برهمڻ آباد _ ڪلان ڪوٽ _ ٺٽوي ڪاتيار

Page 1

www.sindhsalamat.com

1


‫(ٺٽي جي وکريل تاريخ – ‪)2‬‬

‫برهمڻ آباد ‪ /‬ڪالن ڪوٽ‬ ‫(راؤڙ ‪ /‬رياتڙو حصو ٻيو)‬

‫ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو‬ ‫‪2018‬ع‬

‫ڊجيٽل ايڊيشن‪:‬‬ ‫‪2018‬ع‬

‫سنڌ سالمت ڪتاب گهر‬ ‫‪2‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ‬ )‫ رياتڙو حصو ٻيو‬/ ‫ڪالن ڪوٽ (راؤڙ‬/‫برهمڻ آباد‬

:‫ڪتاب جو نالو‬

‫تاريخ‬

:‫صنف‬

)‫ٺٽوي ڪاتيار )ذوالفقار علي ڪاتيار‬

:‫ليکڪ ۽ محقق‬

‫ع‬2018 ،‫پهريون‬

:‫ڇاپو‬

‫پنج سئو‬

:‫تعداد‬

‫لياقت علي ڪاتيار‬

:‫ڪمپوزنگ‬

‫شوڪت علي ۽ نثار علي ڪاتيار‬

:‫پروف ريڊنگ‬

‫ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو‬

:‫ڇپائيندڙ‬

‫ايڊوانس پرنٽنگ ايجنسي حيدرآباد‬

:‫ڇاپيندڙ‬

.‫ ضلع ٺٽو‬،‫ ورڪرز ڪالوني ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري‬،‫ڪاتيار هائوس‬

:‫لکپڙهه الِء ڏس‬

‫ روپيا‬200/=

:‫ُملهه‬

Book Name: BARHMINABAD / KALANKOT (Rawar / Rayatro Part II) Genre: History By: Thattvi Katiar (Zulfiqar Ali Katiar) Edition: First, 2018 Quantity: 500 Composing: Liaquat Ali Katiar Proofreading: Shoukat Ali & Nisar Ali Katiar Published by: Katiar Publication Thatta Printed by: Advance Printing Agency Hyderabad Contact Address: Katiar House, Workers Colony, Thatta Cement Factory District Thatta. Prize: Rs. 200/= www.sindhsalamat.com

3


‫الر ِحي ِم‬ ‫ِب ْس ِم ا ِ‬ ‫الر ْحم ِن َّ‬ ‫هلل َّ‬

‫ارپنا‬ ‫پنهنجي ٻي محنت‪ ،‬ٻيو قلمي پورهيو پيار ۽ پاٻوهه مان‬

‫پنهنجي ڀائرن‬

‫هر هڪ‬

‫شوڪت علي‪ ،‬لياقت علي‪،‬‬ ‫آصف علي ۽ نثار علي ڪاتيار‬ ‫جن کي ارپيان ٿو‪ .‬جيڪي ُمنهنجي زندگي آهن‪.‬‬ ‫سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڀائر انسان جا بازو هوندا آهن‪.‬‬ ‫بازو ته هر انسان جا ٻه ٿيندا آهن‪ ،‬پر مالڪ سائين مونکي‬ ‫چار ڀائرن جي صورت ۾چاليهه بازو ڏيئي ڇڏيا آهن‪،‬‬ ‫جنهن الِء آئون هر وقت مالڪ سائين جو شڪر گذار آهيان‪.‬‬ ‫ان سان گڏوگڏ پنهنجي‬

‫ٽن ڀينرن(سسٽرس)‬

‫جي نانُء‬

‫جيڪي هر وقت منهنجي الِء دعاگو رهنديون آهن‪.‬‬ ‫دعا آهي ته اهلل پاڪ منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو ساٿ‬ ‫تاقيامت قائم ۽ دائم رکي‪ .‬آمين‬ ‫‪4‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌ سالمت پاران ‪:‬‬ ‫سنڌ سالمت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب‬ ‫”برهمڻ آباد ‪/‬ڪالن ڪوٽ“ اوهان اڳيان پيش آهي‪ .‬محترم ٺٽوي‬ ‫ڪاتيار پاران ٺٽي جي وکريل تاريخ کي سهيڙڻ جي سلسلي جي هي‬ ‫ٻي ڪڙي آهي‪ .‬ان کان اڳ ”راوڙو يا رياتڙو“ جي عنوان سان ليکڪ‬ ‫هڪ ڪتاب لکي چڪو آهي‪ .‬گل حسن ڪلمتي لکي ٿو‪:‬‬ ‫”ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن‬ ‫کي ڳولڻ ۾ مدد ملندي‪ ،‬خاص ڪري راؤڙ‪ ،‬برهمڻ آباد‪ ،‬منصوره‪،‬‬ ‫محفوظه‪ ،‬ساوندي‪ ،‬بهرور‪ ،‬دهليله‪ ،‬ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت‬ ‫ڪافي بحث ڪيل آهي‪ .‬هن نيون کوجنائون ڪيون آهن‪ ،‬جنهن الِء‬ ‫هن وٽ دليل به آهن‪ .‬هو هوائي ڳالهيون نٿو ڪري‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫سان اختالف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس دليلن ۽ ثبوتن سان‬ ‫اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو‪ .‬هن جي ڪم تي ڇنڊڇاڻ‬ ‫کانپوِء اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين‪“.‬‬ ‫هي ڪتاب ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو پاران ‪2018‬ع ۾ ڇپايو ويو‬ ‫آهي‪ .‬ٿورائتا آهيون ذوالفقار علي ڪاتيار ٺٽوي جا جنهن ڪتاب سنڌ‬ ‫سالمت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڪاپي موڪلي‪.‬‬

‫محمد سليمان وساڻ‬

‫مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )‬ ‫سنڌ سالمت ڊاٽ ڪام‬ ‫‪sulemanwassan@gmail.com‬‬ ‫‪www.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪books.sindhsalamat.com‬‬ ‫‪5‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫فهرست‬ ‫سيريل‬

‫عنوان‬

‫نمبر‬

‫صفحو‬

‫‪01‬‬

‫مهاڳ (گل حسن ڪلمتي)‬

‫‪7‬‬

‫‪02‬‬

‫تاثرات (عبدالرشيد گبول)‬

‫‪18‬‬

‫‪03‬‬

‫تاثرات (عبدالحميد سومرو)‬

‫‪21‬‬

‫‪04‬‬

‫تاثرات (موالنا عبدالقيوم اوٺار نعيمي)‬

‫‪23‬‬

‫‪05‬‬

‫تاثرات (فقير محمد اڪرم مڱڻهار)‬

‫‪24‬‬

‫‪06‬‬

‫پنهنجي پاران‬

‫‪25‬‬

‫‪07‬‬

‫باب پهريون‪ :‬برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياَء جا وهڪرا‬

‫‪32‬‬

‫‪08‬‬

‫(ڪوٽ)‬ ‫باب ٻيو‪ :‬سنڌ جا ٻه گمنام قلعا‪ ،‬بهرور ۽ دهليله‬ ‫َ‬

‫‪47‬‬

‫‪09‬‬

‫باب ٽيون‪ :‬برهمڻ آباد يا ڪالن ڪوٽ‬

‫‪56‬‬

‫‪10‬‬

‫باب چوٿون‪ :‬منصوره يا پيرپٺو‬

‫‪88‬‬

‫‪11‬‬

‫باب پنجون‪ :‬ساوندي يا ٿرڙي (گجو)‬

‫‪100‬‬

‫‪12‬‬

‫باب ڇهون‪ :‬اگهم ڪوٽ يا پير درس داد (غالم اهلل)‬

‫‪108‬‬

‫‪13‬‬

‫باب ستون‪ :‬سسئي جو جنم ڀومي (ٻاٻڙا)‬

‫‪120‬‬

‫‪14‬‬

‫باب اٺون‪ :‬قصو سهڻي ۽ ميهار جو (تلو ۽ ساهڙڪو ڍنڍ)‬

‫‪128‬‬

‫‪15‬‬

‫ضميمو (ڪتاب‪ :‬راؤڙ‪/‬رياتڙو)‬

‫‪137‬‬

‫‪16‬‬

‫ببليو گرافي (ڪتابيات)‬

‫‪140‬‬

‫‪17‬‬

‫ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب‬

‫‪144‬‬

‫‪18‬‬

‫ليکڪ جو تعارف‬

‫‪145‬‬

‫‪6‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫مهاڳ‪:‬‬ ‫الڙ پٽيَء جو نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫الڙ پٽيَء جي نوجوان ليکڪ ٺٽوي ڪاتيار جو هي ٻيو ڪتاب آهي‪،‬‬ ‫جنهن ۾ هن پهرين ڪتاب “راؤڙ‪/‬رياتڙو” وانگرسنڌ جي گمنام تاريخ ۽ ماڳن‬ ‫کي پڌرو ڪيو آهي‪ .‬عرب ۽ راجا ڏاهر جي جنگ واري ميدان راؤڙ کي ٺٽوي‬ ‫ڪاتيار جنهن نموني دليلن ۽ ثبوتن سان ظاهر ڪيو آهي‪ ،‬اهو هڪ وڏو ڪم‬ ‫آهي پر الڙ پٽي جي گمنام عالئقي سان تعلق هجڻ ڪري هن جي ڪتاب کي‬ ‫جيڪا پذيرائي ملڻ گهرجي‪ ،‬اها نه ملي سگهي پر هو مايوس نه آهي‪ُ ،‬هن اهو‬ ‫وچن ڪيو آهي ته سنڌ جي گمنام ۽ وکريل تاريخ کي هو نروار ڪندو‪ .‬جن‬ ‫ماڳن بابت وڏا محقق مونجهاري جو شڪار آهن‪ ،‬ٺٽوي ڪاتيار انهن قديمي‬ ‫ماڳن کي ظاهر ڪري رهيو آهي‪ .‬ايڏي وڏي ڪم تي سچ هو َجس لهي‪.‬‬ ‫ٺٽو سنڌ جي الڙ پٽيَء جو هڪ قديم ۽ تاريخي عالئقو رهيو آهي‪.‬‬ ‫“ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا جلد ‪ ”1‬۾ آهي ته الڙ سنڌ سڪاديپ سڏبي‬ ‫هئي‪ .‬اهو خطو جنهن کي ڏاکڻي سنڌ به چيو ويندو هو‪ ،‬مشهور ۽ شاهوڪار‬ ‫رهيو آهي‪ .‬هي خطو خاص ڪري ننگر ٺٽو تاريخي‪ ،‬علمي‪ ،‬ادبي‪ ،‬تهذيبي ۽‬ ‫ثقافتي مرڪز رهيو آهي‪ .‬ٺٽي ۾ هر قسم جا هنرمند ۽ واپاري رهندا هئا‪ .‬هي‬ ‫خطو پنهنجي سامونڊي ڪناري ۽ تاريخي بندرن توڙي دريائي بندرن ڪري‬ ‫واپار جو مرڪز رهيو آهي‪ .‬پوري دنيا سان سنڌ جو رابطو انهن بندرن وسيلي‬ ‫ر هيو آهي‪ .‬خوبصورت ساحلي ڪناري‪ ،‬مشهور بندرن‪ ،‬وڻج واپار ۽ زراعت‬ ‫ڪري‪ ،‬سنڌ جي زرخيزي‪ ،‬حملي ڪندڙن کي هرکايو آهي‪ .‬ڪيانين کان وٺي‬ ‫عربن تائين پوِء مغلن کان وٺي ترخانن تائين حمال ٿيندا رهيا آهن‪ .‬موسمي‬ ‫حالتن‪ ،‬حملي ڪندڙن جي تباهي ۽ خود پنهنجن جي سارسنڀال نه لهڻ ڪري‬ ‫تاريخ جا اهڃاڻ ختم ٿي ويا آهن‪ ،‬جيڪي ڪجهه بچيا آهن اهي به تيزي‬ ‫سان سارسنڀال نه لهڻ ڪري‪ ،‬اڏاوتن ڪري ۽ موسمي حالتن ڪري ختم ٿي‬ ‫‪7‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫رهيا آهن‪ .‬کوجنا ته پري جي ڳالهه پر اسان انهن جي حفاظت به نه ڪري‬ ‫سگهيا آهيون‪.‬‬ ‫‪712‬ع ۾ عرب حملي ڪندڙ محمد بن قاسم‪ ،‬برهمڻ گهراڻي جي‬ ‫آخري حڪمران راجا ڏاهر سان پهرين ديبل ۽ پوِء راؤڙ ۾ آخري معرڪو ٿيو‪،‬‬ ‫جنهن ۾ سنڌين کي شڪست ٿي‪ ،‬سنڌ تي عربن قبضو ڪيو‪ .‬اسان اڃان‬ ‫ديبل ۽ راؤڙ کي ڳولي نه سگهيا آهيون‪ .‬راؤڙ تي بحث هلندڙ آهي ته اهو ڪٿي‬ ‫آهي؟ باقي ڀنڀور جهڙي درياهي بندر کي تڙ تڪڙ ۾ ديبل چئي اسان پنهنجي‬ ‫جان آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي‪.‬‬ ‫راؤڙ جي باري ۾ اسان جا محقق مونجهاري جو شڪار آهن‪ ،‬جنهن‬ ‫الِء مختلف محققن‪ ،‬مختلف رايا ڏنا آهن‪ .‬الڙ پٽيَء جي نوجوان ليکڪ ٺٽوي‬ ‫ڪاتيار (ذوالفقار علي ڪاتيار) پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ‪/‬رياتڙو” بابت‬ ‫هڪ نئي کوجنا ڪري‪ ،‬بحث الِء نوان گس کولي ڇڏيا آهن‪ .‬اهو ڪتاب پڙهڻ‬ ‫جهڙو آهي‪.‬‬ ‫سندس هي ٻيو ڪتاب “برهمڻ آباد‪ /‬ڪالن ڪوٽ” جيڪو “ٺٽي‬ ‫جي وکريل تاريخ جو ڀاڱو ٻيو” آهي‪ ،‬هي ڪتاب سندس پهرئين ڪتاب جو‬ ‫تسلسل آهي‪ .‬ڪتاب “برهمڻ آباد‪/‬ڪالن ڪوٽ” کي سمجهڻ الِء ٺٽوي‬ ‫ڪاتيار جو پهريون ڪتاب پڙهڻ ضروري آهي‪.‬‬ ‫راؤڙ وانگر ڪيتري عرصي کان اسان جا تاريخدان ۽ محقق انهيَء‬ ‫کوجنا ۾ رڌل آهن ته برهمڻ آباد ۽ منصوره سنڌ جي ڪهڙن عالئقن ۾ آهن؟‬ ‫ڪجهه محقق ٻنهي کي هڪ ئي ماڳ ڄاڻائين ٿا‪ ،‬انهن جو موقف آهي ته برهمڻ‬ ‫آباد جي فتح کانپوِء هن جو نالو منصوره رکيو ويو‪ .‬انهيَء سلسلي ۾ جيڪا تحقيق‬ ‫سامهون آئي آهي جنهن مطابق اهي ٻئي ماڳ ضلعي سانگهڙ ۾ آهن‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾‪ ،‬محققن جي سڀني ڳالهين کي‬ ‫سامهون رکي‪ ،‬ڇنڊڇاڻ ڪري‪ ،‬دليلن سان اهو ثابت ڪيو آهي ته راؤڙ جي قلعي‬ ‫وانگر هي ماڳ به ضلعي ٺٽي ۾ آهي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب مڪلي‬ ‫‪8‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ٽڪرين لڳ ڪالن ڪوٽ اصل ۾ برهمڻ آباد آهي ۽ منصوره جو شهر‬ ‫هاڻوڪو پيرپٺو آهي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ مختلف ڪتابن‬ ‫جيڪي پنجاهه کان به وڌيڪ آهن‪ ،‬انهن جي ڇنڊڇاڻ کانپوِء ثبوتن سان اها‬ ‫ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته ڪالن ڪوٽ‪ ،‬برهمڻ آباد آهي‪ ،‬پيرپٺو‪ ،‬منصوره‬ ‫آهي‪ .‬انهن ماڳن تي ڪتاب جي ٽين ۽ چوٿين باب ۾ بحث ڪيل آهي‪.‬‬ ‫اهو قلعو ڪڏهن ٺهيو؟ ان تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ انهن سوالن جي‬ ‫جواب الِء تفصيل سان ۽ حوالن سان بحث ڪيل آهي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬ديبل‬ ‫کان راؤڙ‪ ،‬ساوندي ۽ برهمڻ آباد قلعي جو نقشو‪ ،‬مفاصلن سان ڏنو آهي‪ .‬جنهن‬ ‫سان هن اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته ڪالن ڪوٽ‪ ،‬برهمڻ آباد آهي‪ .‬ان تي‬ ‫ڪالن ڪوٽ جو نالو ڪهڙي دور ۾ پيو البته اها ڳالهه اڃان منجهيل آهي‪ .‬ڏٺو‬ ‫وڃي ته ڪالن ڪوٽ جا به مختلف دورن ۾ مختلف ناال رهيا آهن‪ ،‬جن ۾‬ ‫ڪالن ڪوٽ‪ ،‬ڪلياڻ‪ ،‬تغلق آباد‪ ،‬طغرل آباد ۽ نصرت آباد‪ .‬اهو پهريون ڀيرو‬ ‫آهي جو ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬ڪالن ڪوٽ تي تحقيق ڪندي اهو انڪشاف ڪيو‬ ‫آهي ته ڪالن ڪوٽ ئي اصل ۾ برهمڻ آباد آهي‪ .‬اها ڳالهه محققن ۽ تاريخ‬ ‫سان دلچسپي رکندڙن الِء هڪ نئين کوجنا آهي‪ ،‬جنهن تي بحث جي‬ ‫گنجائش آهي‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار هن مونجهاري کي ڪنهن حد تائين ختم ڪرڻ جي‬ ‫ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن جي تحقيق ۾ وزن به آهي‪ ،‬هو شڪ واري ڳالهه نٿو‬ ‫ڪري‪ ،‬هن پڪ سان اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي تاريخ‬ ‫جو سفر يا کڻي چئجي تحقيق جو سفر راؤڙ واري قلعي‪/‬ماڳ کان شروع ڪيو‬ ‫آهي‪ ،‬جنهن مطابق راؤڙ جو عالئقو‪/‬قلعو‪ ،‬ساڪري تعلقي جي هاڻوڪي يونين‬ ‫ڪائونسل پليجاڻي ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار ويجهو رياتڙو وارو ماڳ‬ ‫راؤڙ آهي‪ .‬جيڪڏهن راؤڙ اهو عالئقو آهي ته پوِء برهمڻ آباد‪ ،‬بهرور‪ ،‬دهليله‪،‬‬ ‫منصوره ۽ محفوظه به انهن جي ويجهو هئڻ گهرجن‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار جي راؤڙ‬ ‫واري کوجنا برهمڻ آباد ۽ ٻين ماڳن جي ڳوال کي آسان ڪري ڇڏيو آهي‪.‬‬ ‫‪9‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫محققن کي گهرجي ته هو پنهنجي تحقيق جو رخ نئي سري سان متعين ڪن‪،‬‬ ‫جنهن الِء ٺٽوي ڪاتيار هڪ رستو ڏنو آهي‪.‬‬ ‫مسٽر سمٿ جي تحقيق موجب ڪالن ڪوٽ جو قلعو سڪندر‬ ‫اعظم جي جوڙايل سيوهڻ واري قلعي جهڙو آهي ۽ ان جي سپهه ساالر جو ئي‬ ‫ٺهيل آهي‪ .‬تنهن کانپوِء مختلف دورن ۾ ان جي مرمت ٿيندي رهي آهي‪.‬‬ ‫جيڪڏهن ڀنڀور وانگر قلعي جي کوٽائي ڪئي وڃي ته گهڻيون ڳالهيون‬ ‫جيڪي لڪل آهن اهي ظاهر ٿي سگهن ٿيون‪ .‬ڇاڪاڻ ته گهڻا شهر ۽ قلعا‬ ‫تباهه ٿيا ته انهن جي مٿان نوان شهر ۽ قلعا اڏيا ويا‪ ،‬تنهن ڪري هر دور ۾ انهن‬ ‫تي مختلف ناال رکيا ويا آهن ۽ ڪالن ڪوٽ جنهن کي ٺٽوي ڪاتيار برهمڻ‬ ‫آباد چوي ٿو‪ ،‬ان سان ائين ئي ٿيو آهي‪ .‬هر دور ۾ ڪالن ڪوٽ تي مختلف‬ ‫ناال ملن ٿا‪ ،‬جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان‪.‬‬ ‫سمن جنهن وقت سومرن کان سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي‪ ،‬ان‬ ‫وقت سومرن جي گاديَء جو هنڌ “ڪالن ڪوٽ” هو‪ ،‬تنهن ڪري سمن‬ ‫حاڪمن به ڪالن ڪوٽ کي پنهنجي گاديَء جو هنڌ بڻايو پر پوِء مڪلي جي‬ ‫اتر پاسي نئون گاديَء جو هنڌ بڻايو ويو‪ ،‬جنهن کي ساموئي سڏيو ويو‪ .‬بعد ۾‬ ‫سمن ٺٽي کي گاديَء جو هنڌ بڻايو‪.‬‬ ‫ڪالن ڪوٽ جي نالي سان سنڌ ۾ هڪ ماڳ جهرڪ لڳ آهي‪،‬‬ ‫جنهن کي ڪافر ڪوٽ چيو وڃي ٿو‪ .‬ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب‬ ‫“پيرائتي سنڌ ڪٿا” ۾ سومرن ۽ سمن جي شهر (‪1000‬ع‪1512-‬ع) واري‬ ‫نقشي ۾ ڪافر ڪوٽ جي سامهون بريڪيٽ ۾ ڪالن ڪوٽ لکيوآ هي‪.‬‬ ‫جنهن ۾ ُهن ان ماڳ کي ڦٽل شهر ڏيکاريو آهي‪ .‬ڪراچيَء ۾ به ڪالن ڪوٽ‬ ‫جو عالئقو آهي‪ ،‬جنهن کي هاڻي ڪال ڪوٽ” چيو وڃي ٿو‪.‬‬ ‫پنهور صاحب پنهنجي انهيَء ڪتاب ۾ ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ جا‬ ‫جيڪي نقشا ڏنا آهن‪ ،‬جنهن ۾ اتر سنڌ جون حدون اوٻاوڙو کان هاال ڪنڊي‬ ‫۽ ڪانڀو جبل تائين ڏيکاريون آهن‪ .‬جنهن مطابق ڏيپر گهانگهرو ۽ برهمڻ‬ ‫‪10‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫آباد (ضلعو سانگهڙ) اتر سنڌ ۾ ڏيکاريل آهن‪.‬‬ ‫تاريخ ۾ آهي ته موسمي حالتن ڪري سنڌ جا ٻه گاديَء جا هنڌ رهيا‬ ‫آهن‪ .‬اتر سنڌ ۾ اروڙ (الور) ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ برهمڻ آباد‪ .‬ڏهرسيا برهمڻ آباد مان الڙ‬ ‫سنڌ‪ ،‬سيوهڻ ۽ مڪران تي راڄ ڪندو هو ۽ ڏاهر جو اتر سنڌ‪ ،‬ملتان ۽ ڪچي‬ ‫جي ٽڪرين تي راڄ هو (پيرائتي سنڌ ڪٿا‪ ،‬ايم ايڇ پنهور‪ .‬حوالو‪ :‬چچنامو)‪.‬‬ ‫پنهور صاحب‪ ،‬برهمڻ آباد (سانگهڙ ضلعو) کي اتر سنڌ ۾ ڏيکاريو آهي‪،‬‬ ‫جڏهن ته ڏهرسيا‪ ،‬ڏکڻ سنڌ تي برهمڻ آباد مان راڄ ڪندو هو ته پوِء برهمڻ آباد‬ ‫کي ڏکڻ سنڌ (الڙ) ۾ هئڻ گهرجي‪ .‬تنهنڪري مٿين ڳالهين جي پيش نظر ٺٽوي‬ ‫ڪاتيار‪ ،‬ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد قرار ڏيئي ٿو ته ڳالهه وزندار آهي‪ُ .‬هن جي‬ ‫ڳالهه رد ڪري نٿي سگهجي‪ .‬جنهن الِء محققن کي گذارش ته ٺٽوي ڪاتيار جي‬ ‫ڳالهين ۽ دليلن ۽ مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي روشني ۾ برهمڻ آباد (ڪالن‬ ‫ڪوٽ) تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ راؤڙ ۽ برهمڻ آباد وارن ماڳن کي‬ ‫سمجهائڻ الِء ڪتاب جي پهرئين باب ۾ “برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو جا‬ ‫وهڪرا” تي جيڪا تحقيق ڪئي آهي‪ ،‬ان جي پڙهڻ سان ٺٽوي ڪاتيار جي‬ ‫ڳالهه وڌيڪ وزندار لڳي ٿي‪ .‬خاص ڪري ڪلري شاخ تي ۽ ٺٽي شهر جي‬ ‫پسگردائي ۾ جيڪي وهڪرا آهن‪ ،‬انهن تي بحث ڪيل آهي‪.‬‬ ‫ڪلري شاخ جو ذڪر تاريخ ۾ گهڻو ملي ٿو‪ .‬ايم ايڇ پنهور پنهنجي‬ ‫ڪتاب ‪ Chronological Dictionary of Sindh‬جنهن جو سنڌي ترجمو‬ ‫عمر سومري “پيرائتي سنڌ ڪٿا” نالي سان ڪيو آهي‪ .‬جنهن مطابق “جڏهن ‪26‬‬ ‫جون ‪1524‬ع تي شاهه بيگ‪ ،‬اگهاماڻي ۾ گذاري ويو ته چڱن مڙسن‪ ،‬پٽس مرزا‬ ‫شاهه حسن جي اطاعت کي قبول ڪيو‪ 30 .‬آگسٽ ‪1524‬ع ۾ نصرپور ۾ پڳ‬ ‫ٻڌرائي وئي‪ ،‬هن وقت سنڌ جو حاڪم ڄام فيروز هو‪ 2 .‬سيپٽمبر ‪1524‬ع ۾ شاهه‬ ‫حسن‪ ،‬ڄام فيروز کي چٿڻ الِء نصرپور کان ٺٽي ڏانهن هليو‪ .‬سندس پهچڻ جو ٻڌي‬ ‫ڄام فيروز ٺٽو ڇڏيو ۽ درياَء ٽپي ويو‪ .‬هي هاڻ بگهاڙ ۽ سنڌو جي ريڻ واهڙ جي وچ‬ ‫‪11‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫تي هو‪ .‬سيپٽمبر ‪1524‬ع ۾ شاهه حسن درياَء (ڪلري واهڙ) ٽپيو ۽ ٺٽي تي قبضو‬ ‫ڪيائين‪ .‬سنڌو درياَء جا ان وقت ٽي واهڙ هئا‪ ،‬هڪ ريڻ‪ ،‬جيڪو ُمک وهڪري‬ ‫کان ٽنڊو محمد خان ۽ ماتليَء جي وچ تي ڇڄي‪ ،‬ڪوري کاري ڏانهن ٿي وهيو‪ .‬ٻيا‬ ‫ٻه هئا ڪلري ۽ بگهاڙ‪ .‬بگهاڙ ُمک واهڙ هو ۽ ڪلري ننڍڙو تانگهو واهڙ هو‪ ،‬جنهن‬ ‫مان خان واهه جو منهن هو”‪.‬‬ ‫ڪلري دريائي شاخ آهي‪ ،‬ڪينجهر جنهن کي ڪلري ڍنڍ به چيو‬ ‫ويندو آهي‪ .‬جنهن جو هينئر وڏو وسيلو ڪوٽڙي بئراج کان نڪرندڙ ڪلري‬ ‫بگهاڙ واهه آهي‪ ،‬جنهن کي ڪراچي واهه به چيو وڃي ٿو‪ .‬ڪلري ڦاٽ جو وهڪرو‬ ‫ڪينجهر ڍنڍ کي ڀرڻ کانپوِء اچي جهول ڍنڍ ۾ پوندو آهي‪ .‬ساموئي‪ ،‬ٺٽي جي اتر‬ ‫۽ مڪلي جي اتر اولهه ۾ وهي هاليجي‪ ،‬ڳنڍيرو ڍنڍن کي ڀرڻ کانپوِء گهاري وٽان‬ ‫لنگهي ڀنڀور کان اڳتي ابراهيم حيدري لڳ ُڀنڊار ٻيٽ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري‪،‬‬ ‫گهاري وٽان لنگهڻ ڪري ان کي گهارو ڪريڪ ۽ اڳتي ڦٽو ۽ ڦٽي ڪريڪ به‬ ‫چيو وڃي ٿو‪ 26 .‬ميلن تائين ان کي اڃان به ڪلري چيو وڃي ٿو‪.‬‬ ‫قديم دور ۾ سنڌو درياَء‪ ،‬ٺٽي جي اتر ۽ ڏکڻ ٻن پاسن کان وهندو هو‪.‬‬ ‫اترين شاخ کي ڪلري ۽ مڪلي جي ڏکڻ پاسي وهندڙ شاخ ڪالن ڪوٽ‬ ‫کان ٿيندو ڦيرو کائي لٽ مڪان پار ڪري بگهاڙ ڦاٽ ۾ ڪرندو هو‪.‬‬ ‫سنڌ ۾ گهڻو ڪري هڪ کان وڌيڪ نالن سان ماڳ‪ ،‬ڍورا‪ ،‬نئون ۽‬ ‫ڍنڍون موجود آهن‪ ،‬جنهن جي ڪري به مونجهارو رهي ٿو پر جيڪڏهن‬ ‫تاريخدان ۽ محقق ڪتابن پڙهڻ کانسواِء سرزمين تي وڃي کوجنا ڪن ته ان‬ ‫قسم جا گهڻا مونجهارا ختم ٿي سگهن ٿا‪ .‬ڪلري الِء چيو ويندو آهي ته‬ ‫“ممڪن آهي ته اهو سڪرنڊ ويجهو ٿي سگهي ٿو”‪ ،‬ممڪن آهي سڪرنڊ‬ ‫ويجهو ڪنهن ماڳ جو نالو ڪلري به هجي پر تاريخ ۾ جنهن ڪلري واهه جو‬ ‫ذڪر آيل آهي‪ ،‬اها ڪلري اها ئي آهي جنهن جو ذڪر ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي‪ ،‬جنهن الِء مون به مٿي انهيَء ڪلري واهه جو‬ ‫ذڪر ڪيو آهي‪ .‬ياد رهي ته ڪراچيَء جي پراڻي عالئقي کڏي ۾ لياري نئين‬ ‫‪12‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫جي پراڻي ڪپ تي به هڪ عالئقو آهي جنهن کي اڄ به ڪلري چيو ويندو‬ ‫آهي‪ .‬اهڙا ڪيترائي ماڳ هوندا پر جنهن ڪلري تي بحث هلي رهيو آهي‬ ‫سو ٺٽي ضلعي وارو ڪلري واهه آهي‪ .‬مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پاالري‪ ،‬هياليا‬ ‫ٽڪري کان مڪلي‪ ،‬ساموئي کان گجي تائين ۽ اڳتي ڀنڀور تائين ڪلري واهه‬ ‫جو سفر ڪيو آهي‪ ،‬انهيَء سفر ۾ ساموئي کان گجي تائين اسان جو پيارو‬ ‫دوست ڊاڪٽر محمد علي مانجهي اسان جو سونهون هو‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب جي باب ٻئي ۾ “سنڌ جا ٻه گمنام‬ ‫قلعا بهرور ۽ دهليله” تي بحث ڪيو آهي‪ .‬ڇاڪاڻ ته راؤڙ ۽ برهمڻ آباد‬ ‫(ڪالن ڪوٽ) ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب ٺٽي ضلعي ۾ آهن ته پوِء‬ ‫بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي به انهن ماڳن جي ويجهو هئڻ گهرجي‪.‬‬ ‫فتحنامه سنڌ ۾ آهي ته “محمد بن قاسم جو پڪو ارادو هو ته برهمڻ آباد‬ ‫فتح ڪجي‪ ،‬راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻيا ٻه قلعا‪ ،‬بهرور ۽ دهليله نالي هئا”‪.‬‬ ‫ٻين ماڳن وانگر اسان جا محقق به مٿين ٻن قلعن بابت مونجهاري جو‬ ‫شڪار آهن‪ ،‬ان جو سبب اهو آهي ته انهن جو ٺٽي ضلعي ڏانهن ڌيان نه وڃي‬ ‫سگهيو آهي‪ .‬جيڪڏهن محقق‪ ،‬محمد بن قاسم جي ديبل تي حملي ۽ چچنامي‬ ‫مطابق هلن ۽ ٺٽي ضلعي جي ماڳن تي تحقيق ڪن ته اهو مونجهارو گهڻي حد‬ ‫تائين ختم ٿي وڃي ها‪ .‬پر ائين نه ٿيو‪ ،‬شڪ جي بنياد تي مختلف ماڳن کي‬ ‫مختلف ناال ڏنا ويا‪ .‬گهڻا محقق‪ ،‬دهليله کي نوابشاهه ۾ ڏيکارين ٿا‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪا تحقيق ڪئي آهي‪ُ ،‬هن‬ ‫مطابق برهمڻ آباد جو قلعو ٺٽي ضلعي ۾ آهي ته پوِء مٿين ٻنهي قلعن کي به‬ ‫هتي ئي هجڻ گهرجي‪ .‬ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ آهي ته راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ‬ ‫۾ ٻه قلعا بهرور ۽ دهليله آهن‪.‬‬ ‫ڇنڊڇاڻ کانپوِء ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق موجب بهرور ۽ دهليله جا‬ ‫قلعا ٻروسر ڪالوني جي اڀرندي پاسي نهائين‪ ،‬ڳوٺ تاج محمد ٻرڙي جي‬ ‫پاسي واري ميدان توڙي اگهيمن واري ڳوٺ تائين انهن ٻنهي قلعن کي ڳولي‬ ‫‪13‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سگهجي ٿو‪ .‬جتي قديم آثار موجود آهن‪.‬‬ ‫ڪتاب جو چوٿون باب “منصوره يا پيرپٺو”‪ .‬جيڪو به نهايت اهم‬ ‫باب آهي‪ ،‬جنهن ۾ ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي کوجنا‪ ،‬مطالعي‪ ،‬مشاهدي ۽ ڪتابن‬ ‫جي حوالن سان اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته منصوره‬ ‫اصل ۾ پيرپٺو آهي‪ .‬جنهن کي گهڻن محققن ديبل به لکيو آهي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫جي ڳالهه کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي‪ ،‬ڇاڪاڻ ُهن وٽ ثابت ڪرڻ الِء‬ ‫ٺوس دليل آهن‪.‬‬ ‫منصوره بابت گهڻن عرب ليکڪن جي لکڻين ۾ ڪافي مونجهارا‬ ‫موجود آهن‪ .‬انهن مان گهڻن برهمڻ آباد کي منصوره لکيوآ هي‪ .‬اهي ليکڪ‬ ‫سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي کان اڻ واقف هئا‪ .‬تنهنڪري ماڳن ۽ نالن جي‬ ‫حوالي سان انهن ۾ ڪنهن حد تائين غلطيون موجود آهن‪ .‬اوائلي لکتن موجب‬ ‫منصوره جو شهر برهمڻ آباد جي ڀر ۾ ٻن فرسخن (‪ 6‬ميل) جي فاصلي تي اڏيو‬ ‫ويو هو‪ .‬جنهن مان اها ڳالهه واضع آهي ته برهمڻ آباد ۽ منصوره الڳ الڳ‬ ‫ماڳ آهن‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي تحقيق ۾ اها ڳالهه ٻڌائي آهي ته ڪالن‬ ‫ڪوٽ‪ ،‬برهمڻ آباد آهي ته ڇهن ميلن جي مفاصلي تي قديم شهر‪/‬ماڳ‬ ‫پيرپٺو آهي ۽ پيرپٺو ‪ ،‬منصوره آهي‪ .‬اها به نئين تحقيق آهي‪ ،‬جنهن کي‬ ‫نظرانداز نٿو ڪري سگهجي‪ .‬ڇاڪاڻ هن الِء ٺٽوي ڪاتيار جيڪي حواال ۽‬ ‫دليل ڏنا آهن اهي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا‪ .‬تنهنڪري محققن کي ان تي‬ ‫وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گهرجي‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬ڪتاب ۾ اڳتي باب پنجين ۾ “ساوندي‪/‬ٿرڙي (گجو)‬ ‫آهي‪ .‬هو لکي ٿو ته جنهن ماڳ جو قديم نالو “ٿرڙي يا ٿرڙو” آهي‪ .‬ٿرڙي ۽‬ ‫ساوندي هڪڙي ماڳ جا ٻه ناال آهن‪ .‬اهو تاريخي ماڳ گجي شهر کان ڪجهه‬ ‫ميلن جي مفاصلي تي آهي‪.‬‬ ‫باب ڇهون “اگهم ڪوٽ يا پير درس داد”‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق‬ ‫موجب اگهاماڻو ۽ اگهم ڪوٽ الڳ الڳ ماڳ آهن‪ ،‬جن کي اسان جي محققن‬ ‫‪14‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هڪ ڄاڻائي تحقيق جا رستا بند ڪيا آهن‪ .‬هو لکي ٿو ته دراصل نه برهمڻ آباد‪،‬‬ ‫سانگهڙ ضلعي ۾ آهي ۽ نه ئي اگهم ڪوٽ هاڻوڪي ماتلي ۾ آهي‪ .‬برهمڻ آباد‬ ‫جو قلعو هاڻوڪو ڪالن ڪوٽ جو قلعو آهي ۽ اگهم ڪوٽ هاڻوڪي وقت ۾‬ ‫ان جاِء تي هو جتي پير درس داد جي درگاهه آهي‪.‬‬ ‫ڪتاب جو ستون باب “سسئي جي جنم ڀومي” بابت آهي‪ .‬هو لکي‬ ‫ٿو ته ڀانڀرا‪ ،‬ٻانڀڻاھ‪ ،‬بابن واھ‪ ،‬اصل ۾ لفظ ٻاٻڙا آهي‪ ،‬جيڪو ضلعي ٺٽي جي‬ ‫تعلقي ميرپور ساڪري ۽ هاڻوڪي يونين ڪائونسل پليجاڻي ۾ “ٻاٻڙا” آهي‪،‬‬ ‫اهو ئي ڀانڀرا‪ ،‬ٻانڀڻاهه ۽ بابن واهه آهي‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار جي اها ڳالهه درست آهي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار جي تحقيق‬ ‫کان اڳ جڏهن مون ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پاالري “سسئي جي واٽ‪ :‬شاهه‬ ‫لطيف جي شاعريَء جي پسمنظر ۾” ڀنڀور کان ڪيچ تائين سفر ڪيو‪ ،‬قصي‬ ‫سسئي پنهون جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ته اسان ان نتيجي تي پهتاسين ته سسئي‬ ‫کي ڀنڀور جي ويجهو گجي لڳ سنڌو جي ڪنهن ڇاڙ ۾ صندوق ۾ بند ڪري‬ ‫ننڍي بتيلي تي رکي لوڙهيو ويو‪ ،‬جيڪا بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڀنڀور ۾ پهتي‬ ‫۽ سسئي جي جنم ڀومي به گجي جي آس پاس آهي‪.‬‬ ‫ياد رهي ته ڪلري شاخ جيڪا ڪينجهر کان ساموئي‪ ،‬مڪلي جي‬ ‫اتر اولهه کان وهي‪ ،‬ڏکڻ پاسي رخ ڪندي هئي‪ ،‬جنهن جي هڪ ڇاڙهه گجي‬ ‫کان اولهه کان وهي ڏکڻ پاسي رخ ڪندي هئي‪ ،‬اتي شاخ ڏکڻ کان وهندي‬ ‫هئي‪ .‬اها شاخ ٻاٻڙا ڀرسان لنگهي گهاري ڪريڪ پاسي رخ ڪندي هئي‪،‬‬ ‫جنهن جا آثار موجود آهن‪.‬‬ ‫پير صدرالدين ميرانپور جي درگاهه لڳ هڪ ڍنڍ جا اهڃاڻ آهن‪،‬‬ ‫جيڪي اصل ۾ سنڌو جي ڪنهن ڇاڙ جا آثار آهن‪ .‬مقامي ماڻهو ان کي‬ ‫“سسئي جو درياَء” سڏين ٿا‪ ،‬جنهن جو دورو اسان به ڪيو هو ۽ سائين احسان‬ ‫جوکئي پنهنجي ڪتاب “وليون‪ ،‬واس‪ ،‬ورنيون” ۾ به هن جو ذڪر ڪيو آهي‪.‬‬ ‫اها ڳالهه پڙهي اسان ان ماڳ جو دورو ڪيو هو‪.‬‬ ‫‪15‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪتاب جو آخري باب (اٺون باب) “سهڻي ميهار” جي قصي بابت‬ ‫آهي‪ .‬اهو قصو به سسئي پنهون جي قصي وانگر پنجاب ۾ به مشهور آهي‪ .‬ان‬ ‫باب ۾ به ٺٽوي ڪاتيار دليلن سان پراڻين تحقيقن کي رد ڪيو آهي‪ .‬هو لکي ٿو‬ ‫ته “تلو ڍنڍ” منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) اباڻي ڳوٺ (محمد هاشم ڪاتيار‪،‬‬ ‫يونين ڪائونسل پليجاڻي‪ ،‬تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو) جي بلڪل اولهه‬ ‫پاسي آهي‪ .‬جڏهن ته ڪنهن وقت ۾ درياَء منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي) ڳوٺ‬ ‫جي ويجهو وهندو هو‪ .‬جڏهن ته ڇڇ ساهڙڪو منهنجي (ٺٽوي ڪاتيار جي)‬ ‫ڳوٺ کان اوڀر پاسي ڪجهه مفاصلي تي آهي‪ .‬انهن ڳالهين مان صاف ظاهر‬ ‫آهي ته سهڻي تلي وٽان درياَء ُاڪري ٻي پار ميهار سان ملڻ ويندي هئي‪ .‬انهيَء‬ ‫ڳالهه الِء پوري باب ۾ ٺٽوي ڪاتيار مظبوط دليل ڏنا آهن‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار جو هي ڪتاب هر تاريخ دان‪ ،‬تاريخ جي شاگردن ۽‬ ‫محققن کي پڙهڻ گهرجي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬ڪتاب ۾ جن وڃايل ماڳن ۽‬ ‫مڪانن تي تحقيق ڪئي آهي‪ ،‬اهو ساراهه جوڳو عمل آهي‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫جي تحقيق ۽ ڳالهين ۾ وزن آهي‪ .‬جنهن ۾ هن ڪتابن جي مطالعي کانسواِء‬ ‫خود وڃي انهن ماڳن‪ ،‬قلعن ۽ مڪانن جو مشاهدو ڪيو آهي‪ ،‬ماڻهن سان‬ ‫ڪچهريون ڪيون آهن‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار گهڻي حد تائين انهن ڳالهين کي‬ ‫سلجهايو آهي‪ ،‬جن تي سنڌ جا وڏا اديب ۽ محقق ڪم ڪري رهيا آهن‪ .‬هڪ‬ ‫لحاظ کان هن نوجوان انهن جي ڪم کي چيلينج ڪيو آهي ۽ دليلن سان‬ ‫پراڻن شڪ جي بنياد تي ڳالهين کي رد به ڪيو آهي ۽ تحقيق جا نوان دروازا‬ ‫کولي ڇڏيا آهن‪ ،‬نوان گس ڏيکاريا آهن‪.‬‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار جي ڪيل تحقيق سان ڪافي گم ٿيل ماڳن کي ڳولڻ‬ ‫۾ مدد ملندي‪ ،‬خاص ڪري راؤڙ‪ ،‬برهمڻ آباد‪ ،‬منصوره‪ ،‬محفوظه‪ ،‬ساوندي‪،‬‬ ‫بهرور‪ ،‬دهليله‪ ،‬ڪلري واهه ۽ ٻين ماڳن بابت ڪافي بحث ڪيل آهي‪ .‬هن‬ ‫نيون کوجنائون ڪيون آهن‪ ،‬جنهن الِء هن وٽ دليل به آهن‪ .‬هو هوائي ڳالهيون‬ ‫نٿو ڪري‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار سان اختالف هجي ته ڪوبه محقق وڌيڪ ٺوس‬ ‫‪16‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫دليلن ۽ ثبوتن سان اچي ته هڪ صحتمند بحث جڙي سگهي ٿو‪ .‬هن جي ڪم‬ ‫تي ڇنڊڇاڻ کانپوِء اسين ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين‪.‬‬ ‫هن تحقيقي ڪم تي ۽ ڪتاب لکڻ تي ٺٽوي ڪاتيار کي اڻ ڳڻيون‬ ‫واڌايون‪ .‬اميد آهي ته هو اهو سلسلو جاري رکندو ۽ رکڻ به گهرجي‪.‬‬ ‫آخر ۾ ٺٽوي ڪاتيار کان هڪ گذارش ته ڪتاب ۾ جن ماڳن‪،‬‬ ‫مڪانن جو ذڪر آهي‪ ،‬انهن ماڳن‪ ،‬رستن‪ ،‬شاخن‪ ،‬قلعن‪ ،‬واهن ۽ ڍنڍن تي‬ ‫هڪ نقشو ترتيب ڏيئي ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته پڙهندڙ وڌيڪ‬ ‫آساني سان سندس تحقيق کي سمجهي سگهندا‪.‬‬ ‫ساٿ سالمت‬

‫گل حسن ڪلمتي‬ ‫ڪراچي‪ 11 ،‬مئي ‪2018‬ع‬ ‫‪03222445370‬‬

‫‪17‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڌرتي جو عاشق ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫ميرپور ساڪري جو عالئقو صدين کان وٺي آباد ۽ خوشحال رهيو‬ ‫آهي ۽ رهندو اچي‪ .‬هتان جي هر شيَء جنهن ۾ جاگرافي زمين‪ ،‬ثقافتي ماڳ ۽‬ ‫مڪان‪ ،‬واپار جا مرڪز‪ ،‬تجارتي ڪوٺيون‪ ،‬ڦٽل شهر‪ ،‬دڙا‪ ،‬قديم قبرستان‪،‬‬ ‫پنهنجي تاريخ جي عروج جا اهڙا ته اوچا مينار قائم ڪيا آهن‪ ،‬جو دنيا جي‬ ‫تاريخ ۾ اهڙا مثال ملڻ مشڪل آهن‪ .‬پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن‬ ‫عالئقي کي تاريخي طرح نظرانداز ڪيو ويو آهي‪.‬‬ ‫منهنجي هٿن ۾ هينئر تعلقي ميرپور ساڪري سان تعلق رکندڙ‬ ‫نوجوان ليکڪ‪ ،‬جنهن ننڍي عمر ۾ ئي تحقيق جهڙي ڏکي سفر ۾ پنڌ شروع‬ ‫ڪيو آهي‪ ،‬پياري دوست ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار جو ٻيو تاريخي‬ ‫مجموعو “برهمڻ آباد‪/‬ڪالن ڪوٽ” آهي‪ .‬جنهن ۾ ليکڪ هاڻوڪي ٺٽي‬ ‫ضلعي ۾ موجود قديم قلعي “ڪالن ڪوٽ” کي تاريخي ماڳ “برهمڻ آباد”‬ ‫ثا بت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي‪ .‬ان کان پهرين ليکڪ “راؤڙ‪/‬رياتڙو”‬ ‫جي نالي سان ڪتاب لکي چڪو آهي‪ ،‬جيڪو راجا ڏاهر ۽ عربن جي فيصله‬ ‫ڪن جنگ واري ميدان بابت آهي‪ .‬جيڪو منهنجي نظر ۾ تاريخ جو بهترين‬ ‫۽ الجواب ڪتاب آهي‪.‬‬ ‫ليکڪ جڏهن ساڪري اچي مون کي پنهنجي ٻي ڪتاب ۾ رايو‬ ‫لکي ڏيڻ الِء چيو ته آئون طبيعت جي ناسازي توڙي گهڻي مصروفيتن هوندي‬ ‫به ٺٽوي ڪاتيار جي محنت‪ ،‬جدوجهد‪ ،‬تاريخ سان دلچسپي ۽ پنهنجي ماڳن‬ ‫سان محبت جي اڳيان انڪار نه ڪري سگهيوس‪.‬‬ ‫ليکڪ بنيادي طرح غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو‪ ،‬جنهن جو‬ ‫والد صاحب ادا محمد بخش ڪاتيار‪ ،‬اڄ به محنت مزدوري ڪري ٿو ۽ خود‬ ‫ليکڪ به پرائمري استاد آهي پر باهمت‪ ،‬جاکوڙي‪ ،‬ڄاڻو ۽ دلير مڙس آهي‪.‬‬ ‫جنهن پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ‪/‬رياتڙو” ۾ به سڀني محققن کان هٽي‬ ‫‪18‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪري پنهنجي الڳ راِء قائم ڪئي هئي ته هن ڪتاب ۾ به سڀني کان هٽي‬ ‫ڪري پنهنجي الڳ راِء قائم ڪئي آهي‪“ .‬راؤڙ‪/‬رياتڙو” ڪتاب ۽ “برهمڻ‬ ‫آباد‪/‬ڪالن ڪوٽ” جو مواد پڙهڻ کان پوِء اها ڳالهه صاف ظاهر ٿيئي ٿي ته‬ ‫ليکڪ جا ٻئي ڪتاب هڪ ٻئي جا الزم ملزوم آهن‪ .‬پهرين ڪتاب ۾ راؤڙ‬ ‫جي ماڳ تي تحقيق ٿيل آهي جڏهن ته ٻي ڪتاب ۾ ان ئي لکيل ڳالهه کي‬ ‫جاري رکيو ويو آهي‪ .‬تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته راجا ڏاهر کي مارڻ ۽ قلعو‬ ‫فتح ڪرڻ کان پوِء عرب فوج برهمڻ آباد طرف وئي هئي ۽ برهمڻ آباد پهچڻ‬ ‫کان پهرين “بهرور ۽ دهليله” جا قلعا به فتح ڪيا هئا‪ .‬جڏهن ته برهمڻ آباد‬ ‫کان پوِء عرب فوج ساوندي طرف وئي هئي ۽ ان کان پوِء اروڙ طرف‪.‬‬ ‫ليکڪ هن ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهائي جتي لکيل ڳالهه کي پڙهڻ‬ ‫توڙي سمجهڻ ۾ آسان بڻايو آهي‪ ،‬اتي ليکڪ جس لهي جو ڪتاب جو هر باب‬ ‫ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ الِء اهم ثبوت آهي‪ .‬پهرين باب ۾‬ ‫درياَء جي وهڪرن بابت لکي ڳالهه کي بهتر نموني سمجهائڻ جي ڪوشش‬ ‫ڪئي آهي‪ .‬ٻي باب ۾ بهرور ۽ دهليله کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي آهي‪،‬‬ ‫جنهن الِء وڏو ثبوت “منڃر‪/‬منجهل” جو ڏنو آهي‪.‬ٽيون باب ڪالن ڪوٽ کي‬ ‫برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ جو اهم ثبوت آهي‪ .‬چوٿون باب “منصوره” بابت‬ ‫آهي‪ .‬اگر برهمڻ آباد‪ ،‬ٺٽي ۾ آهي ته الزمي منصوره به ٺٽي ۾ هجڻ گهرجي ڇو‬ ‫ته تاريخ ڪتابن موجب منصوره جو شهر برهمڻ آباد کي ڪافي ويجهو هو‪.‬‬ ‫پنجون باب ساوندي‪/‬ٿرڙي بابت آهي‪ .‬ڇهون باب اگهم ڪوٽ جڏهن ته‬ ‫ستون ۽ اٺون باب شاهه جي سورمين بابت آهن‪ .‬جنهن الِء ليکڪ ثابتين جا‬ ‫انبار لڳائي ڇڏيا آهن‪ .‬هاڻي جنهن کي به ليکڪ جي ڳالهين سان اختالف‬ ‫هجن ته هو اڃان به وڌيڪ ثابتين سان اڳيان اچي‪.‬‬ ‫تاريخ لکڻ يا تحقيق ڪرڻ ڪو آسان ڪم ناهي‪ ،‬ان ڪم الِء گهڻي‬ ‫گهرج پئسي ۽ وقت جي هوندي آهي‪ ،‬جيڪو اڄڪلهه ملڻ ڏکيو آهي‪ ،‬خاص‬ ‫ڪري هڪ پرائمري استاد الِء ته تمام گهڻو ڏکيو آهي‪ .‬پر ٺٽوي ڪاتيار ثابت‬ ‫‪19‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪري ڏيکاريو آهي ته اگر انسان ۾ همت آهي‪ ،‬حوصال جوان آهن‪ ،‬ڪجهه‬ ‫ڪري ڏيکارڻ جو جذبو آهي‪ ،‬پنهنجي ڌرتي سان والهانه محبت آهي‪ ،‬پنهنجي‬ ‫ماضي سان گهرو الڳاپو آهي ته دنيا ۾ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي‪.‬‬ ‫هڪ دفعو ٻيهر جاندار تحقيق ڪري شاندار ڪتاب لکڻ تي ڌرتي‬ ‫جي عاشق ٺٽوي ڪاتيار هزارين کيرون ۽ مبارڪون لهي‪ .‬دعا به آهي ۽ اميد‬ ‫به ڪريون ٿا ته ٺٽوي ڪاتيار جو هي نور نچوئي ڪيل پورهيو سنڌي ادب‬ ‫توڙي تاريخ ۾ اهم جاِء واالريندو‪ .‬مالڪ سائين ڪري سدائين جڙيو رهي ۽‬ ‫سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ماضي تي قلم هالئيندو رهي‪.‬‬

‫عبدالرشيد گبول‬ ‫ميرپور ساڪرو‪ 5 ،‬مئي ‪2018‬ع‬

‫‪20‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هڪ گمنام تاريخدان ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫ٺٽي جي وکريل تاريخ‪ ،‬هن تاريخ جي انتهائي حساس ۽ خشڪ‬ ‫موضوع تي تخليڪار ٻيو ڪير نه پر پيارو دوست ذوالفقار علي ڪاتيار عرف‬ ‫ٺٽوي ڪاتيار آهي‪ ،‬جنهن جو تعلق تعليم کاتي سان آهي‪ .‬جيڪو هڪ‬ ‫انتهائي غريب ۽ محنت ڪش مزدور جي گهر ۾ جنم وٺي ٿو پر منهنجي‬ ‫ڪچهري ٺٽوي جي والد صاحب ادا محمد بخش ڪاتيار سان پڻ ٿي آهي‪.‬‬ ‫انتهائي ذهين ۽ قابل شخص‪ ،‬ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬خداداد صالحيتن جو مالڪ آهي‬ ‫پر ان ۾ نکار سندس والد صاحب جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ آيو آهي‪ .‬اها ڳالهه‬ ‫آئون بنا ڪنهن شڪ شبهي جي دعويٰ سان چئي سگهان ٿو‪.‬‬ ‫ٺٽوي هيل تائين هڪ گمنام تاريخدان آهي‪ ،‬ٺٽي جي وکريل تاريخ‬ ‫لکڻ جي حوالي سان‪ ،‬هن پنهنجي اڻٿڪ محنت ۽ ڪاوشن سان‪ ،‬وڏي جاکوڙ‪،‬‬ ‫پنجاهه کان وڌيڪ ڪتابن تان مواد هٿ ڪري ۽ پنهنجي ڄاڻ ۽ پنهنجن‬ ‫بزرگن وٽان مليل ڄاڻ هن تاريخ جي اهم‪ ،‬خاص ڪري ٺٽي جي تاريخ مرتب‬ ‫ڪئي آهي‪.‬‬ ‫سچ پڇو ته اسان اهو پاڻ پڏائڻ جو موقعو هٿ مان وڃائڻ ڪونه‬ ‫چاهيندا آهيون ته اسان هڪ تاريخي قوم آهيون‪ ،‬پنج هزار کان به مٿي جي‬ ‫پراڻي تاريخ يعني “موئن جي دڙي جي تاريخ جا اڪيال والي وارث آهيون”‪،‬‬ ‫پر تاريخ پڙهڻ‪ ،‬ان جو اڀياس ڪرڻ کان پري ڀڄندا آهيون‪ ،‬ڇو ته اسان ان کي‬ ‫خشڪ مضمون سمجهي ان جي ويجهو ئي ڪونه ويندا آهيون‪ .‬اسان ٺٽي کي‬ ‫صرف ڀٽائي جي امر ڪردار نوري ڄام تماچي‪ ،‬شهيد دولهه دريا خان‪ ،‬مڪلي‬ ‫يعني ايشيا جو عظيم ۽ وڏي ۾ وڏو قبرستان‪ ،‬شاهجهان مسجد‪ ،‬ڪينجهر‪،‬‬ ‫هاليجي ۽ ڀنڀور تائين محدود ڪريو ويٺا آهيون‪.‬‬ ‫ننگر ٺٽو‪ ،‬دنيا جو قديم شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو‪ ،‬جنهن تي وقت‬ ‫جي جابر حڪمرانن حمال ڪري‪ ،‬ان کي ڊاهي‪ ،‬ساڙي راک ڪيو آهي‪ .‬هي‬ ‫‪21‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫اهوئي ننگر ٺٽو آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ وڏو علمي‪ ،‬ادبي شهر رهيو آهي‪.‬‬ ‫جنهن ۾ ڪنهن زماني ۾ هزارن جي تعداد ۾ تعليمي درسگاهون به هيون‪.‬‬ ‫ُاها ڄاڻ اسان کي بلڪل به ڪونه هئي ته راجا ڏاهر ۽ عربن جي وچ‬ ‫۾ فيصله ڪن جنگ به هاڻوڪي ٺٽي ضلعي ۾ لڳي هئي‪ .‬پر اهو ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫ئي آهي‪ ،‬جنهن ان اهم ڳالهه جو انڪشاف پنهنجي پهرين تخليق‬ ‫“راؤڙ‪/‬رياتڙو” ۾ ڪيو آهي‪ ،‬جيڪو تاريخ جي حوالي سان الجواب ڪتاب‬ ‫آهي‪ .‬هن ڪتاب ۾ به ٺٽوي اسان کي ٻڌايو آهي ته شاهه جي سورمي سسئي‪،‬‬ ‫ٺٽي ۾ ڄائي هئي‪ .‬سهڻي ۽ ميهار جو قصو ٺٽي ۾ ٿيو هو‪ .‬سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو‬ ‫ڪوٽ‪ ،‬ڪالن ڪوٽ جي اصل تاريخ ڇا آهي؟ پراڻي دور ۾ درياَء ڪٿان‬ ‫وهندو هو؟ وغيره”‪.‬‬ ‫آئون عرض ڪري چڪو آهيان ته آئون ڪو تاريخ جو شاگرد‬ ‫ڪونه آهيان جو ٺٽوي جي شاهڪار تاريخ نويسي تي راِء ڏيئي سگهان‪ .‬پر‬ ‫جيئن ته ٺٽوي ڪاتيار جو پورهيو‪ ،‬حواال‪ ،‬مطالعو ۽ تحقيق تي هو جس لهي‪.‬‬ ‫آئون ٺٽوي ڪاتيار جي محنت کي سالم پيش ڪريان ٿو ۽ بهترين ڪتاب‬ ‫لکڻ تي هزارين مبارڪون ڏيان ٿو‪ .‬سڀني سڄاڻ ڌرين‪ ،‬جن جو تعلق ادب‪،‬‬ ‫سياست يا سماجيت سان آهي‪ .‬انهن کي عرض ڪندس ته هن پتڪڙي‬ ‫ليکڪ جي محنت عيوض سندس همٿ افزائي ڪئي وڃي ۽ وس آهر دوست‬ ‫هن سان مڪمل تعاون ۽ سهڪار ڪن ته جيئن هي به اڀري هڪ ستارو ٿي‬ ‫ٺٽي جو نالو روشن ڪري سگهي‪.‬‬

