بحرالعميق _ رسالو سيد چيزل شاھ

Page 1

‫بحرالعميق ‪ :‬رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري‬

‫‪1‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫بحرالعميق ‪ :‬رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري‬

‫بحر العميق‬ ‫(رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري‬ ‫درگاهه فتح پور شريف‪ ،‬ضلعو گندا واه‪ ،‬بلوچستان)‬

‫مرتب ۽ شايع ڪندڙ‬ ‫فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا‬ ‫ايڊووڪيٽ سڀاش چند فتح چند ڪارڙا‬ ‫سنجئه ڪمار فتح چند ڪارڙا‬ ‫ڊاڪٽر اجيت ڪمار فتح چند ڪارڙا‬ ‫ڪرتار ڪارڙا فتح چند ڪارڙا‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬ ‫‪2018‬ع‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬ ‫‪2‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫بحرالعميق ‪ :‬رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري‬

‫ڇپائيندڙ جا مڙئي حق محفوظ‬ ‫ڪتاب جو نالو ‪ :‬بحر العميق‬ ‫ليکڪ‬

‫‪ :‬سيد چيزل شاهه صوفي القادري‬ ‫سال ‪2001‬ع‬

‫ڇاپو پهريون‬

‫‪:‬‬

‫ڇاپو پنجون‬

‫‪ :‬سال ‪2014‬ع‬

‫تعداد‬

‫‪ :‬هڪ هزار‬

‫ڇپيندڙ‬

‫‪ :‬آزاد ڪميونيڪيشنز‪ ،‬ڪراچي‪ .‬فون ‪021- 32737290‬‬

‫ُملھه ‪ 300 :‬روپيه‬

‫ملڻ جو هنڌ‪:‬‬ ‫فتح چند ڪنيا لعل‬ ‫فتح ڪالٿ هائوس‬ ‫ڪالٿ مارڪيٽ‪ ،‬جيڪب آباد‬ ‫فون ‪0722- 652455 :‬‬ ‫موبائيل ‪0333 7338188 :‬‬

‫‪3‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫بحرالعميق ‪ :‬رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري‬

‫توريت‪،‬‬

‫انجيل‪،‬‬

‫زبور‬

‫لٿو‪،‬‬

‫احمد‬

‫تي‬

‫فرقان‬

‫سچو‬

‫تنهنجي بحر عميق جو انت نه ڪو‪ ،‬اهڙو احمد سان احسان ڪئي‬ ‫سمجهه رکيل سر ثابت سارو‪ ،‬اناالحق جو هڻ تون نعرو‬ ‫يار ڏنو ٿي وحدت وارو او پنهنجي دفتر جو ديوان ڪيئي‬

‫‪4‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫بحرالعميق ‪ :‬رسالو سيد چيزل شاهه صوفي القادري‬

‫سنڌ سالمت پاران ‪:‬‬ ‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بحر العميق“ اوهان اڳيان‬ ‫پيش آهي‪ .‬هي ڪتاب صوفي شاعر سيد چيزل شاهه صوفي القادري جي سوانح حيات ۽‬ ‫شاعريَء جو مجموعو آهي‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاهه هڪ اعلي شاهه ۽ درويش هو‪ .‬سندس ڪالم نه رڳو تصوف جي تند‬ ‫تنوار سان بلند آهنگ ۾ آهي‪ ،‬بلڪه شاعريَء جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل‬ ‫آهي‪ .‬سنڌ ۾ ڪافيَء جا شاعر گهڻا آهن‪ .‬سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون‬ ‫ڪافيون چيون آهن‪ .‬سائين چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون‬ ‫آهن‪ .‬عشق بادشاهه سندس ڪافي ڪالم جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي‪.‬‬ ‫هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ‪1987‬ع ۾ ڇپايو ويو جڏهن ته پنجون ڇاپو فتح چند ڪنيا‬ ‫لعل پاران ‪2014‬ع ۾ آزاد ڪميونيڪيشنز‪ ،‬ڪراچي وٽان ڇپايو ويو‪ .‬ٿورائتا آهيون محترم‬ ‫ڪنيا لعل جا جنهن پنهنجي هڙان وڙان رقم لڳائي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ‬ ‫سالمت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ الِء موڪليو آهي‪ .‬ڪمپوز دوران ڪيل ڪنهن به قسم جي‬ ‫غلطي ڪمپوزر پاران سمجهي وڃي ۽ اوهان دوستن کي عرض ته درستگين الِء اسان جي‬ ‫رهنمائي ڪجو‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬

‫مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )‬ ‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬ ‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪5‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫فهرست‬ ‫‪.1‬‬ ‫‪.2‬‬ ‫‪.3‬‬ ‫‪.4‬‬ ‫‪.5‬‬ ‫‪.6‬‬ ‫‪.7‬‬ ‫‪.8‬‬

‫پهرين ڇاپي جو مهاڳ‬ ‫نئين ڇاپي جو مهاڳ‬ ‫محشر خيال ‪ :‬ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو‬ ‫اتم ادب جو ڪارج ‪ :‬ڊاڪٽر غالم نبي سڌايو‬ ‫حاالت زندگي‬ ‫فرمودات الثاني‬ ‫ڪالم شريف‬ ‫ڪالم جي تفيصيلي فهرست‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪6‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪7‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪8‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪9‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪10‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪11‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫نئين ڇاپي جو مهاڳ‬ ‫محبوب سائين صادق علي شاهه صاحب صوفي القادري جن جا لک ٿورا ۽ احسان آهن‬ ‫جو شروع کان وٺي مرشد جو ڪالم ڇپرائڻ الِء اتساهيندا ۽ دعائون ڏيندا رهيا آهن‪.‬‬ ‫هن کان اڳ ‪۱۹۸۷‬ع ۾ بحرالعميق جو پهريون ڇاپو ‪ ۳۰۰۰‬ڪاپيون ۽ ‪۲۰۰۱‬ع ۾ ٻيو ڇاپو‬ ‫هڪ هزار ڪاپيون مرشد کي عقيدت جا گل پيش ڪرڻ الِء ڇپرايا هئم‪ .‬هاڻي هي ٽيون ڀيرو‬ ‫وري ڇپرائي رهيو آهيان اميد اٿم ته مرشد جي در تي هي ننڍڙي ڀيٽا قبول پوندي ۽ محبوب‬ ‫اڳيان آسوند آهيان مون کي سڄي حياتي پنهنجي خدمت جو موقعو عنايت ڪندا رهندا‪ ،‬جيئن‬ ‫هن ڌرتيَء تي صوفين جي تصوف‪ ،‬شانتي‪ ،‬ڀائيچاري ۽ محبت ۽ رب جي بندگيَء جو پيغام‬ ‫در در پهچي ۽ اڄ جي خودپرستي جي دور ۾ سورن ۾ ڦاٿل انسانيت صوفيت جي درس جي‬ ‫ُستي پي سجاڳ ٿئي‪.‬‬ ‫اميد اٿم ته هاڻ هن ڌرتيَء جو هر ماڻهو انهن اهلل وارن صوفي درويشن جي پيغام کي گهر‬ ‫گهر پهچائڻ الِء ڪوشش ڪندو‪.‬‬ ‫‪ ۱‬جنوري ‪،۲۰۰۴‬‬

‫فتح چند ڪارڙا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪12‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫پهرين ڇاپي جو مهاڳ‬ ‫وڏي خوشيَء جي ڳالهه آهي جو منهنجي سائين حضرت چيزل شاهه صوفي القادري جي‬ ‫سوانح حيات مع ڪالم شيرين سان آراسته پيراسته ٿي منظر عام تي اچي رهي آهي‪ .‬ان‬ ‫عظيم هستيَء ۽ خاندان معظمه سان بنده کي ۽ منهنجي خاندان خصوصا اسان جي ڏاڏي‬ ‫محترم دانو مل مرحوم کي عقيدت والهانه رهي آهي ‪.‬‬ ‫صوفي مت ۽ روحانيت وارن کي چڱي ريت پروڙ آهي ته عاشق باهلل جو هر نڪتل ڪلمو يا‬ ‫ڪالم شاه صاحب جي نظريه موجب‪:‬‬ ‫جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين‬ ‫نيو من الئين‪ ،‬پريان سندي پار ڏي‪.‬‬ ‫صوفيت عشق االهي جو درس ڏئي ٿي‪ ،‬جنهن ۾ مذهبي متڀيد کان مٿانهون سائين‬ ‫چيزل شاهه جو ڪالم به عشق االهي ۽ رمز حقيقي جو درس ڏئي ٿو‪.‬‬ ‫سائين جن جي ڪالم جي سهيڙ‪ ،‬ترتيب‪ ،‬حاالت‪ ،‬زندگي جي مواد ۾ هيٺين فقيرن جي تعاون‬ ‫۽ اشتراڪ جو ٿورائتو آهيان‪.‬‬ ‫(‪ )1‬فقير حسين بخش صاحب‪ )۲( ،‬مرحوم ماستر نواب علي زيب سومرو‪ )۳( ،‬فقير‬ ‫محمد پريل صاحب ڀٽي ۽ (‪ )۴‬غالم حسين ڏاهاڻي‪ .‬جيڪڏهن ڪا خامي پريس جي‬ ‫هجي ته درست ڪرڻ الِء اطالع ڏئي ٿورائتو ڪندا ته جيئن آئنده ڇاپي ۾ درستي‬ ‫ڪئي وڃي ‪.‬‬ ‫جيڪب آباد‬ ‫‪ ۳‬مارچ ‪۱۹۸۷‬ع‬

‫نيازمند‬ ‫فتح چند ڪنيا لعل‪ ،‬ڪارڙا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪13‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ٻين ڇاپي جو مهاڳ‬ ‫جيئن ته هن کان اڳ بحرالعميق جو پهريون ڇاپو سجاده نشين مرشد سائين صادق‬ ‫علي شاهه علي شاهه صاحب جن جي حڪم سان ‪۱۹۸۷‬ع ۾ ڇپرايو هو‪ .‬هاڻي هي ٻيو ڇاپو‬ ‫اوهان جي هٿن ۾ آهي‪ ،‬ڪوشش ڪري نواڻ آندي اٿم‪.‬‬ ‫هي سڀ ڪجهه فتح پور شريف جي مالڪن جي ڪرم نوازي آهي‪ ،‬جو مان ناچيز‬ ‫درگاهه الِء هي عقيدت جا گل چاڙهي رهيو آهيان‪ .‬مون کي هي عقيدت پنهنجي پيُء ڪنيا‬ ‫لعل ۽ ڏاڏي سائين محترم داني مل کان ورثي ۾ ملي ‪.‬‬ ‫منهنجو ڏاڏو سائين جن جي صحبت ۾ رهي ويدانت ۽ تصوف جي پنڌن پيچرن کان‬ ‫چڱيَء طرح ڄاڻو بڻجي چڪو هو‪ .‬هن کي خبر هئي ته مرشد جي صحبت ۾ رهي ڪيئن‬ ‫معرفت جو مقام ماڻي سگهجي ٿو‪ .‬اهو ئي سبب هو جو هنن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو‬ ‫درگاهه فتح پور جي خدمت ۾ وقف ڪيو هو‪.‬‬ ‫مون کي ياد آهي ته هو منهنجي ننڍپڻ کان وٺي منهنجي والد کان وڌيڪ منهنجي ذهني‬ ‫جال الِء پتوڙيندو رهندو هو ۽ هميشه روحاني رمزون فقيرن درويشن جي حاالت زندگي‪ ،‬انهن‬ ‫جو ڪالم ۽ ڪويتائون‪ ،‬ٻڌائي مننهنجي عشق ۾ اضافو ڪندو رهيو‪ .‬اهو ئي سبب آهي جو‬ ‫اڄ مان سائين جن جي ڪالم ۽ فقر کي عام ڪرڻ الِء هي ڇپائيَء جو سلسلو شروع ڪيو‬ ‫آهي‪ ،‬منهنجي ڪوشش ۾ عقيدت ۽ محبت کان سواِء ٻي ڪابه محنت يا ڪمال شامل ڪونه‬ ‫آهي‪ .‬هن کان اڳ ‪۱۹۹۲‬ع ۾ روضي ڌڻي قبله سائين‪ ،‬رکيل شاه صوفي القادري جن جي‬ ‫ڪالم جو مجموعو‪ ،‬بحرالعشق عقيدت طور ڇپائي پڌرو ڪيو هئم‪ ،‬مقصد ڪو دنيوي الڀ‬ ‫ڪونه آهي‪ .‬فقط مرشد جي خوشنودي‪ ،‬مرشد جي محبت جي پرچار ۽ فڪر کي عام ڪرڻ‬ ‫آهي‪ ،‬انهي خدمت طور مرشد کي عقيدت جا گل چاڙهڻ آهي‪.‬‬ ‫هن مجموعي ۾ سائين جن جي حاالت زندگيَء کان سواِء تصوف جي رمزن ۽ فرمودات سان‬ ‫گڏ سندس ڪالم کي پيش ڪيو ويو آهي‪ .‬جنهن ۾ ڪافيون‪ ،‬بيت سه حرفيون شامل ڪيون‬ ‫ويون آهن‪.‬‬ ‫ترتيب جي لحاظ کان سندس ڪافيون‪ُ ،‬سرن مطابق پهريون لکيون ويون آهن‪ .‬بعد ۾‬ ‫بيت ۽ سه حرفيون ڏنيون ويون آهن‪.‬‬ ‫سائين جن جو ڪالم‪ ،‬هندي‪ ،‬سنڌي‪ ،‬اردو‪ ،‬سرائيڪي ۽ بلوچي زبانن ۾ آهي‪ .‬اسان‬ ‫ڪوشش ڪري هن ڇاپي ۾ سائين جن جي سموري ڪالم کي سموهڻ جي ڪوشش ڪئي‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪14‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫آهي‪ .‬ڇو ته ڪجهه ڪالم پهرين ڇاپي ۾ رهجي ويا هئا‪ ،‬اهي هاڻ ٻي ڇاپي ۾ شامل ڪيا ويا‬ ‫آهن ‪.‬‬ ‫ڪتاب جي پروفنگ چيڪ ڪرڻ ۾ مون کي پنهنجي وڏي فرزند سڀاش چندر گهڻي‬ ‫مدد ڪئي آهي‪ .‬جيڪڏهن ڪنهن عقيدت مند وٽ ڪو رهيل ڪالم هجي ته اسان کي ڏياري‬ ‫موڪليو‪ ،‬جيئن آئينده ڇاپن ۾ شامل ڪري سگهجي‪.‬‬ ‫جيڪب آباد‬ ‫‪ ۱‬مارچ ‪۲۰۰۱‬ع‬

‫فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪15‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫محشر خيال‬ ‫اردوَء جي هڪ مصرع‪” :‬هي آدمي بجاِء خود اڪ محشر خيال“ _ ۾ انسان جي خياالت‬ ‫جي دنيا جو اشارو آهي‪ .‬ان موجب هن جي دل خياالت جي آباد دنيا آهي‪ .‬جنهن ۾ مجازي ۽‬ ‫روحاني زندگيَء جا پوپٽ رنگ سمايل آهن‪ .‬دنيا جي زندگي اعلي انسانن الِء هڪ قيد مثل‬ ‫آهي‪ .‬هنن جي واڳ ڌڻيَء وس آهي‪ .‬هو بيوس آهن‪ .‬جيئن سائين رکيل شاهه چيو‪:‬‬ ‫”وس نهين چلدا‪ ،‬حجت نه هلدي‪،‬‬ ‫رت رووان هٿ ڌووان جند پئي جلدي‪“.‬‬ ‫سنڌي ۽ سرائڪي شاعريَء جي روايت گذريل ٽن سون سالن ۾ چٽا رنگ ڀريا آهن‪.‬‬ ‫شاهه ڪريم‪ ،‬شاه عبدالطيف‪ ،‬سچل‪ ،‬خواجه فريد‪ ،‬بيدل‪ ،‬بيڪس‪ ،‬خوش خير محمد‪ ،‬سائين‬ ‫رکيل شاهه ۽ پوِء سندس فرزند سائين چيزل شاهه توڙي ٻين هن سلسي ۾ پاڻ مڃرايو آهي‪.‬‬ ‫سائين رکيل شاهه ۽ چيزل شاهه ارادت جي سلسي سان ڳنڍيل آهن‪ ،‬سو ميران پور جهوڪ‬ ‫جي حضرت شاهه عنايت شهيد سان ملي ٿو‪ :‬مٿي ويندي حضور صه سان تعلق آهي‪ .‬صوفي‬ ‫در ويشن انسان ذات کي خدا ڏانهن راغب ڪيو ۽ محبت جي هن تلقين ماڻهن ۾ انسان‬ ‫دوستي ۽ بي تعصبي پيدا ڪئي‪ .‬شاهه عنايت جي مريدن ۽ سائين رکيل ۽ سائين چيزل جي‬ ‫مريدن ۾ هندن جو هجڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي‪ .‬پنهنجي والد محترم وانگر سائين چيزل‬ ‫شاهه هڪ اعلي شاهه ۽ درويش هو‪ .‬سندس ڪالم نه رڳو تصوف جي تند تنوار سان بلند آهنگ‬ ‫۾ آهي‪ ،‬بلڪه شاعريَء جي روايت سان فن ۽ فڪر موجب ۾ ڳنڍيل آهي‪ .‬سنڌ ۾ ڪافيَء جا‬ ‫شاعر گهڻا آهن‪ .‬سائين رکيل ۽ چيزل به فني لحاظ کان سهڻيون ڪافيون چيون آهن‪ .‬سائين‬ ‫چيزل شاهه سنڌي ۽ سرائڪي اردو امتزاج سان ڪافيون چيون آهن‪ .‬عشق بادشاهه سندس‬ ‫ڪافي ڪالم جو خاص ۽ بنيادي موضوع آهي‪.‬‬ ‫فرمائي ٿو ته ‪:‬‬ ‫آڻي عشق آتش اندر ٻاري ڙي اديون‬ ‫جان جسم جند ڳاري‪ ،‬دردن ۾ ته آزاري‪ .‬ڙي اديون‬ ‫هڪ آُء سهڻل ڪنهن ڀيري‪،‬‬ ‫ٻيو ته چاڪ پون جگر جيري‪،‬‬ ‫ٽيون ڪري ڪيئن وري تاري ڙي اديون‪.‬‬ ‫انساني بوتو حقيقي محبوب جي رهڻ جو آستانو آهي‪ .‬آدم جو ويس پائي محبوب‬ ‫اچي واسو ڪيو آهي آدم ۾ اظهار ڪيو اٿس ‪.‬‬ ‫سائين چيزل فرمائين ٿا ته ‪:‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪16‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ٿلهه‪ :‬بيرنگ برقعو پائي پائي‪.‬‬ ‫آيو آدم هت اظهار ٿي‪.‬‬ ‫علم العين يقين تون ڄاڻي‪،‬‬ ‫احد ۽ احمد فرق نه آڻين‬ ‫وچون ميم وڃائي‪.‬‬ ‫آيو سڀن نبين جو سردار ٿي‪.‬‬ ‫آدم جو اوالد نه آهيون بلڪ آدم اسان جو ڄايو آهي‪ .‬جيئن ُبال شاهه چيو تيئن ٻين به‬ ‫ڪيترن صوفين ۽ اهلل جي عاشقن به آالپيو‪.‬‬ ‫چيزل سائين فرمائين ٿا ته‪:‬‬ ‫ڪون اسان نون لوڪ سمجهاوي؟‬ ‫اسين آدم دي اوالد نه ڄائي‪.‬‬ ‫ڪاڻ تماشي هتڙي آيم‬ ‫مٽ نه ڪنهن دا نه ڪوئي ڄايم‬ ‫سير سلطاني حقيقي پايم‬ ‫خيال ڳيا لنگهه سفر سجائي‪.‬‬ ‫عشق واليان نون هادي هدايت‬ ‫راهه رهبر سچ ڏسي هي وحدت‬ ‫ٻيا ڪونه ڪريسي سانون نصيحت‬ ‫چيزل نعرا نينهن وڄائي‪.‬‬ ‫شعر ۾ عارفن هڪ ته اعلي اڏام ڪندي ُاهي خيال ظاهر ڪيا آهن‪ ،‬جن جي خبر به‬ ‫اهڙن عارفن کي ئي آهي‪ .‬ٻيو ته زبان جو فرق به نه رکيو اٿن‪ .‬ڇا سرائڪي ڇا سنڌي هندي ۽‬ ‫اردو‪ ،‬هنن ته ُاڏام ئي ڪئي آهي‪ .‬بلند پرواز ۾ آهن‪ .‬سائين چيزل شاهه وٽ به ُاها بلدن پرواز‬ ‫آهي‪:‬‬ ‫تيري عجب اسرار ڪا‪ ،‬مجهه ڪو هئا ڪيسي خبر‪،‬‬ ‫هم هون هردم درد سي ديوان او در بدر‪.‬‬ ‫گلي گلي ۾ گول ڪرڪي‬ ‫يار آيوسي نظر‪،‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪17‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ديدار ميري دل ڪو لٽيا‬ ‫ڦر آوي ڪيوين صبر‪.‬‬ ‫بره ڪي بازار ۾‬ ‫سودا ڪيا هي سر بسر‪،‬‬ ‫العشق نار اهلل سي‬ ‫جل گيا جانون جگر‪.‬‬ ‫مطلب ته اهلل جي عاشقن جي زبان پنهنجي‪ ،‬انهن جو بيان پنهنجو‪ .‬هن زبان ۽ بيان‬ ‫جو اثر به دل وارن تي ٿيو‪ .‬دکي خلق ڏانهن رجوع ٿي ۽ سک جو ساهه کنيائون‪ .‬رسالو بحر‬ ‫العشق (سائين رکيل) ۽ رسالو بحر العميق (سائين چيزل) درد درياَء آهن‪ .‬عشق جي عميق بحر‬ ‫جا واقف سڄي اسرار کي سمجهن ٿا‪ .‬هڪ ڀيري وري بحرالعميق سڪ وارن الِء ميسر ٿيو‪.‬‬ ‫والسالم‬ ‫‪ ۱۹۴‬شهريار منزل‪،‬‬ ‫شاه لطيف روڊ‬ ‫بدين‪ ،‬سنڌ‬

‫ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪18‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫اتم ادب جو ڪارج‬ ‫ادب کي زندگيَء کان ڪڏه ن به ڌار ڪري نٿو سگهجي‪ ،‬ڇو ته ادب زندگيَء جواهڙو‬ ‫سچو سينگار آهي‪ .‬جنهن سان زندگيَء جي اڻٽر ۽ اصولي مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ آگهي حاصل‬ ‫ٿئي ٿي‪ .‬جيڪو اڻ ٿيڻو آهي‪ .‬سندر ناهي ۽ سک ۽ سالمتي جي ڄاڻ نٿو ڏي اهو ڪنهن به‬ ‫طرح ساهت ناهي‪ ،‬ڪال ناهي‪ .‬ڪال ۽ ساهت اها سڦلي‪.‬چئبي جنهن ۾ قومي ۽ سماجي مسئلن‬ ‫کي اوليت ۽اهميت ڏنل هجي ‪.‬‬ ‫انسان جي مهانتا ۽ وڏائي آتما (روح) سمايل آدمي مڙئي مهربانيون ۽ بخششون کيس‬ ‫قدرت کان مليل آهن‪ .‬انسان جو فرض کوجنا ۽ ڪوشش ڪرڻ آهي‪ ،‬جڏهن ڪو منش انهيَء‬ ‫مقصد کي حاصل ڪري ٿو اهو ئي زندگيَء جي سڦلتا ماڻي ٿو‪.‬‬ ‫اسان جنهن منش جو وستار ڪري رهيا آهيون‪ ،‬اهو فطرت جي جوت جو هڪ ننڍڙو‬ ‫ترورو آهي‪ .‬جنهن جو من سوچيندڙ آهي‪ ،‬جنهن ۾ قدرت جي ڳجهن پروڙڻ جي چاهنا آهي ۽‬ ‫جيڪو پنهنجو آئيندو سٽي ۽ رٿي سگهي ٿو‪ .‬اصل ڳالهه اها ته حياتيَء جي ورقن تي ويچارڻ‪،‬‬ ‫پر ماتما جي سندرتا پکيڙڻ وارن گياني سنتن جي چاهت جو ٻوٽو سندس وشواس ۾ سمايل‬ ‫آهي‪ .‬اها سٻاجهڙي شخصيت جيڪب آباد جي رهواسي فتح چند ڪنيالعل ڪارڙا جي آهي‬ ‫جنهن جي ويساه جي واڳ سندس روحاني مرشد (گرو) سيد رکيل شاهه ۽ سندس فرزند سيد‬ ‫چيزل شاه جي پوتر هٿن ۾ آهي‪ .‬سندس نالي جو ڇيد ڪبو ته سڌو سنئون واسطو درگاهه فتح‬ ‫پور شريف سان نظر ايندو‪ ،‬اهو ئي ڪارڻ آهي جو فتح چند سدائين فتح پور درگاهه سان‬ ‫واڳيل رهي ٿو‪.‬‬ ‫سندس ڏاڏوسرڳواسي دانومل انهي سچي درٻار جو چيلو هو‪ .‬سائين جن جي صحبت‬ ‫۾ رهي هن تصوف جي تعليم ورتي‪ .‬فتح چند جي جي ٻالڪپڻي ۾ روحاني پرورش سندس‬ ‫ڏاڏي دانيمل ڪئي‪ ،‬هو سندس آتما ۽ ذهن جي پٽي تي هر هر اهي گفتا آڻڻ جي ڪوشش‬ ‫ڪندو هو ته ” بابا ڪرمن جي گتي نياري آهي‪ ،‬هي جڳ جو چڪر پيو گهاڻي جيان ڦرندو‪،‬‬ ‫سنها ته پيا پيسجن پر سوايا بچيو وڃن ٿا‪ ،‬نيٺ هڪ ڏينهن سوايا ۽ تونگر به نيچو ڏسندا‪.‬‬ ‫سکڻا ڪنگر پيا ڀرجن ۽ ڀريل سکڻا ٿيو وڃن‪ .‬ڪڏهن راجائون پيا پينو ٿين ته ڪڏهن بيکاري‬ ‫پيا بادشاهه بڻجن‪ .‬ڪٿي سورن جو سنسار آهي ته ڪٿي سکن جون سيجون وڇايل آهن ڪڏهن‬ ‫ڏينهن آهي ته ڪڏهن رات انهي کي ڪرمن جو چڪر چئجي ٿو‪ .‬انهي ڳوڙهي ڳجهارت کي‬ ‫سائين چيزل هيئن سلجهايو آهي پٽ“‪.‬‬ ‫ڳوال ڪرج ڳجهه ۾‪ ،‬رکج طلب تمام‪،‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪19‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ماري نفي نفس کي‪ ،‬ڇڏ وڃائج پاڻ‪،‬‬ ‫جاچي ڏس جيَء اندر ۾‪ ،‬سارو ٿي سبحان‪،‬‬ ‫چيزل پوئي تون ڄاڻ‪ ،‬ته هر جاِء حاضر هڪ ٿي‪.‬‬ ‫ڏاڏي داني مل جي انهي طريقي واري تعليم فتح چند جي جيَء ۾ رچي ويئي آهي‪.‬‬ ‫ڪاروبار هجي يا سماجي ڪم ڪار‪ ،‬ڌرمي ڪم هجن يا ساهت ۽ صحافت هجي‪ ،‬هر هنڌ‬ ‫سندس سوچ ۾اٿاهه پيار‪ ،‬پهنجائپ‪ ،‬ڪهل ۽ ڪهڪاُء رهي ٿو‪.‬‬ ‫اتم ادب جا رچيندڙ حق پرست ٿين ٿا ۽ هر هنڌ سچ کي ڦهالئي ڀالئيَء جي پرچار ڪن‬ ‫ٿا‪ .‬اسان جي صوفين ۽ سنتن سدائين سچ ۽ پيار جي پرچار پئي ڪئي آهي‪ .‬سائين رکيل‬ ‫شاهه ۽ س ائين چيزل شاهه به ساڳي ئي ڌارا جا ٻه وهڪرا آهن‪ .‬انهن جي فڪر کي عام ڪرڻ‬ ‫اتساهت وارو ڪم آهي‪ .‬فتح چند ڪارڙا ٻنهي صوفي بزگن جي ڪالم جي ڦهالَء الِء‪ ،‬عقيدي‬ ‫جو اظهار سندس ڪالم کي ڇپائي ڪيو آهي ‪.‬‬ ‫فتح چند هڪ سچو پريمي ۽ شيواداري منش آهي‪ .‬اسڪول ۾ اسڪائونٽنگ کان‬ ‫شروع ڪيل سماجي ڪم‪۱۹۸۳ ،‬ع ۾ نوجوان سماج سنگت جي جوڙجڪ تائين پهتو‪ .‬ان‬ ‫تنظيم جي سهڪار سان شيوا ڪلينڪ قائم ڪئي ويئي جيڪا اڄ سوڌو بنا ڀيد ڀاُء جي هندو‬ ‫مسلم جي شيوا پئي ڪري‪ .‬اخبار نويسي اختيار ڪري روزانه عوامي آواز ذريعي ضلعي‬ ‫جي عوام جا مسئال سلجهائڻ الِء جتن ڪندو رهي ٿو‪.‬‬ ‫جيڪب آبد جي يونين آف جرنلٽس جو سال ‪۱۹۹۶‬ع ‪۱۹۹۷‬ع الِء ٻه دفعا صدر چونڊجي‪،‬‬ ‫پريس جي آزادي ۽ پريس نمائدن جي مسئلن کي هل ڪرڻ الِء پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي‪.‬‬ ‫اخب اري پتر لکڻ سان گڏ سائين رکيل شاهه بادشاهه جي ڪالم کي بحر العشق جي‬ ‫نالي سان نئين سر سموهي‪ ،‬ڪجهه واڌارن سان پنهنجي هٿان ڇپرايو اٿس ۽ گڏوگڏ سائين‬ ‫چيزل شاهه جي ڪالمي مجمومي بحرالعميق کي هڪ دفعوسال ‪۱۹۸۷‬ع ۾ ڇپرايو هيائين ۽‬ ‫هينئر ٻيهر انهيَء مجموعي کي ڪجهه ترتيبي تبديلين سان ڇاپي هيٺ آڻي رهيو آهي‪.‬‬ ‫اها سندس فڪري عقيدت‪ ،‬اڻ ڳڻيا گڻ ۽ شيوا جي سڳنڌ هر سنڌ واسي صوفي‪ ،‬توڙي‬ ‫صوفيانه شاعري سان انس رکندڙ انسان سدائين ماڻيندا رهندا‪.‬‬ ‫منهنجو ويساهه آهي ته چيزل سائين جي ڪالم جي بدولت فتح چند ڪنيا لعل وڌيڪ‬ ‫سوڀيا ماڻيندو ۽ ُ‬ ‫مان پائيندو‪.‬‬ ‫العابده‪ ،‬غريب آباد‬ ‫جيڪب آباد‬ ‫‪۲۰۰۱.۳.۱‬ع‬

‫ڊاڪٽر غالم نبي سڌايو‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪20‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫حاالت زندگي‬ ‫(الف) خاندان‪:‬‬ ‫مرشد ڪامل‪ ،‬سلطان العارفين مجدد امام سخي دوران حضرت سائين چيزل شاهه‬ ‫صوفي القادري رحمت اهلل عليه جو دود مان عاليه حسيني علوي هاشمي آهي‪ ،‬حضرت امام‬ ‫علي رضا عليه الصلواه و سالم سان سلسله ۽ نسب هجڻ سبب رضوي پڻ آهي‪.‬‬ ‫سلسله ۽ شجره بحر العشق جي حوالي مطابق هن ريت آهي‪:‬‬ ‫حضرت سائين چيزل شاه (عزيز شاه) بن سيد رکيل شاهه بن سيد نور محمد شاهه بن سيد‬ ‫رکيل شاهه بن سيد عزيز اهلل شاهه بن اول شاه‪ ،‬بن سيد ولي شاهه‪ ،‬بن سيد محمد بقا شاهه‪،‬‬ ‫بن سيد رستم شاه‪ ،‬بن سيد ولي شاه بن سيد رستم شاه‪ ،‬بن سيد عبدالنبي شاه بن سيد‬ ‫سلي مان شاه‪ ،‬بن سيد الشار شاه‪ ،‬بن سيد حامد شاه‪ ،‬بن سيد جان نثار شاه‪ ،‬بن سيد عبدالنبي‬ ‫شاه‪ ،‬بن سيد ننگر شاه‪ ،‬بن سيد عارب شاه‪ ،‬بن سيد طاهر شاہ‪ ،‬بن سيد ننگر شاه‪ ،‬بن سيد‬ ‫حسين شاه‪ ،‬بن سيد حيات شاه‪ ،‬بن سيد حسين شاه‪ ،‬بن سيد بائث شاه‪ ،‬بن سيد حسين شاه‪ ،‬بن‬ ‫سيد عبدالولي ش اه‪ ،‬بن سيد عبدالحميد شاه‪ ،‬بن سيد فريد شاه‪ ،‬بن سيد عبداهلل شاه‪ ،‬بن سيد‬ ‫جنيد شاه‪ ،‬بن نظام الدين شاه‪ ،‬بن سيد محمد شاه‪ ،‬بن سيد قاسم شاه‪ ،‬بن سيد عبدالحميد شاه‪،‬‬ ‫بن سيد علي شاه‪ ،‬بن سيد يونس شاه‪ ،‬بن سيد اسحاق شاه‪ ،‬بن سيد عالم شاه‪ ،‬بن سيد جعفر‬ ‫شاه‪ ،‬بن سيد عقيل شاه بن سيد موسي شاه‪ ،‬بن سيد محمد تقي شاه‪ ،‬بن سيد علي نقي شاه‪،‬‬ ‫بن سيد امام علي رضا شاه‪ ،‬بن امام موسي ڪاظم بن سيد امام جعفر صادق‪ ،‬بن امام محمد‬ ‫باقر‪ ،‬بن امام زين العابدين‪ ،‬بن حسين عليه السالم‪ ،‬بن يعسوب الدين امير المؤمنين علي‬ ‫ڪرم اهلل وجه ولي و وصي رسول اهلل صه‪.‬‬ ‫(ب) سڪونت آباِء وجداد‪:‬‬ ‫سائين چيزل شاه جا وڏا عربستان‪ ،‬عراق‪ ،‬ايران مان هجرت ڪري بلوچستان جهڙي‬ ‫گرم ۽ وارياسي عالئقي ۾ آباد ٿيا‪ .‬سندس رهائش جو هنڌ فتح پور آهي‪ ،‬سائين جن جي‬ ‫ڏاڏنگ مان سيد عبدالنبي ”سوا ڪيسري“ وارو ولي‪ ،‬صاحب واليت هو ۽ بزرگ سلطان‬ ‫العارفين روضي ڌڻي رکيل شاه نوراني عشق‪ ،‬حقيقت سان رڱيل ۽ فيض رسان مشهور ۽‬ ‫معروف آهن‪ ،‬وڌيڪ تفصلي احوالي بحرالعشق ۾ مرقوم آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪21‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(ت) واالدت باسعادت‪:‬‬ ‫حضرت چيزل شاه صاحب جمعي جي رات ماهه جمادي الثاني ‪1332‬هجري سنه ۾ مرشد‬ ‫ڪامل سائين رکيل شاه جي گهر فتح پور شريف ۾ تولد ٿيا‪ ،‬يعني رب القدوس هن عالئقي‬ ‫تي پنهنجو لطف و رحمت جي برسات جاري رکي‪.‬‬ ‫هڪڙي ڏينهن والده ماجده کيس وهنجاري سينگاري پينگهي ۾ سمهاري کيس لوڏڻ لڳي‪،‬‬ ‫اوچتو سائين چيزل شاه جي سر مبارڪ سان لڳ ڪارو نانگ ڏٺو‪ ،‬بي بي سانئڻ خوف کان‬ ‫روضي ڌڻي سائين رکيل شاه وٽ ويئي‪ ،‬سائين رکيل شاه عبادت اهلل ۾ مصروف هئا‪ ،‬بي‬ ‫بي صاحبه سڄي حقيقت ڪئي‪ .‬ان تي سلطان العاشقين فرمايو ته‪ ،‬اهو نانگ نه بلڪ اهو‬ ‫عشق جو تاج آهي‪ ،‬ڪو به خوف نه ڪر‪ ،‬وڃي ٻيهر ڏس‪ ،‬بي بي سانئڻ حضرت چيزل شاه جا‬ ‫وار مبارڪ ڪاري نانگ وانگر دراز ڏٺا‪.‬‬ ‫هڪڙي ڏينهن سائين چيزل شاه ٻارن سان راند ڪري رهيو هو ته‪ ،‬کيس هڪ مجذوب‬ ‫ساوڻ فقير ڏسي فرمايو ته‪ :‬بلند اختر شهزادو دنيا جي دوريشن جا امام ٿيندا ۽ ٻارن کي‬ ‫چيائين ته‪ ،‬هن سان نه وڙهجو‪ .‬ان تي اتي بيٺل عام ماڻن چيو ته‪ ،‬چريا هي ٻار آهن‪ .‬ڪڏهن‬ ‫وڙهندا‪ ،‬ته ڪڏهن کيڏندا‪ ،‬ان تي ساوڻ مجذوب چيو ته‪ ،‬هي شهزادو دنيا جي عاشقن جو امام‬ ‫مجدد آهي‪ ،‬ان سان ٻار ڇو وڙهن؟ سائين جن جو حليه مبارڪ هن ريت آهي‪:‬‬ ‫‪ .1‬رنگ گندمي‪ ،‬ڪشاده پيشاني‬ ‫‪ .2‬ڪارا ڊگها چمڪدار وار‬ ‫‪ .3‬سياهه ابرو هالل وانگر‬ ‫‪ .4‬ٻاجهاريون وڏيون چمڪدار ۽ تابدا چشم‬ ‫‪ .5‬نڪ نوڪدار‬ ‫‪ .6‬شهپر گهاٽا مگر سنت‪ ،‬نبوي موجب‪ ،‬موزون سونهاري ڏاڙهي مٺ برابر‪.‬‬ ‫‪ .7‬پير‪ ،‬لڪ دار‬ ‫‪ .8‬قد ۾ قداور ۽ موزون قامت‪.‬‬ ‫(نوٽ) محفل سماع دوران سائين مالڪن جي حليه مبارڪ الِء هي چوڻ الزمي ٿئي ٿو ته‪ ،‬هر‬ ‫گهڙي هر ساعت چهري مبارڪ جي ڪيفييت نياري نياري رهندي هئي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪22‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪23‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪24‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(ث) تعليم و تربيت ۽ شادي مبارڪ‪:‬‬ ‫فرمان آهي ته‪ ،‬و علمنا من الدني علمامون کان انهن کي علم عطا ٿيل آهي‪ ،‬روز ازل‬ ‫کان عاشقن کي معرفت علم لدني حاصل آهي‪ ،‬مگر دنيا جي ظاهري دستور مطابق حضرت‬ ‫چيزل شاه کي سائين رکيل شاه قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ الِء پير سيد رسول بخش شاه جن‬ ‫وٽ ويهاريو‪ .‬جڏهن درس قرآن پاڪ جي ابتدا ٿي ته مرشد ڪامل راند روند ترڪ ڪري ڇڏي‪.‬‬ ‫درس قرآن پاڪ کان فارغ ٿي‪ ،‬سائين سلطان العارفين جي حضور ۾ پهچي‪ ،‬ات رهندا هئا‪،‬‬ ‫جتي کيس روحاني تعليم به ملندي رهي‪ ،‬پاڻ عربي‪ ،‬فارسي ۽ اردو جي ظاهري تعليم سان‬ ‫سينگارجي ويا‪ .‬ديني دنيوي ۽ روحاني علم سان رڱجي ريٽا ٿي ويا‪.‬‬ ‫جڏهن سائين جن جي عمر چوڏنهن سال ٿي‪ ،‬ان وقت سنت نبوي موجب‪ ،‬بمطابق‬ ‫شريعت محمدي شادي مبارڪ ڪيائون‪ .‬سندن شادي ڏاڏنگ مان ٿي‪ .‬ٻي شادي جيڪب آباد‬ ‫جي بخاري ساداتن مان ٿي‪ ،‬جنهن مان کين پٽ جو اوالد ڪونه ٿيو‪.‬‬ ‫(ج) بيعت ۽ طريقت‬ ‫مرشد ڪامل سائين چيزل شاه ايڪويهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد محترم جي‬ ‫هٿ تي بيعت ڪري صوفي القادري مسلڪ ۾ شامل ٿيا‪.‬‬ ‫ظاهري دنيا وارن الِء مرشد جو هجڻ ضروري آهي‪ .‬هڪ حديث آه ته‪” :‬من الشيخ له‬ ‫فاشيخ هو الشيطان“ جنهن کي مرشد نه آهي انهي جو مرشد شيطان آهي‪.‬‬ ‫اگرچه عاشقن کي راهه ۽ رسم جي خبر ازل کان آهي‪ ،‬تاهم ظاهر راهه عشق الِء رهبر جي‬ ‫ضرورت آهي‪ .‬جيئن اتباع‪ ،‬انڪسار‪ ،‬خضوع ۽ خشوع جي ذريعي منزل‪ ،‬حق ڏانهن راغب‬ ‫ٿئي‪ ،‬طالبن کي انهيَء رمز مان گذرڻ ضروري آهي‪ .‬مرشد ڪامل ئي پنهنجي مريد کي ورد‬ ‫و ظائف ڏئي جي تڪميل الِء آماده ڪندو آهي‪ .‬ان طرح طريقت جي ذريعي ئي معرفت کي‬ ‫پهچبو آهي‪.‬‬ ‫اهل تصوف وٽ پنج ڏاڪا هوندا آهن‪ ،‬جن جي ذريعي عاشق واصل باهلل ٿين ٿا‪.‬‬ ‫‪.1‬‬ ‫‪.2‬‬ ‫‪.3‬‬ ‫‪.4‬‬ ‫‪.5‬‬

‫شريعت‪ :‬يعني اسالمي ارڪان ۽ عقائد جي پختگي‬ ‫طريقت‪ :‬يعني مرشد حق جي اتباع‬ ‫معرفت‪ :‬يعني رسول مقبول صه تائين رسائي ۽ خدا جي ساڃاهه ۽ ڪل ڄاڻ ملي‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه جي نظريه ۾ حقيقت تائين پهچڻ کان پوِء معرفت حاصل ٿئي ٿي‪.‬‬ ‫حقيقت‪ :‬يعني اهلل تبارڪ و تعالي جي ڄاڻ ۽ پاڻ ۾ پرتو پسڻ‪.‬‬ ‫بقا دوام‪ :‬يعني خدا جي ذات ۾ گم ٿي وحدت ۾ وحدت ٿيڻ‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪25‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(نوٽ ‪ :‬چئن مقامن کان پوِء حقيقت دوام آهي ڪثرت مان ڦري وحدت ۾ گم ٿي‪ ،‬واحد‬ ‫ٿيڻ آهي‪).‬‬ ‫پهرين ڏاڪي جي صورت ۾ عبادات‪ ،‬تذڪير ۽ تهليل جون سڀ راهون سر ڪرڻيون‬ ‫آهين‪ .‬هن ۾ امرو نواحي کي اهميت آهي‪ .‬مثال‪:‬‬ ‫(‪ )1‬ومااناڪم الرسول فخذوه و مانهي ڪم عنه فانتهو‪.‬‬ ‫(۽ جيڪو توهان کي رسول ڏئي‪ ،‬ان کي وٺو ۽ جنهن کان توهان کي روڪي ته پوِء رڪجي‬ ‫وڃو‪).‬‬ ‫(‪ )2‬ومن يطع الرسول فقد اطاع اهلل‬ ‫(۽ جنهن رسول جي تابعداري ڪئي‪ ،‬تنهن اهلل جي تابعداري ڪئي‪).‬‬ ‫(‪ )3‬واطيعو اهلل واطيعو الرسول‬ ‫(۽ خدا جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي تابعدري ڪريو‪).‬‬ ‫(‪ )4‬فال و ربڪ االيو منون حتي يحڪوڪ‪.‬‬ ‫(۽ پوِء قسم آهي تنهنجي رب جو اهو تيسين مومن نه آهي جيسين توکي (حضور اڪرم)‬ ‫حاڪم نه مڃي‪).‬‬ ‫ان وقت ئي طريقت ۽ رياضت ۽ مجاهدن جي ضرورت ٿئي ٿي‪ ،‬طريقت جي ذريعي‬ ‫ٽئين ڏاڪي تائين پهچي ٿو‪ ،‬ٽئين ڏاڪي کان پوِء چوٿين ڏاڪي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي‪.‬‬ ‫معرفت جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته‪ ،‬هستي رسول مقبول ڇا آهي‪ ،‬مثال‪:‬‬ ‫(‪ )1‬لوالڪ لما خلقت االفالڪ‬ ‫(۽ جيڪڏهن توکي (محمد صه) پيدا نه ڪريان ها ته دنيا کي پيدا نه ڪريان ها‪).‬‬ ‫انا ارسلناڪ بالحق بشيرا و نذيرا‬ ‫(اسان توکي حق سان بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو‪).‬‬ ‫انا من نور اهلل و خلق ڪلهم من نوري‬ ‫(مان اهلل جي نور مان آهيان ۽ ڪل مخلوق منهنجي نور مان آهي‪).‬‬ ‫اول مان خلق اهلل من نوري‬ ‫(پهرين اهلل تعالي منهنجو نور پيدا ڪيو‪).‬‬ ‫مجاهدات‬ ‫حضرت سائين چيزل شاه پنهنجي مرشد نوراني جي حڪم سان مجاهدات ۽ رياضت‬ ‫۾ همه تن مصروف رهندا هئا ڇو ته طريقت ۾ هي ڳالهيون گهڻي اهميت جون حامل آهن‪.‬‬

