اﻳﺮان ڏي اڏام )ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ(
اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ
اﻟﻤﻨﻌﻢ ﻻﺋﺒﺮري ﻻڙﻛﺎﮢﻮ
ﻓﻬﺮﺳﺖ اﻧﺘﺴﺎب ﭘﻴﺶ ﻟﻔﻆ ﻣﻬﺎڳ ﺳﻔﺮ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻢ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ راﻳﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﻫﮍا ﭘﺎﮘﻞ آﻫﻦ ﺑﻨﺪر روڊ ﮔﻼب ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺳﺎن ڌوﺗﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ اﻳﺮان ﺟﻮن اﺧﺒﺎرون ۽ ﻧﻮٽ ﻫﻲ ﻛﭥﺎن ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮن ﭔﻮﻟﻴﻮن وﻳﺰاﺋﻦ ﺟﻮن ﭠﮙﻴﻮن ۽ ﭘﺮدﻳﺲ ﺟﻮن ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻴﻮن ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ۽ ﺳﺌﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﮔﻤﺸﺪﮔﻲ ﻫﭻ اﺣﺴﺎس ﻧﺎدرم ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪڙ ﻛﺎرون ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن -ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﺳﮑﺮ ﺟﺎ ﻫﻤﺮاه ۽ ﻃﺎﺑﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﻳﺮان -ﺟﺘﻲ...... اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺗﺎرﻳﺦ ﻛﺎ ﺑﻪ ﻋﻮرت وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﻳﺎ ﻋﻈﻴﻢ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ.... ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ ﻛﺠﻬﻪ ﺧﺮاﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎه رخ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻳﺎد ڏﻳﺎري ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﻧﻔﺴﻴﺎت ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻫﺌﻲ اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ..... ﻛﻮه ﻧﻮر ﺗﻲ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎه ﮐﺎن ﭘﻴﻮ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ ۽ اﻣﺎﻣﺖ اي ﺧﺎڪ ﺧﺮاﺳﺎن ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺟﻲ ﺗﻬﻪ دﻳﮗ
ﻗﻴﺪ.....
ﻛﺘﺎ ،آزاد ﭘﭥﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮن ﺑﺎزارﻳﻮن ۽ ﺑﻠﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻫﺎ ﻫﺎ ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺻﻔﻬﺎن -ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ آﺳﭙﺎس ﻣﺸﻬﺪ ﺟﺎ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۽ اﻣﺎم زاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو اﺳﺖ ﭼﻮن ﻋﺎﻗﺒﺖ ﻛﺎر ﺟﻬﺎن ﻧﻴﺴﺘﻲ....... ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻋﺎﻟﻢ ۽ اﻛﺎﺑﺮ ﻣﻠﻨﺪا ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ۾ ﭼﻜﺮ ڏﻳﮡ ﺗﻬﺮان ﺟﻮن ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﺟﺎﻳﻮن اﻳﺮان ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻟﻔﻈﻦ ۾ آش ﻧﺨﻮرده و دﻫﻦ ﺳﻮﺧﺘﮫ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﻛﻬﮍي ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﻣﻦ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﻓﺤﺎﺷﻲ اﺳﺘﻢ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﺳﮅرون وز ﺟﺪاﺋﻴﻬﺎ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻣﻲ ﻛﻨﺪ ﮔﮇﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﭿ ﻛﻴﺘﺮو ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ؟ ﺧﻮزﺳﺘﺎن ۾ وﻫﻨﺪڙ ﮐﻨﮉ ﺟﻮن ﻧﺪﻳﻮن ﺗﻬﺮان ﺟﺎ ﺑﺰرﮔﺮاه ،ﺑﻠﻮار ۽ ﻣﻴﺪان ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ آﺳﺘﺎن ﺷﺎه ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ۽ ﺗﻐﺮل ﭨﺎور اﻳﺮان ﺟﺎ ﺑﺎدﺷﺎه -ﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ اﺻﺤﺎﺑﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﻣﭡﻮ ﺑﺪران ﻃﻮﻃﻮ ﻳﺎد اﭼﮡ اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ۽ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻮرو ﮐﭩﻴﻮ ،ﮔﻬﮣﻲ ﺑﺮﻛﺖ اﻳﺮان ﺟﻮ ِﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ۽ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮن زاﻟﻮن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ۽ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﺎ ﺗﻌﻠﻘﺎت ﺳﻨﮅ اﻳﺮان ۽ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن اﺳﻼم ﺑﺬات ﺧﻮد ﻧﺪارد ﻋﻴﺒﻲ ﻗﻢ ﺟﻮن زﻳﺎرﺗﻮن ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ رﮐﻨﺪڙن ﻻ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ وري آﺋﻲ ﻳﺎد ﻛﻼس ﻣﻴﭧ اﺳﻼم ٰ اﻳﺮان ﻫﻚ ﻧﻈﺮ ۾
اﻣﺎم ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ۽ ﭘﺎرﺳﻲ اﻳﺮان ۾ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻮن ﺷﺎدﻳﻮن ﻣﻲ ﺷﻮد و ﻣﻲ ﺗﻮ اﻧﻴﻢ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ۽ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺑﻨﻲ ﺻﺪر ،رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ۽ ﻣﻨﺘﻈﺮي ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻻ ﺗﻮس رواﻧﮕﻲ اﻫﮍﻳﻮن ﭼﺮﻳﻮن ۽ ﻛﻮﭨﻦ ۾ ﻗﻴﺪ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻦ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ رﺳﺘﻢ ،ﺳﻬﺮاب ،ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ۽ زرﻳﻨﺎ ﺗﺒﺮﻳﺰ -ﺟﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ دﻟﺒﺮ آ اﻳﺎز ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺻﻠﻴﺖ ﻧﻪ وﺳﺎر.... رﻫﺠﻲ وﻳﻞ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن
اﻧﺘﺴﺎب
ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻲ زاده ﻧﺎﻟﻲ
ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﻨﺴﻮب ﻛﺮي ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺷﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮﻳﺎن ﭤﻮ.
ﺣﺴﻴﻦ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺮاﮢﻮ دوﺳﺖ ۽ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻚ ﺑﻴﺤﺪ ﭘﻴﺎرو ۽ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﭘﮡ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﺳﭡﻮ ﺐ وﻃﻦ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﺎن ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺧﻮاﻫﺶ ڏﻳﮑﺎري ﭘﺮ آﻓﻴﺴﺮ ۽ ﻣﺤ ِ ﻛﺮي ﺑﻪ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻫﻦ ﺟﻬﺎن ۾ رﻫﮡ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ اﭸﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺟﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ”ﻋﺮاق اﻳﺮان ﺟﻨﮓ“ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻲ دردي ﺳﺎن ﻫﻦ ﺗﻲ ﻋﺮاﻗﻲ ﻓﻮﺟﻴﻦ ﻛﻴﻤﻴﺎﺋﻲ ﻫﭥﻴﺎرن ۽ ﺑﻤﻦ ﺑﺎرودن ﺳﺎن ﭨﻲ ﮐﻦ ﺣﻤﻼ ﻛﻴﺎ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ زﺧﻤﻲ رﻫﻴﻮ ،ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﭽﮡ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺮاﻣﺖ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﻧﺎﻫﻲ.
ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻦ ﻃﺮﻓﺎن UNOﺟﻲ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﭠﻬﻴﻞ ورﻟﮉﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﻳﺸﻦ ﻻ داﺧﻼ ورﺗﻲ ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ اﺳﻴﻦ ﭔﺌﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .آﺋﻮن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺮاچ MSA/E۾ ۽ ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻮ ﭘﻮرٽ اﺋﻨﮉ ﺷﭙﻨﮓ ﺟﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۾ M.S.Cﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻟﻴﻜﭽﺮ روم ۾ ﮔﮇ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ ﭤﻲ .ﻓﻴﻠﮉورڪ ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﭜﺮوارن ﻣﻠﻜﻦ ﻧﺎروي ،ڊﺋﻨﻤﺎرڪ ﻓﻨﻠﺌﻨﮉ ،ﺟﺮﻣﻨﻲ ۽ ﻫﺎﻟﻴﻨﮉ ﮔﮇ وﻳﺎﺳﻴﻦ ﭤﻲ .ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺷﻬﺮ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺑﻪ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ Holma۾ ﻫﻚ اٺ ﻣﺎڙ ﺑﻠﮉﻧﮓ ﺟﻲ ﻓﻠﺌﭩﻦ ۾ ﻫﺌﻲ .ﺳﻨﺪس ﭨﻦ ڌﻳﺌﻦ ﻣﺎن وﭼﻴﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻨﮃي ڌي ﻣﺎرﺋﻲ ﺟﻴﮇي ﻫﺌﻲ ۽ ﻫﻲ ﺳﭛ اﺗﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺳﺌﻴﮉش اﺳﻜﻮل ۾ وﻳﻮن ﭤﻲ .ان ﻛﺮي ﺣﺴﻴﻦ وارن ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ دوﺳﺘﻲ رﻫﻲ ۽ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ. ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ۽ ﭔﻴﻦ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻴﻦ ﻣﺎﻟﻤﻮ )ﺳﺌﻴﮉن( ۾ ﺑﻪ ﺳﺨﺖ ﭘﮍدو ﻛﻴﻮ ﭤﻲ .ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ﻣﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮن زاﻟﻮن ۽ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﻣﻨﻬﻦ ڍﻛﮡ وارا اﮀﺎ ﻛﺎرا ﺑﺮﻗﻌﺎ ﭘﺎﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ .ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻚ ﻣﻌﻴﺎر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﭵﻮ ﻣﻠﻚ ﻋﻤﻞ ﻛﺮي ﭤﻮ .اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن روﺳﺮي )ﺣﺠﺎب( ﺳﺎن ﻣﭥﻮ ﺿﺮوري ڍﻛﻴﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﮐﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﻮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۽ ﭘﺎرﻛﻦ ۾ ﻫﻠﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺿﺮورت وﻗﺖ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮن ﺑﻪ ﻫﻴﻮن -وﻳﻨﺪي ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻨﮓ ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﭘﮍدي ﺟﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﺳﺎن ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻛﺮڻ ﻣﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﭘﮍدي ﺟﻮ ﻣﻌﻴﺎر ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ۾ آﻫﻲ )ﻳﻌﻨﻲ ﻣﭥﻮ ڍﻛﮡ ۽ ﭼﺎدر اوڍڻ( اﻫﻮ ﻫﻮ ﻫﻨﻦ Scandinavianﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺑﻪ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .اﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﻛﮇﻫﻦ ﺳﺘﻦ ﭘﮍدن ۾ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﭘﻮش ﭘﻮش ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ وري ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭘﻮﺗﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ!
ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ ۽ ﭔﻴﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﺌﻤﻠﻴﻦ ﻣﺎن اﻫﺎ ﺑﻪ ﭴﺎڻ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ۽ ﻧﻮﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ روزي ۽ ﻧﻤﺎز ﺟﻮن ﭘﺎﺑﻨﺪ آﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ،ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۽ ﻣﺎڊرن ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ۾ ﭘﮡ ﻫﻮﺷﻴﺎر آﻫﻦ .اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﺟﻮ ﻫﻮ ﮔﻬﻮڙي ﺳﻮاري ،ﺳﺌﻤﻨﮓ ،ﺗﻴﺮ ﻛﻤﺎن ۽ راﺋﻴﻔﻞ ذرﻳﻌﻲ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﭼﭩﮡ ۾ ﺑﻪ ﻣﺎﻫﺮ آﻫﻦ .۽ اﻫﻲ ﺳﭛ ﺷﻴﻮن ﮐﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﻜﻮﻟﻦ ۾ ﺳﻴﮑﺎرﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﺳﻜﻮﻟﻦ ﺟﻮ ﺳﺴﭩﻢ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻮ ﻏﺮﻳﺐ ﺗﻮڙي اﻣﻴﺮ ،ﺷﻬﺮي ﺗﻮڙي ﭔﻬﺮاڙي ﺟﻮ ﭔﺎر ﻫﻜﺠﻬﮍو ﻣﺴﺘﻔﻴﺾ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ.
ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭔﻴﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮡ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﭡﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﻴﺮي ﻫﺌﺎ .ﮔﻬﺮن ۾ ﭔﺎرن ﮐﻲ ﺗﻪ ﻣﺎٺ ۾ رﮐﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ رﻳﮉﻳﻮ ﻳﺎ ﭨﻲ وي ﺟﻮ آواز ﺑﻪ ﻣﭥﺎﻧﻬﻮن ﻧﻪ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﻣﺘﺎن ﭘﺎڙﻳﻮارا ڊﺳﭩﺮب ﻧﻪ ﭤﻴﻦ .ﺳﻨﺪن ﮔﻬﺮ ﺗﻪ ﮀﺎ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺑﻪ ﭘﻴﻮن ﭼﻠﻜﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺳﺌﻴﮉش ﺑﺎﺷﻨﺪا ﺑﻪ ﭼﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﻴﻜﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ڌارﻳﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻫﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ۾ ﻓﻘﻂ ﭨﻲ ﺳﭡﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﻴﺮي آﻫﻦ ﻫﻜﮍا اﻧﮉﻳﻦ آﻫﻦ ،ﭔﻴﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ ﭨﻴﺎن اﺣﻤﺪي )ﻗﺎدﻳﺎﻧﻲ( ﻣﺴﻠﻤﺎن -ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺎڻ ﺻﺎف ﺳﭥﺮا ﭤﻲ رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اوڙي ﭘﺎڙي ﺟﻮ ﺑﻪ ﺧﻴﺎل رﮐﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ۾ ڏوﻫﻦ ﺟﻮ ﻋﻨﺼﺮ ) (Crime Rateﺑﻪ ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻴﺎ ،ﭼﺎﻫﻲ آﻓﺮﻳﻜﻦ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ
ﺳﺎﺋﻮٿ آﻣﺮﻳﻜﻦ -ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ،ﻋﺮاﻗﻲ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ اﻓﻐﺎﻧﻲ -وڏا ﻣﭥﻲ ﺟﺎ ﺳﻮر آﻫﻦ!
ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﮐﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ ڏاڍو ﺧﻴﺎل ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ .ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﭔﻴﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺳﻨﺠﻴﺪه ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﭤﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻓﻜﺮ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﭘﺮ ﺣﺴﻴﻦ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ ﺋﻲ اﮘﭝﺮو ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺑﻪ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻮ! ﻳﻮرپ ﺟﻲ رﻧﮕﻴﻨﻴﻦ ﮐﺎن ﭘﺎڻ ﺑﭽﺎﻳﻮ ،آﺧﺮت ﺟﻮ ﻓﻜﺮ ﻛﻴﻮ ،ﺳﭡﺎ اﻧﺴﺎن ﭤﻲ رﻫﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﮔﻮرن ﮐﻲ اﺣﺴﺎس ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺳﭡﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻦ ،۽ اﺳﻼم ﺟﻲ Teachings۾ ﻧﻴﻜﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮ اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺣﺐ اﻟﻮﻃﻦ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ اﺳﺎن ان ﻟﻴﻮل ﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﭙﻮرٽ ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﻣﺠﺒﻮر ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ”اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﮫ ﺗﻲ زور آﮢﻴﻮن ﺗﻪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻛﺌﻨﭩﻴﻦ ۾ ﺑﻴﺌﺮ Serveﻧﻪ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﻟﻴﺎﻧﻴﻦ ڊﻧﺮن ۾ ﺗﻪ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ“.
ﻫﺎڻ ﭜﻼ اﻫﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۽ ﻛﻬﮍي ﻣﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﮔﻮرن ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﭘﻴﺌﮡ ﺟﺎ ﻋﺎدي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ .وﻳﻨﺪي ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ! ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ڊﮔﺮي ﻣﻠﮡ واري ﻓﻨﻜﺸﻦ ﺗﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ وارن ﻧﭥﻲ ﻣﭹﻴﻮ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﻠﻲ زاده ﺟﻲ زور ﭜﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻜﺎرڻ وﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﻘﻂ ”اﻳﺮان“ ﭼﻮڻ ﺑﺪران ”اﺳﻼﻣﻚ رﻳﭙﺒﻠﻚ آف اﻳﺮان “.اﻧﺎﺋﻮﻧﺲ ﻛﺮڻ ﻻ رﺿﺎﻣﻨﺪو ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ .ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ Convinceﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺑﻪ ﭰﮇو ﻛﺮﻳﻮن ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ وارن ﮐﻲ ﻣﺠﺒﻮر ﻛﺮﻳﻮن ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ڊﮔﺮﻳﻮن ڏﻳﮡ وﻗﺖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”اﺳﻼﻣﻲ ﺟﻤﻬﻮرﻳﮧ ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن“ ﭘﻜﺎرﻳﻦ ،ﭘﺮ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻗﻠﻴﺰاده ﮐﻲ وٺ ﻧﻪ ڏﻧﻮ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﺘﻲ ﺳﺨﺖ Disciplinarian۽ اﺻﻮﻟﻦ ﺟﻮ ﭘﻜﻮ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻦ ۾ ﺳﺨﺖ ﻣﺰاج وارو ﻫﻮ اﺗﻲ ﻧﺮم دل ،ﭼﺮﭼﺎﺋﻲ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﺮڻ وارو ۽ ﻣﻌﺼﻮم ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﻮ ﭘﮡ ﻫﻮ .ﻫﻮ دل ﺟﻮ ﺑﻴﺤﺪ ﺻﺎف ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻛﻮڙ ﻧﻪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ وارن ﻣﺎن ﻫﻮ .ﺳﺎﮢﺲ ﮔﺬارﻳﻞ ڏﻳﻨﻬﻦ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ وﺳﺎري ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﭴﮡ ﻛﺎﻟﻬﻮ ﻛﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺠﻲ. ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﺧﻂ ﻟﮑﮡ ﻳﺎ ﻓﻮن ﻛﺮڻ ۾ ﻣﻮن ﮐﺎن وري ﺑﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺳﺴﺘﻲ ﭤﻲ وﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﮫ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻳﺎد رﮐﻨﺪو اﭼﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ڌﻳﺌﺮون ﺑﻪ ﺟﺘﻲ ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي) ﺳﻨﺪن ﻛﻼس ﻣﻴﭧ( ﮐﻲ ﻳﺎد ﻛﻨﺪﻳﻮن رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻦ ﻣﺎﻟﻤﻮ )ﺳﺌﻴﮉن( ﺟﻲ ﭔﺎراﮢﻲ اﺳﻜﻮل ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل ﮔﮇ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ﺑﺮف ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۽ ﭘﺎرﻛﻦ ۾ راﻧﺪﻳﻮن ﮐﻴﮇﻳﻮن ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻴﻼ ) (Festivalsﮔﮇ Enjoyﻛﻴﺎ .اڄ ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻴﺮ ﻛﺮي ان ﺟﻲ روﺋﺪاد ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ﻗﻠﻤﺒﻨﺪ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ان ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﭔﻲ ﻛﻬﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﺘﺎب آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ،ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ۽ ﺳﺌﻴﮉن ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎڙﻳﺴﻴﺮي ﮐﻲ ارﭘﻴﺎن.
ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﻋﻤﺮ ۾ ﻣﻮن ﮐﺎن اٺ ﺳﺎل ﻧﻨﮃو آﻫﻲ .ﻫﻮ ۱۵ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۱۹۵۳ع ۾ اﺗﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺷﻬﺮ ”ﻧﻮﺷﻬﺮ“ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻧﻈﺮن اﮘﻴﺎن ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻮن ﻟﻬﺮون آﻫﻦ ﻳﺎ وري ﮔﻬﺎﭨﺎ ﭔﻴﻼ ۽ ﺟﻨﮕﻞ .ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ”ﻧﻮﺷﻬﺮ“ ﺟﻲ ﺧﺴﺮوي اﺳﻜﻮل ﻣﺎن ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺮي ۱۹۷۲ع ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﺻﻔﻬﺎن ۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اڄ ﺑﻪ ان اﺳﻜﻮل ﺟﺎ ﻣﺤﻨﺘﻲ ﭨﻴﭽﺮ ﻳﺎد آﻫﻦ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻮ ﻣﺴﭩﺮ ﺳﻠﻄﺎﻧﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ ﺟﻮ ﻣﺴﭩﺮ واﺣﺪ .ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻮ ﺧﺎص ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ” “Training Sciencesﻫﻮ .اﺗﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻋﻠﻲ ﺷﺮﻳﻌﺖ ﻣﺪاري ﭘﮡ ﻫﻮ .ﻗﻠﻲ زاده ﭔﮅاﻳﻮ ”ﻫﻮ ﻣﻮن ﺗﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﻬﺮﺑﺎن ﻫﻮ ۽ ﭘﻲ ﺑﺮاﺑﺮ ﻫﻮ .ﻫﻮ اﭸﺎ ﺣﻴﺎت آﻫﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺗﻌﻠﻘﺎت ﻫﻠﻨﺪا اﭼﻦ .ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮن ۾ Training Sciencesﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن ۽ ﺑﻴﺴﭧ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ“.
