ڪمهلي اوطاق تي آيل گاڏي خي ِري ڪانهي؟ پوِء سوچيم ۽ َسمجھيم به ته بابا سائينَء جي روح جو پکي ُاڏاڻو ُهيوته اڳ ئي ُپهچي ،امان کي پرينَء جي پرديس َپڌارڻ جو اطالع ڏئي ويو هوندو. ُ صبح ٿي اوڇنگارون ،ريهون ۽روڄ ۾ هڪڙي حيرت اها به ٿي هئي ته ايڏي غربت مِسڪينيَء هوندي به بابا جي ُمرده جسم تي پهريل قميص جي کيسي مان ايترائي پئسا معني اها خبر ُهيس ته اعزرائيل ايندو يا سر تي نڪتا جيترا ڪفن دفن الِء ُگهربل ُهيا. ٰ چڙهيو بيٺو آهي ،پڇاڙيَء جو بندوبست ڪري ڇڏيانُ .انهيَء کي قدرت جا ڪرشما چئجن
يا ڪا غيبي قوت چئجي؟ ماڻهوَء کي ڪيئن ٿي خبر پئي؟ اسان ڪامريڊن الِء ته اهو سڀڪجھ دٻي ۾ ٺڪرين برابر آهي .پر ذهن مڃي ٿو ته ڪو نه ڪو اسرار آهي ضرور. پوِء زماني جي ريتن رسمن سارو رسمي َتڏو ٿيو هيو ،وڏيون وڏيون ُدعائون ٿيون هيون. ُ ،کوڙ سارا ختماُ ،درود ٿيا هيا ۽حال ُ خيرخيراتون به ڪيون سين ،ته بابا جي قبر سارو آرامده ٿئي ،ڪيل نه ڪيل ڏوھ گناهه معاف ٿين ،بهشت نصيب ٿئي .هوڏانهن انهن سڀني ريتن رسمن سان گڏ منهنجي اندر ۾ ُاڌما ُهجن ڪوئي م ُ ِٽ ناهي ڪنهن سان ُرئان ،ڪنهن سان َرڙان .نه ڀاُء نه ڀيڻ نه چاچو نه چاچي .سر جي بال سر سانُ .انهيَء زماني ۾ ٿر جي وليَء ۽ درويش مولوي محمد حسن گوگاسر واري جو ُپٽ ،مرحوم محمد يوسف ڪنڀر ،پاڙي ۾ نئون آيل ُهيو ،بابا سان ٻٽيهه ِدليون ُه َ جنس .پاڻ زنده درويش هيو ،بابا جي مرتئي جي ڏينهن ،ويجھي عزيز جيان َپٽڪو الهي ٽوال مٿي تي َٻڌائين ،سارو ڏينهن تڏي تي گذاري، سمهاڻيَء جو گهر وڃي ،ته فجر جو کير جي لوٽ ِي مٿي تي کڻيو منهنجي ُسجاڳ ٿيڻ کان َ مرحوم کي روحانيت تي عبور هيو۽ گڏوگڏ وجدانيت به ايندي ُهيس، اڳ ُپهچيو وڃي. اوچتو اکيون الل ٿي وينديون هيس ،االئي ڇاڇا پيو چوندو ،هڪڙي ڏينهن تڏي تي ويٺي، 215
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َ ويٺي وجدانيت ۾ آيوَ ،ڏڪيو ،اکيون ُ ک ِمالئي؟ ڪنهن کي الل ٿيس ،هاڻ ڪير ساڻس ا ِ همت ئي نه پئي ٿئيَ .هڪل ڪيائين اميربخش َم ُلول نه ٿيُء ،آئون ِڏسان پيو هي ٻنيون ٻارا ،هي ڳوٺ راڄ ،هي واٽر واهيون تنهنجا ٿيندا .هو شهر۽اسٽاپ به تنهنجو ٿيندو .نه ٿيو ته به ُتنهنجي نالي پويان َسڏبو ،تون گهڻو اڳتي ويندينُ ، صبح جي ماني َگه ِر ۾ ته رات جي ماني بادشاهن سان کائيندينُ .انهيَء مهل ،ڪاڪي يوسف ڪنڀار جون ُاهي ڳالهيون مذاق ُ محسوس ڪيون هيمِ ،دل ئي ِدل ۾کِليو به هيس ،ڀانِء ڪنهن ساميَء فقير جي ڍاري وانگر منهنجي ڏکويل ِدل کي ،چاچو محمد يوسف ِريجهائي پيو ۽دالسا ڏئي پيو .گهڻو پوِء جڏهن لفظ ،هڪ هڪ اکر ُمنڊيَء تي ٽ ِ َ ڪ هِ ُ ُانهيَء درويش جو هِ ُ ڪ ُ ڪ ٿي بيٺو هيو ته سوچيو هيم اها ڪهڙي ُق َ وت ُهئي ،جنهن ڪاڪي يوسف جي واتان پنجويهه ورهيه پوِء ٿيندڙ واقعا اڳواٽ ُٻڌارايا هيا ُ ؟ڪجهه ته آهي ،ڪا ته قوت آهي جا مستقبل جا راز درويشن کان کولرائي ماڻهو َء کي سوچڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي ٿي .اسان مادي پرست ،اهڙين قوتن جي وجود انڪاري ،مذاق سمجهي حقيقتن کان منهن موڙي ،اڻ ڏٺل قوتن ،اڻ ڏٺل رازن ،اڻ کان ِ ڏٺل اسرارن جي اڳواٽ خبر ڏيندڙ درويشن تي ٺٺوليون ڪري ،هنبوڇيون ٿا هڻون .پر هنن حقيقتن کي ڏسي يقين ٿو ٿئي ته ،ڪو ته آهي جيڪو هن چرخي ۾ هلندڙ ڦرندڙ انسانن جي دماغ ۾ اندر جا اسرار سموئي ٿو پنجويهه ،پنجاهه سال پوِء ٿيندڙ واقعا اڳواٽ سندن واتان چورائي ٿو .ڪو ته آهي!!! .ڪو ته آهي. سال ،1983حياتيَء جي گذاري آيل باقي ٽيويهن سالن جي ڀيٽ ۾ ،سمورن سالن کان وڌيڪ ُدکدائڪ ۽ تڪليفن سان ٽمٽارهيو ،اڳي ايڏا وڏا بار ِس َر تي ڪونه هوندا ُهيم ،بابا حياتيَء هوندو ُهيو ،ڪنهن ڏکيَء ُسکيَءجي َ ڪ َل ئي ڪانه پوندي ُهيم .بابا جي رحلت بعد ،ماما رمضان کي هٿ َٻڌي چيم ته ڪمداري ڇڏي اچي اسان کي سنڀال .ياد اٿم ته انهيَء عرض جي موٽ ُاٽلو ڏکوئيندڙ مِلي هيم .چئي ،قرض کڻي تنهنجي پيُء جو عالج ڪرايو هيم ُانهيَء قرض ۾ ڪمائيندس .تڏهن روئي ويٺو هيس ،هيڏو سارو عيال ،وسيال محدود، وري ڪندس؟سا به پنج سئو روپيا ڪمائڻ وارا گھٽ کائڻ وارا وڌيڪ ،ڪيئن ُپ ِ پگهارمان!!؟ مجبور ٿي ،اهلل تي توڪل َرکي ،زندگيَء جي اڻانگي ُ ڪن ۾ ڪاهي ِپ ُيس. زندگيَء جي سفر جي هن ڏکوئيندڙ ۽ ٿڪائيندڙ سال ۾ ڏاڍيون تڪليفون ِڏٺيون هيم، لوڪان لِڪي ،پهرن جا پهر ُرنو هيس ،االئي ڪيترا ڀيرا ڌڻيَء جي َد ِر ٻاڏايو هيم ،موال تون م َِهر ڪ ِر .پوِء به حالت اهڙي تنگدستي اهڙي هوندي هئي ،جو جي اٽي جي پوري ڪندو
216
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيس ،ته بيماريَء سيماريَء ۾ سور هوندا هيا .پر بس سور ئي سور هيا ،ٻيو ڪجھ به ڪونه هوندو هيو. تن ڏينهين زندگيَء جو ڪار وهنوار اِجهو هيئن وڃي بيٺوهيو ،جوفجر جو ُاٿي َهر ڪاهڻ، اٺين َوڳي َه َر کولي ،ڏاندن کي گاهه ڏئي ،ڪپڙا َمٽي اسڪول وڃڻ .شام جو ڀاڄيون پوکي ُانهن جي ُگڏ ڪڍڻ ،تيار ڀاڄيون َپٽي َ ڪ َٽ ِن ۾ وجهي ڏيولي مينگهواڙ حوالي ڪرڻ ،ته جيئن فجر جي مارڪيٽ ۾ وڪامن .ائين پگهار کان عالوه هفتي ۾ چار پنج سئو ٻيا به اچڻ لڳا هيا ،جنهن مان گهر جي خرچ کان عالوه خان محمد کي يونيورسٽيَء جي خرچ الِء به ِڏيندو هيس .اڄ خان محمد ،۽ ان جو اوالد َمڃي يا نه َمڃي ،پر سندس پڙهائيَء الِء ماُء ۽پيُء کان وڌيڪ ،پهريائين منهنجي بابا سائينَء محنت ڪئي هئي ۽ پوِء مون ڪئي هئي. ايتري قدر جو سندس ايم ايس سيَء پاس ڪرڻ بعد ٻه سال بي روزگار هجڻ جي زماني ۾ به پنهنجي ماستريَء واري پگهار کڻي پهريائين سندس خرچن جو پورائو ڪندو ُهيس، پوِء گهر جا ٻيا خرچ پورا ڪندو هيس .۽ جي ڪجهه بچندو هيو ته پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندو هيس نه ته ٿيو خير .موصوف او جي ڊي سي ايل جي نوڪريَء ۾ وڃڻ کان اڳ چئن ٻارن جو پيُء ُهيو .سندس ٻارن جو ڪپڙو لٽوُ ،جتي ،خرچي سڀ منهنجي ذمي هوندا ُهيا .سي به پهريائين خان محمد جي ٻارن جي الِء پوِء منهنجن الِء .ٻيو ته ٺهيو پر بعد ۾او جي ڊي سي ايل جي نوڪري ڇڏي ماستري ڪرڻ جي شوق تان مون ئي وڏين مشڪالتن سان کيس الٿو ُهيو .نه ته همراھ ِپڙ ڪڍي بيٺو هيو ته اها نوڪري پري آهي ۽ آئون ڪونه ڪندس .اها ڇڏي ايڇ ايس ٽي ماستري ٿو ڪريان. آمر ضياَء جي خالف ايم آر ڊي َء جي تحريڪ جي زماني ۾اسان جي گھر جي اها حالت ُهئي ،جو ڪڏهن ڪڏهن َگ َ هر ۾ اٽو ڪونه هوندو ُهيو ۽ ويال پئجي ويندا هيا ،اڄ به ِچٽو ياد َاٿم ته ُان تحريڪ دوران ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ يا ريفرنڊم ۾ حڪومت پاران ماسترن جون ڊيوٽيون لڳائي کين اڳواٽ ئي ٽي سو روپيا ڏيڻ جي اعالن تي ڏاڍو خوش ٿيو هيس. ۽ هڪڙيَء ُ صبح جو تعلقي اسڪول ميرپورخاص ۾ ماسترن جي ڊگهي قطار ۾ بيهي ،ٽي ُ ٿيوهيس .ان زماني ۾غربت، سئو روپيا وصول ڪري ،اٽي جي ٻوري گه ِر آڻي ڏاڍو خوش پريشانين ۽ ُڏکن اهڙو ته وڪوڙيو هيو جو ايم آر ڊي تحريڪ دوران ان تحريڪ ۾ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري سگهيس .سڀئي ڪامريڊ به ِوسري ويا ُهيا .تن ڏينهين منهنجو ساٿ ڏيڻ واري صرف هالل پاڪستان اخبار ُهئي ،۽ شهر جي الئبريرين مان آندل سنڌي ادب جا ڪتاب ُهيا ،جن جي ذريعي ُانهي سال ايم اي سنڌيَء ۾ پاس َ ڪئي هيم. 217
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تنهن زماني ۾ ميرپورخاص ۾سيٺ نسيم ُعمرچنيوٽيَء جو ماڊل ڪارخانو ،جنهن جو اصل نالو خدابخش انڊسٽريز هيو ،اهو ڪارخانو هن سڄي َت َر جي ُڦٽين جي خريداري ڪندو ُهيو .وڏا وڏا وڏيرا ،توڙي ننڍيرا آبادگار ۽ واپاري ،ذاتي ضمانتون ڏيئي ،توڙي هڪ ٻئي جون ضمانتون ڏيئي ،ٻنيَء جي خرچ الَء اڳواٽ ڪاٻاڙو ڪري ،ڪارخاني مان رقمون وٺندا ُهيا .انهن کي ڏسي ِدل ۾ خيال آيم ته آئون به اِئين ئي ڪريان ،سو هڪڙي ڏينهن دل َجهلي ڪارخاني ۾ ويس .سيٺ کي وڃي عرض ڪيم ،منهنجي ذاتي ضمانت االئي ڪنهن ڏني هئي يا نه سو ياد ڪونه اٿم .نسيم عمر پندرهن سئو روپيا منظور ڪري ڏنا هيا ،ان زماني ۾ پندرهن سئو روپيا وڏي ڳالھ هئيُ .ان زماني ۾ عام جام نڪي اسٽاپ هيا ته وري ايترا ڪانٽا به ڪونه هوندا ُهياُ .اڙيا ُٿڙيا چونڊڪي جا واڻيا ڪانٽا لڳائيندا هيا. ٿاڻي بوال خان جا واڻيا جن کي جابلو واڻيا چئون ٿا ،سي اڃان ملڪ ۾ ڪونه پکڙيا هيا. اسان وارو شهر ٻارهون ميل ئي ڪونه ُهيو .واڻيا واپاري هوندا هيا ،جيڪي ُڦٽين جي اگهه ۾ ،توڙي تور ۾ وڏيون هيرا ڦيريون ڪندي خلق کي ُمڏي ڪاتيَء سان ديناداستي پيا ُ ڪهندا ُهيا .واڻيا اڪثر ڪري ڪاٺيَء جي ڪاني سان ڦٽيون توريندا هياُ ،انهيَء تور الِء وٽن هڪ ٻه مالزم رکيل هوندا هئا جن کي َڌڙوائِي سڏبو هيو ،اهي ڌڙوائي ،ٺڙ ٺپ اڻپڙهيل هوندي به ،پنهنجي ڪم ۾ بال جا ڪاريگر هوندا هيا .تور جي ڪاني تي ٻانهن اهڙي طريقي سان ورائي رکندا هيا جو ڦٽيون وڪڻڻ واري کي خبر ئي ڪونه پوندي هئي، ۽ هرهڪ اڌ مڻ جي ڌڙي جي پويان سير ،ٻه سير آرام سان تڳائي ويندا هيا ،گڏوگڏ مالڪ جي چر پر تي به اک رکيو اينداهيا ،گھڙي پلڪ الِء مالڪ جو ڌيان هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو هيو ته واڪ ۾ پوئتي هٽي ويندا هيا ،يعني ايڪانوي ،ٻيانوي ،ٽيانوي اڳ ۾ ُپڪاريل هوندو هيو ته به وري ٽيانوي چوندا ،اهڙيَء طرح هر برڪيَء تي ڪوشش ڪري هڪڙي ڌڙي جو فرق وجھي ،اڌ مڻ ُڦٽيون الڳ سان تڳائي کڻي ويندا هيا .اهي ڌڙوائي سيٺين جا کاٽو ُپ َ ٽ هوندا هئا .جيستائين ڌڙوائي دڪان تي نه هوندو هيو ،ڪنهن مرڻي پرڻي تي ِويل هوندو هيو .تيستائين سيٺيون سودي ڪيل ڦٽين جي تور قطعي ڪونه ڪندا هيا .ڀلي اگھ ڪرندو وڃي ته به پرواھ ڪونه هوندي هين. ُانهيَء سال پنهنجو َعقِل ڊوڙائي ،مير صاحب جي سورهن االٽي هارين کي چيو هيم ته توهان ُڦٽيون واڻين کي ڏيڻ بجاِء ،سيٺ نسيم جي ماڊل ڪارخاني ۾ ،منهنجي اڪائونٽ ُ ۾ موڪلي ڏيو .۽ ٻئي ڏينهن مون سان َگڏ هلي ،ڪارخاني جي انهيَء ڏينهن جي اگهه سان روڪ رقم وٺو .منهنجي صالح َڀ ِلي به هئي ۽ مڙني جي فائدي جي به ُهئي ،انهيَء ڪري 218
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مڙني هارين خوشيَء سان ها ڪري ،پنهنجون ڦٽيون واڻين کي اڌ ملھ ۾ ڏيڻ بجاِء، ڪارخاني ۾ ،منهنجي کاتي ۾ موڪلڻ شروع ڪيون هيون .ان زماني ڪاخانن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽرائزڊ ڪانٽا ڪونه هوندا هيا .ڪارخانن ۾ ٽن مڻن جون برڪيون، ٽياس واري عام ڪانٽي تي چاڙهي توربيون هيون .مونکي هڪڙي ڏاهي ماڻهوَء ُگ ُر سيکاريو هيو ته مزدورن سان ڏي ُ وٺ تي ڳالهاِء ته تنهنجي ڦٽين جي تور وڌندي .پوِء ايئن ئي ڪندي ڪارخاني جي دروازي تي ٺهيل ٻاکڙا هوٽل ۾ ويهي ،مزدورن جي جمعدار کي چانھ جو ڪوپ پياري ،سئو سئو جا ٻه ڳاڙها نوٽ سندس کيسي ۾ وجهندو هيس .ته اهي منهنجي هرهڪ ٽرڪ تي ستَ ،اٺ مڻ ڦٽيون وڌائي ڇڏيندا هيا .ائين به نه هو ته مزدور، هروڀروڪارخاني جي مالڪ کي کوٽ ڏيندا هيا .پر وڏن ۽ غير حاضر زميندارن جي تور ۾ کوٽ ڏيکاري ،کين خرچي ڏيڻ وارن جي تور وڌائي بيلنس برابر ڪري ڇڏيندا هئا .سو انهيَء سال االٽين جون ڦٽيون منهنجي کاتي ۾ ويون ،کين اگهه ۽ رقمون به صحيح مليون ۽ ڦٽين جي وا ِڌي ،جيڪا منهنجي حصي ۾ آئي هئي ،سابه ٿي هئي سڄا سارا ٻاونجاھ مڻ. جهڙوڪر هارپي جيتري ونڊي اچي وئي هئي .انهن پئسن مان ،پهرئين سال مِڙني گهرڀاتين الِء ُسٺا ڪپڙا ورتا هيم .گھر الِءاسٽيل جا ُسٺا َ ٿانو ورتم .هڪڙو چينيَء جو ڊنر سيٽ ورتم ته واھ واھ ٿي وئي .اڳي اسان جي گهر ۾ رڳو ڪوپر جون پليٽون ۽ ڪنجهي جا َوٽا هوندا ُهيا ،سي به وڏڙيون پنهنجن پورهين مان گهور تي کڻي ايندڙ ٺاٺارن کان وٺنديون ُهيون. گهڻو ڪري کاڌي پيتي الِء ڪنڀارن جا ٺاهيل تباک جن کي پاٽوڙا به چوندا هياسون سي هوندا هيا ،ٺڪر جون َجمنيون هونديون هيون ،جيڪي وٽي جو ڪم به ڏينديون هيون ،ته رٻ به ٺاري انهن ۾ پيئبي هئي .هنڌ ٽپڙ جو ته سڀ خير هوندو هيو ،وڏڙيون ويچاريون، پراڻن ڪپڙن جا گمبور گڏ ڪري ،کار جي ُ ڪنن ۾ ڪاڙهي ،ڌوئي ،انهن کي رنگي اڀريون سڀريون رليون ٺاهينديون هيون .سوڙيون ،پٿراڻيون ،فراسيون ۽ کٽن جا ٽوال رڳو ڪنهن ڀت پوت ۾ يا ڪنهن وڏي ماڻهوَء جي گھر وڃي ڏسندا هياسون نه ته ٻيو ٿيو خير. انهن ڏينهن ۾ هڪڙو مست ،الست ۽ درويش ،وڏيون ٻانهون هڻندو ،ڊگھيون ٻرانگھون ڀريندو ڳوٺ ۾ ُ گهمندو وتندو ُهيو .ماڻهو اڪثر ڪري سڏيندا ُهيس پهالج .هو پيرين اگهاڙي ،ميرڙي قميص پايو ۽ گوڏ ٻڌيو ،ململ جو پراڻو ۽ هنڌان هنڌان ڦاٽل پٽڪو مٿي تي ٻڌيو ،وات مان گِ َ صبح ُ گ ڳاڙيندو هلندو وتندو ُهيوُ .ان سال ئي ُهن ُ صبح جو منهنجي اسڪول ۾ ڀيرو ڪرڻ شروع ڪيو .ماٺڙي ڪري اسڪول ۾ ايندو ،ڪجهه گهڙيون ٻارن سان گڏ بينچ تي ويهي رهندو هيو .اهي گهڙيون مون ڏانهن ۽ ٻارن ڏانهن حيرت سان 219
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏسندو رهندو .پوِء اوچتو ُاٿندو ۽ ُلوھ پائي مون کي ڪن کان وٺيُ ،رول هٿ ۾ کڻيُ ،پٺن تي وسائڻ شروع ٿي ويندو هيو ،ايستائين ماريندورهندو هيو ،جيستائين آئون اهو نه چوان ته ،تون منهنجو ُگرو آهين ۽ آئون تنهنجوچيلو آهيان .منهنجو ايئن چوڻ ۽ ُهن جو رول ٽيبل تي رکي تکو تکو اسڪول مان ٻاهر هليو وڃڻ .جيترا ڏينهن ڳوٺ ۾ هوندو هيو اهو ئي معمول هوندو هيس .اڄ تائين به اهو ئي معمول اٿس .آئون اهو سمجهان ٿو اها مار نه پر هن جي ُدعا آهي ،جنهن شروع کان وٺي اڄ تائين پنهنجا رنگ به ڏيکاريا آهن. گهڻو پوِء جڏهن بينڪ مينيجر جي حيثيت ۾ مختلف شهرن ۾ هوندو ُهيس ته ڳولي اچي لهندو هيو .گوڏ جي ڳنڍ مان ڏهه روپيه کولي منهنجي پٽيوالي يا گارڊ کي ڏئي چوندو ،وڃ اميري الِء هوٽل تان ماني وٺي اچ .ڪڏهن ڪڏهن روڊ سان ويندي ڪار جي آڏو اچي ويندو. بيهندس ته دروازو کولي ڪالر مان وٺي ڪار مان الهي ،وچ روڊ تي ٻه چار چنبا هڻي معني آهي انهيَء رمز ۾ .خلقون چوندو ،هاڻ ڀلي وڃ .االئي ڪهڙو اسرار آهي ڪهڙي ٰ کلنديون آهن ،ته اڙي هو ڏسو ،هن عزتدار ماڻهوَء کي هي چريو سرعام ڪيئن پيو ماري. پر منهنجو هرڪنهن کي جهليل هوندو آهي ته ُهن درويش ۽ منهنجي معاملن جي وچ ۾ ڪوبه نه اچي. جيئن ئي 1983۾ ايم اي پاس ڪئي هيم ،تيئن فيصلو ڪيو هيم ته هر مهيني جي پگھار مان پنجاھ روپيا ،رڳو ڪا وڏي نوڪري ڳولڻ تي خرچ ڪندس ،۽ ٽپال جي ذريعي هيڏانهن هوڏانهن درخواستون موڪليندس .ايئن درخواستن موڪلڻ جو ڌنڌو الڳيتو ڪندو پئي آيس پر ڪٿان به جواب ڪونه ٿي آيو .نيٺ 1984جي آخر ۾ هالل پاڪستان ۾ پي ٽي وي جي نيوز پروڊيوسر جو اشتهار ڏسي درخواست موڪلي هيمُ .اتان انٽرويوَء جي الِء جوابي خط آيو هيو .ته ڪراچيَء ۾ اچي انٽرويو ڏيان .ڪراچي ِڏٺل ئي ڪانه ُهجيم .مرحيات الهبچائي کي عرض ڪيم ،جنهن هلي ڪراچي ڏيکاري .مهيني کن بعد لکت جي امتحان جو نتيجو آيو ته پاس هيس .وري زباني امتحان الِء گهرايائون .وري به مرحوم الهبچايو گڏ هليو هيو .ٻين کوڙ سارن ڪامورن سان گڏ عبدالڪريم بلوچ به انٽرويو وٺندڙن ۾ شامل ُهيو .ايم ڊيَء مون کان پهريون سوال ڪيو هيو ته اوهان کي پي ٽي ويَء جا ڪهڙا نيوز ڪاسٽر پسند آهن؟ اهڙي سوال جي جواب تي ُمسڪرائي ،ٿڌو ساهه ڀري وراڻيو هيم ،قبال منهنجي ڳوٺ ۾ بجلي ناهي ۽ ُان ڪري مون نه ڪڏهن ٽي وي ڏٺي آهي ۽ نه ئي وري ٽي ويَء جون خبرون ُٻڌيون اٿم ته نيوز ڪاسٽر ڪيئن پسند ڪندس؟ ،باقيَء ريڊئي جا نيوز ڪاسٽر چئو ته ُٻڌايان. 220
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
منهنجي غير متوقع جواب تي ايم ڊي صاحب حيران ٿي ،مرحوم عبدالڪريم بلوچ کان ُپڇيو هيو ،ته ڇا هيُء سچ ٿو چوي؟ بلوچ صاحب جهڙي بي ڊپي ۽ بهادر انسان ٺھ پھ وراڻيو هيس ته ،سائين مون کي اها پڪ آهي ته منهنجي صوبي سنڌ جي اسي سيڪڙو ڳوٺن۾ بجلي ناهي ،ٿي سگهي ٿو ته هِن جو ڳوٺ به ُانهن مان هڪ ُهجي. ملڪ جي اهم نشرياتي اداري جي سربراهه جي معلومات جو حال ِڏسي ِدل ئي ِدل ۾ ُمسڪرايم پئي ،انٽرويو تمام ڊگهو هليو هيو ،جڏهن ختم ٿيو ته انتظار جو ڪرڻ جوچيائون .ان زماني سنڌين الَء پي ٽي وي سميت سڀني وفاقي ادارن جا دوازا بند ُهيا. احساس خدا َڀلو ڪري ايم آر ڊيَء جي شهيدن جو .جن جي قربانين جي ِسلي ۾، ِ محروميَءکي ختم ڪرڻ الِء ،وفاقي کاتن ۾ َ ڪڻي ۾ ڪاسو سنڌين کي آڻڻ شروع ڪيو هيائون .سو انهيَء ئي سلسلي ۾ 1985جي اوائل ۾ منهنجو به آرڊر به پي ٽي وي سينٽر اسالم آباد تي نيوز پروڊيوسر الِء اچي ويو هيو. آرڊر ملڻ وقت خوشيَء ۾ ماپان ئي نه پيو .گڏوگڏ ڳڻتي به هجيم ڇو جو اسالم آباد جي الِء ڀاڙو نه ُهجيم ،ڀاڙي الِء ڪجھ ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ڦتڪيس ،پر ڪٿان به اليو سجايو ڪونه پئي ٿيو ،نيٺ ان زماني جي ُسکئي بينجهي مينگهواڙ 1500 ،روپيه ٻيڻ جي وياج تي ڏنا هيا .بينجهو مينگهواڙ اڄ به حياتيَء آهي ،غربت سندس در تي ديرو ڄمايو آهي .هاڻ به گڏھ گاڏي تي ڳوٺن ۾ ڀاڄيون وڪڻندو وتندو آهي .سو تن ڏينهين وڏيَء اوج تي هيو .اڻ ميو پئسو هوندو هيس .اسان پارو ڪوبه اڙيال در تي ويندو هيو ته ڪالڪ اڌ ته سڏ ئي ڪونه ورنائيندو هيو .۽ پوِء به ايندي ايندي ،چوندو ايندو هيو هيو ،ته ڀيڻسان ُسڃين مان اڙجي ويو آهيان .صبح ساڻ اچي در جهليو اٿن .ايئن آڻا ماڻا ڪري چيچائي چيچائي پوِء چار پئسا وياج تي ڏيندو هيو .ڀانين ٿو ته هينئر خدا انهيَء تڪبر جو نتيجو ڏنو اٿس .آئون ڳوٺ ايندي ويندي گڏه گاڏي تي ايندڙ بينجهي مينگهواڙ جي حالت ڏسي ُپٽن کي چوندو آهيان ته يار ڪڏهن به زندگيَء ۾ تڪبر ۽ غرور نه ڪجو .هن همراه جا حال مون ڏٺا هيا ته امير هيو اڄ مٿس رحم ٿو اچي. سو قصو پئي هليو اسالم آباد وڃڻ جو ،حيدرآباد مان ستياسي روپين جي الهور جي ٽڪيٽ وٺي عوامي ايڪسپريس ۾ زندگيَء جي پهرئين ۽ ڊگهي سفر تي پهريون ڀيرو اڪيلو روانو ٿيوهيس ،نه رستن جو واقف نه شهرن جو ،نه گهٽن جو نه گهيڙن جو .تن ڏينهين الهور جا لليچا ۽ ٺڳ مشهور هوندا هيا .سو الهور جي لليچن ۽ جي ڊپ مان پنج سئو شلوار جي ساڄي پاسي جي ُابداڻي ۾۽ پنج سئو کاٻي پاسي جي ُابداڻي ۾ ،ٻه سئو 221
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٿيلهي ۾ ۽ باقي ٻه سئو اڳئين کيسي ۾ رکيا هيم ،ريل هلي ،سنڌ ُٽپي ،پنجاب آيو .رحيم يار خان ،بهاولپور ،لوڌران ،ملتان ،رات ُکٽي وئي پر الهور نه اچڻو هيو سو نه آيو .هوڏانهن پئسن نڪري َوڃڻ جي ڊپ ۾ سڄي رات ننڊ به نه آيمُ . صبح جا نو ٿيا ته گاڏي الهور پهتي. ُ الهور جي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس ته هڪڙي رڪشا واري جو َسڏ ڪري پنجابڪيَء چيو هيو ،سائين ڪٿي جاڻان؟ وري ڏاڍو ڊپ ٿيم ،مار پويس ،هِن ڪيئن ُسڃاتو ته سنڌي آهيان؟! .ڊپ مان انهيَء رڪشا ۾ ئي ڪونه چڙهيس .هڪڙو پوڙهو ۽ ڏاڙهيَء وارو رڪشا وارو ڏسي ان سان چڙهيس ،راوي روڊ جي ڇيڙي تي شاهدرھ ويجهو محمدي مسجد سان لڳولڳ ڪرشنا مندر ۾ جيرام رهندو هيو .ڳوال ڪندو وڃي مندر ُپهتس .جتي ڪامريڊ جيرام مليو .جيرام کي ڪجهه ورهيه پهريائين ئي انفارميشن کاتي ۾ نوڪري ملي وئي ُهئي .انهيَء سان گڏجي الهور ُ گهميس ،ڏاڍو خوش خوش هيس ،هڪڙي رات رهي ،ٿڪ ڀڃيُ ، صبح جو سوچيم ته اڃان اسالم آباد پنجن ڪالڪن جي پنڌ تي آهي ،مار پويس هيڏو پري ڪير ٿو نوڪري ڪري .ڌوڙ وڃي پائي اهڙي نوڪري،؟ بي عقالئي ڪندي الهور جي اسٽيشن تان بجاِء اڳتي جي ٺوڪي حيدرآباد جي ٽڪيٽ وٺي واپس هليو آيس. ڳوٺ پهچي وري اچي پنهنجو پاڻ تي ڦٽ لعنت ڪرڻ لڳس .ته اهڙي ڀلي نوڪري بنان ڪنهن ٿوري جي ملي هئي ،سا به ڇڏي ٿو ڏيان ۽ پوِء به پنهنجي قسمت تي ميارون ٿو ڏيان .وري چوٿين ڏينهن پالڻيم الهور ڏانهن ،الهور پهچي جيرام ڏي وڃڻ بجاِء ،جي ٽي روڊ وسيلي ڪوچ ۾ راولپنڊيَء الِء روانو ٿيس .جيرام ُٻڌايو ُهيو ته ڪاٺڙيَء جو اسماعيل جروار راولپنڊيَء جي ٽينچ ڀاٽا جي عالئقي ۾ رهي ٿو .گهر جي ائڊريس کان هوبه ال علم ُهيو .پنڊي پهچي سوزوڪيَء ۾ ٽينچ ڀاٽا جي عالئقي ۾ پهتس .ٽينچ ڀاٽا ،وسيع عالئقو هيو ،ميرپورخاص جي سيٽالئيٽ ٽائون جهڙو ۽ جيڏو .ٿيلهو َه َ ٿ ۾ کڻي َهر گهٽي مان ايندڙ ويندڙ کان ُپڇا ڪندو هلندو رهيس ته ڀائي ،هتي ڪو سنڌي رهي ٿو؟ االئي ڇو انهيَء ڏينهن نا ُاميدي ۽ نراسائي بلڪل ڪونه پئي ٿي ،هونئن به ڳوٺان ئي هن ڀيري پڪو وعدو ڪري نڪتو هيس ،ته همت ناهي هارڻي .ها ها ،ڳوليان پيو ٿو ،اڃان ته ِسج به هاڻ لٿو آهي. َهل هالنُ ،پڇ ُپڇان ،هڪڙي گهٽي ،ٻي ،ٽي ،چوٿين۽ پنجين ،اوچتو ساهه پئجي ٿو وڃيم. سامهون ديوار تي ڳاڙهن اکرن ۾ سنڌ هائوس ِڏسان ٿو .همت موٽي ٿي اچيم ،سوچيان ٿو جيڪو به ُهجي سنڌي ته هوندو ،من وڌيڪ کڻي نه تڏهن به اڄوڪي رات ئي رهائي وجهي. اکيون پوري وڃي گهنٽي وڄايم .هڪڙو بدن ۾ ڀريل ماڻهو دروازي تي آيوُ .پڇيو مانس ته توهان سنڌي آهيو؟ جواب ڏنائين ،ها ،ها پر پهريائين اندر ته اچو سائين!! .۽ پوِء رسمي 222
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
عليڪ سليڪ ۽ حال احوال ٻڌڻ بعد چيائين ،ادا اهو اسماعيل جروار هتي ئي رهندو آهي، هيُء اسماعيل جو ڪمرو ئي آهي ،جنهن ۾ اوهان ويٺا آهيو ،هو هڪ مهيني جي موڪل تي ڳوٺ ويو آهي ،توهان ڀلي هِتي رهو ،پريشان نه ٿيو .تڏهن وڃي ساهه پيٽ ۾پيو۽ دلجاِء به ٿي ته صحيح جاِء تي پهتو آهيان .اهو نجم ڏيپر هيو ،ملٽري اڪائنٽس ۾ آڊيٽر .اهو ئي صبح جو مون کي پي ٽي وي جي هيڊڪوارٽر تي پهچائي ،واپسيَء جا رستا ۽ گهٽ گهيڙ سمجهائي ،پوِء ئي هو پنهجي ڊيوٽيَء تي ويو هيو. پي ٽي ويَء جو راولپنڊي اسالم آباد سينٽر ،تڏهن اڃان چڪ الال ۾ هيو ،صبح جو ُاتي جوائنگ الِء ويس ته ٽي سنڌي پروڊيوسر مليا هيا .پير محمد پروانوعرف ڪيالش ،نثار بلوچ ،ايوب پٺاڻ ،واه واه ٿي وئي ،پنهنجا جو ڏٺم ته همت ويتر وڌي وئي .ڊاڪٽر ڏي فٽنيس الِء موڪليائون .اتي وڏي ُجٺ ٿي .ڊاڪٽر اردوَء ۾ چيو ته توهان پنهنجو ازاربند کوليو .مون کي خبر ئي نه هجي ته هي همراه ڪو اڳٺ کي ازار بند پيو چوي .پوِء جڏهن سمجهيم ته اڳٺ کولڻ جو ٿو چويم .ته به ِپ ُڙ ڪڍي بيهي رهيو هيس ته نوڪري ملي ته ملي نه کڻي ملي .ڊاڪٽر جي آڏو ڪو اڳٺ کوليندس ڇا.؟ ڊاڪتر ڪافي سياڻو هيو تنهن نيٺ ريهي ريبي الف اگھاڙو ڪري چيڪ اپ ڪيو هيو .پوِء به ڪي ڏينهن ڊاڪٽر جي اوگھڙ ڏسڻ تي ڦڪو پيو ٿيندو هيس. ُان زماني ۾ عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي ديوارين جي پنجاب جي گهر گهر ۽ گهٽيَء گهٽيَء ۾ ڌوم ُهجي .ڊرامي جي ٽائيم تي راولپنڊيَء جي شهر جا روڊ رستا ويران ٿي ويندا ُهيا .اسان ٽيئي سنڌي پروڊيوسر يا سينٽر تي ئي يا وري پاڙي جي ڪنهن هوٽل تي گڏ جي ويهي ،اهو ڊرامو ڏسندا ُهياسين ،جنهن ۾ پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حالتن ۽ اک ڀِ َنل رهڻي ڪرڻيَء جي اهڙي ته واضح عڪاسي ٿيل هوندي هئي ،جو هر ڪنهن جي ِ هوندي ُهئي .پنجاب جي ُسکئي صوبي جا ماڻهو سنڌين جي اها حالت ڏسي اهو قطعي ڪونه َمڃيندا هيا ته اها به ڪا حقيقت آهي .پوِء جون بي بي سيَء جون مشهور انائونسرياڻيون ثريا شهاب ۽ ماه پاره صفدر ،تڏهن اڃان پي ٽي ويَء تي ُهيون ،ساڻن ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون .آمر جنرل ضياَء جو ُپٽيلواظهر لوڌي ،جيڪو پوِء ضياَء جون َسڙيل هڏيون ُپورڻ وقت ٽي ويَء جي الئيو ڪوريج دوران ڍاڍيون ڪري ُرنو ُهيو. ٽ پوندي ُهئيَ ، سو به اتي هوندو هيوُ ،انهيَء جي اسان سنڌين سان بنهي َ ڪٽر پنجابي گه ِ پرست ُهيو ،کيس هڪ ئي وقت نيوز ۽ ڪرنٽ افيئر جي شعبي ۾ چار سنڌي پروڊيوسر ِڏٺا ڪونه وڻندا ُهياُ .ان زماني ۾ اڳوڻي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي زال صبا پرويز جي 223
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
نالي سان ڪوئٽا سينٽر تان خبرون پڙهندي ُهئيُ .انهيَء وقت اسان مان ڪنهن کي به اها َ ڪ َل نه ُهئي ته اڳتي هلي هيَء مائي صاحبه زوريَء هن ملڪ جي خاتون اول ٿيندي .تن ڏينهين پهريون ڀيرو پير محمد پرواني عرف ڪيالش سان گڏ خبرنامو پيش ڪندي، منهنجون اکيون ڀرجي آيون هيون .نيوز ڪاسٽر ،سدره ظهير سميت سموري معاون عملي خبرنامي جي آخر ۾ نيڻ ڀرجڻ جو سبب ُپڇيو هيو پر کين ڪجهه به نه ُٻڌايو هيم .پير محمد پاسي ۾ ويٺو ُهيو .تنهن جڏهن سنڌيَء ۾ پڇيو هيو ته ُٻڌايو مانس ،ته يار اسان مسڪين ماڻهو ،هر هاريَء جا ُپٽ ،ڪڏهن تصور به نه ڪونه ڪيو ُهيو سين ته ڪنهن اهم جاِء تي ويهي ڪو اهڙو َعمل به ڪري سگهون ٿا جنهن کي ڏسڻ الِء سڄو ُملڪ انتظار ڪريُ ،ان ڪري خوشيَء جا ُلڙڪ لڙي پيا آهن ٻيو ڪجهه به ناهي .تن ڏينهين ڊپٽي ڪنٽرولر نيوز خالده مظهر هوندي هئي ،جيڪا منهنجي ُاٿڻ ويهڻ ،هلڻ ڳالهائڻ تي ڏيڍين اکين سان ڌيان پئي ڏيندي ُهئي .آئون به کيس ڏيڍين اکين سان ِڏسي وٺندو ُهيس ،پر سمجهڻ کان قاصر ُهيس ته آيا هوَء منهنجي ڪارڪردگيَء تي نظر رکي پئي يا منهنجي ڄٽڪن ڪپڙن ۽ سينڊل تي غور ڪري ٿي .يا بنهي ڪنهن ٻئي خيال کي ِدل ۾ سانڍي ويٺي آهي .نه ُهن کي همت ٿي چوڻ جي ،نه مون کي همت ٿي ُپڇڻ جي ،تنهن زماني ۾ هڪڙي چڪواليَء چوڌريَء ُمڇن کي زيتون جو تيل پياري پياري اهڙو ته ڏاڍو ڪري ڇڏيو هيو ،جو جهڙو َسرن جو رسو هجي .مار پويس تنهن ٺوڪي ننڍڙي ڪيري وين ُمڇن سان وين ِڇڪي هئي .تنهن جي ڪوئي فلم ڀري آيو هيو ،سا خبر مون کي انگريزيَء ۾ ترجمو ڪري رات جو ستين بجين وارين انگريزي خبرن ۾ هالئڻي هئي ،جڪي تنهن زماني ۾ شائسته زيد پڙهندي هئي .مون سان جٺ اها هئي ته منهنجي انگريزي تن ڏينهين دٻي ۾ ٺِڪرين برابر هئي .بس ايئن چئجي ته ڦوڪن تي گذارو ڪري ويندو هيس .سو انهيَء ڏينهن اچي ڦاٿس ته ُمڇن کي انگريزيَء ۾ ڇا چئبو آهي .سوچي سوچي ٿڪس ،ته نيٺ هليو ويس ميڊم خالدھ مظهر جي ڪمري ۾ ،۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ُمڇن جي انگريزي ُپڇي مانس .مائيَء معني ته ُٻڌائي ,پر حيرت مان مون ڏي ڏسندي رهي ،انهيَء ڏينهن ڦِڪو ايترو ته ٿيس جو زمين جاِء ڏئي ها ،ته هوند اندر هليو وڃان ها .ياد اٿم ته جيئن تيئن ڪري خبر ته ٺاهي هالئي هيم پر ڦڪائيَء مان اها رات ُستو ُٺپ ڪونه هيس .۽ پوِء ورندي ڏينهن بازار مان انگريزيَء جا کوڙ سارا نصابي ڪتاب وٺي ،ايئن سمجهو ته ڇهين درجي واريَء انگريزيَء کان نئين سئين پاڻهي پڙهڻ شروع ڪيو هيم .پي ٽي ويَء تي گذاريل اهو وقت
224
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تمام ٿورو هيو لڳ ڀڳ هڪڙي مهيني جي برابر ،سو ايئن ئي واچوڙي جيان گذري ويو، َ ڪ َل ئي ڪانه پئي. اڃان پي ٽي ويَء تي مهينو ئي ڪونه گذريو هيو جوڳوٺان خان محمد جو خط آيو هيو ،پوِء هڪڙو ٻه ٽي ،الڳيتا خط آيا ته امان سخت بيمارآهي جلدي ڳوٺ واپس اچ .هڪڙي هفتي جي موڪل ورتم ،پر ساهه ُمٺ ۾ هجيم ،تڏهن نه هيا فون ۽ نه ئي ڪو ٻيو رابطي جو به ذريعو هيو .امڙ جي ڪيئن خبر وٺان ها .راولپنڊيَء کان ٽرين ۾ ويٺس ،هڪلي هوڪاري، ٻيَء رات گهر پهتس ته امان واقعي سخت تڪليف ۾ ُهئي .مون کي ِڏسي ڄڻ ته ساهه پئجي ويسُ .اٿي ويٺي هئي .منهنجي وڃڻ بعد پاڙي وارن ڦوڪ ڏني ُهيس ته ،اسالم آباد اسان جي ڳوٺ کان ڪوئي ست سمنڊ پار آھي .تنهن تي هينئون هاري ويٺي ُهئي .اڪيلي ُپٽ جي پرديس پڌارڻ جي جهوراڻي ۾ جهڄندي وڃي َک َ ٽ ورتي هيائين .منهنجي ُپهچڻ بعد ،ڊاڪ َ بعد ٽر آڻڻ صرف بهانو هيا ۽امڙ ٻن ڏينهن ۾ نوبني ٿي وئي .هڪڙي هفتي منهنجي واپس سنبت ڏسي ،مٿي تي َ ڪ َيل ٻانڌڻي پوتي کڻي پيرن ۾ اڇاليائين .چئي، توکي منهنجي مامتا جو قسم آهي ،اها نوڪري نه ڪر! توکي انهيَء پوتيَء جو قسم آهي. حيرت مان پوتي کڻي مٿي تي ڪرائيندي چيوهيومانس ته امان تنهنجي مرضي آهي ته مان ايڏي وڏي نوڪري وڃايان ۽ وري به اچي ماستري ۽ هارپو ڪريان؟ تنهن تي ِچڙي چيو هيائين ،ابا جي هن ڳالھ کي ُحڪم سمجهين ،عرض سمجهين يا ڌمڪي سمجهين ،پر جيڪي سمجهين سو سمجھ ،پر اها نوڪري ڇڏ .ايئن امڙ جو حڪم اکين تي رکي ماٺڙي ماسات َ ڪ ِچيَء ڀِتين واري ڪوٺيَء جي لوگهن مان لِڪيِ ،ڏسي ڪري ويهي رهيس، ِ ُمسڪرايو پئي .گهڻو پوِء سمجهيم ته ماُء جي ُانهيَء حڪم ،ڌمڪيَء ۽ عرض پويان ڇا ڪٿان کيس ُحڪم مليو ُهيوته ُهيو؟ ُهن سمجهي ورتو ُهيو يا سندس فقيراڻي طبعيت مان ِ جيڪر مون کان ُاها نوڪري نه ڇڏائي ها ته اسالم آباد جي رنگينين۽ اڇين چمڙين ۾ آئون
ايئن وڃائجي وڃان ها ،جيئن سنڌ جا سوين ايم اين ايز ۽ آفيسر اسالم آباد پهچي ٻيهر ۽ آئون هڪڙي مسڪين ماڻهو جو ُپ ُ ُ ٽ ،وڏيون محروميون ۽ ٽيهر گهوٽ ٿيو پون. محڪوميون ڏسي ُاتي پهتو ُهيس .اسالم آبادين جون آسائشون ۽ آرامده جايونُ ،سهڻا رنگ مون کي پلڪن ۾ هِرکائي پنهنجو ڪن هاُ .ان ُ ڪ َن ۾ غرق ٿيندي ،پويان چار ماسات به وسري َوڃنم ها .امڙ ۽ امڙ جو راڄ وسري وڃي ها. نياڻيونُ ،پٽڙو ۽ ِ چڱو ٿيو جو نه ماستري ڇڏي ويو ُهيس ۽ نه ئي پي ٽي ويَء تان ڪو پگهار ورتو ُهيم. ُ ڪرت سان لڳي ڏک مان واپس ساڳيَء ڪچيَء ڪوٺيَء ۾ ٻار پڙهائڻ ۽ شام جو ٻنيَء جي ِ 225
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ويسَ ،رکي َرکي اسالم آباد جا وڻ ،ٽڻُ ،گل ،ٻوٽا ۽ ماڻهو ياد اچڻ لڳندا هيم .ته اندر مان سرد آه نِڪرندي ُهئي .هڪڙي ڀيري انهيَء ئي سال جي ،آڪٽوبر ۾ ِچ َٽن جي گرمين ۾ پاڻيَء جو واري تي هيس ،پگهر ۾ شل هجان ،گوڏن سوڌو َگپ ۾ ڀريل هجان ،پاڻيَء تي ڊوڙ ڊوڙان هجيم ،ٿورڙو ڏينهن لڙيو هيو ته امان مون الِء ٻنيَء تي چانهه کڻي آئي هئي. وڻ جي ڇانو ۾ ويٺا هياسون ،انتهائي گهڻي ڏک ۽ ڪروڌ مان چيو هيم ،امان ،تنهنجي ضد جي ڪري ،ڪهڙي نه ڀلوڙ نوڪري وڃائي ڇڏيم!! ايئن چئي اکيون مٿي ڪري امڙ ڏي ڏٺو هيم .انهيَء مهل جيجل امڙ جون اکيون ڪاوڙ ۾ ڳاڙهيون ٿي ويون هيون .ڀانِء اکين جي ڏورن مان رت ِسمي نڪرندو هجيسُ ،ان ڪيفيت ۾ چيو هيائين ،آئون اعتماد ۽يقين سان چوان ٿي ته توکي ُانهيَء کان به ُسٺي نوڪري ملندي ،اِتي ئي ملنديُ ،اٻهرو نه ٿيُء ،تون ماُء جي دعا جا رنگ ڏس ته سهي .سندس ڪاوڙ ڀريل اکيون ڏسي ۽ ُدعا جا عجيب لفظ ُٻڌي مون وٽ ڳالهائڻ الِء باقي ڪجهه به ڪونه بچيو ُهيو. ُان سال ٻارهين ميل جي اوڀر طرف چوڌري اسلم ويهارو کن ُدڪان ٺهرايا هيا ،اولهه طرف حاجي محرم جا ايترائي ُدڪان اڳ ۾ ُهيا .هاڻ ٻارهون ميل چڱو موچارو شهر ٿي پيو هيو. کوڙ ساريون هوٽلون ُکليون هيون ،جالل چانڊئي جا ڪالم وڏي آواز ۾ وڄڻ لڳا هيا ،ته ڪڏهن ڪڏهن شوق ڪري گهمڻ ويندو ُهيس .نه ته ماستري مان واندو ٿي ،ٻنيَء جو ڪم ڪار الهي ،هالل پاڪستان اخبار ۽ ڪڏهن ڪي سنگت ساٿ کان هٿ ڪيل ڪتاب پڙهي گھر ئي ويٺو هوندو هيس .تن ڏينهنين فقير محمد الشاري هالل ميگزين ايڊيٽ ڪندو هيو ،انهيَء هالل ميگزين ۾ ڪڏهن اميرشر ،ڪڏهن اميربخش شر ،ڪڏهن نامعلوم شر ۽ وري ڪڏهن صنم شر پر گهڻو ڪري انوکن نالن سان ننڍيون ڪهاڻيون ،شاعري ۽ مضمون لکندو به ُهيس ،جيڪي باقاعدگيَء سان ڇپبا هيا .ناال َمٽائڻ جي اها ِپٽ ڪامريڊن وڌي هئي .جيڪي چوندا هيا ته ماڻهن تائين پنهنجي ڳالھ پهچي ،سائي وڏي کيپ آهي جيڪا پاڻ َکٽي ته ُ لک ٿي پيو .ناال ته ڪائي حيثيت ڪونه ٿا رکن. تن ئي ڏينهين سنڌين جي قاتل آمرضياَء ،جڏهن مرحوم محمد خان جوڻيجي کي وزير اعظم ٿاڦيو ُهيو ،ته پوري عالئقي جي ماڻهن کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي .مرحوم جوڻيجو راڄائتو ۽ َر ُڄ اشراف ماڻهو ُهيوُ .هن پنهنجيَء سموريَء ڄمار ۾ وسين لڳي ڪڏهن ڪنهن سان ڦِٽايو ڪونه هيو نه ئي وري ڪنهن کي رنجايو هيو .هو جڏهن وزير اعظم ٿي پهريون ڀيرو سنڌڙيَء جي هوائي اڏي تي ٿي آيو هيو ،ته انهيَء ڏينهن پيپال ،ليگال ۽ ِسيپال سڀئي، پاڙي ۽ راڄ جي هن َرڄ اشراف مڙس جي آجيان الِء سنڌڙيَءجي هوائي اڏي ڏانهن سمنڊ 226
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي ڇولين جيان اٿلي پيا هيا .هونئن ته پاڪستان جي هوائي فوج جا چاڪ وچوبند اهلڪار، ڪنهن به ماڻهوَءکي هوائي اڏي جي حدن ۾ وڃڻ ڪونه ڏيندا آهن ،خاص ڪري ه ِن ُدن کي ته ُٺپ ڪونه ڇڏين .پر ان ڏينهن ضياَء جي فوج پنهنجي هن نئين چونڊيل وزيراعظم جي مانائتي آجيان سموريَء دنيا کي ڏيکارڻ جي الِء اهي پابنديون به الٿيون هيون .ان ڪري جوڻيجي صاحب جي هارين جون به هنڌان هنڌان ٽريڪٽر ٽراليون ڀرجيو پئي آيون .مزو اهو پئي ٿيو ته هنن ويچارن کي هڪڙو ئي نعرو ياد هيو ،ڀيڄ پاڳارا جو ،باقي ڪجھ به نه .انهيَء ڪري هو ُرڳو ڀيڄ پاڳارا جي نعري ۽ خالي هو هو جي رڙو رڙ اليو بيٺا هيا. االئي ڪنهن جي دل ۾ خيال آيو ته کين نعرو ٺاهي ڏنائين ،تنهنجو شان منهنجو شان، محمد خان ،محمد خان .پوِء ته وٺ وٺان ٿي وئي هئي .هوڏانهن وري جوڻيجي صاحب جي هارين جي اڪثريت هئي ،بروهين ،ڀيلن ۽ ڀاٽن جي ،۽ بروهين جي ٻولي ته بچي شل دٻي ۾ ٺڪرين جيان هئي ،باقي ڀيلن ۽ ڀاٽن ۾ ،سنڌيَء ۾ شين جو ُاچار سين سان اچاريو ويندو آهي ،ڀيلن ۽ ڀاٽن وٺي نئين نعري جي ڌم التي ،تنهنجو شان ،منهنجو شان ،محمد خان ،محمد خان .تڏهن ڪنهن سمجھ ڀرئي ماڻهوَء هڪلون ڪري وڃي کانئن اهو نعرو بند ڪرايو هيو. تن ڏينهين ماروٽ خان محمد ،مرحوم محمد خان جوڻيجي سان گھڻو ملندو هيو .منهنجي مرحوم جوڻيجي سان ڪڏهن به ڪا مالقات نه ٿي هئي ،هڪڙي ڏينهن خان محمد نوڪريَء الِء عرض ڪيس ته يڪدم کانئس درخواست گهريائين .خان محمد ڳوٺ اچي مون کي درخواست لکي ڏيڻ جو چيو ،تڏهن بي ايماني ڪندي پنهنجي درخواست به لکي هيم .۽ پوِء اهي ٻئي درخواستون هڪڙي لفافي ۾ وجهي ماروٽ خان محمد جي حوالي ڪيون هيم ،جنهن بند جو بند لفافو وڃي وزير اعظم کي ڏنو هيو ۽ وزير اعظم وري اهوسندس سيڪريٽريَء محفوظ جي حوالي ڪيوهيو .اڳتي وڃي مرحوم جوڻيجي قانوني طريقو استعمال ڪندي م يرٽ جي چونڊ الِء اهي درخواستون وسطيدار کاتن ڏانهن موڪليون هيون .تن ڏينهين پنجابي البي سنڌين الِء نوڪرين جا در بند ڪرڻ الِء مختلف حيال هالئيندي هئي ،سو ڇا ڪيائون جو خان محمد جو انٽرويو ليٽر اهڙي طريقي سان ٽپال ۾ موڪليائون ،جو او جي ڊي سي ايل مان انٽرويو ليٽر ُانهيَء تاريخ جي شام تي ُهن وٽ اچي ُپهتو هيو ،جنهن تاريخ تي انٽرويو ٿي ُچڪا هيا .ان ڏينهن اسان کي يقين ٿيو هيو ته پنجابي انتظاميه سنڌين کي پوئتي ِڌڪڻ الِء اهڙا حربا گھڻي وقت کان هالئيندي رهندي آهي .ان ڏينهن خان محمد ته ٺڙ ٺپ هينئان الٿ ٿي ويهي رهيو هيو ،ته هاڻي ڪجھ ڪونه 227
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٿيندو ،پر مون سندس همت وڌائيندي کيس چيو ته پاڻ وٽ لفافي تي لڳل ٽپال کاتي جي ُمهر جي تاريخ وڏو ثبوت آهي ،۽ اهوثبوت طور کڻي ڪراچي هلون ٿا .ايئن اهو سکڻو لفافو کڻي ،ڪراچي َء ُپهتاسين .پي آئي اي جو اصغر جروار اڳيئي اتي هيو ،آئون ۽ خان محمد هتان وياسين .صبح جو او جي ڊي سي ايل جي ڪراچيَء ۾ موجود باال عملدارن سان ملي ثبوت ڏيکارياسين ،پر اسان کي ُکتو جواب ڏنائون ته انٽرويو ڪالھ ٿي چڪا هاڻ ڪونه ٿيندا ،ان تي بگڙي پر زور احتجاج ڪيوسين .نيٺ همراهن کي رحم پيو يا ٻرندڙ سنڌ ۽ سنڌين جي هينئين تي ڇنڊو رکڻ الِء مجبور ٿي ،اسالم آباد مان رسمي اجازت وٺي ،اڪيلي خان محمد جو انٽرويو ورتائون .جنهن ۾ هو پاس به ٿيو. گڏوگڏ مونکي به بينڪنگ ڪائونسل طرفان آفيسر گريڊ 111جي انٽرويوالِء ليٽر ُپهتو هيو .راڻي باغ حيدرآباد ۾ شاميانا لڳائي ،لِکت جو امتحان ورتائون .اميدوارن جو تعداد هزارن ۾ هيوُ .اتي جو ُاتي ئي لکت جي امتحان جي ڪالڪ ٻن اندر نتيجا الئوڊ اسپيڪر جي ذريعي ٻڌائڻ شروع ڪيائون .ڇنڊڻ جو رهاڪو امير بخش جوڻيجو ،وزير اعظم جو ويجهو عزيز ۽ اهم سفارشي ُهيو .پر لکت جي امتحان ۾فيل ٿي پيو هيو .آئون پاس ٿيوهيس .ته وڏي واڪ احتجاج ڪندي چوڻ لڳو هيو ،سفارش مون ڪرائي هئي ۽ پاس تون ٿيو آهين .اها نالي جي ُڀل آهي .آئون هينئر جو هينئر ٿو وزيراعظم سان ڳالهايان ِڏسجانِء ڪيئن ٿي رزلٽ تبديل ٿئي .ان ڏينهن واقعي به مون کي ڏاڍو ڊپ اچي ٿيو هيو، ته ڪٿي هي سفارشي وڏيرو مون غريب جي حق کي نه ماري وجهيُ . ڪل مالئي پنجاھ کن اميدوار پاس ٿيا هياسون ،جن کي ٻئي ڏينهن ئي زباني امتحان الِء گھرايو ويو هيو. ٻئي ڏينهن شهباز بلڊنگ ۾ بينڪنگ ڪائونسل وارن جي ٽيم سان گڏ ٻن سنڌي ڪمشنرن محمد هاشم ميمڻ (ڀانئيان ٿو)۽ نثاراحمد صديقيَء زباني امتحان ورتا هيا .انتهائي اهم ۽ ڏکئي انٽرويوَء ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪالڪ تائين ماضيَء جي گذاريل گهڙين سميت ،علم ۽ ادب بابت اهم سوال ڪيا ويا هيا .بينڪنگ ڪائونسل وارا ڪامورا ته مکيل چکيل ۽ سوٽيڊ بوٽيڊ هيا ،پر روينيو جي ٻنهي ڪامورن جڏهن مونکان ذاتي زندگيَء بابت سوال ڪيا ،اهڙن ُچڀندڙ ذاتي سوالن تي منهنجي ڀرجي آيل نيڻن ڏانهن ڏسي ،پاڻ به اکيون ڀرائي ويٺا هيا ته پڪ ٿيم ته هو به مون جيان غريب مسڪين خاندان جا فرد آهن ۽ ڪافي ڏکين ڏهاڙن کي ڪاٽي هتي ُپهتا آهن .تڏهن ئي ته منهنجي ُدک جي داستان تي اکڙيون افسرده اٿن.