‫فان مع العسريسرا ان مع العسريسرا‬

‫(تحقيق سختي سان آساني‪ ،‬تحقيق آساني سان اهنج آهي‪).‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪26‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫موتوا قبل ان تموتوا‪.‬‬ ‫(مرو مرڻ کان اڳ)‬

‫يمشي علي الراس بدون القدم‬

‫(پيرن جي بجاِء مٿي ڀر هلڻو آهي‪).‬‬ ‫انهيَء کان سواِء هيٺين ريت ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي‪:‬‬

‫الحياه الدنيا االمتاع الغرور‬

‫(دنيا جي زندگي تڪبر ۽ وڏائي جو سامان آهي‪).‬‬

‫توڪل علي اهلل ان اهلل يحب المتوڪلين‬

‫(اهلل تي ڀروسو رکو‪ ،‬تحقيق اهلل تعالي توڪل ڪندڙن سان محبت ڪري ٿو‪).‬‬

‫هڪ دفعي سائين پاڻ مجاهده ۾ مستغرق ٿي ويا‪ .‬ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا‪ ،‬امان سانئڻ‬ ‫کي خيال ٿي پيو‪ ،‬وڃي روضي ڌڻي کان حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي‪ ،‬روضي ڌڻي فقير‬ ‫فيض محمد کي چيو ته‪ ،‬شهزادي کي ڏس‪ ،‬صحبت ڪري چويس جو هو ڪاهي پيو آهي‪ .‬مڇ‬ ‫۾ عشق موال جو باهه آهي‪ ،‬هڪ مچ مان لنگهي ٻئي ۾ ٽپي پيو‪ ،‬متان مچ کيس ساڙي ڇڏي‬ ‫عربي ۾ مقوله‪:‬‬ ‫العشق ناريحرق ڪلم شيِء ما سوا اهلل‬ ‫عشق باهه آهي سڀ کي ساڙي ٿو‪ ،‬سواِء اهلل جي‪.‬‬ ‫فقير فيض محمد سائين جن وٽ پهچي حق موجود چئي ويهي رهيو‪ .‬پر پاڻ استغراق‬ ‫۾ مست ۽ محو رهيا‪ .‬آخر فقير واپس ٿي روضي ڌڻي وٽ عشاَء جي وقت حاضر ٿيو‪ .‬جڏهن‬ ‫سماع جو رهاڻ شروع ٿيڻ واري هئي ته به پاڻ سائين جن روضي ڌڻي جي آڏو حاضر ٿيا‪.‬‬ ‫روضي ڌڻي فقير کان خبر معلوم ڪئي‪ ،‬جنهن جوابا عرض ڪيو ته‪” ،‬قبال سائين جن جي‬ ‫فرمان موجب ات ويس‪ ،‬پر هتي عشق جو غلبو ۽ مستي حال آهن‪ ،‬ڪنهن صحبت جي‬ ‫ضرورت ڪونه آهي‪ .‬مان ويهي ويهي موٽي آيس پاڻ واجهائي به نه ڏٺائون‪ “.‬روضي ڌڻي‬ ‫فرمايو ته‪” ،‬سڀاڻي مان پاڻ ويندس‪ “.‬ٻئي ڏينهن حضرت سائين نوراني جن پاڻ فقيري کاڌو‬ ‫کڻي وٽس ويا‪ ،‬جڏهن سائين چيز ل شاه مرشد نوراني رکيل شاهه صاحب کي ايندو ڏٺو‪ ،‬هٿ‬ ‫ادب جا ٻڌي جهڪي بيهي رهيا‪ ،‬پاڻ سائين رکيل شاه ويٺو ته سائين چيزل شاه ادب کان گوڏا‬ ‫ڀڃي ويٺو‪ .‬روضي ڌڻي هدايت ڪندا ۽ سمجهائيندا رهيا‪ ،‬سائين جن ڌيان سان ويٺي ٻڌو‪،‬‬ ‫ڪجهه وقت جي ڪچهري کان پوِء سائين جن شهنشاهه نوراني سان گڏجي خير سان گهر‬ ‫روانا ٿيا‪.‬‬ ‫ان وقت همه اوست ۾ داخل ٿي نئون ٻول دهريائون‪:‬‬ ‫دور ہے یارو دیس ہمارا کہاں عجب سے آیا ہے‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪27‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫واہ واہ سیراسی ہے جگ کا کس ںے آپ بںایا ہے‬ ‫ظاہر ابںا یام دھرا کر عاید لوگ سڈایا ہے‬

‫چیزل میری ذات ںہ کائی یا تو کس کا جایا ہے‬ ‫بي بي سانئڻ شهنشاه کان خبر پڇڻ آئي ته کيس شهنشاهه فرمايو ته‪” ،‬تون چوين ٿي‬ ‫ته منهنجو پٽ آهي‪ ،‬مان دعوي ڪريان ٿو ته منهنجو پٽ‪ ،‬پر پاڻ چيزل شاهه چوي ٿو ته‪ ،‬مان‬ ‫ڪنهن جو ڄايو نه آهيان‪ ،‬پاڻ سائين چيزل شاهه ايتري ته رياضت ۽ مجاهده ڪيو‪ .‬شهنشاهه‬ ‫راضي ٿي کيس هر راز اسرار غيبي خزانن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي‪“.‬‬ ‫رياضت ۽ مجاهدي دوران عجب عجب ڪرشما نمودار ٿيا‪ ،‬جو حقيقت‪ ،‬معرفت کان‬ ‫لنگهي وڃي بقا باهلل کي رسيا‪.‬‬ ‫(خ) همه از اوست ‪ ،‬همه اوست‬ ‫فرهنگ‪ :‬وحدت مان ڪثرت ۽ ڪثرت ئي وحدت‪:‬‬ ‫مجاهدات جي دوران عجيب و غريب عجائبات ڏسڻ ۾ اچن ٿا‪ ،‬حال ۾ مستي ۽ خودي‬ ‫اجاگر ٿئي ٿي‪ .‬اهڙي ريت سائين چيزل شاهه جن عجائب ۽ مظاهر‪ ،‬قدرت ۾ وحدت ڏٺي‪ ،‬يعني‬ ‫ڪثرت مان وحدت مان ڪثرت جتي دوئي جا پردا چاڪ ٿي ويا‪.‬‬ ‫پاڻ فرمائن ٿا ته‪:‬‬ ‫اپني مهر موال سي معراج ڪيا‪....‬‬ ‫مطلب ته خدا خود اسم جو اولو بشري پهري اثبات ۾ آيو ۽ معراج ڪري‪ ،‬ارتقا جو‬ ‫مقصد سمجهايو‪( .‬عملي طريقي سان)‬ ‫در دروئی جسم کی هين یادساهی مين کںا؟‬ ‫یادساهی کچھ نهين‪ ،‬ہم خود جدائی مين کںا؟‬ ‫مطلب ته سائين چيزل شاه چوي ٿو ته‪ ،‬مان پنهنجي جسم اندر راز پاتم‪ ،‬ظاهري‬ ‫بادشاهي ڪجهه به نه آهي‪ .‬بلڪه مان جو ڪجهه ڪيو‪ ،‬اهو خدا بڻجي ڪيو‪ ،‬ڇو ته مان خود‬ ‫خدا آهيان‪ .‬انهي کان سواِء وحدت ڪل جا گهڻا راز مختلف ڪالمن ۾ واضح فرمايا آهن‪:‬‬

‫(و) وصال‪:‬‬ ‫حديث‪ :‬اال ان اولياَء اهلل اليمونتون بل ينقلبون من الدار الي الدار‪:‬‬ ‫اولياَء اهلل مرن نه ٿا‪ ،‬بلڪ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ٿي وڃن ٿا‪.‬‬ ‫‪ 16‬مئي ‪1984‬ع اربع ڏينهن شام جو ‪ 8‬وڳي بمطابق سنه ‪1404‬هجري بروز اربع‪ ،‬تاريخ ‪ 15‬ماهه‬ ‫شعبان تي هن جهان مان برقعو مٽايو ۽ دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا‪( .‬قالوانا هلل و انا اليه راجعون‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪28‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫رضينا بقضا اهلل) پاڻ سائين جن ڪل ٻاهتر ورهيه اولي بشري ۾ رهي درس حقيقت ڏنو ۽‬ ‫طالبن ج ي تاس اجهائي‪ ،‬راهه محبت ۾ شهيد ٿي شهادت جو سبق پنهنجي طالبن کي سيکارڻ‬ ‫۾ وقت گذاريائون‪ .‬بمصداق‪ ،‬من مات في حب اهلل فقد مات شهيد يعني جو شخص محبت‬ ‫اللهي ۾ مري ويو اهو فوتي شهيد آهي‪.‬‬ ‫(هه) رهڻي ڪهڻي‪:‬‬ ‫حضرت چيزل شاهه سادي زندگي بسر ڪندا هئا‪ ،‬ننڍن ۽ وڏن سان عزت ڪندا هئا‪ .‬ننڍن‬ ‫۽ وڏن سان عزت سان هلندا هئا‪ ،‬ڪوبه ماڻهو وٽس ايندو ته ان کي بامراد ڪندا هئا‪ .‬انهن‬ ‫ماڻهن جي عيب ۽ ثواب ڏي ڪونه نهاريندا هئا‪ .‬پاڻ قرآن پاڪ جي فرمان ”فامالسائل فال‬ ‫تنهر“ پوِء سوالي کي ڇڙب نه ڏيو‪ .‬جي مجسم تصوير هئا‪.‬‬ ‫پاڻ فرمائيندا هئا ته‪ ،‬اهڙن طالبن کي ڏسڻ سان ٺرندا آهيون‪ ،‬جيڪي سوالي کي نٿا‬ ‫جهڻڪن‪.‬‬ ‫سائين جن روزانه ٽي دفعا ڪچهري ڪندا هئا‪.‬‬ ‫(‪ )1‬صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ انهن سان عام ڪچهري‪.‬‬ ‫(‪ )2‬شام جو عام ماڻهن سان ڪچهري‪ ،‬مختصر فيصلن جا تصفيه ڪرڻ ۽ ڪچهري‪.‬‬ ‫(‪ )3‬رات جو ماني کائڻ کان پوِء فقيرن سان ڪچهري ڪندا هئا‪.‬‬ ‫محفل سماع ٿيند هئي‪ ،‬ان ۾ ويهي حقيقت جي رازن کي کولي سمجهائيندا هئا‪.‬‬ ‫سندس مقوالت هيٺين ريت آهي‪:‬‬ ‫(‪” )1‬الشيخ في القوم کانبي في االمت“ جيئن نبي امت ۾ هوندو آهي‪ ،‬ان طرف مرشد‬ ‫پنهنجي قوم (مريدن) ۾ هوندو آهي‪( .‬ٻئي هدايت الِء هوندا آهن‪).‬‬ ‫(‪ )2‬ڏاڍو شوق شريعت سان رک‪.‬‬ ‫ٻڌي توڪل طريقت تون سک‬ ‫هل حقيقت ساڻ معرفت مطلب قلزم ڪاڻ‬ ‫نانهه جو نڪتو سڃاڻ‬ ‫(‪ )3‬فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ نبي جو ڪم آهي‪ ،‬انهن سان گڏ ويهڻ پرهيزگارن‬ ‫جو ڪم آهي‪.‬‬ ‫(‪ )4‬غريب اهلل جو عيال آهي‪ ،‬انهن سان خنده پيشاني سان ملو ۽ عيب ۽ ثواب ڏي نه‬ ‫نهاريو‪.‬‬ ‫پوشاڪ هن ريت هوندي هئن‪:‬‬ ‫ڊگهي پهراڻ مٿان گيڙو رنگ جو دستار مبارڪ‪ ،‬ڪڏهن سائي ۽ نيري دستار پائيندا هئا‪.‬‬ ‫اونهاري جي موسم ۾ ڀرت ڀريل ٽوپي پهريندا هئا‪ .‬هٿ مبارڪ ۾ عصا (لٺ) رومال به‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪29‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫جهليندا هئا‪ ،‬چيچ ۾ منڊي پائيندا هئا‪ ،‬پيرن ۾ ڀرت ڀريل جتي پهريندا هئا‪ ،‬ڪڏهن بوٽ‬ ‫به پائيندا‪ ،‬اونهاري جا ٻه مهينا جون ۽ جوالِء ڪڏهن آگسٽ ۾ پنهنجي عيال عزيز ۽ فقراَء‬ ‫سميت ڪوئٽه ۾ گزاريندا هئا‪ .‬گهڻو عرصو درگاهه فتح پور ۾ رهندا هئا‪ .‬طالبن جي عرض‬ ‫موجب انهن جي ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پير گهمائي خوشيون ۽ روشنيون بخشيندا هئا‪ .‬خاص‬ ‫موقعن تي پنهنجي مرشد ڪامل پاران عطا ٿيل تاج پهريندا هئا‪ .‬هر سال حضرت شاهه‬ ‫عنايت شهيد جهوڪ واري جي ميلي تي حاضري ضروري ڀريندا هئا‪.‬‬ ‫(ي) اوالد‬ ‫سائين چيزل شاه کي اهلل تعالي ٽن فرزندن سان نوازيو‪:‬‬ ‫(‪ )1‬سائين صادق علي شاه‪ ،‬جيڪي هن وقت سجاده نشين آهن‪ ،‬فقيرن کي هدايت ۽ رشد‬ ‫عطا ڪري رهيا آهن‪ ،‬ننگر بٺي سان مسڪينن فقيرن ۽ مسافرن کي ڍؤ ڪرائن ٿا‪.‬‬ ‫حضرت سائين جن وانگر معمول مطابق ڪچهريون ۽ ٻيا مقرره اصول اختيار ڪندا‬ ‫رهن ٿا‪.‬‬ ‫(‪ )2‬سائين نياز حسين شاه عرف علي حيدر شاه‪.‬‬ ‫(‪ )3‬سائين رکيل شاه عرف علي اڪبر شاه‪.‬‬ ‫ٽيئي فرزند پنهنجو مٽ پاڻ آهن‪ ،‬ڇا حسن جمال ۾‪ ،‬قرب ڪمال ۾‪ ،‬سخا و عطا ۾‬ ‫مروت ۽ محبت ۾‪ ،‬قال خواهه حال ۾ ڪنهن لفظي تعريف جا محتاج نه آهن‪.‬‬

‫خانواده سالسل‪ ،‬طريقت‬

‫(‪ )1‬جناب سرور ڪائنات‪ ،‬فخر موجودات حضرت محمد صه‪.‬‬ ‫(‪ )2‬حيدر ڪرار وصي رسول اهلل حضرت علي ڪرم اهلل وجه عليه السالم‪.‬‬ ‫(‪ )3‬شهيد ڪربال‪ ،‬امام الشهداِء حضرت امام حسين عليه السالم‪.‬‬ ‫(‪ )4‬سيد الصابرين و امام العاشقين حضرت زين العابدين عيله السالم‪.‬‬ ‫(‪ )5‬امام پنجم‪ ،‬انوار پيهم امام حق حضرت محمد باقر عليه السالم‪.‬‬ ‫(‪ )6‬روشن ضمير حضرت امام جعفر صادق عليه السالم (مدينه)‬ ‫(‪ )7‬حضرت موسي ڪاظم ڪاظمين شريف عراق‬ ‫(‪ )8‬حضرت امام علي رضا مشهد مقدس ملڪ ايران‪.‬‬ ‫(‪ )9‬شيخ المشائخ حضرت معروف ڪرخي رح ڪرخ‪ ،‬ترڪستان‪.‬‬ ‫سردار السالڪين حضرت سري سقطي رحه اصفهان‪ ،‬ايران‪.‬‬ ‫(‪)10‬‬ ‫حضرت خواجه جنيد بغدادري رحه‪ ،‬بغداد‪ ،‬عراق‪.‬‬ ‫(‪)11‬‬ ‫خواجه شبلي ابوبڪر رحه مڪه معظمه‪ ،‬عربستان‪.‬‬ ‫(‪)12‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪30‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫مخدوم ابوالفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز رحه‪ ،‬شهر يمن‪ ،‬ملڪ يمن‪.‬‬ ‫(‪)13‬‬ ‫حضرت ابوالفرح عبداهلل طرطوسي طرطوس‪ ،‬مصر‪.‬‬ ‫(‪)14‬‬ ‫ابوالحسن علي بن محمد يوسف هنڪاري رحه‪ ،‬هنڪاري ترڪستان‪.‬‬ ‫(‪)15‬‬ ‫مخدوم ابي سعيد بن علي مبارڪ مخزومي رحه‪ ،‬مخزوم‪ ،‬مصر‪.‬‬ ‫(‪)16‬‬ ‫حضرت پيران پير محي الدين عبدالقادر رحه جيالني‪ ،‬گيالن‪ ،‬عراق‪( .‬هتان‬ ‫(‪)17‬‬ ‫قادري طريقو شروع ٿئي ٿو‪).‬‬ ‫حضرت سيد عبدالرزاق شاهه رحه‪ ،‬بغداد عراق‪.‬‬ ‫(‪)18‬‬ ‫اڪمل اوالوليا حضرت شهاب الدين‪-‬ملڪ روم‪.‬‬ ‫(‪)19‬‬ ‫حضرت محمد شاهه بن احمد شاهه رحه‪-‬مڪه معظمه عربستان‪.‬‬ ‫(‪)20‬‬ ‫حضرت حسن شاهه بغدادي‪-‬بغداد‪ ،‬عراق‪.‬‬ ‫(‪)21‬‬ ‫حضرت محمد شاه بغدادي‪-‬بغداد‪ ،‬عراق‪.‬‬ ‫(‪)22‬‬ ‫حضرت سيد علي شاه‪-‬شهر مدائن‪ ،‬ايران‪.‬‬ ‫(‪)23‬‬ ‫حضرت سيد موسي شاهه‪-‬تهران‪ ،‬ايران‪.‬‬ ‫(‪)24‬‬ ‫حضرت سيد مير حسن شاهه‪-‬سرحد‪ ،‬شام‪.‬‬ ‫(‪)25‬‬ ‫سيد ابوالعباس احمد شاه بن مير حسن شاه سرحد‪ ،‬شام ۽ يمن‪.‬‬ ‫(‪)26‬‬ ‫حضرت خواجه بهاؤالدين ابراهيم‪-‬شهر بخارا‪ ،‬ترڪستان‪.‬‬ ‫(‪)27‬‬ ‫ابوالفتح شمس الدين عرف شيخ شاهي – ملتان‪ ،‬پاڪستان‪.‬‬ ‫(‪)28‬‬ ‫حضرت سيد عبدالمالڪ شاهه‪ -‬بيجاپور‪ ،‬ڏکڻ هندستان‪.‬‬ ‫(‪)29‬‬ ‫حضرت عنايت اهلل شاه‪ ،‬شاه عنايت شهيد جهوڪ سنڌ‪ ،‬ميران پور‪.‬‬ ‫(‪)30‬‬ ‫مخدوم سيد اسماعيل شاه ٺٽو‪ ،‬سنڌ پاڪستان‪.‬‬ ‫(‪)31‬‬ ‫مخدوم ابراهيم شاه ڊٻ وارو جهوڪ‪ ،‬ميرانپور‪.‬‬ ‫(‪)32‬‬ ‫مخدوم محمد زاهد شاه جهوڪ ميرانپور سنڌ‪.‬‬ ‫(‪)33‬‬ ‫حضرت فضل اهلل شاه قلندر‪ ،‬جهوڪ ميرانپور‪ ،‬سنڌ‬ ‫(‪)34‬‬ ‫حضرت خواجه ابراهيم شاه‪ ،‬جهوڪ ميرانپور‪ ،‬سنڌ‬ ‫(‪)35‬‬ ‫حضرت خواجه محمد شاهه‪ ،‬جهوڪ ميرانپور‪ ،‬سنڌ‬ ‫(‪)36‬‬ ‫حضرت نوراني عبدالستار شاه‪ ،‬جهوڪ ميرانپور‪ ،‬سنڌ‪.‬‬ ‫(‪)37‬‬ ‫حضرت پير رکيل شاه‪ ،‬فتح پور‪ ،‬بلوچستان پاڪستان‪.‬‬ ‫(‪)38‬‬ ‫حضرت پير روشن ضمير مجدد و امام سيد چيزل شاه صاحب‪ ،‬فتح پور‪،‬‬ ‫(‪)39‬‬ ‫بلوچستان‪.‬‬ ‫صوفي القادري سيد صادق علي شاه صاحب سجاده نشين درگاهه فتح پور‬ ‫(‪)40‬‬ ‫بلوچستان‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪31‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫تعارف ڪالم‬

‫هڪ بي بصير‪ ،‬هڪ صاحب بصيرت ۽ اهل نظر جي ڪالم تي تبصرو ڪري ته انهيَء‬ ‫صاحب بصيرت جي اوصاف حميده‪ ،‬ڪالم جميله جي مدحت جي ڪماحقه تعريف نه ٿي سگهي‬ ‫ٿي‪ ،‬تاهم ڪجهه نه ڪجهه نڪات جي وضاحت ڪرڻ سان وڌيڪ رازن کلڻ جو رستو هموار‬ ‫ٿي وڃي ٿو‪ .‬ان استواريت الِء بنده سعي ڪري ٿو‪ ،‬اميد ته حسب نيت ڪم جي تڪميل الِء‬ ‫اجر دارين سان مملو ٿيندو‪ .‬آمين ثم آمين‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه جي ڪالم شيرين ۾ ڪافي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن‪ .‬جن مان‬ ‫همه اوست هم ازاوست سر – فهرست آهن‪ ،‬عجز و نياز ۽ طلب حق الِء واضح اشارا ۽ حڪم‬ ‫ملن ٿا‪ ،‬جيڪي متالشي حق الِء رهنما ثابت ٿين ٿا‪.‬‬

‫(الف) صنائع و بدائع‬ ‫حضرت سائين چيزل شاه جو ڪالم اگرچه ڇند وديا تي آهي‪ ،‬تنهن هوندي به صنائع ۽ بدائع‬ ‫جون خوبيون موجود آهن‪.‬‬ ‫‪ -1‬سالست‪ :‬سائين جن جي ڪالم ۾ هر مقصد آسان نموني سان سلجهائڻ آهي‪ ،‬مثال‪:‬‬ ‫‪ .1‬چشمن سان تير هڻڻ‪ ،‬نيڻ کڻن‪.‬‬ ‫‪ .2‬دکن درد هزار‪ ،‬مليا ساٿ سورن جا‪.‬‬ ‫‪ -2‬بالغت ‪ :‬سائين جن جي ڪالم ۾ عام مفهوم وارن لفظن ۾ بلند خياالت جا آثار ملن‬ ‫ٿا‪.‬‬ ‫‪ .1‬آيا سر تي سور عاشق‬ ‫راتيان ڏينها روڄ ۾ رڙ‬ ‫‪ .2‬عاشق الف سان اکڙيون اڙايون‬ ‫بي جو ڀولو الهيو تن‪.‬‬ ‫‪ -3‬فصاحت‪ :‬سائين جن جي ڪالم ۾ هر مقصد چٽي طرح سمجهايل آهي‪.‬‬ ‫‪ .1‬دم ويسارو دل کان ناهي‬ ‫ياد هميشه يار ميان!‬ ‫‪ .2‬اسم اعظم دا باب‪ ،‬اهو ئي‬ ‫پير مغان ته پڙهايا هئه‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪32‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪ -4‬صنعت تلميح‪ :‬سائين جن جي ڪالم ۾ تاريخي ۽ داستاني واقعات جي ذريعي معرفت‬ ‫حقيقي جا درست ڏنل آهين‪.‬‬ ‫‪ .1‬دارا سڪندر در تنهنجي‬ ‫نانگا گهمن ٿا نراال‬ ‫‪ .2‬سک منصوري مام سڃاڻي‬ ‫سر سوريَء تي نيزي چاڙهي‬ ‫دارا ايران جو شهزادو هو‪ .‬سڪندر‪ ،‬دنيا جو فاتح هو‪ ،‬اهي به گداگر آهن مالڪ وٽ‪.‬‬ ‫اهڙي طرح هر دينوي لحاظ وارا امير خواه غريب مرشد وٽ گداگر آهن‪.‬‬ ‫منصور حالج هڪ همه صفت بزرگ هو‪ ،‬جنهن همه اوست ۽ همه ازوست جو نعرو هڻي‬ ‫عوام کي باخبر ڪيو‪.‬‬ ‫‪ -5‬صنعت‪ ،‬تجاهل‪ ،‬عارفانه‪ :‬اهڙي ڳالهه جيڪا ڄاتل سڃاتل هجي پر اڻ ڄاڻ بڻجي پڇجي‬ ‫ته ڇا آهي‪.‬‬ ‫‪ .1‬اربع عناصر نام سڏائين‪،‬‬ ‫ڪاڏهن آئين ڪاٿي ڄائين‪.‬‬ ‫جيتوڻيڪ صاحب ڪمال ماڻهوَء کي سڃاڻي ٿو‪ ،‬اهو ڪٿان آيو ۽ ڪٿي ڄائو‪ ،‬پر‬ ‫سمجهاڻي خاطر سوال پڇي مقصد کي واضح ڪرڻ گهري ٿو‪.‬‬ ‫‪ .2‬ڪيئن مسافر ڪاڏهن آئين‪،‬‬ ‫ڪاٿي آ تنهنجي اصلي جاِء‪.‬‬ ‫هن ۾ آمد جي جاِء بابت ڳالهه پڇيل آهي‪ ،‬مگر ڪالم ۾ اڳتي هلي اصلي مڪان جي‬ ‫وضاحت ڪيل آهي‪.‬‬ ‫‪ -6‬صنعت حرفي تجنيس‪ :‬اهڙا لفظ جيڪي ساڳئي هڪ آواز سان شروع ٿين‪.‬‬ ‫‪ .1‬جيرا جوش جاليا‬ ‫”ج“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي‪.‬‬ ‫‪ .2‬نازين نال نويا‬ ‫”ن“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي‪.‬‬ ‫‪ -7‬استخاره‪ :‬سائين جي ڪالم ۾ عام ڳالهين کي مخصوص راز ڏانهن ڀيٽي مقصد‬ ‫سمجهايل آهي‪.‬‬ ‫‪ .1‬ڏسي باهه مچ تون‪،‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪33‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫پتنگ وانگي پچ تون‪.‬‬ ‫باهه مچ جو مقصد عشق االهي آهي‪ ،‬پتنگ مان مراد عاشق حقيقي آهي‪ ،‬مگر استعاري طور‬ ‫مچ ۾ پتنگ ڪم آيل آهي‪.‬‬ ‫‪ .2‬لهر ۾ لڙهندا ڪنڌي نه ڪائي‪،‬‬ ‫توڪل ترهي تاريو آ‪.‬‬ ‫لهر گردش دنيا جي‪ ،‬ڪنڌي آرام جي جاِء‪ ،‬ترهو ڪاٺي جو تختو ۽ سهارو‪ ،‬اهي سڀ شيون‬ ‫سمنڊ سان الڳاپو رکن ٿيون‪ ،‬مگر عاشق انهن کي دنيا جي صفتن سان ڀيٽي پنهنجي حبيب‬ ‫کي ٻڌائي ٿو ته‪ ،‬توڪل ۽ تنهنجي محبت جي باعث عاشق حقيقت کي پهچي ويو آهي‪.‬‬ ‫‪ -8‬ڪنايه‪ :‬اهڙي لفظي معني جيڪا هوبهو نه هجي‪ ،‬مگر ڪنهن خوبيَء سبب استعمال‬ ‫ڪري ٻئي شيِء سان ڀيٽجي‪.‬‬ ‫‪ .1‬مشرگان مارن تير تفنگ‪،‬‬ ‫ابرو نين اڙاون جنگ‪.‬‬ ‫مشرگان ظاهري طور ڪمان ناهن‪ ،‬مگر ڪنايه طور ڪمان جي مفهوم ۾ لکيل آهن‪.‬‬ ‫ابرو ۽ نيڻ جنگجو نه آهين‪ ،‬مگرل تمثيل طور جنگجو ڄاڻايل آهن‪.‬‬ ‫‪ -9‬صنعت تضاد يا مطابقت‪ :‬اهڙو ڪالم جنهن ۾ متضاد لفظ به هجن ته پاڻ ۾ مطابقت به‬ ‫رکن‪.‬‬ ‫‪ .1‬ڪل پوندي ڪين مون‪،‬‬ ‫ٿي نفي مان اثبات‪.‬‬ ‫نفي جو ضد اثبات‪ ،‬پر ٻئي هڪ ٻي سان نسبت رکن ٿا‪.‬‬ ‫‪ .2‬ٿي شتاب شمع تي‪،‬‬ ‫پتنگ جان پچاوين‪،‬‬ ‫شمع ۽ پتنگ هڪ ٻئي جا ضد آهن‪ ،‬مگر پاڻ ۾ محبت جي ڪري نسبت رکن ٿا‪.‬‬ ‫‪ -10‬اصطالح‪ :‬اهڙا لفظن جا ميڙ جيڪي ڪن واقعن جي حقيقت سان تعلق رکي ٻئي معني‬ ‫۾ ٻڌائين‪.‬‬ ‫‪ .1‬سچو سنڌرو ٻڌم ساهي‪،‬‬ ‫راضي آهيان تنهنجي راز تي‪.‬‬ ‫سنڌرو ٻڌڻ تيار ٿي ڪم شروع ڪرڻ (اصطالح)‬ ‫‪ .2‬سور سڀيئي پاتم جهولي‪،‬‬ ‫ماُء ڏکان دي ڏتڙم لولي‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪34‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫سور جهولي جهلڻ ڏکن جي لولي اصطالح آهن‪.‬‬ ‫‪ -11‬ملمع‪ :‬ڪالم ۾ ثابتيَء الِء قرآن پاڪ مان حواال درج ڪيل آهن‪.‬‬ ‫قم باذني قول ڪها ڪر‬ ‫”قم باذني“ منهنجي اجازت سان اٿ عربي فرمان آهي‪ ،‬جيڪو حضرت عيسي عليه السالم‬ ‫ڏانهن منسوب آهي‪” .‬فاذڪ روني اذڪرڪم“ پري ناهين توکان وار ميان‪” .‬فاذڪروني اذڪرو‬ ‫ڪم“ تون مون کي ياد ڪر‪ ،‬مان توکي ياد ڪريان‪ ،‬هر هڪ مومن کي امر ڪيل آهي‪.‬‬ ‫‪ -12‬صنعت تضمين‪ :‬ڪالم يقيني بنائڻ الِء قرآن پاڪ کان ضامن آيت پيش ڪري ٿو‪.‬‬ ‫‪ .1‬وهي يتوڪل صلي اهلل فهو حسبه‪.‬‬ ‫‪ .2‬هذا ايحبونهم في الظلمات‪.‬‬ ‫‪ .3‬من ذالذي يشفع عنده اال باذنه‪.‬‬ ‫‪ .4‬ان الذين آمنو‬ ‫سائين جن جي ڪالم ۾ ٻيون به گهڻيون صنعتون موجود اهن‪ ،‬مگر طوالت سبب‬ ‫اختتام ڪجي ٿو‪.‬‬ ‫(ب) صوفيانه رنگ‬ ‫سائين جن جي ڪالم ۾ عجز و نياز به آهي‪ ،‬ته سرمستي به موجود آهي‪ .‬سائين چيزل شاه‬ ‫جن جنهن ماحول ۾ پلي جوان ٿيا‪ ،‬اهو ماحول ئي روحاني هو‪ ،‬يعني ڄمندي ڄام هئا‪ .‬سندن‬ ‫ڪالم ۾ روح ۽ رب جي وچ ۾ يڪرنگي جو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ڪثرت ۽ وحدت ۽ وحدت‬ ‫مان ڪثرت جي مام ملي ٿي‪.‬‬ ‫‪ .1‬بيرنگ برقعو پائي‬ ‫آيو آدم هت اظهار ٿي‪.‬‬ ‫‪ .2‬بيرنگ برقعو بشري پاتم‪،‬‬ ‫سڀ چيزل سينگار‪.‬‬ ‫‪ .3‬قلندر لعل اپني سي‪ ،‬جاللي هون جاللي هون‪،‬‬ ‫نشا وحدت خمر پيئا‪ ،‬موالي هون موالي هون‪.‬‬ ‫سائين جن جي ڪالم ۾ سچل سرمست واري سرمستي آهي ته وري شاهه ڀٽائي واري‬ ‫عجز و انڪساري به ڪثرت سان ملي ٿي‪.‬‬ ‫(الف) سرمستيَء وارو ڪالم ۽ سائين چيزل شاهه‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪35‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫سچل سرمست‬ ‫‪ -1‬صورت سڀ سلطان‪ ،‬پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو‪.‬‬ ‫‪ -2‬سچل آُء تان ناهيان‪ ،‬پوِء ساري سڌ پيام ٿو پاڻ ٻاروچو ٻول‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاهه‪:‬‬ ‫‪ -1‬چيزل عين اهلل جو آهي‪ ،‬ڪونهي ڪوڙ خالف‬ ‫‪ -2‬شغل شهانا‪ ،‬پائي ڳل ڳچي ڳانا‪.‬‬ ‫ڪري ڪير معني‪ ،‬چيزل ڳالهايو‪.‬‬ ‫‪ -3‬فيئون فثمه اهلل‪ ،‬وجه حق تجال‬ ‫هر جاِء نور اهلل‪ ،‬نظر سان نياز‪.‬‬ ‫شاهه ڀٽائي‪:‬‬ ‫‪ -1‬پنهون هيس پاڻ‪ ،‬سسئي تان سور هئا‬ ‫‪ -2‬سو هي‪ ،‬سو هو‪ ،‬سو اجل‪ ،‬سو اهلل‬ ‫سو پرين جو پساهه‪ ،‬سو ويري سو واهرو‪.‬‬ ‫سامي صاحب جو سلوڪ‪:‬‬ ‫کوجن لڌو کوج‪ ،‬پرچي پريم نگر جو‪،‬‬ ‫ٻڌئين ٻانڀڻ چوي‪ ،‬تنهن ۾ سهج سروج‪،‬‬ ‫هردئي منجهه هر وج‪ ،‬درسن ڪري دوست جو‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه جي ڪالم ۾ طلب ۽ تات جاري رکڻ الِء هيٺيان ڪالم ملن ٿا‪:‬‬ ‫‪ -1‬آڌوتي الف کان واندا ڪين وهن‬ ‫‪ -2‬ماري نفي نفس کي ڇڏ وڃائج پاڻ‬ ‫‪ -3‬راتيان ڏينهان رڙي‪ ،‬وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫ڪبير ڀڳت چوي ٿو‪:‬‬ ‫‪ -1‬بن پيا جئا ترسي‬ ‫ڪالي بدريا مورا جئا ڊالئي‬ ‫‪ -2‬ميرا پيارا پيا پرديس‬ ‫اب تو نه رهيو جاِء نه ديس‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪36‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫موالنا رومي‪:‬‬ ‫هر ڪجا تو با مني من خوشدلم‬ ‫ور بود درقعر گوري منزلم‬ ‫‪ -1‬من ۾ يار جي جلوي بابت رومي جو ڪالم سائين شاه جي ڪالم جي تشريح آهي‪.‬‬ ‫‪ -2‬تو مڪاني اصل در المڪان‪،‬‬ ‫اين دڪان بربند و بکشان آ دڪان‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه‬ ‫جاچي ڏس جيَء اندر۾ سارو ٿي سبحان‪،‬‬ ‫چيزل سمجهه پوئي تون ڄاڻ هرجاِء حاضر هڪ ٿي‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه جي ڪالم ۾ رندي‪ ،‬سرمستي‪:‬‬ ‫سيرت نگاري‪ ،‬فطرت نگاري‪ ،‬طلب حق الِء قرباني‪ ،‬محبت الِء سر جي بازي‪ ،‬درس‬ ‫انساينت جا گهڻا آثار ملن ٿا‪.‬‬ ‫سندس ڪالم عجز ۽ نياز بابت پاڻ کي ڪڏهن سسئي سان‪ ،‬ڪڏهن هير سان ۽ ڪڏهن‬ ‫مارئي سان ڀيٽي ٿو‪ .‬ڪڏهن طمع تياڳڻ‪ ،‬نفس کي مارڻ الِء آڌوتي‪ ،‬سامي‪ ،‬جوڳي ۽ فقيرن‬ ‫سان ڀيٽي محنت جاري رکڻ جو درس ڏئي ٿو‪.‬‬ ‫سندس ڪالم ۾ دوئي‪ ،‬غيرت کي مذمت ڪيل آهي‪ ،‬هميشه وحدت وارو پيالو آهي‪،‬‬ ‫جنهن ۾ محبت‪ ،‬عشق پيار آهي‪ ،‬ان جو آسائتو آهي‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه ڪٿي وري منصور‪ ،‬سرمد‪ ،‬شاه عنايت‪ ،‬سچل فقير‪ ،‬روحل فقير‪،‬‬ ‫سائين رکيل شاه وانگر دم هڻي ٿو‪ ،‬ته ڪٿي شاه ڀٽائي‪ ،‬ڪبيرڀڳت‪ ،‬گرونانڪ‪ ،‬سامي وانگر‬ ‫عجز ۽ نياز جو پتلو بڻ جي وڃي ٿو‪ .‬ڪٿي رومي‪ ،‬جامي ۽ سعدي وانگر طالب ٿي زندگي‬ ‫گذارڻ جو درس ڏئي ٿو‪ ،‬ڪٿي حضرت جنيد‪ ،‬بايزيد بسطامي‪ ،‬امام معروف ڪرخي وانگر‬ ‫رياضت االهي ۾ مصروف رهڻ الِء درس ڏئي ٿو‪ .‬ڪٿي ساڌن فقيرن ۽ تارڪ الدنيا فقيرن‬ ‫وانگر حرص ۽ هوا کي ترڪ ڪرڻ الِء اصرار ڪن ٿا‪.‬‬ ‫مطلب ته ڪالم ۾ هر رنگ موجود آهي‪ ،‬جيڪي اکين وارا آهن‪ ،‬اهي ڏسي سگهن ٿا‪،‬‬ ‫حق تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا‪ .‬اڻ ڄاڻن الِء مامه هجي جيڪا پوِء انهن جي دلين تان‬ ‫دوئي جا پردا چاڪ ڪري‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪37‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫فرمودات‬

‫حضرت سائين چيزل شاهه ۽ هڪ مريد طالب جي درميان مڪالمه‬ ‫طالب‪ :‬قبال! نفس ڇا کي چئجي؟‬ ‫هادي ڪامل‪ :‬نفس‪ 1‬حرص هوس کي چوندا آهن‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال روح موال جي ذات آهي؟‬ ‫هادي ڪامل‪ :‬جڏهن نفس مڪمل مري وڃي‪ 2‬ته رڳو (روح)‪ 3‬ذات موال مان انسان اهلل بڻجي‬ ‫وڃي ٿو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! انسان کي اهلل ڇو نه ٿو چئجي؟‬ ‫هادي ڪامل‪ :‬جڏهن نفس مري وڃي ۽ بقا باهلل ٿئي ته پوِء چئجي‪ ،‬اڳ چوڻ ڪفر آهي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! نفس ڪيئن ۽ ڪٿي مري ٿو؟‬ ‫مرشد‪ :‬من عرف نفسه فقد عرف ريه‬ ‫پهريون حصو‪ :‬فقد عرف نفسه في الفنا‪4‬‬ ‫ٻيو حصو‪ :‬فقد عرف ربه في البقا ‪5‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! نفس کي ڪيئن فنا ڪجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬نفس کي ذڪر‪ ،‬فڪر ۽ اوجاڳن سان فنا ڪجي؟‬ ‫طالب‪ :‬قبال! ڏک ڪٿي ڪاٽجن‪.‬‬ ‫مرشد‪ :‬ڏک‪ ،‬بک ۽ گوشه تنهائيَء‪ 6‬۾ ڪاٽجن‪ ،‬جيئن نفس مري وڃي‪.‬‬ ‫__________‬