۱۹۷۵ع ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﻫﻚ ﭨﻴﭽﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﺌﺮﻳﺌﺮ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ ۽ ﻓﺮاح )ﻫﺎڻ ﻧﺌﻮن ﻧﺎﻟﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ( ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ﻛﺎﻣﭙﻠﻴﻜﺲ ﻣﺰﮔﺎه ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ .آﮔﺴﭧ ۱۹۷۷ع ۾ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ ﺷﺎدي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺑﺎﮢﻲ ﮘﻮٺ ﻧﻮﺷﻬﺮ ﻣﺎن ﺋﻲ ﭤﻲ .ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۱۹۸۰ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﺮاق ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ
اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻳﺎر ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﮔﻬﺮ ﺟﻮ ﺳﮏ ﮀﮇي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺮ ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮڻ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻓﻮج رﺿﺎﻛﺎراﻧﻪ ﻃﻮر ﭜﺮﺗﻲ ﻛﺌﻲ .ﻫﻦ ﺟﻨﮓ ۾ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮوع ۾ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﺨﺖ زﺧﻤﻲ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ .ﺳﻨﺪس ﺣﻴﺎﺗﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ اڄ اﺳﺎن ﺳﺎن آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﻋﺮاق ﺟﻨﮓ ﺑﻌﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻲ زاده ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ وڏن ﻋﻬﺪن ﺟﻲ آﻓﺮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﭨﻴﭽﺮ ﭤﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﻧﺴﻞ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ۱۹۸۴ع ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ اﺑﺎﮢﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻮﺷﻬﺮ ۾ رﻫﻲ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﻣﺰﻧﺪاران ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ۽ ﺟﻬﺎز راﻧﻲ ) (Ports & Shippingﺟﻲ ﻧﻈﺮداري ﺟﻲ ﺟﻮاﺑﺪاري ڏﻧﻲ وﺋﻲ .ﺳﺖ ﺳﺎل ﮐﻦ اﻫﺎ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﮐﻴﺲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن ۱۹۹۱ع ۾ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ورﻟﮉ ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ”ﺟﻨﺮل ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ اﻳﺌﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﺸﻦ“ ) (GMAﺟﻲ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ .واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۾ ﻫﻮرﻣﻮزﮔﺎن ﺟﻲ ﺳﻤﻮرن ﺑﻨﺪﮔﺎرﻫﻦ ۽ اﺗﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎز راﻧﻲ ﺟﻮ ”آﭘﺮﻳﺸﻦ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ“ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻮرﭨﺲ ۽ ﺷﭙﻨﮓ آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰﻳﺸﻦ ) (PSOﺟﻲ وزﻳﺮ ﺟﻮ ﺻﻼﺣﻜﺎر ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ۲۰۰۱ .ع ۾ ﻫﻮرﻣﻮزﮔﺎن ﺟﻮ ڊاﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﺟﻨﺮل ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻮ ،ان ﺑﻌﺪ ۲۰۰۶ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ) IMOاﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ ﻣﺌﻴﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰﻳﺸﻦ( ۾ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻛﺮڻ ﻻ ﻟﻨﮉن ۾ ﺗﺮﺳﺎﻳﻮ وﻳﻮ۲۰۰۶ .ع ۾ رﭨﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻟﻨﮉن ۾ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺷﭙﻨﮓ اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ ﻓﻞ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ. ﻫﻮن ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ دوﺳﺖ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﺎ ﭔﺎر ﮀﺎ ﭘﻴﺎ ﭘﮍﻫﻦ ﭘﺮ آﺋﻮن ﺳﻨﺪس ڌﻳﺌﺮن :رﻳﺤﺎﻧﻪ ،ﻓﺎﺋﺰه ۽ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﺑﺎﺑﺖ ﺿﺮور ﻟﮑﻨﺪس ﺟﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺧﺎص ﻛﺮي آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ دﻣﺎغ ۾ اﻫﺎ ﻏﻠﻂ ﻓﻬﻤﻲ وﻳﭡﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﺎﻫﻞ ۽ ﭘﺮاﮢﻲ ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن -ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ۾ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﮐﻴﻦ ﭘﺮاﺋﻤﺮي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺤﺮوم رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﺮاﺳﺮ ﻏﻠﻂ آﻫﻲ ۽ اﻫﺎ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺧﻼف اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۾ ،ﭘﺮ ﻣﺎڊرن ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ۾ ،ﻓﻮج ۽ ﭘﻮﻟﻴﺲ ۾، ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ٰ ﺟﻬﺎز راﻧﻲ ۾ ،ﺑﺰﻧﺲ ۽ اﻧﮉﺳﭩﺮي ۾ ،ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ۽ ﻛﺎﻣﺮس ۾ ﻛﺎﻓﻲ اﮘﻴﺎن اﮘﻴﺎن آﻫﻦ.
ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ وڏي ڌي رﻳﺤﺎﻧﮫ اﻳﻢ ﺑﻲ ﺑﻲ اﻳﺲ ﻛﺮي ﻫﺎڻ اﺻﻔﻬﺎن ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﺟﻨﺮل ﭘﺮﺋﻜﭩﻴﺸﻨﺮ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۾ Ph. Dﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ .ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ ڌي ﻓﺎﺋﺰه اﻳﺮان ﻣﺎن ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ UNOﺟﻲ ﻣﺎﻟﭩﺎ ﭔﻴﭧ ﺗﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ IMLIﻣﺎن ”ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻣﻴﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻗﺎﻧﻮن“ ۾ ﻣﺎﺳﭩﺮس ﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ .ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮﺳﭩﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﭴﮣﻮ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ آﻫﻲ ۽ اﻫﺎ ﺑﻪ ﻋﻮرت آﻫﻲ .ﻣﺌﮉم روﺑﻴﻨﺎ ﺧﺮم .ﻫﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ ﻫﺎڻ ﻟﻨﮉن ۾ رﻫﻲ ﭤﻲ.
ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ڌي ﻓﺎﻃﻤﮧ ﻟﻨﮉن ﻣﻴﭩﺮو ﭘﻮﻟﻴﭩﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدﻳﺎﮢﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻲ ﭤﻲ.
اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ
ﺑﺎﺳﻤﻪ ﺗﻌﺎﻟﯽ
ﺗﻘﺪﯾﻢ ﺑﻪ ﺁﻗﺎی ﺣﺴﻴﻨﻌﻠﯽ ﻗﻠﯽ ﺯﺍﺩﻩ ﻣﻦ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻢ ﮐﻪ ﺍﯾﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻪ ﺑﻪ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﺭﺍ ﺑﻪ ﺩﻭﺳﺖ ﺍﯾﺮﺍﻧﯽ ﺍﻡ ﺁﻗـﺎی ﺣﺴـﻴﻨﻌﻠﯽ ﻗﻠﻴـﺰﺍﺩﻩ )ﺣﺴﻴﻦ( ﺍﻫﺪﺍ ﻣﻴﮑﻨﻢ .ﺣﺴﻴﻦ ﻧﻪ ﺗﻨﻬﺎ ﯾﮏ ﺩﻭﺳﺖ ﻗﺪﯾﻤﯽ ﻭ ﻫﻤﮑﻼﺳـﯽ ﻣـﻦ ﺑـﻮﺩﻩ ﺍﺳـﺖ ﺑﻠﮑـﻪ ﺷﺨﺼﻴﺘﯽ ﺩﻭﺳﺖ ﺩﺍﺷﺘﻨﯽ ،ﺑﺴﻴﺎﺭ ﻣﺘﻴﻦ ﻭ ﻫﻤﻴﺸـﻪ ﻣﺘﺮﺻـﺪ ﮐﻤـﮏ ﺑـﻪ ﺩﯾﮕـﺮﺍﻥ ﺍﺳـﺖ .ﺍﻭ ﻭﻁـﻦ ﭘﺮﺳﺘﯽ ﺍﺳﺖ ﮐﻪ ﺁﻣﺎﺩﻩ ﺍﺳﺖ ﺯﻧﺪﮔﯽ ﺧﻮﯾﺶ ﺭﺍ ﺑـﺮﺍی ﮐﺸـﻮﺭ ﻋﺰﯾـﺰﺵ ﺍﯾـﺮﺍﻥ ﻓـﺪﺍ ﮐﻨـﺪ .ﺍﻭ ﻭﻗﺘـﯽ ﺟﻨﮓ ﺗﺤﻤﻴﻠﯽ ﻋﺮﺍﻕ ﻋﻠﻴﻪ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﺸﺘﺎﺩ ﺁﻏﺎﺯ ﺷـﺪ ﺩﺍﻭﻁﻠﺒﺎﻧـﻪ ﻭ ﺑـﻪ ﮐـﺮﺍﺕ ﺩﺭ ﺟﺒﻬﻪ ﺣﻀﻮﺭ ﯾﺎﻓﺖ ﻭ ﺩﺭ ﻋﻤﻠﻴﺎﺕ ﻫﺎ ﺷﺮﮐﺖ ﻧﻤﻮﺩ ﻭ ﺳﻪ ﺑـﺎﺭ ﺍﺯ ﺣﻤـﻼﺕ ﺷـﻴﻤﻴﺎﯾﯽ ﻭ ﺗﻴﺮﺍﻧـﺪﺍﺯی ﻣﺴﺘﻘﻴﻢ ﻋﺮﺍﻗﻴﻬﺎ ﻣﺠﺮﻭﺡ ﺷﺪ .ﻣﻦ ﻓﮑﺮ ﻣﻴﮑﻨﻢ ﺗﻘﺪﯾﺮ ﺍﯾﻦ ﺑﻮﺩ ﮐﻪ ﺣﺴﻴﻦ ﺯﻧﺪﻩ ﺑﻤﺎﻧﺪ .ﺍﯾـﻦ ﮐﻤﺘـﺮ ﺍﺯ ﯾﮏ ﻣﻌﺠﺰﻩ ﻧﻴﺴﺖ ﮐﻪ ﺍﻭ ﺯﻧﺪﻩ ﻣﺎﻧﺪ ﺗﺎ ﺍﻣﺮﻭﺯ ﺩﺭ ﮐﻨﺎﺭ ﻣﺎ ﺑﺎﺷﺪ. ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺑﺎﺭی ﮐﻪ ﺣﺴﻴﻦ ﺭﺍ ﺩﺭ ﺷﻬﺮ ﺟﻨﻮﺑﯽ ﺳﻮﺋﺪ ،ﻣﺎﻟﻤﻮ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﮐﺮﺩﻡ ﺣـﺪﻭﺩﺍ ﻫﻔـﺪﻩ ﺳـﺎﻝ ﭘـﻴﺶ ﺑﻮﺩ .ﺩﺭ ﺁﻥ ﺯﻣﺎﻥ ﻫﺮﺩﻭی ﻣﺎ ﺑﻪ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺟﻬﺎﻧﯽ ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﺩﺭ ﺍﯾﻦ ﺷـﻬﺮ ﺑـﺮﺍی ﺗﺤﺼـﻴﻞ ﺩﺭ ﻣﻘﻄـﻊ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳﯽ ﺍﺭﺷﺪ ﻭﺍﺭﺩ ﺷـﺪﻩ ﺑـﻮﺩﯾﻢ .ﻣـﻦ ﺩﺭ ﺭﺷـﺘﻪ ﻣﻬﻨﺪﺳـﯽ ﺍﯾﻤﻨـﯽ ﺩﺭﯾـﺎﻧﻮﺭﺩی ﻭ ﺣﺴـﻴﻦ ﺩﺭ ﺭﺷــﺘﻪ ﻣــﺪﯾﺮﯾﺖ ﻋﻤــﻮﻣﯽ ﺩﺭﯾــﺎﻧﻮﺭﺩی ﺩﺭﺱ ﻣﻴﺨﻮﺍﻧــﺪ ﺍﻣــﺎ ﺍﮐﺜــﺮ ﺩﺭﻭﺱ ﻣــﺎ ﻣﺸــﺘﺮک ﺑــﻮﺩ ﻭ ﻟــﺬﺍ ﺩﺭ ﺑﺴﻴﺎﺭی ﺍﺯ ﮐﻼﺱ ﻫﺎ ﺑﺎﻫﻢ ﺑﻮﺩﯾﻢ ﻭ ﺑﺎ ﻫﻢ ﺑﻪ ﺑﺮﺧﯽ ﺳﻔﺮﻫﺎی ﺁﻣﻮﺯﺷﯽ ﺑﻪ ﮐﺸﻮﺭﻫﺎی ﺩﺍﻧﻤﺎﺭک، ﻧــﺮﻭژ ،ﻓﻨﻼﻧــﺪ ،ﺑﻠﮋﯾــﮏ ﻭ ﺁﻟﻤــﺎﻥ ﺭﻓﺘــﻴﻢ .ﻣــﺎ ﻫﻤﭽﻨــﻴﻦ ﺩﺭ ﻣﺤﻠــﻪ ﺍی ﺑﻨــﺎﻡ ﻫﻮﻟﻤــﺎ ﺩﺭ ﻣــﺎﻟﻤﻮ ﺯﻧــﺪﮔﯽ ﻣﻴﮑﺮﺩﯾﻢ .ﻓﺮﺯﻧﺪﺍﻥ ﺣﺴﻴﻦ ﺧﺼﻮﺻﺎ ﺳﻪ ﺩﺧﺘﺮﺵ ﺩﺭ ﻫﻤﺎﻥ ﮐﻼﺱ ﻫﺎی ﺍﻧﮕﻠﻴﺴـﯽ ﺧـﺎﺹ ﻓﺮﺯﻧـﺪﺍﻥ ﻣﺎ ﺩﺭﺱ ﻣﻴﺨﻮﺍﻧﺪﻧﺪ ﮐﻪ ﺩﺧﺘﺮﻡ ﻣﺎﺭﻭی ﻣﻴﺮﻓﺖ .ﺁﻧﻬـﺎ ﺑـﺎﻫﻢ ﺩﻭﺳـﺖ ﺑﻮﺩﻧـﺪ ﻭ ﻣـﺪﺍﻡ ﺩﺭ ﭘـﺎﺭک ﺟﻠـﻮی ﻣﻨﺰﻟﻤﺎﻥ ﺑﺎﻫﻢ ﺑﺎﺯی ﻣﻴﮑﺮﺩﻧﺪ ،ﻟﺬﺍ ﺭﻭﺍﺑﻂ ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﮔﯽ ﻧﺰﺩﯾﮑﯽ ﺑﺎﻫﻢ ﺩﺍﺷﺘﻴﻢ ﻭ ﻓﺮﺻﺖ ﺑﺴـﻴﺎﺭ ﺧـﻮﺑﯽ ﺑﻮﺩ ﮐﻪ ﺩﺭ ﺑﺎﺭﻩ ﮐﺸﻮﺭﻣﺎﻥ ﺑﺎ ﯾﮑﺪﯾﮕﺮ ﻣﺒﺎﺩﻟﻪ ﺍﻁﻼﻋﺎﺕ ﮐﻨﻴﻢ. ﺣﺴﻴﻦ ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺍﯾﺮﺍﻧﯽ ﺑﻮﺩ ﺩﺭ ﺯﻧﺪﮔﯽ ﻣﻦ ﮐﻪ ﺍﺯ ﻧﺰﺩﯾﮏ ﻣﻼﻗﺎﺗﺶ ﻣﻴﮑﺮﺩﻡ ﻭ ﺭﺍﺑﻄـﻪ ﺑﺴـﻴﺎﺭ ﺻـﻤﻴﻤﯽ ﺑﺎﻫﻢ ﺩﺍﺷﺘﻴﻢ .ﺍﻭ ﺍﻁﻼﻋﺎﺕ ﺯﯾﺎﺩی ﺩﺭ ﺑﺎﺭﻩ ﮐﺸﻮﺭﻡ ﺩﺍﺷﺖ ﻭﻟﯽ ﺑﺮﺍی ﻣﻦ ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺑﺎﺭ ﺑـﻮﺩ ﮐـﻪ ﺩﺭﺑـﺎﺭﻩ ﺍﯾﺮﺍﻥ ،ﻣﺮﺩﻣﺶ ﻭ ﻓﺮﻫﻨﮓ ﺁﻥ ﺍﺯ ﻧﺰﺩﯾﮏ ﺁﺷﻨﺎ ﻣﻴﺸﺪﻡ .ﮐﺸﻮﺭی ﮐـﻪ ﻣﺤـﻞ ﻭ ﺯﺍﺩﮔـﺎﻩ ﺷـﻌﺮﺍی ﻣـﻮﺭﺩ ﻋﻼﻗﻪ ﻣﻦ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎﻡ ،ﻣﻮﻻﻧﺎ ،ﻋﻄﺎﺭ ،ﻓﺮﺩﻭﺳﯽ ،ﺳﻌﺪی ﻭ ﻧﻈﺎﻣﯽ ﺍﺳﺖ. ﻧﮑﺘﻪ ﺍﯾﮑﻪ ﺑﺎﯾﺪ ﺍﺿﺎﻓﻪ ﻧﻤﺎﯾﻢ ﻭ ﺑﻪ ﻫﻤﻪ ﮐﺸﻮﺭﻫﺎی ﺟﻬﺎﻥ ﺳﻮﻡ ﺍﻋﻼﻡ ﻧﻤﺎﯾﻢ ﺍﯾﻦ ﺍﺳﺖ ﮐﻪ ﺍﯾﺮﺍﻧﻴﻬـﺎ ﻫﻤﺴﺎﯾﮕﺎﻥ ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺧـﻮﺑﯽ ﺑـﺮﺍی ﻣـﺮﺩﻡ ﮐﺸـﻮﺭﻫﺎی ﺍﻁـﺮﺍﻑ ﺧـﻮﯾﺶ ﻫﺴـﺘﻨﺪ .ﺁﻧﻬـﺎ ﻫﺮﮔـﺰ ﺩﺭ ﺍﻣـﻮﺭ ﺩﺍﺧﻠﯽ ﻫﻤﺴﺎﯾﮕﺎﻧﺸﺎﻥ ﺩﺧﺎﻟﺖ ﻧﻤﯽ ﻧﻤﺎﯾﻨﺪ ﻭ ﻫﻤﺴﺎﯾﮕﺎﻥ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﻧﻤﯽ ﺁﺯﺍﺭﻧﺪ .ﻣـﺮﺩﻡ ﺍﯾـﻦ ﮐﺸـﻮﺭ ﺩﺭﺧﺎﻧﻪ ﻫﺎﯾﯽ ﺯﻧﺪﮔﯽ ﻣﻴﮑﻨﻨﺪ ﮐﻪ ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺗﻤﻴﺰ ﻭ ﻣﺮﺗﺐ ﻫﺴﺖ .ﻣﻦ ﻓﮑﺮ ﻣﻴﮑـﻨﻢ ﺍﯾﻨﮑـﻪ ﺳـﻮﺋﺪی ﻫـﺎ ﺗﺮﺟﻴﺢ ﻣﻴﺪﺍﺩﻧﺪ ﻣﺴﺘﺎﺟﺮﺷﺎﻥ ﺍﯾﺮﺍﻧﯽ ﺑﺎﺷﺪ ﺑﻪ ﺩﻟﻴﻞ ﻫﻤﻴﻦ ﭘﺎﮐﻴﺰﮔﯽ ﺑﺎﺷﺪ. ﺣﺴﻴﻦ ﺑﺮﺍی ﻣﻦ ﺩﺭ ﺳﻮﺋﺪ ﻣﻮﻫﺒﺘﯽ ﺍﻟﻬﯽ ﻭ ﻓﺮﺷﺘﻪ ﺍی ﺩﺭ ﻟﺒـﺎﺱ ﺍﻧﺴـﺎﻥ ﺑـﻮﺩ .ﺩﺭﮐﻨـﺎﺭ ﮐﻤـﮏ ﺑـﻪ ﺩﯾﮕﺮﺍﻥ ،ﺍﻭ ﯾﮏ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﻭﺍﻗﻌﯽ ﺩﺭ ﻋﻘﻴﺪﻩ ﻭ ﻋﻤﻞ ﺑﻮﺩ .