دنيا کي واالريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي
دنيا کي واالريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ظلم ۽ جبر ڪهڙي به صورت ۾ ۽ ڪٿي به ٿيندو ُهجيُ ،ان خالف آواز ُاٿارڻ، دنيا جي هر امن پسند قوم جو فرض آهي .ڇو ته مهذب قومون هميشه مظلومن جي پاسي رهنديون آهن .سنڌ جي جديد ادب جي عظيم شاعر شيخ اياز اِن احساس کي ڪجهه هيئن اظهاريو هو ته’ ،جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ُٽٽو/ مون ائن سمجهيو /ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي ‘.ظلم چيچنيا ۾ ٿيندو ُهجي، فلسطين ۾ ٿيندو ُهجي يا واالريل ڪشمير ۾ ،اسين ُان ظلم تي نه ُرڳو پنهنجي جيَء ۾ ُجهٻي محسوس ڪريون ٿا ،پر هر موڙ ۽ هر فورم تي ُان ظلم کي ننديون به ٿا؛ ان ڪري به جو ظلم کي سهڻ واري احساس مان اسين ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻو گذريا آهيان .صدين کان ڌارين جي ڪاهه ۽ غالميَء جي طويل دورن اسان کي ظلم ۽ جبر کان اهڙي حقارت ڏياري ڇڏي آهي جو اسين ٻين جي ُڏک کي پنهنجو ڏک تصور ڪرڻ لڳون ٿا .اهو احساس اسين واالريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر وقت به محسوس ڪريون ٿا. ان ڪري به جو ساڻن ناتو صديون پراڻو آهي. اڄ ڪشميرين سان يڪجهتيَء جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي .اِن حوالي سان نه ُرڳو پاڪستان پر ُدنيا جي مختلف ُملڪن ۾ تقريبون رٿيل آهن .ريلين ،جلسن ۽ سيمينارن ذريعي ڪشمير جي مظلوم عوام کي اِهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته دنيا جا امن پسند ماڻهو ساڻن گڏ آهن .اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان لنڊن ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪشمير ڪانفرنس کي خاص اهميت حاصل آهي ،جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ شامل ٿي رهيو آهي. انهيَء ڪانفرنس ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿين ٿيون ،سي شام دير تائين پڙهندڙن کي مختلف ذريعن وٽان معلوم ٿي وينديون .جيڪڏهن ُان ڪانفرنس جو ڪو اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عبرت ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل
دنيا کي واالريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي
گهڻو الڀ حاصل نه به ٿي سگهيو ،تڏهن به ڪشمير جي مظلوم ماڻهن تي ظلم ڪندڙ قوتن کي ضرور نروار ڪيو ويندو. جدتن جا فاصال لتاڙي شعور جي انتهائن کي ُڇهندڙ دنيا اڄ ٻن واضح طبقن ۾ ورهائجي وئي آهي ،هڪڙو ظالم ته ٻيو مظلوم ،هڪڙي طبقي ظلم ۽ بربريت جون انتهائون ڪري ڇڏيون آهن ته ٻيو مظلوميت جي زخمن کان چور آهي، بلڪه ُان طبقي جي اکين ۾ ُڇريا ُٽنبي ُانهن کي بينائيَء کان محروم ڪيو وڃي ٿو .۽ الميو وري اِهو جو اهڙي ظلم تي دنيا جي سڄاڻ سماجن پنهنجون اکيون بند ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي آهيُ .اهي مظلومن جي دانهن ڪوڪ ُٻڌڻ الِء تيار ناهن .فقط اِن الِء ته ڪٿي ُانهن کي ڪو اِها ميار نه ڏئي وجهي ته ُاهي هِن ناانصافيَء تي آخر آواز ڇو ڪونه ٿا ُاٿارين!؟ شايد اِن ڪري ئي هڪ عرصي کان واالريل ڪشمير جا مظلوم سراپا احتجاج آهنُ ،انهن جي ٻارڙن ،نياڻين توڙي نوجوان نينگرن جي هٿن ۾ پٿر آهن ۽ هو ُانهن پٿرن ذريعي پاڻ مٿان وسندڙ گولين کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن .آخر ڪو ڪيئن ته پٿرن سان گولين جا ُرخ بدالئي سگهي ٿو؟ نتيجو ته اهڙو ئي نڪرڻو آهي جيڪو واالريل ڪشمير ۾ نڪرندو رهي ٿو .ڪٿي نوجوانن جا جسم سرد ٿي روڊن تي پيل ُهجن ٿا ته ڪٿي وري ُانهن جي اکين ۾ ُڇريا ٽنبي ُانهن جي زندگين ۾ سدائين الِء انڌيرو آندو وڃي ٿو .مطلب ته روزاني ٻه چار نوجوان پنهنجون حياتيون وڃائي اِن اطمينان سان مٽيَء جي چادر اوڍي سمجهندا رهن ٿا ته ُانهن پنهنجي ڌرتيَء خاطر پنهنجي جان ڏئي شهادت جو جام نوش ڪيو. ُانهن کي سدا الِء اکيون ٻوٽڻ وقت يقينن اِهو ويساهه به هوندو ته ُهو جنهن ظلم ۽ بربريت خالف پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي رهيا آهن ،هڪ ڏينهن سندن ڌرتي ُانهن ظلمن کان ضرور آجي ٿيندي! اصل ۾ اِهو ويساهه ئي آهي جيڪو قومن توڙي ڌرتين کي آزاديَء جي پنڌ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ ُان ويساهه اڳيان اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عبرت ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل
دنيا کي واالريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو ساٿ ڏيڻ گهرجي
ظلم ڪندڙ قوتون ُ نااميديَء جي ناؤ تي چڙهي ناڪامين جا رڻ لتاڙينديون آهن. ُجڳن کان اِهوئي ٿيندو رهيو آهي .سو ڀارت جي حڪمرانن به کي سمجهڻ گهرجي ته ُهو مظلومن مٿان جيترو ظلم ڪندا ،ايترو ئي ُهو پاڻ شڪستن کي ويجهو ويندا؛ جو تاريخ اِهوئي ُٻڌائي ٿي ته فتح هميشه حق جي ٿيندي آهي. مظلوم ڀلي ته هيڻو ُهجي ،ڀلي ته ُان جي هٿن ۾ پٿر ُهجن ،پر حق ۽ سچ جي سگهه ُانهن کي پاڻ کان ڏهوڻ تي ڏاڍن خالف هڪ ڏينهن ضرور ُسرخرو ڪندي آهي .اسين سمجهون ٿا واالريل ڪشمير جا مظلوم ماڻهو هڪ ڏينهن ظلم جا زنجير ٽوڙي آزاد فضائن ۾ ضرور خوشيَء جا گيت جهونگاريندا .پر ڪجهه فرض گڏيل قومن جي اداري جو به بڻجي ٿي ۽ ُانهن ُسڌريل سماجن جو به، جيڪي دنيا جي ٻين هنڌن تي پيش ايندڙ هر واقعي تي ته سراپا احتجاج بڻجي وڃن ٿا ،پر ُانهن کي واالريل ڪشمير جا هي مظلوم ماڻهو ۽ ُانهن جون ُپڪارون ڏسڻ ۽ ُٻڌڻ ۾ نه پيون اچن! اسين سمجهون ٿا عالمي برادريَء کي ڀارتي جارحيت جو جلد نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ مظلومن سان ٿيندڙ اِن ظلم کي بند ڪرائڻ الِء اڳتي اچڻ گهرجي! http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=35745
اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عبرت ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل