سنڌي جاتيءَ کي سنڌي پھاڪن جي سوغات

Page 1

‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪1‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پھاڪن‬ ‫جي سوغات‬ ‫گڏ ڪندڙ‪:‬‬ ‫چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي‬

‫المنعم الئبرري الڙڪاڻو‬ ‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬ ‫‪2018‬ع‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬ ‫‪2‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫ڀيٽا‪:‬‬ ‫وڏن الِء سڪ ۽ شرڌا‬ ‫پريم سان پڙھو‬

‫‪3‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫ارپڻ پتر‬ ‫دک ڀريا ٻه اکر‬ ‫افسوس! جو ھي ڪتاب ڇپيندي ڇپيندي اسان جو پيارو‬ ‫چيتنرام اوچتو ئي اوچتو تاريخ ‪ ۲۲‬اپريل ‪۱۹۸۳‬ع‪ ،‬شڪروار‬ ‫ڏينھن وڃي سرڦڌام پڌاريو‪ .‬شل ايشور کيس پنھنجي چرنن ۾‬ ‫سکي رکي‪ .‬اھا ئي اسان جي ايشور در ارداس آھي‪.‬‬

‫شيوا ۾‬ ‫رامچند بولچند ٽھلراماڻي (ڀاُء)‬ ‫دلپت چيتنرام ٽھلراماڻي (پٽ)‬ ‫ڪٽنب ۽ پريوار‬

‫‪4‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫سنڌ سالمت پاران ‪:‬‬

‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌي جاتيَء کي سنڌي‬ ‫پهاڪن جي سوغات“ اوهان اڳيان پيش آهي‪ .‬پهاڪن کي گڏ ڪندڙ ”چيتنرام بولچند‬ ‫ٽھلراماڻي“ آهي‪.‬‬ ‫ھيُء ڪتاب‪۱۹۸۳ ،‬ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو‪ .‬جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو‪ .‬ان جو‬ ‫ھڪڙو ڇاپي نسخو‪ ،‬ھن وقت قاسميه الئبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي‪ .‬سائين‬ ‫ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي‬ ‫سائين انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب کي موصول ٿي آھي‪ ،‬جنهن ڪمپوز‬ ‫ڪاپي سنڌ سالمت ڪتاب گهر الِء پڻ موڪلي آهي‪.‬‬ ‫ڪتاب جي آخر ۾ اصل ڇاپي جي اسڪين ڪاپي جيئن جو تيئن شامل‬ ‫ڪئي وئي آهي‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬

‫مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )‬ ‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬

‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪5‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫سادا اکر‬ ‫ھيُء ڪتاب‪۱۹۸۳ ،‬ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو‪ .‬جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو‪ .‬ان جو‬ ‫ھڪڙو ڇاپي نسخو‪ ،‬ھن وقت قاسميه الئبرري ڪنڊيارو ۾ موجود آھي‪ .‬سائين‬ ‫ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن کان ان جي فوٽو اسٽيٽ‬ ‫ڪاپي راقم کي موصول ٿي آھي‪.‬‬ ‫ليکڪ جو واسطو‪ ،‬ساھتيَء جي شھر ڀريا سان پڻ ھيو‪ .‬جو سندس امڙ ۽ ناناڻا‬ ‫اتان جا ھيا‪ .‬ان ڪري به ھن ڪتاب جي منظر عام تي آڻڻ جي اشد ضرورت‬ ‫ھئي جو اڳي ساھتيَء سان وابسته چوڻين جو‪ ،‬ڪيرت مھرچنداڻيَء جو لکيل‬ ‫چونڊ سنڌي چوڻيون ڪتاب‪ ،‬ڇاپي صورت ۾ عام آڏو آيو آھي‪ .‬مرحوم غالم‬ ‫قادر سومرو جو واسطو ساھتيَء جي شھر ٺاروشاھ سان ھيو‪ ،‬جنھن پڻ ساھتيَء‬ ‫جا پھاڪا ۽ چوڻيون ڪٺيون ڪري ڪتاب ترتيب ڏنو ھيو‪ ،‬جيڪو شايد‬ ‫ڇپجي نه سگھيو جو راقم جي نظر تي نه چڙھيو آھي‪.‬‬ ‫بھرحال‪ ،‬چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي جو ترتيب ڏنل ڪتاب‪ ،‬سنڌي جاتيَء کي‬ ‫سنڌي پھاڪن جي سوغات‪ ،‬قارئين جي استفادي الِء‪ ،‬اي‪-‬ورشن جي صورت‬ ‫۾ پيش ڪجي ٿو‪.‬‬

‫انجنيئر عبدالوھاب سھتو‬

‫‪6‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫مھاڳ‬ ‫ھي ‪ ۴۵۰‬کان مٿي پھاڪن ۽ سنڌي چوڻين جو ڪتاب‪ ،‬جو توھان اڳيان آھي‪،‬‬ ‫سو اڄ کان ‪ ۶۰ – ۵۰‬سالن کان اڳ سنڌي گھرن ۾ عام طور رھڻي ڪھڻي‬ ‫۽ ٻارن کي نصيحت طور ٿورڙن اکرن ۾ ھدايتن جو گڏيل سڏيل مجموعو‬ ‫آھي جو مون پنھنجي ماتا شريمتي پيرند ٻائي سپتري شري مدنداس نوتاڻي‬ ‫(ڀرين ساھتي) جنھن منھنجي پتا ديوان بولچند ڪيولرام ٽھلراماڻي (ٽلٽي‪،‬‬ ‫تعلق سيوھڻ) سان الئون لڌيون‪ .‬ان جي مکاروند مان ٻڌل ننڍي ھوندي جي‬ ‫يادگيرين مان جيئن جيئن دل تي تري آيا‪ ،‬قلم بند ڪيا آھن‪ .‬ماتا جي سشيل‬ ‫ڪفايت ۽ قنائت واري ھئي ۽ نام واري ھئي‪ .‬چولي ڇڏڻ کان گھڻو اڳ‬ ‫پنھنجي ٻارن خواھ ٻين دنيوي ڳالھين مان موھ ڪڍي ڇڏيو ھوائين‪ .‬نام ۾‬ ‫جڙي رھڻ سبب اندر ۾ خوب سوجھي ھئس‪ .‬ايتري قدر جو چولي ڇڏڻ جو‬ ‫سميه ويجھو ڄاڻي پنھنجي ننھن شاميَء (منھنجي ڌرمپتنيَء) کي ڪوٺي‬ ‫چيائين ته ھاڻي منھنجو ٽائيم اچي ويو آھي ۽ تون پاڙيسرين کي ڪوٺي پاڻ‬ ‫ڀيڙو ڪر‪ .‬جنھن ڪرناڻين ۽ ڪرٽراڻين کي سڏي گھر آندو پوِء ماتا جي اٿي‬ ‫پلٿي ماري انھن پاڙيوارن جي سامھون گنگا جل ۽ تلسيَء جو ڏل ورتائي‬ ‫پنھنجو چرنو تياڳ ڪيو‪ .‬اھڙيَء ماتا کي مان وار وار نمسڪار ٿو ڪيان‪.‬‬ ‫ڀريا ۽ ٽلٽي‪ ،‬ٻئي علم جو مرڪز ھيا ۽ ٻنھي جي ڳوٺن جي ديوانن جو پاڻ‬ ‫۾ عزازت جو ناتو ھيو ۽ ٻولي خواھ علم جي گھرائيَء سبب ڄڻ ته تاڃي‬ ‫پيٽي ھڪ ٿي ويا ھوا‪.‬‬ ‫ھي پھاڪا ۽ عام چوڻيون‪ ،‬الف بي جي ڏنل فھرست سميت ‪۱۹۸۰-۱-۲۹‬ع‬ ‫تائين مڪمل ٿي ويا ھئا‪ .‬پر ڇپائڻ جو امر اڃا ڪو نه ٿيو ھو‪.‬‬