228
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اڄ سوڌو گهڻا ماڻهو سمجهندا آهن ۽ چوندا آهن ته مون کي ۽ خان محمد کي ،وزير اعظم محمد خان جوڻيجي نوڪرين ۾ آندو ُهيوُ .ان الِء عرض ڪندو هالن ته جوڻيجو صاحب مرحوم نه ته مون کي سڃاڻيندو ُهيو نه ئي ڪڏهن مون الِء ڪنهن چيس .خان محمد به خود هينئين جي زور تي وڃي ملندو هيس .بنان ڪنهن سفارش جي ،اصل ۾ ائين ُهيو ته ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين جي پاڻ ارپڻ واري جذبي سول ۽ فوجي بيوروڪريسيَء جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون .ان بعد ئي فوجي ۽ سول بيوروڪريسيَءکي سنڌين جي احساس محروميَء جواحساس ٿيو ُهيو .خود مرحوم محمد خان جوڻيجو به هزارين سنڌين ِ جي ڏنل عظيم قربانين جي ِسلي ۾ ئي ته وزير اعظم ٿيو هيو ۽ ضياَءالحق ۽ ان جي ساٿين جي نئين پاليسي ُهئي ته وفاقي کاتن ۾ سنڌين کي ڪجھ ڪوٽا ڏياري کين ٿڌو ڪجي .ان ڪري ئي 84-85۾ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان مان رهجي ويل سنڌين کي سڏائي نوڪريون ڏنيون ويون .بينڪنگ ڪائونسل پاران پڻ راڻي باغ ۾ شاميانا لڳائي انٽرويو ڪرڻُ ،اتي جو ُاتي الئوڊ تي نتيجا ڏيڻ ،او جي ڊي سي ايل جو تاريخ گذرڻ بعد انٽرويو وٺڻ ،سڀ ُان سلسلي جون ڪڙيون ُهيون .ڪافي سنڌي استادن ۽ يونيورسٽين جي پروفيسرن کي ڊي ايم جي ۽سيڪريٽريٽ گروپ ۾ سڌو سنئون کڻڻ به ان سلسلي جي ڪڙي هيو .جيتوڻيڪ آمر ضياَء ،پير پاڳاري جي چوڻ تي مرحوم جوڻيجي جهڙي ڪوڙي گوري کاڌي هئي ،پر ظاهري طور شريف ڏسڻ ۾ ايندڙ مرحوم جوڻيجو ضياَء جي نڙيَء ۾ مڇيَء جي ڪنڊي جيان اٽڪي پيو هيو ،سو هڪڙو الڳ داستان آهي. اهو به مڃيان ٿو ته مرحوم جوڻيجي جهڙي شرافت ڪنهن سياستدان وٽ ڪونه ُهئي .پراهو به چوندس ته نوڪرين جي معاملي ۾ وٽس ايتري سخا به ڪونه ُهئي .کائنس اڳ شهيد ذوالفقار علي ُڀٽي ،غالم مصطفي جتوئيَء ،ممتاز ُڀٽي۽ کائنس پوِء غوث علي شاهه، مظفر حسين شاهه ۽ ڄام صادق عليَء پنهنجي عالئقي جي پڙهيل لکيل نوجوانن جون انتظامي پوسٽن تي ِسڌيون ڀرتيون ڪيون هيون .۽ جڏهن وقت گذريو ،ته تڪليفن جي دور ۾ ُاهي ڪامورا کين ڪم به آيا .پر مرحوم جوڻيجي ائين ڪونه ڪيو هيو .نه ڄاڻ ڇو؟ شايد هن پنهنجا اصول ٽوڙڻ ڪونه پئي چاهيا يا هو مورهيان ئي ان معاملي ۾ ڪنجوس هيو ،سو رب ٿو ڄاڻي! .اِن تي زور ُان ڪري به ڏئي چوان ٿو ته آفيسر ٿيڻ بعد جڏهن هيڊ آفيسن ۾ اسان جون فائيلون ڏٺيوسين ته مرحوم جوڻيجي اسان جي درخواستن تي نوٽ لڳايا ُهيا ته ،جيڪڏهن درخواست گذار ميرٽ تي پورو لهي ته کيس نوڪري ڏني وڃي .اهڙي نوٽ کي سفارشي ٻوليَء ۾ سفارش نٿو چئي سگهجي. 229
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٻيو ته ُانهيَء سال مون کي ٽي نوڪريون مِليون هيون ،شماريات ،پي ٽي ويَء ۽ بينڪ ۾، پبلڪ سروس ڪميشن مان ڊپٽي سپرٽنڊنٽ جيل جو لکت وارو امتحان پاس ڪيو هيم ۽ساڳيَء ڪميشن مان سنڌي ليڪچرار جوبه .خان محمد کي ٻه نوڪريون مليون هيون ،او جي دي سي ايل ۽ تعليم کاتي ۾ ايڇ ايس ٽي .اڳ ۾ به ذڪر ڪيو اٿم ته وزير اعظم جو ويجهو عزيز اهڙي ئي نوٽ سبب لکت جي امتحان ۾ فيل ٿي گهر هليو ويو .خدا جي خلق چوندي آهي ته خان محمد َمهر کي به محمد خان نوڪري ڏياري ُهئي پر آئون سمجهان ٿو ائين ڪونهي .منهنجي ڄاڻ مطابق ُهو خليفي عاقل جي بلدياتي وزير ُهجڻ واري عرصي ۾ ڪراچي ميونسپل ۾ لڳو ُهيو .پوِء پنهنجي ُمڙسي ۽ ذهانت سان اڳتي وڌندو ويو هيو. ان ۾ هن کي ڪنهن به سفارش جي ضرورت ڪونه هئي .مرحوم جوڻيجي پنهنجي ويجهي دوست ساجن راڄڙ جي ايم اي پاس ُپٽ محمدخان راڄڙ کي به نئين روشني پراجيڪٽ ۾ هلڪي ڦلڪي نوڪري ڏياري هئي ،جيڪا هن جي دور ختم ٿيڻ سان هلي وئي ،ٻئي ويجهي دوست حاجي صابو پهوڙ جي ڀائيٽي قاسم پهوڙ کي ايئر پورٽ سيڪورٽي فورس ۾ صوبيداري ڏياريائين ،جيڪا هو ڇڏي ڀڄي آيو هيو. ڊسمبر 1985جي آخر ڌاري حبيب بينڪ ۾ آفيسر گريڊ IIIجو آرڊر کوڙ ڏينهن جي دير خوش گهر آيو هيس .جيجل امڙ خوش سان ٽپال ۾ ُرلندو اچي مليو هيو .انهيَء ڏينهن ڏاڍو ِ ِ کي اچي اهو آرڊر ڏيکاريوهيم ،ان مهل امڙ مسڪرائيندي چيو هيو تهُ ” ،پٽ اڃان نٿو مڃين ته ماُء جي ُدعا ڇا ڇا ٿي ڪري“!!!؟ انهيَء مهل خوشيَء جا لڙيل لڙڪ قميص جي ٻانهن سان ُاگهندي ،ڊوڙي وڃي امڙ جا پير ُڇھيا هيم .موٽ ۾ امڙ کوڙ ساريون دعائون ڏنيون هيون ته ٻچڙا رب ڪندو ،سدائين اڳئين کان اڳرو هوندين .ٻچن مان شهر ٿيندئي. ڪڏهن ڪوسو واُء ڪونه لڳندئي .ڀانئيان ٿو ته اها گهڙي رب جي سرڪار وٽ غريبن جي دعائن جي اگھامڻ جي گهڙي هئي ،۽ ان ڏينهن جيجل امڙ جي اها ڪوسي واُء نه لڳڻ واري دعا اگھامي وئي هئي ،جنهن جو مٺو ثمر اڄ ڏينهن تائين پيو کاوان. ُان زماني ۾ بينڪ جي نوڪريَء حاصل ڪرڻ بعد بينڪ ۾ دخلڪاريَء الِء ٻن قسمن جون ضمانتون ڏيڻيون پونديون هيون ،پهرين هوندي هئي پنجاھ هزار روپين جي ذاتي ضمانت، جيڪا نئين مالزم جي الِء بينڪ ۾ اڪائونٽ هالئيندڙ ڪوبه ماڻهو لکت ۾ بينڪ جي تجويز ڪيل هڪڙي دستاويزي فارم ذريعي ڏئي سگهندو هيو .۽ ٻي هوندي هئي ٻه هزار پنج سئو روپيه روڪ رقم جي ضمانت ،جيڪا نئون مالزم روڪ جي صورت ۾بينڪ ۾ 230
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جمع ڪرائي ،انهيَء جي رسيد پاڻ وٽ رکندو هيو .روڪڙي ضمانت جو مرحلو ٻئي درجي جو هيو ،جنهن ۾ اڃان ڪجھ دير به هئي .پهرين پريشاني اها اچي ٿي هيم ته وڏي ۽ پنجاھ هزار واري دستاويزي ضمانت ڪير ڏيندو؟ ڇو جو تنهن زماني ۾ ڪنهن جا بينڪ ۾ پنجاھ هزار هجڻ تمام وڏي ڳالھ هئي ۽ ٻيو ته ڪو به اهڙو واسطيدار سنگتي ساٿي توڙي مِٽ مائٽ ُسکيو ڪونه ُسجهندو هيم ،جنهن جو بينڪ ۾ اهڙو اڪائونٽ هلندڙ هجي، جنهن ۾ ڇھ ماهي مجموعي رقم ۽ حاضر رقم ٻئي گهٽ ۾ گهٽ پنجاھ هزار يا انهن کان به مٿي هجن. سوچيندي سوچيندي اوچتو يادگيرو آيم ته ماما رمضان ،ڊينگاڻ ڀرڳڙيَء ۾ ٽيهارو ورهين کان ڊِنگ ڊِنگ وڏيرن جون ڪمداريون ڪندو وتي ،ڇو نه کيس وڃي چوان ته سندس ُمجيرين کان اهڙي ضمانت وٺي ڏئي .يادگيرو ايندي ئي ُمٺيون ڀيڙي ڀڳس ڊينگاڻ واريَء الريَء ڏي ،جيڪا تنهن زماني ۾ ميرپورخاص جي قائم ٽاڪيز سينيما وٽان ماڻهن ۽ مال سان سٿجي جهلوريَء واري رستي سان هوريان هوريان ُلڏندي َلمندي ڊينگاڻ ويندي هئي. الريَء مان لهي ڊينگاڻ کان رئيس عبدالقادر ڀرڳڙيَء جي ديھ ميما واريَء ٻنيَء جي ميل ڏيڍ پنڌ کي وکون ئي چار ڪيم .رات ماما وٽ رهي صبح جو کيس گڏ وٺيون آيس ته جيئن شهر ۾ موجود سندس َ نون توڙي پراڻن ُمجيرين کان ڪائي ضمانت ڏياري سگهي، جنهن جي رات ماما پڪ به ڏني هئي ته هو کيس انڪار ڪونه ڪندا ۽ ضمانت ڏيندا. پهرئين پهرئين سيٺ عبدالعزيز نواب خان وٽ اناج منڊيَء ميرپورخاص جي سندس ڪاروباري آفيس ۾آياسين ،جنهن وٽ رئيس عبدالقادر ڀرڳڙيَء جي زمين مقاطعي ۾ هئي جنهن تي ماما ڪمدار هيو .جڏهن نوڪرن ٻڌايو ته سيٺ صاحب موجود آهي ته مون ۾ جهڙوڪر ساھ پئجي ويو هيو .ماما ،ساڻس ڳالهائڻ الِء سندس ڪمري ۾ اندر ويو هليو، آئون ٻاهرينَء ڪرسيَء تي ويهي ِپير سوريندو رهيس ،ڳچ دير کان پوِء ماما ٻاهر نڪري ٻڌايو ته سيٺ عبدلعزيز چوي ٿو ته اسان جواول ته ڪنهن بينڪ ۾ کاتو ناهي ۽ جيڪر هوندو به ته انهيَء ۾ پنجاھ هزار جيتري رقم ڪونه هوندي .ماما جي ڳالھ ُٻڌندي َٺپ ئي ٺري ويم .حيرت ۽ عجب مان ماما جي ُمنهن ۾ نهاريندي سوچيندو رهيس. ته هڪڙو ماڻهو ميرپورخاص جي نواب ڪاٽن فيڪٽريَء جو مالڪ آهي جنهن ۾ڪروڙن جي ڦٽين ،تيل ۽ ڪڪڙن جو ڪاروبار ٿئي ٿو ،ڪراچيَء ۾ پراڻن بحري جهازن کي خريدي ٽوڙي انهن پرزن کي اسڪريپ جو ڪاروبار اٿس ۽ هزارين ايڪڙ زمين جو مالڪ
231
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
به آهي ته مقاطعيدار به .پر چوي ٿو ته بينڪ ۾ ايترا پئسا ئي ڪونه اٿم جو ڪنهن جي ضمانت ڏئي سگھجي!! منهنجي ٻوٿ تي ٻارهن وڄندي ڏسي ،ماما پنهنجي ٻئي واسطيدار ۽ ميرپورخاص جي وڏي واپاريَء غالم حسين شيخ وٽ وٺي ويو ،جنهن وٽ به ڪمداري ڪئي هيائين .جتان به بقول ماما جي بينڪ ۾کاتي ئي نه ُهجڻ جو جواب مليو هيو ،وري وڍيو هيوسين پنڌ کي سيٺ نسيم ُعمر چنيوٽي ڏي ،جنهنجي ڪارخاني ۾ ٿورڙيون ڦٽيون ڏيندا هياسون، ان کان به ساڳيوجواب مليو .ماما هڪڙي ڏينهن جي چئن پنجن ڪالڪن ۾ٻن ٽن جاين تان روڪڙا جواب ُٻڌرائي ،بي اونو ٿي ،وڍيو پنڌ کي ڊينگاڻ ڏي ۽ ويندي ويندي چوندو ويو، ابا اميرا! ڌوڙ وجھ نوڪريَء کي ،تون ماٺڙي ڪري وڃي هر ڪاھ ۽ پنهنجي مائٽاڻي چار ٻارا ٻنيَء کي سنڀال .ٻيو ته بينڪ جي نوڪريَء ۾ ڊينگاڻ جي آس پاس جي هڪڙي وڏيري جو ُپٽ ته اهڙو ڦاٿو هيو جو ڪي سال جيل ڪٽيائين هاڻ به پڻس سموري ٻني ِوڪڻي، سندس ٽوٽ ڀري آ پر پوِء به جان ڪونه ٿي ُڇٽيس .ماما جي اهڙي اونڌي صالح ڏاڍي ڏکي لڳي هيم .روئڻهارڪو ٿي چيو هيم نه ماما نه آئون ڪهڙيَء به حالت ۾ نوڪري ڪندس. پوِء ته هڪڙي ،ٻي ۽ ٽين رات پريشانين ۾۽ نيون نيون اٽڪلون رٿيندي گذرندي هئي، اصل ننڊون حرام ُهجنم .اهڙو ُسکيو جيڪو ضمانت ڏئي تنهن کي ڳوليندي ،ست ڏينهن گذري ويا ،نيٺ الهبچائي مرحوم ،نجب الدين الشاريَء کي وڏين منٿن سان ضمانت ڏيڻ الِء راضي ڪيو هيو .جيڪو تن ڏينهن ۾ هلڪي ڦلڪي ٺيڪيداري ڪندو وتندو هيو. الهبچائي جي گھڻي زور ڀرڻ تي ،پروپوزل واري فارم تي صحيح ڪيائين ،سندس اڪائونٽ مسلم ڪمرشل بينڪ لميٽيڊ سرسيد روڊ برانچ ۾ هيو .اتي جي مينيجر کان نجب الدين مرحوم جي صحيح ويريفاِء ڪرائي ،کڻي حيدرآباد ُ ڀڳس ،۽ اهو ڪاغذ حبيب بينڪ وارن کي ڏيکاريم ته قبول ڪيائون ،گڏوگڏ اصلي دستاويز ڏيندي چيائون ،ته هاڻي هيُء اصلي دستاويز صحيح ڪرائي اچ .ان وچ هڪڙي رات گذري وئي هئي. وري االئي ڪهڙو ڦرڪو ڦِريو جو مرحوم نجب الدين الشاري ،اهلل جنت نصيب ڪريس، ڦيرو کاڌو .ڏٺائين هي غريب جو ٻار ،صبحاڻ بينڪ ۾ ڪا هيرا ڦيري ڪري وجھي ته آئون گ ُبس .ان ڪري صحيح نه ڪرڻ گهرجيم ،۽ هو الهبچائي کي سنگت ۾ سڌو سنئون َٽن ِ جواب ڪونه ٿي ڏئي سگهيو ،ان ڪري گم ٿي ويو .سندس ڳوالئون ۽ پڇائون ڪندي، سڄو ڊسمبر گذاري ويس .هڪڙي رات مرحيات نجب الدين جو ڪراچيَء ۾ ڏس مِليو، سج لٿي ويل بس ۾ سوار ٿي ڪراچيَء ويس ۽ سندس ڀائيٽيو ابوالحسن به گڏ هليو هيو، 232
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سڄي رات ڳوالئون ڪندي به مڙس هٿ نه آيو ،تڏهن گلشن اقبال ۾ مرحوم الهبچائي کي ڳولي هٿ ڪيم .جنهن وڏي وٺ وٺان بعد اصغر جروار جي مدد سان فجر ڌاري نجب الدين ڳولي هٿ ڪري ڏنو .پوِء اصغر جروار ،ميان پير محمد ،الهبچائي ۽ مرحوم غالم حسين ڪيرئي ڳچ دير جي منٿن بعد کيس راضي ڪيو هيو .تڏهن وڃي ڪاغذن تي صحيح ڪئي هيائين .دير سان يا سوير صحيح ڪرڻ کان هٽي ڪري به مرحوم نجب الدين جو اهو ٿورو الهڻ جو ئي ناهي ،پر جيڪر سموري ڄمار ڳائجي ته به گهٽ آهي. اڄ به اهو يقين سان چوان ٿو ته مرحيات نجب الدين منهنجي ضمانت نه ڏئي ها ته منهنجي زندگيَء ۾ هيَء تبديلي ڪونه اچي سگهي ها .تنهن زماني جو مارڪسي لينني ڪامريڊ ۽ هاڻوڪو تبليغي مولوي ميان پير محمد ،مرحوم غالم حسين ڪيريو ،پي آئي اي جو اصغر جروار ۽ مامو الهبچايو کيس ريهي ريبي ،ياريَء دوستيَء جا واسطا ڏئي ،ميڙون منٿون ڪري آمادھ نه ڪن ها ته اڄ به پرائمري ماستري ڪندي ،ڪنهن وڏيري جو ُمنشيپو به ڪندو هجان ها .يا ته مورڳهين ٻارن جي ولر جي پاندي پوري ڪندي ڪندي مري کپي ُچڪو هجان ها. اها 07جنوري 1986جي باک ڦٽڻ جي ويل هئي ،ڪراچيَء ۾ مرحيات نجب الدين جنهن فليٽ ۾رهيل هيو ،سو الڪرم اسڪوائر ۾ ميان پير محمد جي ملڪيت هيو .۽ اتان ئي حيدرآباد جون بسون ملنديون هيون ،بسن جي انهيَء اڻ اعالنيل اڏي آڏو ريڙهي تي ٺهيل هٿرادو هوٽل تان بيٺي بيٺي چانھ جو ڪوپ پي ،حيدرآباد جي بس ۾ وڃي ويٺس ،وڌيل ڏاڙهي ،ميرڙن ڪپڙن ،اڻڀن وارن ۽ ڦاٽل چتيون لڳل چمپلن سان صبح جو نوين وڳين کان اڳ ،حبيب بينڪ سرڪل آفيس حيدرآباد پهتو هيس ،جتي ڊيوٽيَء تي پهچندڙ هرهڪ آفيسر منهنجي اجڙيل حالت ڏي گهري نظر سان ڏسندو ،ڪوئي قرض وٺڻ وارو ،تتڙينگ ننڍو آبادگار سمجهي پنهنجي ڪرسين تي ويهڻ الِء هليو پئي ويو .تن ڏينهين بينڪ جي سرڪل آفيس جو اسٽاف آفيسر اختر حسين هوندو هيو ،جيڪو پوِء وائيس پريزيڊنٽ به ٿيو هيو .انهيَء موصوف کي جڏهن پنهنجو ڪم ٻڌايم ته مٿي کان وٺي پيرن تائين منهنجي حال کي طنزيه انداز ۾ هڪ ،ٻه ڀيرا ڏسي ،مون کي سرڪل چيف وٽ وٺي ويو، جنهن به منهنجي حالت تي اڇاتري نظر وجهندي ،مونکان صرف اهو پڇيو ته ڪٿي جو آهين؟ ۽ مير پور خاص جو ٻڌائڻ شرط ميرپورخاص زون جو ليٽر ڏيڻ جو حڪم ڏنائين، ايئن پنهنجي قسمت بدالئڻ وارو اهو لفافو لوڏيندو لوڪل بسن ۾ ڌڪ کائيندو اچي حبيب بينڪ جي ميرپورخاص زونل آفيس پهتس .جتي به منهنجي حالت تي سڀ آفيسر هوريان 233
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هوريان سرٻاٽن ۾ عجيب وغريب تبصرا ڪندا رهيا .اسٽاف آفيسر هڪڙو مهاجر خوجا هيو ،نالو وسريم ٿو .موصوف انتهائي ڏنگو ماڻهو هيو ،االئي ڪيترا ڪالڪ زونل چيف سان مالئڻ الِء انتظار ڪرائيندو رهيو ،اتاولو ٿي هڪ ٻه ڀيرا صاحب سان مالئڻ جي گذارش ڪرڻ تي ڇڙٻون به َسٺم .نيٺ گھڻي انتظار بعد زونل چيف اقبال احمد خان سان مالقات ڪرايائين .جنهن صاحب حبيب بينڪ جي غريب آباد برانچ ۾ ٽريني آفيسر جي حيثيت ۾ جوائن ڪرڻ جو حڪم لکت ۾ڏنو .ان وقت ڏاڍو خوش ُهجان .جيجل امڙ جي دعائن وارا سمورا لفظ َپل َپل پيا ياد اچن .هاڻي بينڪ مان موڪل جي وقت جو انتظار ُهجيم ،ته ڪڏهن َگهر ُپهچي امڙ جا پير ُڇهان .تان جو موڪل به ٿي ،بسن ۾ ڌڪ کائيندو ،شام جو ڳوٺ ُپهتس .۽ امڙ جا پير ڇهيم ،وري وري دعائون ورتم. اوڙي پاڙي مان ُمبارڪون مليون .هرڪو پاسي ۾ ويهي هوريان هوريان ُپڇي پيو ،ته بينڪ ڪهڙي آهي؟ ،ڪيئن آهي؟ ،بينڪ ڇا هوندي آهي؟ اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن جي غربت جا حال اهي ُهجن ،جو اڪثر ڳوٺ وارن بينڪ ڪونه ڏٺي هئي .ايتريقدر جو منهنجي مرحومه ماسيَء حيرت مان پڇيو ،ابا ،بينڪ ڪهڙي آهي۽ ڪيئن آهي؟؟ وراڻيومانس، ماسي تون ڇا ٿي سمجهين ته ڪهڙي هوندي؟؟ چوڻ لڳي هئي اڙي ابا ،آئون ڀانيان ٿي ته پئسن جي ڪا ڀريل ڪوٺي هوندي ۽ تون ُان تي لٺ کڻي پهرو ڏيندو هوندين!! .ڪو وڏڙو وري چوي ،ابا خيال ڪجانِء ،متان پرايو ڪو روپيو ،پئسو اڳتي پوئتي ٿي وڃئي ته ڪاٺ ۾ نه پئون .ماما به ٻن ٽن ڏينهن بعد ڳوٺ آيو هيو ،تنهن ته ويتر هيانُء ئي ڪڍي وڌوهيو. چئي ڊينگاڻ ڏي هڪڙو ٻه وڏيرن جا ٻار بينڪ جي نوڪرين ۾ ويا هيا ،اتي ڪا چوري ڪيائون يا ٺڳي ،همراھ جهلجي جيل ۾ پيا آهن ،مائٽن سموريون زمينون وڪڻي بينڪ کي پئسا ڀري ڏنا آهن ته به جان ڪونه ٿي ُڇٽين .ٻيلي تون ڀالئي ڪجانِء اسان غريبن ۾ ڪا به دٻ جهلڻ ڪانهي. منهنجي بينڪ ۾ وڃڻ جي شروعاتي زماني ۾ ڳوٺان ڪوئي ماڻهو پنهنجي ڪم ڪار سان شهر ايندو هيو ،ته بينڪ جي اڳيان وائڙن جيان ٻه ٽي ڦيرا ڏيندو هيو .گيٽ تي بيٺل بندوق واري جي َڀ َ ئو کان اندر اچڻ جي همت ڪونه ساريندوهيو .دروازي يا دريَء مان مٿن نظر پوندي هيم ،ته ڊوڙ پائي کين اندر وٺي ويهاريندو هيس .اسٽاف وارن کي ُٻڌائيند و هيس ته هيُء منهنجو عزيز آهي .سندن پراڻن ميرن ڪپڙن ،وڌيل ڏاڙهين ۽ اڻڀن وارن ڏي ڏسي اسٽاف جا عملدار خاص ڪري صابر مهاجر کلندا ُهيا ۽ ٺٺولين جي انداز ۾ ساڻن
234
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ُ اهوسڀ ڪجهه سمجهندي به کين ڪجهه ڪونه چوندو ُهيس .رڳو دل ئي دل ۾ ملندا ُهيا. چوندو هيس ته ويکي جا موال دي رنگ. ُان سال ئي حبيب بينڪ آفيسرس انسٽيٽيوٽ مان بينڪ آفيسر جي ٽريننگ الِء ڪراچيَء موڪليو ويس .تڏهن به اللو کيت ۾ ،سنڌي هوٽل جي سامهون ،انفرميشن کاتي جي ڪالرڪ االهي بخش ساهوال جي هڪڙي ڪمري واريَء ُکڏيَء ۾ ،مرحيات الهبچائي بندوبست ڪري ڏنو هيو .جتي مڇرن جي شديد مارا ماريَء کان بخارن ۾ وٺجي ويو هيس جتان پوِء مازيه اسڪوائر ۾ اسٽيٽ بينڪ جو حاجي خان جروار ،پي ٽي وي جو حفيظ ميرجت ،۽ حبيب بينڪ جو اعجاز ميمڻ گڏ رهندا هياسين .حفيظ ميرجت جا ٻڌا ٽهڪ ۽ تڪيه ڪالم آنٽي ،اڄ تائين ڪونه وسريا اٿم .ڪجھ وقت بعد اصغر جروار جي فيملي ڳوٺ رهڻ لڳي ته گِھلي ،يوسف پالزا وٺي آيو .نيٺ آخر ۾ حبيب بينڪ جي ڪجھ دوستن گڏجي يوسف پالزا ۾ C-71فليٽ مسواڙ تي ورتو .جتي خيرپور ميرس جو انور ميتلو، ميرپور خاص جا حميد ملڪ ۽ رضا مهاجر گڏ رهندا هيا .ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ،بينڪ جي اينڪسي بلڊنگ ۾ نيو چاليَء ۾ ُهوندو هيو .جڏهن پهرئين ڏينهن ٽريننگ تي ويو هيس ته بس مان لهڻ ۽ چڙهڻ وارين جاين جون نشانيون ياد ڪري ڇڏيون هيم .شروعات ۾ احتياط سان اچڻ وڃڻ لڳو هيس ته ڪٿي هيڏي وڏي شهر ۾ ُڀلجي نه وڃان .ڀلجڻ واري ڳالھ تان ياد آيم ته جڏهن ڪراچيَء پهريون ڀيرو مرحوم الهبچائي سان گڏ پي ٽي وي جو انٽرويو ڏيڻ ويو هيس ،ته تين هٽي پل وٽ بس بيٺي هئي ،منهنجي اڳيان مرحوم الهبچايو هجي ،سو جيستائين لهي ئي لهي ،سگنل کلي ويو هيو ،بس اوچتو رواني ٿي مون ڏٺو ته واقفڪار همراھ لهي ويو هاڻ ُرلي ويندس .سو ڊپ مان هلندي بس مان کڻي ُٽپ ڏنو هيم ،ذري تي ٽنگون ڀڃايون هيم .گھڻو پوِء ۽ نيٺ آهستي آهستي شهر جو واقف ٿيڻ لڳو هيس .۽ پوِء گهڻن جو سونهون ٿي کين ڪمين ڪارئين ڪراچيَء ڏي پيو وٺي ويندو هيس. مهينو کن ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪئي هيم ،پر پگهار ڪونه مليو هيو ،هتي اچي بينڪ پهرين ٻن مهينن جو گڏيل پگهار ،هر ماه 1701روپيه جي حساب سان ڪراچيَء مان مليو ته ڏاڍو خوش ٿيس .پهريون ڀيرو پنهنجي ايڏي وڏي ڪمائي ِڏسي اکين ۾ ُلڙڪ اچي ويا هيم .تن ڏينهين بس ۾ صدر مان گذرندي ،ريڊي ميڊ ڪپڙن جي ُدڪانن تي خوبصورت زنانا ڪپڙا ڏسيِ ،دل چوندي ُهئي ،ته خدا ڪندو جام پئسا ٿيندا ،امڙ ۽ گهر واريَء الِء اهڙا ٺهيل وڳا وٺندس .پگهار ملندي ئي امڙ گهر واري ،ڌيئرن ۽ خادم الِء خوبصورت ريڊي 235
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پهتو هيس .ٻار خوشيَء ۾ نه پيا ماپن .امڙ ۽ ماسات ِ َ ميڊ جا وڳا وٺي ڳوٺ ُ ڪپڙن کي ُاٿاليو ُپٿاليو ،هڪ ٻئي ِڏسيو پيون ُمسڪرائين .۽مون کي چون پاڻ ٻروچ ماڻهو ،پنهنجو ويسُ ،هلواڻ جو گهگهو ۽ گربيَء جي ُسٿڻ ،هي ڇا آندو اٿئي چريا؟اِنهيَء سان ته برادريَء وارا پاڻ کي راڄ ڪاڄ مان ئي ڪڍي ڇڏيندا .وڏي بحث بعد به امڙ اهڙي ويس َپه ِرڻ تي ماسات کنيا هياُ .انهيَء فيشن ۽ تبديليَء تي اوڙي پاڙي راڄ راضي نه ٿي هئي ،ٻئي جوڙا ِ برادريَء جيڪي طعنا ،تنڪا ۽ مِهڻا ِڏنا هيا سي ڪيترا سال ڪنن ۾ آڱريون وجهي ُٻڌا هيم. اسين اڃان ٽريننگ الِء ڪراچيَء ۾ ئي ُهجون جو مهاجرن ۽ پٺاڻن ۾ ُ ٻاڪر ڪٽو پيو هيو، ٿيندي ٿيندي اورنگي جي پهاڙين تان پٺاڻن حمال ڪري ،ڳپل مهاجر ماريا هيا ،ته سموري شهر ۾ ٻائيتال ٻري پيو هيو .پٺاڻن جي ڀريل ُدڪانن کي ُلٽي ،سامان وچ روڊ تي َرکي، باهيون ڏيئي هٿ پير ٻڌل پٺاڻن کي ٻرندڙ باهه ۾ جيئرو پئي جاليائون ،جيئري انسان جي ماس جلڻ جي بوِء اسان کي يوسف پالزه جي فليٽن ۾ ويهڻ ئي نه پئي ڏئي .ان وقت جي سرڪار سموري شهر ۾ ڪرفيوَء جو اعالن ڪيو ته اجرڪون ۽ سنڌي ٽوپيون َپهري، يوسف پالزا کان ڪينٽ اسٽيشن تائين پيادا زور زور سان هڪ ٻئي سان سنڌيَء ۾ ڳالهائيندا ُپهتاهياسين .چڱو ٿيو جو ميرپورخاص جا ٻئي مهاجر آفيسر حميد ملڪ ۽ رضا، سنڌي ڳالهائي ويندا ُهيا .نه ته خير سان ڪونه پهچون ها .ڪرفيو ۽ جهڳڙن جي اها راند سڄو سال وقفن وقفن سان جاري رهي هئي .ڪڏهن ڪڏهن ڪرفيوَء ۾ ته ٻه ٻه ڏينهن فليٽ واڙيا ويٺا هوندا ُهياسين .ڪنهن ڪالڪ اڌ جي وقفي ۾ کاڌي پيتي جو سامان وٺي ۾ ِ ايندا هياسين .ڪڏهن وري ڳوڙها آڻيندڙ اکين ۽ نڪ مان پاڻي ڪڍندي هئي سو ته ٿيو خير پر جيڪي ِڇڪون اينديون هيون انهن سان گڏ وائي بادي به نڪري ويندي هئي .تڏهن دل ئي دل ۾ مهاجرن تي گارين جا ڌوڙيا الئي ڏيندا هياسين .شروع جي مهينن ۾ پريڪٽيڪل ٽريننگ الِء اللو کيت برانچ ۾ وڃڻ لڳو هيس .اللو کيت ،هاڻي اللوَء جو نه پر لياقت علي خان جي لياقت آباد هوندو ُهيو .سنڌي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارو ڪوبه نه ملندو ُهيو .سنڌي فلمن ۽ ٽيليويزن جي مشهور اداڪاره شهزاديَء جو گهر به ُانهيَء عالئقي ۾ هوندو ُهيو ۽ اڪائونٽ ُانهيَء بينڪ ۾هيو .هوَء پنهنجي نالي جي اڳيان ڊاڪٽر لِ َ کندي ُهئي .منهنجي هوندي جڏهن پهريون ڀيرو بينڪ ۾ آئي هئي ته سوچيم هيُء چهرو ڏٺل پيو لڳي .ڪافي سوچ ويچار بعد به ڪونه ُسجهيو هيم ،رڪارڊ مان پتو پيوهيو ،پوِء وڌي وڃي تعارف ڪرايم ،هوَء بينڪ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارو ڏسي ڏاڍي خوش ٿي هئي .مون 236
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هوَء ڪنهن اهڙي ديس ۾ هجي جتي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڏسي ماڻهو حد کان وڌيڪ خوش ٿئي .پوِءجڏهن به بينڪ ۾ايندي هئي ته منهنجي ٽيبل تي ايندي هئي ،ساڻس وڏيون ڪچهريون ۽ کِل ڀوڳ ٿيندا هيا .جيتوڻيڪ هوَء ُان ُ سندس حسن تجالپيو ڏيندو ُهيو. وقت وهيَء کان چڙهيل ُهئي پوِء به سندس اکيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڀوڳن ڀوڳن ۾ مونکي چوندي هئي ،ڇورا تنهنجا ڳل ته ڇورين جهڙا آهن ُ ڪنڌ ڪندو هيس ته هيترا سال ُهئين ڪٿي ماريا؟ ۽ آئون نياڻين جيان شرمائي ،هيٺ ُمسڪرائي هلي ويندي ُهئي .ٿوري وقت بعد يوسف پالزا ويجهو ،النور سوسائٽي برانچ ماسات جهڙن مهانڊن واري انچوليَء جي رهاڪو شيعا فرقي جي شاهانه وڃڻ شروع ڪيم، ِ َُ ساڻ هوندي ُهيم .نه ڪو رشتو نه ڪو ناتو ،بس ۾ ساڳيَء سيٽ تي گڏ ،انسٽيٽيوٽ ۾ پاسي وارين ُ ڪرسين تي َگ ُڏ ،نه ُهن جي َم َن ۾ ُ مير نه منهنجي من ۾ دغا .النور ۾ وڃون ته پنهنجي مانيَء سان گڏ مون الِء به ٻه مانيون ٻڌيو اچي .النور جي سيڪنڊ آفيسر پنجابي سيٽلر آفتاب مون کي سنڌيَء ۾ ٽوڪڻ شروع ڪيو .ٿيندي ٿيندي آئون به آفتاب سان چرچن ۾ شامل ٿيو وڃان .ڪڏهن ته وات مان ُگٿا اکر به نڪريو وڃن .اسان ڀانئيون ته مائيَء کي ڪهڙي خبر ته سنڌيَء ۾ ڇا پيا چئون؟ سال کن بعد منهنجي الوداعي دعوت ۾ جڏهن بِ ُل ڦوڙيَء کان وڌيڪ آيو ،ته آفتاب جي نراڙ تي پگهر جا ُڦڙا ِڏسي پڇيم ڇا ٿيو اٿئي هڪڙا پگھر لهن ٻيا چڙهنئي پيا؟ ۽ تڏهن انهيَء مائيَء صاحبه کان به رهيو ڪونه ٿيو هيو ۽ ٺيٺ سنڌيَء ۾ چيوهيائين، ڀائوڪهڙو کنڊ جو جهاز ُٻڏو َ اٿو .مائيَء کي سنڌيَء ۾ ڳالهائيندو ڏسي ،اسان ٻنهي جا ُٻوٿ ٻه آنا ڇھ آنا ٿي ويا هيا .۽ ڦڪائيَء مان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيا هياسون .مائيَء وري به اڳرائي ڪندي چيو هيو ته ادا ،آئون حيدرآباد ڄائي آهيان ،سنڌي ڳالهايان ٿي ،اوهان جا مون بابت سمورا رمارڪ ،تبصرا ۽ ٽوڪون ،سڄو سال صبر سان پئي ٻڌم ۽ َسٺم ،اِنهيَء ڪري ته اوهان صرف ِرمارڪ ڏنا پئي .ٻي ڪابه هلڪڙائپ ڪانه پئي َ ڪئي .۽ انهن ڳالهين کي درگذر ڪندي به آئون اوهان جي اخالق کان ُمتاثر آهيان ،اوهان ڪنڌ هيٺ ڇو ٿا ڪريو؟ تڏهن وڃي اسان جي نراڙ تان سياري جا ٿڌا پگهر ُسڪا هئا ۽ پيٽ ۾ به ساھ پيو هيو. انهيَء ئي مائيَء جا هند سنڌ جي مشهور فنڪار مهدي حسن جي خاندان سان اچ وڃ جا واسطا هوندا هيا ،مهدي حسن جو گھر به النور سوسائٽيَء ۾ هوندو هيو .سندس ُپٽ ۽ ڌيئرون به بينڪ ۾ ايندا رهندا هيا .هڪڙي ڀيري انهن سان گڏجي مهدي حسن جي گھر به
237
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ويو هيس ۽ ساڻس تمام ڊگھي ڪچهري ڪئي هيم .مونکي مهدي حسن فقير منش لڳو هيو ،هيڏو وڏو فنڪار هوندي به نه ٽانِء نه ٽيڳر ،صفا سادو ۽ سڌو ماڻهو. ان زماني ۾ حبيب بينڪ جو دستور ُهيو ته ،ٽريننگ بعد سنڌ جا آفيسر پنجاب موڪليا ويندا هئا .هڪڙي ڏينهن سوچيم ته انهيَء جو اڳواٽ ڪو بِلو ڪريان .اصغر جروار صالح ڏني هئي ته پنهنجي تر جو هڪڙو وڏو ماڻهو ،پاڪستان جي وڏيَء حيثيت وارو آهي، انهيَء تائين پنهنجي َرسائي نه سهي ،ڇو نه انهيَء جي فرزند سان مِلبو رهجي جيئن اوير سوير ڪم اچي سگهي .۽ پوِء ايئن ڪيو هيوسين .موصوف سان ملي پنهنجي ماجرا ُٻڌائي هئي سون .وري حاجي محرم ڪانهيو هڪڙي ڀيري ڪراچيَء آيو هيو ،ته ُانهيَء سان گڏجي به ساڻس وڃي مِليو هيس .ائين واسطا وڌائيندو رهيس ،ٽريننگ جي آخري مهيني ۾ هلي َ موصوف کي عرض ڪيم ته قبال منهنجي بدلي هيئن پنجاب ڏي ٿيڻي آهي، َملهي وڃي سو توهان جيڪر اڳواٽ فون ڪري ڪنهن ڪاموري ڪڙي کي ُ ڪن کڻايو ته هي اسان جو ماڻهو آهي ۽ جتي چوي ٿو ُاتي ئي کيس رکو ،ته مون غريب جو ڀلو ٿي پوندو .منهنجي رڳو ڳالھ پوري ڪرڻ جي دير هئي ،موصوف فورن ٽيليفون ڪري اسالم آباد ۾وزير اعظم جوڻيجي جي سيڪريٽريَء محفوظ کي مون واري ڳالھ نوٽ ڪرائي هئي . .دل ئي دل ۾ کڳيون هڻندو ،وڃي فليٽ تي ڀلور ننڊون ڪيم .ٻئي ڏينهن وڏيَء ٽيڳر سان ٽيالرڙا ڏيندو وڃي ،هيڊ آفيس مان وڃي ُپڇا ڪيم ته مون الِء وزير اعظم صاحب جو اسالم آباد مان ڪو سفارشي فون آيو هيو؟ جواب مليو ته نه اهڙو ته ڪوئي فون ڪونهي آيو . .تڏهن وري ڊوڙيس وري صاحب ڏي ۽ سهڪندي سموري ماجرا ٻڌائي مانسُ .هن صاحب وري به اسالم آباد فون کڙڪايو .ايئن هڪ ٻه ٽي ڀيرا ڪيم ،پر پوِء ته هر ٻئي ڏينهن وٽس وڃان، نيٺ هلي هلي ُجتيَء جون ُکڙيون گسي ويون ۽ صاحب به روز فون ُ گهمائي .ڳالھ سمجهه ۾ نه اچيم ته وزيراعظم جو پٽ ،هرروز فون ڪري وزير اعظم جي سيڪريٽريَء کي چوي ،پوِء به ڪم نه ٿئي؟!! .وري سوچيان مون کي مطمئن ڪرڻ الِء خالي فون ته ڪونه پيو ُ گهمائي!! ،وري ِدل کي ڏڍ به ڏيان ،ته نه نه ائين ڪونه هوندو .هيڏو وڏو ماڻهو ائين ڪيئن ڪندو.؟!! آسرن آسرن ۾ هڪڙي ڏينهن هيڊ آفيس مان خبر پئي ته منهنجو بهاولپور جو آرڊرٿي چڪو آهي .ڪنهن ڏينهن اوچتو ئي اوچتو روانگي ڪندا .انهيَء وچ ۾ روزن واري عيد آئي هئي ،ته موڪل تي ڳوٺ آيو هيس ،عيد جي نماز پڙهي وري اسد صاحب وٽ سنڌڙيَء ويوهيس ،سوين ڀيرا بيان ڪيل ماجرا وري ورجائي هيم .ان ِهيَء ڏينهن هاجي محرم ۽ 238
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
حاجي محمد خان شر به منهنجا سفارشي ٿي بيٺا هيا .ان ڏينهن االئي ڪهڙي ڦِٽل هيم، جوچڱي موچاري َد َ ٻ به مِلي هئي ۽ ٺڙ ٺپ جواب به مليو هيو .انهيَء ڏينهن سوچيم هيُء ڪراچي۾ ملڻ واري صاحب کان بلڪل مختلف پيو لڳي .ائين ڇو آهي؟ تڏهن ڪامريڊن جو پڙهايل سبق ياد آيم ته وڏيرو ٻهراڙيَء جي سادن ۽ اٻوجهن ماڻهن تي داٻي الِء ڳوٺ ۾ جيڪي رويا رکي ٿو ،شهر ۾ ان کان مختلف ُهجي ٿو ،ان ڪري ئي اڄ اهڙي طريقي سان مون سان ڳالهايو اٿائين ،ڀانِء ُسڃاڻي ئي ڪونه ٿو .خير پوِء بلڪل نا ُاميد ٿي گهرموٽيوهيس. چوندا آهن ته بندي جي َم َن ۾ هڪڙي۽ مالڪ جي َم َن ۾ ٻِي هوندي آهي .سو ُهن َمٿئين يار کي منهنجو ڪم ڪهڙيَء به حالت ۾ ڪري ،امڙ جون دعائون اگهائڻيون ُهجن .ان ِهيَء الِء اهڙي ڪار ڪيائين ،جنهن جو وهم ُگمان ئي نه ُهجيم .ٿيو هيئن هو جو هڪڙي ڀيري هفتي واري موڪل تي گهر آيوهيس ،ته امڙ ٻڌايوُ ،پٽ ڪوئي پاڙي واري ڳوٺ جو الشاري تو الِء نياپو ڇڏي ويو آهي ته سندس دوست سڀاڻي شڪار الِء ايندا ۽ منجهند ڌاري تو وٽ چانهه پيئندا .پٽ ،ڇوڪرن ُٻڌايو پئي ته انهيَء ڀائيَء چيو پئي ته اهي آهن به تنهنجي بينڪ جا آفيسر .سو ابا وڃي انهن جي اڳيان پويان ٿِجانِء .بابا َم َن انهن ۾ ڪو اهڙو ُهجي جيڪو تنهنجي بدلي مير پورخاص ڪري ڇڏي .امڙ جي اهڙيَء سادگيَءواريَء سوچ تي ُمسڪرائيندي چيو هيم ،او منهنجي درويش امان ،هنن ويچارن الشارين جي اهڙي سنگت ڪٿي آهي جو ايڏو وڏو ڪم ڪري سگهن .هونئن به وزير اعظم جي ُپٽ کان جنهن ڪم الِء ڪجهه به ڪونه ٿيو ،سو تنهن ڪم ۾ هي ويچارا ڇا ڪندا؟ پر چوندا آهن ته ماُء ،ماُء هوندي آهي ،سو امڙ جي ُاميد پوِء به قائم رهي ،مونکي چيائين ،تڏهن به ُپٽ ڪهڙي خبر؟ مون کي ،توڙي خود الشارين کي به اها خبر ئي نه هجي ،ته وٽن شڪاري مهمان ايڏيَء وڏيَء پهچ ۽ ُ ڪرسيَء وارو آهي .قدرت وارو صرف کيس موڪلي ئي منهنجي َڀلي الِء پيو .۽ شڪار ته صرف بهانو آهي. ۽ جڏهن ورندي ُ صبح ٿي هئي ،شڪاري ُپهتا هيا .ٻنين ۾ َت َڙ ٿي ،ٻه چار بندوقن جا ڌوڙيا ڪريا ،بس پوِء شڪاري ڪامورا چانهه الِء مون ڏانهن َلڙيا هيا .۽ جڏهن ٿيا ،۽ ٻه چار ت ِ ِت َر ِ مليا هياسون ته ،پير بخش الشاريَء منهنجي تعارف ۾ کين ُٻڌايو هيو ته هيُء به حبيب بينڪ ۾آفيسر آهي ،۽ منهنجو ننڍو ڀاُء آهي .تڏهن انهن سڀني کان وڏي مونکان منهنجي پوسٽنگ جي جاِء ُپڇي هئي ، .پوِء نالو وري ُپڇيو هيو ،ذهن تي وري زور ڏيندي ڪجهه ياد ڪندي چيوهيائين ته تنهنجو ٽرانسفر بهاولپور ۾ ٿيو آهي ،هفتي کن ۾ رلِيو ٿيندين. 239