ﻓﺮﺩی ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺳﺎﺩﻩ ،ﺻـﻤﻴﻤﯽ ﻭ ﺷﺨﺼـﯽ ﻣﺘﻮﺍﺿﻊ ﻭ ﻣﺪﯾﺮ ﺑﻮﺩ .ﻣﻦ ﻫﻨﻮﺯ ﻫﻢ ﻓـﺮﺩی ﺑـﺎ ﺍﯾـﻦ ﮐﻤـﺎﻻﺕ ﻭ ﺍﺯ ﺧﻮﺩﮔﺬﺷـﺘﻪ ﺑـﺮﺍی ﺍﻧﺠـﺎﻡ ﻭﻅﻴﻔـﻪ ﻭ ﻋﺸﻖ ﺑﻪ ﮐﺸﻮﺭﺵ ﻧﺪﯾﺪﻩ ﺍﻡ. ﻣﻦ ﭘﺲ ﺍﺯ ﺑﺎﺯﺩﯾﺪی ﮐﻪ ﺑﺮﺍی ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺑﺎﺭ ﺍﺯ ﮐﺸﻮﺭﺵ ﺩﺍﺷﺘﻢ ﺍﯾﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻪ ﺭﺍ ﺩﺭ ﺑـﺎﺭﻩ ﺁﻥ ﻧﻮﺷـﺘﻢ ،ﻭ ﺍﮐﻨﻮﻥ ﮐﻪ ﺍﯾﻦ ﮐﺘﺎﺏ ﺁﻣﺎﺩﻩ ﺍﻧﺘﺸﺎﺭ ﺍﺳﺖ ﻫﻴﭻ ﻓﺮﺩی ﺭﺍ ﺷﺎﯾﺴﺘﻪ ﺗﺮ ﺍﺯ ﻫﻤﮑﻼﺳﯽ ﻋﺰﯾـﺰﻡ ﺩﺭ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺗﺤﺼﻴﻞ ﺩﺭ ﺳﻮﺋﺪ ﻭ ﮐﺎﺭﻣﻨﺪ )ﺑﺎﺯ ﻧﺸﺴـﺘﻪ( ﺳـﺎﺯﻣﺎﻥ ﺑﻨـﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸـﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﯾﻌﻨـﯽ ﺁﻗـﺎی ﺣﺴـﻴﻨﻌﻠﯽ ﻗﻠﯽ ﺯﺍﺩﻩ ﻧﻴﺎﻓﺘﻢ .ﻟﺬﺍ ﺍﯾﻦ ﮐﺘﺎﺏ ﺭﺍ ﺑﻪ ﺍﯾﺸﺎﻥ ﺍﻫﺪﺍ ﻣﻴﻨﻤﺎﯾﻢ. ﺩﻭﺳﺖ ﻣﺎ ﺣﺴﻴﻦ ﺩﺭ ﭘﺎﻧﺰﺩﻫﻢ ﺳﭙﺘﺎﻣﺒﺮ ﻫﺰﺍﺭ ﻭﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﭘﻨﺠﺎﻩ ﻭﺳﻪ ﺩﺭ ﺷﻬﺮ ﺳﺎﺣﻠﯽ ﻧﻮﺷﻬﺮ ،ﺷﻬﺮی ﺯﯾﺒﺎ ﺩﺭ ﺍﺳﺘﺎﻥ ﻣﺎﺯﻧﺪﺭﺍﻥ ﺩﺭ ﺷﻤﺎﻝ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﻣﺘﻮﻟﺪ ﺷﺪ .ﺑﻌﺪ ﺍﺯ ﺗﮑﻤﻴﻞ ﺩﺑﺴﺘﺎﻥ ﻭ ﺩﺑﻴﺮﺳﺘﺎﻥ ﺩﺭ ﺷـﻬﺮﺵ، ﻭی ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﻔﺘﺎﺩ ﻭ ﺩﻭ ﺑـﻪ ﺩﺍﻧﺸـﮕﺎﻩ ﺍﺻـﻔﻬﺎﻥ ﺭﺍﻩ ﯾﺎﻓـﺖ ﻭ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ ﺭﺷـﺘﻪ ﻋﻠﻮﻡ ﺗﺮﺑﻴﺘﯽ ﺭﺍ ﺍﺯ ﺍﯾﻦ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼـﺪﻭ ﻫﻔﺘـﺎﺩ ﺷـﺶ ﺑـﻪ ﭘﺎﯾـﺎﻥ ﺭﺳـﺎﻧﺪ .ﺣﺴـﻴﻦ ﺩﺭ ﭘﺎﺳﺦ ﺑﻪ ﺳﻮﺍﻟﻢ ﻧﺎﻡ ﺑﺮﺧﯽ ﺩﺑﻴﺮﺍﻥ ﭘﺮﺗﻼﺵ ﺩﺑﻴﺮﺳﺘﺎﻧﯽ ﺍﺵ ﺍﺯ ﺟﻤﻠﻪ ﺁﻗﺎی ﮐﺒﻴﺮ ﺳﻠﻄﺎﻧﯽ ﺩﺑﻴﺮ ﺗـﺎﺭﯾﺦ
ﻭ ﺟﻐﺮﺍﻓﻴﺎ ﻭ ﺁﻗﺎی ﮐﺎﻅﻢ ﻭﺣﻴﺪ ﺩﺑﻴﺮ ﺍﺩﺑﻴﺎﺕ ﻓﺎﺭﺳﯽ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﻫﻨﻮﺯ ﺑﻴﺎﺩ ﺩﺍﺷـﺖ .ﺣﺴـﻴﻦ ﺩﺭ ﺩﺍﻧﺸـﮕﺎﻩ ﺑـﺎ ﭘﺮﻭﻓﺴﻮﺭ ﻋﻠﯽ ﺷﺮﯾﻌﺘﻤﺪﺍﺭی ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻭ ﺭﺋﻴﺲ ﺩﺍﻧﺸﮑﺪﻩ ﺍﺵ ﺭﺍﺑﻄﻪ ﺍی ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺻﻤﻴﻤﯽ ﺑﺮﻗـﺮﺍﺭ ﮐـﺮﺩ .ﺍﻭ ﻣﻴﮕﻔﺖ ﭘﺮﻭﻓﺴﻮﺭ ﺷـﺮﯾﻌﺘﻤﺪﺍﺭی ﺑـﺎ ﻣـﻦ ﺑﺴـﻴﺎﺭ ﻣﻬﺮﺑـﺎﻥ ﺑـﻮﺩ ﻭ ﻣـﺮﺍ ﺧﻴﻠـﯽ ﺩﻭﺳـﺖ ﺩﺍﺷـﺖ ﻭ ﺭﺍﺑﻄـﻪ ﺻﻤﻴﻤﯽ ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﮔﯽ ﻣﺎ ﻫﻨﻮﺯ ﺍﺩﺍﻣﻪ ﺩﺍﺭﺩ .ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﮕﻮﯾﺪ ﭘﺮﻭﻓﺴﻮﺭ ﺷﺮﯾﻌﺘﻤﺪﺍﺭی ﯾﮏ ﺍﺯ ﺑﻬﺘﺮﯾﻦ ﺍﺳﺎﺗﻴﺪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻭ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﺩﺭ ﺟﻬﺎﻥ ﻣﻌﺎﺻﺮ ﺍﺳﺖ ﮐﻪ ﺩﺍﺭﺍی ﺩﮐﺘﺮﯾﻦ ﺁﻣﻮﺯﺷﯽ ﻭ ﺗﺮﺑﻴﺘﯽ ﻣﺘﺮﻗـﯽ ﻣﻴﺒﺎﺷـﺪ .ﻭی ﺩﺭ ﺍﻭﻝ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﺍﺳﻼﻣﯽ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﻭﺯﯾﺮ ﻓﺮﻫﻨﮓ ﻭ ﺁﻣﻮﺯﺵ ﻋﺎﻟﯽ ﺑﻮﺩ ﻭ ﻫـﻢ ﺍﮐﻨـﻮﻥ ﻋﻀـﻮ ﺷـﻮﺭﺍﯾﻌﺎﻟﯽ ﺍﻧﻘـﻼﺏ ﻓﺮﻫﻨﮕﯽ ﺍﺳﺖ .ﻭی ﺟﺪﺍ ﺍﺯ ﻟﻴﺴﺘﯽ ﮐﻪ ﺑﺮﺍی ﺗﺸﮑﻴﻞ ﺳﺘﺎﺩ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﻓﺮﻫﻨﮕﯽ ﺑـﻪ ﺍﻣـﺎﻡ ﺧﻤﻴﻨـﯽ )ﺭﻩ( ﺑﻨﻴﺎﻥ ﮔﺬﺍﺭ ﺟﻤﻬﻮﺭی ﺍﺳﻼﻣﯽ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﭘﻴﺸﻨﻬﺎﺩ ﺷﺪﻩ ﺑﻮﺩ ﺗﻮﺳﻂ ﺧﻮﺩ ﺍﯾﺸﺎﻥ ﺍﻧﺘﺨﺎﺏ ﺷﺪ ﻭ ﺍﯾﻦ ﮔﻮﯾـﺎی ﺷﻨﺎﺧﺖ ﺍﻣﺎﻡ ﺧﻤﻴﻨﯽ ﺍﺯ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺍﯾﻦ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺑﺮﺟﺴﺘﻪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻭ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﺍﺳﺖ. ﺣﺴﻴﻦ ﭘﺲ ﺍﺯ ﭘﺎﯾﺎﻥ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺑﻪ ﺧﺪﻣﺖ ﺳﺮﺑﺎﺯی ﺭﻓﺖ ﻭ ﺑﺎ ﺷﻐﻞ ﻣﻌﻠﻤﯽ ﮐﺎﺭﺵ ﺭﺍ ﺷﺮﻭﻉ ﮐـﺮﺩ .ﺍﻭ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﺸﺘﺎﺩ ﻭﻗﺘﯽ ﻫﺰﺍﺭﺍﻥ ﮐﻴﻠﻮﻣﺘﺮ ﻣﺮﺑﻊ ﺍﺯ ﺧﺎک ﮐﺸﻮﺭﺵ ﺗﻮﺳﻂ ﻋـﺮﺍﻕ ﺍﺷـﻐﺎﻝ ﺷـﺪ ﺩﺍﻭﻁﻠﺒﺎﻧﻪ ﺑﻌﻨﻮﺍﻥ ﺍﺩﺍی ﺩﯾﻦ ﺑﻪ ﮐﺸﻮﺭﺵ ﺑﻪ ﺟﺒﻬﻪ ﺭﻓﺖ ﻭ ﺩﺭ ﭼﻨـﺪ ﺑـﺎﺭ ﺩﺭ ﺣﻤﻠـﻪ ﺷـﻴﻤﻴﺎﯾﯽ ﻭ ﺗﻴﺮﺍﻧـﺪﺍﺯی ﻋﺮﺍﻗﻴﻬﺎ ﻣﺠﺮﻭﺡ ﺷﺪ ﻭﻟﯽ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ﻧﺠﺎﺕ ﯾﺎﻓﺖ. ﺳﻤﺖ ﻫﺎی ﻣﺪﯾﺮﯾﺘﯽ ﻣﺨﺘﻠﻔﯽ ﺑﻪ ﺣﺴﻴﻦ ﭘﻴﺸﻨﻬﺎﺩ ﺷﺪ ﻭﻟﯽ ﺍﻭ ﺗـﺮﺟﻴﺢ ﻣﻴـﺪﺍﺩ ﯾـﮏ ﻣﻌﻠـﻢ ﺑـﺎﻗﯽ ﺑﻤﺎﻧﺪ .ﻣﻊ ﺍﻻﺻﻒ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﺸﺘﺎﺩ ﻭ ﭼﻬﺎﺭ ﺣﺴﻴﻦ ﺭﺍﻫﯽ ﺑﻪ ﺟﺰ ﭘﺬﯾﺮﺵ ﻣﺴﺌﻮﻟﻴﺖ ﻣﺪﯾﺮﯾﺖ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﻣﺎﺯﻧﺪﺭﺍﻥ ﺩﺭ ﺷﻬﺮ ﺧﻮﺩﺵ ﻧﻮﺷﻬﺮ ﻧﺪﺍﺷﺖ .ﺑﻌﺪ ﺍﺯ ﻫﻔﺖ ﺳﺎﻝ ﻣﺪﯾﺮﯾﺖ ﺩﺭ ﺍﯾﻦ ﺳﻤﺖ ﻭ ﺟﻠﺐ ﺭﺿﺎﯾﺖ ﻣﺪﯾﺮﺍﻧﺶ ،ﺑﻪ ﻭی ﺑـﻮﺭﺱ ﺗﺤﺼـﻴﻠﯽ ﺩﺭ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ ﺍﺭﺷـﺪ ﺩﺭ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺟﻬﺎﻧﯽ ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﺳﻮﺋﺪ ﺍﻋﻄﺎ ﺷﺪ .ﻭی ﺩﺭ ﭘﺎﯾﺎﻥ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻧﻮﺩ ﻭﺳﻪ ﺗﺤﺼﻴﻼ ﺕ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﺩﺭ ﺍﯾﻦ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺑﻪ ﺍﺗﻤﺎﻡ ﺭﺳﺎﻧﺪ ﻭ ﺑﻪ ﮐﺸـﻮﺭﺵ ﺑﺎﺯﮔﺸـﺖ ﻭ ﺑـﻪ ﺳـﻤﺖ ﻣـﺪﯾﺮ ﻋﻤﻠﻴـﺎﺕ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﺍﺳﺘﺎﻥ ﻫﺮﻣﺰﮔﺎﻥ ﺩﺭ ﺟﻨـﻮﺏ ﺍﯾـﺮﺍﻥ ﻣﻨﺼـﻮﺏ ﺷـﺪ ﻭ ﺑـﻪ ﻣـﺪﺕ ﺳـﻪ ﺳـﺎﻝ ﺑـﻪ ﻫﻤـﻪ ﻣﺸـﮑﻼﺕ ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﮔﯽ ﺍﺵ ﺗﻤﺎﻡ ﺗﻼﺵ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﺑﺮﺍی ﺑﻬﺒﻮﺩ ﺧـﺪﻣﺎﺕ ﻋﻤﻠﻴـﺎﺕ ﺩﺭﯾـﺎﯾﯽ ﻭ ﺑﻨـﺪﺭی ﺩﺭ ﺍﯾـﻦ ﺍﺳـﺘﺎﻥ ﺧﺼﻮﺻﺎ ﺩﺭ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﺷﻬﻴﺪ ﺭﺟﺎﯾﯽ ﻭ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﺎﻫﻨﺮ ﺑﮑﺎﺭ ﮔﺮﻓﺖ .ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻧﻮﺩ ﻭ ﻫﻔﺖ ﻭی ﺑﻪ ﺳﻤﺖ ﻣﺸﺎﻭﺭ ﻭ ﺑﺎﺯﺭﺱ ﻭﯾﮋﻩ ﻣﻌﺎﻭﻥ ﻭﺯﯾﺮ ﻭ ﻣﺪﯾﺮﻋﺎﻣﻞ ﺳﺎﺯﻣﺎﻥ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﻣﻨﺼﻮﺏ ﺷﺪ. ﻭی ﭘــﺲ ﺍﺯ ﺍﯾﻨﮑــﻪ ﭘﻴﺸــﻨﻬﺎﺩ ﻗﺒــﻮﻝ ﻣﺴـﺌﻮﻟﻴﺖ ﻣــﺪﯾﺮﮐﻠﯽ ﺑﻨــﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸــﺘﺮﺍﻧﯽ ﺍﺳــﺘﺎﻥ ﻫﺮﻣﺰﮔــﺎﻥ ﺭﺍ ﻧﭙﺬﯾﺮﻓﺖ ،ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﺩﻭﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﯾﮏ ﻣﻴﻼﺩی ﺑﺼﻮﺭﺕ ﺍﺟﺒﺎﺭی ﺑﺮﺍی ﺗﺼـﺪی ﺍﯾـﻦ ﻣﺴـﺌﻮﻟﻴﺖ ﺑـﻪ ﺍﺳـﺘﺎﻥ ﻫﺮﻣﺰﮔﺎﻥ ﺍﻋﺰﺍﻡ ﮔﺮﺩﯾﺪ .ﻭ ﻧﻬﺎﯾﺘﺎ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﺩﻭ ﻫﺰﺍﺭ ﻭﺳﻪ ﻣﻴﻼﺩی ﺑﻪ ﻋﻨـﻮﺍﻥ ﺍﻭﻟـﻴﻦ ﻧﻤﺎﯾﻨـﺪﻩ ﺳـﺎﺯﻣﺎﻥ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﺩﺭ ﺳﺎﺯﻣﺎﻥ ﺑﻴﻦ ﺍﻟﻤﻠﻠﯽ ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﺑﻪ ﺍﻧﮕﻠﺴـﺘﺎﻥ ﺭﻓـﺖ .ﺍﯾـﻦ ﺳـﺎﺯﻣﺎﻥ ﯾﮑـﯽ ﺍﺯ ﺳــﺎﺯﻣﺎﻧﻬﺎی ﻭﯾــﮋﻩ ﺳــﺎﺯﻣﺎﻥ ﻣﻠــﻞ ﺍﺳــﺖ ﮐــﻪ ﻭﻅﻴﻔــﻪ ﻗﺎﻧﻮﻧﮕــﺬﺍﺭی ﺩﺭ ﺍﻣــﻮﺭ ﮐﺸــﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﻭ ﺍﯾﻤﻨــﯽ ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﻭ ﺣﻔﻆ ﻣﺤﻴﻂ ﺯﯾﺴﺖ ﺩﺭﯾﺎﯾﯽ ﺭﺍ ﺑﺮﻋﻬﺪﻩ ﺩﺍﺭﺩ .ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ﺣﺴﻴﻦ ﺩﺭ ﺁﻭﺭﯾﻞ ﺳـﺎﻝ ﺩﻭﻫـﺰﺍﺭ ﻭ ﺷﺶ ﻣﻴﻼﺩی ﭘﺲ ﺍﺯ ﺗﮑﻤﻴﻞ ﺳﯽ ﺳﺎﻝ ﺧﺪﻣﺎﺕ ﺩﻭﻟﺘﯽ ﺑﺎﺯﻧﺸﺴـﺘﻪ ﮔﺮﺩﯾـﺪ .ﻭی ﺩﺭﺣـﺎﻝ ﺣﺎﺿـﺮ ﻋﻀﻮ ﻫﻴﺎﺕ ﻣﺪﯾﺮﻩ ﻭ ﮐﺎﺭﻣﻨﺪ ﺗﻤﺎﻡ ﻭﻗﺖ ﺷﺮﮐﺖ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﺍﯾﺮﺳﻞ ﯾﻮﮐﯽ ﺩﺭ ﻟﻨﺪﻥ ﻣﻴﺒﺎﺷﺪ. ﻣﻦ ﻧﺰﺩﯾﮏ ﺑﻪ ﺑﻴﺴﺖ ﺳﺎﻝ ﺑﺎ ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﻩ ﺣﺴﻴﻦ ﺁﺷﻨﺎﯾﯽ ﻧﺰﺩﯾـﮏ ﺩﺍﺭﻡ .ﺣﺴـﻴﻦ ﻧﺴـﺒﺖ ﺑـﻪ ﻓﺮﺯﻧـﺪﺍﻧﺶ ﻋﻨﺎﯾﺖ ﺧﺎﺻﯽ ﺩﺍﺷﺖ ﻭ ﺑﺮﺍی ﮐﺴﺐ ﺩﺍﻧﺶ ﻭ ﺍﺭﺗﻘﺎی ﺗﺤﺼﻴﻠﯽ ﺁﻧﻬﺎ ﺧﻴﻠﯽ ﺑﻴﺸﺘﺮ ﺍﺯ ﭘﺪﺭ ﻭ ﻣﺎﺩﺭﻫـﺎی ﻏﺮﺑﯽ ﺗﻮﺟﻪ ﻣﻴﮑﺮﺩ .ﺩﺧﺘﺮ ﺑﺰﺭﮔﺶ ﺩﮐﺘﺮﺍی ﭘﺰﺷﮑﯽ ﺭ ﺍﺍﺯ ﺩﺍﻧﺸـﮕﺎﻩ ﺍﺻـﻔﻬﺎﻥ ﺩﺭ ﺳـﺎﻝ ﺩﻭ ﻫـﺰﺍﺭ ﻫﻔـﺖ ﻣﻴﻼﺩی ﺍﺧﺬ ﻭ ﻫﻢ ﺍﮐﻨﻮﻥ ﺩﺭ ﯾﮑﯽ ﺍﺯ ﺑﻴﻤﺎﺭﺳﺘﺎﻧﻬﺎی ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻫﯽ ﺑﺮﯾﺘﺎﻧﻴـﺎ ﺩﻭﺭﻩ ﺗﺨﺼﺼـﯽ ﺧـﻮﺩ ﺭﺍ ﺁﻏـﺎﺯ ﻧﻤﻮﺩﻩ ﺍﺳﺖ .ﺩﺧﺘـﺮ ﺩﯾﮕـﺮ ﺍﯾﺸـﺎﻥ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ ﺍﺭﺷـﺪ ﺭﺷـﺘﻪ ﺣﻘـﻮﻕ ﺑـﻴﻦ ﺍﻟﻤﻠـﻞ ﺩﺭﯾـﺎﯾﯽ ﺭﺍ ﺍﺯ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺑـﻴﻦ ﺍﻟﻤﻠﻠـﯽ ﺩﺭ ﮐﺸـﻮﺭ ﻣﺎﻟﺘـﺎ ﺑـﻪ ﭘﺎﯾـﺎﻥ ﺭﺳـﺎﻧﺪﻩ ﻭ ﺩﺧﺘـﺮ ﺳـﻮﻡ ﺍﯾﺸـﺎﻥ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ ﻣﻌﻤﺎﺭی ﺭﺍ ﺍﺯ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﻣﺘﺮﻭﭘﻮﻟﻴﺘﻦ ﻟﻨﺪﻥ ﺍﺧﺬ ﻧﻤﻮﺩﻩ ﺍﺳﺖ. ﺁﺭﺯﻭ ﻣﻴﮑﻨﻢ ﺩﻭﺳـﺖ ﻣـﻦ ﺣﺴـﻴﻨﻌﻠﯽ ﻗﻠـﯽ ﺯﺍﺩﻩ ﻭ ﺧـﺎﻧﻮﺍﺩﻩ ﻣﺤﺘـﺮﻣﺶ ﻋﻤـﺮی ﻁـﻮﻻﻧﯽ ﻭ ﻣـﻮﻓﻘﯽ ﺩﺍﺷﺘﻪ ﺑﺎﺷﻨﺪ. ﺍﻟﻄﺎﻑ ﺷﻴﺦ -ﺩ ﻭﺍﺯﺩﻫﻢ ﺟﻮﻻی ﺳﺎﻝ ﺩﻭﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻫﺸﺖ ﻣﻴﻼﺩی -ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ﭘﺎﮐﺴﺘﺎﻥ
ﻣﻬﺎڳ ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ادﺑﻲ ﮐﻴﺘﺮ ۾ ﻫﻚ وڏو ﻧﺎن آﻫﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎن ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ روﺑﺮو ﻣﻼﻗﺎت ﻧﻪ ﭤﻲ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﻗﻠﻤﻲ ﭘﻮرﻫﻴﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﺟﻮ رﺷﺘﻮ آﻫﻲ .ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﻴﺎر ۽ ﭘﺎﭔﻮﻫﻪ ﻣﺎن ﻓﻮن ﺗﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻢ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﺎن ﺳﻨﺪس ﺗﺎزي ﺗﺨﻠﻴﻖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ”اﻳﺮان ڏي ُاڏام“ ﺟﻮ ﻣﻬﺎڳ ﻟﮑﺎن .ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻲ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﻣﻬﺎڳ ﻟﮑﮡ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ ﻫﻚ وڏو اﻋﺰاز آﻫﻲ ،ﭘﺮ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻫﻚ ﺳﭻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ﮐﺎن اڳ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﻣﻬﺎڳ ﻧﻪ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ،۽ ﻧﻪ ﺋﻲ اﻧﻬﻲ’ ﭨﻴﻜﻨﻚ‘ ﺟﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﺎ ﭴﺎڻ آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ’ﺟﻬﮍو ﺣﺎل ﺣﺒﻴﺒﺎن ،ﺗﻬﮍو ﭘﻴﺶ ﭘﺮﻳﺎن‘. ﺻﻨﻒ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﻲ ،ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ،ﻋﻠﻤﻲ ،ادﺑﻲ ،ﺳﻴﺎﺳﻲ، ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ ،ادب ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ۽ ﻧﺮاﻟﻲ ِ اﺧﻼﻗﻲ ،ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻴﺎﺋﻲ ﭘﺲ ﻣﻨﻈﺮ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ .ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻦ ﻛﻢ ۾ واﻗﻌﻲ ﭘﺎڻ ﮘﮣﺎﻳﻮ آﻫﻲ ،۽ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ اﮢﺎﻧﮕﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ۶۶ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻲ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ آﻫﻲ.
ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻚ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ،رﻳﺎﺿﻲ دان ،ﻣﻮﺳﻤﻦ ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ ،ﻫﻚ ﺣﺴﺎس ﻟﻴﮑﻚ ،ﺳﻴﻼﻧﻲ ،ﻣﺼﻮر ،ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﻟﮑﻨﺪڙ ،ﻣﺘﺮﺟﻢ ۽ اﻓﺴﺎﻧﻪ ﻧﮕﺎر ﭘﮡ آﻫﻲ ،ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﮔﻬﮡ ﭘﺎﺳﺎﺋﻴﻦ آﻫﻲ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺎري ۾ ﻟﮑﮡ ِﺳﺞ ﮐﻲ آرﺳﻲ ڏﻳﮑﺎرڻ ﺟﻲ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻴﺘﺮي ﺳﺎري دﻧﻴﺎ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻚ ﻋﺎم اﻧﺴﺎن واﻧﮕﺮ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۽ ﺗﺤﺮﻳﺮن ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ،ﻧﻪ ﺋﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﭘﺎڻ وﮢﺎﻳﻮ آﻫﻲ ،اﻫﺎﺋﻲ ﺳﻨﺪس ﻋﻈﻤﺖ آﻫﻲ.
ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻨﻢ ﭜﻮﻣﻲ ،ﻣﻘﺪس ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﻧﻪ وﺳﺎرﻳﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﮅ ۽ ﺳﻨﮅي ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﺪس ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ازل ﺟﻲ رﺷﺘﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎروﺋﮍن ۽ ﺟﻬﺎﻧﮕﻴﺌﮍن ﮐﻲ ڏوراﻧﻬﻦ ڏﻳﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ وﺳﺎرﻳﻮ آﻫﻲ.
ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن اﺳﺎن ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ۾ ﺧﺎﺻﻴﺘﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺧﺎﻣﻴﻮن ﭘﮡ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺤﺮﻳﺮن ﺟﻲ ذرﻳﻌﻲ ﻏﻔﻠﺖ ﺟﻲ اﮔﻬﻮر ﻧﻨﮉ ﻣﺎن ﺟﺎﮘﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ،۽ اﻫﻮ اﺑﺪي ﭘﻴﻐﺎم ڏﻧﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ’ﺳﻨﮅﻳﻮ ﺟﺎﮘﻮ! ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭘﻴﺮن ﻫﻴﭡﺎن ڌرﺗﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪي ﭘﺌﻲ وﭸﻲ! ﻫﻲ دور ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ) (competitionﺟﻮ دور آﻫﻲ .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﺟﻮد ﮐﻲ داﺋﻢ ۽ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﮣﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻋﻠﻢ ۽ ﻫﻨﺮ ،ڏات ۽ ڏاﻫﭗ ﺟﻲ ﻫﭥﻴﺎرن ﺳﺎن ﻟﻴﺲ ﻛﺮﻳﻮ“. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮن ﻟﮑﮣﻴﻮن ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ﻻ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ درﺳﮕﺎﻫﻪ ﻟﮙﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻮ ﻫﻚ ﺳﭽﻮ ۽ ﺻﺎف ﺳﻨﮅي آﻫﻲ. ﺳﻨﺪس ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌرﺗﻲ ۽ ڌرﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﺤﺒﺖ ﻏﻴﺮ ﻣﺸﺮوط ۽ ﻳﻚ ﻃﺮﻓﻲ آﻫﻲُ ،ﻫﻮ َ ﻣﺎن ،ﻣﺮﺗﺒﻲ ،اﻗﺘﺪار، دوﻟﺖ ۽ آﺳﺎﺋﺶ ﮐﺎن ﻗﻄﻌﻲ ﺑﻲ ﭘﺮواﻫﻪ اﻧﺴﺎن آﻫﻲ.
ﺳﻨﺪس ﺗﺎزي ﺗﺤﺮﻳﺮ ﻫﺮ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن دﻟﭽﺴﭗ ۽ ﭴﺎڻ ﺟﻮ ﭜﻨﮉار آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪس ﺑﺎﻗﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻦ ۾ ﻫﻚ اﻫﻢ اﺿﺎﻓﻮ آﻫﻲ .ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ’اﻳﺮان ﺑﺤﻴﺜﻴﺖ ﻫﻚ ﻣﻠﻚ‘ ۽ ’اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺤﻴﺜﻴﺖ ﻫﻚ ﻗﻮم‘ ﺟﻮ ﺟﻬﮍي ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺗﻌﺎرف ﻛﺮاﻳﻮ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﭔﻴﻮ ﻛﻮﺑﻪ ﻟﻴﮑﻚ ﻧﭥﻮ ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﻫﻦ ﺟﻬﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ،ﻣﺎﮘﻦ ۽ ﻣﻜﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﭘﺲ ﻣﻨﻈﺮ ﺟﻲ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ،اﻫﻮ واﻗﻌﻲ ﻫﻚ ﻣﺤﻘﻖ ) (scholarﺋﻲ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮ ذاﺗﻲ ﻛﺮدار ۽ اﻧﺴﺎﻧﻲ روﻳﻮ آﻫﻲ ،۽ ﮔﮇوﮔﮇ ﻫﺮ ﻧﻨﮃي وڏي ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﮐﺎن ﻋﻈﻴﻢ ﺳﻤﺠﻬﮡ ،ﺧﻮدﻧﻤﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﺧﻴﺎﻧﺖ ﮐﺎن ﭘﺮي رﻫﮡ ۽ ﻫﺮ ﺣﺎل ۾ رﺿﺎ ﺗﻲ راﺿﻲ رﻫﮡ آﻫﻲ، ﻫﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﻣﺎن ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻣﺤﺒﺖ ۽ commitmentﺳﭵﻲ اﻧﺴﺎﻧﺬات ﻻ ﺗﻪ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﺳﻨﮅ ۽ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﻮ ﻋﺸﻖ ﭴﮡ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﺟﻴﺌﮡ ﺟﻮ ﺟﻮاز ﭤﺎ ﺑﺨﺸﻴﻦ .ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ﺳﻤﻮرو وﻗﺖ اﻫﺎ ﺟﺴﺘﺠﻮ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ
ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻢ وﻃﻦ ۽ ﻫﻢ زﺑﺎن ﺳﭕﺎﺟﻬﮍن ﮐﻲ ﮘﻮﻟﻲ ﻟﻬﻲ ۽ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻧﺪر ﺟﻮ ﺣﺎل اوري .ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ دوران ﺟﻦ ﺑﻪ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮ ۽ ﺗﻌﺎرف ﺗﻔﺼﻴﻞ ﺳﺎن ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ڏﻳﻬﻪ ﺗﻮڙي ﭘﺮڏﻳﻬﻪ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﺳﻚ ۽ اﻛﻴﺮ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ڏات آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻗﺪرت ﭤﻮرن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﻄﺎ ﻛﺮي ﭤﻲ.
اﻳﺮان دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﻫﻚ ﺷﺎﻫﻮﻛﺎر ”ﺗﻬﺬﻳﺐ ) “(Civilisationرﮐﻲ ﭤﻮ، ﺟﻴﻜﺎ ﻫﺰارﻳﻦ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻲ آﻫﻲ .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ وﻳﺠﻬﻲ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ وﺟﻬﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ ﺑﻪ ﭔﻴﻦ ’ﻧﻮ آﺑﺎدﻳﺎﺗﻲ ﻣﻠﻜﻦ‘ ﺟﻴﺎن ﺳﺎﻣﺮاج ﺟﻲ ﺟﺒﺮ ،اﺳﺘﺤﺼﺎل ۽ ﭰﺮﻣﺎر ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ارڙﻫﻴﻦ ۽ اوﮢﻬﻮﻳﻦ ﺻﺪي ۾ اﻳﺮان ﺑﺮﻃﺎﻧﻮي ﺳﺎﻣﺮاج ۽ روس ﺟﻲ زار ﺷﺎﻫﻲ ﺟﻲ ’اﺳﺘﻌﻤﺎرﻳﺖ‘ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.
وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ۾ اﻳﺮان ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺴﻠﻂ ﭴﻤﺎﺋﮡ ﻻ ﻫﭣ ﭘﻴﺮ ﻫﻨﻴﺎ ،ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ اﻧﻬﻲ وﻗﺖ ۾ اﻳﺮان ۾ وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺗﻴﻞ ﺟﺎ ﮐﻮﻫﻪ ﮐﻮﭨﺠﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎ ،ﺟﻦ ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ُﻫﺌﻲ .ﭔﻲ ﻣﻬﺎﭜﺎري ﻟﮍاﺋﻲ(IInd world war) ﮐﺎﻧﭙﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻧﻮآﺑﺎدﻳﺎﺗﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺮاج دﺷﻤﻦ ) (Anti imperialismﺗﺤﺮﻳﻜﻮن ﺟﻨﻢ وﭠﻲ ﭼﻜﻴﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاﺟﻲ ﻏﻼﻣﻲ ﮐﺎن آزادي ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻌﺎﺷﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻧﺠﺎت ﻻ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ۾ ازﻟﻲ وﻳﮍﻫﻪ وڙﻫﮡ ﻻ ﺗﻴﺎر ﻫﻴﻮن .اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ اﻧﻬﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺮاج دﺷﻤﻦ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺷﺪت ﺳﺎن ُاﭜﺮي ُﻫﺌﻲ ،ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ ﭘﺎرﭨﻲ )ﺗﻮده ﭘﺎرﭨﻲ( ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻲ ﻣﺤﺪودﻳﺖ ﺟﻲ ﻛﺮي ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ۱۹۶۸-۶۹ع ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺟﻴﺎن ’ﭘﺎﭘﻮﻟﻮزم‘ ڏاﻧﻬﻦ وڌي وﻳﺌﻲ ،ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ ﭘﺎرﭨﻲ ،ﻫﻚ ’ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ اﻧﻘﻼب‘ ،ﺑﺪران ’ﺟﻤﻬﻮري اﻧﻘﻼب‘ ﺟﻮ ﭘﺮوﮔﺮام ڏﻧﻮ ﻫﻮ.
اﻳﺮان ﺟﺎ ﭘﺎﭘﻮﻟﺮ ﻟﻴﮉر ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻴﺎن ’ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ اﻧﻘﻼب‘ ﺑﺪران ’ﺟﻤﻬﻮري اﻧﻘﻼب‘ ﺟﻲ واٽ ﺗﻲ اﻳﺘﺮو اﮘﺘﻲ وڌي وﻳﺎ ،ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﭼﻮﻧﮉن ﺟﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ۾ ’ﺳﻮﺷﻠﺰم‘ ﮐﻲ ﺻﺮف ﻧﻌﺮي ﺑﺎزي ﻃﻮر ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ۱۹۵۱ .ع ﺟﻲ ﭼﻮﻧﮉن ۾ ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ اﮘﻮاڻ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ ُﻣﺼﺪق اﻳﺮان ﺟﻮ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ﭼﻮﻧﮉﺟﻲ وﻳﻮ .ﻣﺤﻤﺪ ُﻣﺼﺪق ﺑﻪ ﺷﻬﻴﺪ ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ُﭜﭩﻲ ﺟﻴﺎن ’وڏي ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ‘ ﺗﻲ ﺳﮅارن ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﻛﺌﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ ۾ اﺿﺎﻓﻮ ﭤﻴﻨﺪو وﻳﻮ .ﭘﺮ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﺗﻴﻞ ۽ ﭔﻴﻦ اﻫﻢ ﺷﻌﺒﻦ ﮐﻲ ۱۹۵۱ع ۾ ’ﻗﻮﻣﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ‘ ۾ وﭠﮡ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺧﻼف ﺳﺎﻣﺮاﺟﻲ ﺳﺎزﺷﻮن ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﺪ ُﻣﺼﺪق ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪاراﻧﻪ رﻳﺎﺳﺖ ۽ ﻣﻌﻴﺸﺖ ﺟﻲ ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ ﺑﻨﻴﺎدن ﮐﻲ ﻣﻜﻤﻞ ﻃﻮر ﺗﺒﺪﻳﻞ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ ،ان ﻛﺮي اﻧﻘﻼب اڌورو رﻫﺠﻲ وﻳﻮ. ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن واﻧﮕﺮ ﺟﻬﮍي رﻳﺖ ﻓﻮﺟﻲ ﺟﻨﺮﻟﻦ ﺟﻲ ذرﻳﻌﻲ ﺷﻬﻴﺪ ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ُﭜﭩﻲ ﮐﻲ ﻫﭩﺎﻳﻮ ،اﻫﺎ ﺳﺎﮘﻲ واٽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻓﻮﺟﻲ ﺟﻨﺮﻟﻦ ،ﺳﺎﻣﺮاج ﺟﻲ اﺷﺎري ﺗﻲ ’ ُﻣﺼﺪق ﺣﻜﻮﻣﺖ‘ ﺟﻲ ﺗﺨﺘﻲ اوﻧﮅي ﻛﺮڻ وﻗﺖ ﻛﻢ آﻧﺪي ۽ ﻣﺼﺪق ﮐﻲ ﻣﻌﺰول ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .اﻳﺮان ﺗﻲ زﺑﺮدﺳﺘﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﻣﺴﻠﻂ ﻛﺌﻲ وﻳﺌﻲ .رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﮐﻲ ﻧﻪ ﺻﺮف اﻳﺮان ﺟﻮ ”ﺑﺎاﺧﺘﻴﺎر“ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ ،ﭘﺮ ڏﮐﮡ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻧﮕﺮاﻧﻲ ﻻ’ ﻛﻤﺪار‘ ﭘﮡ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.
۱۹۵۱ع ﮐﺎن ۱۹۷۹ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻫﺰارن ﮐﺎن وڌﻳﻚ آﻣﺮﻳﻜﻲ اﻳﺮان ۾ ﻣﻘﺮر ﭤﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎ .اﻧﻬﻦ ﺟﻮ روﻳﻮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺳﺎن ﺣﺎﻛﻤﺎﻧﻪ ۽ ذﻟﺖ آﻣﻴﺰ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ ۾ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ﺟﻲ ﺧﻼف ﻧﻔﺮت ﺟﻮ ’ﮔﺮاف‘ وڌي وڻ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺧﻔﻴﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ”ﺳﺎواڪ ) “(savakاﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎﺷﻌﻮر ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اذﻳﺖ ﮔﺎﻫﻦ ۾ ﺑﻨﺪ ﻛﺮي ،ﻇﻠﻢ ۽ ﺟﺒﺮ ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﻨﺎﻳﻮ .ﻣﺰدور ﺗﻨﻈﻴﻤﻦ ،ﺷﺎﮔﺮد ﺗﻨﻈﻴﻤﻦ ۽ ﮐﺎﭔﻲ ڌر ﺟﻲ ﻛﺎرﻛﻨﻦ ﺟﻮ وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم ﻛﻴﻮ وﻳﻮ” .ﺳﺎواڪ ) “(savakﺟﻮن اذﻳﺖ ﮔﺎﻫﻮن ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻇﻠﻢ ،ﺗﺸﺪد ۽ وﺣﺸﻴﺎﮢﻲ ﭨﺎرﭼﺮ ﺟﻲ ﻛﺮي ﺑﺪﻧﺎم ﭤﻴﻮن.
۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﭘﻮﻳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺶ ۽ وﻃﻦ ﭘﺮﺳﺖ ﻋﻮام ﺗﻲ ﺳﺎﻣﺮاﺟﻲ ،رﻳﺎﺳﺘﻲ ﻇﻠﻢ ۽ ﺑﺮﺑﺮﻳﺖ ﺟﻲ ﻫﻚ ڊﮔﻬﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ آﻫﻲ .آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺟﻲ ﺧﻼف ’ﻧﻔﺮت‘ ،اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻮ ’ﺑﻨﻴﺎد‘ آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ِﺳﺮﺟﮡ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ ﭘﺎرﭨﻲ )ﺗﻮده ﭘﺎرﭨﻲ( ﺟﻮ )ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺼﺪق ﮐﻲ ﻣﻌﺰول ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﭘﻮ اﻧﮉر ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ ﻛﻢ ﻛﻨﺪي رﻫﻲ( ،اﻫﻢ ﻛﺮدار آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺑﻪ ﻋﺒﺎدت ﮔﺎﻫﻦ ۾ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺧﻼف ﻋﻮام ﮐﻲ ﻣﻨﻈﻢ ﻛﺮڻ ۾ اﻫﻢ ﻛﺮدار ادا ﻛﻴﻮ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ”ﺗﻮده ﭘﺎرﭨﻲ“ ﺟﻲ ﻛﺎرﻛﻨﻦ رﮐﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻦ اﺻﻔﻬﺎن ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،زاﻫﺪان ،ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﺗﻴﻞ ۽ ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻲ ﻓﻴﻜﭩﺮﻳﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﺻﻨﻌﺘﻦ ۽ ادارن ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﭘﻮرﻫﻴﺘﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻈﻢ ۽ ﻣﺘﺤﺪ ﻛﻴﻮ ۽ ﺳﺎﻣﺮاج ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺧﻼف ﻓﻴﺼﻠﻲ ﻛﻦ وﻳﮍﻫﻪ وڙﻫﮡ ﻻ ﺗﻴﺎر ﻛﻴﻮ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺶ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ آﺑﻴﺎري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ رﻳﭩﻲ رت ﺳﺎن ﻛﺌﻲ ،ﭘﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺎج ﺗﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻲ اﺛﺮ ﻛﺮي اﻧﻘﻼب ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻓﺎﺋﺪو ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ ﭘﻴﻮ .رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ آﻳﺖ ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ،اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻴﺎﺳﻲ ،روﺣﺎﻧﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ﺑﻨﺠﻲ وﻳﻮ ۽ ﺑﻌﺪ ۾ ﮐﻴﺲ اﻣﺎم ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻧﻮ وﻳﻮ. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ،اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ۽ ﺟﺪوﺟﻬﺪ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ۾ ﺗﻔﺼﻴﻠﻲ روﺷﻨﻲ وڌي آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ،ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻟﻴﮉر ۽ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭵﻲ زﻧﺪﮔﻲ، ﭘﺎڻ ﮐﻲ ڏﮐﻴﻮ رﮐﻲ ،اﻧﺴﺎﻧﺬات ﺟﻲ ﭜﻼﺋﻲ ۽ ﺳﮏ ﻻ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ .ﻫﻮ وڏو ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﻣﻘﺮر ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ دل ﺳﺎن ﻋﺰت ۽ ﭘﻴﺎر ﭤﻲ ﻛﻴﻮ ۽ ﻫﻦ اﻧﺴﺎن ،ﺟﻴﻜﻮ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ﻣﺎﻟﻲ ﻃﻮر ﻛﻤﺰور ۽ ﻏﺮﻳﺐ ﻫﻮ ،ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ،ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻐﺮب ﭘﺮﺳﺖ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ڊاﻫﻲ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﮡ ﻻ اﻧﻘﻼب آﻧﺪو.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ۲۴ ،ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۱۹۰۲ع ) ۲۰ﺟﻤﺎدي اﻟﺜﺎﻧﻲ ۱۳۲۰ﻫﻪ( ﺗﻲ ”ﺧﻤﻴﻦ“ ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﻫﻮ ”ﺧﻤﻴﻨﻲ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ُاﻫﺎﺋﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﺑﻲ ﺑﻲ ﻓﺎﻃﻤﺔ اﻟﺰﻫﺮا ﺟﻲ آﻫﻲ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ’روح ا� ﻣﻮﺳﻮي‘ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭔﻪ ﻟﻘﺐ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ،آﻳﺖ ا� ۽ اﻣﺎم.