‫‪7‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫ھنن پھاڪن ۾ ڪجھ پھاڪا‪ ،‬اڄ ڪالھ جي زماني جا به آھن‪ .‬انھن الِء مان‬ ‫پنھنجي ڪڪيَء (ڀائٽيَء) موھني سپتري سرڳواسي مربي ڀاُء کيراجمل جي‪،‬‬ ‫جو آڀاري آھيان‪.‬‬ ‫ھي ڪتاب شايد اڃا اڻ ڇپيل رھجي وڃي ھا جو گذريل ‪ ۱۵ – ۱۲‬مھينن ۾‬ ‫چار دفعا موتمار بيمارين جو شڪار ٿي ٽي دفعا اسپتال ۾ داخل ٿيو آھيان‬ ‫۽ ھر دفعي ڊاڪٽرن جو چوڻ ھو ته نئين حياتي وٺي موٽيو آھيان‪.‬‬ ‫پوئين بيماري جنھن مان ‪۱۹۸۳-۱-۱۰‬ع کان ‪۱۹۸۳-۲-۹‬ع تائين اسپتال ۾ داخل‬ ‫ھوس ۽ پيٽ جو ‪ ۱۱‬انچ ڊگھو چير ڏيئي‪ ،‬پيٽ جو آپريشن ٿيو‪.‬‬ ‫جيئرو موٽڻ محال ھو‪ .‬منھنجي ڪڪي پشپا سمورو وقت ڏينھن ۽ رات‬ ‫اسپتال ۾ رھي‪ ،‬منھجي ماتا روپ بڻجي‪ ،‬آسيس ۽ پرارٿنائون ۽ شيراتن‬ ‫ڪري ايشور ڪرپا سان مونکي نئين زندگي ملي آھي‪ .‬مان کيس ھاڻ پنھنجي‬ ‫ماتا جي روپ ۾ پسان ڀو‪.‬‬ ‫مان پنھنجي پٽ ۽ ننھن دليپ ۽ گوپيَء جو ۽ گھر جي سڀني ڀاتين جو گھڻو‬ ‫شڪرگذار آھيان‪ ،‬جن وقت به وقت مون کي پورو سھڪار پئي ڏنو آھي‪.‬‬ ‫ھن ڪتاب جي ڇپائڻ جو شونق ۽ ھمٿ ڏيارڻ ۾ منھنجي ننڍي ڀرائا شري‬ ‫رامچند بولچند ٽھلراماڻيَء جو تمام وڏو ھٿ آھي‪ ،‬جنھن جي تاڪيد ۽ ھمٿائڻ‬ ‫سبب ھي ڪتاب اڄ توھان جي ھٿن ۾ آھي‪ .‬ھن ڪتاب جي ڇپائڻ جي تڪليف‬ ‫به ھن پاڻ تي ھموار ڪئي آھي‪ ،‬جنھن الِء جس جو ڀاڳي آھي‪.‬‬ ‫چيتن بولچند ٽھلراماڻي‬ ‫‪ ۱۷‬مارچ ‪۱۹۸۳‬ع‬

‫‪8‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫ڪنھن سياڻي جو قول‬ ‫جو پاٺڪن کي ڪجھ نه ڪجھ نصيحت آميز لڳندو‪.‬‬ ‫اپني متر سي ڪوئي بات ڇپانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫اپني من ڪا ڀيد ڪڀي اپني دشمن ڪو بتانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫آمد ڪي پئسي سي زيادھ خرچ بڙھانا ناچاھيئي‪.‬‬ ‫پڃ ڪرم ڪر ڪي پيڇي من ۾ پڇتانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫پاپ ڪرم ڪرني ۾ ڪٿي من ڪو للچانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫جھان نه آدر ھووي ڪڀي‪ ،‬اس گھر ۾ جانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫اپني گھر ۾ آئي جن ڪو‪ ،‬نرادر ڪرنا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫رڻ ڀوميَء ۾ جا ڪر مرني سي ڪڀي ڊر پانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫وپت پڙي جو آڪر ڪڀي من گھبرانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫ايشور انس ۾ جيو ھئه ساري‪ ،‬اس جن ڪو اپجانا نا چاھيئي‪.‬‬ ‫اپني گرو ۽ مات پتا ڪو ڪڙوا شبد برتنا نا چاھيئي‪.‬‬

‫‪9‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫”پھاڪا ۽ چوڻيون“‬ ‫‪.1‬‬