‫عبدالحميد سومرو‬ ‫مڪلي‪ 14 ،‬مئي ‪2018‬ع‬

‫‪22‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫پيارو شاگرد ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫واضع رهي ته مصنف ذوالفقار علي ڪاتيار عرف ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫(پياري شاگرد) جي لکيل ڪتاب “برهمڻ آباد‪/‬ڪالن ڪوٽ” جو سرسري‬ ‫جائزي بعد انتهائي خوشيَء ۽ فراخ دلي سان هي ِسٽون لکي رهيو آهيان ته‬ ‫موصوف جنهن عمر ۾ تصنيف ۽ تحقيق جهڙي ڪم کي اپنايو آهي‪ ،‬تنهن‬ ‫نوجوان اڃان پينگهي مان لهڻ ئي نٿا گهرن‪ .‬سندن‬ ‫عمر ۾ اسان جي سماج جا‬ ‫َ‬ ‫وجدان ۾ محنت‪ ،‬مشقت‪ ،‬تحقيق ۽ تفڪر وارو جذبو مورئون ڪي مفقود آهي‪.‬‬ ‫جنهن سماج ۾ حج جهڙي عبادت جيڪا فرض ئي مالي طاقت ۽ بدن جي‬ ‫سگهائيَء تي آهي‪ ،‬سا به جهور پوڙهاپڻ ۾ ٿيندي هجي‪ ،‬اتي موصوف جو‬ ‫ڪتب بيني‪ ،‬ورق گرداني ۽ تاريخي ماڳن جي ڀڳل ڀتين‪،‬‬ ‫ڪتابن سان الڳاپو‪ُ ،‬‬ ‫اتي جي پکڙيل بي زبان پٿرن‪ ،‬ڀترن ۽ ڀورن جي زبان حال مان احوال آڻڻ جهڙو‬ ‫ڪم کيس داد ۽ تحسين جو حقدار بنائي ٿو‪.‬‬ ‫موصوف جي تصنيف ۾ هيَء هڪ وڻندڙ خوبي آهي جو شخصي تقليد‬ ‫بدران تصنيف جو بنياد پنهنجي ذاتي تحقيق تي رکيائين آهي‪ .‬آئون جيئن ته‬ ‫تاريخ جي موضوع تي ڪا وڏي دسترس يا ڪا َس َند نٿو رکان‪ ،‬تنهن ڪري موصوف‬ ‫جي تحقيق سان اتفاق يا اختالف بدران فقط سندس محنت‪ ،‬ڪوشش ۽ ڪاوش‬ ‫تي کيس داد ۽ آفرين ڏيڻ سان گڏوگڏ هن دعا تي اڪتفا ڪندس ته شال ڌڻي پاڪ‬ ‫پنهنجي مدد‪ ،‬نُصرت سندس هر نيڪ ڪم ۾ ِ‬ ‫شامل حال فرمائي‪.‬‬ ‫باقي جنهن کي به موصوف جي تصنيف سان اختالف هجي سو ڀلي هجي پر‬ ‫پنهنجي پاران دليلن ۽ ثبوتن جو ثمر ساڻ ڪري تاريخ جي وسيع ميدان ۾ لهي اچي‪.‬‬ ‫تاريخ جو باب الڪاس بلڪل ائين ئي کليل آهي‪ ،‬جيئن ٺٽوي ڪاتيار الِء کليل آهي‪.‬‬

‫موالنا عبدالقيوم اوٺار نعيمي‬ ‫ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري‪25-5-18 ،‬‬

‫‪23‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫س ا س جو سرگرم ساٿي‪ ،‬ٺٽوي ڪاتيار‬ ‫ٺٽي جي اڻلڀ تاريخ تي تحقيق ڪندڙ نوجوان ليکڪ‪ ،‬سنڌي ادبي سنگت شاخ‬ ‫ٺٽو جو سرگرم ساٿي ۽ پيارو دوست ذوالفقار علي عرف ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬جنهن ٿوري‬ ‫وقت ۾ ئي سنڌي ادب ۾ پاڻ مڃايو آهي‪ .‬پهرين “راؤڙ ‪ /‬رياتڙو” جي نالي سان‬ ‫ڪتاب منظر تي آندو ۽ هاڻي “برهمڻ آباد‪/‬ڪالن ڪوٽ”‪ .‬جيڪي تاريخ جي‬ ‫حوالي سان اهم ڪتاب آهن‪ .‬ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬ٺٽي جي انهن ماڳ مڪانن‪ ،‬ڪوٽن‬ ‫قلعن‪ ،‬ڍنڍن ڍورن ۽ درگاهن‪ ،‬قبرستانن تي تحقيق ڪئي آهي‪ ،‬جن تي يا ته ڪا‬ ‫تحقيق ٿي ناهي يا نه ٿيڻ جيتري تحقيق ٿي آهي‪.‬ٺٽوي ڪاتيار جو اهو مقصد‬ ‫آهي‪ ،‬اها منزل آهي ته ٺٽي جي سڀني ماڳن مڪانن تي نئين سري سان تحقيق‬ ‫ڪري انهن کي دنيا ۾ اجاگر ڪجي‪ .‬ٺٽو صرف ڀنڀور‪ ،‬مڪلي ۽ ڪينجهر تائين‬ ‫محدود نه هجي‪ .‬ان ڪم کي سرانجام ڏيڻ الِء ٺٽوي ڪاتيار ڏينهن رات هڪ‬ ‫ڪري‪ ،‬نور نچوئي‪ ،‬مختلف ڪتابن مان حواال وٺي‪ ،‬ماڳن مڪانن جو مشاهدو‬ ‫ڪري ۽ اتي جي مقامي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي‪ ،‬ٻئي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن‪،‬‬ ‫جنهن تي اسان جو هي نوجوان دوست جس لهي‪.‬‬ ‫تاريخ جهڙي خشڪ موضوع تي بهترين ڪتاب لکڻ تي پياري‬ ‫دوست ٺٽوي ڪاتيار ۽ ان جو والد صاحب چاچا محمد بخش ڪاتيار کي‬ ‫لکين کيرون ۽ مبارڪون‪ .‬ذوالفقار علي ڪاتيار کي ٺٽوي ڪاتيار بنائڻ ۾‬ ‫چاچا محمد بخش ڪاتيار جو اهم ڪردار آهي‪ .‬اميد ٿا ڪريون ته اسان جو‬ ‫دوست ٺٽوي ڪاتيار پنهنجي مشن کي جاري ۽ ساري رکندو‪ .‬اها به فخر جوڳي‬ ‫ڳالهه آهي ته ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر آهي‪.‬‬

‫فقيرمحمد اڪرم مڱڻهار‬ ‫ٺٽو‪ 29 ،‬مئي ‪2018‬ع‬

‫‪24‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫پنهنجي پاران‬ ‫اول تعريف مالڪ سائين جي‪ ،‬درود پاڪ مٺي مديني واري آقا ﷺ تي‪.‬‬ ‫پنهنجي پهرين ڪتاب “راؤڙ ‪ /‬رياتڙو” جي بيپناهه مقبوليت تي‬ ‫سمورن سنڌ واسين جو ٿورائتو آهيان‪ ،‬اها سنڌ واسين جي مون سان ۽ تاريخ‬ ‫سان محبت جو ثبوت آهي‪ .‬جنهن الِء آئون دوستن‪ ،‬مهربانن‪ ،‬سڄڻن‪ ،‬بزرگن‪،‬‬ ‫ڀائرن ۽ ڀينرن جو هڪ دفعو ٻيهر ٿورائتو آهيان ۽ رهندس‪ .‬اهو دوستن جي‬ ‫مانائتي موٽ جو سبب ئي آهي جو هڪ سال جي اندر ٻيو ڪتاب مارڪيٽ‬ ‫۾ آندو آهي‪ .‬مون پنهنجي پهرين ڪتاب جي پيش لفظ ۾ واضع لکيو هو ته‬ ‫“ڪتاب جو پهريون نالو رکيوسين “ٺٽي جي وکريل تاريخ”‪ ،‬پر جڏهن مواد کي‬ ‫ڪمپوز ڪيو ته مواد تمام گھڻو ٿي ويو ۽ ايتري منهنجي پونجي به ناهي ۽ نه‬ ‫وري ڀاري ۽ وڏي قيمت واري ڪتاب جو هاڻ ڪو رواج رهيو آهي‪ .‬بعد ۾‬ ‫صرف راؤڙ واري موضوع کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي باقي رهيل مواد‬ ‫ايندڙ ڪتاب ۾ سنڌ دوستن جي هٿن ۾ هوندو”‪.‬‬ ‫هي ڪتاب پهرين ڪتاب جي ڪڙي آهي ۽ ائين کڻي چئجي ته به وڌاؤ نه‬ ‫ٿيندو ته هيَء ٻئي ڪتاب “راؤڙ ‪ /‬رياتڙو ۽ برهمڻ آباد‪ /‬ڪالن ڪوٽ” هڪ ٻئي جا‬ ‫الزم ملزوم آهن‪ .‬پهرين ڪتاب جي تاريخ کي سمجهڻ الِء ٻيو ڪتاب الزمي پڙهڻو‬ ‫پوندو جڏهن ته ٻئي ڪتاب جي ڳالهين کي سمجهڻ الِء پهريون ڪتاب پڙهڻو پوندو‪.‬‬ ‫پهريون ڪتاب “ٺٽي جي وکريل تاريخ ‪ ”1-‬هو جڏهن ته ٻيو ڪتاب “ٺٽي جي وکريل‬ ‫تاريخ ‪ ”2-‬آهي‪ .‬جڏهن ته اڃان به ڪافي مواد رهيل آهي‪ .‬جيڪو جلد منظر تي آندو‬ ‫ويندو‪( .‬نوٽ‪ :‬جن جن دوستن تائين منهنجو پهريون ڪتاب “راؤڙ ‪ /‬رياتڙو” پهتو ناهي‬ ‫يا انهن پڙهيو ناهي ته مڪمل ڪتاب سنڌ سالمت ڪتاب گهر تي رکيل (اپلوڊ ٿيل)‬ ‫آهي‪ .‬هيٺ ڏنل لنڪ تان دوست آنالئن يا ڊائونلوڊ ڪري پڙهي سگهن ٿا)‪.‬‬ ‫‪ www.sindhsalamat.com‬يا ‪books.sindhsalamat.com‬‬ ‫منهنجي پهرين ڪتاب جي ڪاميابي ۽ مختلف دوستن پاران ڀرپور‬ ‫‪25‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫موٽ ڏيڻ سبب هڪ حوصلو مليو ته ٻيو ڪتاب به جلد منظر تي آڻجي‪ .‬جن‬ ‫جن سڄڻن منهنجي ڪيل ننڍڙي تحقيق کي ساراهيو انهن جو انگ ته تمام‬ ‫گهڻو آهي پر مختصر طور ڪجهه سڄڻن‪/‬ڀينرن جا ناال لکجن ٿا‪.‬‬ ‫قبله سائين پير غالم جيالني شاهه جيالني (جيالني هائوس مڪلي)‪ ،‬ڊاڪٽر‬ ‫عبدالواحد سومرو (اڳوڻو ‪ MNA‬ٺٽو ۽ صوبائي اڳواڻ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ)‪،‬‬ ‫سائين محمد علي شاهه (چيئرمين پاڪستان فشرفوڪ فورم)‪ ،‬سيد سردار علي شاهه‬ ‫(اڳوڻو صوبائي وزير سنڌ)‪ ،‬ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو (اڳوڻو صوبائي وزير سنڌ)‪،‬‬ ‫سينيٽرادي سسئي پليجو (ٺٽو)‪ ،‬ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو ۽ ادي نسرين الطاف (حيدرآباد)‪،‬‬ ‫سيده گل بيبي شاهه (مڪلي)‪ ،‬گل حسن ڪلمتي (ڪراچي)‪ ،‬سرواڻ سنڌي (اسالم‬ ‫آباد)‪ ،‬سيد فضل شاهه (جرمني)‪ ،‬ميڪس ميمڻ (ڪينيڊا)‪ ،‬سردار رضا رضوان ڪاتيار‬ ‫(ڪراچي)‪ ،‬وڏيرو عبدالرحيم ڪاتيار (ڏتا واھ)‪ ،‬حاجي محمد عثمان ڪاتيار ۽ حاجي‬ ‫ابراهيم ڪاتيار (جهنگ ڪاتيار)‪ ،‬فضل اهلل شريف (ڊائريڪٽر ٺٽه سمينٽ فيڪٽري)‪،‬‬ ‫سائين تاج محمد قريشي ۽ آصف قريشي (ٻنون)‪ ،‬سائين محمد صديق پليجو (ڊپٽي ڊي‬ ‫ِاي او پرائمري تعليم کاتو ٺٽو)‪ ،‬ڊاڪٽر غفور ميمڻ (چيئرمين ايس ايل اي حيدرآباد)‪،‬‬ ‫پروفيسرعبداهلل مالح‪،‬استاد ابوبڪر شيخ‪ ،‬علي ڀاُء ۽ عثمان راهوڪڙو (بدين)‪ ،‬ڊاڪٽر‬ ‫ذوالفقار سيال‪ ،‬مختيار سمون ۽ اياز ڀاڳت (الڙڪاڻو)‪ ،‬عبدالحميد سومرو ۽ ڀاُء حسنين‬ ‫حميد سومرو (مڪلي)‪ ،‬غالم قادر پليجو (چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو)‪ ،‬رئيس ممتاز‬ ‫جلباڻي (وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو) مرزا ناصر بيگ (ڊي سي ٺٽو)‪ ،‬فدا حسين‬ ‫مستوئي (ايس ايس پي ٺٽو)‪ ،‬پير غالم رحماني شاهه جيالني (مڪلي)‪ ،‬رئيس حاڪم‬ ‫الدين جوکيو (گجو)‪ ،‬وقار علي ميمڻ (‪ PS‬ٽو ڊي سي ٺٽو)‪ ،‬توفيق رفيق ميمڻ (انچارج‬ ‫جوڊيشل برانچ ڊي سي آفيس ٺٽو)‪ ،‬ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ڊاڪٽر مارو خشڪ‬ ‫(مڪلي)‪ ،‬استاد عزيز ڪينجهرائي (ڪينجهر)‪ ،‬استاد محمد عارب موج شيدي (ٺٽو)‪،‬نواز‬ ‫خان زئور (ميرپور بٺورو)‪ ،‬نواز شاهه ڀاڏائي (گهوڙاٻاري)‪ ،‬محمد سليمان وساڻ ۽ عنايت اهلل‬ ‫کٽياڻ (سچل ڳوٺ ڪراچي)‪ ،‬ڏاڏا آدم گندرو ۽ ايوب مالح (ٺٽو)‪ ،‬محمد حسن راهمون‪،‬‬ ‫راجا اشرف راهمون ۽ چاچا خداڏنو جت (بدين)‪،‬سائين غالم نبي خشڪ (مڪلي)‪،‬‬ ‫‪26‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سائين ارشاد شاهه (صدر پ ٽ الف ٺٽو)‪ ،‬سائين احمد صادق پليجو (ٽي ِاي او پرائمري‬ ‫تعليم کاتو ميرپور ساڪرو)‪ ،‬بابا احمد ميمڻ‪“ ،‬پرويز” ۽ محمد عرس اوٺو (دڙو)‪ ،‬سائين‬ ‫قلندر شاهه لڪياري‪ ،‬ڏاڏا قادر رانٽو ۽ ادا نور احمد ڪاتيار (حيدرآباد)‪ ،‬چاچا مٺا خان‬ ‫الشاري (مڪلي)‪ ،‬الهجڙيو برفت ۽ صادق الکو (ٺٽو)‪ ،‬عمران خشڪ ۽ يوسف خشڪ‬ ‫(مڪلي)‪ ،‬ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو (ڪراچي)‪ ،‬حامد مغل (ٺٽو)‪ ،‬خليل کوسو‪ ،‬غالم رسول‬ ‫نهڙيو (ٽنڊوالهيار)‪ ،‬ايڊوڪيٽ ثناُءاهلل سومرو‪ ،‬الهڏنو ٻٻر ۽ مير شهزاد ملڪاڻي (ميمبرز‬ ‫ضلع ڪائونسل ٺٽو)‪ ،‬غالم فريد ميمڻ ۽ سوڍو علي حسن (ميرپور بٺورو)‪ ،‬سارنگ ممتاز‬ ‫سمون‪ ،‬ڪليم اهلل سمون ۽ امام بخش“نديم سومرو” (دڙو)‪ ،‬اياز علي ميمڻ (چوهڙ جمالي)‪،‬‬ ‫جمال مراد گبول‪ ،‬منصور قادر الشاري‪ ،‬غالم حيدر ڪلمتي‪ ،‬حمزو جماري‪ ،‬خدا بخش‬ ‫الشاري‪ ،‬بالول الشاري‪ ،‬عبدالرشيد گبول‪ ،‬آڪاش الشاري ۽ عبدالرزاق ڪلمتي (ميرپور‬ ‫ساڪرو)‪ ،‬غالم عباس چاچڙ (الهور)‪ ،‬پريل دايو (سکر)‪ ،‬شڪسته مزاري (ڪشمور)‪ ،‬زاهد‬ ‫راڄپر (نوشهروفيروز)‪ ،‬ڄام محبت سهتو (هنڱورجا)‪ ،‬سنگتراش صحرائي‪ ،‬سارنگ راجا‬ ‫۽ آڪاش هميراڻي (ٿرپارڪر)‪ ،‬چاچا عثمان ميمڻ‪ ،‬چاچا لطيف ميمڻ‪ ،‬چاچا نواز ميمڻ‪،‬‬ ‫حاجن سولنگي‪ ،‬اقبال جاکرو‪ ،‬منصور جالالڻي (پريس ڪلب ٺٽو)‪ ،‬پير حامد اهلل جان‬ ‫سرهندي‪ ،‬شاهين جوکيو‪ ،‬علي ڪلمتي ۽ پير غالم رسول شاهه اسدي (ڪراچي)‪،‬‬ ‫ڪامريڊ عبداهلل ڪاتيار‪ ،‬محمد شريف ڪاتيار چيئرمين غالم حسين ڪاتيار ۽‬ ‫عبدالواحد ڪاتيار (ميرپور ساڪرو)‪ ،‬ڊاڪٽر آڪاش ۽ امر انصاري (بدين)‪ ،‬سيد غفور‬ ‫شاهه تقوي (ڪراچي)‪ ،‬ذاڪر کٽي (جاتي)‪ ،‬عزيز پليجو (راهوٽ)‪،‬حافظ حبيب سنڌي‬ ‫(چوهڙ جمالي)‪ ،‬ڊاڪٽر اسلم آزاد (سجاول)‪ ،‬مسعود لوهار (حيدرآباد)‪ ،‬رياض احمد عباسي‬ ‫۽ جاويد عباسي (گهارو)‪ ،‬سائين رسول بخش راهي درس‪ ،‬امام ڏنو درس‪ ،‬پيرل پياسي‪ ،‬هادي‬ ‫بخش ملڪاڻي‪ ،‬پهلوان سيد اياز علي شاهه ۽ علي بخش مالح (غالم اهلل)‪ ،‬سائين محمد‬ ‫اسماعيل ڪاتيار‪ ،‬وارث ڪاتيار‪ ،‬راول رشيد ۽ سائين سڪندر جانيارو (ڳاڙهو)‪،‬‬ ‫ايڊوڪيٽ پنهون عقيلي (ٺٽو)‪ ،‬ايڊوڪيٽ لياقت جماري (سجاول)‪ ،‬سردار الهبخش‬ ‫عرف بابو بروهي‪ ،‬شڪيل بروهي ۽ محمد رمضان بروهي (ٺٽو)‪ ،‬حزب اهلل آئي سومرو‬ ‫(خيرپور)‪ ،‬قاضي مقصود احمد ۽ محمد جاويد وهياڻي (مٽياري)‪ ،‬ڊاڪٽر مشتاق ڦل‬ ‫‪27‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫(خيرپور)‪ ،‬محمد عيسيٰ ڪاتيار‪ ،‬عبدالصمد ڪاتيار‪ ،‬انيس احمد ڪاتيار ۽ رحيم‬ ‫بخش ڪاتيار (ڪراچي)‪ ،‬ضمير حسين پيروزاڻي ۽ ذوالفقار پيروزاڻي (ڳاڙهو)‪ ،‬ناٿو‬ ‫بروهي‪ ،‬راجو قريشي ۽ دالور شيخ (ٺٽو)‪ ،‬چاچا يونس ڀان‪ ،‬سورج سجاولي‪ ،‬عبد سنڌي‪،‬‬ ‫محمد ٻارڻ ۽ واحد سوز مالح(سجاول)‪ ،‬محمد صالح ڪاتيار ۽ عبدالستار ڪاتيار‬ ‫(مڪان شريف)‪ ،‬محبوب بروهي‪ ،‬چاچا احمد خشڪ‪ ،‬سيد گل شاھ‪ ،‬اعجاز واريو‪ ،‬مرزا‬ ‫حسن بيگ‪ ،‬حنيف جاکرو (پريس ڪلب مڪلي)‪ ،‬سائين عبدالستار ميمڻ‪ ،‬مشتاق‬ ‫گرماڻي‪ ،‬ڪامريڊ گل محمد خشڪ‪ ،‬ايڊوڪيٽ سرور پليجو‪ ،‬ادا هارون خشڪ ۽ بالول‬ ‫سومرو (مڪلي)‪ ،‬فقير اڪرم مڱڻهار‪ ،‬انور آرزو ميمڻ‪ ،‬ناز ڀٽو ناهيو‪ ،‬سائين آصف قريشي‪،‬‬ ‫(ٺٽو)‪ ،‬شاهنواز بروهي‪ ،‬اياز الشاري ۽ ذوالفقار الشاري (ٺٽو)‪ ،‬محمد ابراهيم جوکيو (ڳوٺ‬ ‫سومار جوکيو)‪ ،‬فاروق بجاراڻي (ڪنڌڪوٽ)‪ ،‬رام اوڏ (عمرڪوٽ)‪ ،‬رفيق عيساڻي‪،‬‬ ‫شوڪت شورو (حيدرآباد)‪ ،‬پير بخش“سني عباسي”‪ ،‬انو سولنگي ۽ غالم علي سولنگي‬ ‫(حيدرآباد)‪ ،‬الل بخش ڪاتيار‪ ،‬امير علي ڪاتيار ۽ مشتاق ڪاتيار (ڪينجهر) ممتاز‬ ‫خادم ميمڻ (نوابشاھ)‪ ،‬اعظم ڀٽي (ٽنڊو محمد خان)‪ ،‬ممتاز مصطفيٰ دوست (دادو)‪ ،‬خادم‬ ‫گهراڻو (نصرپور)‪ ،‬عزادار حسين (ماتلي)‪ ،‬ماما رمضان ڪاتيار‪ ،‬ادا احمد ڪاتيار ۽‬ ‫عبدالغني ڪاتيار (غالم اهلل)‪ ،‬انور پاالري (جهمپير)‪ ،‬ڊاڪٽر سانوڻ بلوچ ۽ منير احمد‬ ‫ٻروسر (ٻروسر ڪالوني)‪ ،‬پيارو دوست غالم سرور دائوپوٽو مرحوم (مڪلي)‪ ،‬۽ ٻين التعداد‬ ‫دوستن جن روبرو‪ ،‬فون ڪالز‪ ،‬ميسجز يا فيسبڪ تي داد ڏنو ۽ ڪتاب لکڻ تي شاباس ۽‬ ‫مبارڪون ڏنيون انهن جو ٿورائتو آهيان‪.‬‬ ‫ان سان گڏوگڏ ڪتاب تي بيجا تنقيد ۽ طنز ڪرڻ وارن جو به ٿورائتو‬ ‫آهيان‪ .‬ڇو ته انهن مونکي هڪ وڏو حوصلو ڏنو ته منزل اڃان پري آهي‪ ،‬بيهڻو ناهي‪.‬‬ ‫مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ صرف راؤڙ واري موضوع کي ڪتابي‬ ‫شڪل ڏني هئي‪ ،‬جڏهن ته ٻيو ڪتاب صرف برهمڻ آباد واري موضوع تي‬ ‫مشتمل آهي‪ .‬ڪتابن کي مختلف جلدن ۾ آڻڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي‬ ‫ته تاريخي ضلعي ٺٽي جي تاريخ ڪنهن هڪڙي ڪتاب ۾ لکي نٿي سگهجي‪.‬‬ ‫هي ڪتاب اٺن بابن ۾ ورهايل آهي‪ .‬شروع وارا ست ئي باب‪ ،‬عرب ۽ ڏاهر‬ ‫‪28‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫جي جنگ توڙي قديم قلعي برهمڻ آباد‪/‬ڪالن ڪوٽ سان تعلق رکن ٿا‪ .‬صرف اٺون‬ ‫باب هن جنگ توڙي برهمڻ آباد‪/‬ڪالن ڪوٽ کان هٺيل آهي پر اهو ان ڪري‬ ‫شامل ڪيو آهي جو جڏهن ٻاٻڙن مطلب منهنجي ڳوٺ جو ذڪر آيو ۽ شاهه جي‬ ‫سورمي سسئي جو به ذڪر آيو ته سوچيو ته منهنجي ڳوٺ جي پاسي ۾ سهڻي ميهار‬ ‫جي داستان جون به خبرون ملن ٿيون ۽ سهڻي شاهه جي سورمي به آهي‪.‬‬ ‫ڪتاب مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ جن جون محنتون ۽ محبتون هن‬ ‫ڪتاب ۾ شامل آهن‪ ،‬انهن جا ٿورا ڪڏهن به الهي نٿو سگهان‪ .‬سڀ کان اول بابا‬ ‫سائين جا ڪروڙين ٿورا‪ ،‬جنهن منهنجي هر ممڪنه مدد ڪئي‪ ،‬ساٿ ڏنو‪ ،‬تاريخ‬ ‫لکڻ جو چاهه ڏنو‪ .‬ائين سمجهو ته هن ڪتاب جا اسين ٻه مصنف آهيون‪ ،‬هڪ‬ ‫بابا ۽ ٻيو آئون‪ .‬ڪتاب لکڻ توڙي تاريخ طرف آماده به بابا سائين ڪيو ۽ ِاهو بابا‬ ‫سائين ئي هو جنهن ڪتاب جي تياري ۾ منهنجي هر ممڪنه مدد ۽ سهڪار‬ ‫ڪيو‪ .‬پئسي ڏوڪڙ کان ويندي تاريخ جي ٽوڙي مروڙيل نالن کي سنئون سڌو‬ ‫ڪرڻ‪ ،‬انهن عالئقن ۾ گڏجي هلڻ‪ ،‬اتي جي مقامي ماڻهن توڙي تاريخ جي ڄاڻن‬ ‫سان مالقاتون ۽ تعارف ڪرائڻ سڀ بابا سائين پنهنجي ذمي کنيو‪ .‬آئون اڄ‬ ‫جيڪو ڪجهه آهيان اهو بابا سائين جي ڪري ئي آهيان‪ .‬جيڪڏهن بابا‬ ‫سائين ساٿ نه ڏيئي ها ته شايد آئون ايڏي وڏي کوجنا نه ڪري سگھان ها‪.‬‬ ‫ان کان عالوه خاص مهربانيون سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي سمورن‬ ‫دوستن جون‪ ،‬جن تاريخ تي لکڻ الِء ڀرپور اتسايو‪ .‬ڪمپوزنگ مون پاڻ ڪئي آهي‬ ‫پر ان سان گڏ منهنجا ڀائر هر هڪ شوڪت علي‪ ،‬لياقت علي ۽ نثار علي به ِ‬ ‫شامل‬ ‫حال رهيا ۽ پروف ريڊنگ به ڪري ڏني‪ .‬جڏهن ته ننڍو ڀاُء آصف علي گھٽ تعليم‬ ‫هئڻ جي ڪري ڪمپوزنگ ۾ ته گڏ نه هو پر سفر ۾ هر وقت گڏ رهندو هو‪.‬‬ ‫جڏهن ته آئون مانوارن دوستن جن ۾ پاڳارو غالم حسين شيخ (گادي نشين‪،‬‬ ‫درگاهه شيخ ابو تراب)‪ ،‬چاچا علي محمد شيخ‪ ،‬چاچا علي خان جوکيو (ميمبر ضلع‬ ‫ڪائونسل ٺٽو)‪ ،‬ايڊوڪيٽ وقار ميمڻ‪ ،‬شيراز گل ميمڻ‪ ،‬صحافي حبيب اهلل ميمڻ‪،‬‬ ‫چاچا جيئند ٻرڙو‪ ،‬سائين وسايو سمون‪ ،‬سائين احمد درس‪ ،‬عيسيٰ درس‪ ،‬سائين الهڏنو‬ ‫‪29‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ٻاٻڙو‪ ،‬چاچا علي مالح‪ ،‬انور جوکيو‪ ،‬نظام الدين ناهيو‪ ،‬ماما سليم ڪاتيار‪ ،‬ادا منظور‬ ‫ڪاتيار ۽ انهن سمورن مهربانن جو به ٿورائتو آهيان جن مونکي گهربل ماڳن جو‬ ‫مشاهدو به ڪرايو ۽ پنهنجي وس آهر معلومات به مهيا ڪئي‪.‬‬ ‫جڏهن ته چاچا اوڀايو خشڪ‪ ،‬عبدالمجيد جماري‪ ،‬استاد عارب موج‬ ‫شيدي‪ ،‬عبدالقادر گندرو ولد عبداهلل گندرو (مرحوم)‪ ،‬سائين مارو خشڪ‪ ،‬سائين‬ ‫صفدر ٺٽوي‪ ،‬سائين سجاد ميمڻ جو به ٿورائتو آهيان جن پنهنجي الئبريرين مان‬ ‫پڙهڻ الِء ڪتاب عنايت ڪيا‪ .‬ان سان گڏوگڏ شاهه جي پارکو‪ ،‬ٻولي جي ڄاڻو ۽‬ ‫محنتي استاد سائين نور احمد سومرو عرف نور رٽائي جو به ٿورائتو آهيان جنهن‬ ‫پڙهڻ الِء پنهنجي الئبريري مان ڪتاب عنايت ڪرڻ سان گڏ لغات توڙي شاهه‬ ‫جي بيتن جي سمجهاڻي جي حوالي سان به ڪافي مدد ڪئي‪.‬‬ ‫مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو تاريخي ڪتابن جي آڌار تي‪ ،‬تاريخي عالئقن‬ ‫جي مشاهدي‪ ،‬پنهنجي تحقيق‪ ،‬تجربي‪ ،‬مشاهدي‪ ،‬مطالعي‪ ،‬وڏڙن جي ٻڌايل ڳالهين‬ ‫۽ سنڌ جي عظيم محقق ۽ ليکڪ ِ‬ ‫قابل احترام پير حسام الدين راشدي پاران‬ ‫ڪتاب “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص ‪ ”)43‬۾ لکيل هنن سٽن جي بنياد تي لکيو‬ ‫آهي‪ .‬پير صاحب لکي ٿو ته “نيٺ چوڏهن سالن بعد الچار ٿي هيُء مضمون هن‬ ‫اميد تي ڇپائي رهيو آهيان ته هن بعد خدا ڪندو ڪو ٻيو لکندڙ اٿندو جيڪو‬ ‫آزاد سنڌ جي انهيَء قديم ۽ ملڪان ملڪ مشهور دارالسلطنت (ٺٽي) جي تاريخي‬ ‫جاگرافيَء جي تڪميل ڪندو”‪ .‬جيڪڏهن ڪو دوست منهنجي ڪيل تحقيق‬ ‫سان سهمت ناهي ته ڪا ڳالهه ڪانهي‪ ،‬ان اختالف راِء رکندڙ کي مڪمل آزادي‬ ‫آهي ته‪ ،‬هو به تحقيق ڪري ۽ وس آهر رنڍا روڙي ته جيئن‪ ،‬تاريخي ماڳن جو‬ ‫باريڪ بيني سان مشاهدو ٿي سگهي ۽ دنيا جي جديد وسيلن کي ڪتب آڻيندي‬ ‫سنڌ جي حقيقي تاريخ کي محفوظ ڪري سگهجي‪ .‬اميد ته‪ ،‬منهنجو نور نچوئي‬ ‫ڪيل هي تاريخي ۽ تحقيقي بحث‪ ،‬پڙهندڙن جو ڌيان تاريخي ماڳن ڏانهن‬ ‫ڇڪائڻ‪ ،‬تاريخي ورثي جو قدر ڪرڻ‪ ،‬تاريخي ڪتاب پڙهڻ‪ ،‬آثار قديمه جي بچاُء‬

‫‪30‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪرڻ‪ ،‬تاريخي شين جي سائنٽيفڪ انداز ۾ کوجنا ڪرڻ ۽ نئين نسل کي‬ ‫آگاهي ڏيڻ الِء ڪارگر ثابت ٿيندو‪.‬‬ ‫آخر ۾ سنڌ جي ناليواري اديب‪ ،‬محقق‪ ،‬سماجي اڳواڻ ۽“ڪراچي‬ ‫سنڌ جي مارئي” سميت انيڪ ڪتابن جي مصنف محترم گل حسن‬ ‫ڪلمتي صاحب جا به لک ٿورا‪ ،‬جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت‬ ‫ڪڍي ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ لکي ڏنو‪ .‬ان کان عالوُء ناليواري اديب‬ ‫محترم عبدالرشيد گبول (ميرپور ساڪرو)‪ ،‬ڀائرن جهڙي دوست محترم‬ ‫عبدالحميد سومرو (مڪلي)‪ ،‬استاد محترم عالمه موالنا عبدالقيوم نعيمي‬ ‫اوٺار (ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري) ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جي سيڪريٽري‬ ‫محترم فقير محمد اڪرم مڱڻهار جا به لک ٿورا ۽ لک قرب‪ ،‬جن ڪتاب تي‬ ‫پنهنجا ٻه اکر لکي ڪتاب کي وڏو مان بخشيو‪.‬‬ ‫فيصلو اوهان پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي‪ .‬اوهانجي تعميري تنقيد‪ ،‬صالحن‬ ‫مشورن ۽ حوصال افزائي جي اکرن جو اوسيئڙو رهندو‪ .‬ڪتاب پسند اچڻ يا نه اچڻ‪،‬‬ ‫ٻنهي صورتن ۾ اوهان جي راِء جو انتظار رهندو ۽ احترام ڪيو ويندو‪.‬‬

‫ٺٽوي ڪاتيار (ذوالفقار علي ڪاتيار)‬ ‫ڪاتيار هائوس ورڪرز ڪالوني‬ ‫ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري‪ ،‬ضلع ٺٽو‬ ‫موبائل نمبر‪03243094990 :‬‬ ‫‪thattvikatiar@gmail.com‬‬

‫‪31‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب پهريون‪:‬‬

‫برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياَء جا وهڪرا‬ ‫هن ڪتاب يا هن تاريخ کي سمجهڻ الِء سڀ کان پهريان اسان کي قديم دور وارا‬ ‫سنڌو درياَء جا وهڪرا ڳولڻا پوندا‪ ،‬جنهن کان پوِء تاريخ سمجهه ۾ اچي سگهي‬ ‫ٿي‪.‬‬ ‫پهرين ڳالهه ته هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار”‬ ‫(ص ‪ )2‬تي درياَء بابت لکيو آهي ته “هي وڏو درياَء (سنڌو) جنهن ۾ پنجاب جي‬ ‫سڀني دريائن جو ڇوڙ آهي‪ .‬تنهنجو سدائين اهو ساڳيو وهڪرو ناهي رهيو‬ ‫جنهن تان موجوده درياَء وهي رهيو آهي‪ .‬ڪنهن ٻئي درياَء شايد ئي هن وانگر‪،‬‬ ‫ايامن کان وٺي پنهنجا وهڪرا نه مٽايا هجن‪ .‬جيئن هن سيالني درياَء پنهنجا‬ ‫رستا سنڌ جي ميدان مان ڪٽي بنايا آهن‪ .‬اوڀر طرف راجستان جي رڻ پٽ جي‬ ‫بنهه ڪڇ کان وٺي اولهه واري جابلو عالئقي تائين‪ ،‬جيڪو اٽڪل هڪ سو ميل‬ ‫ميداني خطو آهي تنهن ۾ هي‪ ،‬هڪ يا ٻئي دور ۾‪ ،‬هڪ وڏي درياهه يا سندس ٻن‬ ‫ٽن مکيه وهڪرن يا ان کان وڌيڪ بي شمار شاخن ۾ پئي رهيو آهي‪ .‬جن‬ ‫پنهنجي وهڪرن کي وقت بوقت پئي بداليو آهي‪”.‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪)3‬‬ ‫“سڄي ملڪ جو مٿاڇرو سنڌو درياَء جي پراڻن پيٽن جي ابتن سبتن وهڪرن‬ ‫جي نشانن سان ڀريو پيو آهي‪ .‬جيڪي مٽي جي طوفانن ۽ واري جي اڏامڻ جي‬ ‫سبب تيزي سان هموار ٿيندا پيا وڃن‪ ”.‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪“ )5‬سنڌو درياَء جي‬ ‫موجوده حالتن ۾ دوآبي کي نظر ۾ رکي پراڻن شهرن کي سڃاڻڻ هڪ اجائي ڳالهه‬ ‫آهي‪”.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص ‪“ )160‬تاريخ جي مطالعي‬ ‫مان معلوم ٿيئي ٿو ته تهذيب ۽ تمدن جي شروعات درياهن کان ٿي آهي‪ .‬انساني‬ ‫آبادين‪ ،‬ڪاروباري مرڪزن‪ ،‬شهرن ۽ قلعن ۽ ڪوٽن جا جيڪي به اهڃاڻ ۽ پار‬ ‫‪32‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫پتا ملن ٿا‪ ،‬اهي سڀ درياهه جي ڪنڌين يا ان مان نڪرندڙ شاخن جي وهڪري‬ ‫يا لنگهه وٽ ٻڌل هئا‪ .‬موهن جي دڙي کان چانهون جي دڙي تائين سمورا قديم‬ ‫شهر درياهه جي ڪنڌين تي نظر اچن ٿا‪ .‬اهوئي سبب آهي جو درياهه جي رخ‬ ‫مٽائڻ سان آباد ۽ وسنديَء وارا ڪيترا شهر ۽ ڳوٺ ڦٽي تباهه ٿي ويل ڏسجن ٿا”‪.‬‬ ‫ٻي ڳالهه ته برهمڻ آباد ۽ منصوره بابت ذهين نشين ڪرڻ گهرجي ته‬ ‫اهي ٻئي تاريخي ماڳ هاڻوڪي سنڌ جي ڪهڙي عالئقي ۾ آهن؟ اسان جا‬ ‫ڪجهه محقق ان خيال جا آهن ته برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ئي شهر جا ٻه‬ ‫ناال آهن هڪڙو هندو نالو ۽ ٻيو مسلم نالو‪ .‬جڏهن ته ڪجهه محققن جي مطابق‬ ‫ته اهي ٻئي الڳ الڳ شهر آهن پر انهن جي تحقيق جي مطابق اهي ٻئي موجوده‬ ‫سانگهڙ ضلع ۾ اچن ٿا‪ .‬پر منهنجي تحقيق چوي ٿي ته نه برهمڻ آباد ۽ منصوره‬ ‫هڪڙي ئي شهر جا ٻه ناال آهن ۽ نه ئي اهي ٻيئي تاريخي ماڳ هاڻوڪي سانگهڙ‬ ‫ضلعي ۾ آهن‪ .‬تاريخي ماڳ يا قلعو برهمڻ آباد اهو قلعو آهي جنهن کي موجوده‬ ‫زماني ۾ پاڻ ڪالن ڪوٽ چئون ٿا ۽ منصوره جو شهر موجوده پير پٺو آهي‪.‬‬ ‫ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد ۽ منصوره کي پيرپٺو ڪهڙي بنياد تي لکيو آهي؟‬ ‫ثبوتن ۽ حوالن سان اهو توهان هن ڪتاب جي باب ٽين ۽ چوٿين ۾ پڙهي‬ ‫سگهندا‪.‬‬ ‫ٽي ڳالهه ته اسان کي اهو معلوم ڪرڻو پوندو ته ان وقت يعني برهمڻ‬ ‫گھراڻي جي حڪومت وقت سنڌو درياَء ڪٿان وهندو هو؟ ڇو ته مٿي هينري‬ ‫ڪزنس جي ڳالهين مان گهڻو ڪجهه ملي ٿو‪ .‬ان سوال جي جواب ڳولڻ الِء اگر‬ ‫مختلف ڪتابن جو مطالعو ڪجي ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون‪ .‬سواِء چند‬ ‫ڪتابن جي ٻي ڪنهن ۾ به صحيح معلومات ڏنل ناهي‪ .‬ان وقت جي درياَء جو‬ ‫صحيح تعين ڪرڻ الِء مشهور عرب سياح ۽ ليکڪ ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ‬ ‫جو نقشو اسان الِء ڪافي مددگار ثابت ٿيندو‪ .‬ابن حوقل پاران ڏنل نقشي مطابق‬ ‫تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته درياَء‪ ،‬ڪلري کانپوِء ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو‪.‬‬

‫‪33‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌ عرب دور (ص ‪ )452‬تي لکي ٿو ته “ڪلري جي شهر الِء عربن جو‬ ‫چوڻ آهي ته اهو نهايت ئي آباد‪ ،‬سرسبز ۽ سنڌ جي شاهوڪار حصي ۾ ٺهيل هو‪.‬‬ ‫هاڻي انهي شهر کي سڪرنڊ جي اوڀر ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تشبيهه ڏني وئي‬ ‫آهي‪ ”.‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )324‬تي “االدريسي جو ڇهين صدي هجري جو‬ ‫سياح ۽ جاگرافي دان هو‪ ،‬تنهن منصوره بابت هيُء بيان قلمبند ڪيو آهي‪،‬‬ ‫مهراڻ درياَء ڪلري وٽ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيو وڃي”‪.‬‬ ‫محترم رشيد ڀٽي‪ ،‬رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾ (ص ‪ )88‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “اڪثر مورخ ۽ جاگرافيدان ان راِء جا آهن ته سڄي سنڌ جي پنج سئو ميلن‬ ‫جي سفر ۾ ٻه جايون اهڙيون آهن‪ ،‬جتان سنڌو جو مکيه وهڪرو مستقل رهيو آهي‪.‬‬ ‫هڪ سکر ۽ بکر وٽ ۽ ٻيو ڪوٽڙي وٽ”‪( .‬ٽي ماهي مهراڻ‪ ،‬رني ڪوٽ نمبر)‬ ‫ڪلري اهو عالئقو آهي جنهن کي موجوده وقت ۾ پاڻ ڪينجهر چون‬ ‫ٿا‪ .‬ڇو ته مٿي واضع لکيل آهي ته سڪرنڊ جي پاسي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کي‬ ‫ڪلري سان تشبيهه ڏني وئي آهي‪ .‬مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو‬ ‫ته تشبيهه معنيٰ شڪ ۾ لکيل ڳالھ‪ .‬تاريخ ۾ جتي شڪ هجي اتي تحقيق جي‬ ‫گنجائش باقي رهي ٿي‪.‬‬ ‫سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )8‬تي آئين اڪبري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته‬ ‫“ٺٽي وٽ سنڌو درياَء کي مهراڻ چوندا آهن”‪ .‬محترم غالم علي االنا صاحب به‬ ‫درياَء جون چار شاخون لکيون آهن جن مان هڪ جو نالو مهراڻ آهي‪ .‬ٿي سگهي‬ ‫ٿو ته سنڌو درياَء جو مکيه وهڪرو ٺٽي جي طرف ايندو هو ۽ ان ڪري ئي آئين‬ ‫اڪبري ائين لکيو آهي يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته درياَء جي وڏي شاخ جو‬ ‫نالومهراڻ هو‪ .‬مهراڻ جي مکيه شاخ جڏهن هيالين تي پهچندي هئي ته اها ٻن‬ ‫حصن يا شاخن ۾ ورهائجي ويندي هئي‪.‬‬ ‫محترم عبدالرشيد گبول جي ڪتاب “ميرپور ساڪري جي تاريخ” جي‬ ‫مهاڳ ۾ محترم حميد مهراڻوي (ص ‪ )11‬تي لکي ٿو ته “تذڪره اميرخاني (ص‬

‫‪34‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫‪ )30‬۾ آهي ته ‪ 926‬هه بمطابق ‪1520‬ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي حملي وقت ٺٽو‪،‬‬ ‫سنڌو درياَء جي ٻن شاخن بگهاڙ ۽ ڪلري جي وچ ۾ ٻيٽ نما شهر هو”‪.‬‬ ‫محترم رحيم داد خان موالئي شيدائي پنهنجي ڪتاب “تاريخ سکر”‬ ‫(ص ‪ )2‬تي لکي ٿو ته “مهراڻ جو اصل نالو “سنڌو” آهي‪ ،‬جو سنسڪرت ٻوليَء‬ ‫جو لفظ آهي‪ ،‬معنيٰ “مها ساگر” (وڏو سمنڊ) جنهن جو ڪنارو نظر اچي نه سگهي‬ ‫۽ اها حقيقت آهي‪ ،‬ڇو ته اڳ مهراڻ جي آب ڪالڻيَء کي روڪڻ الِء بند ڏنل‬ ‫ڪونه هئا‪ ،‬پاڻي جي چاڙهه وقت درياهه وڻن ٽڻن‪ ،‬ڳوٺن ۽ جهنگن کي لوڙهيندو‪،‬‬ ‫ميلن تائين پکڙجي ويندو هو ۽ سمنڊ نظر ايندو هو‪ .‬خبر نه ٿي پوي ته سندس‬ ‫پيٽ ۾ ڪيترا شهر دفن آهن‪ .‬ٻي منجهس هيَء خوبي آهي ته درياهه ڪيترا ڀيرا‬ ‫پنهنجي وهڪري کي بداليو آهي‪ .‬ڪو وقت موئن جو دڙو به ان جي ڪپ تي‬ ‫بندر هو”‪.‬‬ ‫محترم غالم علي االنا پنهنجي ڪتاب “الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‬ ‫(ص ‪ ”)39‬تي لکي ٿو ته “ سنڌو درياَء جي قديم ڍورن ۽ وهڪرن بابت عالمن جا‬ ‫جدا جدا رايا آهن‪ .‬ڪئپٽن ڪارليس‪ ،‬ميجر راورٽي‪ ،‬ايٽڪن‪ ،‬ڪزنس‪ ،‬هيگ‪،‬‬ ‫موالئي شيدائي ۽ ٻين هن موضوع تي پنهنجا پنهنجا نتيجا ڪڍيا آهن‪ .‬تنهن‬ ‫هوندي به ڪن وهڪرن ۽ ڍورن جي باري ۾ ڪافي مونجهارو آهي‪ .‬جن کي يا ته‬ ‫نظرانداز ڪيو ويو آهي يا انهن کي گهٽ اهميت ڏني وئي آهي‪ .‬الڙ ۾ انهن (ڍورن‬ ‫۽ وهڪرن) جا نشان اڃا تائين سالمت آهن‪ .‬جيڪي پنهنجي تاريخ پاڻ بيان‬ ‫ڪن ٿا‪ .‬انهن ۾ هاڪڙو (ڍورو پراڻ)‪ ،‬بدرو (الهندين پراڻ)‪ ،‬ريڻ ۽ مهراڻ درياَء‬ ‫اچي وڃن ٿا”‪( .‬ص ‪ )41‬تي مهراڻ بابت وڌيڪ لکي ٿو ته “مهراڻ جي مکيه شاخ‬ ‫جڏهن هيالين وٽ پهچندي هئي‪ .‬تڏهن (‪1758‬ع کان اڳ) اها ٻن شاخن ۾‬ ‫ورهائجي ويندي هئي‪ ،‬جن مان هڪڙي ڪلري شاخ هئي”‪.‬‬ ‫محترم ممتاز حسين پٺاڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ عرب دور ۾ (ص ‪)54‬‬ ‫تي لکي ٿو ته “ڪينجهر کي هاڻي ڪلري به سڏيو وڃي ٿو”‪.‬‬

‫‪35‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار (ص ‪“ )204‬ان دريائي وهڪري اتر کان‬ ‫چياليا ڳوٺ وٽ ۽ ڏکڻ کان خان سومري جي ڳوٺ ڀرسان ڪٿان هڪ وڏو ڦيرو‬ ‫کائي‪ ،‬وڌيڪ ڏکڻ پاسي کان وهي‪ ،‬ٺٽي شهر جي اوڀر ويجهڙائيَء وٽان وهڻ لڳو‪.‬‬ ‫ان ڏکڻ واري ڦيري وٽان هڪ ڦاٽ پيدا ٿيو‪ .‬جيڪو پراڻي ڪلريَء جو پيٽ ڏئي‬ ‫وهڻ لڳو (جيڪو اسالم کان گهڻو اڳ سنڌو درياَء جو مکيه وهڪرو پڻ هو)‪.‬‬ ‫جنهن مان پوِء ٻه واهڙ ڦٽندا هئا‪ .‬انهن مان هڪ مڪلي ٽڪريَء جي اتر کان اچي‬ ‫کيس گهيري وٺندو هو ۽ ڏکڻ – اولهه وڃي گهاري ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ ٻيو‬ ‫واهڙ وڪڙ کائي مڪليَء جي ٽڪرين کان سندس اڀرندي ڪڇ (گود) کان سڌو‬ ‫ڏکڻ ڏانهن وهندو هو”‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪ )52‬حاشيه ۾ لکي ٿو ته “ڪينجهر‬ ‫۽ سونهريَء کي گڏي‪ ،‬ڪجهه وقت اڳ ڪلري ڍنڍ نالو رکيو ويو هو‪ .‬جنهن کي‬ ‫هاڻي وري ڪينجهر ڍنڍ نالو ڏنو ويو آهي”‪.‬‬ ‫ڪتاب الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‪ ،‬غالم علي االنا صاحب ‪1971‬ع‬ ‫۾ پي ايڇ ڊي الِء ٿيسز ٺاهي هئي‪ .‬هڪڙي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته جڏهن‬ ‫ٻنهي ڍنڍن (سونهري ۽ ڪينجهر) کي گڏيو ويو ته ان کي ڪلري جو نالو ڪهڙي‬ ‫بنياد تي ڏنو ويو؟ ڪراچي جا اڪثر رهاڪو ڪينجهر کي ڪلري ڇو ٿا چون؟‬ ‫ٺٽي ۾ هڪڙي يونين ڪائونسل جو نالو ڪلري ڇو آهي؟ (جيڪا مڪلي‬ ‫قبرستان جي اتر ۾ آهي) ٺٽي ۾ هڪڙو واهه به ڪلري جي نالي سان آهي‪ ،‬ان جو‬ ‫سبب؟‬ ‫ڪلري ته اهو ماڳ آهي جنهن کي پاڻ ڪينجهر چوندا آهيون‬ ‫جڏهن ته تاريخي نقشي ۾ ڪلري جي پاسي ۾ ڏيکاريل بلري جو شهر‬ ‫موجوده بلڙي شاهه ڪريم آهي‪ .‬ڇو ته موجوده ڪينجه ر کان بلڙي جو شهر‬ ‫ويجهو پوي ٿو‪.‬‬ ‫سنڌ عرب دور (ص ‪ )453‬تي بلري بابت لکي ٿو ته “ بلري جو شهر‬ ‫ڪلري جي اتر ۾ مهراڻ درياَء جي کٻي ڪپ تي ٺهيل هو‪ .‬پر انهي شهر کي اڃان‬ ‫‪36‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫تائين ڪنهن ماڳ سان تشبيهه نه ڏني وئي آهي‪ .‬سنڌ جي الڙ واري حصي ۾ بلڙي‬ ‫جو شهر اڃان تائين موجود آهي”‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) (ص ‪ ) 59‬تي بلري‬ ‫بندر بابت لکي ٿو ته “سنڌ جي هن بندرگاهه بابت قديم آثارن جي کاتي کي‬ ‫ڪي کنڊر ته نه ملي سگهيا آهن پر ابن حوقل جي راِء موجب هاڪڙي درياهه جي‬ ‫ڪپ تي جتان هن وقت ڍورو نارو ڦٽي نڪري ٿو ان جي ٻاهر اتر طرف بلري‬ ‫نالي بندرگاهه جا آثار موجود آهن‪ .‬پر هاڻوڪي سنڌ جي نقشي موجب ان جاِء‬ ‫تي هن بندر جا ڪي آثار ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن‪ .‬ڇاڪاڻ ته هن جي ڪا خاص‬ ‫جاگرافي نه ملي سگهي آهي”‪.‬‬ ‫مون مٿي واضع لکيو آهي ته سنڌو درياَء موجوده ڪينجهر وٽان ٻن‬ ‫وڏين ڇاڙهن ۾ ورهائجي ويندو هو‪ .‬پر اسان جا ساڃاوند‪ ،‬موجوده نوابشاهه وٽان‬ ‫سنڌو کي ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائن ٿا جنهن سبب اهي بلري بابت منجهيل آهن‪.‬‬ ‫انهن سڀني ڳالهين کي پڙهڻ کانپوِء اهو اندازو ٿي وڃي ٿو ته برهمڻ يا‬ ‫عرب دور ۾ درياَء سنڌ موجوده ڪينجهر وٽان ٻن ڇاڙهن ۾ نڪرندو هو‪ .‬ڇو ته جتي‬ ‫ڪينجهر آهي ان جي پاسي وارين ٽڪرين کي هياليا ٽڪريون سڏبو آهي‪.‬‬ ‫محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب “لطيفي سئر (ص‬ ‫‪ )18‬تي لکي ٿو ته “ٺٽي تعلقي ۾ هياليا نالي ڳوٺ آهي”‪ .‬جنهن جي مثال الِء‬ ‫ڀٽائي سائين جو هي بيت لکيو آهي ته‪:‬‬ ‫“ ِ‬ ‫(سر ڪاموڏ‪”)3.2 ،‬‬ ‫هيٺ َج ُر‪َ ،‬مٿي َم َڃ ُر‪ ،‬پاسي ۾ َوڻَرا َھ‪ .‬شاهه ُ‬ ‫ساڳي صفحي تي جنهن جو تفصيل هن ريت لکيو آهي ته “شاهه صاحب چوي‬ ‫ٿو ته هيٺ جر (جل) يعني پاڻي آهي‪ ،‬يعني هيالين واري ٽڪريَء جي هيٺان‬ ‫ڪينجهر ڍنڍ پيئي وهي‪ .‬مٿي يعني هيالين واري ٽڪريَء جي مٿان مڃر‬ ‫آهن‪ .‬ڪنڊيَء جي وڻ ۾ جيڪي سڱر ٿين ٿا تن کي‪ ،‬توڙي ڪنڊيَء جي وڻ‬ ‫جي ٻور کي “مڃر” چئبو آهي‪ .‬ٻيو چيو اٿس ته “پاسي ۾ وڻ راھ”‪ ،‬سو هن ڪري‬