اﻳﺮان ۾ ان وﻗﺖ ﺟﻲ وڏي ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ آﻳﺖ ا� ُﺑﺮوﺟﺮدي ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ ،اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﺟﺎ ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻟﻴﮉر ﻳﻌﻨﻲ ’آﻳﺖ ا�‘ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺧﻼف ﺟﻬﺎد زور وﭠﮡ ﻟﮙﻮ. ﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻐﺮب ﺗﻲ ﭜﺎڙڻ واري ﭘﺎﻟﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﻧﻨﺪا ﻛﺌﻲ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺟﻲ ﻛﺮي ،ﻗﻴﺪ ۽ ﺑﻨﺪ ۾ وڌو وﻳﻮ .ﺑﻌﺪ ۾ ﻋﻮام ﺟﻲ ﻣﺰاﺣﻤﺖ ﻛﺮي ،ﻫﻦ ﮐﻲ ﺟﻼوﻃﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ۴ .ﻧﻮﻣﺒﺮ ۱۹۶۴ع ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﻃﻦ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ .ﮐﻴﺲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺮﻛﻲ ’ ‘Deportﻛﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ ازﻣﻴﺮ ۽ ﺑﺮﺳﺎ ۾ رﻫﻴﻮ ،ﺑﻌﺪ ۾ ﮐﻴﺲ آﻛﭩﻮﺑﺮ ۱۹۶۵ع ۾ ﻋﺮاق ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﺳﺎل ’ﻧﺠﻒ‘ ۾ رﻫﻴﻮ .ﻫﻮ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮون ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺎﻧﻦ وارﻳﻦ ﻛﺌﺴﻴﭩﻦ ﺗﻲ ﭨﻴﭗ ﻛﺮي اﻳﺮان ﻣﻮﻛﻠﻴﻮن وﻳﻮن ﭤﻲ ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﺎن ﻣﺎﮢﻬﻦ وڌﻳﻚ ﻛﺌﺴﭩﻮن ﭨﻴﭗ ﻛﺮي ،ﻋﻮام ۾ ورﻫﺎﻳﻮن ﭤﻲ .آﺧﺮ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺣﻜﻮﻣﺖ اﻫﻮ ﮔﮇﻳﻞ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ وﭸﻲ ،ان وﻗﺖ ﻋﺮاق ﺟﻮ ﻧﺎﺋﺐ ﺻﺪر ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ زوري ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ’ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ وﻳﺰا‘ ﺗﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ. ﻋﻮام ﺟﻲ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﺟﺪوﺟﻬﺪ ﺟﻲ ﻛﺮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ .ﭘﻮرن ﭔﻦ ﻫﻔﺘﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻴﺒﺮوري ۱۹۷۹ع ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ۱۵ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺟﻼوﻃﻨﻲ ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ آﻳﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺮزﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻗﺪم رﮐﮡ ﮐﺎن ﭘﻮ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ” :ا� ﻧﻪ ﻛﺮي ،ﭘﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﭸﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﻫﻠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ اڄ ﻫﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﻤﻮرو ﺗﻴﻞ ڌارﻳﻦ ﮐﻲ ڏﻳﺌﻲ ﮀﮇي ﻫﺎ؛ اﺳﺎن ڌارﻳﻦ ﺟﺎ ﻏﻼم ﭤﻲ رﻫﻮن ﻫﺎ .اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ اﺳﺎن داﻧﻬﻮن ﭤﺎ ﻛﺮﻳﻮن ،اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ،ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻮن ﮔﻬﭩﻴﻮن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﺟﻲ ﺧﻮن ﺳﺎن ﮘﺎڙﻫﻴﻮن ﭤﻲ وﻳﻮن آﻫﻦ. آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ان ﺟﺎ ﮀﺎڙﺗﺎ ﻋﺮب ﻟﻴﮉر ،دﻫﺸﺘﮕﺮد ۽ ﻗﺰاق آﻫﻦ“.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ۸۶ورﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۳ﺟﻮن ۱۹۸۹ع ﺗﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﺳﻨﺪس ﺟﻨﺎزي ۾ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﺮﻳﻚ ﭤﻴﺎ.
ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻟﮑﻲ ﭤﻮﺗﻪ ”ﺟﻮن ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﮔﺮم ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﺮن ﻣﺎن ﻧﻜﺮي ﺳﻤﻨﮉ واﻧﮕﺮ اﭤﻠﻲ ﭘﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﮐﻴﻦ ﻧﻪ اڃ ۽ ﺑﮏ ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﻪ ﮔﺮﻣﻲ ﺟﻲ .ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ رش ۾ ﭼﻴﭝﺎﭨﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﺮي وﻳﺎ .ﮔﺮﻣﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ ﻛﺮڻ ﻻ ﺳﺮﻛﺎري ﻓﺎﺋﺮﺑﺮﮔﻴﮉ ﺟﻮن ﮔﺎڏﻳﻮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﭥﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﻫﺎرﻳﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺟﻨﺎزي ۾ آﻳﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﭨﻴﻬﻦ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻫﻮ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،اﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ۾ وڏو ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ’ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮه‘ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻻڏاﮢﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ اڄ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺳﺎﻣﺮاج دﺷﻤﻦ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻦ ﺗﻲ ﮔﺎﻣﺰن آﻫﻲ .ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ”آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮙﻨﺪڙ ) sanctionsﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻦ( ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد اﻳﺮان ﻛﻴﺌﻦ اڏول آﻫﻲ؟ ﻛﻴﺌﻦ ﭘﺮﻋﺰم آﻫﻲ؟ ﻛﻴﺌﻦ ﻫﺮ راﻫﻪ ﺗﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ؟ اﻫﺎ دﻧﻴﺎ ﻻ ﺣﻴﺮت ﺟﻮﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ان ﻣﺎن اﺗﺴﺎﻫﻪ ) (inspirationوﭠﻲ ،ﺳﺒﻖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .ﺑﻘﻮل اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ آﺳﭩﺮﻳﻠﻴﺎ ﺟﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ )ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻲ( ﺟﻴﻜﻮ ﭼﺮﭼﻲ ﭼﺮﭼﻲ ۾ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻲ ”اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ آﻫﻲ ،ان ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ُﺳﮅرو!“ ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎري ۽ ﺣﺎﻛﻤﻴﺖ ﺟﻲ ﺗﺼﻮر ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻘﺸﻮ ﭼﭩﻴﻮ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﻫﻚ ﻣﺜﺎﻟﻲ ۽ آزاد رﻳﺎﺳﺖ ﻻ ﺿﺮوري آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﻫﻚ دوﺳﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻗﺎﻫﺮه ﺟﻮ رﻫﻮاﺳﻲ آﻫﻲ ،اﻫﻮ اﻳﺮان ﮔﻬﻤﮡ اﻳﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻳﺮان ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻲ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ”ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ اٺ ﺳﺎل ﻟﮍاﺋﻲ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ ،اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﻧﺴﻞ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭘﻮڙﻫﺎ ۽ ﭔﺎر ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻃﺮﻓﺎن ﺳﺨﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻮن ) (sanctionsﻟﮙﻞ آﻫﻦ ،ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻴﮇي ﻧﻪ ﻋﻈﻴﻢ ۽ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﻗﻮم آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺳﮑﻴﻮ ﺳﺘﺎﺑﻮ ﻣﻠﻚ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ اﻣﻴﺮ ﺗﻮڙي ﻏﺮﻳﺐ ﺧﻮش آﻫﻲ .ﭔﺌﻲ وﻗﺖ ﻣﺎﻧﻲ ﭤﻮ ﮐﺎﺋﻲ ۽ ﻋﺰت ﺟﻲ روزي ﭤﻮ ﻛﻤﺎﺋﻲ .ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ ﺳﺌﻲ ﺳﮙﻲ ﮐﺎن وﭠﻲ ﺑﺴﻮن ۽ ﭨﺮﻳﻜﭩﺮ ﭤﻮ ﭠﺎﻫﻲ “.اﻳﺮان ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﺗﻮڙي ﺧﺎﻧﮕﻲ ﺳﻴﻜﭩﺮ ۾ ﻛﺎرن ﺟﺎ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ آﻫﻦ ۽ ﻧﻮي ﺳﻴﻜﮍو آﺑﺎدي ﻣﻘﺎﻣﻲ ﻛﺎرون اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮي ﭤﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ اﻳﺮان ﻣﺴﻠﺴﻞ آﻣﺮﻳﻜﻲ رﺟﻌﺘﻲ ﻳﻠﻐﺎر ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﮣﻴﻞ آﻫﻲ ،ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺻﺪر ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﭩﺎﺋﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮ ،ﻫﻦ ﺧﻄﻲ ۾ اﻳﺮان ﻫﻚ ’آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻣﺨﺎﻟﻒ‘ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ُاﭜﺮﻳﻮ آﻫﻲ .ﻟﺒﻨﺎن ۾ ﺣﺰب ا� ﺟﻲ ﻫﭥﺎن اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﺟﻲ ﺷﻜﺴﺖ ﮐﺎن ﭘﻮ ،اﻳﺮان ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺣﻮﺻﻠﻮ ﻣﻠﻴﻮ آﻫﻲ .اڄ ﮐﺎن ۲۱ﺳﺎل اڳ ۱۹۸۷ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﺣﻤﺎﻳﺖ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﺷﺮوع ﻛﻴﻞ ﺟﺎرﺣﻴﺖ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﻣﭥﺎن آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﻃﺮﻓﺎن ڏﻧﻞ ﻣﻴﺰاﺋﻞ وﺳﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ،ان وﻗﺖ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺧﻄﺮو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ اﺋﭩﻤﻲ ﻫﭥﻴﺎر ﺗﻴﺎر ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﺧﻼف اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .اﻧﻬﻲ وﻗﺖ اﻳﺮان ۾ ﺳﺎﺑﻖ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫ ِﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ،ﺟﻴﻜﻮ ۱۹۷۰ع ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺋﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﺷﺮوع ﻛﺮاﻳﻮ ﻫﻮ ،ان ﮐﻲ ﭔﻴﻬﺮ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ وﻳﻮ. ﻫﻦ ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﻲ ﻓﻲ اﻟﺤﺎل ”” “IAEAاﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ اﺋﭩﻤﻚ اﻧﺮﺟﻲ اﻳﺠﻨﺴﻲ“ ﮐﺎن ﺧﻔﻴﻪ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ ان ﮐﻲ روﻛﻴﻮ ﻧﻪ وﭸﻲ ۽ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﺑﭽﺎﻳﻮ وﭸﻲ ،ﭘﺮ ﻋﺮاق-اﻳﺮان ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﻲ ﻣﻌﻄﻞ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺣﺎﻻﻧﻚ اﻳﺮان ﮐﻲ اﻫﻮ ﺣﻖ ﺣﺎﺻﻞ ﻫﻮ ﺗﻪ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﺷﺮوع ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ؛ ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ اﻳﺮان ” “NPTﻣﻌﺎﻫﺪي ﺗﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮي ﭼﻜﻮ ﻫﻮ ،ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﺠﻠﻲ ۽ ﺗﻮاﻧﺎﺋﻲ ﻻ ﺟﻮﻫﺮي ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﻲ ﺗﺮﻗﻲ ڏﻳﮡ ﺟﻮ ﺣﻖ ﺑﻪ آﻫﻲ.
۹ﻓﻴﺒﺮوري ۲۰۰۳ع ﺗﻲ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﭔﻴﻬﺮ ﺷﺮوع ﻛﺮڻ ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ان ﻣﺎن اﺋﭩﻤﻲ ﺑﺠﻠﻲ ﭘﻴﺪا ﻛﺮي ،ﻣﻠﻜﻲ ﺻﻨﻌﺘﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﺪاوار وڌاﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ۽ ﻋﺎم ﺷﻬﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﺠﻠﻲ ﻓﺮاﻫﻢ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ. اﻳﺮان IAEAﮐﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻮﻫﺮي ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻮ ﻣﻌﺎﺋﻨﻮ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ .ﻓﻴﺒﺮوري ۲۰۰۳ع ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ IAEA ﻃﺮﻓﺎن ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺒﺮادي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻧﺴﭙﻴﻜﭩﺮن ﺟﻲ ﭨﻴﻢ ﺳﺎن اﺋﭩﻤﻲ ﺟﻮﻫﺮي ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻮ ﻣﻌﺎﺋﻨﻮ ﻛﻴﻮ ۽ اﭨﻜﻞ ﮀﻬﻪ ﭜﻴﺮا IAEAﺟﺎ اﻧﺴﭙﻴﻜﭩﺮ ﻣﻌﺎﺋﻨﻮ ﻛﺮي ﭼﻜﺎ آﻫﻦ. آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻒ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان وٽ ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﺎ ذﺧﻴﺮا وڏي ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ ،ان ﻛﺮي اﻳﺮان ﻃﺮﻓﺎن اﺋﭩﻤﻲ ري اﻳﻜﭩﺮ ﭘﺮوﮔﺮام ﺧﺘﻢ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺠﺎد ﭼﻮﻧﮉﺟﻲ اﭼﮡ ﮐﺎن ﭘﻮ اﻫﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﻻ’ ﻳﻮرﻳﻨﻢ‘ ﭘﻴﺪا ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﻪ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ .آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ”ﭔﭩﻲ“ ”ﻧﺎن ﭘﺮوﻟﻴﻔﺮﻳﺸﻦ ﭘﺎﻟﻴﺴﻲ“ آﻫﻲ. اﺳﺮاﺋﻴﻞ ،ﭜﺎرت ۽ ﭔﻴﻦ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺣﺎﻣﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ اﺋﭩﻤﻲ ﺳﮕﻬﻪ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ،ﭘﺮ اﻳﺮان ﮐﻲ اﻫﺎ ﻧﻪ ﭤﻲ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ ،ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻫﻦ ﺧﻄﻲ ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﺷﺪﻳﺪ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﻛﺮي ﭤﻮ.
اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم وﻃﻦ ﭘﺮﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﺎري ﺳﻨﮕﻬﺮن ۾ ﺳﻠﻬﺎڙﻳﻞ آﻫﻲ ،ان ﮐﻲ ﻛﻮﺑﻪ ﺳﺎﻣﺮاج ،ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻲ زور ﺗﻲ ﺧﺘﻢ
ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﻧﺴﻠﻲ ﮔﺮوﻫﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﺳﻨﺪن اﺗﺤﺎد ﻻزوال ۽ اڻ ﭨﭧ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ۹۸ﺳﻴﻜﮍو آﺑﺎدي ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ۹۰ﺳﻴﻜﮍو ﺷﻴﻌﻪ َﻣﺴﻠﻚ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻦ ﭤﺎ ۽ ﺑﺎﻗﻲ ۸ﺳﻴﻜﮍو ﺳﻨﻲ َﻣﺴﻠﻚ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻦ ﭤﺎ ۲ .ﺳﻴﻜﮍو آﺑﺎدي ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ ﺑﻬﺎﺋﻲ ،ﻣﻨﺪﻳﻦ ،ﻫﻨﺪو، زردﺷﺖ ،ﻳﻬﻮدي ۽ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ.
اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻲ ’ﻧﺴﻠﻲ ﮔﺮوپ‘ آﺑﺎد آﻫﻦ ،اﻧﻬﻦ ۾ ﭘﺮﺷﻴﻦ ،اذري ،ﮔﺎﻛﻲ ،ﻣﺰداراﻧﻲ ،ﻛﺮد ،ﻋﺮب ،ﺑﻠﻮچ ،ﺗﺮﻛﻤﻴﻦ، ﻗﺎﺷﻘﺎﺋﻲ ،آرﻣﻴﻨﻴﻦ ،ﺟﺎرﺟﻴﻦ ،ﮔﻴﺮوﮔﻴﻦ ،اﺳﺎﺋﺮﻳﻦ ،ﻛﺮﻛﺎﺳﻴﻦ ۽ ﭘﺸﺘﻮن وﻏﻴﺮه ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﻧﺴﻠﻲ ﮔﺮوﻫﻦ ﮐﺎن ﺑﺎﻻﺗﺮ آﻫﻲ ،ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﻣﺤﻮر ﺻﺮف اﻳﺮان آﻫﻲ ،ان ﻛﺮي اﻫﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ﭤﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﻋﻘﻴﺪي ۽ ﻋﺒﺎدت ﺟﻲ ﻣﻜﻤﻞ آزادي آﻫﻲ .اﻳﺮان ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ رﻳﺎﺳﺖ ) (Theocratic stateﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻫﻚ ’ﻏﻴﺮ ﺟﺎﻧﺒﺪار‘ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ڏﻳﮏ ڏﺋﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﺘﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮن ﻋﺒﺎدت ﮔﺎﻫﻮن آﻫﻦ ،اﺗﻲ ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ ،ﻣﻨﺪر ۽ ﭔﻴﻮن ﻋﺒﺎدت ﮔﺎﻫﻮن ﭘﮡ آﻫﻦ .ﺟﻴﺘﺮي رواداري ،ﺳﻬﭗ ۽ ﺑﺮدﺑﺎري اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ۾ آﻫﻲ ،اﻳﺘﺮي ﺷﺎﻳﺪ ﻛﻨﻬﻦ اﺳﻼﻣﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻠﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ وڏي ﺧﻮﺑﻲ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮُ ان ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺪﻳﻢ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ورﺛﻲ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ ۽ داﺋﻢ رﮐﻴﻮ آﻫﻲ ،ﻗﺪﻳﻢ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ،ﻣﺠﺴﻤﺎ ۽ ﻣﻮرﺗﻴﻮن ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻠﻨﺪﻳﻮن ،اﻳﺮان ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن واﻧﮕﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ورﺛﻲ ﮐﻲ ﺧﺘﻢ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﺎ وڏا ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ،ﻣﺸﻬﺪ ﻣﻘﺪس ،اﺻﻔﻬﺎن ،ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ،ﻗﻢ ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،اﻫﻮاز ۽ ﺷﻴﺮاز ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرﺗﻲ، ﺻﻔﺎﺋﻲ ﺳﭥﺮاﺋﻲ ،روﺷﻦ رﺳﺘﻦ ،ﮔﻠﻦ ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻞ ﭘﺎرﻛﻦ ،ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺎﮘﻦ ﻣﻜﺎﻧﻦ ۽ ﻣﻮاﺻﻼﺗﻲ ﻧﻈﺎم ﺟﻲ ﻛﺮي ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ وڏي ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﻧﺎﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻓﻘﻴﺮ ۽ ُ ﻛﺘﻮ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪو.