‫‪ -1‬نفس‪ :‬خواهشات جي معني ۾ استعمال ٿئي ٿو‪ .‬انسان مٽي جي پتلي جي هجڻ سبب خواهشات جو مرڪز رهي ٿو‪.‬‬ ‫ان ڪري نفس کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو‪.‬‬ ‫(الف) نفس امارو‪ :‬هي نفس مادياتي شين ڏانهن الڙو رکي ٿو‪ .‬فقير‪ ،‬ولين اهڙي نفس کي مارڻ الِء تلقين ڪئي آهي‪.‬‬ ‫(ب) نفس مطمئنه‪ :‬هي نفس روحاني تعلقات کي اڀارڻ جي خواهش رکي ٿو‪.‬‬ ‫‪ -2‬نفس جو مرڻ‪ :‬نفس اماره کي ختم ڪري لذائذ ماديات ۽ آرائش جسماني غرور‪ ،‬تڪبر‪ ،‬ڪاوڙ ۽ هوڏ کي ختم ڪرڻ‬ ‫جي معني نفس کي مارڻ آهي‪.‬‬ ‫‪ .3‬روح‪ :‬قرآن پاڪ ۾ آهي ته‪:‬‬ ‫يسئلونڪ عن الروح قل هو الروح من امرو ربي‬ ‫روح امر ربي آهي – الزوال آهي‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه جي فڪر‪ ،‬رسا موجب روح الزوال آهي خود خدا آهي‪ .‬روح کي ذات موال سمجهي ٿو‪ .‬ان جو قائل‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫‪ -4‬فقد عرف نفسه في الفنا‪ :‬هن مان مراد نفس اماره کي فنا ڪري‪ ،‬نفس مطمئنه کي اڀارڻ آهي‪.‬‬ ‫‪ 5‬فقد عرف نفسه في البقا‪ :‬هن مان مراد نفس المطمئنه جي فروغ سان روح جي ماهيت پر کي اهلل جي بقائيت کي ڄاڻڻ‬ ‫آهي ۽ ان ۾ استغراق ڪلي آهي‪.‬‬ ‫‪ – 6‬بک ۽ گوشه تنهاي‪ :‬جسمائي لذائذ جي ذريعي نفس اماره طاقتور ٿئي ٿو‪ .‬انهيَء ڪري تپسيا جي ذريعي اهڙن خواهشن‬ ‫کي بک جي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو‪ ،‬روحاني منزلن کي پهتلن کي معلوم آهي ته روح جي خوراڪ ذڪر موال جو‬ ‫آهي‪ .‬جيڪڏهن ذڪر ۽ فڪر ۾ اضافو ايندو آهي‪ .‬ذڪر ۽ فڪر سان ذهن ۽ دل ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي آهي‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪38‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫طالب؛ اوجاڳا ڪٿي ۽ ڪهڙي نموني ڪجن؟‬ ‫مرشد‪ :‬ترتيب هن ريت آهي‪:‬‬ ‫(الف) اسم ذات ‪ 7‬ڪمائڻ (ب) اڌ رات جو جاڳڻ ‪8‬‬ ‫(ت) صفا اڪيلو رهڻ (ث) اٺين پهر ماني کائڻ‪.‬‬ ‫(ي) هر هڪ دم ‪ 9‬سان دم دم ياد ڪرڻ‬ ‫طالب‪ :‬قبال! اهي ڪشاال ڪيئن ڪڍجن؟‬ ‫مرشد‪ :‬موتو قبل ان تموتو (مر اڳ مرڻ کان) موت کان پهريان مرڻ سان‪.‬‬ ‫طالب ‪ :‬اڳ مرڻ جي ترتيب ڪيئن آهي؟‬ ‫مرشد‪ :‬ترتيب هن ريت آهي‪.‬‬ ‫(الف) جهان جي خواهشات ترڪ ڪرڻ‪( .‬ب) اڪيلي ڪوٺي ۾ ويهڻ (ت) اسم ذات‬ ‫ڪمائڻ‬ ‫(ث) جهان جون لذتون ڇڏي‪ ،‬فاقي ۾ رهجي ان کي مرڻ کان اڳ مرڻ چئجي‪ ،‬ان ريت‬ ‫چؤته اڳ مري ويو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال نفس ذڪر سان ٿو مري يا فاقئي سان؟‬ ‫مرشد‪ :‬ذڪر به هجي‪ ،‬فڪر به هجي ۽ تنهائي بک فاقيه به هجن‪ ،‬پر ذڪر قلب صاف ڪري ٿو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قلب ‪ 10‬ڪٿي ٿو صاف ٿئي؟‬ ‫مرشد‪ :‬قلب ذڪر ذاتي سان‪ ،‬جيئن اهلل فرمايو آي‪ .‬فاذڪروني اذڪرڪم (پوِء ياد ڪر مون کي‬ ‫مان ياد ڪريان ٿو توکي) سان ظلمات جا پردا چاڪ ٿي وڃن ٿا‪.‬‬ ‫‪ – 7‬اسم ذاتي ڪمائڻ‪ :‬هن مان مراد اهلل جي تذڪير ۽ تهليل آهي‪ .‬ذات واحد ۾ گم ڪرڻ جو ذريعو آهي‪.‬‬ ‫‪ – 8‬اڌ رات جاڳڻ‪ :‬فارسي ۾ مقوله آهي ته ”آه نيم شب“‬ ‫حضرت علي ڪرمه اهلل وجهه جو چوڻ آهي ته اڌ رات جو مٺي ننڊ ڦٽائي‪ ،‬ذڪر موال جو ڪرڻ افضل ترين عبادت آهي‪ .‬سڄي‬ ‫دنيا ننڊ ۾ هوندي آهي‪ ،‬اڌ رات جو آسمان ۾ قدرتي چاندي جهڙي سفيد ۽ وڻندڙ روشني ذڪر ۽ فڪر وارن کي نصيب‬ ‫ٿيندي آهي‪.‬‬ ‫‪ – 9‬دم سان دم‪ :‬هن مان مراد هر ساهه کڻڻ وقت خدا جو نالو وٺي‪ .‬ڇو ته خود خدا فرمايو آهي‪ :‬وفي انفسڪم افالتبصرون‬ ‫انفس مان مراد ساهه آهي هر ساهه ۾ خدا هجي پوِء اهڙي ساهه کي خدا جي نالي سان ظاهري طور اجارجي ته جيئن ذات‬ ‫ڪبريا جا رنگ ۽ مظهر نمايان ٿيندا‪.‬‬ ‫‪ – 10‬قلب ۽ تنقب ح‪ :‬عام طرح قلب مان مراد دل آهي‪ .‬پر دماغ ۽ دل جي ارتباط کي قلب چئجي‪ .‬غدود سري جيڪو دل غدود‬ ‫روحي جيڪو دماغ ۾ رهي ٿو انهن جي سنگم سان دل ۾ حرڪت پيدا ٿئي ٿي‪ .‬پر جيڪڏهن غدود ڪسري ۽ غدود نفسي‬ ‫جو سنگم ٿيو ته قلب ۾ فتور چئجي ٿو‪ .‬ماڻهو کي روحاني دنيا کان هٽائي مادياتي دنيا ڏانهن رغبت پيد ڪري ٿو‪ .‬غدود‬ ‫سري ۽ غدود جي افزائش سان قلب جي صفائي ٿيندي آهي نقشو هن ريت آهي؛‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪39‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫غدود نفسي ‪ ----‬غدود ڪسري‬ ‫هن ۾ قلبي رجحان شيطنت ۽ ماديات ڏانهن ٿي وڃي ٿو‪ .‬شهوت‪ ،‬عناد‪ ،‬فتنه وفساد جي جڙ آهن‪.‬‬ ‫غدود روحي ‪ ---‬غدود سري‬ ‫هن ۾ قلبي رحجان روحانيت ڏانهن راغب ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫‪ -1‬غدود نفسي‪ :‬هن ۾ خواهشات اڀري ٿي‪ ،‬راجع ماديات آهي‪.‬‬ ‫‪ -2‬غدود ڪسري‪ :‬هن ۾ ڪسرت ۽ ڪسري حقائق ۾ اضافه ٿئي‪ ،‬ال اهلل جو مرڪز آهي‪.‬‬ ‫‪ -3‬غدود روحي‪ :‬هن ۾ هو جو مرڪز آهي‪ .‬راجع الي اهلل آهي‪.‬‬ ‫‪ -4‬غدود سري‪ :‬هي اال اهلل جو مرڪز آهي‪ ،‬دل ۾ ارفع غشا تي رهندڙ آهي‪ ،‬روح سان ربط پيدا ڪرڻ‬ ‫جو واحد ذريعو آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪40‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫طالب‪ :‬قبال! ڪٿي يا ڪٿان ياد ڪجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬وفي انفسڪم افال تبصرون يعني دمن سان ياد ڪجي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬دمن سان ياد ته ڪجي ته اهلل ستين آسمان تي آهي ڪٿي ياد ڪجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬ونحن اقرب اليه من حبل الوريد (ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ نزديد آهي) اهلل تعالي‬ ‫حاضر و ناظر آهي‪ .‬جڏهن نفس مري ته پوِء خبر پوندي ته برابر اها شئي آهيان‪.‬‬ ‫طالب ‪ :‬سائين روح ڇا کي چون ٿا ۽ ذات ڇاکي چون ٿا؟‬ ‫مرشد‪ :‬انسان ۾ ٻه شيون آهن‪ .1 :‬روح ‪ .2‬نفس‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬سائين ذات ٽين شئي آهي ڇا؟‬ ‫مرشد‪ :‬ذات ۽ روح هڪ شئي آهي‪ .‬باقي نفس ٻيو آهي‪ .‬انسان جي ساڄي پاسي روح (ذات)‬ ‫رهندو آهي ۽ کاٻي پاسي نفس رڳو صحبت جو اثر آهي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! صحبت ڪنهن سان ڪجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬روح جڏهن صحبت ذڪر موال سان ڪري ته ذات موال جي بڻجي وڃي ٿي‪ .‬نفس‬ ‫جڏهن دنيا شهوت ۽ خوشي سان صحبت ڪري ته ماڻهو رڳو نفس بنجي ٿو‪.‬‬ ‫طالب ‪ :‬قبال! انسان ٻه شيون ‪ 11‬آهي؟‬ ‫مرشد‪ :‬انسان هڪ شئي آهي مگر ٻيا ئي سبب ٻه آهي‪ .‬نفس مري ته پوِء انسان هڪ شئي‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! ذڪر سان ڪٿي صحبت ڪجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬ذڪر دم دم ۾ ياد ڪجي‪ ،‬هڪ دم به ويسارو نه ڪجي‪ ،‬اثر وٺي گهمندي ياد ٿي‬ ‫ويو ته هر جاِء اهلل نظر ايندو‪” .‬فاينما تولوا فثم وجه اهلل“ هر جاِء تي موال نظر ايندو‪.‬‬ ‫______‬ ‫‪ --11‬روح‪ ،‬نفس ۽ جسم‪ :‬اصل شئي روح آهي‪ ،‬جسم جاِء يا مقام آهي‪ ،‬نفس ٻنهي جي باهمي نسبت‬ ‫اهي‪ .‬جڏهن خواب ڏسبو آهي ان وقت روح محو پرواز هوندو آهي‪ .‬مگر جسم سان تار جي ذريعي‬ ‫ربط برقرار رکندو آهي‪ .‬نفس محو خواب هوندو آهي‪.‬‬ ‫هر هڪ انسان کي نسبت جي ذريعي زندگي بسر ڪرڻي پوي ٿي‪ .‬نسبت جا ٻه پهلو آهن‪ .‬جيڪڏهن‬ ‫اماره جو پهلو دنيوي ۽ مادياتي مقاصد حاصل ٿين ٿا جيڪڏهن مطمئنه جو پهلو ته روحاني راز حاصل‬ ‫ٿين ٿا ٽنهي جا ارتباط سان هڪ فرد جو وجود ظاهر ٿئي ٿو‪ .‬روح نه هجي ته جسم بي جان ۽ بيڪار‬ ‫آهي‪ ،‬جيڪڏهن نفس نه هجي ته صفات بشري کان عاري آهي‪ .‬جيڪڏهن جسم نه هجي ته ڪو اسم‬ ‫بشر وجود ۾ ئي ڪونه اچي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪41‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫طالب‪ :‬قبال! دم دم سان ڪاهڻ ڏکيو آهي‪ .‬ڪٿي ڪمائجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬پهريان سخت ۽ ڏکيو لڳندو پر جڏهن ياد پچي ويو ته پوِء تمام لذيذ ٿي ويندو‪.‬‬ ‫بمصداق حضرت ڀٽائي رحه‪:‬‬ ‫جيئن ڏٺو مون آرياڻي‪ ،‬اوهان ڇا ڏٺو!‬ ‫مکڻ ماکي‪ ،‬مصري کان منهنجو محبت مٺو‬ ‫بمصداق سائين جن خود‪:‬‬ ‫احوال سارو حضرت عشق جو جڳ کي ٻڌايان هيئن چئي المقصد‪ ،‬دنيا ۾ سڀ لذت کان‬ ‫زنا ۾ لذت آهي‪ .‬خراب ڪم ۽ حرام شئي ۾ ڪيتري لذت آهي‪ ،‬جڏهن اصل شئي آهي‬ ‫نام اهلل جو ۽ ان جو ذڪر وتهليل ۾ ڪيڏي نه لذت هوندي جڏهن نام اهلل جو پچي وڃي‬ ‫(ياد ٿي وڃي‪).‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! ڪٿي لذت رهندي آهي؟‬ ‫مرشد‪ :‬جڏهن دم عروج نزول ‪ 12‬ٿيندو‬ ‫آهي ته لذت ايندي آهي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال ڪٿي عروج نزول ٿيندو‬ ‫آهي؟‬ ‫مرشد‪ :‬دم ستين آسمان کان مٿي ويو‬ ‫ته عروج ۽ اتان ئي نزول ٿيندو آهي‪.‬‬

‫‪ ---12‬عروج ۽ نزول‪ :‬عروج مان مراد هر هڪ دم کي ”هو“ جي ذڪر سان بلندي تي پهچائڻ‪ ،‬نزول مان مراد‬ ‫تجلي – نور کي قلب ۾ جلوه گر ڪرڻ آهي‪ .‬حرڪت عروج دم سان ٿئي ٿو‪ .‬حرڪت نزول تجلي‪ ،‬نور‬ ‫سان ٿئي ٿو‪ .‬هن حقيقت دوران فاذڪروني اذڪرڪم جا مظهر کلن ٿا‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪42‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫طالب‪ :‬قبال! ڪٿي دم ستين آسمان کان مٿي وڃي؟‬ ‫مرشد‪ :‬ستين آسمان ۽ ستين ڌرتين کان به پري وڃي ٿو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! بس ڪٿي به وڃي خبر نه ٿي پوي؟‬ ‫مرشد‪ :‬جڏهن واليت حاصل ٿئي ته پوِء دل ۾ ظاهر ٿيندي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬واليت ڪٿي حاصل ٿيندي؟‬ ‫مرشد‪ :‬واليت الحد ۽ المڪان ‪ 13‬تي حاصل ٿيندي ان کي ئي واليت چوندا آهن‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬ال حد ۽ المڪان ڇا کي چوندا آهن؟‬ ‫مرشد‪ :‬الحد ۾ چار شيون آهن‪.‬‬ ‫‪ -1‬شريعت‪ -2 ،‬طريقت ‪ -3‬حقيقت ‪ -4‬معرفت‬ ‫چار شيون فڪر جون آهن‪.‬‬ ‫‪ -1‬ناسوت‪ -2 ،‬جبروت ‪ -3‬ملڪوت ‪ -4‬الهوت‬ ‫طالب‪ :‬الحد جي چئن فڪرن جي معني ڇا آهي؟‬ ‫مرشد‪ -1 :‬ناسوت هي جهان آهي‪ -2 .‬جبروت‪ :‬محنت ۽ مشقت جو عالم آهي‪ -3 .‬ملڪوت‪ :‬فنا‬ ‫في اهلل جو درجو آهي‪ ،‬جنهن ۾ سالڪ کي تپسيا ڪرڻي آهي‪ ،‬مالئڪن وانگر کاڌي کان‬ ‫پري رهڻ ۽ گناهه کان دور رهڻ‪ -4 .‬الهوت‪ :‬هن جي حد نه آهي‪ .‬وڏي عظيم منزل آهي‪ .‬هن‬ ‫مڪان ۽ منزل تي اهلل تعالي کي الحد ڏسي ۽ هر جاِء تي موجود ڏسي پر ان سان ڪنهن کي‬ ‫شريڪ نه ڪري واحد ڪري ڄاڻي‪.‬‬ ‫‪ -1‬شريعت رستو آهي جنهن ۾ هيٺيان اسباب هوندا اهن‪ .‬نماز‪ ،‬روزو ۽ ٻيا احڪام‬ ‫جيڪي سفر ۾ هٿيار آهن‪.‬‬ ‫‪ -2‬طريقت ۾ دنيا کي ترڪ ڪري هڪ جاِء تي ويهڻ آهي‪.‬‬ ‫‪ -3‬حقيقت جي ڪري اهلل کي هڪ ڪري سمجهڻ‪ ،‬ڄاڻڻ ۽ ڏسڻ آهي‪.‬‬ ‫‪ -4‬معرفت ۾ سڀ شئي ۾ اهلل جو مظهر ڏسڻ آهي مظهر ۾ موال ڏسڻ آهي‪ .‬فڪر‬ ‫سان االاهلل جو مقام پسجي ٿو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! اهلل کي ڪٿي هڪ ڏسجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬فنا ٿيڻ کانپوِء خبر پوندي‪.‬‬ ‫________‬

‫‪ -13‬الحد ۽ المڪان‪ :‬الحد مان مراد ڪنهن به حد اندر خدا جي ذات کي محدود نه ڏسڻ مگر هر جڳهه‬ ‫تجلي ۽ مظهر االهي کي ڏسڻ ال مڪان مان مراد ڪنهن مخصوص جڳهه نه مگر هر هنڌ حاضر و‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪43‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ناظر ڏسڻ‪ .‬روحانيت ۾ وقت ۽ مڪان نه هوندو آهي‪ .‬اتي حال ئي آهي‪ .‬هر مڪان المڪان نه يعني‬ ‫فاصله جو ذڪر ڏسڻ ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي‪.‬‬ ‫الحد جا عالم‪:‬‬ ‫‪ -1‬عالم شريعت‪ :‬احڪام شريعت‪ ،‬عقائد‪ ،‬تعميل تشڪيل ۽ تڪميل جا مرحال اچي وڃن ٿا‪.‬‬ ‫‪ -2‬عالم طريقت‪ :‬هن ۾ اتباع‪ ،‬مرشد و سالڪ ۽ حڪم ڪل ڄاڻڻ جا اسباب اچي وڃن ٿا‪.‬‬ ‫‪ -3‬عالم حقيقت‪ :‬ذات ڪبريا کي هڪ سمجهڻ ۽ ڏسڻ وارو عالم آهي‪.‬‬ ‫‪ -4‬عالم معرفت‪ :‬هن ۾ ماهيت ڪبريا‪ ،‬ماهميت ذات ۽ ارتباط روح جي خبر پوي ٿي‪.‬‬ ‫تصوف جا عالم‪:‬‬ ‫‪ -1‬عالم ناسوت‪ :‬هي مادياتي دنيا جنهن ۾ انسان کي عمل ڪرڻ الِء اهلل تعالي موڪليو‪.‬‬ ‫‪ -2‬عالم جبروت‪ :‬راز االهي کي پروڙڻ ۽ حقيقت ڏانهن رجوع ڪرڻ آهي‪.‬‬ ‫‪ -3‬عالم ملڪوت‪ :‬صفات مالئڪه سان منسوب ٿيڻ وارو عالم آهي‪.‬‬ ‫‪ -4‬عالم الهوت‪ :‬انوار و تجلي االهي وارو عالم جنهن ۾ وحدت ئي وحدت آهي‪.‬‬ ‫بشري عالم‪:‬‬ ‫‪ -1‬عالم تمثال‪ :‬هن ۾ انسان پنهنجي وجود سان ظاهر ٿئي ٿو‪ ،‬پاڻ جهڙن انسانن جي مثال سٽا ۽‬ ‫بيهڪ ۾ يڪسان رهي ٿو‪.‬‬ ‫‪ -2‬عالم برزخ يا اعراف‪ :‬هن ۾ انسان صفات بشري کان الڳ ٿي پهچي ٿو‪.‬‬ ‫‪ -3‬عالم محشر‪ :‬هي حساب و ڪتاب جو عالم آهي‪ .‬هر هڪ بشر الِء الزم آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪44‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪45‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫طالب‪ :‬فنا ڪئين ٿجي؟‬ ‫مرشد‪ :‬فنا جو مفهوم پاڻ کي نه ڄاڻڻ‪ ،‬سڀ ڪم اهلل جي حوالي ڪرڻ پوِء بقا باهلل‬ ‫ٿي ويندو‪.‬‬ ‫طالب قبال! بقا باهلل ڪٿي ٿيندو؟‬ ‫مرشد‪ :‬بقا باهلل ۾ پاڻ اهلل بڻجي وڃي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! ڪئين پاڻ اهلل بڻجي وڃي؟‬ ‫مرشد‪ :‬انسان کي روح ۽ نفس آهي‪ ،‬جڏهن نفس مري وڃي ته روح اهلل آهي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬ڪٿي ٿئي ٿو روح پاڪ ٿئي ٿو؟‬ ‫مرشد‪ :‬اٿي‪ ،‬ويٺي‪ ،‬گهمندي‪ ،‬سمهندي ذڪر پچي ويو ته دم پاڪ ٿيو ۽ روح پاڪ‬ ‫ٿيو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬ذڪر ۽ فڪر جا ڏاڪا (منزلون) ڪيئن حاصل ٿين ٿيون؟‬ ‫مرشد‪ :‬شريعت‪ ،‬طريقت‪ ،‬حقيقت ۽ معرفت ذڪر جون ناسوت‪ ،‬جبروت‪ ،‬ملڪوت ۽‬ ‫الهوت فڪر جا ڏاڪا (پئڙيون) آهن‪ .‬جيڪي هن ذريعن سان نصيب ٿين ٿيون‪.‬‬ ‫‪ -1‬علم اليقين ‪ -2‬حلم اليقين ‪ -3‬عين اليقين ‪ -4‬حق اليقين‬ ‫__________‬ ‫‪ -4‬عالم جنت و دوزخ‪ :‬هي ٻئي عالم عمل جي گهٽ وڌائي سبب مختلف عملن وارا ڏسندا‪.‬‬ ‫علم اليقين‪ ،‬حلم اليقن‪ ،‬عين اليقين‪ ،‬حق اليقين‬ ‫علم اليقين‪ :‬انسان حالت يا ڪيفيت‪ ،‬جنهن ۾ وارادات‪ ،‬محسوسات‪ ،‬فڪر انساني ۾‬ ‫مرڪزيت پيدا ڪري ته اهو علم اليقين آهي‪.‬‬ ‫حلم اليقين‪ :‬اها مرڪزيت جنهن ۾ سوچ ۽ فڪر ۽ اعتدال پيدا ٿئي‪ ،‬جستجو الِء آمادگي پيدا‬ ‫ٿئي‪ ،‬اتباع جي خوبي اڀري‪.‬‬ ‫عين اليقين‪ :‬اها مرڪزيت جتي يقين پختو ٿئي يقين ۾ عين عيان ٿئي‪.‬‬ ‫حق اليقين‪ :‬هن مرڪزيت ۾ چار مظهر عيان‪.‬‬ ‫‪ -4‬منظور‬ ‫‪ -3‬ناظر‬ ‫‪ -1‬نظر ‪ -2‬نظاره‬ ‫‪ -4‬مشهود‬ ‫‪ -2‬مشاهده ‪ -3‬شاهد‬ ‫‪ -1‬شهود‬ ‫‪ -4‬مطلوب‬ ‫‪ -3‬طالب‬ ‫‪ -2‬مطالبه‬ ‫‪ -1‬طلب‬ ‫‪ -4‬محبوب‬ ‫‪ -3‬محب‬ ‫‪ -1‬حب ‪ -2‬محبت‬ ‫‪ -4‬حق اليقين‪.‬‬ ‫‪ -1‬علم اليقين ‪ -2‬حلم اليقين ‪ -3‬عين اليقين‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪46‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪47‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪48‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪49‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫مڪالمه‪2 :‬‬

‫نفي ۽ اثبات‬ ‫طالب‪ :‬قبال! فرعون‪ ،‬نمرود پاڻ کي خدا سڏايو ته ان کي ڪافر چئجي پر مسلمان ولي پاڻ‬ ‫کي خدا سڏائي ته ان کي ولي اهلل چئجي ٿو‪.‬‬ ‫مرشد‪ :‬فرعون ۽ نمرود عالم ناسوت ۾ نفي جي حالت ۾ پاڻ کي اهلل سڏايو‪ ،‬ان ڪري ڪافر‬ ‫سڏجن ٿا‪ .‬پر اولياَء ڪرام مثال منصور‪ ،‬سرمد‪ ،‬سچل سرمست وغيره هم عالم‪ ،‬الهوت ۾‬ ‫رهي اثبات جي ڪيفيت ۾ اهلل سڏايو‪ .‬هي شهود‪ ،‬مشاهده‪ ،‬شاهد‪ ،‬مشهود جي مشترڪه منزل‬ ‫آهي‪ .‬ڪفر نه مگر عين عشق االهي آهي‪.‬‬ ‫مڪالمه‪3 :‬‬

‫مرشد ۾ خوبي ۽ خصوصيت‬ ‫طالب‪ :‬قبال مرشد جي رسائي ڪيسين ٿئي ٿي؟‬ ‫مرشد‪ :‬مرشد پنهنجي طالب جي صحيح طلب ۽ ان جي رهنمائيَء الِء ستين آسمان تان به ڪري‬ ‫ٿو‪ ،‬ان جي مشڪل ڪشائي ڪري ته‪ ،‬اها مرشد جي خوبي ۽ خصوصيت آهي‪ .‬کين دنيا جي‬ ‫ڪنڊ ڪڙڇ تائين رسائي حاصل آهي‪.‬‬

‫مڪالمه ‪4 :‬‬

‫قديم ڪشالن جي دؤر۽ هاڻوڪي جديد دور ۾ طالب جي رهنمائي ۾ فرق‪ ،‬وقت‬ ‫جي قرب و بعد‬ ‫طالب‪ :‬قبال پراڻي دور ۾ طالبن کي سالن جا سال ڪشاال ڪاٽڻا پوندا هئا‪ .‬تڏهن واليت تي‬ ‫پهچندو هو پر هن وقت ٿوري تڪليف ۾ واليت نصيب ٿئي ٿي‪ .‬ائين ڇو آهي‪ .‬وقت به ٿورو‬ ‫صرف ٿئي ٿو؟‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪50‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫مرشد‪ :‬پراڻي دور ۾ دنيا جي آرائش ۽ آسائش موجود ڪونه هئي‪ ،‬ماڻهو تڪليفن ۽ ڪشالن‬ ‫جا عادي هئا‪ ،‬انهن کي دير سان واليت ان ڪري ملندي هئي جو انهن جو تڪليفون وڌن‪،‬‬ ‫جسم تڪليفن جو هيراڪ ٿئي‪.‬‬ ‫اڄوڪي دور ۾ آرائش و آسائش جا سڀ اسباب موجود آهي‪ ،‬ماڻهن کي ان آرام ۽‬ ‫آسائش ترڪ ڪرڻ سان اوتري تڪليف ۽ مشڪل سهڻي پوندي‪ ،‬جيئن پراڻي زماني جي‬ ‫بادشاهه کي ترڪ تعلقات ڪرڻ سان پهچي‪.‬‬ ‫اهو ئي سبب آهي ته آسائش جي فراهمي هوندي ترڪ _ تعلق ڪرڻ هڪ عظيم جهاد‬ ‫۽ تپسيا آهي‪ .‬اهلل تبارڪ و تعالي فطرت جي تقاضا موجب اڄوڪي ماڻهوَء کي منهن ڦيرائي‬ ‫ڏسڻ سان ئي واليت عطا ڪري ٿو ۽ سامان آسائش کي ترڪ ڪري‪ ،‬هڪ موال ڏانهن راجع‬ ‫ٿيڻ‪ ،‬موجوده دور ۾ تمام مشڪل آهي‪ .‬اهلل خبير‪ ،‬بصير آهي‪.‬اڳئين دور جي ماڻهو جي‬ ‫بنسبت اڄوڪي دور جو ماڻهو وڌيڪ حق رسائي ٿي سگهي ٿو ڇو جو دنيا جي آرام ۽ آسائش‬ ‫کان منهن موڙڻ‪ ،‬بادشاهي ڇڏڻ جي برابر آهي‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪51‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫مڪالمه ‪5 :‬‬

‫الحد جي عالم موجب فقيرانه اسرار ۽ مسائل ”جا حل“‬ ‫طالب‪ :‬قبال! الحد جي اصولن جي وضاحت ۽ حدود ۽ حل بابت وضاحت فرمايو‪.‬‬ ‫مرشد‪ :‬فقيرن ۽ ولين جي عملي ڪارڪردگيَء جي تمثيل هن ريت آهي ته‪:‬‬ ‫هڪ ويٺل ماڻه وَء کي ڪو راهگير ماڻهو ڪنهن ڏنڊي ياتڪليف ڏيندڙ اوزار سان تڪليف‬ ‫پهچائي ٿو ته‪:‬‬ ‫‪ -1‬شريعت موجب تڪليف ڏيندڙ کي القصاص بالقصاس موجب سزا ملندي‪ ،‬ڇو ته شريعت‬ ‫ظاهر اسباب موجب فيصلو ڏيندي‪.‬‬ ‫‪ -2‬طريقت موجب تڪليف ڏيندڙ کي ڪجهه به نه چئبو‪ ،‬ڏک ۽ تڪليف سهڻو پوندو‬ ‫قسمت تي قانع ٿي خاموش رهڻو پوندو‪.‬‬ ‫‪ -3‬حقيقت موجب تڪليف ڏيندڙ کي ڪجهه به چوڻو نه پوندو‪ .‬پنهنجي حالت ۽ ڪيفيت‬ ‫جو جائزو وٺي‪ ،‬پاڻ کي قصوروار سمجهڻو پوندو‪ ،‬ٿي سگهي ٿو ته قدرت ڪنهن ڏوه‬ ‫جي قصاص ۾ تڪليف پهچرائي هجي‪.‬‬ ‫‪ -4‬معرفت موجب تڪليف ڏيندڙ جي دلجوئي ڪجي ڇو ته ان ڪننهن مجبوري ۽ اڻ‬ ‫ڄاڻائي سبب تڪليف ڏني هجي‪ ،‬ان جي تڪليف ڏنڊي کان به وڌيڪ سخت هجي يا‬ ‫ڏنڊي هڻڻ سببب ڪو جاني نقصان ٿيو هجي‪ .‬تڪليف ڏيندڙ جي دل جوئي ۽ تاليف‬ ‫قلوب الِء عملي قدم کڻڻ گهرجي‪.‬‬ ‫‪ .1‬شريعت‪ :‬القصاص بالقصاص‬ ‫‪ .2‬طريقت‪ :‬تقدير تي راضي‬ ‫‪ .3‬حقيقت‪ :‬تجزيه خود ۽ گناهه خود تي نگاهه‬ ‫‪ .4‬معرفت‪ :‬مڪلف جي دل جوئي ۽ تاليف قلوب‬

‫مڪالمه نمبر ‪6 :‬‬ ‫هي مڪالمه ڪوئيٽا جي سفر دوران‪ ،‬سائين چيزل شاهه جي شيرين دهني کان صادر ٿيو‪.‬‬ ‫مرشد جي در تي حاضري ۽ مرشد جي ياد‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪52‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫سائين چيزل شاه‪ :‬هڪ طالب کي ! اڄ دير سان آيو آهين خير ته هيو؟‬ ‫طالب‪ :‬قبال! نفس جي غالمي ۾ هيس جڏهن واندڪائي ملي ته حاضر ٿيس‪.‬‬ ‫سائين چيزل شاه‪ :‬ادا! ڪجهه وقت اسان کي پاڻ وٽ رکو‪ .‬تجربي سان اوهان کي لطف ايندو‬ ‫ناسوت ۾ رهي مرشد سان گڏ هجڻ طالب جو فرض آهي‪ .‬ٻنهي مڪانن جي پروڙ رکڻ گهرجي‪،‬‬ ‫ناسوت جي زندگي ۾ سجاڳ رهڻ گهرجي‪ .‬شريعت ناسوت نه آهي‪ ،‬ڪثرت ڪا شريعت ناهي‬ ‫اگر طالب اهڙي نگاه کان ڪثرت وارو ناسوت ڏسي ته ان مان عبرت حاصل ڪري‪ ،‬پنهنجي‬ ‫پير مغان سان هجي پوِء اهڙي ڪثرت به وحدت آهي‪ .‬پير مغان سان گڏ هجڻ سبب ناسوت ۾‬ ‫ڪا به ت ڪليف ٿيندي ڪثرت جي ڏکيائي ختم ٿي ويندي عالم ناسوت کي نفس کي چئن‬ ‫پهلوئن سان ختم ڪري‪ .1 .‬ٿورو کائي‪ .2 ،‬ٿورو ڳالهائي‪ .3 ،‬ٿوري ننڊ ڪري‪ .4 ،‬ذڪر موال‬ ‫جي ڪري انهن دوران تصور هميشه مرشد جو هجي‪ ،‬مرشد جي بارگاه ۾ رهڻ سان ناسوت‪،‬‬ ‫نفس ‪ 7‬ڪثرت فنا ٿي ويندا‪.‬‬

‫علم‬ ‫سائين چيزل شاهه‪ :‬هڪ طالب کي ڪهڙن ڪهڙن علمن کان واقف آهين؟‬ ‫طالب‪ :‬قبال! تنهنجي ڏسڻ سان سڀ علم وسري ويا اٿم‪ ،‬هاڻ اڳئين زندگي مطابق ڪجهه به‬ ‫ياد نه اٿم‪.‬‬ ‫مرشد‪ :‬برحق‪ :‬علم جا هيٺيان خاص قسم آهين‪.‬‬ ‫‪ .1‬علم لدني‪ .2 ،‬علم وحدانيت‪ .3 ،‬علم ڪشف القبور‪ .4 ،‬علم ڪشف القلوب‪ .5 ،‬علم‬ ‫ظاهريات‪ .6 .‬علم نفسيات‪ .7 ،‬علم ادارڪ‪.‬‬ ‫علم لدني ۽ علم وحدانيت باقي ۽ الزوال آهن‪ .‬باقي ٻيا علم فاني ۽ بي بقا آهن‪ .‬علم‬ ‫لدني ۽ علم وحدانيت روحانيت کي فروغ ڏين ٿا انهن جو ذڪر ذاتي سان تعلق آهي‪.‬‬ ‫طالب فدا حسن شاهه‪ :‬قبال! طالب الِء ڇا ظاهري علم پرائڻ ضروري آهي؟‬ ‫مرشد‪ :‬برحق‪ :‬علم ظاهري ذريعي به علم باطن حاصل ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال! ڪي اولياَء ۽ عارف علم ظاهري کان وقتي طور واقف نه هئا‪ ،‬انهن کي شروع‬ ‫کان ئي علم لدني ۽ وحدانيت عطا ٿيل هو‪.‬‬ ‫مرشد ڪامل‪ :‬ادا اهي ڄمندي ئي ڄام هئا‪ ،‬مگر عام طالبن کي ظاهري علم حاصل ڪرڻ‬ ‫ضروري آهي‪ .‬ڇو ته اهو ئي علم حقيقي جي ڏاڪڻ ثابت ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال اهڙو ڄمندي ڄام هجڻ جو رتبو ڪيئن مليو؟‬ ‫مرشد برحق‪ :‬اهو رتبو موال جي خاص عنايت سان حاصل ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪53‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫مثال‪ :‬حضرت ابراهيم عليه السالم کي حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق جي بشارت ملي‪،‬‬ ‫اها عنايت اهڙين هستين تي ٿئي ٿي‪ .‬جيڪي موال کان دم به غافل نٿا رهن‪.‬‬ ‫”جو دم غافل‪ ،‬اهو دم ڪافر“‬

‫نبي اهلل ۽ ولي اهلل جي رتبن ۾ فرق‬ ‫طالب قبال! نبي ۽ ولي اهلل جي رتبن ۾ تفاوت؟‬ ‫مرشد برحق‪ :‬اهي رتبا مالڪ طرفان آهن‪ .‬ٻئي ڪڏهن هڪ رتبي وارا آهن‪ .‬پر ڪنهن حد ولي‬ ‫اهلل کي نبي اهلل کان ڪجهه قدر وڌيڪ علم تفويض ٿئي ٿو‪ .‬مثال حضرت خضر عليه السالم‬ ‫غيبت ۾ آهي‪ .‬ولي اهلل آهي‪ ،‬حضرت موسي نبي اهلل آهي‪ .‬پندرهين سورهين پاره جي پڙهڻ‬ ‫سان معلوم ٿئي ٿو حضرت خضر حضرت موسي عليه السالم کان وڌيڪ آهي‪ ،‬جنهن جي‬ ‫تصديد ”لن تستطيع معي صبرا“ ملي ٿي‪ .‬حضرت خضر عليه السالم کان عملي استفاده حاصل‬ ‫ڪيو‪ .‬ٻنهي جو ڪم راهه‪ ،‬هدايت ڏيکارڻ آهي‪.‬‬ ‫نبي اهلل کي تبليغ هدايت الِء موڪليو وڃي ٿو‪ .‬پر ولي اهلل پنهنجي عشق سبب خدا‬ ‫کان راغب ٿي فاذڪروني اذڪر ڪم جي رسم تي ڪار بند رهي ٿو ۽ عشق نبوت ۾ به آهي‪.‬‬ ‫مگر واليت وارو عشق جلڻ ۽ پڄرڻ آهي‪ .‬جنهن ڪري حڪم االهي آهي‪” .‬ان اوليا اهلل الخوف‬ ‫عليهم والهم يحزنون“ عشق سان پاڻ کي پچائڻو آهي‪ .‬جيڪو منهن سان ڪرڻو پوي ٿو مگر‬ ‫نبوت ۾ خدا جو امر شامل آهي‪ .‬نبي اهلل پاڻ کي نه جالئي ٿو ۽ نه وري پهچڻ الِء وليَء‬ ‫جيتري ڪوشش ڪري ٿو‪ .‬اهلل تعالي راضي ٿي ولي اهلل کي اهڙو علم عطا ڪري ٿو جيڪو‬ ‫نبوت کان مختلف ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫طالب جون منزلون‪:‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال طالب جون منزلون ڪهڙيون آهن؟‬ ‫هادي برحق‪ :‬طالب الِء هيٺيون منزلون آهن‪:‬‬ ‫‪ .1‬فنا في الشيخ‪ .2 ،‬فنا في الرسول ‪ .3‬فنا في اهلل‪ .4 ،‬بقا با اهلل‪.‬‬ ‫رزق حالل‪:‬‬ ‫طالب‪ :‬قبال طالب الِء رزق حالل ڪيتري الِء صحيح ۽ ڪيتري قدر نقصانڪار آهي؟‬ ‫مرشد ڪامل‪ :‬مرڪندي فرمايو ته رزق ٻن قسمن جو ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫‪ -1‬روحاني غذا واسطي‪ -2 ،‬جسماني غذا واسطي‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪54‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫روحاني غذا جيڪا مرشد کان طالب کي ملي هر هڪ دم ذڪر موال سان شاغل رهي ان مان‬ ‫کيس روحاني سڪون ۽ طمانيت قلب حاصل ٿئي ٿو‪ .‬روحاني غذا الِء رزق حالل هي آهن‪.‬‬ ‫‪ -1‬مرشد جو ڪالم‪ -2 ،‬درويش جو ڪالم‪ -3 ،‬درويشن جي صحبت‪.‬‬ ‫اهي فاذڪروني اذڪرڪم مان ملن ٿيون‪.‬‬ ‫جسماني غذا واسطي رزق حالل اهو آهي ته جيڪو محنت مزدوري ڪري محنت‬ ‫سچائي ۽ نيڪ نيتي سان ڪجي‪ .‬ان جي ابتڙ بي ايماني‪ ،‬کوٽ ڪري حاصل ڪيل رزق‪،‬‬ ‫رزق حرام آهي‪ .‬رزق جي متعلق روز حشر تي پڇا ٿيندي‪ ،‬رزق حالل راهموار ڪندو مگر‬ ‫رزق حرام عذاب جو سبب بڻجندو‪.‬‬ ‫هڪ دفعي سائين جن ڪچهريَء ۾ هڪ درويش جو واقعو ٻڌايو ته هڪ درويش اڏامندو‬ ‫ڪنهن ٻئي درويش وٽ آيو گفتگو ڪرڻ کانپوِء هليو ويو‪ .‬ويٺل درويش کان پڇا ڪئي وئي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬هي اڏامڻ وارو وڏي واليت وارو هوندو؟‬ ‫مرشد برحق‪ :‬انهيَء واليت وڃائي آهي‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬اها حقيقت معلوم ڪرڻ جي اجازت ملي‪.‬‬ ‫مرشد برحق‪ :‬فقير کي منهنجا سالم ڏئي حقيقت پڇي آُء‪.‬‬ ‫طالب چيو ان حقيقت کي معلوم ڪرڻ الِء فقير وٽ پهتس‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬فقير صاح ب ڪجهه ڏينهن اڳ اوهان اسان جي مرشد وٽ آيا هئا‪ .‬سائين جن چيو ته‬ ‫اڏامڻ جي باوجود توهان کان واليت کسجي چڪي آهي” ائين ڇو؟‬ ‫فقير صاحب‪ :‬هڪ ڏينهن ڪنهن رڻ پٽ ۾ وڃڻ ٿيو اتي موال کان دعا گهريم ته موال هن‬ ‫عالئقي ۾ برسات وسائي ميدان کي گل و گلزار ڪر‪ .‬اهلل برسات ته وسائي مگر منهنجي‬ ‫واليت کسي ورتائين‪ .‬ڇو ته رضا االهي جي بر خالف رضا انسان هئي‪ .‬فقير جو ڪم رضا‬ ‫االهي تي راضي رهڻ آهي‪.‬‬

‫واقعات‬ ‫‪ .1‬صحبت جو اثر‪:‬‬ ‫سائين چيزل شاه بادشاه هڪ تمثيل ڏيئي صحبت جي اثر متعلق فرمايو‪:‬‬ ‫هڪ ننڍڙو شينهن ٻڪرين سان گڏجي جهنگ ۾ گهمندو ڦرندو هو‪ ،‬ڇو ته ننڍي هوندي‬ ‫کان ئي ٻڪرين جي کير تي پلي جوان ٿيو هو‪ .‬هڪڙو پالتو شير بنجي ٻڪريَء وانگر بزدل‬ ‫ٿي ويو هو‪ .‬هڪڙي ڏينهن اوچتو انهن ٻڪرين ۾ هڪ جهنگلي شير جي آمد سبب ڀاڄ پئجي‬ ‫وئي‪ ،‬پالتو شينهن به ٻڪرين سان گڏ ڀڄڻ لڳ‪.‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪55‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫جهنگلي شير تکو ڊوڙي پالتو شير کي پڪڙيو‪ ،‬کانئس پڇيو ته ٻڪريون ته ڀڄي‬ ‫ويون تون شينهن ڇو ڀڳ ين؟ پالتو شير جواب ڏنو ته مان ٻڪري آهيان‪ ،‬جهنگلي شير کيس‬ ‫هڪ پاڻي جي چشمي تي وٺي ويو ان ۾ پنهنجو پاڇو ۽ پالتو شير جو پاڇو ڏيکاريائين ۽‬ ‫هڪ ٻئي جي بيهڪ ۽ هڪجهڙائي محسوس ڪرايائين ۽ کيس پڇ جي ذريعي ٺڪاَء‬ ‫ڪڍريائينس پالتو شينهن پاڻ کي شينهن سمجهي حقيقت کان واقف ٿيو‪.‬‬ ‫هن تمثيل مان معلوم ٿيو ته جاهل ۽ نا معقول جي صحبت ۾ انسان نامعقول بنجي‬ ‫وڃي ٿو‪ .‬پر ولين ۽ بزرگن جي صحبت ۾ رهي پنهنجي اصليت کي پرکي حقيقت ڏانهن‬ ‫راغب ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫جهڙي صحبت تهڙو اثر‪:‬‬ ‫‪.2‬‬ ‫هڪڙي لوهار جي تمثيل ڏيندي پاڻ فرمايائون ته جڏهن لوهه جي ٽڪر کي باهه جي مچ ۾‬ ‫وجهي تپائي ڳاڙهو ڪجي ته ان لوهه ۾ باهه جو پورو تاثير ۽ صالحيت باهه واري پيدا ٿي‬ ‫وڃي ٿي‪ .‬ان ريت جيڪي انسان اسم ذات جي تهليل ڪن ٿا ان ۾ ذاتي اسم سبب ذاتيات‬ ‫جون ڪل خصوصيتون سمائجي وڃن ٿيون‪ .‬اگرچه لوهه وانگر لوهه جي ذات الڳ ۽ باهه جي‬ ‫ذات الڳ آهي ته انسان جي ذات خدا جي ذات کان ائين الڳ آهي‪ ،‬مگر خصوصيت ساڳ رهي‬ ‫ٿي‪ .‬هن تمثيل مان ٻيو مقصد به نڪري ٿو ته ”وکان عرشه علي الماَء اهلل تبارڪ و تعالي“‬ ‫انسان کي پنهنجي صفت مان پيدا ڪيو اسم ذات جي ڪري خود ذاتيات بنجي ويو‪ .‬مثال‪:‬‬ ‫سمجهي پاڻ کي ڏس تون ڇاهين‬ ‫ڪونهي ڪو تنهنجي ثاني اال‬ ‫چيزل تون به اهو ئي آهين‬ ‫آدم اعلي ثاني اال‬ ‫موال جي رهائش گاهه‬ ‫‪.3‬‬ ‫دوران گفتگو هڪ طالب مالڪن کان پڇيو‪ :‬قبال! اهلل تبارڪ و تعالي جي رهڻ جي جاِء‬ ‫ڪٿي آهي؟‬ ‫مرشد ڪامل‪ :‬دل ۾ ٻه خانا ٿين ٿا جن جي وچ ۾ هڪ پردو ٿئي ٿو‪ .‬کاٻي پاسي ۾ گرمائش‬ ‫نفساني خواهشات جو باعث شيطاني مرڪز بنجي ٿو مگر ساڄي تي اال اهلل جو مرڪز آهي‪.‬‬ ‫جنهن ۾ خدا جي ذات رهي ٿي‪ .‬خدا جي ذات کي دل ۾ اجاگر ڪرڻ ڏکيو به آهي ته سولو به‬ ‫آهي فرمان آهي ته‪:‬‬ ‫”االنسان سري وانا سره“‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪56‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪57‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫آسمان جي تعداد متعلق وضاحت‬ ‫‪.4‬‬ ‫طالب‪ :‬سائين آسمانن جي متعلق ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ست آهن‪ .‬ان باري ۾ وضاحت فرمايو‪.‬‬ ‫مرشد ڪامل‪ :‬آسمان ست آهن پر اٺون عرشي اعلي ۽ نائون ڪرسي آهي‪ .‬آسمانن جي بناوت‬ ‫سون‪ ،‬چاندي‪ ،‬زمرد‪ ،‬ياقوت ۽ زبرجد جا ٺهيل آهن‪.‬‬ ‫طالب‪ :‬آسمان جا دروازه ڪڏهن کلندا آهن؟‬ ‫مرشد ڪامل‪ :‬سڀنن آسمانن جو دروازو هڪ وقت اسر وقت کلندو آهي‪ .‬جيڪي انسان ذڪر‬ ‫موال جو ڪندا آهن انهن تي نور تجليات جي بارش ٿيندي آهي‪.‬‬ ‫فقير سرائي رسول بخش‪ :‬اها تجليات جي بارش هر وقت يا ڪڏهن ڏسڻ ۾ ايندي آهي؟‬ ‫مرشد ڪامل جڏهن دل مٿان ‪ 360‬ظلمات جا پڙدا هٽي وڃن ٿا ۽ ذڪر االهي سان جلي وڃن ٿا‬ ‫ته تجليات جو مظاهرو ٿئي ٿو‪.‬‬ ‫سرائي رسول بخش‪ :‬قبال انهن دروازن کان سواِء ڪي ٻيا به آهن؟‬ ‫مرشد ڪامل‪ :‬ٻه خاص دروازا ٻيا به آهن هڪڙو دروازو جتان ذاڪر جي عروج ۽ نزول جي‬ ‫رسد جاري رهندي آهي‪ .‬ٻيو دروازو جتان درويش جي ضمير خيرات جي رسد جاري رهندي‬ ‫آهي‪ .‬درويش جي برقعي مٽائڻ کانپوِء اهي ٻئي دروازا روئيندا آهن‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪58‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم شريف‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪59‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بسم اهلل الرحمن الرحيم‬ ‫ڪالم نمبر‪1 :‬‬ ‫(”کنڀات“ سر شام ڪلياڻ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عشق بنايا ايسا‬ ‫سولي اوپر سر ڌراڪي‬

‫ديکو خيال خودي ڪو کايا‬ ‫انالحق االيا‬

‫‪ .1‬آدم ڪو هڪ عذرداڻي‬ ‫نال ڪسي سي ڪيها بهانا‬

‫ڪڍ بهشتون دور تڙايا‬ ‫بازي يار بنايا‬

‫‪ .2‬احسان ٿيا سڀ عالم تي‬ ‫ملڪ بنيا معراج ڪيتي‬

‫جڏان ميم ڪا منصب پايا‬ ‫شاهه ڪربل شافي آيا‬

‫‪ .3‬نال شريعت شمس دي ڪيسي‬ ‫شاهه بالول گهاڻي پيڙهائيئي‬

‫جيئري کل کاليا‬ ‫يونس مڇل ڳهايا‪.‬‬

‫‪ .4‬يوسف ڪو وچ کوهه گهتا ڪي‬ ‫جر جيس ڪو اندر وچ جفادي‬

‫مصر چا ملهه چڪايا‬ ‫يحي قتل ڪرايا‬

‫تينون ترس نه آيا‬ ‫‪ .5‬عاشق لک هزار ڪهائيئه‬ ‫اور اسان نون ڪيا وت پڇدئين منصور مفت مارايا‬ ‫‪ .6‬عشق دي الٽي چال ۾ ديکو‬ ‫جوئي ”چيزل“ آگ سي جليا‬

‫ڪنهن ول سک نه پايا‬ ‫دک سي دن نڀايا‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪60‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪2:‬‬ ‫(سر شام ڪلياڻ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مجهه کو ديا هي ساقي‬ ‫وه جام ايسا پينا‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪيا ڪرينگي حور ڪو‬ ‫ايمان ڪچهه ناڪام هي‬