‫اٽو کاڌو ڪوئي‪ ،‬مار پيئي گابي تي‪.‬‬

‫‪.2‬‬

‫انڌن به ملتان لڌو آھي‪( .‬ملتان‪ ،‬سنڌ جي اتر ۾ پنجاب جو شھر)‬

‫‪.3‬‬

‫ادو به ڍائو‪ ،‬اما به ڍائي‪ ،‬جھڙي ويئي‪ ،‬موٽي گھر آئي‪.‬‬

‫‪.4‬‬

‫آئي ٽانڊي ڪاڻ‪ ،‬بورچياڻي ٿي ويٺي‪.‬‬

‫‪.5‬‬

‫اھا ئي زبان کٽ تي وھاري‪ ،‬اھا ئي پٽ تي وھاري‪.‬‬

‫‪.6‬‬

‫اھو سون ئي گھوريو‪ ،‬جو ڪن ڇني‪.‬‬

‫‪.7‬‬

‫اڇا ڪارا پاڻيھي پڌرا ٿيندا‪.‬‬

‫‪.8‬‬

‫انڌير نگري‪ ،‬چرٻٽ راجا‪ ،‬ٽڪي سير ڀاڄي‪ ،‬ٽڪي سير کاڄا‪.‬‬

‫‪.9‬‬

‫اڪ ٻوڙن سان‪ ،‬ٻوڙا اڪن لڳائڻ‪( .‬جھيڙا ڪرائڻ)‬

‫‪ .10‬اڪن کان انب گھرڻ‪.‬‬ ‫‪ .11‬اگھ کٽيو کائجي‪ ،‬وٽ کٽيو نه کائجي‪.‬‬ ‫‪ .12‬آلو نور‪ ،‬مٿي جو سور‪.‬‬ ‫‪ .13‬انڌو گھري اهلل کان ھڪ اک‪ ،‬پر ھت ته ٻئي ٿيون ملن‪.‬‬ ‫‪ .14‬اکين ٻوٽ آدمي آھي‪.‬‬ ‫‪ .15‬آ ِھ غريبان قھر خدائي‪ ،‬دعا درويشان مھر االھي‪.‬‬ ‫‪ .16‬اھو ڪي ڪجي جو اوکيَء ويل ڪم اچي‪.‬‬ ‫‪ .17‬اما رڌي‪ ،‬اديَء رڌي‪ ،‬مون نه رڌي‪ ،‬ڪنھن نه رڌي‪.‬‬ ‫‪ .18‬اھو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي‪.‬‬ ‫‪ .19‬آھي جو آسرو آھي‪.‬‬ ‫‪ .20‬ان پرائو ته پيٽ پرائو نه ڪجي‪.‬‬ ‫‪10‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .21‬اگھاڙي ڪني‪ ،‬ڪانون ھاب‪.‬‬ ‫‪ .22‬آيا مير‪ ،‬ڀڳا پير‪( .‬پير‪ +‬سنڌ جا ڪلھوڙا بادشاھ‪ .‬مير‪ +‬جن ڪلھوڙن کان‬ ‫بادشاھي کسي‪ ،‬جن کان انگريزن بادشاھي ھٿ ڪئي‪).‬‬ ‫‪ .23‬ان آھي ته ايمان آھي‪.‬‬ ‫‪ .24‬اڄ جو ڪم سڀان تي نه رکجي‪.‬‬ ‫‪ .25‬اڄ ڇوڏا به ٿاڳالھائين‪.‬‬ ‫‪ .26‬آسري لڳا ٻه ڄڻا‪ ،‬عيد االئي ڪڏھن‪.‬‬ ‫‪ .27‬آئي ته عيد‪ ،‬نه ته ڏٿ ڏھاڙي سومرا!‬ ‫‪ .28‬آئي ته عيد‪ ،‬نه ته رمضان جو روزو‪.‬‬ ‫‪ .29‬اڳيئي ويٺي ھئي رٺي‪ ،‬ويتر آيس پيڪو ماڻھو‪.‬‬ ‫‪ .30‬اڇا ڪپڙا کيسا خالي‪ ،‬ماڻھن جي ليکي ملڪ جو والي‪.‬‬ ‫‪ .31‬انسان خطا جو گھر آھي‪.‬‬ ‫‪ .32‬اکو ڦلو آرتي ڪرڻ‪( .‬پئسا اڏائڻ)‪.‬‬ ‫‪ .33‬اھي ئي الٽون‪ ،‬اھي ئي چگھ‪( .‬ماڻھو نه سڌري‪ ،‬نه سڌري‪).‬‬ ‫‪ .34‬اڀ کي ٿو اڳڙيون ڏئي‪.‬‬ ‫‪ .35‬اٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٽ لھي‪( .‬ننڍي عمر جا اٺ‪).‬‬ ‫‪ .36‬اٺ کي کڻي گھنڊڻي ٻڌي اٿن‪( .‬ٻڍي کي ننڍي ڪنوار وٺي ڏيڻ)‪.‬‬ ‫‪ .37‬اٺ پنھنجي مٽ ۾ ترڪندو آھي‪.‬‬ ‫‪ .38‬اول پيٽ پنجوَء جو‪ ،‬ٻار ٻچا سڀ پوِء‪.‬‬ ‫‪ .39‬اٺان مينھان دا ڪياھ ميال‪ ،‬او کائن الڻيون‪ ،‬او کائن ٻيال‪.‬‬ ‫‪ .40‬اھڙي مار کائيندين جھڙي اٺ کائي پتڻ تي‪( .‬ٻيڙيَء تي چاڙھي‪ ،‬ندي‬ ‫پار ڪرڻ وقت)‪.‬‬ ‫‪11‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .41‬اٺين پيڙھي اٺ جي‪ ،‬ماڪوڙو ماسات‪( .‬تمام ڏورانھين مائٽي)‪.‬‬ ‫‪ .42‬جي اکرين ۾ منھن وجھندا‪ ،‬سي مھرين ڀر نه ڊڄندا‪.‬‬ ‫‪ .43‬اوڌر ڏيئي وير وھاِء‪.‬‬ ‫‪ .44‬اٺ سکڻو به رنڀي‪ ،‬ته لڏيل به رنڀي‪( .‬ماڻھو ھر حالت ۾ ڪرڪي)‪.‬‬ ‫‪ .45‬ان جو منھن جنڊ ڏانھن‪.‬‬ ‫‪ .46‬اٺ چري ارڙھن ته ٻڪري چري ٻٽيھ‪.‬‬ ‫‪ .47‬استاد جي مار‪ ،‬ٻار جي سنوار‪.‬‬ ‫‪ .48‬اڻ ھيريا نه ھير‪ ،‬متان ھرني‪ ،‬ڀڃ نه ھير ھرين جي متان وڙھني‪.‬‬ ‫‪ .49‬انڌي گھوڙي ڪل ۾‪( .‬ڪل؛ خراب گاھ جو دٻن ۾ ٿيندو آھي‪).‬‬ ‫‪ .50‬اسي ڏوھ انڌي ۾‪ ،‬سؤ سٺ ڪاڻو‪ ،‬گھران ڏيئي ناڻو‪ ،‬ته به مارائجي‬ ‫منڊي کي‪.‬‬ ‫‪ .51‬بابا ڀلي‪ ،‬ڍڪي ڀلي‪( .‬ڪنھنجي اوگھڙ نه ڪجي)‪.‬‬ ‫‪ .52‬باري کڻندا بار‪ ،‬ناھين ڪم ڪچن جو‪.‬‬ ‫‪ .53‬بيڪار کان بيگار ڀلي‪.‬‬ ‫‪ .54‬بندي جي من ۾ ھڪڙي‪ ،‬صاحب جي من ۾ ٻي‪.‬‬ ‫‪ .55‬بک بڇڙو ٽول‪ ،‬دانھ ديوانا ڪري‪.‬‬ ‫‪ .56‬بڻي ته بڻي‪ ،‬نه ته دال ماني گھڻي‪.‬‬ ‫‪ .57‬بيوقوف کي بازار ۾ کڻجي نه ساڻ‪ ،‬اول ڪٽائي پاڻ‪ ،‬پوِء حاج وٺائي‬ ‫ھمراھ جي‪.‬‬ ‫‪ .58‬بکئي کي ڏئي ڪو نه‪ ،‬سائي کي سھي ڪو نه‪.‬‬ ‫‪ .59‬بخاري جي کٽي‪ ،‬آٿر ٻوري جي چٽي‪( .‬بخارو؛ رشيا جو مشرقي شھر)‬ ‫‪ .60‬ٻلي ست ڪوئا کائي حج چڙھي‪.‬‬ ‫‪12‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .61‬ٻٽيھ منڊ منڊي ۾‪ ،‬اسيَء ۾ ڪاڻو‪ ،‬جي ٺوڙھو ساماڻو ته مڙني کڻي‬ ‫ماٺ ڪئي‪.‬‬ ‫‪ .62‬ٻه ڀائر ٽيون ليکو‪.‬‬ ‫‪ .63‬ٻٻرن کان ٻير گھرڻ‪.‬‬ ‫‪ .64‬ٻاھران چکي مکي‪ ،‬اندران بڙ بڙ دکي‪.‬‬ ‫‪ .65‬ٻن جي وچ ۾ جيڪو پوي اھو مار کائي‪.‬‬ ‫‪ .66‬ٻار رڙھيو‪ ،‬گھر ڦريو‪.‬‬ ‫‪ .67‬ٻڍو ۽ ٻار‪ ،‬ٻئي ھڪ آچار‪.‬‬ ‫‪ .68‬ٻار مڇ جو وار‪ ،‬جيڏانھن ورائيس تيڏانھن وري‪.‬‬ ‫‪ .69‬ٻرو‪ ،‬ڪنجھڻ به نه ڏيندو ڇا؟‬ ‫‪ .70‬ٻن زالن جو ور‪ ،‬تنھن جو مسڻ ۾ گھر‪.‬‬ ‫‪ .71‬ٻيڙيَء چاڙھي ڦڙھو ڪڍڻ‪( .‬آسرو ڏيئي پاڻ ڇڏائي ڀڄڻ)‪.‬‬ ‫‪ .72‬ٻي ٻي ڪرڻ تنھنجو ڪم‪ ،‬ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو‪.‬‬ ‫‪ .73‬ٻڪري کير ڏئي‪ ،‬ڦولھڙين گاڏڙ‪.‬‬ ‫‪ .74‬ڀلي بک ڀرم جي‪ ،‬شل نه وڃي شان‪.‬‬ ‫‪ .75‬ڀالئي ڪر ڄٽ سان‪ ،‬ته ڦيري ھڻيئي پٽ سان‪.‬‬ ‫‪ .76‬ڀڳو ئي ڀير (جھونو ائٽ) ڀير (ھالِء)‪ ،‬جيسين رتو راس ٿئي‪.‬‬ ‫‪ .77‬ڀاڳ ڏئي ڀيڙو‪ ،‬ته ٿئي دال مان سيرو‪.‬‬ ‫‪ .78‬ڀاڳ ڏئي دٻ‪ ،‬ته ٿئي دال مان رٻ‪.‬‬ ‫‪ .79‬ڀڄندڙن جي اڳ ۾‪ ،‬لڙندڙن جي پٺ ۾‪.‬‬ ‫‪ .80‬ڀڳت ڪري پاتال ۾ پرگھٽ ھوِء آسمان‪.‬‬ ‫‪ .81‬ڀائرن جو ھڪ ھٿ چوٽيَء ۾ ٻيو ھٿ روٽيَء ۾‪.‬‬ ‫‪13‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .82‬ڀريَء ٻيڙيَء ۾ واڻيو ڳورو‪( .‬بار گھڻي ھجڻ ڪري‪ ،‬ٻيڙيَء کي بچائڻ‬ ‫الِء‪ ،‬واڻئي کي سرن درياھ ڪرڻ)‪.‬‬ ‫‪ .83‬ڀؤ ڏکڻا ڪرڻ (اجايو سجايو پيسو خرچڻ)‬ ‫‪ .84‬ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي‪ ،‬سا به نه ڀلي‪.‬‬ ‫‪ .85‬ڀلئي واڻئي ڳڙ کاڌو‪.‬‬