ﻣﺸﻬﺪ ،ﻣﻘﺪس ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﭘﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ آﻫﻲ’ .ﺷﻴﻌﻪ‘ ﻓﺮﻗﻲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم اﭠﻮن اﻣﺎم آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻋﻮام اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ آﺧﺮي آرام ﮔﺎﻫﻪ ﮐﻲ ’ﺣﺮم ﺷﺮﻳﻒ‘ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻢ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن ﻟﮑﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﭵﻮ ﺳﺎل ﻣﺸﻬﺪ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ ’ﺿﺮﻳﺢ ﻣﺒﺎرڪ‘ ﻳﻌﻨﻲ آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮﻳﻦ ﭤﺎ .ﻫﻚ اﻧﺪازي ﻣﻄﺎﺑﻖ روزاﻧﻮ ﻫﻚ ﻟﮏ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮﻳﻦ ﭤﺎ .ﭼﻮوﻳﻬﻪ ﺋﻲ ﻛﻼڪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻼوت ﻗﺮآن ﭘﺎڪ ﻛﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ .ﻧﻤﺎز ادا ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ’ﺿﺮﻳﺢ ﻣﺒﺎرڪ‘ ﮐﻲ ﻫﭣ ﻟﮙﺎﺋﻲ دﻋﺎﺋﻮن ﮔﻬﺮن ﭤﺎ .ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﭜﻴﺮو ﺷﺎﻧﺪار ’ﻟﻨﭻ‘ ﮐﺎراﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ ’ﻣﻴﺰﺑﺎﻧﻲ‘ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ .اﻣﺎم ﺟﻲ ﻣﺮﻗﺪﮔﺎﻫﻪ ﺟﺎ وڏا ﻛﺸﺎدا اﻳﻮان آﻫﻦ .ﭔﺎﻫﺮان آﻳﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻻ ﻛﻠﭽﺮل ﺳﻴﻨﭩﺮ اﺣﺎﻃﻲ ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﭔﺎﻫﺮان آﻳﻞ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ،اردو ،ﻓﺎرﺳﻲ ۽ روﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺗﻲ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ ﻣﻔﺖ ﻓﺮاﻫﻢ ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ.
اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﮐﺎن ﺳﻮا ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ۶۰ﮐﻦ زﻳﺎرﺗﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ ﺑﻲ ﺑﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﻫﻤﺸﻴﺮه اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ،ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ،اﻣﺎم زاده ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق ،اﻣﺎم زاده اﺑﺮاﻫﻴﻢ ،اﻣﺎم زاده ﺳﻴﺪ ﺟﻤﺎل ﻣﻮﺳﻲ ،اﻣﺎم زاده ﻋﻠﻲ ،اﻣﺎم زاده اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ،اﻣﺎم زاده ﺣﻤﺰه، اﻟﺪﻳﻦ ،اﻣﺎم زاده اﺑﻮ ﺟﻌﻔﺮ ،اﻣﺎم زاده زﻳﺪ ،اﻣﺎم زاده ٰ ﻣﺮﺗﻀﻲ ،ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻄﻴﻄﮫ وﻏﻴﺮه ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ. اﻣﺎم زاده ٰ
ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻬﺬب ۽ ﺟﻤﻬﻮري رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ اﻫﺎ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ان ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﺧﻼﻗﻲ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻣﺎﭘﺎ ڏﭠﺎ وﻳﻨﺪا آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﻣﺎﭘﻦ ۾ ”آﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻻدﺳﺘﻲ“ ”ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ“ ،ﺳﻤﺎﺟﻲ اﻧﺼﺎف“ ۽ ”ﺷﻬﺮي آزادﻳﻮن“ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ.
۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺳﻴﺎﺳﻲ ،ﻣﻌﺎﺷﻲ ۽ اﺧﻼﻗﻲ ﺗﺒﺪﻳﻠﻴﻮن آﻳﻮن آﻫﻦ .ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻧﺌﻴﻦ ﭠﺎﻫﻴﻞ آﺋﻴﻦ ﺗﺤﺖ ﺳﭛ ”ادارا“ ) (institutionsﻫﻼﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﻛﺎﺑﻪ ﺷﺨﺼﻴﺖ آﺋﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﺎﻻﺗﺮ ﻧﺎﻫﻲ ،ﻫﺮ ﺳﻴﺎﺳﻲ اداري ”ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ،اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ۽ ﻋﺪﻟﻴﻪ“ ﮐﻲ ڌار ڌار اﺧﺘﻴﺎرات ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻦ ،ﻫﺮ ادارو ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻴﺼﻠﻲ ﻛﺮڻ ۾
آزاد ۽ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎر آﻫﻲ.
اﻳﺮان ۾ ’ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻴﺖ‘ ﮐﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ۾ ﺳﭛ ﺷﻬﺮي ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻦ. ﺳﻤﻮرا ﺷﻬﺮي رﺿﺎ ﺧﻮﺷﻲ ﺳﺎن ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ اﻃﺎﻋﺖ ﻛﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻮل ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ۾ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻲ ﻣﺪاﺧﻠﺖ ﺑﻠﻜﻞ ﮔﻬﭧ آﻫﻲ ،ﭘﻮﻟﻴﺲ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﻻ آزار ﻧﺎﻫﻲ ،ﭘﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺪدﮔﺎر آﻫﻲ؛ اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻛﻮ اﺟﻨﺒﻲ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ رﺳﺘﻮ ﭜﻠﺠﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﭙﺎﻫﻲ وٽ ﮔﻬﺮﺑﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﻘﺸﻮ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ ۽ اﻫﻮ آﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﭜﻠﻴﻞ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﮐﻲ دڳ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻋﻤﻞ دﺧﻞ ﺳﻤﺎﺟﻲ اﻧﺼﺎف ) (social justiceﮐﻲ آﻫﻲ.ا ﻳﺮاﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻮﺷﺶ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮي ﮐﻲ ﻋﻘﻴﺪي ،ﺟﻨﺲ ،رﻧﮓ ۽ ﻧﺴﻞ ﺟﻲ ﻓﺮق ﮐﺎن ﺳﻮا ﺑﻨﻴﺎدي ﺿﺮورﺗﻮن ﻣﻬﻴﺎ ﻛﻴﻮن وﭸﻦ ،ﺟﻦ ۾ اﭨﻮ ،ﻟﭩﻮ ،اﺟﻬﻮ ،ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺻﺤﺖ ﺟﻮن ﺳﻬﻮﻟﻴﺘﻮن ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﺧﻮﺑﻲ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﺘﻲ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﻫﻤﻴﺖ ڏﻧﻲ وﻳﺌﻲ آﻫﻲ؛ اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻦ ﺟﻲ وﻫﻨﻮار ۾ ﮐﻴﻦ ﺑﺮاﺑﺮي ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. ﻓﻮج ،اﻳﺌﺮﻓﻮرس ،ﻧﻴﻮي ۽ ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ ﻧﺠﻲ دﻛﺎﻧﻦ ۾ ﭘﮡ ﻋﻮرﺗﻮن ﻛﺎروﺑﺎر ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﺳﭛ ﮐﺎن ﻧﺮاﻟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﺲ ڊراﺋﻴﻮر آﻫﻦ ۽ ﭘﮡ ﭔﺎرن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﻣﺨﺼﻮص ﭨﻴﻜﺴﻴﻮن ﻫﻼﺋﻲ ﺣﻼل ﺟﻮ روزﮔﺎر ﻛﻤﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻼف اﻫﺎ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮوﭘﻴﮕﻨﮉا ﺑﻠﻜﻞ ﻏﻠﻂ آﻫﻲ ﺗﻪ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﮔﻬﺮﺟﻲ ﭼﺎر دﻳﻮاري ۾ ﻗﻴﺪ ۽ ﺑﻨﺪ رﮐﻴﻮو ﻳﻮ آﻫﻲ” .زﻣﻴﻨﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ) (ground realityاﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺎج ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺎن ۽ ﻣﺮﺗﺒﻮ ﻋﻮرت ﮐﻲ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺻﺮف ﻏﻴﺮ اﺧﻼﻗﻲ ﺣﺮﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﭔﻨﺠﻮ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﻋﻮرت ﺟﻲ ﺗﻘﺪس ﺟﻲ ﭘﺎﺋﻤﺎﻟﻲ وارﻳﻦ ﻣﺤﻔﻠﻦ ۽ ﺣﺮﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻨﺪ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﻓﺤﺎﺷﻲ ۽ ﻋﺮﻳﺎﻧﻲ ﮐﻲ روﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺎج ۾ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮي واري ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﻋﻮام ﮐﻲ ﺷﻬﺮي ﺣﻖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻦ .ﺗﺤﺮﻳﺮ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ ،ﻋﻘﻴﺪي ۽ ﻋﺒﺎدت ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ”ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم“ ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﻼزم ﮐﻲ ﺣﺼﻲ وﭠﮡ ﺗﻲ ﻛﺎ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﺎﻫﻲ .ﺻﺮف ’ﻻزﻣﻲ ﺳﺮوس‘ ﻳﻌﻨﻲ ﻓﻮج ﺟﻲ اﻫﻠﻜﺎر ﮐﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ۾ ﺣﺼﻲ وﭠﮡ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي آﻫﻲ .ﻣﻮﺟﻮده اﻳﺮاﻧﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺠﺎد ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن اﺳﺘﺎد آﻫﻲ ،ﻫﻮ ﺗﻬﺮان اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﻣﺴﺘﻘﻞ اﺳﺘﺎد آﻫﻲ .اﮘﻮﮢﻮ ﺻﺪر ڊاﻛﭩﺮ اﻛﺒﺮ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﭘﮡ ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن اﺳﺘﺎد آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ آرﭤﻮﭘﻴﮉڪ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ﺟﻮ ﻫﻴﮉ آف ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﻼزم ﻣﻮﻛﻞ وﭠﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ”ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻋﻬﺪي“ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ ) (Contestﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ۾ ﺻﺪارﺗﻲ ﻋﻬﺪي ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺴﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎدﮔﻲ ۽ ﻗﻨﺎﻋﺖ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺳﺮﻛﺎري ﻓﺮاﺋﺾ ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﺋﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﻌﻨﻲ ۾ ﻋﻮام ﺟﺎ ﺧﺎدم ) (public servantآﻫﻦُ .اﻫﻲ ﻋﻬﺪي ﮐﻲ ﻋﻮام ﺟﻲ اﻣﺎﻧﺖ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ. ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺴﺮ ﺣﻘﻴﻘﻲ ٰ
اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ’ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم )۱۹۷۹ (political systemع ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ آﺋﻴﻦ ﻣﺎﺗﺤﺖ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ”ﻗﺎﻧﻮن اﺳﺎﺳﻲ“ ) (Fundemental Lawﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان ﺟﻲ آﺋﻴﻦ ۾ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ وڏي ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﮐﻲ ”ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر“ ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ وﻗﺖ آﻳﺖ ا� ﺧﺎﻣﻨﺌﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ آﻳﺖ ا� اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﭘﻮ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﮐﺎن ﭘﻮ آﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن وڏو ﻋﻬﺪو ﺻﺪر ﺟﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﺎم ﭼﻮﻧﮉن ذرﻳﻌﻲ ﭼﺌﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ .ﺻﺪر ﮐﺎن ﭘﻮ آﺋﻴﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ۸ﻧﺎﺋﺐ ﺻﺪر آﻫﻦ ۽ ۲۱ﻛﺎﺑﻴﻨﺎ ﺟﺎ وزﻳﺮ ﻣﻘﺮر ﻛﺮﮢﺎ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﻈﻮري ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﻳﺎ ﻣﺠﻠﺲ ﮐﺎن وﭠﮡ ﻻزﻣﻲ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﮐﻲ ”ﻣﺠﻠﺲ ﺷﻮرا اﺳﻼﻣﻲ“ ) (Islamic Consultative Assemblyﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ۲۹۰ﻣﻴﻤﺒﺮن ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺪو ﭼﺎر ﺳﺎل آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ آﺋﻴﻦ ﺗﺤﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ ﺳﻴﺎﺳﻲ ادارا ﭘﮡ ﺟﻮڙﻳﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ Council of Guardian, Expediency Council۽ Assembly of Expertsﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم
ﮐﻲ ﺗﻘﻮﻳﺖ ڏﻳﮡ ۽ ان ﮐﻲ ﻣﻨﺼﻔﺎﮢﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻫﻼﺋﮡ ۾ ﻣﻌﺎون ۽ ﻣﺪدﮔﺎر آﻫﻦ.
اﻳﺮان ﻫﻚ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ آرٽ ،ﻣﻴﻮزڪ ،ﻓﻦ ﺗﻌﻤﻴﺮ ،ﺷﺎﻋﺮي ،ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ ،رواﻳﺘﻮن ۽ آﺋﻴﮉﻳﺎﻻﺟﻲ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ وﻃﻦ دوﺳﺘﻲ ۽ اﻧﺴﺎن دوﺳﺘﻲ ﺟﻮ ﻋﻨﺼﺮ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ: ﻫﻤﮧ
ﻧﻴﺴﺖ
ﻋﺎﻟﻢ
ﮔﻮﻳﻨﺪه
ﺗﻦ
و
اﺳﺖ
زرﻳﻦ
ﻗﻴﺎس
)اﻳﺮان ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ دل آﻫﻲ ۽ ان ﺧﻴﺎل ﺗﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﻮ اﻓﺴﻮس ﻧﺎﻫﻲ( ”ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻪ“ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻜﺎر ﻓﺮدوﺳﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ: اﻳﺮان
ﮐﮧ
ﺑﻮﺋﻲ
ﻫﻤﻲ
اﺳﺖ
ﺑﻬﺸﺖ
ﻣﺸﮏ
اﻳﺮان
ﻳﺎ
آﻳﺪ
از
ﺑﻨﻲ
آدم
ﺟﻮ
ﻋﻀﻮي
ﮐﮫ
اﻋﻀﺎء
در
دﮔﺮ
آﻓﺮﻳﻨﺶ
دوﺳﺘﺎن
ﻫﺎ،
ﻋﻀﻮ
ﻳﮏ
ﭘﻴﮑﺮﻧﺪ
آورد
روزﮔﺎر
زﻳﺪ
ﺑﮧ
را
ﺧﺠﻞ
ﺑﻮﺳﺘﺎن،
)اﻳﺮان ﻋﺪن آﻫﻲ ﻳﺎ ﺑﺎﻏﻦ ﺟﻮ ﺑﻬﺸﺖ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ دوﺳﺘﻦ ۽ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ( ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻌﺪي ﻣﻄﺎﺑﻖ:
دل،
ﮔﻮﻫﺮﻧﺪ ﻗﺮار
ﻧﻤﺎﻧﺪ
)ﺑﻨﻲ آدم ﻫﻜﮍي ﺟﻮﻫﺮ ﻣﺎن ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮ آﻫﻲ .ﺳﭛ اﻧﺴﺎن ﻋﻀﻮن ﺟﻴﺎن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻫﻚ اﻧﺴﺎن ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﭤﻴﻨﺪي ﺗﻪ ﺳﭵﻲ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﭤﻴﻨﺪي(.
اﻳﺮان ﻓﺮدوﺳﻲ ،ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﺟﺎﻣﻲ ،روﻣﻲ ،ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺣﺎﻓﻆ ،ﺳﻌﺪي ،ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ ﺣﺴﻴﻦ ﺑﻦ ﻣﻨﺼﻮر اﻟﺤﻼج ﺟﻬﮍن اﻧﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ،ﺟﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۽ ﺗﻌﻠﻴﻤﺎت ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﺗﻲ ﮔﻬﺮو اﺛﺮ آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮ ﻣﻮﺟﻮده اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ ،ﻋﻠﻢ ۽ ادب ،ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ،ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽ ﺗﻤﺪن ،ﭴﺎڻ ۽ آﮔﺎﻫﻲ ﺟﻮ اﻧﻤﻮل دﺳﺘﺎوﻳﺰ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪس ﭔﻴﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻦ ۾ اﻫﻢ ﺟﺎ واﻻرﻳﻨﺪو .ﺻﺮف ﻫﻚ ﻋﺎﻟﻢ ،ﻣﺤﻘﻖ ﺋﻲ اﻫﮍي ﺗﺨﻠﻴﻖ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.
ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮ ﮔﺲ ،ﭘﻨﮅ ،ﻋﻤﻞ ۽ ﺗﺨﻠﻴﻘﻮن ،ﻧﻪ ﺻﺮف ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻧﺴﻞ ﻻ ،ﭘﺮ ﻋﺎﻟﻢ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﻻ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ۽ روﺷﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻴﻨﺎر ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻨﺪﻳﻮن .ﻫﻲ اﺧﻼق ۽ اﺧﻼص ﺟﻲ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ،ﻣﺎﮢﻬﭙﻮ رﮐﻨﺪڙ ،ﻋﻈﻴﻢ اﻧﺴﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺿﻤﻴﺮ ،ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺟﻲ ﺧﻤﻴﺮ ﻣﺎن ﺟﮍﻳﻮ آﻫﻲ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ﺟﻮ ﻋﻈﻴﻢ ﺳﺮﻣﺎﻳﻮ آﻫﻲ ،ڌﮢﻲ در دﻋﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﺆ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﻣﺎﮢﻲ ،ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ ﻫﻦ آدرﺷﻲ اﻧﺴﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﻤﻮرو ﺟﻴﻮن ﺳﻨﮅ واﺳﻴﻦ ۽ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﮐﻲ ارﭘﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ. ﻣﻮن ُاﻧﻴﻦ
ﺳﻲ
ﺳﻨﺪي
ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ ۱۵ﺟﻮﻻ۲۰۰۸
ڏﭠﺎ
ﻛﺎ،
ﻣﺎ،
ﻛﺮي
ﺟﻨﻴﻦ
ڏﭠﻮ
ﺳﮕﻬﺎن
ﭘﺮﻳﻦ
ﻧﻪ
ﮐﻲ،
ﮘﺎﻟﻬﮍي! )ﺷﺎﻫﻪ(
ﺳﻔﺮ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻢ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن اﻳﺮان اﺳﺎن ﺟﻮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﺑﺎ روڊ ﺗﻬﺮان وﭸﻦ ﭤﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻮ اﻣﺮﺗﺴﺮ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎرڊر ﭨﭗ ﺗﻪ اڌ ﻛﻼڪ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻬﭽﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﭘﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻲ ﭨﻲ روڊ ﺗﻲ اﻣﺮﺗﺴﺮ ،ﺟﻠﻨﮅر ،ﻟﮅﻳﺎﻧﺎ ،اﻣﺒﺎﻻ ،ﻛﺮﻧﺎل ،ﭘﺎﮢﻴﭙﭧ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﻫﻠﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ دﻫﻠﻲ ﮐﺎن ﭤﻮ اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮﺟﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﺑﺲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎرڊر ﭨﭙﮡ ﺑﻌﺪ زاﻫﺪان ،ﺑﺎم ،ﻳﺰد ،ﻛﺎﺷﺎن ۽ ﻗﻢ ﮐﺎن ﭤﻴﻨﺪي ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮي .اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺮو ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ﺑﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮉﻳﺎ ﭘﺎﺳﻲ ﮔﺠﺮات ﺟﻮ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ”ﭘﻮرﺑﻨﺪر“ آﻫﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ـ ﺧﺎص ﻛﺮي ﺑﻨﺪرﻋﺒﺎس وﻏﻴﺮه دﺑﺌﻲ ،ﺑﺤﺮﻳﻦ ﻛﻮﻳﺖ ۽ ﻋﺪن ﮐﺎن ﺑﻪ اﺳﺎﻧﮑﻲ وﻳﺠﻬﺎ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺗﻴﻞ ﺟﻮ وڏو اﻳﻜﺴﭙﻮرﭨﺮ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ دوﺳﺖ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ۾ اﻳﻨﺪا وﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﺟﻬﺎزي اﻳﺮان ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ،ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﻫﻼﺋﻴﻨﺪا اﭼﻦ .اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق واري ﻟﮍاﺋﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ اﻳﺘﺮا ﺗﻪ ﻧﻮﺟﻮان ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻲ وﻳﺎ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﺟﻬﺎزي اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ .ﭘﺮ ﻋﺠﻴﺐ اﺗﻔﺎق آﻫﻲ ﺟﻮ ﻧﻮﻛﺮي دوران آﺋﻮن ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭘﺎﮢﻲ واري ﺟﻬﺎز ) (Shipﺗﻲ رﻫﻴﺲ اﻧﺠﻮ اﻳﺮان وﭸﮡ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ! اﻫﮍي ﻃﺮح ﺟﺘﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ڏوراﻧﻬﻦ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ۽ ﭔﻴﭩﻦ ﺗﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ اﺗﻲ آﺋﻮن ﻫﻦ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ﻳﺎ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ڏﺳﮡ ﮐﺎن رﻫﺠﻲ وﻳﺲ .اﻳﺮان ،ﻣﻮن ﻧﻮﻛﺮي ﻣﺎن رﭨﺎﺋﺮڊ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ واﻧﮕﺮ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎڙي ۽ ﺧﺮچ ﺗﻲ ﮔﻬﻤﻴﻮ.
ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ اﻳﺮان آﺋﻮن زﻳﺎرﺗﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن وﻳﺲ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ،ان ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ”اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ“ وٽ آﻳﺲ ﺟﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻚ اﻫﮍي ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن ﺷﺎﻣﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﺎن ﺑﺎ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان رواﻧﻮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻃﻮر ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﺷﺮوع ۾ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي ﺑﻪ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﮡ ﺟﻮ ﭘﺮوﮔﺮام رﭤﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺻﺒﺢ ﺷﺎم اﺳﻼم ﺗﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮ اﭼﻲ ڏﻳﻨﺪو ﻫﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ آﺧﺮي وﻗﺖ ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺿﺮوري ﻛﻤﭩﻤﻴﻨﭧ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻠﮡ ﻛﺌﻨﺴﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ڏاڍو اﻓﺴﻮس ﭤﻴﻮ .ﻣﻮن ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ”ﺳﭡﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻮن ﻧﭥﻮ ﻫﻠﻴﻦ“. ”ﮀﻮ ﭜﻼ؟“ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي ﺣﻴﺮت ﻣﺎن ﭘﮁﻴﻮ.
” ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻣﺎن ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺗﻮن ﻣﻮﻧﮑﻲ رﮘﻮ ﻣﺴﺠﺪن ،ﻣﻘﺒﺮن ۽ ﻣﺰارن ۾ ﻗﺎﺑﻮ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻨﺪﻳﻦ “،ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ” ،آﺋﻮن اﻳﺮان ﺟﻮن ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﺷﻴﻮن ڏﺳﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮن ﻟﮑﻲ ﺳﮕﻬﺎن“.
زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﮡ ﻻ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮڻ واري ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ”اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ“ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﺻﺪر ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ ۾ ،ﺳﻔﺮ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﺋﮡ ﻻ ﮔﻬﺮاﻳﻮ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي ﮐﻲ ﻓﻮن ﻛﺮي ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ وﭸﮡ ﺑﻪ ﺿﺮوري آﻫﻲ ﮀﺎ؟ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ۾ ﮔﺬري آﻫﻲ ،ﻫﺎڻ ﮀﺎ وﭸﻲ اﻫﻮ ﻟﻴﻜﭽﺮـ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺎﮘﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅان؟
” ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺿﺮور وڃ “.ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ” ،ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ان ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ ﺗﻮﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮﻧﺪا“. اﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺑﺮﻳﻔﻨﮓ ﻻ آﻳﺲ .ﮀﻮ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﮢﭗ ﭤﻴﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﭔﮅڻ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﺟﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺗﻲ ۽ دﻟﭽﺴﭗ ﻫﻴﻮن ،ﺧﺎص ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﻻ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ آﺋﻮ ن ﺑﻪ وﻳﺲ ۽ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﭘﻠﻴﭧ ،ﭼﻤﭽﻮ ۽ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ ﻣﮓ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﮣﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻮ ﻣﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﺑﺎر اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ وارن ﮐﻨﻴﻮ آﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﻣﺎﻧﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ان ﭨﻜﻴﭧ ۾ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﻳﺎ ﻗﻢ ﭘﻬﭽﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي
ﻫﺎ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ ﻟﻴﮉر ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﺎن ﭜﺖ ﻳﺎ ﭔﻮڙ ﺟﻮ دﻳﮙﮍو وﭠﻲ آﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﺳﭝﺌﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻮن ﭘﻠﻴﭩﻮن ﺟﻬﻠﻴﻮ ﺑﻴﭡﺎ آﻫﻦ ،ﺳﻮا ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ! اﻫﮍي ﺟﭟ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ ﭤﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮ ﻛﻤﭙﻨﻲ ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺟﻨﮕﻞ ﭨﺮﺋﻜﻨﮓ ﺗﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ .اﻫﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﭘﻴﻨﺎﻧﮓ ﮐﺎن ﭼﻜﻦ ﻧﻮڊل ﺟﻮ دﻳﮙﮍو ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻲ ﻫﺌﻲ .ﺳﭛ ﭘﻠﻴﭩﻮن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ،ﺗﻬﺮان ﻳﺎ ﻗﻢ ﺗﻪ وري ﺑﻪ وڏا ﺷﻬﺮ آﻫﻦ ۽ ڏﻳﻨﻬﻦ رات ﮐﻠﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ ،ﻫﺮ ﺷﻲ دﻛﺎن ﺗﺎن ﺑﻪ وﭠﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ. ﺟﻨﮕﻞ ۾ ﭘﻠﻴﭧ ﻛﭥﺎن اﭼﻲ .ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﺗﻲ ﻛﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﻮک ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﻦ ﺗﻲ ﻧﻮڊل ،آﭼﺎر ۽ ﺳﻼد رﮐﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎڌم .ﻫﻮن ﺑﻪ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۾ ﺳﺎﺋﻮٿ اﻧﮉﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺗﺎﻣﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻠﻴﭩﻦ ﺑﺪران ﻛﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﻦ ﺗﻲ ﻣﺎﻧﻲ رﮐﻲ ﮐﺎﺋﻴﻦ.
ﻫﻦ ﺑﺮﻳﻔﻨﮓ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﻨﺠﻨﭧ ۽ ﭨﻮﺋﺮ ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪڙ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﻪ اﻫﻮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﺗﻬﺮان ،ﻣﺸﻬﺪ ،ﻗﻢ ﺟﻬﮍن وڏن ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر )ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮﺧﻴﺎم ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﺻﻮﻓﻲ ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺼﻮر ﻛﻤﺎل ﻣﻠﻮڪ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ آﻫﻲ( ۽ ﻛﺎﺷﺎن ﺷﻬﺮ )ﺟﻴﻜﻮ ﻗﻢ ۽ ﻛﺮﻣﺎن روڊ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ( ﭘﮡ وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪو” .ﺳﭛ ﮐﺎن اﻫﻢ ﺷﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ آﻫﻲ“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺳﭛ ۾ اﻫﻢ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺣﺞ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺛﻮاب آﻫﻲ .ﭘﺮ ان ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺣﺞ ﻧﻪ ﻛﺮي ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﻣﺎن ﭤﻲ اﭼﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻣﻮن ﺳﺖ ﺳﺌﻮ ﺣﺠﻦ ﺟﻮ ﺛﻮاب ﮐﭩﻴﻮ .ﺣﺞ ،ﻧﻤﺎز، روزو وﻏﻴﺮه ﭘﻬﺮﻳﻦ آﻫﻦ“.
ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺟﻮ ﺛﻮاب اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ” اوور ﭨﺎﺋﻴﻢ“ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎرﻣﻞ ڊﻳﻮﭨﻲ واري ﻛﻢ ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺷﺮط اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﺎرﻣﻞ ڊﻳﻮﭨﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﺣﺞ ،ﻧﻤﺎز ،روزو وﻏﻴﺮه ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺮي .اﺋﻴﻦ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ڊﻳﻮﭨﻲ ﺗﻲ ﻧﻪ اﭼﻲ .ﺷﺎم ﺟﻮ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﻣﻮﻛﻞ ﻣﻬﻞ اﭼﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ آﺋﻮن ﭤﻮ اوور ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻛﺮﻳﺎن ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اوور ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪو.
اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ان ﻟﻴﻜﭽﺮ ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ. •
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻨﻦ زﻳﺎرﺗﻦ ﮐﺎن اڳ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ رﭠﻞ ﻣﺎﺋﭩﻦ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﭘﺮﭼﺎﺋﻲ ﻫﻠﻮ ﺗﻪ ﺳﭡﻮ.
•
ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﻳﺎ وڏي ﭼﺎدر اوڍي اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﺒﺎدت ﮔﻬﺮن ۾ ﮔﻬﮍن.
•
ﺳﻔﺮ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ڏﻳﮡ ﺑﺪران ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ Shareﻛﺮي ﺛﻮاب ﮐﭩﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮﻳﻮ.
ﺳﺎﻣﺎن ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺟﻴﺘﺮو ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﮔﻬﭧ ﮐﮣﻮ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ۾ اﻫﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺋﻲ ﮔﻬﻠﮣﻮ آﻫﻲ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﮐﻴﻦ • اﮘﻴﺎن ﺳﺎﻣﺎن ﮐﻲ ﺑﻨﺪ ﻛﺮي ﺗﺎﻟﻮ ﻫﮣﻮ .ﭔﺌﻲ ﻻ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﻲ وﭸﮡ ﮐﺎن ﮔﺮﻳﺰ ﻛﻴﻮ ﻳﺎ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ان ﮐﻲ ﮐﻮﻟﻲ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﺧﺎﻃﺮي ﻛﺮﻳﻮ .اﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﻧﺸﻲ واري ﺷﻲ ڏﻳﺌﻲ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ وﺟﻬﻲ .اﻳﺮان ۾ ﭘﺎﺑﻨﺪي وارﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﮐﻲ آﮢﮡ ﺟﻲ ﺳﺰا ﻣﻮت آﻫﻲ .اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭤﻮري دﻳﺮ ﻻ ﺑﻪ ﻛﺎ ﺷﻲ ﺟﻬﻠﮡ ﻻ ڏﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ وﭠﻮ ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ رﮐﻴﻞ ﺷﻲ ﮐﻲ ﻫﭣ ﻻﻳﻮ.
ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺻﺤﻴﺢ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﺠﻮ .ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻔﺮ ۾ ﭘﺮاﮢﻲ ﻛﻤﺰور ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻨﺪا آﻫﻦ ۽ • ﭘﻮ اﻫﺎ ﭨﭩﮡ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ﭘﺌﺪا ﻛﻨﺪا آﻫﻦ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺑﺌﮓ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭰﻴﭥﺎ ﻟﮙﻞ ﻫﺠﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﻫﺎ اوﻫﺎن ﮐﻲ ﮔﻬﻠﮡ ۾ آﺳﺎن ﭤﺌﻲ .ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﭘﻮ ﺧﻴﺮ ﺧﺒﺮ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﭼﻨﺒﮍاﻳﻮ ﮀﮇﻳﻦ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ڏﻫﻪ ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ﻻ ﻣﻨﭣ ﻣﻴﮍ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﺎ ﻛﺮي وﻳﭡﺲ” .آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ آﻳﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻮ وزن وﻳﻬﻪ ﻛﻠﻮ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻫﻮ ۽ ﺑﺌﮓ وري اﻫﮍي ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻪ ﭰﻴﭥﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﻨﮉل .ﺑﺌﮓ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﭴﮡ ﮀﺎﻧﻬﻴﻦ ﻫﺌﻲ .ﺗﺎﻟﻲ ﺑﺪران رﺳﻦ ﺳﺎن ﭔﮅل ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﮐﻮﻟﻲ ﻛﺴﭩﻢ وارن ﮐﻲ ﭼﻴﻚ ﻛﺮاﺋﮣﻲ ﭘﻴﺌﻲ .ﺳﻮ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﮍي ﻛﻤﭩﻤﻴﻨﭧ ﮐﺎن ﭘﺎﺳﻮ ﻛﺠﻮ“. •
اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻫﺎ ﻛﻮﺷﺶ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن زاﺋﺮﻳﻦ )ﻣﺴﺎﻓﺮن( ﻻ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﺳﭡﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ رﮐﺠﻲ .ﭘﺮ
ﺟﺘﻲ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اچ وڃ ﻫﺠﻲ ،اﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۽ ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺳﺮوس ﻧﻪ ﻣﻠﮡ ﺟﻲ ﺷﻜﺎﻳﺖ رﻫﻲ ﭤﻲ .ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ اﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﺗﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻃﺮﻓﺎن Paymentاﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﺑﺲ ﺟﻲ ﭤﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺒﺐ ﻛﺮي اﻫﺎ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪي آﻫﻲ .ﻫﺎڻ ان ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺎر ۾ اڻ ﭴﺎڻ ﻛﻼڪ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮي وﻗﺖ ﺑﺮﺑﺎد ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﻋﺎم ﺑﺲ ۾ ﺋﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻣﺜﺎل؛ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ اﺳﺎن ﻛﻤﺮا ﺑﻚ ﻛﺮاﻳﺎ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن Connectingﻓﻼﺋﻴﭧ ﻣﻠﮡ ۾ دﻳﺮ ﭤﻲ وﺋﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ وﻗﺖ ﺗﻲ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎﺳﻴﻦ ۽ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﻫﻮﭨﻞ واري وٽ ﻛﻮ ﻋﺮب ﻣﻠﻚ ﺟﻮ اﻣﻴﺮ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ۽ ﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻤﺮا ﻫﻦ ﮐﻲ ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎ ۽ اﺳﺎن ﮐﻲ اوﺗﺮا ﻛﻤﺮا ﭔﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﮘﻮﻟﮣﺎ ﭘﻴﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ واري ﻫﻮﭨﻞ ﮐﺎن اوﭼﺎ ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﺎدا ﺑﻪ.
ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮي ﺳﻔﺮ ﮐﻲ Enjoyﻛﺮﻳﻮ .ﻛﻲ اﻫﮍا ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺑﻪ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﭘﺎڻ ﺑﻪ • ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻛﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن اﻫﮍﻳﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﺴﭩﻢ ۾ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .اﺳﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﻧﭥﺎ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮن .ﻫﻚ ﻳﻮرﭘﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ رﻳﻠﻦ ۾ ﭼﮍﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ذﻛﺮﻳﺎ اﻳﻜﺴﭙﺮﻳﺲ ﺟﻲ ﭰﺎﭨﻞ ﺳﻴﭩﻦ ،ﻟﻮڏن ۽ وﻗﺖ ﺗﻲ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﮡ ﺟﻲ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﮀﺎ اﺳﺎن ﺟﻮ رﻳﻠﻮي ﮐﺎﺗﻮ ان ﺋﻲ وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﮔﺎڏﻳﻦ ﮐﻲ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﺗﻲ آﮢﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪو؟ ﺳﻮ اﺟﺎﻳﻮ ﻛﺮﻛﮡ ۽ ﻛﻨﺠﻬﮡ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺧﺮاب ﻧﻪ ﻛﺮﻳﻮ ” .ﻣﻮن اﻫﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ڏﭠﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻻڏ ﻛﻮڏ ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺳﻔﺮ دوران ﭘﻴﺶ اﻳﻨﺪڙ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﮐﻲ درﮔﺬر ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﺮ ﺷﻲ ﻣﺎن ﻟﻄﻒ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ “.ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻛﻢ ،ﻳﻌﻨﻲ زﻳﺎرت ۽ ﻋﺒﺎدت ﻻ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ ،ان ﮐﻲ ﺋﻲ وﻗﺖ ڏﻳﮡ • ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺠﻮ .ﺷﺎﭘﻨﮓ ﭘﭡﻴﺎن وﻗﺖ وﭸﺎﺋﮡ اﺟﺎﻳﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ .اﻫﻲ ”ﻣﻴﮉ ان ﭼﺎﺋﻨﺎ“ ﺷﻴﻮن اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﺎﮘﻴﻮن آﻫﻦ ﺑﻠﻜﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﻣﻠﻨﺪﻳﻮن .رﺳﺘﻲ ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﻛﺎ ﺷﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ وﭠﮡ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ .ﺑﺎﻗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻲ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪاري ﻻ ان ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ۾ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ وﭸﺎﺋﮡ ﺑﻴﻮﻗﻮﻓﻲ آﻫﻲ.
ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذاﺗﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﺳﻔﻴﺮ آﻫﻴﻮ. • ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻮ ﻫﺮ ﺳﭡﻮ ﻳﺎ ﺧﺮاب ﻋﻤﻞ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ڏي Reflectﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﺧﺮﻳﺪاري وﻗﺖ ﺗﻮﻫﺎن ﺷﻲ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﺟﻮ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ان ﻣﻄﺎﺑﻖ دﻛﺎﻧﺪار ﮐﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﮔﻬﭩﺎﺋﮡ ﻻ ﭼﺌﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻗﻴﻤﺖ ﮔﻬﭧ ﻛﺮڻ ﺧﺎﻃﺮ دﻛﺎﻧﺪار ﮐﻲ اﻳﮇﻳﻮن آزﻳﻮن ﻧﻴﺰارﻳﻮن ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ دﻛﺎﻧﺪار اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﻣﺴﻜﻴﻦ ۽ ﻓﻘﻴﺮ اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺎ آﻫﻦ ،ﻫﻮ اﻫﮍي ﮔﺮاﻫﻚ ﻣﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ﮀﮇاﺋﮡ ﺧﺎﻃﺮ ،ﺷﻲ ﺟﻲ ﻣﻮر ﺗﺎن ﺑﻪ ﻫﭣ ﮐﮣﻲ ،ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﻔﺖ ۾ ڏﻳﻮ ﮀﮇي، ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﭨﺮي وﭸﻲ.
ﮔﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﺮدﻳﺲ ۾ ،ﻫﺮ اﻫﻮ ﮐﺎڌو ﻣﻠﮡ آﺳﺎن ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺗﻮﻫﺎن ﻋﺎدي آﻫﻴﻮ .ﭘﺮ اﻳﺘﺮو • ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ۽ ﺻﺎف ﺳﭥﺮو ﮐﺎڌو وﻛﺎﻣﻲ ﭤﻮ ،ﭘﭽﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺻﻔﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﻫﮍا ﺑﻪ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﻲ اڳ ۾ اﻳﺮان ﻣﺎن ﭤﻲ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ۽ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺳﺎن ﭴﺎڻ ﺳﭹﺎڻ ﻫﻴﻦ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻋﻮرت ڏي اﺷﺎرو ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ آﻧﭩﻲ ﮐﺎن ﭘﮁﻮ .ﺳﻨﺪس ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻓﻼﮢﻲ ﻣﭡﺎﺋﻲ ﺷﺎپ ﺟﻲ ﭘﭟ آﻫﻲ .ان دﻛﺎن ۾ اﮘﻴﺎن ﮔﻬﮍ ﺗﻪ ﺻﺎف ﺳﭥﺮو ۽ اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﭘﺮ ﭘﭡﻴﺎن ،ﺟﺘﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﭽﻦ آﻫﻲ ،ﮀﺎ ﮔﻨﺪﮔﻲ آﻫﻲ! ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو ،ﻣﮑﻴﻦ ﺟﺎ اﻧﺒﺎر ،ﻛﺘﺎ ﭔﻼ ۽ ﮔﺪﻻ ﺑﺎورﭼﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻴﻜﺮ ڏﺳﻮ ﺗﻪ دﻛﺎن ﺗﺎن ﻣﭡﺎﺋﻲ وﭠﮡ ﮀﮇي ڏﻳﻮ .اﻫﻮ ﺋﻲ ﺣﺎل اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﭔﻴﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۽ رﻳﺴﭩﻮرﻳﻨﭩﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ .اﺗﻲ ﻇﺎﻫﺮي ﻣﻴﻚ اپ ۽ ”ﺷﻮ ﺷﺎ“ ﺑﺪران اﺻﻞ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺻﻔﺎﺋﻲ ۽ ﺳﭡﻲ ﺷﻲ ﺟﻲ آﻫﻲ .ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﺎ ﺑﻮرﭼﻴﺨﺎﻧﺎ ۽ ﺑﻮرﭼﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﺎ ﺻﺎف ﺳﭥﺮا ﻣﻠﻨﺪا. ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﭘﺎروﭤﻮ ﮐﺎڌو ﻳﺎ ﭔﺎﻛﺮي ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﭘﻮڙﻫﻴﻦ ۽ ﺑﻴﻤﺎر ڍﮘﻴﻦ ﺟﻮ ﮔﻮﺷﺖ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪو .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺻﺤﺖ ﮐﺎﺗﻮ ۽ ﻓﻮڊ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﺨﺖ آﻫﻲ ۽ اﺗﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻛﺮاﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ان ﻛﺮي ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ اﻳﺮان ۾ ﮐﺎڌي ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻓﻜﺮﻣﻨﺪ ﻧﻪ ﭤﻴﮡ ﮐﭙﻲ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ڊﺷﻦ ۾ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﮘﺎڙﻫﻦ ﻣﺮﭼﻦ ۽ ﮔﺮم ﻣﺴﺎﻟﻦ ﺟﻮ اﻳﮇو اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻚ ﻛﻢ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ﻫﺘﺎن ﻣﺮچ ﻣﺴﺎﻟﻦ ﺟﻮ داڳ ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻮ ﭘﻮ اﺗﻲ ﺟﻲ ﭰﻜﻲ ﭔﻮڙ ۾ ﭤﻮرو ﭤﻮرو وﺟﻬﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ﻳﺎ ﻫﺘﻲ دﭔﻦ
۾ ﭘﺌﻚ ﭤﻴﻞ ﭔﻮڙ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ.