‫‪-2‬‬

‫ديکهو وحدت ڪا تماشا‬ ‫اس دنيا عقبه دونون ڪو‬

‫‪-3‬‬

‫هڪ درد کي ضرورت‬ ‫عاشق قتل کيا هي‬ ‫‪ -5‬سارا چل گيا زمانا‬

‫جواني گئي ئي محبت مين‬

‫شراب مستو ورنا‬ ‫پهر دوزخ سي نه ڊرنا‬ ‫خود جنت بهشت قصور ڪو‬ ‫ديدار تجهه سي مرنا‬ ‫اس ني خيال دکهايا ڪيسا‬ ‫درڪار ڪچهه نه ڪرنا‬ ‫مذکور هي حضورت‬ ‫پرور غريب دهرنا‬ ‫چيزل رهيا مستانا‬ ‫اظهار ظاهر بريا‬ ‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪61‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪62‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪3 :‬‬ ‫(سر شام ڪلياڻ)‬ ‫اهڙو لوهه لکي انگ اليو آ برهه باب پڙهايو آ‬ ‫برهه جون ڳالهيون نينهن جون نراليون ناز سڄڻ تنهنجا نيون نيون چاليون‬ ‫دردن دود دکايو آ‬ ‫سور سبق ٿي سکن کان سنهنجا ڏاج ڏوالوا ڏک ٿي منهنجا‬ ‫سورن سکڙو وڃايو آ‬ ‫مري موتو جي مام سڃاڻين ذات صفات هڪ ڪري ڄاڻين‬ ‫اها صورت سڀ ۾ سمايو آ‬ ‫مام انهيَء ڪيئي مرد مارئيا سورهه سولي اتي ته سينگاريا‬ ‫اناالحق ته االيو آ‬ ‫ونحن واعدو ويجهو ڄاڻين شڪ ڇڏي تون شرڪ نه آڻين‬ ‫فنغخت فيه فرمايو آ‬ ‫چڻنگ ”چيزل“ تنهنجي پئي آهي چولي ٻوليون ٻولڻهار ٿو ٻولي‬ ‫رهبر راز وکايو آ‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪63‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪4 :‬‬ ‫(سر شام ڪلياڻ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬آڻي عشق آتش اندر ٻاري ڙي اديون‬ ‫جان جسم جند ڳاري دردن ۾ ته آزاري ڙي اديون‬ ‫‪ -1‬هڪ روئي رات گذاري‬ ‫ٻيو ته سيج سمهڻ ويو وساري‬ ‫ٽيون ماري يار جيئاري ڙي اديون‬ ‫‪ -2‬هڪ آُء سهڻل ڪنهن ڀيري‬ ‫ٻيو ته چاڪ پون جگر جيري‬ ‫ٽيون ڪيري ڪيئي وري تاري ڙي اديون‬ ‫‪ -3‬هڪ لڳس تنهنجي الري‬ ‫ٻيو ته پاڻ لڪي وئي ڏيکاري‬ ‫ٽيون کاري ڪيئي اوجاري ڙي اديون‬ ‫‪ -4‬هڪ ”چيزل“ سک نه سيبائي‬ ‫ٻيو ته لوڪ تتي کي تپائي‬ ‫ٽيون کائي ڪيئي وري ڌاري ڙي اديون‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪64‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪5 :‬‬ ‫(سر شام ڪلياڻ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬آوين سانگ اساڏي ليئا پاوين وو يار‬ ‫روئيندي نال االوين وو يا‬ ‫‪-1‬‬ ‫‪-2‬‬ ‫‪-3‬‬ ‫‪-4‬‬

‫سهڻل تيڏي سڪ وچ سڙدي ماندي نون ته مالوين وو يار‬ ‫تيڏي درد وڇوڙي ماري روحان وچ نه رالوين وو يار‬ ‫ڏيندي باهه اندر وچ ڀڙڪي جندڙي نون نه جالوين وو يار‬ ‫”چيزل“ مونجهي ڪاڻ ميالپي واڳان وطن تي والوين وو يار‬ ‫**********‬

‫ڪالم‪6 :‬‬ ‫(سر شام ڪلياڻ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دلبر دوست نه ٿي موکئون دم تون پري‬ ‫ساهه منهنجو توکئو ڪيئن سري‬ ‫‪-1‬‬ ‫‪-2‬‬ ‫‪-3‬‬ ‫‪-4‬‬

‫دل ته سڪي پئي ديدار تنهنجي ڪاڻ‬ ‫او مل اچي مونجهي پئي ٿي مري‬ ‫ايڏو درد دکائي ويڙا‬ ‫باهه اندر ۾ مچ ٿو ٻري‬ ‫هج تون هميشه يار اسان وٽ‬ ‫تنهنجي ڏٺي منهنجو هيان ٺري‬ ‫”چيزل“ پاڻ پرين هت ايندا‬ ‫ڪير ڪشاال پنڌ پيو ڪري‬ ‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪65‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪7 :‬‬ ‫(سر شام ڪلياڻ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪيوين ڪيتئي يار جدائي وو يار‬ ‫اسان رو رو رات نڀائي وو يار‬ ‫‪ -1‬ڪڏان اساڏي اڱڻ تي اوسين‬ ‫هو وين ڪول سدائين او يار‬ ‫‪ -2‬يار ٻاروچل دلڙي لٽ ڳيا‬ ‫ڪريسان شهر گدائي او يار‬ ‫‪ -3‬تنهن بن پيارل ڪيوين مئين ڪريسان‬ ‫ڏيوين وال وڌائي او يار‬ ‫‪ -4‬چيزل صدقي سرهي سارا‬ ‫ڪريسان پاڻ فدائي او يار‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪66‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪8 :‬‬ ‫(سر شام ڪلياڻ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫دلڙي دوست کڻي ويو دم ۾ وو يار‬ ‫هيس ڏاڍي ڪم ۾ وو يار‬ ‫‪ -1‬ڪيئي لٽي وري ڪيئي ته ڦرين ٿو‬ ‫ڪي آڙاهه اڌ ۾ وو يار‬ ‫‪ -2‬ڪيئي وري چالين ڪيئي وري ڀالين‬ ‫ڪي وڇوڙي وهم ۾ وو يار‬ ‫‪ -3‬ڪيئي وري ساجهر ساٿ سينگارن‬ ‫ڪي مرن ماتم ۾ وو يار‬ ‫‪ -4‬ڪيئي وري ”چيزل“ ڪاڏي ويڙا‬ ‫ڪي فنا جي فهم ۾ وو يار‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪67‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪9 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫بيرنگ برقعو پائي پائي‬ ‫آيو آدم هتي اظهار ٿي‬

‫‪ -1‬علم العين يقين تون ڄاڻي‬ ‫وچون ميم وڃائي وڃائي‬

‫احد ۽ احمد فرق نه آڻين‬ ‫آيو سڀن نبين جو سردار ٿي‬

‫‪ -2‬آهين آدم عين اهو ئي‬ ‫غير اندر جو الهي الهي‬

‫سمجهي ڏس تون ناهي ٻيو ڪوئي‬ ‫ونحن پري نه وار ٿي‬

‫‪ -3‬ڪيئن نفي ۾ ناهه ٿي آئين‬ ‫بوتو خاڪي ٺاهي ٺاهي‬

‫قطرو قلزم منجهه سمائين‬ ‫آيو نانُء رکي نروار ٿي‬

‫‪ -4‬ڪيئن تون ”چيزل“ ڪاڏهن آئين اڳي ڪاٿي هئين هتي ڪيئن ڄائين‬ ‫سر تي سهندين سختيون بار ٿي‪.‬‬ ‫دم رهڻ هتي آهي آهي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪68‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪10 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬سمجهي ڏس تون ڇاهين ڇاهين‬ ‫آهين آدم اصلي ڪير وو ميان‬ ‫اربع عناصر نام سڏائين‬ ‫اٿي هوش عقل جو ڦيرو وو ميان‬

‫‪-1‬‬

‫آدم ٿي هت ڪاڏنهن آئي‬ ‫تون اصلي ناهي ناهي‬

‫‪-2‬‬

‫قطرو قلزم جي منجهه پيڙوخاڪ منجهارؤن آدم ٺهيڙو‬ ‫سينو ڪيڏو تون ساهين ساهين اٿي من تنهنجي ۾ ميرو وو ميان‬

‫‪-3‬‬

‫سمجهي پنهنجي پاڻ وڃائج‬ ‫غير وجود جو الهي الهي‬

‫ذاتي اسم سان قلب ڪمائج‬ ‫ڪيڏو عشق ڪيو آ انڌيرو وو ميان‬

‫‪-4‬‬

‫ڪيڏو شان تنهنجو هيڙو‬ ‫ڇا چيزل تون آهين آهين‬

‫ملڪن سر کي سجدو ڪيڙو‬ ‫ٿي پاڻ ۾ پنهنجو سير وو ميان‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪69‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪11:‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ڳولي ڏس تون ڳولي‬ ‫اٿي اندر ۾ اسرار وي‬

‫‪-1‬‬

‫پنهنجي اندر ۾ پائي ڏس جهاتي‪،‬‬ ‫آهي تنهنجي چولي چولي‬

‫سرآن ساڳي ذات سفاتي‬ ‫ڏس دل اندر ديدار وي‬

‫‪-2‬‬

‫ونحن واري واٽ نهارج‬ ‫ڏس اکيون تون کولي کولي‬

‫اسم ذاتي دل تي ويهارج‬ ‫آهي سڀ تو ۾ سنسار وي‬

‫‪-3‬‬

‫ڳولهي ڏس پاڻ تون ويهي‬ ‫ڀل نه ٻي ڪنهن ڀولي ڀولي‬

‫سيني اندر ٿي سير سڀوئي‬ ‫ناهين پري تو کئون وار وي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل پنهنجو پاڻ سڃاڻج‬ ‫ڪير اندر ٿو ٻولي ٻولي‬

‫نفس نفي ڪري موجان ماڻج‬ ‫اتي آڻج ايڏو اعتبار وي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪70‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪12 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬نانهه جو نقطو سڃاڻ‬ ‫پاڻ نه ڀانئج پوِء وري ڄاڻي‬ ‫‪-1‬‬

‫نفس ناسوتي نانهه سان مرندو‬ ‫جڏهن جبروتي جوشن ۾ جلندو‬ ‫ملڪ ملڪوتي ماڻ‬ ‫لنگهي الهوت ۾ الحد هاڻي‬

‫‪-2‬‬

‫حلم العلم ال پنڌ ٿي هورو‬ ‫ڪر فقر ته فنا ٿيڻ ڳؤرو‬ ‫عين ال خاص ڪير ايمان‬ ‫حق الحق تي يقين تون آڻي‬

‫‪-3‬‬

‫ڏاڍو شوق شريعت سان رک‬ ‫ٻڌي توڪل طريقت تون سک‬ ‫هل حقيقت ساڻ‬ ‫معرفت مطلب قلزم ڪاڻي‬

‫‪-4‬‬

‫بادي ناري آبي خاڪي‬ ‫ڇڏي عناصر ٿي فالڪي‬ ‫پنهنجو سڃاڻج پاڻ‬ ‫”چيزل“ گڏ ٿي پري ڇو ٿو تاڻي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪71‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪13:‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڏسي اها موج مستي جي‬ ‫پيا وڃي بحر ۾ ڪاهي‬ ‫نه ٿا ترسن اهي عاشق‬ ‫سانگو سر ساهه جو الهي‬ ‫‪-1‬‬

‫اهي مچ عشق ۾ پيڙا‬ ‫پتنگ قربان لک ٿيڙا‬ ‫موتو فنا في اهلل ميڙا‬ ‫ٻڌو سندرو سورهين ساهي‬

‫‪-2‬‬

‫اسم هڪ الف سان جيُء اڙ‬ ‫سبق سورن سندوئي پڙهه‬ ‫شمع جي شعاع تي تون سڙ‬ ‫پوڻ منجهه باهه جي ڇاهي‬

‫‪-3‬‬

‫روئان شب روز هي دم دم‬ ‫اندر آڙاهه آهي ماتم‬ ‫هميشه درد تنهنجو غم‬ ‫سوري جي سر مٿئون آهي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل هي آگ ٿي ساڙي‬ ‫لکيو ازلي پنهنجو پاڙي‬ ‫رڳان‪ ،‬هڏ ‪ ،‬تن جسم ڪاڙهي‬ ‫چڙهين تون ڪيئن وڃي ٿو ڦاهي‬ ‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪72‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪73‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪14 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ٻڌي توڪل سچا طالب‬ ‫تڏهن تلقين سڃاڻي‬ ‫‪ .1‬ڪمائج دم اسم ذاتي‬ ‫وهي ٿي قلب تي ڪاتي‬ ‫پائي ڏس پاڻ ۾ جهاتي‬ ‫نفي اثبات کي ڄاڻ‬ ‫‪ .2‬تڪيو جن توڙ جو آهي‬ ‫چڙهن منصور ٿا ڦاهي‬ ‫سانگو سر ساهه جو الهي‬ ‫تڏهن وڃي موج هو ماڻي‬ ‫‪ .3‬اندر ۾ باهه ويو ٻاري‬ ‫رڳان تن من جسم ساڙي‬ ‫سڙي کي ٿو سور اوجاري‬ ‫ساجن سهجن جا سک ٿو ڪوماڻي‬ ‫‪ .4‬چيزل ٻي ڳالهه نه آڻج‬ ‫سورن کي سيج ڪري ڄاڻج‬ ‫مري موتو منصب ماڻج‬ ‫عجب اعتقاد اتي آڻي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪74‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪15 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬لوڪ ڇا ڄاڻي عام‬ ‫عشق اڻائو الٽي بازي‬ ‫‪ .1‬رمز انهي ۾ رند ڪي رهندا‬ ‫سورهيه سور ۽ سختيون سر تي سهندا‬ ‫ڪي غازي کڻندا گام‬ ‫درد وڃائي دور درازي‬ ‫‪ .2‬انا الحق ٿو عشق پڙهائي‬ ‫سوري اتي منصور چڙهائي‬ ‫اولو رکي اسالم‬ ‫نه ڄاڻن محبت مالن قاضي‬ ‫‪ .3‬محو خيال مستي ۾ آهن‬ ‫سر جو سانگو هو ٿا الهن‬ ‫پاڻ ڪرن قتالم‬ ‫غرق وحدت ۾ آهن غازي‬ ‫‪ .4‬وحدت واعظ عشق جو آهي‬ ‫اال قليل نصف جا ڳائي‬ ‫آهي نينهن وارن جو نام‬ ‫چيزل اگهندي اتي وڃي آزي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪75‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪16 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬لڳا سوز ڳيا سنسار‬ ‫نال تساڏي مئين يار التي‬ ‫‪ -1‬لوڪ عالم سڀ مارن طعني‬ ‫عاشق رهندي سڀ مست ديواني‬ ‫طلب تيڏي هي ديدار‬ ‫خلق ساري دي مئين خواري چاتي‬ ‫‪ -2‬نال خيال دي محبت الوين‬ ‫خاص خريد خودي نون کاوين‬ ‫ٻڌ نه ٻي ڪا پچار‬ ‫جل گئي جان تي ساري ڇاتي‬ ‫‪ -3‬سڪندي عمر وئي آ ساري‬ ‫دوست نه ڏيندا ڪا دلداري‬ ‫روئيندي آن زارئون زار‬ ‫لڪ ڇپ چوري مئين جهاتي پاتي‬ ‫‪ -4‬عاشق رهندي مست نرالي‬ ‫چيزل آيم سخت ڪشالي‬ ‫اندر هي ته آزار‬ ‫قربان تساڏي ماري ڪاتي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪76‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪17 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫پيتم جام تمام‬ ‫دستئون ساقي پرڪر وحدت‬

‫‪ -1‬پياال پيتم جام الستي‬ ‫سرڪي سوز دي التي مستي‬ ‫نظر ڏٺم نروار‬ ‫هارجاِء حق ٿي هويا ثابت‬ ‫‪ -2‬وحدت پرڪر پياال پيتم‬ ‫رخ روشن تڏاهين ٿيم‬ ‫صاف صورت صبحان‬ ‫هر مظهر وچ الحد الشڪ‬ ‫‪ -3‬ڪي وت ڄاڻن محبت معني‬ ‫سالڪ سمجهن رنديگانا‬ ‫خيال رکين هڪ خاص‬ ‫ظاهر باطن دم دم محبت‬ ‫‪ -4‬حق پاڪ صنم صبحان هي سارا‬ ‫وفي انفسڪم ڏتس اشارا‬ ‫چيزل مام سڃاڻ‬ ‫راز اهين وچ هو يا رحمت‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪77‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪18 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ڪون اسان نون لوڪ سمجهاوي‬ ‫اسين آدم دي اوالد نه ڄائي‬

‫‪ -1‬ڪاڻ تماشي هتڙي آيم‬ ‫مٽ نه ڪنهن دا نه ڪوئي ڄايم‬ ‫سير سلطاني حقيقي پايم‬ ‫خيال ڳيا لنگهه سفر سجائي‬ ‫‪ -2‬نفس نصيحت آپ نه ڪردا‬ ‫خوف خدا جي رب نه ڏردا‬ ‫عشق واليان نون هي علم اندر دا‬ ‫حرف هڪو ٻئي ڪم اجائي‬ ‫‪ -3‬اهي اکيان شل انڌيان هوون‬ ‫يار پنهل بن ٻئي ڏي واجهاون‬ ‫ديدان هميشه دل وچ الون‬ ‫تير تفنگي ابرو بڇاوي‪.‬‬ ‫‪ -4‬عشق واليان نون هادي هدايت‬ ‫راهه رهبر سچ ڏسي هي وحدت‬ ‫ٻيا ڪون ڪريسي سانون نصيحت‬ ‫چيزل نعرا نينهن وڄاوي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪78‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪19 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫عشق ڪيو اثبات‬ ‫نفس عقل جون ويون سڀ ڳالهيون‬

‫‪ -1‬پاڻ وڃائي پڌر پياسي‬ ‫جاڏي ڪاڏي عين ٿياسي‬ ‫ڪاڏي وئي ظلمات‬ ‫نينهن تنهنجي جون آهن نراليون‬ ‫‪ -2‬عشق ڇڏيا سڀ لڙئي الهي‬ ‫هر جاِء حاضر هڪ اهو آهي‬ ‫سمجهڻ ساري صفات‬ ‫خاص انهي جون آهن خياليون‬ ‫‪ -3‬پنهنجو پاڻ سمجهي ڄاتم‬ ‫ونحن اقرب قول سڃاتم‬ ‫طلب تنهنجي آ هڪ تات‬ ‫جنگ جسم سان پياٿا جاليون‬ ‫‪ -4‬چيزل اصلي ناهي اولو‬ ‫سڪ وارن ڪان سمجهڻ سولو‬ ‫عشق وڏي آ آفات‬ ‫اول آخر کئون اهي تنهنجو چاليون‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪79‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪20 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫لک ڪيان شڪران‬ ‫منهنجي اڱڻ تي ڪيئن تون آئين‬

‫‪ -1‬ايڏيون ڀاليون تنهنجون ڀايان‬ ‫چئي ٻين کي ڇا ته ٻڌايان‬ ‫سر ڪيان قربان‬ ‫اهڙو وري ناتو ڪيئن ٿو الئين‬ ‫‪ -2‬انگ اصل کئون اڳي ئي آهي‬ ‫هن ۽ هن سان منهنجو ڇاهي‬ ‫دل ڪيئي ويران‬ ‫هاڻي وري پاڻ کي ڇو ٿو لڪائين‬ ‫‪ -3‬ونحن اقرب پاڻ چئي ويو‬ ‫اولو اکين جو ڪيئن ته لهي ويو‬ ‫ٿيو ظاهر عين عيان‬ ‫الحد واريون ٿو رمزان رالئين‬ ‫‪ -4‬چيزل سڌ نه ڪا سار لڌائون‬ ‫پيار ڏئي ڪيئن مچ ۾ وڌائون‬ ‫درد جو ٻڌ داستان‬ ‫ماندي سان مل ڇو ٿو ستائين‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪80‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪21 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ڪهڙيون ڪيان تنهنجون ڳالهيون نراليون‬ ‫لوڪون لڪايان چئي ڇا ٻڌايان‬

‫‪ -1‬ڳجهه جون ڳالهيون سلڻ نه جهڙيون‬ ‫پنهنجي اندر ۾ پاڻ سان ڪيڙيون‬ ‫ڪري نظر ڏس ڀاليون نراليون‬ ‫ڪير ٻيو آه ڪنهن ڏانهن ٿي ڀائيان‬ ‫‪ -2‬ڪيئي عاشق قتل ڪرايئه‬

‫سرمد جهڙا مست مارائيه‬ ‫تنهنجو اصل کئون چاليون نراليون‬ ‫نازن واري سان ٿي نيهن نڀايان‬

‫‪ -3‬ايڏو بار بره جو آهي‬

‫پتنگ پون ٿا مچ ۾ ڪاهي‬ ‫تن کي لبن تي الليون نراليون‬ ‫ڳڻ تنهنجا مان پئي ٿي ڳايان‬

‫‪ -4‬چيزل ڪيئي صدقي سارا‬

‫عشق جا ڏس تون نينهن نظارا‬ ‫چڙهي سولي تي جاليون نراليون‬ ‫وحدت واري وصال ۾ آهيان‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪81‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪22 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫عشق جو پيتم جام‬ ‫شوق شراب جو مست پيالو‬

‫‪ -1‬وحدت وارو جام پيارئين‬ ‫قلب روشن دل ڪيائين‬ ‫خودي ٿي ته تمام‬ ‫کلي نظر تي ويو آ ڪشالو‬ ‫‪ -2‬بي خود مست برهه ڪيو آ‬ ‫عشق انا الحق پاڻ چيو آ‬ ‫سک منصوري مام‬ ‫چڙهي سوري تي ڏس نينهن نرالو‬ ‫‪ -3‬ساقي سرڪي صاف پياري‬ ‫مست ڪري جنهن مئين آ ماري‬ ‫دل کي وجهي ويا دام‬ ‫دم دم سان تنهنجو هڪڙو نالو‬ ‫‪ -4‬چيزل ڪيف ڪالل پياريو‬ ‫موتو قبل ال ماري جياريو‬ ‫ڪهڙي ڪل ٻي عام‬ ‫ستت ڪر تون پنهنجون سنڀالو‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪82‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪23 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عشق جو پنڌ آ پري پري‬ ‫سمجهڻ آهي مشڪل معني‬ ‫‪ -1‬ڪي ته برهه جي باهه ۾ پيڙا‬ ‫مجنون وانگي مست جو ٿيڙا‬ ‫آيا عشق جي اري اري‬ ‫سوين دليالن ڪن ٿا دانا‬ ‫‪ -2‬عالم عاقل اونا ڄاڻن‬

‫نفس عقل ڏي پيا ٿا تاڻن‬ ‫جيئري وري ڪو مري مري‬ ‫پتنگ پچن ٿا اهي پروانا‬

‫‪ -3‬شوق وارن جا شغل شهانا‬

‫مست رهن ٿا منجهه مئخانا‬

‫دل وئي نه ٿي وري وري‬

‫بي خود بحر ۾ آهن بيگانا‬

‫‪ -4‬چيزل ٻڌ تون سندرو ساهي‬

‫پئو ته برهه جي باهه ۾ ڪاهي‬ ‫ڳالهه ڪيون پئي ڳري ڳري‬ ‫درد ڏکن ۾ آهن ديوانا‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪83‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪24 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه ‪ :‬اچي عشق اٿاريون اندر منهنجي ۾‬ ‫ڪيئي نينهن سنديون نيون ڳالهيڙيون‬ ‫‪ -1‬اچن اوقات ٿا اهڙا اوٻر‬ ‫روئي وڃايان پنهنجا حالڙيون‬ ‫‪ -2‬ساعت ساعت سورن جي آ‬ ‫جوشن ۾ ويهي جالڙيون‬ ‫‪ -3‬سئو ڦيرا قربان تن تئون‬ ‫مڏيون صدق سڀ مالڙيون‬ ‫‪ -4‬چيزل کي چڪ چور جو ڪيڙو‬ ‫روئي وهايان نيون نالڙيون‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪84‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪25 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬برهه اسان کي بيمار ڪيو آ‬ ‫نڪو سيج پلنگ نڪو سک ٿو وڻي‬ ‫‪ -1‬ڳجهه مرض اندر جو آهي‬ ‫سورن ساڙيو آ سنڌ سنڌ ته ڳڻي‬ ‫‪ -2‬سوين طبيبن ستيون ته ڪمايون‬ ‫نڪو فائدو فرق هاڻي‬ ‫‪ -3‬کائڻ پيئڻ زهر جو ٿيڙو‬ ‫دکي ڪيو آ درد آڻي‬ ‫‪ -4‬ڪڏهن چيزل سان ڪر نه وڇوڙو‬ ‫قلم قضا جيڪي باب بڻي‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪85‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم ‪26 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬پل پل پوندي ني پور‬ ‫ڏاڍا عشق اويڙا‬ ‫‪ -1‬دلڙي مئين التي سنگت نه ساٿي‬ ‫تتي ڦاٿي وچ ته ڪلور‬ ‫‪ -2‬دکي دم جيتا سهاڳ جو نيتا‬ ‫تيڏي عشق ڪيتا چڪنا چور‬ ‫‪ -3‬نڪلن دانهان ٿڌڙيان آهان‬ ‫ٻيان واهان وسريم مور‬ ‫‪ -4‬عشق اويڙا وسريم ويڙها‬ ‫پيا ڳل دا جهيڙا نور‬ ‫‪ -5‬چيزل روندا ول يار نه ائوندا‬ ‫ڏاڍيان ڳالهيان ڳاؤندا دور‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪86‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪27 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دردن ۾ دل آهي آهي‪ ،‬ڏک سورن ۾ سڙي ساهه ويو‬ ‫‪ .1‬سور آياٿم ستت سويرا‪ ،‬عشق اصل کئون التم ڀيرا‬ ‫سندرو ٻڌو مان ساهي ساهي‬ ‫‪ .2‬درد اندر ۾ عشق اويڙو‪ ،‬جيُء جسم سان لڳو آ جهيڙو‬ ‫عشق عقل کي ڊاهي ڊاهي‬ ‫‪ .3‬دانهان ڪيان ٿي وسريم واٽان‪ ،‬عشق اوالنبو عرش تي الٽا‬ ‫باهه ڏئي ويو ٺاهي ٺاهي‬ ‫‪ .4‬ساهه ڪيان صدقي گهوري‪ ،‬جان جسم هڏ ڀڃي ٿو ڀوري‬ ‫ڳاهه ڪيون ٿو ڳاهي ڳاهي‬ ‫‪ .5‬چيزل صدقي سر جي ٻولي‪ ،‬ڏک اچن پيا پاتم جهولي‬ ‫ڪاهه ڪيون ٿو ڪاهي ڪاهي‬ ‫*********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪87‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪28 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عشق عجب هتي آيو آيو‪ ،‬هي ته ناتو ٿي نينهن نڀايان‬ ‫‪ -1‬عشق بيٺو ميدان ملهائي‪،‬‬ ‫جيئري جسم جاليو جاليو‬

‫سورهه سر جو سانگو الهي‬ ‫مون ته چئي ٻين کي ڇا ٻڌايان‬

‫‪ -2‬عشق ڪيڏا وري ڪم ڪريا‬ ‫ڪوفين ڪوڙ ڪمايو ڪمايو‬

‫ڪربل ۾ آڻي گهوٽ گهرايا‬ ‫هي ته انگ ازل جو لکئي ڏانهن ڀايان‬

‫‪ -3‬شمس الحق جي کل کاليئي‬ ‫انا الحق ته االيو االيو‬

‫سوريَء تي منصور ماريئي‬ ‫هي ته جلد جسم کئون جدا ڪري الهيان‬

‫‪ -4‬انگ ازل جو لکيو پنهنجو پاڙيو‬ ‫سرمد سيس ڪپايو ڪپايو اهي‬

‫صوفي جو سر نيزي چاڙهيو‬ ‫ناز تنهنجا وري ڳڻ ٿي ڳايان‬

‫‪ -5‬چيزل آهن ڪهڙيون ڳالهيون‬ ‫پير پرجهي پايو پايو‬

‫عاشق ماري ڏسي ٿو ڀاليون‬ ‫آهي عشق اويڙو ڪن منجهه ڪاهيان‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪88‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪29 :‬‬ ‫(تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫محبت موجان اليون اليون‬ ‫اچي نينهن مچايا ناز ميان‬

‫‪ -1‬هڪ الف اندر منجهه آيو‬ ‫غير خودي جو خيال وڃايو‬ ‫ويو عشق چنبن ۾ چايون چايون‬ ‫ڏک سورن جا ڏئي ساز ميان‬ ‫‪ -2‬خفي غفي ٿي روحي سالب‬ ‫ذات اسم ته ذڪر آ غالب‬ ‫ڪشف قلوب ڪمايون ڪمايون‬ ‫هڪ وحدت وارا آواز ميان‬ ‫‪ -3‬مست ڪري دل بي خود ساري‬ ‫درد ڏکن جي آهي ته آزاري‬ ‫ڏيئي سور ويو سمجهايون سمجهايون‬ ‫هڪ رمز ڦاسايا راز ميان‬ ‫‪ -4‬سڌ پوي ٿي سرت نه ڪائي‬ ‫چيزل رات ڏکن جي آئي‬ ‫ويو پيچ پرين سان پايون پايون‬ ‫ڇڏي علم عقل عرفان ميان‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪89‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪30 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫پنڌ اٿي ڏاڍو اوري اوري‬ ‫پري ڇو ٿو پاڻ ڏسائين‬

‫‪ -1‬توڪل وارا توڙ کئون هيڙا‬ ‫موتو قبل ال اڳ ئي ميڙا‬ ‫سر صدق ڪيائون گهوري گهوري‬ ‫رهبر نيئي ٿو روِء رسائي‬ ‫‪ -2‬سڪ کئون سندرو ٻڌائون ساهي‬ ‫پنڌ اڳتئون انهن جي ڇاهي‬ ‫ويا ڪنهن جي نه ٿوري ٿوري‬ ‫پنهنجي سر تي ورهه وسائي‬ ‫‪ -3‬جاڏي ڪاڏي ڳالهه اها ئي‬ ‫حق بنا ٻي وات نه وائي‬ ‫ڏکيا ڏونگر ڏس ڏوري ڏوري‬ ‫ويهه نه پنهنجو پاڻ ڦاسائي‬ ‫‪ -4‬عشق ازل کئون اڳ ئي آيو‬ ‫چيزل ڪر تون ساجهر سعيو‬ ‫ذاتي ذڪر ڏس چوري چوري‬ ‫پارس سان ڏس پاڻ گسائي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪90‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪31 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫آهن ناز تنهنجا اهي نوان نوان‬ ‫مون سمجهي سڃاتو تون پاڻ آن‬

‫‪ -1‬ڪربال ۾ ڪوس ڪرايئي‬ ‫عاشق پنهنجا پاڻ مارايئي‬ ‫سوز اچن ٿا سنوان سنوان‬ ‫‪ -2‬شاهه بالول گهاڻي پيڙايئي‬ ‫شمس الحق جي کل کاليئي‬ ‫رند ٿيا وڃي روان روان‬ ‫‪ -3‬پيارو تنهنجو خاص جو هيڙو‬ ‫ابراهيم آڙاهه منجهه پيڙو‬ ‫حال ڪهڙو ڪنهن کي چوان چوان‬ ‫‪ -4‬چيزل عاشق اتي ڪيئن اڙندا‬ ‫سوريَء تي منصور به چڙهندا‬ ‫پير نه پوئتي پوان پوان‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪91‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪32 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫سهڻي صورت جو ڪهڙو ڪيان مون بيان‬ ‫منڙو مست ٿيو حسن ڏسي حيران‬

‫‪ -1‬لڳيون رمزان نين دلڙي ديواني‬ ‫سچي آ صنم جي صورت سبحاني‬ ‫الحد لنگهي ويا الهوتي الثاني‬ ‫برهه تن باطن آهي عشق عيان‬ ‫‪ -2‬سدا سورن ۾ سرتيون ويٺان جاليون‬ ‫سهڻي رکيل جون پون ياد ڳالهيون‬ ‫روئان راتون ڏينهان ڪيان روز راڙيون‬ ‫سئو ڦيرا صدقي قدمين ٿي قربان‬ ‫‪ -3‬عاشق انهيَء کي وڌو سوز ساڙي‬ ‫جان جسم جند جن ڪيو حوالي‬ ‫ڪڏهن متان کڻي سهڻل نين ڀالي‬ ‫هڻي تير ابرو ماري مجگان ڪان‬ ‫‪ -4‬جن کي هدايت ويا سي واليت‬ ‫فيض فقر آهي شاهه عنايت‬ ‫راز رکيل جو ملي آ امانت‬ ‫چيزل نڪي آه نيڻن ننڊ آرام‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪92‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪33 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دوست آهي منهنجو اهو دل وارو‬ ‫اڄ ته اسان وٽ ايندم هاڻي‬ ‫‪ -1‬پل نه ٿي هڪ پري تون پاسي‬ ‫دلڙي تو لئه باسان ٿي باسي‬ ‫سڄو آهي منهنجو سارو سارو‬ ‫سڀ ڪنهن کي ٿو پاڻ سڃاڻي‬ ‫‪ -2‬ٻئي ته ڪنهن کي ڪين مان چوندس‬ ‫مري ويندس توکي نه ڇڏيندس‬ ‫ساهه کئون آهي ڏاڍو پيارو پيارو‬ ‫حال اسان جو هڪ تون ڄاڻي‬ ‫‪ -3‬ايڏيون سختيون دل تي سهي ٿي‬ ‫سڌ سورن جي ڪانه پوي ٿي‬ ‫سخت ڏکيو آهي چارو چارو‬ ‫ناحق ڇو ٿو پيو رولي ٿوراڻي‬ ‫‪ -4‬چيزل پنهنجي دل کي جاڳائج‬ ‫ذاتي اسم سان قلب ڪمائج‬ ‫دم ناهين ته وسارو وسارو‬ ‫محبت جو ميدان ٿو ماڻي‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪93‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪34:‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫سڪ سوز سهڻل دي سڙئيان‬ ‫لک درد ونديان ديان ڌڙيئان‬

‫‪ -1‬ميڪون پير مغان سمجهايا‬ ‫ساڏا بخت ٿيا سوايا‬ ‫مين نال الف دي اڙيئان‬ ‫‪ -2‬عشق آيم سر زوري‬ ‫رات ڏينهان دي لوري‬ ‫مين باب برهه دي پڙهيئان‬ ‫‪ -3‬چيزل چاڪ فراقين ماريا‬ ‫ڳجهه ڳڻتين اسان نون ڳاريا‬ ‫مين ويسان مول نه کڙيان‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪94‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪35 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫دل وئين سڄي کسي‬ ‫ايڏي بي پرواهي ڇو ڪري‬

‫‪ -1‬ڪيئي عاشق قتل ڪرايئي‬ ‫سوليَء تي منصور چڙهايئي‬

‫حال ايهو نه ٿو ڏسي‬

‫‪ -2‬شمسل حق جي کل کاليئي‬ ‫ڪربل ۾ ڪيڏا ڪم ڪرايئي‬ ‫ناز ڪيون پيو هسي‬ ‫‪ -3‬ڀري پيالو جام پياريئي‬ ‫محبت ۾ کڻي مست ڪرايئي‬ ‫وحدت ۾ ٿو وسي‬ ‫‪ -4‬چيزل دلڙي ياد ڪري ٿي‬ ‫هيڏي هوڏي ڪين لڙي ٿي‬

‫لوهه پارس سان گسي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪95‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪36 :‬‬ ‫(سر تلنگ)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫سائت هڪ نه ٿي سار ميان‬ ‫آيا سخت غمن جا بار ميان‬

‫‪ -1‬جاڪو تو سان نينهڙو اليم‬ ‫صحت فرحت سک وڃايم‬ ‫پل هڪ نه ٿي مون کان پري پري‬ ‫ڪرين ٿو دل تي وار ميان‬ ‫‪ -2‬پتنگ پون ٿا مچ ۾ ڪاهي‬ ‫سر جو سانگو الشڪ الهي‬ ‫ڪنڌ اڏيَء تي ڌري ڌري‬ ‫ڪسي پير مغان پئي ڌار ميان‬ ‫‪ -3‬درد اندر ۾ دکايم دونهو‬ ‫سورن ۾ آهي ستت سونهون‬ ‫باهه اندر ۾ ٻري ٻري‬ ‫هي ته روئي پٽي ڪڍي پار ميان‬ ‫‪ -4‬چيزل پنهنجو پاڻ ۾ پيهي‬ ‫ڏيئي اوجاڳو ڏس تون ويهي‬ ‫ناُء وتيون پيو ٺري ٺري‬ ‫هڪ دم دم سان ديدار ميان‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪96‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪37 :‬‬ ‫(سر پيلو)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫قلندر لعل اپني سي جاللي هون جاللي هون‬ ‫نشا وهدت خمر پيئا موالي هون موالي هون‬

‫‪ -1‬جسي مجهه ڪو ديا پياال‬ ‫اسي ڪا شان هئي اعلي‬ ‫صاحب صورت سخا واال‬ ‫اسي ديدار خيالي هون‬ ‫‪ -2‬سچي سرڪي ديا ساقي‬ ‫رهيا هئي خيال ڪل باقي‬ ‫ڏٺم صورت صفا ذاتي‬ ‫برهه بيشڪ بحالي هون‬ ‫‪ -3‬ايسا انوار عجب ديا‬ ‫سينا سارا صفا ٿيا‬ ‫حجابئون غير ڪل ڳيا‬ ‫وره سي خود وصالي هون‬ ‫‪ -4‬همارا لعل هم ساعت‬ ‫جسي مجهه ڪو ديا وحدت‬ ‫اسي هر دو جهان عزت‬ ‫چيزل ازلي آزاري هون‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪97‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪38 :‬‬ ‫(سر پيلو)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫پاليا حوض ڪوثر ڪا‬ ‫ووهي ساقي هوا ڪيسا‬ ‫شرابون شوق ڪا پياال‬ ‫ديا هي جام وه ايسا‬

‫‪ -1‬هويا مدهوش مئخانا‬ ‫جو محبت ۾ مال مجهه سي‬ ‫صنم ڪي دست سي پيئا‬ ‫عجب خوشبوِء هئي خاصا‬ ‫‪ -2‬ڪيا ظاهر ذڪر ذاتي‬ ‫گيا ظلمات ڪا پردا‬ ‫جو عين غين سي هڪ هئي‬ ‫دوئي يڪدم هوا ماسا‬ ‫‪ -3‬نه جنت بهشت حوران ڪي‬ ‫جو خواهش وو رهي دل سي‬ ‫يڪي ديدار ڪي سڪ هئي‬ ‫جدائي ۾ رها جيسا‬ ‫‪ -4‬چيزل ڪا حال هي سارا‬ ‫جو عالم لوڪ ڪيا جاني‬ ‫ديا دتعدي و تنسي‬ ‫تڪبر سي ڪيا پاسا‪.‬‬ ‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪98‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪99‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪39 :‬‬ ‫(سر پيلو)‬ ‫ٿلهه ‪ :‬واهه واهه مليا مرد حقاني‬ ‫برقعا پا انساني‬

‫هويا سر سبحاني‬ ‫مليا مرد حقاني‬

‫يار مليو سي مست جاللي‬ ‫‪ -1‬جنهن دي ڪيتي مئين سوالي‬ ‫پيتم جام وصالي و هوا‬ ‫ڏتڙس شوق شراب پياال‬ ‫نشا نينهن اٿاريا سير ٿيا سلطان‬ ‫جنهندا قرب ڪمالي و هوا‬ ‫‪ -2‬پير يمغان سانون پارس مليا‬ ‫ڏتڙس دست داللي و هوا‬ ‫گهن ڪر ڪولهه ٻلهايس ميڪون‬ ‫مهل انهي معراج بڻيو سي عرش مٿي آسماني‬ ‫‪ -3‬ملڪ موال دا عجب تماشه‬ ‫لدني رمز تي راز حقيقي‬ ‫گل ڦل باغ باغيچا بن ڳيا‬

‫سمجهي سير ڪيو سي‬ ‫آدم خاڪ ٺهيو سي‬ ‫دنيا هي جڳ فاني‬

‫‪ -4‬عشق لڳاين عاشق هويا‬ ‫موتو پهلي موت سي مرنا‬ ‫اسڪا معني مطلب هويا‬

‫گوشي گذر ڪيا ٿا وهوا‬ ‫دونو جڳ جيا ٿا وهوا‬ ‫بيحد برهه بياني‬

‫‪ -5‬فيض فتحپور عشق االهي‬ ‫شعاع شمع تي عاشق آون‬ ‫جهوڪ ميرانپور عبدالستار‬

‫گهوٽ رکيل دا شاني‬ ‫پتنگ سوين پرواني‬ ‫چيزل قدم قرباني‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪100‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪40 :‬‬ ‫(سر پيلو)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫مرنا هئي وه مرنا هئي‬ ‫سورهيه سردا سانگا ڇوڙين‬

‫مرڻ سي ڦر ڪيا ڊرنا هي‬ ‫سوري تي سر چڙهنا هي‬

‫‪ -1‬موت سي پهلي آپ ڪون مارين‬ ‫قدم پڇوتي پوِء نه نهارين‬

‫سر دا سودا سيس سنڀالين‬ ‫اهو ڪم قتل دا ڪرنا هئا‬

‫‪ -2‬ايسا مست رهو رس يارو‬ ‫سوري چڙهه ڪر سير گذارو‬

‫موت سي پهلي آپ ڪون مارو‬ ‫سر جدا ڌڙ ڌرنا هئي‬

‫‪ -3‬وحدت وادي واه جو هويا‬ ‫اوڪث فيما عشق لگايا‬

‫عمي اڪثر اقتا ڌويا‬ ‫يفعلويب ارنا هي‬

‫‪ -4‬ايسا پيار پريت هي ياري‬ ‫عاشق رو رو عمر گذاري‬

‫اهل صفا ڇوڙ ننڊ پيار‬ ‫صرف سورين وچ سڙنا هئي‬

‫‪ -5‬سک منصوري مام سڃاڻي‬ ‫اناالحق نار نارا مارين‬

‫سر سوري تي نيزي چاڙهين‬ ‫ڪفر دا ڪلما پڙهنا هئي‬

‫‪ -6‬رهو ته عاشق بي ريائي‬ ‫مٽ نه مائٽ نه ڪو ڀائي‬

‫خيال وجودئون ترڪ طمائي‬ ‫پلڪه هڪو هت رهنا هئي‬

‫‪ -7‬ياڪم االياد االوين‬ ‫چيزل ايسا عشق لگاوين‬

‫وچ نفي دي مر تون جاوين‬ ‫ٻيهر ٻارڻ وچ ٻرنا هئي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪101‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪41 :‬‬ ‫(سر پيلو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬شان تنهنجو آهي اعلي‬ ‫فتح پور واال واال‬ ‫‪ -1‬مرشد منهنجو شاهه رکيل آ‬ ‫سڀ لهي ٿو سنڀاال‬ ‫‪ -2‬عرب عجم جو احمد تون آن‬ ‫لکين آهن تنهنجا ناال‬ ‫‪ -3‬دارا سڪندر در تنهنجي تي‬ ‫نانگا گهمن ٿا نراال‬ ‫‪ -4‬پنڌ ڪري وڃي پاڻهين ڏسندس‬ ‫چائٺ چمندس داال‬ ‫چيزل تنهنجي در جو دايو‬ ‫تون ننگي ننگ پاال‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪102‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪42 :‬‬ ‫(سر پيلو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دم نه هتڙي رهندس‬ ‫فتح پور ويندس ويندس‬ ‫‪ -1‬جاٿي آهي ڪار قتل جي‬ ‫سر اڏي تي ڏيندس‬ ‫‪ -2‬پنڌ پوٺن جا پيرين پيادي‬ ‫سهجئون سڪ مان سڏيندس‬ ‫‪ -3‬طلب طمع کئون جيڪي تارڪ‬ ‫حال انهن کي چوندس‬ ‫‪ -4‬چيزل صدقو سڪ وارن تئون‬ ‫پير تنهن جا چمندس‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪103‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪43 :‬‬ ‫(سر پيلو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬اڳيون ڄاڻي نه ڄاڻي‬

‫اسين ان جا آهيون‬ ‫اسين انهي جا آهيون‬ ‫اسين انهي جا آهيون‬

‫‪ -1‬جيتر جيئندس در نه ڇڏيندس‬ ‫ايندو هاڻي ته صبحاڻي‬ ‫‪ -2‬دوست پنهنجي ڪاڻ دلڙي ماندي‬ ‫ايندو هاڻي ته هاڻي‬ ‫‪ -3‬سڪ مان ساريان پئي ٿي سنڀاريان‬ ‫دل تاڻي پئي تاڻي‬ ‫‪ -4‬چيزل عاشق ڪيئي ته ڪهايئي‬ ‫پيڙي گهاڻي ٿو گهاڻي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪104‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪44 :‬‬ ‫(سر ضلو)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫مئڪون رانجهن يار نه ملندا‬ ‫ميڏا جيُء اندر پيا جلدا‬

‫‪ -1‬مئين سڪندي سال گذاريم‬

‫هڪ ساعت يار نه آيم‬

‫مئڪون رانجهن روِء نه اليم‬ ‫ميڏا ڏکڙا ڏيهن گذردا‬ ‫‪ -2‬جند جوشئون جان جاليم‬ ‫ڪوئي ڦيرا يار نه پايم‬ ‫‪ -3‬جڏان نينهن ماهي نال اليم‬ ‫اپڻا ننگ ناموس وڃايم‬ ‫‪ -4‬ڏاڍي ڏکڙين ڏيل ڏکايم‬ ‫دل وچ دردان دود دکايم‬

‫سڀ سک وجود وڃايم‬ ‫مئڪون لڳڙا درد قهر دا‬ ‫سڀ طعني سر تي چايم‬ ‫ميڏا ايوين لکيا ها ازل دا‬ ‫مئين ناتا نينهن نڀايم‬ ‫ڀر چيزل ڍڪ زهر دا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪105‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪45 :‬‬ ‫(سر ضلو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬جڏان نينهن ايم نڪو سک سهايم‬ ‫ويتر وڇوڙا ڏوجها پيش آيم‬ ‫‪ -1‬مئين ته مٺي نون اهو مرض لڳڙا‬ ‫جاري اندر وچ ڏاڍا زخم سڙدا‬ ‫ڪنهن نون سڻانوان اهو حال دل دا‬ ‫راتيان ڏينهان مئين رو رو نڀايم‬ ‫‪ -2‬هڪ نه مسايل ماريل هجر دي‬ ‫ڏوجها بار غم دا ساعت نه سردي‬ ‫دم دم پنهل ڪان دانهان ڪريندي‬ ‫ساري عمر مئين سڪندي گذاريم‬ ‫‪ -3‬پيا رات روهاٿي ڳئي جدا‬