‫َ‬ ‫ڇانو ۾ وھاري‪.‬‬ ‫‪ .86‬ٿڌو گھڙو پاڻ کي‬ ‫‪ .87‬تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي‪( .‬گلر= ٻچا)‬ ‫‪ .88‬تڪڙ ڪم شيطان جو‪.‬‬ ‫‪ .89‬تپ دانگي ست ڏينھن‪ ،‬ترس مھمان ڏھ ڏينھن‪.‬‬ ‫‪ .90‬تر جي گٿي سؤ چوٽون کائي‪.‬‬ ‫‪ .91‬تنھنجو سو منھنجو‪ ،‬منھنجي ھٿ نه الِء‪.‬‬ ‫‪ .92‬تيليَء مان ٿنڀ بنائڻ‪.‬‬ ‫‪ .93‬پاڻ پني‪ ،‬گھوڙا ڳنھي‪.‬‬ ‫‪ .94‬پرڻ چوي ڏونگھي کي‪ ،‬ھل ڙي ٽه‪-‬ٽونگا‪.‬‬ ‫‪ .95‬پنھنجي گتيَء پئه گڏھ کي پيري‪.‬‬ ‫‪ .96‬پر‪-‬متڙيو پوڙھيو‪.‬‬ ‫‪ .97‬پھريون ملھ‪ ،‬کٿوري‪.‬‬ ‫‪ .98‬پاڻ نه پلي ڏوجاھ متيان ڏيوي‪.‬‬ ‫‪ .99‬پئسو ڏنو‪ ،‬ٻرو ڇنو‪.‬‬ ‫‪ .100‬پنھنجيَء ۾ ھٿ‪ ،‬پرائيَء ۾ اک‪.‬‬ ‫‪ .101‬پئسو رتا (پنھنجا ويجھا مائٽ) وڇوڙؤ آھي‪.‬‬ ‫‪ .102‬پٽ به ليکو‪ ،‬پيُء به ليکو‪.‬‬ ‫‪14‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .103‬پنھنجي ڪئي جو نه ويڄ نه طبيب‪.‬‬ ‫‪ .104‬پن ٻوڙي پاتال ۾‪ ،‬پٿر به تاري پاڻ‪.‬‬ ‫‪ .105‬پاڙو آھي‪ ،‬ابو اما‪.‬‬ ‫‪ .106‬پرائي ڏسي‪ ،‬پنھنجي جھڳي نه ڊاھجي‪.‬‬ ‫‪ .107‬پڙھڻ ترڻ تير ھڻڻ چوٿين سواري‪ ،‬ننڍي ھوندي نه سکئين‪ ،‬وڏي‬ ‫خواري‪.‬‬ ‫‪ .108‬پڇ ٻڌي مھري ڪيو اٿس (الڏو اٺ پچ کليل‪ .‬مھري= سواريَء جي اٺ‬ ‫جو پڇ ٻڌل ھوندو آھي‪.‬‬ ‫‪ .109‬پئنچن ۾ پرميشور آھي‪.‬‬ ‫‪ .110‬پنج پنجوَء وارا کٽا ئي پيا اٿس‪.‬‬ ‫‪ .111‬پئسو اڄ شينھن جي پيٽ ۾ آھي‪.‬‬ ‫‪ .112‬پڙھيو آھي پر ڪڙھيو ڪين آھي‪.‬‬ ‫پاڻ کان‪ ،‬ڏس پرينَء کي َ‬ ‫پاڻ ڪري پاسي َ‬ ‫‪ُ .113‬‬ ‫پاڻ ۾‪.‬‬ ‫‪ .114‬پنھنجي گھوٽ ته نشا ھووئي‪.‬‬ ‫‪ .115‬پنھنجي ڏاڙھي ٻئي جي ھٿ ۾ نه ڏجي‪.‬‬ ‫‪ .116‬پنھنجي پٺ ورائي ڪنھن ڪو نه ڏٺي آھي‪.‬‬ ‫‪ .117‬پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا‪.‬‬ ‫‪ .118‬پاڻ کان وڌيڪ جيڪو ٻئي کي گھري‪ ،‬سو به ڏائڻ‪.‬‬ ‫‪ .119‬پرائي جھار پرائي جھرڪي‪.‬‬ ‫‪ .120‬پئسي پلو مھانگو‪ ،‬رپئي پلو سھانگو‪.‬‬ ‫‪ .121‬پنج ئي گيھ ۾ اٿس‪.‬‬ ‫‪ .122‬پير جي پٺ‪ ،‬ناني جي مٺ‪.‬‬ ‫‪15‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .123‬پئسو ويو ڪجھ ويو‪ ،‬عزت ويئي سڀ ڪڇ ويو‪.‬‬ ‫‪ .124‬پيٽ اٿيئي ڪين ساڌ ٻيلي جو ٻيٽ‪.‬‬ ‫‪ .125‬پاڻي ھيٺانھينَء تي وھندو آھي‪.‬‬ ‫‪ .126‬پنھنجي پير تي پاڻيھي ڪھاڙو ھڻڻ‪.‬‬ ‫‪ .127‬ڦڪيون تڏھن فرق ڪن‪ ،‬جڏھن امر ٿئي انھيَء جو‪.‬‬ ‫‪ .128‬ڦونڊ ۾ ڀريو ٿو وتي‪.‬‬ ‫‪ .129‬ڦريو واڻيو ڪاڳر سوري‪.‬‬ ‫‪ .130‬ڦاٿو ته ڦٿڪڻ ڪھڙو‪.‬‬ ‫‪ .131‬جنھن وڻ جي ڏار تي ويھجي‪ ،‬ان کي نه ڪپجي‪.‬‬ ‫‪ .132‬جڳ رسي ته ڀل رسي‪ ،‬سائين تون نه رسجان‪.‬‬ ‫‪ .133‬جو ھوڏ پنھنجي ھلندو سو سور وڏائي سھندو‪.‬‬ ‫‪ .134‬جتي لوڀي ھجن‪ ،‬اتي ٺوڳي بک نه مرن‪.‬‬ ‫‪ .135‬جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام‪.‬‬ ‫‪ .136‬جاڙي به جڳ سنئين‪.‬‬ ‫‪ .137‬جھڙا ڪانگ‪ ،‬تھڙا ٻچا‪.‬‬ ‫‪ .138‬جھڙ وديس‪ ،‬تھڙو ويس‪.‬‬ ‫‪ .139‬جنھن اڀرندي تاُء نه ڪيو‪ ،‬سو لھندي ڇا ڪندو؟‬ ‫‪ .140‬جھڙو ان‪ ،‬تھڙو من‪.‬‬ ‫‪ .141‬جيُء خوش‪ ،‬جھان خوش‪.‬‬ ‫‪ .142‬جيڏا اٺ‪ ،‬تيڏا لوڏا‪.‬‬ ‫‪ .143‬جان بچي تو الکون پايا‪.‬‬ ‫‪16‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .144‬جي ٿو ڪڇان ته پٽجن ٿيون مڇان‪ ،‬جي ٿو ڪريان ماٺ ته پوان ٿو‬ ‫ڪاٺ‪.‬‬ ‫‪ .145‬جتي باھ لڳندي‪ ،‬اتيئي سيڪ ايندو‪.‬‬ ‫‪ .146‬جڏھن عقل ٿي ورھايو‪ ،‬تڏھن اوھان جھليا پرڻ‪.‬‬ ‫‪ .147‬جھڙي ڇالي تھڙي پني‪ ،‬ھن الھي ھن کي ڏني‪.‬‬ ‫‪ .148‬جھڙي ڪرڻي‪ ،‬تھڙي ڀرڻي‪.‬‬ ‫‪ .149‬جيڪي ڪري گيھ‪ ،‬سو نه ڪري ماُء پيُء‪.‬‬ ‫‪ .150‬جھڙو ٻج‪ ،‬تھڙو سلو‪.‬‬ ‫‪ .151‬جڏھين ڪڏھين سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو‪.‬‬ ‫‪ .152‬جني تو ئي تات‪ ،‬تن پڻ آھي تنھنجي‪.‬‬ ‫‪ .153‬جتي پاڻي‪ ،‬تتي پاڻ‪.‬‬ ‫‪ .154‬جنڊ ۾ ٻڪي؛ گھوٽ‪-‬ماُء ڍڪي‪.‬‬ ‫‪ .155‬جنڊ کڻ ته جنڊ ڳؤرو‪ ،‬پڙ کڻ ته پڙ ڳؤرو‪.‬‬ ‫‪ .156‬جڏھن ٻورا ٿي سبيا‪ ،‬تڏھن گڏھن ٿي رنو‪.‬‬ ‫‪ .157‬جتي پڄڻ نه آھي ڪم‪ ،‬اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو‪.‬‬ ‫‪ .158‬جھڙي ٻني تھڙو ٻج‪ ،‬ان جي سلي کان به ڊڄ‪.‬‬ ‫‪ .159‬جيسين ساھ سرير ۾ تيسين ڪر ڀلو‪.‬‬ ‫‪ .160‬جو سک گھر دواري‪ ،‬سو سک بلخ نه بخاري‪.