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وري به پاڻ ئي ڳالھ جاري رکندي چيو هيائين ،پريشانيَء جي ڳالھ ڪانهي ،خير آهي ،تون واپسيَء ۾ مون سان گڏ ُ هل ،جتي چوندينُ ،اتي تنهنجي ٽرانسفر ٿيندي .سوچيم ته بدليَء وارو هيُء ُبنڊ ته بنهي ڳرو آهي ،جهڙن تهڙن ڪامورن جي کڻڻ کان بنهي ڀاري آهي۽ شايد هيُء همراه به سٻاجهڙن ڳوٺاڻن اڳيان پنهنجي ليَء الِء ٿا ايئن ڪن ،سوچيم هنن سان گڏ وڃڻ ۾ ڪو هرج به ناهي ،بدلي ٿئي يا نه ٿئي ڪراچيَء جو ڀاڙو ته بچي پوندم. جڏهن شام جو وڻن جا پاڇا لريا هيا ،تڏهن الشارين جا اهي مهمان حبيب بينڪ جي هڪڙيَء وڏيَء وين ۾ ڪراچيَء الِء واپس روانا ٿيا هيا ،ته آئون به ساڻن گڏ روانو ٿو هيس .همراهه ٺڪاو به هڻندا پئي هليا ۽ آئون ُ ڪ ُ َ ڪڙ ٿيو، پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا پئي هليا ،وڏا ڊاڙا هڪڙيَء ڪنڊ ۾ ويٺو ،سندن خبرون ُٻڌندو رهيس .وين جڏهن يوسف پالزا وٽ ُپهتي هئي مان ،ته سائين مون کي هتي لهڻو آهي .۽ جڏهن وين بيٺي هئي ته ته عرض ڪيو هيو ِ منهنجي لهڻ مهلُ ،مک مهمان پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيندي چيو هيو ،هي وٺ ڪارڊ، انهيَء ائڊريس تي ُ صبح جو مون وٽ اچجانِء .جڏهن اهو ڪارڊ پڙهيو هيم ،ته زمين کان ٻه فوٽ مٿي کڄي ويو هيس .مار هي ته حبيب بينڪ جي ميمبر بورڊ آغا فصيح الدين جو سيڪريٽري ،۽ بينڪ جو به سينيئر نائب صدر ،سيد سعيد احمد آهي .دل ۾ چيم ،جيڪر هاڻ به ڪم نه ٿيو ته پوِء ڪڏهن به ڪونه ٿيندو .۽جڏهن ٻئي ڏينهن حبيب بينڪ پالزا جي 21فلور تي ُپهتو هيس .ته موصوف ڪمري جي شيشي مان ئي مون کي ڏسندي ،آڌر ڀاُء الِء ٻاهر هليو آيوهيو .وڏي احترام سان ويهاريائين .چانهه ۽ ڪيڪ آيا .پرسنل ڊويزن جي هيڊ کي ُ گهرائي پراڻو آرڊر ڦاڙي اتي ئي منهنجي رضامنديَء سان نئون آرڊر ٺاهي ،خود صحيحون ڪري فائيل ۾ رکي چيائين ،هاڻي وڃي آرام ڪر .جنهن ڏينهن ٻين کي آرڊر ملنداُ ،انهيَء ڏينهن توکي ڪونه ملندو ،ٻئي ڏينهن آرڊر کڻي ،پوِء وڃي رلِيو ٿجانِء .ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪجانِء .تڏهن خبر پئي هيم ته آغا فصيح پنجاب جو ميمبر بورڊ هيو سڄي بينڪ انتظاميه تي سندس حڪم هلندو ُهيس .هو صاحب ڪراچيَء ۾ ڪونه ايندو ُهيو .سنڌ جو سڄو ڪاروهنوار سعيد صاحب حوالي هوندو ُهيو ،جيئن وڻي تيئن ڪري. ُانهيَء وقت مون کي پاڙي جو وڏيرو ڏاڍو ياد آيو هيو ،دل ۾ چيو هيم همراھ ڏئي نه ها ته ڏکوئي به نه ها ،سوچيو هيم ته بروبر ،هيَء خلق ُخدا جي سچ ٿي چوي ته يارڙو ،غريب غربي جا َ ڪمڙا ڪرڻ کان ڪجھ مڙوئي لهرائي گھڻو ٿو . .ياد آيم ته هڪڙي ڀيري ڊي آئي بي جو هڪڙو صوبيدار مون کي ڳوليندو آيو هيو ۽ چيوهيائين ته ُ صبح جو اسپيشل برانچ جي ڊي ايس پيَء ُ گهرايو اٿئي .سوچيو هيم ڪنهن ڪامريڊ پراڻا ڪرتوت پڌرا ڪيا 240
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هوندااالئي ڇا .تڏهن ڏاڍو ڊنو هيس ته هاڻي ڇا ڪجي .نه اوهي نه ڪو واهِي .نه ڪو ڄاڻي، نه ئي ُسڃاڻي .ڪنهن کي مدد الِء چوان .نيٺ حاجي محرم ڪانهئي کي گڏ وٺي ساڳئي وڏيري ڏي ويوهيس .صاحب منهنجي ڳالھ ُٻڌڻ بعد اهڙي عجيب انداز ۾ ننڍڙو تبصرو ڪيو هيم جنهن جي معني ٿي نڪتي ته آئون منهنجي قبيلي جي اڪثريتي ڏوهارين جهڙو ئي ڪو اڻ پڙهيو گنهگار آهيان .۽ ٻئي لمحي چيو هيائين ته ٺيڪ آهي تون اتي ئي ويهه مقبول اچي ته تنهنجو ڪم ڪري ٿو .اهو مقبول صاحب هڪڙو سيٽلر۽ رٽائرڊ صوبيدار هوندو هيو ،جيڪو ڏني نه ورتي ،خلق جا ڇوڏا الهيندو وتندو هيو .شل نه ڪوئي ڪم صاحبن پاران کيس سونپجيُ ،هن جي صوبيداري چالو ئي ُاتان ٿيندي هئي .سوچيم هو ڪڏهن ايندو ۽ ايندو ته به مون جهڙي اڻ َمکئي سان ڪهڙي حالت ڪندو؟ سا ُخدا ئي ٿو ڄاڻي!! .خاموشيَء سان اڇا اڇا پير ڏئي ،سندس بنگلي مان نِڪري ويو هيس ،ٻڌو هيم ته ميرپورخاص جو غالم رسول جوڻيجو مرحوم سياسي ُگر ڄاڻي ٿو ۽ ايندن ويندن ،واقفن توڙي اڻ واقفن جا ڪم بيٺي پير ڪرائي ٿو ڏئي .هڪلي هوڪاري اوڏانهن ويو هيس. ٿيو به ايئن ئي هيو ،رڳو پنهنجي واقفيت ڪرائي .پنهنجي تڪليف ۽ وڏي َد َر جي موٽ ُٻڌائڻ جي دير هئي .مرحوم ڄاڻ ُسڃاڻ نه هوندي به ُمسڪرائيندي چيو ويهه آئون پاڻ ٿو انهيَء ڊي ايس پيَء وٽ توسان گڏجي هالن ۽ پوِء هو مون کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي ڊي ايس پيَء وٽ ويو هيو .جيڪي سوال جواب ڪرڻا ُهين سي ڪرائي واپس ساڳيَء جاِء تي ڇڏيو هيائين .سو ُمڙسن جو مهلون ُانهيَء َمهل ياد آيون هيون .۽ ڪامريڊيَء جي باوجود قدرت جي ڪارساز ُهجڻ جو ُانهيَء وقت يقين ٿيو هيو ،گڏوگڏ امڙ جي دعائن جو پڪو ويساهه تڏهن ٿيو هيم. ايئن هفتو کن ڪراچيَء جي روڊن تي مارچ ڪندي گذاري ،نيٺ هڪڙي ڏينهن سموريَء سنگت جي بهاولپور روانگيَء وقت ،سنگت سان بي ايماني ڪري ،زندگيَء ۾ پهريون ڀيرو وڏو ڪوڙ به ڳالهائيندي چيو هيم آئون هفتو کن ڳوٺ ِرهي پوِء بهاولپور ايندس. ائين اچي ،حبيب بينڪ مير پورخاص جا وڻ وسائي ،جيجل امڙ جا پير ُڇهيا هيم .ڪجھ ڏينهن ئي زونل آفيس ۾ واندو ويهڻ بعد پندرهن ڏينهن جي رليونگ ڊيوٽيَء تي کپري وڃڻو پيو هيو ،جتان رفيق راجپوت موڪل تي ويو هيو ،محمد صديق ٿيٻو ان برانچ جو مينيجر هوندو هيو ،ٿيٻو صاحب زماني شناس ماڻهو هوندو هيو .تن ڏينهين هو گريڊ 11 هوندو هيو ۽ آئون گريڊ 111۾ هيس .جيڪو اڳتي هلي حبيب بينڪ جو نائب صدر به ٿيو هيو. 241
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
پهرئين ڏينهن بينڪ جي ڊيوٽي ڪندي ،جيڪو پهريون گراهڪ مٿي ۾ لڳو سو امان اهلل هڱورو وڪيل هيو .اچڻ ساڻ چيو هيائين ته ڀائو ،چيڪ بوڪ وڃائجي ويو اٿم ،گھر ۾ اٽو ڪونه اٿم ،جلدي جلدي چيڪ بوڪ ٺاهي ڏيو ته وڃي اٽو وٺان .مڙس وٺيو قسم کڻي، اهلل ۽ قران جا ته سچ ٿو ڳالهايان .مون پهرينَء نظر ۾ کيس چريو سمجهيو هيو .پوِء اها خبر پيم ته مڙس کپري جو ناميارو وڪيل آهي ،ساڻس ان ڏينهن کان جا ياري ٿي ته اڄ سوڌو هلندي اچي .هاڻ ته خير سان چڱو موچارو مولوي ٿي پيو آهي .هڪڙي سا ڪني عادت اٿس ته جڏهن به ملندو آهي تهُ ،چمي اهڙي ته ڏيندوآهي جو منهنجو سڄو ُٻوٿ سندس گِگ ۾ ٿڦجي ويندو آهي. بينڪ آفيسر جي حيثيت ۾ عملي زندگيَء جي شروعات 1987کان ڪئي هيم .جڏهن حبيب بينڪ جي هٿونگو واريَء شاخ ۾ سيڪنڊ آفيسر جي پوسٽنگ وٺي ُپهتو هيس .هٿونگو االئي ڪيتري وقت کان اڇڙي َٿ َر جو گيٽ وي هوندو هيو ۽ اڄ تائين آهي .پر رڳو هٿونگو نه پر جيڪر پاڻ چئون ته نارا ڪئنال ،جنهن کي عام ماڻهو ڍورو چون ٿا ۽ انهيَء ڍوري جا جملي پتڻ اڇڙي ٿر جا گيٽ وي هيا .جن ۾ هٿونگو ،ڍليار ،ڏنگ ،مارئي ۽ ٻيا به ڪيترائي پتڻ هوندا ،پر هٿونگي کي انهيَء ڪري به گيٽ وي مڃڻو پوندو جو هتي پراڻي زماني کان هڪڙي بازار هئي ۽ اڇڙي ٿر جا ماڻهو پنهنجيَء ضرورت جون جملي شيون هتان ئي خريد ڪندا هيا توڙي وڪڻندا به هيا .تن ڏينهين پاڻ به جهڙوڪر گهر جا ڪڪڙ هياسين، ڇو جو پنهنجيَء ساريَء ڄمار ۾پاڻ هٿونگو پهريون ڀيرو ڏٺو هيو ،سو به بينڪ وارن ڏيکاريو هيو. ماڻهو چوندا هيا ته ورهاڱي کان اڳ هٿونگي پتڻ جي وڏي اوج هوندي هئي ،هيُء ناري جي اڀرندئين ڪپ تي واريَء جي ڀِٽن تي اڏيل خوبصورت ڳوٺ آهي .۽ هيُء وڏو ڪاروباري مرڪز به هوندو هيو ۽ و رهاڱي کان پوِء ڪي هندو سيٺيا هتان هليا ويا هيا ۽ شهر جو ڪاروبار به گهٽجي ويو هيو .پاڪستان ٺهڻ بعد هن ڳوٺ نما شهر ۾ قائم خاني برادريَء جي آبادي وڌي هئي .قائم خاني قبيلو سنڌ جي بارڊر جي پرينَء ڀر جي آسپاس مان ئي لڏي آيل لڳندو هيو ،سندن ٻولي ،ريتون رسمون اسان جي ٿر جي ماڻهن سان گهڻيون تڻيون ملندڙ جلندڙ هيون .هن ڳوٺ ۾ لڏي آيل گھڻا تڻا قائم خاني انگريز جي جي فوج ۾ سپاهيَء کان وٺي صوبيدار تائين نوڪريون ڪري رٽائر ٿيا هيا ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ انگريز جي طرفان وڙهي چڪا هيا .پوڙها ۽ رٽائر سپاهي ،حوالدار ۽ صوبيدار اڪثر ڪري بينڪ ۾ اچي ڪچهريون ڪندا هيا ۽ پنهنجي دور جون ساروڻيون ساري سرد آهون ڀريندا هيا .ڪجھ 242
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مالدار هندو کتري ان وقت به شهر ۾ موجود هيا ،جن ۾ سيٺ چوني الل ،ڪرپال داس، ڀڳوان داس ۽ ٻيا ڪافي گھر هيا ،جن مان گھڻا تڻا ته هاڻي هندستان لڏي ويا آهن ،نه ڄاڻ ڇو؟ ماڻهن کي اباڻو وطن ڇڏيندي هتي ٺاهيل چڱا موچارا آکيرا ايئن ئي ڇڏڻا ٿا پون .بنان ڪنهن ڏک پاپ جي .شايد مذهبي فرق يا ڪنهن ٻئي سبب! تن ڏينهين سيٺ چوني الل جي اوطاق ،سنڌ جي عام طور خوشحال ماڻهن جي اوطاقن جيان هلندي هئيُ .اڙيا ُٿڙيا هندو توڙي مسلمين مسافر هميشھ سيٺ چوني الل جي اوطاق تي لٿا پيا هوندا هيا .قائم خاني برادريَء مان جمعدار عالم علي خان ۽ صوبيدار فريد خان رڄ اشراف ۽ وڏي نالي وارا ماڻهو هوندا هيا .جمعدار عالم علي خان قائم خاني خدا ٿو ڄاڻي ته هتي اچي پير پاڳاري جو مريد ۽ دعوتي ٿيو هيو يا اڳي ئي هيو .سندس پٽن مان هڪڙو امجد نالي سان انهيَء وقت فوج ۾ حاضر سروس ميجر هوندو هيو ،ننڍو ُپٽ يوسف جنهن کي عرف عام ۾ پپو چوندا هيا سو آمر مشرف جي دور ۾ هٿونگي جو ناظم به رهيو هيو .صوبيدار فريد خان جا پٽ جعفر خان جي اڳواڻيَء ۾ پيپلز پارٽيَء سان واڳيل هوندا هيا. هتي جي حبيب بينڪ ۾ لکاڏنو مڱريو منهنجو مينيجر هوندو هيو ،لکاڏنو مڱريو ،سنهڙو، سيپڪڙو ،قدآور ُمڙس ،ڪاري ڏاڙهي ،ڳاڙهيون اکيون ،هميشھ سنڌ جي نقشي جو سونو الڪيٽ ڳچيَء ۾ پايو پيو هلندو هيو .جيتوڻيڪ هو جماعتي فقير هيو ،پر مٿس قومپرستن جو ٿورو گھڻو رنگ چڙهيل هوندو هيو .سنڌ يونيورسٽيَء جو اڳوڻو شاگرد اڳواڻ غازي خان سمون سندس لنگوٽيو يار هوندو هيو .پهرينَء ڪچهريَء ۾ لکاني سان اکيون مليون ،ڳاله ٻولھ ڪرڻ سان خيال مِليا .پوِء ڇا جي مينجري ۽ ڇا جي آفيسري؟ ،هڪ ٻن ڏينهن اندر دوست ٿي ويا سين .اصل اهڙا ڀانِء ڪي ورهين جا وڇڙيل ُهجون .ٻنهي جون گهڻيون حالتون به هڪ جهڙيون هجن .لکاڏنو ،پاسي واري شهر کپرو ۾ ڊاڪٽر نور محمد ڀٽيَء سان گڏ رهندو ُهجي .لکاني جونه ماُء نه پيُء ،نه ڀاُء نه ڀيڻ ،ڊاڪٽر نورمحمد جي صرف ماُء حياتي سان ته منهنجي به صرف ماُء حياتيَء ُهجي .چوندا آهن ته چنڊو هجي ۽ هاڻ آئون جو گڏ يو ِ چنڊي کي َسئو ڪوهن تي ڳولي لهندو آهي .سو ايئن لڳندو هيو ڀانِء اسان ٽنهي هڪٻئي کي ڳولي لڌو هجي ،ٽنهي جي ياري لوهان لوهه ٿي پئي .واندڪائيَء ۾ ننڍپڻ جي ڏکن سورن جا داستان هڪ ٻئي سان اوري اکيون ُپسائيَ ،ع ُ هد ڪريون ته پاڻ کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي .دنيا جي آڏو اهو ثابت ڪرڻو آهي ته ڇورا ڇنا ۽ يتيم به پنهنجي محنت سان دنيا جي هن ظالم معاشري ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي سگھن ٿا .۽ وقت ثابت ڪيو ته اسان ٽنهي هٻئي سان ڪيل اهو عهد پورو ڪيو .جيتوڻيڪ اسان بي ايمانيون ڪري مال ڪونه ميڙيا ،ڪنهن 243
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي پيٽ تي راتاهو ڪونه هنيو ،پر پوِء به اوالد الِء گھڻو ڪجھ ڪيوسون ۽ اڃان به ڪريون پياُ .اها اسان ٽنهي جي ياري اڄ ُسوڌي ايئن ئي هلندي اچي .جيتوڻيڪ وقت ۽ حالتن هڪ ٻئي کان جسماني طور پري ڪري وڌو آهي ،پر اڄ سوڌو هڪ ٻئي جي الِء ڪڏهن ڪوبه من ۾ مير ڪونه آيو اٿئون ۽ ڏک ُسک ۾ هڪ ٻئي سان حال سارو نباهيندا به اچون پيا. اڳ ۾ ذڪر ڪيو اٿم ته هٿونگي ۾ قائم خاني مسلمانن جي اڪثريت ُهئي ۽ اهي گڏيل هندستان جي فوج ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيَء جي مختلف محاذن تي جنگيون وڙهيا ُهجن .بينڪ ۾ اچيو پنهنجي بهادريَء جا قِصا ٻڌائين ته دنگ رهجيو َوڃون .هڪڙي ڳالهه وڻي ته پوڙها پڪا اسان کي َس َر َس َر ڪريو ڳالهائين .مطلب ته انگريزن جي قانون تي رٽائر ٿئي به پورا هجن .ته ڪنهن به کاتي جي آفيسر کي َس َر الزمي چوڻو آهي .سيٺ چوني الل کتري شهر ُ هندوهوندوهيو .سندس ُپٽ جيوت رام ،اسان کي منجهند جو مولي مل جو ُسکيو ستابو کتريَء جي مائي ۽ پڪوڙن تي ُبک ٽاريندي ڏسي ،پنهنجن نوڪرن کي ُحڪم ڏنو هيو ،ته بينڪ جي جملي اسٽاف کي منجهند جي ماني پهچائي ايندا ڪريو ،ائين مفت جي ماني اچڻ شروع ٿي هئيُ .ان زماني ۾ هٿونگي ۾ ڪوئي پڪو ٿاڻو يا جنهن کي صفا سنڌيَء ۾ صدر ٿاڻو چئون سو ڪونه هوندو ُهيو ،رڳو پوليس پوسٽ هوندي هئي .جنهن تي هڪڙو اڌ جمعدار ۽ سپاهي موجود هوندا هيا ،پر جهڙا هوندا هيا تهڙا نه ڇو جو ُعمر مالح ۽ پانڌي مالح هن عالئقي جا ناميارا ڏوهاري هوندي به ،ڌاڙيل هوندي به هٿونگي جي هوٽلن تي هٿيارن سميت اچي چانهيون پي ويندا هيا .مرحوم علي چانهيو ،جيلو جوڻيجوُ ،گليو مڱريو ۽ دريا خان سميجو سندن گھاٽا يار هوندا ُهيا .علي چانهيو پوِء خود به سانگهڙ لڳ پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو هيو .دريا خان سميجو ،موجودھ دور ۾ اڄڪلھ کپري جو وڏو ماڻهو ۽ وڏو زميندار آهي. ڪڏهن ڪڏهن هٿونگي کان کپري ڏانهن بس جي روانگي َء ۾ دير هوندي ُهئي ته آئون ۽ لکاڏنو پنڌ ئي پنڌ ڍوري جي انهيَء ُپل تي اچي ڪچهريون ڪندا هياسون ،جتي اڳي پتڻ هوندو هيو ۽ مهاڻا ٻيڙين ذريعي ماڻهن کي ُهن پار پڄائيندا هيا .اسان سوچيندا هياسين ته هِن ُپل ۽ هِن پتڻ جي سيني ۾ به وڏا راز هوندا ،هڪڙي وڏي تاريخ هوندي .صدين کان ُهن پار کان هِن پار ۽ هِن پار کان ُهن پار اڪرندڙ ماڻهن جون يادون هونديون .هڪٻئي کان روئي موڪالئيندڙن جون هجڪيون هونديون .رات جي اونداهين ۾ سنڌ جي آجپي الِء چي گويرا جيان جهيڙيندڙ سنڌ جي سوين ُحرن جا داستان هوندا .ڪاش هنن ڪپرن تي بيٺل وڻن کي وات هجي ،زبان هجي ته وڏا احوال هٿ ڪري وٺجن. 244
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هٿونگي جي آس پاس جي ڳوٺن جا ناال به عجيب هوندا ُهيا .سروٽن جو دڙو ،سيهونجي ،راڙ، دينپور رتو ڪوٽ وغيره ،پڪو يادگيرو ڪونهيم ته راڙ االئي دينپور الِء ته مشهور آهي ته شهيد عبدالرحيم گرهوڙي صاحب ،ساميَء َست ُگر ۽ دت گر جي َمڙهيَء تي ڪاهِڻ الِء هتان گذريو هيو .۽ راڙ جي يا دينپور جي سيدن کي مدد الِء صالحيو هيائين ته هنن انڪار ڪندي چيو هيس ته اسان جي ٻنيَء ۾ جام جهنگ ٿي ويو آهي سو وڍڻو اٿئون ايتري به واندڪائي ڪانهي جو توسان سونهان ٿي هلون .تنهن تي گرهوڙي صاحب جالل ۾ اچي وراڻيو هيو ته اوهانجي ناني( نبي پاڪ) جي ٻنيَء جو جهنگ صاف ڪرڻ اسين ٿا وڃون ،اوهين ويٺا پنهجين ٻنين جا جهنگ وڍيو .انهيَء تي هڪڙو ڪامل نالي ڪوري گرهوڙي صاحب جو سونهون ٿي ساڻ هليو هيو .چون ٿا ته شهيد عبدالرحيم گرهوڙيَء ،جالل ۾ پاراتو ڏيندي چيو هيو ته هي سيد ڪورڪو ڪم ڪندا ۽ ڪوري سيدن واري عزت ماڻيندا. سائين دين محمد شاهه تنهن زماني ۾ حبيب بينڪ جو گارڊ هوندو هيو ،راڙ جو رهاڪو هيو ،اها سا خبر ڪانهي ته گرهوڙيَء جي ِپ ِٽيل سيدن مان هيو يا ٻين مان هيو ،شاھ صاحب ڪنڊياريَء ۾ مون سان گڏ مئٽرڪ ۾ پڙهيو به ُهجي ،ته وري بنهي گهڻو ُحجتي به ُهجي، اسان کي حيرت تڏهن ٿيندي هئي جو اڇڙي ٿر جا سٻاجهڙا ۽ سادڙا ماڻهو سندس مريد هوندا هيا ،سي پري پري کان َ ڪهي اچي شاهه صاحب جي پيرن تي هٿ رکي پنهنجي هٿن کي چميون ڏيندا هيا .۽ کانئس دعائون ۽ ڌاڳا ڦيڻا وٺندا هيا .مون کي عجب لڳندو هيو ته دين محمد شاهه ننڍو ٿي وڏو منهنجي آڏو ٿيو آهي ،پڙهيا گڏ آهيون ،هڪٻئي جي ارڪانن ۽ افعالن کان به واقف آهيون .مون ڪڏهن هن سيد ۾ ڪاني ڪرامت ڪانهي ڏٺي ،پوِء به ماڻهو ويچارا سادڙا ۽ سٻاجهڙا کيس ِپير ڪري پيرين ٿا پون ،هن کان ڌاڳا ڦيڻا وٺن ٿا .۽ آئون هاِء ڙي سونهاري سنڌ تنهنجا سادڙا ماڻهو ڪري ٿڌا شوڪارا ڀريندو هيس. هڪڙي ڏينهن دين محمد شاهه بينڪ جي اسٽرانگ روم ۾ ڪوئي بينڪ جو ڪم ڪري رهيو ُهيو ،ته هڪڙي خاصخيلي ذات جي صدق واري مريد اچي مون کان ُپڇا ڪئي ته، سائين دين محمد شاھ ڪٿي آهي؟ مون ٿڌو ساهه ڀريندي وراڻيو هيو ،ابا تو کي خبر ڪانهي پئي ڇا؟ سائين ويچارو ته ڪالهه گذاري ويو هيو .اهي اکر ُٻڌڻ سان مريد ويچاري رڙ ڪري، پنهنجو َپٽڪو الٿو۽ بينڪ جي فرش تي ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ وڏي آواز ۾ پار ڪڍڻ لڳو. سندس روڄ ۽راڙي تي دين محمد شاهه ٻوٿ بڇڙو ڪري تڪڙو تڪڙو اسٽرانگ روم مان ٻاهر نڪتو .۽ پنهنجي ُمرشد کي جيئرو ڏسيُ ،مريد ۾ڄڻ ساهه پئجي ويو .ان ڏينهن دين محمد شاھ ۽ سندس مريد جو وس پڄي ها ته مونکي ڪچو کائي وڃن ها .پوِء به وس نه 245
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هلندي به مون ڏي ڏسي ڏند پئي ڪرٽيائون .تڏهن لکاڏني مڱرئي ،دين محمد شاھ کي چيو هيو ته هاڻ تون ۽ تنهنجو مريد ،تنهنجي جيئري هجڻ جي خوشيَء ۾ ٻاهر وڃي مولي مل جو مائو کائو ،۽ اسان کي بينڪ جو ڪم ڪرڻ ڏيو .تڏهن وڃي شاه ۽ شاھ جي مريد جي ُ ڪڪرين ۽ ڪاوڙيل اکين مان منهنجي جند ُڇٽي هئي. ان کان گھڻو پوِء پانڌي مالح ۽ ُعمرمالح وڏا ڌاڙيل ٿي پيا هيا ،عمرڪوٽ جي پاسي مان هڪڙو پنجابي آبادگار اغوا ڪيائون ،جان محمد پليَء جي گهر تي به هالن ڪيائون ،جن ڏوهن ۾ ساڻن گڏ عمرڪوٽ جي وڏي زميندار ۽ ممتاز علي ڀٽي جي دوست اميد علي الشاريَء جو ُپٽ ممتاز الشاري گڏ هيو .تنهن زماني جي مشهور ڊي ايس پيَء احسان علي شاه ،اميد علي الشاريَء جي ڀڳل پٽ تي زور بار وجهي کيس راضي ڪيو ۽ سندس ئي ڳوٺ تي ڪيل هالن ۾ ان ساڳئي ڇوڪري ڪالشنڪوف جا برسٽ ٻنهي ڌاڙيلن تي رٿا موجب هالئي ڇڏيا هيا .عمر ٿڏي تي ئي هلي ُچريو هيو ،زخمي پانڌي کي عالج الِء کپري جي پاسي ڪنهن خاصخيليَء جي گھر آندائون .ته دوکي سان اسان جي يار ڊاڪٽر نور محمد ڀٽيَء کي ڪنهن ٻئي مريض الِء ماڻهو وٺي ويا ،هٿيارن جي ڇانو ۾ پانڌيَء جون پٽيون ڪندي ،ڊاڪٽر نورمحمد گرفتار ٿيو هيو .پوِء داڪٽر سڇر درس وڏيون ڦلڪون ڏيکاري ،خان محمد مهر معرفت ڄام صادق عليَء تي وڏا بار وجهي ڊاڪٽر کي ٻاهر ڪڍرايو هيو .نه ته گهڻن ماڻهن ڀانيو ٿي ته ڊاڪٽر جي نوڪري ته وئي پر ٻچا به ُرلي ويندس. مرحوم جوڻيجي جو دور جي ڳالھ ياد آئي اٿم ،مرحو م جوڻيجي جي احمد ڪانهيي سان تمام گھڻي ويجهڙائپ ُهئي .جوڻيجي صاحب جي ُحڪم سان هڪڙي ڏينهن سرڪاري گاڏي ،بجليَء جا پول کڻي احمد ڪانهيي جو ڳوٺ ڳوليندي ،عبداهلل مهر وٽ اچي ُپهتي هئي .تن ڏينهين خان محمد َمهر سنڌحڪومت ۾ سڀ ڪجهه ُهجي ،خان محمد جي ڪري عبداهلل مهر جي وڏي هلندي ُپڄندي هئي .عبداهلل مهر ،ٺوڪي اها گاڏي اسان جي ڳوٺ موڪلي ڏني هئي .اسان جي ماڻهن اهي پول پنهنجي ڳوٺ ۾ لهرايا هيا .گهڙي نه گذري هئي جو احمد ڪانهيو ۽ ان جا ُپٽ وزير اعظم هائوس سنڌڙيَء جو هڪڙو ماڻهو ساڻ وٺيو آيا ،پول کنيائون ،پر نعرا به هنيائون ،هوڪرا ڪيائون .ڳوٺ ۾ سڀ مسڪين ۽ غريب ُهجون ،ڪو به ڦني خان نه هيو ،سڀ ماٺ رهيا .عبداهلل مهر کي اها ڳالھ نه وڻي هئي ،ته ُهن جا موڪليل پول کڄي وڃن .پوِء سندس سفارش تي ،خان محمد مهر جي چوڻ تي ،سنڌ حڪومت الڳ آرڊر ڪري اسان جي ڳوٺ جي بجلي منظور ڪئي هئي ،تڙ تڪڙ 246
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
۾ ڪم ٿيو هيو۽ ٻنهي ڳوٺن جي بجلي گڏوگڏ ٻري هئي ،وڏيون خير خيراتون ٿيون ،وڏا وڏا بلب آنداسين .ان رات ڀانِء سج لٿو ئي ڪونه هيو ،چئو طرف روشنيون ُهجن ،ٻيو ته ٺهيو پر گهرن ۾ پاليل ڪڪڙيون ُکڏين ۾ وڃڻ بجاِء ٻچا وٺي سڄي رات چوڳو ڪنديون رهيون هيون. هاڻي ڪجھ ڪجھ مالي حالتون به ُسڌرڻ لڳيون هيون ته ٿوري ٿوري بچت به ڪرڻ لڳوهيس ،وري اوچتو ٻيو ڏچو اهو ٿيو ته 1988۾ زوردار برساتن ۾ اسان جا ڪچا گهر مينهن جي پاڻيَء ۾ ڳري مٽيَء جا ڍڳ ٿي پيا هيا ،آڌيَء رات جو ڪچيَء ڪوٺيَء ۾ پٽ تي ُستل هجون ٻاهر زوردار وڏڦڙو سنجهي کان پئي وٺو ،اوچتو ننڍڙي نياڻيَء رڙ ڪندي چيو بابا مونکي گپ وارو ڀتر لڳو آهي .اٿي جو ٽارچ ٻاريان ته ڪمري جي اولهندينَء اوڏڪيَء ڀت ۾ ايڏو وڏو ڏار هجي ،جو ان مان سڄو سارو ماڻهو لنگهي وڃي .تڙ تڪڙ ۾ ٻچڙا وٺي اسڪول ۾ پناهه ورتي هئي سون ،ان زماني ۾ڳوٺ کان بس اسٽاپ تائين ٻن ڪلوميٽرن جيتري پنڌ تي گوڏي جيڏو پاڻي جهاڳي ،گپ ۾ هرروز ٻه ٽي ڌڪ کائي روڊ تي ُپهچندو هيس .بس ۾ سوار ٿيڻ تائين آفيس ۾ پائڻ جا ڪپڙا ۽ جتي هٿ ۾ کڻي ايندو هيس .ڪڏهن ڪڏهن گپ ۾ ٿڙي ڪرندو هيس ته اهي ڌوتل ڪپڙا گپ ۽ گاري ۾ ٿڦجي ويندا هيا .روز روز جي اهڙن سورن کان سوچيم ،ڇو نه شهر ۾ مسواڙ جي جاِء وٺي رهون .هڻي ماري هڪڙي جڳهه به هٿ ڪئي هيم ،پر امڙ سختيَء سان منع ڪيو هيو ،ته اباڻا َپ َڊ ناهِن ڇڏڻا .گهٽ ۾ گهٽ منهنجي جيئري ائين نه ڪر ،پوِء تنهنجي مرضي جيڪي ڪجان .ماُء جي نصيحت تي َعمل ڪندي بغير ڪنهن اجهي جي ،سرڪاري وڻيئي سو ويٺو ِ اسڪول ۾ ٻه مهينا پناهه گزين َر ُهيس .پنهنجي آفيسر هجڻ تي ندامت محسوس ڪرڻ احساس محرومي محسوس ڪندو هيس. لڳس .پر ايئن سمجهجي ته شديد قسم جو ِ هي اهي ئي ڏينهن هيا جڏهن ُڌر ڌڻين ضياُءالحق کان سڀ ڪم وٺي ،هاڻ کيس کير ۾ اوچتي ڪري پيل َمک جيان ڪڍڻ الِء جتن پئي ڪيا .سنڌي ماڻهو وڏيون وڏيون قربانيون ڏئي ،پنهنجو الھ تلھ ُلٽائي ماٺڙي ڪري وڃي ُ ڪنڊائتا ٿيا هيا .ڪنهن کي ڪوئي يقين ڪونه هيو ته هيُء همراھ ڪو ِسگھو ويندو .هوڏانهن ڀانئجي ٿو ته ُڌر ڌڻين جي ُ رٿائن جي ضياَء کي به ُڀڻڪ هئي .سو مڙس الِء جيڪا بهاولپور ۾ ڪوڙڪي اڏي هيائون ،جڏهن اوڏاهن هلڻ الِء ُهن جا پير پي سوريائون ته هن همراه به گھٽ ڪونه ڪئي هئي .جن جن تي به شڪ هيس ته اهي سندس الال مال خالص ڪندا ،تن سڀني ماڻهن کي ميڙي چونڊي
247
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
کڻي ساڳئي جهاز ۾ ويهاريائين .پوِء مڙس بي اونو ٿي ويهي رهيو ته هاڻ خير آهي .مارڻ وارا سڀ گڏ اٿم. پر ڪوڙڪي اڏڻ وارن ُمڙسن جو به شايد متبادل پالن جوڙيل هيو ،سڀ قربان ٿين ته ٿيڻ ڏبو ،پر هن مڙس کي چلتو ڪبو .۽ پوِء سواِء اسلم بيگ جي سڀ جا سڀ هوائن ۾ سڙندا رهيا .هونئن به چوندا آهن ته آ ِھ غريبان قه ِر خدائي .سو هيترن سارن غريب سنڌ واسين جون آهون آخر ڪٿي ته ُپڄڻيون هيون .ڪو ته انهن جو تدارڪ ٿيڻو هيو .بي گناهن جي خون جو به ته ڪو ليکو چوکو ٿيڻو هيو .۽ بستي الل ڪمال وارن ته اهو ڪرشمو پنهنجين اکين سان بيهي ڏٺو هيو .تڏهن ميڊيا ايتري عام جام ڪونه هئي .ڏئي وٺي پي ٽي وي ۽ ڪري بي بي سي ئي ماڻهن جي خبر ملڻ جو واحد ذريعو هوندا هيا .سو جڏهن پنهنجي ِ ڀڙو ٿيل گھر جي دڙي تي آگسٽ جي ُ گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ آڏيون ابتيون تارون جوڙي ،مڇرن جي مارا ماريَء ۾ هلندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي ويَء تان ،ضياُءالحق جي هلي ُچرڻ واري خبر ُٻڌي هيم .تڏهن اول ته يقين ئي ڪونه پئي آيو .ته ڪو دجال جو به موت ٿيندو آهي!! خير زندگيَء ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو هِنُ ،هن وٽ هلي ملهي پئي ضياَء جي مرڻ تي مبارڪون ڏنم .جيتوڻيڪ پنهنجي سانڀر کان انهيَء تي يقين اٿم ته دشمن مري ته به خوشي نه ڪجي ،متان ڪڏهن سڄڻ به مري پوي. ُ خير انهيَء بعد وڏي نڪ جي پڪائيَء سان مڙسن ڦلهيار مان ضياَء جا ڏند ڳولي لڌا هيا ۽ وڏي ڌام ڌوم سان ،وڏي اعزاز سان انهن جو جنازو کنيو هيائون .محمد خان جوڻيجو مرحوم تن ڏينهين ضياَء هٿان گھر ڀيڙو ٿيل هيو .پر سندس وڏائي ۽ اخالق ڏسڻ وٽان هيو ،جو هن ضياَء جي ڏندن پورڻ واري عمل ۾ شريڪ ٿي ،بيلچي سان سندس قبر تي مٽي وڌي هئي ،ايئن پئي لڳو ته مرحوم محمد خان جوڻيجو بيلچو هالئيندي دل ئي دل ۾ اهو چوندو هجي ته ،هلي ُچرڻ وارا ڀائو ،صوفي سنڌين ،يا فقير منش سنڌين سان وير وجهڻ جو انت اجهو اهو اٿئيي .يا ايئن به هجي ته هو انهيَء مهل اهو سوچيندو هجي ته اڄ هنن بيلچن سان جيڪا مٽي کڻي هن قبر تي وجهان ٿو ،سو ڄڻ ته پاڪستان ۾ آمريت کي هميشھ الِء وڏي کڏ ۾ پوري رهيو آهيان. هٿونگي جي َکترين جي ڳالھ پئي ڪيم ،ته شهر جي مکي سيٺ چوني الل جي ُپٽ جيوت رام هلي ملهي اچي اسان سان سنگت رکي هئي .روز پيو بينڪ ۾ المارا ڏيندو هيو .تن ڏينهين سوزوڪي ڪمپني جون ايف ايڪس ڪارون نيون نيون آيون هيون .جيوت رام ڀانئيان ٿو ته صرف پنجويهين هزارين ۾ زيرو ميٽر ڪار ورتي هئي .هڪڙي ڀيري لکانو 248
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مڱريو بيمار ٿي موڪل تي هليو ويو .جيوت ۽ آئون سندس طبيعت پڇڻ الِء ڍوري ناري سنبرياسين .تڏهن کپري کان ڍوري ناري وڃڻ الِء ٻيو ڪو به رستو ڪونه هوندو هيو ،سواِء ڍوري جي ڪپ جي .جنهن جي ڊسڙ ڍوري ناري پهچندي پهچندي نڪ جي ُ ناسن ۾ هلي ويندي هئي .تن ڏينهين پانڌي ۽ عمر مالح جو به وڏو ڀئو هوندو هيو ،ماڻهو رات جو سفر ڪرڻ کان لهرائيندا هيا .جيوت جي ڀانيان ٿو ته انهن سان واسطيداري هوندي هئي .ان ڪري رات جو سفر ڪرڻ مهل ڊڄندو ڪونه هيوُ .انهيَء رات رستي هلندي جيوت کي اچي اوچتو گردي جو سور پيو هيو ،گاڏي هالئڻ ته پري رهيو ،مڙس ِسير ِوڌل ڪڪڙ جيان ڦٿڪڻ لڳو هيو .مونکي چيائين ته ڪار تون هالِء .مون ڪڏهن گڏه گاڏو به نه هاليو هجي سو اچي ڦاٿس .پر همراھ همت ٻڌائي ۽ پاسي جي سور ۾ ڦٿڪندي مون کي سمجهائيندو هليو .ايئن آئون جيئن تيئن ڪري گاڏيَء کي ڍوري ناري پهچائي ويس .لکاني جي طبيعت پڇي ،جيوت جي دوا وٺي ،رات رات ۾ واپس ورياسين ،ته آئون پڪو ڊرائيور ٿي ويس. ۽ اها گاڏي رات جو گهر ڪاهي آيس ته مورهيان ئي هٿ پڪو ٿي ويو .اهو جيوت دوستيَء ۾ دوکيبازي ڪري هڪڙي رات ڪراچيَء جو بهانو ڪري ،لکاني مڱرئي جي ڳچ جيتري موڙي چٽ ڪري هندستان ڀڄي ويو هيو .لکاني جهازن جا ڀاڙا ڀري اتي وڃي ڪنهن طريقي سان هاريو پيتو ڪري وصولي َ ڪيس .اڄڪلھ چون ٿا ته هندستان جي شهر احمد آباد ۾ ڊاڪٽري ڪري ٿو .۽ ڪوئي ڪامياب ڊاڪٽر آهي .هتي ته ڪا ڊگري ٻگري ڪانه هيس .سندس چاچو ماستر پناالل به رٽائر ٿي هندستان لڏي ويو هيو ،ورهين بعد جڏهن ازل کنيس ته ويزا وٺي واپس اباڻي وطن آيو هيو ۽ هتي اچي ابا ڻن پڊڙن ۾ ساھ ڏنو هيائين. اهو 1985جو زمانو هيو جڏهن پي ٽي ويَء کي خيرباد چئي ،واڻڪي ڌنڌي ۾ دخلڪاري ڏني هيم ،جنهن کي سڌريل زماني ۾ بينڪاري چئجي ٿو ،تنهن ُ ۾رلندو ِپنندو وڃي1987 ، ڌاري هٿونگي جا وڻ وسايا هيم .اهو هٿونگو جيڪو اڇڙي ٿر جو گيٽ وي ۽ وڏو ڪاروباري مرڪز هيو .تنهن زماني جي هٿونگي واري حبيب بينڪ جي ٻنهي پاسي هڪڙو ريزڪيَء جو ته ٻيو ڪپڙي جو دڪان هيو انهن ٻنهي جو مالڪ سيٺ ڀڳوان داس کتري هيو .جيڪو ُهن دڪان کان هِن دڪان ڏي ويندي گهڙيَء گهڙيَء اسان جي بينڪ آڏو پيو َلمڪا هڻندو هيو .جيتوڻيڪ پاڪستان ٺهڻ کان پوِء هٿونگي جي گهڻي تڻي هلي چلي ٿ وس هئي ،پر پوِء به سيٺ چوني الل جي اوطاق هٿونگي ۾ آئي ته قائم خانين جي َه ِ وئي الِء وڏو َاجهو هوندي هئي .ڀڳوانداس عرف ڀڳواني ۾ ۽ سيٺ چوني الل ۾ رشتو ته 249
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
االئي ڪهڙو هيو ،پر پوِء به ڀانيان ٿو ته هيا ويجهڙا عزيز .هي سيٺيا جيتوڻيڪ هٿونگي جا ُتجار نه ئي سهي پر مڇيَء مانيَء وارا ماڻهو ضرور هيا. تن ڏينهن ڀڳوانداس جنهن کي عام طور تي لکانو مڱريو ۽ آئون توڙي هٿونگي جي َ ڪس جا جملي ماڻهو ڀڳوانو يا وڌ ۾ وڌ سيٺ ڀڳوانو ئي چوندا هياسين .تنهن سان مٿو مٿي تي سنگت ٿي وئي هئي ،هونئن به هو هيو به يار ويس ،هرڪنهن سان ُٻڍي توڙي ٻار سان هڪ جهڙو ،تاڙيَء جو ٺڪاُء ،۽ وڏا ٻڌا ٽهڪ ُهن جي نشاني هوندا هيا .منجهند جو جڏهن اسين به واندا ٿيندا هياسين ۽ هو به واندو ٿيندو هيو ته سيٺ مولي مل جي دڪان تان ُڀڳل مائو ۽ پڪوڙا گهرائي گڏجي کائڻ جي جهڙوڪر اسان ۾ عادت پئجي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن صبح جو سوير اچي دال کاکڙ سان نيرن ڪرڻ مهل جيتوڻيڪ هو اسان جيان نيرانو ڪونه هوندو هيو پر پوِء به ساٿ ضرور نڀائيندو هيو .وقت ڦرندو گهرندو ويو ۽ آئون به ڦرندو گهرندو ڪنهن ٻئي طرف هليو ويس 1991 ،ڌاري هڪڙي ڀيري ڪنهن دوست ٻڌايو ته ڀڳوانو بنان ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي پنهنجي وڏي ڀاُء ڪرپالداس ۽ ننڍي ڀاُء ريواچند سان گڏجي هن ملڪ کي ڇڏي هندستان هليو ويو آهي .منهنجي زندگيَء ۾، مون پهريون ڀيرو ايئن ڪنهن ُسلجهيل ،سمجهدار ۽ پڙهئي لکئي دوست کي پنهنجي ڌرتي ماُء کي ڇڏي پرديس پڌاريندي ُٻڌو هيو .جيتوڻيڪ هن جي وڃڻ جو مونکي ڏاڍو ڏک ٿيوهيو ،پر گڏوگڏ مٿس ڪاوڙ به هئي ته هن ايئن ڇو ڪيو؟ خير وقت وهندڙ پاڻيَء جيان تيزيَء سان گذري ويو ،انهيَء وچ ۾هندستان ايندڙ ويندڙ سندس مائٽن عزيزن مان خبرون پيون پونديون هيون ته همراه احمد آباد جي شهر ۾ وڃي ڪاروبار کوليو آهي ۽ وري خبرون پيون پونديون هيون ته همراه جي ڪاروبار ۾ َمندي اچي وئي آهي ۽ لڳي ٿو ته مڙس ُڏلي ويو آهي .هڪڙي ڀيري ڪنهن سندس ڀاُء ڪرپال داس جي پرلوڪ پڌارڻ جي به خبر ٻڌائي هئي .ان ڏينهن سوچيو هيم ته ڀڳوانو ڪيڏو به ڪٺور دل سهي پر ڀڳواني کي ڀاُء جي وڇوڙي مهل اباڻا ڪکڙا ۽ سنڌ ضرور ياد آئي هوندي .سو چيو هيم ته ڀڳواني جي رت جي رڳن ۾ سنڌ جي زرخيز مٽيَء جا ذرڙا جيڪڏهن اڃان به پنهنجو وجود رکندا هوندا ته اڄ پنهنجي ڀاُء جي وڇوڙي تي هن جيجل امڙ جي ديس ڏي ُمنهن ڪري ُڍنڍڪارون ضرور ڏنيون هونديون .ڪرپال داس سان گڏ رانديون کيڏندڙ سنڌي مسلمانن کي ضرور ساريو هوندو .۽ سوچيو هوندو ته جيڪر وطن نه ڇڏيان ها ته هينئر اهي سڀ مون وٽ َپرسو ڪرڻ الِء ويٺا هجن ها.