‫ڏاڍي مونجهه من وچ تسان بي پرواهي‬ ‫ڏکيا وقت لنگهدا سک ڳيا سڀوئي‬ ‫نهين خواب وڻندا ٻن سيج ساڙيم‬

‫‪ -4‬اصلي اسانون لکيا اهو رايا‬ ‫پنهل پيارا هڪدم نه آيا‬ ‫پيا پور چيزل سينا سوز ساڙيا‬ ‫ڏاڍي ڏکان دا ڳل هار پايم‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪106‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪46 :‬‬ ‫(سر ضلو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬نڪو ملڪ ٿم مال سڀ پئي لٽايم‬ ‫عقل انڌي ڪان ڦڪ نه بچايم‬ ‫‪ -1‬دنيا اجائي سڀ ڪر صفائي‬ ‫گڏ گهڻي ٿيندئي ايندي وڏائي‬ ‫ڪڍ تون گڏهه کي الهتي اهلل هي‬ ‫ناحق مڏي تي منهن نه مٽايم‬ ‫‪ -2‬عقل انڌي جون ملڪ ميرا تان‬ ‫کائڻ سمهڻ خوش لذت خوراڪان‬ ‫پٽ ته سچو هجي پهريان پوشاڪان‬ ‫اهڙي بدن کان موال بچايم‬ ‫‪ -3‬عاشق اصل کئون توڪل تڪيه ۾‬ ‫فائدو ڏٺو جن فڪر ۽ فائقي ۾‬ ‫مڏيون ڇا ڪندا مال هڻندا مٿي ۾‬ ‫سڃ جو سفر باري برهه بڇايم‬ ‫‪ -4‬سڪ کئنو سبق حرف حقيقي پڙهيا سي‬ ‫دنيا تتي جا تعلق تڙيا سي‬ ‫چيزل سورن ۾ قلبون ڪڙهيا سي‬ ‫شاهه رکيل ڇڪن کون ڇڏايم‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪107‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪47 :‬‬ ‫(سر ضلو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ايهو احوال اندر دا ڪهنون آک سڻاوان مئين‬ ‫آتش آڙاهه ٻل ڳيا اپني جان جالوان مئين‬ ‫‪ -1‬سينا سولين ساڙيا سارا‬ ‫جگر دا ماس گڏ ڳاريا‬ ‫برهه ڀڙڪا ڀڀڙ ٻاريا‬ ‫پتنگ سي جان پچاوان مئين‬ ‫‪ -2‬برهه دي باهه ٻل گئي هئي‬ ‫جسم جل ڪر فتح ٿئي هئي‬ ‫صحت فرحت خوشي ڳئي هئي‬ ‫روئڻ سي روح ريجهاوان مئين‬ ‫‪ -3‬پرين پيارا ڪهان ملتا‬ ‫روئڻ سي روح نهين رهتا‬ ‫تسلي دل اندر هوتا‬ ‫جدائي سر سهانوان مئين‬ ‫‪.4‬‬

‫عجب نوڪان جليان ڪيهان‬ ‫روز ٿي روئان راتيان ڏينهان‬ ‫چيزل سک ڪيئن سمهان ويهان‬ ‫برهه برسر اٺاوان مئين‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪108‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪48 :‬‬ ‫(سر ڪلنگڙو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دلبر يار ڪا سينگار‪،‬‬ ‫دم ڌار دل يار‪،‬‬

‫مئين ديدار ڪرتان هون‬ ‫سر قربان ڪرتا هون‪.‬‬

‫‪ -1‬ڳل وچ هار ڪر سينگار‪،‬‬ ‫تيري ناز خوش آواز‪،‬‬ ‫مجگان مار اندر ڳار‬ ‫مئين نادان هان بدنام‪،‬‬

‫ظالم ظلم ڪيا هئي‬ ‫عشق عذاب ديا هئي‬ ‫سينا ساڙ ڳيا هئي‬ ‫بيحد بار ڀرتا هون‬

‫‪ -2‬مئين مشتاق قدمين خاڪ‪،‬‬ ‫هڪ دن وار ڏي ديدار‪،‬‬ ‫هنجون هار رووان زار‪،‬‬ ‫هڪ بيواهه ڏوجهي آهه‪،‬‬

‫تيري هاٿ هويا هون‬ ‫تڪ تڪ يار رها هون‬ ‫دکي سي ڌار ميان هون‬ ‫درد ڪي دانهن ڌرتاهون‬

‫‪ -3‬مجهه سي ڀال نظر نال‬ ‫ڪرلبيس روپي ويس‬ ‫هي ارمان صبح شام‬ ‫ڳڻتين ڳار مجهه ڪون مار‬

‫ڪيسا حال ڪيا ٿا‬ ‫ڦر پرديس ڳيا ٿا‬ ‫ڪجهه ناڪام ڪيا ٿا‬ ‫زارؤن زار روتا هون‬

‫‪ -4‬مئين قربان جند جان‬ ‫مڏيون مال گهرٻال‬ ‫ٿيا آزار ڳيا سنسار‬ ‫اڄ دن روز صنم سوز‬

‫سارا ساهه ڪيا هئي‬ ‫جو ڪڇ خيال هوا هئي‬ ‫خوش خيال ڳيا هئي‬ ‫سڪ ۾ ساهه سڙتا هون‬

‫‪ -5‬تيري نام بن ويران‬ ‫دلڙي ٽوڙ مجهه ڪو ڇوڙ‬ ‫کاڌي طعام ٿئي حرام‬ ‫چيزل جال هڏڙي ٻال‬

‫دلبر دم نه جيا هئي‬ ‫ڪيسا قهر ڪيئا هئي‬ ‫سمهڻ سيج ڳيا هئي‬ ‫جوشين نال جلتا هون‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪109‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪49 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬چشمن سان تير هڻن نيڻ کڻن‬ ‫ڏاڍيون قهريون ڪجليون خماريل ڙي اديون‬ ‫‪ -1‬ديدان دل منجهه هڻن‬

‫ڪيفي اکيون ڪيس ڪرن‬ ‫ڏورئون ڏسڻ ساڻ ڏنگن ونگڙو وجهن‬ ‫ڏاڍيون زابر زلفان زور اورڙي اديون‬

‫‪ -2‬ناز منجهؤن نيڻ کڻن‬ ‫جيَء ۾ جيڏيون ڪان هڻن‬ ‫سوريهه ڪي سرڙو ڏين پتنگ پچن‬ ‫ڏاڍيون محبت مچ جون مچايل ڙي اديون‬ ‫‪ -3‬حسن جون فوجان چڙهن‬ ‫عاشق سر قتل ڪرن‬ ‫صادق ڪيئي پيا ڪسن روز اچن‬ ‫ڏاڍي سهڻي صورت سمايل ڙي اديون‬ ‫‪ -4‬چاڪ چيزل روز چڪن‬ ‫دل منجهه دونهان درد ٿا دکن‬ ‫محبت جا مچ ٿا مچن اوالنبا اچن‬ ‫ڏاڍي تنهنجي درد دکايل ڙي اديون‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪110‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪50 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬تنهنجي درد دلبر ڪيا ڪيئي آزار‬ ‫اچي سور سختيون سونهان ٿيم هزار‬ ‫‪ -1‬تنهنجي عشق ماريا‬ ‫ڪٺن قول پاڙيا‬

‫سوين سوز ساڙيا‬ ‫وڍي سڙو ڌار‬

‫‪ -2‬ڪيئي ڪنڌ ڪپائي‬ ‫اهڙو عشق آهي‬

‫سوين سر وڍائي‬ ‫ٻڌو هي پچار‬

‫‪ -3‬پيارا پاڻ مارايئي‬ ‫ستم ڏيئي سهايئي‬

‫نيزي سر چڙهايئي‬ ‫گهوڙي گهوٽ سوار‬

‫‪ -4‬تنهنجي نينهن نوبت‬ ‫انهي راز رحمت‬

‫ڀڳا شينهن هئبت‬ ‫مٿي سرمدار‬

‫‪ -5‬آيو عشق زوري‬ ‫پئي جيَء ۾ جهوري‬

‫لڳي تن کي لوري‬ ‫ويا سڀ سنسار‬

‫‪ -6‬ڏنا سيڪ سورن‬ ‫چيزل چاڪ چورن‬

‫تنهنجي گهوٽ گهورن‬ ‫وهن نيڻن نار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪111‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪51 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬اچي سور ٿيم سنگت ساٿي‬ ‫منهنجي دلڙي ڪيئن وڃي ڦاٿي‬ ‫‪ -1‬رڻ روهه رئي اڳيون رڪ ٿارائن‬ ‫وڃن پيا عشق پوِء نه واجهائن‬ ‫شينهن ٻيالئي چيتا پيا کائن‬ ‫رڙڪي هڏ جسم هانُء ڇاتي‬ ‫‪-2‬ڪو مرد هجي اچي پڙ ۾ ڪاهي‬ ‫شل نه نينهڙو ڪوئي نه الئي‬ ‫تکو وري تاب آتش جو آهي‬ ‫رکي ڪنڌ اڏي تي ڪاتي‬ ‫‪ -3‬سڌ سورن جي جن کي آهي‬ ‫لڳت لڳي ويهان ڪيئن مان لڪائي‬ ‫عام نه ڄاڻن ٻين ڪان ڇاهي‬ ‫پائي سئي جي لنگهي ٿو هائي‬ ‫‪ -4‬ڏاڍو بار برهه جو باري‬ ‫چيزل دلڙي سخت آزاري‬

‫خبر تنهن کي آهي توبيهه زاري‬ ‫هان سک جي سڌ نه ڪا ڄاتي‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪112‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪52 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫سمهڻ ننڊ ويم سک جي ساري‪،‬‬ ‫مان ته روئيندي رات گذاري‬

‫‪ .1‬سيج پلنگ ساڙيان طول وهاڻا‬ ‫کائڻ کاڌا زهر ٿي ڄاڻا‬ ‫ڏکڙا ڏسي ڀڄي سک ويم سياڻا‬ ‫انهيَء ڳاراڻي ڳڻتن ڳاري‬ ‫‪ .2‬جبل جا جهاڪا رڪ جون راهان‬ ‫رت پئي رووان ڪيان ٿي دانهان‬ ‫ڀري ڀري سڏڪا ٿڌڙيون ساهان‬ ‫انهي ماتم مونجهن ماري‬ ‫‪ .3‬لڳيون نينهن جون نوڪان ناز نوان‬ ‫اچن سر تي سختيون سور سهان‬ ‫ڪهڙو حال ڏکن جو ڪنهن کي چوان‬ ‫آڻي آگ آتش اندر ٻاري‬ ‫‪ .4‬جيَء ۾ لڳي آجان ٿي ڄاڻي‬ ‫عشق وارن کي ڪير سڃاڻي‬ ‫حيرت هوش وڃايم هاڻي‬ ‫چيزل چاڪ پون ٿا چوڌاري‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪113‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪53 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه ‪ :‬ايها عيد اجائي ارمان اٿم‬ ‫دم دوست بنان ويران اٿم‬ ‫‪ -1‬پياري پنهل بنا مان ڪيئن عيد ڪيان‬ ‫نيڻن روز وهن ٿا نير نوان‬ ‫هن جيڏيون جڳ ۾ ڪيئن مان جيئان‬ ‫لڳو ڪان قهر جگر جان اٿم‬ ‫‪ -2‬جنهن هوت پنهل سان مان حج ڪيا‬ ‫اهي هال جا واقف منهنجا هيا‬ ‫هاڻي سرتيون سفر تي ڪيئن ويا‬ ‫نڪو اچڻ نه انجام اٿم‬ ‫‪ -3‬جنهن کنئون ساهه منهنجو هڪدم نه سري‬ ‫پنهل ڪيچ هليو ويو ڪلور ڪري‬ ‫هن ڏکي جي ڏسڻ کئون دور پري‬ ‫سچو سورن جا سامان اٿم‬ ‫‪ -4‬ور ويهي ڪيئن مان وساريندس‬ ‫لکيو لوح قلم انگ پاڙيندس‬ ‫ساري عمر سورن ۾ گذاريندس‬ ‫چيزل مونجهه اندر ماتام اٿم‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪114‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪54 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬اچي پرچ پرين مان سان يار‬ ‫تو لئي هتي منهنجو ساهه سڪي ٿو‬ ‫‪-1‬‬

‫سڪ اندر ۾ سک نه ٿي ساريان‬ ‫پنهنجي پنهل کي ويهي نه وساريان‬ ‫آهي دل منجهه دلبريار‬ ‫توڻي لڳايان ڪين لڪي ٿو‬

‫‪-2‬‬

‫ڏوهه گناهه مٺي جون مندايون‬ ‫هن بندي جون ڏس نه گندايون‬ ‫اڳي قول ڪيئي اقرار‬ ‫هاڻي وري مون وٽ ڇو نه ٽڪين ٿو‬

‫‪.3‬‬

‫الست بربڪم راز وکائيئي‬ ‫قالو بلي جو سبق سيکائيئي‬ ‫آهي نينهن وارن سان ناز‬ ‫درد اندر ۾ زخم ڏکي ٿو‬

‫‪-4‬‬

‫حيرت هال سمجهڻ اهنجو‬ ‫ڀولو ڀائڻ چيزل پنهنجو‬ ‫اٿي پردي اندر منجهه پاڻ‬ ‫االنساني اولو رکي ٿو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪115‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪55 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬لڳو درد جدائي وارو ڪان ميان‬ ‫سارو جسم وجود ويران ميان‬ ‫‪-1‬‬

‫عشق تنهنجي جي آزاري آ‬ ‫برهه باهه اندر منجهه ٻاري آ‬ ‫هي ميان درد وڇوڙي جي ماري آ‬ ‫ڪهڙو سڪ جو ڪيان بيان ميان‬

‫‪-2‬‬

‫باهه اندر منجهه پئي ٿي ٻري‬ ‫هڪڙو دم نه هجان تو کئون ڌار پري‬ ‫هي ميان تنهنجي ملڻ ڪان پئي ٿي مري‬ ‫آهيان پيار منجهانئون حيران ميان‬

‫‪-3‬‬

‫زخم اندر منجهه ڏاڍو ڏکي‬ ‫جيئن ڦاڙيل ڦٽ پيو چاڪ چڪي‬ ‫هي ميان تنهنجي ڏسڻ ڪان پئي ٿي سڪي‬ ‫ڪيان ساهه صدق قربان ميان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل آهي دلڙي اداسي‬ ‫ڪيئن ته پرين وئي آهي توسان ڦاسي‬ ‫هي ميان محبت تنهنجي ڪاڻ پياسي‬ ‫آهيان پتنگ شمع تي پروان ميان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪116‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪56 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ايندم اوڏهو شال‬ ‫تنهنجي ملڻ بنان‬

‫وري ڪندا ته وصال‬ ‫منهنجا ڏکيا ڏاڍا حال‬

‫‪ .1‬ور ته پنهنجي جون واٽان نهاريان‬ ‫دل ڏاڍي آهي پئي ٿي سنڀاريان‬ ‫ڏيان باهه تن کي هڏ پئي ٿي ٻاريان‬ ‫سڪ ۾ سڙي وئي لنگهي ويا سوين سال‬ ‫‪ -2‬ڪيچي قهر ڪري پنهل کڻي ويڙا‬ ‫ڏيرن ڏکيَء سان ڏاڍا ڊوهه ڪيڙا‬ ‫ساٿي سويرا اچي سور ٿيڙا‬ ‫ٻڌ ته وڇوڙي جا وڏا ڏاڍا ٿي مثال‬ ‫‪ -3‬ڪيچ شهر ڏي ويندس مان ڪاهي‬ ‫پنڌ ته ڏونگر جو ڏاڍو ڏکيو آهي‬ ‫سڪ کئون جو سسئي ٻڌو سندرو ساهي‬ ‫پير پٿر ڦاڙي ڦاڪون ڪيا پئمال‬ ‫‪ -4‬ڪيئن ته پنهل سان ٿيڙم جدائي‬ ‫ڪنهن کي ٻڌايان ڪونهي حال ڀائي‬ ‫ساري رات رووان نڪا ننڊ ڪائي‬ ‫چيزل سکن جا سڙي ويا سڀ خيال‬ ‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪117‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪57 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫منهنجي توکئون سوا ٿي ڪانه سري‬ ‫تون دوست نه ٿي مون کئون دم ته پري‬

‫‪-1‬‬

‫عشق االنبو ٻاريو آ‬

‫‪-2‬‬

‫ٿيا چاڪ سيني منجهه چير سنوا‬ ‫نيڻين روز وهن ٿا نير نوان‬ ‫اچن سور سڀئي مان سر تي کنيان‬ ‫ڏاڍا ڏک ته ڏسي ٿو ڏيل ڏري‬

‫‪-3‬‬

‫جاڪون تو سان نيهڙو ٿيو‬

‫تن ماس هڏن تئون ڳاريو آ‬ ‫لکيو لوح قلم پنهنجو پاڙيو آ‬ ‫تقدير قضا ڪيڏا ڪم ٿي ڪري‬

‫ايڏو عشق اچي آزار ڪيو‬ ‫‪-4‬‬

‫سڀ کائڻ پيئڻ سک ويو‬ ‫جيئن باهه اندر ۾ مچ ٿو ٻري‬

‫تنهنجا طرحين طرحين جا ناز نوان‬ ‫سانڀي سور سڀئي مان ته ڪيئن ويهان‬ ‫چيزل غم جون پهري پوشاڪ پايان‬ ‫توڻي جيڏا کڻي ڏيو بار ڀري‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪118‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪58 :‬‬ ‫(سرڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ڏسي هن ڏکي جي حال تي مٿي خيال ڪجي‬ ‫مٿي خيال ڪجي معلوم مر ته هجي‬

‫‪-1‬‬

‫توکئون سوا ٻيو ڪير آ‬ ‫نڪو ٻيو پيو سجهي‬

‫‪-2‬‬

‫عشق چکي آڙاهه ۾‬

‫‪-3‬‬

‫رت رووان تو ڪان روز پئي‬ ‫جيُء پنهنجو جهلجي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل عشق آويڙ ۾‬

‫جيئن ڪڻانهون رجهي‬

‫سکيو ڪيئن سمجهي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪119‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪59 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫سرتيون سک ويا چڪن چاڪ پيا‬ ‫ڏکيا آيا ڏوالوي جا ڏينهن وو‬

‫‪-1‬‬

‫ڏکي ڏاڍي ته ڏهاڳ جي‬ ‫ڪر هل ڪيچ هيا‬

‫‪-2‬‬

‫عشق تنهنجي ته آزار ۾‬ ‫سوين سور رهيا‬

‫‪-3‬‬

‫ڪنهن ڏهون ڀايان ڪينڪي‬ ‫لکئي قلم ڪيا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل طلب توحيد جي‬ ‫محبت منجهه ميا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪120‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪60 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬پنهنجي پنهل جي ڪاڻ ميان‬

‫رلندي پئي روهه ۾‬

‫‪ -1‬سنجهي ساٿ کڻي ويا‬ ‫‪ -2‬هتئون ڇڏي ته هلي ويا‬ ‫‪ -3‬روئان پيئ رڻ پٽ ۾‬ ‫‪ -4‬چيزل رسندم راهه ۾‬

‫او مون کي نه نياؤن ساڻ ميان‬ ‫او خالي هنڌ ته وٿاڻ ميان‬ ‫او اوٺي اباڻا آڻ ميان‬ ‫او رهبر ايندم ڄاڻ ميان‬

‫ڪالم‪61 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬سڏڙا ڪيان ٿي ڪوڪان ڪوهياريل‬

‫تنهنجي ڪاڻ ماندي آهيان ملندس شال‬

‫ڪيچ شهر ڏي ويندس ڪاهي‬ ‫‪ -1‬انگ ازل جو لکيو منهنجو آهي‬ ‫سور وارن جي لهدنو سنڀال‬ ‫چوٽ جبل تي مون وڃي چڙهندس‬ ‫‪ -2‬پنڌ ڏکن جو موٽي نه مڙندس‬ ‫پاڻ ڏسي ويا ڏکيا منهنجا حال‬ ‫‪ -3‬سرتيون سورن جون ڳالهيون مان ڳايان لوڪ عالم کي ڇا ته ٻڌايان‬ ‫تن لئه سڪان پئي لنگهي ويا سال‬ ‫درد وندي کي دالسو ڏيندو‬ ‫‪ -4‬ڪڏهن ته چيزل مان واٽ ايندو‬ ‫لک ته ڀايان تنهنجون ڀاليون ڀال‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪121‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪62 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫مان ته سورن تئون صدقي‬ ‫پرين پسايو جن وو يار‬

‫‪-1‬‬

‫ڀايان ڀاليون ڏکن جون‬ ‫او واقف ڪيو آهي تن وو يار‬

‫‪-2‬‬

‫ڏک ڏسان مان روز پئي‬ ‫او سکن کي ڏيان ٻن وو يار‬

‫‪-3‬‬

‫ڪوهيارل اٿم ڪيچ ڏي‬ ‫او مون کئون شل نه رسن وو يار‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل آڙاهه عشق جو‬ ‫اوالنبا ته اٿن وو يار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪122‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪63 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ڪنن جا ڪڙڪا وو يار‬ ‫سڌي وڃائي پئي سير سان‬

‫‪-1‬‬

‫لڙهان لهرن وچ ۾‬ ‫اوٽ ناهين اڙڪا وو يار‬

‫‪-2‬‬

‫تکو لنگهائيندم تار مئون‬ ‫دوست نه ڏي دڙڪا وو يار‬

‫‪-3‬‬

‫توڪل ترهي سان تريس‬ ‫ڊپ وڏا ٿي کڙڪا وو يار‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل سان ته ملڻ جي‬ ‫ڪر اچي ڳڻ ڪا وو يار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪123‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪64 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مون ۾ ٿي عيب هزار‬ ‫حال منهنجو توکي معلوم آهي‬ ‫‪-1‬‬

‫دل ته منهنجي دلبر تو سان آهي‬ ‫ٻئي ته ڪنهن سان منهنجو ڇاهي‬ ‫سائين منهنجا سردار‬

‫‪-2‬‬

‫نينهن لڳو آ تو سان جائي‬ ‫لوڪ عالم کي خبر نه ڪائي‬ ‫دم نه ٿجاِء مون کئون ڌار‬

‫‪-3‬‬

‫عشق تنهنجي مدهوش جو ڪيرو‬ ‫کائڻ پيئڻ سڀ زهر جو ٿيڙو‬ ‫وسري ويا سنسار‬

‫‪-4‬‬

‫سڪندي وئي آ عمر ساري‬ ‫درد فيراقن وڇوڙي ماري‬ ‫رووان ٿي زارئون زار‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل عشق اڻانگو آهي‬ ‫سر جو سانگو ڇڏ تون الهي‬ ‫هڻي نعرو ٿي نروار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪124‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪65 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬لٽيل دل پئي ڦرجي‬

‫ڳڻتين ۾ نه ڳار يار‬

‫‪-1‬‬

‫سسئي سورن ۾ سڙي‬ ‫پنهل ٿيس ڌار‬

‫‪-2‬‬

‫ڏير ته ڏاڍ ڪري ويا‬

‫‪-3‬‬

‫مل اچي مان سان پرين‬ ‫نه ته مٺي کي کڻي مار‬

‫‪-4‬‬

‫ڏکي پئي دانهان ڪري‬ ‫سڏ ٻڌج سردار‬

‫‪-5‬‬

‫سهڻل تنهنجي سڪ ۾‬ ‫رووان زارئون زار‬

‫‪-6‬‬

‫سورن ساڙيو ساهه کي‬ ‫اندر سخت آزار‬

‫‪-7‬‬

‫هاڻي حال ڏکيو ٿيو‬

‫‪-8‬‬

‫چيزل پئو ته چکي ۾‬ ‫سورن ۾ کڻي ٻار‬

‫ڪيچن ڪيڙي آڪار‬

‫ستت لهه تون سار‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪125‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪126‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪66 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪيئن سمهي گذاريم سيج تي ڇڏي ور ويو‬ ‫ڇڏي ور ويو مونسان ڏيرن ڏاڍ ڪيو‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪاهي پڄندس ڪيچ کي‬ ‫اچي پيرين پنڌ پيو‬

‫‪-2‬‬

‫باهه ڏيان ته ڀنڀور کي‬ ‫سورن ساٿ رهيو‬

‫‪-3‬‬

‫ڏکيا پنڌ ڏونگر جا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل پنڌ پرين ڏي‬

‫مون کي ڪنهن نه چيو‬ ‫واقف حال هيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪127‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪67 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مونجهي آهي ماندي‬

‫آيل وو آريَء ڄام ڪاڻ‬

‫‪-1‬‬

‫سسئي سڃ ۾ راتڙي‬ ‫او روهن ۾ رهندي‬

‫‪-2‬‬

‫ڏير ته ڏيئي ويم ڏوجهرا‬ ‫او جبل جهاڳيندي‬

‫‪-3‬‬

‫آئي ڏاڍي ڏوجهرين‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل چڙهندس ڏونگرين‬ ‫او لڪ لنگهي لهندي‬

‫او سور مڙئي سهندي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪128‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪68 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مون کي ماروئڙن جي‬ ‫آهي طلب تمام وو يار‬ ‫‪-1‬‬

‫جن جي آهيان مان تن ڏي ويندس‬ ‫توڙي ڪرن قتالم وو يار‬

‫‪-2‬‬

‫ماروَء ويا اٿم ملڪ انهي تي‬ ‫مون کي ڏئي ويا مام وو يار‬

‫‪-3‬‬

‫ڏاڍا سر تي ڏک ته ڏئي ويا‬ ‫دل کي وجهي ويا دام وو يار‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ساري عمر سورن ۾‬ ‫ڪهڙي ڪل ٻئي عام وو يار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪129‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪69 :‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڏونگر جا ڏاڪا وو يار‬ ‫ڏوريندس ڏکن سان‬ ‫‪-1‬‬

‫پنهل جا پيرا ڏسي‬

‫‪-2‬‬

‫ڏسي جوش جبل جا‬

‫‪-3‬‬

‫لڪ وڏا الڙا اٿس‬

‫‪-4‬‬

‫چڙهي چيزل چوٽ تي‬ ‫او ڪوڪ ڪندس ڪاڪا وو يار‬

‫وڏا ڪندس واڪا وو يار‬ ‫او دل ڪري دهڪا وو يار‬ ‫او جبل جا جهاڪا وو يار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪130‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪70:‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ملڪ موال جي موجان ٿا ماڻيون‬ ‫هڪ بنا ٻئي ڪنهن کي نه ڄاڻيون‬ ‫‪-1‬‬

‫جاڏي ڪاڏي سهي ته سڃاتم‬ ‫پنهنجي پرين سان پڪو پيچ پاتم‬ ‫سمجهه وارا توکي ٿا ڏسن سياڻيون‬

‫‪-2‬‬

‫ڳولي ڦولي يار لڌو سي‬ ‫هر دم هڪ سان خيال ٻڏو سي‬ ‫عشق بنا ٻيون ٿي ڪوڙيون ڪهاڻيون‬

‫‪-3‬‬

‫سمجهه ڪري تون سهي ته سڃاڻج‬ ‫پنهنجو پاڻ کي اصلي نه آڻج‬ ‫هر دم هڪ تي يقين ٿا آڻيون‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل صدقي سر ڪيان گهوري‬ ‫جان جسم هڏ ڀڃي ويو ڀوري‬ ‫اصلي اڳ جون ڳالهيون ته پراڻيون‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪131‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪71:‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مشڪل جيئري مرڻو آ‬ ‫مشڪل جيئري مرڻو آ‬ ‫چوٽ سوليَء تي چڙهڻو آ‬ ‫‪ .1‬پنهنجو پاڻ کي قتل ڪري ڏس‬ ‫سر اڏي تي ڌرڻو آ‬ ‫‪ -2‬عشق جو پنڌ آ ڏاڍو اوکو‬ ‫ڪم قتل جو ڪرڻون آ‬ ‫‪ -3‬بره جون باهيون بڀڙ ٿا ڀڙڪن‬ ‫سوز انهي ۾ سڙڻو آ‬ ‫‪ -4‬چيزل ايڏيون سختيون سر تي‬ ‫بار بره جو کڻڻو آ‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪132‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪72:‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬پاڻ پنهل ڪيچ ويو مون کي ڪنهن نه چيو‬ ‫ڪين لڌائين وو ستيَء جون سنڀاران اال‬ ‫‪-1‬‬

‫سسئي کي سنجهي سرتيون ڏاج ڏکن جا مليا‬ ‫ٻڌ توڪل جهاڳ جبل لکيو ٿي ازل‬ ‫ڪهڙيون ڪيان مان ڪنهن سان پچاران اال‬

‫‪-2‬‬

‫ماُء جهلي جهولي ۾ وجهي ڏني ته ڏکن جي لولي‬ ‫سڀ کڻجانِء پوِء نه پئجانِء ڪجهه نه چئجانِء‬ ‫متان مونکي ڏين مياران اال‬

‫‪-3‬‬

‫ڏک چئي ڏوالوا ڏاڍا سنگت ٿيا اچي سرتيون‬ ‫پاڻ ويندس پنڌ مان ڪندس لڪ لنگهندس‬ ‫ڪوڪان ڪيان ٿي ٻڌندو تنواران اال‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل سڀوئي سسئي سور کنيا هن سر تي‬ ‫واٽ ڏک هڪ ته بکي ٻيو وڃي پئي تکي‬ ‫پير تتي جا ڦاڪون ٿيا ڦاران اال‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪133‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪73:‬‬ ‫(ستر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مون نه هتي رهندس وو يار‬ ‫گهوريان گهر ته ڀنڀور جا‬ ‫‪-1‬‬

‫پکا پنهنجي پرين جا‬ ‫او ڏورئون وڃي ڏسندس وو يار‬

‫‪-2‬‬

‫جاٿي رات رهي ويا‬ ‫او رند ڏسي رڙندس وو يار‬

‫‪-3‬‬

‫هن ڀنڀور کي باهه ڏيان‬ ‫او ڪيچن سان ملندس وو يار‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ويهان ڪيئن واٽ تي‬ ‫او پنڌ پيرا پڇندس وو يار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪134‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪74:‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مارو ويا پنهنجي ملڪ تي‬ ‫او ڦاڙي ڦٽ ته فراق ميان‬ ‫‪-1‬‬

‫درد ڏيئي دلگير ڪيائون‬ ‫چير وجهي ويا چاڪ‬

‫‪-2‬‬

‫ڳڻتين ڳاريو ڳجهه ۾‬ ‫او غرض ڪيو غمناڪ ميان‬

‫‪-3‬‬

‫ڏيئي وڇوڙو هليا ويا‬ ‫او ماندي آهي مشتاق ميان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل دم ڪيئن ڌار ٿيان‬ ‫او انگ لکيو حق پاڪ ميان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪135‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪75:‬‬ ‫(سر ڀيروي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬االئي ڪڏهن ايندا‬

‫ويندا ڏينهن ڏکن جا‬

‫‪-1‬‬

‫پرين ايندم پاڻ ميان‬

‫‪-2‬‬

‫هتي رهندس ڪينڪي‬ ‫ڇاکون مون کي ڇڏيندا او يار‬

‫‪-3‬‬

‫سڪ ۾ ساهه سڙي ويو‬ ‫گولي کي گڏيندا او يار‬

‫‪-4‬‬

‫”چيزل“ حال اندر جو‬ ‫ڪنهن کي نه ڏيندا او يار‬

‫نال ورتيون نيندا او يار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪136‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪76:‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬آيا عشق حقيقي شاهي شور مچايا‬ ‫موج محبت والي ازلي آتش اليا‬ ‫‪-1‬‬

‫عشق ازل دي ماريا نعرا‬ ‫دئي ڪنون دل هڪا هوئي‬ ‫هادي حاضر ناظر‬

‫‪ -2‬نفس عقل دي عزت منصب‬ ‫حوران پريان جنت جايان‬ ‫هر دو جهان وسارين‬

‫ڀڄ ڳيا ڪل انڌارا‬ ‫صاف وجودؤن سارا‬ ‫مخفي مام االيا‬ ‫لذت ڪل وڃايا‬ ‫خواهش نفس امارا‬ ‫پيچ پرين هڪ پايا‬

‫‪-3‬‬

‫عشق اوالنبا اليا‪،‬‬ ‫حرف هڪوئي هادي ڏسيا‪،‬‬ ‫حال حڪايت واال‪،‬‬

‫دل وچ محبت مچ مچايا‬ ‫سوالن سبق پڙهايا‬ ‫پيريمغان سمجهايا‬

‫‪-4‬‬

‫بار بره دا باري آيا‪،‬‬ ‫راز حقيقي رهبر واال‪،‬‬ ‫چيزل چشم ماهي دي‬

‫نوبت نينهن وڄايا‬ ‫چم اکيان سرچايا‬ ‫ڏاڍي چوٽ چاليا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪137‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪77:‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬پياال مست پاليس نينهن نشانهين لهندا‬ ‫سرڪي ساقي والي وهواڪيف خمردا‬ ‫‪ -1‬ساقي سانون پرڪر پياال‪،‬‬ ‫مست ٿيو سي محبت وچ‪،‬‬ ‫ڀوال ڀڄ ڳيا سارا‪،‬‬ ‫‪-2‬‬

‫وحدت جام پاليا‬ ‫ٻي وائي ڪل وڃايا‬ ‫هر جاِء نور نظر دا‬

‫الم لذيذ چکايا‬ ‫شوق شراب تي عشق االهي‬ ‫سؤبار صدق تنهن سهڻل نئون‪ ،‬جنهن اپنا اسم وکايا‬ ‫ونحن قول پرين دا‬ ‫دئي دور تڙايا‪،‬‬

‫‪-3‬‬

‫آب حيات اسان نون ازلي‬ ‫حال حيات هميشه هر دم‬ ‫عشق آگ اندر وچ‪،‬‬

‫دستئون خضر ماليا‬ ‫خطرا موت وڃايا‬ ‫لڳڙا سوز صنم دا‬

‫‪-4‬‬

‫هادي حرف حڪايت واال‪،‬‬ ‫اوال ڪر انساني آيا‪،‬‬ ‫چيزل صحيح ته سڃاتم‪،‬‬

‫علم سارا سمجهايا‬ ‫احدؤن عبد سڏايا‬ ‫برقعا پايا بشر دا‪.‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪138‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪78 :‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬هم اسي اسرار سي هر وقت هر دم گم هوا‬ ‫ڪؤن اندر پيا ٻوليندا اور ديگر تم هوا‬ ‫‪-1‬‬

‫خاڪ ۾ حق پاڪ هئي‬ ‫واحد سڀ وجود هئي‬ ‫فرقان ۾ فرمان هئي‬ ‫انسان سر اتم هوا‬

‫‪-2‬‬

‫اسم جسم جان هئي‬ ‫الحد المڪان هئي‪،‬‬

‫‪-3‬‬

‫ڪفر اور اسالم ۾‬

‫‪-4‬‬

‫دائمي ديدار هئي‬

‫صورت سڀ سلطان هئي‬ ‫خيال ڪل ختم هوا‬

‫آدم اعلي شان ۾‬ ‫اها ذات هئي انسان ۾‬ ‫خاص مظهر خود هوا‬

‫فرخندسي آثار هئي‬ ‫چيزل همه ڪل يار هئي‬ ‫اثبات ۾ ظاهر هوا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪139‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪140‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪79 :‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عالم اسي آڙاهه سي‪ ،‬جلنا هيا جسڪو جگر‬ ‫تجهه ڪو طلب تڪرار ڪا‪ ،‬هر وقت هيئ هم ڪو صبر‬ ‫‪ -1‬تيري ڪتابون مين لکت‬ ‫ميري پاڪ حق ڪي هي صفت‬ ‫اس ڪا مذهب اسڪي ملت‬ ‫ديگر همه هئه ڪل هي مڪر‬ ‫‪-2‬‬

‫پڙه پڙه ڪتابون ڪا سبق‬ ‫ڪيون عشق سي نهين غرق‬ ‫احد احمد ڪيها فرق‬ ‫ظاهر نظر سي هي بشر‬

‫‪-3‬‬

‫قاضي ڪنهن زير و زبر‬ ‫مسلي پڙهن ڏاڍي فخر‬ ‫او عشق سي هئين بي خبر‬ ‫وحدت نه ڄاڻن سي ذڪر‬

‫‪-4‬‬

‫وارين نمازون ڪا ورق‬ ‫سجدا صنم ڪو ديو ويڪ‬ ‫عرشئون مڪان جس ڪا فلڪ‬ ‫اسڪو عيان ساري نظر‬

‫‪-5‬‬

‫هر دم طلب توحيد ڪا‬ ‫آدم بنيا هئي خاڪ ڪا‬ ‫دم پاڪ چيزل ذات ڪا‬ ‫هر جاِء هو يا شيِء قدر‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪141‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪80 :‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬تيري عجب اسرار ڪا مجهه ڪو هوا ڪيسي خبر‬ ‫هم هون هر دم درد سي ديوان او دربدر‬ ‫‪-1‬‬

‫گلي گلي ۾ گول ڪرڪي‬ ‫يار آيو سي نظر‬ ‫ديدار ميري دل ڪو لٽيا‬ ‫ڦر آوي ڪيوين صبر‬

‫‪-2‬‬

‫بره ڪي بازار ۾‬

‫‪-3‬‬

‫بي نيازي يار ڪي‬

‫سودا ڪيا هئي سربسر‬ ‫العشق ناراهلل ميرا سي‬ ‫جل گيا جان و جنگر‬

‫بن پيارل يار دي‬ ‫‪-4‬‬

‫بيحد ڪيا هئي بي خبر‬ ‫کاوڻ پيوڻ هئي سڀ زهر‬

‫مجهه ڪو وره ويران ڪيا‬ ‫ڪل گيا هئي ٻار گهر‬ ‫جس ني چيزل دوڌ دکايا‬ ‫هر دوجهان اسڪو اجر‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪142‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪81 :‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عشق جون الٽيون چاليون چاليون‬ ‫چئي مان ڇا ته ٻڌايان‬ ‫‪-1‬‬

‫عشق اندر ۾ آڙاهه ٻاريو‬ ‫سيج پلنگ سڀ مان سمجهڻ ساڙيو‬ ‫جيئري مري ٿا جاليون جاليون‬

‫‪-2‬‬

‫عشق بنامثل جهنگل حيوانا‬ ‫توڙي هجن ڪي مالن ملوانا‬ ‫سڀ ٻڏن سچ سياليون سياليون‬

‫‪-3‬‬

‫مام مردن جي ڪيرسڃاڻي‬ ‫سالڪ ٻاجهئون ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي‬ ‫ڪهڙيون ڪيان ڪنهن سان ڳالهيون ڳالهيون‬

‫‪-4‬‬

‫مرد اها ٿا منزل ماڻهن‬ ‫جاتي سوريَء تي منصور کي چاڙهن‬ ‫قول وڃن پنهنجو پاليون پاليون‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل ڇڏ تون فخر وڏائي‬ ‫سڀ ڌنڌا ٻيا ٿي ڪم اجائي‬ ‫ڪري نظر ڏس ڀاليون ڀاليون‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪143‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪82 :‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪيچي مان سان قهر ڪري ويارولي ويا رڻ ۾‬ ‫ڇڏي ويا سسئي کي سڃ ۾‬ ‫‪-1‬‬

‫ڏاج ڏکن جا ڏير ڏئي ويا‬ ‫سور لکين سر تي سوين‬ ‫پنهل بنا پرديس انهي ۾‬ ‫هتڙي ڪونه وڻي‬

‫‪-2‬‬

‫ساعت جن کئون ڪين سري‬ ‫ويا ڪهڙي ڳالهه ڳڻي‬ ‫انهيَء جيئڻ کئون صدقي سسئي‬ ‫شل ڪو موت کڻي‬

‫‪-3‬‬

‫ساڙي شهر ڀنڀور جو ويا‬ ‫ڀينگ ڇڏي بر ۾‬ ‫هن تتي تقدير لکيو هو‬ ‫جيڪا باب بڻي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل آهان عشق وارن جون‬ ‫دانهان ڪن دل ۾‬ ‫دم دم چڙهيل چاڪ چڪن ٿا‬ ‫ڦاٽن ڦٽ ڀلين‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪144‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪83 :‬‬ ‫(سرجوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬سمجهي سرت سان ٿيُء‬ ‫مسافر ٿي ماڳ اجايو‬ ‫‪-1‬‬

‫جي تون ڄاڻي جيُء جاڳائج‬ ‫غير پليتي پاڻ نه وڏائج‬ ‫جيئري مري تون جيُء‬ ‫تڏهن ٿيندِء سفر سجايو‬

‫‪-2‬‬

‫فڪر ڪري تون ٿي وڃي فاني‬ ‫اصل نڪو تنهنجو نانُء نشاني‬ ‫هن کي ڇڏي ڏي هيُء‬ ‫الف ڪمائي اسم جاڳايو‬

‫‪-3‬‬

‫آيم اوجاڳا ننڊ نه ڪائي‬ ‫درد ڏکن آڻي دل جاڳائي‬ ‫پر ڪري پيالو پيُء‬ ‫رهبر واري رمز ريجهايو‬

‫‪-4‬‬

‫موج مستي جي بي خود ساري‬ ‫آگ اندر ۾ آتش ٻاري‬ ‫وحدت وارو ٿي ويُء‬ ‫پيار چيزل توکي پرت پڄايو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪145‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪84 :‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عاشق اهلل کي لوچي لڌؤون‪ ،‬ڏس ڪيئن لهي‬ ‫پاڻ کي پئمال ڪيئون‪ ،‬ثابت ٿيا ساڳي سهي‬ ‫‪-1‬‬

‫هي اشارو آ انهن کي‬ ‫جيڪي ڇڏي ويا ٻئي‬ ‫طرفين کان تارڪ ٿيا‬ ‫هڪ دوست دلڙي رهي‬

‫‪-2‬‬

‫اصل کان اقرار هيڙو‬ ‫پاڻ پنهنجو ويا چئي‬ ‫قالؤ بلي واري قول تي‬ ‫پڪا ٻول ٻڌي ويٺا ٺهي‬

‫‪-3‬‬

‫سر مٿي سوري چاڙهي‬ ‫انالحق چون هوڪا ڏئي‬ ‫اهلل آدم عين آ‬ ‫ونحن ڏي ويا اوهي وهي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل اولو عشق الٿو‬ ‫ظاهر وڃي ذات ٿي‬ ‫ليس في الدارين غيري‬ ‫ڪنهن کي ٻڌائين ڪيئن ڪهي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪146‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪85 :‬‬ ‫(سر جوڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مرد ٿي منصور جان‬ ‫ڇو ٿو ڊڄين تون عام کئون‬ ‫عاشق الف اثبات ڪر‬ ‫واندو نه ٿي هڪ نام کئون‬ ‫‪-1‬‬

‫جن کي طلب موال سندي‬ ‫اهي غير کون ويڙا لنگهي‬ ‫هر دم حاضر حق ڏسن‬ ‫محبت سندي مئخان کئون‬

‫‪-2‬‬

‫سهجون ڏيئي سر ڪين مڙ‬ ‫سورهه مٿي سوريَء تون چڙهه‬ ‫ناتو نڀائج نينهن سان‬ ‫نيزي سندي نشان کئون‪.‬‬

‫‪-3‬‬

‫توبهه ڪري توڪل ٻڌي‬ ‫ڏس سالڪي تون رندي‬ ‫عارف ائين عوشاق ٿئين‬ ‫سانگو الهي سر ساهه کئون‬

‫‪-4‬‬

‫ورد واري ڇڏ طمع‬ ‫رهه مست چيزل تون مدام‬ ‫ٿي نينهن ۾ نانگو نشان‬ ‫ڪلي عقل عرفان کئون‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪147‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪86 :‬‬ ‫(سر وهاڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬منهنجي دل جي خبر ڪنهن کي ڪانه پئي‬ ‫ساري رات اسان جي روئندي وئي‬ ‫‪-1‬‬

‫دل درد منهنجا رؤن دانهن ڪئي‬ ‫مٿي عرش عظيم تي آهه وئي‬ ‫ڦاڙيا ڦٽ ته فراق هزار ڪيئي‬ ‫ڪهڙو حال ٻڌايان مان ڪنهن کي چئي‪.‬‬

‫‪-2‬‬

‫ايهو خون جگر جو پيئڻ آ‬ ‫ڪهڙو درد غمن جو جيئڻ آ‬ ‫ڪنهن کي ڏک جا ڏوراپا نه ڏيڻ آ‬ ‫اڳئيون روهه جبل جي آ رڪجي رئي‬

‫‪-3‬‬

‫اهڙي عشق آڙاهه ۾ ڪير اچي‬ ‫گهري مچ ۾ مانجهي مرد مچي‬ ‫ڏسي شعاع شمع جيئن پتنگ پچي‬ ‫پرين پاڻ ويو ڏاڍا ڏک ته ڏيئي‬

‫‪-4‬‬

‫”چيزل“ ڪر نه تون ساهه سکيو‬ ‫اهڙو درد جو دل منجهه دوڌ دکيو‬ ‫منهنجي قسمت ۾ جيئن قلم لکيو‬ ‫جند جان سڄي مان قربان ڪئي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪148‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪87 :‬‬ ‫(سر وهاڳ)‬ ‫ٿلهه‪ :‬او دلڙي کڻي دلبر يار ويو‬ ‫منهنجو ساهه سورن ۾ پيو‬ ‫‪-1‬‬