‬‬ ‫‪ .161‬جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته طمع ڇڏ تمام‪.‬‬ ‫‪ .162‬جڙيَء کي جس آھي‪.‬‬ ‫‪ .163‬جيڏي سوڙ‪ ،‬تيڏو سيُء‪.‬‬ ‫‪17‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .164‬جواريَء جي جوِء؛ کن ۾ کلي‪ ،‬منٽ ۾ ميڪي‪ ،‬جي مڙسس اچي کٽي‪،‬‬ ‫ڏند ويٺي ڇيڪي‪ ،‬جي مڙسس اچي ھارائي‪ ،‬پار ڪڍي پٽي پيڪي‪.‬‬ ‫‪ .165‬جنھن جو رب‪ ،‬تنھن جو سڀ‪ .‬جسڪي الٺي‪ ،‬اس ڪي ڀينس‪.‬‬ ‫‪ .166‬ڄٽئون (سنڌ ۾ مسلمانن الِء اکر) نه وسھون (اعتبار ڪرڻ)‪ ،‬وسھون ته‬ ‫مسھون (نقصان پائڻ)‬ ‫‪ .167‬ڄڀ الھي کڻي ڪلھي تي رکي اٿس‪.‬‬ ‫‪ .168‬ڄمندي ئي ڄام ھو (ھوشيار)‪.‬‬ ‫‪ .169‬ڄٽ (ھندن جو مسلمانڪو اکر)‪ ،‬ڦٽ‪ ،‬ٽٽ ٻڌا ڀال آھن‪.‬‬ ‫‪ .170‬ڄٽ پڙھيو‪ ،‬اهلل اڙيو‪.‬‬ ‫‪ .171‬ڄٽن رکيا روزا ته ڏينھن به ٿيا وڏا‪.‬‬ ‫‪ .172‬چٽي چنيجن جي‪ ،‬وڃي پرڻ تي پيئي‪( .‬سنڌ جي ساھتيَء جا ٻه ڳوٺ)‪.‬‬ ‫‪ .173‬چڱائيَء کي چار‪ ،‬ڳڻي ھڻجن موچڙا‪.‬‬ ‫‪ .174‬چمڙي وڃي پر دمڙي (اڌ پائيَء کان به ننڍو سڪو) نه وڃي‪.‬‬ ‫‪ .175‬چريَء کي چوڙو‪ ،‬ڪڏھن ڄنگھ ۾ ڪڏھن ٻانھن ۾‪.‬‬ ‫‪ .176‬چريَء کي ڄائو پٽ‪ ،‬چمي چٽي ماري وڌائينس‪.‬‬ ‫‪ .177‬چڱن مان چڱائي ٿيندي آھي‪.‬‬ ‫‪ .178‬چريا ڏيئي چار‪ ،‬واڇان وٺجي ھڪڙي‪.‬‬ ‫‪ .179‬چار دنون ڪي چاندني ڦير انڌيري رات‪.‬‬ ‫‪ .180‬چرئي کي ڇيڙيو آ چئن گارين الِء‪.‬‬ ‫‪ .181‬چرين ڪھڙا چت‪ ،‬مئن ڪھڙا معامال‪.‬‬ ‫‪ .182‬چور جي ماُء ڪنڊ ۾ روئي‪.‬‬ ‫‪ .183‬چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوھ تي ڳولھي لھندو آھي‪.‬‬ ‫‪18‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .184‬خوشيَء جھڙي خوراڪ ڪانھي‪ ،‬ڳڻتيَء جھڙو مرض ڪونھي‪.‬‬ ‫‪ .185‬خان جي گھوڙي وانگر وڃي ٿو ڳرندو‪( .‬خان پڇيو نوڪر کان؛ ابا‬ ‫گھوڙي کي گاھ ڏنئه؟ جواب مليس؛ ھا‪ .‬ابا گھوڙي کي پاڻي ڏنو‬ ‫اٿيئي؟ ته به جواب مليس؛ ھا سائين‪ .‬ھوڏانھن ملندس ڪجھ ڪو نه ۽‬ ‫خان جو گھوڙو ويندو ڏٻرو ٿيندو‪).‬‬ ‫‪ .186‬خون ۽ کستوري‪ ،‬ڳجھا ڪين رھن‪( .‬کستوري= اوچي خوشبوِء)‪.‬‬ ‫‪ .187‬خالي گھڙو‪ ،‬وڄي گھڻو‪.‬‬ ‫‪ .188‬دان ڪجي ساڄي ھٿ سان جيئن کاٻي ھٿ کي به خبر نه پوي‪).‬‬ ‫‪ .189‬ديس چوري‪ ،‬پرديس بکيا‪.‬‬ ‫‪ .190‬دوڌ ڪا دوڌ‪ ،‬پاني ڪا پاني‪( .‬سچ ظاھر ٿي بيھڻ)‬ ‫‪ .191‬دعا‪ ،‬سڪا وڻ ساوا ڪري‪.‬‬ ‫‪ .192‬دنيا؛ ھڪ مسافرخانو آ‪.‬‬ ‫‪ .193‬دنيا‪ ،‬جنھن کي چئجي ٿو‪ ،‬سا پاڻ مسافرخانو آھي‪.‬‬ ‫‪ .194‬دنيا دو رنگي آھي‪.‬‬ ‫‪ .195‬دل کوٽي‪ ،‬عذر گھڻا‪.‬‬ ‫‪ .196‬دال آھي ٻچن پال‪.‬‬ ‫‪ .197‬دير پيا درست ٿيا‪.‬‬ ‫‪ .198‬ڏاھو ڪانُء ٻه‪-‬ٽنگو ڦاسي‪.‬‬ ‫‪ .199‬ڏيڻ ۽ ڏيھ ڇڏڻ‪ ،‬ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي‪.‬‬ ‫‪ .200‬ڏک سکن جي سونھن‪ ،‬گھوريا سک ڏکن ريَء‪.‬‬ ‫‪ .201‬ڏي ڪڻو ته مليئي گھڻو‪.‬‬ ‫‪ .202‬ڏئي مٿان‪ ،‬پر ڪنھن جي ھٿان‪.‬‬ ‫‪19‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .203‬ڏئي ڏاتار‪ ،‬چور ڦاٽي ڀانڊار ڪي‪.‬‬ ‫‪ .204‬ڏٺو سڀ وسار‪ ،‬اڻ ڏٺي کي ياد ڪر‪.‬‬ ‫‪ .205‬ڏائڻ به ھڪ گھر ٽاريندي آھي‪.‬‬ ‫‪ .206‬ڏئي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي‪.‬‬ ‫‪ .207‬ڏيراڻي توڙ جي ويرياڻي‪.‬‬ ‫‪ .208‬ڏندين آڱريون اچي وڃڻ‪( .‬اچرج ۾ پئجي وڃڻ)‪.‬‬ ‫‪ .209‬ڏيڏري به چوي ٿي؛ ھل مئا! راڻي ٿو ڳالھائين‪( .‬سڀ ڪو پاڻ کي سھڻو‬ ‫ٿو سمجھي‪ .‬ڏيڏري به)‪.‬‬ ‫‪ .210‬ڏندين ڏاند آھي (مڙس ماڻھو آھي)‪.‬‬ ‫‪ .211‬ڏڌو کير ٿڻن ۾ واپس نه ويندو آھي‪( .‬جيڪي به ڪجي سوچي سمجھي‬ ‫ڪجي‪).‬‬ ‫‪ .212‬ڏاڍو سو گابو‪( .‬زور واري ماڻھوَء جي سرسي آھي)‪.‬‬ ‫‪ .213‬ڏڌ‪ُ -‬ڦٽيَء وارا آھن‪( .‬مڇيَء مانيَء وارا آھن)‪.‬‬ ‫‪ .214‬ڏينھن جا تارا ڏيکاريندوسانِء‪( .‬سخت سزا ڏيندوسانِء)‬ ‫‪ .215‬ڏاچي لھي ڏھ ته توڏو لھي تيرھن‪( .‬ڏاچي= مادي اٺ جي‪ .‬توڏو؛ اٺ جو‬ ‫ننڍي عمر وارو ٻار)‪.‬‬ ‫‪ .216‬ڏيھ چوي ڏيرياڻي نه چوي‪( .‬گھر جي ماڻھن جو چوڻ نه وڻندو آھي)‪.‬‬ ‫‪ .217‬ڏجي نه‪ ،‬ته ڏکوئجي به نه‪.‬‬ ‫‪ .218‬ڏٻري ڍور تي مڇر به گھڻا‪( .‬تڪليفون گھڻيون)‬ ‫‪ .219‬ڏنو ٻنو آھي‪( .‬دان ڪرڻ مان پاڻ کي فائدو آھي)‪.‬‬ ‫‪ .220‬ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا‪( .‬جيڪي ڪري سو بحال)‪.‬‬