250
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وڏڙا ويچارا چوندا هيا ته وقت وڏو ويري آهي االئي ڪيترن کي وڇوڙيو ڇڏي ،ته وري ورهين جا وڇڙيل مالئيندي دير ئي ڪونه ڪري .مون سوچيو هيو ته هاڻ ڀڳوان داس جو منهن ڏسڻ شايد ئي نصيب ٿئي .هڪڙو ڀيرو اها آس ضرور جاڳي هئي ،سو به تڏهن جڏهن کوکراپار ٿي کليو ۽ هندستان ۽ پاڪستان جي عوام گڏجي اچي کوکڙي ۽ مونابائو جي جي اسٽيشنن تي ڏيئا ٻاري هڪٻئي سان ڀائپيَء جو اظهار ڪيو هيو ،جيتوڻيڪ اصلي ڏيئا ٻارڻ وارن يارن اسان پاڪستانين بارڊر تي پهچي ڏيئا ٻارڻ ڪونه ڏنا هيا ،تڏهن به ٻه چار ڪوھ پري بيهي ،آس پاس جي ُسڪل ُٻوهن کي ُ ڪهڙ ٺاهي ساڙي اسان سامهون وارن کي سوجهرو ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويا هيا سون .ته هائو ٻيلي پاڻ ڀائر آهيون ۽ ڀائر ٿي رهڻ ۾ ئي پنهنجو ڀلو آ .تڏهن هتان ويندڙ پهرين ريل گاڏيَء ۾ جن کي وڃڻو هيو تنهن لسٽ ۾ منهنجو نالو به هيو ۽ مون خوشيَء خوشيَء ڀڳواني جي مائٽن کان سندس احمد آباد جو نمبر هٿ ڪيو هيو ،پر افسوس جو اها ريل ته وئي پر انهيَء ۾ مون سميت مالن نيڪوَء پارا به ڪونه وڃي سگهيا هيا .اهو هڪڙو الڳ داستان آ. اهو 1991جو هليو ويل ڀڳوانو ،االئي ڪڏهوڪي هندستاني شهريت وٺي ،ويهارو ورهين بعد هندستان جي پاسپورٽ تي ،سنڌي هوندي به ڌاريو بڻجي ،پنهنجي اباڻي وطن جي ويزا وٺي ،ڪجھ ڏينهن الِء اباڻو وطن گهمڻ آيو آهي ،اهو گهر ڏسڻ آيو آهي جنهن جي هڪڙي هڪڙي ِسر جي خريدڻ تي ُهن جي پگهر جو پورهيو هليو هيو ،انهي ڍوري( هاڪڙو) کي وري ڏسڻ آيو آهي ،جنهن ۾ ننڍي هوندي ُٽٻيون هنيون هوندائين ،۽ وڏيون ُٽٻيون هڻي هڪ جيڏن سان ُ ڪندرو رانديون کيڏيون هوندائين .اهو هٿونگو ڏسڻ آيو آهي جنهن جي ُاڀرندينَء ڀٽ جي اڇڙي واري چوڏهينَء جي چنڊ جي رات ايئن چمڪندي آهي جيئن چانديَء جي ِڏک ڏيندي هجي .اهو رتي ڪوٽ جو مندر ڏسڻ آيو آهي جنهن ۾ راتيون جاڳي عبادتون ڪيون هوندائين .اهي هڪ جيڏا ڏسڻ آيو آهي جن سان اٽي ڏڪر ،گابڙي ،ٻيلهاڙو، ونجھ وٽي ۽ ڪوڏي ڪوڏي رانديون کيڏيون هوندائين .پر هي ڀڳوانو اسان جو هوندي به هندستاني ڀڳوانو آهي .هن جي هٿ ۾ هڪڙو حڪمنامو آهي ته جتي به ويندو حد جي ٿاڻي ۾ داخال ڪرائيندو ،هاڻي جيتوڻيڪ هو ساڳي ٻولي ڳالهائي ٿو جيڪا تون ۽ آئون ٿا ڳالهايون .ريتون رسمون به پاڻ واريون اٿس پر هو پنهنجو وطني پوِء به ناهي ،ڌاريو آهي. انهيَء ڀڳواني ،زندگيَء جا ايڪويھ ورهيه پرائي ديس ۾ گذارڻ بعد ،ڪالھ 2012جي سن ۾االئي ڪٿان ۽ ڪيئن اچي مونکي ڳولي هٿ ڪيو ،ڪي گهڙيون ته هڪ ٻئي جي ڀاڪرن ۾ ايئن هيا سون .جيئن ماڻهو محبوبن جي ڀاڪرن ۾ هوندا آهن ۽ ڪل ئي ڪانه پوندي 251
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اٿن ته ڪيترو وقت گذري ويو .۽ جڏهن ڀاڪرن مان نڪري هڪ ٻئي جي اکين ۾ نهاريوسين ته ٻنهي جي اکين جون پنبڻيون ُپسيل هيون .ٻنهي جي اکين جي تارن جي پاسن ۾رتانوان ڏورا پاڻيَء سان ڀريل ِچٽا پئي ڏسڻ ۾ آيا. پڇيومانس يار“ هيترا ورهيه گذري ويا توکي انهيَء جيجل امڙ جي مٽيَء جي ياد به ڪونه آئي جنهن جي مٽيَء مان ُاپايل َان کائي تون وڏو ٿيو هئين”؟ ته همراھ صفا ِجهڄي پيو ،اکين مان لڙڪ الرون ڪرڻ ٿي لڳس ته روڪي ورتائين ۽ چيائين“ يار وطن ڪنهن کان ٿو وسري .ماڻهو جتي ڄائو نپنو ،هڪ جيڏن سان رانديون کيڏي وڏو ٿيو ،سي يارڙا ،سي وٿاڻ ،سي مارو ،سو ڏٿ ۽ سي َپکڙا سي پنهوارڪيئن وسرندا .اهو ته هن دل کان ُپڇ جنهن 21ورهيه وطن جي سڪ الِء تڙپندي گذاريو آهي .هنن ڪکڙن کي ڏسڻ الِء تڙپيو آهيان ،اوالد کان لِڪي َڇپي ُرنو آهيان ،پر ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي منهن ُڍنڍڪارون ڪري رنو آهيان” .۽ ها تنهنجو به ته شهر ۾ گهر آهي نه ،پوِء تون ڳوٺ ڇو ٿو اچين؟ اٿئي ڪو جواب؟ يار ماڻهو جتي پيدا ٿئي ٿو ،جنهن ڌرتيَء تي بانبڙا پائي وڏو ٿئي ٿو ،سا ڪنهن نپٽي کان به ناهي وسرڻي” چيو مانس“ پوِء ڪهڙو ڪاريَء تي پير پيئي جو ايئن اوچتو کڻي اهڙي ديس پالڻيئه جتي نه تنهنجي ڄاڻ نه سڃاڻ هئي ۽ هو رڳو تنهنجا هم مذهب هيا ،تنهنجي ۽ هنن جي ٻولي، ثقافت ،ريتون رسمون سڀ الڳ هيون”؟ چوڻ لڳو“ سوچيو هيم ته رڳو وڃڻ جي دير اٿمُ ،اتي ڪي مون الِء مِٺا روٽ َپڪا پيا هوندا ،کير جون نديون وهنديون هونديون جن مان ُٻڪ ڀري پيو پيئندس ۽ گد گد ٿيندس، پر يار توکي ڇا ُٻڌايان ته هنن گذريل ويهارو ورهين ۾ جيڪي پاپڙ ويليا اٿم ،جيڪي سور کاڌا اٿم ،سي هڪڙو َمٿيون يار ٿو ڄاڻي ۽ ٻيو آئون ٿو ڄاڻيان جنهن ڀوڳيو آهي” .۽ تڏهن وڃڻ وارن شروعاتي سالن ۾ ته اها حالت هئي ته ڀانِء اڳيان ڪا وڏي کاهي هجيم جي ٿو ڪران ته به ٿو مران ۽ پوئتي ٿو وران ته َسپ نه ته به َسپ جو سراپ ٿو ماري”. ِ چيومانس ۽ “هاڻي جيڪر ڪير َچ َوئي ته وري وٿاڻين آُء ،ته پوِء ڇا ڪندين”؟ وراڻيائين “يار هاڻ اوالد جوان ٿي ويو ،پوٽن ڏوهٽن وارو ٿي ويس ،سڀ ڌنڌي ڌاڙيَء وارا ٿي ويا .هاڻ ڀلي منهنجي ۽ منهنجي گهر واريَء جي دل هيڏانهن ورڻ جي ڪري پر اوالد ڪونه ايندو .جيڪي اتي ڄاوا نِپنا ،تن جي ُاڪير به اتي سان هوندي نه .جيئن مونکي خوابن ۾ هي روڊ رستا ،هي وڻ ۽ ويڙها ٿا ڏسڻ ۾اچن تيئن ُهنن کي به اهي احمد آباد جا پڊ ياد ايندا .بس هاڻ ته جيسين ِجيئان پيو ،تيسين روح ٻنهي پاسي َٽنگيل ئي رهندو” . 252
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
آئون هن جي اهڙي جواب تي ٻوڏارجي ويس ۽ سوچيم ته اي جهان جا رب تو جڏهن هي جهان ٿي خلقيو ته ڌرتيَء جي ماڻهن جي من ۾ اهو به وجهي ڇڏين ها ته منهنجي ۽ تنهنجي جي چڪر ۾ نه پون ،هندو مسلم ،سک عيسائيَء يهودي وغيرھ جي تفرقي بجاِء سڄي عالم جو خلقيندڙ به تون هڪڙو ته ديس به هڪڙو ئي هجي ها .ڪوبه ڪٿي دنگ ڪري بندوق کڻي نه بيهي ها ته هي ُٽڪرو منهنجو۽ هو تنهنجو .ته هوند ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪا ڀيڻ پرديسي ڀائرن الِء ُڍنڍڪارون نه ڪري ها ،ڪو پيُء پرديس ۾ پرڻايل ڌيَء جو منهن ڏسڻ الِء ويزائن جي جنجهٽن کان آجو هجي ها .اي مالڪ اڄ به منهنجي ديس جي ماڻهن ۾ مذهبي رواداري آڻ ته اهي لڪم دينڪم وليدين تي عمل ڪن .ذات پات ،رنگ نسل ،قوم قبيلي جي جنجهٽن کان آجا ٿين ۽ آسودي زندگي گذاري سڄي عالم جا خيرخواھ بڻجن.
تن ڏينهين لکاني مائٽن کان لِڪي ڇپي ،حيدرآباد مان شادي ٿي ڪئي ،سندس ڄڃ ۾ چند دوست هياسين ،جن ۾ جيوت ،غازي سمون ،رشيد راڄڙ ،ڊاڪٽر نور محمد ڀٽي ۽آئون هيا سين ،رمضان مڱريو ۽ ٺارو مڱريو به لِڪي ڇپي آيا هيا ،جڏهن اسان جي ٽن گاڏين جو جلوس ميرپورخاص جي ماڊل ڪارخاني وٽان پئي گذريو ته اوچتو سامهون مرحو حاجي خان محمد مڱرئي جي گاڏي ڏسڻ ۾ آئي هئي ،غازيَء سمي ،جلديَء ۾ لکاني کي سيٽ تي هيٺ ڪري لڪائڻ جي ڪئي هئي ،لکاني جيڏو ڇھ هٿيو ُمڙسَ ،مس جيئن وڃي حاجي خان محمد جي نظرن کان لڪو هيو. انهيَء وچ ۾ هٿونگي ۽ کپري جي وچ تي سوناري واٽر جي رهاڪو حاجي قادربخش شر سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي هيم ،مڙس پهريان ته صفا تتڙينگ هيو ،پر پوِء کير جون لوٽيون مٿي تي ڍوئي ،کپري جي هوٽلن تي وڪڻي ،ٿيندي ٿيندي بنهي وڏو تونگر ٿي ويو هيو ،پر صفا سادي زندگي گذاريندو هيو ،شايد ٽڪڻ تي ٽوال جو سينهون ٺاهي ،کير جون ڍويل لوٽيون ۽ کپري جا پنڌ ياد هيس ،تنهن ڪري ُسورن سان ڪمايل پونجيَء جو قدر هيس. نئين ماڻهوَء کي افعالين ايئن لڳندو هيو ،ڀانِء ويچارو مسڪين ويال ٽاريندو هجي، هلڪڙي سادڙي ڪپڙي جي ميرڙي قميص پايو ،ٽوال جي گوڏ ٻڌيو ،پيو هلندو هيو ،گڏوگڏ ُمڙس رنگين چشمو پائيندو هيو۽ اڪثر ڪري انهيَء چشمي جي هڪڙي ٽنگ ُٽٽل هوندي هئي .ڪو به نئون ماڻهو ڪڏهن به ڪونه َلکيندو ته هي مڙس ڪو َت َونگر هوندو .ڪڏهن ڪڏهن مون تي مائٽ مائٽ چئي خرچ ڪندو هيو ،سوبه ڪنهن هوٽل تي ماني کارائڻ جو 253
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
يا گولڊ ليف جي پاڪيٽ جو .وڏهل جي ويٺل حاجي خير محمد مريَء مرحوم سان گھاٽي ياري هوندي هيس .حاجي خير محمد مرحوم ٻڌائيندو هيو ته هڪڙي ڀيري مڙس وٽ ججها پئسا گڏ ٿي ويا هجن ،سو ڇا ڪيائين جو مونکي وٺي ويو ته هل ته هلي پئسا ڪٿي لڪايون .سو وڃي سندس گھر جي لوڙهي جي ٻاهران وڏي کڏ کوٽي انهيَء ۾ پوريا هياسين .۽ مٿان نشانيَء طور ڪاٺي کوڙي ڇڏي هئي سون .ڪجھ وقت بعد کانئس اها جاِء وسري وئي ،ٻه ٽي راتيون آسا پاسا کوٽيندو رهيو .جڏهن رقم نه لڌس ته پڪ ٿيس ته اها حاجي خير محمد چورائي ويو هوندو .تڏهن اچي جهيڙو جوٽيائينس ،حاجي خير محمد کي اها جاِء ياد هئي سو ٻانهن کان وٺي انهيَء جاِء تي آڻي پئسا کوٽي ڏئي ،پنهنجي جان آجي ڪرايائين. حاجي قادربخش جو الڙو پيپلز پارٽيَء ڏي تمام گھڻو هوندو هيو ،کپري جي شهر ۾ ويهي پيپلز پارٽيَء جي ڳالھ ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالھ ڪونه هوندي هئي ،انهيَء ووٽ ڏيڻ جي ڪري ،فقير چوريون به جام ڪري ويندا هيس ته به حرام ڪو منهن ۾ گھنج ايندو هيس .جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيَء وارن پنهنجن دورن ۾ ڏنو ڪجھ به ڪونه هيس ،تڏهن به هي همراھ جتي هيو اتي ِشيخ ٿيو بيٺو هوندو هيو .پٽ جوان ٿيس، ڏٺائون ته اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ بجلي پئي ٻري ،اسان به وٺون ،حاجيَء سان ڳالھ ڪيائون ته بگڙي پيو ،چئي ابا ڌوڙ وجهوس ،ڪير پيو بجليَء جا بل ڀريندو ،پاڻ ايئن ئي ٺيڪ آهيونُ .پٽن کي اها ڳالھ نه وڻي ،لڪ چوريَء ۾ واپڊا وارن سان ڏنو ُپٽ ُڇٽي جو ڪري ڳالھ طيِء ڪيائون .هاڻ مسئلو اهو ٿيو ته بجليَء جو سامان ڳوٺ ۾ ڪيئن لهي، جيڪر ايئن ام ُڌم تي وڃي سامان لٿو ته حاجي آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيندو .پاڻ ۾ صالح ڪري مون کي چيائون ته اڄ رات اسان وٽ بجليَء جو سامان ايندو جنهن ۾ پول ۽ ٽرانسفارمر وغيرھ هوندا ،صبح جو حاجي صاحب جڏهن اهي شيون ڏسندو ته آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيندو .ان ڪري توهان اڄ رات اسان وٽ هلي رهو ۽ صبح جو حاجي صاحب کي ڪنهن طريقي سان ٿڌو ڪريو .ڇو جو هو توهان جي ڳالھ رکندو آهي .تن ڏينهين حاجي قادربخش جي اوطاق ڪانه هوندي هئي ،آيو ويو ،سياري اونهاري ،گھڻو ڪري ٻٻرن هيٺان رات گذاريندو هيو .اها رات مون سندن ڳوٺ کان اڀرندئين پاسي .ٻٻرن جي هيٺان سمهي گذاري هئي .مِٺا مِٺا سيَء هيا ،هلڪي ڦلڪي سوڙ ولھ ۾ دٻ ئي ڪونه جهلي هئي ،سڄي رات ننڊ ته ڪونه آئي هيم ،مڙوئي رات ڪٽڻي هئي سا ڪٽي ويو هيس .رات جو ٻن مزدائن ۾بجليَء جو سامان به اچي لٿو هيو .فجرڌاري حاجي صاحب گوڏڙي پايو ،کٻڙ جو 254
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏندڻ ڏيندو ٻاهر نڪتو ،اوچتو گهرن جي آڏو بجليَء جي سامان جو ڍڳ ڏسي ،منهنجي گاڏي سڃاڻي اچي منهنجي منهن تان رلي الٿائين .۽ وڏي ڪاوڙ ڪندي چوڻ لڳو مائٽ هتي ڪاٿي ستو آهين؟ پوِء ڪٿي سمهان؟ تو وٽ ته ڪا اوطاق به ڪانهي ڀائو .ڳالھ کي وڌائيندي چيم ،اهو ته پڇ ته اوچتو هتي آيو ڪيئن آهيان .تڏهن چوڻ لڳو ها ها اهو ته ُٻڌاِء. پوِء اصل قصي تي ايندي چيو مانس حاجي صاحب ڳالھ ئي نه ُپڇ ،رات ڪي ٻه گاڏيون هي سامان کڻي تنهنجو ڳوٺ پڇائينديون ،اچي مون وٽ پهتيون .چيو مان ته اهو هتان گھڻو مان ،ڀال حاجي قادر بخش ۾ ڪم ڪهڙو َ اٿو؟ تڏهن وراڻيائون ،ته ادا پري آهي .پڇيو ِ بينظير ڀٽو صاحبه ،خاص طور تي حاجي صاحب جي ڳوٺ الِء بجليَء لڳائڻ جو حڪم ڪيو آهي ،سو اهو ڳوٺ ڳوليندا ٿا وتون ،پر اسان کي َلڀي ئي ڪونه ٿو .ڳالھ کي وڌائيندي چيومانس ته ادا پوِء سوچيم ،ته جي هنن کي ايئن ٿو تنهنجي ڳوٺ موڪليان ته ڪونه ڪو پيپلو يا مورڳهين ليگلو هٿرادو قادربخش بڻجي وچان وچ سامان جهٽي ويندو ۽ حاجي قادربخش ويچارو بجليَء کان وري به رهجي ويندو ،ان ڪري هنن سان گڏيو هليو آيس ۽ رات هتي ئي سمهي رهيس .ڳالھ پوري ڪري ڏٺم ته انهيَء مهل حاجي صاحب جي ُمک تي عجيب قسم جي چمڪ آئي ۽ فخريه انداز ۾ چيائين ،هائو ادا هائو ،بينظير ويچاري بروبر مون کي گھڻو ڀانئي ٿي .پر هي وچ وارا وڏيرا مون کي َسهن ئي ڪونه ٿا .چڱو ٿيو جو تو آئين نه ته واقعي به هي پيپال منهنجو سامان کڻي وڃن ها .۽ پوِء گھران وڃي ُپٽن پوٽن کي ننڊ مان اٿاري ،اڳيان ڪري ،اچي سامان ڏيکارڻ لڳو .چوي پيو ڏسو بينظير ڀٽو ماکي ڪيترو ٿي ڀانئي ،جو رات جي پيٽ ۾ بجليَء جو سامان موڪلي ڏنو اٿائين. گھڻا سال پوِء ُپٽس راجا عزيز جي شادي ٿي ڪيائون ،چئي ڪو ڀت ڪندس ۽ ڪرڻ ڏيندس ڇا ،ڦنڊي خلق کائي ڀينگ ڪري ويندي ،نه بابا نه پاڻ ايئن ڪونه ڪنداسون ،پوِء ويهي هلڪڙي ڪاڄ جي خرچ پکي جو ڪاٿو لِکرايائين ،ڇھ قنائتون ,ڇهن ديڳين جا چانور ،اڍائي مڻ ڪڪڙ جو گوشت ،هڪ مڻ اٽو .۽ بس ٻيو ڪجھ به نه .تن ڏينهين آئون هتان بدلي ٿي ويو هيس ،پر واسطيداري اڃان به اهڙي ئي هئي .حاجي صاحب جي ُپٽن اچي مونکي سنبرايو ته هلي پنهنجي مائٽ کي سنڀال .ويس ته همراھ جو بِگل ڦريل هيو، چئي هي ڇورا ڀينگ ڪري ڇڏيندا ،ٻيلي هنن کي سمجهاِء .نيٺ ڏٽا پوزيون ڏئي راضي ڪيو سونس .سو به انهيَء تي راضي ٿيو ته چڱو ڀال فوزيا سومري ُ گھرايو ته پوِء ڪجھ ڪونه چوندس .پوِء اڍائي مڻن جي بجاِء 80مڻ گوشت هليو ،هزارن ۾ ماڻهو آيا .وڏا دهل دماما ٿيا. 255
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
حاجي صاحب پيپسي ڪوال جو شوقين هوندو هيوُ ،پٽس جي ڀت جي رات ليمي مل واڻئي پيپسي جي وڏي بوتل ۾ شراب مالئي مون کي ڏئي ڇڏيو ،ته حاجي صاحب جو تو تي اعتبار مڙوئي ڪجھ ججهيرڙو آهي ،پيپسيَء جي بهاني هيُء ُچڪڙو پياري ڇڏينس ته ُپٽن کي توڙي پاڻ کي تنگ ڪونه ڪندو .پوِء ان پيپسيَء جا ُڍڪ ڀريندي ،گهڙيَء گهڙيَء مون ڏي ڪنڌ ڦيري مون کي چوندو رهيو ،مائٽ هيَء ته ڏاڍي ڪساري آهي! .۽ آئون بار بار کيس اهو چوندو رهيس ته ،مائٽ اصلي بوتل اها آهي ،ڪراچيَء مان گهرائي اٿم .هتي ته رڳو کپري جي واڻين وٽ نقل پيو ٿو هلي .تنهن تي ڪنڌ ڌوڻي چوندو رهيو هائو مائٽ هائو تون سچو آهين .حاالنڪ ُانهيَء رات اڳوڻي مختيارڪار رستم بوزدار ليمي جي حرڪت کي تاڙي ورتو هيو ،حاجي صاحب کي گھڻو ئي منع ڪيائين ته .ادا هن ۾ شراب مِليل آهي ،متان پيتو اٿئي .پر مڙس منهنجي اعتبار ۾ ُ ڪسي ويو هيو .ٿوريَء دير بعد نشا چڙهيس ته حال گهڙيَء ته فوزيا سومريَء تي سون جا نوٽ گهوري خلق کي حيران ڪري وڌائين ،پوِء نيٺ هوريان هوريان وڃي ُستو ،۽ همراهن جو ڀت خير خوبيَء سان گذري ويو .صبح جو جڏهن ُمڙس کي سار ٿي ته سج ڪانو ٻه مٿي چڙهي ُچڪو هيو ۽ َڀ َ ت واري ميدان تي رڳو ڪانگ پئي اڏاڻا ،ٻيو ڪجھ به ڪونه هيو. سادگي ايتري هيس جو ،هڪڙي ڀيري صابر خيبر کان ٽريڪٽر خريد ڪيائين ۽ اڌ رقم روڪي چيائين جيستائين ٽريڪٽر جي نمبر پليٽ نه ڏيندين ايستائين پئسا ڪونه ڏيندوسانِء .ڪهڙي خبر ڪاڳر ڪوڙا هجن يا مورڳو ٽريڪٽر ئي چوريَء جو هجئي .اصل ۾ ٽريڪٽر ڪو چوريَء جو ئي هيو ،سو صابر ماٺڙي ڪري هڪڙي لوهار کان نمبر پليٽ جي سائيز جي لوھ جي پٽي ٺهرائي ،رنگ ڪرائي ،مٿس نمبر لکي ،هٿ ۾ ڏئي ،پئسا وصول ڪري ويس .حاجيَء کي گھڻو پوِء خبر پئي ته ٽريڪٽر جا ڪاغذ توڙي نمبر ڪوڙو آهي .پوِء پئي سٿرون ُ ڪٽيائين .پنهنجي کپري جي ٻئي دور ۾ مون خيبر ڪار ورتي هئي ،بينڪ جي موڪل جي ٽائيم تي حاجي صاحب هرروز اچي در ته بيهي چوندو هيو، ته مائٽ پهريائين ماکي گھر ڇڏي پوِء تون وڃجانِء .۽ ڪار ۾ ويهندي ئي آئون ايئر ڪنڊيشنڊ کوليندو هيس ۽ حاجي صاحب ناس جي دٻلي کولي ،دٻليَء کي هلڪو لوڏو ڏئي، ناس پنهنجين ناسن ۾ وجھندو هيو ،حاجيَء جي ناسن کان اڳ۾ ناس منهنجي نڪ ۽ اکين ۾ پهچي ويندي هئي ،۽ منهنجي ِڇڪن سان گڏ اکين مان لڙڪن جي به وارو وار هوندي هئي .پر سور پي به حاجي صاحب کي گهر ڀيڙو ڪري ايندو هيس.
256
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هٿونگي ۾ ئي ڀڳوان داس کتريَء سان سنگت جا پيچ اڙيا هيا ،سي به اهڙا ته اڙيا هيا جو مٿو مٿي تي يار ٿي پيا هياسين .ڏاڍو پيارو ۽ پيار ونڊيندڙ ماڻهو هيو ،سنڌ جي ادب ۽ سياست تي گھري نظر هوندي هيس .گڏوگڏ ڪاروبار جا ُگر به تمام وڏا ڄاڻيندو هيو، افسوس جو بنان ڪنهن ڊپ ڊاُء جي ،بنان ڪنهن زور بارجي ،بنان ڪنهن ڀئو جي ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃي انڊيا جا وڻ وسايائين ،سندس وڃڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو ،۽ اڄ تائين به اٿم. افسوس جو اڄ تائين ڪوبه رابطو ڪونه ڪيو اٿائين .ٻڌو اٿم ته گجرات صوبي جي ڪنهن شهر ۾ رهي ٿو .هن ئي دور ۾ لکاني مڱرئي به هڪڙي ايف ايڪس ڪار ورتي هئي، نوابشاھ ڏانهن پڦيَء جي ُپٽن ڪو ڀت ٿي ڪيو ته دل ۾ آيم ته ڇو نه امڙ کي ڪار ۾ وٺي وڃان .ان ڪري لکاني کان ڪار موڪالئي جڏهن ٻن ڪالڪن ۾ نوابشاه جي پاسي ۾ سٺ ميل جي شهر پهتاهياسين ،ته امڙ ايترو جلدي پهچڻ تي حيران ٿي وئي هئي .چيائين اها ئي مهل آهي ،ڏينهن ئي ڪونه لڙيو آهي جو پهتا آهيون .امڙ جو ڪار ۾ سموريَء حياتيَء ۾ اهو پهريون سفر هيو .ڳالھ ڪيائين ته پٽ اڳي نوابشاھ جي مائٽن ۾ اچڻ الِء فجر جو اٿي ماني پچائي ٻه گره پيٽ ۾ هڻي ،باقي مانيون ڪنهن اڳڙيَء ۾ ٻڌي ،ڍڳي گاڏي جوٽي ،ميرپور روانو ٿبو هيو ،ميرپورخاص مان ريل گاڏيَء ۾ چڙهي نوابشاھ پهچندي پهچندي ،سج لهان لهان پيو ڪندو هيو .هڻ وٺ ڪري سٺ ميل جي آخري بس ۾ چڙهي اچي اتي ُپڄبو هيو ،۽ پوِء وڍبو هيو پنڌ کي .رات جا ڏه يارهن ٿيندا هيا جو وڃي سڏ ڪري مائٽن کي ننڊ مان جاڳائي سندن اڻ ڪوٺيو مهمان ٿبو هيو .هاڻ ته ته ڏس ُمئن مهاجرن ڪهڙيون مشينون ڪڍي ڇڏيون آهن ( .امڙ هر شيِء الِء ڀائيندي هئي ته اها مهاجرن ٺاهي هوندي) گھڙيَء ۾ ئي هتي ُپڄي ويا آهيون .۽ پوِء ان وقت مونکي دعائون ڪيون ُ ڪارن ۾ گھمندين. هيائين ،ته ٻچا رب ڪندو سدائين وڏين وڏين ستت ئي هٿونگي مان بنان جواز بدلي ٿي هئي ،۽ اچي غريب آباد ميرپورخاص ۾ قائم بينڪ جي زونل آفيس جا وڻ وسايا هيم .ڪڏهن ڪڏهن اسپيئر ٽائر جيان ،جيڪو موڪل تي ويندو هيو ،تنهن جي جاِء تي ڊيوٽي ڪرڻ ويندو هيس .جنهن ۾ جام ٽي اي ڊي اي ملندو هيم .۽ نيٺ 1989جي وچ ڌاري ُعمر ڪوٽ ۾ سيڪنڊ آفيسر جي حيثيت ۾ پڪي معني ۾ مون الِء اصالح جوگهر بڻيو هيو. پوسٽنگ ٿي هئيُ .عمر ڪوٽ جو شهر حقيقي ٰ شروعاتي دور ۾ صرف ٻن ماڻهن سان واسطيداريون َوڌيون هيون ،تن ۾ هڪڙو ُهيو الئق ٿيٻو۽ ٻيو هيو سليم َمهر .ٻئي هڪ ٻئي جي ابتڙ ۽ هڪ ٻئي جا ضد هئا .الئق جڏهن مون ڏٺو هيو ،تڏهن اهڙو ڪونه هيو ،اصل ايئن چئجي ته َ ڪل ٿِڙيل ُمڙس هيو ته به ڪو وڌاُء 257
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪونه ٿيندو .هڪڙو ته َن َو َه ِٿيو مڙس ،جنهن جي ُجتيَء جو ڪارب ڪنهن موچيَء وٽ نه هجي ،سو وري ڀانيان ٿو خوشونت سنگھ کي گهڻو پڙهيِ ،سکن جو پٽڪو ٻڌڻ لڳو هيو، مٿان وري ُ ڪڙتو ۽ چوڙيدار پاجامو ،پيرن ۾ پنجابي ُکسو .اصل مڙس جهڙو محمد مشڪرو ٿيو پيو عمرڪوٽ جي گهٽين ۾ ُنوس ُنوس ڪندو هيو .پوِء به هن ننڍي نيٽي مڙس جو وڏڙا به احترام ڪندي چوندا هيا ته ابا هيُء همراھ ته ُاٺ ڪتابن جا پڙهيو ويٺو آهي .اها حقيقت به هئي ته عبدالڪريم پليَء جي اوطاق تي ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۽ ڪتابن جو هيُء عاشق ،حاضر جواب ،گھڻ پڙهيو ۽ تيز ماڻهو ،مذهبي رڪاوٽن کان گهڻو معني جملن ۾ گهڻو ڪجهه چوڻ وارو .ويجهن دوستن سان ويهي ته ُکلي ٻاهر ڦِرندڙُ ،زو ٰ ڳالهائي ،وزني ۽ ڀرپور دليل ڏئي ،ته هر ماڻهو سندس چڳ وڍيو ُمريد ٿيو وڃي .ڪجهه وقت اڳ ڪنهن وڏي ُمالن سان عمرڪوٽ ۾ مناظرو ڪندي مٿس تعزير جاري ٿي هئي. ڊنو اهڙو جو ُجالبن جا ڌوڙيا هجنس ،عمرڪوٽ اچڻ وڃڻ ُڇٽو ،مڙس سڄا سارا ڇھ مهينا کن ُ ڪنڊائتو رهيو ،۽ جڏهن جان ُڇٽس ته عام ماڻهن ۾ ڳالهائيندي لفظن جي ،پهريائين چڱي موچاري تور تڪ ڪري پوِء ڪو گفتو وات مان ڪڍي ،سو به تڏهن جڏهن اڳلي کي پرکي وٺي ،ته هائو ٻيلي اڳلو مڙس سهپ ۽ سمجھ وارو آهي ،نه ته ُچپ رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي .پر پڙهي لِکي سنگت ۾ ويهي ته ُمڙس صفا ُکليو پويُ ،کل به اهڙي ڪري جو وڃي ٿيا ست خير .ثاقب آريسر سان پراڻي ۽ گهاٽي ياراني هوندي هيس ،ٻنهي جي وچ ۾ وڏا وڏا مناظرا به ٿيل هيا .سو ثاقب آريسر جهڙي مذهبي ماڻهو َء کي تنگ ڪرڻ الِء رمضان جي مهيني ۾ وچينَء نماز ويل گدرو خريدي اچي ،۽ بلڪل خاموشيَء سان ڪنڊائتو ٿي ڏکڻ جي هوا تي ويهي ،گدرو وڍي کائي .مار پويس گدري جي خوشبوِء اهڙي ته تيز آهي جو وچينَء جي ويل روزيدار جي ته ڇا ،پر ڍاول جي به وات مان پاڻي ڳڙيو پوي .ثاقب سان به اها ئي ُجٺ ٿئي ،ته گارين جا ڌوڙيا اليو ڏئيس .الئق ،ثاقب جي گارين تي ڪوبه ڌيان نه ڏيندي خاموشيَء سان سمورو گدرو کائي ،پهريائين چار پنج وڏيون اوڳرايون ڏئي ،پوِء ثاقب جي آڏو وزني دليلن سان ثابت ڪري ته روزي دوران گار ڏيڻ سان هڪڙو ته انسان جو روزو مڪروهه ٿئي ٿو .۽ ٻيو ته تنهنجو ايمان ڪمزور هيو جو گدري تي وات پاڻي ٿي ويو اٿئي .۽ واهيات گاريون ڏئي پنهنجو روزو به مڪروھ ڪيو اٿئي .تڏهن ثاقب ايمانداريَء سان اها ڳالھ مڃيندي چوندو هيو ته ها يار اهو ته صحيح آهي، پر تو جهڙي اندر جي ڪاري کي اهو ڪونه ٿو ُجڳائي جو مون جهڙي ماڻهوَء الِء اهڙي فتوي جاري ڪرين .الئق ۽ ثاقب جي اها ياري اڄ به ويرون وير وڌ آهي ،باوجود انهيَء جي 258
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ته پوِء الئق به ميرپورخاص جي ميمڻ مهاجرن مان شادي ڪرڻ بعد پنهنجي نالي آڏو محمد به لکڻ شروع ڪيو هيو .تن ڏينهين سندس گهر واريَء کان پڇيو هيم ،ڀاڄائي ڏي خبر، ُمڙسهين ۾ ڪو دين ايمان جو ذرو به آهي يا جهڙو ڊگهو آ تهڙو ئي ُاٺ آهي .تنهن تي مرحيات ڀاڄائيَء چيو هيو االئي ادا منهنجي آڏو ته وڏا وڏا هٿ کڻي دعائون پيو گھرندو آهي .ته الئق ٺھ پھ لقمو ڏنو هيو“ دعا ٿو گهران ته تون هلي ُچرين ،پر اڳيان به ڪو هجي ته دعا اگهامي” .۽ نيٺ مار پئي ڪار زباني جي ڀوڳن ڀوڳن واري دعا اگهائڻ واري اگهائي ڇڏيُ .مڙس اوچتو رنوڙ ٿي پيو .انهي قصي تي پڇاڙيَء جو اينداسون حال گھڙي هلون ٿا اڳتي ،سو سندس ُابتن احوالن جي ڪري سندس وڏو ڀاُء وڏيرو ولي محمد ٿيٻو جيتوڻيڪ پيار مان کيس کلندي کلندي ُ ڪٽڻ جي نالي سان سڏيندو آهي. ڪنهن زماني ۾ ته سنڌ جا جيڏا سرتا ،ڀانيان ٿو ته حسن مجتبي کان وٺي حسن درس تائين کيس ناالئق ٿيٻو چوندا هيا .رڳو اهي ڪونه پر هرڪو کيس نئون نالو پيو ڏيندو هيو جنهن زماني ۾ مٿس وڏي ُملي جي تعزير جاري ٿي هئي ،تڏهن پانڌي ۽ عمر مالح نالي ٻن ڌاڙيلن جو هن ملڪ ۾ وڏو زور هيو .ڪنهن وڃي کين ڦوڪ ڏني ته وڏيري وليَء جو ننڍو ڀاُء الئق ٿيٻو ،دين دنيا کي مڃي ئي ڪونه .سي به پنهنجي ڪيل گناهن کي ثوابن ۾ بدالئڻ الِء ،هڪڙي ڀيري هن تي هالن ڪرڻ الِء اڳ جهلي بيٺا هيا ،همراه هٿ جو ُآين ته ُپٺن تي اهڙا سوٽا وڄايائونس ،جو ڪي ڏينهن مڙس ُپٺن تي ٽاڪوڙون ڪرائيندو وتيو هيو .۽ ڪنهن به ڌاڙيل جو نالو ُٻڌندو هيوته چار فوٽ ُاڀو ٿي هيڏانهن هوڏانهن لوڻو ڦيريندو هيوُ .ان هوندي به ُمڙس ُاٺ ڪتابن جا پڙهندو وتندو هيو ۽ علم ۾ اڳي کان اڳرو رهندو هيو. جڏهن اڃان پرڻيو ڪونه هيو ،تڏهن گھڻو تڻو حيدآباد ۾ رهندو هيو ،سندس چوڪڙيَء ۾ مرحوم عزيز پلي ،حسن درس ۽ حسن مجتبي جهڙا يار هوندا هيا .اها ڳالھ به لڪائڻ جهڙي آ ،جو همراھ آمريڪا وڃڻ جي شوق ۾ هڪڙي ٺڳ جي ور چڙهيو ،جنهن به ڊگھو ۽ بي عقل سمجهي چڱي موچاري َچتي چاڙهي هيس .تڏهن ڀانيان ٿو ته حسن درس ئي ڪٿي ٺوڪي لکيو هيو ته خوشقسمت آهيون اسين جو الئق ٿيٻي جي ٽهيَء مان آهيون. تنهن تي يارن وڏا ڪينرا ڪيا هيا .ته اهو وري ڪهڙو ڏاهو آهي .جو حسن ايئن لکيو آ. تن ڏينهين حليم باغيَء کي چريو ڪرڻ کان وٺي ،ٻيا به کوڙ الزام مٿس لڳا .پر مار رڳو ڌاڙيلن جي کاڌائين .ٻين کان َمال مليَء بچي ويو .هڪڙي ڀيري ُکٽيَء کنيو هيس ،جو ٺوڪي الطاف ڀائيَء کي پنهنجي نالي واري َڇپيل پني تي خط لکي سنڌ الِء صالحون 259
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏنائين .تان جو يارڙن کنڀي اچي کنيس ته هل زون تي وڏي ُگهرايو اٿئي .جيسين اتي ُپڄي ،الطاف ڀائيَء سان ڳالهائي تيسين مڙس جي ُٿڪ ئي ُسڪي وئي هئي .پوِء خبر پيس ته اڳلي مڙس کي سندس صالح ڪا وڻي هئي ،تڏهن ٿي فون تي ڳالهايائينس .۽ پوِء يارن جيڪو وٺي لطيف ،لطيف ڪيو هيو سا صالح هن ُمڙس جي هئي. گھڻو پوِء جڏهن ُمڙس جو ملڪ ۾اڃان وڏو ناماچار ٿيو هيو ،ته مشرف جي دور جي ميرپورخاص جي عوام دوست ناظم پير شفقت شاھ جيالنيَء ڪنهن پڙهئي لِکئي ماڻهوَء جي صالح تي ،هن همراھ کي تعليم الِء صالحڪار ڪري رکيو .خبر ته سڀني کي هئي ته هيُء قصو ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊو الهيار وارو آهي .االئي ڪيئن مڙسن جو گاڏو هلندو .پ ر ٽئين ڏينهن ئي مڙس ڪتابڙا ڪڇ ۾ ڪري ڀڄي آيو .ڀڄي ته آيو پر گڏوگڏ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص جي پرنسپل جهڙي ڀلوڙ ُ ڪرسي به ِوڃايو آيو هيو .وري ٻئي دور ۾ ناظمه ڪنيز صغري جوڻيجيَء کي ڪوئي پڙهيو لِکيو ماڻهو سيڪريٽريَء طور کپندو هيو ،سو حاجي راهو ،هن کي ٻڌي ٻوٿ کڻي وڃي ناظمه جي آڏو پيش ڪيو هيو .ته به انهيَء انٽرويو ۾ ڳٽڪارون ڪندي ڌراڙن جيان َڄٽڪا جواب ڏيئي پاند آجا ڪرائي ڀڳو هيو .گورنر عشرت العباد ،سنڌ جي اديبن الِء قلمڪار ايوارڊ جو اعالن ڪيو هيو ،جنهن ۾ ڳچ جيتري روڪ رقم به هئي ،تنهن ۾ هن همراھ جو نالو به هيو .پر هن همراھ ٻئي ڏينهن ميڊيا آڏو اچي چيو ته ڀائي آئون قلمڪار آهيان ئي ڪونه ،سو اهو ايوارڊ به ڪونه وٺندس .۽ گھڻي چئو چوان بعد به سندس نه کي َن َو ڪوٽ آيل رهيا. ويجهڙ ۾ مڙس َرنِجي پيو آ ،جيتوڻيڪ هڪڙو دادلو عامر سندس گهر جي چلھ ڪونه ٿو َٻرڻ ڏئي ،ٻين اکرن ۾ ٽئي ويال ماني ُپڄايو وڃيس ،ٽين اکرن ۾ ُمڙس سڌو سنئون ِپن جي ُٽڪرن تي پيو َپري .جنهن به يار دوست کي اها ڳالھ نٿي وڻي ،سو وري پرڻجڻ ۽ گھر جي ُچلھ ٻارڻ واري آڻڻ جي صالح ٿو ڏئيس .مڙس کي صالح ڇا ٿي ملي ،ڄڻ ککر ۾ کڙو ٿو لڳي .مڙس رهندو صالح ڏيندڙن جي ڪنڌ ۾ پيو وڃي ،سڌو ِپڌوچيو ڇڏي ،اوهان واريون ڏيو ته شادي ڪيان .تنهن ُسوران هرڪو ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکيو ڀڄيو وڃي. پر ڀڄي جان ڇڏائيندڙن کي به چوي ته ڀائي جي جيئري نٿا سهسايو ته وصيت نامي ۾ ئي لکي ڇڏجو ،آئون ايترو انتظار ڪري وٺندس. هوڏانهن سليم مهر ،الئق جي ڀيٽ ۾ تمام ٿورو گھٽ پڙهيل هيو ،پر مڙس بنهي گهڻ ُ واترادو هوندو هيو .هرهڪ نشي پتي جي علت سميت ،منجهس ٻيو به گهڻو ڳالهائو ۽ وڏو ڪجهه ُهيو .جيتو ڻيڪ هو هاڙھ جي ويٺل هڪڙي مسڪين هر هاريَء ڪاڪي قاسم مهر 260
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جو ٻار هيو ،وڏي محنت ڪري ،پاڻ بيلچا هڻيَ ،ڏلها کڻي۽ تغاريون کڻي ،وڏا سور پٽي ۽ پورهيا ڪري پوِء ٺيڪيدار بڻيو ُهيو ،سو گهڻي پئسي اچڻ سان پٽڙيَء تان ٿورڙو ٿ ِڙي به ويو ُهيو .يا وري پئسو هٿ جو َم ُر سمجهي اڻ ميو ُاڏاريندو وتندو هيو .ڀوڳائي به اهڙو ُ امان .ڪچهريَء ۾ ويٺي ويٺي ڪابه ڪوڙي ڳالھ ڪري منهن جو ُهيو جو اصل اهلل ڏئي اهڙو پڪو ٿي بيهندو هيو ،جو هرڪو ماڻهو يقين ڪري وٺندو هيو .هڪڙي ڀيري اسان ٻيئي ڄڻا حبيب بينڪ جي ٻاهران ٺهيل َٿلهي تي ڪرسيون رکي ڪچهريَء ۾ مگن هياسين ،ته پريان َٿ َر جو ناميارو اسمگلر ُعرس نهڙي ،ڪارونجهر هوٽل هيٺان بيٺو هيو، قد ڪاٺ ۽ ڪپڙي لٽي سان عرس نهڙي ڏاڍو خوبصورت لڳندو هيو ،همراه جو مون کي گهڻو وڻيو ،ته منهنجو روح ڪونه رهيو ڪونه ٿيو ۽ سليم کان ُپڇيو هيم ،ادا سليم اهو خوبصورت ماڻهوڪير آهي؟ تنهن تي ٺھ پھ وراڻيو هيائين ته ،اهو سهڻو جوان هتي جي لِڪل ڳاڙهي بازار جو ُ مال سپالِء ڪندڙ آهي .هميشھ جيان سندس ڳالھ تي اعتبار نه ڪندي ۽ ڪوڙي دٻ سمجهندي چيو هيم ،ڇڏ يار سليم ،ههڙو خوبصورت ڳاڙهو ڳٽول ڪنا َ ڪم ڪيئن ڪندو هوندو؟ تنهن تي ُمنهن تي ُرڪ َٻڌي ،نڪ جي پڪائيَء جوان ،اهڙا ِ سان مونکي گِ ِھلي عرس وٽ ويو هيو ۽ پڇيو هيائينس ته ،منهنجي هن ڪاموري يار کي مال ٿو کپي ،تو وٽ حاضر ُ مال آهي يا نه؟؟ تنهن تي عرس به ٺھ پھ وراڻيو هيو ،حاضر ڪٿي ُپهچايان؟ عرس جي اهڙي جواب تي ڏندين منهنجا يار ،مال جام آهيُ ،حڪم ڪر ِ آڱريون اچي ويون هيم ،سوچيو هيم مار!! مڙس جو قد ڪاٺ ،رنگ روپ ،ڪپڙو لٽو ته ڏسو ۽ ڌنڌا به ڏسو!! .گهڻو پوِء اها خبر پئي هيم اهو مال ٻيو ڪجهه به نه ،پر انڊيا جو ارسٽوڪريٽ شراب ُهيو .جنهن جو ُعرس وڏو اسمگلر هيو ،۽ ُاٺن جا ُاٺ ڀري اچي ٿر جي ڀِ ُٽن ۾ پوري ڇڏيندو هيو ۽ پوِء چڱا موچارا ڏوڪڙ وٺي ،يارن دوستن کي گھر ويٺي پهچائي ڏيندو هيو .سو تنهن ڏينهن به سليم کانئس اهو ئي مال پڇيو هيو ۽ مونکي بيوقوف ٺاهڻ الِء منهن تي ُرڪ َٻڌي ابتي ڳالھ ٻڌائي هيائين. جيتوڻيڪ تن ڏينهين پنهنجي جاِء مسواڙ تي ورتل هيم ،پر ڪڏهن ڪڏهن سليم جي جاِء تي رات رهي پوندو ُهيس .۽ پنهنجي هيڏي ساري ڄمار ۾ نه ڪڏهن شراب ڏٺو هيم ۽ نه شرابي ڏٺا هيم نه ئي وري ڪڏهن شرابين جي ڪنهن ڪچهريَء ۾ ويٺو هيس .سليم جي جاِء موالين جو وڏو ڏيرو هوندي هئي ،رات ٿيندي ئي ڀانت ڀانت جا ماڻهو شيشي ُسٿڻ جي ورن ۾ کڻي اچي پهچندا هيا .۽ جام سان جام ٽڪرائيندا هياُ .چڪو چاڙهڻ بعد موالي لڏو هوائن ۾ اڏرندي آسمان سان ڳالهيون ڪندو هيو .ايئن لڳندو هيو ڀانِء سنڌ جا والي 261
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هجن .ڀانِء دنيا جهان مڙسن جي پيرن ۾ پيو هجي .جڏهن موالين جون محفلون زندگيَء ۾ پهريون ڀيرو اتي ڏٺيون هيم ،ته عقل دنگ رهجي ويندو هيو ،موالين کي خمارن ۾ ٿِڙندي ،وڙهنديَ ،پرچندي ،روئيندي ۽ کلندي ڏسي ،عجب ٿيندو هيو .رات جو موالين جون ُخمارن ۾ ڪيل خبرون ٻڌي سمجهندو ُهيس ته هي ته سڀ چريا ٿي ويا .يا هنن مان ڪو رات جي پيٽ ۾ مري ويندو ،پر ُ صبح جو کين ٺيڪ ٺاڪ ڏ ِسي حيرت ٿيندي ُهيم .مزي جي ڳالھ اها به هئي ته ايترين سارين محفلن ۾ هوندي به اڄ ڏينهن تائين دارون نه پاڻ ئي پيتم نه ئي ڪو زبردستي پياري سگھيو .حاالنڪ عمرڪوٽ جي معروف سياسي شخصيت غالم رسول شاھ عرف ٻائو شاھ ،هڪڙي ڀيري مرحيات نوري هڱورجي کي گڏ وٺي اچي مون تي هالن به ڪئي هئي ،۽ مون ننڊ ِپيل کي ،کٽ جي واڏڻ جي رسي سان ٻڌي شيشي جا ُڍڪ ايئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جيئن پاڻ ڍڳي کي تيل جا ُڍڪ ِڏيون .پر پوِء به ُ ڪ ُن پيٽ ۾ وڃڻ ڪونه ڏنو هيم .االئي ڇو؟ سنگت ته سموري چوندي الٽيون ڪري اهو ِ اٿم ته مان هن ڀلوڙ نعمت کان محروم آهيان .االئي اها نعمي آهي يا زحمت سا ته رب ٿو ڄاڻي ،پر پاڻ کي رب بچايو آهي. تنهن زماني ۾ عمرڪوٽ ڪاليج جو پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري هوندو هيو .شام جو اڪثر ساڻس ڪچهريون قائم ٿينديون هيون .هو عمرڪوٽ ڪاليج جي هاسٽل جي هڪڙي ڪمري ۾ انتهائي سادگيَء سان رهندو هيو .مرحوم سنڌي ،عربي، فارسيَء ۽ انگريزيَء جو وڏو ماهرهوندو هيو ،هو ايران جي اڳوڻي وزير خارجا علي اڪبر واليتيَء سان گڏ تهران يونيورسٽيَء مان پي ايڇ ڊي ڪري آيو هيو .تن ڏينهين عمرڪوٽ جو جيمخانو اڃان شروع ڪونه ٿيو هيو ،اڪثر ڪري بيڊمنٽن ۽ ٽينس راند به وڃي ڪاليج ۾ ڪندا هياسون .عمرڪوٽ ۾ يارن جو ته ڇيھ ئي ڪونه هيو ،پر هنن ٻنهي همراهن کان سواِء گهڻي اٿ ويھ ڊاڪٽر عزيز ورياماڻي ۽ ڊاڪٽر حاجي راهوَء سان به هيم ،جيڪي به مون جيان شراب جي مزن وٺڻ کان باغي هوندا هيا .ڊاڪٽر عزيز ورياماڻي ،سنهڙو سيپڪڙو ،۽ داناُء هجڻ سان گڏ حڪمت جو به وڏو ڄاڻو هوندو هيو ،ورلڊ بينڪ جي تعاون سان جن ٻن ٿري ڊاڪٽرن ،ٿرين کي واري جي بيماريَء مان آجو ڪرڻ الِءگنيورم پروجيڪٽ جو ذمو پنهنجي سر کنيو هيو .انهن ۾ ڊاڪٽر ايوب قاسماڻيَء سان گڏ ڊاڪٽر عزيز به هيو .هنن ٻنهي مڙسن پنهنجي ديس جي مسڪين ماوئڙن الِء عذاب بنجي ُاڀريل هن واري جي بيماريَء کي ختم ڪرڻ الِء ٿر جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ َڀٽڪي پاڻيَء جي تراين ۽ تالئن ۾ دوائون وجهي ،هن بيماريَء جي جراثيم کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو 262
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو ،سو به بنان ڪنهن شهرت حاصل ڪرڻ جي شوق جي .تن ڏينهين ڊاڪٽر عزيز جي ياري امين ناگوريَء سان به هوندي هئي ،جيڪو زراعت کاتي جو ڪامورو هيو ،عزيز ۽ امين ٻئي ڄڻا اڪثر ڪري ڀولو ڀائيِء نالي هڪڙي درزيَء جي دڪان تي ويهي رات جو ڪچهريون ڪندا هيا .بقول سندن ،ته اتي ڪڏهن ڪڏهن ڪي مست الست اچي کين ُستيون ڦيڻا ۽ حڪمت جا ڏس ڏئي ٿا وڃن .مون به انهيَء شوق ۾ ڊاڪٽر عزيز سان گڏجي ڀولو ڀائيَء جي دڪان جا ڪافي پنڌ ڪيا هيا ،سندس پراڻي ۽ سينواريل پاڻيَء جي ناديَء مان ڪيئي ،ڪوپر جا ِچٻا گالس پاڻيَء جا ڀري پيتا هيا .۽ اوٻاسيون ڏيندي وڏا انتظار ڪيا هيا ،ته من ڪو درويش اچي ۽ مون کي پنهنجي دعائن سان رڱي وجهي .پر منهنجي نصيب ۾ ڪوئي درويش ڪونه آيو هيو .جو مون کي دعائون ڏئي هاُ .اتي ئي گوگي پير جا مريد ۽ نانگن جي بادشاھن ،مصري جوڳي ۽ ڦوٽي جوڳيَء سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي ُهيم ،ڦوٽو جوڳي، ٿر جي کيکڙا سروس جي بانين مان هڪڙو هيو ،پنهنجي دور جووڏو ُتجار ماڻهو هيو ،پر جوڳي جو ٿيو ،سو پنهنجو اصل ڌنڌو يعني پنڻ واري َپ ِر نه ڇڏيائين .ايئن ئي ڏسندي ڏسندي ،االئي انهيَء ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪاروبار لڙهندو ويس ،تان جو نيٺ اچي آڻيون چاڙهيون تي بيٺو .۽ سڳي گبري ۽ ساڳيو ڦوٽو ،ساڳي اباڻي ڪرت سان لڳي ويو هيو .تن ڏينهين مصري جوڳي ُاڀريو ،وڏي مڙسيَء سان ڦوٽي جي جاِء واالريائين. کانئس جڏهن به پڇندو هيس ته مصري ڏي خبر ڦوٽو ڪيئن تباھ ٿيو؟ ته ٺھ پھ وراڻيندو هيو ،اي سائين! ڦوٽي جيڪا جنڊاهوڙيَء مائيَء سان ٻي شادي ڪئي هئي انهي هڻي تباھ ڪري ڇڏيس. تن ڏينهين منهنجو بينڪ مينجر ،هوت چند مهيشوري ،مِٺيَء جو رهاڪو هيو ،ننڍڙي َقد جو ،سنهڙو سيپڪڙو هيو ،عام ٿرين جيان کاري پاڻيَء جي ڪري پيال ڏند هوندا هيس، هو حساب ڪتاب جو انتهائي تيز هجڻ سان گڏ ،هلڪو ڦلڪو ،وياج جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ هندو آسٽراالجيَء جو ماهر ُهوندو هيو .هڪڙي ڏينهن ڪچهري ڪندي چيومانس ،يار هوتچند منهنجي گهر مان پريشانيون وڃن ڪونه ٿيونُ ،بخارن ۽ بيمارين مان هڪڙو ڀاتي ُاٿي ٿو ته ٻيو ڪريو پيو آهي .ڪو َڏ ُ س ڏي!موٽ ۾ مون کان امڙ جو نالو ُپڇي ڪاغذ تي لِکي چيائين ُ صبح جو سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. هوتچند ورندي ڏينهن ڪاغذ جو لکيل ٽڪڙو هٿ ۾ ڏيندي چيو هيو ،ته سائين هيَء توهان جي جنم پتري آهي .مون هندو آسٽراالجيَء مطابق ٺهيل اهو ڪاغذ انتهائي غور سان پڙهيو هيو .جنهن ۾ لکيل هيو ته مون کي 18آڪٽوبر تائين تمام گهڻيون تڪليفون ۽ ڏک ايندا. 263
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
انهيَء بعد ۾ ُسک ئي ُسک آهن ،۽ منهنجون ٻه شاديون به آهن .آئون اهو ڪاغذ پڙهي، ڏاڍو کِليو هيس .سوچيو هيم ،هي جنم پتري ٺاهڻ وارا به ڪيڏا نه عجيب وغريب ڪوڙ ٿا ٺاهين .آئون اهڙو ماڻهو آهيان جيڪو ٻن شادين جو سخت مخالف هوندي ،برادريَء ۾ ويجهن رشتيدارن جا به ٻه مڱڻا ٽوڙائيندو وتان .سو ٻه شاديون ڪيئن ڪندس ،منهنجي چپن تي طنزيه مسڪراهٽ ُاڀرندي ڏسي ،هوتچند چيو هيو ،سائين توهان ٻن شادين واري ڳالھ تي ُمسڪرايو پيا ،تنهن الِء ته آئون ڏهه هزار شرط ٿو رکان ،جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته توهان شرط َکٽي ۽ آئون توهان کي رقم ڀري ڏيندس نه ته توهان ايتري رقم مون کي ڀري ڏيندا ،توهان رڳو اهو ڪاغذ سنڀالي رکو ،حياتي رهي ته هڪڙي ڏينهن پاڻ انهيَء موضوع تي ُکلي ڳالهائينداسينُ .اهو ڪاغذ مون ڳچ سالن تائين سنڀالي رکيو هيو .جيڪي ڪجهه لِکيل ُهيو حرف به حرف َسچ ثابت ٿيو ۽ اڃان به ٿئي پيو. چوندا آهن ته ُغربت ۾ ايمان آهي ،غربت ُهئي ته اسان جي گڏيل گهر ۾ قرب ُهيو .ماما، ويهه ورهيه ڪمداريون ڪندو رهيو ،پويان سندس اوالد کي َلکا ڪونه پئي .امان ۽ ماما، جيتوڻيڪ ويڳا ڀاُء ڀيڻ هوندا هيا ،پر هيڏي ساري حياتيَء ۾ هڪ ٻئي سان ڪڏهن ڪڙو ڪونه ٻوليو هيائون .زماني جا ماڻهو بابا ۽ ماما کي سڳا ڀائر سمجهندا هيا ،ٿورو گھڻو پئسو آيو ،خوشحاليَء در تي دستڪ ڏني ،ٻنهي جو اوالد جوان ٿيو ۽ پرڻيو پتريو ته سڀڪو پنهنجي پاسي سيرڻ لڳو .ماما سائين سڄا سارا ويهه ورهيه ڊينگاڻ ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ڪمداريون ڪري ،هارين تي ُحڪم هالئي ،جهور پوڙهو ٿي ،جڏهن واپس پنهنجي اباڻين وٿاڻين وريو هيو ،داٻن ۽ دهمانن الِء نه ڪا هارين جي رعيت ُهئي ،۽ نه ڪو اهڙو راڄ هيو ،جنهن تي حڪم هلن هاَ .لٿي َپٿي شام جو اوطاق تي مچندڙ ڪچهريَء ۾ انگريز دور جي ڪنهن رٽائرڊ ڪاموري جيان پنهنجي اوج جون ساروڻيون ور ور ڪري ورجائي ماڻهن کي ُٻڌائي ته واه نه ته ٻيو ٿيو خير .سڄو ڏينهن واندڪائيَء ۾ نه ڪم نه ڪار ،نه ڪينرو شروع ڌنڌو نه ڌاڙي ،مڙس صفا بيڪار ٿي جو گهر ويٺو ته هوريان هوريان گهر ۾ ِ ُ ڪيائين .چئي هيئن نه ڪريو ،هونئن ڪريو ،هيئن ڇو نه ٿيو وغيره وغيرھ .انهن ڏينهن ۾ جڏهن به نوڪريَء تان گهر اچان ته امان اکيون ُپسائي ،ماما جا احوال اوري ،ڪجھ ڏينهن ته ُٻڌو اڻ ُٻڌو ڪري ڇڏيندو هيس .ڪڏهن اٽي تي جهيڙو ،ڪڏهن کير تي جهيڙو، ڪڏهن ٻوڙ تي ڪروڌ ،هر ڀيري ڪانه ڪا نئين روئداد ٻڌي وراڻيان ،امڙ اوهان ڀاُء ڀيڻ پاڻ ۾ ڄاڻيو منهنجو ڇا وڃي؟ ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ته ،منهنجي مرحيات بابا ،سڄي ُعمر ماما جي در جا ڇيڻا ُٻهاريا ،ڇورو ڇنو يتيم ٿي َ گه َر ۾ رهيو .شايد ماما کي منهنجا 264
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اڇا ڪپڙا نٿا وڻن ِ تڏهن ئي ته بينڪ جي نوڪريَء کان منع ڪندي ،هڪ ٻه ڀيرا چيو هيائين ته تون ٻني سنڀال ،سيٺ عبدالعزيز ۽ غالم حسين شيخ پاران ضمانت الِء جواب ڏيڻ کي مشڪوڪ سمجهي اها به ماما جي چاالڪي سمجهندو هيس .وري ذهن کي جهٽڪو ڏيو چوان ته نه نه اهو منهنجو ُ وهم آهي .ماما اهڙو نه ٿيندو. اها 15آڪٽوبر 1989جي شام هئي ،عمرڪوٽ کان ڊيوٽيَء تان موٽندي ،سج لهي ُچڪو هيو 12 ،ميل تي اچي بس مان لٿس ،ته خبر پيم جيجل امڙ کي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب اسپتال نيو ويو آهي ،اڃان اتي ئي بيٺو هيس جو امڙ جا مائٽ ،امڙ سميت واپس موٽي آيا هيا ،ريلوي اسپتال جي ڊاڪٽر علي محمد کين ٻڌايو هيو ته ڪنهن گوريَء يا دوا جي ردعمل ۾ امان جي طبيعت خراب ٿي آهي .خير ٿي ويندو .اها رات جيجل امڙ آرام ۾ ماسات کي گذاري هئي ،جيتوڻيڪ ڳالهه ٻولهه بند هيس ،ان هوندي به فجر جو سجاڳ ٿي، ِ سڏيندي چيائينُ ،اٿي نيرن ٺاه ِه ،اميربخش ڊيوٽيَء تي ويندو .امڙ جي آواز تي ڊوڙي وڃي ڏٺم ،ساڳيَء ننڊ ۾ هئي جهڙي َسنجهي ُ ۾هيس .ايئن لڳو ڀانِء ننڊ مان ئي سڏيو ُهجيس. ايئن لڳو ڀانَء بيهوشيَء ۾ ُهجي يا ڪوما ۾ ُهجي .ٻئي ڏينهن ڀٽائي اسپتال ۾ داخل ڪرايم ،سرجن عبدالستار لغاريَء ڏسڻ سان ئي چيو ته دماغ جي رڳ ٽٽي وئي آهي ۽ هاڻي ته ڪافي دير به ٿي وئي آهيس .ٻه ڏينهن ساڳيَء ڪوما ۾ رهي ،ساڳي بيهوشي هيس، منهنجون ڌڻيَء جي در دعائون هيون ،اي رب تون رحم ڪر ،منهنجو واحد سهارو مون کان نه ُڦرجانِء ،رب سائين منهنجي دعائن جا َد َر بند نه ڪجانِء ،پر منهجون اهي دعائون، ڌڻيَء جي در ڪونه اگهاڻيون ،جڏهن گهڙيال رات جا 12وڄايا ،سترهين مان ڦري ارڙهين آڪٽوبر 1989ٿي هئي .ته جيجل امڙ جي روح جو پکيئڙو سڪون سان پرواز ڪري ويو، خبر ئي نه پئيَ ،پلڪن ۾ ُدعائن جا َد َر ٻيڪڙجي ويا .ان رات ڀٽائي اسپتال جي ڪمري نمبر 7۾ ڏاڍو ُرنو هيس .گڏوگڏ انهيَء رات ميرپورخاص ۾ مهاجرن جو ٻائيتال متل ُهيو. تمام گهڻي فائرنگ پئي هلي .وڏي تڪليف سان ايمبولينس هٿ ڪري ڳوٺ ُپهتا هياسين. امڙ کي بابا جي کاٻي پاسي دفنائيندي ،منهنجيون هجڪيون بند ئي نه پيون ٿين .ٻنهي جي آخري آرامگاهن کي شڪايتي انداز ۾ ُڀڻ ڀڻ ڪندي پيو چوان ،بابا ۽ امان اوهان مونکي ڪنهن جي آسري ڇڏي ويا آهيو .ايئن زماني جون سموريون ريتون رسمون پوريون ڪرڻ الِء تڏي تي ڏھ ڏينهن ويٺو رهيس .يارهين ڏينهن ،عمرڪوٽ نوڪريَء تي هليو ويس.
