ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديءَ جي تحريڪ‎

Page 1

‫‪1‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬ ‫وشال امير‬ ‫انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ هميشه کان ئي آزاد خيال‬ ‫رهڻ جو گهرجائو رهيو آهي‪ .‬جڏهن ته دنيا جون‬ ‫سموريون مهذب قومون توڙي فرد به ان ڳالهه سان‬ ‫سهمت آهن ته هر ماڻهوَء کي جمهوري آزادي هجڻ‬ ‫گهرجي ۽ هر ماڻهوَء کي اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي‪.‬‬ ‫۽ ها ان ڳالهه کان به شايد ڪوئي انڪاري نه ٿيندو ته‬ ‫ڌرتيَء جي گولي تي آباد هر قوم پاڻ کي هميشه آزاد‬ ‫ڏسڻ جي خواهشمند پئي رهي آهي ۽ ُهن پنهنجي آزاديَء‬ ‫کي قائم رکڻ جا جتن ڪندي ڪيتريون ئي خوني‬ ‫ويڙهيون وڙهي به آزاديَء جي مها ديويَء کي رت جي‬ ‫ريج ۾ وهنجاري ۽ سينگاري پئي راضي رکڻ جي‬ ‫ڪوشش ڪئي آهي‪ .‬جڏهن ته ساڳين قومن منجهان‬ ‫ڪجهه قومون وري هن ڌرتيَء جي گولي تي اهڙيون به‬ ‫ضرور آباد ڏسجن ٿيون جن رڳو پئي پنهنجي ئي آزاديَء‬ ‫الِء سوچيو آهي ۽ ٻين قومن جي آزادي کي غصب ڪري‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪2‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫انهن کي غالميَء ۾ جڪڙي رکڻ جا پئي جتن ڪيا آهن‪.‬‬ ‫اهڙين غاصب قومن جو مقصد رڳو اقتداري حرص ۽‬ ‫لوڀ اللچ ئي هوندي آهي‪ ،‬اهي قومون ڪنهن به ريت‬ ‫پنهنجي خزاني ۾ دولت جي واڌ ۽ اقتداري ايراضي ۾‬ ‫وسعت الِء پيون هٿ پير هڻنديون ۽ سازشون سٽينديون‬ ‫آهن‪ ،‬هوبهو ايئن جيئن اسان جو پاڙيسري ملڪ هندستان‬ ‫پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هن وقت تائين سازشون‬ ‫‪.‬سٽيندي نظرجي پيو‬ ‫تاريخ جا ورق اٿالئي ۽ ڇنڊي ڏسبا ته سنڌ ۽ هند ٻه الڳ‬ ‫آزاد ملڪ هجڻ جي صورت ۾ ڌرتيَء جي گولي تي آباد‬ ‫۽ نقشائي لڪيرن سان چٽيل هئا جن ملڪن جا والي‬ ‫ڪڏهن مسلمان ته ڪڏهن هندو پئي ٿيندا ۽ رهندا آيا ‪،‬‬ ‫مطلب ته ڪڏهن هندن ته ڪڏهن مسلمانن جي هتي‬ ‫حڪمراني پئي رهي‪ ،‬پر پوِء به هي خطو دنيا ۾ امن جو‬ ‫گهوارو سڏجندو پئي رهيو‪ .‬۽ هن امن جي سرزمين تي‬ ‫ڪيترن ئي غاصبن جي نظر پئي رهي ته جيڪر کيس‬ ‫اجاڙي هتان جو ڌن دولت پنهنجي خزاني ۾ گڏ ڪجي‪،‬‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪3‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫اهو ئي سبب آهي ته ڪيترين ڌارين قومن جي ڪاهن جا‬ ‫واقعا هتان جي تاريخي ڪتابن ۾ رقم ٿيل آهن‪ .‬تان جو‬ ‫اها ڌارين لٽيرن جي تاريخ اچي انگريز برطانوي راڄ‬ ‫تائين پڄي ٿي‪ ،‬جن واپار بهاني هتي اچي ديرو ڄمايو ۽‬ ‫آهستي آهستي پنهنجا پير ايئن مضبوطيَء سان کوڙي‬ ‫ويا جو پاڻ هن خطي جا راڄ ڌڻي بڻجي ويهي رهيا‪ ،‬هتان‬ ‫جي ماڻهن کي غالميَء جي پنجوڙن ۾ جڪڙي سوگهو‬ ‫ڪري ورتائون‪ .‬انگريزن هڪ سئو سالن تائين هن ديس‬ ‫کي ڦريو ۽ لٽيو‪ ،‬پر هتان جي آزاديَء جي متوالن به ان‬ ‫غالميَء کي هرگز نه قبوليو‪ ،‬تاريخ شاهد آهي ته ديس‬ ‫ڌڻين غالمي جون سنگهرون ٽوڙڻ الِء آزاديَء جي ويڙهه‬ ‫وڙهڻ کان هرگز ڪونه ڪيٻايو هنن حر تحريڪ‪ ،‬ريشمي‬ ‫رومال تحريڪ ۽ ٻين ڪيترن محاذن تي ويڙهاند ڪئي‬ ‫‪ ،‬هيمون ڪاالڻي ۽ روپلي ڪولهيَء جهڙا سوريَء چڙهيا‬ ‫‪ ،‬۽ آزادي جي انهن متوالن عاشقن آزاديَء جي ُرسي‬ ‫ويل پريَء کي وري پرچائي سندس چپن مان ماکيَء الر‬ ‫‪.