‫‪20‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .221‬رڍن (ٻوڙن‪ ،‬نه ٻڌندڙن) اڳيان رباب (ساز) وڄائيندي ورھيه ٿيا (ڪو به‬ ‫اثر ڪو نه)‪.‬‬ ‫‪ .222‬بن ڪمائيَء نانڪا‪ ،‬مون کي ساڌن جھڙو ڪر‪.‬‬ ‫‪ .223‬رکي سڪي ماني کائي‪ ،‬ٺنڊا پاني پي‪( .‬سنتوش ۾ رھ)‪.‬‬ ‫‪ .224‬رن به ويئي ته رلھي به کڻي ويئي‪( .‬گھر جو سامان)‪.‬‬ ‫‪ .225‬راجا جي گھر موتين جو ڪال؟‬

‫‪ .226‬روزا ۽ نمازون‪ ،‬اي پڻ چڱو ڪم‪ ،‬پر ُاو ڪو ٻيو فھم (راز)‪ ،‬جنھن‬ ‫سان پسجي پرينَء کي‪.‬‬ ‫‪ .227‬راز ۾ آھي ته مکڻ ماکي‪ ،‬نه ته آھي تکي پاڪي‪.‬‬ ‫‪ .228‬رلينگا پنيگا ھوئينگا خراب‪ ،‬پڙھينگا لکينگا ھوئينگا نواب‪.‬‬ ‫‪ .229‬ري ڪوٺيا احمق‪ ،‬سڙڪ کڻي ڊوڙ‪( .‬بنا ڪوٺئي ڪنھن مجلس تي وڃڻ)‪.‬‬ ‫‪ .230‬رت ڪٽورو ڏيئي (محنت ڪري) ٿو ڀت ڪٽورو وٺجي‪.‬‬ ‫‪ .231‬زبان ٻه‪-‬ڌاري ترار آھي‪.‬‬ ‫‪ .232‬زالون ڀولن کي به پياريون آھن‪.‬‬ ‫‪ .233‬ڍُء جھليندي آ ھڪ مينھن‪ ،‬ٻيو ڀاڀڙو‪.‬‬ ‫‪ .234‬سوريَء مان ڪنڊو ٿيو آھي‪.‬‬ ‫‪ .235‬سوٽي ھجي ساڻ گڏھ گوھي نه ڪري‪.‬‬ ‫‪ .236‬سڪن گڏ آال به سڙي وڃن‪.‬‬ ‫‪ .237‬سيوھاڻي چريا ڀتر ڍوئن گھر ڏي‪.‬‬ ‫‪ .238‬سؤ ڪري سينگار ته به کودڙيَء (گڏھ) پٽ کودڙو‪.‬‬ ‫‪ .239‬ستنام جانڪا بل ھئه تانڪو ڏر ناھين‪.‬‬ ‫‪ .240‬سائي کي سھي ڪو نه بکئي کي ڏئي ڪو نه‪.‬‬ ‫‪21‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .241‬سڃو سائينَء کان ڏاڍو‪.‬‬ ‫‪ .242‬سڃي کان سائو ڀلو‪ ،‬سائي مان سؤ سک‪.‬‬ ‫‪ .243‬سھڻا ٽوھ (گدرن وانگر پر زھر جھڙا ڪؤڙا) پٽن تي پيا آھن‪.‬‬ ‫‪ .244‬سونھن سڪي‪ ،‬سنت کائي‪ ،‬سنت جھڙو ڪو ئي ناھي‪.‬‬ ‫‪ .245‬سائي کي سون (خوشامندڙيا) سالمي‪.‬‬ ‫‪ .246‬سنگ تاري‪ ،‬ڪسنگ ٻوري‪.‬‬ ‫‪ .247‬سکڻي ڪني‪ ،‬گھڻو اڀامي‪.‬‬ ‫‪ .248‬سکڻي دعا‪ ،‬پٽ برابر‪.‬‬ ‫‪ .249‬سڃ پيئي واڪا ڪري‪.‬‬ ‫‪ .250‬سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي‪ ،‬پر ڪين ڪڏھن سا ٻڏي‪.‬‬ ‫‪ .251‬سچ ته بيٺو نچ‪.‬‬ ‫‪ .252‬سدورا پٽ پينگھي ۾ پڌرا‪.‬‬ ‫‪ .253‬ستيون به فرق تڏھين ڪن جڏھين امر ٿئي ان جو‪.‬‬ ‫‪ .254‬سونارو ماُء جي نٿ مان به ڪو نه ٽري‪.‬‬ ‫‪ .255‬ساال شينھن کي به پيارا آھن‪.‬‬ ‫‪ .256‬سوناري جا سؤ ڌڪ‪ ،‬لوھار جو ھڪ ئي بس آ‪.‬‬ ‫‪ .257‬سڀ ڏينھن ڍڪيل‪ ،‬عيد ڏينھن اگھاڙو‪.‬‬ ‫‪ .258‬سڀيئي رڍون ٻوٿ ڪاريون‪.‬‬ ‫‪ .259‬ساڌن ڪھڙا سواد‪ ،‬موئن ڪھڙا معامال‪.‬‬ ‫‪ .260‬ساڌو‪ ،‬ٻه ھٿ واڌو‪.‬‬ ‫‪ .261‬سچ مرچان‪ ،‬ڪوڙ ڳڙ‪ ،‬پير پئسو‪ ،‬زال گر‪.‬‬ ‫‪ .262‬سڄن پيٽان وڍيا‪ ،‬وڍين پيٽان سڄا ڄمن‪.‬‬ ‫‪22‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .263‬سڀ ڳالھ ۾ ٻوڪ ڏيئي ويٺي آھي‪.‬‬ ‫‪ .264‬سوڙ آھر پير ڊگھيرڻ‪.‬‬ ‫‪ .265‬سؤ ڏيئي پاڙو وٺجي‪ ،‬سؤ ڏيئي پاڙو ڇڏجي‪.‬‬ ‫‪ .266‬سج‪ ،‬ٻه پاڇا آھي‪.‬‬ ‫‪ .267‬سيرو کاڌو‪ ،‬پاتل ڦاٽي‪.‬‬ ‫‪ .268‬سج تريَء ھيٺان ڪو نه لڪندو آھي‪.‬‬ ‫‪ .269‬سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي لنگھائي رکجي‪.‬‬ ‫‪ .270‬سدائين سھندن مار آھي‪.‬‬ ‫‪ .271‬سپ نه ماري‪ ،‬سپ جو سيئاندو ماري‪.‬‬ ‫‪ .272‬صبر جنين جو سير‪ ،‬تير نه گسي تن جو‪.‬‬ ‫‪ .273‬صدقي (قرباني) جي ٻڪري آھي‪.‬‬ ‫‪ .274‬ٽٽونَء (رول گھوڙو) کي ٽارو‪ ،‬تازيَء کي اشارو‪.‬‬ ‫‪ .275‬ٽانِء ۾ ٿو ڇڄي‪( .‬وڏائيَء ۾ ڀريل)‬ ‫‪ .276‬ٽھلراماڻين جي ٽيب وڏي‪ ،‬ڏين وٽي‪ ،‬وٺن ٿالھ‪ ،‬ته به چون؛ اسان جي‬ ‫وٽي وڏي‪.‬‬ ‫‪ .277‬ٽڪريَء کي ٿيا سور‪ ،‬ڄائي ھڪڙي ڪئي‪( .‬ڏيکاُء وڏو‪ ،‬نتيجو ڪجھ‬ ‫به نه)‪.‬‬ ‫‪ .278‬ٽڪي ٿو ٽانڊو کڻائي‪( .‬وڏائي شاھوڪاريَء جو ڏيکاُء ڪرڻ)‪.‬‬ ‫‪ .279‬ٿوري کٽئي‪ ،‬گھڻي برڪت‪.‬‬ ‫‪ .280‬شينھن ڪلھي چڙھي آھي‪.‬‬ ‫‪ .281‬شال مٽرن مت اچيس‪.‬‬ ‫‪ .282‬شخيَء کان شوم ڀال جو ترت ڏئي جواب‪.‬‬ ‫‪23‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .283‬شاھوڪار جو سالو سڏائڻ ۾ به فخر‪ ،‬غريب جو ڀيڻيويو ڪوٺائڻ ۾ به‬ ‫شرم ٿو اچين‪.‬‬ ‫‪ .284‬شادي ڪري ڏس‪ ،‬جاِء جوڙائي ڏس‪.‬‬ ‫‪ .285‬شاباس الِء پيئي مٿو ڪوڙائي (ساھيڙين کي کارائي پياري)‬ ‫‪ .286‬ڪامورو‪ ،‬مئو به نه اورانگھجي‪( .‬ان کان ڊڄي ھلجي)‪.‬‬ ‫‪ .287‬ڪس کائبي ته رس رھندي‪( .‬پريم رھندو)‪.‬‬ ‫‪ .288‬ڪسيري (اڌ پئسو) جي ڪتي‪ ،‬ٽڪي جا کائي ٽڪر‪( .‬ٽڪو= ٻه پئسا)‬ ‫‪ .289‬ڪنو گدرو پترن (شراڌ‪ ،‬ڌرمائو)حوالي‪.‬‬ ‫‪ .290‬ڪڇي جو ڦاڙي‪ ،‬سو نه کاڄاري‪.‬‬ ‫‪ .291‬ڪارو وھي ڪٻري وٽ‪ ،‬رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي‪.‬‬ ‫‪ .292‬ڪٿي چور سڃا ته ڪٿي ڍور سڃا‪.‬‬ ‫‪ .293‬ڪاري واري ٿي وسائي (تمام گھڻو پٽڻ)‪.‬‬ ‫‪ .294‬ڪک ڀڃي ٻه به ڪو نه ڪري‪( .‬تمام سست)‪.‬‬ ‫‪ُ .295‬‬ ‫ک ئي کرجي پيم‪( .‬اوالد ڪنن لڇڻن وارو)‪.‬‬ ‫ڪ ِ‬ ‫‪ .296‬ڪٿي ھڪ‪ ،‬ڪٿي ٻه‪ ،‬ھتي ته کبڙ ئي (پيرن جو وڻ) کرجي پيو آھي‬ ‫(يعني گھر جا سڀ ٻار)‪.‬‬ ‫‪ .297‬ڪو ڌڪ رحماني (پيار جو)‪ ،‬ڪو ڌڪ شيطاني‪.‬‬ ‫َ‬ ‫ڪانو وانگر پيو ٽان ٽان ڪري (بڪ بڪيو)‪.‬‬ ‫‪.298‬‬ ‫‪ .299‬ڪن جو روئڻ به راحت‪ ،‬ڪن جو کلڻ به خواري‪.‬‬ ‫‪ .300‬ڪک به نه نندجي‪ ،‬ڪک وڏي وٿ‪ ،‬اڏي پويئي جي اک ۾‪ ،‬ته گھڻو‬ ‫ڏيئي ڏک!؟‬ ‫‪ .301‬ڪک جو چور سو لک جو چور‪.‬‬ ‫‪24‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .302‬ڪي مون نه وڻن‪ ،‬ڪن مان نه وڻان‪.‬‬ ‫َ‬ ‫ڪانو کي آنورا ھجن ھا ته اڏامندي ڏسجن ھا‪.‬‬ ‫‪.303‬‬ ‫‪ .304‬ڪپاتر پٽ کان سپاتر ڌيَء ڀلي‪.‬‬

‫‪ .305‬ڪنڀر جي گھر ۾ ٻٽا (ڪنن ڀڳل) ُ‬ ‫ڪنان‪.‬‬ ‫‪ .306‬ڪن سان ڪن ڪو نه مئبو‪.‬‬ ‫‪ .307‬ڪني آڱر وڍي ڀلي آ‪.‬‬ ‫‪ .308‬ڪوڙي جي پاڙ ٺڪريَء تي‪.‬‬ ‫‪ .309‬ڪوڙي جي ڊوڙ‪ ،‬کڏ تاِء‪.‬‬ ‫‪ .310‬ڪوڙ ته ڪھڙو صرفو؟‬ ‫‪ .311‬ڪرسيَء کي سالم آ‪.‬‬