‫‪37‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫چيو اٿس جو هيُء ٻيلي جو پاسو آهي‪ .‬اهڙي ريت پهرين مصرع ۾ تماچيَء جي‬ ‫ڳالهه ڪئي اٿس”‪.‬‬ ‫هاڻي سوال ٿو پيدا ٿيئي ته اگر درياَء ڪينجهر وٽان ٻن ڇاڙهن ۾ نڪرندو‬ ‫هو ته پوِء اهي ڇاڙهون موجوده وقت ۾ ڪهڙن عالئقن مان گذرنديون هيون‪.‬؟‬ ‫ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار (ص ‪“ )8‬سنڌو درياَء جي وچئين وهڪري‬ ‫جي ناتي سان ٺٽي جي حيثيت ۽ ترقي تيستائين قائم رهي‪ ،‬جيستائين درياهه‬ ‫سندس ڀرسان َگهندي ڏئي مٽيندو هو‪ .‬اهڙي صورتحال دهليَء جي حڪمران‬ ‫فيروز شاهه تغلق جي زماني ( ‪1351-1388‬ع) تائين قائم رهي‪ .‬پير حسام‬ ‫الدين راشدي ان دور جي همعصر شاعر مطاهر شاهه ڪڙه جو شعر بيان ڪيو‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫“تهته که آن جزيره بالديست پر کهف‬ ‫درياش يک طرف شد و پنج آب يڪ طرف”‬ ‫مطلب‪ :‬ٺٽو جيڪو هڪ ٻيٽ آهي‪ ،‬اهو عالئقو غارن سان ڀريل آهي‪ .‬کيس‬ ‫هڪ پاسي کان درياَء آهي‪ ،‬ٻئي پاسي پنج آب يعني سنڌو درياهه آهي”‪.‬‬ ‫جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار‬ ‫۽ تاريخ” (ص ‪ )41‬تي ساڳي ڳالهه هن ريت لکي آهي ته “ٺٽي جي موجوده محل‬ ‫وقوع يا بيهڪ توڙي ان جي چوڦير پراڻي سنڌو ندي ۽ ان جي شاخن جي پاتالن‬ ‫جي ان سان سڌي سنئين سنٻنڌ جي صورتحال مان اها تصديق ٿئي ٿي ته ٺٽو‬ ‫سنڌو نديَء جي شاخن جي وچ ۾ واقع هو‪ ،‬تنهن جي معنيٰ ته هيَء وستي‬ ‫آبڪالڻيَء جي موسم (مئي‪ ،‬جون کان آگسٽ ۽ سيپٽمبر) دوران پوريَء محفوظ‬ ‫رهندي هئي‪ .‬انهيَء حقيقت جي تصديق سلطان فيروز شاهه جي ٺٽي خالف‬ ‫مهمن (‪1350-1365‬غ) ۽ ان بعد شاهه بيگ ارغون جي هٿان ٺٽي جي فتح‬ ‫(‪1520‬ع) بابت تاريخ ۾ ڏنل احوالن مان پڻ ٿئي ٿي‪ .‬انهن مان سراج عفيف جي‬ ‫تاريخ فيروز شاهي ۽ ادراڪي جي بيگالرنامي ۾ ڏنل حواال ٻين سڀني جي ڀيٽ‬ ‫۾ وڌيڪ مستند آهن‪ .‬ادبي لکيتن ۾ ٺٽي جو “آب پنجاب” (سنڌو ندي) ۽ “درياَء”‬ ‫‪38‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫يعني ان جي واهن يا شاخن جي وچون وچ واقع هئڻ جو وڌيڪ پڪو حوالو‪،‬‬ ‫سلطان فيروز شاهه جي دور حڪومت (‪1351-1388‬ع) جي شاعر مطاهر جي‬ ‫شاعريَء ۾ ملي ٿو‪ .‬اهي شعر چوڏهين صديَء جي آخري ڏهاڪي جي دوران چيل‬ ‫آهن”‪ .‬محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص ‪ )111‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “ڏٺو وڃي ته قديم دور ۾ سنڌو درياء موجوده ٺٽي جي اتر ۽ ڏکڻ ٻن طرفن‬ ‫کان ڇاڙون ڪري وهندو هو‪ .‬درياَء جي هڪ شاخ مڪلي ٽڪريَء جي اتر طرف‬ ‫کان ته ٻي شاخ ڏکڻ طرف کان لنگهندي هئي‪ .‬اترين شاخ ڪلري وهڪرو ۽‬ ‫ڏاکڻي شاخ بگهاڙ وهڪرو سڏبو هو”‪.‬‬ ‫مسٽر هينري ڪزنس‪ ،‬پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار‪( ،‬ص ‪”)10‬‬ ‫تي لکي ٿو ته “مسٽر ڪرو اڃا به ٻيَء تبديلي جو ذڪر ڪيو آهي‪ .‬جنهن‬ ‫‪1800‬ع ۾ لکندي چيو آهي ته هن درياه پنجن کان ويهن سالن اندر‪ ،‬ٺٽي کان‬ ‫ٿورو مٿي هڪ عجيب ڦيرو کاڌو آهي‪ ،‬جوشهر درياه جي دوآبي مان ئي ماڳهين‬ ‫ٻاهر نڪري ويو آهي”‪.‬‬ ‫جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون‬ ‫(ص ‪ )101‬تي لکي ٿو ته “ تاريخ جي حوالي سان ٻي روايت اها آهي ته سنڌو‬ ‫نديَء جي ڊيلٽا جي هڪ شاخ گهاري جي ڏکڻ اوڀر طرف هئي‪ .‬سنڌو ندي‬ ‫جي هن وهڪري کي ڪلري وهڪرو سڏبو هو‪ 1758 .‬ع بعد ڪلري‬ ‫وهڪرو سڪي ويو”‪ .‬هن مان مراد ته سنڌو درياَء‪ ،‬موجوده ڪينجهر وٽان ٻه‬ ‫شاخو ٿيندو هو‪ ،‬جيڪو ٺٽي جي اولهه توڙي اوڀر کان وهندو هو جنهن سبب‬ ‫ٺٽي کي دوآبي ۾ ڏيکاريو ويو آهي‪ 1758 .‬ع واري تبديلي کان پوِء ٺٽو دوآبي‬ ‫مان ٻاهر نڪري ويو‪.‬‬ ‫پهرين ڇاڙهه جيڪا الهندي طرف ويندي هئي اها موجوده ٺٽي جي اتر‬ ‫طرف کان ساموئي‪ ،‬درگاهه مرشد شاهه مراد وٽان ٿيندي موجوده گجي شهر کان ٻه‬ ‫ميل پريان ٿرڙي (درگاهه شيخ ابو تراب‪ ،‬جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي باب‬ ‫پنجين ۾ آهي) وٽان گذري اڳيان هلي ٻاٻڙا يا راقم جي اباڻي ڳوٺ (ڳوٺ محمد‬ ‫‪39‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هاشم ڪاتيار) وٽان ٿيندي‪ ،‬ساڪرو ڪراس ڪري موجوده ٻهارن وٽان وڃي‬ ‫سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندي هئي‪ .‬مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ ان جو ذڪر لکيو آهي‪.‬‬ ‫تاريخ مظهر شاهجهاني (ص ‪“ )16‬درياهه جيڪو ٺٽي ۽ مڪلي‬ ‫ٽڪرين جي اتر پاسي وهندو هو سو گجي ۽ ٺٽي جي هاڻوڪي رستي کي وچان‬ ‫پار ڪري وهندو هو ۽ گجي کان ٻه ميل پري وهندو هو‪ ”.‬قديم ماڳ ٿرڙي يا شيخ‬ ‫ابو تراب جي مزار‪ ،‬گجي کان ٻه ميل پري آهي‪ .‬جنهن الِء سنڌ جي قديم آثارن‬ ‫جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )132‬تي شيخ ابو تراب جي مزار جي حوالي سان لکي ٿو‬ ‫ته “گجو کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي آهي”‪.‬‬ ‫ڪتاب سنڌ عرب دور (ص ‪ ) 443‬تي لکي ٿو ته “مشهور جاگرافيدان‬ ‫المسعودي جو پاڻ سنه ‪300‬هه ۾ سنڌ جو دورو ڪري ويو هو‪ .‬اهو ٻڌائي ٿو ته‬ ‫مهراڻ درياَء ساڪري واري ايراضي مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو”‪.‬‬ ‫ڪتاب “سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص ‪“ )20‬ڀنڀور جو شهر سنڌو جي‬ ‫ان ڇاڙهه جي ڪٺار سان وسندڙ هو‪ ،‬جيڪو ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي ڪڏهن‬ ‫سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو‪ .‬هن ڇاڙه جي سڪي وڃڻ کانپوِء ڀنڀور جا رهاڪو لڏي‬ ‫پالڻي وڃي ساڪري ۽ ٺٽي پرڳڻي ۾ ويٺا‪ .‬منهنجو اندازو آهي ته مذڪوره شاخ‬ ‫سترهين صديِء جي وچ ڌاران سڪي وئي هئي”‪.‬‬ ‫درگاهه شيخ ابوتراب جا خليفا توڙي‪ ،‬اتي جا مقامي ماڻهو هڪڙي ڏند‬ ‫ڪٿا به ٻڌائيندا آهن‪ .‬اها ڏند ڪٿا محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب‬ ‫“ماڻهو” (ص ‪ )364‬تي هن ريت لکي آهي‪“.‬هي هڪ ٻي ڏند ڪٿا به آهي‪ .‬ٿرڙ‬ ‫ٽڪريَء جي اوڀر طرف ڪجهه پنڌ تي هڪ ٻي ٽڪري ڏسجي ٿي‪ ،‬جنهن جا‬ ‫چار ئي پاسا اُڀا آهن‪ .‬اها پري کان هڪ سامونڊي جهاز جو ڏيک ڏئي ٿي‪ِ .‬ان‬ ‫ٽڪري جي مٿين سطح سڌي آهي‪ .‬مقامي ماڻهو ان ٽڪريَء کي ٿرڙ ٻيڙي چون‬ ‫ٿا‪ .‬سندن چوڻ آهي ته هڪ درويش جي ڪرامت سبب اها ٻيڙي پٿر ٿي وئي‬ ‫آهي‪ .‬ان ٽڪريَء تي ننڍڙا چقمقي پٿر گهڙيل حالت ۾ موجود آهن‪ .‬هو چون ٿا‪،‬‬

‫‪40‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫اڳي هتان درياهه وهندو هو”‪ .‬هن ڏند ڪٿا مان به اهو ثابت ٿيئي ٿو ته ٿرڙي يا‬ ‫درگاهه شيخ ابو تراب جي اوڀر پاسي مان ڪڏهن درياَء وهندو هو‪.‬‬ ‫محترم ابوبڪر شيخ‪ ،‬ٿرڙي ۽ شيخ ابو تراب بابت پنهنجي لکيل‬ ‫ڪالم ۾ گجو يا ٿرڙي جي پاسي مان درياَء جي گذر بابت هن ريت لکيو آهي ته‬ ‫“نيرڪس جڏهن هتي (ٿرڙي تي) رڪيو هو تڏهن هن ٻيٽ جي اتر اوڀر ۾ سنڌو‬ ‫درياَء جي پاڻي جو شور هوندو هو ۽ نظر جي حد تائين ساوڪ نظر ايندي هئي‪.‬‬ ‫هي هڪ وڏو پرفضا مقام هو‪ .‬پرفضا هئڻ جو اعزاز اڄ به هن جبل کي حاصل‬ ‫آهي پر درياَء جو شور‪ ،‬ساوڪ ۽ ٻيٽ جو اعزاز البته هاڻي هن جبل کي حاصل‬ ‫ناهي رهيو‪ .‬هتي هاڻي رهجي ويون آهن يوناني سپاهين جون ڪجهه پٿرن تي‬ ‫تراشيل نشانيون جيڪي ان ڏينهن جون يادون تازه ڪن ٿيون‪ .‬چوندا آهن ته‬ ‫هي يوناني فوج جي مختلف يونٽس جا نشان آهن جيڪي يوناني سپاهين هتي‬ ‫آرام ڪرڻ وارن ڏينهن ۾ پٿرن تي ٺاهيا هئا”‪.‬‬ ‫شيخ صاحب پنهنجي ڪالم ۾ مقامي ماڻهن پاران “ٿرڙ ٻيڙي” بابت‬ ‫ٻڌايل ڳالهين کي هن طرح لکيو آهي ته“توهان اگر ان نشان واري جبل کان اوڀر‬ ‫ڏکڻ واري جبل کي ڏسندا ته هو جبل توهان کي هڪ وڏي پاڻي جي جهاز وانگر‬ ‫لڳندو ۽ ان ئي تصور جي اک‪ ،‬حقيقت‪ ،‬آثارن ۽ منظرن ملي ڪري هي لوڪ‬ ‫ڪهاڻي تخليق ڪئي‪ ،‬جيڪا اڄ تائين ماڻهو وڏي اعتماد ۽ احترام سان ماڻهن‬ ‫کي ٻڌائين ٿا ۽ صدين تائين ٻڌائيندا رهندا‪ ”.‬شيخ صاحب جن نشانن جو ذڪر‬ ‫ڪيو آهي اهي نشان اڄ تائين ٿرڙي جبل تي ظاهر آهن‪.‬‬ ‫ڪتاب “الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” (ص ‪ )45‬تي ڪلري بابت لکي‬ ‫ٿو ته “ ڪلري واھ‪ :‬هي به درياَء جو هڪ ڦاٽ هوندو هو‪ .‬مٿي بيان ڪيو ويو آهي‬ ‫ته ڪلري واھ‪ ،‬مهراڻ جي هڪ مکيه شاخ هوندو هو‪ .‬اها شاخ گجي ۽ گهاري وٽان‬ ‫لنگهندي هئي‪1758 .‬ع واري زلزلي کان پوِء درياَء هن شاخ کي به ڇڏي ويو ۽‬ ‫‪1819‬ع ۾ هن جي حيثيت هڪ واهه جهڙي وڃي رهي‪ .‬هي واھ‪ ،‬ڏکڻ اولهه طرف‬ ‫وهي‪ ،‬ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري تعلقن کي آباد ڪندو هو‪ .‬پڃاري واهه وانگر هن‬ ‫‪41‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫واهه کي به ڌار ڌار نالن سان ڪوٺيندا هئا‪ .‬پهرين ‪ 26‬ميلن تائين هن کي ڪلري‬ ‫واهه چوندا هئا‪ ،‬ان کان پوِء هيٺ هن کي “ناري ڇڇ” چوندا هئا‪ .‬هن واهه تي‬ ‫هيٺيان شهر آباد آهن‪ .‬ٺٽو‪ ،‬ناريجا‪ ،‬گجو ۽ ٻاٻڙا”‪.‬‬ ‫ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )167‬تي ڪلري‬ ‫درياَء جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “ساريجي هڪ قديم ماڳ آهي‪ ،‬جيڪو سنڌوَء‬ ‫جي ڪلريَء واري وهڪري تي آباد هو‪ .‬هن وهڪري تي ٻيا شهر ۽ وسنديون‬ ‫مڪلي‪ ،‬ساموئي‪ ،‬هاالٺ‪ ،‬هاليجي‪ ،‬گجو‪ ،‬گهارو ۽ ڀنڀور آباد هئا”‪.‬‬ ‫سنڌ جو برک ڏاهو جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي‬ ‫ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار ۽ تاريخ (ص ‪ )42‬تي ڪلري درياَء جو ذڪر هن‬ ‫ريت لکيو آهي “درياَء‪ ،‬اتر ۾ چليا ۽ ڏکڻ ۾ خان سومرا ڳوٺ واري ايراضي مان‬ ‫ڪنهن هنڌان پنهنجي مکيه وهڪري ۾ ڦيرو کائي وڃي ڏاکڻيون پاسو ورتو ۽‬ ‫اهڙي ريت ٺٽي واري ايراضيَء جي اڀرندي لڳ ويجهو ٿي وهڻ لڳو‪ .‬ڏکڻ طرف‬ ‫موڙ واري ور وٽان نديَء جي هڪ معاون شاخ کانئس ڪٽجي جدا ٿي وئي‪ ،‬جا‬ ‫بعد ۾ انهيَء پراڻي ڪلريَء جي خشڪ ڍوري ۾ داخل ٿي وئي (جيڪو اسالمي‬ ‫دور کان گهڻو اڳ هڪ مکيه درياَء هو)‪ .‬بعد ۾ اها شاخ اڳتي ٻن شاخن ۾ ڦٽي‬ ‫نڪتي‪ .‬انهن مان هڪڙي شاخ اتر ۾ مڪلي جي ٽڪرين وچان وهندي اڳتي‬ ‫ڏکڻ – اولهه طرف گهاري جي رخ تي وهڻ لڳي‪ ،‬جڏهن ته ٻي شاخ مڪلي واري‬ ‫ٽڪري جي ُاڀرندين ڪڇ مان ڦيرا کائي پوِء ڏکڻ طرف وهڻ لڳي”‪.‬‬ ‫ڪتاب “ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” ( ص ‪ )56‬تي گجو شهر بابت‬ ‫لکيل آهي ته “روايت موجب گجي جي شهر جي چوطرف دريائي وهڪرا هوندا‬ ‫هئا‪ .‬گجو پهريائين هڪ ڳوٺ هو‪ ،‬هي ڳوٺ ٻيٽاري ۾ هئڻ ڪري گج جي صورت‬ ‫اختيار ڪري ويو هو‪ .‬ان ڪري ان کي دريائي گج چوندا هئا‪ .‬ان گج مان ڦري ان‬ ‫تي گجو نالو پيو”‪.‬‬

‫‪42‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫تحفةالڪرام (ص ‪ )89‬تي لکي ٿو ته “‪751‬هه ۾ محمد شاهه “طغي”‬ ‫نالي غالم جي پويان ٺٽي آيو ۽ ٿرڙي ديهه ۾ درياَء جي ڪناري منزل ڪيائين‪”.‬‬ ‫ٿرڙي اڄ به يونين ڪائونسل گجو ۾ موجود آهي‪.‬‬ ‫ان سڀني ڳالهين کي ذهن ۾ ويهارڻ کان پوِء اها ڳالهه ته واضع ٿي وئي‬ ‫آهي ته درياَء جي هڪڙي شاخ موجوده ٺٽي جي الهندي پاسي کان به وهندي هئي‪.‬‬ ‫جڏهن ته ڪلري وٽان ٻي ڇاڙهه موجوده ٺٽي جي اوڀر پاسي کان ٿيندي‬ ‫درگاهه شاهه گوهر گنج وٽان گذري ڪالن ڪوٽ جو پاسو ڏيئي اڳيان درگاهه‬ ‫پيرپٺو جي اوڀر کان ٿيندي اڳيان پيرپٺو‪ -‬گھوڙاٻاري روڊ تي جتي ڳوٺ سيد‬ ‫علي گوهر شاهه ڀاڏائي (سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ مقرر محترم سيد نواز شاهه‬ ‫ڀاڏائي جو ڳوٺ آهي) جي بلڪل قريب مان اتران ٿيندي پوِء اهو پاسي وٺي‬ ‫اڳيان هلي پهرين ڇاڙهه سان ملي ٻهارن وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙهه ٿيندي هئي‪.‬‬ ‫ڪتاب سنڌ عرب دور (ص ‪ )324‬تي عرب ليکڪ االدريسي جو حوالو‬ ‫ڏيئي لکي ٿو ته “درياَء جون ٻئي شاخون آخر ۾ منصوره (ياد رهي مون موجوده‬ ‫پيرپٺي کي منصوره لکيو آهي) جي ڏکڻ ۾ ٻارنهن ميلن جي فاصلي تي مليو‬ ‫هڪ وهڪرو بنائي ڇڏين” درگاهه پيرپٺي وٽان هڪ ننڍي ڇاڙهه درگاهه‬ ‫پيرپٺي جي لڳ اتر طرف کان به وهندي هئي ۽ اڳيان هلي وري وڏي ڇاڙه سان‬ ‫ملي ويندي هئي‪ .‬جيڪا ابن حوقل جي نقشي ۾ صاف ظاهر آهي‪ ،‬پيرپٺي کان‬ ‫ٿوري مفاصلي تي ور نالي هڪڙو شهر آهي جنهن الِء استاد محترم محمد مارو‬ ‫خشڪ ٻڌايو ته هتان درياَء ور مطلب ڦيرو ڪندو هو جنهن سبب ان ماڳ جو نالو‬ ‫ور هو جيڪو هاڻي شهر بڻجي چڪو آهي‪ .‬پيرپٺي جي اڀرندي پاسي واري‬ ‫دريائي ڇاڙهه جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ صاحب به فتحنامه ۾ لکيو آهي‪.‬‬ ‫درياهه جي متعلق ان الِء لکيو آهي ته جيئن توهان کي هن ڪتاب جي‬ ‫سموري تاريخ سمجھه ۾ اچي سگھي‪ .‬اولهه واري ڇاڙهه جو ذڪر ته ڪافي ٿيندو‬ ‫آهي مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ به ان جو ذڪر ڪيو هو جنهن درياَء مان محمد‬ ‫بن قاسم اڪري راؤڙ تي حملو ڪيو اها درياَء جي الهندي پاسي واري ڇاڙهه هئي‪.‬‬ ‫‪43‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫رهي ڳالهه ته اوڀر پاسي واري ڇاڙهه جي‪ .‬اسان جا ڪجهه محقق ۽ اديب پيرپٺي‬ ‫کي ديبل به چوندا آهن‪ .‬الزمي ڳالهه آهي ته جڏهن پيرپٺي کي ديبل يعني بندر‬ ‫لکيو ويو آهي ته اتان درياَء جو گذر ضرور ڏٺو هوندو‪.‬‬ ‫محترم اشتياق انصاري‪ ،‬ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪ )198‬تي‬ ‫ڪالن ڪوٽ واري باب ۾ لکي ٿو ته “ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي سنڌو‬ ‫جي پراڻي وهڪري جا اوائلي آثار آهن”‪ .‬ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي‬ ‫اڳيان لکي ٿو ته “ڪوٽ جي اردگرد پاڻي جي موجودگي اتي سنڌو جي ڪنهن‬ ‫اوائلي شاخ جي نشاندهي ڪري ٿي‪”.‬‬ ‫مڪلي نامه (ص ‪ )685‬تي پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته “مون ‪27‬‬ ‫مئي ‪1956‬ع تي ڪالن ڪوٽ جو قلعو وزٽ ڪيو‪ ”.‬وڌيڪ لکي ٿو ته “ (ڪالن‬ ‫ڪوٽ قلعي جي) اولهه ۽ اتر ۾ پهاڙ اٿس‪ ،‬سر اتر قلعي جي ديوار سان لڳ‬ ‫ڪشادي ڍنڍ ۽ ڏکڻ کان درياهه هو‪”.‬‬ ‫ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار (ص ‪“ )34‬هيُء قلعو (ڪالن ڪوٽ)‬ ‫مڪليَء تي تعمير ٿيل قديم آثارن جي کاتي جي ريسٽ هائوس کان پنج ميل‬ ‫ڏکڻ طرف‪ ،‬پيرپٺي جي درگاهه ڏانهن ويندڙ روڊ کان کاٻي ڌسا تي هڪ ميل کن‬ ‫ڏور ۽ سنڌو درياَء جي سڪي ويل هڪ واهڙ جي ڪناري تي ٺهيل آهي”‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص ‪“ 282‬ڪوٽ‬ ‫(ڪالن ڪوٽ) جي ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي درياهه جي پراڻي وهڪري جا‬ ‫اوائلي آثار ملن ٿا”‪.‬‬ ‫سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )234‬تي لکي ٿو ته‬ ‫“ ڪوٽ (ڪالن ڪوٽ) جي ڏکڻ ۾ ٿوري فاصلي تي سنڌو جي پراڻي‬ ‫وهڪري جا آثار آهن”‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪ “ )42‬ٻي وڏي شاخ‪ ،‬جيڪا هيالين‬ ‫وٽان ڌار ٿيندي هئي‪ ،‬تنهن کي بگهاڙ شاخ چوندا هئا‪ .‬هيَء شاخ پيرپٺي جي‬

‫‪44‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫درگاهه واريَء ٽڪري جي اوڀر طرف وٽان ڦري‪ ،‬ميرپور ساڪري ڏانهن رخ‬ ‫ڪندي هئي”‪.‬‬ ‫جڏهن ته نواز شاهه ڀاڏائي واري ڳوٺ وٽان درياَء جي آثارن جو ذڪر‬ ‫بابا سائين اڪثر ٻڌائيندو رهندو هو پر ان ڳالهه جو پڪو ثبوت ان ڏينهن ملي‬ ‫ويو جڏهن آئون ۽ بابا سائين‪ ،‬نواز شاهه ڀاڏائي جي ڳوٺ وياسين ته واقعي ان‬ ‫ڳوٺ جي پاسي ۾ ڪنهن درياَء جو پيٽ نظر آيو ۽ جڏهن سائين نواز شاهه سان‬ ‫ذڪر ڪيوسين ته سائين به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي‪ .‬هن تاريخ کي سمجهڻ‬ ‫الِء توهان کي دل جون اکيون ۽ ڪن استعمال ڪرڻا پوندا‪ .‬ڇو ته مسٽر جيمس‬ ‫برنس‪ ،‬اليگزينڊر برنس۽ مسٽر ڪرو کان پوِء شايد آئون پهريون ماڻهو‪/‬ليکڪ‬ ‫آهيان جيڪو ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد سمجهان ٿو‪.‬‬ ‫محترم ابوبڪر شيخ‪ ،‬پيرپٺي بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ پيرپٺي‬ ‫جي پاسي ۾ سنڌو جي اوائلي ڇوڙ بابت هن ريت لکيو آهي ته “مون بدر ابڙو‬ ‫صاحب کان ان باري ۾ پڇيو ته ان حقيقي ۽ خوبصورت جواب ڏنو ته‪ ،‬ان حوالي‬ ‫سان آئون شايد توهان کي ڪو مڪمل جواب نه ڏيئي سگهان‪ ،‬ڇو ته اهو ٺيڪ‬ ‫آهي ته هتان هو قديم ڇوڙ گذرندو هو‪ .‬هتي هڪ قديم بستي جا آثار به آهن”‪.‬‬ ‫ڪجهه سال پهرين پيرپٺي تي موجود منارو جڏهن ختم ٿيڻ لڳو هو‬ ‫ته ايندومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ثقافت کاتي پاران ان جي مرمت ڪرائي تاريخ‬ ‫‪ 27‬آڪٽوبر ‪2016‬ع تي وزير ثقافت محترم سيد سردار علي شاهه کان‬ ‫افتتاح ڪرايو ويو هو ۽ افتتاح ي بورڊ تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “خيال‬ ‫آهي ته هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو‪ .‬جنهن جا آثار مناري‬ ‫جي اوڀر ۾ هيٺ موجود آهن‪ .‬عربن جي وقت ۾ پوِء مغلن جي دور تائين هتان‬ ‫درياهه لنگهندو هو انڪري ڪي صاحب هن مناري کي درياهي بندر جو ٻالٽو‬ ‫يا الئٽ هائوس به سڏين ٿا‪”.‬‬ ‫اهي سڀئي ڳالهيون ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهن ته سنڌو درياَء جي‬ ‫هڪڙي ڇاڙهه موجوده ٺٽي يا ڪالن ڪوٽ جي اوڀر مان به گذرندي هئي‪ .‬اها ٻي‬ ‫‪45‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڳالهه آهي ته هر دور ۾ درياَء پنهنجا رخ تبديل ڪيا آهن جنهن جو ثبوت هن باب‬ ‫جي شروع ۾ مسٽر هينري ڪزنس جي حوالي سان مون ڏيئي ڇڏيو آهي‪.‬‬ ‫درياَء جا اهي ٻئي وهڪرا آخر ۾ موجوده ميرپور ساڪري وٽ ملي‬ ‫موجوده ٻهارن وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو جنهن جو ثبوت ڊاڪٽر بلوچ صاحب‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪ )386‬تي هن ريت ڏنو آهي “بگهياڙ جو قديم پيٽ ميرپور‬ ‫ساڪري تعلقي ۾ نمايان طور موجود آهي‪ ،‬جو هيٺ ميرپور ساڪري ۽ ٻهارن‬ ‫جي شهر وچان اولهه طرف هلي‪ ،‬ٻهارن جي شهر کان اٽڪل ‪ 4-3‬ميل اولهه طرف‬ ‫ور کائي ڏکڻ طرف وهي سڌو وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو”‪.‬‬

‫‪46‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب ٻيو‪:‬‬

‫(ڪوٽ)‬ ‫سنڌ جا ٻه گمنام قلعا‪ ،‬بهرور ۽ دهليله‬ ‫َ‬ ‫توهان منهنجي پوئين ڪتاب راؤڙ‪/‬رياتڙو ۾ پڙهي آيا ته راجا ڏاهر‬ ‫۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ ڪٿي لڳي هئي‪ .‬اهو هڪ‬ ‫منجهيل مسئلو ضرور هو پرهاڻي تقريب ًا حل ٿيڻ گهرجي‪.‬‬ ‫هاڻي اچون ٿا ته جڏهن راجا ڏاهر قتل ٿي ويو ۽ راؤڙ جو قلعو به فتح‬ ‫ٿي ويو ته پوِء محمد بن قاسم ڪهڙي طرف منزل ڪئي ۽ ڪهڙا ڪهڙا قلعا‬ ‫فتح ڪيا؟ تاريخ ان ڳالهه تي متفق آهي ته راؤڙ جي قلعي فتح ٿيڻ کانپوِء راجا‬ ‫ڏاهر جو پڳدار پٽ راجا جيسينه راؤڙ ڇڏي وڃي برهمڻ آباد ۾ ويٺو ۽ جنگ‬ ‫جي تياري ڪرڻ لڳو‪.‬‬ ‫محمد بن قاسم به راؤڙ جي فتح کانپوِء برهمڻ آباد جو رخ رکيو‪،‬‬ ‫جنهن کي اسان جي تاريخدان هاڻوڪي سانگهڙ ضلعي ۾ ڪنهن ماڳ کي‬ ‫برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏين ٿا‪ .‬سنڌ عرب دور ۾ واضع لکيل آهي ته موجوده‬ ‫سانگهڙ ۾ ڏيپر گھانگھري يا دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني‬ ‫وئي آهي‪ .‬ڳالهه کي ذهن نشين ڪيو وڃي ته تشبيهه ڏيڻ مطلب ته ان ماڳ کي‬ ‫شڪ ۾ لکڻ ۽ جتي ڳالهه شڪ ۾ ايندي آهي ان مان مراد ته ان ماڳ تي اڃان‬ ‫تحقيق ڪري سگھجي ٿي‪.‬‬ ‫“پوِء محمد بن قاسم برهمڻ آباد جو پڪو ارادو ڪيو‪ .‬راؤڙ ۽ برهمڻ‬ ‫آباد جي وچ ۾ ٻه ٻيا قلعا هئا جن کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا هئا” فتحنامه سنڌ‬ ‫(ص ‪)287‬‬ ‫افسوس جهڙي ڳالهه ته جو اڄ ڏينهن تائين انهن قلعن تي نه ڪا خاص‬ ‫تحقيق ٿئي آهي نه کوجنا ۽ نه ئي ڪا مستند لکت موجود آهي‪.‬سڀ کان وڏي‬ ‫ڳالهه ته سنڌ جا اڪثر ماڻهو به انهن قلعن جي نالن کان اڻواقف آهن‪.‬‬ ‫‪47‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫برهمڻ آباد کي اسان وٽ هاڻوڪي سانگهڙ ۾ لکيو وڃي ٿو پر‬ ‫برهمڻ آباد جو قلعو موجوده ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ ئي هو ۽ ٺٽي ۾ جيڪو‬ ‫مظبوط قلعو آهي اهو ڪالن ڪوٽ آهي ۽ ڪالن ڪوٽ ئي پراڻي دور وارو‬ ‫برهمڻ آباد جو قلعو آهي‪ .‬هرڪو سوچيندو ته ڪاتيار ڪيئن ان قلعي کي‬ ‫ٺٽي ۾ آندو آهي‪ .‬ان ڳالهه جو باقاعده ثبوتن سان حواال پيش ڪبا پر پهرين‬ ‫بهرور ۽ دهليله واري قصي کي سلجهايون‪.‬‬ ‫راؤڙ جو قلعو منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي بلڪل‬ ‫قريب ۾ آهي الزمي محمد بن قاسم اتان لشڪر وٺي برهمڻ آباد الِء نڪتو‬ ‫هوندو‪ .‬راؤڙ يا رياتڙي کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اوڀر پاسي ٻروسر‬ ‫ڪالوني نالي هڪ ننڍڙو شهر آهي‪ .‬جنهن جو ذڪر محترم عبدالرشيد گبول‬ ‫پنهنجي ڪتاب “ساڪرو‪ ،‬ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” ۾ لکيو آهي‪ .‬ٻروسر ڪالوني‬ ‫جي لڳ اوڀر پاسي غالم اهلل گھارو روڊ جي اترئين پاسي ڪافي مقدار ۾‬ ‫ٺڪراٽو پيل هوندو هو‪ .‬جنهن کي مقامي ماڻهو “نهائين” چوندا آهن‪ .‬مون خود‬ ‫ان سڄي عالئقي جو مشاهدو بابا سائين ۽ اتي جي مقامي ماڻهو چاچا جيئند‬ ‫ٻرڙو سان گڏجي ڪيو‪ .‬چاچا جيئند ٻرڙو ان عالئقي جو مقامي رهواسي آهي‬ ‫۽ ان عالئقي جو ڪافي ڄاڻو به آهي‪ .‬چاچا جيئند ٻڌايو ته اتي ڪنهن شهر‬ ‫جا آثار آهن‪ .‬اهو به ٻڌائين ته گھارو غالم اهلل روڊ جي ٻنهي پاسي ان شهر جا‬ ‫آثار هئا ۽ هڪ ننڍو رستو‪ ،‬پڪي رستي تان لهي اتر طرف چاچا جيئند واري‬ ‫ڳوٺ ڏانهن وڃي ٿو ان جي ٻنهي پاسن ۾ ان ماڳ جا آثار هئا پر افسوس جو‬ ‫اڻڄاڻائي‪ ،‬تاريخ سان گھٽ دلچسپي‪ ،‬پنهنجي مفادن کي وڌيڪ عزيز رکڻ‬ ‫ڪري ڪافي ماڻهن ان ماڳ تي پنهنجا ڳوٺ‪ ،‬گھر ٺاهي ڇڏيا ۽ زميون به آباد‬ ‫ڪري ڇڏيون‪ .‬اهي ته پنهنجو سک ٺاهي ويا پر اسان هڪ عظيم تاريخ کان‬ ‫محروم ٿي وياسين‪ .‬ان ماڳ جي ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي ڇڇ ساهڙڪو ڍنڍ‬ ‫آهي‪ .‬جنهن جو تفصيلي ذڪر هن ڪتاب جي باب اٺين ۾ آهي‪ .‬ان ماڳ کي‬ ‫اسان برهمڻ دور وارو بهرور جو قلعو چئي سگھون ٿا‪( .‬نوٽ‪ :‬ڊسمبر ‪2015‬ع ۾‬ ‫‪48‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫جڏهن مون هن ماڳ جو مشاهدو ڪيو ته ڪافي ميدان تي ٺڪراٽو پيل هو‪.‬‬ ‫هينئر (مئي ‪ 2018‬ع) تي جيڪو مون ٺڪراٽي وارو ميدان ڏٺو ان جو چوٿون‬ ‫حصو به نه رهيو آهي‪ ،‬اتي زمين کيڙي وئي آهي‪ .‬ٿي سگهي ٿو ته سال ٻن کان‬ ‫پوِء جيڪو ٺڪراٽو پيل آهي‪ ،‬اهو به نه هجي)‬ ‫بهرور جي قلعي کانپوِء محمد بن قاسم جنهن قلعي تي لشڪر ڪشي‬ ‫ڪئي تاريخ ۾ ان جو نالو دهليله ملي ٿو‪ .‬سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪)123‬تي‬ ‫فتحنامه جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا‪ ،‬جن‬ ‫کي بهرور ۽ دهليله سڏيندا هئا‪ ”.‬وري ساڳي ڪتاب ۾ (ص ‪ )135‬تي فتحنامه‬ ‫جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “راؤڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ ٻه قلعا هئا جن کي بهرور‬ ‫۽ دهليله سڏيندا آهن‪ ”.‬پهرين ڳالهه ته خود صاحب موصوف ان ڳالهه تي متفق‬ ‫ناهي ته اهي ٻئي قلعا يعني بهرور ۽ دهليله ڪهڙن قلعن جي وچ ۾ هئا يعني راؤڙ‬ ‫۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾ يا اروڙ ۽ برهمڻ آباد جي وچ ۾؟‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص ‪ “ 270‬ڪن‬ ‫محققن جو رايو آهي ته سنڌ جي ڏاکڻي حصي تي محمد بن قاسم قبضو‬ ‫ڪرڻ کان پوِء ‪712‬ع ۾ راوڙ جي قلعي هٿ ڪرڻ بعد‪ ،‬برهمڻ آباد طرف‬ ‫پيشقدمي ڪئي‪ .‬جتي راجا ڏاهر جو پٽ حاڪم هو‪ .‬جيڪو عربن جي فوج‬ ‫جو مقابلو نه ڪري سگهيو‪ .‬بهرور ۽ دهليله (دليل ديرو) جا ٻه قلعا رستي تي‬ ‫هئا‪ .‬الور ڏانهن ويندي محمد بن قاسم انهن ٻنهي قلعن تي قبضو ڪيو هو‪.‬‬ ‫ممڪن آهي ته بهم دڙو يا بهم ڪوٽ‪ ،‬بهرور هجي”‪.‬‬ ‫هتي وري ڳالهه کي ويتر منجهايو ويو آهي‪ .‬مٿي لکيل آهي ته راؤڙ‬ ‫جي فتح کان پوِء عرب فوج برهمڻ آباد جي قلعي طرف وڃي رهي هئي ان‬ ‫ڪري رستي تي بهرور ۽ دهليله جا قلعا هئا جيڪي انهن فتح ڪيا‪ .‬وري‬ ‫ساڳي هنڌ لکي ٿوته عرب فوج الور (اروڙ) طرف وڃي رهي هئي ان ڪري‬ ‫رستي تي بهرور جو قلعو هو جيڪو انهن فتح ڪيو‪.‬‬

‫‪49‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫فتحنامه (ص ‪ )417‬تي اشارا ۽ واڌارا ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي‬ ‫ٿو ته “هن پوئين عرصي ۾ جن تاريخ تي قلم کنيو آهي تن مان گهڻن راؤڙ ۽‬ ‫اروڙ کي هڪ سمجهيو آهي جو صحيح نه آهي‪ ”.‬ٻي ڳالهه ته صاحب موصوف‬ ‫اهو به فيصلو نه ڪري سگهيو ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ (جنهن ۾‬ ‫راجا ڏاهر قتل ٿيو) اها اروڙ تي لڳي يا راؤڙ وٽ؟ جيترو صاحب موصوف جي‬ ‫ڳالهين مان لڳي ٿو ته ان جي مطابق ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ اروڙ‬ ‫(موجوده سکر) وٽ لڳي هئي ۽ هاڻي عرب فوج برهمڻ آباد (موجوده سانگهڙ)‬ ‫طرف وڃي رهي هئي انڪري انصاري صاحب دهليله کي نوابشاهه ۾ لکيو‬ ‫آهي‪ .‬پهرين ڳالهه ته نه اروڙ وٽ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي ۽ نه ئي برهمڻ‬ ‫آباد موجوده سانگهڙ ۾ آهي‪.‬‬ ‫ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۾ (ص ‪ )121‬تي محترم اشتياق‬ ‫انصاري‪ ،‬دهليله ڪوٽ کي سڪرنڊ کان ٽن ميلن جي فاصلي تي نوابشاهه‬ ‫ويندڙ رستي تي لکيو آهي‪ .‬سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪)146‬‬ ‫تي لکي ٿو ته “اهو ڪوٽ (دليل ڪوٽ) ‪ 19‬صدي عيسوي جو ٺهيل آهي‪.‬‬ ‫قلعي جي ايراضي ‪ 10‬ايڪڙ آهي ۽ هن وقت قلعي جي ماڳ تي قبضو آهي”‪.‬‬ ‫جڏهن ته محمد صالح کهڙو پنهنجي ڪتاب سنڌ جي معلومات (ص ‪ )57‬تي‬ ‫لکي ٿو ته ان قلعي (دليل ڪوٽ) الِء ٻه روايتون ملن ٿيون‪ .‬هڪ اها ته اهو‬ ‫تاريخي ماڳ دهليله ڪوٽ جا آثار آهن جنهن کي محمد بن قاسم برهمڻ‬ ‫آباد طرف ويندي رستي ۾ فتح ڪيو‪ .‬جڏهن ته ٻي روايت اها آهي ته اهو‬ ‫ڪوٽ ٽالپرن جي دور ۾ مير دليل خان ٺاهرايو هو ۽ اها روايت ئي صحيح‬ ‫مڃي وڃي ٿي‪ .‬ساڳي ڳالهه محترم مشتاق مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب‬ ‫“سنڌ بابت جامع معلومات (ص ‪ )163‬تي هن ريت لکي آهي ته “ٻي روايت‬ ‫مطابق‪ ،‬هي قلعو (دليل ڪوٽ) ٽالپرن جي حڪومت ۾ نواب مير دليل خان‬ ‫تعمير ڪرايو هو ۽ اها ئي روايت صحيح مڃي وڃي ٿي”‪.‬‬

‫‪50‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫اشتياق انصاري به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا” (ص ‪)122‬‬ ‫تي دليل ڪوٽ جي حوالي سان لکي ٿو ته “لکيل مواد کان سواِء ڪجهه عوامي‬ ‫روايتون به هن قلعي سان منسوب آهن‪ .‬جنهن مان هڪ روايت موجب هي قلعو‬ ‫ٽالپرن جي هڪ نواب مير دليل خان ٺهرايو‪ .‬هڪ روايت موجب هي ڪوٽ ٽالپرن‬ ‫جي صاحبي ۾ دليل خان مگسي جوڙايو ۽ ڪن چوڻين پٽاندڙ دليل ڪوٽ ميرن‬ ‫جي ڪنهن ڪوٽوال اڏرايو هو‪ .‬مطلب ته عوامي ۽ مقامي روايتون ۽ بزرگن جون‬ ‫چوڻيون سڀ ان ڳالهه تي بضد آهن ته هي ٽالپر دور جو قلعو آهي”‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص ‪ )160‬تي دليل‬ ‫ڪوٽ‪/‬دهليل‪/‬دليل ديرو جي حوالي سان لکي ٿو ته “هن قديم قلعي بابت‬ ‫سنڌ جون تاريخون اڪثر خاموش آهن‪ ،‬جنهنڪري هن قلعي جي پراڻي‬ ‫تاريخ مختلف ڏند ڪٿائن ۽ عوامي روايتن جي لٽ ۾ لٽجي پنهنجي اهميت‬ ‫وڃائي رهي آهي‪ .‬اسان جي محققن به هن ڏس ۾ مٿاڇري قلم کڻڻ کانسواِء‬ ‫ڪا جوڳي کوجنا نه ڪئي آهي”‪ .‬ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “هن‬ ‫قلعي متعلق ڪي عوامي روايتون به ملن ٿيون‪ ،‬پر اهي ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ‬ ‫حيثيت نه ٿيون رکن‪ .‬جهڙوڪ ڪن روايتن موجب هي قلعو ٽالپرن جي هڪ‬ ‫نواب مير دليل خان ٺاهرايو هو‪ .‬ٻيَء روايت موجب هي قلعو ٽالپري دور ۾ دليل‬ ‫خان مگسي ٺهرايو هو‪ .‬هڪ روايت موجب هي قلعو ميرن جي ڪنهن‬ ‫ڪوٽوال ٺهرايو هو”‪.‬‬ ‫ڪتاب “سنڌ عرب دور” (ص ‪ )248‬تي لکيل آهي ته راؤڙ‪ ،‬بهرور ۽‬ ‫دهليله جي قلعن کي عرب فوج بارود ۽ نفطه جي ذريعي بنياد کان ئي اڏائي‬ ‫ڇڏيو هو‪ .‬جنهن سبب اهي ماڳ ڌرتي توڙي تاريخ تان هميشه الِء مٽجي ويا‪.‬‬ ‫ان حساب سان موجوده نوابشاهه واري قلعي کي ميرن جي دور وارو قلعو‬ ‫سمجهڻ گھرجي‪ .‬مون پهرين به لکيو ته اسان وٽ ساڳي ناال هئڻ سبب به تاريخ‬ ‫۾ ڪافي مونجهارو آهي‪ .‬دهليله ڪوٽ ۽ دليل ڪوٽ لفظ ڪافي ملن جلن‬ ‫ٿا جنهن سبب اسان جي تاريخ مونجهاري جو شڪار آهي‪ .‬جڏهن ته تاريخي‬ ‫‪51‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ماڳ دهليله جيڪو محمد بن قاسم فتح ڪيوان جا آثار جتي مون بهرور جو‬ ‫قلعو لکيو يعني ٻروسر ڪالوني جي اوڀر پاسي‪ ،‬ان کان تقريب ًا ٻن ميلن جي‬ ‫مفاصلي تي اتر طرف ڳوٺ مولوي تاج محمد ٻرڙوجي بلڪل ويجهو اڄ به‬ ‫ڪنهن قديم ماڳ جا آثار ملن ٿا‪ .‬پرائمري اسڪول مولوي تاج محمد ٻرڙو‬ ‫بيٽ غالم اهلل ۾ آڪٽوبر ‪2015‬ع کان منهنجي دخلڪاري (پوسٽنگ) آهي‪.‬‬ ‫روزانو اسڪول اچڻ وڃڻ وقت منهنجو ان عالئقي مان گذر ٿيئي ٿو‪ .‬ڳوٺ جي‬ ‫نيڪ مرد چاچا جيئند ٻرڙي سان گڏجي ٻه ٽي دفعا ان سڄي عالئقي جو‬ ‫مشاهدو ڪيو آهي‪ .‬بقول چاچا جيئند جي ته جيڪي آثار اسان ننڍپڻ ۾ ڏٺا‬ ‫هئا‪ ،‬اهي به هاڻي ناهن رهيا‪ .‬وڏي ڳالهه بقول چاچا جيئند جي ۽ مقامي ڳوٺاڻن‬ ‫جي ته صدر ايوب خان جي دور ۾ بلڊوزرن ۽ ٽريڪٽرن جي ذريعي زمينون‬ ‫صاف ڪيون ويون هيون ان ۾ به ان ماڳ کي ڪافي نقصان رسيو هو‪.‬‬ ‫چاچا جيئند ٻڌايو ته اهي آثار تقريب ًا ميل کن تائين پکڙيل آهن‪.‬‬ ‫ڪافي عالئقي تي زمينون آباد ٿي ويون آهن ته گھر به ٺهي ويا ۽ مال جا وٿاڻ‬ ‫به‪ .‬ان ماڳ تي پراڻي جو دور جو ٺڪراٽو ڪافي مقدار ۾ ملندو هو‪ ،‬باقي ٻيو‬ ‫ڪوبه آثار نٿو ملي‪ .‬زمين ڪلراٺي ٿي وئي آهي جنهن سبب رهي سهي ڪثر‬ ‫پوري ٿي وئي‪ .‬بقول چاچا جيئند جي ته جڏهن برسات پوندي آهي ته باقاعده‬ ‫ڪنهن غرق ٿيل شهر جا آثار ڏسي سگھجن ٿا‪ .‬جيڪي مون خود به برسات‬ ‫کانپوِء ڏٺا آهن‪.‬‬ ‫چاچا جيئند ٻڌايو ته انهن َپٽن مان اسان کي سون‪ ،‬چاندي‪ ،‬ٽامون ۽‬ ‫ٺڪر جا ٿانون مٽ‪ ،‬جنڊ ڪافي مقدار ۾ ملندا رهيا آهن‪ .‬اڄ به جيڪڏهن‬ ‫آرڪياالجي وارا ان ماڳ جي کوٽائي ڪن ته ڪافي لڪل رازن تان پردا‬ ‫کڄي سگھن ٿا‪.‬‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪ )288‬تي لکيل آهي ته محمد بن قاسم دهليله جي‬ ‫قلعي جو ٻه مهينا گهيرو ڪيو‪ .‬جڏهن قلعيوارا تنگ ٿيا ته پاڻ جنگ جي تياري‬

‫‪52‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي ٻارن کي ٻاهر موڪلي ڇڏيائون‪ ،‬جيڪي منجهل نهر مان‬ ‫پار ٽپيا‪ .‬ساڳي صفحي تي حاشيه ۾ لکي ٿو ته “اصل ۾ آب منجهل”‪.‬‬ ‫منهنجي رهائش ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري تي آهي جڏهن ته اسڪول‬ ‫منهنجي گھر کان تقريب ًا ‪ 5‬ميل پري اولهه طرف آهي‪ .‬اڌ رستو پڪو ۽ جابلو‬ ‫عالئقو آهي جڏهن ته اڌ رستو ڪچو ۽ عالئقو به ڪچو ۽ ڪلراٺو آهي‪ .‬رستي‬ ‫۾ ڳوٺ سومار جوکيو‪ ،‬ڳوٺ بچل جماري‪ ،‬ڳوٺ صالح ڪاتيار‪ ،‬ڳوٺ الهبچايو‬ ‫ڪهيو ۽ نيازي فارم اچن ٿا‪( .‬نيازي فارم کي مقامي ماڻهو ايس پي وارو واڙو به‬ ‫سڏين ٿا)‪ .‬ٻرڙن جي ڳوٺ کان اوڀر طرف نيازي فارم آهي ۽ نيازي فارم جي‬ ‫اولهه طرف اڄ به ڪنهن وڏي نهر جا آثار ڏسي سگھجن ٿا‪ .‬هاڻي ته ڪو درياَء‬ ‫يا نهر ته ناهي رهي البته ان سڄي ماڳ کي مقامي ماڻهو “منڃر وارو لڙ” چوندا‬ ‫آهن‪ .‬منجهل ۽ منڃر ٻئي هڪ ٻئي جون بگڙيل شڪلون لڳن ٿيون‪ .‬سنڌي‬ ‫لفظ منڃر ئي آهي پر جڏهن اسان جي تاريخ عربي ۽ فارسي زبان ۾ لکي وئي‬ ‫ته ان ۾ منڃر جي متبادل منجهل لفظ استعمال ٿيل آهي يا منجهل مان ڦري‬ ‫لفظ منڃر ٿيو آهي‪.‬‬ ‫منڃر يا منجهل نهر الَء محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب‬ ‫“ساڪرو ان جا ماڳ ۽ ماڻهو” (‪ )58‬۽ محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب‬ ‫وليون واس ورنيون (ص ‪ )94‬تي هن ريت لکن ٿا ته “قديم زماني ۾ سنڌو درياَء‬ ‫جو وهڪرو انهن ٻن ٽڪرين‪ ،‬درس ابراهيم ۽ شاهه حسين جي ٽڪري جي‬ ‫وچ مان گذرندو هو ۽ اتي هڪ دريائي پتڻ به هوندو هو‪ .‬اوڀر طرف درياَء جي‬ ‫وهڪري جا آثار اڄ به موجود آهن‪ ،‬جيڪي اڳتي هلي غالم اهلل روڊ سان ملن‬ ‫ٿا”‪ .‬درگاهه شاهه حسين جي ڏاکڻي پاسي اڄ به هڪ ڍنڍ آهي جنهن کي مقامي‬ ‫ماڻهو “منڃر ڍنڍ” چوندا آهن‪.‬‬ ‫درگاهه شاهه حسين‪ ،‬نيازي فارم کان ٿوري مفاصلي تي اتر طرف‬ ‫آهي ۽ جنهن کي مٿين ليکڪن درياَء لکيو آهي اهو قديم دور جي هڪ نهر‬ ‫هئي جنهن کي اسان جي تاريخي ڪتابن منجهل نهر لکيو آهي‪ .‬نيازي فارم‬ ‫‪53‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫جي اولهه وارو پاسو سڄو ڪچو آهي جڏهن ته اوڀر وارو پاسو جابلو عالئقو‬ ‫آهي‪ .‬ان واڙي جي لڳ جابلو عالئقو ڪافي فاصلي تائين ڳاڙهو آهي جنهن‬ ‫سبب مقامي ماڻهو ان کي “ڳاڙھو منهن” چوندا آهن‪ .‬ٿي سگھي ٿو ته اتي ڪو‬ ‫پتڻ يا بندر ٺهيل هو ۽ ڳاڙهو پٽ سرن جي ڪري ٿيو هجي‪ .‬ڪجهه وقت اڳ‬ ‫۾ جڏهن ان فارم جي پاسي ۾ اسپتال ٺاهي ويئي ان الِء فارم جي اوڀر پاسي‬ ‫کان بلڊوزرن جي مدد سان مٽي کنئي وئي ته تقريب ًا ‪ 8‬فٽن تائين ڳاڙهو پٿر ئي‬ ‫نڪتو‪ .‬آرڪياالجي کاتي وارا جيڪڏهن کوٽائي ڪن ته شايد ڪافي لڪل‬ ‫راز سامهون اچي سگھن ٿا‪.‬‬ ‫ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو کان اوڀر پاسي ڪجهه مفاصلي تي ڳوٺ پير‬ ‫محمد اگهيم آهي‪ .‬جڏهن اتي پهتاسين ته هڪ تمام اوچي ڀٽ (دڙو) ڏسڻ الِء‬ ‫مليو‪ .‬مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق ته اسان جا وڏا چوندا هئا ته اتي ڪو‬ ‫ڪوٽ يا قلعو غرق ٿيل آهي‪ .‬ڇو ته ان ڀٽ يا دڙي واري زمين تان اڄ ڏينهن‬ ‫تائين به ٺڪر جون شيون‪ ،‬سرون ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه ملندو رهندو آهي‪ .‬ان الِء‬ ‫چئي سگهجي ٿو ته ٻروسر ڪالوني جي اڀرندي پاسي نهائين‪ ،‬ڳوٺ تاج‬ ‫محمد ٻرڙو جي پاسي واري ميدان توڙي اگهيمن وارو ڳوٺ تائين انهن ٻنهي‬ ‫قلعن بهرور ۽ دهليله کي ڳولي سگهجي ٿو‪.‬‬ ‫“ٺٽي جي سيڪ کاڌل ۽ لوڻاٺي زمين ۾‪ ،‬بنان مرمت ۽ سنڀال جي ٻه‬ ‫سئو ورهيه ڪٿي ٿا آثار رهي سگهن؟” (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص ‪)89‬‬ ‫ڪتاب سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )44‬تي مترجم (محترم عطا محمد‬ ‫ڀنڀرو صاحب) حاشيي ۾ لکي ٿو ته “هن حقيقت کان به آگاهي ضروري آهي‬ ‫ته راؤڙ فقط حفاظتي قلعو ڪونهي پر هڪ راڄڌاني جو قلعو آهي ۽‬ ‫دارالسلطنت جو بچاُء آهي‪ .‬ان ڪري سندس چوڌاري ڪيترن قلعن جي‬ ‫موجودگي جا امڪان به هوندا‪ ،‬جن مان ٻيٽ جو قلعو به هڪڙو آهي”‪ .‬ٿي‬ ‫سگهي ٿو ته اهي قلعا راؤڙ جي بچاُء الِء هجن‪.‬‬

‫‪54‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫نيازي فارم جي اتر طرف ڳوٺ بچل جماري آهي جڏهن ته ڏکڻ ۾ ڳوٺ‬ ‫الهبچايو ڪهيو ۽ ڳوٺ صالح ڪاتيار آهن‪ .‬نيازي فارم جي اوڀر طرف ٿوري‬ ‫مفاصلي تي ڳوٺ محمد سومار جوکيو آهي‪ .‬سومار جوکيي ڳوٺ جي ويجهو ٺٽه‬ ‫سيمنٽ فيڪٽري آهي ۽ سيمنٽ فيڪٽري جي پاسي کان هڪ جابلو يا پهاڙي‬ ‫سلسلو آهي‪ ،‬جيڪو ڪالن ڪوٽ تائين پکڙيل آهي ۽ ڪالن ڪوٽ جو قلعو‬ ‫ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد آهي جنهن کي محمد بن قاسم ڇهه مهينا جنگ‬ ‫ڪرڻ کان پوِء به ڪجهه ڪتابن مطابق دوکي سان ته ڪجهه ڪتابن مطابق قلعي‬ ‫وارن جي همت هارڻ سبب فتح ڪيو‪ .‬دوکي سان انڪري جو ڪتاب لکن ٿا ته‬ ‫راجا ڏاهر جي گھرواري الڏي جنهن سان محمد بن قاسم نڪاح ڪيو ان جي‬ ‫معرفت قلعو فتح ڪيو يا موڪو پٽ وسايي جي معرفت قلعو فتح ٿيو‪ .‬جڏهن ته‬ ‫قلعي وارن ڇهه مهينا جنگ ڪئي آخرڪار غذائي کوٽ سبب مجبور ٿي امان‬ ‫وٺي قلعي جا دروازا کولي ڇڏيائون‪.‬‬

‫‪55‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب ٽيون‪:‬‬

‫برهمڻ آباد يا ڪالن ڪوٽ‬ ‫قديم دور واري برهمڻ آباد کي ڳولڻ يا موجوده ٺٽي واري ڪالن ڪوٽ‬ ‫کي قديم دور وارو برهمڻ آباد لکڻ الِء سڀ کان پهريان اسان کي هيٺين سوالن‬ ‫جا جواب ڳولڻا پوندا‪ .‬تنهن کان پوِء ئي ڪا حتمي راِء جڙي سگهي ٿي‪ .‬سنڌي ۾‬ ‫چوندا آهن ته “سئي وڃائجي ته پهرين هنج ڳولجي” مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي‬ ‫ته جڏهن اڃان اسين راؤڙ واري ماڳ يا عرب ۽ ڏاهر جي فيصله ڪن جنگ واري‬ ‫ميدان تي متفق نه ٿي سگهيا آهيون‪ ،‬ان کان اڳ سانگهڙ ضلع ۾ ڪنهن کنڊرن‬ ‫کي برهمڻ آباد ڪيئن ۽ ڪهڙي آڌار تي قرار ڏنو ويو؟؟ ڇو ته محمد بن قاسم‬ ‫راؤڙ واري جنگ ۾ راجا ڏاهر کي قتل ڪرڻ ۽ قلعو فتح ڪرڻ کانپوِء برهمڻ آباد‬ ‫جو رخ رکيو‪ .‬برهمڻ آباد پهچڻ کان پهرين محمد بن قاسم ٻه ٻيا قلعا به فتح ڪيا‬ ‫جن کي تاريخ ۾ بهرور ۽ دهليله جا ناال ڏنل آهن جن جو تفصيلي ذڪر مون هن‬ ‫ڪتاب جي باب ٻي ۾ لکيو آهي‪ .‬راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ واري ميدان‬ ‫جو ڪنهن به ڪتاب ۾ حتمي راِء ڏنل ناهي‪ .‬ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته‬ ‫اها جنگ ديبل تي لڳي هئي‪ .‬جنهن کي اسان جا ڪجهه ليکڪ ڀنڀور کي لکندا‬ ‫آهن ته ڪجهه وري پيرپٺي کي ۽ ڪجهه وري موجوده ڪراچي کي‪ .‬ڪجهه جو‬ ‫خيال آهي ته ديبل کي سمنڊ ڳڙڪائي ويو ۽ هاڻي ديبل جا کنڊر سمنڊ ۾ آهن‪.‬‬ ‫(اڃان تائين حتمي راِء جڙي ناهي سگهي ته ديبل بندر‪ ،‬موجوده سنڌ جي ڪهڙي‬ ‫ڪنڊ ۾ هو؟) ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته اها جنگ اروڙ يعني موجوده‬ ‫سکر ۾ لڳي هئي‪ .‬موالئي شيدائي ۽ مير معصوم ان خيال جا هئا‪ .‬اهوئي سبب‬ ‫آهي جو محترم اشتياق انصاري‪ ،‬راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ اروڙ يعني‬ ‫سکر وٽ ڏيکاري آهي ۽ اروڙ کانپوِء محمد بن قاسم جي پيشقدمي برهمڻ آباد‬ ‫يعني موجوده سانگهڙ طرف ڏيکاري آهي‪ .‬انڪري هو موجوده نوابشاهه ۾ دليل‬ ‫‪56‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪوٽ کي پراڻي دور وارو دهليله ڪري لکي ٿو (جنهن جو تفصيل هن ڪتاب‬ ‫جي باب ٻي ۾ ڏنل آهي)‪ .‬محمد سومار شيخ اها جنگ ڪرهيو ڀانڊاري واري‬ ‫پاسي لکي آهي‪ .‬فتحنامه ۾ بلوچ صاحب اها جنگ موجوده سجاول ضلعي جي‬ ‫جاتي واري پاسي لکي آهي‪ .‬ڊاڪٽر محمد علي مانجهي اها جنگ ٽکڙ يا بلڙي‬ ‫شاهه ڪريم واري پاسي لکي هئي‪ .‬ڪجهه ليکڪن جو خيال آهي ته اها جنگ‬ ‫موجوده بدين واري پاسي لڳي هئي‪ .‬گوگل تي سرچ ڪرڻ دوران اها جنگ‬ ‫موجوده نوابشاهه واري پاسي لکيل آهي‪ .‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون‬ ‫(سنڌ نمبر) ص ‪ “ 322‬راؤڙ‪ ،‬جيڪو غير معروف شهر ۽ قلعو موجوده بدين ضلعي‬ ‫۾ چيو وڃي ٿو‪ .‬ٻي راِء موجب اسالمي دور جي فتح باغ ۽ جوڻ شهرن جي اردگرد‬ ‫ڪٿي راؤڙ جو قلعو ڳولڻ کپي‪( .‬جڏهن ته عبدالواحد آريسر راؤڙ جو محل وقوع‬ ‫ٽنڊي الهيار ڀرسان ڄاڻائي ٿو)”‪ .‬مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ اها جنگ‬ ‫پنهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار يوسي پليجاڻي تعلقي ميرپور‬ ‫ساڪري ضلع ٺٽي وٽ لکي آهي‪ .‬ڳالهه جو مطلب ته جڏهن اسان کي پڪي طور‬ ‫اڃان اهو به معلوم نه ٿي سگهيو ته راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ ڪٿي لڳي‬ ‫۽ ان کان پهريان ئي برهمڻ آباد کي موجوده سانگهڙ ضلع ۾ لکڻ سمجهه کان‬ ‫ٻاهر آهي‪ .‬ڇو ته جڏهن اسان راؤڙ وارو ماڳ ڳوليو‪ ،‬ان کان پوِء ان جا آسا پاسا‬ ‫جانچي ڪنهن هڪ پاسي هلي برهمڻ آباد کان پهرين ٻه گمنام قلعا بهرور ۽‬ ‫دهليله جو پتو لڳائڻ کانپوِء ڪنهن ماڳ يا کنڊرن کي برهمڻ آباد چئي سگهون‬ ‫ٿا‪( .‬نوٽ‪ :‬راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ بابت (جنهن جنگ ۾ راجا ڏاهر قتل‬ ‫ٿيو) منهنجو ڪتاب “راؤڙ ‪ /‬رياتڙو” پڙهندا)‪.‬‬ ‫منهنجي تحقيق چوي ٿي ته موجوده ٺٽي ضلع ۾ موجود ڪالن ڪوٽ‬ ‫جو قلعو ئي پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو قلعو آهي‪ .‬جنهن کي محمد بن قاسم‬ ‫فتح ڪيو هو‪ .‬ان الِء اسان کي هيٺين سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا‪.‬‬

‫سوال پهريون‪ :‬تاريخي مونجهارن کي سلجهائڻو پوندو‪ ،‬جنهن سبب اسان‬ ‫جي تاريخ اڄ تائين مونجهارن جو شڪار آهي؟‬ ‫‪57‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )36-35‬تي‬ ‫لکيو آهي ته “ گهڻن شهرن جي سڃاڻپ کي مترجمن ۽ مورخن نقل ڪرڻ وقت‬ ‫منجهائي رکيو آهي‪ .‬ڇو ته کين ملڪ جي جاگرافيائي حالتن جي يا ته ڪا ڄاڻ‬ ‫ڪانه هئي يا کين فقط معمولي ڄاڻ هئي‪ .‬انهن اکرن جا اصل ٽٻڪا ختم ڪري‬ ‫ڇڏيا يا وري وڌيڪ ٽٻڪن جو اضافو ڪيو ۽ نالن جي غلط َهجي ۽ اچارن سان‬ ‫مونجهارن جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو‪ ”.‬ساڳي صفحي تي حاشيه ۾‬ ‫مترجم ان جو مثال لکي ٿو ته “راؤڙ جتان فوج پار ڪئي انکي گوجري‪ ،‬ڪوچري‪،‬‬ ‫ڪنگري نقل ڪيو ويو آهي‪ .‬جنهن سبب مونجهارو پيدا ٿي ويو آهي‪ .‬نه فقط‬ ‫ٽٻڪن سان پر هڪ جهڙن اکرن سان پڻ‪ .‬اهو به سوچڻ گهرجي ته ساڳين نالن‬ ‫وارا ماڳ سنڌ جي مختلف جاين تي ملن ٿا”‪.‬‬ ‫ساڳي ڪتاب ۾ (ص ‪ )84‬تي لکي ٿو ته “سنڌ جي تاريخ جيئن ان جي‬ ‫مورخن ٻڌائي آهي سا تضادن جو شڪار‪ ،‬نالن جي اختالفن سبب ۽ غلطين جي‬ ‫ڪري ڏاڍي منجهائيندڙ آهي پر اهو ايڏو وڏو مونجهارو به ناهي‪ ،‬جيڪو جديد دور‬ ‫جي مورخن جي متضاد ترجمن ۽ ٽيڪا ٽپڻي سبب پيدا ٿيو آهي‪ .‬انهي مان هرهڪ‬ ‫وري پنهنجي ليکي پنهنجي دل ۾ خوش آهي ته هو ئي صحيح آهي”‪.‬‬ ‫مير حاجي محمد بخش ٽالپور‪ ،‬رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾‬ ‫(ص ‪ )51‬تي لکي ٿو ته “ڪالسيڪل لکندڙن جو ڪجهه سنڌ بابت لکيو آهي‪،‬‬ ‫سو سمجهڻ کان ڏاڍو ڏکيو آهي‪ .‬هنن جا اچار ۽ ناال اڄڪلهه جي نالن سان‬ ‫مشابهت نٿا رکن‪ .‬خود جديد محققن ۾ به ان ۾ سخت اختالف آهي‪ .‬ڪي “دلمون”‬ ‫کي سنڌ سمجهن‪ ،‬ته ڪي ان کي بحرين چون‪ ،‬مگر سمجهڻ الِء به ڪي اشارا ئي‬ ‫ملن ٿا‪ ،‬جنهن مان جديد مورخ پنهنجي راِء قائم ڪن ٿا‪ ،‬انهن کي سمجهڻ الِء‬ ‫تقابلي مطالعو ضروري آهي”‪( .‬ٽي ماهي مهراڻ‪ ،‬رني ڪوٽ نمبر)‬ ‫سڀ کان اهم ڳالهه ته مون پنهنجي پهرين تاريخي ڪتاب “راؤڙ ‪/‬‬ ‫رياتڙو” جي باب پهرين ۾ ويهه تاريخي مونجهارا ڏنا آهن‪ .‬هي اهي ڳالهيون آهن‬ ‫جنهن سبب اسان جي تاريخ اڄ تائين مونجهاري جو شڪار آهي‪ .‬تاريخي‬ ‫‪58‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫مونجهارن کي درست ڪرڻ بغير تاريخ لکڻ ائين آهي جيئن انڌيري ۾ تير هالئڻ‬ ‫پوِء تير نشاني تي لڳو ته واهه واهه يا جيڪو سوجهرو هو سو به چٽ‪.‬‬ ‫سنڌ جو برک ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ فتحنامه سنڌ (اشاره ۽‬ ‫واڌارا ص ‪ )383‬تي هڪڙو مونجهارو هن ريت به لکيو آهي ته “عرب‬ ‫جاگرافيدانن ديبل جا طول ۽ عرض (ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪ) ڏنا آهن‪ .‬مگر‬ ‫اهي خود وضاحت طلب آهن‪ .‬اول ته هر هڪ مصنف طول ۽ عرض جا مختلف‬ ‫درجا ڏنا آهن ۽ ٻيو ته يقين سان چئي نٿو سگهجي ته هنن مان هرهڪ ڊگھائي‬ ‫ڦاڪ ڪٿان ڳڻڻ شروع ڪيو آهي‪ .‬ساڳي طرح عرب جاگرافي نويسن ديبل جا‬ ‫مفاصال ڏنا آهن پر اهي جملي وضاحت طلب آهن‪ .‬اول ته جن شهرن کان ديبل‬ ‫جا مفاصال ڏنا اٿن‪ ،‬خود انهن شهرن جون جڳهيون معلوم نه آهن ۽ ٻيو ته اهي‬ ‫مفاصال ڏينهن جي پنڌن يا منزلن ۽ مرحلن جي عدد يا فرسخن ۽ ميلن ۾ ڏنل‬ ‫آهن‪ ،‬مگرڪيئن چئي سگهجي ته هڪ ڏينهن جي پنڌ مان ڇا مراد آهي‪ ،‬يا هڪ‬ ‫منزل يا مرحلي جو ڪيترو مفاصلو سمجهڻ گهرجي يا ان وقت جو فرسخ يا ميل‬ ‫۾ ڪيترو مفاصلو قرار ڏجي‪”.‬‬ ‫ان کان عالوه هڪ مونجهارو اهو به آهي‪ ،‬جنهن پاسي تمام گهٽ ڌيان‬ ‫ڏنو ويو آهي‪ .‬اڄ جي دور ۾ سفر ڪرڻ ۽ اڄ کان صرف سو سال پهرين سفر ڪرڻ‬ ‫۾ به زمين آسمان جو فرق آهي ته پوِء اڄ کان تيرنهن سئو سال پهرين ڪهڙي‬ ‫صورتحال هوندي ان بابت هرڪو سوچي سگهي ٿو‪ .‬اڄ جي دور ۾ جتي تيز رفتار‬ ‫گاڏين جي سهولت آهي ته اتي سنوان سڌا روڊ به آهن‪ .‬اڳين دور ۾ گس ۽ پيچرا‬ ‫هوندا هئا‪ .‬جيڪي سنوان سڌا تمام گهٽ هوندا هئا‪.‬جن الِء ڀٽائي سائين (آڏ‬ ‫ترڇا) لفظ ڪتب آندو آهي‪ .‬ٻروسر ڪالوني سان تعلق رکندڙ چاچا سومار‬ ‫مالح‪ ،‬جيڪو وڏي عمر جو هئڻ سان گڏ سٺو ڄاڻو به آهي‪ ،‬ان مونکي ٻڌايو ته اڄ‬ ‫جي دور ۾ زمين سوڙهي ٿي وئي آهي‪ .‬اڳين جيڪو سفر پيدل اسان سڄي ڏينهن‬ ‫۾ ڪندا هئاسين‪ ،‬اهوئي سفرهاڻي پيدل به ڪجهه ڪالڪن ۾ ٿيو وڃي‪ .‬ان جو‬ ‫سبب ته اڳين گس ۽ پيچرا سڌا ڪونه هوندا هئا‪ .‬ٻه ميل پنڌ ڪرڻ کان پوِء اگر‬ ‫‪59‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪو وڏو جهنگ‪ ،‬ڳوٺ‪ ،‬پاڻي يا جبل اچي ويو ته اسان کي ڦيرو ڪرڻو پوندو هو‪.‬‬ ‫جيڪا منزل ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هوندي هئي اها ئي منزل ويهه ميل طئه‬ ‫ڪرڻ کان پوِء وڃي پڄندا هئاسين‪( .‬نوٽ‪ :‬چاچا سومار مالح کان مون جڏهن ان‬ ‫جي عمر بابت پڇيو ته چيائين ته وڌيڪ خبر ڪونهي پر جڏهن واڻيا ڀڳا‬ ‫(ٻهراڙين جا ماڻهو اڄ به ورهاڱي کي چوندا آهن ته جڏهن واڻيا ڀڳا) تڏهن آئون‬ ‫جوان جماڻ ۽ شادي شده آهيان)‪.‬‬ ‫هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته اسان جي سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي‬ ‫آهي‪ .‬جنهن ۾ ڪافي لفظ اهڙا به آهن جن جي لکت يا اچار ته ساڳيو هوندو آهي‬ ‫پر انهن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪجهه ٻيو نڪرندو آهي مثال‪ :‬ور ۽ مٽ وغيره‪ .‬جڏهن‬ ‫ته اڄڪلهه اسان زير‪ ،‬زبر يا پيش تمام گهٽ استعمال ڪندا آهيون‪ .‬ان الِء يا ته‬ ‫گهربل لفظ تي اعراب ڏنل هجن يا مڪمل جملو پڙهڻ کان پوِء اسان ان لفظ کي‬ ‫صحيح پڙهي سگهون ٿا‪ .‬مثال‪ :‬ٻه صفا ننڍا لفظ جيڪي صرف ٻن اکرن تي‬ ‫مشتمل آهن (ڪن ۽ سر)‪ .‬ڪاف يا سين تي زير‪ ،‬زبر يا پيش ڏيڻ سان به لکتن جا‬ ‫ڪن‪ِ ،‬‬ ‫ن‪.‬سر‪ِ ،‬سر يا ُسر‪ .‬وڌيڪ هر‬ ‫ڪن يا ُ‬ ‫مختلف مطلب نڪريو وڃن‪ .‬مثال َ‬ ‫ڪ َ‬ ‫ڪو ڄاڻو آهي انهن ٽنهي لفظن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍي سگهن ٿا‪.‬‬ ‫هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته سنڌ ۾ ڪافي پراڻن ماڳن‪ ،‬ڪوٽن‪،‬‬ ‫قلعن ۽ شهرن جي نالن الِء هڪڙو رايو اهو ملندو آهي ته اهي ڪنهن‬ ‫بادشاھ‪/‬ماڻهو جي نالي سان ٺهيل آهن‪ ،‬جهڙوڪ‪ :‬ڪال راجا (ڪالن ڪوٽ)‪،‬‬ ‫ڀنڀوراِء (ڀنڀور)‪ ،‬نيرون بادشاهه (نيرون ڪوٽ)‪ ،‬ابو جعفر منصور (منصوره)‪،‬‬ ‫حيدر قلي بيگ (حيدرآباد)‪ ،‬بهمن اردشير (برهمڻ آباد)‪ ،‬مائي مڪلي (مڪلي)‬ ‫وغيره‪ .‬مڃو ٿا ته گهڻا قلعا يا شهر ڪنهن ماڻهو جي نالي سان وجود ۾ آيا هوندا‬ ‫پر سڀ جا سڀ نالن تي ٺهيل هجن اهو منهنجي نظر ۾ ناممڪن آهي‪ .‬ڪافي‬ ‫شهر‪ ،‬ماڳ‪ ،‬ڪوٽ ۽ قلعا اتي جي ڪنهن مخصوص ڳالهه جي ڪري به وجود ۾‬ ‫آيا آهن‪ .‬جهڙوڪ رتو ڪوٽ‪ ،‬ٺٽو‪ ،‬ور‪ ،‬گهارو‪ ،‬گجو‪ ،‬وغيره‪.‬‬

‫‪60‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هڪڙو مونجهارو اهو به آهي ته اسان وٽ ڪافي پراڻن ماڳن‪ ،‬ڪوٽن قلعن‬ ‫الِء چوندا آهن يا لکندا آهن ته اهي ڌرتي ڌڏڻ سبب تباهه ٿي ويا‪ .‬پر منهنجي تحقيق‬ ‫چوي ٿي ته سڀ جا سڀ شهر يا ڪوٽ قلعا زلزلي سبب تباهه ڪونه ٿيا هئا‪ .‬انهن‬ ‫جي تباهي جا ڪارڻ زلزلي سان گڏ هي به ٿي سگهن ٿا‪ .‬ڪي ماڳ درياَء جي‬ ‫وهڪري مٽائڻ سبب ويران ٿي ويا‪ .‬ڪجهه ماڳ ٻاهرين حملي سبب تباهه ٿي ويا‬ ‫۽ ڪجهه ماڳ ڪنهن بيماري سبب گهڻي موت جي ڪارڻ ويران ٿي ويا‪ .‬انهن‬ ‫ٽنهي سببن جي ڪري اتي جا رهواسي لڏي وڃي ٻي پاسي ويٺا‪.‬‬

‫سوال ٻيو‪ :‬برهمڻ دور يا عرب دور ۾ سنڌو درياَء ڪٿان وهندو هو؟‬ ‫هن تاريخ کي سمجهڻ الِء سڀ کان پهرين اسان کي ان دور ۾ سنڌو‬ ‫درياَء جا وهڪرا به ڳولڻا پوندا ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوِء ئي تاريخ‬ ‫سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي‪.‬‬ ‫مون هن ڪتاب جي باب پهرين ۾ مختلف ڪتابن مان حواال وٺي ان‬ ‫“برهمڻ يا عرب دور ۾ سنڌو درياَء جا وهڪرا” لکيا آهن‪ .‬جنهن کي غور سان‬ ‫پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوِء اسان ڪنهن منزل تي پهچي سگهون ٿا‪.‬‬

‫سوال ٽيون‪ :‬راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ ڪٿي لڳي ۽ بهرور ۽ دهليله‬ ‫جا قلعا ڪٿي هئا؟‬ ‫راجا ڏاهر سان فيصله ڪن جنگ راؤڙ واري ماڳ تي لڳي هئي جنهن‬ ‫کي به اسان وٽ ڪافي منجهايو ويو آهي سنڌ جو شايد ئي ڪو اهڙو عالئقو‬ ‫ڇڏئون هجي جتي اها جنگ نه ڏيکارئون هجي‪ .‬پر مون پنهنجي پهرين ڪتاب‬ ‫۾ واضع لکيو آهي ته اها جنگ موجوده ٺٽي ضلع جي تعلقي ميرپور ساڪري‬ ‫جي يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) ۾ منهنجي اباڻي ڳوٺ‬

‫‪61‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫“محمد هاشم ڪاتيار” وٽ لڳي هئي يعني تاريخي ماڳ راؤڙ جنهن کي‬ ‫اڄڪلهه مقامي ماڻهو رياتڙو چون ٿا‪.‬‬ ‫راؤڙ کانپوِء برهمڻ آباد کان پهرين اسان کي بهرور ۽ دهليله جا قلعا يا‬ ‫انهن جا کنڊر ڳولڻا پوندا‪ .‬بهرور ۽ دهليله بابت مون هن ڪتاب جي باب ٻي ۾‬ ‫تفصيلي نوٽ لکيو آهي‪ .‬ان کان پوِء برهمڻ آباد ڳولي سگهجي ٿو‪.‬‬

‫سوال چوٿون‪ :‬برهمڻ آباد کي سانگهڙ ۾ پڪ سان لکيو ويو آهي يا شڪ ۾؟‬ ‫سنڌ عرب دور (ص ‪“ )455‬برهمڻ آباد جي قديم شهر کي اڃان تائين‬ ‫ڪنهن به کنڊر سان پڪي طور مشابهت نه ڏني ويئي آهي‪ .‬جيتوڻيڪ ڪن‬ ‫ليکڪن ان کي دلور جي ڀڙي سان ته ڪن وري ڏيپر گهانگهري جي کنڊرن سان‬ ‫انهي جو نالو ڳنڍيو آهي جي ٻيئي موجوده سانگهڙ ضلع جي سنجهوري تعلقي ۾‬ ‫آهن‪ ”.‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪“ )328‬ڏيپر گهانگهري جا کنڊر آهن‪ ،‬جن کي برهمڻ‬ ‫آباد شهر سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي‪”.‬‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪“ )402‬لوهاڻو پرڳڻو غالب ًا سانگهڙ ضلع جي‬ ‫شهدادپور ۽ سنجهوري تعلقن ۽ حيدرآباد ضلع جي هاال تعلقي تي مشتمل هو‪”.‬‬ ‫“مسٽر بيالسس‪ ،‬دلور جي ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني آهي”‪.‬‬ ‫“ڪننگهام‪ ،‬دلور جي ڀڙي کي منصوره سان تشبيهه ڏني آهي”‪.‬‬ ‫مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته ڪافي ماڳن کي اسان‬ ‫جي ليکڪن شڪ ۾ پراڻو ماڳ لکيو آهي پر بعد ۾ اهو دستور ٿي ويو ته هيڏي‬ ‫وڏي مورخ اها ڳالهه لکي آهي اها غلط نٿي ٿي سگهي‪ .‬فتحنامه ۾ بلوچ صاحب‬ ‫“غالب ًا” لفظ لکي ڳالهه شڪ ۾ رکي آهي پر اسان جي بعد جي ليکڪن ان کي‬ ‫سورنهن آنا سچ لکي ڇڏي‪.‬‬ ‫هتي سڀ کان اهم ڳالهه ته موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ به اسان جا ليکڪ‬ ‫متفق ناهن ته دلور جي ڀڙي وارو ماڳ برهمڻ آباد آهي يا ڏيپر گهانگهري وارو‪ .‬ڇو ته‬ ‫ڪجهه جو خيال آهي ته دلور جي ڀڙي تي برهمڻ آباد هو ۽ ڏيپر گهانگهري جا کنڊر‬ ‫‪62‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫عرب شهر منصوره جا آهن جڏهن ته ڪجهه ليکڪ ان جي ابتڙ ڳالهه ڪندا آهن‬ ‫ته دلور جي ڀڙي تي منصوره هو ۽ ڏيپر گهانگهري جا کنڊر‪ ،‬برهمڻ آباد جا کنڊر آهن‪.‬‬ ‫جنهن جو مثال مٿي مسٽر بيالسس ۽ ڪننگهام جي بيانن مان ثابت آهي‪.‬‬ ‫سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )12‬تي مقدمي ۾ محترم عبداهلل ورياهه لکي ٿو‬ ‫ته “هنن دڙن کي عام طرح “دلور جا دڙا” سڏيو ويندو هو پر بيالسس هن کي برهمڻ‬ ‫آباد جو قديم شهر قرار ڏنو”‪.‬‬ ‫ساڳي ڳالهه انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص ‪ )157‬تي دلور‬ ‫جا دڙا جي باب ۾ لکي ٿو ته “‪1954‬ع ۾ مسٽر اي ايف بيالسس ۽ سي ڊبليو‬ ‫رچرڊسن هنن قديم آثارن تي اچي ڪجهه جاين تي کوٽائي ڪئي‪ .‬سندن خيال‬ ‫موجب هي آثار قديم شهر برهمڻ آباد جا آهن”‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص ‪1884“ )157‬ع ۾ جنرل‬ ‫ايم آر هيگ‪ ،‬دلور جي دڙن کي عربن جو آباد ڪيل شهر منصوره قرار ڏنو آهي”‪.‬‬

‫سوال پنجون‪ :‬برهمڻ آباد سنڌ جي اتر ۾ هو يا الڙ واري پاسي؟‬ ‫“قديم زماني کان وٺي هي ملڪ (سنڌ) ٻن مکيه حصن ۾ ورهايل هوندو‬ ‫هو‪ ،‬جن مان هڪ اتر ٻيو ڏکڻ پاسي واقعي هو‪ .‬سنڌ جو اتر وارو حصو بکر جي‬ ‫اوسي پاسي کان وٺي سيوهڻ کان هيٺ هاال ڪنڊي تائين هوندو هو‪ .‬جنهن کي‬ ‫‘سرو’ چيو ويندو هو‪ .‬ڏاکڻيون حصو هاال ڪنڊي کان وٺي سمنڊ تائين پکڙيل‬ ‫هو‪ ،‬جنهن کي الڙ سڏيو ويندو آهي‪ .‬هنن لفظن جي اصلي معنيٰ ڇا آهي‪ ،‬تنهن‬ ‫جو پتو مون کي پئجي ڪونه سگهيو آهي‪ .‬پر اهي نهايت قديم ضرور آهن‪.‬‬ ‫ڇاڪاڻ ته رومي شهنشاهيت جي شروعاتي دور ۾ اتان جي جاگرافيدانن الڙ ان‬ ‫خطي کي سڏيو آهي‪ ،‬جيڪو سنڌو جي ڇوڙ واري عالئقي ڀرسان هو‪ .‬ان نالي جي‬ ‫اصليت اسان کي الهري بندر مان به محسوس ٿئي ٿي‪ ،‬جنهن جي معني الڙي بندر‬ ‫آهي‪ .‬پر هڪڙي ڳالهه ڌيان ۾ ضرور رکڻي پوندي ته مختلف دورن ۾ ڇوڙ وارو‬ ‫عالئقو به مختلف رهيو آهي‪.‬سنڌ جي ٻنهي ڀاڱن جون جدا جدا راڄڌانيون‬ ‫‪63‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هونديون هيون‪ .‬سري ۾ اروڙ ۽ الڙ ۾ برهمڻ آباد هئي‪( ”.‬ڪتاب‪ ،‬سکاري سنڌ‬ ‫ڏکارا ماڻهو‪ ،‬ص ‪)12‬‬ ‫ڪئپٽن صاحب جي ڳالهه ۾ وزن آهي اگر اسان برهمڻ آباد جي قلعي‬ ‫کي سانگهڙ ۾ لکون ان جو مطلب ته اروڙ ۽ برهمڻ آباد ٻئي اتر سنڌ ۾ هئا‪ .‬هاال‬ ‫ڪنڊي مان مراد اڄ وارو هاال جيڪو ضلع مٽياري ۾ آهي ۽ هن وقت سانگهڙ‪،‬‬ ‫مٽياري کان مٿان اچي ٿو ۽ اگر اسين سنڌ جو نقشو ڏسو ته هاال کانپوِء شهدادپور‬ ‫ڪافي فاصلي تي مٿين پاسي آهي‪ .‬ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد قرار ڏيڻ جو‬ ‫اهو به هڪ اهم ثبوت آهي‪.‬‬ ‫ايڇ ٽي لئمبرڪ‪ ،‬ڪتاب سنڌ‪ ،‬مسلمانن جي فتح کان اڳ (ص ‪)228‬‬ ‫“اسين هن ڳالهه کي بنا خوف ۽ خطري جي هڪ تاريخي حقيقت طور تسليم‬ ‫ڪري سگهون ٿا ته چندر جي مرڻ کان پوِء سنڌ جي ڪجهه عرصي تائين ٻن‬ ‫آزاد ۽ خود مختيار رياستن جي حيثيت ۾ ورهايل رهجي ويئي‪ .‬جن تي چچ جي‬ ‫ٻن پٽن جي بادشاهي قائم هئي”‪.‬‬ ‫ساڳي ڪتاب ۾ (ص ‪ )245‬تي نوٽ ۾ لکي ٿو ته “حقيقت هيُء آهي‬ ‫ته ڏهرسيه کي جيڪو چچ جو وڏو شهزادو هو‪ ،‬رهائش الِء برهمڻ آباد شهر کي‬ ‫وڌيڪ پسند هو ۽ هن ڏاهر کي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي ته هو سندس پاران الور‬ ‫تي قابض رهي”‪.‬‬ ‫ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڳالهه مان واضع ٿئي ٿو ته راجا چچ جي پٽن جي‬ ‫زماني کان وٺي سنڌ ٻن حصن مطلب الڙ ۽ اتر ۾ ورهائجي چڪي هئي‪.‬‬

‫سوال ڇهون‪ :‬سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن ماڳن کي “برهمڻ آباد” لکيو ويو آهي؟‬ ‫سنڌ جا قديم آثار (ص ‪“ )214‬ليفٽنينٽ برٽن هن کي ڪلياڻ ڪوٽ‬ ‫سڏي ٿو‪ .‬مان مقامي مورخن جي مخالفت کان لهرايان ٿو‪ ،‬خير پوِء به مان پوري‬ ‫وثوق سان چئي سگهان ٿو ته ڪاال ڪوٽ وڌيڪ صحيح نالو آهي‪ .‬مسٽر‬ ‫‪64‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫راورٽي ٻڌائي ٿو ته مسٽر جيمس برنس ۽ اليگزينڊر برنس‪ ،‬مسٽر ڪرو جي بيان‬ ‫جي تائيد ڪندي ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد تسليم ڪن ٿا‪”.‬‬ ‫حاجي محمد بخش ٽالپور رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي ۾‬ ‫(ص ‪ )52‬تي لکي ٿو ته “ لئمبرڪ‪ ،‬پٽياال کي برهمڻ آباد قرار ڏنو آهي”‪( .‬ٽي‬ ‫ماهي مهراڻ‪ ،‬رني ڪوٽ نمبر)‬ ‫سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )12‬تي مقدمي ۾ محترم عبداهلل ورياهه لکي ٿو‬ ‫ته “هنن دڙن کي عام طرح “دلور جا دڙا” سڏيو ويندو هو پر بيالسس هن کي برهمڻ‬ ‫آباد جو قديم شهر قرار ڏنو”‪.‬‬ ‫سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )264‬تي “ليال جا آتڻ”‬ ‫جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٺڪر جي مليل مورتي مان لڳي ٿو ته ماڳ اسالمي‬ ‫دور کان اڳ جو به ٿي سگهي ٿو‪ .‬جو مقامي ماڻهو ان کي برهمڻ آباد جي نالي سان‬ ‫ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا”‪.‬‬ ‫ڳالهه جو مطلب ته ڪالن ڪوٽ‪ ،‬دلور جي دڙي‪ ،‬پٽياله ۽ ليال جي آتڻ‬ ‫کي به برهمڻ آباد لکيو ويو آهي پر اسان وٽ صرف دلور جي دڙي کي پٿر تي‬ ‫لڪير سمجهي تحقيق ڪئي وئي آهي‪ .‬مٿي مختلف انگريز محققن جا حواال‬ ‫ڏنا آهن‪ ،‬جن مختلف ماڳن کي برهمڻ آباد قرار ڏنو آهي‪ .‬تاريخ ۾ جتي شڪ‬ ‫جي گنجائش هجي يا هڪ کان وڌيڪ ماڳن کي ان سان مشابهت ڏني وڃي ته‬ ‫اتي تحقيقات جي گنجائش باقي رهي ٿي‪.‬‬

‫سوال ستون‪ :‬برهمڻ آباد (ڪالن ڪوٽ) قلعي جي مظبوطي ڪيتري هئي؟‬ ‫“هندو فوج روزانو قلعي کان ٻاهر نڪري عربن سان جنگ ڪندي‬ ‫رهندي هئي‪ .‬اهو سلسلو ڇهه مهينا جاري رهيو‪ .‬جنهن ٻنهي ڌرين کي ڪڪ‬ ‫ڪري وڌو هو”‪( .‬سنڌ عرب دور‪ ،‬فتحنامه)‬

‫‪65‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هن مان اهو به ثابت آهي ته برهمڻ آباد جو قلعو مظبوط ته پنهنجي‬ ‫حساب سان هو پر ڪشادو به تمام گھڻو هو جو ڇهه مهينا جنگ هلي ۽ ضرورت‬ ‫جي شيون ڇهه مهينن تائين ميسر هيون‪.‬‬ ‫“عربن جي فوج منجنيق رستي شهر جي قلعي تي پٿر اڇاليا پر اهو‬ ‫ايڏو ته مظبوط هو جو عربن جون مشينون به ان کي ڪو نقصان نه رسائي‬ ‫سگهيون‪( ”.‬سنڌ عرب دور ص ‪)248‬‬ ‫مڪلي نامه (ص ‪)685‬تي ڪالن ڪوٽ الِء سنڌ جو برک ڏاهو‪ ،‬اديب‪،‬‬ ‫دانشور ۽ محقق پير حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته “موجوده صورت حال‪:‬‬ ‫راقم الحروف (پير حسام الدين راشدي) تغلق آباد جي ايراضيَء کي ‪ 27‬مئي‬ ‫‪ 1956‬ع جو پاڻ وڃين ڏٺو‪ .‬قلعي جا نشان موجود آهن ۽ وڏيَء ايراضيَء ۾ قلعي‬ ‫جي پکيڙ نظر اچي ٿي‪ .‬منجهس پڪيون سرون ڪتب آيل هيون‪ ،‬جن جا ڍير‬ ‫لڳا پيا آهن‪ .‬قلعي جي ديوار جو عرض (ويڪر) بيل گاڏيَء کان چئڻون ڏسڻ ۾‬ ‫اچي ٿو‪ .‬اولهه ۽ اتر ۾ پهاڙ اٿس‪ ،‬سر اتر قلعي جي ديوار سان لڳ ڪشادي ڍنڍ ۽‬ ‫ڏکڻ کان درياهه هو‪ ،‬جنهنڪري بيروني حملي کان هر لحاظ سان قدرتي طرح‬ ‫محفوظ هو‪”.‬‬ ‫جيڪڏهن اسان هڪ بيل گاڏي جي ويڪر ٽي فٽ رکون ته چئن بيل‬ ‫گاڏين جي ويڪر ٻارنهن فٽ ٿيئي ٿي‪ .‬وڏي ڳالهه ته اسان وٽ اڄڪلهه جيڪي‬ ‫ڪمرا ٺهن ٿا انهن جي ويڪر به ڏهه کان ٻارنهن فٽ هوندي آهي‪ .‬ڳالهه جو مطلب ته‬ ‫جيترو اسان وٽ ڪمرن جي ويڪر آهي اوتري ڪالن ڪوٽ (برهمڻ آباد) جي‬ ‫صرف ٻاهرين ديوار جي ويڪر هئي‪ .‬ايتري مظبوط ديوار کي شايد ٽينڪ جو گولو‬ ‫به ڪو نقصان نه ڏيئي سگھي ته پوِء منجنيق جي ڪهڙي مجال آهي‪.‬‬ ‫سنڌ عرب دور لکي ٿو ته راؤڙ‪ ،‬بهرور ۽ دهليله جي قلعن کي عربن بارود‪،‬‬ ‫دبابه‪ ،‬نفطه ۽ منجنيق جي ذريعي بنياد کان ختم ڪري ڇڏيو‪ .‬پوِء برهمڻ آباد جي‬ ‫قلعي کي ڇو ڇڏيو ويو؟‬

‫‪66‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫محترم احمد حسن داني‪ ،‬ڪتاب ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار (ص ‪)35‬‬ ‫تي لکي ٿو ته “قلعي (ڪالن ڪوٽ) جون ڀتيون ساڍا چوڏنهن فوٽ ٿلهيون آهن”‪.‬‬ ‫محترم ابوبڪر شيخ‪ ،‬ڪالن ڪوٽ بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾‬ ‫قلعي جي مظبوطي بابت هن ريت لکيو آهي ته “ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته‬ ‫هيٺ مٺي پاڻي جي ڍنڍ آهي ۽ مٿي پاڻي جا وڏا تالُء‪ .‬اهي صرف ان الِء ٺاهيا ويا‬ ‫هئا ته حملي جي صورت ۾ قلعي بندي ڪرڻي پوي ته پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود‬ ‫هجي ۽ ڪنهن پريشاني کي منهن ڏيڻو نه پوي‪ .‬هن قلعي تي قبضي ڪرڻ جي‬ ‫ڪوشش ضرور ٿي هوندي پر جنهن جڳهه تي قلعو تعمير ٿيل آهي‪ ،‬اتان هن کي‬ ‫فتح ڪرڻ يقين ًا مشڪل رهيو هوندو‪”.‬‬ ‫محترم عنايت اهلل کٽياڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ سڀيتا ۾ (ص ‪ )131‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “اهي سڀ حواال ثابت ڪن ٿا ته ڪالن ڪوٽ تمام مظبوط ۽ وسيع‬ ‫ڪوٽ هو‪ .‬هن وقت به تحقيق ڪندڙ ايراضيَء جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوِء‬ ‫ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ هن کي قرار ڏين ٿا‪ .‬هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد‬ ‫‪ 58‬ليکيو وڃي ٿو‪ ،‬جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ‬ ‫جي مضبوطيَء جو واضع مثال آهي‪ .‬ٻيو ته هن ڪوٽ کي اتر کان وڌيڪ مظبوط‬ ‫بڻائڻ الِء وڌيڪ برج ۽ ٻي دفاعي ديوار به ڏنل هئي‪ .‬ان کان سواِء ڪوٽ جي ٻاهران‬ ‫جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هئي‪ ،‬ان پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت الِء کاهيون کوٽيل‬ ‫هيون‪ .‬اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هيُء ڪوٽ تمام قديم هئڻ سان‬ ‫گڏوگڏ انتهائي حڪمت عمليَء سان پڻ ٺاهيو ويوهو جيڪو سنڌ جي تاريخي‬ ‫اڏاوت جو هڪ عظيم شاهڪار ۽ مثالي ڪوٽ هئو”‪.‬‬ ‫سنڌ عرب دور ( ص ‪ )115‬تي لکي ٿو ته “سنڌ جا قلعا ۽ ڪوٽ نهايت‬ ‫ئي طاقتور هئا ۽ اهڙي نموني ٺهيل هئا جو غنيم انهن تي سوالئي سان سوڀ‬ ‫حاصل نه ٿي ڪري سگهيو‪ .‬سنڌي قلعن جي مظبوطي بابت اسان کي ڪيئي‬ ‫حواال ملن ٿا‪ .‬عرب پاڻ سان طاقتور جنگي مشينون کڻي آيا هئا‪ .‬وٽن جيڪڏهن‬ ‫منجنيق ۽ دبابه جهڙيون مشينون نه هجن ها ته اهي ديبل جو ڪوٽ ڪيرائي نه‬ ‫‪67‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سگهن ها ۽ ساڳي ڪار سنڌ جي ٻين قلعن ۽ شهرن سان هئي‪ .‬منجنيق مشين جي‬ ‫رستي وڏيون وڏيون ڇپون قلعن جي ڀتين کي ڀڃڻ الِء اڇاليون وينديون هيون ۽‬ ‫دبابه جي رستي روغن ۽ بارود کي باهه ڏيئي قلعي جي اندر اڇاليو ويندو هو ته جيئن‬ ‫جاين‪ ،‬ڀتين‪ ،‬اناج جي ڀنڊار ۽ ماڻهن کي باهه وڪوڙي وڃي ۽ حملي آور فوجن کي‬ ‫قلعي ۾ گھڙي قتالم ۽ ڦرلٽ ڪرڻ ۾ سوالئي ٿيئي‪ .‬منجنيق مشين الِء ٻڌايل آهي‬ ‫ته ان کي پنج سو ماڻهو گڏجي ڇڪيندا هئا تڏهن ته اها پٿر جا گوال قلعن ڏانهن‬ ‫اڇالئي سگهندي هئي‪ ”.‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )116‬تي لکي ٿو ته “سنڌ جا قلعا‬ ‫مظبوطي جي خيال کان نهايت ئي پڪا ۽ پختا هئا ۽ عربن جي ڪيل حملي‬ ‫خالف پوري طاقت رکندا هئا پر ان هوندي به اهي ڌارين هٿان فتح ٿي ويا‪ .‬اهو‬ ‫انهيَء ڪري جو سنڌين پنهنجي خالف پاڻ دغا ڪئي ۽ اهي قلعا غداري ۽ بي‬ ‫ايماني سبب عربن جي ور چڙهي ويا‪”.‬‬ ‫“اهو قلعو (ڪالن ڪوٽ) پهاڙيَء تي هجڻ سبب يا جاِء وقوع ۽ ساخت‬ ‫جي لحاظ سان نهايت محفوظ خيال ڪيو ٿي ويو‪(”.‬مڪلي نامون‪ ،‬ص ‪)679‬‬ ‫“ قلعي جي مظبوطي ۽ ٻي ساز سامان متعلق ترخان نامي ۾ لکيل آهي‬ ‫ته “ قلعو (ڪالن ڪوٽ) اهڙيَء جاِء تي واقع هو جو چيو وڃي ٿو ته ٻن ڪوهن‬ ‫جي گھيري تان ڪو به ويجهو اچي نٿي سگھيو‪( ”.‬مڪلي نامون‪ ،‬ص ‪)682‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪“ )116‬اهي (ڪالن ڪوٽ) جا کنڊر‬ ‫هڪ مظبوط قلعي وانگر‪ ،‬ٽڪري تي آهن‪ .‬جنهن جي ٽن پاسن کان اڳي پاڻي‬ ‫هوندو هو‪ .‬قلعي جي سنڀال الِء مورچا هوندا هئا‪ ،‬جيڪي هن وقت ڍيرن جي‬ ‫صورت ۾ آهن”‪.‬‬ ‫اهو ئي سبب آهي جو عربن ڇهه مهينا گهيرو ڪرڻ ۽ جنگ ڪرڻ جي‬ ‫باوجود به برهمڻ آباد کي فتح نه ڪري سگهيا‪ .‬فتحنامه سنڌ مطابق راجا چچ به‬ ‫راجا اگهم سان لڙائي الِء پورو سال قلعي جو گهيراُء ڪيو هو‪.‬‬

‫سوال اٺون‪ :‬برهمڻ آباد (ڪالن ڪوٽ) جي تباهي ڪيئن ٿي؟‬ ‫‪68‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌ عرب دور (ص ‪ )249‬تي محمد بن قاسم جي دور ۾ برهمڻ آباد جي‬ ‫تباهي جي حوالي سان لکي ٿو ته “عربن برهمڻ آباد جي شهر ۾ سورنهن هزار سنڌي‬ ‫تلوار جو کاڄ بنايا ۽ شهر کي باهه ڏيئي ان جو وڏو حصو تباهه ڪري ڇڏيو‪”.‬‬ ‫ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )433‬تي برهمڻ آباد جي ٻي ڀيري تباهي بابت‬ ‫لکي ٿو ته “برهمڻ آباد جو شهر پڻ بلڪل تباهه ڪيو ويو ۽ ان جي سڄي آبادي‬ ‫کي غالمي جو ڳٽ وڌو ويو‪ .‬انهي شهر الِء ٻڌايو ويو آهي ته عربن جي تباهه‬ ‫ڪارين کان پوِء به اهو شهر وري ڪجهه وقت الِء آباد ٿيو‪ .‬پر اهو ساڳيو اوج نه‬ ‫وٺي سگهيو‪ .‬ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي واپسي کان پوِء وڳوڙ ۽ افراتفري‬ ‫جون حالتون قائم ٿي ويون‪ .‬راجا ڏاهر جو پٽ راجڪمار جيسينه جيڪو برهمڻ‬ ‫آباد جي فتح کان پوِء چتور ڀڄي ويو هو واپس سنڌ موٽي آيو ۽ اچڻ سان برهمڻ‬ ‫آباد کي فتح ڪيائين‪ُ .‬هن ڪافي عرصو برهمڻ آباد تي حڪومت ڪئي ۽‬ ‫ملڪ جو ڳچ حصو پنهنجي سياسي اثر هيٺ آندو‪ .‬بنو اميه جي خليفي عمر‬ ‫ٻئي جي دور ۾ سنڌ جي عرب گورنر جنيد بن عبدالرحمان کيس دوڪو ڏيئي‬ ‫قتل ڪيو‪( .‬هتي ليکڪ مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي ڇو ته ساڳيو ڪتاب‬ ‫(ص ‪ )272‬تي عرب گورنر جنيد بن عبدالرحمان بابت لکي ٿو ته “يزيد ٻئي‬ ‫تخت تي ويهڻ سان جنيد بن عبدالرحمان المري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو‬ ‫۽ جنيد اهو عهدو نه فقط يزيد جي دور ۾ پر يزيد کان پوِء سندس ڀاُء هشام بن‬ ‫عبدالملڪ جي خالفت جي دور ۾ پڻ ماڻيو‪ .‬عمر بن عبدالعزيز جي خالفت واري‬ ‫ڏينهن ۾ عمرو بن مسلم الباهلي سنڌ جو گورنر هو‪ .‬راقم)‪ .‬ان کان پوِء جنيد‬ ‫برهمڻ آباد جي شهر تي ٻيهر حملو ڪري ان جو ڳچ حصو ڊاهي ڇڏيو ۽ باقي‬ ‫کي باهه ڏياري ساڙائي ڇڏيائين‪ .‬ان وقت جي جنگ جو اهو طريقو هو ته جتي به‬ ‫ڪنهن شهر جا ماڻهو پنهنجي آزادي الِء وڙهندا هئا يا شهر جو بچاُء ڪندا هئا‬ ‫ته ان شهر جي قلعي کي بنياد کان ڊهرائي اتي جون جايون يا ته ڪيرائي پٽ‬ ‫ڪيون وينديون هيون يا ته وري ساڙائي خاڪ ڪيون وينديون هيون‪ .‬انهي الِء‬ ‫ته ٻين شهرن جا ماڻهو سبق پرائين ۽ حملي ڪندڙ غنيم جي خالف مقابلو‬ ‫‪69‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪرڻ ترڪ ڪري ڇڏين‪ .‬اها حقيقت سنڌ ۾ پوِء جي ٿيندڙ واقعن مان به ظاهر‬ ‫آهي‪”.‬‬

‫سوال نائون‪ :‬ڪالن ڪوٽ الِء انگريز ليکڪن جا حواال ڇا ٿا چون؟‬ ‫سنڌ جا قديم آثار (ص ‪“ )214‬ليفٽنينٽ برٽن هن کي ڪلياڻ ڪوٽ‬ ‫سڏي ٿو‪ .‬مان مقامي مورخن جي مخالفت کان لهرايان ٿو‪ ،‬خير پوِء به مان پوري‬ ‫وثوق سان چئي سگهان ٿو ته ڪاال ڪوٽ وڌيڪ صحيح نالو آهي‪ .‬مسٽر‬ ‫راورٽي ٻڌائي ٿو ته مسٽر جيمس برنس ۽ اليگزينڊر برنس‪ ،‬مسٽر ڪرو جي بيان‬ ‫جي تائيد ڪندي ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد تسليم ڪن ٿا‪”.‬‬ ‫سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو (ص ‪“ )62‬بهمانا‪ ،‬ٻاهبيڻا‪ ،‬ٻانڀڻا يا برهمن آباد‬ ‫(مورخن هن لکي مختلف صورتخطي ۾ لکيو آهي) به لوهاڻي درياهه تي آباد‬ ‫هوندو هو‪ .‬هن شهر کي بعد ۾ بهمنوا سڏيو ويندو هو‪ .‬هن ڳالهه جي تصديق هن‬ ‫حقيقت مان ڪري سگهجي ٿي ته ان قديم شهر جا ٿرڙ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا‪.‬‬ ‫ٻي ڳالهه اها آهي ته هتان عام ماڻهو به هن متعلق ٻڌائي سگهي ٿو ته اهو شهر‬ ‫ڪٿي هو‪ .‬مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته غلطي وچان هن شهر کي ٺٽي ڀرسان‬ ‫ٻڌايو ويو آهي‪ .‬هن شهر بابت گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي کان‬ ‫آٌء بلڪل مطئمن آهيان ته ڪالڪوٽ ۽ ڀنڀور وارا ماڳ هن شهر جي ٿاڪ نه‬ ‫آهن‪”.‬‬ ‫سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪ )189‬تي لکي ٿو ته “ انگريز ليکڪ ڊيوڊ‬ ‫راس ڪالن ڪوٽ جي عمر جو ذڪر ڪندي ٻڌائي ٿو ته ان الِء اهو خيال ڪيو‬ ‫وڃي ٿو ته اهو هڪ تمام پراڻي ڪوٽ جي مٿان ٺاهيو ويو آهي‪ .‬جيڪو ستين‬ ‫صدي ڌاري عربن جي سنڌ تي حملي کان اڳ به هندو دور جو آهي‪”.‬‬ ‫سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪“ )201‬سر رچرڊ برٽن‪ ،‬ڪالن ڪوٽ جي‬ ‫برجن جي باري ۾ پنهنجا خيال قلمبند ڪيا آهن ته “ هي ڪوٽ (ڪالن‬ ‫ڪوٽ) باروت جي دور کان اڳ جو لڳي ٿو‪ .‬سنڌ گزيٽيئر ڪالن ڪوٽ جي‬ ‫‪70‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫برجن جي بلندي سان گڏ اهو ٻڌايو آهي ته ان ڪوٽ جا برج ان دور جا ٺهيل‬ ‫آهن جنهن دور ۾ اڃا باروت لڙائين ۾ استعمال نه ٿيندو هو‪”.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪“ )115‬مسٽر سمٿ جي تحقيق‬ ‫موجب هي قلعو سڪندراعظم جي سيوهڻ واري قلعي جهڙو آهي ۽ ان جي سپهه‬ ‫ساالر جو ئي ٺهرايل آهي‪ ،‬هن جي بيان مان واضع ٿو ٿئي ته هن قلعي مان ٻڌ ڌرم‬ ‫جي مندرن ۾ ڪم آندل سرن جهڙيون سرون کوٽي لڌيون ويون آهن”‪.‬‬

‫سوال ڏهون‪ :‬ڪالن ڪوٽ جا ناال ڇا ٿا چون؟‬ ‫مڪلي نامو (ص ‪ )676‬تي ڪالن ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ اهو قلعو‬ ‫يا شهر اصل ۾ قديم دور جو آهي‪ .‬جنهن کي پوِء مختلف وقتن ۽ مختلف حاڪم‬ ‫۽ امير جوڙيندا‪ ،‬سڌاريندا ۽ وڌائيندا رهيا‪ .‬شايد اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾‬ ‫انهيَء جا ناال به بدلبا رهيا آهن‪ .‬مثالً ڪال ڪوٽ‪ ،‬ڪلياڻ ڪوٽ‪ ،‬ڪالن‬ ‫ڪوٽ‪ ،‬تغلق آباد ۽ طغرل آباد”‪.‬‬ ‫سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪ )182‬تي ڪالن ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “‬ ‫سرن جو هي قديم ڍير اوائلي دور کان وٺي ٺهندو ۽ ڊهندو رهيو آهي‪ .‬ان کي‬ ‫مختلف دورن ۾ جدا جدا حاڪم سينگاريندا‪ ،‬سنواريندا ۽ وڌائيندا رهيا آهن‪.‬‬ ‫اهوئي سبب آهي جو هر حاڪم ان ڪوٽ کي پنهنجي منشا مطابق نالو ڏنو‬ ‫آهي‪ .‬ڪڏهن ڪالڪوٽ‪ ،‬ڪلياڻ ڪوٽ‪ ،‬ڪالن ڪوٽ ته ڪڏهن تغلق آباد‬ ‫۽ طغرل آباد بڻيو آهي‪”.‬‬ ‫ساڳيو ڪتاب (ص ‪“ )185‬مڪلي جي ٽڪري تي ڪالن ڪوٽ‬ ‫قديم زماني کان موجود سمجهيو وڃي ٿو‪ .‬اهوئي سبب آهي ته ڪن تاريخ‬ ‫نويسن ان جي قدامت سڪندر جي دور سان وڃي مالئي آهي‪ .‬بهرڪيف هردور‬ ‫۾ ان ڪوٽ جو نالو بدلبو رهيو آهي‪”.‬‬

‫‪71‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫مڪلي نامه (ص ‪ )677‬تي پير حسام الدين راشدي‪ ،‬ڪالن ڪوٽ‬ ‫جي مختلف نالن بابت تفصيلي نوٽ لکيو آهي جنهن جو مختصر خاڪو هن‬ ‫ريت آهي‪.‬‬ ‫➢‬

‫ڪال ڪوٽ‪ :‬مير علي شير جي روايت آهي ته اهو شهر اصل ڪال‬

‫راجا جو ٻڌايل هو‪ ،‬جنهن جي نالي پٺيان ڪالڪوٽ مشهور ٿيو‪.‬‬ ‫➢‬

‫ڪالن ڪوٽ‪ :‬انهيَء قلعي کي ڪالن ڪوٽ به چيو وڃي ٿو‪ .‬معلوم‬

‫ٿو ٿئي ته اهو ڪو مستقل نالو ڪونه آهي‪ ،‬بلڪه ڪالڪوٽ يا ڪلياڻ ڪوٽ‬ ‫جي نالي جو اسالمي بگاڙ آهي‪ .‬ڪالن ڪوٽ يعني وڏو ڪوٽ‪.‬‬ ‫➢‬

‫ڪلياڻ ڪوٽ‪ :‬مرزا قليچ بيگ پڻ هڪ ڏند ڪٿا لکي آهي‪،‬‬

‫سندس قول آهي ته انهيَء شهر جو نالو ڪلياڻ ڪوٽ هو يعني آرام گاھ‪ ،‬امن‬ ‫آرام ۽ راحت جي جاِء‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪ )115‬تي ڪالن ڪوٽ بابت لکي ٿو‬ ‫ته “مرزا قليچ بيگ انهيَء جي معنيٰ “وڏو ڪوٽ” به ڪڍي آهي‪ .‬سر اليگزيندر‬ ‫برنس توڙي ليفٽنينٽ ووڊ انهيَء جو ترجمو “اوچو قلعو” ڪيو آهي”‪.‬‬ ‫➢‬

