ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي
ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي (روزانه عوامي آواز جو ايڊيٽوريل) برصغير جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ جهڙوڪر دنيا جو هڪ تهذيبي خطو هڪ نه پر ڪيئي ٽڪڙن ۾ ورهائجي ويو ،نه صرف ايترو پر برصغير جي ورهاڱي سان برصغير جا ڪيئي عالئقا جيڪي پنهنجي صدين جي تاريخ ،تهذيب ۽ تمدن ۽ سماجيات رکندڙ هيا ُاهي به ورهائجي ويا ،اهڙن عالئقن ۾ ڪشمير به اچي وڃي ٿو، جيڪو برصغير جي ورهاڱي بعد پڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ هاڻي آزاد ۽ ڄمون ڪشمير جي الڳ الڳ نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ان کان سواِء پنجاب پڻ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، برصغير جي ورهاست سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي پهتو جو سنڌ جيڪا صدين کان هڪ تهذيب ۾ زندگي گذاري رهي ُهئيُ ،اها به ورهاست جو شڪار ٿي وئي ،ورهاست جي نتيجي ۾ سنڌ جي عظيم ريگستان وارا عالئقا جن ۾ جيسلمير ،بڙودا ،ٻاڙمير ،رڻ ،ڪڇ، اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 1
ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي
گجرات ۽ ڪاٺياواڙ اچي وڃن ٿا ،جيڪي برصغير جي ورهاڱي بعد هندستان جي حصي ۾ ڄاڻايا ويا ،جڏهن ته موجوده ٿر جو عالئقو سنڌ جي نامياري قانوندان اي ڪي بروهيَء ڪافي عدالتي جنگ بعد هندستان کان واپس ورتو هو ،سنڌ جي انهن عالئقن تي دعوى جيئن جو تيئن اڄ به قائم آهي ،پر ان سان گڏوگڏ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ جن عالئقن کي ورهاست جو شڪار ٿيڻو پيو هو انهن عالئقن ۾ ڪيئي انساني الميا ڏسڻا پيا ،جيڪي وڇوڙي ۽ آزاديَء جي تحريڪ جي صورت ۾ اڄ به موجود آهن ،ڪشمير جو مسئلو به اهڙن مسئلن ۾ سڀ کان اهم آهي جيڪي اڃا تائين انساني الميي جو سبب بڻيل آهن. ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيَء جو چوڻ آهي ته ڪشمير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي ۽ پاڪستان جو اڻ ٽٽ حصو آهي جنهن تي پاڪستان جو موقف بلڪل به اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 2
ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي
چٽو ۽ واضع آهي ،سندس چوڻ آهي ته ڪشميري هٿين خالي هندستان جي قابض فوج جي ظلمن خالف ڀرپور آواز اٿاريندا رهيا آهن .سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي ۽ اخالقي حمايت جاري رکندو. برصغير جي ورهاست نه فقط برصغير جي ماڻهن الِء دردناڪ حقيقت وانگر آهي پر ان سان گڏوگڏ سڄي دنيا جي اهل دل ۽ حساس ماڻهن الَء پڻ ڏک ۽ تڪليف جو سبب رهي آهي ،۽ اڄ تائين ڪشمير جي صورت ۾ رهندي پئي اچي ،ڪشمير برصغير جي ورهاست واري ايجندا جو اهڙو حصو آهي جيڪو اڃا مڪمل نه ٿيو آهي، گذريل پنجاهه سالن کان ڪشميري عوام انتهائي تڪليف ۽ اذيت واري زندگي گذاري رهيو آهي ،ڇو جو ڪشميري عوام جو اڌ آزاد ڪشمير ۾ ۽ اڌ ڄمون ڪشمير ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ،جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جهڙوڪر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 3
ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي
گذريل پنجاهه سالن کان واالريل ڪشمير ۾ هندستان جي فوج پاران جيڪي ظلم ۽ ستم ڪيا پيا وڃن اهي تاريخ جو بدترين باب آهن ،احتجاج ڪندڙ ڪشميرين تي سڌين گولين جو وسڪارو ،نوجوانن جو قتل عام ۽ معصوم ٻارن جو خون اهڙا واقعا آهن جيڪي سڄي دنيا جي انسان دوست عوام الِء ڳڻتيَء جوڳو آهي ،ڪشمير جي معاملي تي نه صرف پاڪستاني عوام پر دنيا جو پر امن عوام انتهائي ڳڻتيَء جو اظهار ڪندو رهيو آهي ،نه صرف ايترو پر هندستان جو پرامن ۽ انسان دوست عوام پڻ ڪشمير معاملي تي پرامن ڪشميرين جي پاسي هوندو آهي ۽ سند گهر هوندي آهي ته ڪشميرين کي به جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جو موقف شروع ڏينهن کان چٽو ۽ واضع آهي ته ڪشمير پاڪستان جو اڻ ٽٽ حصو آهي ،۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪشمير جي مسئلي تي هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه اهم جنگيون اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 4
ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي
ٿي چڪيون آهن ،۽ ٽئين جگن ويجهڙ واري عرصي ۾ ٿي آهي جيڪا ڪارگل جي نالي سان مشهور آهي ،انهن جنگين ۾ نه فقط ٻنهي پاسن جي فوجي جوان هزارن جي انگ ۾ اجل جو شڪار ٿيا آهن پر ٻنهي پاسن جي ڪشمير جي پڻ هزارين معصوم ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ،جڏهن ته گذريل پنجاهه سالن کي ڪشمير جي معاملي تي هندستان ۽ پاڪستان جهڙوڪر جنگ جي صورت ۾ آهن. ڪشمير جو مسئلو پاڪستان پاران گڏيل قومن تائين پهچايو ويو آهي ۽ ان جي مدلل وڪالت پڻ ڪئي آهي پر افسوس جو گذيل قومن پاران ڪشمير جي معاملي تي ڪا سنجيدگي نه پئي ڏيکاري وڃي ۽ نه ئي پنهنجي پاران ڪنهن اصولي موقف جو اظهار ڪيو پيو وڃي، هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گڏيل قومن سميت، دنيا جي جمهوري ملڪن ۽ انسان دوست قوتن کي گڏجي ڪري ڪشمير مسئلي جي حل الِء پنهنجو ڪردار ادا اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 5
ڪشمير مسئلو ،هاڻي حل ٿيڻ گهرجي
ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪشميري عوام به پنهنجي زندگي آزادي ،عزت ۽ آبروَء سان گذارڻ جي الئق ٿئي، انهيَء سلسلي ۾ اسان پاڪستان سرڪار کي اها پڻ گذارش ڪنداسين ته ڪشمير مسئلي جي پر امن حل الِء پنهنجي سفارتي جدوجهد تيز ڪري. اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه /http://www.awamiawaz.com/389791
اڱارو 5فيبروري 2019ع 29 ،جمادي االول 1440هه تي روزانه عوامي آواز ۾ ڇپيل ايڊيٽوريل 6