265
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ماسات امڙ جي اوچتو دور ديس وڃڻ بعد ،ماما جا َرويا ويتر بدليا ،جڏهن گهر به اچان ته ِ شڪايتن جون َڀريون ُٻڌائي .سمجهايانس ،چري پاڻ ٻنهي جو نه ڪو اوهي آهي نه واهي، ٻئي ڇورا ڇنا آهيون ،منهنجو ته ناهي ڀاُء نه ڀيڻ ،نه چاچا نه چاچيون ،پنهنجوگهر نياڻين سان َڀريل آهي .پاڻ کي ماما سائينَء جا مهڻا ۽ طعنا َسهي به وقت گڏ ُگذارڻو پوندو .ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻو پوندو .جيستائين پنهنجو پٽ خادم جوان ٿئي ،پيرن تي بيهي۽ پنهنجو ماسات کي به اها صالح وڻي ،۽ ان تي َعمل ڪيائين .اڳلي جو ڏٺو جو سهارو بڻجي، ِ سندس سڀ ڪوششون اشارن ڪناين ۾ صاب نٿيون ٿين ،۽ هي همراهه جدا ٿيڻ جون نالو دل ئي دل ۾ زوريَء جدا ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين ،هڪڙيَء رات وٺڻ الِء تيار ئي ناهن .ته ِ ماسات الڳ ُچلهه تي ماني پچائي پئي .چيومانس چري ائين ڇو ڪيو جو گهر اچان ته ِ اٿئي؟ روئيندي وراڻيائين ،مِٺڙا ماساتَ ،ابا رمضان ،پاڻ کي زوريَء ُجدا ڪري ڇڏيوآهي، چار هنڌ ،کاڌي پيتي جا َ ٿانو ۽ چئن کٽن کان سواِء ٻه ٻوريون ڪڻڪ جون ۽ گهر جا ٻه ڪمرا به ڏنااٿائين .ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏنائين .ڳالهه ڪندي ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ،دلداريون ڏنيون مانس ،چري روئين ڇو ٿي پاڻ کي اهلل ڏيندو ،تون دل نه الهه .پنهنجي نيت صاف آهي ته پنهنجي منزل به آسان آهي .تون ويهي ِڏس ،جيڪو ڪجھ پاڻ کان ُڦريو ويو آهي، انهيَء کان به ٻيڻو ٿي ملندو ۽ جلدي به ملندو .سڀ ڪجهه ٿي پوندو .تائين جا اکر چوندي پنهنجي اکين مان لڙڪ ڪونه روڪي سگهيو هيس .ميرن جي ڦڏي ۾ بابا جي هٿ ڪيل زمين اسان جي گڏيل ملڪيت ُهئي ،مال متاع به گڏيل ُهيو ،ايتريقدر جو بينڪ پاران ٽي سال نوڪري بعد قرض طور مليل موٽر سائيڪل به ڌار ڪرڻ وارن وٽان ڪونه ملي هيم. خاموشيَء سان پنڌ ايندو ويندو ُ رهيس .نه آه ڪيم نه ڪنهن کي دانهن ڏنم .رڳو رنگيَء جا رنگ ڏسڻ الِءُ ،انهيَء تي ڀاڙي ،بلڪل ُٻڙيَء کان محنت ڪرڻ شروع ٿيس ،مالڪ ايترو ڏنو ،ايترو ڏنو جو سنڀالي نه پيو سگهان .ڌن ،دولت ،عزت ،مال ،رزق ۽ وڏو نالو ،پراالئي ڇاڇا مليو .اهو ئي ماما سڀ ڪجهه حسرتن سان ڏسندو رهيو۽ٿڌا ساھ به ڀريندو رهيو ،اڄ سوڌو سندس احترام بابا ۽امان جيترو ڪندو اچان ،ڪڏهن ُمنهن گهنجائي به نه ڳالهايواٿمانس. . امڙ کان پوِء واري زندگيَء جي نئين باب جي شروعات ۾ مالي حالتون ُسٺيون ٿي رهيون ُهيون .جيتوڻيڪ عمرڪوٽ ۾ ياريون دوستيون ايتريون گھڻيون ٿي ويون هيون جو واندڪائيَء جو وقت گذارڻ تمام سولو هوندو هيو .پر والدين جو وڇڙڻ ،زندگيَء ۽ زماني جا بار ِس َر تي اچڻ ،۽ پويان گھر جي اڪيالئيَء تي ،ٿورو ُمنجهيل ُ رهندو هيسُ .ستت ئي 266
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪوششون ڪري گهرو حالتن جو ُعذر ڄاڻائي پنهنجي ٽرا نسفر ،سيڪنڊ آفيسر جي حيثيت ۾ ُعمر ڪوٽ مان کپرو ڪرايم ،ته جيئن روزانو ڳوٺ اچي وڃي سگهان .کپرو اچڻ کان پوِء وقت جو گاڏو تيزيَء سان رڙهڻ لڳوهيو .هڪڙي تبديلي پنهنجو پاڻ ۾محسوس ڪرڻ لڳو هيس ،سا ُاها هئي ته بينڪ ۾ ايندڙ ُسکين ماڻهن جي ُ صحبت ۾ اچي ،صفا ٽانِء ۾ ڀرجي خود کي وڏو ماڻهو سمجهڻ لڳندو هيس ،صفا مسڪين ،غريب ۽ يتيم جو ُپٽ هيسُ ،ڏکن ۽ ڏوالون ۾ َپلجي ،غريبن جي دنيا کان ڪوهين ڏور ٿي ويو هيس ،حالت اهڙي وڃي بيٺي هئي جو اميرن ،وزيرن ،ڪارخانيدارن ،سرمائيدارن جي ُ صحبت ۾ غريباڻي حال جون ،۽ وڏڙن جون ريتون رسمون ،اوڙي پاڙي جا مرڻا پرڻا ،ڀت برادريون سڀ وساري ويٺو هيسُ .ان زماني ۾ سابق وزير حسن علي چانهيو ،عثمان چانهيو ،سهراب خان مري ،سرفراز راڄڙ ۽ عبداهلل شاهه ُخراسانيَء جي واسطيداريَء سبب ڪنهن گري گنجي تي اک ئي ڪونه پئي ُٻڏيم .منهنجي سطحي سوچ اها ُهئي ته دوستيون ۽ دعوتون منهنجي ذات کي آهن ،۽ آئون پاڻ هنن جهڙو ٽِسينگ آهيان .گهڻو پوِء خبر پيم ته نه آئون ُڀليل ُهيس .اهو ُ سڀ ڪجهه انهيَء ڪرسيَء کي عزت ڏيڻ جو طريقو ُهيو ،جنهن تي آئون ويٺل ُهيس ،صرف عطا محمد لغاري مرحوم ۽ حاجي ُعثمان چانهيو ُان رشتي کي بنان ڪنهن طبقاتي فرق جي ُ اڄ سوڌو نباهيو .باقي ٿيو خير !-عطا محمد لغاريَء جو سماجي ڪمن جي لحاظ سان کپري جي شهر ۾ وڏو ناماچار هيو .مرحوم سفيد پوش ۽ صوم و صلوات جو پابند سادڙو انسان هيو ،شهر ۾ هوندي به سندس اوطاق آئي وئي جي آڌر الِء هميشھ کليل هوندي هئي .شهر جا جملي ڪامورا سندس در جا سالمي هوندا هيا، مرحوم جا وڏڙا بلوچستان ،چوٽي زيرين ۽ ميرپور ماٿيلي کان ٿيندا اچي سانگهڙ لک باکوڙي ۾ آباد ٿيا هئا .باکوڙو ديوبند جماعت سان واڳيل هجڻ سبب علم ۽ ادب جو مرڪز هوندو هيو ،مرحوم جي وڏڙن جا موالنا عبيداهلل سنڌيَء سان گهرا واسطا هيا ،ريشمي رومال تحريڪ ۾ پڻ هن خاندان جو وڏو ڪردار هيو ،مرحوم پاڻ ٻڌائيندو هيو ته هن ٻاروتڻ ۾ وا لد ۽ ڏاڏي جي چيچ جهلي انگريز فيل مست ليمبرڪ سان ڪافي مالقاتون ڪيون هيون .هو اڳوڻي جهوناڳڙھ رياست ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ پڙهڻ به ويو هيو .ڏيپلي ۾ پرائمري ماستر به رهيو هيو .اڄڪلھ جي ڏيپالئي ميمڻ آفيسرن مان گهڻا سندس شاگرد هيا .مرحوم ڪجھ وقت بعد سرڪاري نوڪري ڇڏي ،کپري شهر ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا ڊرم رکي ،تيل وڪڻڻ شروع ڪيو هيو .ڏسندي ڏسندي کپري جي ٽرانسپورٽ ۽ تيل جي ڪاروبار تي ڇانئجي ويو هيو .ٽائون ڪاميٽيَء جو چيئرمين ٿيو ،شهر کي 267
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تمام وڏي ترقي وٺرايائين .گڏوگڏ پنهنجي اوالد الِء به گهڻو ڪجھ ٺاهي ويو .چاچي عطامحمد جو الئق فرزند عبدالغفار لغاري اڄ به پيُء جي َپ ِر پاريندو اچي .انهيَء جي دوستيَء ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيشن جو ميمبر به ٿيس .هڪ ڀيري سگا پاران جيم خاني ڪلب ۾ پروگرام ٿي رهيو ُهيو ،وٽن ڪمپيئرنگ الِء دعويتل ماڻهو نه ُپهتو، عبدالغفار لغاري گِهلي کڻي مون کي اسٽيج تي بيهاريو .مون شيخ اياز ۽ ُاستاد بخاري جي شعرن سان پروگرام هاليو ته وڏو داد مليو .خلق خدا سمجهيو ته آئون شايد ڪو پروفيشنل ڪمپيئر آهيان ،پوِء مختلف پروگرامن جي دعوتن جا ڌوڙيا ٿي ويا ،جتي ڪو به فنڪشن ٿئي ته ُاتي ُپهچان ،بلڪل ائين جيئن سنڌي محاورو آهيُ ،دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي .مون سان به دوسوَء واري ڪار ٿي وئي .بينڪ ۾گهٽ ۽اسٽيج تي وڌيڪ نظر اچان. جيمخانه ڪلب ۾ موسيقيَء جي هڪڙي ٻي به رنگا رنگ محفل ٿي هئي ،شازيه خشڪ، حنيف الشاري ،ثمينه ڪنول ،جمن دربدر ،شازيه بلوچ ۽ مصري جوڳي آيا هيا .ڪمپيئرنگ مون پئي ڪئي .مهمانن ۾ ڊپٽي ڪمشنر امداد علي رضا سيهڙ کان وٺي سڄي سانگهڙ ضلعي جا معزز ُهجن .آئون ڪمپيئرنگ ۾ شازيه خشڪ الِء بار بار اديَء جو لفظ پيو چوان .قاضي فيض محمد مرحوم جي مينجر قاضي الهرکئي ،اسٽيج تي پرچي موڪلي ڏني ،لکيل ُهيو ،سائين توهان جي قبيلي جي عورتن ڪڏهن کان ناچ گانو ِسکيو آهي “؟ پرچي پڙهي ڪنڌ مٿي ڪري نهاريم ،ته تاڙيون وڄي ويون .سڀني معززين صالح ڪري تنگ ڪرڻ جو ِرٿيو ُهجي. ترسجو ٿورڙو پوئتي ٿا موٽون ،هڪڙو قصو اوچتو ياد آيو اٿم ،پوِء متان وسري وڃي، اڳو پوِء ُٻڌندا هلو .قصو هينئن هيو ته جڏهن ڪيسٽي ڪلچر جو زمانو هيو ۽ ٽيپ رڪارڊرن ِريلون وجهي ،وڏن وڏن الئوڊن سان تارون ڳنڍي ٻهراڙين جي ٻاکڙا هوٽلن تي ڪن ڦاڙيندڙ ڪالمن جا ُڌوڙيا وڄڻ جو دور شروع ٿيو هيو ،تڏهن اسان اڃان نائين يا ڏهين درجي ۾ پڙهندا هياسين .مائٽ اسڪولن ڏي ويندي پهرين نصيحت اها ڪندا هيا ته متان اسڪول مان موٽندي ڪنهن هوٽل تي ويٺا آهيو .۽ پوِء ٿيندو به ايئن ئي هيو جو ڇوڪرا هوندي به ڪنهن پرديدار نينگريَء جيان ڪنهن هوٽل تي ويٺل وانديَء خلق جي اڳيان ڪنڌ هيٺ ڪري گذري ويندا هياسين .ڏهون پاس ڪندي ٿورڙي آزادي نصيب ٿي ،ٻنيَء ٻاري جي ڪم ڪار مان واندڪائي ملندي هئي ته جمعاڻي چانڊاڻي وڏو شوق ڪري ،قميص جي جهوليَء ۾ ان جا ٻه ٽي سير کڻي ،ڪاڪي ُرگهي يا الياس ڪنڀر جي هٽ تي وڪڻي، 268
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هڪڙو ميڊل جو سگريٽ ۽ سوپارين جي ُپڙي خريدي ،باقي پئسا کيسي ۾ وجهي ،مِٺيَء سوپاريَء جا چاٻا ڏيندي ،ميڊل جو سگريٽ دکائي دونهين جون الٽون ڪڍندا ،بيل باٽم وڳي جي ڊگهن پانچن واريَء ُسٿڻ سان رستي جي ُڊسڙ ٻهاريندا ،ڪنهن نه ڪنهن هوٽل ڏي هوڪاريندا هيا هياسين. تنهن زماني ۾ ڪيسٽي ڪمپنيون روزانو نوان نوان ڪيسٽي ڳائڻا پيدا ڪنديون هيون. جن ۾ مرحوم جالل چانڊيو ،چاڪر چانڊيو ،الحداد زرداري ،ڦوٽو زرداري کان سواِء گرم جالل ،ٿڌا جالل ،جهڙن نالن وارا يڪتاري پوٽا گهڻا مشهور ٿيا هيا .اوچتو هڪڙي ڏينهن ڪنهن هوٽل واري هڪڙي مشڪري جي چرچن واري ڪيسٽ وڄائي هئي .جنهن ۾ ٻين کوڙ سارن کالئڻ وارن گفتن کان وڌيڪ قوالن جي قوالين تي ڀوڳ هيا .پاڻ تن ڏينهين نوان نوان ڪچيَء مسيت جا ُٻهاريدار ٿيا هياسين ،سو مشڪري جي انهيَء مشڪريَء تي ڪاوڙ آئي ۽ ٻاکڙا هوٽل جي ڌڻيَء کان ڪيسٽ جو کوکو وٺي نالو پڙهيوسين لکيل هيو ” جمن دربدر“ .دل ۾ چيوسين مار پوين ،جيڪي ههڙن ثنا خوانن تي چٿرون ٿا ڪن ،سي هونئن ئي هوندا ته دربدر ،پر رب سائينَء به ُرسي ،اهڙي ته َم ِ َ سي اٿن جو پاڻهي پاڻ تک ِ کي دربدر چوائيندا وتن. اڃان ٿورو وقت مس گذريو هيو ته همراھ جي ٻوهياڙن واريون ڪجھ ڪيسٽون به مارڪيٽ ۾ آيون .ڳائڻ ٻائڻ ڪونه هيو سڌيون پڌيون هڪلون ۽ ٻوهياڙ هيا ،ايئن لڳندو هيو ڀانِء جيڪر همراھ کان باجو ۽ ڍولڪ پري ڪري ڇڏجن ته جهڙوڪر ٻاجهريَء جي ٻنيَء جي پيهي تي بيهي ،جي اهڙا ٻوهياڙ ڪري ته هوند جهار ڀلي هڪلي. ٿورڙو ئي وقت مس گذريو جو ڪامريڊي جهان ۾ آياسين ته نئين خبر پئي ته مار هيُء ُمڙس جمن دربدر به ڪوئي پڪو قومپرست آهي .۽ شاعريَء سان گڏوگڏ ماچيس جي دٻليَء کي آڱرين سان وڄائي بهترين قومي گيت ڳائيندو به آهي .تڏهن وري پنهنجي اندر ۾ همراھ الِء رحم جو ذرو پيدا ٿيو .۽ هوريان هوريان اهو رحم عزت ۽ احترام جي صورت وٺندو ويو .ٿيندي ٿيندي همراھ جو ”منهن مبارڪ“ به مڱڻهارن جي ڪنهن ٽوليَء هڪڙي ڀت ۾ ڏيکاريو. ايئن ٿيندي ٿيندي همراھ سان ياري ٿي وئي ،پر ڪنهن شاعر چواڻي ته” هيَء ياري هڪ ٻي ياري آ ،ناهي ماڻهن واري“ سو اسان جي به ماڻهن واري نه پر هڪ ٻئي کي ٿونا هڻندڙ ڍورن واري ياري ٿي پئي ،جتي گڏجئون هڪ ٻئي جا ڇوڏا الهيو وجهون ،جمن جڏهن ڏسي ته آئون بنهي گهڻو وڌيو ٿو وڃان ته ڪڪڙ جون ٻروچ سان ملندڙ خصوصيتون 269
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٻڌائي ،منهنجي منهن کي جهڙوڪر ليپو َڏيو ڇڏي .انهيَء وچ ۾ هو ِپن ِسن ڪري هندستان ۾ سنڌين جي ڪنهن دعوت ۾ ويو هيو ۽ آل انڊيا ريڊيو وارن سنڌ بابت کانئس هڪڙو گيت ڳارائي ،رڪارڊ ڪيو هيو ،جنهن هن کي مقبوليت جي آسمانن تائين ُپڄائي ڇڏيو هيو .ايستائين حليم ۽ حاجيَء ( حليم باغي ۽ حاجي ساند) جا ناال ڪنهن ڪنجهي جي ته ٺهيو پر ڪوپر جي وٽي تي به ڪونه هيا. پوِء وري اسان جي سنگت ۾ ُهن جو سالو فقير ڀليڏنو ساند اچي گڏيو هيو ،مرحوم هونئن ته حليم واري ٽولي جو ئي هيو ۽ عبدالواحد آريسر سان بنهي گهرائپ هوندي هيس ايتريقدر جو حجت ۾ خلق جي آڏو آريسر صاحب جو تعارف ڪرائيندي ،آريسر صاحب جو ٿريَء وارو اڌ نالو وٺندو هيو .سو فقير ڀليڏنو ۽ سندس ڀيڻويو جمن دربدر ،عبدالواحد آريسر صاحب جي سچن عاشقن مان هوندا هيا ،پر ڀليڏني فقير کي جڏهن به آريسر صاحب جي سنگت ۾ ڪا اوڻائي يا ڪمي پيشي نظر ايندي هئي ته سڀ ڪسرون جمن دربدر مان ڪڍندو هيو ،ٻين لفظن ۾ اصل َرندي سان گهڙي الهيندو هيس .جمن گهڻيئي هيڏاهن هوڏانهن ٿونا هڻندو هيو ،پر فقير به بخشڻ وارو ڪونه هوندو هيو .پر مٿان وري فقير ڀليڏني جي اشاري تي آئون به ساٽڙيو گاڏڙيو بڻجي ،کڻي ُاکين تي کڻندو هيو مانس. جمن دربدر مان ڦري ”ماما جمن“ طور مشهوري ماڻيندڙ شخص جڏهن ڪڏهن ڪچهريَء ۾ ويهي ڳالهين جون ڳنڍيون کوليندو هيو ته بدين ۾ عبدالواحد آريسر سان گڏ ڪنهن تنظيمي دوري دوران ڀاڙي کٽڻ ۽ مائي ڀاڳيَء جو مائٽ بڻجي ،ڀت ۾ ڳائي ڀاڙي جا پئسا گڏ ڪرڻ وارين ساروڻين کان وٺي ،ضيائي مارشل ال ۾ پنهنجي َٻڌجڻ ۽ فوجين جي ِڌڪ ِڌڪان ۾ پاسي واري کيسي ۾ پيل ٻن انبن جي ڦسي پوڻ ۽ انهن تي مکين جي المارن وارا قصا اهڙي ته ڀلوڙ انداز ۾ ُٻڌائيندو آهي جو ماڻهو ڀائيندو ته هوند سڄي رات ويٺو سندس قصا ُٻڌجي .ها سچي حليم کي چيڙائڻ الِء جڏهن کيس قومي ۽ مزاحمتي شاعر جي ُلپري رکي ،۽اسڪولي ٻارڙن جي اهل تي چڙي پوڻ ۽ هلڪي ڦلڪي تون ڇا تون ڇا تي وڏي اخباري خبر لڳڻ جو قصو ُٻڌائيندو آهي ته حليم ،حليم ڪونهي رهندو. کپرو جيمخاني جي افتتاحي تقريب ڀانيان ٿو ته 1990ڌاري ٿي هئي ،جنهن جي راڳ رنگ واري محفل پئي هاليم ،تنهن ۾ شازيه خشڪ کان وٺي کوڙ سارا فنڪار هيا .دوستيَء جي ناتي جمن کي اسٽيج تي سڏائڻ الِء وڏي تهميد ٻڌي ،وڏي ساراه ڪندي اسٽيج تي سڏيو هيو مانس .۽ جيسين ڪارڊ ليس مائيڪ جي بٽڻ کي بند ڪريان ئي ڪريان ،جمن َ سان پاڏي جيان ڌوڪيندو اسٽيج تي چڙهيو ،ماشاُء اهلل سان مڙس جي هڪڙي صورت 270
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اڳيئي موچاري هئي ،مٿان وري قميص به ڪلهي وٽان ڦاٽل هجيس ،پنجابين جي چادر نما سنڌي ُچني مٿي تي َٻڌل ڏسي ،مون کي کِل اچي وئي .چيم ”هيڏيَء وڏيَء محفل ۾اهڙا ڪپڙا پائي آيو آهين“ .جمن حاضر جواب ۽ پڪي گفتي وارو ُمڙس ُهيو ئي هيو .۽ ُهن کي ڪهڙي ڪل ته مون مائيڪ جو بٽڻ بند ئي ڪونه ڪيو آهي سو زور سان چيائين” . آئون هتي ڳائڻ آيو آهيان ،ڪنهن سان نڪاح ڪرڻ ڪونه آيو آهيان جو ُسٺا ڪپڙا پهري اچان“ .سندس زوردار آواز پوري هال ۾ گونجيو ته کِل ۽ تاڙين جي هوڪرن سان جملي وڏا ننڍا ُاٿي بيهي رهيا .ڳچ دير تاڙيون وڄنديون رهيون هيون. تنهن جمن دربدر جڏهن ”وٺي هر هر جنم وربو ،مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ لکيو ته واھ واھ ٿي وئي هيس .نه جمن ۽ نه ئي سندس ڪنهن دوست اهو سوچيو هيو ته سندس اهي سٽون ايڏيون مشهور ٿينديون ۽ جمن کي اهڙو ايوارڊ ڏيارينديون جهڙو اڄ تائين ڪنهن کي به ناهي مليو .جو نيلسن منڊيال جيان 28سال جيل گهاريندڙ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سئو سال تاريخ جي اهم ڪردار جي ايم سيد وصيت ڪئي هئي ته سندس جنازي جي مٿان ڏنل ڪپڙي تي جمن دربدر جون اهي ئي سٽون لکيون وڃن .ڀانيان ٿو ته روحل واِء جي هن مسڪين ماڻهوَء الِء انهيَء کان وڏو ٻيو ڪو به ايوارڊ ڪونه هوندو .جو ايندڙ هزارين سالن تائين تاريخ جا شاگرد پڙهندا ته هڪڙي 28سال قيد ۾رهندڙ عظيم ماڻهوَء جي جنازي جي ڪپڙي تي روحل واِء جي هڪڙي مسڪين جمن دربدر جون سٽون لکيل هيون ته ”وٺي هر هر جنم وربو ،مٺا مهراڻ ۾ ملبو“. ان زماني ۾ کپري ۾ ڊاڪٽر جبار قائمخاني ۽ سيٺ سليمان به وڏا پئسي وارا هيا پر االئي ڇو سندن سوچ مقامي ماڻهن کان مختلف هوندي هئي .هميشھ هوا جي ابتي رخ سان هلندا هيا .ان ڪري مقامي ماڻهو به سندن عزت گهٽ ڪندا هيا .تڏهن کپرو جي حبيب بينڪ جو مينيجر محمد بخش ڪنڀر هوندوهيو ،سيڪنڊ آفيسر آئون ۽ايگريڪلچر فيلڊ آفيسر قاسم ٻگھيو هوندو هيو ،ٽئي هڪ ٻئي جا گھرا دوست هوندا هياسون ،خاص ڪري قاسم ٻگهيو ۽ آئون ته تمام گهاٽا يار هوندا هياسون .هڪ ڀيري قاسم ٻگهئي ۽ ان وقت جي وزير خليفي عاقل جي پٽ انور هڱوري ،جيڪو پوِء ايم پي اي به ٿيو هيو پر ڪڏهن هڪ لفظ به اسيمبليَء ۾ نه ڳالهايو هيائين .انهن جي وچ ۾ ڏندا ڪشي ٿي پئي هئي. معاملو وڌندو ڏسي ،محمد بخش ڪنڀر ٻنهي ڌرين جو ٺاه ڪرايو هيو ،ٺاه ٿيڻ بعد مون قاسم ٻگھئي کي خليفي انور جي حوالي سان هڪڙي واهيات قسم جي گار ڏني هئي. قاسم ڪجھ دير ته انهيَء گار تي سوچيندو رهيو ۽ اوچتو سندس ٽيبل تي پيل وزني پيپر 271
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ويٽ کڻي پوري طاقت سان مونکي هنيائين ،آئون ته پنهنجو مٿو بچائي ويس ،پيپر ويٽ ديوار ۾ لڳڻ بعد اتان ٿڙي منهنجي پويان ويٺل ڪيشيئر اميدعليَء کي مٿي ۾ لڳو هيو. جيڪو به ذري گهٽ بيهوش ٿيو هيو .قاسم جو اڇاليل پيپر ويٽ ايترو ته زورائتو هيو، جو جيڪر سڌو اچي لڳيم ها ته منهنجا ٽپڙ پورا هيا .پوِء جڏهن قاسم هوش ۾ آيو هيو ته ٻڌايو هيائين ،ته توواري گار تي مون تصور ۾ سوچيو ،انور هڱوري تي سوچيم ته غيرت اچي ويم .۽ ڌڪ هڻي ڪڍيم. ُان زماني ۾ سموري ملڪ جي بينڪ آفيسرن ايسوسيشنون ٺاهي رجسٽر ڪرايون هيون. ميرپورخاص زون جي اليڪشن جي تاريخ طيِء ٿي ته منهنجي ڪامريڊي َر َ ڳ ڦڙڪي پئي. ُاٿندي ئي چيئرمين جي عهدي الِء فارم ڀرايم .حيرت انگيز حد تائين سنڌي ،مهاجر، پنجابي ،چپقلش منهنجي فائدي ۾ وئي .اليڪشن جي ڏينهن مهاجر آفيسرن به مون کي ووٽ ڪندي مد مقابل چوڌري خالد مسعود کي هارائي ڇڏيو هيو .ايم ڪيو ايم جو موجودھ اڳواڻ ۽پير آفتاب حسين شاه جيالنيَء کان قومي اسيمبليَء جي سيٽ تي هارائيندڙ رئيس احمد خان ،حبيب بينڪ ۾ اسان سان گڏ نوڪري ڪندو هيو ،ساڻس تمام سٺي دوستي ۽ حجت به هوندي هئي ،رئيس احمد خان اسان جي ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري هيو. ان وڏي ڪوشش ڪري ميرپورخاص جيمخاني ۾ حبيب بينڪ جي تڏهوڪي سنڌ جي سربراھ ۽ پوِء نواز دور ۾ مهراڻ بينڪ اسڪينڊل ۾ جيل ڪاٽيندڙ يونس حبيب جو آجياڻو رکرايو هيو .ايسوسيئيشن جي ٻين اڳواڻن سان گڏ اسٽيج تي آئون به ويٺو هيس. ۽ پنهنجي واري اچڻ تي سنڌيَء ۾ تقرير به ڪئي هيم جنهن تي تمام وڏو داد مليو هيو. پروگرام بعد مانيَء جي وقفي جي الِء جڏهن يونس حبيب سان گڏ اسٽيج تان لٿس پئي ته سامهون حاجي محمد حسن راڄڙ بيٺو هيو جنهن وٽ آئون هاري هيس .مون وڌي وڃي کيس پيرين پئي هٿ ماليو هيو .۽ يونس حبيب سان سندس تعارف ڪرائيندي ٻڌايو هيو ته هن صاحب وٽ آئون هاري هوس .جيڪو هن يقين نه ايندڙ حساب سان ٻڌو هيوُ .اتي ئي سيٺ عبدالعزيز ،سيٺ نسيم عمر به مليا هيا ،جن منهنجي بينڪ ۾ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هيو ،ساڻڻ به وڏي َء اڪير سان ملي کين پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايم ته سائين آئون اهو آهيان جنهن جي توهان بينڪ ۾ ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هيو .ٽيئي ارب پتي سيٺيا پوِء به ڦڪائيَء جي ڦڪي کل کلندا رهيا .حرام جي ڪو منهن ۾ ُگھنج آين .تن ڏينهين شبير سيتائي حبيب بينڪ جو نئون نئون زونل چيف ٿيو هيو ،ساڻس مينيجريَء دوران ئي گھري واسطيداري هيم .سو هڪڙي ڏينهن حبيب بينڪ کپرو جي 272
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
سرڪاري دوري تي آيو ،منجهند جي مانيَء تي ويٺاسون ته مون کي چيائين ته تون سيڪنڊ سيٽ تي ڪونه ٿو ٺهين ،هل ته توکي ڪٿي مينيجر ڪريان .ايئن چوندي محمد بخش ڪنڀر کي مونکي ِرليو ڪرڻ جو زباني حڪم ڏنائين .ان ئي شام جو کپرو مان روانگي به ٿي واپسيَء ۾ شبير صاحب جي گاڏيَء ۾ ساڻس گڏيو آيس .ٻئي ڏينهن ئي مونکي ڇور جي مينيجر جو آرڊر هٿ ۾ ڏيندي چيائين ،منهنجون دعائون توسان گڏ آهن .ايئن هڪڙو ڏينهن به آرام نه ڪيم اتان ئي سڌو ڇور جي بس ڏي تاڻي اچي ڇور جا وڻ وسايم. َ ڇانو هيٺان ڪجھ وقت اڳ به عارضي طور ڪم ڪري ڇور جي حبيب بينڪ ۾ نِمن جي آيو هيس .پر 1992جي آگسٽ ۾ مينيجر ٿي وڃڻ جو هيُء پهريون تجربو هيو .ڪجھ انهن عارضي گذاريل ڏينهن جي ُپراڻي واقفيت ڪم آئي ۽ ڪجھ نئين ماحول ۾ پاڻ کي َرچائڻ الِء َکنڀڙاٽيون هڻڻ شروع ڪيون هيم .اهو آمر ضياَء جي نوازيل ميان نوازشريف جو پهريون دور هيو .جماعت سڳوري سنڌ تي راڄ ڪندڙ هئي .ڇور جهڙي حساس شهر ۾ ڪميونزم ۽ سوشلزم جي ڳالهه ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي ،پر ماڻهو ڪنهن پيپلي سان ٻه گھڙيون ويهڻ تي به پادر پيا کائيندا هيا .چڱن موچارن مهانڊن موچاريون ُجٺيون سهي وڃي ُ ڏينهن ۾ خدا جي معصوم مخلوق نه ڄاڻ ڇو جماعتي ڪنڊون وسايون هيون .انهن ِ جوڌن کان ڏاڍو ڊڄندي هئي .پاڻ کي ِجن ِڏينهين ڇور جا وڻ ِڏسڻا پيا ,تِن ڏينهين امراڻي جي آس پاس جي ڳوٺن ،حويليَء ،ڀڏيليَء ،سڻوهيَء ۽ اکيراج جا گهڻا َتڻا سوڍاراجپوت، اباڻي وطن جا وڻ ڇڏيَ ،پرينَء َڀ ِر َپالڻي ُچڪا هيا .منجهائن ڪي ڪي ُجنگ جوان ،اڃان به بارڊرن جي چوڪسي ڪندڙ َسگهارن جي سورن کي سهنديَ ،اباڻي ديس جي مِٽيَء کي ڇڏڻ کان صفا ِپ ُڙ ڪڍيو بيٺا هيا .تن ڏينهين راڻا جاگير ۽ َڀڏيليَء جي سوڍن جيان حويليَء ڪرن جي به بلي ڀائي هوندي هئي ،راجپوت نسل جا هي جوانَ ، جي َٺ ُ ڪٽ ِيل قسم جا ماڻهو هيا ،چڱن موچارن ُمهانڊن جي به ڪاڻ ڪونه ڪڍندا هيا ،ڦنڊي خلق جنهن کي ٻين اکرن َ ۾گرا گنجا ۽ ٽِڻي ٽامڻي چئجي ،سي ته سندن ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونه ٿي آيا ،نه ئي َمٿن ين .اويل سويل منهن سامهون ملندي ،هندو توڙي مسلمان کين ٻانهون ڪا اک ُٻڏندي ُه ِ َٻڌي ،ڪنڌ ُجهڪائيُ ،مجرو صاحب وارو سالم چوندا هيا ،ته موٽ ۾ سوڍا صرف ڪنڌ ُڌوڻي ُمجري جو جواب ڏيندا هيا،
273
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
حويليَء وارن مان ڪمل سنگھ سوڍي ۽ چيئرمين چندن سنگھ جي وڏي بلي ڀائي هوندي هئي ،ڪمل سنگھ جو والد وينجهراج سنگھ ته ايڏي هلندي پڄنديَء وارو هوندو هيو جو انگريز فيل مست به کيس چيلھ سان ڪرپان ٻڌي گهمڻ جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو هيو. ڪرن جي َ هنن راجپوت َٺ ُ ڪٽ ِيل ۽ سخت جان هجڻ جا ڪيئي قصا ،صدين کان وٺي اڄ تائين امرڪوٽ ۽ ڇور جي هوائن ۾ َرقصان آهنُ .ٻڌو هيم ته امرڪوٽ جي سڃاڻپ سوڍن جي سورهيائپ جي تاريخي حوالن سان گڏوگڏ ،اڳوڻي النٻي تالُء ۽ هاڻوڪي النٻي گرائونڊ جي ڪنڌيَء تي شهيد گجو راڻي جي مزار به آهي ،امراڻي جا ماڻهو چوندا هيا ته گجو راڻو ،اصل ۾ گجيسنگھ َٺ ُ ڪر هيو ۽ پوِء مسلمان ٿيو ،ته سندس عزيز راجپوتن کان هڪ سوڍي جو مذهب مٽائي مسلمان ٿيڻ َسٺو ڪونه ٿيو ، .ان ڪري کيس امرڪوٽ جي قلعي ۾ شهيد ڪيو هيائون .حويليَء جي رهاڪو گهڻا وڏڙا چوندا وتندا هيا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي والدھ به هن ڳوٺ جي بجيرياڻي هئي ،چوندا هيا ته اهي َبجير ،حويليَء جي سوڍي گالب سنگھ جا نوڪر هيا ،جڏهن سر شاهنواز ڀٽو ،راڻا جاگير ۾ راڻي رتن سنگھ جو مهمان ٿي آيو هيو ،تڏهن اها شادي ڪري موٽيو هيو ،ماڻهو اهو به چوندا هيا ته راڻي چندر سنگھ جا شهيد ڀٽي جي خاندان سان ان ڪري ئي گهرا واسطا هوندا هيا .خود راڻو صاحب ،پاڻ به شهيد بينظير کي ڍاٽڪيَء ۾ مانهنجي ِڏيڪري چوندو هيو .شهيد ڀٽي جي ڪنهن لکت ۾اهو پڙهيو هيم ته ُڀٽن جي خاندان ۾ سندس والدھ کي گهٽ ذات جو سمجهي ،اها عزت ۽ احترام ڪونه ڏنو ويندو هيو ،جيڪو سر شاهنواز جي گهر واريَء جو ُهئڻ گهرجي ها. خير تاريخ جي تي کان بِنهي ڪورا ماڻهو هوندي ،انهي جنجهٽ ۾ پوڻ بجاِء ،پاڻ هلون ٿا اڳتي راجپوتن جي يادگيرين ۾ ،سو هي راجپوت سوڍا پنهنجي ريتن۽ رسمن ۾ انتهائي سخت۽ انهن تي سختيَء سان عمل جا پابند هوندا هيا ،منجهن پردي جو تمام گهڻو رواج هيو ،وڏيَء ڄمار جون ُ مايون ته پري رهيون ،پر هنن جي معصوم نينگريَء کي به ڪڏهن ڪنهن ماڻهوَء گهر کان ٻاهر ڪونه ڏٺو هيو .مرد ماڻهو صبح جو گهرن کان نڪري َٻنيون ٻارا ُگهمي ،زماني جا ڪم ڪاريون الهي ،اوتاري ۾ ايندا هيا ،ته سڄو ڏينهن ڪچهريون ڪرڻ ۾ ۽ آفيم ڳاري پيئڻ ۾ گذري ويندو ُهين .اوتاري ۾ آئي وئي کي پيا آفيم کارائيندا۽ ڳاري پياريندا هيا .سندن گهرن جو ڪم ڪار ڪندڙ نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي ماڻهو توڙي سوڍا پاڻ به بجير چوندا هيا .حويليَء جي سوڍن مان ڪمل سنگھ ئي هڪڙو اهڙوصوفي منش ماڻهو هوندو هيو ،جيڪو مسلمانن سان اسالم عليڪم ڪري ملندو 274
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو ،ته هندن سان رام رام ڪري .۽ گڏوگڏ صوفين جي طريقي موجب هرهڪ کي ٻانهون ٻڌي ،ابا ،ٻچا چوندو وتندو هيو .نه ته خلق چوندي هئي ته گهڻا تڻا سوڍا ،نيرانو ڪنهن مسلمان جو منهن ڏسڻ کان به لنوائيندا هيا .پوري پني قد جو ،سفيد ململ جو پٽڪو ٻڌندڙ ڪمل سنگھ ،النگوٽواهڙي ته خوبصورت انداز ۾ ٻڌندو هيو جو ڪير به َلکي ڪونه سگهندو هيو ته کيس النگوٽو ٻڌل آهي يا شلوار پاتل آهي .ساڻس واسطو ،سندس پٽ فتح سنگھ کي پڙهڻ الِء آمريڪا موڪلڻ وقت ويزا الِء گهربل بينڪ جي ڪاغذن ڀيري پيو، جن الِء هو روزانو صبح ساڻ اچي بينڪ مينيجر نسيم قائمخانيَء جي سامهون ويهي، سندس هوائي ڳالھين تي واھ سائين واھ ڪري ،تاڙيون مالئي ،شام جو ُمنهن الهي واپس روانو ٿيندو هيو .ڳچ ڏينهن اهو لقاُء ڏسڻ بعد نيٺ کيس ڦِڪي کِل کِلندي ۽ هوائي خبرن تاڙيون مالئيندي ڏسي ،هڪڙي ڏينهن دل جهلي کانئس اڪيالئيَء ُ ۾پڇي ويٺس ته، تي ِ ڪاڪا توهان روزانو اچي ،نسيم سان مارواڙيون ۽ ڍاٽڪيون ڳالهائي ،هوائي ڳالهين تي تاڙيون مالئي هليا ٿا وڃو ،آخر ڇو“؟ ڪاڪو ڪمل سنگھ ته ڪو َٻريو ويٺو هيو ،هڪ ڊگهو ۽ ٿڌو ساھ ڀرڻ سان اصل ڦِسي پيو ،اسان جي صاحب ۾ ڦاٿل نه ٿيندڙ جائزڪم ڏکويل انداز ۾چئي ٻڌايائين .چٽو ياد اٿم ته ان ويل چيو هيومانس ،ڪاڪا ،هن کان جائز ڪم وٺڻ الِء هيترا حيال هالئڻ بعد ته پڪ ٿي هوندئي ،ته هي ڌاريا ماڻهو نٿا چاهين ته اسان اصلي سنڌين ۽ ڌرتيَء جي وارثن جا ٻار ُسٺن ادارن ۾ پڙهن .پوِء سندس جائز ڪم ،بينڪ جي تڏهوڪي گارڊ ۽ هاڻوڪي مينيجر ميرمحمد ڀنڀري جي مدد سان ڪري ،لفافوکيس ڏيندي چيو هيم ،ڪاڪا ،هي لفافو وڃي آمريڪا جي سفارتخاني ۾ ڏي .ايئن اسان جي معمولي مدد سان اهو فتح سنگھ وڃي آمريڪا پهتو۽ ٻڌو اٿئون ته اڄڪلھ اتي جو وڏو ڊاڪٽر آهي. سوانهيَء ننڍڙيَء مدد ،ڪمل سنگھ جي دل ۾مون الِء نرم گوشو پيدا ڪيو .۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس اوتاري تي وڃڻ لڳس ،علم ۽ ڏاهپ جي هن ڀنڊار شخص سان وڏيون وڏيون ڪچهريون ڪرڻ لڳس .چٽوياد اٿم ته هڪ ڀيري کانئس نياڻين جي نه پڙهائڻ ۽ پرديس ۾ پرڻائڻ وارو نه ُپڇڻ جهڙوسوال ُپڇي ويٺس .اهڙي اوچتي ۽ ڏکئي سوال تي سندس اکين جي ُ ڪنڊن کي ُپسندو ڏٺم .گهرو ٿڌو ساھ ڀريندي چيائين ،ٻچاِ ،ڏس ته هيترو پردوٿا ڪريون ،ان ڪري نياڻين جي تعليم جو سوال ته اجايو آهي ،پر نياڻين کي پرديس ۾ پرڻائڻ الِء عرض ته اسين راجپوتن جي سوڍا ُنک سان واسطو رکون ٿا ،ان ڪري رشتا هميشه سوڍن جي ٻين ُنکن يعني ڀاٽي ۽سيکاوت وغيرھ ۾ ڪندا آهيون ،اسان جي ريت 275
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
آهي ته جتي ٿورو به رت جو رشتو هوندو ،اتي سڱ نه ڏينداسين نه وٺنداسين .جيئن ته ورهاڱي بعد سنڌ ۾ جيڪي به َٺ ُ ڪر بچيا آهن ،اهي تقريبن سڀئي هڪڙيَء ئي ُنک جا يعني سوڍا آهيون ،ان ڪري نياڻيون ۽ ُپٽ پرڻائڻ الِء ،اسان کي هندستان ڏانهن وڃڻو پوندو آهي .اتي وري اهو ظلم آهي جو نياڻيَء کي سينگاري ويس وڳا ۽ زيور پارائي ناناڻي گهر ۾ ويهاريندا آهيون ،اتي غير ته نه پر ڪيئي هندستاني راجپوت ،ڀاٽي۽سيکاوت يا ٻين ُنکن جا ،اسان جي نياڻي ۽ ان کي ملندڙ ڏاج ڏسڻ ايندا آهن ،ڪي ڏاج مان ڪهڙا عيب ڪڍندا آهن ته ڪي وري ڪهڙا .ڪي وري وڏيون وڏيون گهرجون ڪندا آهن ،اسين ڌيَء جا پيُء مجبورن اڳلن جون سڀ گهرجون زر۽ زمينون وڪڻي به پوريون ڪندا آهيون. اتي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ ۾ اسان جي عزت ۽ مان مرتبي کي ياد ڪري ُ هنجون به هاريندا آهيون .ورهاڱي کان اڳ ته ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي ،گهر گهاٽ۽ ڳوٺ راڄِ ،ڏسي وائسي پوِء مِٽيون مائٽيون ڪندا هياسون ،هاڻ ته ورهاڱي ٿيڻ بعد ٿوري ُمدي جي ويزا ٽائيم ۾ سڀ بار الهي واپس موٽڻو ٿو هجي .ان ڪري نياڻيون ُميون سهسائي واپس ورون ٿاُ .مئن سان وري ڪهڙا ميال؟ اها ڌيئرن ۽ پيئرن جي آخري مالقات هجي ٿي .سوچي سگهين ٿو ته ان وقت ڪيڏو به ڪٺور ماڻهو هجي ِجهڄي ڪونه پوندو هوندو!.؟ ڪاڪي ڪمل سنگھ سان ريتن رسمن ،اٿڻين ويهڻين تي انيڪ ڪچهريون ٿينديون هيون ،جيڪر سڀ ساري ويهي لکجن ته ڪتاب ڀرجي وڃن. سرڳواسي ڪامريڊ گوپال سنگھ ،اکيراج سنگھ ڳوٺ جو رهاڪو ۽اسان جو ڪامريڊيَء وارن ڏينهن جو يار هوندو هيو ،هلندي مهل کاٻي ٻانهن جي وڏي لوڏ هوندي هيس ،عجيب ۽ مخصوص انداز واريَء هن لوڏ سان هلندي ،ڪامريڊ پريان کان پڌرو هوندو هيو .هو تمام وڏي آواز ۾ ڳالهائيندو هيو ،امرڪوٽ يا ڇور جي جنهن به گهٽيَء مان گذرندو هيو ته وڏي واڪ سڀني سان کيڪارون ڪندو۽ حال احوال ڏيندو هلندو ويندو هيو ،تڏهن گهرن ۽ دڪانن ۾ ويٺل خلق کي خبر پئجي ويندي هئي ته گوپال سنگھ ملڪ ۾ لٿل آهي. سرڳواسي جتي به ملندو ،جڏهن به ملندو ،ڪير به پڇندس ”ڪامريڊ اڄڪلھ ڇا پيو ڪرين؟ ڪي َ ته ٺھ پھ ڍاٽڪيَء ۾وراڻيندو ،عوام ِري خدمت پيا َ ڪرسان. ڪران ،ٻِيجو َوڙي ِ ِ سڻوهيَء جي سوڍن ۾ به ڀانئيان ٿو ته هڪڙو ڪمل سنگھ به هوندو هيو ،جنهن وٽ هڪڙي رات مهمان ٿي ،وڃي ماني کاڌي هيم ،زندگيَء ۾ پهريون ڀيرو رات جو مانيَء ۽ ٻوڙ سان َ سي به کڻي آيا هيا ،اسان ڪڏهن رات جو ڪنهن کي لسي پيئندي به ڪونه ڏٺو هيو ۽ گڏ ل ِ نه ئي اهڙو رواج به هيو ،آنا ڪاني ڪندي به زوريَء گالس ڀري ڏنائون ،اکيون پوري پيئڻ 276