‫ويٺي ڳڻيان پئي وار مان‬ ‫ٻي نه ڪيان ڪا پچار مان‬ ‫او روئي ڀريان سڏڪار مان‬ ‫منهنجو حال هي ڏکڙن ڪيو‬

‫‪-2‬‬

‫ڪر ته اچي ڪو وصال مان‬ ‫روئيندي لنگهي ويم سال مان‬ ‫او ماري هجر ڪيو پئمال مان‬ ‫اچي درد دل منجهه هي رهيو‬

‫‪-3‬‬

‫سو سور سهمان پئي سهان‬ ‫پنهنجو حال ٻين کي ڇا چوان‬ ‫او هاڻي ٻڌايو مان ڪيئن ڪيان‬ ‫مون کئون دوست دلبر ڌار ٿيو‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل اهي اوٻر اچن‬

‫تنهنجي جوش ۾ جيرا پچن‬ ‫او محبت سندا مچ ٿا مچن‬ ‫اندر عشق جو آڙهه هيو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪149‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪88 :‬‬ ‫(سر ڪونسيو)‬ ‫ٿلهه‪ :‬هل هوت ڏي تون هيڪلي‬ ‫ڇن آسرا اصلي نه ڪر‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪيئن ستي سهڻل ويم‬ ‫هاڻي پنڌ ڏاڍو مشڪل ٿيم‬ ‫سرتيون جبل جهاڳڻ آيم‬ ‫ڪوڪان ڪيم سڏڙا تون ڀر‬

‫‪-2‬‬

‫سڪ کئون اٿي سندرو ٻڌي‬ ‫هل ڪيچ ڏي پيرين پنڌي‬ ‫ڏاڍا ڏکيا ڏونگر لڪ لنگهي‬ ‫وڃ دوست دلبر جي تون در‬

‫‪-3‬‬

‫شهر ڀنڀور جا آسرا‬

‫‪-4‬‬

‫هئي هئي پٽيندي عمر ويم‬ ‫اهو انگ ازل کئون لکيو هيم‬ ‫”چيزل“ لڳت مون سان لڳم‬ ‫دکن دوڌ ٿا دونها اندر‬

‫الهي ڇڏج لوڪئون ليئا‬ ‫سرتيون ڏوالوا ڏک مليا‬ ‫ٻڌ سورن جي ساهي ڪمر‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪150‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪89 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دور هئي يارو ديس همارا ڪهان عجب سي آيا هئي‬ ‫وهوا سير اسي هئي جڳ ڪا ڪس ني آپ بنايا هئي‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪهان آدم نون جب جوڙ بناڪر‬ ‫ڳجهه اسرار ڇپايا هئي‬ ‫بيرنگ دا اهو راز االهي‬ ‫انت ڪسي نه پايا هئي‬

‫‪-2‬‬

‫ڪن فيڪون دا ڪن ڪهاڪر‬ ‫صورت سڀ سمايا هئي‬ ‫االنسان تي برقعه بشري‬ ‫اپنا سر ڇپايا هئي‬

‫‪-3‬‬

‫قم باذني قول ڪهاڪر‬ ‫قالو بلي بتايا هئي‬ ‫عرش منور آپ بنايس‬ ‫قدوس ڪونه وکايا هئي‬

‫‪-4‬‬

‫ڪڏان احمد شاه وچ عرب دي‬ ‫امن عدالت آي هئي‬ ‫شهنشاهه رسول سڏاڪي‬ ‫اپنا فيض وڌايا هئي‬

‫‪-5‬‬

‫طاهر اپنا نام ڌراڪي‬ ‫عابد لوڪ سڏيا هئي‬ ‫چيزل ميري ذات نه ڪوئي‬ ‫ناته ڪسي ڪا ڄايا هئي‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪151‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪90 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪون هماري حال ڪا واقف‬ ‫آدم اصل نه ڄائي هون‬ ‫ظاهر ذات صفات هي ميري‬ ‫ملڪ فنا وچ آئي هون‬ ‫‪ .1‬آدم دي وچ آپي آڪر‬ ‫احمد اسم نام همارا‬

‫بشري بيک بنائي هون‬ ‫ميم ڪا برقعا پائي هون‬

‫‪-2‬‬

‫حال حالج هم اوست ٿيو سي‬ ‫سر پر سانگا چائي هون‬ ‫دم دم انالحق جو ڪهيا‬ ‫سولي سر چڙهائي هون‬

‫‪-3‬‬

‫شمسي ڪمبي قول ڪهيوسي‬ ‫کلڙي آپ کالئي هون‬ ‫وچ ڪربل دي ڪنڌ ڪپاڪر‬ ‫سر پر ستم سهائي هون‬

‫‪-4‬‬

‫ڪل شيِء اال يار ٿيو سي‬ ‫خطري خام وڃائي هون‬ ‫ماسو اهلل موت نه ڪوئي‬ ‫چيزل ڀول ڀالئي هون‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪152‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪91 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪڏان ته ڪعبا مست قلندر‬ ‫ڪڏان نفي وچ ناهيون وهوا‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪڏان قضائف پاڪ مسال‬ ‫هنري حڪم هاليون وهوا‬ ‫ڪڏان وت ويندي وچ بت خاني‬ ‫شيشا شوق اٺايون وهوا‬

‫‪-2‬‬

‫ڪڏان شاهي تخت سڪندر‬ ‫سرلو الڪي پايون وهوا‬ ‫ڪڏان گداگر گشت ڪريندا‬ ‫درد در ڇيريون ڇمڪايو وهوا‬

‫‪-3‬‬

‫ڪڏان انالحق آپ اليندا‬ ‫سر منصور سڏايون وهوا‬ ‫سوري چڙهه ڪري سير ٿيو سي‬ ‫نعرا نينهن وڄايون وهوا‬

‫‪-4‬‬

‫رکيل سائين راز وکايا‬ ‫ستت لڌائين سنڀاران وهوا‬ ‫ڳلي ڳلي ۾ سير تماشا‬ ‫رنگ ۾ پور وت وهايون وهوا‬

‫‪-5‬‬

‫”چيزل“ چارئي عناصر ڇوڙين‬ ‫هڪ دل نال هڪ هووين وهوا‬ ‫هو وڻ هستي حال مڙوئي‬ ‫پاڻ ۾ پنهنجو ڀانيو وهوا‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪153‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪92 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مئين هون ڪافر عشق سي عاشق‬ ‫مسلماني سي ميرا ڪيا‬ ‫دين ڪا مذهب دور هئي يارو‬ ‫اور اسي سي تيرا ڪيا‬ ‫‪-1‬‬

‫ڇوڙ ڪي هستي گهن ڪر مستي‬ ‫ڳل و جڻيان پاوڻ ڪيا‬ ‫تلڪ لڳاوڻ ساڌ سڏاوڻ‬ ‫سجدي سر جهڪاوڻ ڪيا‬

‫‪-2‬‬

‫مالن مسجد واعط ڪريندي‬ ‫جوڙڪي مسئلي جائز ڪيا‬ ‫نال رجاوت ڪارڻ ڪثرت‬ ‫اپنا فخر وڌاوڻ ڪيا‬

‫‪-3‬‬

‫عاشق عين حقيقت والي‬ ‫نام نزول هئي شان تنهاندا‬

‫‪-4‬‬

‫قلبي ذڪر ڪماوڻ ڪيا‬ ‫آيت آپ لڪاوڻ ڪيا‬

‫”چيزل“ ڀوال آپ نه ڀاوين‬

‫لوڪان خلق مناوڻ ڪيا‬ ‫جو ڪوئي آپ نون آپ مناوي‬ ‫ٻئي ته ڪنهين نال ڪم هي ڪيا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪154‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪93 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلھه‪ :‬ڏس مدينو مرسل جو‬ ‫ڪعبو آهي تو سان ساڻ‬ ‫‪-1‬‬

‫جاٿي حج حقيقي آهي‬ ‫ڪر طواف تون دل کي ٺاهي‬ ‫ونحن اقرب ويجهو ڇاهي‬ ‫پرجهي ڏس تون پنهنجو پاڻ‬

‫‪-2‬‬

‫انا احمد احد هڪوئي‬ ‫ميم جو برقعو ناهي ڪوئي‬ ‫واحد شاهد سڀ ۾ سوئي‬ ‫بال ميمي رمز سڃاڻ‬

‫‪-3‬‬

‫ڏس تون پنهنجو پاڻ ۾ ڳولي‬ ‫ڪير اندر ٿو ٻوليون ٻولي‬ ‫ال اهلل ڀل نه ڀولي‬ ‫اال اهلل جو مقصد ڄاڻ‬

‫‪-4‬‬

‫ڪعبو خاص خليل بڻايو‬ ‫تون آن اصلي ڪنهن جو ڄايو‬ ‫آدم ٿي ته اهلل سڏايو‬ ‫”چيزل“ اولو عالم ڪاڻ‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪155‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪94 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬پاڻ اهلل آدم ٿي آيو‬ ‫برقعو پائي انساني اال‬ ‫‪-1‬‬

‫انا احمد بال ميمي‬ ‫محمد نور نشاني اال‬

‫‪-2‬‬

‫االنسان تي خلق اال آدم‬ ‫آهي سر صبحاني اال‬

‫‪-3‬‬

‫ونحن اقرب پاڻ چيائين‬ ‫دل ۾ اٿي دل جاني اال‬

‫‪-4‬‬

‫سمجهي پاڻ کي ڏس تون ڇاهين‬ ‫ڪونهي تنهنجي ثاني اال‬ ‫چيزل تون ڀي اهو ئي آهين‬ ‫آدم اعلي شاني اال‬

‫‪-5‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪156‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪95 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬خاطر الف اسم بن آدم‬ ‫اسي قرب ڪنهين هت آيي هون‬ ‫‪-1‬‬

‫قول اڳي اهو ٻول ٻڌوسي‬ ‫دم دم دلبر ياد ڪيتوسي‬ ‫اسان دل دا مطلب پايي هون‬

‫‪-2‬‬

‫مستي اسان نون محب ماليا‬ ‫هستي وئي سڀ دور جي ٿيڙا‬ ‫اسان جسم جان جاليي هون‬

‫‪-3‬‬

‫الف اسان نون اثبات اندر وچ‬ ‫نينهن نفي هڪ نام نظر وچ‬ ‫اسان روحي رمز داليي هون‬

‫‪-4‬‬

‫پلئي پکي اچي عشق پيوسي‬ ‫تان طمع سڀ ترڪ ڳيوسي‬ ‫اسان چيزل ڪين ڪمايي هون‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪157‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪96 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬الف دا علم پڙهاوڻ سک‬ ‫سوالن نال نڀاوڻ سک‬ ‫‪-1‬‬

‫علم باطوني جوئي پڙهيا‬ ‫عمر ساري وچ سوالن سڙيا‬ ‫هڪ دي نال پريت جو رليا‬ ‫روئيندي رات ريجهاوڻ سک‬

‫‪-2‬‬

‫عشق اندر وچ آگ ٻليندا‬ ‫جيرا بڪيان هانُء جليندا‬ ‫ڀن ڪباب تي رمز رليندا‬ ‫خون جگر دا کاوڻ سک‬

‫‪-3‬‬

‫ٻارڻ عشق جنهين سر ٻردا‬ ‫هويا جيئيري موت قبر دا‬ ‫عاشق آڙهه وچ پيا سڙدا‬ ‫جيئري جان جالوڻ سک‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل سور سدائين هو ون‬ ‫ڪر خوراڪ خوشي نون کاون‬ ‫نال غمان دي نينهن لڳاون‬ ‫آڙه عشق اڙاوڻ سک‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪158‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪97 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عاشق الف سان اکڙيون اڙايون‬ ‫بي جو ڀولو الهيو تن‬ ‫سوز فراق ۾ جيڪي سڙيا‬ ‫جاري اسم جاڳايو تن‬ ‫‪-1‬‬

‫ترڪ طمع هو طلب نه ڪنهن ۾‬ ‫خواهش خواب وڃايو تن‬ ‫سهجئون سي ئي سرڪ جي پيتئون‬ ‫دردون دوڌ دکايو تن‬

‫‪-2‬‬

‫جوڳي جسم جالئي سارو‬ ‫سامن سور وهايو تن‬ ‫جيڪي الهوتي الم سان لڙيا‬ ‫وهوا سفر سجايو تن‬

‫‪-3‬‬

‫هو غازي منجهه گم ٿيا وحدت‬ ‫مري پاڻ ملهايو تن‬ ‫ستت سيئي سڃ لگهي ويا‬ ‫ڪڏي ڪڏي قدم وڌايو تن‬

‫‪-4‬‬

‫ساهه سڄو قربان صنم ٿئون‬ ‫گهوري سرڙو گهمايو تن‬ ‫جيڪي چيزل چرخو چورن‬ ‫صاحب سچ ته سمايو تن‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪159‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪98 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬منهنجي آهي سنگت سورن سان‬ ‫اسان روئي روز نهاريون ٿا‬ ‫‪-1‬‬

‫پهريون جسم جلي ويو سارو‬ ‫اسين ٻيهر ٻارڻ ٻاريون ٿا‬

‫‪-2‬‬

‫موتو قبل االنت موتو‬ ‫اسين موٽي پاڻ کي ماريون ٿا‬

‫‪-3‬‬

‫ونحن اقرب امرائين آ‬ ‫اسين دم نه خيال وساريون ٿا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل عشق اڻانگو آهي‬ ‫اسين سوري سرڙو سينگاريون ٿا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪160‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪99 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دم وسارو دل کئون ناهي‬ ‫ياد هميشه يار ميان‬ ‫‪-1‬‬

‫هر جاِء حاضر هادي آهي‬ ‫درشن ڪيون ديدار ميان‬

‫‪-2‬‬

‫فاذڪروني اذڪرڪم‬ ‫پري ناهي تون کئون وار ميان‬

‫‪-3‬‬

‫تو منجهه تو ساڻ گڏ اهو ئي آهي‬ ‫تو منجهه آ اسرار ميان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل احمد احد هڪو آ‬ ‫محمد آهي مختيار ميان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪161‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪100 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دل يار توکئون ڌار‬ ‫هڪ دم نه جيئان مان‬ ‫روئان زار ڪڍان پار‬ ‫پيالو زهر پيئان مان‬ ‫‪-1‬‬

‫لڳي تانگهه تنهنجي سانگ‬ ‫اڏايان ڪانگ هتي پئي‬ ‫پريشان ٿيو خفقان‬ ‫هاڻي ڪئين ڪيان مان‬

‫‪-2‬‬

‫ڏينهان رات تنهنجي تات‬ ‫وائي وات هميشه‬ ‫هج تون شال ساڏي نال‬ ‫تيڏي ڪولهه جيان مان‬

‫‪-3‬‬

‫تنهنجا هنڌ ڏسي رند‬ ‫پيرين پنڌ پڇان پئي‬ ‫چڪن چاڪ ڦٽ فراق‬ ‫ڪنهن کي حال ڏيان مان‬

‫‪-4‬‬

‫تنهنجا ناز هي غماز‬ ‫ٻڌ تون ساز سورن جا‬ ‫چيزل ساڻ ملندم ڄاڻ‬ ‫سرتي سور کنيان مان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪162‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪101 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬عاشق شعاع شمع تي آهن‬ ‫پتنگ ٿئين پروانا سڙ‬ ‫‪-1‬‬

‫جيئري پنهنجو پاڻ پچائي‬ ‫ويهه تون عاشق مچ مچائي‬ ‫ڳلي ڳلي ۾ ٿو يار نچائي‬ ‫سوريَء تي هسوار ٿي چڙهه‬

‫‪-2‬‬

‫عشق جو سمجهي اهو اشارو‬ ‫هاڻي آيو تنهنجو وارو‬ ‫ٿي ڪسي قتالم تون سارو‬ ‫وڍي جدا ڪر سر هي ڌڙ‬

‫‪-3‬‬

‫ساڙيو تنهنجي سوز فراقن‬ ‫چور ڪيو آ چڪنا چاڪن‬ ‫آيا سر تي سور عثاقن‬ ‫راتيان ڏينهن روڄ ۾ رڙ‬

‫‪-4‬‬

‫سمجهي پنهنجو پاڻ وڃائج‬ ‫الف اندر ۾ دم ڪمائج‬ ‫ٿي عروج نزول سمائج‬ ‫چيزل اعظم اسم تون پڙهه‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪163‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪102 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬شاه رکيل ته فتح پور وارو‬ ‫ناڙي ۾ جنهن جو نعرو آ‬ ‫‪-1‬‬

‫بشري برقعو عربيَء وارو‬ ‫ساڳي آهي سر اهو سارو‬ ‫پنجتن جو پرين پيارو آ‬

‫‪-2‬‬

‫عاشقن جو ته امام به آهي‬ ‫عالم ۾ اقطاب سڏائي‬ ‫تو کئون سوا نڪو چارو آ‬

‫‪-3‬‬

‫دوست اچي ڏي ڪا دلداري‬ ‫سڪندي عمر وئي آ ساري‬ ‫دل کئون دم نه وسارو آ‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل تنهنجو در نه ڇڏيندس‬ ‫قدمن تئون قربان مان ٿيندس‬ ‫صدقو سرهي سارو آ‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪164‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪103 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڏس ’ري‘ ’کي‘ ’يي‘ الم ميان‬ ‫ڪر سجدو سر قتالم ميان‬ ‫‪-1‬‬

‫رازق رب جو پاڪ پيارو‬ ‫سڀ جو آهي سردار سونهارو‬ ‫جنهن پياريو آهي جام ميان‬

‫‪-2‬‬

‫’الف‘ ’الم‘ ’ميم‘ ’زال‘ تنهين ۾‬ ‫چارئي لفظ مثال انهين ۾‬ ‫اٿي مخفي معني مام ميان‬

‫‪-3‬‬

‫عبديت جو برقعو پائي‬ ‫واحد ٿي پنهنجي ذات ڇپائي‬ ‫توکي ڪير سڃاڻي عام ميان‬

‫‪-4‬‬

‫”چيزل“ توکي صحيح ته سڃاتو‬ ‫پيريمغان کي حق ڪري ڄاتو‬ ‫آهي آل نبي ته امام ميان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪165‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪104 :‬‬ ‫(سرسهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ويکو اس نون ڪون هئا هئي‬ ‫ڪس ني درد دکايا هئي‬ ‫ڪس ني درد دکيا هئي‬ ‫وهي ڪهان ڪب جايا هئي‬ ‫‪-1‬‬

‫مرڻ جيئڻ دي ڪل نه ڪائي‬ ‫پهلي موت منايا هئي‬ ‫موتو قبل االنت موتو‬ ‫مرنا جيئندي آيا هئي‬

‫‪-2‬‬

‫شوق شراب دا پياال مجهه ڪو‬ ‫مئي دا جام پاليا هئي‬ ‫ڳيا انڌيرا ٿي روشنائي‬ ‫باطل ڪوڙ وڃايا هئي‬

‫‪-3‬‬

‫اسم اعظم دا باب اهو ئي‬ ‫پيريمغان ته پڙهايا هئي‬ ‫ثابت صاف نظر ۾ آيا‬ ‫وجهه اهلل ته سمايا هئي‬

‫‪-4‬‬

‫”چيزل“ عشق ازل دا آيا‬ ‫بي خود بات بتايا هي‬ ‫انالحق دا نعرا ماريس‬ ‫سوري سر چڙهايا هئي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪166‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪105 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪيئن مسافر ڪاڏنهن آئين‬ ‫ڪاٿي آ تنهنجي اصلي جاِء‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪاڏنهن آئين ڇا ٿو ڀائين‬ ‫ڪيڏو پنهنجو پاڻ پڏائين‬ ‫توکي سمجهه نه پئي آ ننڍڙي الِء‬

‫‪-2‬‬

‫ديس ڇڏي هت آئين پرديسي‬ ‫پيار انهيَء ۾ ڪيئن وئين ڦاسي‬ ‫تون ته وکر ويهي ڪين وڃاِء‬

‫‪-3‬‬

‫ايڏيون سختيون سر تي سهندين‬ ‫ملڪ انهيَء ۾ هتي نه رهندين‬ ‫تون ته دم اسم سان قلب ڪماِء‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل فڪر فنا جو آهي‬ ‫وقت اهو ٿي ويهه نه وساري‬ ‫تون ته ڳالهه اها ٻي ڪين ڳالهاِء‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪167‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪106 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬فنا دنيا گهڙي هڪ آهي‬ ‫مڏيون مال پرايو آ‬ ‫‪-1‬‬

‫سمجهي سوچي ڏس تون ويهي‬ ‫ڪاڏي ويا ٿي مٽ اهي ائي‬ ‫توکي پرور پاڻ گهرايو آ‬

‫‪-2‬‬

‫ڪيڏا سانگا ڪرين ٿو سهيڙي‬ ‫مال خزانا دنيا ميڙي‬ ‫تون ناحق نام ڌاريو آ‬

‫‪-3‬‬

‫خيال ڪري هي ساعت سڃاڻج‬ ‫محبت وارا مزا اوهي ماڻج‬ ‫هاڻي وارو يار ورايو آ‬

‫‪4‬۔‬

‫چيزل ملڪ موال جو آهي‬ ‫اچن ٿا عاشق تو ڏي ڪاهي‬ ‫تون ته ڪيڏا ڪاف ڪرايو آ‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪168‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪107 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مستن واري ملڪ انهي تي‬ ‫جاٿي ناهين ڏوهه ثواب‬ ‫‪-1‬‬

‫پنهنجو سمجهي پاڻ ڏسن ٿا‬ ‫سر سڃاڻي سجدا ڪن ٿا‬ ‫توکي ونحن وارو آهي خطاب‬

‫‪-2‬‬

‫صورت اصلي عين تون آهين‬ ‫االنساني پاڻ سڏائين‬ ‫تو ته کول اکيون ڏس الهه حجاب‬

‫‪-3‬‬

‫عاشق زهر پيالو پيئن‬ ‫موتو قبل ال مري ٿا جيئن‬ ‫تون ته سڙي پتنگ جان ٿي ڪباب‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل بشري برقعو پايو‬ ‫عام کان اولي احد سڏايو‬ ‫تون ته تجلو نوري کول نقاب‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪169‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪108:‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬اکين ايڏو انصاف ڪيو‬ ‫جيئن تجلي جاليو ڪوهه طور ميان‬ ‫‪-1‬‬

‫رخ تنهنجو آهي مثل مهتابي‬ ‫صورت سهڻي رنگ گالبي‬ ‫آهي پاڪ پيشاني نور ميان‬

‫‪-2‬‬

‫ابرو نين خماريل آهن‬ ‫پنبڻين جا پيڪان ٿا مارن‬ ‫ڪيو لعل لبن چڪچور ميان‬

‫‪-3‬‬

‫وجهه جنهن جو االنساني‬ ‫ساڳي آهي سر سبهاني‬ ‫آهي خاص خدا جو حضور ميان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل اهو عرفان به آهي‬ ‫تنهنجي حسن جو بيان به آهي‬ ‫آهي ذات االهي ظهور ميان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪170‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪109 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬لڳ ڳيا ترڪش تير حسن دا‬ ‫زخم سيني وچ جاري اال‬ ‫صورت ويک تماشه جلوا‬ ‫کليئي باغ بهاري اال‬ ‫‪-1‬‬

‫واهه چشمان دي چال چڱيري‬ ‫اکيان خوب خماري اال‬ ‫مرڪڻ نال مشتاق ڪتوئي‬ ‫حسن ماهي دا هزاري الال‬

‫‪-2‬‬

‫دلبر دي ديدار ڪتي‬

‫‪-3‬‬

‫مل تون ميڏا يار پيارا‬ ‫هوت آوين هڪ واري اال‬ ‫صدق وچان سؤ وارصنم تؤن‬ ‫گهول گهتنا جند ساري اال‬

‫‪-4‬‬

‫الف اسانون يار پڙهايا‬ ‫ب ت ث سڌ ساري اال‬ ‫شهر فتحپور راز االهي‬ ‫هو هو دي هٻڪاري اال‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل موهيا چشم ماهي دي‬ ‫دردان دل آزاري اال‬ ‫هردم هو وان نال پنهل دي‬ ‫عمر وڃايم ساري‬

‫سڪندي دلڙي ويچاري اال‬ ‫دم دم دانهنا عرش االهان‬ ‫دوست نه ڏيندا دلدار اال‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪171‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪110 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬منجهه دروني درسن کولي‬ ‫ڳولي اندر ۾ لڌڙم يار‬ ‫‪-1‬‬

‫فذڪروني پاڻ سڃاتم‬ ‫سچو آندم اتي اعتبار‬

‫‪-2‬‬

‫پنهنجو پاڻ ۾ ڄاتم پيهي‬ ‫پري ناهين تو کئون هڪ وار‬

‫‪-3‬‬

‫رکيل سائين سچي راهه ڏسي‬ ‫توڙ رسائيندم نيئي سردار‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل پاڻ نه ڄاتم پنهنجو‬ ‫نينهن ڪيو کڻي هتي نروار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪172‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪111 :‬‬ ‫(سر سهڻي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬اثبات ٿيم هاڻي ڪيئن نه چوان‬ ‫ٿيو ظاهر سڀ باطون عيان‬ ‫‪-1‬‬

‫فذڪروني اذڪر ڄاتم‬ ‫ونحن اقرب قول سڃاتم‬ ‫جوڙ پڙهي ٿيس رمز روان‬

‫‪-2‬‬

‫پنهنجو پاڻ کي سجدو ڪيڙم‬ ‫صاف وجود ۾ واحد هيڙم‬ ‫ٿيا االاهلل جا سبق سنوان‬

‫‪-3‬‬

‫اربع عناصر نام سڏائين‬ ‫ڪاڏهون آئين ڪاٿي ڄائين‬ ‫ٿيا دم دم سان ديدار نوان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل عاشق عين به آهن‬ ‫موتو قبلل مري ٿا جيئن‬ ‫چڙهي سوريَء تي پوِء نه پوان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪173‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪112 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ُ :‬اٿي اور اندر ائٽ سان‬ ‫ڇڏ تون سمهڻ جو ساُء‬ ‫‪-1‬‬

‫تند وجهي انهيَء تار جي‬ ‫تون ته پوڻيون اوڀي اڻاِء‬ ‫ڪرڻو پيو ٿي ڪم گهڻو‬ ‫اڃا ڪوڙين پئي ٿي ڪپاهه‬

‫‪-2‬‬

‫ويهي وقت وڃايئي‬ ‫نڪو چت رکيو تو چاهه‬ ‫سڀ ويٺي آن سٽ وڃائي‬ ‫پوِء ڪندين هاِء هاِء‬

‫‪-3‬‬

‫سنهو ڪتئي ڪينڪي‬ ‫ٿلهو ٿورو ٺاهه‬ ‫جيڏن سرتين جوڙيون اڻايون‬ ‫تو نه اڻيو هڪ پاُء‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل چور چرخي کي‬ ‫ٻن سمهڻ کي ڏي باهه‬ ‫هر دم تنهنجا طعني تائن‬ ‫تتي کي نه تپاِء‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪174‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪113 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڏس تتي جا تال هي‬ ‫جيئن وڻئي پيو لٽ وو‬ ‫‪-1‬‬

‫اچي وڃي پي واٽ سان‬ ‫دعوي ڌوتي جي سٽ وو‬

‫‪ .2‬سالڪ سمجهن ڳالهه کي‬ ‫آهي گهوري گهٽ وو‬ ‫‪-3‬‬

‫دل هڪا هڪ يار سان‬ ‫منهن نه موڙي مٽ وو‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل چئي مان ڇا چوان‬ ‫پاڙ پٽيَء جي پٽ وو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪175‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪114 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬هن ڀنڀور کي ڇڏ وو‬ ‫اٿي پنهل جا پير ڏس‬ ‫‪-1‬‬

‫لنگهي ويا ته لڪن کئون‬ ‫ڀري سڏڪا سڏ وو‬

‫‪-2‬‬

‫ويندس رهندس ڪينڪي‬ ‫لوِء منجهارئون لڏ وو‬

‫‪-3‬‬

‫مان ته مونجهي آهيان‬ ‫هن گندي کي گڏ وو‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڇني ڇڏ آسرا‬ ‫آڏاڻا نه اڏ وو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪176‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪115 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬وڃي پنهنجي پنهل سان مون ملندس‬ ‫هن ڀينگ ڀنڀور کي باهه ڏيندس‬ ‫‪-1‬‬

‫ساڙيا سيج پلنگ کي‬ ‫روهه ڏکي ۾ وڃي رهندس‬

‫‪-2‬‬

‫پنڌ ڏکن جا ڏوجهرا‬

‫‪-3‬‬

‫رند ڏسي رڙندي وتان‬ ‫سڪ ته لڳي ٿم ڪيئن سمجهندس‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل هل تون هوت ڏي‬ ‫سور سڀوئي سر سهندس‬

‫جبل جهاڳي وڃي رهندس‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪177‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪116 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬منهنجو نئون لڳو آهي نينهن وو يار‬ ‫ڪيئن ٻڌايان ٻين کي‬ ‫‪-1‬‬

‫رات لنگهي ٿي روڄ ۾‬ ‫ڏکن سندو ڏينهن وو يار‬

‫‪-2‬‬

‫اندر گهوريو گهر پيو ماري‬ ‫ٻاهر ڀڃي شينهن وو يار‬

‫‪-3‬‬

‫اچي اٺو آهي اوچتو‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڪتييُء ڪين ڪي‬ ‫اٿي ٿلهو ٿورو پينهن وو يار‬

‫ڪو محبت سندو مينهن وو يار‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪178‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪117 :‬‬ ‫(سر ڪوهيار)‬ ‫ٿلهه‪ :‬هن ته مٺي سان مل تون اچي‬ ‫ڏاڍي سڪڙي لڳي آ نٿو صبر اچي‬ ‫‪-1‬‬

‫سڪ ته سنجهي سور اٿاريا‬ ‫بيحد وڌو آ بره ڦٽي‬

‫‪-2‬‬

‫ويندس ملڪ انهيَء ۾‬ ‫قسمت ڪيو آ قيد هتي‬

‫‪-3‬‬

‫ڪيچي ڳالهه ڪهي ويا‬ ‫هيَء ته نماڻي ڪجهه نه ڪڇي‬

‫‪-4‬‬

‫بره سنديون باهيون ٻريون‬ ‫منهنجي اندر۾ مچڙو مچي‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل چاڪ سيني ۾‬

‫ملم نه ڪائي نه ناسور ڇٽي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪179‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪118 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬سڃ ۾ سسئي سڏ ٿي ڪري‬ ‫ڏاڍو سخت ڏکيو آهي پنڌ پري‬ ‫‪-1‬‬

‫اوکا پنڌ ته پهاڙ جا‬

‫‪-2‬‬

‫روهه ڏکي رڻ راهه ۾‬ ‫منزل مونجهارو ڪيون ڳڻتين ڳري‬

‫‪-3‬‬

‫پٿرن پير پٿون ڪيا‬

‫‪-4‬‬

‫ملندس هوت پنهل سان‬ ‫ساعت سواِء جنهن کئون دم نه سري‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل آگ اندر ۾‬

‫ڏونگر ڏسي منهنجو هنياُء ڏري‬

‫وڃي ٿي ويچاري پوِء نه وري‬

‫ڀڀڙ ٿا ڀڙڪن باهه ٻري‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪180‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪119 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬ماُء سورن ڪاڻ سسئي ڄڻي‬ ‫وڃي صدقو ڪندس سر ڪيچ ڌڻي‬ ‫‪-1‬‬

‫سمهي سيج پلنگ تي‬ ‫ننڊ ته نڀاڳي وئي آکڻي‬

‫‪-2‬‬

‫ڏونگر اٿي هاڻي ڏور تون‬ ‫ڏاگهن ڏڌي آهيان رند نه اڻي‬

‫‪-3‬‬

‫واقف نه انهي واٽ جي‬ ‫هوتن وڌو آ هيڪار هڻي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڪيچ شهر ڏي‬

‫وک ته وڌائي وجهه تون گهڻي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪181‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪120 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬دکن درد هزار‬

‫مليا ساٿ سورن جا‬

‫‪-1‬‬

‫قلم لکئي ته قضا ڪيو‬ ‫دلبر مون کان ڌار‬

‫‪-2‬‬

‫سڙان تنهنجي سڪ ۾‬ ‫رووان زارئون زار‬

‫‪-3‬‬

‫ويندس واٽ ڏکن جي‬ ‫موٽڻ مون کي ميار‬

‫‪.4‬‬

‫چيزل مون سان يار جو ملندو‬ ‫ستت لهندو سنڀار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪182‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪121 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪ :‬سڪايل انهي ساٿ سان‬ ‫ماندي وڃي ملندي وو يار‬ ‫‪-1‬‬

‫ڏسي پير پنهل جا‬ ‫لوچي وڃي لهندي وو يار‬

‫‪-2‬‬

‫ڏسي جوش جبل جو‬ ‫روهن ۾ رهندي وو يار‬

‫‪-3‬‬

‫ڏکيل دل نه ڏکائجي‬ ‫سور سڀوئي سهندي وو يار‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل حال اندر جو‬ ‫ڪنهن کي نه چوندي وو يار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪183‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪122 :‬‬ ‫(سر ڪوهياري)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫مون کي ڇو ته ڇڏي ويا‬ ‫ڏئي ويا بار ڏکن جا‬

‫‪-1‬‬

‫ڪاهيون ويڙا ڪيچ ڏي‬ ‫هتئون لعل لڏي ويا‬

‫‪-2‬‬

‫ويندس رهندس ڪينڪي‬ ‫سونهان ٿي ته سڏي ويا‬

‫‪-3‬‬

‫سرتيون سڪ ته پرين جي‬ ‫ڏکي دل ته گڏي ويا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ان جي آسري‬

‫آڌر ٿي ته اڏي ويا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪184‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪123 :‬‬ ‫سر ڪوهياري‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ويجهو ٿي پنڌ پٿر جو‬ ‫دلڙي نه ٿي دلگير وو‬

‫‪-1‬‬

‫صدقو ڪندس سر کي‬ ‫نيڻن وهائيندس نير وو‬

‫‪-2‬‬

‫الئيندس خاڪ لڱن کي‬ ‫لوئي پائيندس لير وو‬

‫‪-3‬‬

‫ايندم شال اڱڻ تي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل مرشد منهنجو‬

‫مرسل منهنجو مير وو‬ ‫رکيل شاه فقير وو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪185‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪124 :‬‬ ‫سر ڪوهياري‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫هن ڏکي کي ڏوجهرا‬ ‫آيا پيرين پنڌ‬

‫‪-1‬‬

‫مان ته روئي ڏسان رند‬ ‫هن ڏکي کي ڏوجهرا‬

‫‪-2‬‬

‫ڏونگر ڏک ته ڇو ڏئين‬ ‫ساڙيان سيج هنڌ‬

‫‪-3‬‬

‫پنڌ وڏا ته پهاڙ جا ميان‬ ‫اڳيون واري بند‬

‫‪-4‬‬

‫ڏيندس لهم لڱن جو ميان‬ ‫وڍي سارا سنڌ‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل صدقي سرڙو ميان‬ ‫ڪهي ڪاتيون ڪنڌ‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪186‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪125 :‬‬ ‫سر ڪوهياري‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫درد ڪيو دلگير وو‬

‫‪-1‬‬

‫راڙيون ڪندي راتڙيون ڀلو وو منهنجا يار‬ ‫نيڻين وهن ٿا نير وو‬

‫‪-2‬‬

‫دل وڇوڙي درد ۾ ڀلو وو منهنجا يار‬ ‫چاڪ پون ٿا چير وو‬

‫‪-3‬‬

‫ڪيئن سمهان سکي سيج تي ڀلو وو منهنجا يار‬ ‫تکا هڻين ٿو تير وو‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل انگ ازل جو ڀلو وو منهنجا يار‬ ‫جيڪي لکيو تقدير وو‬

‫ڪونهي ڪو سرتيون سورن ڀائي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪187‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪126 :‬‬ ‫سر ڪوهياري‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫سڀ کئون گهڻا مون ڏي سڄڻا‬ ‫سرتيون آيم سور‬

‫‪-1‬‬

‫لکيا اصلي اڳ جا‬

‫‪-2‬‬

‫پرين پاڻهي موڪليا‬

‫‪-3‬‬

‫ايڏو بار برهه جو‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل پيار پرين جو‬

‫**********‬

‫ظاهر ٿيا ته ضرور‬ ‫مون کي سر منظور‬ ‫قلم ڪيو آ ڪلور‬ ‫محبت جو آ مذڪور‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪188‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪127 :‬‬ ‫سر ڪوهياري‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ڏاڍو غم جو گذارڻ آهي ڏکيو‬ ‫جيڪي باب منهنجي تقدير لکيو‬

‫‪-1‬‬

‫ناهين ننڊ ته نيڻن کي‬ ‫سمهڻ ويو آرام سکيو‬

‫‪-2‬‬

‫رووان رت ته پنهل ڪاڻ‬ ‫اندر ٻري آڙاهه چکو‬

‫‪-3‬‬

‫اچن اوالنبا عشق جا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل بار برهه جو‬

‫درد جو دل منجهه دوڌ دکيو‬ ‫رهبر آڻي راز رکيو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪189‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪128 :‬‬ ‫سر ڪوهياري‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫مري ويندي سانِء‬

‫‪-1‬‬

‫وندر جي ته وڻن ۾‬

‫‪-2‬‬

‫ڏکيا پنڌ ته ڏونگر جا‬

‫‪-3‬‬

‫ڏيرن جي ته ڏکن جون‬ ‫ڳالهون چوندي سانِء‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڏاج ڏکن جا‬

‫نه مڙندي سانِء‬ ‫ويندس خان پنهل ڏي‬ ‫لوچي لهندي سانِء‬ ‫لڪ لگهندي سانِء‬

‫سور سهندي سانِء‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪190‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪129 :‬‬ ‫سر ڪوهياري‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫او مان پنهنجو پاڻ ڦاسايو‬

‫دلبر دلڙي کڻي ويو زوري‬

‫‪-1‬‬

‫ڪاف ويٺي ٿي مان ڪاهيان‬ ‫ڏاڍي ماتم مونجهه ۾ آهيان‬

‫مان ته ڏک جا ڏينهن نڀايان‬ ‫پئي جيئه جسم منجهه جهوري‬

‫‪-2‬‬

‫اوهو ڏينهن االئي ڪڏهن ٿيندو‬ ‫اچي دل کي دالسو ڏيندو‬

‫منهنجو مرشد مان وٽ ايندو‬ ‫مان ته صدق ٿيان سؤ گهوري‬

‫‪-3‬‬

‫هڪ دم دم سان ٿي سنڀاريان‬ ‫گهڙي هت نه ٿي گهاريان‬ ‫توکي ويهي ڪيئن مان وساريان لڳي لونَء لونَء ۾ تنهنجي لوري‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڪيچ ڌڻين ڏي مان ويندس‪ ،‬وڃي ڏک جو حال مان ڏيندس‬ ‫مان هتڙي ڪين ڪي رهندس‪ ،‬اصل ڪين ڇڏيندم ڇوري‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪191‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪130 :‬‬ ‫سر بالولي‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫بازر نرخ نوان هي تيار‪ ،‬وهوا کليا باغ بهار‬

‫‪-1‬‬

‫بازر بازي يار بنائي‪ ،‬ڪرگهن سودا وڻج سچائي‬ ‫اوندي ويندي خبر نه ڪائي‪ ،‬لکين لک هزار‬

‫‪-2‬‬

‫برهه تيڏي دي پٿري بازي‪ ،‬ٻاجهون سردي مول نه راضي‬ ‫چوٽ سولي تي چڙهدي غازي‪ ،‬عاشق انهي آزار‬

‫‪-3‬‬

‫واپار وحدت واال ونڊيا‪ ،‬نفس عقل دا روال رنڊيا‬ ‫سور ڏسي سوين سڌڙيا سنگيا‪ ،‬سوره سر کئون ڌار‬

‫‪-4‬‬

‫نفل نمازان مارن مٿي سجدي ڏي ڏي اجائي ٿڪي‬ ‫قلبئون ڪين ڪمازون ڪچي‪ ،‬بن وحدت دي ڪل خار‬

‫‪-5‬‬

‫مالن قاضي سبق پڙهاون‪ ،‬فذڪروني قول نه ڄاڻن‬ ‫دنيا واسطي مٿي مارن‪ ،‬عامل عملدار‬

‫‪-6‬‬

‫نفس عقل دا مونجهه مونجهارا‪ ،‬ڀڄ ڳيا ڀوال دم نه وسارا‬ ‫ٿي قلندر ماريم نعرا وچون نفي نروار‬

‫‪-7‬‬

‫صوفي سمجهين رک صفائي‪ ،‬حق بنان ٻي وات نه وائي‬ ‫رکيل مام اها سمجهائي چيزل دم نه ڌار‪.‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪192‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪131 :‬‬ ‫سر بالولي‬ ‫ٿلهه‪ :‬تيري عشق ڪا افضل شان‬ ‫صدق قربان صدق قربان‬ ‫‪-1‬‬

‫هم ايسا عشق لڳايا هئي‬ ‫سر‪ -‬دي نه قدم هٽايا هئي‬ ‫ڪب جيئندي ئي مرجايا هئي‬ ‫سر ساهه ڪيتم نذران‬

‫‪-2‬‬

‫جس نوبت نينهن نشان ڪيا‬ ‫سڀ طبق صحن چوغان ٿيا‬ ‫دل عرش عظيم قرآن ٿيا‬ ‫سٽ سر زمين آسمان‬

‫‪-3‬‬

‫ڪڏان عاشق سخت آزرڻ ڪيا‬ ‫وچ هجر فراق گذارڻ ڪيا‬ ‫هڪ دم نه خيال وسارڻ ڪيا‬ ‫ڦر ڪيها هئي ارمان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڀوال ڀڄ ڳيا سارا‬ ‫هو هو ماريا حق دا نعرا‬ ‫قول الستي دم نه وسارا‬ ‫مئين گهول ڪران جند جان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪193‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪132 :‬‬ ‫سر بالولي‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ديدار خود دکايا‬ ‫پرهيز مين ڪيا‬ ‫بازار اپني عشق ڪا‬ ‫ڪيون تيز مين ڪيا‬

‫‪-1‬‬

‫آج دن ملڻ کي طلب هئي‬ ‫تيرا جواب هئي‬ ‫تيري جواب مجهه ڪو‬ ‫بيزار مين ڪيا‬

‫‪-2‬‬

‫اڪنون هويا عاشق‬ ‫تيرا مثال هئي‬ ‫تيرا مثال ايسا‬ ‫اياز مين ڪيا‬

‫‪-3‬‬

‫امروز بيقراري‬ ‫دلگير انتظار‬ ‫تيري جو انتظاري‬ ‫ديروز مين ڪيا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل اسي دنيا ۾‬ ‫تيري ياد نام هئي‬ ‫تيرا نام ميري دل ڪو‬ ‫پرواز مين ڪيا‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪194‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪195‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪133 :‬‬ ‫(سر بالولي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫جس ني جاليا مجهه ڪو‬ ‫او دوست هي ميري دل‬ ‫آنسو آنکهون سي چلتي ٿي‬ ‫يه راز هئي اصل ڪا‬

‫‪-1‬‬

‫تيري اسم ڪي آگ ۾‬ ‫سر ساهه سينا سڙڳيا‬ ‫ٻلنا هوا وو ٻل ڳيا‬ ‫يه ڪام هئي ازل ڪا‬

‫‪-2‬‬

‫يه هئي تمنا آرزو‬ ‫تصدي داده مي شود‬

‫ايڪ دوست ڪي ديدار ڪا‬ ‫پيار مئينون پل ڪا‬

‫‪-3‬‬

‫ڪيا سناوان بات ساري‬ ‫عشق ڪي اسرار ڪي‬ ‫مجنون مفلس هو گيا‬ ‫تيرا ناز هئي آجڪل ڪا‬

‫‪-4‬‬

‫ڪيسا قتل ڪيا هئي‬ ‫عاشقان نون بي قصور‬ ‫قربان تيري نام پر‬ ‫سر ساهه صدقي چيزل ڪا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪196‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪134 :‬‬ ‫(سر بالولي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫لڳم آڳ اندر وو يار‪ ،‬جيرا جوش جاليا‬ ‫نڪا سڌ نه خبر وو يار‪ ،‬باري بره بڇايا‬

‫‪ .1‬عشق اندر وچ آگ مچائي‪،‬بڀڙ ڀڙڪن بات نه ڪائي‬ ‫نڪو سک نه صبر وو يار‪ ،‬سينا سوز تپايا‬ ‫‪ .2‬نه سک قرار آرام سحر هئي‪ ،‬خواب خوشيون ڪل طعام زهر هئي‬ ‫برهه لڳم بيحد وو يار‪ ،‬نيڻين ننڊ وڃايا‬ ‫‪ .3‬عشق اوالنبا لڳڙم لوري‪ ،‬آيم سر تي آتش زوري‬ ‫بيوس دل لٽ کس وو يار‪ ،‬نازين نال نوايا‬ ‫‪ .4‬مئين ماندي نون ماهي موهيا‪ ،‬درد اندروهه اندر وچ هويا‬ ‫ترس نه ڪيتس تل وو يار‪ ،‬نيزا نينهن وهايا‬ ‫‪ .5‬بار برهه داسر تي آيم‪ ،‬سڀ عمر غم ڏکندي نڀايم‬ ‫سدا سور سرس وو يار‪ ،‬دونها درد دکيا‬ ‫‪ .6‬ڏينهنان ڏوڙا ڏکڙا آيا‪ ،‬چيزل سنڌ سنڌ سوز سڪايا‬ ‫ڀيڙ ڏيئي ڀن سٽ وو يار‪ ،‬تکا تيغ چاليا‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪197‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪135 :‬‬ ‫(سر بالولي)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫جيڪي نينهن بنا نادان‬ ‫ڏس تون انڌن جا ارڪان‬