‫‪ .312‬ڪاوڙ ٻه‪-‬منھين ترار آ‪.‬‬ ‫‪ .313‬ڪرامت؛ قھر جو گھر آ‪.‬‬ ‫‪ .314‬ڪني سارو (ديڳڙي ۾ رڌل) پاٽ ۾ پوندو‪.‬‬ ‫َ‬ ‫ڪانو کي لڙ ۾ مزو‪.‬‬ ‫‪.315‬‬ ‫‪ .316‬ڪم نه ھجي ته وڃ رائي (ننڍي راجا جي) گھر‪.‬‬ ‫‪ .317‬ڪنو ديڳڙي کي لڳي ته به ڪنو مٺو‪ ،‬ديڳڙو ڪني کي لڳي ته به ڪنو‬ ‫مٺو‪( .‬ضعيف پارٽي ٻنھي پاسي مٺي)‬ ‫‪ .318‬ڪاٽجي نه‪ ،‬پر نانگ واري ڦوڪ نه ڇڏجي‪.‬‬ ‫‪ .319‬ڪر ڀالئي ڄٽ سان ته فيري ھڻيئي پٽ سان‪.‬‬ ‫‪ .320‬ڪنھن پٽي پاراتو ڏنو اٿس‪.‬‬ ‫‪ .321‬ڪنھن سان به پير ڀرجي‪ ،‬اجايو ڪو نه ويندو‪.‬‬ ‫‪ .322‬ڪمائي نه ڪوڏي‪ ،‬خرچڻ الِء کڙي آ‪.‬‬ ‫‪25‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .323‬ڪم لٿو‪ ،‬ڊکڻ وسريو‪.‬‬ ‫‪ .324‬ڪتو به ڪڙم ۾ سونھندو آ‪.‬‬ ‫‪ .325‬گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا‪.‬‬ ‫‪ .326‬گند سان گند ڪو نه مئبو آ‪.‬‬ ‫‪ .327‬گپ ۾ گھڙبو ته ڦينگن ڀر ڪو نه ڊڄبو‪.‬‬ ‫‪ .328‬گھپي ٺڪرن جو پاڻي به سڪائي ڇڏيندي آھي‪.‬‬ ‫‪ .329‬ليٽي پيٽي پنھنجي ذات ڏيکاريائين‪.‬‬ ‫‪ .330‬لھڻي وارو موٽي وڃي‪ ،‬ساعت وارو کائي وڃي‪.‬‬ ‫‪ .331‬اللچ بري بال آ‪.‬‬ ‫‪ .332‬لڳو واُء‪ ،‬ويو ساھ‪.‬‬ ‫‪ .333‬لھڻي‪-‬خور جو کائجي‪ ،‬مھڻي‪-‬خور جو نه کائجي‪.‬‬ ‫‪ .334‬ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي‪.‬‬ ‫‪ .335‬ڳوھ کي کٽي کڻي ته ڳولھي شڪارين جا گھر‪.‬‬ ‫‪ .336‬ڳڻ‪-‬چور نه ٿجي‪.‬‬ ‫‪ .337‬ڳڙ ڳڙڌاڻيون‪ ،‬پٽنس نياڻيون‪.‬‬ ‫‪ .338‬گھر ٻاري ڏياري ڪو نه ڪبي آ‪.‬‬ ‫‪ .339‬گھر جي ڪل ڪل ساوا وڻ به سڪا ڪري‪.‬‬ ‫‪ .340‬گھڻين زالين گھر نه ھلي‪ ،‬گھڻين مڙسين ھر نه ھلي‪.‬‬ ‫‪ .341‬گھر جو پير‪ ،‬چلھ جو مارنگ‪.‬‬ ‫‪ .342‬گھوٽ ڪنوار راضي‪ ،‬ته ڪيا ڪرينگا قاضي‪.‬‬ ‫‪ .343‬گھڙيَء جي سک الِء به ماڻھن مکڻ جي ماڙي جوڙائي آ‪.‬‬ ‫‪ .344‬ھئي اڳيئي نچڻي‪ ،‬ويتر پاتائين گھنگھرو‪.‬‬ ‫‪26‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .345‬ھڪ پٽي‪ ،‬سؤ لٽي‪( .‬ھڪ لٽي‪ ،‬سؤ پٽي)‪.‬‬ ‫‪ .346‬ھڙون ڏيئي ھڻاِء (ڪارج ڪر) ته مالڪ ڏيئي مجرا‪.‬‬ ‫‪ .347‬ھٽ کٽائي‪ ،‬ٿيو حلوو کائڻو‪.‬‬ ‫‪ .348‬ھٿ الئينس ته ھٿ ڪارو‪ ،‬پير الئينس ته پير ڪارو‪.‬‬ ‫‪ .349‬ھندو آھي ھوند سان‪.‬‬ ‫‪ .350‬ھڙ به گاشو‪ ،‬لوڪ تماشو‪.‬‬ ‫‪ .351‬ھنگڻ ٿورو ڦڙ ڦڙ گھڻي (ڪم ٿورو پر ڳالھائڻ گھڻو)‬ ‫‪ .352‬ھي به جو ڪو ٻوٽو ٻاري‪( .‬جي پيرن ڀر بيھي)‪.‬‬ ‫‪ .353‬ھنر واري جو ھنر‪ ،‬بي ھنرئي جي جند‪.‬‬ ‫‪ .354‬ھڪ اڻ ھوند‪ ،‬ٻيو افعال بڇڙا‪.‬‬ ‫‪ .355‬ھن گھر جا ڀاتي جوئارو اٽو آھن‪( .‬ٻڌيَء ۾ نه آھن)‪.‬‬ ‫‪ .356‬ھي منھنجو لنگوٽيو يار آھي‪.‬‬ ‫‪ .357‬ھوند مان نه ڪري ان کي به لعنت‪ ،‬جيڪو اڻ ھوند مان به ڪري ان‬ ‫کي به لک لعنت‪.‬‬ ‫‪ .358‬ھمٿي مڙدان‪ ،‬مددي خدا‪.‬‬ ‫‪ .359‬ھي ھر ديگي چمچو آھي‪( .‬سڀ سان پورو)‪.‬‬ ‫‪ .360‬ھٺ نه ڪجي ھيترو‪ ،‬ھٺ وڃايا وير‪.‬‬ ‫‪ .361‬ھيَء دنيا جنھن کي چئجي ٿو سا پاڻ مسافرخانو آ‪.‬‬ ‫‪ .362‬ھٿ ۾ ڇري ڪڇ ۾ قران‪.‬‬ ‫‪ .363‬ھٿ جي ڪنگڻ کي آرسيَء جي ڪھڙي ضرورت‪.‬‬ ‫‪ .364‬ھي ڪنھن جي وڍيَء تي به مٽڻ وارو ڪو نه آھي‪( .‬ڪنھن جي ڪم نه‬ ‫اچڻ وارو)‪.‬‬ ‫‪27‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .365‬ھڙ حرام‪ ،‬بجڪو حالل‪.‬‬ ‫‪ .366‬ھو َم‪-‬ڏيئو‪ ،‬ھي َم‪-‬ڇڏو‪.‬‬ ‫‪ .367‬ھل چريا‪ ،‬مست ٿا اچني‪.‬‬ ‫‪ .368‬ھر ڪو ھلندو پوِء ڪو اڳي ڪو پوِء‪.‬‬ ‫‪ .369‬ھوائي قلعا پيو بڻائين‪.‬‬ ‫‪ .370‬قرض آھي مرض‪.‬‬ ‫‪ .371‬مالڪ وتن ٻيڙيَء چڙھندا شاھد پيا غوطا کانئين‪.‬‬ ‫‪ .372‬مولى مينھن وساِء ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان‪.‬‬ ‫‪ .373‬مستن تي ناھ ميار يار‪ ،‬مستن جي آ دنيا ڌار‪.‬‬ ‫‪ .374‬ماڻھو بکيو آ مان جو‪ ،‬نه نان جو‪.‬‬ ‫‪ .375‬مرسان مرسان ڊڀ نه چرسان‪.‬‬ ‫‪ .376‬مال پراڻو ڊرا (زور) شاھي‪.‬‬ ‫‪ .377‬منھن ڪؤنئري ڳٽا پٽائي‪.‬‬ ‫‪ .378‬مينھن چوي ٿي گانِء کي ھل ڙي پڇ ڪاري‪.‬‬ ‫‪ .379‬موال! مت جو موڙھو‪ ،‬ڳنڍ جو ڳوڙھو گراھڪ مالئج‪.‬‬ ‫‪ .380‬مروان موت‪ ،‬ملوڪان شڪار‪.‬‬ ‫‪ .381‬ماڻھو مڙيئي نه سھڻا‪ ،‬پکي مڙيئي نه ھنج‪ ،‬ڪنھن ڪنھن ماڻھوَء منجھ‬ ‫اچي بوِء بھار جي‪.‬‬ ‫‪ .382‬ماڻھو ڪڏھن ڀريَء ۾ ته ڪڏھن ڀاڪر ۾‪.‬‬ ‫‪ .383‬منھنجو ڇا وڃي‪ ،‬ڊول يا چمٽو‪.‬‬ ‫‪ .384‬مون ڪو ڄڻيو ھو‪ ،‬اڀ مان جھٽيو ھو‪.‬‬ ‫‪ .385‬مٺي به ماٺ‪ ،‬مٺي به ماٺ‪.‬‬ ‫‪28‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .386‬مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجھو آھي‪.‬‬ ‫‪ .387‬مالن چور‪ ،‬ٻانگو شاھد‪.‬‬ ‫‪ .388‬مکڻ مان وار ڪڍڻ‪.‬‬ ‫‪ .389‬مٺڙا! گھر ته گھرانِء‪.‬‬ ‫‪ .390‬ماُء ڄڻيندي پٽڙا‪ ،‬ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ‪.‬‬ ‫‪ .391‬مڙس ته ڦڏو‪ ،‬نه ته جڏو‪.‬‬ ‫‪ .392‬مان نه مان‪ ،‬مئن تيرا مھمان‪.‬‬ ‫‪ .393‬منڊن جي ملڪ ۾ وڃجي ته ھڪ ٽنگ کڻي لڪائجي‪.‬‬ ‫‪ .394‬مڙد جي کٽي ته زال جي کپي سھيڙ‪.‬‬ ‫‪ .395‬مٺ ڀيڙيائي ڀلي‪ ،‬کلي ٿئي واُء‪.‬‬ ‫‪ .396‬مھانگو روئي ايڪ بار‪ ،‬سستو روئي بار بار‪.‬‬ ‫‪ .397‬مڙد مري ايڪ بار‪ ،‬ڪانئر مري بار بار‪.‬‬ ‫‪ .398‬نه ڪنھنجي کٿي کي ھٿ الئجي‪ ،‬نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي‪.‬‬ ‫‪ .399‬نيم نان‪ ،‬صحت جان‪.‬‬ ‫‪ .400‬نيم طبيب خطري جان‪ ،‬نيم مالن خطري ايمان‪.‬‬ ‫‪ .401‬نيت بد‪ ،‬روٽي رد‪.‬‬ ‫‪ .402‬نادان دوست کان داناُء دشمن ڀلو‪.‬‬ ‫‪ .403‬نئين ڪنوار نو ڏينھن‪ ،‬لٿي پٿي ڏھ ڏينھن‪.‬‬ ‫‪ .404‬نڌڻڪا گھوڙا‪ ،‬غئباڻا ھسوار‪.‬‬ ‫‪ .405‬نيت صاف‪ ،‬مراد حاصل‪.‬‬ ‫نانو چڙھيو واپاري کٽي کائي‪َ ،‬‬ ‫‪َ .406‬‬ ‫نانو چڙھيو چور ڦاھي چڙھي‪.‬‬ ‫‪ .407‬ناڻو نانگي جو‪ ،‬ھٿ جي شاباس‪.‬‬ ‫‪29‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .408‬ناني رڌڻ واري‪ ،‬ڏوھٽا کائڻ وارا‪.‬‬ ‫‪ .409‬نوڙيَء مان نانگ ڪرڻ‪.‬‬ ‫‪ .410‬نام بڙا‪ ،‬ديھ بيران‪( .‬زمين وئران)‪.‬‬ ‫‪ .411‬نام بڙا‪ ،‬درشن ڇوٽي‪.‬‬ ‫‪ .412‬ننڍي مري نه ماُء‪ ،‬وڏي مري نه جوِء‪.‬‬ ‫‪ .413‬ننھن سان ڇڄي ته ڪاتي نه وجھجي‪.‬‬ ‫‪ .414‬نڪ کي مر ڪير الئيندو‪.‬‬ ‫‪ .415‬نام جي گھر ۾ آُء ته نام مليئي‪.‬‬ ‫‪ .416‬نانگن جي ٻرن ۾ ھٿ ڪو نه وجھبا آھن‪.‬‬ ‫‪ .417‬نينگر به ننڍي جمعا به گھڻا‪.‬‬ ‫‪ .418‬وھندڙ ڍڳي کي مارڻ‪.‬‬ ‫‪ .419‬واندامل چي پالھومل ٿو سڏيئي‪.‬‬ ‫‪ .420‬واڻيو سؤ سھي‪ ،‬سوائي نه سھي‪.‬‬ ‫‪ .421‬ويئي سڱن کي‪ ،‬ڪن به ڪپائي آئي‪.‬‬ ‫‪ .422‬وھندڙ پاڻي تاري‪ ،‬بيٺل پاڻي ٻوڙي‪.‬‬ ‫‪ .423‬ونڊ کاِء‪ ،‬سک پاِء‪.‬‬ ‫‪ .424‬وار ته ڦڻي‪ ،‬نه ته ڪوڙاِء کڻي‪.‬‬ ‫‪ .425‬ويئي آھي ٺونگڙو ھڻائڻ‪( .‬جؤن ڪڍائڻ)‪.‬‬ ‫‪ .426‬ويٺو اجائي خاڪ ڇاڻي‪.‬‬ ‫‪ .427‬وٺ ڪجي ھيٺئين کي‪ ،‬ڪري اچي مٿيون‪.‬‬ ‫‪ .428‬ڌڪ ھڻ ڌيُء کي ته سکي ننھن‪.‬‬ ‫‪ .429‬ڌوٻي ڪا ڪتا‪ ،‬نه گھر ڪا نه گھاٽ ڪا‪.‬‬ ‫‪30‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .430‬ڌوڙ مان ڌن ٿي پيو اٿس‪.‬‬ ‫‪ .431‬ڌوٻي ڌوئي مالڪ روئي‪.‬‬ ‫‪ .432‬ٺن ٺن گوپال لڳو پيو آھي‪( .‬ڪجھ به نه آھي)‪.‬‬ ‫‪ .433‬ٺونٺ لڳي ساھيڙي ڀڳي‪.‬‬ ‫‪ .434‬ٺڪر به ٺڪي ٺوڪي وٺبو آھي‪.‬‬ ‫‪ .435‬کاڌي کوھ به کٽي ويندا آھن‪.‬‬ ‫‪ .436‬کڻ کلو ُ‬ ‫(جوتو) ته ٿيئي ڀلو‪.‬‬ ‫‪ .437‬کوھن جا وات بند ڪري سگھبا آھن پر ماڻھن جا وات بند ڪري نه‬ ‫سگھبا آھن‪.‬‬ ‫‪ .438‬کٽ تان لھي اچي پٽ تي پيو آھي‪.‬‬ ‫‪ .439‬کوٽو ڏوڪڙ انڌو ڇوڪر ھڻ ٽڪاڻي جي حوالي‪.‬‬ ‫‪ .440‬کيتي سر سيتي‪.‬‬ ‫‪ .441‬کوھ جي ڏيڏر جيان ڇوٽي دنيا ۾ آھي‪.‬‬ ‫‪ .442‬کوھ جي مٽي کوھ جي حوالي‪.‬‬ ‫‪ .443‬ڊاڪٽر جو يار‪ ،‬سدا بيمار‪.‬‬ ‫‪ .444‬ظلم قائم آھي پر ظالم قائم نه آھي‪.‬‬ ‫‪ .445‬ڇڏي ڏينس ته ڀل منھن ڀت سان لڳيس‪.‬‬ ‫‪ .446‬ڇورا ڇتيَء ذات جا‪ ،‬ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾‪.‬‬ ‫‪ .447‬ڇورن اٺ مسيت تي چاڙھيو ھو‪.‬‬ ‫‪ .448‬غريبي گلزار‪ ،‬موچاري مينگھو چوي‪.‬‬ ‫‪ .449‬عقل ريَء عذاب‪ ،‬گھڻا پسندينَء جندڙي‪.‬‬ ‫‪ .450‬عشق ناھي راند جو کيلنس ڳڀرو‪.‬‬ ‫‪31‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫‪ .451‬ياران موت‪ ،‬عيد برابر‪.‬‬ ‫‪ .452‬يار‪ ،‬ڪلجڳ ناھي‪ ،‬ڪرجڳ آھي‪ ،‬اتيئي ڪر‪ ،‬اتيئي لوڙ‪.‬‬ ‫‪ .453‬ڄڃ پرائي‪ ،‬احمق نچي‪.‬‬