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي ڪيم ،پيتم ڇا ،اصل هينئين ۾ لهندي وئي ،هڪڙو ،ٻيو ،ٽيون گالس ڌڙاڌڙ پي ويس .اڇو جيرو وجهي ،باھ تي ڪاڙهي ،ٺاريل اها لسي اڄ تائين نٿي وسريم .جيترو وقت به اتي ُهيس ،سانجهيَء ٽاڻي سڻوهيَء وٽان گذرندي ،نڪ جو پڪو ٿي ،اها لسي ُگهري پيئندو هيس .ساڳئي ڳوٺ ۾ هڪڙو سيطو سنگھ هوندو هيو ،سادڙو ۽ سٻوجھ سڀني هيراڦيرين کان آجو ،هوائي قصن تي گهڻو زور ڏيندو هيو ،جڏهن شناختي ڪارڊ ٿي ٺهيا ته ،مڙس وڃي قطار ۾ بيٺو، پڇڻ واري نالو پڇيس ،وراڻيائين ،سيطو سنگھ .اڳلي چيس سيطو سنگھ يا سيطان سنگھ.؟ وراڻيائين سيطان سنگھ .اڳلي همراھ به ٺوڪي ڪارڊ ۾ لکي ڇڏيو ،شيطان سنگھ. هيڏانهن هن درويش کي اها خبر ئي ڪونه پئي ته ڪهڙي ِڏنگي ُمڙس جو نالو مٿس پئجي ويو آهي .جڏهن سرڪاري ڪاروهنوار سان منهنجي َو ِر چڙهيو ته شناختي ڪارڊ تي نالو پڙهي دنگ رهجي ويس .هوريان هوريان چيومانس شيطان سنگھ ،دوستي رکندين؟ شيطان سنگھ به ڪو ٻاڙيل هيو ،وراڻيائين دوستي ڇاجي ،پاڻ ته اڄ کان پوِء ڀائر آهيون ڀائر .۽ پوِء شام جي ويلي ڇور جي گهٽين ۾ ماڻهو شر ۽ شيطان کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي ،گڏ هلندي ڏسي ،آڱريون کڻي چوندا هيا ته ،ڏسو ڪيئن ،هڪ ٻئي کي ڳولي لڌو اٿن!!! .ٻڌو اٿم ته اهو شيطان سنگھ اڃان سڻوهيَء ۾ آهي ،رب ڪر شال ٻچڙن سوڌو خوش هجي. گوپال سنگھ ۽ ڪمل سنگھ جي ڳالهين تان ياد آيم ،ته ميان نوازشريف جي دور ۾ هندن جي مالي سهائتا جي نالي سان قومي اسيمبليَء جا هندو ميمبر ،غريبن کي ُسکيو الِء ڪروڙن جا ڊرافٽ آڻيندا هيا ،انهيَء سهائتا جي سانگي سان تڏهوڪن قومي اسيمبليَء جي ميمبرن جا گهڻا تڻا خدمتگار ڪک پتيَء مان لک پتي ٿي ،صوبائيَء جواليڪشنون وڙهندي ڏٺاسون ،پر گوپال سنگھ جهڙو تتڙينگ هيو ،جڏهن وطن جا وڻ ڇڏي اڪيلي پٽ وٽ ساھ ڏيڻ الِء هندستان ويو تڏهن تائين تهڙو ئي تتڙينگ رهيو. تن ڏينهين نئون نئون عمرڪوٽ آيو هجان ،اڃان ڪنهن راجپوت سوڍي سان پالو ڪونه پيو هجيم .جو هڪڙي ڀيري راڻي چندرسنگھ جي ڀاُء اندر سنگھ جو فون آيو .هن ُجوِء جا جملي سوڍا ،پنهنجي تر ۾ َوسين لڳي ماڻهن سان ڍاٽڪيَء ۾ ڳالهائيندا هيا ،اڳلو سمجهي گيو ايندا. يانه سمجهي ،ڀلي ته جواب سنڌيَء يا اردو ۾ ڏيندو اچي ،پر سوڍا ڍاٽڪيَء کي ُٻن ِ سو ڳالھ پئي ڪيم ،اندر سنگھ جي فون جي ،مون سان به ڍاٽڪيَء ۾ ئي ڳالهاڻو .ڀلو ٿئي وڏڙن جو جن سڄي ڄمار مينگهواڙن جي ڳوٺ ۾ گذاري ،ان ڪري ڍاٽڪي فر فر ڳالهائيندو هيس .ٻروچ کي ڍاٽڪي ڳالهائيندو ٻڌي ،سوڍو وڌيڪ خوش ٿيو .ڪجھ ڪم 277
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪار ڏسيائين ،گڏوگڏ ٻروچڪي غيرت ۽ همت جو به حوالو ڏيندو ويو ،۽ بس وري ڪڏهن ڪونه مليو ،نه ئي وري ڪڏهن ڳالھ ٿي. هڪ ڀيري راڻو چندر سنگھ ٿري هِ ُ ندن کي پنهنجي هٿن سان مالي مدد ڏيڻ الِء اسالم آباد مان چڱو موچارو ڊرافٽ ،حبيب بينڪ عمرڪوٽ تي ٺهرائي آيو هيو ،تن ڏينهين نئون نئون عمرڪوٽ آيو هجان .هڪ ڏينهن معمول موجب شام ويلي بينڪ بند ڪري ٻئي ڏينهن جي سرڪاري موڪل سبب ڳوٺ هلياوياسين .راڻو صاحب سج لٿي مهل عمرڪوٽ پهتو هيو ۽ ان مهل ئي گوپال سنگھ کي بينڪ موڪليائين ته وڃي ڊرافٽ جي رقم وٺي اچ ته صبح جو ٿر ۾ هلي ورهائي اچون .گوپال سنگھ جڏهن بينڪ بند ڏٺي ته کيس فون تي اطالع ڏنائين ،راڻي صاحب نه ڪئي هم نه تم ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي فون ڪري حڪم ڏنائين ته هينئر جو هينئر بينڪ کوالئي رقم جو بندوبست ڪري ڏئي .اعجاز منگي ان وقت عمرڪوٽ جو ڊپٽي ڪمشنر هيو ،سمجهدار ماڻهو به هيو ،خبر به هيس ته صبحاڻي موڪل آهي ،مينجر توڙي اسٽاف پنهنجي پنهنجي ڳوٺ هوندا .ان هوندي به منهنجا ڏس پتا ُپڇائي مير پورخاص جي ڊپٽي ڪمشنر کي فون ڪري چيائين ته مان ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ سان فون تي ڳالهايان .تنهن زماني ۾ موبائل فون ڪونه هوندا هيا ،اسان جي حد جو ٿاڻو پراڻي ميرپور هوندو هيو .رات جا ڏه کن ٿيا هوندا جو پراڻي ميرپور جي موبائل ايس ايڇ او سميت مون کي ڳوليندي اچي پهتي .سمورو ڳوٺ پريشان ٿي ويو، ڇو جو ڳوٺ ۾امن ۽ شانتي ايتري هوندي هئي جو ڪڏهن ڪا پوليس ڪونه آئي هئي. صوبيدار به اهڙو ته ڏاهو ،اڪابر۽ عقلمند هيو جو ضد ڪري بيهي رهيو ته هينئرئي موبائل ۾ هلي شهر مان ڊي سيَء سان ڳالهاِء .اڳيان آئون به ضد ڪري بيهي رهيس ته آئون ڪو چور ته ناهيان جو موبائل ۾ پويان ويهي وڃان .تو پنهنجو ڪم ڪيو ،مون کي نياپو مليو، هاڻ تون وڃي ُڌر ڌڻين کي ٻڌائي ڇڏ ته هيَء ورندي ملي اٿم .پوليس ته وئي هلي پر پريشانيَء ۾ مون سميت گهر جي جملي ڀاتين کي رات جو ننڊ نه آئي .صبح ٿي ته سوچيم ته ميرپورخاص مان وڃي ڊپٽي ڪمشنر سان فون تي ڳالهايان .بسن ۾ ڌڪ کائي جڏهن ميرپورخاص پهچي ساڻس فون تي ڳالهايم ته اعجاز منگيَء پريشانيَء مان چيو ادا تنهنجي مجبوري پنهنجي جاِء تي ،پر هن ”راجپوت سوڍي“ کي ڪير سمجهائي ته موڪل جي ڏينهن هئڻ ڪري بينڪ ڪونه کلندي ،تون مهرباني ڪري ڪا ٽيڪسي به ڪري هتي پهچ ته منهنجي به جان آجي ٿئي.
278
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
راڻي چندر سنگھ جي طبيعت بابت مونکي ڪجھ ڏينهن اڳ۾ هڪڙي دوست ٻڌايو هيو، جيڪو تازو ئي يو بي ايل جو مينجر ٿي ،راڻي صاحب کان ڊپازٽ وٺڻ الِء سندس بنگلي تي ويو هيو ۽ کيس چاچا چئي پنهنجو تعارف ڪرايو هيائين .هن پاران چاچا چوڻ تي، راڻي صاحب پهريائين ته ڀر ۾ ويٺل ُپٽ حمير سنگھ ۽ ڀائيٽي راجوير سنگھ کان سوال ڪيو ،ته منهنجو اهڙو به ڪو ڀاُء آهي ڇا جنهن کي توهان نه سڃاڻيندا هجو؟ ٻنهي پاران انڪار ڪرڻ کان پوِء ويٺل ماڻهن کان پڇيائين ۽ سڀني پاران انڪار تي ،هن فوري طور يو بي ايل جي صدر کي فون ماليو ،اهو ته ڀلو ٿيو مينيجر جو يو بي ايل جو صدر فون تي نه مليو ،نه ته هن جو ڪم لهي وڃي ها .هوڏانهن مينيجر پريشان ٿي ويو ته هن کان ڪهڙي غلطي ٿي جو نوڙ ڪنڌ ۾ پيو پوي ،همراھ ماٺڙي ڪري کِسڪيو .ڪجھ وقت بعد ڪنهن ٻڌايس ته تون ذات جو خاصخيلي آهين ۽ َٺ ُ ڪر ،خاصخيلين کي بجير چئي نوڪرن وارو ڪم وٺندا آهن ،تنهنجو کيس چاچا چوڻ هن جي راجپوتيَء کي گار محسوس ٿي، تڏهن ايترو گرم ٿيو .سو ان ڊپ سبب آئون به ٽيڪسي ڪري پهتس ،بينڪ عملو گهرائي ڊرافٽ پاس ڪري رقم گوپال سنگھ کي هٿ ۾ ڏيندي چيم ته توهان مون کي پوليس معرفت گهرائي منهنجي بيعزتي ڪئي آهي .ان جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي .گوپال سنگھ جيتو ڻيڪ پراڻو ڪامريڊ هيو ۽ اسان جو يار به هيو ،ته به کانئس منهنجو جملو هضم نه ٿيو۽ ٻاهر وڃي راڻي صاحب کي فون ڪري منهنجي ڪاوڙ بابت ٻڌائي آيو .گهڙي نه گذري جو راڻي صاحب جو بينڪ ۾ فون آيو ۽ مون کي ڍاٽڪيَء ۾ حڪم واري انداز ُ ڪوٽڙي تي آ .راڻو صاحب انهنجي گوپيئي ڀيڙو َم ِ ِ ۾ چيائين ته مينيجر تون هِيڻا رو هِيڻا ِ گوپال سنگھ کي پيار مان گوپيو چوندو هيو .هاڻي منهنجي حالت ڏسڻ وٽان هجي ،سوچيم شايد ڪامريڊ ئي ٻاهر وڃي ڪي مرچ مصالحا مالئي ٻڌاياهوندا .گوپال سنگھ کان پڇيم ته هن به ڇاتي ٺوڪي چيو ،ها مون کيس سڀڪجھ ٻڌائي ڇڏيو آهي .ان ويل ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿيم ،هاڻي االئي ڇا ٿيندو؟ گوپال سنگھ سان علي نواز واري ڳالھ ڪيم ته چيائين، چريا!! ٻروچُ ،هو خاصخيلي هيو تون ٻروچ آهين ،اسين َٺ ُ ڪر ،ٻروچن کي پنهنجو ڀاُء سمجهندا آهيون .توسان راڻو صاحب ايئن ڪونه ڳالهائيندو ،جيئن علي نواز سان ڳالهايو هيائين .سندس پاران دل َٻڌائڻ تي همت ڪري ،راڻي صاحب وٽ حاضر ٿيس .رسمي خوش خير عافيت کان پوِء سامهون پيل صوفا تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين .گڏوگڏ ناراض ٿيڻ جو سبب پڇيائين .ته همت ڪري ڏڪندڙ زبان سان چيم ،سائين اوهين راجپوت آهيو ،ته آئون به ٻروچ آهيان ،اوهان منهنجي در تي پوليس موڪلي مون کي گهرايو آهي ،منهنجي 279
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڳوٺ جي ماڻهن سمجهيو ته آئون بينڪ مان ڪا چوري ڪري آيو آهيان ,ان ڪري پوليس منهنجي پويان آئي آهي ،ان جو ڏک ٿيو اٿم. يڪدم ڍاٽڪيَء چيائين ،ٻروچ هائين اسانجي غلطي اهي ،هي اوهين اسانجي غلطي رو ڏنڊ ُسڻائو تو ڀران. آئون اڃان سوچي ئي رهيو هيس ته گوپال سنگھ وچ۾ ٽپ ڏيئي چيو ته راڻا صاحب ڏنڊ ۾ ٻروچ جي ڳوٺ ۾ فون لڳرائي ڏيو .راڻي صاحب فوري طور پي ٽي سي ايل جي چيئرمين خوشي محمد ڀٽو کي فون ڪري منهنجي ڳوٺ ۾ وي ايڇ ايف جو پي سي او لڳائڻ جو حڪم ڏنو .حيرت جي حد اها ٿي جو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ منهنجي گهر ۾ پي سي او لڳي ويو .جنهن جي ڊمانڊ نوٽ کان وٺي ،ٻيا جملي اخراجات االئي ڪنهن ڀريا ،مون کي ڳوٺان فون ڪري ٻڌايو ويو ته هي منهنجي گهر جو نمبر آهي. موجودھ راڻي ،حمير سنگھ سان کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون هيون ،سادگيَء جو مثالي نمونو هوندو هيو ،پاڻ ئي هلي اچي بينڪ ۾ ڪچهريون ڪري ويندو هيو ،سندس سوٽ راجويرسنگھ ،سان ته چـڱي موچاري دوستي ٿي وئي هئي .جڏهن به ايندو هيو ته ڪالڪن جا ڪالڪ ويٺو هوندو هيو ،سياست جي موضوع تي وڏا وڏا بحث ڪندو هيو ،پوئين دور ۾ صوبائي اسيمبليَء جو ميمبر به ٿيو ،هاڻ ته االئي سڃاڻي به يا نه؟ بحرحال ڪجھ به هجي امراڻي جي آس پاس جي سوڍن جو اڳيون اوج هاڻي نه رهيو آهي ۽ بدلجندڙ سياسي، سماجي ،معاشي۽ معاشرتي حالتن ۾ وري سندن ساڳي اوج اچڻي به ناهي .اهي قصا هاڻ صرف ۽ صرف ماضيَء جون يادون رهجي ويندا .هاڻ جڏهن به امراڻي وڃڻ ٿئي ٿو ته امراڻي جي انهن ُجنگ جوانن کي ساري ٿڌي آھ نڪريو وڃي ٿي ۽ لطيف سرڪار جي هيَء سٽ ياد اچيو وڃيم. نه سي وونئڻ وڻن ۾ ،نه سي ڪاتياريون، َپسيو بازارون ،هينئڙو مون لوڻ ٿئي. الرحيم ٽرانسپورٽ سروس جو مالڪ الل محمد آريسر ،هاء اسڪول ڇور جو هيڊ ماستر هئڻ سان گڏ ،زميندار ۽ پيپلز پارٽيَء جو همدرد به هيو ،ايئن کڻي چئجي ته ڇور جي پيپلز پارٽي هيو ئي الل محمد آريسر ،ته به ڀانيان ٿو ته انهيَء ۾ڪو وڌاُء ڪونه ٿيندو .يا ايئن کڻي چئجي ته ڇور جو شهر آباد ئي الل محمد آريسر جي نياز سان هيو ته ان ۾ ڪوبه وڌاُء ڪونه ٿيندو .سموري شهر جا ماڻهو وٽس صالح ثواب الِء ايندا هيا .شهر جوهرهڪ ماڻهوکيس سائين ڪري سڏيندو هيو .وڏي ڳالھ ته انهن ۾ جماعتي جوان به شامل هوندا 280
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيا .سائين الل محمد ٻه شاديون ڪيون هيون .پهرين ڏاڏي پوٽي ۽ ٻي حيدرآباد جي اردو ڳالهائڻ واري هئي .سندس ٻي گھر واري ٻارن سميت حيدرآباد ۾ رهندي هئي .سندس ٻئي وڏا پٽ ڪاروبار ۽ زمينداريَء ۾ تمام گهٽ چاھ رکندا هيا .تنهن ڪري سندس ڀائيٽا نظر محمد ۽ عطامحمد گھڻو تڻو ڪاروبار سنڀاليندا هيا .نئين شهر ۾ مون الِء رهائش جو مسئلو هيو .ان ڪري پهرئين ڏينهن ئي سائين الل محمد مون کي پنهنجي اوطاق آڇي. جتي عارضي طور رهڻ لڳس .ٿر جي گيٽ وي هئڻ ڪري سندس اوطاق ۾ ٿر جي مختلف عالئقن جا مسافر ماڻهو ايندا هيا .جن سان ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون .منجهن ُسگھڙائپ ۽ دانائپ ڀريل هوندي هئي .انهن مان ڳوٺ ٻانڌو جو رهاڪو مرحوم وڏيرو عبدالحميد سميجو به هڪ هيو .جنهن سان وڏيون وڏيون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون .ڪڏهن ڪڏهن ٽيڀري ڀنڀرا ۾ بينڪ جي اسٽاف مير محمد ۽ سندس ڀاُء سلطان وٽ وڃڻ ٿيندو رهندو هيو. 25آگسٽ 1992جو هٿ سان هينڊل گھمائڻ واري ڪاري فون تي ميرپورخاص مان ڪال آئي ،اڳيان ڳالهائڻ وارو ڀانئيان ٿو ته تارو ميگهواڙ هيو ،ٻڌايو هيائين ته پٽ ڄائو اٿم. ان خبر تي تمام گهڻو خوش ٿيس ،پاڻ اڪيلو هئڻ سبب سوچيندو هيس ته خدا ڪري خادم کي به ڪو ڀاُء هجي! .ڏهن سالن جي وڇوٽيَء بعد پٽ ڄائو ته ڏاڍو خوش ٿيس .زندگيَء ۾ ُ پهريون ڀيرو وڏو خرچ ڪيم ،يعني سڄا سارا ڏهه ڪلو لڏون وٺي ڳوٺ پهتو هيس. مبارڪون ئي مبارڪون هجن .ان وقت بابا ۽ امان ياد آيا ته اکڙين مان لڙڪ الرون ڪري هليا .انهي پٽ جو نالو به بابا جو ئي يعني اڪبر رکيم .اڪبر جي جنم وارو سال منهنجي زندگي جي اهم تبديلين وارو سال ثابت ٿيو .جيتوڻيڪ غربت ۽ڏکن جو ماريل هيس ،پر ان سال مالي ،معاشي ۽ معاشرتي حوالي سان خوشحالي ۽ خوشين منهنجي در تي گھڙي گھڙي د ستڪ پئي ڏني ۽ مسلسل ڏينديون اچن .ڊسمبر ڌاران جڏهن اڪبر جو ختنو ڪرائڻ وقت دعوت ڪيم ۽ پنهنجن جملي دوستن کي سڏيم ته اوڙي پاڙي وارا اڪوَء جي پٽ جي ايڏي واسطي کي ڏسي حيران ٿيا .گڏوگڏ ڪي ته چڱا موچارا مهانڊا پريشان به ٿيا ۽ ٻن لکن جي جي اندر مبارڪ به ماڻهن الِءحيرت جهڙي هئي .ان دعوت ۾ ئي اسان جي زونل چيف شبير سيتائيَء اچي الهور جي ڪنهن سيمينار ۾ حبيب بينڪ جي نمائندگي ڪرڻ جو ليٽر هٿ ۾ ڏنو هيو .ان ڪري زندگيَء ۾ پهريون ڀيرو هوائي جهاز جو سفر ڪرڻ الِء تياري ڪئي هيم .عمرڪوٽ وارو يار سليم مهر به گڏ هليو هيو ،پر پنهنجي خرچ تي .حيدرآباد جي هوائي اڏي تان اسان جي فوڪر جهاز جي اڏام الهور کان 281
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ٿيندي اسالم آباد وڃڻي هئي .الهور جي هوائي اڏي تي رام بچومل منهنجو کپري جو يار اسان کي وٺڻ الِء آيو هيو .رام بچومل اسان کي انهيَء هوٽل تي پهچايو جتي بينڪ جي پاران انتظام ڪيا ويا هئا .پوِء هرروز صبح جو آئون ۽ راٺوڙ بينڪ جي سيمينار ۾ ويندا هياسين ۽ سليم مهر رام جي معرفت الهور جي هيرا منڊيَء ۾ پيو المارا ڏيندو هيو. جيئن ته منهنجو هوائي جهاز جو اهو پهريون سفر هيو ،جنهن الِء پوري حياتيَء ۾ ڪڏهن تصور به ڪونه ڪيو هيم ،ته ڪو ان منزل تي پهچندس جو سرڪاري ڪاروهنوار سان مفت ۾ هوائي جهازن ۾ چڙهندس .ان ڪر جهاز ۾ ويهندي ئي اکين مان لڙڪ لڙيا هيم. م ون سمجهيو هيو ته مون اڪيلي سان اها حالت هوندي پر مونکي راٺوڙ ۽ سليم مهر ٻڌايو ته هو به غريبن جا ٻار آهن ۽ ٻئي هڪ ڀيرو اڳ به جهاز جو سفر ڪري چڪا آهن. . الهور جي انهي سفر ۾ رام مونکي اهو شاهي قلعو خاص طور تي منهنجي فرمائش تي ڏيکارڻ هليو هيو ،جنهن جي ٽارچر سيلن ۾حسن ناصر شهيد ٿيو هيو۽ ڄام ساقي اهي عذاب ڀوڳي وريو هيو .جيتوڻيڪ ٽارچر سيل جي ان حصي تي اڃان به جوڌن جو قبضو هيو۽ اسان ان پاسي ته ڪونه وڃي سگهياسون ،پر ان عالئقي ۾ گهمندي ڦرندي مونکي هزارين مظلوم نوجوانن جون آهون ۽ دانهون الهور جي فضائن ۾ پڪارن جيان ٻڌڻ ۾ پئي آيون .اهڙيون بيوس پڪارون جن جو ڪو اوهي واهي نه هجي جن جو ڪو ڌڻي سائين نه هجي .پنهنجي پر ۾ مون هزراين بيگناھ ماريل جوڌن جي روحن کي ان قلعي جي آس پاس چڪر ڪاٽيندي ڏٺو هيو. انهن ڏينهن ۾ رام ،مون کي سوزو پارڪ جي رستي تي واگھ بارڊر طرف وٺي ويو هيو. جيئن جيئن واگھ کي ويجها پئي ٿياسون ،تيئن تيئن هندستان ڏانهن ويندڙ ماڻهن جون ۽ ٽرڪن جون قطارون ڏسي ،بي اختيار رام کان پڇيو هيم ته هي ماڻهو ۽ هي ٽرڪون ڪيڏانهن پيون وڃن؟ هن وراڻيو هيو ته اهي مزدور آهن جيڪي انهن ٽرڪن ۾ لوڊ ٿيل ڀاڄيون ،ميوا ۽ ٻيو سامان ٽرڪن مان الهي پرينَء ڀر پڄائيندا .ڏينهن گذري ويا ،ورهيه گذري ويا ،هڪ ڏينهن ڊان اخبار پڙهندي هڪڙي تصوير تي نظر پيم ،هيٺان لکيل هيو ته هندستاني مزدور پاڪستاني مزدور کي واگھ جي بارڊر تي پٽاٽن جي ٻوري ڏئي رهيو آهي .اها تصوير ڏسندي ئي منهنجو هينئڙو حضرت نيڪڻ فقير نقشبنديَء جي اڀاڳي ديس، ٿر طرف هليو ويو .جتان اڳي راجا جي ريل ،هرروز ميرپورخاص کان مونابائو طرف روان دوان هوندي هئي .ٿرين جي بقول انهيَء راجا جي ريل جو ڇڪ ڇڪ وارو خوبصورت آواز ،ڀِٽن جي گھري خاموشيَء کي چيريندو ،عجيب قسم جي موسيقيت پيدا ڪندو ويندو 282
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو .ان راجا جي ريل جي ڪوڪ ُٻڌي ،پري پري کان جانور ريل جي ويجهي اسٽيشن طرف ڊوڙندا هيا ،ايئين لڳندو هيو ڀانِء کين ڪنهن ڏورانهين سفر تي وڃڻو هجي ۽ متان ريل ُڇٽي نه وڃي .حقيقت ۾ اها ريل هزارين جانورن کي باقائدگيَء سان پيئڻ جو پاڻي پهچائيندي هئي .جتي اها ريل سوين هزارين جانورن ۽ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي پهچائيندي هئي .اتي هزارن جي تعداد ۾ آس پاس جا ڳوٺاڻا مزدوريون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا هيا .اها ئي راجا جي ريل ٿر ۾ وسندڙ سوين راجپوت سوڍن جي ُڏور وسندڙ جيسلميري جوڌن سان مِٽيون مائٽيون ڪرڻ جو به سبب بڻجندي هئي. بئراجي عالئقي ۾ هن ريل جون اسٽيشنون شادي پلي ،اڪڙي پٿورو ،ڍورو نارو ،هاسيسر، ساڍر ،سومرا سر ۽ ڇور شهر جون ننڍيون وڏيون اسٽيشنون هونديون هيون .جڏهن ته ٿر ۾ نيو ڇور ،واصل ٻاُء ،پرچي جي ويري ،جالوَء جو چوئنرو ،هونديون هيون ۽ اڄ به آهن. ۽ اهي خيرن سان ويران ۽ ڀڙڀانگ ،پنهنجي ماضيَء جي حسين يادن ۽ حسين ماڻهن جي يادن کي ساري اڄ به اداس آهن. چون ٿا ته ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي وڻج واپار جو اهم ذريعو ،راجا جي ريل هوندي هئي. تڏهن ته اڄ به ڦٽين ٽاڻڻ جا ڦٽل ڪارخانا شادي پلي ،پٿورو ۽ ڍورونارو ۾ پنهنجي وقت جي عظيم آثارن جي ِڏک پيا ڏيندا آهن .چون ٿا ته تڏهن عمرڪوٽ بجاِء ڇور ۽ نئون ڪوٽ ٿر جا گيٽ وي هوندا هيا .۽ ريل جي سهوليت نه هجڻ سبب عمرڪوٽ پنهنجي اصلوڪي حالت وڃائي ويٺو هيو .راجا جي ريل جي بئراجي عالئقن کي برباد ته سکر بئراج جي دروازن ڪيو هيو .جڏهن ناري کي دروازا لڳا ،ناري جي نوابن جي لوڏ ۾ َلهس آئي ،رتڙيا چانور گھٽ پوکجڻ لڳا .راجا جي ريل جي ذريعي ماڻهن جي توڙي ماڻهن جي فصلن جي پهچ خواجا اجمير تائين هوندي هئي .ايئن ڪيئي خاندان هتان لڏي ُهتي آباد ٿيندا هيا ۽ مِٽيون مائٽيون ٿينديون هيون .سوڍن راجپوتن کان سواِء انڙ آباد جي عبدالواحد آريسر کان وٺي الل محمد آريسر جون مِٽيون مائٽيون ُهن ڀر هونديون هيون .اڄ به حويليَء جو ڪاڪو ڪمل سنگھ سوڍو ُهن ڀر پرڻايل نياڻين کي ساري ٿڌا ساھ ڀري ٿو .ته هوَء مالهو ڀيلڻ هاسيسر جي ريلوي اسٽيشن جي بينچ تي ويهي َپن جي ٻيڙي ُدکائي ،هفتي ۾ هڪ وار گذرندڙ راجا جي ريل جي ڇڪ ڇڪ ُٻڌي ،پنهنجن ڀيڻن ۽ ڀائرن کي ساري ،وقت جي سرڪار کي هڪ ڪچي گار َڏيو ڇڏي .جيتوڻيڪ هوَء خود به هاڻ اها مالهو ناهي رهي ،پر وقت جي تک ۾ وهندي ،مسلمان ٿي مريم انڙ بڻجي چڪي آهي .اڄ به سڻهوئيَء جا شيطان سنگھ سميت سمورا سوڍا پنهنجن پيارن ۽ پيارين کي پرڻائڻ الِء ٻاڙمير ،مونابائو ۽ ڇوٽڻ 283
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وڃڻ الِء مهينن جا مهينا ويزا جا چڪر ٿا لڳائين .اڄ به ٽيڀريَء جو عمر ڀنڀرو ،جيسلمير چوڪيَء جي جماعتين کي ساري هنجون هاري ٿو .اڄ به ڇور جو شريف ڊيزل ،پنهنجي پياريَء کي ڏسڻ الِء ٻاڙمير جا وڻ ڏسڻ الِء تڙپي پيو ٿو .اڄ به نيو ڇور جو راڄو حجام، پنهنجي ن نج نبار گھيه مان ٺهيل مٺائين جي خواجا اجمير تائين هاڪ کي ساري ٿڌو ساھ ڀري چوي ٿو ،اهي ڀي ڪي ڏينهن هوندا هيا .جيتوڻيڪ هاڻي انهيَء جانوَء نهڙيَء جي جاِء االئي ڪنهن واالري آهي جنهن الِء مشهور هيو ته سندس سياڊپ سبب صدر ايوب خان کيس پاڻ سان گڏ ويهاري مانيون کارائيندو هيو .هاڻ جالوَء جي چئونري جي انهيَء لطيف سومري جي جاِء االئي ڪنهن واالري آهي ،جيڪو ايندن ويندن ڪامورن کي اجرڪون اوڍائِي کين ٿر جي ماروئڙن جا ُسور پشاور جي قصاخواني بازار جي ڪنهن قصا گو جيان ُٻڌائيندو هيو .اڄ به گوئينداڻيَء جو رهاڪو وڏيرو عبيداهلل سمون ،ٻاڙمير جي رهاڪو حاجي سمن جو ڍنڍ کي پار ٺاهي گابڙي راند ڪندي ُٻڏي مرڻ جا قصا وڏي طمطراق سان ٻڌائيندو آهي .اڄ به شفي فقير جي ورالپ ۾ ايترو ته درد آهي ،جوسندس اباڻي وطن ميڙاسر کان ٻاکاسر تائين اهو ورالپ ڀِ ُٽن ۾ ور ور ڪري پيو گونجندو آهي ،اڄ به ڀٽاري جو رهاڪو وسايو ڪنڀار ،سرگوشيَء جي انداز ۾راجا جي ريل جي ڊرائيور کي ڪاٺين جي ڀري ڏيکاري ريل بيهارڻ جو داستان فخريه انداز ۾ ٻڌائيندو آهي .۽ پوڙها ٿريا اڄ به کوکراپار شهر ۾ ارباب راهمي جي هوٽل ۾ ويهي حاجي سراج سومري جو ،اقبال اينڊ ڪو ۾ سٺ روپين جي پگھار واري نوڪريَء کان شروع ٿي ارب پتي ٿيڻ جو داستان وڏيَء خوشيَء سان ٻڌائيندا آهن .۽ اڄ به ڇاڇري جي ڌرتيَء تي جونجهارن جو اوٽو ،پنهنجي بهادر جونجهارن جي اوالد کي ڏسڻ الِء تڙپي ٿو .ته ڍيٻوڙيَء جو عنايت نهڙي ،پيراڻي جي پار جو حيات نهڙي۽ جمعون سومون جو ڄام مريد سمونَ ،پرينَء ڀر وسندڙ پنهنجن پيارن کي ساري تڙپن ٿا ته ڀِٽاري جو ابراهيم ڪنڀار ڇوٽڻ ۾ پنهنجي ڏاڏي جي قبر تي قل پڙهڻ الِء هٿ مهٽي ٿو. مڃون ٿا ته ”پاڪ وطن“ جي حاصالت الِء هنن ماڻهن ،پنهنجن پيارن کي ساريندي ۽ آهون ڀريندي پنهنجون زندگيون گذاري ڇڏيون ،پر پوِء به وطني نه ٿي سگھيا .پرک جا ٻٽا معيار ته ڏسو جو پنجاب جو مسلمان چوڌري ۽ خالصو چوڌري هڪ ٻئي کي ايترو ته ويجها آهن جو ٻنهي پارن جون سايون ڀاڄيون ۽ ميوا شام ٿيڻ کان اڳ ٻنهي طرفن جي ڳوٺن ۾ پهچيو وڃن .۽ هن پار جا ٿريا اڌ صديَء کان هڪ ٻئي جون شڪليون ڏسڻ الِء واجهائيندا وتن .اڄ جڏهن وقت بدليو آهي ،دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي آهي ،تڏهن اسان وارن 284
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
صاحبلوڪن کي کوکراپار بارڊر کولڻو پيو پوي .راجا جي ريل جي پٽڙي روان دوان ٿيڻ الِء تياريون پئي ڪري ،تڏهن مطالبن جي مارا مار شروع ٿي وئي آهي ،ته کوکڙو نه کوليو. انهيَء سان لوڌون اينديون ،ڪٽڪ ايندا ،جهيڙي واري ڳالھ اها آهي ،اسان اڄ ڏينهن تائين واگھ وسيلي وطني ٿيندڙ ڪيترا ڪٽڪ روڪي سگهيا آهيون .کل جهڙي ڳالھ اها به آهي ته وطنين سان ويساھ گهاتيون ڪندڙ جماعت اسالميَء جو نيڪڻ فقير کوکراپار کولڻ جو وڏو وڪيل ٿي ميدان تي لٿو آهي ۽ سندس سامهون سنڌ جو هڪڙو وڏو دانشور پنهنجي پوري ٽيم سميت ،پنجاب جي پاليسيَء جي وڪالت بيٺو ڪري ته کوکروپار ڪڏهن به کولڻ ڪونه ڏبو .خبر ئي ڪونه ٿي پوي ته ڪير ڪنهن جي وڪيٽ تي پيو کيڏي؟ دعا ڪريو ته ويران اسٽيشنون جلد آباد ٿين ،ٿر جي مسڪين ماڻهن کي روزگار ملي ،ڇور شهر ۾ مرحوم جوڻيجي جون ٺهرايل ڪسٽم آفيسون جلد آباد ٿين .دعا ڪريو ته ستر ۽ اسيَء جي وهيَء جون ٻنهي طرفن جون مائرون ،ٻنهي طرفين پرڻايل پنهنجي ڌيئرن کي اکين سان ڏسن .دعا ڪريون ته تمام جلد سنڌ جا انب ،ليما ،ڪيال ،بصر ۽ موريون انڊيا جي بازارن ۾ وڪامن .ان الِء اچو ته گڏجي دعا ڪريون ته کوکراپار جلدي کلي ۽ پاڻ راجا جي ريل جي ڇڪ ڇڪ ُٻڌون. خير ،پاڻ هلون ٿا واپس ڇور ڏانهن جتي چڱا موچارا ُمهانڊا پنهنجي هن قصي جي انتظار ۾ هوندا .سو ڪجھ وقت بعد ڇور ۾ نوڪري هوندي به عمر ڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪيم ،موجوده ٽائون ڪميٽي عمر ڪوٽ جي اڀرندئين گيٽ وٽ موجودھ دڪان واري جاِء ۾ حبيب بينڪ هوندي هئي .ان جي مٿان موجوده فليٽ حبيب بينڪ جو گودام هوندو هيو .ان کي خالي ڪرائي ان ۾ رهڻ لڳس .ڇور ۾ ان وقت ڇانوڻي ڪونه هوندي هئي، صرف آرمي ڊيزرٽ وار فيئر اسڪول هوندو هيو .جنهن ۾هڪڙو ڪرنل ،هڪڙو ميجر۽هڪڙو ڪيپٽن هوندا هيا ۽ باقي سپاھ هوندو هيو .پراڻي ڇور ۾ انڊس رينجرس جي 31ونگ هوندي هئي جنهن ۾ صرف هڪڙو ميجر هوندو هيو .فوجي عهدا ،ڊسيپلين ۽ انهن جي جوڙجڪ مون اتي ڏٺي ۽ سمجهي هئي .حالت اها هئي جو ڪرنل ،ميجر سان ويهڻ ۾ عيب سمجهي ،ميجر وري ڪيپٽن سان ويهڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي سمجهي ۽ ساڳي حالت صوبيدارکان سپاهيَء تائين هئي .ان سڄي ڊسيپلين واري قصي ۾ڦاٿو هڪڙو بينڪ جو مينيجر .هڪڙو اٿي ته ٻيو ڪچهريَء الِء اچي .ان ڪري جو آفيسر طبقي الِء پوري عالئقي ۾ واحد سويلين آفيسر هيس .پر مزي جي ڳالھ اها هوندي هئي ته سپاهين ال به ڪچهريَء جو واحد ذريعو آئون ئي هوندو هيس .جيتوڻيڪ سپاهي ۽ صوبيدار ويچارا 285
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مون کي سر ،سر ڪري ڳالهائيندا هيا .پر جيئن ته منهنجي طبقي جا هيا ان ڪري آئون انهن جي آفيسرن کان وڌيڪ کين عزت ڏيندو هيس .فوجي ڀائرن سان انهن ڪچهرين جي دوران هڪ ڏينهن حيرت ۽ تجسس ۽ پريشاني تڏهن ٿيم .جڏهن هڪڙو ڄاتل سڃاتل ُمهانڊو بينڪ ۾ لنگهي آيو .کيس شهر ۾ اڪثر ڏسندو رهندو هيس پر واقفيت نه هيم ۽ نه ئي واقفيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيم .موصوف مون سان هٿ مالئي سرگوشيَء ۾چيو ،ڪامريڊ فوجين سان گھٽ ڪچهري ڪندو ڪر ،هتي ايجنسين جو ڄار پکڙيو پيو اٿئي ۽ اها مفت ۾ ڪيل ،ڦلهر َٽنگائي نه وجهئي .هن نئين همراھ پاران مونکي ڪامريڊ چوڻ حيرت جهڙي ڳالھ هئي .همراھ ته ايئن چوندو هليو ويو ،پر مون کي ٿڌا پگهر اچڻ لڳا ،ڳچ دير سوچيندو رهيس ته ڪامريڊي ڇڏيئي به ورهيه ٿي ويا آهن ،هتي پيپلن سان پيپلو ٿيو پيو هالن ته وري ليگلن سان ليگلو .پوِء هيَء بال ڪهڙي هئي جنهن ڪامريڊ چيو .نيٺ محمد رحيم سمي کي سڏي کانئس پڇيم ته هيُء همراھ ڪير هيو.؟ جنهن ٻڌايو هيو ته موسميات کاتي جو آفيسر سهراب جنجهي آهي .سهراب جي ذات ٻڌڻ سان زير لب مسڪرائي ويٺس ،پڪ ٿيم ته ڪامريڊ ڄام جو عزيز هوندو ،۽ مون کي چڱي طرح سڃاڻيندو هوندو ته هي پراڻو ڪامريڊ هتي ويٺو فوجين سان دوستيون وڌائي ۽ نڀائي. سوچيو هوندائين ته هن کي ڪل ئي ڪانهي ته سندس الِء توڙي سموري سنڌ جي پڙهيل لکيل سڄڻن الِء هنڌين ماڳين ڪوڙڪيون اڏيون پيون آهن. ان زماني ۾ الل محمد سومرو ۽ الل محمد سميجو ٻئي ننڍڙا زميندار ۽ پيپلز پارٽيَء جا همدرد هوندا هيا .پر جماعت سڳوريَء سان به رهايو ايندا هيا ،ايئن چئون ته َ ڪن لڪائيندا وتندا هيا ته به ڪو وڌاُء ڪونه ٿيندو .ڪو جيالني جماعت جو سهارو وٺندو هيو ته ڪو وري سرڪاري مالزمت جو ،مڙوئي وقت پيو گذرندو ُهين .تن ڏينهين انهيَء تر ۾ هڪڙو نئون وڏيرو پيدا ٿيو هيو ،جنهن جو اڌ خاندان دين سان واڳيل ڪمن ۾ اڳرو هوندو هيو. انهيَء وڏيري الِء خلق خدا ڳالهيون ڪندي هئي ته ِدين جي شوق بجاِء َڌن جي شوق ۾ هڪ سال جي پيادل جماعت سان پشاور ويو هيو ۽ اتان کان ِوهاڻي ۾ ٻه ڪلو پائوڊر کڻي آيو هيو ،جيڪا صوفي فقير جي ڳوٺ جي مسجد مان پڪڙجي پئي هئي .هن ديندار پوِء به همت نه هاري هئي ،وري ٻيو ڀيرو به مڙس دين جي ڀلي الِء تبليغ تي ويو ۽ هڪ سال جي جماعت سان پيرين پيادو هلندو هلندو ڪامياب ٿي اچي ماڳ تي پهتو هيو ،۽ پوِء اِدهر ڪا مال ُادهر ڪندي ،ٻه ڪلو پائوڊر جا ٻه ڪروڙ ڪمائي ،ڀلوڙ جايون جوڙائي ،ڳچ جيتريون زمينون خريدي ،ڪافي ڪاروبار شروع ڪري ،باقائدي نيڪ نمازي بڻجي ويهي رهيو 286
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو .منهنجي خيال ۾ خلق خدا هن ڏي هروڀرو جو آڱريون کڻندي هئي .هن جهان ۾ ُملو هجي يا موالي ،پر نفس ڪنهن ڪنهن کان ٿو َمري .گهڻا تڻا اسان جهڙا نفس جا ٻڌا ٻانها ٿيا پيا هلن .سوچيان ٿو انهيَء جي جاِء تي اسان جهڙو هجي ها ته به ايئن ئي ڪري ها. رهيو سوال رب کي ريجهائڻ جو ،سو تنهن الِء کوڙ ڄمار پئي آهي. تڏهن ڇور جي ڇانوڻي نئين نئين ٺهڻ شروع ٿي هئي ،اتي موجود ڪرنل ،ميجر ۽ ڪيپٽن منهنجا گهاٽا يار هيا .جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ ،آرمي جو چيف هيو ،جنهن کي ڇانوڻيَء جي پيڙھ جو پٿر رکڻو هيو ،منهنجي يارن جي معرفت مون کي جڏهن انهيَء تقريب ۾ شرڪت جو دعوتنامو مليو هيو ،ته ڏاڍو خوش ٿيو هيس ،ڇو جو مظلومين ۽ محرومين جي زندگِي گهاريندي ڪڏهن به اهڙي ڪنهن تقريب ۾ شريڪ نه ٿيو هيس .جنهن ۾ ايڏو وڏو آفيسر هجي ،ڀانئيان ٿو ته سموري تقريب ۾ سويلين چار ڄڻا هياسين .ڊپٽي ڪمشنر، ايس پي ،سائين الل محمد ۽ آئون .جڏهن آرمي چيف سان هٿ ماليو هيم ته دل ۾ گد گد پئي ٿيس ،ان وقت ڪامريڊي وغيرھ سڀ وسري ويون هيون ،ٻيو ته ٺهيو پر تقريب ۾ پهچڻ الِء ِپن جي موٽر سائيڪل تي وڃڻ وارو به احساس ڪونه رهيم ،جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ سان ساڳيَء ٽيبل تي ويهي ريفريشمينٽ ڪرڻ وقت به هوائن ۾ پئي اڏاميس. انهيَء ئي شام جو جڏهن دعوت مان واندو ٿي بينڪ ۾وڃي ويٺو هيس ،ته سدائين سامهون َ ڇانو کٽن تي ويهندڙ سفيد ڏاڙهيَء وارو پوڙهو ظفر اٿي ملڻ الِء آيو هيو ،هن نمن جي جيئن ئي مون سان مالئڻ الِء هٿ وڌايو ،تيئن ئي مون پنهنجو هٿ پوئتي ڪندي مذاق ۾کيس چيو ،ظفر ڀاُء اڄ هيُء هٿ مون آرمي چيف جهڙي اهم ماڻهوَء سان ماليو آهي ،ان ڪري آئون نٿو چاهيان ته اڄوڪيَء تاريخ ۾ ڪنهن عام ماڻهوَء سان به هي ساڳيو هٿ ماليان .جيئن ته ان وقت بينڪ مان سمورو عملو وڃي چڪو هيو ،صرف اسان ٻه ئي هياسين جن اهي احوال پئي ڪيا .پوڙهي ظفرکِلندي کِلندي قميص جي پاسي واري کيسي مان هڪڙو ڪاغذ ڪڍندي پڇيو ته توهان کي ڪيئن دعوت ملي هئي؟ وراڻيومانس ته هي جو سڄو ڏينهن ڪرنل کان وٺي سپاهين کي پيو چانهيون پياريان سي ايئن ته ڪونه آهن. ضرور انهن دعوت ڏياري هوندي !!.منهنجي ورندي ُٻڌي مسڪرائيندي ڪاغذ مون ڏي وڌائي چيائين مينيجر صاحب آئون هن عالئقي جي اهم ايجنسيَء جو بارڊر تائين انچارج آهيان .آرميَء وارن توهان سان گڏ کوڙ سارن سول ماڻهن جي لسٽ ڏني هئي جنهن مان مون صرف چار ماڻهو ڪليئر ڪيا هيا ،هاڻ ٻڌايو ته توهان کي ڪنهن موڪليو هيو؟ ان وقت مون کي ڄام ساقيَء جو عزيز سهراب ياد آيو ،جنهن َهلي َملهي اچي چيو هيو ،ته 287