‫تغلق آباد‪ :‬هڪ روايت آهي ته سنڌ جي سومرن سلطانن جو تخت‬

‫“محمد طور” جڏهن تباه ٿيو ته ڪجهه عرصي الِء انهيَء شهر کي‬ ‫دارالحڪومت بڻايو ويو‪ .‬سمن جي دور ۾ اهو شهر شايد ڪجهه ويران ٿي‬ ‫چڪو هو‪ ،‬جنهن ڪري سمن جي بادشاهه ڄام تغلق نئين سر انجي مرمت‬ ‫ڪرائي‪ ،‬محل ۽ ماڙن جا اضافا ڪري انکي چنڱينَء پر برسايو ۽ رونق‬ ‫وٺرائي‪ .‬سومرن جي دور ۾ انجو نالو ڪهڙو رهيو‪ ،‬ساڳيو قديم هو يا بدليو‪ ،‬اها‬ ‫سڌ نٿي پوي‪ .‬ليڪن ڄام تغلق جي مرمت ڪرائڻ بعد شهر تي تغلق آباد جو‬ ‫نالو پيو‪.‬‬ ‫“محمد طور‪ ،‬وڳهه ڪوٽ‪ ،‬روپا ماڙي ۽ ڪالن ڪوٽ‪ ،‬سومرن جي دور‬ ‫۾ وڏا اهم ۽ مرڪزي شهر هئا”‪( .‬محترم غالم علي االنا جو ڪتاب ننگر ٺٽو‪،‬‬

‫‪72‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫هڪ مطالعو ۾ لکيل مقالو (ص‪ .”)22‬ڳالهه جو مطلب ته ڪالن ڪوٽ جو قلعو‬ ‫سومرن جي دور ۾ صرف موجود ئي نه هو پر اهم ۽ مشهور به هو‪.‬‬ ‫محترم احمد حسن داني به پنهنجي ڪتاب “ٺٽي جا قديم اسالمي‬ ‫يادگار” به ساڳي ڳالهه لکي آهي ته ڄام تغلق ان جي مرمت ڪرائي هئي‪.‬‬ ‫مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع لکيو هو ته ڪنهن قلعي کي آباد‬ ‫ڪرڻ الڳ جڏهن ته ان جي مرمت ڪرڻ الڳ هوندو آهي‪.‬‬ ‫➢‬

‫طغرل آباد‪ :‬انهيَء قلعي جو هڪ نالو طغرل آباد پڻ آهي‪ .‬چيو وڃي‬

‫ٿو ته مغل دور جي هڪ امير طغرل بيگ انهيَء قلعي جي مرمت ڪرائي جنهن‬ ‫کانپوِء انجو نالو بدلجي طغرل آباد ٿيو‪.‬‬ ‫اهم ڳالهه ته ڪالن ڪوٽ الِء جيڪي ناال اڄ ڏينهن تائين اسان جي‬ ‫تاريخ ۾ استعمال ٿيندا رهيا آهن اهي ان قلعي جا لقب يا تخلص چئي سگھجن‬ ‫ٿا‪.‬‬ ‫➢‬

‫تاريخي ڪتابن ۾ ڪالن ڪوٽ جو هڪڙو نالو “نصرت آباد” به‬

‫ملي ٿو‪ .‬جنهن الِء پير حسام الدين راشدي صاحب‪ ،‬ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن‬ ‫جون (ص ‪ )394‬تي لکي ٿو ته “نصرت آباد دراصل تغلق آباد (ڪالن ڪوٽ‪،‬‬ ‫مڪليَء جي ڏاکڻي ڇيڙي تي) سڏيو ويو آهي‪.‬‬ ‫➢‬

‫ڪالن ڪوٽ جو هڪڙو نالو “آب جو قلعو” به ملي ٿو‪ .‬جنهن الِء پير‬

‫حسام الدين راشدي‪ ،‬ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص ‪“ )43‬عالم پناھ‪:‬‬ ‫اٺين صدي هجريَء جي حڪايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽي جي شهر کي‬ ‫چوڌاري ڪابه عالم پناهه ڪانه هئي‪ .‬ڇاڪاڻ ته ‪772‬هه ۾ جڏهن سلطان‬ ‫فيروز شاهه تغلق ٺٽي تي چڙهائي ڪري آيو‪ ،‬تڏهن ٺٽي جو حاڪم ڄام‬ ‫خيرالدين ٺٽي مان نڪري وڃي “آب” جي قلعي اندر قلعي بند ٿيو”‪.‬‬ ‫آب يعني پاڻي‪ .‬مطلب پاڻي يا درياَء وارو قلعو‪ .‬ڇو ته ڪالن ڪوٽ جي ٽن‬ ‫طرفن کان پاڻي هوندو هو صرف هڪڙي پاسي کاهي کوٽيل هئي‪ ،‬جنهن کي‬

‫‪73‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫به حملي جي وقت پاڻي سان ڀريو ويندو هو‪“ .‬آب سنڌ يعني سنڌو درياَء” (سنڌ‬ ‫جا قديم آثار‪ ،‬ص ‪.)7‬‬ ‫ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار (ص ‪“ )34‬ان قلعي (ڪالن ڪوٽ) جي‬ ‫الِء چيو ويندو آهي ته ان جي ڊگهي تاريخ آهي”‪.‬‬ ‫ٺٽو صدين کان (ص ‪“ )142‬هن تي مختلف دورن ۾ جدا جدا ناال‬ ‫ڪالڪوٽ‪ ،‬ڪالن ڪوٽ‪ ،‬ڪلياڻ ڪوٽ‪ ،‬تغلق آباد ۽ طغرل آباد ٿيا‪ .‬هي‬ ‫ڪوٽ ڪنهن اڏايو تنهن بابت ڪا پڪ ناهي‪ .‬البت سومرن ۽ سمن هن جي‬ ‫مرمت ڪرائي ۽ پنهنجي استعمال هيٺ آندو‪ .‬البت هن جي اڏاوت ۾ جيڪي‬ ‫سرون استعمال ٿيل آهن تنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته اهو ڪوٽ به ساڳئي دور‬ ‫جو ۽ ساڳين حاڪمن يعني ٻڌمت وارن جو جوڙايل هجي‪ .‬بعد ۾ ايندڙ‬ ‫حڪمرانن هن جي مرمت ڪرائي استعمال ۾ آندو‪”.‬‬

‫‪74‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سوال يارهون‪ :‬ڇا ڪالن ڪوٽ تي تفصيلي تحقيق يا کوٽائي ٿي آهي يا نه؟‬ ‫سنڌ عرب دور (ص ‪ )42‬تي لکي ٿو ته “سنڌ جي عربي دور تي آثار قديمه‬ ‫محڪمي طرفان تمام گهٽ روشني وڌل آهي‪ .‬ڇاڪاڻ ته انهي ڏس ۾ تمام گهٽ‬ ‫کوٽائي ڪئي وئي آهي‪ .‬اهي هنڌ ۽ ماڳ جتي نهايت ئي آباد ۽ ڳتيل شهر هئا‬ ‫اتي مٽي ۽ واري جا دڙا پيا ڏسجن‪ .‬بي رحم وقت انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري‬ ‫ڇڏيو‪ .‬درحقيقت وقت ئي سچي انساني تهذيب ۽ اٿ ويهه جو دارومدار آهي‪ .‬ديبل‬ ‫جي مشهور بندر جو ماڳ اڃا تائين مقرر نه ٿي سگهيو آهي‪ .‬نيرون پڻ صفحه‬ ‫هستي تان غائب آهي جيتوڻيڪ ان کي هاڻوڪي حيدرآباد سان تشبيهه ڏيڻ جي‬ ‫ڪوشش ڪئي وئي آهي‪ .‬منصوره جنهن کي دلور جي ڀڙي سان مشابهت ڏني وئي‬ ‫آهي‪ .‬شهدادپور جي ڀر ۾ آهي ۽ ان ۾ رڳي سڙيل سرن جا دڙا آهن‪ .‬آثار قديمه جي‬ ‫محڪمي طرفان انهيَء طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو آهي‪ .‬انهيَء محڪمي جو‬ ‫خاص ڌيان ڀنڀور جي کنڊرن طرف آهي‪ .‬جتي بار بار کوٽائين ڪرڻ کانپوِء به‬ ‫کانئن ڳالهه ظاهر نه ٿي آهي‪ .‬پر آثار قديمه وارن هروڀرو انهيَء کي سنڌ جي مشهور‬ ‫بندرگاهه ديبل سان تشبيهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي‪ .‬جيئن ته ڪيترن دڙن‬ ‫۽ پڙن جي کوٽائي اڃا نه ٿي آهي ان ڪري چئي نٿو سگهجي ته تاريخ جا ڪهڙا‬ ‫ڪهڙا خزانا اڃا لڪل آهن‪”.‬‬ ‫ساڳيو ڪتاب (ص ‪ “ )61‬ميرپور خاص لڳ ٻڌ اسٽوپا‪ ،‬گوڙي لڳ جين‬ ‫مندر‪ ،‬جهرڪ ويجهو ٻڌڌرم جا کنڊر‪ ،‬ساموئي جا کنڊر‪ ،‬ٺٽي لڳ ڪالن ڪوٽ جا‬ ‫کنڊر‪ ،‬گوني تعلقي ۾ ُسڌيرن جو ٺل‪ ،‬ٽنڊي فضل ويجهو ڌورا هنڱورا‪ ،‬ريتي لڳ‬ ‫وڄڙوٽ (يا وڄڻوٽ)‪ ،‬دولت پور ڀرسان ٺل ميررڪڻ ۽ ٻيا ڪيئي ماڳ‪ ،‬کنڊر ۽‬ ‫آثار آهن‪ .‬جيڪڏهن اهي کنڊر ايمانداريَء سان کوٽائي ڪيا وڃن ته ممڪن‬ ‫آهي ته سنڌ جي تاريخ جا ڪيئي لڪل باب نڪري نروار ٿيندا‪”.‬‬ ‫ڳالهه جو مطلب ته ڪالن ڪوٽ جي قديم قلعي تي اڃان تائين ڪابه‬ ‫تفصيلي تحقيق يا کوٽائي نه ٿي آهي‪.‬‬

‫سوال ٻارهون‪ :‬ڪالن ڪوٽ جي قلعي ۾ موجود مسجد الِء تاريخ ڇا ٿي لکي؟‬ ‫‪75‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫➢‬

‫“مير علي شيخ قانع ٺٽوي‪ ،‬تحفةالڪرام ۾ ان مسجد جو ذڪر‬

‫ڪندي لکي ٿو ته‪ ،‬اتان جي جامع مسجد اڏاوت جي خيال کان ٺٽي جي جامع‬ ‫مسجد کان ڏيڍوڻي نظر اچي ٿي”‪.‬‬ ‫➢‬

‫“پير حسام الدين راشدي جي خيال مطابق اها مسجد ترخاني دور‬

‫جي آهي”‪.‬‬ ‫➢‬

‫منهنجي (اشتياق انصاري) خيال مطابق مسجد جي عمارت مغل دور‬

‫جو ڏيک ڏي ٿي‪.‬‬ ‫(سڀ حواال‪ :‬سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص ‪ 204‬تان ورتل)‬ ‫“مسجد تمام خوبصورت ُهئي‪ .‬قلعي (ڪالن ڪوٽ) اندر هيُء مسجد‬ ‫ترخانن جي دور ۾ ٺهي”‪( .‬سنڌ سڀيتا‪ ،‬ص ‪)129‬‬

‫سوال تيرهون‪ :‬فتحنامه سنڌ ۾ برهمڻ آباد بابت ٻڌايل آثار ۽ ڪالن ڪوٽ‬ ‫جو قلعو؟‬ ‫➢ “۽ (پاڻ) منجهل نهر مان پار ٽپيا”‪( .‬ص ‪)288‬‬ ‫ڳوٺ تاج محمد ٻرڙو کان ٿوري مفاصلي تي اڀرندي پاسي نيازي‬ ‫فارم آهي‪ .‬ان فارم جي اولهندي پاسي اڄ به ڪنهن وڏي نهر جا آثار ملن ٿا‪.‬‬ ‫هاڻي درياَء يا نهر جو ته ڪو نالو نشان ئي ناهي البته نالي جي نسبت سان اڄ‬ ‫به مقامي ماڻهو ان عالئقي کي “منڃر وارو لڙ” چوندا آهن‪ .‬جڏهن ته هڪ ڍنڍ‬ ‫به آهي جنهن کي اڄ به “منڃر ڍنڍ” چوندا آهن‪.‬‬ ‫منجهل يا منڃر بابت مون هن ڪتاب جي باب ٻئي ۾ لکيو آهي‪.‬‬ ‫➢ “اتان (دهليله) کان برهمڻ آباد ٽي ميل هو”‪( .‬ص ‪)290‬‬ ‫مون پهرين هڪ جڳهه تي لکيو هو ته اسان وٽ طول ۽ عرض جا‬ ‫معيار اڄ به تحقيق طلب آهن پر تنهن هوندي به اگر منڃر ڍنڍ (منجهل نهر)‬ ‫کان ڪالن ڪوٽ (برهمڻ آباد) جو مفاصلو ماپيو ته ايترو ئي ٿيندو‪.‬‬

‫‪76‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا قديم آثار” (ص‬ ‫‪ )46‬تي لکي ٿو ته “ان جا ِء (دهليله) کان وٺي برهمڻ آباد تائين هڪ فرسنگ‬ ‫جو پنڌ هو”‪.‬‬ ‫➢ “پوِء محمد بن قاسم دهليله کان منزل پٽي‪ ،‬برهمڻ آباد جي اڀرندي طرف‬ ‫نهر جلوالي جي ڪناري وڃي لٿو”‪( .‬ص ‪)291‬‬ ‫ڪالن ڪوٽ قلعي جي اوڀر پاسي نهر ضرور آهي پر مقامي ماڻهو‬ ‫ان کي ڪالن ڪوٽ ڍنڍ چون ٿا‪.‬لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري‬ ‫ڄام تماچي” (ص ‪ )236‬تي نوري ڄام واري قصي ۾ لکي ٿو ته “سونهري‪،‬‬ ‫ڪينجهر‪ ،‬هاليجي‪ ،‬هڏيرو‪ ،‬ڪالن ڪوٽ‪ ،‬جهول ۽ کوئي‪ ،‬ستن ڍنڍن جو‬ ‫محصول بادشاھ‪ ،‬گندرن کي معاف ڪري ڇڏيو‪ .‬انهيَء وقت ڪن ڍنڍن جا‬ ‫اهي ساڳيا ناال هئا ۽ ڪن جا ٻيا هئا”‪.‬‬ ‫➢ “محمد بن قاسم اتي (برهمڻ آباد) پهچڻ تي کاهي کوٽڻ جو حڪم ڏنو‪.‬‬ ‫ڏهاڙي جنگ لڳندي هئي‪ .‬جنگ کانپوِء مسلمان کاهي جي اندر ۽ ڪافر قلعي‬ ‫۾ ويندا هئا‪ .‬اهڙي دستور ڇهه مهينا پورا ٿيا”‪( .‬ص ‪)292‬‬ ‫مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ڪالن ڪوٽ قلعي جي اوڀر ڏکڻ ۾ کاهين‬ ‫جا نشان ۽ قبرون هيون‪ .‬جيڪي مختلف سرگرمين سبب هاڻي ختم ٿي‬ ‫چڪا آهن‪.‬‬ ‫➢ ڪتاب سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )42‬تي هينري ڪزنس‪ ،‬ميجر راورٽي‬ ‫جي ڪتاب مهراڻ آف سنڌ جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته “راؤڙ ‪ ،‬برهمڻ آباد جي‬ ‫اولهه طرف آهي”‪.‬‬ ‫هينئر اگر راؤڙ (ٻاٻڙا يا ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار) ۽ برهمڻ آباد‬ ‫(ڪالن ڪوٽ) جو طرف جانچيو ته ساڳيو ٿيئي ٿو‪ ،‬جيڪو مٿي ڏنل آهي‪.‬‬ ‫➢ تاريخ گواه آهي ته راجا چچ‪ ،‬اگهم لوهاڻي سان مقابلي الِء ٻارنهن مهينا‬ ‫برهمڻ آباد جو گهيرو ڪري ويٺو هو‪.‬عربن به ڇهه مهينا برهمڻ آباد جو گهيرو‬ ‫ڪيو هو ‪ ،‬نه صرف گهيرو پر ڏينهن رات لڙائي به ڪئي هئي پر اهي قلعو فتح‬ ‫‪77‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫نه ڪري سگهيا‪ .‬فتحنامه ۾ لکيل آهي ته برهمڻ آباد جي قلعي ۾ سورنهن هزار‬ ‫جنگي جوان قتل ڪيا ويا ۽ ٻين کي امان ڏني وئي‪.‬‬ ‫“پهرين ڪاهه وقت سلطان فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار سوار‪ ،‬چار‬ ‫سو اسي هاٿي‪ ،‬پنج هزار ٻيڙيون ۽ بي انداز پيادا هئا ۽ ڄام وٽ ويهه هزار سوار‬ ‫۽ چار لک پيادا هئا‪ .‬ڄا م جو اهو سڄو لشڪر ٺٽي ۾ قلعبند هو‪ .‬ان مان قلعي‬ ‫۽ شهر جي وسعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو‪ .‬ٺٽي جي لشڪر کي فيروز جو‬ ‫اهو ڪٽڪ زير ڪري نه سگهيو‪ .‬پهريون دفعو فيروز مايوس ٿي موٽي ويو”‪.‬‬ ‫(مڪلي نامون ص‪ ،25‬ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ص ‪ ، 31‬الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي‬ ‫تاريخ ص ‪ 123‬۽ سنڌ سڀيتا ص ‪)131‬‬ ‫ڪالن ڪوٽ کي برهمڻ آباد ثابت ڪرڻ الِء اهو به هڪ وڏو ثبوت آهي‪.‬‬

‫سوال چوڏهون‪ :‬ڇا ڪالن ڪوٽ جو قلعو سڪندر اعظم جي دور جو آهي؟‬ ‫سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪“ )185‬مڪلي ٽڪري تي ڪالن ڪوٽ‬ ‫قديم زماني کان موجود سمجهيو وڃي ٿو‪ .‬اهوئي سبب آهي ته ڪن تاريخ‬ ‫نويسن ان جي قدامت سڪندر جي دور سان وڃي مالئي آهي‪”.‬‬ ‫ڪتاب قديم سنڌ‪ ،‬ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو (ص ‪ )99‬تي مرزا قليچ‬ ‫بيگ صاحب ڪالن ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “ڪن جو خيال آهي ته سيوهڻ جي‬ ‫ڪافر قلعي وانگر هي (ڪالن ڪوٽ) به سڪندر بادشاهه جي سپهه ساالر جو‬ ‫ٺهرايل آهي‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪ “ )116‬ڪاڪي ڀيرومل جو خيال‬ ‫آهي ته اهو قلعو (ڪالن ڪوٽ) هندن جو جوڙايل آهي ۽ ڪراچي جي ڪالن‬ ‫ڪوٽ وانگر هت به ديويَء جو آستان ۽ مندر هوندو هو پر جڏهن مسلمانن هن‬ ‫قلعي تي قبضو ڪيو تڏهن ان جاِء تي مسجد ٺهرايائون”‪.‬‬

‫‪78‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪“ )234‬هتان (ڪالن‬ ‫ڪوٽ مان) ملندڙ ٺڪراٽو سنڌو تهذيب کان اڳ جو‪ ،‬سنڌو تهذيب وارو‪ ،‬اوائلي‬ ‫اسالمي ۽ پوئين اسالمي دور جو آهي”‪.‬‬ ‫سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪“ )235‬اعجاز الحق‬ ‫قدوسي لکي ٿو ته هي ڪوٽ (ڪالن ڪوٽ) قديم دور جو آهي”‪.‬‬ ‫مڪلي نامو (ص ‪“ )677‬مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته ڪالن ڪوٽ‬ ‫سيوهڻ جي قلعي جيترو قديم آهي ۽ سڪندر اعظم جي دور ۾ به موجود هو”‪.‬‬ ‫محترم عنايت اهلل کٽياڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ سڀيتا (ص ‪ )132‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “پر ڪالن ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪومت کان اڳ جو تعمير ٿيل‬ ‫آهي‪ .‬هن ڪوٽ جي اڏاوت تمام پراڻي آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کان پوِء هن کي‬ ‫وري ٺاهيو ويو”‪.‬‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪ )396‬اشارا ۽ واڌارا ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو‬ ‫ته “برهمڻ آباد‪ :‬فتحنامي جي قلمي نسخن ۾ هن نالي جي صورتخطي برهمناباد‬ ‫آهي‪ ،‬بهرصورت هن نالي جي پڇاڙي آباد مان ظاهر آهي ته هي اصل ايراني نالو‬ ‫آهي‪ .‬جنهن کي ايران جي بادشاهه بهمن اردشير حڪم سان ٻڌو ويو”‪ .‬ڳالهه جو‬ ‫مطلب ته ڪالن ڪوٽ (برهمڻ آباد) جي تعمير ايراني دور ۾ ٿي هئي‪.‬‬ ‫محترم عبداهلل خان مگسي‪ ،‬رني ڪوٽ بابت لکيل پنهنجي مقالي‬ ‫(ص ‪ )97‬تي لکي ٿو ته “سيوهڻ ۾ سڪندر وارو قلعو عرف ڪافر قلعو‪ ،‬بکر‬ ‫وغيره جا قلعا بارود جي استعمال کان اڳ جا قلعا آهن‪ .‬انهن قلعن جي ٻاهران‬ ‫پاڻيَء جون کاهيون ثابت ڪن ٿيون ته اهي انهيَء دور ۾ ٺهيا هوندا‪ ،‬جنهن دور ۾‬ ‫کانڀاڻيون ۽ منجنيقون استعمال ڪيون وينديون هيون”‪ .‬جڏهن ته ساڳي‬ ‫صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “قلعن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اڪثر ڪري قديم‬ ‫قلعا دريائن‪ ،‬واهن ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي تعمير ڪرايا ويندا هئا ته جيئن پاڻي‬ ‫جي فراهمي سوالئي سان ٿي سگهي‪ .‬انهن دريائن کي قلعي جي ٻاهران بچاُء طور‬ ‫استعمال ڪري سگهبو هو”‪.‬‬ ‫‪79‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫افسوس جو مگسي صاحب ايترا حواال ڏيڻ جي باوجود پنهنجي مقالي‬ ‫۾ ڪٿي به ڪالن ڪوٽ جو ذڪر ناهي لکيو‪ .‬حاالنڪه مٿي لکيل سڀئي‬ ‫ڳ الهيون ڪالن ڪوٽ سان به الڳو آهن‪ .‬مثال ڪالن ڪوٽ جو قلعو درياَء جي‬ ‫شاخ تي ٺهيل آهي اڄ به اگر غور سان ڏسبو ته قلعي جي ٽن پاسن کان پاڻي آهي‬ ‫باقي هڪڙي پاسي ميداني عالئقو آهي جنهن ڪري اتان کاهي کوٽي وئي هئي‪،‬‬ ‫جنهن جا نشان اڄ به ڏسي سگهجن ٿا‪.‬‬ ‫ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار (ص ‪“ )39‬هن ماڳ (ڪالن ڪوٽ) جو‬ ‫ذڪر سڪندر جي هر مورخ ڪيو آهي”‪.‬‬ ‫مٿي مون الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو حوالو ڏنو آهي‪ .‬ان ۾ مسٽر‬ ‫سمٿ به هن کي سڪندر جي دور جو لکيو آهي‪.‬‬

‫سوال پندرهون‪ :‬پاڪستان ۾ قديم آثارن جي وڏي ڄاڻو محترم احمد حسن‬ ‫داني‪ ،‬ڪالن ڪوٽ بابت ڇا ٿو لکي؟‬ ‫محترم احمد حسن داني‪ ،‬پنهنجي ڪتاب ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار‬ ‫(ص ‪ )38‬تي ڪالن ڪوٽ بابت لکي ٿو ته “هيٺين سببن ڪري ڪالن ڪوٽ‬ ‫نه ننگر ٺٽي جو قلعو آهي نه وري اهو سما ڄامن جو تعمير ڪرايل آهي‪.‬‬ ‫➢‬

‫سما دور جي مڪليَء جي اڏاوتن ۾ ڪتب آندل سر ۽ ڪالن ڪوٽ‬

‫جي تعمير ۾ ڪتب آندل سرن جي گهاگ ۾ گهڻو فرق آهي‪ .‬مڪلي واري سر‪،‬‬ ‫سما دور سان تعلق رکي ٿي‪ .‬جڏهن ته ڪالن ڪوٽ واري سر‪ ،‬تختيَء ۾ وڏي‬ ‫۽ سما دور جي اڏاوت الِء ڪتب آيل سرن کان گهڻو قديم ۽ مختلف آهي‪.‬‬ ‫قلعي اندر ِش َو مندر جي موجودگي هن جي سنڌي هندو دور جي‬ ‫➢‬ ‫اڏاوت هئڻ جي نشاندهي ڪري ٿي‪.‬‬

‫‪80‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫➢‬

‫قلعي جي ڀت ۾ وچ تي ڪچين سرن جو استعمال ڏيکاري ٿو‪ ،‬ته اهو‬

‫قلعو بارود جي استعمال کان اڳ واري زماني سان تعلق رکي ٿو‪ .‬جڏهن ته سما‬ ‫دور ۾ بارود جو واهپو عام هو‪.‬‬ ‫➢‬

‫سڪندر يوناني کان وٺي غورين بلڪ ارغونن تائين سڀ حمال خيبر‬

‫لڪ ۽ بوالن لڪ کان ٿيندا رهيا آهن‪ ،‬تنهن ڪري مگر ٺٽي جي بچاُء الِء قلعو‬ ‫ان شهر جي اترکان هئڻ گهرجي ها‪ .‬پر هي ڏکڻ اولهه ۾ آهي‪.‬‬ ‫➢‬

‫قلعي کان درياَء ڏانهن ويندڙ هڪ گهاٽ آهي‪ .‬معلوم ائين ٿئي ٿو ته‬

‫اهو هاٿي گهاٽ آهي جنهن وسيلي قلعي مان هاٿي ڪڍي درياهه ڏانهن آندا‬ ‫ويندا هئا‪ .‬هاٿيَء جو جنگي استعمال سومرن ۽ سمن کان گهڻو اڳ ختم ٿي‬ ‫چڪو هو‪.‬‬ ‫➢‬

‫قلعي جا برج تير جي پهچ جيتري وٿيَء تي تعمير ٿيل آهن‪ ،‬جنهن مان‬

‫سمجهه ۾ اچي ٿو ته قلعي جي اڏاوت جو زمانو تير ڪمان واري جنگ وارو دور هو”‪.‬‬ ‫سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )40‬تي محترم احمد‬ ‫حسن داني صاحب بابت لکي ٿو ته “احمد حسن داني ‪1920‬ع ۾ ڄائو‪ .‬پاڻ‬ ‫پاڪستان جي قديم آثارن جو وڏو ڄاڻو‪ ،‬سنسڪرت جو پاڪستان ۾ واحد‬ ‫عالم‪ ،‬پشاور يونيورسٽيَء ۾ آرڪياالجي پروفيسر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن‬ ‫جي قديم آثارن جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو‪ .‬هي اسالمي اڏاوت ‪Islamic‬‬ ‫‪ Architecture‬تي وڏي مهارت رکي ٿو‪ .‬پاڻ ٽيڪسال انسٽيٽيوٽ آف‬ ‫ايشين سوالئيزيشن جو ڊائريڪٽر آهي‪ .‬هي پهريون مسلمان هو جنهن بنارس‬ ‫هندو يونيورسٽيَء مان گريجوئيشن ڪئي‪ .‬کيس مڃتا طور پاڪستان‬ ‫هالل امتياز عطا ڪيل آهي‪ .‬سندس کوڙ مقاال ۽ ڪتاب ڇپيل‬ ‫سرڪار طرفان ِ‬ ‫آهن‪ .‬جن ۾ مڪلي جي اڏاوتن تي اعليٰ ڪتاب لکيل آهي”‪.‬‬

‫‪81‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سوال سورهون‪ :‬برهمڻ آباد ۾ برهمڻ بادشاهه سال جي ڪهڙي مند‬ ‫گذاريندا هئا؟‬ ‫هن سوال کي به اسان جي تاريخي ڪتابن ڪافي منجهايو آهي‪ .‬مثال‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪“ )93‬هو (راجا ڏاهر) گرمين جا چار مهينا راؤڙ ۾‬ ‫ترسندو هو‪ ،‬ڇاڪاڻ ته اها وڻندڙ جڳهه هئي‪ ،‬سندس هوا موافق ۽ پاڻي وڻندڙ‬ ‫هو‪ .‬سياري جا چار مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندو هو ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾‬ ‫رهندو هو‪”.‬‬ ‫تحفةالڪرام (ص ‪ )17‬برهمڻ خاندان الِء لکي ٿو ته “سياري جا چار‬ ‫مهينا برهمڻ آباد ۾ گذاريندا هئا ۽ بهار جا چار مهينا اروڙ ۾ رهندو هو‪ ”.‬خبر‬ ‫ناهي ته قانع صاحب سال جا اٺ مهينا ڇو لکيا آهن يا کڻي ائين چئجي ته‬ ‫ميرقانع راؤڙ واري ماڳ جو حوالو ڇو ناهي ڏنو؟‬ ‫سنڌ جا قديم آثار (ص ‪“ )31‬هو (راجا ڏاهر) اونهاري جا چار مهينا‬ ‫اتي (راؤڙ) ۾ گذاريندو هو‪ ،‬ڇاڪاڻ ته هن شهر جي آبهوا صحت الِء سٺي ۽‬ ‫پاڻي مٺو هو‪ .‬سياري جا چار مهينا هن برهمڻ آباد ۾ گذارڻ الِء مقرر ڪيا هئا‬ ‫۽ بهار جي موسم جا چار مهينا هو الور ۾ رهندو هو”‪.‬‬ ‫سنڌ عرب دور (‪“ )455‬برهمڻ آباد الِء ٻڌايو ويو آهي ته اهو سنڌ جي‬ ‫راجائن جو اونهاري جو تخت گاهه هو ڇاڪاڻ ته سمنڊ جي هير ان تائين‬ ‫پهچندي هئي‪( ”.‬هتي مصنف ٻين محققن کان هٽي ڪري ڳالهه لکي آهي‪ .‬پر‬ ‫جي مڃون ته برهمڻ راجا اونهاري ۾ برهمڻ آباد ۾ ترسندا هئا ته به ڳالهه ۾ وزن‬ ‫آهي‪ ،‬ڇو ته سمنڊ جي هير حيدرآباد تائين به مشڪل سان پهچي ٿي)‪.‬‬ ‫سنڌ‪ ،‬مسلمانن جي فتح کان اڳ (ص ‪“ )230‬هو (راجا ڏاهر) اونهاري‬ ‫جا چار مهينا راؤڙ نالي هڪ قلعي ۾ گذاريندو هو‪ .‬سيارو برهمڻ آباد ۾ ۽ بهار‬ ‫الور ۾ گذاريندو هو”‪.‬‬ ‫ڪئپٽن جئمس مئڪمرڊو پنهنجي ڪتاب “سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو”‬ ‫(ص ‪ )15‬تي لکي ٿو ته “الڙ واري ڀاڱي ۾ اهڙي سخت ٿڌ ڪانه پوندي آهي‪”.‬‬ ‫‪82‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪“ )26‬سمنڊ جي ويجهڙائي سبب‬ ‫هت (الڙ ۾) سياري توڙي اونهاري ۾ معتدل ۽ وڻندڙ هوائون لڳنديون آهن”‪.‬‬ ‫سرو سمنڊ کان پري آهي ۽ اولهه پاسي کان ويران ٽڪريون اٿس‪،‬‬ ‫تنهن ڪري اتي جي آبهوا اونهاي ۾ تمام گرم ۽ سياري ۾ تمام سرد‬ ‫ٿئي”‪).‬جنت السنڌ ص ‪ 7‬۽ سنڌ بابت جامع معلومات‪ ،‬ص ‪)274‬‬ ‫جهڙي حساب سان الڙ واري حصي ۾ گهڻي گرمي ناهي ٿيندي اهڙي‬ ‫ئي حساب سان سردين ۾ وري الڙ واري پاسي سردي به گهٽ ٿيندي آهي‪ .‬ان‬ ‫حساب سان فتحنامه واري ڳالهه ۾ صداقت آهي ۽ برهمڻ بادشاهه سياري جا‬ ‫چار مهينا برهمڻ آباد (ڪالن ڪوٽ) ۾ گذاريندا هئا‪.‬‬ ‫برهمڻ بادشاهه سياري جا چار مهينا الڙ ۾ ڇو گذاريندا هئا؟ ان جو وڏو‬ ‫ثبوت محترم غالم علي االنا الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪ )28‬تي هن ريت‬ ‫ڏنو آهي‪ “ .‬سياري ۾ اتر لڳندا آهن يعني ته اتر طرف کان ٿڌي هوا لڳندي آهي‪.‬‬ ‫اتر کان سواِء اتر – اوڀر کان ٿڌيون هوائون پڻ لڳنديون آهن‪ .‬اهي هوائون‪ ،‬صحت‬ ‫جي لحاظ سان فائدي واريون آهن‪ ،‬ڇاڪاڻ ته هنن هوائن جي لڳڻ ڪري‬ ‫بيماريون دفع ٿي وينديون آهن ۽ ماڻهو تندرست‪ ،‬چست ۽ چاالڪ ڏسبا آهن‪ .‬هن‬ ‫موسم ۾ دو – آبو وارو حصو‪ ،‬ميدانن کان به وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي‪ .‬البت صبح‬ ‫جي وقت ڪوهيرو ۽ ڌنڌ ٿيندو آهي‪ ،‬جيڪي ڪجهه وقت کان پوِء ختم ٿي‬ ‫ويندو آهي‪ .‬هن موسم ۾ الڙ‪ ،‬شڪار گاهه بڻجي ويندو آهي‪ .‬شڪار جا شوقين‬ ‫هزارن جي تعداد ۾ هن ايراضي ۾ ايندا آهن”‪.‬‬

‫سوال سترهون‪ :‬برهمڻ آباد (ڪالن ڪوٽ) جي فتح کانپوِء عرب لشڪر‬ ‫ڪهڙي پاسي پيشقدمي ڪئي؟‬ ‫فتحنامه سنڌ ۽ سنڌ عرب دور لکن ٿا ته برهمڻ آباد جي فتح کان پوِء‬ ‫عرب لشڪر ساوندي طرف پيشقدمي ڪئي جتي جي ماڻهن دهلن ۽ شرنائين‬ ‫سان عربن جو استقبال ڪيو‪ .‬پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين ساوندي جو صحيح‬ ‫پتو ناهي لڳو‪ .‬تاريخ معصومي (ص ‪ “ )62‬ٿريَء جي آسپاس ۾ رهندڙ سما ماڻهو‬ ‫‪83‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫گڏجي دهلن ۽ شرنائين سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا”‪ .‬جڳ‬ ‫مشهور ڪتاب تحفةالڪرام (ص ‪ )46‬تي لکي ٿو ته “ٿرڙي جي آسپاس جي‬ ‫سمن ماڻهن گڏ ٿي دهلن ۽ شرنائين سميت خدمت ۾ حاضر ٿي ناچ شروع ڪيو‪.‬‬ ‫(هيٺ حاشيه ۾ مترجم لکي ٿو ته فتحنامي ص ‪ 218-217‬۾ هيُء نالو ساوندي‬ ‫ڄاڻايل آهي)‪ .‬ان مان اهو ثابت آهي ته موجوده ٺٽي ضلعي ۾ موجود ٿرڙي جو‬ ‫قلعو‪ ،‬جنهن جي پاسي ۾ شيخ ابو تراب جي مزار آهي اهوئي تاريخي دور وارو‬ ‫ساوندي جو عالئقو آهي‪ .‬ساوندي يا ٿرڙي بابت مون هن ڪتاب جي باب پنجين‬ ‫۾ تفصيلي نوٽ لکيو آهي‪ .‬ڳالهه جو مقصد ته اگر برهمڻ آباد جو قلعو موجوده‬ ‫سانگهڙ ۾ هو ته پوِء عربن کي ڪهڙي ُکٽي کنيو جو اهي سانگهڙ مان واپس ٺٽي‬ ‫آيا؟‬

‫سوال ارڙهون‪ :‬ڇا برهمڻ آباد ۽ منصوره هڪڙي ماڳ جا ٻه ناال آهن يا الڳ‬ ‫الڳ آهن؟‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪“ )398‬منصوره‪ ،‬برهمڻ آباد کان ٻه فرسنگ جي‬ ‫مفاصلي تي هو‪”.‬‬ ‫ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص ‪“ )360‬برهمڻ آباد جي ڀڪ سان عربي‬ ‫حڪومت جو مرڪز منصوره موجود هو‪ ،‬جتي سنڌ جو عربي حاڪم رهندو هو”‪.‬‬ ‫قديم سنڌ‪ ،‬ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو ص ‪“ )259‬عباسي خليفن جي‬ ‫ڏينهن ۾ سنه ‪750‬ع ڌاري منصور بن جمهور سنڌ ۾ حاڪم هو‪ ،‬تنهن برهمڻ آباد‬ ‫کان ٿوري پنڌ تي هي (منصوره) شهر ٻڌايو”‪.‬‬ ‫جنت السنڌ (ص ‪“ )148‬حڪم بن عوانه ڪلبيَء سان غازي اعظم‬ ‫محمد بن قاسم جو پٽ عمرو گڏجي آيو هو‪ ،‬جنهن برهمڻ آباد کان ٻن فرسخ جي‬ ‫مفاصلي تي سنه ‪110‬هه ۾ منصوره جو شهر سنڌونديَء جي هڪڙي ٻيٽ تي‬ ‫دمشق جي نموني تي تعمير ڪرايو”‪.‬‬

‫‪84‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌ عرب دور (‪ )328‬تي عرب ليکڪ البالذري جو حوالو ڏيئي لکي‬ ‫ٿو ته “ بالذري صاف صاف ٻڌايو آهي ته برهمڻ آباد جو شهر منصوره کان ڇهن‬ ‫ميلن جي پنڌ تي هو‪”.‬‬ ‫ساڳيو ڪتاب ساڳي صفحي تي لکي ٿو ته “ان ڪري واضع ٿيو ته‬ ‫منصوره جو شهر‪ ،‬برهمڻ آباد واري ايراضي تي ٺهيل ڪونه هو ۽ ٻئي شهر الڳ‬ ‫الڳ هنڌن تي ٻڌل هئا‪ .‬اهو ممڪن آهي ته عربن نئين شهر جي ٺاهڻ وقت‬ ‫سرون ۽ ٻيو ضروري سامان برهمڻ آباد جي کنڊرن مان هٿ ڪيو‪”.‬‬ ‫ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )456‬تي البالذري جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته‬ ‫“برهمڻ آباد جي مرڪزي حيثيت غالب ًا تڏهن گھٽي جڏهن محمد بن قاسم جي‬ ‫پٽ عمرو‪ ،‬سنڌ جي گورنر الحڪم جي ايامڪاري ۾ سندس شاندار فتحن جي‬ ‫يادگار ۾ منصوره جو شهر ٻڌايو‪ ”.‬هن مان اهو به ثابت آهي ته برهمڻ آباد سنڌ‬ ‫جو قديم شهر هو ۽ تمام آڳاٽو ٺهيل هو جڏهن ته منصوره جو شهر ستين عرب‬ ‫گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي ڏينهن ۾ تعمير ڪيو ويو‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص ‪ 58‬تي “برهمڻ‬ ‫آباد‪/‬منصوره بندر” ڪري لکيو آهي‪ .‬جنهن جو مطلب ته برهمڻ آباد ۽ منصوره‬ ‫هڪڙي ئي ماڳ جا ٻه ناال آهن‪ .‬پر تاريخ گواهه آهي ته برهمڻ آباد هڪ الڳ‬ ‫ماڳ جڏهن ته منصوره الڳ ماڳ آهي‪ .‬ٻنهي کي هڪ ڪري لکڻ سان به تاريخ‬ ‫۾ مونجهارو آهي‪.‬‬

‫سوال اوڻيهون‪ :‬اگر برهمڻ آباد ۽ منصوره الڳ الڳ آهن ته پوِء منصوره‬ ‫ڪٿي هو؟‬ ‫موجوده ٺٽي ۾ ڪالن ڪوٽ جو قلعو ئي برهمڻ يا عرب دور وارو‬ ‫برهمڻ آباد آهي ۽ تاريخي ڪتابن مطابق ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان‬ ‫ڇھن ميلن جي فاصلي تي هو ته موجوده ڪالن ڪوٽ کي جيڪو ويجهو‬ ‫مشهور ۽ تاريخي ماڳ آهي اهو پيرپٺو آهي‪ .‬مون پهرين به لکيو ته اسان وٽ طول‬ ‫۽ عرض اڄ ڏينهن سلجهي ناهن سگهيا پر ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪالن‬ ‫‪85‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪوٽ کان پيرپٺي جو مفاصلو ماپيون ته ساڳيو ٿيندو‪ .‬ان مان مراد ته ڪالن‬ ‫ڪوٽ پراڻي دور وارو برهمڻ آباد ۽ موجوده پيرپٺو‪ ،‬عرب گورنرن پاران ٺهرايل‬ ‫شهر منصوره آهي‪.‬‬ ‫منصوره بابت تفصلي نوٽ توهان هن ڪتاب جي باب چوٿين ۾ پڙهي سگهندا‪.‬‬

‫سوال ويهون‪ :‬ڪالن ڪوٽ جي خوبصورتي بابت ليکڪ ڇا ٿا لکن؟‬ ‫مير علي شيخ قانع ٺٽوي‪ ،‬ڪالن ڪوٽ جي تعريف ۾ لکي ٿو ته‪:‬‬ ‫“ هن زمين جي شادابي الِء جڏهن سخن يا آواز ڪڍجي ٿو ته ڄڻ هو آب حيات‬ ‫مان غسل ڪري نڪري ٿو”‪.‬‬ ‫“جڏهن هن جي هوا چپن وٽان گذري ٿي ته ڄڻ خضر جو آب حيات ڳلي مان‬ ‫هيٺ لهي ٿو”‪.‬‬ ‫“جيڪڏهن هن جي تعريف ۾ قلم کڻجي ته قلم پنهنجي خوشي مان روان ٿي‬ ‫وڃي”‪.‬‬ ‫“جيڪڏهن هن جي تعريف ۾ ڪجهه لکجي ته هرڻ جي اک مان ان جي الِء َم ُس‬ ‫وٺڻي پئي”‪.‬‬ ‫(محترم اشتياق انصاري جي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪ )182‬تان ورتل)‬ ‫ڪنڊ (اتر اوڀر) کان هيٺ ڍنڍ ۽ ان سان گڏ‬ ‫ڪالن ڪوٽ جي ِهن ُ‬ ‫سرسبز زمينون‪ ،‬خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون آهن‪ .‬هيُء منظر به ڏاڍو‬ ‫دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو‪ .‬مون کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير‬ ‫قانع ٺٽوي جي ڪتاب “مڪلي ناما” ۾ لکيل خوبصورت تشبيهون ۽‬ ‫منظرڪشي ياد اچي ويئي‪ .‬مير صاحب هن ڪوٽ (ڪالن ڪوٽ) الِء لکي ٿو‬ ‫ته‪ ،‬هيٺانهينَء کان ڪوٽ جا بُرج ڏسجن ٿا ته ُاهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي‬ ‫نظر اچن ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوارن ۽ بُرجن تان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش‬ ‫نظارو ساوا ساوا باغات جنت جو منظر نظر اچي ٿو‪ .‬مير صاحب هيَء‬ ‫منظرڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين جو ذڪر ڪندي‬ ‫‪86‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪئي آهي‪ .‬جيڪا مون کي ‪ 100‬فيصد صحيح لڳي ٿي”‪( .‬سنڌ سڀيتا‪ ،‬محترم‬ ‫عنايت اهلل کٽياڻ (ص‪)130‬‬ ‫“ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ رني ڪوٽ کان پوِء ڪالن ڪوٽ هي وڏو ڪوٽ‬ ‫آهي”‪( .‬سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص ‪)187‬‬ ‫“ڪوٽ جي رٿابندي‪ ،‬ان جي برجن ۽ دروازن جا نشان ۽ ان جي پکيڙ‪،‬‬ ‫تاريخ جي شاگردن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته اهو ڪوٽ (ڪالن ڪوٽ)‬ ‫جڏهن پنهنجي اوج تي هوندو ته ڇا هوندو”‪( .‬سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ص ‪)182‬‬ ‫“ڪوٽ (ڪالن ڪوٽ) جي برجن جو تعداد ‪ 58‬ليکيو وڃي ٿو‪،‬‬ ‫جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن پر برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مظبوطيَء جو‬ ‫واضع مثال آهي”‪( .‬سنڌ سڀيتا‪ ،‬محترم عنايت اهلل کٽياڻ (ص ‪)131‬‬

‫‪87‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب چوٿون‪:‬‬

‫منصورھ يا پيرپٺو‬ ‫توهان هن ڪتاب جي باب ٽين ۾ پڙهي آيا ته منصوره جو شهر برهمڻ‬ ‫آباد (ڪالن ڪوٽ) کان ڇهه ميل پري هو ۽ ڪالن ڪوٽ کي جيڪو ويجهو‬ ‫تاريخي ماڳ آهي اهو پيرپٺو آهي جنهن کي ڪجهه ليکڪن پراڻي دور وارو‬ ‫ديبل به لکيو آهي پر دراصل اهو عرب دور وارو منصوره جو شهر آهي جنهن کي‬ ‫عربن جي دور حڪومت ۾ برهمڻ آباد جي تباهي کان پوِء تعمير ڪيو ويو‪.‬‬ ‫سنڌ عرب دور (ص ‪“ )321‬اوائلي لکتن مان واضع ٿو ٿئي ته منصوره‬ ‫جو شهر برهمڻ آباد جي ڀر ۾ ٻن فرسخن (‪ 6‬ميل) جي فاصلي تي اڏايو ويو هو‬ ‫۽ محفوظه جي بلڪل سامهون ٺهرايل هو‪ .‬محفوظه جو شهر حڪم بن عوانه‬ ‫الڪلبي جي سوڀن کان پوِء درياَء جي اڀرندي ڪناري تي ٺهرايو ويو هو”‪.‬‬ ‫مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ هڪ تاريخي مونجهارو اهو به لکيو‬ ‫هو ته اسان وٽ اڄ تائين ڪوهه ۽ فرسخ جو صحيح تعين ناهي ٿي سگهيو‪.‬‬ ‫مٿي واضع لکيل آهي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ٻه فرسخ پري هو‪ .‬پر‬ ‫بعد ۾ اسان جي ليکڪن ٻن فرسخن کي ڇهه ميل ڪري لکيو‪.‬‬ ‫عرب گورنرن سنڌ ۾ ڪجهه نوان شهر تعمير ڪرايا جنهن مان‬ ‫هڪ جو نالو المحفوظه هو جڏهن ته ٻي جو نالو منصوره هو‪ .‬منصوره الِء تاريخ‬ ‫لکي ٿي ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇهه ميل جي مفاصلي تي ٺاهيو‬ ‫ويو هو پر اسان وٽ هڪ روايت آهي ته جڏهن ڪو مشهور شهر ويران ٿيندو‬ ‫هو ۽ ان جڳهه تي يا ان جي پاسي ۾ ڪو نئون شهر تعمير ٿيندو هو ته ان کي به‬ ‫پراڻي شهر جي نالي سان سڃاتو ويندو هو‪ .‬مثال جڏهن ديبل ويران ٿيو ۽ الڙي‬ ‫بندر ٺهيو ته ان کي به ديبل جو نالو ڏنو ويو يا ٺٽو ٺهيو ته ان کي به ديبل جو نالو‬ ‫ڏنو ويو‪ .‬بلڪل ائين اسان وٽ ڪجهه اديبن جو چوڻ آهي ته جڏهن برهمڻ‬ ‫‪88‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫آباد ويران ٿيو ته ان جي جڳهه تي جيڪو نئون شهر ٺاهيو ويو ان کي منصوره‬ ‫جو نالو ڏنو ويو جڏهن ته ڪجهه محقق ان ڳالهه جا آهن ته جڏهن برهمڻ آباد‬ ‫ويران ٿيو ته ان کان ڪجهه مفاصلي تي هڪ نئون شهر ٺهيو‪ ،‬جنهن کي تاريخ‬ ‫۾ منصوره جو نالو ڏنل آهي پر اسان وٽ روايت مطابق ان کي به برهمڻ آباد‬ ‫سڏيو ويو‪ .‬جيڪي محقق موجوده سانگهڙ ۾ برهمڻ آباد ۽ منصوره لکن ٿا اهي‬ ‫اڄ ڏينهن تائين ان ڳالهه تي متفق ناهن ٿيا ته جيڪي ڏيپر گھانگھري جا آثار‬ ‫آهن اهي برهمڻ آباد جا آهن يا منصوره جا‪ .‬ڪجهه محقق لکن ٿا ته ڏيپر‬ ‫گھانگھري وٽ برهمڻ آباد هو ۽ دلور جي ڀڙي وٽ منصوره جڏهن ته ڪجهه‬ ‫محقق ان جي ابتڙ ڳالهه لکن ٿا ته دلور جي ڀڙي وٽ برهمڻ آباد هو ۽ ڏيپر‬ ‫گھانگھري وٽ منصوره‪ .‬اهو ان ڪري جو انهن جن ماڳن کي برهمڻ آباد ۽‬ ‫منصوره جو نالو ڏنو آهي انهن جو ان تاريخ سان ڪو واسطو ئي ناهي‪.‬‬ ‫( سنڌ عرب دور‪ ،‬ص ‪ )327‬تي لکي ٿو ته “مسٽر بيالسس‪ ،‬دلور جي‬ ‫ڀڙي کي برهمڻ آباد سان تشبيهه ڏني آهي‪ ،‬ڪننگهام‪ ،‬دلور جي ڀڙي کي‬ ‫منصوره سان تشبيهه ڏني آهي”‪.‬‬ ‫سنڌ عرب دور (ص ‪“ )323‬منصوره جي بيهڪ بابت پڻ مختلف‬ ‫قياس آرايون ڪيون ويون آهن‪ .‬پر عالمن جو وڏو حصو انهيَء راِء جو آهي ته‬ ‫اهو شهر يا ته برهمڻ آباد واري ماڳ تي ٺهيل هو يا گھٽ ۾ گھٽ ان جي بلڪل‬ ‫ويجهو‪”.‬‬ ‫البالذري جو حوالو ڏيئي سنڌ عرب دور (ص ‪ )323‬لکي ٿو ته‬ ‫“البالذري انهن ۾ پهريون ليکڪ آهي جنهن جو چوڻ آهي ته منصوره جو شهر‬ ‫انهيَء ڍنڍ يا ڍوري جي اولهندي ڪناري تي ٺهيل هو جنهن جي اڀرندي ڪپ‬ ‫تي محفوظه جو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي ٻڌايو هو‪ .‬هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته‬ ‫اهو شهر (منصوره) برهمڻ آباد کان ڇهه ميلن جي فاصلي تي ٺهرايو ويو‬ ‫هو‪.‬سندس اهو به چوڻ آهي ته سندس لکڻ وقت برهمڻ آباد جو شهر ان وقت‬ ‫کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪو هو”‪.‬‬ ‫‪89‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫“حمزه اصفهاني جي لکت جو حوالو ڏيندي ياقوت الحموي ٻڌائي ٿو‬ ‫ته منصوره درحقيقت برهمڻ آباد جو ٻيو نالو هو‪ .‬درياَء (مهراڻ) جي هڪ شاخ‬ ‫ان کي ڦيرو ڏيئي ان کي ٻيٽ مثل بنائي ڇڏيو هو”‪( .‬سنڌ عرب دور ‪ :‬ص ‪)323‬‬ ‫“ابو اسحاق اصطخري جو چوڻ ته منصوره جو سنڌي نالو برهمڻ آباد‬ ‫آهي‪ .‬اهو شهر هڪ ميل ڊگهو ۽ هڪ ميل ويڪرو آهي ۽ ان جي چوڌاري‬ ‫مهراڻ ندي جو وهڪرو آهي‪ .‬منصوره سندس لکت موجب درياَء جي مکيه‬ ‫شاخ جي الهندي ڪپ تي ٻڌل هو (يعني اوڀرندي واري شاخ تي)” (سنڌ عرب‬ ‫دور ‪)323‬‬ ‫“االصطخري جي سفرنامي ۾ ڏنل مقالي موجب منصوره جو شهر‬ ‫نديَء جي اولهندي ڪپ تي ٻڌل هو‪ ،‬جو دراصل درياَء جو مک وهڪرو هو”‪.‬‬ ‫(سنڌ عرب دور ‪)329‬‬ ‫محترم موالئي شيدائي‪ ،‬جنت السنڌ (ص ‪ )119‬تي لکي ٿو ته “عمر‬ ‫بن محمد قاسم گهڻيون سوڀون ڪيون‪ .‬سندس سوڀن جي يادگار الِء سنڌو‬ ‫نديَء جي ُالهندي ڪپ تي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ٻيو “منصوره” تعمير‬ ‫ڪرايو ويو‪ ،‬جو پڇاڙيَء ۾ سنڌ جو تختگاه ٿي رهيو”‪.‬‬ ‫ابوالفضل آئين اڪبري ۾ لکي ٿو ته برهمڻ آباد جي قلعي کي‬ ‫‪ 1400‬برج هئا پر سنڌ عرب دور لکي ٿو ته اهو بيان وڌاُء تي مبني آهي‪ .‬تاريخ‬ ‫ان ڳالهه جي به گواه آهي ته منصوره جي شهر کي اوج وٺائڻ ۾ برهمڻ آباد جو‬ ‫وڏو هٿ هو ڇو ته جڏهن برهمڻ آباد ويران ٿيو ته اتان سرون کڻي نئون شهر‬ ‫منصوره ٻڌو ويو‪ .‬تاريخ ٻڌائي ٿي ته اموي گھراڻي جي پنجين گورنر جنيد بن‬ ‫عبدالرحمان جي دور ۾ برهمڻ آباد (ڪالن ڪوٽ) کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو‬ ‫بعد ۾ ڇهون گورنر تميم بن زيد العتبي آيو جيڪو ديبل وٽ بيماري سبب‬ ‫گذاري ويو ته ستون گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي آيو جنهن سان عمرو بن‬ ‫محمد بن قاسم صالحڪار ٿي آيو‪ .‬بعد ۾ جڏهن حڪم بن عوانه الڪلبي کي‬ ‫مقامي سنڌين قتل ڪري ڇڏيو ته ان جي صالحڪار عمرو بن محمد بن قاسم‬ ‫‪90‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫کي اٺون گورنر مقرر ڪيو ويو‪ .‬نائون گورنر يزيد بن عرار هو جيڪو سنڌ ۾‬ ‫ايندي ئي منصور بن جمهور الڪلبي جو شڪار ٿيو‪ .‬منصور جو يزيد ٻئي جي‬ ‫پٽ وليد ٻئي جي خون ۾ هٿ هو ۽ اهو عرب مان باغي ٿي سنڌ ۾ اچي لڪو ۽‬ ‫پنهنجي هوڏ تي پاڻ کي حاڪم مڃرائي ويٺو هو‪ .‬نائين گورنر يزيد بن عرار‬ ‫کي سنڌ ۾ صرف دشمني سان منهن ڏيڻو پيو‪ .‬تاريخ ٻڌائي ٿي ته نائين گورنر‬ ‫يزيد بن عرار کي دردناڪ موت ڏنو ويو جيڪو منصور بن جمهور الڪلبي‬ ‫نو گورنر مرڪزي حڪومت موڪليا هئا‪،‬جڏهن ته منصور بن‬ ‫جي هٿان ٿيو‪َ .‬‬ ‫جمهور پاڻ کي پنهنجي طاقت تي حاڪم اعليٰ مڃائي ويٺو هو ڇو ته مرڪز‬ ‫۾ اموين جي حڪومت ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ اهي پاڻ کي بچائڻ جي‬ ‫چڪر ۾ هئا انهن جو سنڌ طرف ڪو ڌيان نه هو‪( .‬سنڌ عرب دور)‬ ‫هتي گورنرن جو ذڪر ان ڪري لکيو ويو ته اڄ ڏينهن تائين تاريخ‬ ‫متفق ناهي ٿي ته منصوره جو شهر ڪنهن ٺاهرايو؟‪ .‬ڪافي محقق ان ڳالهه تي‬ ‫متفق آهن ته منصور لفظ نصر مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي فتح‬ ‫ڪيل‪ .‬اموي گھراڻي جي ستين گورنر حڪم بن عوانه الڪلبي جي گورنري‬ ‫دوران عمرو بن محمد بن قاسم سنڌ ۾ گورنر جو صالحڪار ٿي آيو ان ڪجهه‬ ‫فتوحات ڪيون جنهن جي ڪري ستين گورنر جي دور ۾ عمرو بن محمد بن‬ ‫قاسم منصوره جو شهر ٺاهرايو‪ .‬ان جي الِء تاريخ ۾ لکجي ٿو ته اهو شهر حڪم‬ ‫بن عوانه الڪلبي تعمير ڪرايو‪ .‬جڏهن ته ڪجهه اديب عمرو بن محمد بن‬ ‫قاسم جو نالو لکن ٿا‪ .‬ڪجهه وري منصور بن جمهور الڪلبي جو نالو لکن ٿا‪.‬‬ ‫جڏهن ته ڪجهه محقق لکن ٿا عباسي دور حڪومت جي مرڪزي خليفي ابو‬ ‫جعفر منصور هي شهر سنڌ ۾ ٺاهرايو‪.‬‬ ‫جيتري منهنجي تحقيق آهي ته اهو شهر حڪم بن عوانه الڪلبي‬ ‫جي گورنري دوران محمد بن قاسم جي پٽ عمرو تعمير ڪرايو هو‪ .‬ڇو ته‬ ‫حڪم بن عوانه ان وقت گورنر هو ان ڪري ان جو به نالو لکيو وڃي ٿو‪ .‬اموي‬ ‫گهراڻي جي نائين گورنر يزيد بن عرار کي منصوره جي قلعي ۾ قتل ڪيو ويو‪.‬‬ ‫‪91‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ان ڪري منصور بن جمهور الڪلبي يا عباسي خليفي ابو جعفر منصور جو‬ ‫منصوره جي شهر جي تعمير سان ڪوبه تعلق نه آهي‪.‬‬ ‫هتي سوال اهو ناهي ته اهو شهر ڪنهن تعمير ڪرايو؟ هتي سوال‬ ‫اهو آهي ته منصوره جو شهر موجوده سنڌ جي ڪهڙي جڳهه تي ٺهيل هو‪.‬؟‬ ‫منصوره جو شهر موجوده ٺٽي ضلعي ۾ ان جڳهه تي ٺهيل هو جتي موجوده وقت‬ ‫۾ پيرپٺو ۽ جميل شاهه ڏاتار گرناري جون درگاهون آهن‪.‬‬ ‫ڪجهه ماڻهو پريشان ٿي سگھن ٿا ته پيرپٺي کي منصوره ڪهڙي‬ ‫بنياد تي لکيو ويو آهي‪.‬؟ سڀ کان وڏو ثبوت ته توهان ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ‬ ‫جو نقشو ڏسو ۽ مون هن ڪتاب جي شروع ۾ ان وقت جي درياَء جي بيهڪ‬ ‫لکي آهي اها پڙهو‪ .‬سنڌ عرب دور (ص ‪“ )323‬ابن حوقل سنڌ جو نقشو پڻ ڏنو‬ ‫آهي‪ .‬جو هڪ نهايت ئي اهم دستاويز آهي ۽ سنڌ جي ڪيترن شهرن جي‬ ‫صحيح بيهڪ معلوم ڪرڻ الِء ڏاڍو ڪمائتو آهي‪ .‬سنڌ جي انهيَء نقشي ۾‬ ‫ابن حوقل منصوره کي درياَء جي ٻن شاخن جي وڄ ۾ ٻيٽ تي ٻڌل ڏيکاريو‬ ‫آهي‪ .‬اهو به ظاهر ٿو ٿئي ته درياَء جون ٻه شاخون ڪلري شهر وٽ جدا ٿي‬ ‫منصوره جي ڀر مان وهندي‪ ،‬منصوره جي ڏکڻ ۾ وري هڪ ٻئي سان مليو‬ ‫وڃن”‪ .‬پيرپٺي کي اسان جي ڪجهه اديبن‪ ،‬محققن پراڻي دور وارو ديبل به‬ ‫لکيو آهي‪ .‬انهن ماڻهن الزمي اتي اهڙا آثار ڏٺا جن جي بنياد تي ان کي ديبل‬ ‫لکيو آهي‪ .‬تاريخ ٻڌائي ٿي ته منصوره جي شهر الِء سرون برهمڻ آباد مان کنيو‬ ‫ويون هيون‪ .‬برهمڻ آباد مون موجوده ڪالن ڪوٽ کي لکيو آهي ۽ ڪالن‬ ‫ڪوٽ جي ويجهو اگر ڪنهن مظبوط شهر جا آثار ملن ٿا اهو پير پٺي وارو‬ ‫ماڳ ئي آهي‪.‬‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪ )495‬اشارا ۽ واڌارا ۾ سنڌ جي برک ڏاهي ۽‬ ‫محقق جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب منصوره جي بيهڪ بابت انڊس ڊيلٽا‬ ‫ڪنٽري ڪتاب جو حوالو ڏيئي ڪجهه هن ريت لکيو آهي “ميجر جنرل‬ ‫هيگ جنهن ‪1877‬ع واري پيمائش وقت مهراڻ جي مڙني ڍورن جي ماپ‬ ‫‪92‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪئي‪ .‬هن نهر جلوالي جي مجرا ۽ پيٽ جو عرب جاگرافي نويسن جي بيانن‬ ‫۽ پنهنجي معائني جي بنياد موجب هي شاخ سڪرنڊ کان ‪ 10‬ميل اوڀر طرف‬ ‫ڪلري وٽان مکيه درياَء مان نڪري هيٺ منصوره جي اوڀر پاسي کان وهي‬ ‫(ڏکڻ طرفان ور ڪري) منصوره کان ڏهه ميل ڏکڻ – اولهه طرف اچي (مکيه‬ ‫درياَء) لوهاڻي ۾ گڏبي هئي‪ .‬ان جي جملي ڊيگهه يقيني طور ‪ 50‬ميل کن‬ ‫هوندي‪ .‬اها شاخ عرب جاگرافي نويسن (نقشي ۾) مهراڻ درياَء جي پيٽ واري‬ ‫سڌي الئين جي ڏاکڻي حصي ۾ اڌ گول جي صورت ۾ ڏيکاري آهي‪ .‬ڪلري‬ ‫کان هيٺ هن ڍوري جي ٻن وهڪرن جا نشان ملن ٿا‪ .‬هڪ ٽه گھاٽي ٻيو هيٺ‬ ‫ڏکڻ طرف سمير وارو ڍورو‪”.‬‬ ‫ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهن عربن جاگرافي نويسن‪ ،‬مهراڻ درياَء‬ ‫جو نقشو ڏنو آهي ته پوِء ان کي ڍورا ڪهڙي بنياد تي لکيو ويو آهي‪.‬؟ دراصل‬ ‫اهي ڍورا نه پر درياَء جون ٻه شاخون هيون‪ .‬ڪلري کي اسان جي اديبن موجوده‬ ‫نوابشاهه وٽ لکيو آهي پر مون هن ڪتاب جي باب پهرين ۾ واضع لکيو آهي‬ ‫ته ڪلري يا ته ڪينجهر جو پراڻو نالو آهي يا ڪينجهر جي آسپاس ڪلري‬ ‫نالي سان ڪو شهر هو ڇو ته ڪينجهر کي گھڻي مشهوري نوري واري قصي کان‬ ‫پوِء ملي آهي ان کان اڳ ڪينجهر نالي جو ذڪر ڪٿي به نٿو ملي‪.‬‬ ‫درياَء جي هڪ شاخ موجوده ساڪري وٽان وهندي هئي جنهن جو‬ ‫تفصيلي ذڪر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي جڏهن ته درياَء جي‬ ‫ٻي شاخ موجوده پيرپٺي (منصوره) جي اوڀر کان ٿيندي وري اتان ور ڪري‬ ‫فتحنامه جي موجب ڏهه ميل جڏهن ته سنڌ عرب دور مطابق ٻارنهن ميلن‬ ‫کانپوِء وڃي الهندي واري درياَء سان ملندي هئي‪.‬‬ ‫جيڪڏهن موجوده وقت ۾ پيرپٺي (منصوره) جي ڏکڻ کان جتي هن‬ ‫وقت ڳوٺ سيد علي گوهر شاهه ڀاڏائي آهي اتان ساڪري جو فاصلو ماپيو ته‬ ‫تقريب ًا ساڳيو ٿيندو‪.‬‬