‬چوسڻ جا جتن ڪيا‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪4‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫چوندا آهن ته آزاديَء جي جل پري رت جي درياهه مان‬ ‫اٿندڙ موجن ڀرين لهرن ۾ وهنجي سهنجي ۽ سينگارجي‬ ‫ايندي آهي ۽ رت جو درياهه تلوارن جي تيز ڌار سان ٿيندڙ‬ ‫ٽڙڪاٽن سان گجڻ بعد ئي موج ۾ ايندو آهي‪ ،‬پر اها ڳالهه‬ ‫به نه وسارڻ گهرجي ته ظلمتن جي گهري اونداهيَء ۾ رڳو‬ ‫تيز ڌار واري تلوار کڻي جنگ جي ميدان ۾ وڙهڻ سان‬ ‫ئي ڪاميابي ممڪن نه هوندي آهي ‪ ،‬پر جي اتي علم‬ ‫جي ڏياٽي به ٻريل هجي ته ان روشنيَء ۾ تلوار جي طاقت‬ ‫ٻيڻي ٿي ويندي آهي ۽ ڪاميابي يقيني بڻجي ويندي‬ ‫آهي‪ .‬۽ ها اهڙي ماڻيل آزادي جو چس به ڏاڍو دلڪش ۽‬ ‫سواد ڀريو محسوس ٿيندو آهي جو ان آزاديَء جي چپن‬ ‫‪.‬۾ انگوري رس جو مٺاڻ به شامل محسوس ٿيندو آهي‬ ‫اسان پنهنجي پياري ديس جي تاريخ جا پنا اٿالئي ڏسون‬ ‫ٿا ته اسان جي وڏڙن هي ملڪ آزاد ڪرائڻ وقت وسيع‬ ‫تر سوچ مان ڪم وٺندي هندستاني هندو سياستدانن جي‬ ‫سازشن کي سمجهندي ئي اهو نتيجو اخذ ڪيو هو ته‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪5‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫مسلمانن جي رهڻي ڪهڻي‪ ،‬تاريخ ۽ تهذيب هندن کان‬ ‫بنهه الڳ آهي‪ ،‬ان الِء هنن سان گڏ ماڻيل آزادي نالي ماتر‬ ‫آزادي هوندي‪ ،‬جڏهن ته حقيقي آزادي سندن الڳ ملڪ‬ ‫۽ الڳ سڃاڻ واري آزادي ئي بڻجي سگهندي‪ .‬ان وقت‬ ‫مسلمانن کي شڪ ُهيو ته انگريزن جي غالميَء مان‬ ‫نڪري وري هندن جي غالميَء ۾ جڪڙجي ويندا ۽ اهو‬ ‫شڪ جائز ُهيو جو ان شڪ جي حقيقت بڻجڻ جا اهڃاڻ‬ ‫اڄ اسان کي ڄمون ڪشمير ۾ چٽاپٽا نظرجي رهيا آهن‪،‬‬ ‫جتان جا مسلمان اڄ به غالمي جي سنگهرن ۽ پنجوڙن ۾‬ ‫‪.‬جڪڙجي پيڙهيا ۽ پيسيا وڃن ٿا‬ ‫برطانوي پارليامينٽ طرفان ‪ 3‬جون ‪1947‬ع ۾ پاس ڪيل‬ ‫ورهاڱي واري پالن تحت مسلمانن جي اڪثريت وارا‬ ‫اولهندا صوبا ۽ بنگال پاڪستان جو حصو بڻجڻا هئا ۽‬ ‫باقي ‪ 550‬ننڍين بادشاهي رياستن کي پاڻ فيصلو ڪرڻو‬ ‫هئو ته ُهو هندستان يا پاڪستان مان ڪنهن سان شامل‬ ‫ٿين ٿا ‪ .‬پر هندستان غيرقانوني طور حيدرآباد‪ ،‬جهوناڳڙهه‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪6‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫۽ ڄمون ڪشمير تي قبضو ڄمائي ورتو‪ .‬ڄمون ڪشمير‬ ‫جتي مسلمانن جي آبادي ‪ 87‬سيڪڙو آهي ۽ گهڻ‬ ‫مسلمانون عالئقو هجڻ سبب پاڪستان جو اڻٽٽ حصو‬ ‫آهي ان مٿان ‪ 27‬آڪٽوبر ‪1947‬ع تي هندستاني فوج ڪاهه‬ ‫ڪري قبضو ڄمائي ورتو ۽ برطانوي پارليامينٽ جي‬ ‫ٺهراُء جي ڀڃڪڙي جو سبب اهو ڄاڻايو ته راجا هري‬ ‫سنگهه ڄمون ڪشمير کي هندستان سان ڳنڍڻ جي راِء‬ ‫ڏني آهي‪ .‬اها راِء ڪشميري عوام جي راِء جي سراسر‬ ‫خالف هئي‪ ،‬ته ساڳئي وقت ورهاستي طئي ٿيل اصولن‬ ‫جي به خالف هئي ۽ اهو دراصل هندستاني شيطاني عمل‬ ‫هيو‪ ،‬جنهن خالف ڪشميري عوام آواز اٿاريو ته نتيجي‬ ‫۾ هندستاني فوج ۽ هندو انتهاپسندن ٽيهه هزار مسلمانن‬ ‫جو قتل عام ڪيو پر ان ڪوس کي ڏسندي به برطانوي‬ ‫حڪومت ۽ اقوام متحده چپن تي لڳايل چپ جو تالو نه‬ ‫‪.‬کوليو‬

‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪7‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫پهرين جنوري ‪1948‬ع تي ڪشميري عوام ۽ پاڪستان‬ ‫سرڪار گڏيل طور هندوستان طرفان ڪشميرين تي‬ ‫ٿيندڙ ظلمن جي داستانن جون جهڙوڪر تصويرون‬ ‫چٽي اقوام متحده ۾ آواز اٿاريو ۽ انساني حقن الِء‬ ‫پتوڙيندڙ عالمي تنظيمن جون اکيون کولرائڻ جي‬ ‫ڪوشش شروع ڪئي ته مس وڃي ‪1999‬ع ۾ هندستان‬ ‫ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ الِء ڳالهين جي ميز‬ ‫تي ويهڻ الِء تيار ٿيو‪ .‬هندوستاني وزيراعظم اٽل بهار‬ ‫واجپائي پاڪستان جي دوري تي اچي پاڪستاني ۽‬ ‫ڪشميري قيادت سان مالقات ڪئي‪ ،‬پر ان دوران‬ ‫هندستان ڳالهين کان ڀڄڻ جا بهانا به ڳولهيندو رهيو ۽‬ ‫نيٺ ‪2008‬ع ۾ بمبئي حملن جو ڊرامو رچائي ڳالهين کان‬ ‫‪.‬پير پوئتي هٽائي ويو‬ ‫هندستاني ڏاڍ ۾ پيسجندي به ڪشميري عوام اڄ‬ ‫به آزاديَء جي مطالبي کان پوئتي هٽڻ الَء هرگز تيار‬ ‫ناهي ته پاڪستان به ڳالهين جا دروازا هرگز بند نه ڪري‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪8‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫ڇڏيا آهن‪ ،‬پاڪستان ڪشميرين جي آزاديَء الِء جاکوڙ‬ ‫جاري رکندي هندستان سان ڪنهن به فورم تي ڳالهين‬ ‫الِء هرپل تيار آهي‪ .‬پاڪستان اقوام متحده ۾ ڪشميرين‬ ‫جو آواز بلند ڪندو رهي ٿو پر هندوستان وري ‪2014‬ع‬ ‫کان شروع ڪيل ڳالهين ۾ رنڊڪون آڻڻ جي ڪوشش‬ ‫۾ رڌل آهي‪ ،‬ڪجهه عرصو اڳ ته راجا هري سنگهه جو‬ ‫پٽ به ميڊيائي فورم تي اچي هندوستان جي اها دعويٰ‬ ‫ڪوڙي قرار ڏئي چڪو آهي راجا هري سنگهه ڪو‬ ‫هندستان سان گڏ رهڻ جو الحاق ڪيو آهي‪ ،‬سندس چوڻ‬ ‫آهي ته اها هندستاني حڪمرانن جي ڪوڙي چال آهي ته‬ ‫هنن راجا هري سنگهه جو نالو استعمال ڪري ڪشميرين‬ ‫جي آزادي تي ڌاڙو هڻي رکيو آهي‪ ،‬هندستان پنهنجي‬ ‫ڪوڙ کي لڪائڻ خاطر هرگز به وسان نٿو گهٽائي ۽‬ ‫پاڪستان سان هٿ چراند ڪندي خطي جي امن ۾ خلل‬ ‫وجهڻ الِء غيرقانوني طور پاڪستاني سرحد ۽‬ ‫پاڪستاني عالئقن ۾ فائرنگ ڪندو‪ ،‬ماڻهو زخمي‬ ‫ڪندو ۽ ماريندو رهي ٿو‪ .