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڪامريڊ خيال ڪر!! ان وقت خبر پيم ته هتي ته رڳو ايجنسيون پکڙيون پيون آهن، ميرمحمد ڀنڀري جي بقول ته ڇور ۽ عمرڪوٽ جو هر ٻيو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ايجنسين جو پگهاردار يا اطالع ڏيندڙ آهي .ياد آيم ته عمرڪوٽ جي منهجي گهر جي ڀر واري جڳھ ۾ڪجھ ماڻهو رهندا هيا ،جن مان عارف نالي هڪ همراھ سعيد آباد جو رهاڪو۽ سنڌي ڳالهائيندڙ مهاجر هيو ،جيڪو اڪثر ڪري منهنجي ننڍڙي خادم کي تمام گهڻو فروٽ وٺي ڏيندو هو .ماڻهو چوندا هيا ته اهو به ڪنهن ايجنسيَء جو مالزم آهي. تنهن هڪڙي ڀيري مونکي مانيَء جي دعوت ڏني هئي ته وراڻيو هيومانس ٻيلي آئون ايجنسين جي ماڻهن کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان .منهنجي اهڙي جواب تي کِلي پيو هيو ۽ پوِء هڪڙي ڏينهن مونکي منهنجي ڳوٺ ،گهر ،گهر ڀاتين توڙي اوڙي پاڙي جي مڪمل خبر چار ڏيندي چيائين ،سائين اسان وٽ توهان جي مڪمل ڊيٽا آهي ،پر جيئن ته توهان هاڻي بي ضرر ۽ نڪما آهيو ان ڪري توهان تي وقت ڪونه ٿا وڃايون. ڳالھ پئي هلي اهم ايجنسي جي پوڙهي ۽ ڇور جي ،ان زماني ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ سرڪارنامدار وڏو همت ڀريو ڪنهن معاملي تان ڇڪتاڻ شروع ٿي هئي ته اسان جي ِ ڪارنامو سرانجام ڏيندي ،بارڊر جي طرف 25ڪلوميٽر تائين ڪرفيو الڳو ڪري ڇڏيو هيو .مطلب ته ٿر جي بارڊر کان وٺي ايتري وڏي مفاصلي تائين جا پاڪستاني رات جو پنهنجي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ،نه ڄاڻ ڇو؟ يا ته هنن يارن کي هتي جي ماڻهن جي حب الوطنيَء تي شڪ هيو ،يا وري انهي ڪرفيو جي آڙ ۾ ڪو ٻيو ڪم ڪرڻو هين .خير اسان جي زونل چيف شبير سيتائيَء کي اچي کوکراپار گهمڻ جو شوق جاڳيو ،هرروز مون کي فون ڪري ته کوکراپار گهماِء .هڪ ڏينهن انهيَء پوڙهي ظفر سان ڳالھ ڪيم ته ڇاتي ٺوڪي چيائين هلو .مون حيران ٿيندي چيو ،پر ڪرفيوَء جو ڇا ٿيندو؟ ٺھ پھ وراڻيو هيائين ،ته سائين انهيَء جي پرواھ نه ڪريو .پوِء۽ جڏهن اسانجو قافلو راجا واري ريل ۾ سڄو سارو گاڏو بوڪ ڪرائي کوکراپار روانو ٿيو هيو ،ته ظفر به ٻئي ڪنهن گاڏي ۾ اسان جو همسفر هيو ،کوکراپار اسٽيشن تي لهڻ وقت ظفر جا ماڻهو هن نئين مخلوق کي هتي ڏسي گهيري ويا ،اوچتو ظفر ڪنهن گاڏي مان نروار ٿيو اکين اکين ۾ نه ڄاڻ ڪهڙا اشارا ٿيا ،اسين ناپسنديدھ مان وي آئي پي ٿي وياسين .وڏي ۾ وڏو ممنوع ڪم يعني پنهنجي ديس جي حسين منظرن جي فوٽوگرافي به ڇيڪ ڪندا وتياسين ڪنهن ڪونه ٿي روڪيو يا پڇيو .واپسيَء جو سمورو سفر جيپن جي ذريعي ڪري ،پرچي جي ويري ۽ جالوَء جو چونرو اسٽيشنون گهمندا آياسين پر ڪابه رنڊ روڪ ڪونه ٿي هئي. 288
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڇور جو ذڪر هلندي ڪن چڱن موچارن مهانڊن جو ذڪر نه ڪجي ته ڀانِء ماڻهو ڪوڙهيو ٿي مري .سو يادگيرو ٿو اچيم ته هڪڙو عبد المجيد ناغڙ هوندوهيو ،سڄي شهر جو ڪاڪو ،تن ڏينهين ڀانيان ٿو ته سندس عمر 85کن ورهيه هوندي هئي ،پر بدن ۾ هٽو ڪٽو لڳو پيو هوندو هيو ،مادري ٻولي ڀانيان ٿو اردو يا مارواڙي هيس ،ورهاڱي وقت پريان کان آيل هيو ،پر هتي رهي ،هتي جو ئي ٿي ويو هيو ،سنڌي ٻولي ۽ ان جي ڍاٽڪي لهجي تي عبور هيس .انگريز جي فوج کان وٺي پاڪستان جي ريلوائيَء کاتي مان نوڪريون ڪري رٽائر ڪيو هيائين .ڇور ۾ چڱو موچارو ڪاروبار هوندو هيس، ڪروڙپتي هوندو هيو .پر سندس وات مان گار ايئن نڪرندي هئي ڀانِء اها به سندس ٻوليَء جو حصو هجي .جيئن چوندا آهن ته چري به ڀونڊي مان سمجهندي آهي تيئن ڪاڪو مجيد اهو ضرور سمجهندو هيو ته اڳلو گار سهڻ جهڙو آهي يا نه .پوِء جي سهڻ وارو هوندو هيو ته اهلل ڏئي امان ،سگريٽ جي ُسوٽي سان گار جا ڌوڙيا هوندا هيا ،خلق ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکي ڀڄڻ جي ڪندي هئي ۽ ڪاڪي جون هڪلون هونديون هيون .ڳالھ ڪندا هيا ته هڪ ڀيري ڪاڪي جي گارين کان بيزار ٿي جمن ڀنڀري ،الل محمد سميجي ۽ ٻين دوستن ڪاڪي کي ٺيپ ڏيڻ جو پروگرام ٺاهيو ،سو به ايئن جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي .صالح سان وٺي ڪاڪي کي پوزيون ڏنائون ته تون پوڙهو هوندي به پهلوان آهين اسان مان ڪنهن سان ملھ وڙه ته خبر پئجي ويندئي .ڪاڪو ملھ الِء تيار ٿي ويو، مقررڏينهن تي الل محمد سميجي ۽ ڪاڪي جو مقابلو ٿيو ،ان زماني ۾ الل محمد جي عمر مشڪل سان چاليهارو کن سال هوندي ۽ ڪاڪو 85جو هيو .سندرا ٿيا ،صالح موجب الل محمد پنهنجو پاڻ ڪاڪي جي حوالي ڪري ڇڏيو ،ڪاڪي مجيد اندريان ٻاهريان جانٺا هڻي وڃي الل محمد کي ڪيرايو ،تاڙيون وڄي ويون ،ڪاڪو هڪڙي ٽنگ تي پيو نچي، نچيو نچيو اچي الل محمد جي ٻوٿ ۾ ڀونڊا گھروڙيو رکي .صالح موجب ٻيَء ملھ الِء الل محمد انڪاري ٿي بيٺو ،ڪاڪي هڪلون ڪري ٻوالئي اٿاريس ،وري سندرا ٿيا ،هاڻي الل محمد ٿري ملهن واري ڪانَء بوالٽي کائي ڪاڪي کي اهڙو ته ُپٺو هنيو جو مٿو مٿي تي ڏئي واريَء ۾ پوريل سر تي اچي هنيائينس .مٿان مڙس جو مٿو ۽ هيٺان پڪي سر، ڪاڪو َڍڪرجي ويو ،تريون هنيائون ،هٿ پير مهٽيائون ،تڏهن وڃي ڪو ڪالڪ کن کان پوِء ڪاڪو هوش ۾ آيو .سڀني کي پڪ هئي ته ڪاڪو هاڻ گار ڪونه ڏيندو ،پر سامت ۾ ايندي ئي ڪنڌ ڌوڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري سڀني کي ڀونڊو ڏيندي ،انتهائي ڪچي گار
289
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏيندي چيائين ،اوهان ته پروگرام ٺاهيو هيو ،پر آئون اوهان جي پيُء ڏاڏي کان ڪونه مرندس. تن ڏينهين ڌاڙيل شريف ڪالرو ،سندس ڀاُء سليمان ڪالرو ۽ ڦلهڏين جو محمد رحيم شر اويل سويل مرحوم نوري آريسر وٽ اچي ڪن لڪائيندا هيا .اها ڳالھ ٻڌي محمد رحيم شر ،ڇاتيَء تي هٿ هنيو ته انهيَء همراھ کان آئون گار ڏيڻ ڇڏائيندس ،توهان رڳو مونکي ڏيکاريو .پروگرام موجب هڪ ڏينهن محمد رحيم ،بگي ڪهاڙي کڻي وڃي سندس دڪان تي چڙهيو .خبر چار وٺڻ وقت ڪاڪي کي پنهنجو صحيح نالو ۽ ذات ٻڌائيندي چيائين ته منهنجو والد گذاري ويو آهي ،ڪالھ منهنجي امڙ جي عدت پوري ٿي آهي .فيصلو ڪيو اٿم ته امڙ جي شادي ڪرايان ،ان الِء توهان وٽ آيو آهيان ته توهانجي به گھر واري گذاري وئي آهي ۽ توهان هلي منهنجي ماُء سان نڪاح ڪريو .ڪاڪو اهڙي ابتي خبر ٻڌي ششدر ٿي ويو ،هيڏانهن محمد رحيم به ضد ڪري بيٺو ته آئون پنهنجي ماُء کي گار ڏئي چڪو سي ُهتي پئي هوندئي، آهيان ،هل هلي نڪاح ڪر نه ته ،هيَء ڪهاڙي هڪڙي هڻندوسانِء ِس ِ هوريان هوريان ٿيندي ممڻ متو ،محمد رحيم جو ڪهاڙيَء جون الرون ،ڪاڪي مجيد جون رڙيون ،خلق جي جهل جهالن .سڄو شهر اچي گڏيو جيئن تيئن ڪري ڪاڪي جي جان آجي ڪرايائون .ڪجھ ڏينهن ڪاڪو جهڪو ٿيو ،جو مٿان منهنجي ڇور ڏانهن بدلي ٿي، خبر پيس ته ڪوئي شر بينڪ جو مينيجر ٿي آيو آهي ،ڪجھ ڏينهن پڇائون ڪندو رهيو، ته ُهن ڪهاڙيَء واري جهڙو ته ڪونهي ،جڏهن پڪ ٿيس ته جهيڙي ڦڏي وارو ڪونهي ،پوِء ته محمد رحيم جون سڀ ڪسرون مون مان ڪڍيائين ،هر روز صبح جو منهنجي ُٻهڻي ئي گار سان ڪرائي ،دڪان تان ڦيرو ڏئي پنج ست گاريون ڏئي هليو وڃي .هڪ ڏينهن پڇيو مانس ڪاڪا ڀال مون تنهنجو ڏوھ ڪهڙو ڪيو آهي جو روزانو گارين جا ڌوڙيا اليو بيٺو آهين.؟ ته چيائين يار ُهن لوفر شر مونسان اهڙي ُجٺ ڪئي هئي جهڙي هيڏي ساري ڄمار ۾ ڪنهن نه ڪئي .ان ڪري شر ذات ُٻڌان ٿو ته منهنجي ُبت تي ڪيڙيون ٿيون چڙهن ۽ لهن .ڀانئيان ٿو توکي ڪچو کائي وڃان. پراڻي ڇور ،جنهن کي گهڻا ماڻهو ڇور ٽيشڻ به چون ٿا ،سا جوڌپور جي راجا جي ريل جو جنڪشن اسٽيشن هوندي هئي ۽ اڄ به آهي .اسان کي جنهن زماني ۾ ڇور جا وڻ وسائڻا پيا هيا ،تنهن زماني ۾ ڇور جي اسٽيشن ۽ ان جي آس پاس جي دڪانن آڏو نمن جا وڏا وڏا وڻ بيٺل هوندا هيا .جن جي ٿڌڙي ڇانو ۾ ٿر مان ايندڙ ۽ ويندڙ مسافر پنهنجي مڏي سيرانديَء ڪيو ،آڏا پاسيرا ٿي سمهي ،سفر جا ٿڪ پيا الهيندا هيا .ته ڪي وري سفر جي 290
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تياريَء الِء مال مڏي سوريندا نظر ايندا هيا .هتان کان اڳتي ٿر ڏي واهن جي پاڻيَء جي وڃڻ جو ڪوئي رستو ڪونه هوندو هيو .شايد انهيَء راجا جي پاران يا انگريزن جي پاران اهو انتظام هوندو هيو ته جيڪا به ريل گاڏي هتان کان اڳتي ٿر ڏي ويندي هئي سا انسانن توڙي جانورن جي پيئڻ الِء هتان پاڻي کڻي ويندي هئي .جنهن الِء ٻه مخصوص پاڻيَء کڻڻ وارا ٽانڪين جهڙا گاڏا انهيَء ريل ۾ هتان کان جوڙيا ويندا هيا .جيڪو پاڻي اهي رستي ۾ ايندڙ اسٽيشنن تي سرڪار طرفان سيمنٽ سان ٺاهيل وڏن ڍڪيل تالئن ۾ الهي جمع ڪري پاڻ ڇڪ ڇڪ ڪنديون اڳتي راهي ٿينديون هيون. ۽ جڏهن پهريون ڀيرو راجا جي ريل رستي کوکراپار پئي ويس ته جالوَء جي چئونري جي ريلوي اسٽيشن تي پهچڻ کان اڳ ۾ ريل گاڏيَء جيئن ئي سيٽي وڄائي هئي ،ته منهنجي حيرت تيئن ئي وڌڻ لڳي هئي جو ٿر جي جهنگ ۾ بنان ڪنهن ڌراڙ جي جل چرندڙ جانور، رڍون ،ٻڪريون ،ڍڳيونُ ،اٺ ۽ گڏھ ،ريل گاڏيَء جي سيٽي ٻڌندي ئي ٽهي پري ڀڄڻ جي بجاِء ُپور ِسراڙي ۾ ُ ڪڏڪار ڪري ريل ڏي ڊوڙڻ لڳا هيا .سندن ٽهي ڀڄڻ بجاِء ريل جهڙيَء بال ڏي ڊوڙڻ جي ابتي عمل تي ڏندين آڱريون ڏئي ڀر ۾ ويٺل سنگتيَء شريف ڊيزل کان حيرت مان پڇيو هيم ته ” شريف هيَء ڪهڙي ماجرا آهي جو هي جانور ريل ڏي ڊوڙندا اچن“؟ هن وراڻيو هيو” ٻروچ! تون بئراجن واري عالئقي جو ماڻهو آهين ،تو وٽ پاڻيَء جون پلورون آهن ،۽ توکي ته پاڻيَء جي نه هجڻ جو احساس ئي ڪونهي .هتي ڏس هي مال ڀٽارو به ريل جي ٽائيم تي سيٽي ۽ ڇڪ ڇڪ جي آواز تي پاڻهي ڊوڙندو صرف ُاڃ اجهائڻ ٿو اچيو وڃي ۽ جيڪر ريل هڪڙو ٻه ڏينهن نه به هلي تڏهن به هي گگدام ريل گاڏيَء جي ٽائيم تي هتي پهچي انهيَء سيٽيَء ۽ ڇڪ ڇڪ کي ڪنائيندا رهندا آهن ،۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ويچارا گگدام اڃيا ئي واپس هليا وڃن .انهيَء مان اندازو لڳاِء ته اسان ٿر جي ماڻهن توڙي اسان جي جانورن وٽ ڳائي ۽ ماهئي گهيه کان وڌيڪ قدر پاڻيَء جي ڦڙي جو آهي. هن جي انهيَء جملي منهنجا وار اڀا ڪري ڇڏيا هيا ،سوچيو هيم ته بي زبان جانور به اها سمجھ رکن ٿا ته هيَء ريل سندن اڃ اجهائڻ الِء پاڻي ٿي آڻي !!.پوِء آئون کانئس گهڻو ڪجھ ٿر جي باري ۾ ٻڌندوِ ،سکندو ۽ پرائيندو رهيو هيس .سو شريف نهڙي عرف عام ۾ ڇور شهر ۾ شريف ڊيزل سڏبو هيو .مون جڏهن کيس ڏٺو هيو تڏهن هو ڊيزل وڪڻندو هيو ،ٿي سگهي ٿو ته انهيَء سبب يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ماڻهوکيس شريف ڊيزل سڏيندا هيا ۽ ڀائنيان ٿو ته اڄ به سڏينس ٿا .هو مڙس ننڍي هوندي ته االئي ڪيئن ۽ ڪهڙو 291
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هيو پر جڏهن مون سان ياري ٿيس ته وڏي کِٽ هوندو هيو .پهرين ڳالھ ته سندس وات ڪچهريَء ۾ جيڪي به اکر نڪرندا هيا سي سڀ ڪاروباري دنيا بابت هوندا هيا ،ڪهڙو ڌنڌو ڪجي ،ڪهڙيَء شيَء کي اسٽاڪ ڪري رکجي ،پئسي مان پئسو ڪيئن ٺاهجي وغيرھ وغيرھ .ٻي ڳالھ ته ڀوڳ چرچي ۾سندس وات مان نڪرندڙ هر گفتو تور تڪ سان اهڙو ته پڪو ۽ ٻه َٺپيو نڪرندو هيو ،جو انهيَء جي ذو معني واري مطلب تي اڳلي جا ترا نڪري ويندا هيا. هو بنيادي طور هڪڙي مسڪين ٿرئي مٺا خان نوهڙيَء جو ٻار هيو ،سندس والد مرحيات ڪوئال ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هيو ۽ ننڍي هوندي هي به پيُء سان گڏ جهنگ مان ڪاٺ وڍي ڪوئال ٺاهي ،انهن ڪوئلن جو ٻوريون ُپٺن تي ڍوئي وڪڻندو هيو .ايئن ٻاروتڻ کان ڪوئلي جي لينگهن ۾ َٿڦجي جوانيَء تائين پهتو هيو ۽ جوانيَء ۾ ٻاروتڻ جي کاڌل سورن جو احساس دل ۾ رکي سخت محنت سان گڏوگڏ پنهنجي تجربن جي آڌار نيون نيون حڪمت عمليون اختيار ڪندي ڪندي هوريان وهيَء جي موٽڻ جي ُرت ۾پنهنجي مڇيَء مانيَء وارو ٿي پيو هيو يا انهيَء کان به مٿي چئون ته ٽيڪجي پيو هيو ،۽ انهيَء زماني ۾ ئي مون ڇور جو شهر وڃي وسايو هيو ،جو مون سان ياري ٿي هيس ،تڏهن هن وٽ ٻه عدد پيٽرول پمپ هوندا هيا ۽ ڇور شهر ۾ به گهڻي تڻي ڪاروبار تي حاوي هوندو هيو. شريف نوهڙي سنڌيَء جا ٻه چار ڪتاب پڙهيل هيو ،پر هينئين جي زور تي انڌي منڊي انگريزي پڙهي ،لکي ۽ ڳالهائي به سگهندو هيو .گهٽ پڙهيل هئڻ جي باوجود به آرڪيٽيڪچر جو اهڙو ته ماهر هوندو هيو جو چڱن موچارن انجنيئرن کي هوند مات ڏئي وڃي .تنهن زماني ۾ جنهن به سکئي ستابي کي پنهنجو پڪو گهر جوڙائڻ جو خيال ٿيندو هيو ته انگوڇو ڪلهي تي رکي هلندو هيو شريف ڊيزل ڏي .ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ويٺي جڏهن هو صالح وٺندڙن جي آڏو سفيد ڪاغذ رکي پينسل سان پلڪن ۾ اڳلي جي گهر الِء ڪنهن ماهر انجنيئر جي ماپ موجب ليڪا پائي ،خوبصورت نقشو جوڙي اٿندو هيو ته مون جهڙي ڪتابيَء کي ،شريف ڊيزل جهڙي اڌ پڙهيل جي انجنيئري دماغ تي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون .رڳو ليڪا پائڻ تي بس ڪونه ٿيندي هئي اڳلي جي گهر ٺهندي هرروز هلي وڃي کيس توڙي رازن کي نيون نيون صالحون ڏيڻ به شريف جي فرض ۾ شامل هوندو هيو .جيسين اڳلي جي جاِء ُجڙي راس ٿئي شريف جا انهيَء تي ڦيرا هوندا هيا.
292
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
منهجي ساڻس لوهان لوھ ياريَء ۾ هڪٻئي سان ڪڏهن پڪا ته ڪڏهن مورڳهين اگهاڙا چرچا گهٻا ته هوندا ئي هوندا هيا ،پر ڪڏهن ڪڏهن اگهاڙين گارين کان لنگهي وڃي هٿ کس تائين ُپڄندا هياسين .ايئن ئي هڪڙي ڀيري 30جون جي ٽاڪ منجهند جو ڇور مان شريف جي جيپ ۾ ڊاڙا ٺڪاُء هڻندا عمرڪوٽ پيا وڃون ،رستي ۾مون ٻروچڪي ڦني خاني ڏيکاريندي چيو مانس” ،شريف! آئون ايترو ڏاڍو مڙس آهيان جو هينئر جو هينئر منهنجي رڳ ٿِڙي ته هتان ئي هتان توکان هيَء جيپ ُڦري سگھان ٿو .جيتوڻيڪ منهنجي ڳالھ گڏھ جي ٽ ِ َ ٽ کان مٿي ڪجھ به ڪونه هئي .اڳيان به اهڙو ڍاٽي هيو جنهن گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو هيو ۽ مڙس به ڏاهو هيو .مون واري ڳالھ ٻڌي جيپ جي ڊيش بورڊ تي پيل منهنجي سرڪاري ڪاغذن جو فائيل کڻي ٻاهر اڇلڻ جي انداز ۾ رڳو ٻانهن ٻاهر لڙڪايائين ،گڏوگڏ جيپ جي بريڪ تي پير رکيائين .مون جو سرڪاري ڪاغذ هٿن مان ويندي ڏٺا ته بريڪ لڳندي ئي ٽپ ڏئي جيپ مان لٿس .همراه فائيل هٿ ۾ لوڏيندو جيپ جا زوزاٽ ڪڍائيندو مونکي اهو چوندو ويو ته هاڻ اهي پنج ميل پنڌ جا ڪري عمرڪوٽ پهچ ،پوِء ڏسنداسون ته تنهنجي ڏاڍ مڙسي ڪيتري آهي .۽ تنهن ڏينهن ٽاڪ منهجند جو۽ ڌر تتيَء جو ڪابه سواري ڇور کان عمرڪوٽ ڪونه آئي ۽ پنڌ ڪندي سخت اڃ ۾ منهنجو پگهر ُکڙين تائين وڃي پهتو هيو .۽ پوِء اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مون اهڙي ُجٺ ٿيڻ بعد وسين لڳي ،اجائي ڦلر هڻڻ کان توبھ ڪري ڇڏي. تنهن زماني ۾ اڃان پاڪ هند بارڊر تي تارون ڪونه لڳيون هيون ،رڳو پري پري سڃاڻپ الِء ايڪڙ ٻيڪڙ سيمنٽ جا ٿنڀا هوندا هيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي دنگ طور ُسڃاتا ويندا هيا ،۽ تڏهن هتان کان هوڏانهن ۽ هوڏانهن کان هتي ڪاري ڪاوبار جو عروج هيو ۽ پاڻ وارن ”ڏاڍن مڙسن“ جي مدد سان ،ٻين کوڙ سارن وکرن جي پرتي وڃڻ سان گڏ ” ُ ٽڪنڊيون“ به جام ُاڌر سي اِدهر ٿينديون هيون .۽ ڏسندي ڏسندي راڄ مڙسن جا سستيَء ٽڪنڊيَء تي اکيون پوري لهي پيا هيا ،رڳو سج لهڻ جي دير هوندي هئي چئوطرف مئي خانا ئي مئي خانا نظر ايندا هيا .تڏهن اسان وارو يار ۽ غريباڻو ٻار شريف ڊيزل به ڍئو جهلي ڪونه سگهيو ۽ آپي کان نڪرندي ،پنهجي اصليت وساري ٽڪنڊيَء سميت ٻين به کوڙ علتن ۾ وٺبو ويو .تان جو ٿيندي ٿيندي هڪڙو اهڙو ته وڏو لوڏو آيس ،سواِء گهر جي ڇانو جي، سموريَء ملڪيت جو جهان واريَء جي ُمٺ جيان هٿن مان وهي وڏن ڪشالن سان جوڙيل ِ هليو ويس .دودھ ڪا دودھ رهي ها ته به چڱو ،مورڳهين پاڻي ڪا پاڻي وڃي بچيو هيو.
293
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
اڳي گاڏيَء مان ڇنڊي ڦوڪي زمين تي پير رکڻ وارو شريف ڊيزل ڏٺو هيوسين ته وري پوِء لوڪل الرين ۾ ڳاڙهو کٿو اوڍي هلندي به هنن اکين شريف ڊيزل کي ڏٺو. انهيَء ڌڪ کي پچائڻ هن الِء جيتوڻيڪ ڏاڍو ڏکيو هيو پر چوندا آهن ته ” ٺوڪر کا ڪر سنڀلني والي ،جيت هي تيري هار نهين “ .هن به ٺوڪر کاڌي هئي ،سا به جهڙي تهڙي نه پر جتي پير هيس اتي مٿو وڃي لڳو هيس .هاڻي هو اڪيلو ڪونه هيو ،پر ولر ُپٽن جو به جوان ٿي چڪو هيس ،۽ مٿان وري قدرت جو ڪرم اهڙو ٿيس جو سڀ پٽ سپوٽ هيس، سڀني گڏجي وري نئين سنئين منڊليَء کي مچائڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي ٿورڙن ئي ورهين ۾ پنهنجي اجڙيل سموري ڪاروبار کي وري وڃي ساڳيَء اوج تي پهچايائون، پر جيڪڏهن چئجي ته اڳئين کان به اڳرا ٿي ُاڀريا ته انهيَء ۾ ڪوبه وڌاُء ڪونه ٿيندو .ڇو جو خوشحاليَء سان پاند پوندي ئي ،انهيَء شريف ڊيزل جنهن جي ابي ڪڏهن وڏا شهر ڪونه ڏٺا هيا .تنهن شريف نهڙيَء وڏي جدوجهد بعد هڪڙي ُپٽ عبداحميد کي چار ورهيه اڳ آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ڪامرس جو علم پڙهڻ الِء موڪلي ڏنو .جيڪو به هاڻي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ وارو هوندو .اسان جهڙا عام ماڻهو جيڪي هر ڳالھ الِء ڪن الٽار ڪندي ع ام طور تي اه ئي چوندا آهن ته ادا ڇا ڪريون غريبت آهي ،نه ته اوالد کي پڙهايون ها .تن الِء هيُء هڪڙو اهو هڪڙو سبق آهي جنهن جو ڪوئي نعم البدل ناهي .ته ٿر جي ڀڙڀانگ ٿيل هڪڙي ڳوٺ جي رهاڪوَء ۽ ڪوئال ٺاهي ،گهٽي گهٽي ۾ هوڪا ڏئي وڪڻندڙ مزدور جو ُپٽ جيڪڏهن آسٽريليا تائين تعليم حاصل ڪرڻ الِء وڃي سگهي ٿو ته جالوَء جي چئونري جي ڌراڙ ،واصل ٻاِء جي اوٺار ،کاروڙي جي ڪنهن ميهار ،مانڌل جي ڪنهن هاريَء ۽ ٽيڀريَء جي ڪنهن حر مجاهد جو ُپٽ به لنڊن ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ پڙهي سگهي ٿو .تنهن الِء ضرورت آهي ّسخت محنت ڪرڻ جي ۽ پنهنجي ُڌن ۾ پڪي هجڻ جي ،جيئن شريف ڊيزل ڪري ڏيکاريو آهي تيئن اسان جي ملڪ جي غريب ماڻهن کي به محنت ڪري اوالد کي اڳتي پڙهڻ الِء ٻاهرئين ملڪن ڏانهن موڪلڻ گهرجي. تن ڏينهين امراڻي جي تخت گاھ امرڪوٽ ڪامورڪي لڏي الِء ڪاري پاڻيَء طور مشهور هجي ،صاحب لوڪ جڏهن به ،جنهن تي به بِگڙن ته امراڻي موڪلڻ جي سزا ڏيو ڇڏين. اهڙي سزا جڏهن مونکي به ِم ِلي ته ٻچڙن کان موڪالئيندي اکين جون ُ ڪنڊون ُپسائي ويٺس ،امرڪوٽ جي ڪنهن واقفڪار چيو هينئون نه هار ،امراڻو اهڙو اٿئي جو اوڏانهن بدلي ٿي ويندي هرڪو آفيسر روئيندو ويندو آهي ،اتي پهچي هميشھ الِء ُاتي جو ٿي ويندو 294
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
آهي ۽ جڏهن واپس بدلي ٿيندي اٿس ته به امراڻو ڇڏڻ جي ُڏک ۾ روئيندو ايندو آهي .ٿيو به ايئن امرڪوٽ پهچي منهنجي هينئين کي ٿڌڙيون هيرون لڳڻ شروع ٿيون .واندڪائيَء ويل امرڪوٽ جي قلعي جي توپن واري ُبرج تي چڙهيو وڃيو ويهان .تصورن ۽ خيالن ۾ ڏسان ته ُاتر اوڀر جي ُ ڪنڊ تان شاه عنايت شهيد جي روپوش سپاهي نماڻي شاه جو روح تجال ڏيندو پيو سالم ڪريم ،ته ڪڏهن بي بي مِٺان پنهنجا شفيق هٿڙا منهنجي مٿي تي ڦيري دعائون پئي ڏئيُ .ڏور پريان کان نصراهلل ولي ۽ عيسب فقير جهڙا شهيد آجيان بيٺا ڪن .ته َس ِر اتران وري گجو راڻو پيو کيڪاريم .اوڀر ڏي ڏسان ته ڇاڇري مان جونجهارن جي اوٽي جا شهيد تاريخ جي ورقن مان نڪري سرخ سالم پيا ڪن ته ٻاون جي ٻيسڻي جا ڀڪشو هٿ ٻڌي پرنام پيا ڪن ،ڏکڻان ِوهري شريف مان ميون جان محمد پيو مسڪرائي. ته ان زماني جي زندھ درويش بيبي راحت هٿ کڻيو پئي دعائون ڏئيم ،اولهين ُ ڪنڊ مان ابوالفضل ،فيضيَء ،بيربل ۽ مالن دوپيازھ جو يار اڪبر پنهنجي جنم جي جاِء تان ڀيرا ڏيندي پيو ڏسان .ايئن امراڻي جي اوليائن ۽ زندھ درويشن مونکي هميشھ الِء اتي جو ڪري وڌو .تڏهن هرچند راِء ۽ الحداد کوسي جوامرڪوٽ اهڙو نه هيو جهڙو اڄ آهي. هرروز روڊ ڌوپندا هجن ،نه ڪوجهيڙو نه جهٽو ،نه ڪو چور نه َچڪارُ ،سک ۽ شانتي ،دک درد جو پري پري تائين نه نالو نه نشان .هندو هندو نه هجن ته مسلمان مسلمان نه ،سڀ ڀائر، هڪڙي گهر جا ڀاتي ،ڏک ۾ سک ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ،عيدون هوليون ،دسهڙا ڏياريون سڀ گڏجي ملهائين ،کاروڙي جي موجودھ صوبائي وزير علي مردان شاھ جو والد مرحوم حاجي ميان شاھ ۽ غالم رسول شاھ المعروف ٻائو شاه ڪڏهن ڪڏهن ڀوڳن ڀوڳن ۾ مون کي اچيوچون ته هاڻي امراڻي ۾ شر آيو آهي ،چوريون ته ضرور ٿينديون .ان قرب ۽ان پيار۾ منهنجي جوانيَء جا لڳ ڀڳ اٺ ورهيه ايئن گذريا جيئن ڪالهوڪو ڏينهن .امرڪوٽ جي گهٽيَء گهٽيَء ۾ منهنجون يادون اڄ به مون کي پڪارين ٿيون ،اها چنڊال چوڪڙي اڄ به ساري ٿي جنهن الِء هي سٽون لکڻيون پيون آهن. امرڪوٽ ۾ نوڪريَء دوران ڪامريڊن جي چنڊال چوڪڙي اچي گڏ ٿي ،شام ٿئي ته ڪچهريون شروع ٿين .امرڪوٽ جي ُ ڪثر ڪچهريون ُچڪي جي پياڪن جون شامن جون ا ِ ُ ڪامريڊچڪي چاڙهڻ کان ڀڳل هجون ،الئق ٿيٻو، مچن .پر هن چنڊال چوڪڙيَءجا سڀ ڊاڪٽر عزيز ،ڊاڪٽرحاجي راهو ،مبارڪ کوسو ،ڀلو فقير ،جمن دربدر ،شفي فقير ،حليم باغي ،ٻيا االئي ڪيترا ،مطلب ته ٽولو ئي چونڊجي گڏياسين .ثاقب آريسر ،جماعت اسالميَء مان شايد ُرسي نڪتو ُهجي .سوبه اچي مليو ،ثاقب ،جماعتي عمائدين۽ اڪابرين کان مٿئين 295
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ڏاڪي جو ماڻهو هجي ،سو ڪڏهن ڪڏهن اچيو ڊپ ورائي ۽ هڪ ٻئي کي چئون ،ٻيلي خيال ڪيو ،مڙس ۾ٻيو ته ڦند ڦير ڪونهي ،پر ڪيسن ڪرڻ جو مڙوئي شوق ججهيرڙو اٿس .ويجهي عزيز ڪمال الدين آريسر کان به ڪونه ُمڙيو ،سو پاڻ هن جي آڏو ڪجھ به ناهيون .يار سوچي سمجهي ڳالهايو ،نڀاڳو ٽنگائي نه وجهي .ثاقب مان گهڻيون ارڏايون ته الئق ٿيٻو روزن جي ڀالري مهيني ۾ ِوچينَء ويل مٿينَء واُء تي گِدرا کائي ڪڍي چڪو هيو ،پوِء به اڃا کانئس ڊپ ٿيندو هيو ،اڃان ثاقب کي اسان جي واٽ تي آڻيون ئي آڻيون، تيسين ٻيو ُملو اچي ڪنڌ ۾ پيو ،نه ڄاڻ نه سڃاڻ ،نه دعا نه سالم ،بس جاڙا خان ُ ڪتو ڪار ٿي .مڙس پوري پني قد جوُ ،مٺ ُمٺ ڪاري ڀنڀور ڏاڙهي ،سنڌي جهلجانِء ،واري ِ ٽوپي نراڙ تي ،خوبرو۽سهڻو جوان ُهجي .تن ڏينهين حاجي راهو لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڀٽاري ،جتي ويهي ڪانه ڪا ُچوچڙي ُدکايو ڇڏي ،سنگت ڪري موٽيو هجي ،پر ُهجي ڳئون ِ رڙيون ڪيون ٻيلي ،خيال ڪيو ،هيُء ملوته پڪوپڪ ايجنسين جو َ اٿانو ،ٿريا چون ٿا ،ته هن جيڪي وڻ ُسڪايا سي ساوا ئي ڪونه ٿيا .پر راهو ُچوچڙي ڏيو پاڻ کِسڪيو وڃي. اسان ُملي کان گهڻيئي ُگهتون ڏيون ،گوهيون هڻون ،پر چوندا آهن ته جن ڇڏي ،ڀوت ڇڏي، پر ُملو نه ڇڏي ،همراهه اصل َمڇڏ ٿي لڳو .مصيبت وري اها ٿي جو سدائين اچي به مانيَء جي ٽاڻي .اسان ڀانئيون ته مڙس سنئون سڌو ويلو ٽارڻ ٿو اچي .ٻيا سڀ هجن گهرن گهاٽن وارا وڃن آهستي آهستي رفو چڪر ٿيو ،آئون ڇڙو ڇانڊ ۽ اڪيلو رهان سو رات جو به َ ڪنڌ ۾ پئجيو وڃي ،صبح جي چانهه به ٻن ٽن ڪوپن کان گهٽ نه پيئي. ُملو منهنجي ڊاڪٽر عزيز ورياماڻيَء کي پڪ هجي هن ُملي کي جماعت اسالميَء وارن الئق ۽ مونکي نمازي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي .اسان ٻئي نمازي ٿيون ئي ٿيون ،هوريان هوريان اسان جي ڪچهريَء ۾ ويهندي ُملي جون نمازون قضا ٿيڻ شروع ٿيون .توبهائون ڪري ،ڌڻيَء در گِيسيون ڪري ،پرٻئي ڏينهن وري به ساڳي ُجٺ ٿيو وڃيس. ُ نيڪو ،پر ٿريا اڪثر ڪري کيس ُمالن نيڪيئو چوندا هيا 1965 .جي جنگ نالو هيس ،ملو ۾ پريان ڀڄي آيل هجي ،ذات جو نهڙي ۽گوگاسر جو ويٺل ،عمرڪوٽ جي آسپاس ڪنهن اسڪول ۾ عربيَء جو ماستر ،شهر ۾ نه گهر نه گهاٽَ ،رلِي ُ ڪلهي تي ،ماني راڄ تي. گهڻو ڪري سمهي منهنجي جاِء ۾ نه ته شهر ۾ کوڙ ساريون َمسيتون موجود .ڪنهن صالح ڏني ٻيلي اوهين سڀ ُپراڻا ُسرخا ۽ ديشي ،هيُء پڪ سان اوهان جي سياڊپ ڪري َ هڻائيندو .عزيز چيو ڇو نه ڪا رپورٽون ٿو رسائي .ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪاٺ ۾ ضرور ُجٺ ڪريونس ته جان ڇٽي! .ٻئي ڪنهن چيو هيُء صالح وساڻ جي مدرسي مان ِپن جا ُٽڪر 296
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
َ ورندانو. کائي پڙهيو آهي ،جهڙين تهڙين ُجٺين جو پڪ سان هيراڪ هوندو ،ڪجھ ڪونه پر عزيز نه ُمڙيو ،هڪڙي ڏينهن کٽ جي واڏڻ ڪڍي رکيائينُ ،ملو َرسيو ناهيَ ،دسيو ناهي ،هٿ پير ٻڌجي ويا ،وٺي رڙيون ۽ رانڀاڙ ڪيائين ،ٻيلي ڪهڙي ڏوھ اڙيس،؟ چي تون اسان جي سياڊپ ٿو ڪرين .تڏهن وٺي ڀلي سونهاري جا ُسنهن کنيائين ،ٻيلي مون گهڻيئي وس ڪيا ،پر اڳلن مون کي گاھ ئي ڪونه وڌو ،انهن الِء آئون دودو ڌوڙ ،چنيسر ڇائي آهيان .اوهان هروڀرو منهنجو پٽڪو ڌوڙ نه ڪريو .تڏهن چنڊال چوڪڙيَء کي پڪ ٿي ،مڙس اسان جهڙي ڌوڙ آهي هروڀرو ٿي هنڌ ڀرياسون .پوِء ٿيو اسان جو پڪو يار. ُملي جا اکر اهڙا ُهجن جهڙا موتي ،مار پويس ،لکي وريو الهور جي اردو رسالن ۾ .نڪ ُ ُ جاڳايونس .ٻيلي پنهنجي ٻوليَء ۾ لِک .پر جهڙي تهڙي ُجٺ ُپٺن تي واريو وڍيونس ،غيرت ڪني عادت ِسکي آيو هجي ،ڪنهن ڪنهن وڃي ،اصل پوٺي ُهجي .راهو لنڊن مان هڪڙي ِ رات حيدر جي هوٽل سامهون بيٺل گاڏي واري کان ٽانڊن تي تڪا پچرائي ،ڊبل روٽي ۽ پيپسيَء سان تِڪو رات جي ڊنر تي کائونُ .ملو به ڪڏهن ڪڏهن مفت جو مهمان بڻجيو پوي .جهڙتيون وٺونس ،پر کِيسن ۾ ُسڃائي واڪا ڪندي وتيس ،ڪڏهن ڪي ڳاڙها نوٽ ڏسي ،راهو زوريَء کيسن مان ڪڍيو وڃيس ،ته رڙيون ڪري ،ٻيلي آئون غريب ،مسڪين، منهنجي ڀينگ نه ڪر ،پر راهو ُ ڪهيو وڃيس .تڏهن ُملو هٿ کڻيو پاراتا ڏئيس اهلل ڪندو دست ٿيندئي .آڌي ئي نه گذري ته ُملي جي پ َ ٽ َرسيو وڃي ۽ راهوَء جي باٿ روم ڏي ڀڄ ِ ڊوڙ شروع ٿيو وڃي .پوِء ُملي کان معافيون ۽ گيسيون هجن ،هڪ ٻه ڀيرا اها ڪار ٿي ،ته ُملو مشهور ٿي ويوُ ،دعا پ َ ٽ وارو بزرگ ۽ درويش. ِ سال ٻيو به گذريو چنڊال چوڪڙيَء ۾ ڪي آيا ڪي ويا ،هاڻ ُملو چوڪڙيَء جو سرواڻ ٿي پيو ،چوڪڙيَء ۾ اچي ته ُملپ ويڙهيو ،ذڪريا مسجد ۾ رکيو اچي ،گار جي لولي هجيس، گار به جهڙي تهڙي نه پر شد مد سان ،گرامر سان ،گار سان گڏ ٽهڪ ايڏا وڏا ِڏئي جو النٻي تالَء کان پريان گجو راڻي جي مقام ۾ وڻن تي ويٺل ڳيرا به ُاڏاميو وڃن. تن ڏينهين ُپوزيون ڏئي سنڌيَء ۾ لکائڻ شروع ڪرايوسونس .ڪاوش ۾ ڇپيو ته وهواھ ٿي وئي .هڪڙو ،ٻيو ،ٽيون پوِء ته النڍ لڳي ويس ،مڙس مالن نيڪوَء ۽ نيڪئي مان ڦري ارباب نيڪ محمد ٿي پيو. هڪ ڏينهن اوچتو ڦيرو آيس گم ٿي ويو ،مهينو ٻه مهينا ،ڏس نه پتو ،مار پويس ويو ڪيڏانهن؟ ڪچهريون ئي ُاٻاڻڪيون ٿي پيون .مهيني ماس ظاهر ٿئي ،سڀني سان مليو، گم ٿيو وڃي ،ڪنهن چيو جهڙو اوپن جيل جو قيدي هجي ،پيرول تي اچي مڙني سان 297
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ملي ،واپس هليو ٿو وڃي .سال کن اهو سلسلو هلندو رهيو ،ڪڏهن ُٻڌون ته تبليغين سان گڏ پيو هلي ،ڪڏهن سائي پٽڪي وارن سان ،ڪڏهن اهل حديث وارن سان ته ،ڪڏهن بريلوين سان ،ڪڏهن ُٻڌون ته درگاهون وسايو ويٺو آهي .سال کن کان پوِء واپس وريو ته افعال ساڳيا ئي هيس پر سونهاري ڪاريَء مان ڳاڙهي ۽ ڊگهي ُهجيس ،سنڌي ٽوپيَء بجاِء ململ جو سفيد پٽڪو هجيس .هاڻ ارباب نيڪ محمد مان ڦِري ،حضرت نيڪڻ فقير نقشبندي ،قادري ،چشتي االئي ڇا ڇا ٿي پيو هجي ،سنگت چيو هاڻ هيُء ُملي ۽ صوفيَء جو ڪاڪٽيل ٿي پيو آهي، زال مري وئي هجيس ،مائٽن ميڙون ڪري ٻي ٿي پرڻايس ،مينهڙي سلطان مان ،چئي ُ اوهان چنڊال چوڪڙيَء وارن کي ڪو سڏ ڏيندس ڇا؟ حرامي آهيو ،ڪندئو اتي ئي پٽڪو ڌوڙُ .مڙڻ وارا اسان به ڪونه هياسين جيپ ڀاڙي ڪري سڄي رات ،سڄي ٿر ۾ مينهڙو سلطان ڳوليوسين ،پرمينهڙو سلطان نه مليو جو پنهنجي يار کي ٻيَء شاديَء تي جڳ کان ِويل ٿيڻ جون واڌايون ڏئي سگهون ،ورندي ڏينهن صديق ساند ،االئي ڪنهن ٻئي اخبارن کي خبر جاري ڪري ڇڏي ته ارباب نيڪ محمد شادي ڪري هني مون ملهائڻ واسطي ڀوڏيسر جي مسجد طرف روانو .االئي ڪهڙي اخبار ايئن جو ايئن خبر ڇپي به ڇڏي .تڏهن َ اٿانو ُٻوٿ ۾ .اهلل ُملو اچي بگڙيو ،پر ڪاوڙ رڳو ايتري جو ٻه ٽي گاريون ۽ آخر ۾ ُڌوڙ اهلل خير صال. بدرابڙو ۽ مرحوم انور پيرزادو منهنجي ڳوٺ آياُ ،ملي سان ڪچهري ڪيائونُ ،هن جي حوالن تي بدر ته صرف معصوم مسڪراهٽ سان مسڪرائيندو رهيو ،باقي انور سائينَء کي ُملو دل ۾ ويهي ويو ،جڏهن به ويجهيَء ِڇڪ ۾ اچي ته چوي ٻيلي ُملي کي ڳول ته ڪا روح جي َ ڪ ُ ٽ الهيون .ڪچهري مچي ته ُملي جا َٽهڪ ،هوڪريا ۽ گاريون ،مڙس ادب جون ُجملي حدون اورانگهيو بي ادبيَء جي انتها تي ُپهچيو وڃي. سڀني فرقن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ سان االئي اسان جي صحبت جا اثر سان ُملوصفا ڀلوڙ ماڻهو ٿي پيو ،ڀيلن ،مينگهواڙن سان گڏ ويٺو کائي ،ٻيا ُمال حيران!! ،ڪن ته ڇا ڪن؟ هڪ دستار بند عالم ويٺو ايئن ڪري ڪهڙي تعزير ڪڍن ۽ ڪيئن ڪڍن؟ هڪ ڀيري سهيل سانگيَء گڏجي منهنجي ڳوٺ ۾ جيرام وٽ والدھ جي مرتئي تي ويهڻ آيو ،مينگهواڙن روح افزا جو شربت آندوُ ،ملي کي ڏيڻ کان لهرائين پيا ،سهيل ۽ مونکي شربت ڏيڻ کان اڳ ئي ُملي ڀڙڪو ڏئي ٽِري تان هڪ به نه پر ٻه گالس کڻي مينگهواڙن کي دلجاِء ڏني ته ٻيلي پاڻ اهڙا ُمال ناهيون .هاڻ به هت اچي ته ڇن جي ڀيلن ۽ رگهي جي ڳوٺ مينگهواڙن 298
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