‫‪93‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫فتحنامه (‪ )497‬تي منصوره جي حوالي سان بلوچ صاحب وڌيڪ‬ ‫لکي ٿو ته “درياَء مهراڻ قديم ماڳ جلوالي نهر (جنهن کي بلوچ صاحب‬ ‫ڄراڙي لکي وڃي سانگهڙ جي پاسي لکيو آهي) وٽان وهي قديم شهر منصوره‬ ‫وٽ غالب ًا دوشاخو ٿيندو هو‪ .‬مکيه شاخ شهر منصوره جي اوڀر طرفان ۽ ننڍي‬ ‫شاخ اولهه طرفان وهي شهر کان هيٺ ڪٿي وڃي گڏبيون هيون ۽ منصوره‬ ‫جي شهر کي ڄڻ هڪ ٻيٽ بنائي ڇڏينديون هيون”‪.‬‬ ‫توهان اڄ به پيرپٺي واري ماڳ جو مشاهدو ڪريو‪ .‬ان وقت ۾ سنڌو‬ ‫درياَء جي هڪ شاخ موجوده ٺٽي جي اڀرندي طرف کان ٿيندي پيرپٺي جي به‬ ‫اوڀر طرف کان ٿيندي اڳيان گھوڙاٻاري واري روڊ تان ڳوٺ سيد علي گوهر‬ ‫شاهه ڀاڏائي وٽان وري اولهه طرف ويندي هئي‪ .‬ٻي درياَء جي هڪ ننڍي شاخ‬ ‫موجوده پيرپٺي جي اتر طرف کان جتي هن وقت غالم قادر شيخ جو بنگلو آهي‬ ‫اتان ٿي اڳيان هلي وڏي درياَء سان ملي ويندي هئي‪ .‬جنهن سبب منصوره جي‬ ‫شهر کي ٻيٽ تي ٻڌل ٻڌايو ويو آهي‪ .‬سنڌ عرب دور ( ص ‪“ )451‬ٻانيه جو شهر‬ ‫جنهن کي سنڌ جي عرب حاڪمن جي رهائشگاهه ٻڌايو ويو آهي‪ .‬منصوره‬ ‫جي ڀر ۾ ٻڌل هو‪ .‬ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته منصوره جي ڳتيل ۽ بي ترتيب شهر ۾‬ ‫آدمشماري جي وڌڻ ۽ فوجي ڇانوڻي سبب‪ ،‬شهر جي گوڙ گهمسان واري ماحول‬ ‫کان بچڻ خاطر انهيَء نئين شهر جي ضرورت محسوس ڪئي وئي”‪ .‬اڄ به اگر‬ ‫اسان پيرپٺي واري ماڳ جو مشاهدو ڪريون ته لڳندو واقع منصوره جو شهر‬ ‫بي ترتيب ٺهيل هو‪ .‬ڇو ته جتي پيرپٺي ۽ سخي ڏاتار جا مقبرا آهن اهو پهاڙي‬ ‫ٽڪري آهي جڏهن ته وچ ۾ کڏ‪ .‬جڏهن ته وري گھوڙاٻاري روڊ تي جتي منارو‬ ‫۽ مسجد ٺهيل آهن هو پٽ مٿي آهي ته ان کان ٿورو اڳتي وري لمهند آهي‪ .‬ان‬ ‫سبب منصوره جي حاڪمن پاڻ جي الِء هڪ هڪ نئون شهر تعمير ڪرايو‬ ‫جنهن جو تاريخ ۾ نالو “ٻانيه” لکيل آهي‪ .‬ٻانيه اهڙو شهر آهي جنهن تي ڪا‬ ‫خاص تحقيق ناهي ٿي منصوره موجوده پيرپٺي واري ماڳ تي هو ته ٻانيه جو‬ ‫شهر پيرپٺي کان ڏکڻ اوڀر طرف ڳولڻ گھرجي‪ .‬ڇو ته ابن حوقل پاران ڏنل سنڌ‬ ‫‪94‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫جي نقشي ۾ ٻانيه جو شهر منصوره کان ڏکڻ اوڀر ۾ ڏيکاريل آهي‪ .‬پيرپٺي تي‬ ‫ٻن محرابن واري هڪ مسجد ٺهيل آهي ۽ هڪ وڏو منارو ٺهيل آهي جنهن کي‬ ‫مقامي ماڻهو محمد بن قاسم مسجد ۽ مناري الِء چوندا آهن ته اهو محمد بن‬ ‫قاسم ٺاهرايو هو‪ .‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص ‪ )339‬تي پيرپٺو‬ ‫مسجد بابت لکي ٿو ته “ٺٽي ضلعي ۾ پيرپٺي جي مزار جي سامهون مٿاهين تي‬ ‫اڏيل هيَء مسجد “محمد بن قاسم جي مسجد” جي نالي سان سڏجي ٿي‪ ،‬پر ان‬ ‫تي اهڙي ڪابه لکت ڪتبو وغيره ڪونه آهي”‪ .‬سنڌ عرب دور (ص ‪)336‬‬ ‫“ عرب سياحن ۾ جيڪو سياح سڀ کان پوِء آيو اهو بشاري مقدسي هو‪ .‬سنڌ‬ ‫۾ سندس اچڻ جو سال ‪375‬هه جي لڳ ڀڳ سمجهڻ گهرجي‪ .‬سندس بيان هو‬ ‫ريت آهي‪ .‬منصوره سنڌ جو مکيه شهر آهي ۽ ان جي گادي جو هنڌ آهي‪ .‬ان‬ ‫جون جايون گچ ۽ سرن جون ٺهيل آهن پر ان جي جامع مسجد پٿر ۽ چن سان‬ ‫جڙيل آهي ۽ ان جي اڏاوت جو نمونو به عمان (مسقط) جي مسجد جهڙو آهي‪.‬‬ ‫جامع مسجد شهر جي وچ ۾ آهي جتي سڀئي رستا اچيو گڏجن”‪ .‬جنت السنڌ‬ ‫(ص ‪“ )148‬شهر (منصوره) جون جايون ڪاٺ جون جڙيل هيون‪ ،‬فقط جامع‬ ‫مسجد پٿر جي جڙيل هئي‪ ،‬جا عمان جي جامع مسجد جي نموني تي هئي‪.‬‬ ‫مون مٿي واضع لکيو آهي ته منصوره جو شهر محمد بن قاسم جي‬ ‫پٽ عمرو ٺاهرايو هو‪ .‬ٿي سگھي ٿو ته اها مسجد ۽ منارو ان ٺاهرايا هجن ۽‬ ‫انهن کي پنهنجي پيُء جي نالي سان منسوب ڪيو هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه‬ ‫ته اڄ به اگر ڌيان سان ڏسجي ته موجوده پيرپٺي تي موجود ٻن محرابن واري‬ ‫مسجد شهر جي وچ ۾ اچي ٿي‪ .‬پيرپٺو موجوده ڪالن ڪوٽ کي ويجهو آهي‪.‬‬ ‫ان ڪري آساني سان چئي سگھجي ٿو ته پيرپٺو پراڻي دور جو منصوره جو‬ ‫شهر آهي جڏهن ڪالن ڪوٽ پراڻي دور وارو برهمڻ آباد جو شهر آهي‪.‬‬ ‫جيڪڏهن آرڪياالجي کاتي وارا انهن ٻنهي ماڳن پيرپٺو توڙي‬ ‫ڪالن ڪوٽ جي صحيح نموني کوٽائي ڪن جيتري موهن جي دڙي ۽ ڀنڀور‬ ‫جي ٿي آهي ته ڪافي لڪل راز سامهون اچي سگھن ٿا‪.‬‬ ‫‪95‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌ عرب دور واضع لکي ٿو ته منصوره ۽ برهمڻ آباد جي ماڳن جو‬ ‫صحيح پتو اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگھيو آهي پر ڪجهه محققن انهن ٻنهي‬ ‫شهرن کي موجوده سانگھڙ ۾ ضلع ۾ ڪجهه ماڳن کي انهن سان تشبيهه ڏني‬ ‫آهي‪ .‬مون پهرين به هڪ جڳهه تي لکيو ته تشبيهه ڏيڻ ۽ حقيقت ۾ فرق هوندو‬ ‫آهي‪ .‬هتي اها ڳالهه به ضروري آهي ته اسان جا محقق لکندا آهن ته موجوده‬ ‫سانگهڙ واري ماڳن تان اسان کي منصور بن جمهور جا سڪا به مليا آهن ان‬ ‫ڪري انهن جو زور آهي ته منصوره جو شهر سانگهڙ ۾ ئي هو‪ .‬حيرت جهڙي‬ ‫ڳالهه آهي ته تاريخ لکي ٿي ته سمنڊ کان وٺي ملتان تائين انهن جي حڪومت‬ ‫هئي ته انهن جا سڪا به سڄي سنڌ ۾ هڪجهڙا هلندا هوندا اها ٻي ڳالهه آهي‬ ‫ته اتان سڪا مليا ۽ ٻين ماڳن تان سڪا نه مليا‪ .‬مون پنهنجي پهرين ڪتاب‬ ‫۾ لکيو ته سڪن جي آڌار تي تاريخ لکڻ سان به اسان جي تاريخ ۾ وڏو‬ ‫مونجهارو پيدا ٿيو آهي‪.‬‬ ‫ڪجھ سال پهرين پيرپٺي تي موجود منارو جڏهن ختم ٿيڻ لڳو هو‬ ‫ته ايندومينٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ ثقافت کاتي پاران ان جي مرمت ڪرائي تاريخ‬ ‫‪ 16-10-27‬تي وزير ثقافت محترم سيد سردار علي شاهه کان افتتاح‬ ‫ڪرايو ويو هو ۽ افتتاحي بورڊ تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي “خيال آهي ته‬ ‫هن ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو‪ .‬جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾‬ ‫هيٺ موجود آهن‪ .‬عربن جي وقت ۾ پوِء مغلن جي دور تائين هتان درياهه‬ ‫لنگهندو هو انڪري ڪي صاحب هن مناري کي درياهي بندر جو ٻالٽو يا الئٽ‬ ‫هائوس به سڏين ٿا‪ ”.‬ان مناري بابت محترم ابوبڪر شيخ لکي ٿو ته “آئون ان‬ ‫کي روشني جو مينار چوندو آهيان‪ .‬اهو بلڪل ائين ئي آهي جيئن هڪ‬ ‫بندرگاهه تي هئڻ کپي‪ .‬جيئن پري کان ايندڙ ٻيڙين ۽ بحري جهازن کي روشني‬ ‫نظر اچي سگهي”‪ .‬ساڳي مناري بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون‬ ‫(ص ‪ )339‬تي لکي ٿو ته “پيرپٺي واري ٽڪريَء تي هڪ پڪسرو منارو ٺهيل‬ ‫آهي‪ ،‬جيڪو هڪ سئو فوٽ کن اوچو آهي‪ ،‬جنهن جي اندرئين پاسي جي ڇت‬ ‫‪96‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫دونهاٽيل آهي‪ .‬جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته هي منارو “الئيٽ هائوس” طور ڪم‬ ‫ايندو هو‪ .‬منارو سالم بيٺو آهي‪ ،‬اندازو آهي ته هي ڪلهوڙا دور کان اڳ جو‬ ‫ٺهيل آهي”‪.‬‬ ‫سنڌ عرب دور (ص ‪“ )346‬منصوره سنڌ جو بندرگاهه پڻ هو‪ ،‬جتي‬ ‫واپاري ٻيڙا اچي لنگر هڻندا هئا”‪.‬‬ ‫ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار (ص ‪(“ )8‬پيرپٺي) جي هيٺيان تري ۾‬ ‫عرب آبادڪاري جا نشان موجود آهن”‪.‬‬ ‫پيرپٺي واري ماڳ کي تاريخ ۾ “پيرآر” جو نالو به ڏنل آهي‪ .‬جنهن‬ ‫الِء هڪڙو سبب هن ريت ملي ٿو‪ .‬الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪ )86‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “پير آر جو روضو‪ ،‬پيرپٺي جي درگاهه جي ڀر ۾ اتر طرف آهي”‪.‬‬ ‫ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )391‬تي وڌيڪ لکي ٿو ته “سيد حسين عرف وجيهه‬ ‫الدين کي چار پٽ هئا‪ .‬شاهه حسن‪ ،‬شاهه ڪهور‪ ،‬شاهه آري جو “پير آر” جي‬ ‫نالي سان ڏاتار جي روضي جي اتر ۾ مدفون آهي‪ ،‬الل ڇتو شاھ”‪ .‬پير حسام‬ ‫الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون” (ص ‪)76‬‬ ‫تي حاشيه ۾ لکي ٿو ته “انهيَء بزرگ (شاهه وجيهه الدين) کي چار پٽ هئا‪ ،‬جن‬ ‫مان هڪ جو نالو شاهه آري هو‪ .‬سندس اهو فرزند شاهه جميل (جميل شاهه‬ ‫ڏاتار گرناري) جي اتر طرف کان جيڪا هيٺاهين زمين آهي اتي پوريل (دفن‬ ‫ٿيل) آهي‪ ،‬پير پٺي جي شهر کي “پير آر” به چوندا آهن‪ .‬اهو نالو هن بزرگ جي‬ ‫نسبت سبب ٿيو”‪ .‬جڏهن ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص ‪)338‬‬ ‫تي پير پٺي کي ئي پير آري ڪري لکيو ويو آهي‪ ،‬لکي ٿو ته “شيخ پير پٺو (پير‬ ‫ڪنيت ابوالخير‪ ،‬لقب شاهه عالم ۽ ذات جو اپالڻ هو”‪ .‬تاريخ طاهري‬ ‫آري) ُ‬ ‫(ص ‪ ) 306‬تي پيرپٺي کي ئي پير آر ڪري لکيو آهي‪ .‬تحفةالڪرام (ص‬ ‫‪ )620‬تي لکي ٿو ته “جميل شاهه (ڏاتار) پير پٺي جي استدعا تي مٿين ٽڪري‬ ‫(پيرپٺي واري ماڳ) تي آيو ۽ اتي دفن ٿيو‪ .‬جميل شاهه ڏاتار جا چار خليفا‬ ‫هئا‪ .‬جن مان هڪ شاهه وجيهه الدين هو ۽ پير آر يا شاهه آري‪ ،‬ڏاتار جي‬ ‫‪97‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫خليفي شاهه وجيهه الدين جو ٽيون نمبر پٽ هو”‪.‬مقامي ماڻهو به اهو چوندا‬ ‫آهن ته پيرپٺو ۽ جميل شاهه ڏاتار هڪڙي دور جا آهن‪ .‬جن گڏجي سامري‬ ‫جادوگر سان مقابلو ڪيو‪ .‬تاريخ گواه آهي ته پيرپٺو‪ ،‬سومرن جي دور جو آهي‪.‬‬ ‫ان مان مراد ته شاهه وجيهه الدين پنهنجي مرشد جميل شاهه ڏاتار جي دوست‬ ‫پيرپٺي جي تخلص (پير آر) مان متاثر ٿي پنهنجي پٽ جو نالو “پير آر يا شاهه‬ ‫آري رکيو هجي”‪.‬‬ ‫ٻيو سبب هي به آهي ته شاهه صاحب پنهنجي رسالي ۾ ڪافي بيتن‬ ‫۾ “آر” لفظ ڪتب آندو آهي‪ .‬جنهن جي معنيٰ ڊاڪٽر محمد عالم سومري‬ ‫“سير‪-‬تک‪-‬وهڪرو” لکي آهي‪ .‬جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب‪ ،‬جامع‬ ‫سنڌي لغات (جلد اول) (ص ‪“ )47‬آر” لفظ جون مختلف معنائون ڪڍيون‬ ‫آهن‪ .‬جهڙوڪ “وهڪري جي چوطرفي تيزي يا ڇڪ (جا سمنڊ ۾ واُء ۽ درياَء‬ ‫۾ اونهي کڏ سبب ٿئي‪ ،‬جنهن ڪري پاڻي جو وهڪرو ڦيرو کائي هڪ جاِء تي‬ ‫ڪن پيدا ڪندڙ وهڪرو‪ ،‬پاڻي جي تيز‬ ‫پيو ڦرندو آهي)‪ ،‬درياَء يا سمنڊ ۾ ُ‬ ‫وهڪري جو گهمرو‪ .‬درياَء جو الڙو يا وهڪرو‪ ،‬درياَء جي تک‪ ،‬دل جو الڙو‪ ،‬ڇڪ‪،‬‬ ‫انگل‪ ،‬ناز‪ ،‬نخرو وغيره”‪.‬‬ ‫ٽيون سبب هي به آهي ته سنڌي ۾ هڪڙو پهاڪو ڏيندا آهن ته‬ ‫“جيڏانهن دل ۽ درياَء آر ڪن”‪.‬هن پهاڪي ۾ آيل لفظ “آر” جي معنيٰ ڇڪ يا‬ ‫پيار آهي‪ .‬بلوچ صاحب به آر جي هڪڙي معنيٰ “دل جو الڙو يا ڇڪ” ڪڍي‬ ‫آر به‬ ‫آهي‪ .‬شاهه صاحب ُسر سهڻي ۾ فرمائي ٿو ته “جيڏانهن ِچ َ‬ ‫ت ُ‬ ‫چاه گهڻو‪ُ ،‬‬ ‫اوڏانهين”‪ .‬تاريخ گواه آهي ته جڏهن سنڌو درياَء کي بند ڪونه هئا ته اهو‬ ‫جهڙي پاسي وڃڻ چاهيندو هو اتان پنهنجو گس ٺاهي ڇڏيندو هو‪ .‬دل به جنهن‬ ‫تي اچي‪.‬‬ ‫چوٿون سبب‪ ،‬باب پهرين ۽ باب چوٿين ۾ مون پيرپٺي تي ٺهيل‬ ‫مناري تي لڳل بورڊ بابت لکيو آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته “خيال آهي ته هن‬

‫‪98‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ماڳ تي عربن جي دور ۾ شهر آر قائم هو‪ .‬جنهن جا آثار مناري جي اوڀر ۾ هيٺ‬ ‫موجود آهن”‪.‬‬ ‫ان مان مراد ته ان ماڳ جو نالو عربن جي دور ۾ “آر” يعني درياَء جي‬ ‫ڇڪ وارو عالئقو يا ماڳ هو‪ .‬جيئن سائين مارو خشڪ “ور” شهر الِء ٻڌايو‬ ‫آهي ته اتان ڪڏهن درياَء ور ڪندو هو جنهن ڪري ان ماڳ جو نالو ور هو‬ ‫جيڪو هاڻي شهر جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي‪ .‬آر جو شهر جيڪو‬ ‫عربن جي دور ۾ به هو‪ .‬بعد ۾ عربن جڏهن اتي شهر ٺاهيو ته ان جو نالو منصوره‬ ‫رکيو هو‪ .‬بعد ۾ جڏهن سومرن جي دور ۾ پيرپٺو ان ماڳ تي آيو يا دفن ٿيو ته‬ ‫شايد مقامي ماڻهن ان ماڳ کي “پير آر يعني آر وارو پير” سڏيو‪ .‬وري جڏهن‬ ‫“شاهه آري” ان ماڳ تي دفن ٿيو ته اسان لکي ڇڏيو ته شاهه آري جي ڪري ان‬ ‫ماڳ کي پير آر چوندا آهن‪.‬‬ ‫مٿين لکيل سڀني ڳالهين پڙهڻ کان پوِء اهو نتيجو نڪري ٿو ته‬ ‫جيئن مڪلي جي نالي جي حوالي سان مختلف حواال ملن ٿا (مائي مڪلي‪،‬‬ ‫هذا مڪةلي ۽ منڪلي)‪ ،‬بلڪل ائين هن ماڳ پير آر (پيرپٺي) الِء به مختلف‬ ‫حواال ملن ٿا‪ .‬پير حسام الدين راشدي (مڪلي نامون ص ‪ )733‬تي لکي ٿو ته‬ ‫“مڪليَء جي نالي متعلق تحقيق الِء مواد موجود آهي ۽ راهون کليل آهن‪.‬‬ ‫ضرورت آهي ته وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي”‪ .‬بلڪل ائين هن ماڳ الِء به‬ ‫ضرورت آهي ته وڌيڪ کوجنا ڪئي وڃي‪ ،‬تنهن کان پوِء ئي ڪنهن نتيجي‬ ‫تي پهچي سگهجي ٿو‪.‬‬

‫‪99‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب پنجون‪:‬‬

‫ساوندي يا ٿرڙي (گجو)‬ ‫تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته برهمڻ آباد جي فتح کانپوِء محمد بن‬ ‫قاسم اڳتي منزل کنئي ته ساوندي جي آس پاس جي ماڻهن دهلن ۽ شرنائين‬ ‫سان عربن جو استقبال ڪيو‪ .‬ساوندي جنهن کي تحفةالڪرام ٿرڙي جو نالو‬ ‫ڏنو آهي ان الِء تاريخي ڪتابن ۾ ڪجهه هن ريت مواد ملي ٿو‪.‬‬ ‫تحفةالڪرام (ص ‪“ )46‬ٿرڙي جي آسپاس جي سمن ماڻهن گڏ ٿي‬ ‫دهلن ۽ شرنائين سميت خدمت ۾ حاضر ٿي ناچ شروع ڪيو‪( .‬هيٺ حاشيه ۾‬ ‫مترجم لکي ٿو ته فتحنامي ص ‪ 218-217‬۾ هيُء نالو ساوندي ڄاڻايل آهي)‬ ‫تاريخ معصومي (ص ‪ “ )62‬ٿريَء جي آسپاس جي ۾ رهندڙ سما‬ ‫ماڻهو گڏجي دهلن ۽ شرنائين سان محمد بن قاسم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا”‪.‬‬ ‫فتحنامه سنڌ ۽ سنڌ عرب دور ۾ لفظ ساوندي ڄاڻايل آهي مطلب ته‬ ‫هنن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته ساوندي سمه جي آسپاس جي ماڻهن عرب فوج‬ ‫جو دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ڪيو‪ .‬فتحنامه سنڌ جي ٻي حصي “اشارا‬ ‫۽ واڌارا‪ ،‬ص ‪ ”510‬تي بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ساوندي سمه مطلب سمن جو‬ ‫شهر ساوندي”‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪“ )188‬محمد بن قاسم جڏهن الڙ‬ ‫۾‪ ،‬سمن جي حدن ۾ داخل ٿيو تڏهن اهي ماڻهو پنهنجي قديم َپر پٽاندر‪ ،‬نچندا‪،‬‬ ‫ٽپندا‪ ،‬ڳائيندا ۽ وڄائيندا هن جي آجيان الِء آيا‪ .‬انهيَء مان ظاهر آهي ته ناچ‬ ‫جو فن‪ ،‬الڙ ۾ ‪ ،‬اسالم جي اچڻ کان اڳ به جاري هو”‪.‬‬ ‫محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص ‪ )365‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “جيئن ته ٿرڙ ٽڪريَء تي انساني سرگرميَء جا نشان پٿر جي‬ ‫پڇاڙڪي ۽ آمري دور کان‪ُ ،‬ٻڌڪي زماني‪ ،‬اوائلي مسلم دور‪ ،‬ڪلهوڙن جي دور‬ ‫‪100‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫۽ هاڻوڪي زماني تائين هر وقت جا ملن ٿا‪ ،‬تنهن ڪري تجويز ڪري‬ ‫سگهجي ٿو ته ٿرڙ ٽڪري گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن هزار سال اڳ سمنڊ جي‬ ‫گهيري مان آزاد ٿي چڪي هئي ۽ ان سان گڏوگڏ درياهه نئون جاگرافيائي‬ ‫ماحول ٺاهڻ ۾ جنبي ويو هو‪ ،‬جنهن ڪري ٿرڙو ٽڪريَء تي هوريان هوريان‬ ‫انساني سرگرمي به شروع ٿي وئي”‪.‬‬ ‫راجا چچ جي زال جو نالو فتحنامه ۾ “سونهن ديوي” لکيل آهي‪.‬‬ ‫جيڪا پهرين راِء سهاسي جي زال هئي‪ .‬موالئي شيدائي‪ ،‬جنت السنڌ (ص‬ ‫(سهندي) لکيو آهي”‪ .‬جڏهن‬ ‫‪ )73‬تي راِء سهاسي جي راڻي جو نالو شوڀا ديوي ُ‬ ‫ته انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد اٺون (س ‪ ،2‬ص ‪ )253‬تي راجا ڏاهر جي‬ ‫ڀاڻيجي جو نالو “ ُسهندي برهمڻ” ڪري لکيو آهي‪ .‬انڪري چئي سگهجي ٿو‬ ‫ته ساوندي‪ ،‬راڻي سونهن ديوي يا ُسهندي برهمڻ جي نالي جي بگڙيل صورت‬ ‫هجي‪ .‬يونين ڪائونسل گجو ۾ هڪڙي ديهه جو نالو به “سونهري” آهي (ٿي‬ ‫سگهي ٿو ته پهرين اصل لفظ ُسهندي مان ڦري ُسهنري ٿيو هجي‪ ،‬جيڪو بعد ۾‬ ‫تبديل ٿي سونهري ٿيو‪ .‬جيئن ميدالبحر مان لفظ ڦري ميربحر ٿيو آهي‪( .‬جنهن‬ ‫جو ثبوت هن ڪتاب جي باب اٺين ۾ آهي)‪.‬‬ ‫سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )78‬لکي ٿو ته سنڌ ۾‬ ‫موهن جي دڙي کان قديم ماڳ اگر سنڌ ۾ آهي ته اهو ٿرڙي آهي‪ .‬ساڳي ڳالهه‬ ‫محترم بدر ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ماڻهو” (ص ‪ )363‬تي هن ريت لکي‬ ‫آهي ته “ٿرڙو‪ :‬موهن جي دڙي کان به پراڻي لکت وارو ماڳ”‪ .‬افسوس جهڙي ڳالهه‬ ‫آهي ته اهڙي قديمي ماڳ کي اسان وٽ ڪابه اهميت ناهي ڏني وئي‪.‬‬ ‫محترم ُرڪ سنڌي پنهنجي ڪتاب “سنڌ سڀيتا جي اوسر (اوائل‬ ‫کان ‪ 1500‬ق‪-‬م)” (ص ‪ )49‬تي لکي ٿو ته “انهن ٽن ( الکين جو دڙو‪ ،‬مهر ڳڙهه‬ ‫۽ ڪلي گل محمد) پراڻن ماڳن کان سواِء باقي شهر ۽ ڳوٺ سنڌو سڀيتا جي‬ ‫ٻن مشهور دورن سان واسطو رکن ٿا‪ .‬جنهن ۾ اوائلي دور “ڳوٺاڻي ثقافت” جي‬ ‫نالي سان سڏجي ٿو‪ .‬جيڪو ‪ 3500‬ق – م کان ‪ 2300‬ق‪ -‬م جو آهي ۽ ٻيو‬ ‫‪101‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور “شهري تمدن” جي نالي سان سڏجي ٿو‪.‬‬ ‫جيڪو ‪ 2500‬ق – م کان ‪ 1500‬ق – م جو آهي‪”.‬‬ ‫ساڳي ڪتاب ۾ (ص ‪ )71‬تي ٿرڙي گجو بابت لکي ٿو ته “ٿرڙي گجو‪،‬‬ ‫“ڳوٺاڻي ثقافت” جو دور جو هڪ ڳوٺ آهي‪ .‬جيڪو ٺٽي شهر کان ڏهاڪو‬ ‫کن ميل اولهه طرف آهي‪ .‬آثار قديمه جي ماهر ايڇ ٽي ڪزنس کي هتان نئين‬ ‫پٿر واري دور جي آباديَء جا دلچسپ آثار مليا آهن‪ .‬هيُء ڳوٺ ان ٻه واٽي تي‬ ‫آهي‪ ،‬جيڪو ستڪاجن در‪ ،‬باالڪوٽ‪ ،‬عالماڻو کان ٿيندو‪ ،‬ٿرڙي گجو وٽان‬ ‫لنگهي‪ ،‬نهٽي ۽ ڪڇ جي ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو‪ .‬هيُء ٻه واٽو به مکيه واپاري‬ ‫رستو هو‪ .‬جنهن رستي اولهه سنڌو ماٿر جي ملڪن سان ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جو‬ ‫خشڪيَء رستي واپار هلندو هو‪.‬‬ ‫هيُء ڳوٺ به ڪوٽڏجي‪ ،‬ڪوهٽراس بٺي ۽ ڳاڙهي ڀڙي وانگر هڪ‬ ‫ڪوٽ جي اندر آهي‪ .‬هن قلعي جون ڀتيون ٻٽيون هئڻ ڪري ڪافي ٿلهيون‬ ‫آهن‪ .‬قلعي جون ڪمانون بهتر قسم جون ٺهيل آهن ۽ قلعي جي چوڙائي ‪250‬‬ ‫فوٽ آهي”‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪“ )37‬گجو‪ ،‬هاليجي ڍنڍ جي‬ ‫ڪناري تي پراڻو ڳوٺ آهي‪ .‬هتان ٻه ميل پري اولهه طرف “ٿرڙي” جا کنڊر‬ ‫آهن‪ .‬جتي شيخ ترابي بزرگ جي درگاهه آهي‪ .‬هتي ٿرڙي جي ٽڪري تي پٿر‬ ‫جي دور جا آثار به لڀن ٿا”‪.‬‬ ‫هن مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ان قديم ماڳ جو اصل نالو‬ ‫ٿرڙي يا ٿرڙو آهي پر راجا چچ جي زماني ۾ ان ماڳ کي راڻي سوهندي يا راڻي‬ ‫سونهن ديوي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو هجي جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي‬ ‫ساوندي ٿي ويو‪ .‬پر اها ڳالهه واضع ٿيئي ٿي ته ٿرڙي ۽ ساوندي هڪڙي ئي‬ ‫ماڳ جا ٻه ناال آهن‪ .‬اهي تاريخي ماڳ موجوده ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور‬ ‫ساڪري جي يوسي گجو ۾ گجي شهر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي اڄ‬ ‫به يادگار آهي‪.‬‬ ‫‪102‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫اسان جا تاريخدان لکن ٿا ته برهمڻ آباد موجوده سانگھڙ ۾ آهي‪.‬‬ ‫جيڪڏهن اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ته پوِء محمد بن قاسم سانگھڙ مان‬ ‫واپس ٺٽي ڇو آيو جو ٿرڙي (جنهن کي ڪجهه ڪتاب ساوندي به لکن ٿا) جي‬ ‫آسپاس جي ماڻهن محمد بن قاسم جو دهلن ۽ شرنائين سان استقبال ڪيو‪.‬‬ ‫ٿرڙي لفظ کي به ڪافي منجهايو ويو آهي‪ .‬ٿرڙي جي نالي توڙي ان جي‬ ‫ماڳ کي به اسان وٽ ڪافي منجهايو آهي‪ .‬مثال ٿرڙي کي ٿري يا ٺري لکڻ‪.‬‬ ‫تحفةالڪرام (ص ‪ )97‬تي لکي ٿو ته “سومرن ماڻهن ٿرڙي جي آسپاس مان ماڻهو‬ ‫گڏ ڪري‪“ ،‬سومرو” نالي هڪ ماڻهو کي حڪومت جي گادي تي ويهاريو‪”.‬‬ ‫ٿرڙي جو قلعو موجوده ٺٽي ضلعي ۾ گجي کان ٻه ميل اولهه پاسي آهي‬ ‫اسان جي ڪجهه محققن جو خيال آهي ته سومرا صرف بدين تائين محدود‬ ‫هئا‪ .‬انڪري اهي ٿرڙي کي ٿري سمجهي صرف موجوده بدين ۾ ڳوليندا آهن‪.‬‬ ‫محترم عثمان راهوڪڙي پنهنجي ڪتاب‪ُ ،‬سڪو سنڌو ڪنارا رنا (ص ‪)58‬‬ ‫تي لکي ٿو ته “سنڌ ۾ پهرين سومري حاڪم “سومرا” پنهنجو تخت گاهه ٿري‬ ‫۾ قائم ڪيو هو‪ ”.‬مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته سومرن جي پهرين تخت گاهه‬ ‫جو اصل نالو ڪهڙو آهي؟ ڇو ته ٿرڙي يا ٿري ته مون مٿي لکيو آهي پر مشتاق‬ ‫مسرور باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات” (ص ‪ )83‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “سومرن جي گادي ٺري لڳ هئي جيڪا موجوده ماتلي ۾ آهي ۽ ٺري‬ ‫کانپوِء انهن محمد طور کي گادي بنايو‪ ”.‬الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ” (ص‬ ‫‪“ )84‬سومرا ٿرڙي ۾ گڏ ٿيا ۽ سومري نالي شخص کي پنهنجو سردار‬ ‫چونڊيائون”‪.‬‬ ‫ٿرڙي بابت ٻيو ذڪر اسان کي عباسين جي دور حڪومت ۾ ملي ٿو‪.‬‬ ‫تحفة الڪرام (ص ‪ )69‬لکي ٿو ته “انهي وقت ۾ ساڪوره (ساڪري) جي‬ ‫سرزمين ۾ ٿرڙي جو مظبوط قلعو‪ ،‬بڪار جو شهر ۽ انهي سرزمين يعني الهندي‬ ‫سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون هڪ وڏي تبع تابع شيخ ابو تراب جي هٿان فتح‬ ‫ٿيون هيون‪”.‬‬ ‫‪103‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ساڳي ڳالهه انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون (ص ‪ )121‬تي‬ ‫شيخ ابوتراب بابت ڏنل حوالي ۾ لکي ٿو ته “بکر ۽ کرڙي جا قلعا شيخ ابو‬ ‫تراب فتح ڪيا هئا‪ ”.‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )454‬تي بکر جو حوالو ڏيئي لکي‬ ‫ٿو ته “بکر‪ :‬سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ ننڍڙو ٻيٽ‪ ،‬جتي عباسي خليفي هارون‬ ‫الرشيد جي جرنيل شيخ ابوتراب ‪787‬ع ۾ اروڙ جي ويراني کانپوِء شهر آباد‬ ‫ڪيو ۽ ان جو نالو فرشته رکيائين”‪.‬‬ ‫تاريخ سکر (ص ‪“ )12‬فرشته (بکر) جو قلعو عباسي خليفن مان‬ ‫هارون الرشيد بغداد جي تخت تي ويٺو هو‪ ،‬سندس ڏينهن ۾ سنڌ جي والي‬ ‫شيخ ابو تراب جو تبع تابعين مان هو‪ ،‬متوفي فرشته جو قلعو تعمير ڪرايو”‪.‬‬ ‫قديم سنڌ‪ ،‬ان جا شهر ۽ ماڻهو (ص ‪“ )20‬بکر جو قلعو پهرين پهرين‬ ‫شيخ ابو تراب عرب ٺهرايو‪ .‬جنهن اهو شهر ورتو‪ ،‬انهيَء جي قبر گجي ۾ آهي‪،‬‬ ‫جو ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهي”‪.‬‬ ‫ڪتاب ساڪرو‪ ،‬ان جا ماڳ ۽ ماڻهو (ص ‪ )91‬تي لکي ٿو ته “شيخ ابو‬ ‫تراب سڀ کان پهريائين بکر جو قلعو فتح ڪيو ۽ پوِء ٿرڙي جو قلعو فتح ڪيو‪”.‬‬ ‫سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )54‬لکي ٿو ته “هارون رشيد جي زماني ۾‬ ‫شيخ ابوتراب ساڪري جي شهر ٺرا ۽ بکر جي عالقي‪ ،‬جيڪو اتر سنڌ ۾‬ ‫آهي‪ ،‬تي قبضو ڪيو‪”.‬‬ ‫سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )199‬تي لکي ٿو ته‬ ‫شيخ ابو تراب ٿرڙي جو قلعو هٿ ڪيو‪ .‬صاحب موصوف خبر ناهي ڪهڙي‬ ‫بنياد تي بڪار جو نالو ناهي لکيو‪ .‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )78‬تي لکي ٿو ته‬ ‫“گجو ۽ ٽرڙو وچ وارو مفاصلو ٻه ميل ٿيندو”‪.‬‬ ‫ٺٽو صدين کان (ص ‪“ )83‬شيخ ابو تراب ٿرڙي ڪوٽ قبضي ۾‬ ‫ڪيو هو‪ .‬جيڪو ساڪري جي عالئقي ۾ هڪ مظبوط قلعو هو‪ .‬بڪار جو شهر‬ ‫غالب ًا گجو لڳ شيخ ابوتراب جي هٿان فتح ٿيا”‪.‬‬

‫‪104‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫جنت السنڌ (ص ‪“ )129‬خليفي هارون الرشيد جي والين مان‬ ‫هڪڙو شيخ ابو تراب هو‪ ،‬جو ُالهندي سنڌ جي ساقوره (ساڪره) قلعي تي‬ ‫قابض هو‪ .‬سندس مقبرو ٺٽي کان اٺن ميلن تي اڄ به وڏي زيارتگاه آهي‪ ،‬جنهن‬ ‫تي سنه وفات ‪171‬هه لکيل آهي”‪.‬‬ ‫مٿين لکيل ڳالهين کي پڙهڻ کانپوِء ڪافي ڳالهين سمجهه کان ٻاهر‬ ‫ٿيو وڃن‪ .‬پهرين ڳالهه ته شيخ ابو تراب آخر ڪهڙا قلعا فتح ڪيا؟‬ ‫تحفةالڪرام جي مطابق بڪار ۽ ٿرڙي‪ .‬تحفةالڪرام کي پير حسام الدين‬ ‫راشدي سنڌ جو انسائيڪلوپيڊيا لکيو آهي‪ .‬خبر ناهي ڇو اسان جا محقق‬ ‫هڪڙي ڳالهه تي متفق ناهن‪ .‬گھٽ ۾ گھٽ نالن کي ته صحيح لکن ها‪ .‬ٿرڙي‬ ‫کي کرڙي يا ٽرڙو يا ٺرا لکڻ تاريخ سان مذاق آهي‬ ‫ٻي ڳالهه ته شيخ ابوتراب ٿرڙي جي قلعي سان گڏ ٻيو جيڪو شهر‬ ‫فتح ڪيو ان جو صحيح نالو بڪار آهي يا بکر؟ جيڪڏهن ان ڳالهه تي متفق‬ ‫ٿيون ته شيخ ابوتراب ٿرڙي ۽ بکر جا قلعا فتح ڪيا تڏهن به ڳالهه سمجهه کان‬ ‫ٻاهر نڪريو وڃي ته ٿرڙي سنڌ جي هن ڪنڊ ۾ جڏهن ته بکر جو قلعو سنڌ‬ ‫جي ٻي ڪنڊ ۾؟؟؟؟؟ وڏي ڳالهه ته فتح ڪرڻ ۽ آباد ڪرڻ ۾ ڪافي فرق‬ ‫هوندو آهي اسان اڃان ان ڳالهه کي به سلجهائي ناهيون سگهيا‪ ،‬جنهن تي فقط‬ ‫افسوس ڪري سگهجي ٿو‪.‬‬ ‫فتحنامه سنڌ (ص ‪ )376‬تي بکر جي حوالي سان بلوچ صاحب لکيو‬ ‫آهي “پر ان ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ته ڪو اهو شهر شيخ ابوتراب فتح ڪيو‬ ‫هو”‪.‬‬ ‫ٿرڙي جو قلعو ته هن وقت به تعلقي ميرپور ساڪري ۾ آهي ته بڪار‬ ‫جو شهر يا عالئقو به ساڪري ۾ هئڻ گهرجي ڇو ته تحفةالڪرام (ص ‪ )69‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “بڪار ۽ ٿرڙي‪ ،‬ساڪري جي سرزمين کي الڳيتو واقع هئا”‪ .‬جڏهن‬ ‫ته ساڳيو ڪتاب (ص ‪ )464‬تي لکي ٿو ته “ جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت‬ ‫جي انقالبي حادثن کان ڀنڀور‪ ،‬ديبل‪ ،‬بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر جي‬ ‫‪105‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ساڪوره جي سرزمين ۽ انهي جي الڳيتو واقع هئا‪ ،‬انهن جي ويران ٿيڻ کانپوِء‬ ‫اتي جا رهاڪو لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا‪”.‬‬ ‫مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو ته اسان وٽ وڏي واڪي ماتم‬ ‫ڪيو ويندو آهي ته نادرشاهه اسان کان اسان جي تاريخ کسي يا ارغونن يا‬ ‫ترخانن اسان جي ڪتب خانن کي باهه جي نظر ڪري ڇڏيو يا چوندا آهن ته‬ ‫هر بادشاهه پنهنجي ثناخواني ۾ تاريخ لکائي آهي‪ .‬پر جيڪا تاريخ جي ٻيڙي‬ ‫اسان پاڻ ٻوڙي آهي ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟‬ ‫اها ڳالهه ذهن نشين ڪئي وڃي ته اموي گھراڻي سنڌ تي فقط ‪40‬‬ ‫سال حڪومت ڪئي ان کان پوِء سنڌ تي عباسين جي حڪومت قائم ٿي‪.‬‬ ‫هتي سوال ٿو پيدا ٿيئي ته شيخ ابو تراب اهي شهر ڪنهن کان فتح ڪيا؟‬ ‫هتي ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون‪ .‬پهرين ڳالهه ته مون پنهنجي پهرين ڪتاب‬ ‫۾ واضع لکيو ته اموي عرب ۽ عباسي عرب هڪ ٻئي جا دشمن هئا‪ .‬عباسي‬ ‫خليفو ابو سفاح جڏهن تخت تي ويٺو ته ان پنهنجي پهرين فوج سنڌ موڪلي‪،‬‬ ‫اموين کان سنڌ کسي ورتي‪ .‬ٻي ڳالهه ته راجا ڏاهر جو پٽ جيسينه وقت به وقت‬ ‫عربن سان ٽڪراُء ڪندو رهيو هو ۽ هن برهمڻ آباد تي پنهنجي حڪومت‬ ‫قائم ڪئي ۽ سنڌ جا ٻيا به ڪافي عالئقا پنهنجي قبضي ۾ آندا‪ .‬ٿرڙي‪ ،‬برهمڻ‬ ‫آباد (ڪالن ڪوٽ) کي ويجهو آهي‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪“ )129‬تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي‬ ‫ته هي بزرگ (شيخ ترابي) خليفي هارون الرشيد عباسي جي زماني ۾ سنڌ ۾‬ ‫شهيد ٿيو هو”‪.‬‬ ‫هتي وري به هڪ ڌيان طلب ڳالهه ته جيڪڏهن ٿرڙي موجوده گجي‬ ‫وٽ آهي ته پوِء بڪار جو شهر ڪٿي هو جنهن کي شيخ ابو تراب فتح ڪيو؟‬ ‫تحفة الڪرام جو مٿي بيان واضع ٻڌائي ٿو ته بڪار ۽ ٿرڙي‪ ،‬ساڪري جي‬ ‫سرزمين کي الڳيتو واقع هئا‪ .‬جڏهن ته ٻي هڪ جڳهه تي هن ريت لکي ٿو ته “‬ ‫جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقالبي حادثن کان ڀنڀور‪ ،‬ديبل‪ ،‬بڪار ۽‬ ‫‪106‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر جي ساڪوره جي سرزمين ۽ انهي جي الڳيتو واقع‬ ‫هئا‪ ،‬انهن جي ويران ٿيڻ کانپوِء اتي جا رهاڪو لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا‪ ”.‬هتي ڳالهه‬ ‫صاف آهي ته اهي عالئقا موجوده ميرپور ساڪري کي ويجهو هئا يا گهٽ ۾ گهٽ‬ ‫ٺٽي کي ويجهو هئا جو اتي جا رهواسي لڏي اچي ٺٽي ۾ ويٺا‪ .‬بڪار کي بکر لکي‬ ‫سکر ۾ ڳولڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي‪.‬‬ ‫محمد بن قاسم برهمڻ آباد (ڪالن ڪوٽ) فتح ڪرڻ کان پوِء‬ ‫موجوده گجي جي طرف ويو جتي ٿرڙي ۽ ان جي آسپاس جي ماڻهن عربن جو‬ ‫دهلن شرنائين سان استقبال ڪيو ۽ ٿرڙي کان واندو ٿي عرب فوجون اروڙ طرف‬ ‫ويون جيڪو هن وقت سکر ضلع ۾ آهي‪ .‬هن مان اهو به ثابت آهي ته راؤڙ جي‬ ‫قلعي کان وٺي ٿرڙي (ساوندي) تائين محمد بن قاسم موجوده ٺٽي ۾ ئي هو‪.‬‬ ‫ڊاڪٽر بلوچ فتحنامه (ص ‪ )511‬تي اشارا ۽ واڌارا ۾ ساوندي متعلق‬ ‫لکي ٿو ته محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي فتح کانپوِء اتر طرف اروڙ ڏانهن وڃي‬ ‫رهيو هو انڪري نوابشاهه ۾ جيڪو “ساوڙي” جو عالئقو آهي اهو قديم زماني‬ ‫وارو ساوندي آهي‪ .‬ڇو ته بلوچ صاحب موجوده سانگهڙ ۾ برهمڻ آباد لکيو‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫بڪار جو ماڳ تحقيق طلب آهي‪ .‬البته هاڻي اميد ٿي ڪجي ته‬ ‫تاريخ ۾ اهو واضع لکيو ويندو ته ٿرڙي سان گڏ بڪار جو شهر به موجوده ٺٽي‬ ‫ضلعي جي حدن ۾ هو‪ .‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو (ص ‪ )388‬تي ٿرڙي‬ ‫جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٿرون ٽڪر‪ ،‬تعلقي ميرپور ساڪري ۾‪ ،‬گجي شهر‬ ‫جي ڏکڻ اولهه طرف هڪ ماڳ‪ ،‬جنهن کي مقامي ماڻهو ٿرڙو به چوندا آهن‪ .‬هي‬ ‫ٽڪري لڳ ڀڳ ٻه هزار فوٽ ڊيگهه ۽ هڪ هزار فوٽ ويڪر ۾ ٿيندي‪ .‬هن‬ ‫ٽڪريَء جي اولهه طرف معروف درويش شيخ تراب جو مقبرو آهي”‪ .‬ساڳي‬ ‫صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “ساڪري ۾ ٿرڙيَء جي مضبوط قلعي کان سواِء‬ ‫بڪار جو شهر ۽ الهندي سنڌ جون ڪي ٻيون وستيون به آهن”‪.‬‬

‫‪107‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب ڇهون‪:‬‬

‫اگهم ڪوٽ يا پير درس داد‬ ‫سونهاري سنڌ جي تاريخ بابت لکيل تاريخي ڪتابن ۾ اسان کي‬ ‫اهڙن ڪيئي ماڳ مڪان‪ ،‬شهرن‪ ،‬ڳوٺن توڙي عالئقن جا ناال ملن ٿا‪ ،‬جن بابت‬ ‫يا ته ڪا تحقيق ٿي ئي ناهي يا اگر ٿي آهي ته اها به اڻپوري يا تاريخ مڪمل‬ ‫ڪرڻ الِء هڪڙي عالئقي جي تاريخ ٻئي عالئقي کي ڏيئي ڳالهه کي ختم‬ ‫ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي‪ .‬اهڙن ئي الوارث ماڳ مڪانن‬ ‫مان هڪ اهم “اگھم ڪوٽ” به آهي‪.‬‬ ‫سڀ کان اول اها ڳالهه ذهين نشين ڪئي وڃي ته سنڌ جي تاريخ تي‬ ‫لکيل سمورا قديم ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيل هئا بعد ۾ انهن جا سنڌي ۾‬ ‫ترجما ڪيا ويا‪ .‬صرف ترجما ئي نه اسان جي سمجهاڻي خاطر انهن ۾ واڌارو‬ ‫به ڪيو ويو آهي‪.‬‬ ‫اگھم ڪوٽ ڪٿي هو؟ اگر ان سوال جو جواب تاريخي ڪتابن مان‬ ‫ڳولجي ته ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار واري ڪار لڳي‬ ‫پيئي آهي‪ .‬تاريخي ڪتابن ۾ جتي جتي به لفظ اگھم ڪوٽ آيو آهي‪ ،‬اسان‬ ‫ان کي ماتلي وارو اگھاماڻو چئي ڳالهه ختم ڪندا آهيون‪ .‬ڀلي اگھاماڻو‬ ‫موجوده ضلع بدين جي ماتلي ۾ هجي پر اها ڳالهه ذهين نشين ڪئي وڃي ته‬ ‫اگھاماڻو الڳ ۽ اگھم ڪوٽ الڳ آهي‪.‬‬ ‫جڳ مشهور ڪتاب تحفة الڪرام‪ ،‬جنهن جي تصنيف مير علي شير‬ ‫قانع ٺٽوي جي لکيل آهي ۽ ان ڪتاب کي سنڌ جي تاريخ جو انسائيڪلوپيڊيا‬ ‫پڻ چيو ويندو آهي‪ ( .‬ص ‪ )622‬تي شيخ ابو تراب جي حوالي سان لکي ٿو ته “ٺٽي‬ ‫کان اٽڪل چئن ڪوهن تي سندس مزار مشهور معروف آهي”‪ .‬جڏهن ته ساڳي‬ ‫ڪتاب ۾ (ص ‪ )268‬تي لکيل آهي ته “اگھم ڪوٽ جو ٺٽي کان ٽن ڪوهن جي‬ ‫‪108‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫پنڌ تي آهي”‪ .‬مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ تاريخي مونجهارن ۾ به هڪ جڳهه‬ ‫تي لکيو ته ڪوهه ۽ فرسنگ جي باري ۾ صحيح تعين نه ڪرڻ سبب به اسان جي‬ ‫تاريخ ۾ وڏا مونجهارا پيدا ٿيا آهن‪ .‬مٿين ڳالهه کي پڙهڻ کان پوِء هر ڪو اهو‬ ‫اندازو لڳائي سگھي ٿو ته شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان پري آهي ۽ ان جي‬ ‫مقابلي ۾ اگھم ڪوٽ ٺٽي کي ويجهو آهي‪ .‬شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان ‪4‬‬ ‫ڪوهن تي آهي ۽ هينئر اگر اسان ڪلوميٽر جي حساب سان مفاصلو ماپيو ته‬ ‫شيخ ابو تراب جي قبر ٺٽي کان گهٽ ۾ گهٽ ‪ 18‬ڪلوميٽر پري اولهه طرف آهي‪.‬‬ ‫اگھم ڪوٽ ٺٽي کان گهٽ ۾ گهٽ ‪ 14‬کان ‪ 15‬ڪلوميٽر پري هجڻ گھرجي‪.‬‬ ‫جڏهن ته ماتلي‪ ،‬ٺٽي کان گھٽ ۾ گھٽ ‪ 100‬ڪلوميٽر پري آهي‪ .‬هاڻي ماتلي‬ ‫واري اگھاماڻي کي اگھم ڪوٽ چوڻ مطلب تاريخ سان هٿ چراند ۽ کل جوڳي‬ ‫ڳالهه آهي‪.‬‬ ‫• اول اچون ٿا ته اگهم ڪوٽ بابت اسان جا تاريخي ڪتاب ڇا ٿا چون‪.‬‬ ‫➢‬