‫‪-1‬‬

‫هادي هدايت ڪين سڃاڻن‬ ‫اهي عمر ڪرن پيا زيان‬

‫‪-2‬‬

‫راتيارن ڏينهان طلب تمامي‬ ‫اهي حرص ڪيا حيران‬

‫‪-3‬‬

‫دنيا دنيا ڪندا وتن ٿا‬ ‫کنيون ويندا ارمان‬

‫‪-4‬‬

‫پيريمغان جي دستئون پيتم‬ ‫چيزل ُپ ُر ڪر جام‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪198‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪136 :‬‬ ‫سر بالولي‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ٻڌ سورن جي ته پچار ڏاڍي‬ ‫ڏاڍي عشق آزاريو يار‬

‫‪-1‬‬

‫عشق اڻانگو اصلي آهي‬ ‫ڪيئن ڪيائين سر ڌار‬

‫‪-2‬‬

‫ڪربل ۾ ڏس ڪيئن ڪهايئي‬ ‫سڀئي هيا سردار‬

‫‪-3‬‬

‫صوفي سائين شاه عنايت‬ ‫نيزي ٿيو نروار‬

‫‪-4‬‬

‫سوري تي منصور چڙهايئي‬ ‫تنهنجا الٽا ٿي اسرار‬

‫‪-5‬‬

‫شمس الحق جي کل کالئيئي‬ ‫پنهنجا پاڙيئي پئي اقرار‬

‫‪-6‬‬

‫ڪهڙيون ڳالهيون ڪنهن سان ڪيان مان‬ ‫تنهنجا خوني خيال خمار‬

‫‪-7‬‬

‫چيزل سودو سر جو آهي‬ ‫سچو ڪرج واپار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪199‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪137 :‬‬ ‫سر بالولي‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ڪعبو پاڻ ڪري ٿو طواف‬ ‫ڏس تون عشق جو هي انصاف‬

‫‪-1‬‬

‫نفل نمازان سنتان ساريون‬ ‫سنگ سڀوئي معاف‬

‫‪-2‬‬

‫ونحن سان ته وصال ڪري ڏس‬ ‫سينو ٿيو هي صاف‬

‫‪-3‬‬

‫ظاهر سڀ ظلمات جو آهي‬ ‫ڪاٽي ويا ڪوه ڪاف‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل عين اهلل جو آهي‬ ‫ڪونهي ڪوڙ خالف‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪200‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪138 :‬‬ ‫سر بالولي‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫عجب عشق وارن جون‪ ،‬ڳالهيون مان ڳايان‬ ‫صبر جو سدائين چئي‪ ،‬ڇا ٻڌايا‬

‫‪-1‬‬

‫اهڙي آگ آهي‪ ،‬دوزخ کي اجهائي‬ ‫عاشق سر سهائي‪ ،‬ناتو ٿي نڀايان‬

‫‪-2‬‬

‫بره بيقراري لڳي‪ ،‬چوٽ جاري‬ ‫نيزي جي سواري‪ ،‬عاشق آزمايان‬

‫‪-3‬‬

‫صبر ساڻ سرور‪ ،‬ڪيڏو ڪيس ڪربل‬ ‫ٿيو واقعو گهر گهر‪ ،‬ٿي ماتم منايان‬

‫‪-4‬‬

‫سورن ۾ سهائي‪ ،‬اهو پيار آهي‬ ‫هزارين ڪهائي‪ ،‬ڪيئي گهوٽ گهايان‬

‫‪-5‬‬

‫عاشق آهي پياسي چڙهيا ڪيئي ڦاسي‬ ‫سوري سيج خاصي نيزي نينهن اليا‬

‫‪-6‬‬

‫ڪيئي ُهل هالئي ڳجهو پيو ڳالهائي‬ ‫سڄي کل کالئي‪ ،‬اهي ناز ٿي ڀايان‬

‫‪-7‬‬

‫اندر آگ ٻاري‪ ،‬عاشق ٿو آزاري‬ ‫لکئون لک ماري‪ ،‬سورهيه ٿي سڏايان‬

‫‪-8‬‬

‫ڏسي باهه مچ تون‪ ،‬پتنگ وانگي پچ تون‬ ‫سڙي سارو سچ تون‪ ،‬جسم ٿي جاليان‬

‫‪-9‬‬

‫سچي سڪ ۾ سڙندا مرڻ کئون نه مڙندا‬ ‫وڃي چوٽ چڙهندا‪ ،‬حاذق ٿي هاليان‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪201‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪-10‬‬

‫اهو حال ڪنهن سان‪ ،‬نه ڪر عام ٻئي سان‬ ‫لڳو نينهن توسان‪ ،‬نيڻين ننڊ وڃايان‬

‫‪-11‬‬

‫ڪٺا جي ڪاللن‪ ،‬انهي خاص خيالن‬ ‫مرڻ جي مثالن موتو موت آهيان‬

‫‪-12‬‬

‫نه ڪر تون وسارو‪ ،‬ازل جو اشارو‬ ‫لڳو نينهن نعرو‪ ،‬ٿي نوبت وڄايا‬

‫‪-13‬‬

‫چيزل پيچ پايو‪ ،‬پرين پاڻ آيو‬ ‫ٿيم ڪم سجايو‪ ،‬متان دم وڃايان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪202‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪139 :‬‬ ‫سر بالولي‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫در دروني جسم ڪي بادشاهي مين ڪيا‬ ‫بادشاهي ڪڇ نهين هم خود خدائي مين ڪيا‬

‫‪ .1‬اس اسم ڪي طوفان مين موج اعظم ڪي رهي‬ ‫مزڪور ذاڪر ايڪ هي ڦر ڪيون جدائي مين ڪيا‬ ‫‪-2‬‬

‫ظاهر ميري ذات هي‪ ،‬ڪون پهچاني گا ڪڀي‬ ‫انسان اعلي شان هي‪ ،‬يه سمجهه سدائي مين ڪيا‬

‫‪-3‬‬

‫آپ ڪو خود مين ديکها هي‪ ،‬اسرار ظاهر هوگيا‬ ‫حق آيا باطل گيا‪ ،‬يه نام ندائي مين ڪيا‬

‫‪-4‬‬

‫ايسي چيزل بات ڪا ڪرنا نهين ضرور‬ ‫وه مشتمل ميري ساٿ هي ونهن ودائي مين ڪيا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪203‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪140 :‬‬ ‫سر راڻو‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫اسان مسڪينان نون مار سٽيوئي‬ ‫ڪر بيواهه بيوس وو‬ ‫ڪر بيوهه بيس وو‬ ‫زوران زوري دل کس وو‬

‫‪-1‬‬

‫ڪوڪان ڪيان پئي ڪونه ٻڌي پيو‬ ‫هين مٺي سان عڪس وو‬

‫‪-2‬‬

‫ماندي هن ته مريض جو‬

‫‪-3‬‬

‫کائڻ پيئڻ سڀ سک هليا ويا‬ ‫ويو هل ته هوس وو‬

‫‪-4‬‬

‫هن ته بندي کي برهه بيماري‬ ‫سور ڏئي ويا سرس وو‬

‫‪-5‬‬

‫سائين ساريان سڪ منجهارئون‬ ‫رهبر رڻ ۾ رس وو‬

‫‪.6‬‬

‫چيزل جهوري جيَء اندر ۾‬

‫ڪونه پيو ڪو ترس وو‬

‫ڏکن ڏنو ڪو ڏس وو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪204‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪141 :‬‬ ‫(سر راڻو)‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫جان جلي وئي جندڙي ساري‬ ‫برهه بڀڙ هت ٻاريو آ‬ ‫برهه بڀڙ هت ٻاريو آ‬ ‫منهنجي ساهه کي سورن ساڙيو آ‬

‫‪-1‬‬

‫جان جلي وڌو سورن ساڙي‬ ‫قول ازل لکيو پاڙيو آ‬ ‫سک قرار آرام نه ڪوئي‬ ‫ڳڻتين اندر ڳاريو آ‬

‫‪-2‬‬

‫درد ڏکن ۾ دلڙي ماندي‬ ‫موت وڇوڙي ماريو آ‬ ‫عرش االهان وڃن پيون آهان‬ ‫مون روئندي رات گذاريو آ‬

‫‪-3‬‬

‫برهه جا ڀڙڪا ڪن ٿا ڪڙڪن‬ ‫عشق اويڙو آيو آ‬ ‫لهر ۾ لڙهندا ڪنڌي نه ڪائي‬ ‫توڪل ترهي تاريو آ‬

‫‪-4‬‬

‫سخت ستايو ڏني سورن سوداِء‬ ‫دردن دل کي آزاريو آ‬ ‫چيزل عشق اصل کئون اهڙو‬ ‫جنهن سر سولي نيئي چاڙهو آ‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪205‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪206‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪142 :‬‬ ‫سر راڻو‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫پرچ پرين اچي پيارل مون سان‬ ‫ماندي آهي موت تي‬

‫‪-1‬‬

‫سڪ تنهنجي ۾ ساهه سڪي ٿو‬ ‫زخم اندر ۾ روز ڏکي ٿو‬ ‫دم دم چڙيل چاڪ چڪي ٿو‬ ‫راڙيون ڪيون روئندي وتي‬

‫‪-2‬‬

‫ڳڻتين ڳاريو جيَء ۾ جهوري‬ ‫دل کڻي ويو دلبر زوري‬ ‫هڪ لڳي آهي تنهنجي لوري‬ ‫تو کئون سواِء ڪيئن رهان هتي‬

‫‪-3‬‬

‫ناتو تو سان نينهن نڀايم‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل لکيو لوح جو آهي‬

‫طعنا تنڪا سر تي چايم‬ ‫عشق تنهنجي ۾ جان جاليم‬ ‫سکي سمهان ڪيئن سيج تي‬

‫سچو سندرو ٻڌم ساهي‬

‫امر ائين ويو قلم وهائي‬ ‫راضي آهيان تنهنجي راز تي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪207‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪143 :‬‬ ‫سر راڻو‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫پاڻ ڏاڍي سان دل ڦاسائي‪ ،‬ناحق نيهڙو مان اليو آ‬ ‫مون کي ڏکن ڏاڍو ڏکايو آ‬

‫‪-1‬‬

‫حال کان ڪڍي بيحال ڪيائين‪ ،‬سڌ نه ڪا سنڀار لڌائين‬ ‫صفا پيهين پئمال ڪيائين‪ ،‬سڪندي کي ته سڪايو آ‬

‫‪-2‬‬

‫اڳي خبر مون کي ڪانه جو هيڙي‪ ،‬عشق اصل کان اهڙو آ‬ ‫جيئري کل کاليئي ساري‪ ،‬جان جسم ته جاليو آ‬

‫‪-3‬‬

‫پاڻ وڇوڙو فراق ڏئي‪ ،‬ويا‪ ،‬ڏينهان راتيان روئڻ آ‬ ‫اکيون صفائي ڪونه سڪن ٿيون‪ ،‬ڳوڙها ڳلن تي وهايو آ‪.‬‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل صدقي ِس ُر تن تان‪ ،‬جن مون کي ايڏا ڏک ته ڏنا‬ ‫پئي نڀايان ڪنهن کي ٻڌايان‪ ،‬سورن آڻي ستايو آ‪.‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪208‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪144 :‬‬ ‫سر سورٺ‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫تنهنجي سهڻي صنم سينگار‬ ‫مونکي مستان ڪيو‬

‫‪-1‬‬

‫مجگان مارن تير تفنگي‬ ‫ترڪش جو تکو تيز‬

‫ابرو نين اهڙاون جنگي‬ ‫لنگهي سيني پار پيو‬

‫‪-2‬‬

‫منهن مهتاب تي سهڻي صورت‬ ‫سوين حوران سڪن پيون زيارت‬ ‫ڪيئي ملڪ مشتاق‬ ‫درسن ديدار ڪيو‬

‫‪-3‬‬

‫قرب ڪمال تي رخ نوراني‬ ‫اهڙي صورت اظهار‬

‫‪-4‬‬

‫دم دم چيزل دوڌ دکن ٿا‬ ‫ڪسي ٿي قربان‬

‫سر لوالڪ ڇٽ شهاني‬ ‫جوڙي جنسار ڪيو‬ ‫سور سوين ڪيئن سر تي اچن پيا‬ ‫ورهه ويران ڪيو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪209‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪145 :‬‬ ‫سر سورٺ‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫تنهنجي محبت ۾ ڏينهان رات‬ ‫پوي ٿي ڪل ڪانه مون کي‬

‫‪-1‬‬

‫پيريمغان مون کي پاڻ چيو آ‬ ‫مري جيئڻ اثبات‬ ‫آهي فرمان مون کي‬

‫‪-2‬‬

‫عشق اوندوه اويڙانهي منجهه‬ ‫جلي وئي جسمات‬ ‫ڪيو آ پروان مون کي‬

‫‪-3‬‬

‫بي خود بحر انهي منجهه آيس‬ ‫رندن جي رسمات‬ ‫ڪيو آ نيشان مون کي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل سر سولي تي آهي‬ ‫ٻڌ بره جي بات‬ ‫لڳي آ جڙ جان مون کي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪210‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪146 :‬‬ ‫سر سورٺ‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫تنهنجي درد وڇوڙي جو يار‬ ‫لڳو آ فراق مون کي‬

‫‪-1‬‬

‫درد منجهارئون دانهان ڪيان ٿي‬ ‫دل کسي دلدار‬ ‫پيو آهي سيني چاڪ مون کي‬

‫‪-2‬‬

‫باهه بره جي آتش اهڙي‬ ‫تن تپائي تڪرار‬ ‫ڪيو آ ساڙي خاڪ مون کي‬

‫‪-3‬‬

‫راتيان ڏينهان سڪ سدائين‬ ‫واندي نه هڪ وار‬ ‫ڪيو آ مشتاق مون کي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل عشق ازل کئون آيو‬ ‫ڪيئن ڪيو مون کي ڌار‬ ‫لکيو آ ميثاق مون کي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪211‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪147 :‬‬ ‫سر سورٺ‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫تنهنجي عشق ٻاريو آڙاهه‬ ‫پتنگ ويا اهي ته پچي‬

‫‪-1‬‬

‫سڪ کئون سندرو ٻڌائون ساهي‬ ‫ڪونه ٿيو همراهه‬ ‫صدق ڪيئون سرڙو اچي‬

‫‪-2‬‬

‫مچ ۾ عاشق اچن ٿا ڪاهي‬ ‫سورن ۾ سڙيو ساهه‬ ‫مانجهي بيٺا مرد مچي‬

‫‪-3‬‬

‫ايڏيون بالئون برهه بڇايون‬ ‫رند وٺي ٿيا راهه‬ ‫بهادر ويا اهي ته بچي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل مرشد موال آهي‬ ‫ٻڌ وحدت ويساهه‬ ‫اٿي اها ڳالهه سچي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪212‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪148 :‬‬ ‫سر سورٺ‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫تنهنجي عشق ڏنا آزار‬ ‫ڏاڍا ڏک ڇو ٿو ڏئين‬

‫‪-1‬‬

‫سورن جي آ سڌ نه ڪائي‬ ‫مل اچي هڪ وار‬ ‫ڪندين نت ڪيئن ته ائين‬

‫‪-2‬‬

‫اهڙيون ڳالهيون اڳ جو هيڙيون‬ ‫قول تنهنجا قرار‬ ‫پري هاڻي ڪيئن ٿو ٿئين‬

‫‪-3‬‬

‫تو کئون سوا ٻيو ڪير نه ڪوئي‬ ‫تنهنجي آهي آڌار‬ ‫ٻئي شل جڳ ته جيئين‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل مست ٿيو مئخاني‬ ‫نشي ڪيو نروار‬ ‫پيالو جڏهن مئي جو پيئين‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪213‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪149 :‬‬ ‫سر لوڙائو‬ ‫ٿلهه ‪ :‬عاشق ٿئين سڙ عشق مين‬ ‫ڇڏ دور دنيا جا مزا‬ ‫‪-1‬‬

‫توبهه ڪري توڪل تون ٻڌ‬ ‫اٿي بره جو باري هي پنڌ‬ ‫هتڙي رهڻ جو ناهي هنڌ‬ ‫ڏي ساهه کي سورهيه سزا‬

‫‪-2‬‬

‫دارا سڪندر ويڙا ڇڏي‬ ‫تو کي موت ٿو ماري سڏي‬ ‫هتڙئون ويا ڪيئي لڏي‬ ‫گام کڻ غازي غذا‬

‫‪-3‬‬

‫توکي حول آهي ڪيترو‬ ‫دنيا نه ايندِء ڪم ذرو‬ ‫اچڻ وڃڻ جو هي درو‬ ‫کڻ بار سر جيڪي جزا‬

‫‪-4‬‬

‫سمجهي سڃاڻي ڄاڻ تون‬ ‫چيزل وڃائج پاڻ تون‬ ‫موجان سورن جون ماڻ تون‬ ‫رهه راز تي راضي رضا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪214‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪150 :‬‬ ‫سر لوڙائو‬ ‫ٿلهه‪:‬‬

‫ناز نيڻن جي مرڪڻ ماريو‬

‫‪-1‬‬

‫حسن تنهنجي آهي صورت ساڳي‬ ‫عين هڪو ته حضور مون کي‬ ‫تجلن تنهنجن طور وکايو‬ ‫زهد ڪيو آ ضرور مون کي‬

‫‪-2‬‬

‫ناز نراال اچن ٿا سر تي‬

‫چشمن ڪيو چڪچور مون کي‬ ‫تنهنجي محبت‪ ،‬ڪيو مخمور مون کي‬

‫عشق ڪڻا هو آتش ٽڙڪن‬

‫وحدت ڪيو آ وهلور مون کي‬ ‫درد مچايو ڪلور مون کي‬

‫‪-3‬‬

‫روز ڏهاڙيون ور جو وڇوڙو‬ ‫درد ڦٽي ڪيو دور مون کي‬ ‫دل سڪي پئي ديدار تنهنجي ڪان‬ ‫پون پرين جا پور مون کي‬

‫‪-4‬‬

‫ديدن سان هڻي دل کي موهيو‬ ‫گهائي وڌو تنهنجي گهور مون کي‬ ‫چيزل درد اندر آ دل منجهه‬ ‫ساڙي ڇڏيو آ سور مون کي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪215‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪151 :‬‬ ‫سر لوڙائو‬ ‫ٿلهه‪ :‬اڄ ته اسان وٽ اهي پرين ايندا‬ ‫جن لئي دلڙي آهي حيران‬ ‫‪-1‬‬

‫اڱڻ ٻهاريان عطر ٿي هاريان‬ ‫روئي روئي روز نهاريان‬ ‫سڏڙا ڪيون توکي پئي ته سنڀاريان‬ ‫دردن آڻي ڪيو ديوان‬

‫‪-2‬‬

‫نام تنهنجو هڪ ياد پڙهان ٿي‬ ‫سڪ ته لڳي آهي ساري سڙان ٿي‬ ‫پئي ته ڪڻا هي منجهه ته ڪڙهان ٿي‬ ‫موهي وڌو تو ڪري مستان‬

‫‪-3‬‬

‫دل کئون دلبر ويهه نه وساري‬ ‫اصل جنهين جي لڳي آهيان الري‬ ‫ڳڻتي اوهان جي وڌو من ڳاري‬ ‫درد وندي جو آهي درمان‬

‫‪-4‬‬

‫نازڪ نينهڙو تو سان اليم‬ ‫ڏاڍي ته ڏکن ۾ جندڙي آيم‬

‫چيزل پنهنجي پاڻ وڃايم‬ ‫صدقو وڃان مون آهيان قربان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪216‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪152 :‬‬ ‫سر لوڙائو‬ ‫ٿلهه‪ :‬لڌم پير رندڙي اديون‬ ‫مان لوچي لڌو آ پنهنجو پاڻ ۾‬ ‫‪-1‬‬

‫واٽ ڏونگر جي ڏک نه ڪوئي‬ ‫نڪوپري آهي پنڌڙي اديون‬

‫‪-2‬‬

‫اڄ اڱڻ تي مان وٽ آيو‬ ‫هوڪان ڏينس هر هنڌڙي اديون‬

‫‪-3‬‬

‫ونحن واري واٽ سان ويندس‬ ‫سسي لهي توڙي ڪنڌڙي اديون‬

‫‪-4‬‬

‫اٽڪل ڪوڙ اجائي بازي‬ ‫فعل ويو ڦير ڦندڙي اديون‬ ‫عشق چيزل هي اوالنبو اليو‬ ‫سورن ساڙيو سنڌ سن ِڌڙي اديون‬

‫‪-5‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪217‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪153 :‬‬ ‫سر لوڙائون‬ ‫ٿلهه‪ :‬مٺا ماروئڙا ڇا کون ڇڏي ويڙا‬ ‫اصلي انهن جا ڪهڙا قول هيڙا‬ ‫‪-1‬‬

‫ڦاڙي ويا ڦٽ فراقن جي ماري‪،‬‬ ‫دلڙي دردن جي آهي ته آزاري‬ ‫ڏکيا ڏينهن آيا خوشي وئي ساري‪،‬‬ ‫دم دم پرين جا اچي پور پيڙا‬

‫‪-2‬‬

‫کائڻ سمهڻ ويا سيج ساڙيون‪،‬‬ ‫خالي ڏسان مان اهي محل ماڙيون‬ ‫دلگير دلڙي روئي ڪري راڙيون‪،‬‬ ‫جانب جدائي اهي حال ڪيڙا‬

‫‪ .3‬ڏئي ويا دالسا دل کڻي ويا ساڻ‪،‬‬ ‫هيڪل هتي ئي ويٺي پليان پنهنجو پاڻ‬ ‫وعدا و نحن جا موٽي ايندم اوهي ڄاڻ‬ ‫سورن سالن جا دک دور ٿيڙا‬ ‫‪-4‬‬

‫چيزل سڪان پئي ڪڏهن يار ايندو‬ ‫محل انهيَء ۾ معراج ٿيندو‬ ‫غم چئي وڇوڙا ورتيون نال نيندو‬ ‫صدقي انهن تان جن بار کنيڙا‪.‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪218‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪154 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬فيض فتحپور ۾ فاقيو ڪي‬ ‫سر ڏيئي سورهيه اچن‬ ‫پتنگ ڪيئي پروان ٿيا‬ ‫اهي مرد مانجهي ٿا مچن‬ ‫‪-1‬‬

‫سر ڏيڻ جو ڪر تون سودو‬ ‫ڪنڌ اڏيَء تي ٿا ڪسن‬ ‫مرد اهي منصور هن‬ ‫هڪ گام نه پوئتي هٽن‬

‫‪-2‬‬

‫انهي دهشتي درياَء ۾‬ ‫ڪن ٿا اتي ڪڙڪا ڪن‬ ‫جيڪي گهريا انهي گهير ۾‬ ‫ثابت نه سي موٽي بچن‬

‫‪-3‬‬

‫ڪي وااليت تي ويا‬ ‫ڪي ٿا اڃا اوري پڇن‬ ‫ڪن کي لڳت اهڙي لڳي‬ ‫وجهي خاڪ منهن ڇائي ڇتن‬

‫‪-4‬‬

‫ڪن کي نزاڪت نينهن جي‬ ‫نوڪان لڳيون منهن نه مٽن‬ ‫رکيل راز اهلل آ‬ ‫ويساهه سان چيزل کٽن‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪219‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪220‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪155 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه ‪ :‬انهي سير جا سونها سوين‬ ‫ڪيئي واٽ وحدت جي ويا‬ ‫‪-1‬‬

‫سر تري تي ٿا اچن‬ ‫ڪسجي وڃن ڪجهه نه ڪڇن‬ ‫انهي آگ مچ ۾ ٿا پچن‬ ‫شمع شعاَء تي عاشق هيا‬

‫‪-2‬‬

‫توڪل سنڌو ترهو ترن‬ ‫اهي مرد نه موٽي مڙن‬ ‫ڪن ٿا اتي ڪڙڪا ڪرن‬ ‫وڃي پار ڀرتي هو پيا‬

‫‪-3‬‬

‫ڪي وحدت واندا ٿيا‬ ‫ڪي زهد تقوي مجهه پيا‬ ‫ڪن نعرا اناالحق جا چيا‬ ‫منصور ٿي اها ميا‬

‫‪-4‬‬

‫ڪي سڃاپڻ ۾ اچن‬ ‫ڪي لوڪ کئون لڪا وتن‬ ‫ڪي اڏي تي اڃان اچن‬ ‫سرمد سوين هوندا رهيا‬

‫‪-5‬‬

‫سر سوري تي چوٽ چڙهه‬ ‫منصور ٿي تون ڪين مڙ‬ ‫چيزل سچو ڪلمون تون پڙهه‬ ‫الاله اندر اال اهلل ڪيا‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪221‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪156 :‬‬ ‫(سر مانجهه)‬ ‫ٿلهه‪ :‬مئين هون مست موالئي‪ ،‬طالب تڪيه توڪل دا‬ ‫دل وچ درد هميشه‪ ،‬صاحب صاف صبر دا‬ ‫‪-1‬‬

‫دنيا ڌوتي خاص خرابي‪ ،‬مرد سڃاڻن معني‬ ‫تارڪ ترڪ ڪريندي تنهنڪون‪ ،‬هوسن جنگ جوانا‬ ‫سالڪ سمجهن ڄاڻن‪ ،‬ساري سڌ خبر دا‬

‫‪-2‬‬

‫نفس ندورا ناتڪ انڌا‪ ،‬ڪنهن نون ڪين سڃاڻي‬ ‫خاطر دنيا دؤڙ اجائي‪ ،‬ڪوئي نه مطلب ماڻي‬ ‫ڪارڻ مڃيا مردا‪ ،‬خالق خوف نه ڪردا‬

‫‪-3‬‬

‫عاشق ارض فلڪ ڏهون آون سڀ ڪون سهج سهاون‬ ‫جن مالئڪ حوران سڪديا‪ ،‬سؤ سؤ ڳاوڻ ڳاون‬ ‫شاهي شان تنهاندا‪ ،‬ڪوڙا ڪم قصب دا‬

‫‪-4‬‬

‫ڪر سڪونت صاحب دلدا‪ ،‬رک خيال خدائي‬ ‫دم دم دي وچ هو هو اهلل‪ ،‬ڪر نه زيان اجائي‬ ‫چيزل برهه بهاري ڪيها غم گذر دا‪.‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪222‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪157 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڦاسائي ڇڏي ويڙا ڇڏي ويڙا مون کي ڇڏي ويڙا‬ ‫شل ڪوئي نه نينهڙو نه الئي‬ ‫‪-1‬‬

‫مون کي چئي نه ڪنهن سمجهايو‪ ،‬اهڙو عشق اڻانگو آيو‬ ‫ويو جان جسم ته جالئي‬

‫‪-2‬‬

‫ٻڌ عشق وارن جون ڳالهيون‪ ،‬اٿي روزئون روز نراليون‬ ‫ڪيئي عاشق ڪيئن ٿو ڪهائي‬

‫‪-3‬‬

‫اهڙو عشق اصل کئون آهي‪ ،‬ويو لهم لڱن جو الهي‬ ‫هاڻي خون جگر جو ٿو کائي‬

‫‪-4‬‬

‫ٻڌ درد وندن جون دانهان‪ ،‬مٿي عرشي وڃن ٿيون االهنا‬ ‫هاڻي ڏکيل دل ٿو ڏکائي‬

‫‪-5‬‬

‫ڏئي عشق ويو ته اشارا‪ ،‬سڀوئي سک وڃائي سارا‬ ‫ويو عشرت عيش وڃائي‬

‫‪-6‬‬

‫آڻي درد مچايم دونها‪ ،‬سڀوئي سور اچي ٿيم سونها‬ ‫ويو ڪاتب قلم وهائي‬

‫‪-7‬‬

‫ايڏو بار برهه جو آيو‪ ،‬سڀ چيزل سر تي سهايو‬ ‫ڏسو پتنگ جان ٿو پچائي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪223‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪158 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬پون بره جي باهه ۾ عاشق‬ ‫ڪهڙو سر جو سانگو آ‬ ‫ڪهڙو سر جو سانگو آ‬ ‫ڏاڍو عشق اڻانگو آ‬ ‫‪-1‬‬

‫سوريَء تي منصور چڙهايئي‬ ‫اسم اناالحق آپ االيئي‬ ‫ڪهڙو دين ايمان‬ ‫محبت مرڻ مهانگو آ‬

‫‪-2‬‬

‫آگ اسم سان جسم جالئي‬ ‫ماري نفس خوديَء کي کائي‬ ‫پاڻ سر ڪرن قتالم‬ ‫الحد پهريون النگهو آ‬

‫‪-3‬‬

‫خون جگر جو عاشق پيئن‬ ‫موتو قبل مري ٿا جيئن‬ ‫ورهه ڪين ويران‬ ‫مستيَء ۾ سر نانگو آ‬

‫‪-4‬‬

‫وحدت ويهي ڪين وساري‬ ‫دم دم دلڙي ياد سنڀاري‬ ‫نينهن ڪيم نيشان‬ ‫چيزل سر سهانگو آ‪.‬‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪224‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪225‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪159 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬سڙي سوالن سک نه سنڀار‪ ،‬وو ماهي يار‬ ‫مٺي روِء روِء رل رل‪ ،‬رهه ڳئي ئي‬ ‫‪-1‬‬

‫سوالن ساعت نال گذرندي‪ ،‬سيج پلنگ سک سمهڻ نه ڏيندي‬ ‫ساڙيس گهر ڪل ٻار‪ ،‬او ماهي يار‬ ‫ڳالهيان ڪر ڪر ڳڻتين ڳل ڳئي هئي‬

‫‪-2‬‬

‫سڙ سڙ ميندي سرخي جو ويندي ڪجل مساڳ تي سينڌ نه ٺهندي‬ ‫ستر ڳيو سي سينگار‪ ،‬او ماهي يار‬ ‫مونجهي ماتم دي وچ مرڳئي هئي‬

‫‪-3‬‬

‫لڳا ڪان قهر دا درد جدائي‪ ،‬موٽي ملڻ دي اميد نه ڪائي‬ ‫دل پئي سڪي ديدار‪ ،‬او ماهي يار‬ ‫اکيان تڪ تڪ ڳوڙهين ڳل ڳئي هئي‬

‫‪-4‬‬

‫سر ڦيري صنم تان صدقي مئين ٿيسان‪ ،‬جيئندي جڳ وچ مول نه هوسان‬

‫‪-5‬‬

‫ڪيچ ڪنون ڪو پيغام نه آيا‪ ،‬رو رو آب اکين ۾ وهايا‬ ‫مليم ڏکان داهي ڏاڻ او ماهي يار‬ ‫ساري رات اسيڏي لنگهه ڳئي هئي‬

‫‪-6‬‬

‫سور سڀيئي سر پاتم جهولي‪ ،‬ماُء ڏکان دي ڏتڙم لولي‬ ‫ڪر چيزل سر قربان او ماهي يار‬ ‫گولي نالي پنهل دي گڏ ڳئي هئي‬

‫موت اڳي رب مار‪ ،‬او ماهي يار‬ ‫ٻولي ٻاروچل نال ڪر ڳئي هئي‪.‬‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪226‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪160 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫روئندي وتان پئي رڙان‬ ‫ماندي ويندس مري‬

‫ٿلهه‪:‬‬ ‫‪-1‬‬

‫ساهه منهنجو ٿو توکي ساري‬ ‫دم دم ساڻ سنڀاري‬ ‫گهڙي هتي نا گهاري‬ ‫ساعت ڪين سري‬

‫‪-2‬‬

‫هوت پنهل ڪان هاڻي‬ ‫پاڪ ڌڻي ٿو ڄاڻي‬ ‫هڏ جسم پيا گهاڻي‬ ‫پيڙي پاڻ وري‬

‫‪-3‬‬

‫چاڪ پون ٿا جائي‬ ‫سور نه ڏين ٿا ساهي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل سان دل الئي‬ ‫پنهل ويو ڦاسائي‬

‫مل اچي تون ماهي‬ ‫نه ته پوِء ٿيندس چري‬

‫ساهه سورن ۾ آهي‬ ‫دردن کولي دري‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪227‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪161 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬مارون مسافر ويڙا‪ ،‬سانگ ڪري تان سفر‬ ‫سانگ ڪري تان سفر من ۾ مچائي حشر‬ ‫‪-1‬‬

‫جنن سواِء ڪين سري ڇاکون ڇڏي ويا پري‬ ‫محبت ڪان پئي مري ڌار ڪري ويا دلبر‬

‫‪-2‬‬

‫ڏکن ڏکايو ڏاڍي‪ ،‬اديون ڙي وڃان ڪيئن ڪاڏي‬ ‫مڙي آيا سڀ ماڏي‪ ،‬سورن ڏنو آ صبر‬

‫‪-3‬‬

‫ايڏي جدائي ٺهي‪ ،‬دلڙي نه ٿي پئي سهي‬ ‫ملڻ بنا ڪين رهي‪ ،‬ڇوري ڇڏي ويا ڇپر‬

‫‪-4‬‬

‫ڏاڍي ڏکن ۾ آيم‪ ،‬ناحق مان ڪيئن ڄايم‬ ‫قلم لکئي ايئين ڪيم‪ ،‬تڏهن ڇڏي ويو ٿم ور‬

‫‪-5‬‬

‫هڪ ته جدائي ماريو‪ ،‬ويتر تو وساريو‬ ‫ڇو ٿا مئيَء کي ماريو‪ ،‬پاڻ پوندو پوِء قدر‬

‫‪-6‬‬

‫”چيزل“ ڪنهن کي چوان دل جون ڳالهيون اڃا‬ ‫سڀ سنڀالي ڪيان‪ ،‬اندر پنهنجي جو اوٻر‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪228‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪162 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬ويندس ماڳ وري‪ ،‬آهيان هڪڙي گهڙي‬ ‫‪.1‬‬

‫سک سمهڻ نه آرام آ‪ ،‬وئي ڳاراني منجهه ڳري‬

‫‪.2‬‬

‫عشق سندي آڙاهه ۾ ٻارڻ ويو ٻري‬

‫‪.3‬‬

‫موٽي اڇڻ نه آسرو‪ ،‬مهل اها اٿي ٻڙي‬

‫‪.4‬‬

‫چيزل تنهنجي آسري کوٽي آهيان کري‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪229‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪163 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬مون کي ماروئڙن جا‪ ،‬پل پل پور پون‬ ‫پل پل پور پون‪ ،‬اکڙيون رت ٿيون روئن‪.‬‬ ‫‪-1‬‬

‫مارو ملڪ ملير ۾ مر جان خوش هجن‬

‫‪-2‬‬

‫ساعت ساعت سانگن ڪان‪ ،‬سرتيون سال لنگهن‬

‫‪-3‬‬

‫موٽي ملندي مارئي‪ ،‬ويندي شال وطن‬

‫‪-4‬‬

‫قسمت قيد نصيب ڪيو‪ ،‬قابو منجهه ڪوٽن‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل باهه برهه جي من ۾ مچ ٿا ٻرن‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪230‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪164 :‬‬ ‫سر مانجهه‬ ‫ٿلهه‪ :‬مان ته ڪنهن کي ڪين ٻڌايا‬ ‫پنهنجي قسمت ڏهون ٿي ڀايان‬ ‫‪-1‬‬

‫سڪندي سڪندي سال لنگهي ويا‬ ‫روئي رات نڀايان‬

‫‪-2‬‬

‫ڪڏهن ملندا مارو مان سان‬

‫‪-3‬‬

‫ڏيئي جدائي پاڻ هليا ويا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ساهه سورن ۾ آهي‬

‫او مونجهي ڏاڍي آهيان‬ ‫انگ لکيو ڪيئن اليان‬ ‫پير نه پوئتي پايان‪.‬‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪231‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪165 :‬‬ ‫سر پهاڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬از حجر دوست درد دل گريان زار زار‬ ‫افغاِء آه هر دم برسرز بار بار‬ ‫‪-1‬‬

‫شب روز رقص درغم‪ ،‬ديوان شد مدام‬ ‫مرهم ز درد دل ما ديدار يار يار‬

‫‪-2‬‬

‫مسڪين ما مسافر‪ ،‬زيراڪ دام ڪرد‬ ‫ازبال بي پر آشد‪ ،‬پرواز وو مدار‬

‫‪-3‬‬

‫گاهي جدا نشينم‪ ،‬االزازين چني‬ ‫از خود قتل نمودم‪ ،‬عضوا پار پار‬

‫‪-4‬‬

‫ويران هزار عاشق‪ ،‬چندين ڪند چه ما‬ ‫جز حرف حق نه دانم‪ ،‬ديگار ڪار ڪار‬

‫‪-5‬‬

‫غم سوز ميگزارم‪ ،‬چيزل زاز تمام‬ ‫مخبر زمان نه گردد جسمي وو جان نار نار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪232‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪166 :‬‬ ‫سر پهاڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬ما غريبان ڪس نه دانم‪،‬‬ ‫يڪي ديگري در دوستي‬ ‫همچون عاشق رؤ نه ترسد‬ ‫دربان وو دربستئي‬ ‫‪-1‬‬

‫الحال من حال نه گشته‬ ‫خود مڪاني المڪان‬ ‫باطنت پنهان ڪرده‬ ‫داخلي در پيشتسئه‬

‫‪-2‬‬

‫همين وقت حسر ت۾ گذارم‬ ‫هر روز تنها بود لم‬ ‫در جهان هيچ ڪاري‬ ‫بيمار ما ازرو ستئي‬

‫‪-3‬‬

‫گرهمين خواهي ڪي طلب‬ ‫از خويش تن برون به ڪن‬ ‫اال حب فراق من الموت‬ ‫شد ڪاران ڪز ڪشتئه‬

‫‪-4‬‬

‫يڪ جاِء بود از ڪم زخورده‬ ‫رفتن توئي الچار باش‬ ‫پردئه پندار دارد‬ ‫درچست چيزل ڪشتئه‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪233‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪234‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪167 :‬‬ ‫سر پهاڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬بالشڪ حسن سي هم هئي‬ ‫ووئي مشتاق محبت ڪا‬ ‫‪-1‬‬

‫اگر مڪرل مشائخ بن‬ ‫تانا تياز تحمت ڪا‬ ‫منع تقوي مجهي ڪرمر‬ ‫يه ئي برباد بحمت ڪا‬

‫‪-2‬‬

‫اگر عاشق تو بن هووين‬ ‫وظائف نام ڪا ڳاوين‬ ‫مالمت توڪ ڳل پاوين‬ ‫ڪجا لعنت يه رحمت ڪا‬

‫‪-3‬‬

‫اگر علم عظمت بن‬ ‫تالوت سي طلب ڪرنا‬ ‫وجاهت ملت سي مرنا‬ ‫يه هي تحصيل تحمت ڪا‬

‫‪-4‬‬

‫اگر واصل واليت هو‬ ‫محل حق سي فخر اهلل‬ ‫بسي ملڪيت االبال‬ ‫چيزل القاب الهت ڪا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪235‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪168 :‬‬ ‫سر پهاڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬غريبن جو غور توکي الزم ڪرڻو آ‬ ‫الزم ڪرڻو آ ننگي ننگ کڻڻو آ‬ ‫‪-1‬‬

‫سڄي آهيان ساري تنهنجي ٻي نه ڪنهن جي‬ ‫ايندو اچي ڪندو وارث واهر منهنجي‬ ‫آهيان ته حوالي تنهنجي‪ ،‬تو کئون ڪين ڦرڻو آ‬

‫‪-2‬‬

‫سڪ کئون سڏيندس توکي نه ڇڏيندس‬ ‫حال ڏکن جو ڏوراپا نه ڏيندس‬ ‫تون آهين صاحب دل جو‪ ،‬در تنهنجي تي ڌرڻو آ‬

‫‪-3‬‬

‫تو کئون سواِء ڪير آهي ڪنهن کي سهايان‬ ‫تنهنجي ملڻ جون اميدان نه الهيان‬ ‫دلبردلڙي لٽي وئي‪ ،‬سڪ تنهنجي ۾ سڙڻون آ‬

‫‪-4‬‬

‫پيار ڏئي منهنجي دل ته کسي وئي‬ ‫هڪ ته اسم ذاتي نام ڏسي وئي‬ ‫سچو آهيان عاشق تنهنجو چيزل سولي چڙڻو آ‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪236‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪169 :‬‬ ‫(سر آسا)‬ ‫ٿلهه‪ :‬علم اسان نون عشق پڙهايا‬ ‫الٽا باب بتايس وهوا‬ ‫‪-1‬‬

‫بيسر باب بره دا پڙهدي‬ ‫عاشق سوري تي سر ڏي چڙهدي‬ ‫مام منصوري ميدان تي کڙدي‬ ‫ان الحق ته االيس وهوا‬

‫‪-2‬‬

‫فرض فنا وچ آپ سڃاڻين‬ ‫دم دم خيال نفي دا ڄاڻين‬ ‫اال شيِء التڪ ثاني‬ ‫ذات صفات و کايس وهوا‬

‫‪-3‬‬

‫آپ صنم اظهار ٿي آيا‬ ‫لوڪ عالم ڪنهن ڀيڌ نه پايا‬ ‫هر هر جاِء حق آپ سمايا‬ ‫عبدون احد وکايس وهوا‬

‫‪-4‬‬

‫مشڪل معني حرف حڪايت‬ ‫نال توحيد دي هويا ثابت‬ ‫چيزل سمجهين عشق اشارت‬ ‫سر سبحان وکايس وهوا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪237‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪170 :‬‬ ‫سر آسا‬ ‫مان ڪاڏي ڳوليندس ڪيچ ڏي‬ ‫منهنجو پنهل ايندم اڄ ڙي اديون‬

‫ٿلهه‪:‬‬ ‫‪-1‬‬

‫ڏک ڏونگر جا واٽ اڻائي‬

‫‪-2‬‬

‫رات انڌاري روه ڏکي ۾‬

‫‪-3‬‬

‫هن ولهي جو ور ته هليو ويو‬ ‫روئي روئي ڪري رڄ ڙي اديون‬

‫‪-4‬‬

‫ڪيئن چيزل تنهنجي قلم لکيو آ‬ ‫سمهڻ ويو ٿم سهج ڙي اديون‬

‫پيرين پيادي پڄ ڙي اديون‬ ‫صبح ٿيندو سج ڙي اديون‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪238‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪171 :‬‬ ‫سر آسا‬ ‫چاڪ فراق وڇوڙي ماريس‬ ‫اندر آهي اڪير وي ميان‬

‫ٿلهه‪:‬‬ ‫‪-1‬‬

‫درد اندر ۾ ڏکن ڏکايس‬ ‫سورن ڪيو سڌيروي ميان‬

‫‪-2‬‬

‫هر دم تو لئه رت رئيندس‬ ‫نيڻين وهن ٿا نير وي ميان‬

‫‪-3‬‬

‫سڪ ۾ سارو ساهه سڙي ويو‬ ‫جوش پون ٿا جهير وي ميان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڪيئن توکي ڪنهن سمجهايو‬ ‫پير مغان سچ پير وي ميان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪239‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪172 :‬‬ ‫سر آسا‬ ‫ڦاٽن ڦٽ ته فراق وو‬ ‫حال اهو ته به ڪنهن کي نه چوان‬

‫ٿلهه‪:‬‬ ‫‪-1‬‬

‫محبت تنهنجي ڪان پئي ته مران ٿي‬ ‫ماندي آهيان مشتاق وو‬

‫‪-2‬‬

‫ايڏو زخم اندر منجهه آهي‬

‫‪-3‬‬

‫جيڪي آيا اصل کئون اهڙا‬

‫‪-4‬‬

‫دل ۾ درد دکن ٿا ڪيئي‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل ونحن پاڻ چوي ٿو‬

‫دانهان ڪيان دردناڪ وو‬ ‫انگ لکيو آ حق پاڪ وو‬ ‫سور سڀيئي خوراڪ وو‬ ‫ڇو ٿو ٿئين پوِء غمناڪ وو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪240‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪173 :‬‬ ‫سر آسا‬ ‫تن اميدان موڪليون‬ ‫تنهنجا نوان نوان آهن ناز ميان‬

‫ٿلهه‪:‬‬ ‫‪-1‬‬

‫دم وسارو دل کئون ناهين‬ ‫الف سندا آواز ميان‬

‫‪-2‬‬

‫راتيان ڏينهان رمز انهي ۾‬ ‫رهبر وارا راز ميان‬

‫‪-3‬‬

‫تن اندر ۾ طلب جون تاران‬ ‫ڳل سورن جا ساز ميان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل پاڻ پرين ته پڙهايو‬ ‫بره باطوني بياض ميان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪241‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪174 :‬‬ ‫سر آسا‬ ‫ٿلهه‪ :‬ميري درد ڪي دوائي ديدار هي صنم‬ ‫جان و جسم ساهه ڪا سينگار هي صنم‬ ‫‪-1‬‬

‫عشق ڪا آزار هي‬ ‫تيري بره ۾ بيمار هئي‬ ‫التماس ڪر ڪر هو رهيان‬ ‫سنتا نهين صنم‬

‫‪-2‬‬

‫مهتاب او محتاج هئي‬ ‫رخ مثل آفتاب هئي‬ ‫وهوا حسن ميري هادي ڪا‬ ‫جنسار هئي صنم‬

‫‪-3‬‬

‫صفت هئي فرقان ۾‬ ‫مشهور هئي اسالم سي‬ ‫دربار اعلي سيد ڪا‬ ‫صلوات اعلي بر صنم‬

‫‪-4‬‬

‫طالب هين توحيد ۾‬ ‫صادق هوئين هين سر صفا‬ ‫امر نهي مصروف هئي‬ ‫فرمان چيزل هئي صنم‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪242‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪175 :‬‬ ‫(سر صبوحي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬اهي سامي سدا پيا سهائن‬ ‫جيڪي جوڳي جسم جاڳائن‬ ‫‪-1‬‬