‬هندستان پاڪستاني حصي جو‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪9‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫پاڻي روڪڻ جا عمل ڪندو رهي ٿو‪ ،‬ڄمون ڪشمير ۾‬ ‫هندستاني فوج‪ ،‬پوليس ۽ هندوانتهاپسندن جون‬ ‫ڪارروايون اڃان به ڄمون ڪشمير ۾ جاري آهن‪ ،‬روز‬ ‫ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو‪ ،‬مسلمان‬ ‫عورتن‪ ،‬پوڙهن‪ ،‬نوجوانن ۽ ٻارڙن کي زخمي ڪري‬ ‫سندن جسمن ۾ باردي سوراخ ٺاهي سندن جسم پروڻ‬ ‫ڪري کين شهيد ڪيو وڃي ٿو‪ ،‬نوجوان نينگرين جون‬ ‫ُ‬ ‫لڄون لٽيون وڃن ٿيون‪ ،‬هزارين ونيون بيواهه ۽ ٻارڙا‬ ‫يتيم ڪيا وڃن ٿا‪ ،‬پوڙهن هڏن کان پڇاڙيَء جا سهارا‬ ‫کسي سندن ڪلهن تي ڳڀرن جا الش ڍورايا وڃن ٿا‪.‬سندن‬ ‫گهر ساڙي رک جا ڍير بڻايا وڃن ٿا ‪ ،‬هندو انتهاپسندن‪،‬‬ ‫هندستاني فوج‪ ،‬پوليس ۽ ڳجهن ادارن جون ظالماڻيون‬ ‫۽ انسانيت کي لڄائيندڙ ڪارروايون اڄ به ڪشمير ۾‬ ‫جاري آهن‪ ،‬اڄ به ڪشميري عوام ظلم جي چڪيَء ۾‬ ‫پيڙهجندو آزادي جي آس ۾ اٻاڻڪين اکين سان وجهائي‬ ‫رهيو آهي ته ڪڏهن هي ظلم جا ڪوٽ ڪري پٽ پئجي‬ ‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪10‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫ويندا‪ ،‬ڪڏهن ڪشميري آزاد فضائن ۾ سک سندو ساهه‬ ‫کڻي کلندا کيڪاريندا ۽ عيدون ملهائيندا؟‬ ‫هڪ رپورٽ موجب گذريل ڪجهه سالن دوران چاليهه‬ ‫هزارن کان مٿي ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن جن مٿان‬ ‫هندستاني سرڪار دهشتگرد هجڻ جو الزام مڙهي کين‬ ‫سزا ڏيڻ جو اعتراف ڪري چڪي آهي‪ ،‬جڏهن ته‬ ‫خاموشيَء سان ماري ڦٽي ڪيلن جو تعداد اڻ ڳڻيو ۽ الڳ‬ ‫آهي‪ .‬آزاديَء جي متوالن ڪشميرين تي دهشتگرد هجڻ‬ ‫جو الزام مڙهيندڙ هندستان جي کليل دهشتگرد‬ ‫ڪاررواين کي دنيا ڏسي رهي آهي پر سندس هن عالمي‬ ‫دهشتگرديَء تي اقوام متحده ۽ ٻي عالمي برادري االئي‬ ‫ڇو خاموش آهي؟ ڇا دنيا نٿي سمجهي ته پاڪستاني‬ ‫عالئقن ۾ بمباري ۽ فائرنگ عالمي دهشتگردي ناهي ته‬ ‫ٻيو ڀال ڇاهي؟ ڄمون ڪشمير ۾ گهر ساڙڻ‪ ،‬عورتن جون‬ ‫عزتون ُلٽڻ عالمي دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ بي‬

‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


‫‪11‬‬

‫ڪشمير جي آزادي ۽ آزاديَء جي تحريڪ‬

‫گناهه ڪشميرين کي مارڻ ۽ زخمي ڪرڻ عالمي‬ ‫دهشتگردي ناهي ته ٻيو ڇاهي؟‬ ‫عالمي برادري ۽ اقوام متحده کي هاڻي اک پٽڻ گهرجي‬ ‫۽ ڪشميرين جي آواز کي سگهارو بڻائي‪ ،‬هندستان کي‬ ‫ان ڳالهه تي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻ گهرجي ته ُهو‬ ‫‪.‬ڪشميرين کي پنهنجي آزادي موٽائي ڏئي‬

‫اڱارو ‪ 5‬فيبروري ‪2019‬ع‪ 29 ،‬جمادي االول ‪ 1440‬هه جي روزانه عوامي آواز ۾ وشال امير جو ڇپيل ڪالم‬


Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.