‫“اهو نالو اگهم لوهاڻي جي پويان مليل اٿس‪ .‬هن جي سرزمين خدا‬

‫وارن جو سرچشمو آهي‪( ”.‬تحفةالڪرام ص ‪)407‬‬ ‫➢‬

‫“راِء گهراڻي جي وقت ۾ برهمڻ آباد ‪ ،‬لوهاڻي پرڳڻي جو مرڪزي‬

‫شهر ۽ اتي جي حاڪم اگهم جي گادي جو هنڌ”‪( .‬فتحنامه سنڌ‪ ،‬ص ‪)398‬‬ ‫➢‬

‫“راجا اگهم‪ ،‬راِء گهراڻي جي حاڪم راِء سهيرس جي دور ۾ لوهاڻي‬

‫پر ڳڻي جو حاڪم هو‪ ،‬تنهن ڪري اهو ماڳ اگهم لوهاڻي جي نالي پويان‬ ‫سڏجي ٿو”‪( .‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ص ‪)236‬‬ ‫➢‬

‫“ عربن جي وقت هي شهر (اگهم ڪوٽ) پنهنجي اوج تي هو‪ ،‬محمد‬

‫بن قاسم به هن شهر کي فتح ڪيو‪ ،‬هن شهر جي تباهيَء جا ڪارڻ معلوم‬ ‫ناهن‪( ”.‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون ص ‪)236‬‬ ‫➢‬

‫(سکاري سنڌ‬ ‫“ اگهم ڪوٽ کي ڪالن ڪوٽ به سڏيو ويندو آهي” ُ‬

‫ڏکارا ماڻهو ص ‪)65‬‬

‫‪109‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫مٿين ڳالهين کي پڙهڻ کانپوِء اها ڳالهه ته صاف ٿي وئي آهي ته اگهم‬ ‫ڪوٽ جو شهر راِء گهراڻي جي دور ۾ حاڪم اگهم لوهاڻي جو ٺاهرايل آهي يا ان‬ ‫جي نالي سان منسوب آهي‪ .‬عربن جي اچڻ وقت به ان جو حوالو ملي ٿو جڏهن ته‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا )جلد پهريون ( موجب عربن ان شهر کي به فتح ڪيو هو‪.‬‬ ‫پر هڪڙي ڳالهه منجهيل آهي ته ڇا اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو هڪڙي ئي شهر جا ٻه‬ ‫ناال آهن يا اهي ٻئي الڳ الڳ ماڳن جا ناال آهن‪ .‬ڇو ته مٿين تحفةالڪرام پاران‬ ‫ڏنل مفاصلن مان ته اهو ثابت ٿي ويو ته اهي ٻئي شهر الڳ الڳ آهن‪ .‬مون پنهنجي‬ ‫پهرين ڪتاب (راؤڙ ‪ /‬رياتڙو) ۾ تاريخي مونجهارن ۾ اهو واضع لکيو آهي ته ٻن يا‬ ‫ٻن کان وڌيڪ ساڳي نالن سان ڳوٺن‪ ،‬شهرن‪ ،‬ماڳ مڪانن جي هجڻ سان به اسان‬ ‫جي تاريخ ۾ ڪافي مونجهارا پيدا ٿيا آهن‪ .‬هتي اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته اگهم‬ ‫ڪوٽ موجوده ٺٽي ضلع جي حدن ۾ هو جڏهن ته اگهاماڻو ضلع بدين جي ماتلي‬ ‫واري پاسي‪ .‬اسان جي اديبن ان ڳالهه کي سلجهائڻ جي بغير اهو لکي ڇڏيو ته اگهم‬ ‫ڪوٽ ۽ اگهاماڻو هڪڙو شهر آهي‪.‬‬ ‫تحفةالڪرام ۾ ڪتاب جي ٻي حصي ۾ بزرگن بابت ڄاڻ ڏني وئي‬ ‫آهي‪ .‬اگهم ڪوٽ جي شهر ۾ جن بزرگن جا ناال ملن ٿا اهي هي آهن‪ .‬مخدوم‬ ‫اسماعيل سومرو‪ ،‬مخدوم صدهيو موهيو‪ ،‬مخدوم عثمان‪ ،‬درويش دائود ۽ ميان‬ ‫همون‪ ،‬شيخ نورالدين‪ ،‬درويش سليمان‪ ،‬شيخ اسحاق بن سلطان بن بهلول‬ ‫القادري‪ ،‬درويش عمر بودلو‪ ،‬خليفو محمد شريف‪ ،‬حمزو پرهار‪ ،‬سيد يونس ۽‬ ‫سيد فقير جا ناال ملن ٿا‪.‬‬ ‫هاڻي جيڪڏهن اسان ٺٽي کان تقريب ًا ‪ 14‬يا ‪ 15‬ڪلوميٽرن جي‬ ‫مفاصلي تي اگهم ڪوٽ ڳوليون ته موجوده ٺٽي کان ڏکڻ پاسي غالم اهلل جو‬ ‫شهر ئي آهي جيڪو ٺٽي کان ايتري مفاصلي تي آهي‪.‬‬ ‫غالم اهلل شهر کان ميل کن جي پنڌ تي اتر اوڀر پاسي مشهور معروف‬ ‫درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو درويش درس داد جي نالي سان سڃاڻين ٿا‪.‬‬ ‫جنهن بابت تحفةالڪرام ۾ (ص ‪ )618‬تي لکيل آهي ته “درويش دائود عرف‬ ‫‪110‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫داد درس‪ :‬هڪ وڏي ڪرامت وارو نامي گرامي بزرگ آهي‪ .‬چون ٿا ته هڪ‬ ‫ڏينهن پنهنجن مريدن سان‪ ،‬انهيَء ڍنڍ ۾ جيڪا ڪالن ڪوٽ جي مٿان‬ ‫سندس نالي سان مشهور آهي ۽ جتي هاڻي دفن ٿيل آهي‪ ،‬ڌائي ٻچي راند ۾‬ ‫مشغول هو‪ .‬جئن رسم آهي هڪڙي ٻئي کي ٿي ورتو ۽ اهو کاڌل وري ٻين جي‬ ‫پويان ٿي ڊوڙيو ۽ ٻيا وٺي ٿي ڀڳا ۽ آڳ واري انهن جي پويان ڊوڙي جنهن کي‬ ‫وٺي ٿي سگهيو تنهن کي ٿي ورتو‪ .‬اتفاق ًا آڳ درويش تي اچي ويئي ۽ سڀئي‬ ‫وٺي ڀڳا‪ .‬درويش جنهن کي ٿي ورتو تنهن کي پاڻيَء ۾ غوطو ڏياري حقيقت جي‬ ‫بحر جو واقف بنائي ٿي ڇڏيو‪ .‬اهڙن ڪيترن نصيب وارن کي هن پاڻيَء ۾‬ ‫واصل باهلل ڪري ڇڏيائين‪ .‬هو سيد مراد شيرازي جو همعصر ٻڌجي ٿو‪.‬‬ ‫برسات جي موسم ۾ مٿس خاص ميلو لڳندو آهي”‪.‬‬ ‫مقامي ماڻهو به ان درويش کي درويش درس داد جي نالي سان ياد ڪن‬ ‫ٿا‪ .‬مقامي ماڻهو توڙي درگاه جا خليفه ٻڌائين ٿا ته سائين جو اصل نالو دائود هو‬ ‫جيڪو ذات جو سومرو هو‪ .‬ان ماڳ تي جتي هن وقت درويش دفن ٿيل آهي‬ ‫اتي مدرسو پڙهائيندو هو جنهن سبب درويش کي درس داد يعني “درس ڏيڻ‬ ‫وارو” نالو پئجي ويو‪.‬‬ ‫جيئن ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص ‪ )304‬تي محترم گل‬ ‫حسن ڪلمتي درساڻي ڇني بابت لکي ٿو ته “ان کانسواِء منگهو پير‪ ،‬گڏاپ‪،‬‬ ‫گسري بندر‪ ،‬ريڙهي‪ ،‬النڍي‪ ،‬ابراهيم حيدري‪ ،‬ملير‪ ،‬پير ڳوٺ ۽ درساڻو ڇنو ۾ ننڍا‬ ‫ننڍا مدرسا قائم هئا جتي ٻارن کي درس ڏنو ويندو هو‪ .‬اهم مرڪز درساڻو ڇنو هو‬ ‫ڇاڪاڻ ته هن جو نالو به انهيِء ڪري پيو جو هتي ڪکاون ڇنن ۾ ٻارن کي درس‬ ‫ڏنو ويندو هو جنهن جي ڪري انهن کي “درسن جو ڇنو” چيو ويو جيڪو بعد ۾‬ ‫درساڻو ڇنو ٿي پيو”‪ .‬بلڪل ائين درويش دائود سومرو جيڪو قرآن پاڪ جو درس‬ ‫ڏيندو هو جنهن سبب درويش کي “درس داد” (سبق ڏيندڙ) جو لقب مليو‪.‬‬ ‫محترم عبدالرشيد گبول پنهنجي ڪتاب “ميرپور ساڪري جي‬ ‫تاريخ (ص ‪ ”)163‬تي لکي ٿو ته “درس وريو بزرگ ذات جو سومرو هو‪ .‬سندس‬ ‫‪111‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫درگاهه گجو شهر جي اتر اولهه طرف هاليجي ڍنڍ جي ڀرسان آهي‪ .‬هي بزرگ‬ ‫درس اسحاق ۽ درس داد جو ڀاُء آهي‪ .‬پاڻ درس تدريس جو ڪم ڪندو هو‪،‬‬ ‫تنهن ڪري درس سڏجڻ لڳو”‪ .‬جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي‬ ‫ڪتاب وليون واس ورنيون (ص ‪ )94‬تي لکي ٿو ته “مقامي ڪهاوت اها آهي‬ ‫ته درس وريو‪ ،‬درس داد‪ ،‬درس گريو ۽ درس ابراهيم پاڻ ۾ ڀائر هئا”‪.‬‬ ‫محترم اياز ڀاڳت پنهنجي ڪتاب “سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون‪ ،‬قومون ۽‬ ‫قبيال (ص ‪ )732‬تي درس ذات جي حوالي سان لکي ٿو ته “درس معنيٰ سبق‪-‬‬ ‫چون ٿا ته غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي غوثي طريقي جو وڏي مان وارو‬ ‫لقب آهي‪ ،‬جيڪي نيڪ ۽ صالح ٿيا تن کي درس ڪوٺيو ويو”‪.‬‬ ‫خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي به ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا (ص ‪)336‬‬ ‫تي درس بابت لکيو آهي ته “درس عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي‪،‬‬ ‫مذهبي ڳالهيون ٻڌائڻ‪ ،‬وعظ ڪرڻ‪ ،‬ديدار وغيره”‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص ‪ )87‬تي درس ذات بابت‬ ‫لکي ٿو ته “درس بنيادي طور تي سماٽ قبيلي سان تعلق رکن ٿا‪ .‬درس لفظ‬ ‫مدرس مان ورتل آهي‪ ،‬يعني اهي ماڻهو جيڪي مدرسن ۾ درس و تدريس جو‬ ‫ڪم ڪندا هجن‪ ،‬مذهبي ڳالهيون ٻڌائڻ يا واعظ وغيره ڪرڻ وارا”‪.‬‬ ‫(نوٽ‪ :‬مٿي ڏنل درس ذات متعلق ٽنهي عبارتن جو مقصد صرف اهو‬ ‫آهي ته جڏهن مال دائود سومرو عرف درس داد‪ ،‬جڏهن سومرو آهي ته پوِء ان کي‬ ‫درس ڪهڙي بنياد تي سڏيو يا لکيو وڃي ٿو)‪.‬‬ ‫اگهم ڪوٽ ۾ مدفن بزرگن جي حوالي سان تحفةالڪرام (ص‬ ‫‪ )408‬تي درويش دائود ۽ ميان همون جو ذڪر هن ريت لکيو آهي “هر هڪ‬ ‫(درويش دائود ۽ ميان همون) اسماعيل سومري جو همعصر هو‪ .‬هر هڪ جي‬ ‫مدرسي ۾ اٽڪل ‪ 500‬ماڻهو قرآن (شريف) جي قرآت ۾ مشغول رهندا هئا‪.‬‬ ‫جن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا هئا”‬

‫‪112‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫تاريخ طاهري (ص ‪“ )54‬سومرن جي پوين مان ڪي اهڙا ماڻهو به‬ ‫پيدا ٿيا‪ ،‬جيڪي سچا مسلمان‪ ،‬درويش ۽ ولي هئا‪ ،‬انهن مان درويش دائود‪ ،‬ميان‬ ‫همون ۽ ميان اسماعيل سومرو‪ .‬جيڪو سماواتي پرڳڻي جي اگهم ڪوٽ جو‬ ‫رهواسي ۽ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي‪ .‬سندس مدرسي ۾ پنج سئو حافظ‬ ‫قرآن جي تالوت ڪندا هئا”‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪“ )358‬اگهم ڪوٽ وارو مدرسو‪ ،‬الڙ ۾‬ ‫گهڻو برک مدرسو هوندو هو‪ .‬جتي پنج سو کن شاگرد قرآن شريف جي تعليم وٺندا‬ ‫هئا‪ .‬انهن جي کاڌي خوراڪ‪ ،‬رهائش ۽ لباس جو خرچ سومرا سردار ڀريندا هئا”‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص ‪ 499‬تي لکي ٿو‬ ‫ته “اگهم ڪوٽ کي اگهاماڻو به سڏيندا هئا‪ .‬سومرن جي دور ۾ هتي وڏو علمي‬ ‫مدرسو هو‪ ،‬جنهن ۾ اٽڪل پنج سو کن شاگرد قرآن شريف ۽ ٻين ديني علمن‬ ‫جو درس وٺندا هئا‪ .‬شاگردن جي رهائش‪ ،‬کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو بار‬ ‫سومرو درويش ميان دائود‪ ،‬ميان حمل ۽ ميان اسماعيل برداشت ڪندا هئا”‪.‬‬ ‫ڊاڪٽر عبدالواحد سومري سان جڏهن ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي‬ ‫ته ڊاڪٽر صاحب به ٻڌايو ته‪ ،‬درس داد اصل ۾ ذات جو سومرو آهي‪ ،‬درس ان ڪري‬ ‫سڏيو ويو آهي جو اهي درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا‪ .‬جيئن سنڌ ۾ ٻيو به‬ ‫ڪيتريون ذاتيون آهن جيڪي خاص ڪنهن ڪرت سبب وجود ۾ آيون آهن‪.‬‬ ‫مٿين ڏنل عبارتون مقامي ماڻهن جي ان ڳالهه کي وزنائتي بنائين‬ ‫ٿيون ته درويش درس داد‪ ،‬قرآن پاڪ جو درس ڏيندو هو جنهن سبب درويش‬ ‫کي “درس داد” جو لقب مليل آهي‪.‬‬ ‫وڌيڪ ٻڌايائون ته درويش درس داد کي “سوا لک ولين جو قاضي” جو به‬ ‫لقب مليل آهي‪ .‬جنهن الِء درگاهه جي خليفي احمد درس ٻڌايو ته جڏهن مرشد‬ ‫غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني سنڌ جي مريدن کان ڪاوڙجي ويو هو ته ان کي‬ ‫پرچائڻ الِء سائين درس داد‪ ،‬ملتان وڃي سائين جن کي پرچائي آيو هو جنهن سبب‬ ‫سائين کي “سوا لک ولين جو قاضي” جو لقب مليل آهي‪.‬‬ ‫‪113‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد نائون (سنڌ نمبر) ص ‪“ 349‬سومرن جي‬ ‫دور ۾ اسان کي شاهه حسين اپالڻي – پيرپٺي (وفات ‪1248‬ع‪646/‬ھ) جا ڪجهه‬ ‫بيت ملن ٿا‪ ،‬جيڪو غوث بهاُءالحق زڪريا ملتاني جو مريد ۽ همعصر هو”‪.‬‬ ‫محترم ابوبڪر شيخ‪ ،‬پيرپٺي بابت پنهنجي لکيل ڪالم ۾ لکي ٿو‬ ‫ته “تحفةالڪرام جي روايت آهي ته شيخ صاحب (پيرپٺو) ان غار ۾ رهندو‬ ‫هو (جتي هاڻي مقبرو ٺهيل آهي)‪ .‬هڪ دفعو بهاُءالدين ذڪريا ملتاني‬ ‫پنهنجي دوستن سان گڏ هتان گذريو هو‪ .‬ان سان لعل شهباز قلندر به گڏ هو‪.‬‬ ‫اهي جڏهن هتان گذريا ته انهن کي خبر پيئي ته هن جبل ۾ قيمتي لعل لڪيو‬ ‫ويٺو آهي‪ .‬ان تالش ۾ اهي غار ۾ ويا ۽ پيرپٺي کي گمنامي جي گوشي مان‬ ‫ڪڍي پنهنجي مريدي ۾ آندو‪”.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون (ص‪ )339‬تي لکي ٿو ته‬ ‫“ پيرپٺو‪ ،‬پنهنجي دور جو وڏو اهل اهلل درويش ٿي گذريو آهي‪ .‬هن وقت جتي‬ ‫سندس مقبرو ٺهيل آهي‪ ،‬اتي هڪ غار ۾ اهلل جي عبادت ۾ مشعول رهندو هو‪،‬‬ ‫هو خلوت پسند هو ۽ آباديَء جو رخ گهٽ ڪندو هو‪ ،‬روات موجب هڪ ڏينهن‬ ‫شيخ بهاُءالدين ملتاني ۽ قلندر لعل شهباز سير سفر دوران ان پهاڙ وٽ اچي‬ ‫ڪجهه دير آرام ڪيو‪ ،‬جتي پيرپٺي‪ ،‬شيخ بهاُءالدين کان ذڪر جي تلقين‬ ‫ورتي ۽ قلندر لعل شهباز جو به عقيدتمند بڻيو”‪.‬‬ ‫منهنجي ڏاڏي هڪ ڏند ڪٿا ٻڌائيندي هئي ته پيرپٺو ۽ پير درس داد‬ ‫ٻئي پاڻ ۾ دوست هئا‪ .‬ڪنهن ڳالهه تي منجهن رنجش پيدا ٿي پيئي ۽ هڪ‬ ‫ٻئي کي ڏوراپا ڏنائون‪ .‬پيرپٺي‪ ،‬پير درس داد کي چيو ته تنهنجي قبر مٿان‬ ‫ڪڏهن ڇاپرو نه ٺهندو‪ ،‬جڏهن ته پير درس داد‪ ،‬پيرپٺي کي چيو ته تنهنجي قبر‬ ‫تي ڪڏهن لنگر (خير خيرات) نه ٿيندو‪.‬‬ ‫اها اهڪ ڏند ڪٿا آهي جيڪا منهنجي ڏاڏي اڪثر ٻڌائيندي هئي‪،‬‬ ‫اڄ به انهن ڳالهين جو مشاعدو ڪريون ته ڳالهه صاف نظر اچي ٿي‪ .‬پير درس داد‬ ‫جو تمام سهڻو مقبرو ٺهيل آهي پر مٿان ڇت ٺهيل ناهي‪ .‬پير درس داد جو مقبرو‬ ‫‪114‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫بلڪل ائين ٺهيل آهي جيئن سمي حاڪم ڄام نظام الدين جو مقبرو ٺهيل آهي‪.‬‬ ‫جڏهن ته پير پٺي جي درگاهه تي عرس جي موقعي تي لنگر ناهي ٿيندو‪ .‬پيرپٺي‬ ‫جي پاسي ۾ سخي جميل شاهه ڏاتار گرناري جي درگاهه آهي اتي عرس جي‬ ‫موقعي تي شاندار لنگر ٿيندو آهي جيڪو ٽي ڏينهن تائين هلندو آهي‪.‬‬ ‫الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ (ص ‪ )388‬تي لکي ٿو ته “پير پٺو‪ ،‬لعل‬ ‫شهباز قلندر ۽ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني ساڳي دور جا آهن”‪.‬‬ ‫مٿين ڏند ڪٿا توڙي هن لکت مان اهو صاف ظاهر آهي ته اهي‬ ‫چارئي بزرگ پير پٺو‪ ،‬لعل شهباز‪ ،‬غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ درس داد‬ ‫هڪڙي ئي دور جا آهن‪.‬‬ ‫ڪراچي سنڌ جي مارئي (ص ‪ )21‬تي محترم گل حسن ڪلمتي‬ ‫لکي ٿو ته “ڏند ڪٿائن جو هجڻ به هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته هتي ڪجهه نه‬ ‫ڪجهه ضرور ٿيو هوندو جو اهي ڏند ڪٿائون وجود ۾ آيون آهن”‪.‬‬ ‫مڪلي نامه (ص ‪“ )694‬ڪالن ڪوٽ سان لڳ هڪ ڍنڍ آهي‪ ،‬جنهن‬ ‫کي دائود داد درس جي ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو‪ .‬پاڻ درويش ڍنڍ جي ڀڪ تي مدفون‬ ‫آهن”‪ .‬وڌيڪ لکي ٿو ته “درويش داد درس جي درگاهه جي ڀڪ ۾ درويش سيد‬ ‫حليم مدفون آهي”‪ .‬ساڳيو ڪتاب (ص ‪“ )32‬مال دائود داد درس‪ :‬طغرل آباد کان‬ ‫ٻه ٽي ڪوهه پري پهاڙي جي ساڳي شاخ تي مال دائود درس جي درگاهه آهي”‪.‬‬ ‫هن مان ٻه ڳالهيون صاف ظاهر آهن هڪ ته درس داد جو اصل نالو‬ ‫دائود آهي جڏهن ته ٻي ڳالهه ته درس داد جي پاسي ۾ سيد حليم مدفون آهي‪.‬‬ ‫جنهن کي اڄڪلهه مقامي ماڻهو “الل حليم” جي نالي سان سڃاڻين ٿا‪.‬‬ ‫درگاهه درس داد واري مقام ۾ درس داد کان عالوه سيد حليم‪ ،‬پير حيدر‪،‬‬ ‫ٺٽي جو جيد عالم مولوي محمد هاشم کٽي‪ ،‬منهنجو (راقم جو) تڙ ڏاڏو درويش مٺو‬ ‫فقير کان عالوه هزارين ماڻهو ابدي آرامي آهن‪ .‬هن مقام جو جڏهن مون (بابا‬ ‫سائين ۽ درگاهه جي خليفي سائين عيسيٰ درس سان گڏجي) مشاهدو ڪيو ته‬ ‫درس داد واري مقبري جي لڳ اڀرندي پاسي ٻه پراڻي دور جي پٿر جون قبرون‬ ‫‪115‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫مليون‪ ،‬جن تان ڪافي وقت گذرڻ سبب نشان مٽجي چڪا آهن‪ .‬جڏهن ته انهي‬ ‫مقبري جي ڏکڻ ۾ هڪ ڄار جي وڻ ۾ پٿر جي قبر ملي جنهن تي ڍال ۽ تلوار جا‬ ‫نشان اڪريل هئا‪ .‬جڏهن ته ساڳي مقام ۾ درگاهه پير حيدر جي ڏاکڻي پاسي ٻه‬ ‫پٿر جون قبرون آهن‪ ،‬جن کي مقامي ماڻهو “مس ُميون” چوندا آهن‪ ،‬انهن ۾ هڪڙي‬ ‫عورت جي ۽ هڪ مرد جي قبر آهي‪ .‬حيرت جي ڳالهه ته ٻنهي قبرن تي قرآن پاڪ‬ ‫جون آيتون لکيل آهن پر اهي به ابتيون‪ .‬جيڪي مون صرف اتي ۽ انهن قبرن تي‬ ‫ڏٺيون آهن‪ .‬قبرن جي پيراندي سنه ‪ 1288‬لکيل آهي‪ .‬هاڻي ‪ ،1288‬هجري آهي‬ ‫يا عيسوي؟؟ اهو ظاهر ناهي‪.‬‬ ‫مڪلي غالم اهلل روڊ تي درگاهه درس داد کان ميل کن جي پنڌ تي روڊ‬ ‫جي بلڪل لڳ هڪڙي درگاهه آهي جنهن کي مقامي ماڻهو “بولي شاهه يا بوال‬ ‫شاھ” چون ٿا پر جيترو منهنجو نظريو آهي ته اهو ساڳيو درويش آهي جنهن‬ ‫کي تحفةالڪرام (ص ‪ )409‬تي درويش عمر بودلو ڪري لکيو آهي‪.‬‬ ‫“درويش عمر بودلو‪ :‬هڪڙو مجذوب مطلق ۽ خدا سان واصل هو‪.‬‬ ‫پهريائين ماڻهن کان ٽهندو ۽ جهنگ ۽ جبل ۾ وقت گذاريندو وتندو هو‪ .‬پوين‬ ‫ڏينهن ۾ اچي اگهم جي ڳوٺ ۾ رهيو‪ ،‬پنهنجي خواه پنهنجي سامان جي ڪابه‬ ‫خبر ڪانه هوندي هيس‪ .‬جڏهن به ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم سان سندس‬ ‫خدمت ۾ پهچندو هو ته مرادون حاصل ڪري موٽندو هو‪ .‬درويش ونهيون‪،‬‬ ‫جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو آهي‪ ،‬ساڻس مريدن جهڙيون صحبتون ڪندو هو‪،‬‬ ‫اتي ئي دفن ٿيل آهي”‪ .‬ٿي سگهي ٿو ته بودلو لفظ بعد ۾ ڦري بولو ۽ بولي ٿي ويو‬ ‫آهي‪ .‬باقي ٿي سگهي ٿو ته درويش عمر بودلو سيدزادو هجي‪.‬‬ ‫ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ليکڪن اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻي‬ ‫۾ مدفن درويشن کي هڪڙي هنڌ تي ڪري لکيو آهي جنهن سبب تاريخ ۾‬ ‫مونجهارو آهي ڪجهه بزرگ اگهم ڪوٽ جا آرامي آهن ۽ ڪجهه ٿي سگهي‬ ‫ٿو ته اگهاماڻي جا هجن‪ .‬هتي اها به وضاحت الزمي ته تحفةالڪرام جتي به‬ ‫لکيو آهي اگهم ڪوٽ ڪري لکيو آهي‪ ،‬اگهاماڻو ناهي لکيو‪.‬‬ ‫‪116‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سائين درس داد جي درگاهه جي لڳ ڏهاڪو سال پهرين زمين کيڙي‬ ‫وئي ته اتان ڪافي مقدار ۾ سڪا‪ ،‬جنڊيون ۽ ٻيو ڪافي ٺڪراٽو به مليو هو پر‬ ‫افسوس اسان جي ماڻهن ان طرف ڪو ڌيان ڪونه ڏنو‪ .‬غالم اهلل سان تعلق‬ ‫رکندڙ سينيئر صحافي محترم پيرل پياسي مالح مون کي ٻڌايو ته جڏهن اهي‬ ‫آثار ظاهر ٿيا هئا ته اسان ان جي باري ۾ رپورٽون به هاليون هيون پر سال ياد‬ ‫ناهي‪ .‬ٿي سگھي ٿو ته جتان سڪا مليا اهي اگھم ڪوٽ جا هجن‪ .‬فتحنامه‬ ‫سنڌ (ص ‪ “ )222‬سليمان بن نيهان قريشي کي حڪم ڪيائين ته توکي‬ ‫پنهنجو لشڪر وٺي راؤڙ جي قلعي جي مقابل لڙائي الِء وڃڻ گهرجي ته جيئن‬ ‫ڏاهر جو پٽ گوپي‪ ،‬پيُء جي مدد تي نه اچي‪ .‬سليمان ڇهه سو ماڻهو ساڻ وٺي‬ ‫لڙائي تي ويو‪ .‬وري عطيه تغلبي پنج سو ماڻهن سان اگهم جي رستي تي مقرر‬ ‫ڪيائين‪ ”.‬هتي اها ڳالهه به ثابت آهي ته جڏهن محمد بن قاسم راؤڙ واري‬ ‫قلعي تي حمله آور ٿيڻ وارو هو ته عطيه تغلبي کي پنج سو ماڻهن سان اگهم‬ ‫جي رستي مقرر ڪيائين‪ .‬ان مطلب ته اگهم ڪوٽ‪ ،‬راؤڙ واري قلعي کي‬ ‫ويجهو هو‪ .‬راؤڙ وارو قلعو منهنجي اباڻي ڳوٺ جي پاسي ۾ آهي ۽ غالم اهلل جو‬ ‫شهر منهنجي ڳوٺ کان ڏھاڪو کن ميلن جي فاصلي تي آهي‪.‬‬ ‫تحقيق جا دروازه کليل آهن اگر ڪو دوست منهنجي ان ڳالهه سان‬ ‫سهمت ناهي ته ان کي اجازت آهي ته اهو ڀلي ان ماڳ تي تحقيق ڪري‪ .‬باقي‬ ‫اگهم ڪوٽ الِء جيستائين غالم اهلل واري پاسي جي جن ماڳن جو مون ذڪر‬ ‫ڪيو آهي انهن جي کوٽائي ۽ تحقيق ٿيڻ کان پوِء ئي ماڳ جو صحيح تعين‬ ‫ڪري سگھجي ٿو پر اها ڳالهه واضع آهي ته اگھم ڪوٽ موجوده ٺٽي ضلعي‬ ‫جي حدن ۾ اچي ٿو‪ .‬اميد ته هاڻي ماتلي واري ماڳ کي اگھاماڻو لکيو ويندو ۽‬ ‫اگھم ڪوٽ کي ٺٽي ۾ لکيو ويندو‪.‬‬ ‫فتحنامه (ص ‪ )61‬تي راجا چچ پاران برهمڻ آباد تي قبضي کان پوِء‬ ‫پروهت سان مالقات جو احوال ڏنل آهي‪.‬‬

‫‪117‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ساڳي ڳالهه “سنڌ جا قديم آثار (ص ‪ )28‬تي برهمڻ آباد جي فتح‬ ‫کان پوِء لکي ٿو ته “سو چچ قسم کنيو هو ته‪ ،‬جڏهن به موقعو مليو ته هو ان‬ ‫پروهت (جنهن کي شمني جو نالو به ڏنل آهي) جي کل الهڻ جو حڪم ڏيندو‪.‬‬ ‫چچ کي اهو موقعو ملي ويو‪ .‬جنهن شمني سان سندس وهار ۾ ملڻ جو بهانو‬ ‫بنايو‪ .‬جيڪو شهر کان ٿورو پري هو‪ .‬پر جهڙي ريت هن کيس قتل ڪرڻ جو‬ ‫بندوبست ڪيو هو تهڙي ريت ڪري نه سگهيو”‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد نائون) سنڌ نمبر (ص ‪ )312‬۾ به مٿي‬ ‫ساڳي ڳالهه لکيل آهي‪ “ .‬ٻنهي (چچ ۽ پروهت) ۾ گفتگو ٿي‪ .‬چچ کي پروهت کي‬ ‫مارائڻ جي همت نه ٿي‪ .‬کانئس دعائون وٺي کيس برهمڻ آباد ۾ ڪو سرڪاري‬ ‫عهدو قبول ڪرڻ الِء عرض ڪيائين پر پروهت (شمني) انڪار ڪيو‪ .‬البت راجا‬ ‫چچ کي ٻڌنوهار جي مرمت الِء چيائين‪ .‬جنهن جي تعمير جو انجام ڪري چچ‬ ‫برهمڻ آباد موٽي آيو‪ .‬هت هي ڳالهه به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته اگهم جو ماڳ الڙ ۾‬ ‫هو جو پوِء سندس نالي جي نسبت سان اگهم ڪوٽ ۽ اگهاماڻي سڏجڻ ۾ آيو‪ .‬ان‬ ‫بعد راجا اگهم ڪوٽ مان برهمڻ آباد واپس آيو”‪.‬‬ ‫هتي ڪافي ڳالهيون اسان کي سڌ به ڏين ٿيون ته ڪافي مونجهارا به اڳيان اچن ٿا‪.‬‬ ‫راِء گهراڻي جي دور ۾ برهمڻ آباد جو حاڪم اگهم لوهاڻو هو‪ .‬جنهن‬ ‫راجا چچ جي تابعداري قبول نه ڪئي‪ .‬جڏهن سال کن کان پوِء اگهم طبعي موت‬ ‫مئو ته ان جي پٽ راجا چچ جي تابعداري قبول ڪئي ۽ برهمڻ آباد جو قلعو راجا‬ ‫چچ جي حوالي ڪيائين‪ .‬برهمڻ آباد جي فتح کان پوِء راجا چچ‪ ،‬پروهت (شمني)‬ ‫کي مارڻ الِء ٻڌنوهار ويو‪ ،‬ڇو ته راجا چچ کي پڪ ٿي ته پورو سال جيڪا جنگ‬ ‫اينگهه ڪئي ان جي پٺيان ان پروهت (شمني) جو هٿ هو‪.‬‬ ‫انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وارن جي موجب شمني کي مارڻ جو ارادو‬ ‫ترڪ ڪري راجا چچ اگهم ڪوٽ مان برهمڻ آباد آيو‪ .‬اگر اگهم ڪوٽ موجوده‬ ‫ماتلي ۾ آهي ۽ برهمڻ آباد موجوده سانگهڙ ۾ آهي ته شمني ايترو پري ڇو ويٺو هو‬ ‫۽ راجا چچ اگهم ڪوٽ مان واپس برهمڻ آباد ڇو آيو؟؟؟؟؟؟‬ ‫‪118‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫دراصل نه برهمڻ آباد‪ ،‬موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ آهي ۽ نه ئي اگهم‬ ‫ڪوٽ موجوده ماتلي ۾ آهي‪ .‬برهمڻ آباد جو قلعو موجوده ڪالن ڪوٽ جو‬ ‫قلعو آهي ۽ اگهم ڪوٽ جو قلعو موجوده وقت ۾ ان جڳهه تي هو جتي هن وقت‬ ‫پير درس داد جي درگاه آهي‪.‬‬ ‫سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (ص ‪ )197‬تي ڪالن ڪوٽ جي پاسي ۾ مدفن‬ ‫بزرگن جي حوالي سان لکي ٿو ته “دائود درس‪ :‬مالن دائود درس به هتان (ڪالن‬ ‫ڪوٽ) جو هو‪ .‬ڪالن ڪوٽ کان ڪجهه ميل پري سندس مزار آهي‪ .‬سندس‬ ‫درگاهه ۾ هڪ مسجد به آهي‪ ،‬اتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي”‪.‬‬ ‫ڪيپٽن جئمس مئڪمرڊو پنهنجي ڪتاب ُسکاري سنڌ ڏکارا‬ ‫ماڻهو (ص ‪ )65‬تي لکيو آهي ته “اگهم ڪوٽ کي ڪالن ڪوٽ به سڏيو‬ ‫ويندو آهي”‪ .‬ڪالن ڪوٽ کي اگهم ڪوٽ ڪهڙي بنياد تي لکيو آهي اها‬ ‫ڳالهه ٿوري سمجهه کان ٻاهر آهي‪ .‬پر هن مان هڪڙي ڳالهه ته صاف واضع آهي‬ ‫ته اگهم ڪوٽ ۽ ڪالن ڪوٽ هڪ ٻي جي ڪافي ويجها هئا جنهن سبب‬ ‫ڪئپٽن صاحب ائين لکيو آهي‪.‬‬

‫‪119‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب ستون‪:‬‬

‫سسئي جو جنم ڀومي (ٻاٻڙا)‬ ‫شاهه جي سورمي سسئي جو جنم ڀومي وارو مسئلو اڃان تائين‬ ‫تحقيق طلب آهي‪ .‬ڪجهه محقق سانگهڙ ۾ ته ڪجهه محقق وري سيوهڻ ۾‬ ‫لکن ٿا‪ .‬تحفةالڪرام (ص ‪“ )62‬نانيه نالي هڪ برهمڻ‪ ،‬منڌر نالي پنهنجي‬ ‫زال سان سکيو ستابو‪ ،‬دلوراِء جي حڪومت ۾ ڀانڀراه ۾ رهندو هو”‪ .‬پهرين‬ ‫ڳالهه ته اڃان تائين اهو به صحيح خبر ناهي پئجي سگھي ته ان ماڳ جو‬ ‫درست نالو ڪهڙو هو؟ تاريخي ڪتابن ۾ ان ماڳ جا ناال هن ريت ملن ٿا‪.‬‬ ‫مثال‪ :‬بابن واه‪ ،‬بانبراه‪ ،‬ٻانبڻاه‪ ،‬ڀانڀرا‪ ،‬ٻانڀڻاهه وغيره وغيره‪.‬‬ ‫منهنجو اندازو آهي ته اهو اصل لفظ ٻاٻڙا ئي آهي‪ .‬پوِء جڏهن سنڌ‬ ‫جي تاريخ کي فارسي ٻولي ۾ لکيو ويو ته ٻ ۽ ڙ جي جڳهه متبال اکر استعمال‬ ‫ڪيا ويا‪ .‬وري جڏهن فارسي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ويو ته اسان انهن لفظن‬ ‫کي سلجهائي نه سگهياسين‪.‬‬ ‫محترم غالم علي االنا پنهنجي ڪتاب “الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي‬ ‫تاريخ (ص ‪ ”)83‬تي لکي ٿو ته “الڙ ۾ ڀانڀر واهه ۾‪ ،‬جسوڌڻ آڳري جي‬ ‫حڪومت هئي”‪ .‬اگر ڀانڀر واهه يا ٻانڀڻاهه هڪڙو ئي نالو آهي ته ان کي الڙ ۾‬ ‫ڳولڻ گهرجي‪.‬‬ ‫بابن واه ‪ /‬ٻانڀڻاهه جي حوالي سان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد‬ ‫پهريون (ص ‪ )371‬۽ تاريخ طاهري (ص ‪ )290‬تي ڪجهه هن ريت لکيل آهي‬ ‫“ روايت آهي ته هتي ڪڏهن دلوراِء جي حڪومت هوندي هئي يعني اروڙ ۽‬ ‫محمد طور جي وچ تي‪ .‬دلوراِء جي گاديَء جو هنڌ بابن واهه هو‪ .‬بابن واهه شايد‬ ‫بانبراه جي بدليل صورت هجي جنهن مان مراد ٻانڀڻاهه (برهمڻ آباد) هجي‪،‬‬ ‫عوام ۾ ائين مروج هو‪ .‬بابن واهه جي آثارن مان هڪ منارو اڃان تائين‬ ‫‪120‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫سرزمين تي موجود آهي‪ .‬اهو منارو اڃا سوڌو منصوره جي ڦٽل ماڳن مان‬ ‫شهدادپور ضلعي سانگهڙ کان اٺ ميل ڏکڻ‪-‬اوڀر پاسي باقي آهي‪ .‬آثار‬ ‫جيڪي اصل ۾ منصوره شهر جا آهن‪ ،‬عوام ۾ بانبراهه (برهمڻ آباد) جا آثار‬ ‫ليکيا وڃن ٿا”‪.‬‬ ‫ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته محمد طور کي اسان شاهڪپور‬ ‫يعني بٺوري ۽ جاتي واري پاسي لکندا آهيون جڏهن ته اروڙ کي سکر وٽ ته‬ ‫پوِء ايتري مفاصلي تي اهڙو مثال ڪيئن ۽ ڇو ڏنو ويو؟ اها خبر به نٿي پوي ته‬ ‫ڇا منصوره ۽ برهمڻ آباد هڪڙي ماڳ جا ناال آهن يا اهي ٻه الڳ الڳ ماڳ‬ ‫آهن‪ .‬تاريخي ڪتابن مان خبر پوي ٿي ته برهمڻ آباد تمام قديم شهر آهي‬ ‫جڏهن ته منصوره جو بنياد اموي گهراڻي جي ستين گورنر حڪم بن عوانه‬ ‫الڪلبي جي گورنري دوران عمرو بن محمد بن قاسم رکيو هو ۽ خود بلوچ‬ ‫صاحب لکي ٿو ته منصوره جو شهر برهمڻ آباد کان ڇهه ميلن جي مفاصلي تي‬ ‫هو‪.‬‬ ‫اصل حقيقت اها آهي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب خود ان نظريي جو هو‬ ‫ته هن پوئين دور ۾ جنهن به سنڌ جي تاريخ تي قلم کنيو آهي انهن راؤڙ ۽ اروڙ‬ ‫کي هڪ ڪري لکيو آهي جيڪو سراسر غلط آهي‪ .‬بلوچ صاحب اهو به‬ ‫ٻڌائي ٿو ته اروڙ اپر سنڌ ۾ سکر وٽ هو جڏهن ته راؤڙ الڙ واري حصي ۾ آهي‪.‬‬ ‫ٿي سگھي ٿو ته اصل فارسي ايڊيشن ۾ اهو جملو “راؤڙ ۽ محمد طور” لکيل‬ ‫هجي پر اسان جي اديبن ان کي اروڙ ۽ محمد طور لکيو آهي‪ .‬جيئن دادا سنڌي‬ ‫پنهنجي ڪتاب سنڌين جي فوجي مهارت (ص ‪ )37‬تي لکيو آهي ته “راؤڙ‬ ‫جي قلعي جي اڳيان ڌٻڻ واري زمين هئي” جڏهن ته ساڳي ڳالهه مشتاق مسرور‬ ‫باريچي پنهنجي ڪتاب سنڌ بابت جامع معلومات (ص ‪ )158‬تي لکيو آهي‬ ‫ته “اروڙ جي قلعي جي ٻاهران چوڌاري دٻڻ هئي”‪ .‬بلڪل ائين تاريخ ۾ لکيل‬ ‫هوندو ته “ٻانڀراه‪ ،‬راؤڙ ۽ محمد طور جي وچ تي هو” پر بعد ۾ اسان جي اديبن‬ ‫ان ڳالهه کي ڦيرائي لکي ڇڏيو ته “ٻانڀراه‪ ،‬اروڙ ۽ محمد طور جي وچ تي هو”‪.‬‬ ‫‪121‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫راؤڙ جو تفصيلي ذڪر مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ لکيو آهي ته‬ ‫اهو منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار جي پاسي ۾ آهي جتي راجا‬ ‫ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي‪ .‬هاڻي سوال اهو‬ ‫ته پوِء محمد طور ڪٿي هو؟‪ .‬تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۾ محمد طور‬ ‫جي نالي سان ٻه شهر هئا‪ .‬هڪ درڪ پرڳڻي ۾ جنهن جو ذڪر اڪثر تاريخي‬ ‫ڪتابن ۾ ملي ٿو جڏهن ته ٻيو ساڪري پرڳڻي ۾‪ ،‬جنهن کي تاريخ ۾ محمد‬ ‫طور (ثاني) لکيو ويو آهي‪.‬‬ ‫ڪتاب تاريخ طاهري (ص ‪ )33‬۽ سنڌ جا قديم آثار (ص ‪)303‬‬ ‫“ سومرن جو پايه تخت محمد طور هو جيڪو درڪ پرڳڻي ۾ شامل هو ۽ هاڻي‬ ‫ويران ٿي ويو آهي‪ .‬مون اڪيلي نه پر ڪيترن ٻين به اهي کنڊر ڏٺا آهن‬ ‫جيڪي عجيب ۽ غريب آهن‪ .‬هن شهر جي تباهيَء کان پوِء هن شهر جا‬ ‫رهاڪو وڃي ساڪري جي پرڳڻي ۾ ويٺا‪ ،‬جيڪو سمن ڄامن جي وقت ۾ آباد‬ ‫ٿيو هو ۽ اتي به هنن هڪ شهر جو بنياد رکيو‪ ،‬جنهن کي به محمد طور جو نالو‬ ‫ڏنائون‪”.‬‬ ‫بلوچ صاحب لکي ٿو ته “ساڪري پرڳڻي مان مراد هاڻوڪو تعلقو‬ ‫ميرپور ساڪرو (تاريخ طاهري ص ‪ ”)289‬تعلقو ميرپور ساڪرو ته تمام وڏو‬ ‫آهي پوِء محمد طور (ثاني) ڪٿي هو؟ ان الِء تحفةالڪرام (ص ‪ ،)621‬مڪلي‬ ‫نامون (ص ‪ )693‬۽ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (ص ‪ )200‬تي‬ ‫واضع لکيو آهي ته “شيخ ابو تراب جي مزار کچي جي ڳوٺ‪ ،‬جيڪو ناري ۽‬ ‫لٽي شهر جي بدران آباد ٿيل آهي ۽ ڪوڙي جي ڳوٺ‪ ،‬جو رسول آباد يا محمد‬ ‫طور ثاني جي بجاِء وسيو آهي”‪ .‬لٽي يا لٽ جو ماڳ اڄ به شيخ ابو تراب جي‬ ‫قبر کان اولهه ڏکڻ ۾ موجود آهي ۽ لٽ جي ڪري اتي جي رهواسين کي لٽائي‬ ‫سڏيو وڃي ٿو‪ .‬مثال لٽائي جوکيه‪ ،‬لٽائي خاصخيلي وغيره‪ .‬بابا سائين جو پيارو‬ ‫دوست‪ ،‬ضلع ڪائونسل جو ميمبر چاچا علي خان لٽائي ساالر جوکيو‪ .‬علي‬ ‫خان جي جوکيو ذات آهي جڏهن ته ساالر جوکين جو هڪ پاڙو آهي جڏهن ته‬ ‫‪122‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫لٽائي‪ ،‬لٽ جي ڪري چيو وڃي ٿو‪ .‬جڏهن ته ناري جو ذڪر محترم غالم علي‬ ‫االنا به لکيو آهي‪.‬ڪوڙي ديهه جي حيثيت سان اڄ به گجي کان ڏکڻ اوڀر ۾‬ ‫موجود آهي‪ .‬کچي جي ڳوٺ الِء محترم احسن جوکيو پنهنجي ڪتاب وليون‬ ‫واس ورنيون (ص ‪ )86‬تي لکي ٿو ته “موجوده گجي ۾ هڪ قديم مسجد جا‬ ‫آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا‪ ،‬مقامي ماڻهو ان کي “قديم مسجد” جي نالي سان ياد‬ ‫ڪن ٿا‪ .‬گجي جي ڀر ۾ کجين جا ڪافي پراڻا جهڳٽا ڏسجن ٿا ۽ زمين دوز‬ ‫قديم ڊٺل جاين جا نشان به معلوم ڪري سگهجن ٿا‪ .‬عام ماڻهو اهو به انومان‬ ‫ڪڍن ٿا ته ان بستيَء کي ئي “کجي يا کچي” جو ڳوٺ سڏيندا هئا‪ .‬جيئن‬ ‫مختلف تاريخن ۾ کجيَء جي ڳوٺ وٽ شيخ ابوتراب جي مزار ٻڌايو ويو آهي‪.‬‬ ‫شيخ ابو تراب جي مزار موجوده گجي کان ٻه ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ ۾ آهي”‪.‬‬ ‫جڏهن ته گجي سان تعلق رکندڙ ڄاڻو دوست محترم شيراز گل ميمڻ ٻڌايو ته‬ ‫چارلس نيپيئر پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ گجي کي کجين وارو ڳوٺ‬ ‫ڪري لکيو آهي‪ .‬باقي محمد طور ثاني الِء لکي ٿو ته رسول آباد يا محمد طور‬ ‫ثاني مطلب ته محمد طور ثاني ۽ رسول آباد هڪڙي ئي شهر جا ٻه ناال آهن‪.‬‬ ‫پهرين ڳالهه ته مٿين ڏنل چارئي ماڳ (لٽ يا لٽي‪ ،‬ناري‪ ،‬ڪوڙي ۽ کچي يا‬ ‫کجي) موجوده گجي جي آسپاس اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهن‬ ‫۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اهي ماڳ شيخ ابو تراب جي درگاه بابت ڏنا ويا آهن‬ ‫۽ شيخ ابو تراب جي درگاهه موجوده گجي جي ئي پاسي ۾ آهي‪ .‬ان مان مراد ته‬ ‫محمد طور (ثاني) يا رسول آباد کي موجوده گجي جي آسپاس ۾ ئي هجڻ‬ ‫گهرجي‪.‬‬ ‫قديم سنڌ‪ ،‬ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو (ص ‪“ )258‬سومرن جي ڏينهن‬ ‫۾ اهو شهر (محمد طور) مکيه شهر هو ۽ سندس پاسي ۾ ٻيو ٿرڙيَء جو شهر هو”‪.‬‬ ‫رسول آباد الَء “ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون (ص ‪“ ،”)117‬تحفةالڪرام‬ ‫(ص ‪ ”)575‬۽ “انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون (ص ‪ )93‬تي لکن ٿا ته‬

‫‪123‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫“ درس للو‪ ،‬ساڪري پرڳڻي جي رسول آباد ڳوٺ جو رهندڙ ۽ اتان جي مشهور‬ ‫خليفي بايزيد جو اوالد مان هو”‪.‬‬ ‫ڳالهه جو مطلب ته جتي هن وقت گجو جو شهر آهي ان جي آسپاس‬ ‫گجو‪ ،‬هاليجي ۽ گل منڊا تائين محمد طور (ثاني) يا رسول آباد کي ڳولي‬ ‫سگهجي ٿو‪ .‬يا کڻي ائين چئجي ته موجوده گجي وٽ ڪنهن دور ۾ محمد طور‬ ‫(ثاني) يا رسول آباد جو شهر هو جيڪو سومرن درڪ پرڳڻي وارو محمد طور‬ ‫ڇڏڻ کان پوِء ساڪري پرڳڻي ۾ اچي آباد ڪيو هو‪.‬‬ ‫اصل عبارت هن ريت لکيل هوندي ته “ٻانڀراه‪ ،‬محمد طور ثاني ۽ راؤڙ‬ ‫جي وچ تي هو‪ ”.‬هن وقت گجي ۽ منهنجي ڳوٺ جي وچ تي ٻاٻڙا ئي اهڙو ماڳ‬ ‫آهي جيڪو ٻانڀراه سان ملي ٿو‪ .‬جڏهن ته محترم احسن جوکيو پنهنجي‬ ‫ڪتاب وليون واس ورنيون (ص ‪ )101‬تي لکي ٿو ته “عام روايت آهي ته‬ ‫صدرالدين ميرانپور (گهارو کان اوڀر ‪ 5‬ڪلوميٽر) جي درگاهه جي لڳ هڪ ڍنڍ‬ ‫نما وهڪري جا نشان ڏسجن ٿا‪ .‬عام ماڻهو ان کي “سسئي جو درياء” سڏين ٿا‪.‬‬ ‫سسئي انهي وهڪري مان لڙي گهاري جي اتر کان لنگهي وڃي ڀنڀور پهتي‬ ‫هئي”‪ .‬درگاهه صدرالدين ميرانپور‪ ،‬ٻاٻڙا ڳوٺ کان ‪ 2‬ڪلوميٽر جي مفاصلي تي‬ ‫اتر طرف‪ ،‬ٻاٻڙا کان سلطان آباد ويندڙ رستي تي آهي‪.‬‬ ‫لوڪ ادب جي ڪتاب “مشهور سنڌي قصا” (ص ‪ )24‬تي سنڌ جو‬ ‫برک ڏاهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته “ سنڌ ۾ دلوراِء نالي راجا‬ ‫(محمد طور ۽ ساڪري شهرن جي وچ واري عالئقي تي)حڪومت ڪندو هو”‪.‬‬ ‫ساڳي صفحي تي آخر ۾ لکي ٿو ته “آخر مذڪور ظلم ۽ بي انصافين کان اهو‬ ‫شهر “ٻانڀڻاھ” زمين هيٺ نگهوسار ٿي ويو”‪( .‬نوٽ‪ :‬هي مواد سنڌي ادبي بورڊ‬ ‫جي آنالئن الئبريري تان ورتو ويو آهي)‪ .‬تاريخ گواه آهي ته سنڌ ۾ ساڪري جي‬ ‫نالي سان هڪڙو ئي شهر آهي جيڪو موجوده ٺٽي ضلعي ۾ اچي ٿو‪.‬‬ ‫مٿين ڳالهين مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته شاهه جي سورمي سسئي‪،‬‬ ‫جنهن کي شاهه صاحب پنجن ُسرن ۾ ڳايو آهي ان جو جنم ڀومي موجوده ٺٽي‬ ‫‪124‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ضلع‪ ،‬تعلقي ميرپور ساڪري جي موجوده يونين ڪائونسل پليجاڻي (اڳوڻي‬ ‫يوسي گجو) ۾ موجوده ٻاٻڙا ڳوٺ آهي‪.‬‬ ‫هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿيئي ته ٻاٻڙا مان سسئي جي صندوق ڀنڀور‬ ‫تائين ڪيئن پهتي؟ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو (ص ‪“ )32‬انهن‬ ‫سسئيَء کي هڪ صندوق ۾ رکي ڀانڀرواهه ۾ رکي لوڙهي ڇڏيو‪ .‬اها صندوق‬ ‫ڀنڀور شهر ۾ اچي ڪناري سان لڳي”‪ .‬ان الِء اسان کي ٻه ڳالهيون ملن ٿيون‪.‬‬ ‫هڪ ته وڏي درياَء جي رستي (مون پنهنجي پهرين توڙي ٻي ڪتاب ۾ واضع‬ ‫لکيو آهي ته ٻاٻڙن وٽان ڪنهن دور ۾ درياَء وهندو هو جيڪو منهنجي ڳوٺ‬ ‫وٽان ٿي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو‪( .‬اهو درياَء جيڪو اڪري عربن راؤڙ تي‬ ‫حملو ڪيو هو) سسئي جي صندوق سمنڊ تائين ويئي ۽ اتان لهرن ۾ لڙندي‬ ‫ڀنڀور تائين وئي هجي‪ .‬ٻيو ته ڪتاب سنڌ عرب دور (ص ‪ )443‬۾ لکيل آهي‬ ‫ته “چون ٿا ته هڪ واهه نالي نانيا واهه ڀنڀور شهر ڀرسان وهندو هو‪ .‬جو ڀائنجي‬ ‫ٿو ته تازي پاڻي حاصل ڪرڻ الِء درياَء مان کوٽيو ويو هجي‪ ”.‬هن عبارت مان‬ ‫اهو مفهوم ڪڍي سگھجي ٿو ته نانيا ته سسئي جي پيُء جو نالو هو‪ ،‬ٿي سگھي‬ ‫ٿو ته موجوده ٻاٻڙن وٽان درياَء مان اهو واهه ڪڍيو ويو هجي ۽ ان واهه جي‬ ‫ذريعي سسئي جي صندوق ڀنڀور تائين ويئي هجي‪ .‬ٺٽي ضلعي ۾ اڄ به هڪ‬ ‫واه راڻيا واه آهي‪ .‬ٿي سگهي ٿو ته راڻيا ۽ نانيا هڪ ٻئي جون بگڙيل شڪلون‬ ‫هجن‪.‬‬ ‫اگر اسان سسئي جو جنم ڀومي موجوده سانگهڙ ۾ لکون ته ٻه ڳالهيون‬ ‫تحقيق طلب آهن‪ .‬هڪ اها ته سانگهڙ کان ڀنڀور تائين درياَء جي شاخ ڏيکاري‬ ‫وڃي ۽ ٻي ڳالهه اها ته هڪ ڄاول ٻار ( يا ڇهن مهينن جو ٻار) جنهن کي صندوق‬ ‫۾ وجهي درياَء جي حوالي ڪيو ويو اها صندوق درياَء ۾ لڙندي شهدادپور‬ ‫(سانگهڙ) يا سيوهڻ کان ڀنڀور تائين ڪيترا ڏينهن ورتا هوندا؟‬ ‫حقي برادرز پاران سنڌ جو جيڪو نقشو ڏنل آهي ان ۾ شهر‬ ‫شهدادپور‪ ،‬حيدرآباد کان ‪ 114‬ڪلوميٽر پري آهي‪ .‬حيدرآباد کان ٺٽو ‪100‬‬ ‫‪125‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪلوميٽر ۽ ٺٽي کان ڌاٻيچي مارڪيٽ ‪ 45‬ڪلوميٽر ۽ ڌاٻيچي مارڪيٽ‬ ‫کان ڀنڀور ‪ 2‬ڪلوميٽر پري آهي‪ .‬جيڪو ڪم وبيش ‪ 261‬ڪلوميٽر ٿين ٿا‪.‬‬ ‫اڄ جي دور ۾ هڪ تيز رفتار گاڏي به شهدادپور کان ڀنڀور تائين تقريب ًا ‪ 5‬کان‬ ‫‪ 6‬ڪالڪ لڳائي سگهي ٿي ته پوِء درياَء ۾ لڙندڙ صندوق گهڻا ڪالڪ يا‬ ‫ڏينهن ورتا هوندا؟ جيڪو غور طلب سوال آهي‪ .‬جڏهن ته سيوهڻ الِء به ساڳي‬ ‫ڳالهه چئي سگهجي ٿي‪.‬‬ ‫جڏهن ته ‪1983‬ع ۾ ڀنڀور تي هڪ سيمينار ٿيو هو‪ .‬ان ۾ جيڪي‬ ‫مقاال پڙهيا ويا انهن کي سهيڙي محترم عبدالقادر منگي صاحب‪“ ،‬ڀنڀور ۽‬ ‫ديبل” جي نالي سان ڪتاب ترتيب ڏنو هو‪.‬‬ ‫ان ڪتاب جي (ص ‪ )2‬تي سنڌ جو برک ڏاهو ۽ اديب ڊاڪٽر نبي‬ ‫بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته “اهو مشهور آهي ته سسئي جنهن کي‬ ‫صندوق ۾ بند ڪري سيوهڻ وٽان درياَء ۾ وڌو ويو”‪.‬‬ ‫ساڳي ڪتاب ۾ (ص ‪ )169‬تي محترم مير حاجي محمد بخش ٽالپر‬ ‫صاحب لکي ٿو ته “وڌيڪ بحث ڪونه ٿا ڪريون ته (سسئي) ڪهڙي ندي‬ ‫مان لڙهي آئي پر سيوهڻ يا برهمڻ آباد ٻنهي هنڌن کان لڙهي اچڻ مفروضه‬ ‫آهن”‪.‬‬ ‫ساڳي ڪتاب ۾ (ص ‪ )190‬تي سنڌ جو مشهور مورخ محترم معمور‬ ‫يوسفاڻي صاحب لکي ٿو ته “جيتري قدر سسئي جي صندوق جو درياه ۾ داخل‬ ‫ٿيڻ جو تعلق آهي‪ ،‬تنهن موجب سيوهڻ ۽ برهمڻ آباد مان صندوق ڀنڀور ڏانهن‬ ‫اچڻ وارو واقعو درست ڏسڻ ۾ نٿو اچي”‪ .‬وڌيڪ لکي ٿو ته “سسئي جي پيتي‬ ‫ڪنهن اهڙي هنڌ تان درياه ۾ داخل ڪئي وئي هئي‪ ،‬جيڪو ڀنڀور جي قريب‬ ‫هو ۽ پيتي بنا روڪ جي ڀنڀور ۾ پهتي هئي‪ .‬ٻيَء حالت ۾ پيتي الزمي طرح‬ ‫ڪٿي روڪجي پوي ها ۽ ڇوڪري زنده نه رهي ها‪ .‬آثارن ۽ روايتن مان ائين‬ ‫ٿو ظاهر ٿئي ته اها پيتي پراڻي ٻانڀڻاه عرف ڪاٺ ٻانڀڻ جي شهر وٽان ننڍي‬ ‫وهڪري ۾ لوڙهي وئي هئي‪ .‬جنهن جي نسبت سان ڳالهه کڻندڙن‪ ،‬سسئي کي‬ ‫‪126‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ٻانڀڻ جي ڌيَء بنائي ڇڏيو ۽ شاعرن ان کي ٻانڀڻ ۽ برهمڻ نالي سان ڳايو‬ ‫آهي”‪.‬‬ ‫ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي صفحي تي وڌيڪ لکي ٿو ته “ڳالهه ظاهر‬ ‫پيئي آهي اصل ۾ اها سڀ ٻانڀڻاه جي لفظ جي ڪرامت آهي‪ .‬جتان اها پيتي‬ ‫لڙهي ڀنڀور ۾ پهتي ۽ قصي نويسن ۽ ڳالهه ڳائيندڙن‪ ،‬ٻانڀڻاه وٽان وهي ايندڙ‬ ‫ڇوڪري کي کڻي ٻانڀڻ جي ڌيَء بنايو”‪.‬‬ ‫انڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سسئي ٻانڀڻاه مطلب ٻاٻڙن جي‬ ‫عالئقي جي هئي‪ .‬ڀٽائي سرڪار فرمائي ٿو ته “ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي‪،‬‬ ‫ناهيان خان کٽياڻي”‪.‬‬