‫‪32‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫ڇپيندڙ‪ :‬شري ماڌوداس جئرامداس ڇٽاڻي (اڇڙا) شري گپتا پرنٽنگ پريس‪،‬‬ ‫الھاس نگر‪.۳-‬‬ ‫ڇپائيندڙ‪ :‬دليپ چيتنراِء ٽھلراماڻي‪ ،۳۳۲۲/۱۱۱ ،‬پنت نگر‪ ،‬گھاٽڪوپر (ايسٽ)‪،‬‬ ‫بمبئي‪۴۰۰۰۷۵-‬‬

‫‪33‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌي جاتيَء کي سنڌي پهاڪن جي سوغات‬

‫ڪتاب بابت نوٽ‪:‬‬ ‫(ھيُء ڪتاب‪۱۹۸۳ ،‬ع ڌاري انڊيا ۾ ڇپيو‪ .‬جيڪو ھت اڻ لڀ ھيو‪.‬‬ ‫ان جو ھڪڙو ڇاپي نسخو‪ ،‬ھن وقت قاسميه الئبرري ڪنڊيارو ۾‬ ‫موجود آھي‪ .‬سائين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السندي صاحب جن‬ ‫کان ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي راقم کي موصول ٿي آھي‪.‬‬ ‫ليکڪ جو واسطو‪ ،‬ساھتيَء جي شھر ڀريا سان پڻ ھيو جو سندس‬ ‫امڙ ۽ ناناڻا اتان جا ھيا‪ .‬ان ڪري به ھن ڪتاب جي منظر عام تي‬ ‫آڻڻ جي اشد ضرورت ھئي جو اڳي ساھتيَء سان وابسته پھاڪن ۽‬ ‫چوڻين جو فقط‪ ،‬ڪيرت مھرچنداڻيَء جو لکيل ھڪڙو ڪتاب‪ ،‬چونڊ‬ ‫سنڌي چوڻيون‪ ،‬ڇاپي صورت ۾ عام آڏو آيو آھي‪ .‬مرحوم غالم‬ ‫قادر سومرو جو واسطو به ساھتيَء جي شھر ٺاروشاھ سان ھيو‪،‬‬ ‫جنھن پڻ ساھتيَء جا پھاڪا ۽ چوڻيون ڪٺيون ڪري ڪتاب ترتيب‬ ‫ڏنو ھيو‪ ،‬جيڪو شايد ڇپجي نه سگھيو جو راقم جي نظر تي نه‬ ‫چڙھيو آھي‪.‬‬ ‫بھرحال‪ ،‬چيتنرام بولچند ٽھلراماڻي جو ترتيب ڏنل ڪتاب‪ ،‬سنڌي‬ ‫جاتيَء کي سنڌي پھاڪن جي سوغات‪ ،‬قارئين جي استفادي الِء‪ ،‬اي‪-‬‬ ‫ورشن جي صورت ۾‪ ،‬پيش ڪجي ٿو‪ - .‬انجنيئر عبدالوھاب سھتو)‬

‫‪34‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬





































Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.