جي هٿن جا ٿڦيل لوال اکين تي رکيو پوِء کائي ،خلق چوي هي ڪهڙو ُملو آهي .هن ڄڻ ڪجھ ٻڌو ئي نه هجي. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي چرچ تي ُ ڪڌا ڪم به ڪريو وڃي پوِء وتي توبهائون ڪندو. چوڪڙيَء ۾ علي مراد آريسر ڪنجوسن جو سردار هجي ،ٿر گهمڻ وياسين ،سڀني چيو علي مراد ماني کارائيندو ،مڙس پ ُڙ ڪڍي بيٺو ،صالح بيٺي ُ ڪڻن جي ،همراھ ُملي کي ِ ديندار سمجهي مٿس اعتبار ڪيو ،چي ڪوبه ويجهو نه وڃي ُملو ئي پرچيون ٺاهيندوُ ،ملو به ڪڙهيو ويٺو هجيس ،سڀ پرچيون ٺاهيائين علي مراد جي نالي جونُ ،مڙس اعتبار ُ ُ َ ئي ڪيڏانهن مري وئين؟ چئي ٻيلي ۾ڪسي ويو ،ملي ،ماني نه کاڌي ،اڙي مار ڪا پو ِ هيڏو گناھ جو ڪم ڪري ديانتداري وڃايم ،سو ويو هيس مسيت ۾ ڌڻيَء کان بخشائڻ. پنهنجي فن خطاطيَء سان مون سان چرچن ۾ االئي ڪيتريون ُجٺيون ڪيائين ،چندي جا چيڪ بوڪ ،اخبار عالم کان وٺي علي بابا جي عدالت تائين پمفليٽ پکيڙيائين ،ايتريون ئي منهنجون به َسٺائين ،پر اڄ تائين نه ُرٺو ۽ نه مون کي ُرسڻ ڏنائين. انهيَء قصي کي ويھ ورهيه گذريا ،وڻ وڻ جي ڪاٺي ُهياسين ،وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿياسين، ُملو نه بدليو ،نه ڀيرو َڀڳائين ،مهيني ماس منهنجي سڪ ستائيندس ته بنان ٻڌائي اوچتو هليو ايندو ،رات رهندو ،ٻه راتيون رهندو ،ڪچهريون ٿينديون ،سڪ لٿي ،فجر جي نماز پڙهي بنان موڪالئي ڪندو جوڳي رمتا ڀال .دل ٿي چوي شال سونهاريَء سنڌ جا سڀ موالنا ارباب نيڪ محمد جهڙا ٿي پون ته سنڌ جي سينڌ ُاجري ٿي پوي. ان زماني ۾ اسان جي چوڪڙيَء ۾ ٻيو يار هيو ،شفي فقير .جنهن اڳتي هلي وڏو نالو ۽ ناڻو ڪمايو ،ناڻو ته شفيَء ،جيئن جو تيئن ڪمايو ،پر نوڙت ۽ نيازمندي ،شفيَء کي االئي ناناڻن مان ملي هئي يا ڏاڏاڻن مان .سا ته رب ٿو ڄاڻي؟ سڄيَء سنگت سان شفيَء ڪڏهن به ُٻوٿ بڇڙو ڪري نه ٻوليو ،نه وڻيو ته صرف الئق ٿيٻي کي نه وڻيو ،مڙس کي شفيَء جي ڪنڌ جي ِسيٽ تي ڪالھ به اعتراض هيو اڄ به آهي .خير ُانهيَء قصي کي ُاتي ڇڏي پاڻ هلون ٿا اڳتي ،مون کي اڄ ڏينهن تائين اها به خبر ڪونهي ،ته شفي ٿري مڱڻهارن جي ڍانڍي ُنک مان آهي يا َلنگهن مان .بس اها خبر اٿم ٿه هن جا وڏڙا به ارباب نيڪ محمد َ ميڙاسر واري جي وڏڙن جيان َپريان َڀ ِڄي اچي َگڊڙي ۾ آباد ٿيا هيا ،مولوي محمد حسن جي گڊڙي ۾ رات جي پيٽ ۾ جوڙيل َ ڪکائين َمسيت ۾ ڪجھ ڏينهن نمازون پڙهي، بکئي پيٽ سانگي ِرڙهندا ِرڙهندا اچي نيو ڇور پهتا هيا ،منهنجي ڦوھ جوانيَء ۾ شفيَء سان سڃاڻ ڄاڻ تڏهن ٿي جڏهن شفي ،شفي نه پر شفيو مـڱڻهار هيو ،سنڌ ۾ آباد عام 299
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
مڱڻهارن جيان اوراڙ پراڙ ۾ َڀ َ ت ڳوليندو وتندو هيو ،پر بقول الئق ٿيٻي جي قومي راڳي جمن دربدر سان ُدهل وڄائيندو وتندو هيو ،اهڙي ئي َڀتن ڳولڻ جي شوق مان منهنجي ماروٽ ۽ اوجي ڊي سي ايل جي موجودھ چيف انجنيئر خان محمد ،ٺوڪي هڪڙي ڪوڙي َڀ َ ت جي دعوت ڏنس ،همراھ مقرر ڪوڙي تاريخ تي مڱڻهارن جوولر وٺي اچي ُپڳو .تن ڏينهين اسان وٽ ُسڃائيَء جو راڄ هجيَ ، صفا تتڙينگ ُهجون ،اٽي جا خالي َتس ڏکڻ جي ُ ۾هنڌ نه ٽپڙ ُهجي .ولر مڙسن جو ڏسي حال گهڙي ته َدهلجي ُلريَء ۾ واڄٽ پيا ڪن .گهرن وياسين .مٿان بابي جا دڙڪا ته گهر ۾ لولي جو لوڻ نه لڀي مڙس وتن ماڻهن کي دعوتون ڏيندا .بابي جي دڙڪن کان ُپسيل ڪوئي جيان ڪنڌ لڪائيندي ۽ َڇپندي ،جيئن تيئن ڪري پاڙي مان ِپن جا ُٽڪر گڏي مڱهڻارن جي َولر جو پيٽ ڀريوسينَ .سنجهو اڃان َمس ٽريو ته همراهن کوليا ُڌڪڙ۽ باجا .هڪڙي چوڻي آهي ته َملھ ۽ مڱڻهار سان ياري رکبي ته ٻنهي مڙسن جي اک هوندي يار جي کِيسي ۾ .سو ان رات ها ،ڪرڻ سان هنن مڙسن جي به اک هئي اسان جي کِيسن ۾ ،خير سان ُاتي ته اڳي ئي مائي ڀينگ صاحبه پنهنجو ديرو ڄمايو ويٺي هئي .ڪالڪ ٻه ِرينگٽ هليا ،نه ڪجھ مِليو ،نه فقيرن ۾ جوش جاڳيو .کيل ختم ٿيوُ ،انهيَء ولر مان ٻين ته االئي سمجهيو يانه پر شفي سمجهي ويو ته مڙس رڳو ڪپڙن ۾ ڍڪيا وتن .ايئن شفيَء سان ياري ٿي ،ياري به هوريان هوريان وئي لوهان لوھ ٿيندي، منهنجي چوڪڙيَء جا جملي يار اڄ سوڌو مونکي راڳ جو وڏو پارکو سمجهن ،پر حقيقت اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين مونکي راڳ جون َرمزون ُٺپ ڪونه سمجھ ۾ اچن .نه ئي آئون راڳ جو پارکو ،آهيان ،نه ڄاڻان ڀيرويون نه مالڪونس ،نه ٽِڪا نه سرگم نه ليِء .بس شفيَء جي ٻوهياڙن ۾ االئي ڪهڙو ُسرور آهي ،جو ُجهومي اٿندو آهيان .تن ڏينهين شفي ،اوڙي پاڙي جي َڀ َتن ۾ اچي ڳائڻ شروع ڪيو ُهجي ،راڳ لڳي نه لڳي ،خلقون رسمون پوريون ُ گهورون ڪن ،آئون ڏوڪڙن کان وانجهيل ڪرڻ الِء ،هڪ ٻئي جون وريون الهڻ الِء وٺيو ماڻهو ُٻوٿ الهيو ويهان ،شفي ،وڏي ڪاريگريَء سان گهور وٺڻ واري فقير جي َ ڪن ۾ ُڦوڪ ڏيو ڇڏي ،پوِء اهو ڀاڳ ڀريو وڏو نوٽ ُکليو ڪرائڻ جي بهاني سان منهنجي جهوليَء ۾روپئي روپئي جو َدستيون وجهيو وڃي۽ آئون ڌڙاڌڙ گهورون ڪريو راڄن ۾ پنهنجي ليِء بيهاريو وجهان .جنهن سال خلقن جا فصل ڀال ٿين ان سال ڀت به کوڙ ٿيو پون .بس اهو ئي ُمکا ميلي جو ذريعو هجي منهنجو ۽ شفيَء جو۽ اسان جي يارانيَء جو ،ورهيه گذرندا ويا ،شفيَء کي شادي فقير ،راڳ جا ُگر سيکاريندوَ ،ڀتن سان گڏ قومي ڪاڄن ۾ الهيندو ويو ۽ شفي وري پنهنجن مِٺڙن آالپن سان ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي جاِء ٺاهيندو 300
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ويو .ويتر وري جو شادي فقير جو ڀاُء نياز فقير طبلي تي َگ ِڏ ُيس ته مڙس کي ڀانِء چار ماترائن۽ َس َ چنڊ لڳي ويا ،نياز سان نينهن اهڙا اٿس ،جو ٽ ِ َ ُ رگمن تي هڪ ٻئي ڏي ڪن، اهڙي ته معني خيز ۽ معصوم ُمسڪراهٽ سان نهاريندا ،ڄڻ ڪي ورهين جا وڇڙيل محبوب هجن .جيئن شفيَ ، ترقيَء جون منزلون طيِء ڪندو ،سڃائيَء ۽ ڀينگ کي پوئتي ڇڏي وڌندو ويو ،تيئن آئون به وقت جي وير ُ ۾لڙهندو ،ڪامورو ٿي ڪاري پاڻيَء جي سزا وٺي امراڻي پهتس ،ته ٻين پراڻن يارن سان گڏ شفي به اچي اسان جي سنگت ۾ َسلھڙيو وارد ٿيو ،هاڻ شفيُ ،اهو شفي ڪونه هيو جيڪو ڪنهن زماني ۾ َڀ َ ت ڳوليندو وتندو هيو ،پر ان جي ُابتڙ هاڻي َڀ َت ِن وارا کيس ڳوليندا وتندا هيا .مٿان مڙس ۾ ڦيرو وري اهو به آيو ته ڪاري واسڪوٽي پائڻ ۽ پائيپ پيئڻ شروع ڪيائين ,معنئ مڙس ٿيو وڏو ماڻهو .ٿورو ُ ڪ ُ َ نڌ به ِسيٽجي ُ ڪنڌ به ٿو نه سيٽي مڙس پنهنجيَء محنت سان ٿوم مان زعفران ويس، ِ ٿيو هو .ڪنهن ٿورو ڪري اڳتي ڪونه آندو هيس ،ڏسڻ واري خلق ڏسندي رهي ،شفي، هرڪنهن کي هٿ جوڙي اڳتي هلندو ويو. ياد اٿم ته ٿر تي وسڪارا ٿيندا هيا ۽ ٿر جي واريَء مان ڀيڄ ڀنيَء جي مٺڙي مھڪ اٿندي هئي ،هنڌين ماڳين همرچا گونجندا هيا ،غربت جي ماريل ماروئڙن جي ُمک تي ُمرڪون اينديون هيون ،ته اسان جي چوڪڙيَء جا سڀ يار وڍيندا هياسون ڀِ ُٽن جي پنڌ کي .اڄ به امرڪوٽ کان اڪ وڍي تائين ،امرڪوٽ کان ڇور تائين ،مانڌل کان اکيراج تائين ،ٻانڌي س جون جملي ڀٽونَ ، کان گوئينداڻي تائينَ ، ڪ َ ڪنڊا ۽ َٻ ُٻر انهي جا گواه آهن ،ته ڪيئن نه ِ ڀيڄ ڀِنيَء جي َمهڪار ۾ اسان جي چوياريَء جو چتون شفي ،هلندي هلندي ،بنان ڪنهن ُڌڪڙ باجي جي ،ڪهڙيون نه مِٺڙيون التيون ٻوليندو هيو .خاص ڪري حليم جون هي سٽون هوڏي پريتم، اهڙي رومانوي ماحول ۾ مِڙني کي ِجنجهوڙي وجهنديون هيون ته هاِء َهٺيال ِ ُمند ملهاري تون ِريسارو .تڏهن ڀِ ُٽن تي ڊوڙندي هر ڪنهن کي پنهنجا پرين ياد ايندا هيا، وسندڙ وڏڦڙي ۾ مِڙني جي ڀِنل اکين مان ،ڪنهنجي ُلڙڪ الڙڻ جو پتو ئي ڪونه پوندو هيو. حليم تان ياد آيو ،ته اسان جي چوڪڙيَء جي ئي فرمائش تي شفيَء حليم کي ڳائڻ شروع پون ،هو ڪيو ،ته ٻئي هڪ ٻئي الِء الزم ۽ ملزوم ٿي پيا .ڪڏهن ڪڏهن مڙس ڳنڍجيو ِ چوي تون منهنجي ڪري مشهور آهين هي چوي منهنجي ڪري ،تڏهن اسان پارو ڪو وچ ڪينهيو ،ڦينگرجو ڇا تي ٿا .تڏهن ڪي ِ ۾ پئي جيسين ٻنهي کي اهو نه چوي ته ٻيلي ٻئي ِ ٽين. وڃيو ُمڙسن جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ۽ جهيڙو ُک ِ 301
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تن ڏينهين مون ۾ پٽيل پائيَء جي پ َ َ ڳچي ۾ وجهڻ جو شوق ٽ هجي ،پرايا سور پنهنجي ِ بنهي زور هجيم .سو اهڙي شوق ۾ ايندن ويندن جا فيصال زوريَء ڪندو وتندو هجان، هڪڙي ڏينهن هڪڙو بس جو مالڪ۽ ڊرائيور پنهنجي ٽرڙپائيَء تي پادر کائي وڃي ٿاڻي ۾ بند ٿيو ،ڪنهن اچي مونکي مدد جو چيو ،آئون اهڙن قصن الِء ٻاڙيو ويٺو هيس ،سو هم نه تم ڪيم ٿاڻي وارن کي فون ،اهي به ڪي بيزار ٿيا ويٺا هجن ،چيائون ڀائو اسين ڇڏيون ،ته معاملو ليِء مِٽي ڪريون. ٻِنهي ُڌرين کي اوهان ڏي ٿا موڪليون ،فيصلو ڪري ِ ٿاڻي ۾ واڙيل مڙس بنهي ڪو ڳالهائڻ جو ملوڪ هجي ،جيڪو ُگفتو ڪڍي ڀانِء موتي پيا ڪرن .مڙس حوال ڏيندي ئي اهڙا ٻول ٻوليا جو جهڙوڪر ٻه ٽي گاريون ،مون کي به ڏئي چڙهيو .منهنجي ٻروچڪي َر َ ڳ ٿِڙي ،پادر الهي اٿيس ،اصل گِ َ گ پئي َڳڙيم ،ڌڪا جان ڇڏائيُ .انهيَء فيصلي مهل مان .ڇا جا فيصال؟ ڇا جو قصو؟ همراهن َڀ ِڄي ِ ڏئي ڪڍيو ِ َ َ ڪي شاه مراد کوسو ،ڪو مون سان ملڻ آيو هيو ،سو سڀ ٻول ُٻڌي اڇا اڇا پير ڏئي کِ ِ س ِ ويو ،۽ َل َ ڪ َڙ تار ڪيائين چنڊال چوڪڙيَء کي ،ڳالھ هٿ آئي ،شفي فقير کي .تڏهن احساس ٿيم ته انگريز چريا ڪونه هيا ،جو ڍنڍورا ڏيارڻ الِء مڱڻهارن جون ۽ انهن جي ُدهلن جون خدمتون وٺندا هيا .شفيَء به ايئن ڍنڍورا ڏنا ،ايئن ڍنڍورا جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن فيصلي ڪرڻ کان ارواح ئي َکٽو ٿي ويو .ٻيڙي تريس ،جنهن پروگرام ۾ وڃان اسٽيج تان اعالن ڪري سردار خادم حسين جتوئي(دوئم) ُپهچي چڪو آهي ،جنهن کي به ڪو فيصلو ڪرائڻو هجي ،ته ساڻس رابطو ڪري. سنڌ ۾قديم رواج آهي ته مڱڻهارن کي ماڻهو راڄ جي نياڻي چوندا آهنَ ،ڀتن َ پوتن ۾ کانئن ُپوئا پات ڪونه وٺن ،پر هِن ُمڙس کان سنگتَ ،س ِڄي رات ڳارائي ،صبح جو ڏنڊي جي زور تيُ ،پوئو به وٺيو ڇڏي .گهڻا سال اڳ ،جسقم جي ڪامريڊ جميل جي شادي هجي، وڏا وڏا راڳي ڪوٺيل هجن ،هيُء همراھ مون سان گڏ بس ۾ هليو ،چيو مانس جي ڳارايائون ته؟ وراڻيائين ادا ،اسين مڱڻهار آهيون ۽ مڱڻهار جو ٻار روئيندو به ُس َر ۾ آهي ،تون موال تي رک .۽ پوِء ٿيو به ايئن ،مڙس محفل ُلٽي اٿيو .پاڻ ،پٽ جو ڪاڄ ڪيائين ،ته خلقون پيون کِلن ،چئي مڱڻهارن جو ڪهڙو َڀ ُت؟ ميان هنن ُڏومن سڄي ڄمار ماڻهن جا َڀت کاڌا، هنن کي ڪهڙي خبر ته َڀت ڪيئن ڪجي؟ مڙس جي ُ راهوڻي اهڙي هجي جو شاھ عنايت جي گادي نشينن کان وٺي صوفي صديق جا گادي نشين ڪاڄ ڌڻي ٿي بيٺا ،خرچ پکا به سڀ انهن جا ،ان رات نيوڇور جي رهواسين ،پنهنجي حياتيَء ۾ پهريون ڀيرو .نيو ڇور جا ننڍڙا روڊ رستا بالڪ ٿيندي ڏٺا .ته کين ڏندين آڱريون اچي ويون ،تڏهن اهڙن چڱن 302
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
چڱن ُمهانڊن وٽس ويندي ،اسان تي کِ ُلون پئي ڪيون ۽ واپس ورندي پئي چيائون ادا ذات تي ڏات ڪانهي!! انهن قصن کي ورهيه گذري ويا ،اسين سڀ ُپٽن َ پوٽن وارا ٿي وياسين ،پر جوانيَء وارا اهي َانگل ۽ ِچلوالئيون اسان مان اڃان ڪونه ويون .اڄ به جتي به جنهن به پروگرام ۾ ملون ساڳيا ڌوڙيا اليو بيٺا ُهجون .هڪڙي سا منهنجي رڳ هٿ ڪئي اٿائين ،هاڻي هر پروگرام ۾ مون کي ڏسي اياز جا ٻه گيت ضرور ڳائي ،پهريون گيت ،ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوِء ،توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون ،جنهن تي منهنجي اکڙين مان َڏلھ ڳوڙها روان ِ پون ،۽ ٻيو گيت چويَ ،سکي ِپيا کي ملين ته چئجان ،چاندني تو سوا نه ٿيندي .انهي ٿيو ِ گيت تي جيڪو ماڻهوهنجون هاري ،اهو منهنجي ۽ شفيَء جي وچ ۾ راز رهڻ گهرجي، ُ ڪ َن ٿيندا. جيڪر اهو راز کليو ۽ اهو ماڻهو ظاهر ٿيو ،ته وڏا ِ سو اهو شفي ،اڄڪلھ سنڌ جي راڳين جو سرموڙ ٿي پيو آهي ،شاھ عنايت شهيد جي ِپڙ ۾ پنهنجي ٻاريَء وارو ٿي پيو آهي ،جيئن ٿي ُ مان ۽ مريادا مليس ،تيئن ٿي نِوڙت ۽ هٿ جوڙ وڌيس ،رولو آهيس نه آهيس هڪڙو ،ته مڙس ڪنڌ کي ِسيٽي ٿو هلي .رب ڪري اڃان به وڌي ويجهي ،سنڌ جي سينڌ سنواري گڏوگڏ پنهنجي سڪندر کي سنڌ جو سڪندر ڪري وڃي. ان دور جو ٽيون يار هيو ،روحل واِء جو رهواسي ،عبدالحليم ساند المعروف حليم باغي. روحل واِء جي زرخيز مٽيَء ،االئي ته ڪيترن ايامن کان سنڌ ديس کي املھ هيرا پئي ارپيا آهن .گذريل زمانن جون ساروڻيون سارينداسون ته ڏسڻ ۾ ايندو ته روحل فقير کان وٺي ڀلوڙراڳي ۽ هرفن موال شاعر جمن دربدر .ڪچهرين جي مور ،سگهڙ ۽ عبدالواحد آريسر جي الڏلي مرهيات ڀليڏني فقير ساند کان وٺي هميشه ابتا ٻول ٻولڻ ۾ َڀ ُڙ الھبچائي ساند تائين ،حليم باغيَء کان حاجي ساند تائين ،هن ئي مٽيَء جا َ جنميل يا هتي اچي آباد ٿيندڙ آهن .حليم به ان ئي مٽيَء جو نازڪ َٻ ِچڙو آهي. حليم جو نالو مزاحمتي شاعريَء ۽ ڀلوڙ شاعريَء جي حوالي سان پڙهندو ۽ ٻڌندو ايندو هيس .پر ساڻس ڏيٺ ويٺ ڪڏهن به ڪونه ٿي هئي .ڀانيان ٿو ته اهو 1989جو سال هيو جڏهن امراڻي ۾ نوڪريَء سانگي ديرو ڄمايو هيم .تڏهن سرُء جي هڪڙي اداس شام جي وقت ،ثاقب آريسرُ ،هن کي مون سان مالئڻ وٺي آيو هيو ،سادڙو ،سٻاجهڙو معصوم چهرو، ان معصوميت جي پويان هزارين دک ،هزارين درد ۽ لکين لڪل پيڙائون پلڪن پڙهي ورتيون هيم .ثاقب ويچاري کي سڄي عمر اها ُڀل رهي هئي ،ته آئون حليم واري َلڏي جو 303
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ماڻهو آهيان۽ نه ئي مون به ڪڏهن کيس پنهنجي اصليت بابت ڪجھ ٻڌايو هيو .ڇاڪاڻ جو اسانڪميونسٽن کي هميشه مٿان کان پارٽي الئين ڏيندي هئي ته پنهنجي اصليت لِڪائجو .۽اها به پارٽيَء جي الئين هئي جو آئون ثاقب جون ڪميونسٽن کي ڏنل ڪچيون، ُاگهاڙيون ۽ واهيات گاريون آرام سان هضم ڪري ويندو هيس .نه ته ڇا ثاقب؟ ڇا گار؟ ڇا آئون؟! خير ،تعارف دوران جڏهن ثاقب ،حليم کي اهو چيو ته هِن جو واسطو به اوهان واري لڏي سان آهي .سو جيئن ئي ثاقب اهي اکر اچاريا ته ڀوڪپائيَء مان منهنجي وات مان نڪتو نه سائين ثاقب نه ،ان زماني ۾ منهنجي نظر ۾ جهڙي تنهنجي جماعت هئي تهڙي حليم ڪل ته َک َ جي!! . .مون کي ڪهڙي َ کر ۾ َکڙو لڳي ُچڪو۽ لڳو به ِو َچ ماناري ۾؟ هن ناچيز گڙ ُڻ ،بِ َ جي زبان مان اهي اکر نڪرڻ ۽ حليم جو بِ َ ُ امان ،اڻ گڙ ُڻ به ڪهڙو ،اصل اهلل ڏئي واقف هوندي به ُمڙس َهڻي وڃي ُ هنڌ ڪيو .وڏيون آزيون ،ميڙون ،منٿون گِيسيون ۽ پالند وجهي ُمڙس کي پرچائڻو پيو .تن ڏينهين سڄيَء سنڌ ۾ حليم جون حسين آباد چوڪ تان خلق خدا سان گڏ ماما جمن به چوندو وتندو هيو ،ته وڃي ورڻ واريون خبرون عام هيوِ . انهي ڏوھ جو ڏوهاري الئق ٿيٻو آهي .ماما جمن چوندو هيو ته ڪشميرين جي محبوب ليڊر جو نالو ۽ حليم جي محبوب ليڊر جو نالو ساڳيو هيو ،جڏهن اهو ڪشميري پنهنجا سئو ورهيه پورا ڪري َچلتو ٿيو ۽ الئق کي خبر پئي ته ُهن شيطان انٽرنيشنل هاسٽل ۾ گهري ننڊ پيل حليم کي ڌونڌاڙي جاڳائيندي ،ڪشميريَء جي را ِھ رباني وٺڻ جا ُجمال اهڙي عجيب انداز ۾ چيا ،جيئن حليم ُان کي پنهنجي محبوب جو مرتيو سمجهي .بقول ماما جمن جي ٿيو به ايئن ،الئق جا اهي اکر حليم تي وڄ جيان ڪڙڪيا ۽ ُمڙس ِشيخ ٿي ويو، ِشيخ ڇا پر ذري گهٽ پاڻ به َهلي ُچريو هيو .مون جڏهن الئق کان ماما جي اهڙن الزامن جي تصديق الِء ،ماما جمن جي ويٺي ئي سوال ڪيو هيو ،ته هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ ورندي ڏني هئي اي !،ويٺو ُٻڌ هِنِين جا احوال؟!!ُ .هن ته بائيو ڪيمسٽريَء وارو گهوش جو لکيل ُخشڪ ڪتاب پئي پڙهيو ۽ دماغ جا پردا خشڪ ٿي ويا ُهيس .هِ ِن ِين َه ُر ُ وڀرو کڻي مون تي ڪارنهن جو ٺِ َ ڪ ُر َڀڳو آهي .باقي ڳالھ ۾ ڪي ڪينهي!!. ثاقب جي سامهون ُان اڻ ٿيڻيَء ٿيڻ جي ڪري ،حليم جي ِدل مان غير ڪڍڻ الِء مون کي روحل واِء جا کوڙ سارا پنڌ ڪرڻا پيا .تڏهن وڃي حليم جي دل ۾ ويٺل معصوم ٻار مون سان ريڌو .ايئن ِريجهندي ِريجهندي همراھ َمس وڃي منهنجو ُ يار ٿيو ،يار به اهڙو جو اصل
304
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وڃي ٿيا ست خير .اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن مونکي ڪڏهن به سڄي نالي سان نه سڏيائين، هميشھ ڍاٽين واري لهجي ۾چوندو اميرو. خيرَ ،ه ُلون ٿا اڳتي .مرحوم معصوم سانگهڙائيَء ،سانگهڙ ۾ وڏو مشاعرو ڪرايو هيو، سڄي سنڌ جا شاعر ۽ شائقين اچي َ ڪٺا ٿيا .اسين سڀ يار به گڏجي ُاتي وياسين .حليم کي صف ۾ اسان ويٺل اعزازي مهمان ڪري اسٽيج تي ويهاريائون ،سامعين جي پهرينَء ِ نگ َٽ َ يار جڏهن صوفا تي َٽ َ ُهجونُ ، نگ تي چاڙهي بالم بڻجي ويٺو ،ته سندس ُبوٽ جي نوڪ ادل سومري ( مهمان خصوصيَء) جي ُمنهن کي بلڪل ويجهو پئي محسوس ٿي. الئق جي شيطان دماغ اها ڳالھ نوٽ ڪري ،هڪڙي والنٽيئر هٿان اسٽيج تي پرچي ڏياري موڪلي ته ٻيليَ ،ٽ َ نگ هيٺ ڪرُ ،مڙس جو ُمنهن ٿو ڀڃين .حليم پرچي پڙهي ،وائڙن جيان پنهنجي ُاڀي َٽ َ ڪي ٿي ڏيڍين اکين سان سامهون ويٺل خلق نگ ۽ ُبوٽ طرف ڏٺو ،پوِء َش ِ ڏي ڏسندي ،ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ اسٽيج تان لهي ويو .جيستائين مرحوم معصوم ،اسان کي اڳين سيٽن تان نه اٿاريو ،ايستائين ِپ ُڙ ڪڍي بيٺو رهيو ،چئي هي ڪافر اِتان ُاٿندا ته اسٽيج تي ويهندس نه ته نه .۽ جڏهن اسٽيج تان ڪمال جو رت چوي ٿو قاتل ُڦڙي ُڦڙي جو حساب ٿيندو ،جهڙو ڀلوڙ شعر پڙهيائين ،ته اسان ُاٿي بيهي تاڙيون وڄائي داد ڏنس ،هيٺ لٿو ته َ اٿانو ُمڙس جي ڪاوڙ ڪافور هجي ،معصوم ٻار جيان مسڪرائيندي چيائين ،لخجي لعنت ڪافرو۽ بس جهيڙو ئي ختم. هڪ ڀيري ،ٽائون ڪميٽي عمرڪوٽ ۾ ادبي سنگت پاران ڪوٺايل ڪنهن َسندي ئي پروگرام ۾ شعر پڙهيائين ،رت ديس ُتنهنجي راھ ۾ جي ُڦڙو ُڦڙو ٿي وهي وڃي ،ته تمام گهڻو داد مِليس ،اسٽيج تان لهي اسان جي وچ ۾ ويهي سگريٽ جا ڊگها ڊگها ُسوٽا هڻڻ لڳو ،اوچتو ،الئقَ ، ڪ َن ۾ ڪجھ چيس .جهڙي جذباتي ڪيفيت ۾ اسٽيج تان شعر پڙهيو هيائين ،ان کان وڌيڪ جذباتي انداز۾ الئق کي زن دختر گاريون ڏيندو اٿيو هليو ويو. اڃان ڪالڪ کن مس گذريو ته کِلندو کِلندو وري اچي ،ساڳيَء ڪرسيَء تي ويٺو .ويهندي ئي الئق جي ُٻوٿ تي ٻن آڱرين جو ِوڪٽري نشان رکندي ،وڏو َٽهڪ ڏئي چيائين ڌوڙ اٿئي ُٻوٿ ۾ُ .پڇيو مانس حليم ،اڄ صبح ،صبح ڪنهن هيڪلي وڻ هيٺان ُگذريو ُهئين ڇا؟ ته وڏو ٽهڪ ڏيئي ُمنهن ،منهنجي َ ڪ َن جي ويجهو ڪندي هوريان هوريان چيائين ،يار ڪني پاڻياٺ جو اکر ُٽنڀي ابتي هن حراميَء منهنجي انهيَء شعر مان َر ُت جو اکر ڪڍي ِ پيروڊي ٺاهي ُٻڌائي ،ته بِگڙي پيس.
305
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
ان زماني ۾ اسڪولي ٻارن جيان اسان جو روز وڙهڻ ۽روز پرچڻ هوندو هيو ،پر پوِء به ُهن جي اسان کان سواِء نه سري نه ئي اسان جي هن کان سواِء .جڏهن سنڌي ادبي سنگت، ُ ڪاڄ ڪري ،حليم اسان کي عمرڪوٽ جو سيڪريٽري ٿيو ،ته سنگت پاران جيڪو به کيو به ڇڏي ته مهرباني ڪري دعوت ڪارڊ ته ضرور موڪلي ،پر شرارت ڪندي هيٺان لِ ِ اچڻ جي زحمت نه ڪندا .ايئن ُرسندي َپرچندي ،کِلنديُ ، ڪڏندي اسان جي ياريَء کي َس َ ت َاٺ ورهيه لنگهي ويا .ان سڄي عرصي ۾ شاعريَء جي ڏات ُرٺل رهي .۽ پوِء جيئن وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏي هياسين تيئن وڻ وڻ جي ڪاٺيَء جيان ٽ ِ ِڙي پکڙي وياسين ،انهن قِصن کي َڳ ُچ ورهيه ٻيا به گذري ويا ،تڏهن هڪ ڏينهن ڪاوش اخبار ۾ خبر پڙهيم ته مشهور مزاحمتي شاعر حليم باغيَء تي قاتالڻو حملو .تڏهن ملڪ ۾ موبائل فون ڪونه ُهياُ ،ان ڪري وڻ وڻ جي ڪاٺي هنڌان هنڌان هلي ،روحل واِء ُپهتي .زخمي حليم کان پڇڻ الِء. تڏهن ماما جمن ۽ مرحيات ڀليڏني فقير ٻڌا ٽهڪ ڏئي زخمي ٿيڻ جو قصو اجهو هينئن ُٻڌايو .ٻيلي! تنهن ڏينهن ِورانڊ جو هي اوهانجو شينهن مڙس( حليم) َٽنگ کي لوڏا ڏيندو، روحل واِء ٿي آيو ،ڪي اِ ُ سڪوليا ،موڪل کان پوِء َگهرين پئي ويا ،۽ ُکٽي ٿي کڻين جو همراھ جي لوڏ ڏي ڏسي َاهل ڪري ايئن ئي َهليا ،۽ هيُء ُمڙس بِگڙي پيوُ .هوڙيائي ڪري وڃي اسڪولين کي ِچنبڙيو ،اڳيان ڇورا به هيا ڪي َسگها ،سو جان ڇڏائڻ الِء هٿوڦاريون هڻيُ ،مڙس کي ڪيري وٺي ڀڳا ،اهو آهي اوهانجي مزاحمتي شاعر تي قاتالڻي حملي جو احوال .ان مهل اسان مڙني ڏيڍين اکين ڏٺو ويٺي ته حليم کي ماما جمن ۽ َڀلوَء فقير جي اهڙين ڳالھين تي به ُجوجڪيون پئي چڙهيون .پر ُمڙس وڏن جي آڏو ،ڪري ته ڇا ڪري؟ چوي ته ڇا چوي؟ تن ڏينهينُ ،ملي نيڪوَء سان منهنجي گهاٽي سنگت تان ،حليم ،هميشه مون کي ٽوڪيندو هيو ته اميرا! ُملي(ارباب نيڪ محمد) سان االئي ڪهڙو رشتو اٿئي؟ خبر ئي ڪونه ٿي پوي !!،ڏينهن رات ُمالن جي اڳيان پويان آهين ،ٽهڪ ڏيندو ويندو هيو ۽ پنهنجي معصوم ادائن سان ،سگريٽ جا وڏا وڏا سوٽا هڻندو ،االئي ڇا ڇا چئي ويندو هيو ،۽ پوِء اسان جي ُ نيڪو ،حليم کي بحري باز جيان چنبن ۾ چائي ويو ،گهڻن ورهين ِپڙ ڇڏڻ ساڻ ئيُ ،ملو کان مڙسن جي ٻکوٻک هجي ،ڪل تڏهن پيم جڏهن ،هن ڀيري روحل واِء ويس ته سج لٿو پئي ،پري کان ڏٺم ته ماما جي اوطاَق آڏو ،ٻه چار ُمڙس واريَء تي انگوڇا وڇايو نماز پيا پڙهن ،ويجهو وڃڻ سان دنگ رهجي ويس .ڇا ٿو ڏسان ته سدائين ُملي نيڪوَء تي ڪاوڙيل ُ نيڪوَء جي پويان صف بند ٿيو ،انتهائي باادب طريقي سان نماز پيو پڙهي. حليمُ ،ملي 306
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
تڏهن نماز بعد چيم حليم ،چئبو ته ڀاڳين جا ڀاڻا ڪڏهن خالي ناهن ٿيندا ،آئون ويس ته تنهنجو به روح نه رهيو۽ ُملي نيڪوَء سان ٻکجي منهنجي جاِء وڃي واالريئي!!. ڪجھ وقت اڳ ڪنهن پرائويٽ چينل تان حليم ۽ ماما جمن بابت هڪ ڊاڪيومينٽري ڏسندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويم .سوچيم ،ويهارو ورهِيه گذري ويا حليم اڃان به انهن حالن ۾؟؟ اهو حليم جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي ناز ڪن ٿا ،جيڪو جهرن جهنگن ۽قومي ڪاڄن ۾ جيئن جو تيئن ڳائجي ٿو ،ڀانئيان ٿو ته تنهن حليم کان ڪڏهن ڪنهن سنڌي قوم جي رهبر ،ڪنهن قومي ڪارڪن ،ڪنهن انقالبيَء جوڌي ڪڏهن اهوبه پڇڻ گوارا ناهي ڪيو ته هو ڪهڙي حال ۾۽ ڪيئن پيو وقت جو گاڏو گيڙي؟ ڪيئن ۽ ڪٿان ۽ ڪهڙي هنڌان هڪڙي پنهنجي خطرناڪ بيماريَء جي مهانگي عالج جو بِلو ٿو ڪري؟ ڀانيان ٿو اها خبر ِ حليم کي ،ٻي حليم جي رب کي ۽ ٽين حليم جي ُانهيَء اڳوڻي قومي ڪارڪن يار کي هوندي ،جيڪو اڄ ڏينهن تائين ُڏک ُسک ۾ ساڻس َسلهڙيو هلي .ايتري خبر مون کي به آهي ته ُان عالج جا وسيال ڳوليندي هنن ٻنهي يارن سان وڏن ۽ ناميارن ماڻهن اهڙيون ته ُجٺيون ڪيون جو ُمڙسنُ ، جان آجي ڪرائي .ڪاش حليم ڪنهن ٻئي هنڌ پيدا ميڙون ڪري ِ ٿئي ها ته اهڙي خوبصورت شاعريَء تي قوم جو هيرو ٿي وڏن اعزازن ۽ وڏي َڌن سان نوازجي ها .ها ،اها سا پڪ اٿم ته پنهنجين روايتن پٽاندڙ ،پوِء( خدا نه ڪري جو ايئن ٿئي) حليم کي االئي ڪهڙا ڪهڙا لقب القاب ڏينداسين .اسٽيجن تي اچي مائيڪ ٽوڙي گهاٽي يارانيَء جا ادبي لفظ ٻولي ٻه چار لڙڪ الڙينداسين .خدا نه ڪري. ۽ جڏهن عمرڪوٽ جا وڻ وسايا هيم تڏهن عمرڪوٽ يا انهيَء جي آسي هڪڙي جمن دربدر سان ٿوري گهڻي اڳ۾ به واقفيت هيم. تن ڏينهين اليڪشنون ٿيون هيون ،پيپلز پارٽِيَء جو هڪڙو ُسکيو ستابو ،وڏيرو فنڪشنل ليگ جي گهڻ پڙهئي ،۽ سنڌ اسيمبليَء جي ميمبرن کي اسڪولي ٻارن جيان پڙهائيندڙ قانوندان کي هارائي ،سنڌ اسيمبليَء ۾ پهچي ،وزير به ٿيو هيو .وزير ٿيڻ سان سندس َر َوين ۾ پڻ ڪافي تبديلي آئي هئي ،موصوف ،هرهڪ آفيسرسان انتهائي تيز ۽ ُتند لهجي ۾ ڳالهائيندو هيو .جڏهن دڙڪي جي انداز ۾ ڳالهائيندو هيو ته ،ڪامورڪي َلڏي جي بدن
۾ ڪنبڻي اچي ويندي هئي .جيتوڻيڪ عمرڪوٽ ،سک ۽ سڪون وارو شهر هيو ،گهڻا تڻا ماڻهو ڪراچيَء ،حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي هنگامن ُسوران هتي بدليون ڪرائي ايندا هيا .هاڻي هن نئين صاحب جي داٻن ،سندن َمتيون ئي ُمنجهائي وڌيون هيون .جيتوڻيڪ هن کان پهرئين دور ۾ به کاروڙو سرسبز هيو ۽ سندس ويجهي عزيز جي هلندي پڄندي 307
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هئي ،جيڪو تن ڏينهين هارائيندڙ گهڻ پڙهئي قانوندان جو اعتماد وارو ماڻهو ليکيو ويندو هيو .هنن ٻنهي پارٽين جي ۾ماڻهن جا عجيب رواج هيا ،هڪڙي ڌر جا ماڻهو هميشه ڌيرج ۽ اخالق ۽ پئسو هالئي آفيسرن کان جائز توڙي ناجائز ڪم وٺي ويندا هيا ،نه ڪي داٻن ،دڙڪن ۽ بدلين سان .ٻي ڌر وري داٻن سان اهو ڪم ڪندي هئي ،ٿي سگهي ٿو ته داٻن ڏيڻ واري ڌر پاڪستاني سياست ۾ تمام گهڻو ڀوڳڻ باعث انهيَء احساس محروميَء جي ڪري ايئن ڪندي هئي .مزو اهو هوندو هيو ته عمرڪوٽ جي سياست جو مرڪز پوِء به کاروڙو ئي هوندو هيو .اوطاق هوَء هجي يا هيَء ،پر ماڻهن کي پنڌ کاروڙي جو نصيب ۾ لِکيل هوندو هيو .اسان جو پراڻو يار ڪامريڊ گوپال سنگھ سوڍو ته وڏي واڪ چوندو وتندو هيو ته ادا کاروڙي جي سيدن سان نه دوستي ڀلي نه دشمني ڀلي .ڳالھ پئي هلي جذباتي سائينَء جي وزيرٿي ڪامورڪي لڏي کي داٻن ڏيڻ جي .خدا مونکي بچايو جو ڪڏهن سندس َو ِر ڪونه چڙهيس .سندس والد مرحوم ۽ ڀاُء انتهائي ٿڌا ،مٺڙا ۽شرافت جا پتال هوندا هيا .تن سان کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون .۽ ساڻن وڏي حجت به هوندي هئي انهيَء وقت عمرڪوٽ جي ڪاليج جو پرنسپال سائين مدد علي لغاري هوندو هيو ،منهجي عمرڪوٽ جي ڪاليج جي پروفيسرن کان وٺي پٽيوالن سان دوستي هوندي هئي .آئون اڪثر ڪري شام جو بيڊمنٽن راند ڪرڻ الِء ڪاليج ويندو هيس .انهن ڏينهن ۾ منهنجي جماعتي يار سليم مهر ،جو موجودھ روحل بس اسٽينڊ جي سامهون وارو گلشن سليم ُ ويڪو ڪئي، ڪنهن مالهيَء جو انبن جو باغ هوندو هيو .تنهن مالهيَء اها باغ واري زمين ته سليم ،توکان مونکان ُهن کان هِن کان جهٽي پٽي ،اهو باغ خريدي ،وڏي وٺ وٺان بعد گلشن سليم جي نالي سان پالٽنگ منظور ڪرائي هئي ،تڏهن خبر پيس ته ان باغ ان ۾ ِ جي ُمهڙ ۾ خالي پالٽ ڪاليج جو گرائونڊ آهي .کيس ان مان رستو کپندو هيو ،مون سان ڳالھ ڪيائين ۽ مون سائين مددعليَء کي چيو ته سائين همراھ کي هتان رستو کپي ٿو. سائينَء اجازت ڏئي ڇڏي .ان وقت ڪاليج ۾ ،ٻه انتهائي تيز ۽ چاالڪ ليڪچرار هوندا هيا. جيڪي هونئن ته منهنجا به يار هيا ۽ آهن به ،سي ٻئي مڙس ڪنهن نه ڪنهن سياسي ۽ سماجي مسئلي ۾ َٽنگ اڙائڻ الِء هميشه ٻاڙيا ويٺا هوندا هيا ،مزي جي ڳالھ ته ٻئي موصوف ڪڏهن به سامهون ٿي ڪنهن ماڻهوَء سان ڪونه ڦٽائيندا هيا ،سندس سوڍي واري ترار هوندو هيو سائين ثاقب آريسر ،جيڪو صفا سنئون سڌو ،هرڪنهن هٿ مالئڻ واري کي دوست سمجهندڙ ،نيڪ نيت انسان هوندو هيو ،پر منجهس وڏي ۾ وڏي خامي اها هئي ته 308
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
هو هر هڪ جي ڳالھ تي اعتبار ڪندو هيوُ ،هنن جي جوڙيَء کي جو فتنو لڌو ،ته همراهن وڏا مرچ مصالحا مالئي ،سائين ثاقب جي ڪن ۾ اها ڳالھ وڌي ته پرنسپال منهجي چوڻ تي چار پئسا وٺي پالٽ جو غير قانوني قبضو سليم کي ڏياريو آهي .بس چوچڙي دکائي مڙس پاڻ هميشه جيان پاسيرا ٿي ويا ،سائين ثاقب وڃي ڀنڀور کي باهيون ڏنيون ،گهڙي نه گذري جو صوبائي وزير جي صالح سان سائين ثاقب جي مدعيت ۾ سليم تي ڪيس داخل ٿي ويو ،هوڏانهن سليم وارن به جماعت سڳوريَء جي دور ۾ خلقن کي چڱا موچارا سورڏنا هيا ،سو کيس به سڀڪجھ ُسجهيو ٿي ،همراھ پوليس جي پادرن جي َڀ َ ئو کان روپوش ٿي ويو .تڏهن مون دوستيَء جو ڀرم رکندي ،وچ ۾ اچي سندس ضمانت ڪرائي هئي ،جيڪا ڳالھ شايد انهيَء دور جي ڪنهن وڏي ماڻهوَء کي ڏاڍي ڏکي لڳي هئي۽ اهڙي پڪ به ڪونه اٿم پر هڪڙي ڀيري حاجي چنيسر مريَء اهڙو اظهار ڪيو هيو ته ،منهنجي بدلي به ٿي سگهي ٿي ،حاجيَء جڏهن اهو احوال مون سان ڪيو ،ته ُمسڪرائي چيومانس ته حاجي صاحب هن کان اوڀر طرف ته هندستان جو بارڊر آهي ،ٿر ۾ حبيب بينڪ جي ڪابه شاخ ڪانهي ،جيڪي ڪجھ ٿيو سو منهنجي ڀلي ۾ هوندو .وري به گهر جي ڪجھ نه ڪجھ ويجهو ته ٿيندس. سليم واري سنگت تان ياد آيم ته ،تن ڏينهين سليم جي گھڻ ڀالئيَء واري ياري سرور پليَء سان هوندي هئي .سرور پلي اڪثر ڪري سليم سان گڏجي بينڪ ۾ به پيو ڀيرا ڀڃندو هيو .پاڻ کي اها ڪل ئي ڪونه هوندي هئي ته سرور پلي به ڪو علم ،ادب ،شاعريَء ۽ راڳ جي يونيورسٽيَء جو بڻياد وجهندڙ پلي خاندان مان آهي .ڪافي ڏينهن بعد هڪڙي ڀيري سليم سان گڏجي خانصاحب عطا محمد پليَء جي ڳوٺ ويو هيس .تڏهن ڪل پيم ،ته مار هي ته وڏو اهم خاندان آهي .ها سرور پلي ،ڪافيَء جي ڀلوڙ شاعر راڄ محمد پليَء جو ُپٽ هيو ،۽ سنڌي غزل ۽ ڪافيَء جا بادشاھ شاعر عبدالڪريم پلي ۽ ولي محمد وفا پلي سندس چاچا هيا .جيتوڻيڪ تن ڏينهين عبدالڪريم ۽ راڄ محمد پنهنجو وارو وڄائي چڪا هيا ،سنڌي راڳ جي اها يونيورسٽي بند ٿي چڪي هئي ،پر انهي جون باقيات اڄ به اعجاز پلي ،رسول بخش ،عطامحمد ۽ اصغر جي روپ ۾ موجود هيون .مون احترام م بند پيل اهو بنگلو به ڏٺو جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مهمان ٿي اچي ترسيو هيو .جيتوڻيڪ عبدالڪريم پليَء جا ُپٽ اعجاز ۽ رسول بخش راڳ جا وڏا پارکو لڳا هيم ،پر اوڙي پاڙي جي ڳوٺن جا به ڪافي ماڻهو به راڳ جا وڏا ڄاڻو مليا هيا .جن مان سڀني کان وڏو مون
309
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
وارو يار الئق ٿيٻو به هوندو هيو .پوِء ته جهڙا ماڻهوَء جا وارا نيارا ٿي وڃن ،ايئن مون به پلين جي ڳوٺ جا ڀيرا ڪرڻ شروع ڪيا هيا .جيڪي اڄ تائين هلندا اچن. نيٺ حاجي چنيسر واري ڳالھ سچي ٿي .االئي ته اهو ٿورو يارڙن ڪيو هيو ،االئي پاڻهي ڪم ٿي ويو هيو ،يا منهنجي قسمت کي ڪجھ ٻيو منظور هيو ،سليم واري قصي جي هڪڙي هفتي اندر ،اوچتو ئي هڪڙي ڏينهن عمرڪوٽ ۾ ويٺي ويٺي ،کپري َپالڻڻ جو نادري حڪم اچي پهتو .جيئن به ٿيو ،جنهن به ڪرايو ،انهي درويش کي شايد اها خبر ئي ڪونه پئي سگهي ته آئون عمرڪوٽ کان کپري ُپهچي ،پنهنجي ٻچڙن جي ويجهو ٿي ويندس .ها ُڏک صرف ۽ صرف اهو پئي ٿيم ،ته جيڪا ڳالھ عمرڪوٽ ايندي ڪنهن چئي هيم ،ته ماڻهو عم رڪوٽ ڏانهن بدلي ٿي ويندي به روئيندو ويندو آهي ،ته واپس پنهنجي گهر ڏانهن ويندي به عمرڪوٽ ڇڏڻ جي ڏک ۾ روئيندو ويندو آهي .خير! منهنجون اکيون به انهيَء عمرڪوٽ ڇڏڻ جي ُڏک ۾ ُپسيون هيون ،ٻه چار لڙڪ به لڙيا هيا ،اهي لڙڪ َ َ ڙي ،ٿر جي ٿڌڙيَء واريَء ۾ جذب ٿي ويا ڪنهن ڏٺا ڪنهن نه ڏٺا پر منهنجن ڳلن تان ڳ ِ هئا .،نيٺ هڪ ڏينهن عمرڪوٽ جي گهاٽين نمن کان ،مٺڙن ماڻهن کان ،درن ۽ديوارن کان لڙڪ الڙي موڪاليم ۽ اچي کپري جا وڻ وسايم.
310
www. sindhsalamat. com
رائي پير ُ رت ڪيا :امير بخش شر
311
www. sindhsalamat. com