‫‪127‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫باب اٺون‪:‬‬

‫قصو سهڻي ۽ ميهار جو (تلو ۽ ساهڙڪو ڍنڍ)‬ ‫ڀٽائي سرڪار جن سورمين کي ڳايو آهي انهن مان نوري ڄام‬ ‫تماچي ۽ سسئي پنهون جو تعلق موجوده ٺٽي ضلع سان جڏهن ته سورٺ راِء‬ ‫ڏياچ جو تعلق ڪڇ جي رڻ سان‪ ،‬عمر مارئي جو تعلق موجوده ٿر واري عالئقي‬ ‫سان آهي‪ .‬ليالن چنيسر‪ ،‬سهڻي ميهار ۽ مومل راڻي جا ماڳ اڃان تائين‬ ‫تحقيق طلب آهن‪ .‬مختلف ماڳن سان انهن قصن کي تشبيهه ڏني وئي آهي‬ ‫پر حقيقت اڃان تائين لڪل آهي‪ .‬سهڻي ميهار جي قصي الِء اسان وٽ سنڌ‬ ‫۾ هن وقت اهو مشهور آهي ته اهو قصو موجوده ضلع سانگهڙ جي شهر‬ ‫شهدادپور سان تعلق رکي ٿو‪ ،‬ڇو ته شهدادپور ۾ شايد سهڻي ۽ ميهار جون‬ ‫قبرون به ٺهيل آهن‪ .‬پر سنڌ جو ناليوارو اديب‪ ،‬دانشور‪ ،‬محقق ۽ لوڪ ادب جو‬ ‫پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لوڪ ادب جي ڪتاب “سهڻي‬ ‫ميهار ۽ نوري تماچي ۾ (ص ‪ )47‬تي لکي ٿو ته “چون ٿا ته سهڻي ۽ ميهار واريون‬ ‫قبرون اهي ساڳيون آهن جي اڄ ڏينهن تائين شهر شهدادپور ۾ موجود آهن”‪.‬‬ ‫هتي بلوچ صاحب لفظ “چون ٿا” لکي ڳالهه کي شڪي ۽ منجهائي ڇڏيو آهي‪.‬‬ ‫جڏهن ته ساڳي ڪتاب ۾ (ص ‪ )15‬تي سهڻي ميهار جي آثارن جي حوالي‬ ‫سان لکي ٿو ته “سهڻي ميهار جو داستان درياَء جي ڪنڌي يا ٻيلي جو داستان‬ ‫آهي‪ .‬انهيَء ڪري سهڻي ۽ ميهار جا آثار به اڪثر ڪري سنڌوندي جي قديم‬ ‫پيٽن ۽ ٻيٽن لڳ آهن”‪ .‬هتي بلوچ صاحب انهن آثارن جي حوالي سان چار‬ ‫مختلف ماڳن تي سهڻي جي قبر بابت لکي ڳالهه کي ويتر منجهائي ڇڏيو‬ ‫آهي‪ .‬ڇو ته سهڻي هڪڙي ئي هئي پوِء چار ماڳن بابت لکڻ عجيب آهي‪ .‬اهي‬ ‫چار ماڳ هيٺ ڏجن ٿا‪.‬‬

‫‪128‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫(الف) “سڀني کان وڌيڪ مشهور آثار ضلعي سانگهڙ جي ڀرپاسي‬ ‫شهدادپور لڳ “ لوهاڻي درياَء” جي قديم پيٽ جي ڀر پاسي آهن‪ ،‬جتي سهڻي‬ ‫ميهار ۽ ڇٽي پير ٽنهي جا ماڳ مقام آهن”‪.‬‬ ‫(ب) “ ڇٽو پير يا الل ڇٽو‪ ،‬تنهن جو مقام تعلقي ٽنڊي محمد خان‬ ‫جي ڏکڻ ۾ جهول واري آڳاٽي جوِء ۾ آهي”‪.‬‬ ‫(ج) “سهڻي جو دڙو‪ ،‬تعلقي بدين ۾ روپاهه ماڙي کان اٺ ميل کن اولهه‬ ‫طرف ۽ بدين کان ‪ 25‬ميل کن ڏکڻ‪ ،‬ڳٺي درياَء واري ڍوري جي الهندي ڪنڌيَء‬ ‫تي آهي”‪.‬‬ ‫(د) “شيخ ڇٽي ۽ سهڻي جا ٻيا آثار ميرپور ساڪري تعلقي ۾ آهن‪.‬‬ ‫شهر گهاري لڳ ڀنڀور واري درياَء مان هڪ َور (ڍورو) نڪري ٿو‪ ،‬جيڪو اڳوڻي‬ ‫“خاناھ” درياَء جو پيٽ آهي‪ .‬اهو “خاناهه ڍورو” اڳتي گهاري کان ڏکڻ‪ ،‬ڳوٺ‬ ‫“راڄ ملڪ” لڳ ميران يا قدمن واري مقام کان الهندي لنگهي ٿو‪ ،‬جنهن تي‬ ‫(اڳتي اولهه طرف) “ڦٽو ڪوٽ” آهي‪ .‬اتي هن ”ڍوري” کي “ڪوٽ وارو خاناھ”‬ ‫سڏين‪ .‬اتي انهيَء ڍوري تي ‪،‬شيخ ڇٽي جو مقام” (گهاري کان اولهه ۽ لوڻ کاڻ‬ ‫کان ڏکڻ) آهي جتي ميڙو لڳي‪ .‬انهيَء مقام کان ڏکڻ طرف هن ڍوري کي‬ ‫وروڪڙ آهن جيڪي “سهڻي وارا ور” سڏجن‪ .‬چون ٿا ته سهڻي انهن ورن مان‬ ‫تري ميهار ڏي ويندي هئي‪ .‬اتي سهڻي جي قبر پڻ آهي‪ .‬ساهڙ ذات جو نڱامرو‬ ‫هو ۽ ميرپور ساڪري واري ايراضي آڳاٽي وقت کان وٺي نڱامرن جي سرداري‬ ‫۾ شامل هئي‪”.‬‬ ‫جتي شڪ هجي يا هڪ کان وڌيڪ ماڳن کي انهي قصي سان‬ ‫مشابهت ڏني وڃي ان ڳالهه کي حرف آخر نٿو چئي سگهجي ۽ انهي تي‬ ‫تحقيق جا دروازه به کليل هوندا آهن‪.‬‬ ‫اول ڳالهه ته هن قصي کي غور سان پڙهڻ يا ٻڌڻ کان پوِء ڪافي‬ ‫متضاد سوال ذهن ۾ جنم وٺن ٿا يا اهڙا ڪافي سوال آهن جن جا هر ماڻهو وٽ‬ ‫يا هر ڪتاب ۾ مختلف جواب آهن جيستائين انهن سوالن جا صحيح جواب‬ ‫‪129‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫نٿا ملن تيستائين اها تاريخ نامڪمل آهي ۽ انهن سوالن کي درست قرار ڏيڻ‬ ‫وقت جي اهم ضرورت آهي‪ .‬ڪجهه سوال منهنجي ذهن ۾ آيا جن جا جواب‬ ‫اڪثر ڪري هر ماڻهو وٽ پنهنجا آهن‪ .‬هيٺ ڏجن ٿا‪.‬‬ ‫سوال‪ :1‬ميهار جو اصل نالو ڪهڙو هو؟ ڇا هو شهزادو هو يا سنڌ ڌرتي جو هڪ‬ ‫عام ماڻهو؟‬ ‫سوال‪ :2‬اهو قصو ڪهڙي دور سان تعلق رکي ٿو؟‬ ‫سوال‪ :3‬سهڻي جي پيُء (والد) جو نالو ڪهڙو هو؟‬ ‫سوال‪ :4‬ڇا پنجاب وارو قصو ‪،‬سوهني مينهوال” ۽ سنڌ وارو قصو “سهڻي‬ ‫ميهار” هڪ آهن يا الڳ الڳ؟‬ ‫سوال‪ :5‬اهو قصو موجوده سنڌ جي ڪهڙي عالئقي سان تعلق رکي ٿو؟‬ ‫سوال پهرين جي جواب ڪجهه ماڻهن جي مطابق ته ميهار جو اصل نالو‬ ‫ساهڙ هو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جي مطابق ته ميهار جو اصل نالو مرزا عزت‬ ‫بيگ هو جيڪو بخارا جي حاڪم مرزا عالي بيگ جو پٽ هو‪ .‬مرزا عزت بيگ‬ ‫پنجاب واري قصي جو ڪردار آهي جڏهن ته ميهار جو اصل نالو ساهڙ هو جنهن‬ ‫جي الِء هيٺيان شاعرن جي شاعري مان اسان کي ڏس ملي ٿو‪.‬‬ ‫“ميييييييرا مييينيييهييين ميييچ‪ ،‬سييييييانيييڀييياران ساااااا اا جيييا‪،‬‬ ‫اکيييييييييييييون آسييييييييير الئيييييييييييييو‪ ،‬راڙي راڙي رچ‪،‬‬ ‫جي هلن سيياڻ سييچ‪ ،‬تن رازق تون رسيياڻيين‪( ”.‬شيياهه عنايت)‬ ‫“چييڙن مييون کييي چييوريييو‪ُ ،‬سيييييک ٿييي سيييييمييهييان ڪيييييئيين‪،‬‬ ‫سييييياريييان ساااااا اا ڄييام کييي‪ ،‬ڏهييه ڏهييه ڀيييييرا ڏييينييهيين‪،‬‬ ‫ميهييار مرڻ سيييينَء‪ ،‬نير پيياتم نينهن جو”‪ ( .‬ڀٽييائي گهوٽ)‬

‫‪130‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫“ڏم ڏٻييييرو هييييو‪ ،‬سااااااا ااا‬

‫سيييييييدائييييييييين سييييييينييييرو‪،‬‬

‫ٻيييڏنيييدي ٻيييانيييهييييييياريييين جيييو‪ ،‬سيييييياڻيييي ٿييييييينيييدو سييييييو‪،‬‬ ‫“قاسم” غم نه ڪو‪ ،‬اڳهه احمد جن جو”‪( .‬خليفو نبي بخش قاسم)‬ ‫“ساااااا اا کييون سيييييڪ جييي‪ ،‬ڪييا پيييييتييائييييين پييڙي‪،‬‬ ‫ڇييڏي هييوش “حييمييل” چييئييي‪ ،‬لييهييرن ميينييجييهييه لييڙهييي‪،‬‬ ‫ڏيييئييي سييييير ُسيييييرهييي ٿييي‪ ،‬سيييييا مييرنييدي ڪييييين ُمييڙي‪،‬‬ ‫ڏهي ڏڌ ڦڙي‪ ،‬ڪييا م يهر ڏ ن يس موت جي”‪ ( .‬حم يل ف ق ير)‬ ‫“پيييوڄ پيييييييتيييائييييييين کييييييير‪ ،‬ميييييييهيييارئيييون ميييحيييبيييت جيييو‪،‬‬ ‫تييينيييهييييييين الِء “شييييييرييييف” چيييئيييي‪ ،‬نيييدي تيييري نييييييير‪،‬‬ ‫اکئين ڏٺائين پير‪ ،‬سا‬ ‫“الف‬ ‫هي‬

‫اکر‬ ‫محل‬

‫وينديس‬

‫سنگهارن ۾”‪( .‬شاهه شريف ڀاڏائي)‬

‫هيڪڙو‪،‬‬ ‫ماڙيون‬

‫سا‬

‫بنگال‪،‬‬ ‫سامهون‪،‬‬

‫ڪيم‬

‫پڙهي‪،‬‬

‫پڪو‬ ‫ڊاهي‬

‫ماڳ‬

‫مڙهي‪،‬‬

‫آنڪي‬

‫سر‬

‫چڙهي‪،‬‬

‫ڪين‬

‫اڙي‪،‬‬

‫اسين آهيون حر حسيني‪ ،‬اڀيون‬ ‫هيڪو دم گهڙي‪ ،‬ڏم! توسين ڏينهن نه ُالهي”‪ ( .‬مل محمود)‬

‫مٿي ڏنل ڇهه شاعر‪ ،‬سهڻي ڌرتي سنڌ جا ناليوارا شاعر آهن ۽ انهن‬ ‫پنهنجي شاعري ۾ ميهار کي سا‬

‫چئي ان ڳالهه کي پڪو ثبوت ڏيئي ڇڏيو‬

‫آهي ته ميهار جو اصل نالو سا‬

‫هو باقي عزت بيگ پنجاب واري قصي جو‬

‫ڪردار آهي جنهن جو سنڌ واري قصي سان ڪوبه تعلق ناهي‪.‬‬

‫‪131‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‪ ،‬جلد ستون (س‪ ،1‬ص ‪“ )92‬سا‬

‫‪ ،‬سهڻي جي‬

‫محبوب جو نالو به هو‪ ،‬جنهن جو اظهار شاهه لطيف جي هيٺين بيت ۾ ٿئي ٿو”‪.‬‬ ‫“سا‬

‫جا سينگار‪ ،‬اڻ ڏٺي اڳي هئا”‬

‫ٻي سوال جو جواب هن ريت ملي ٿو‪ .‬پهرين ته پنجاب واري قصي‬ ‫جي الِء چيو وڃي ٿو ته اهو قصو مغل بادشاهه شاهجهان جي دور سان تعلق رکي‬ ‫ٿو‪ .‬جڏهن ته بلوچ صاحب سگهڙ شيرخان جي بيت جو حوالو ڏيئي لکي ٿو ته‬ ‫اهو قصو عربن جي آخري دور ۽ سومرن جي اوائلي دور سان تعلق رکي ٿو‪.‬‬ ‫جڏهن ته سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا سورما (ص ‪ ”)18‬تي‬ ‫لکي ٿو ته “اها حقيقت آهي ته سسئي پنهون‪ ،‬مومل راڻو‪ ،‬ليالن چنيسر ۽ عمر‬ ‫مارئي جا قصا انهي دور (سومرا دور) جا واقعا آهن‪ ”.‬دادا سنڌي پنهنجي‬ ‫ڪتاب “سومرن جي دور جا سورما” (ص ‪ )18‬تي لکي ٿو ته “عمر مارئي‪ ،‬ليال‬ ‫چنيسر‪ ،‬مومل راڻو ۽ دودو چنيسر‪ ،‬هن زماني (سومرن جي دور) جا اهي تمدني‬ ‫۽ ادبي پهلو آهن‪ ،‬جن کي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ وڏو مقام حاصل آهي”‪ .‬ان‬ ‫ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو قصو (سهڻي ميهار) سومرن جي دور کان پوِء ۽‬ ‫سمن جي دور ۾ ٿيو هوندو‪ .‬ڇو ته سومرن جي دور ۾ انهيَء قصي جو ڪٿي به‬ ‫حوالو نٿو ملي‪.‬‬ ‫ٽي سوال جو جواب به مختلف ملي ٿو‪ .‬اڪثر ماڻهن توڙي بابا سائين‬ ‫مونکي ٻڌايو ته سهڻي جي پيُء جو نالو تلو هو جيڪو ڪنڀار هو جڏهن ته‬ ‫ڪتاب “سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي (ص ‪ )195‬تي شاعر پير بخش جي حوالو‬ ‫ڏنل آهي ان به سهڻي جي پيُء جو نالو تلو ڪنڀار لکيو آهي‪ .‬مشتاق مسرور‬ ‫باريچي پنهنجي ڪتاب “سنڌ بابت جامع معلومات” (ص ‪ )377‬تي سهڻي‬ ‫جي پيُء جو نالو تلو لکيو آهي‪.‬‬ ‫چوٿين سوال جي جواب الِء خود بلوچ صاحب لوڪ ادب جي ڪتاب‬ ‫“سهڻي ميهار ۽ نوري تماچي (ص ‪ )9‬تي لکي ٿو ته “ سهڻي ۽ ميهار جو سنڌي‬ ‫قصو نهايت آڳاٽو آهي‪ ،‬جنهن جي مشهوري گھڻو پوِء دير سان پنجاب تائين‬ ‫‪132‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫پهتي‪ ،‬جتي جي شاعرن ان جي سٽا ۾ ڦير گهير ڪري ان کي پنهنجي ماحول‬ ‫مطابق ڳايو”‪( .‬ص ‪ )10‬تي لکي ٿو ته “مگر هن پوئين دور ۾ سڀ کان وڏي غلط‬ ‫فهمي سنڌ جي پڙهيل طبقي ۾ ٿي‪ ،‬جن سهڻي ۽ ميهار واري قديم قصي کان‬ ‫بيخبري سببان پنجاب واري قصي کي ئي سهڻي ۽ ميهار جو قصو ڪري‬ ‫سمجهيو‪ .‬مثالً ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جهڙو الئق لکندڙ به باوجود‬ ‫ڪافي محنت ۽ کوجنا جي هن وڏي غلطي ۾ مبتال ٿيو‪ ،‬جو پنجاب جي سوهني‬ ‫مهينوال واري قصي کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي ُسر‬ ‫سهڻي جو موضوع بنايائين”‪ .‬ساڳي ڪتاب جي (ص ‪ )18‬تي لکي ٿو ته‬ ‫“گجرات بعهد و جديد‪ ،‬جو مصنف احمد حسين قريشي لکي ٿو ته‪ ،‬مغليه عهد‬ ‫حڪومت جو گجرات ۾ مشهور واقعو سوهني مهينوال جو مشهور عشقيه داستان‬ ‫آهي‪ .‬بخارا جو هڪ مشهور شهزادو گجرات آيو ۽ اتان جي هڪ حسينه تي‬ ‫ديوانو ٿي پيو تان جو ٻنهي جو موت به انهيَء معاشقي ۾ ٿيو‪ .‬اهو هڪ مشهور‬ ‫داستان آهي جو فارسي‪ ،‬اردو ۽ پنجابي ادب ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي”‪ .‬وڌيڪ‬ ‫لکي ٿو ته “مٿيون بيان پنجاب جي عالمن جي هن قصي بابت تحقيق جو ڄڻ‬ ‫خالصو آهي‪ .‬پنجاب جو قصو هڪ سنئون سڌو معاشقو آهي جنهن ۾ ڪابه‬ ‫حقيقي لئون لڪل ڪانهي‪”.‬‬ ‫منهنجي تحقيق چوي ٿي ته جيئن اسان جا ڪافي تاريخي ڪتاب‬ ‫لکن ٿا ته نوري ۽ ڄام تماچي جون قبرون مڪلي ٽڪري تي آهن پر پوِء به اسان‬ ‫وٽ عام تاثر ملندو آهي ته انهن جون قبرون ڪينجهر ڍنڍ ۾ آهن‪ .‬بلڪل ائين‬ ‫اسان جي هن شاندار تاريخ سان وڏي ويساهه گھاتي ڪئي وئي آهي‪.‬‬ ‫اهو قصو موجوده ٺٽي ضلع جي تعلقي ميرپور ساڪري سان تعلق رکي ٿو‪.‬‬ ‫ڪافي ماڻهو ڀٽائي سرڪار جي بيتن جي صرف باطني معنيٰ طرف‬ ‫ڌيان ڏيندا آهن‪ .‬مڃون ٿا ته ڀٽائي سرڪار جي هڪ هڪ بيت جون ڪافي‬ ‫معنائون نڪرن ٿيون پر ڀٽائي سرڪار جنهن سورمي کي ڳايو آهي ان متعلق‬ ‫به ڪافي ڳالهيون بيان ڪيون آهن‪.‬‬ ‫‪133‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫بلوچ صاحب لکي ٿو ته نڱامره شروع کان ئي ساڪري واري پاسي‬ ‫جا آهن‪ .‬نڱامره ذات کي بعد ۾ اسان جي تاريخي ڪتابن ۾ نگامره توڙي‬ ‫نڪامرو لکيو ويو آهي‪ .‬راڻو ارجن نڱامرن جو آخري حاڪم هو جنهن کي‬ ‫ڪلهوڙن جي دور ۾ قتل ڪيو ويو‪ .‬ڪتاب سنڌ عرب دور (ص ‪ )514‬تي لکي‬ ‫ٿو ته “نڱامره نالي وارن ڌاڙيلن جون سمنڊ تي خوني ڪاروايون مشهور هيون‪.‬‬ ‫جن عربن جي جهازن کي لٽيو هو‪ ”.‬ساڳي ڳالهه محترم اشتياق انصاري‬ ‫پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۾ (ص ‪ )329‬تي هن ريت لکي آهي‬ ‫“ انهن ميدن ئي ديبل بندر وٽ مسلمانن جو ٻيڙيون ڦريون هيون ۽ ماڻهو قيد‬ ‫ڪيا هئا جنهن ڪري حجاج بن يوسف کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو جواز‬ ‫ملي ويو‪ .‬خيال آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ نڱامرا ان ميد قبيلي جي هڪ شاخ آهن‪.‬‬ ‫نڱامرا سامونڊي ڪناري تي رهڻ ڪري سکيا ستابا هئا‪”.‬‬ ‫سنڌ عرب دور (ص ‪ )64‬تي ميدن بابت لکي ٿو ته “اهي سمنڊ تي‬ ‫ڌاڙيلڪو ڪم به ڪندا هئا‪ ،‬ان ڪري عربن وٽ اهي “ميدالبحر” مشهور ٿي‬ ‫ويا‪ ،‬جنهن جو بگڙيل اچار “ميربحر” آهي‪”.‬‬ ‫محترم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي‪ ،‬پنهنجي ڪتاب “لطيفي سئر (ص‬ ‫‪ )19‬تي سهڻي ميهار بابت لکي ٿو ته “سهڻي ميهار جي قصي بابت ڪي چون‬ ‫ته اهو پنجاب جو قصو آهي‪ ،‬ڪي چون ته شهدادپور ۾ ٿي گذريا آهن‪ .‬وڌيڪ‬ ‫لکي ٿو ته‪ ،‬ڪي چون ته سهڻي ۽ ميهار‪ ،‬ننگر ٺٽي ڏي ٿي گذريا آهن‪ .‬سهڻي‬ ‫جي قبر ٺٽي ۾ به آهي‪ .‬رسالي ۾ ڪي اهڙا اشارا آهن‪ ،‬جن مان سمجهجي ٿو ته‬ ‫شاهه صاحب ائين تي وسهيو‪ ،‬ته سهڻي ٺٽي طرف ٿي گذري هئي”‪ (.‬نوٽ‪ :‬هن‬ ‫ڪتاب جو پهريون ڇاپو ‪1928‬ع ۾ شايع ٿيو هو‪ .‬جڏهن ته پنجون ڇاپو‬ ‫‪2012‬ع ۾ شايع ٿيو آهي)‪.‬‬ ‫تعلقي ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽي ۾ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم‬ ‫ڪاتيار يوسي پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو) جي اولهه طرف هڪ وڏي ڍنڍ‬ ‫آهي جنهن کي مقامي ماڻهو تلو ڍنڍ چوندا آهن (جيڪا ڪجهه سال اڳ‬ ‫‪134‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫تائين ته قدرتي ڍنڍ هئي پر هاڻي ان کي مڇي جو تالُء ٺاهيو ويو آهي)‪ .‬ان‬ ‫سڄي عالئقي کي روينيو رڪارڊ ۾ ديهه تلي (يوسي چوبندي) جو نالو ڏنل‬ ‫آهي‪ .‬وڏي ڳالهه ته ان ڍنڍ جي ڪري اسان کي “تلي وارا ڪاتيار” به سڏيو‬ ‫ويندو آهي‪ .‬مون پنهنجي پهرين ڪتاب ۾ واضع طور لکيو ته ديهون به اسان‬ ‫جي تاريخ کي سلجهائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون شرط آهي ته‬ ‫انهن تي به تحقيق ڪئي وڃي‪ .‬جڏهن ته ساڳي ڳالهه محترم احسن جوکيو‬ ‫پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص ‪ )89‬تي هن ريت لکي آهي ته “اسان‬ ‫تاريخ جي ڄاڻن‪ ،‬محققن ۽ پارکن کي هن ڏس ۾ تحقيق ڪرڻ طرف ڌيان‬ ‫ڇڪائينداسين‪ .‬خصوص ًا ديهن جي نالن پويان ڪا نه ڪا تاريخي يا‬ ‫جاگرافيائي حقيقت پوشيده هوندي آهي‪ .‬ديهن جا ناال يا ته مقامي آبادين‬ ‫ڪري رکيا ويا آهن يا ڪنهن قديم آثار يا چوڻين پويان”‪ .‬مون پنهنجي‬ ‫پهرين ڪتاب ۾ اهو به لکيو ته منهنجي ڳوٺ وٽان درياء وهندو هو جيڪو‬ ‫ُاڪري محمد بن قاسم راؤڙ تي حملو ڪيو‪ .‬مون پهرين ڪتاب ۾ اهو به لکيو‬ ‫ته منهنجي ڳوٺ جي آسپاس ۾ ڇڇ نالي ڍنڍون آهن جيڪي راجا ڏاهر جون‬ ‫فوجي ڇانوڻيون لکيون هيون‪ .‬هڪ ڇڇ ميرانخور‪ .‬ان ڍنڍ جي ويجهو فيصله‬ ‫ڪن جنگ لڳي جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو‪ .‬جڏهن ته ٻي ڍنڍ ٻروسر‬ ‫ڪالوني جي اوڀر ڏکڻ ۾ ڳوٺ گل حسن ناهيو وٽ آهي جنهن کي ڇڇ‬ ‫ساهڙڪو چوندا آهن‪ .‬هتي ساهڙ ذات جا ماڻهو به رهندا آهن (ڳوٺ اسماعيل‬ ‫ساهڙ)‪ .‬ٿي سگھي ٿو ته اها ڍنڍ ڄام ساهڙ (ميهار) جي ڪري ساهڙڪو سڏجي‬ ‫ٿي‪ .‬جيئن گھوٽڪي الِء تاريخ ٻڌائي ٿي ته اتي گھوٽا ذات جي ماڻهن جي‬ ‫اڪثريت هئي جنهن سبب ان ماڳ جو نالو گھوٽڪي (گهوٽن جي) پئجي‬ ‫ويو بلڪل ائين (ساهڙ جو) مان ساهڙڪو ٿي ويو‪ .‬محترم احسن جوکيو‬ ‫پنهنجي ڪتاب وليون واس ورنيون (ص ‪“ )89‬شيخ ابوتراب جي ڏکڻ ۾‬ ‫صوفين جو مقام (مڙهو صوفيڪو) ۽ خليفن جي مزار آهي”‪ .‬هتي “صوفي جو”‬

‫‪135‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫کي “صوفيڪو” لکيو ۽ چيو ويو آهي‪ .‬ان مان مراد ته اسان وٽ لفظ “جي ۽ جو”‬ ‫کي “ڪي ۽ ڪو” طور به استعمال ڪيو ويو آهي‪.‬‬ ‫تلو ڍنڍ منهنجي اباڻي ڳوٺ جي بلڪل لڳ اولهه پاسي آهي جڏهن‬ ‫ته ڪنهن وقت ۾ منهنجي ڳوٺ وٽان درياه به وهندو هو جڏهن ته ڇڇ ساهڙڪو‬ ‫منهنجي ڳوٺ کان اوڀر ڏکڻ طرف ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي‪ .‬هنن‬ ‫ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته سهڻي تلي وٽان درياَء اڪري ٻي پار ميهار سان‬ ‫ملڻ ويندي هئي‪ .‬جيڪا بعد ۾ ان درياَء ۾ ٻڏي مري وئي جيڪو درياَء عربن‬ ‫جي فوج پار ڪيو هو‪ .‬وڏي ڳالهه ته خود بلوچ صاحب به لکي ٿو ته ساڪري‬ ‫واري پاسي ڇٽي پير جي قبر آهي ۽ اتي سهڻي جي قبر به آهي‪ .‬قدمن وارو مقام‬ ‫هن وقت ليٽ شهر جي پاسي ۾ آهي ۽ ليٽ شهر منهنجي ڳوٺ کان ڪجهه‬ ‫ميل اولهه پاسي آهي ۽ ڇٽو پير جي قبر‪ ،‬ليٽ شهر کان ڪجهه ميل اتر پاسي‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫ڇٽي پير جي قبر الِء محترم گل حسن ڪلمتي‪ ،‬ڪراچي سنڌ جي‬ ‫مارئي (ص ‪ )470‬تي لکي ٿو ته “راڄ ملڪ ويجهو پراڻي ڦٽي ڦاٽ لڳ “ڇٽي‬ ‫پير” سهڻي واري جو مقام آهي‪ .‬انهي پوري عالئقي کي ڪنهن وقت ڇٽي پير‬ ‫وارو عالئقو چوندا هئا”‪.‬‬

‫‪136‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ضميمو (ڪتاب‪ :‬راؤڙ ‪ /‬رياتڙو)‬ ‫مون پنهنجي پهرين ڪتاب راؤڙ ‪ /‬رياتڙو (ص‪ )55‬تي لکيو هو ته‬ ‫“رياتڙو ٿي سگهي ٿو ته راِء ‪ /‬راُء ۽ تڙ مان نڪتل هجي”‪ .‬ساڳي ڳالهه سائين‬ ‫مارو خشڪ به ڪتاب جي مهاڳ ۾ (ص ‪ )7‬تي لکي هئي ته “اهو لفظ “راُء تڙ”‬ ‫ئي هوندو‪ ،‬جنهن کي عربي ٻولي ۾ “راؤتر” ئي لکي سگهجي ٿو‪ .‬شايد فارسي‬ ‫ٻولي ۾ ترجمي وقت “ ت ” حذف ٿي ويو هوندو”‪ .‬راؤڙ جي نالي الِء ٻه سبب ملن‬ ‫ٿا‪ ،‬جن کي سمجهڻ الِء شاهه جو رسالو‪ ،‬اسان الِء وڏو سونهون آهي‪.‬‬ ‫هڪڙي ڳالهه اها ته ڀٽائي سرڪار جي رسالي ۾ اسان کي ٽيئي لفظ‬ ‫(راَء‪ ،‬راِء‪ ،‬راُء) ملن ٿا ۽ وڏي ڳالهه ته سڀني جي معنيٰ به ساڳي نڪري ٿي يعني‬ ‫راجا يا بادشاھ‪.‬‬ ‫رازُ‬ ‫تَي ُڙ‬ ‫تُون‬

‫ِ‬ ‫(سر سورٺ‪)4.2 ،‬‬ ‫ڪنهن‬ ‫ڪيائيِن راَء سين‪َ ،‬‬ ‫َ‬ ‫موچاريَء َم َه َل‪ُ .‬‬ ‫(سر ڪاموڏ‪)25.1 ،‬‬ ‫ڄام جو‪ ،‬تَماچي تَي َڙ راِء‪.‬‬ ‫تَماچي‬ ‫َ‬ ‫ُ‬ ‫(سر مومل راڻيو‪ 9 ،‬وائيي)‬ ‫ڍاٽي‪َ ،‬ڍ َ‬ ‫ٽ ڌڻَي‪ ،‬تُون راڻو‪ ،‬تُون راُء‪ُ .‬‬ ‫ان لفظ “ راَء‪/‬راِء‪/‬راُء” جي معنيٰ ڊاڪٽر محمد عالم سومري “راجا‪،‬‬

‫بادشاھ” ڪڍي آهي‪ .‬جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب‪ ،‬جامع سنڌي لغات جلد‬ ‫ٽيون (ص ‪” )309‬راِء” لفظ الِء لکي ٿو ته ڏسو لفظ “راُء”‪ .‬ساڳي ڪتاب ۾ ساڳي‬ ‫صفحي تي لفظ “راُء” جي حوالي سان لکي ٿو ته‪“ ،‬راُء جمع راَء”‪ .‬جنهن جي‬ ‫معنيٰ لکي ٿو ته “راجا‪ ،‬حاڪم‪ .‬هندو حاڪمن جي نالي پٺيان ڪم ايندڙ‬ ‫لفظ‪ ،‬معزز هندو کي سرڪار طرفان مليل خطاب “راِء بهادر”‪.‬‬ ‫جڏهن ته ٻي لفظ “تڙ” الِء شاهه صاحب فرمائي ٿو ته‬ ‫“تُيون تَ ِ‬ ‫مياچيي تَيي َڙ ڌڻِيي‪ ،‬آئُيون گَين ِد ِري غَيرِ يي ِ​ِب”‪ُ ،‬سر ڪاموڏ (‪)7.1‬‬

‫‪137‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫تڙ ڌڻي مطلب تڙ جو ڌڻي‪ ،‬پاڻي جو مالڪ‪ ،‬ملڪ جو مالڪ‪( .‬روشني‪،‬‬ ‫ص‪ )70‬ڇو ته ڄام تماچي سما دور جو حڪمران رهي چڪو آهي‪ .‬جڏهن ته‬ ‫ساڳي لفظ “تيڙ” جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ صاحب‪ ،‬جامع سنڌي لغات جلد ٻيو‬ ‫(ص ‪“ )77‬ڪنارو‪-‬ڪنڌي‪ .‬ڪنهن واھ‪ ،‬درياَء وغيره جو ڪناري واري اهو‬ ‫هنڌ جتان پاڻي ڀرجي‪ ،‬وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي – گهيڙ ‪-‬‬ ‫گهاٽ‪ .‬ٻيڙين بيهڻ جي جاِء – پتڻ‪ .‬اهو هنڌ جتي مڇي ماري گڏ ڪئي وڃي‪.‬‬ ‫مياڻ‪ .‬جر تائين پهتل کوھ‪ .‬کوھ‪ .‬کوهه وارو ڳوٺ‪ .‬پاڻي جي کڏ‪ .‬جوِء – ٿاڪ‪.‬‬ ‫ميدان‪ .‬پوٺو”‪“ .‬تڙ جي معنيٰ بندر به آهي (روشني‪ ،‬ص ‪ .”)70‬ٿي سگهي ٿو ته‬ ‫اتي پتڻ يا بندر به هجي‪ ،‬راُء تڙ يعني راجا جو بندر‪ .‬بعد ۾ جڏهن اتي قلعو ٺهيو‬ ‫ته ان کي به ساڳيو نالو ڏنو ويو‪ .‬جيئن انگريز دور ۾ راجا جي ريل مشهور هئي‪.‬‬ ‫سڀ کان اهم ڳالهه ته ُسر ڪاموڏ جي هيٺين بيت ۾ ٻئي لفظ ملن ٿا‪.‬‬ ‫(سر ڪاموڏ‪)25.1 ،‬‬ ‫تَي ُڙ تَماچي َ‬ ‫ڄام جو‪ ،‬تَماچي تَي َڙ راِء‪ُ .‬‬ ‫هن بيت ۾ گڏيل طور لفظ راُء تڙ ‪ /‬راؤ تڙ جي معنيٰ “راجا ‪ /‬بادشاهه‬ ‫جو ملڪ يا تخت‪ ،‬راجا جو پتڻ‪ ،‬بادشاهه جو ٿاڪ وغيره” نڪري ٿي‪ .‬بقول‬ ‫سائين مارو خشڪ جي ته شايد فارسي ۾ ت حذف ٿي ويو هوندو‪ ،‬باقي “راؤڙ”‬ ‫لفظ رهجي ويو هجي‪ .‬عربي ۾ ڙ جو اکر ناهي ان ڪري انهن راؤر لکيو آهي‪.‬‬ ‫ٻي اهم ڳالهه ته اسان جي سنڌي ٻولي شاهوڪار ٻولي آهي‪ ،‬جنهن ۾ ) ُء ( يا )‬ ‫ؤ ( اکر هڪڙو ئي اچار ڏين ٿا‪.‬مثال عالؤالدين نالو ٻنهي صورتن ۾ لکيو ويندو‬ ‫آهي (عالؤالدين يا عالُءالدين)‪ .‬ائين به ٿي سگهي ٿو ته راجا چچ پاران ٺاهرايل‬ ‫قلعي کي سرڪاري نالو “راؤتيڙ” ڏنو ويو هوندو ۽ راؤتيڙ ٺيٺ سنڌي نالو آهي‬ ‫پوِء جڏهن اسان جي تاريخ کي عربي يا فارسي ۾ لکيو ويو ته انهن راؤڙ‪ /‬راؤر‬ ‫ڪري لکيو‪ .‬ڪافي لفظ اهڙا آهن جن کي اسان ٽوڙي موڙي ڳالهائيندا آهيون‪.‬‬ ‫وڏو مثال ته دنيا ۾ سڀ کان پيارو ۽ سڀ کان وڌيڪ رکيو ويندڙ نالو “مٺي‬ ‫مُرسل جو نالو محمد” آهي پر افسوس جو ان نالي کي به اسان جا ماڻهو “مامد”‬ ‫‪138‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ڪري وٺندا آهن‪ .‬ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رياتڙو‪ ،‬راؤڙ جو بگڙيل اچار‬ ‫آهي‪.‬‬ ‫هڪ ٻيو ثبوت هن ريت به ملي ٿو ته‪ ،‬ڀٽائي سائين‪ُ ،‬سر مارئي ۾‬ ‫فرمائي ٿو ته “نڪا جهل نه پل‪ ،‬نڪو رائر ڏيهه ۾”‪ .‬بابا سائين جي پياري دوست‬ ‫محمد حسن راهمون وٽ هٿ سان لکيل شاهه جو رسالو فوٽو ڪاپي جي‬ ‫صورت ۾ موجود آهي‪ ،‬ان ۾ ساڳيو بيت هن ريت لکيل آهي ته “نڪا جهل نه‬ ‫پل‪ ،‬نڪو رائڙ ڏيهه ۾”‪.‬ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رائر ۽ رائڙ لفظ ساڳيا‬ ‫رائير جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ‪ ،‬جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون‪ ،‬ص ‪)310‬‬ ‫آهن‪ُ .‬‬ ‫رائير‪ :‬ڏن‪ ،‬ڍل‪ ،‬سنگ اهو محصول جو بادشاهه پنهنجي‬ ‫۾ هن ريت لکي آهي “ ُ‬ ‫تابع ُملڪن يا سردارن کان وٺي “نڪا جهل نه پل‪ ،‬نڪو رائر ڏيهه ۾ (شاھ)‪،‬‬ ‫سمنڊ‪ ،‬بحر”‪ .‬ٿي سگهي ٿو ته راؤڙ جي قلعي وٽ محصول ورتو ويندو هو جنهن‬ ‫ڪري ان قلعي کي ٺيٺ سنڌي ۾ “رائڙ جو قلعو” جو نالو ڏنو ويو جيڪو بعد ۾‬ ‫عربي ۽ فارسي ۾ “راؤڙ ‪ /‬راؤر جو قلعو” ڪري لکيو ويو‪.‬‬ ‫راؤڙ جي ماڳ تي ‪ 10‬رمضان ‪93‬هه مطابق ‪ 20‬جون ‪712‬ع تي عرب‬ ‫۽ ڏاهر جي وچ ۾ فيصله ڪن جنگ لڳي هئي‪ .‬جنهن ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو‬ ‫هو‪ .‬اهو ماڳ منهنجي اباڻي ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار لڳ ٻاٻڙا‪ ،‬يوسي‬ ‫پليجاڻي (اڳوڻي يوسي گجو)‪ ،‬تعلقو ميرپور ساڪرو ضلع ٺٽو جي پاسي ۾‬ ‫آهي‪ .‬وڌيڪ تفصيل الِء پڙهندا منهنجو پهريون ڪتاب “راؤڙ‪/‬رياتڙو”‪.‬‬ ‫جيڪو سنڌ سالمت ڪتاب گهر تي آنالئن يا ڊائونلوڊ ڪري به پڙهي‬ ‫سگهجي ٿو‪.‬‬ ‫‪ www.sindhsalamat.com‬يا ‪books.sindhsalamat.com‬‬

‫‪139‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ببليوگرافي (ڪتابيات)‬ ‫‪“ .1‬احسن” جوکيو‪ ،‬وليون‪ ،‬واس‪ -‬ورنيون (مقاال ۽ مضمون)‪ ،‬سنڌيڪا‬ ‫اڪيڊمي ڪراچي‪2006 ،‬ع‬ ‫‪ .2‬احمد حسن داني‪/‬عطا محمد ڀنڀرو‪ ،‬ٺٽي جا قديم اسالمي يادگار‪،‬‬ ‫سنڌي ادبي بورڊ‪2004 ،‬ع‬ ‫‪ .3‬اشتياق انصاري‪ ،‬سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‪ ،‬سنڌيڪا اڪيڊمي‪2003 ،‬ع‬ ‫‪ .4‬اياز ڀاڳت‪ ،‬سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون‪ ،‬قومون ۽ قبيال‪ ،‬مهراڻ پبلشرز‬ ‫ڪراچي‪2010 ،‬ع‬ ‫‪ .5‬ايڇ ٽي لئمبرڪ‪/‬سومار علي سومرو‪ ،‬سنڌ‪ ،‬مسلمانن جي فتح کان‬ ‫اڳ‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ‪2005 ،‬ع‬ ‫‪ .6‬بدر ابڙو‪ ،‬ماڻهو‪ ،‬نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد‪1998 ،‬ع‬ ‫‪ .7‬ڀيرومل مهرچند آڏواڻي‪ ،‬لطيفي سئر‪ ،‬ثقافت کاتو حڪومت سنڌ‪2012 ،‬ع‬ ‫‪ .8‬ٺٽوي ڪاتيار‪ ،‬راؤڙ ‪ /‬رياتڙو‪ ،‬ڪاتيار پبليڪيشن ٺٽو‪2017 ،‬ع‬ ‫‪ .9‬پير حسام الدين راشدي‪ ،‬ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‪ ،‬انجمن تاريخ سنڌ‬ ‫ڪراچي – حيدرآباد‪1981 ،‬ع‬ ‫‪ .10‬خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي‪ ،‬ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا‪ ،‬مراد‬ ‫پبليڪيشن سيوهڻ‪2005 ،‬ع‬ ‫‪ .11‬دادا سنڌي‪ ،‬سنڌين جي فوجي مهارت‪ ،‬موهن جو دڙو پبلشنگ‬ ‫هائوس‪ ،‬ڊجيٽل ايڊيشن ‪2016‬ع‬ ‫‪ .12‬دادا سنڌي‪ ،‬سومرن جي دور جا سورما‪ ،‬سنڌ تحقيقي بورڊ‪1989 ،‬ع‬ ‫‪ .13‬ڊاڪٽر محمد عالم سومرو (مرتب ڪندڙ)‪ ،‬شاهه جو رسالو (الف ب‬ ‫وار)‪ ،‬روشني پبليڪيشن‪2013 ،‬ع‬

‫‪140‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫‪ .14‬ڊاڪٽر محمد علي مانجهي (مرتب ڪندڙ)‪ ،‬ننگر ٺٽو‪ ،‬هڪ مطالعو‬ ‫(مقاال)‪ ،‬ثقافت کاتو حڪومت سنڌ‪2010 ،‬ع‬ ‫‪ .15‬ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ‪ ،‬روشني (شاهه جي ڪالم جي لغت)‪،‬‬ ‫سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2002 ،‬ع‬ ‫‪ .16‬ڊاڪٽرنبيبخشخانبلوچ‪،‬جامعسنڌيلغات(جلداول)‪،‬سنڌيادبيبورڊ‪2007،‬ع‬ ‫‪ .17‬ڊاڪٽرنبيبخشخانبلوچ‪،‬جامعسنڌيلغات(جلدٻيو)‪،‬سنڌيادبيبورڊ‪2007،‬ع‬ ‫‪ .18‬ڊاڪٽرنبيبخشخانبلوچ‪،‬جامعسنڌيلغات(جلدٽيون)‪،‬سنڌيادبيبورڊ‪2007،‬ع‬ ‫‪ .19‬ڊاڪٽرنبيبخشخانبلوچ‪،‬سهڻيميهار۽نوريتماچي‪،‬سنڌيادبيبورڊ‪2007،‬ع‬ ‫‪ .20‬ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ‪/‬ڊاڪٽر محمد علي مانجهي‪ ،‬سنڌ جا‬ ‫قديم آثار ۽ تاريخ(مقاال)‪ ،‬ثقافت کاتو حڪومت سنڌ‪2012 ،‬ع‬ ‫‪ .21‬ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ‪ ،‬مشهور سنڌي قصا‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ‪1964 ،‬ع‬ ‫‪ .22‬ڊاڪٽرممتازحسينپٺاڻ‪/‬غالممحمدالکو‪،‬سنڌعربدور‪،‬سنڌيادبيبورڊ‪2009،‬ع‬ ‫‪ .23‬رحيم داد خان موالئي شيدائي‪ ،‬جنت السنڌ‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ‪1993 ،‬ع‬ ‫‪ .24‬رحيم داد خان موالئي شيدائي‪ ،‬تاريخ سکر‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ‪2006 ،‬ع‬ ‫‪ .25‬رسول بخش تميمي‪ ،‬ٺٽو صدين کان‪ ،‬روشني پبليڪيشن‪2003 ،‬ع‬ ‫‪ُ .26‬رڪ سنڌي‪ ،‬سنڌو سڀيتا جي اوسر (اوائل کان ‪ 1500‬ق‪-‬م)‪2008 ،‬ع‬ ‫‪ .27‬سائين جي ايم سيد‪ ،‬سنڌ جا سورما‪ ،‬نئين سنڌ پبليڪيشن‪1974 ،‬ع‬ ‫‪ .28‬سيد طاهر محمد نسياني ‪ /‬نياز همايوني‪ ،‬تاريخ طاهري‪ ،‬سنڌي ادبي‬ ‫بورڊ‪1995 ،‬ع‬ ‫‪ .29‬سيد حاڪم علي بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ‪ ،‬سنڌ جي قديم آثارن‬ ‫جي ڊائريڪٽري‪ ،‬سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2008 ،‬ع‬ ‫‪ .30‬عبدالرشيد گبول‪ ،‬ميرپور ساڪرو جي تاريخ ‪ ،‬ننگر ادبي گهر‪2009 ،‬ع‬ ‫‪ .31‬عبدالرشيد گبول‪ ،‬ساڪرو – ان جا ماڳ ۽ ماڻهو‪ ،‬ننگر ادبي گهر‪2010 ،‬ع‬ ‫‪ .32‬عبدالرشيد گبول‪ ،‬ڀنڀور تاريخ جي آئيني ۾‪ ،‬ننگر ادبي گهر‪2013،‬ع‬ ‫‪ .33‬عبدالقادرمنگي(سهيڙيندڙ)‪ ،‬ڀنڀور۽ديبل(مقاال)‪،‬ٿرپبليڪيشن مٺي‪1993،‬ع‬ ‫‪141‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫‪ .34‬عليبنحامدڪوفي‪/‬مخدوماميراحمد‪،‬فتحنامهسنڌ‪،‬سنڌيادبيبورڊ‪1994،‬ع‬ ‫‪ .35‬عنايت اهلل کٽياڻ‪ ،‬سنڌ سڀيتا‪ ،‬رشيد صابر آرٽس سرڪل‪2017 ،‬ع‬ ‫‪ .36‬غالم علي االنا‪ ،‬الڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‪ ،‬سنڌ االجي‪2012 ،‬ع‬ ‫‪ .37‬ڪئپٽن جئمس مئڪمرڊو‪/‬عطا محمد ڀنڀرو‪ ،‬سکاري سنڌ ڏکارا‬ ‫ماڻهو‪ ،‬سنڌيڪا اڪيڊمي‪2014 ،‬ع‬ ‫‪ .38‬گل حسن ڪلمتي‪ ،‬ڪراچي سنڌ جي مارئي‪ ،‬ڪاڇو پبليڪيشن‬ ‫ڪراچي‪2007 ،‬ع‬ ‫‪ .39‬محمد عثمان راهوڪڙو‪ُ ،‬سڪو سنڌو ڪنارا ُرنا‪،‬پنهنجي پاران‪2014 ،‬ع‬ ‫‪ .40‬محمد يوسف ميرڪ‪/‬نياز همايوني‪ ،‬تاريخ مظهر شاهجهاني‪ ،‬سنڌي‬ ‫ادبي بورڊ‪1994 ،‬ع‬ ‫‪ .41‬محمد صالح کهڙو‪ ،‬سنڌ جي معلومات‪ ،‬روشني پبليڪيشن‪2012 ،‬ع‬ ‫‪ .42‬مرزاقليچبيگ‪،‬قديم سنڌ انجا مشهورشهر۽ماڻهو‪ ،‬سنڌيادبيبورڊ‪2014،‬ع‬ ‫‪ .43‬مشتاق مسرور باريچو‪ ،‬سنڌ بابت جامع معلومات‪ ،‬يادگار پبلشرز‪2014 ،‬ع‬ ‫‪ .44‬ميرعليشيرقانعٺٽوي‪/‬مخدوماميراحمد‪،‬تحفةالڪرام‪،‬سنڌيادبيبورڊ‪1957،‬ع‬ ‫‪ .45‬مير علي شير قانع ٺٽوي ‪/‬پير حسام الدين راشدي‪ ،‬مڪلي نامون‪،‬‬ ‫سنڌي ادبي بورڊ‪1994 ،‬ع‬ ‫‪ .46‬مير محمد معصوم بکري‪/‬مخدوم امير احمد‪ ،‬تاريخ معصومي‪،‬‬ ‫سنڌي ادبي بورڊ‪1985 ،‬ع‬ ‫‪ .47‬هينريڪزنس‪/‬عطامحمد ڀنڀور‪ ،‬سنڌجاقديمآثار‪ ،‬سنڌيادبيبورڊ‪2004،‬ع‬ ‫‪ .48‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون‪ ،‬سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2009 ،‬ع‬ ‫‪ .49‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو‪ ،‬سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2010 ،‬ع‬ ‫‪ .50‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون‪ ،‬سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2011 ،‬ع‬ ‫‪ .51‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجون‪ ،‬سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2012 ،‬ع‬ ‫‪ .52‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ستون (س‪ ،)1‬سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2013 ،‬ع‬ ‫‪ .53‬انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد اٺون (س‪ ،)2‬سنڌي لئنگئيج اٿارٽي‪2013 ،‬ع‬ ‫‪142‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫‪ .54‬انسائيڪلوپيڊياسنڌياناجلدنائون(سنڌنمبر)‪،‬سنڌيلئنگئيجاٿارٽي‪2015،‬ع‬ ‫‪ .55‬ٽ ِه ماهي ”مهراڻ” (رني ڪوٽ نمبر)‪ ،‬سنڌي ادبي بورڊ‪2006 ،‬ع‬ ‫‪ .56‬محترم ابوبڪر شيخ جا ڊان نيوز بالگ ۾ لکيل ڪالم‪ ،‬سال ‪2017‬ع‬ ‫‪ .57‬مالقاتون ۽ ڪچهريون‬

‫‪143‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫• ليکڪ جا ايندڙ ڪتاب‬ ‫➢ ٺٽي جي وکريل تاريخ ‪3‬‬ ‫➢ منهنجو گجو‪ ،‬ڪالهه ۽ اڄ‬ ‫➢ تاريخ ڪاتيار‬ ‫➢ تنهنجي نيڻن ۾ (شاعري)‬ ‫➢ ٺٽو ۽ ٺٽوي (آتم ڪٿا)‬ ‫•‬

‫ليکڪ جا ڇپيل ڪتاب‬ ‫راؤڙ ‪ /‬ريات‬

‫‪144‬‬

‫و (عرب ۽ ڏاهر جي جنگ جو ميدان)‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


‫ليکڪ جو تعارف‬ ‫نالو‪:‬‬

‫ذوالفقار علي ڪاتيار‬

‫ادبي نالو‪:‬‬

‫ٺييٽييوي ڪاتييييار‬

‫ولديت‪:‬‬

‫محمد بخش ڪاتيار‬

‫تاريخ پيدائش‪21-02-1989 :‬‬ ‫ڪرت‪:‬‬

‫پرائمري استاد‬

‫ادبي صنف‪:‬‬

‫شاعري ۽ تاريخ‬

‫هاڻوڪو پتو‪:‬‬

‫ڪاتيار هائوس ورڪرز ڪالوني ٺٽه سيمنٽ‬ ‫فيڪٽري مڪلي غالم اهلل روڊ ضلع ٺٽو‬

‫مستقل پتو‪:‬‬

‫ڳوٺ محمد هاشم ڪاتيار يوسي پليجاڻي‬

‫ميمبر‪:‬‬

‫(اڳوڻي يوسي گجو) تعلقو ميرپور ساڪرو ضلع ٺيٽيو‬ ‫سنڌي ادبي سنگت ٺٽو ۽ ِ‬ ‫بزم جيالني سنڌ‬

‫فيسبڪ‪:‬‬ ‫ُ‬

‫‪Thattvi Katiar‬‬

‫موبائل نمبر‪:‬‬ ‫ِاي ميل‪:‬‬

‫‪03243094990 - 03498357790‬‬

‫‪145‬‬

‫‪thattvikatiar@gmail.com‬‬

‫‪www.sindhsalamat.com‬‬


www.sindhsalamat.com

146


Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.