‫جوڳي اهي جيڪي جسم جاڳائن‬ ‫سر جو سانگو طمع نه آڻن‬ ‫اهي قربئون ڪنڌ ڪپائن‬

‫‪-2‬‬

‫جايون جوڳن جون ڏس تون جاچي‬ ‫الحد الهوتي وڃن پيا تاٿي‬ ‫اهي نانگا نينهن نڀائن‬

‫‪-3‬‬

‫سڀئي سرها سير سامن جا‬ ‫لوڪ الڳاپا الهيون ته وتن ٿا‬ ‫اهي محبت مچ مچائين‬

‫‪-4‬‬

‫ويران هميشه وجود ويراڳي‬ ‫بر ۾ جايون جوڙن پيا بيراڳي‬ ‫اهي چيزل پاڻ وڃائن‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪243‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪176 :‬‬ ‫سر صبوحي‬ ‫ٿلهه‪ :‬اديون جاڳو جيڏيون گهر گهوٽ آيو‬ ‫اٿي ڪر سويلي ساجهر تون سعيو‬ ‫‪-1‬‬

‫اکڙين اوجاڳا سدا سهاڳا‬ ‫پائي هار ڌاڳا چندن راليو‬

‫‪-2‬‬

‫ساري رات اڌ رات ڇڏ سمهڻ جي تات‬ ‫هاڻي ڦٽي پرڀات الوان ماليو‬

‫‪-3‬‬

‫ٿيڙيون خوشيون کاڄ سرها سڀئي‬ ‫ويڙهي يار آيو اٿي جاڳو ويهي‬ ‫اصلئون ته ويهي رئايو کاليو‬

‫‪-4‬‬

‫شغل شهانا‬ ‫پائي ڳل جا ڳانا‬

‫ڪري ڪير معني‬ ‫”چيزل“ ڳالهايو‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪244‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪177 :‬‬ ‫سر صبوحي‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪنهن جي نه پئي آ ڪنهن کي نه وڻان ٿي‬ ‫ساري عمر جا سهمان کڻان ٿي‬ ‫‪-1‬‬

‫چوان ڪرمن کي ڪاڏهن مان آيم‬ ‫هئي هئي سورن ڪان ناحق مان ڄايم‬ ‫سڄي رات ساري رڻ ۾ رڙان ٿي‬

‫‪-2‬‬

‫بيوس بندياڻي بيزار سڀڪو‬ ‫ڏاڍي ڏکيل کئون پري ڀڄي هرڪو‬ ‫سخت سورن جون چاڙهيون چڙهان ٿي‬

‫‪-3‬‬

‫هرڪو ڏئي پيو ڌڪا ڌوڻان دڙڪا‬ ‫روئي اکين جا ويٺي پويان مڻڪا‬ ‫سڪ ته لڳي آ ساري سڙا ٿي‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل ڏکيو حال ڪنهن کي ٻڌايان‬ ‫ڏاڍي غمن ۽ دردن ۾ آهيان‬ ‫باهه برهه جي قلبئون ڪڙهان ٿي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪245‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪178 :‬‬ ‫سر ٽوڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڏس عاشقن جا آستانا ميان‬ ‫جيڪي مست هجن مستانا ميان‬ ‫‪-1‬‬

‫عاشق اهي اظهار هجن‬ ‫سڀ بار مالمت سر تي کڻن‬ ‫جيڪي خواري خلق کئون ڪين ڊڄن‬ ‫اهي يار ڏسو ته يگانا ميان‬

‫‪-2‬‬

‫سالڪ سوين سر ڌار ٿيا‬ ‫اهي نيزي نينهن نروار ٿيار‬ ‫منجهه وحدت جي گم گار ٿيار‬ ‫اهي سورهيه سر گردانا ميان‬

‫‪-3‬‬

‫ڪامل ڪيئي قربان هجن‬ ‫اهي ڪنهن کي ڪجهه ئي ڪين چون‬ ‫راتيان ڏينهان پنهنجي جيَء سان وڙهن‬ ‫اهي مرد ڏسو مردانا ميان‬

‫‪-4‬‬

‫مرد اهي منصور جهڙا‬ ‫جيڪي موت ڏسي ڀي ڪين مڙيا‬ ‫اهي سهجئون سوري ستت چڙهيا‬ ‫اهي پتنگ ڏسو پروانا ميان‬

‫‪-5‬‬

‫ڪٿي ازلي اعلي شان ڏٺم‬ ‫ڪل وصف نبين جا نيشان ڏٺم‬ ‫چيزل پاڪ صنم عربي ڄام ڏٺم‬ ‫جيڪو شاهين داهئي شهانا ميان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪246‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫**********‬

‫ڪالم‪179 :‬‬ ‫سر ٽوڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬وه واه شان محمد عربي تيرا‬ ‫موال آپ ڪها تجهه په صلي علي‬ ‫‪-1‬‬

‫تيري جاِء فلق سي هئي عرش اوپر‬ ‫تون هئين وارث جهان ڪا هئين ڪوثر‬ ‫تيري ذات سچي تو سچا سرور‬ ‫موال ڀيج تيري فرقان ديا‬

‫‪-2‬‬

‫اپني مهر موال سي معراج ڪيا‬ ‫يه هي فيض حقيقي امداد هوا‬ ‫تحفا ازلي اسم ذڪر ذاتي مليا‬ ‫هوئي سوا لک ڪل نبي سرها‬

‫‪-3‬‬

‫يه جهان دنيا تيري واسطي بنيا‬ ‫تو هئين شاه خلق ڪا هر دو راهنما‬ ‫تيري احد سي ڪيوين ميم بنيا‬ ‫عالم ميم ڪي پردي ڀول گيا‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل احد علي ڪيها نام فرق‬ ‫جيڪو شاه نجف دا هئي مالڪ‬ ‫اسي ڪي جن بشر ملڪ ڪل بيعت‬ ‫اسڪي نام صدق مئين قربان ڦرا‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪247‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪180 :‬‬ ‫سر ٽوڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪيوين ميم ڪا پردار پاڪي کڙا اين‬ ‫ڪر احمد اوال اونداهي‬ ‫تون اين صاحب صفا محبوب خدا‬ ‫وچ نور اهيندي رهندا هي‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪيئي تخت سليمان تابع تيري‬ ‫سوين در تي سڪندر پاون ڦيري‬ ‫تون اين خالق خدا مهندار ميري‬ ‫سڀ بار امت داسهندا هئي‬

‫‪-2‬‬

‫لک الئق تيڏي احسان اهڙي‬ ‫ڪيا تعريف ڪران ميئن بيان ڪهڙي‬ ‫توڻي خاص خليل اهلل جهڙي‬ ‫محتاج سوا لک هوندا هئي‬

‫‪-3‬‬

‫معراج ڳيا مٿي عرش اوپر‬ ‫ڦر ڪؤن اکيندا تينون بشر‬ ‫ووئي ڪلمان نبي ڪا پڙهندي پٿر‬ ‫آسمان فلڪ سڀ اهيندا هي‬

‫‪-4‬‬

‫تون اين ذات خدا ڪي فقط اسم‬ ‫ڪوئي ثاني نهين ماري تيرا دم‬ ‫ويکڻ نال چيزل ساري لهندي غم‬ ‫او سنڀال اسان ڏي لهندا هي‬

‫**********‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪248‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪249‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪181 :‬‬ ‫سر ٽوڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬لهندو سڪ ته وارن جي سنڀال اسان‬ ‫سؤ ڏک ته ته غمن جا آهن بار اسان‬ ‫‪-1‬‬

‫هڪ ساعت سک جي ڪين ڏٺم‬ ‫ٻيو سور سڀئي سر تي سٺم‬ ‫ٽيون محبت وارا مينهن اٺم‬ ‫چوٿون يار ٿيو آهي ڌار اسان‬

‫‪-2‬‬

‫هڪ ڪير ٻڌي اسان جي ڪير ميان‬ ‫ٻيو ته قسمت جو آهي ڦير ميان‬ ‫ٽيون ڪاريهر تي پيو پير ميان‬ ‫چوٿون هار ويو آ سينگار اسان‬

‫‪-3‬‬

‫هڪ امر لکئي ڏهون ڀايان مان‬ ‫ٻيو ته ڪنهن کي ڪين ٻڌايان مان‬ ‫ٽيون سخت سورن ۾ آهيان مان‬ ‫چوٿون عشق ڏنا هن آزار اسان‬

‫‪-4‬‬

‫هڪ سرتيون سک جو سمهڻ ويو‬ ‫ٻيو ته کائڻ پيئڻ زهر ٿيو‬ ‫ٽيون چيزل روئڻ روز پيو‬ ‫چوٿون بره ڪيو آ بيمار اسان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪250‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪182 :‬‬ ‫(سر ٽوڙي)‬ ‫ٿلهه‪ :‬لڳا نينهن صنم بي پرواهه دي نال‬ ‫شل دم دم گذري هڪ خيال دي نال‬ ‫‪-1‬‬

‫نينهن صنم دي نهوڙ گهتيا‬ ‫سارا سنڌ سنڌ عشق اکيڙ گهتيا‬ ‫لڳا تير تکا جگر جان ڦٽيا‬ ‫ساڏا گذر ڏکيا هئي آزار دي نال‬

‫‪ .2‬سر ساهه صدق جند جان جدا‬ ‫مئين مشتاق هوا هون قربان فدا‬ ‫ڪران روز صنم در در تي گدا‬ ‫دلڙي دست ڪيتس چا ديدار دي نال‬ ‫‪-3‬‬

‫حمال حسن صورت سر تي ناز اچن‬ ‫سئي سئي ابرو قهري ڪان سٽن‬ ‫من محبت سيتي مار گهتن‬ ‫ڪهڙا ناحق ناَء نظاري دي نال‬

‫‪-4‬‬

‫راتيان ڏينهان ڏکڙي روز آيم‬ ‫سڀ بار مالمت سر تي چايم‬ ‫هئي هئي چيزل سوران ڪيتي ڄايم‬ ‫پئي جان جسم جنگ جيَء دي نال‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪251‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪183 :‬‬ ‫سر ٽوڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬اهو حال اسان کي ڏس ته سهي‬ ‫ڪيئن دل ته ڪيئي بيوس ته سهي‬ ‫‪-1‬‬

‫ڪي وره تنهنجي ويران ڪيا‬ ‫سوين سر ته صدق قربان ٿيا‬ ‫ڪيئي نيزي تي ته نشان هيا‬ ‫تون ته عاشق ماري هس ته سهي‬

‫‪-2‬‬

‫جٿي محبت مينگهه ملهار ڪيا‬ ‫اتي ابرن جا وسڪار ٿيا‬ ‫اتي تير تفنگ ته هزار هيا‬ ‫تون ته بارش وانگر وس ته سهي‬

‫‪-3‬‬

‫ڪيئن باهه اندر منجهه ٻارين ٿو‬ ‫وري ماري پاڻ جيئارين ٿو‬ ‫انهي تار منجهارئون تارين ٿو‬ ‫تون ته پارس وانگر گس ته سهي‬

‫‪ -4‬چيزل سان تو ٻول ٻڌا‬ ‫دلڙي يار کڻي ويوڪري ته جدا‬ ‫فراق وڇوڙي زخم وڌا‬ ‫تون ته رهبر رڻ ۾ رس ته سهي‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪252‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪184 :‬‬ ‫سر ٽوڙي‬ ‫ٿلهه‪ :‬ريَء مارن لئي پل مول نه سري‬ ‫اهي قسمت ڪيا ڪيئن ڌار پري‬ ‫‪-1‬‬

‫مام مارن جي ماري ٿي‬ ‫ايها ڳڻتي اوهان جي ڳاري ٿي‬ ‫دلڙي دم دم سانگن کي ساري ٿي‬ ‫هت رويون ويٺي سڏڙا ڪري‬

‫‪-2‬‬

‫ٻن سيج پلنگ نڪي سک ٿا وڻن‬ ‫مون کي مارن جا ٿا پور پون‬ ‫اکيون راتيان ڏيهان رت پيون رڙن‬ ‫هتي ڳٽتن ۾ منهنجو جيُء ڳري‬

‫‪-3‬‬

‫اميد اها اڪير اٿم‬ ‫شل ته مارن سان مون ملندم‬ ‫نه ته هئي هئي هتڙي ڪيئن مان ڪندم‬ ‫هي ماندي مونجهي ويٺي مري‬

‫‪-4‬‬

‫صحت سرتيون سکڙا ويم‬ ‫اچي پيش پلئه منهنجي ڏکڙا پيم‬ ‫چيزل سورن ۾ سارو ساهه سڙيم‬ ‫هيَء ته حال ڏکيو وري ڪنهن سان ڪري‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪253‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪185 :‬‬ ‫سر ڌناسري‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪيئن نفي مؤن نروار ٿي آيس‬ ‫اصل هتي اظهار‬ ‫‪-1‬‬

‫جاِء مڪان مئي جو نالو نفي ٿي‬ ‫آهيان سورن جو سردار‬

‫‪-2‬‬

‫عام عالم مون کي ڪين سڃاڻن‬ ‫آهيان جوڙ عجب جنسار‬

‫‪-3‬‬

‫ڄائن الڪون ڄاڻ پيو سي‬

‫‪-4‬‬

‫بيرنگ برقعو بشري پايم‬

‫ديدان کليان ديدار‬ ‫سڀ چيزل سينگار‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪254‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪186 :‬‬ ‫سر ڌناسري‬ ‫ٿلهه‪ :‬دل اسان جي يار پيارا‬ ‫بيوس بيحد ماندي آ‬ ‫‪-1‬‬

‫راتيان ڏينهان نيڻين نير وهن ٿا‬ ‫روڄ روئڻ کئون نه رهندي آ‬

‫‪-2‬‬

‫درد فراق وڇوڙي ماريس‬ ‫ڪيئن هت قسمت آندي آ‬

‫‪-3‬‬

‫دم دم دل ۾ طلب توهان جي‬ ‫هڪ وقت نه ويلهو واندي آ‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل سڪندي سال لنگهي ويا‬ ‫بره ڪئي هي باندي آ‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪255‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪187 :‬‬ ‫سر ڌناسري‬ ‫ٿلهه‪ :‬ڪهڙا سور ڪنهن کي ٻڌايان مان‬ ‫قضا قلم لکي ڏهون ڀايان مان‬ ‫‪-1‬‬

‫انگ ازل جو امر ائين هو‬ ‫نيڻن رت ٿي وهايان مان‬

‫‪-2‬‬

‫سرتيون ساعت سال لنگهن ٿا‬ ‫ڏينهن ڏکيا ٿي گذاريان مان‬

‫‪-3‬‬

‫عشق اندر ۾ آتش ٻاري‬ ‫جوشئون جيئري ٿي جان جاليان مان‬

‫‪-4‬‬

‫چيزل سڪ ۾ ساهه سڙي ويو‬ ‫اهو لحم لڱن کئون ٿي الهيان مان‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪256‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم ‪188 :‬‬ ‫سر بسنت‬ ‫ٿلهه‪ :‬يار اسان نون ڪيا ول ڪيتوئي‬ ‫سڌ نه رهندي ڏوهه ثواب‬ ‫‪-1‬‬

‫نال نشي وچ مدهوش جو ٿيم‬ ‫شوق شراب دا پياال پيئم‬ ‫هر دو جهان دي تعلق ڳيم‬ ‫پڙهڻ نمازا ڪيها هي حساب‬

‫‪-2‬‬

‫لنگهه اٿان وڃ الهد اڙيان‬ ‫حرف هڪو ڏس وحدت پڙهيان‬ ‫غير گمان سڀ خطري سڙيان‬ ‫ٿي ڳئي صفائي ڀڄ ڳيا حجاب‬

‫‪-3‬‬

‫نال اسان ڏي نيهڙا اليئي‬ ‫بيوس دلڙي ڪيئن چا ڦسايئي‬ ‫عاشق اپنا قتل ڪرايئي‬ ‫درد لڳا تي سخت عذات‬

‫‪-4‬‬

‫برقعه پاڪي ڪيوين هڻ لڪدئين‬ ‫ڇوڙ اسان نون ڪٿان وت ٽڪدئين‬ ‫ٻئي ته سڀنا ڪون سڀ ڪجهه ڏسدئاين‬ ‫چيزل ڪڏان ته ملئي مهتاب‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪257‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪189 :‬‬ ‫سر بست‬ ‫ناحق نال اسان ڏي سيان‬ ‫ڪهڙا سڀالين دا ساڙ ماهي‬

‫ٿلهه‪:‬‬ ‫‪-1‬‬

‫مئين رانجهين دي نال جو ويسان‪ ،‬وڃ ماهي دا ملڪ مڻيسان‬ ‫شاهي تخت هزار ماهي‬

‫‪-2‬‬

‫ڏيون ويڻ االون جهيڙي‪ ،‬خوار خراب جو ٿيڙي کيڙي‬ ‫اصل مئين هان بيزار ماهي‬

‫‪-3‬‬

‫جيڏيان سينگيا ٿي ڳئي جدائ‪ ،‬خواري خلق ول ڪهي مچائي‬ ‫ٽوڪان طعني هزار ماهي‬

‫‪-4‬‬

‫چاڪ دي نال مئين نينهن جو اليا‪ ،‬جٺيان جهيڙي لوڪ تپايا‬ ‫جاڻي باغ بهار ماهي‬

‫‪-5‬‬

‫چيزل پيچ پرين مئين پايا‪ ،‬بيوس دل ميڏي ڪيئن چا ڦسايا‬ ‫سر صدق سؤوار ماهي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪258‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم‪190 :‬‬ ‫سر بسونت‬ ‫ٿلهه‪ :‬عشق اسان وٽ آيو آيو‬ ‫خاص اها ئي خبر کڻي‬ ‫‪-1‬‬

‫ملڪن کي ڪل ڪانه جو پيڙي‬ ‫ڳجهه ۾ اها تو ڳالهه ڳڻي‬

‫‪-2‬‬

‫اول مارين پوِء ٿو جيئارين‬ ‫وهوا اها توکي ڳالهه وڻي‬

‫‪ .3‬راتيان ڏينهان طلب هڪائي‬ ‫ڄاڻي پرور پاڻ ڌڻي‬ ‫‪” .4‬چيزل“ بار برهه جو آيو‬

‫جيڪا منهنجي باب بڻي‬

‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪259‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بسم اهلل الرحمان الرحيم‬

‫ڏوهيڙه شريف‬ ‫بيت‪1-‬‬ ‫آڌوتي الف کئون واندا ڪين ويهن‬ ‫پهريون پنهنجي نفس کي ٿا پل پل پرزا ڪن‬ ‫سامهون ٿيا صبحان کي ٿا ساري رات رڙن‬ ‫اٿي اسر ويل جو ٿا سيني سوز سڙن‬ ‫سهڻا چيزل ٿا پور پون‬ ‫جو دم دم دونهان درد جا‬ ‫بيت‪2-‬‬ ‫رڙي رڙي راتيان ڏينهان نيڻين وهايم نير‬ ‫ڏکي پنهنجي ڏک جا ڇا ڪري باب نظير‬ ‫سيني سور سنوان ٿيار چاڪ پون ٿا چير‬ ‫سهڻا چيزل ڏس فقير جيڪي سورن منجهه سڙي ويا‬ ‫بيت‪3-‬‬ ‫دانهان ڪيون درد جون دل ۾ دکائج دوڌ‬ ‫ٻڌي سورن سندرو جسم جالئج جود‬ ‫فنا ٿي فراق ۾ نفي ۾ نابود‬ ‫سهجئون سر پنهنجو ذاڪر ڏي تون زود‬ ‫ساڙي سڀ وجود‬ ‫سهڻا چيزل ُٻڌي نوبت نيهن جي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪260‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت‪4-‬‬ ‫ڳوال ڪرج ڳجهه ۾ رکج طلب تمام‬ ‫ماري نفي نفس کي ڇڏ وڃائج پاڻ‬ ‫جاچي ڏس جيَء اندر ۾ سارو ٿي سبهان‬ ‫سهڻا چيزل سمجهه پوئي تون ڄاڻ هر جاِء حاضر هڪ ٿي‬ ‫بيت‪5-‬‬ ‫هر جا‪ ،‬حاضر هڪ ٿي تون ڪهه نه ڪائي بات‬ ‫ٻي نه آڻج ٻولڙي نه ڪا وائي وات‬ ‫ڪل پوندئي ڪين مئون ٿي نفي مئون اثبات‬ ‫ظاهر ظهورو ذات ٻي صورت سڀ صفات‬ ‫سهڻا چيزل مشڪل بات‬ ‫اٿي سڌ پردو ئي سمجهه جو‬ ‫بيت‪6-‬‬ ‫هادي اسان نون حرف پڙهايا سڀ وجود وڃاوين‬ ‫ٻن ڏي ٻيائي ڪون ذاتي ذڪر ڪماوين‬ ‫ٿي شتاب شمع تي پتنگ جان پچاوين‬ ‫وچ نفي دي نابود ٿيون‬ ‫سختي بار سهاوين‬ ‫رهبر راهه هڪايت واال سهڻا چيزل تون صحيح سر سڃاڻين‬ ‫بيت‪7-‬‬ ‫راڳ ٻڌ ته رمز لڳئي صوفي ٿئين سچ‬ ‫ڪنڌ رکي انهي ڪات تي ته عاشق اڏي تي اچ‬ ‫ڏسي شعاع شمع جو تون پرواني وانگي پچ‬ ‫سهڻا چيزل ٻاري مچ ته دونهان نڪرن درد جا‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪261‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت‪8-‬‬ ‫راڳ سڄو هي راز آهي ڪي معني ڪن مهمير‬ ‫پرجهي ويهن پاڻ ۾ آهه اندر تن اڪير‬ ‫سمجهن سچ سلوڪ کئون اهي نيڻين وهائن نير‬ ‫سهڻا چيزل چون فقير ته راڳ منجهه به رمز ٿي‬ ‫بيت‪9-‬‬ ‫راڳ منجهه به رمز ٿي عام ليکي آ ُهل‬ ‫سمجهن ڪين سلوڪ کئون آهي ٻيائي تن کي ڀل‬ ‫عاشقن کي آواز ٿيا هو هو مچاين هل‬ ‫سهڻا چيزل عين امل‬ ‫وڃي عاشق اظهار ٿيا‬ ‫بيت‪10-‬‬ ‫عاشق اظهار ٿيا کڻن گال سندو گانگهو‬ ‫ڪنڌ رکي هن ڪات تي ڪن نا سر جو سانگو‬ ‫جيڪي آيا عشق اويڙ ۾ تن موٽڻ مهانگو‬ ‫سهڻا چيزل سودو سهانگو‬ ‫سوري جڏهن سر ڏين‬ ‫بيت‪11-‬‬ ‫خدا ڪي ملڪ ۾ محفل جو مئين ايسي بنايا ٿا‬ ‫ُاسي ڪي نام ڪا نيزه جو جب سيني لگايا ٿا‬ ‫مقدر مين نوي سد هئي جو ڪوئي رنجور آيا ٿا‬ ‫بره ڪي باهه ۾ چيزل جسم اپنا جاليا ٿا‪.‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪262‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت‪12-‬‬ ‫خدا ڪي نام ڪا صدقا جو مجهه سي نيهن اليا هئي‬ ‫اسي سي هم ڀي ڦر ايسا حوالي جان ڪيا هئي‬ ‫موتو قبلل جو مرڪر ڪي بها ميري خون ديا هئي‬ ‫اسي ڪا هل هنگامه هئي جو چيزل سمجهه گيا هئي‬ ‫بيت‪13-‬‬ ‫خدا ڪي عشق مين اپنا جسم سارا جاليا هون‬ ‫اسي ڪي آگ مين يارو سر سارا گنوايا هون‬ ‫ومن يتو ڪل علي اهلل فهو حسبه االياهون‬ ‫نسنگ نروار چڙه نيزي جو چيزل نينهن اليا هون‬ ‫بيت‪14-‬‬ ‫نينان ميڪون نهوڙ گهتيا مئين چشم ماهي دي چٽيان‬ ‫رمزان غمزان يار ديان ناز ڪرن تي دل لٽيان‬ ‫ترڪش تيري چالوان قهري ڏيون سئي سئي جلوي جهٽيان‬ ‫منهن مهتاب پيريمغان دا سهڻا چيزل مئين ويک سينگار ڪو سٽيان‬ ‫بيت‪15-‬‬ ‫رانجهن مئڪون رمز رالئي مئين ته رلندي رل ڳئيان‬ ‫هير تتي نون يار نه ملدا مئين ته سڪندي سڙ ڳئيان‬ ‫رانجهن تخت هزاري دا صاحب مئين ته ٿل وچ ڪملي پئيان‬ ‫چاڪ جهڙا ماهي يار ملي سهڻا چيزل مئين رؤ رؤ بيوس ٿيئان‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪263‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت‬ ‫(‪)1‬‬ ‫نهاري ناز سان نازڪ ڏٺائون‬ ‫صدق قربان قربن سان ڪٺائون‬ ‫(‪)2‬‬ ‫ڀري پيالو ڏيئي پر جام وحدت‬ ‫خمر خاصو اٿاريائين ڪيف فرحت‬ ‫(‪)3‬‬ ‫نه ڄاڻان شهد هو يا آب زم زم‬ ‫پيئڻ سيتي اٿاريائين تيک دم دم‬ ‫(‪)4‬‬ ‫رکيو هٿ جي مٿان تنهن دست دلبر‬ ‫پائي برقعو آيو احدون بشر‬ ‫(‪)5‬‬ ‫تنهن الڪون وٺي تهدل ٿياسي‬ ‫سڀئي دنيا سندا تعلق ڇناسي‬ ‫(‪)6‬‬ ‫ڪريمن جي ڪريان ساراهه ثنائي‬ ‫ڏسيو جنهن ياد هڪ نالو بقائي‬ ‫(‪)7‬‬ ‫سڪونت صبر ڪر اختيار دلڙي‬ ‫فنا دنيا اٿي هڪڙي گهڙي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪264‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(‪)8‬‬ ‫ڏسي چيزل فڪر ڪر تون سدا هي‬ ‫فنا دنيا اٿئي هڪ دم فنا هي‬

‫بيت‬ ‫رڙي رڙي راتيان ڏينهان منهنجو هيڻو ٿيم حال‬ ‫اهڙو درد دل ۾ نڪو سک ٿيم قرار‬ ‫ڏکي پنهنجي ڏوجهري نڪو صحت جو سوال‬ ‫باري بار برهه جو‪ ،‬مٿي سر ٿيم بحال‬ ‫چيزل سور سنڀال ته سنڌو ساعت ڪينڪي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪265‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت سسئي جا‬ ‫بيت‪1-‬‬ ‫سسئيَء سڙي سورن جي اڳي ڏاڍي هئي ته ڏکي‬ ‫هڪ ڏير ڏئي ويا ڏوجهرا ٻيو پنهل پياسي ۾ بکي‬ ‫رند ڏسي راڙيون ڪري سسئي ڪين ٿڪي‬ ‫وڃي تيزئون تيز تکي ڏسو چيزل ڪيئن چري ٿي آ‬ ‫بيت‪2-‬‬ ‫ڏس چيزل ڪيئن چري ٿي آ پنهنجي ور ڪان ويچاري‬ ‫ڏئي باه ڀنڀور کي ڪيئين ترت سگهو تياري‬ ‫واڪا ڪندي وڃي پئي هئي منزل جي ماري‬ ‫ڪري ڪوڪان ڪوهياري سائين چيزل ڪڏهن ملندي ڪيچ کي‬ ‫بيت‪3-‬‬ ‫ڏاڍا ڏکيا ڏونگر ڏوجهرا اٿي پاهڻ پيرين پنڌ‬ ‫سسئي روئي سڪي پئي ڏسي راهون نهاري رند‬ ‫چري چاڪن چور ڪئي وڏيون چاڙهيون بيحد بند‬ ‫پوِء ته نهاري ڪنڌ سسئي ملندي ساٿ سان‬ ‫بيت‪4-‬‬ ‫سسئي ملندي ساٿ سان ڇڏي ڀينگ ڀنڀور‬ ‫ڪيچي قهر ڪري ويا ٻيو پنهل نيائون زور‬ ‫آيا ڏکيا ڏوجهرا ڏونگر ويٺي ڏور‬ ‫گهوري سر گهور سهڻا چيزل صدقي سسئي‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪266‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت‪5-‬‬ ‫پهرين پهر پنهل الِء منهنجو سڪ ۾ ساهه ويو‬ ‫اديون آريَء ڄام جو مون کي پلپل پور پيو‬ ‫ويهڻ کائڻ وهه ٿيو نڪي سمهڻ سکي رهيو‬ ‫ڏسان هوت اهو سهڻا چيزل پنهنجي يار پنهل کي‬ ‫بيت‪6-‬‬ ‫ٻي پهر ٻڌي هيم هاڪ اها ته هڪل‬ ‫پنهل کڻي ويا پاڻ سان نڪي منهن ڪري موڪل‬ ‫صبح جو اٿي سسئي ٻڌي تن اندر توڪل‬ ‫موٽي ملندي شل سهڻا چيزل پنهنجي يار پنهل سان‬ ‫بيت‪7-‬‬ ‫ٽئين پهر ٽپي وئي ڏونگر واٽ ڏکي‬ ‫لڪ اڳيون الڙا لنگهي واري واٽ سکي‬ ‫جبل جهاڳي ڌار پئي هڪ پيرين پيادي بکي‬ ‫سسئي مئي سڪي سهڻا چيزل پنهنجي يار پنهل ڪان‬ ‫بيت‪8-‬‬ ‫چوٿئين پهر چري ٿي آ ڇڏي سسئي سڀ سينگار‬ ‫ٿڌڙيون ساهون سڏڪا ڀري ويٺي روئي زارئون زار‬ ‫آيا پنڌ ڏونگر جا ٻيو جبل جهاڳڻ ڌار‬ ‫موٽي ملندِء پنهل يار سهڻا چيزل سچي ٿيندي سسئي‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪267‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت ڪربال جا‬ ‫بيت‪1-‬‬ ‫ڪربال ۾ قهر ٿيو ڪيڏا هل هشر‬ ‫ڪوفن ڪاغذ لکيا رکي ڊوهه مڪر‬ ‫شهزادا هليا شام ڏي سڀيئي ساڻ سفر‬ ‫ڪٽا ُاهي ڪافر سهڻا چيزل سيد سان سامهون ٿيا‬ ‫بيت‪2-‬‬ ‫ڪربال ۾ قافلو آيا اڄ امام‬ ‫سختي سٺائون سر تي کڻي سورن جا سامان‬ ‫ظاهر ظلم يزيد جو آهي مخفي معني مام‬ ‫پاندئون هيا پهلوان سهڻا چيزل شير شهيد ٿيا‬ ‫بيت‪3-‬‬ ‫ڪربال ۾ قافلو آيا اڄ کڻي‬ ‫رايو هيو رب جو اهاوين ڳالهه وڻي‬ ‫ظاهر ظلم يزيد جو هيو پرور پاڻ ڌڻي‬ ‫اڃا آهي ڳالهه گهڻي سهڻا چيزل شير شهيد ٿيا‬ ‫بيت‪4-‬‬ ‫ڪربال جي پڙ ۾ آيو حر ڪري هڪل‬ ‫ڪٽڪ ڪارون ڀار مئون آيو هڪ ڄڻو هيکل‬ ‫تنهن سوريهه تئون صدقون وڃان آيو سختي مجهه مهل‬ ‫ٻڌي تن اندر توڪل چيزل شير شهيد ٿيو‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪268‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بيت‪5-‬‬ ‫ڪربال جي قهر جو ٿو ماتم مچ ٻري‬ ‫ڪيئن ٻڌايان عام کي ظاهر ڳالهه ڪري‬ ‫ڌڙ جنهين جا ڌار ٿيا نيزي سر چڙهي‬ ‫اهو اشارو عشق جو سمجهڻ مام پري‬ ‫سهڻا چيزل جيَء ڳري‬ ‫ماتم منجهه مري وڃان‬ ‫بيت‪6-‬‬ ‫ماتم منجهه مري وڃان مون کي سورن سمجهايو‬ ‫هئي هئي قاسم گهوٽ ڪان جنهن جي ميندي جو سعيو‬ ‫بيبي پنهنجي ڀاُء کي ڏاڍي پيارئون پرڻايو‬ ‫ڪسڻ ڪان ڄايو سهڻا چيزل قاسم تئون قربان ٿيان‬ ‫بيت‪7-‬‬ ‫قاسم تئون قربان ٿيان صدقو ڪيان هي ساهه‬ ‫سهرا مينديون سيج ڇڏي شهادت رسيو شاه‬ ‫اهو جرجلو جيُء اندر م اٺو موت سندو ماهه‬ ‫سهڻا چيزل ڪڍان آهه ته جبل ڪل جلي وڃن‪.‬‬ ‫**********‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪269‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫ڪالم سي حرفي‬ ‫(سر ڀيروي)‬

‫‪ .1‬الف عشق وارا پڙهي ويا نماز‬ ‫دمن سان دوگانا سندا هي بياز‬ ‫‪ .2‬پهريون باب بي جو تڪيو تي طمع جو‬ ‫هو وڻ هستي پنهنجو ويا ثي ثواز‬ ‫‪ .3‬جيمئون جن پيتو جي تنن حق ڏٺو هي‬ ‫خدا جي خبر کي ويا خطرا خاز‬ ‫‪ .4‬دالئون ڌيان ڌر تون مڃتا ڪان نه مرتون‬ ‫طمع ترڪ ڪر تون ذالئون ذڪر آز‬ ‫‪ .5‬ريئون رب جي رحمت لٿي تن تئون شامت‬ ‫وئي دور ظلمت زيئون زهن ساز‬ ‫‪ .6‬سينئون سڪ اوهان جي سمهڻ سيج سنهنجي‬ ‫نيڻين ننڊ اسان جي شينئون وئي آ شاز‬ ‫‪ .7‬صوادئون سک سمهڻ ويو لذت خوش گهمڻ ويو‬ ‫روزئون روز روئڻ پيو ڏکي ضوادون ضواد‬ ‫‪ .8‬جن ط تڪيو آ انهن سچ ڏٺو آ‬ ‫دنيا ڪم ڪچو آ ظيئو ظلم راز‬ ‫‪ .9‬عينئون عشق عادت سچي سڪ سعادت‬ ‫وئي غين غفلت غازي منجهه غياز‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪270‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫‪ .10‬فيئون فثمه اهلل وجه حق تجال‬ ‫هر جاِء نور اهلل نظرسان نياز‬ ‫‪ .11‬ڪافئون ڪين ڪمايم نڪو پاڻ ڀايم‬ ‫جڏهن عشق آيم قافئون ڪين قاز‬ ‫‪ .12‬المئون لک ٿيون سي دنيا هٿ کنيوسي‬ ‫تتي کي تڙيو سي فائقي منجهه فياض‬ ‫‪ .13‬ميمئون نا مڙن ٿا سوري تي چڙهن ٿا‬ ‫مالن سڀ سڙن ٿا ڏسي نينهن ناز‬ ‫‪ .14‬نونئون نظر وارا نفل سنت سارا‬ ‫دنيا جا ڏيکارا رڪعتان رواز‬ ‫‪ -15‬جنن وا وساري تنن ننڊ پياري‬ ‫وئي عمر ساري اجائي اياز‬ ‫‪ -16‬سکي سڀ کئون شريعت تڪيو پنڌ طريقت‬ ‫ڏسي هي حقيقت معرفت ملڪ معاز‬ ‫‪ -17‬المئون ڏس الهوتي صبر چپ ثابوتي‬ ‫اهو حال هاهوتي باهوتي غواز‬ ‫‪ -18‬عه الف عشق آيم دنيا هٿ ڇڏايم‬ ‫هڪو خيال اليم الف سان آواز‬ ‫‪ -19‬يڪوي اڙيا سي پنجئي وقت پڙهياسي‬ ‫چيزل سارا سڙيا سي عاشق کي آغاز‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪271‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫بسم اهلل الرحمن الرحيم‬ ‫(‪ )1‬الف‬ ‫الف عاشق پڙهي ويا سامي لنگهي سڃ‬ ‫نفي ڪري نفس کي ماري ڪيائون مڃ‬ ‫ٻڌي سهجئون سندرو سدا سورن ڄڃ‬ ‫رکي فرض فهم وڃي هاديَء سان هو رسيا‬ ‫(‪ )2‬ب‬ ‫باب بره جو بيشڪ ڪيائون بحال‬ ‫هذيحبون نهم في الظمات ڏسي پنهنجو حال‬ ‫سامي سڪائي تن کي پاڻ ڪيئون پئمال‬ ‫رکي خاصو خيال وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ ) 3‬ت‬ ‫تپائي تن کي طالب ٿيا تمام‬ ‫باهيون ڏئي بره جون رهن عاشق مست مدام‬ ‫من زل لذي يشفع عنده االباذنه آه آيت منجهه قرآن‬ ‫خطرا الهي خام وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ ) 4‬ث‬ ‫سهجئون سوز ۾ سامي ويا سڙي‬ ‫ٻڌي ڳالهه ڳري ويا ماتم منجهه مري‬ ‫تن کي طلب تن ۾ لڳن ذوق ذري‬ ‫گهوري سر گهري وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪272‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫( ‪ )5‬ج‬ ‫جيمئون هن جهان جا سانگا سٽيائون‬ ‫قاتل نفس قريب کي هڻي ڪاتي ڪٺائون‬ ‫ان الذين آمنو اها آيت ڏٺائون‬ ‫مقصد سڀ مٽيائون وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫( ‪ )6‬ح‬ ‫حيئون انهي حال ۾ ٿيس حيرت ۾ حيران‬ ‫عدم منجهئون آدمي تون ڪيئن ٿئين انسان‬ ‫موال پنهنجي مهر سان توکي سائين ڏنو سڀ ڄاڻ‬ ‫تو ۾ تنهنجو ساڻ وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫( ‪ )7‬خ‬ ‫خيئون خدا جي خوف ۾ عاشق منجهه آزار‬ ‫سسيون چڙهيون سوريَء تي ڌڙ ٿيا هن ڌار‬ ‫ڪل وهي من النسماِء و لبدري في الدجاِء ڏسن دل اندر ديدار‬ ‫صاحب رب ستار وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ ) 8‬د‬ ‫دالئون انهي ديوان جو پهريون پڙهيم باب‬ ‫نفل نمازان نيتان ڇڏي سنت سڀ ثواب‬ ‫مرد انهي ملڪ ۾ جاٿي ڏوهه نه حساب‬ ‫ننڊ وڃائي خواب وڃي هادي سان هو رسيا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪273‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(‪ ) 9‬ذ‬ ‫ذالئون ظاهر ذات آ ڪو سمجهي مرد ڏسي‬ ‫فذڪروني اذ ڪر ڪم پنهنجو پاڻ پسي‬ ‫وشڪرولي ڪفرون وحدت سان وسي‬ ‫گڏجي گر گسي وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )10‬ر‬ ‫ريئون رضا رب جي ڇڏي هو هليا پاڻ‬ ‫حڪم هاديَء جو مڃي امر سڀ فرمان‬ ‫انهي نظر نور سان ڏسيو عرش المڪان‬ ‫هر جاِء حق سڃاڻ وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )11‬ز‬ ‫زيئون تنهنجي ذوق ۾ منهنجو اهڙو حال ٿيو‬ ‫ڪارا ڪپڙا ڪڙيون مون کئون سک جو سهج ويو‬ ‫راتيان ڏينهان روز هت روئڻ روڄ رهيو‬ ‫پرين پور پيو وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )12‬س‬ ‫سيئون سڪ گهڻي آ ڏاڍو اندر منجهه آزار‬ ‫اٿان ويهان سور سان نه ڪو سک وڻي سنسار‬ ‫مٺي هي مريض ٿي ويٺي روئي زارئون زار‬ ‫واندي ناهين وار وڃي هادي سان هو رسيا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪274‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(‪ )13‬ش‬ ‫شيئون شهد شڪر مئون چکي ٿيس چري‬ ‫دم دم کئون لذت لذيذ آ اچي باهه ٻري‬ ‫لهما في السموات و مافي االرض ساعت ڪين سري‬ ‫ڳڻتي وئي ڳري وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )14‬ص‬ ‫صوادئون دل صبر ڪر اکڙين جهلج آب‬ ‫ماتم سندي ملڪ ۾ اتي روئڻ روز ثواب‬ ‫مٺي هن مريض جو ڇٽڻ الجواب‬ ‫آهي ازل جو عذاب وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )15‬ض‬ ‫ضوادئون ڏک لڳو ٿم سک سڀوئي ويا‬ ‫في ظلمات عذات عليم ٻڌيم ڳالهه اها‬ ‫تڏهن توبه ترڪ ٿيو جيڪو دم جييا‬ ‫موتو مام ميان وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )16‬ط‬ ‫طئي هن طلسم ۾ نٿا عاشق بيهن اڙ‬ ‫قصو سڄو قلزم جو واعدو ڪيائون وڙ‬ ‫المقصود في الدارين اال هو سر جدا ڪرڌڙ‬ ‫راتيان ڏينهان رڙ وڃي هاديَء سان هو رسيا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪275‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(‪ )17‬ط‬ ‫ظئي ظالم نفس کي ماري ڪر ميد‬ ‫تنبيها ڏيئي طلب جون هڻي ڪوٺي قيد‬ ‫بشيَء من علمه اال بما شا سجدي مننجهه سجيد‬ ‫نفي ٿي نااميد وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )18‬ع‬ ‫عينئون عشق انهي ۾ جوڳي جوان جليا‬ ‫عارف اهي اظهار هن مٿي ملڪ هليا‬ ‫قالو بلي قول تي هڪو احد اهلل‬ ‫بيشڪ بات ڀال وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )19‬غ‬ ‫غينئون اهي غرق هن غازي منجهه غزا‬ ‫پنهنجو ڪهن پاڻ کي ڏيئي ساهه سزا‬ ‫ماڻن انهيَء ملڪ جا محبت مرد مزا‬ ‫جيئري جوان جزا وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )20‬ف‬ ‫فيئون فنا في اهلل ۾ اهي عاشق ٿيا اثبات‬ ‫نينهن لڳو نظر کلي هي ظالم وئي ظلمات‬ ‫الشيِء موجود غير اهلل سڀ ۾ سچي ذات‬ ‫طالبن کي تنهنجي تات وڃي هادي سان هو رسيا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪276‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(‪ )21‬ڪ‬ ‫ڪافئون پنهنجي قدرت سان هي جسم بنيو جهان‬ ‫معراج سندي مرد ڪان جو اعلي تن جو شان‬ ‫انا احمد بال ميمي مٿي تن مڪان‬ ‫اهو عاشقن کي عيان وڃي هاديَء هو رسيا‬ ‫(‪)22‬ق‬ ‫قافئون قلم لکيو آ عاشقن جي ازل‬ ‫واهوا سختي صبر سان سٺيو مردن انهي مهل‬ ‫هيو امتحان عشق جو ظاهر ظلم زلل‬ ‫عشق جي عين اڇل وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )23‬ل‬ ‫المعون الغفار آه غرض ڪنهن ته گناهه‬ ‫وسيلن سندي واقعي ڏج پرور پاڻ پناهه‬ ‫ڪوڙن ڪنهن نه جهليو نه ڪنهن مالڪ الئي مناه‬ ‫سورن جي ثناه وڃي هاديَء سان هو رسيا‬ ‫(‪ )24‬م‬ ‫ميمئون ُاهي منصور هن جو سوري سر چڙهن‬ ‫نيزي الئن نينهن ٿا نٿا مست مڙن‬ ‫سورهيه انهي سختي ۾ عاشق ڪين اڙن‬ ‫ڪلمون پاڪ پڙهن وڃي هادي سان هو رسيا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪277‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(‪ )25‬ن‬ ‫نون ڇڏي ناسوت کي جوڳي هليا جبروت‬ ‫معذن قربا ملڪوت ۾ لوچي الحد لنگهي الهوت‬ ‫هاهوت ۽ باهوت ۾ صبر چپ سڪوت‬ ‫خودي کائي قوت وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )26‬و‬ ‫واُءانهي وصال جون حوران هت هيون‬ ‫شرابن طهورا شوق جو آيون پاڻ کنيون‬ ‫غرض انهي گهوٽ جي ڏنيون الل ويون‬ ‫پوِء مرڪي ايئن چيائون وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )27‬هه‬ ‫هيئون انهي حال ۾ آ ديسي آهين‬ ‫نانگا پنهنجي نفس کي ٿا ماري منائين‬ ‫الحب اهلل والبغض اهلل خودي کي کائين‬ ‫او سامي سڏائين وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )28‬ال‬ ‫المئون المقصود هن طالب طلب ترڪ‬ ‫عاشق استغراق ۾ آهن اهي غرق‬ ‫احد احمد هڪڙو آ ڪيهو ميم فرق‬ ‫اها مردن مام مرڪ وڃي هادي سان هو رسيا‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪278‬‬


‫بحر العميق (رسالو سيد چيزل شاهه)‬

‫(‪ )29‬ع‬ ‫الفئون انهي ازار ۾ اهي عاشق به آهين‬ ‫جيئري پنهنجي جسم کي ٿا جوڳي جالئين‬ ‫لم يلد ولم يولد اتي آڻين‬ ‫رازق رالئين وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫(‪ )30‬ي‬ ‫ييئون يد اهلل فوڪ ايديهم ڳولج ٻي نه ڳلي‬ ‫مشڪل ڪشي مصطفي حيدر هڪ علي‬ ‫احد ڪم ايمانڪ واصل لعل ولي‬ ‫سهڻا چيزل بات ڀلي وڃي هادي سان هو رسيا‬ ‫پورو ٿيو‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪279‬‬


Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.