اﻳﺮان ﺟﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻮﭨﻠﻮن ۽ دﻛﺎن ﺻﺎف ﺳﭥﺮا آﻫﻦ ﭘﺮ رﺳﺘﺎ ۽ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺑﻪ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮي ﮐﺎن ﺧﺎﻟﻲ آﻫﻦ .ﻫﻴﮇي • ﻋﻮام ﺟﻮ اﮀﻼﻳﻞ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو ﻛﻴﺌﻦ رات اﻧﺪر ﺻﺎف ﭤﻴﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ ،ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ! اﻳﺮان ﮐﺎن ﭘﻮ اﮘﺘﻲ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ واري ﮔﻨﺪﮔﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪي ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻨﺪو ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﺻﻼح آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﭡﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻫﺠﮡ ﺟﻮ ﻣﺜﺎل ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺠﻮ .ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو اﮀﻼﺋﮡ ﮐﺎن ﮔﺮﻳﺰ ﻛﺠﻮ ،ﭼﺎﻫﻲ اﻳﺮان ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم. اﻳﺮان اﻳﮇي ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ اﺗﻲ ﺟﻮن ﮘﻮﭠﺎﮢﻴﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﺎڊرن ﻟﮙﻨﺪﻳﻮن ۽ • اﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺟﻴﻜﻲ واﻗﻌﻲ ﻣﺎڊرن آﻫﻦ ۽ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﮍﺳﻦ ﺳﺎن ﻳﺎ اﻛﻴﻠﻴﻮن ﻓﺮاﻧﺲ ،ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﺎ ﭼﻜﺮ ﭘﻴﻮن ﻫﮣﻦ ،اﻫﻲ ﺗﻪ اﻻﺋﻲ ﮀﺎ آﻫﻦ .ﺑﻬﺮ ﺣﺎل اﻫﻲ ﭜﻠﻲ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﭘﮍدو ﻛﻦ ﻳﺎ ﻧﻪ ﻛﻦ ،ﭘﺮ ﺳﭛ اﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ۽ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﺑﻪ ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺴﻢ ﮐﻲ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ڍﻛﻲ ﻫﻠﻦ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ اﻣﻴﺞ ﻫﻚ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﺮﻗﺮار رﮐﮡ ﮐﭙﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﺘﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ آﻫﻲ اﺗﻲ ﻫﻚ ﺗﻪ اﺳﺎن رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ وﻳﺠﻬﻮ رﮐﻴﻮ آﻫﻲ ۽ • اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ وﻗﺖ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ﺳﭵﻲ رات ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭼﻦ وﭸﻦ ﭘﻴﺎ ۽ اﻳﺮان ۾ ﻛﺎﺑﻪ اﻫﮍي ﺑﺪاﻣﻨﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻮ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﻮ ﻣﺮد ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺗﻨﮓ ﻛﺮي .اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﺎن آﺟﻮ آﻫﻲ .ﭘﺮ ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﺗﻮڙي ﻣﺮدن ﻻ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ۽ وﻳﺮان ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻠﮡ ﺑﺪران ﻋﺎم ۽ وﻫﻨﺪڙ رﺳﺘﻦ ﺗﺎن ﻫﻠﻦ ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﮘﻬﻪ ﮘﭡﻦ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﺶ ﻧﻪ ﻛﻦ ﮀﻮ ﺟﻮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻛﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺟﻴﺐ ﻛﺘﺮو ﻳﺎ ﺑﺸﻨﻲ ،ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ۽ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﻣﺎن ﻓﺎﺋﺪو وﭠﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮي. ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻋﺎم اﺳﺘﻌﻤﺎل ﺟﻮن دواﺋﻮن ﺟﻬﮍوڪ ﺳﻮر ،دﺳﺘﻦ ،ﭤﮅزﻛﺎم ﺟﻮ ﮔﻮرﻳﻮن ۽ ﺧﺎص دواﺋﻮن ﺟﻬﮍوڪ • ﺑﻠﮉ ﭘﺮﻳﺸﺮ ،ڊاﺋﭩﺒﻴﺰ ،ﭤﺎﻳﻮراﺋﻴﮉ وﻏﻴﺮه ﺟﻮن ،ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻫﺘﺎن ﺋﻲ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﺠﻮ.
ﻫﻨﮅ ﺑﺴﺘﺮي ﺟﻮ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻨﺪو ﺑﺴﺖ ﻫﻮﻧﺪو ﭘﺮ ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻫﻚ ﭼﺎدر ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﺠﻮ ﺟﻴﺌﻦ ان ﻣﭥﺎن ﻫﻮﭨﻞ • ﺟﻮ ﺑﻼﻛﻴﭧ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ. ﻫﻦ ﮔﺮوپ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻮ اﻫﻞ ﺷﻴﻌﻪ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻮ ،ﺑﻠﻜﻪ ﻛﺎروان اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﺑﻪ اﻫﮍي ﻃﺮح ﺳﺎن رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻴﻮن ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ڏﻳﮑﺎري ﺳﮕﻬﻦ .ﺳﻨﺪن ﻃﺮﻓﺎن ڏﻧﻞ ﭘﺮوﮔﺮام واري ﺑﺮوﺷﺮ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﻔﺮ ﻫﻚ ﻣﻘﺪس آﻫﻲ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻗﻠﺒﻲ ﻃﻮر ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﻻ آﻣﺎده ﻛﺮﻳﻮ.
ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﮐﻲ رب ﭘﺎڪ ﺟﻮ ﻓﻀﻞ و ﻛﺮم ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺗﻴﺎر رﮐﻮ.
ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﺨﺺ ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﺗﻲ ﻓﺮض آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ادا ﻛﺮﻳﻮ .ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﭼﻴﻮ ﭼﺎﻳﻮ ﺑﺨﺶ ﻛﺮاﻳﻮ. ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ ﻧﻜﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﭨﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ روزا رﮐﻮ. ﺳﻔﺮ دوران ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺻﻮرت ۾ واﺟﺒﺎت ﮐﻲ ﮀﮇي ﻧﻪ ڏﻳﻮ.
ﻧﻤﺎز وﻗﺖ ﺟﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﺳﺎن ﻣﺴﺠﺪ ۾ ادا ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺠﻮ.
ﮔﻼ ﻏﻴﺒﺖ ،ﻛﻮڙ ،ﺑﺪﮔﻤﺎﻧﻲ ،ﻛﺎوڙ ،اﺟﺎﺋﻲ ﺳﺠﺎﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﻮﻟﻬﻪ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ اﻫﮍن ﺣﺮام ﻛﻤﻦ ﮐﺎن ﭘﺎﺳﻮ ﻛﺠﻮ. ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﮐﺎن ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ ﻛﺎوڙ ﻧﻪ ﻛﺠﻮ.
ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﮍدي ﺟﻮ ﺧﺎص ﺧﻴﺎل رﮐﻦ.
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﻣﻮن ﻻ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻗﻢ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﻴﻦ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮﻳﻦ ۾ وﻗﺖ ﮔﺬارڻ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺷﻴﺮاز ،ﻛﺮﻣﺎن ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺑﻪ وﭸﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ
۽ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔﻦ ﻻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ واري ﺷﻬﺮ ﮀﺎﺑﻬﺎر ﺟﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﭘﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ .ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ وارا ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ )ﺣﺞ ،ﻋﻤﺮو ،زﻳﺎرت( ﻻ وﭠﻲ ﻫﻠﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﺎ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ﺑﻪ آﻫﻦ .ﻫﻨﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﮐﻠﻴﻞ ﺋﻲ رﮐﻲ ” .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﺮ ارﺑﻊ ﺗﻲ ﻛﺮاﭼﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ “،ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻔﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﻮﭨﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ان ﺟﻲ ارﺑﻊ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﺠﻮ“.
دراﺻﻞ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺧﻴﺎل ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻓﻘﻂ اﻫﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﻴﻌﺎ آﻫﻦ .ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن اﻳﺮان وﻳﻨﺪڙ ﺳﭹﺎﮢﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻫﻚ ﻟﺒﺮل ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﺮﻛﻮ آزادي ﺳﺎن ﻣﺬﻫﺒﻲ ،ﺗﻮارﻳﺨﻲ ،ﻗﺪﻳﻤﻲ ۽ ﻣﺎڊرن ﺟﺎﻳﻮن ڏﺳﮡ ۽ ﺧﺮﻳﺪاري ﻻ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﺎڻ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان وﭸﮡ ﺟﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ ﻋﺮب دوﺳﺖ ﻛﻤﺎﻧﮉر ﻋﺒﺪاﻟﺠﺒﺎر اﻟﺸﻬﺮي ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮا دﻓﻌﺎ ﻣﻮﻛﻠﻦ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬارڻ ﻻ ﺗﻬﺮان، ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﭼﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﺎڻ اﺳﺎن ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ﺟﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ﮔﮇ ﻣﻠﮡ ﺟﻮ ﭘﺮوﮔﺮام ﭠﺎﻫﻴﻮ ،ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ورﻟﮉ ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،ﻣﺎﻟﻤﻮ ،ﺳﺌﻴﮉن ﻣﺎن ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﮔﮇ ﭘﺌﻲ ﻛﺌﻲ.
وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ راﻳﻮ اﻳﺮان وﭸﮡ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ وڏو ﺗﺠﺮﺑﻮ ﻫﻮ .وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ آﺋﻮن ﻋﺠﻴﺐ وﻫﻤﻦ وﺳﻮﺳﻦ ۾ ﻫﻮس .ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ )ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ( ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ اﺗﻲ ﭤﻲ ﻧﻪ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻛﻦ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﭔﮅي ﺳﮕﻬﻦ .ﮀﻮ ﺟﻮ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ اﻳﺮان ﺧﻼف ﻫﺮ وﻗﺖ زﻫﺮ اوﮘﺎﮀﻴﻨﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ﻟﮙﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎن ﺋﻲ ﻣﻮﭨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻨﺪا ﺗﻪ ﺗﻮن ﺳﻨﻲ ﭤﻲ ﻛﺮي اﻳﺮان ﮀﻮ آﻳﻮ آﻫﻴﻦ .ﻛﮇﻫﻦ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ آﺋﻮن اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻮن ﻟﮑﮡ ﻻ ﭤﻮ وﭸﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻓﻮﭨﻮ ﺑﻪ ﻛﮃڻ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪس ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دﻣﺎغ ۾ اﻫﻮﺋﻲ ﻫﻮ ،ﺑﻠﻚ دﻣﺎغ ۾ وڌو وﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻚ ﻛﭩﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ۾ ﭤﻴﻮن ﻫﻠﻦ ،ﺟﺘﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﻣﻮﻟﻮي ﺻﺎﺣﺐ واﻋﻆ ﻛﻦ ﭤﺎ ،اﺗﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻛﻴﺌﻦ ﻫﻮﻧﺪي .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺧﻴﺎﻟﻦ ۾ ﻟﮙﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﻋﻮرت ﻳﺎ ﻣﺮد ﺟﻮ ﺗﻪ ﮀﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻋﻤﺎرت ﺟﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺗﻲ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻮﻧﮑﻲ وراﺋﻲ وﻳﻨﺪا ﺗﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﮀﻮ ﻛﮃﻳﻦ .ﻛﭥﻲ آﻣﺮﻳﻜﻦ اﻳﺠﻨﭧ ﺗﻪ ﻧﻪ آﻫﻴﻦ ،ﻛﭥﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ راز ﻓﺎش ﺗﻪ ﻧﻪ ﻛﻨﺪﻳﻦ .ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ۾ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﮐﮣﻲ وڃ ﺗﻪ وراﺋﻲ وﻳﻨﺪا ﺗﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻧﻪ ﻛﮃ ،ﻫﻲ Secretﺟﺎﻳﻮن آﻫﻦ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺟﻨﺎح ﺑﺮج ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻪ ﺗﻪ ﺳﭵﻮ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﭘﻴﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ وﮢﻲ ﺳﭵﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻮوي ﭜﺮي وﭠﻲ.
اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ڏﺳﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺻﺒﺢ ﺷﺎم ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﻦ ﭤﺎ ،وﻳﺰاﺋﻮن ﻟﮙﻞ آﻫﻦ( ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﻣﺎن ﺋﻲ ﻧﻪ واﭘﺲ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻦ .آﺧﺮ ﮀﻮ ﻧﻪ ﻛﻦ ﺟﮇﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍو ﻫﻬﮍو ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺗﻪ ﭘﺮواﻫﻪ ﺋﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﮐﭙﻲ( اﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻮ ﭔﮅي ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﻣﺎن ﭤﻲ آﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﺳﻨﺪن ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ ڏﻫﻪ ﺳﻮال ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﭘﺮ ﺗﻌﺠﺐ ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ۽ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ دوران ،ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺘﺮي ﺑﻪ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻳﺎ رﻛﺎوٽ ﭘﻴﺶ ﻧﻪ آﺋﻲ ﺟﻴﺘﺮي ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺮب ﻣﻠﻚ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺎن وﭸﮡ وﻗﺖ ﻳﺎ ﻣﻮﭨﮡ وﻗﺖ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﮔﻬﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ، ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﻫﺎ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭤﻲ .ﭴﮡ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮس ،ﺟﺘﺎن ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ وﮢﻴﻢ ﺑﺲ ،رﻛﺸﺎ ،ﭨﺎﻧﮕﻲ ﻳﺎ ﭨﺮﻳﻦ ۾ آرام ﺳﺎن ﻫﻠﻴﻮ وﭸﺎن .ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﮁﻴﻮ .اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ ۾ ﺑﻪ ﻣﻨﭧ ﭤﻲ وﻳﺎ. اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﭠﭙﻮ ﻫﮣﮡ واري ﺗﻮڙي Entryﻛﺮڻ واري ﺟﻮ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺧﺮاب ﻧﻪ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺼﻴﺒﺖ اﻛﺜﺮ ﻋﺮب ﻣﻠﻚ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﺌﺴﻨﺠﺮ ﭔﮕﻬﻪ ﭘﮑﻲ واﻧﮕﺮ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﭨﻨﮓ ﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﭔﻲ ﭨﻨﮓ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻮ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮي ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻛﻮ ﻓﻠﭙﻴﻨﻮ ﻳﺎ ﻣﺼﺮي اﭼﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﮐﻲ ﭠﻴﻚ ﻛﺮي .ﮀﻮﺗﻪ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻛﻢ اﭼﻦ ﻛﻮ ﻧﻪ .ﭘﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺗﻴﺰ آﻫﻦ .ﻛﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ ﻫﻮ ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺗﮑﺎ آﻫﻦ .ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﺪي آﺋﻮن ﺑﻪ ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﺎن ﭤﻮ .ﺟﮇﻫﻦ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ اﺳﺎن ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ PCﭨﺎﺋﻴﭗ ﻧﻮان ﻧﻮان ﻧﻜﺘﺎ ﻫﺌﺎ. ﭤﻴﺴﺰ ﻟﮑﮡ ﻻ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﺎ اوﺋﻠﻲ ﭘﺮوﮔﺮام اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺒﺎ ﻫﺌﺎ” .ورڊ ﭘﺮﻓﻴﻜﭧ“ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﭸﺎ ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ .ﺳﻮ ﺑﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﻫﻮ ۽ ﻳﻮرپ ﭘﺎﺳﻲ اﭸﺎن ﻧﻪ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ .ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻤﺖ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﺗﺎن Cdﮔﻬﺮاﺋﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭨﻴﻬﻪ ﻫﺰار رﭘﻴﺎ ﮐﻦ ﻫﺌﻲ .ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﺎ ﮀﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﭩﻮڊﻧﭧ ﻣﻮن وٽ آﻳﺎ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﮐﻲ اﻫﻮ ﭘﺮوﮔﺮام اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻮ ﭰﻮڙي ﻛﺮي اﻫﻮ Cdآﻣﺮﻳﻜﺎ ﻣﺎن ﮔﻬﺮاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﺷﺎﻣﻞ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ. آﺋﻮن ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ ﭼﺌﺒﺲ ﺟﻮ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﺳﮑﻲ ورﺗﻮ ۽ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭤﻴﺴﺰ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﭨﺎﺋﻴﭗ ﻛﺮي ورﺗﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺣﻴﺮت ۾ وﺟﻬﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﺟﻲ دور ۾ ﺗﻪ اﻻﺋﻲ ﻛﻬﮍا ﻛﻬﮍا ﭘﺮوﮔﺮام ﻧﻜﺮي ﭘﻴﺎ آﻫﻦ ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﺎﭘﻲ راﺋﻴﭧ ﺟﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﻧﺎﻫﻲ اﺗﻲ ﺗﻪ ۴۰رﭘﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﭧ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ Cd ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﮘﻮٺ ﮘﻮٺ ۾ ﻋﺎم ﭤﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ۽ ﻋﺮب ﻣﻠﻚ اﭸﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺖ رﻓﺘﺎري ﺳﺎن اﮘﻴﺎن وڌون ﭘﻴﺎ ﭘﺮ اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ﺗﻪ ﺣﻴﺮت اﻧﮕﻴﺰ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي ورﺗﻲ آﻫﻲ .ﻧﻪ رﮘﻮ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۾ ﭘﺮ ﻫﺮ ﻓﻴﻠﮉ ۾ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻧﻨﮃڙو ﻣﻠﻚ ﭘﺎڻ ﮐﺎن ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن اﮐﻴﻮن ﻣﻼﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﮡ وﻗﺖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ در وٽ اﺳﺎن ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻮ آڌرﭜﺎ اﻳﺮاﻧﻲ اﻳﺌﺮ
ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻛﻴﻮ .ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﮡ ﻳﺎ Serveﻛﺮڻ ﻻ ﻣﺮد اﺳﭩﻴﻮرڊ ﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪا ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺗﻪ ﻋﺎم اڏاﻣﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻫﻴﻮن .اﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻛﻲ ﭘﻮڙﻫﻴﻮن ﻳﺎ ﭼﭕﻴﻮن ﺳﭕﻴﻮن ﻫﻴﻮن، ﻧﻨﮃﻳﻮن ﻧﻴﭩﻴﻮن ۽ ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻫﻴﻮن .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻧﮓ ۾ ﻳﻮرﭘﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﺳﻔﻴﺪ ﺗﻪ آﻫﻦ ﺋﻲ .ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﺑﻪ ﺷﺎﻳﺪ اﻫﺎﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻮﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﭨﻜﻴﻮن ڏﺋﻲ وﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ؛ ”ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ان ﻻ اﻫﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﻗﻴﺪ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ“.
رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﺑﻪ ﻣﻮن واري ﮔﺮوپ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﻫﻲ ﻫﻦ ﮔﺮوپ ﮐﻲ ﻗﺎﻓﻠﻮ ﭤﺎ ﺳﮇﻳﻦ ﮀﻮ ﺟﻮ ﭨﻴﻬﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان وﭸﮡ ﻓﻘﻂ ان ﻣﻘﺼﺪ ﺳﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻛﺠﻲ .رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ۱۴ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻛﺌﻨﺎڊا ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﮐﻴﺲ ﭔﻪ ﭘﭧ ۽ ﻫﻚ ڌي آﻫﻲ ۽ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﻮ ﭔﺎرن ۽ زال ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. ﻫﻮ ﺑﻪ ﻣﻮن واﻧﮕﺮﮔﻬﭕﺮاﻳﻞ ﻫﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ دﻣﺎغ ۾ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻓﻘﻂ ﻣﻨﻔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن وﻳﭡﻞ ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﺮ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﺣﻴﺮت ۾ ﭤﻲ وڌو ،ﺟﻴﻜﺎ دﻣﺎغ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮐﺎن وﻳﭡﻞ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ اﺑﺘﮍ درﭘﻴﺶ آﺋﻲ ﭤﻲ .ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻪ اﻓﻐﺎن ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﭘﺎﺋﻲ ﭤﻴﻮن ﻫﻠﻦ .ﺑﻠﻜﻪ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﻬﺮ ۾ وﻳﭡﻴﻮن آﻫﻦ .ﻛﻨﻬﻦ ﺿﺮوري ﻛﻢ ﻻ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﭘﻮڙﻫﻲ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﭘﺎﺋﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﭤﻲ ﻧﻜﺮي ۽ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺮد ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺗﻪ ﺳﻮال ﺋﻲ ﻧﭥﻮ ﭘﻴﺪا ﭤﺌﻲ .ﭘﺮ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﺮوٽ ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻤﻠﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ڏﺳﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ .ﻫﻮ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ۽ ﺗﻤﺎم ﭰﮍﺗﻲ ﺳﺎن ﻫﺮ ﻛﻢ ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﻫﻠﮡ ۾ ﺑﻪ ﺳﻤﺎرٽ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ واﻧﮕﺮ Lazyﻧﻪ ﻫﻴﻮن ﺟﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎ ﻳﺎ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺧﺎﻃﺮ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﭿ ﺗﻪ ﭴﮡ ﺗﻪ ﻛﻲ ﺑﻴﺒﻴﻮن ﻫﺠﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ رﮘﻮ ڌاﮘﻮ ﺷﻮﻛﺎري ڏﻳﮡ آﻫﻲ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ آﺋﻮن ﺧﻮش ﻫﻮس ﺟﻮ آﺋﻮن اﻫﮍي ﻣﻠﻚ ڏي وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ وﻟﻲ اوﻟﻴﺎ ،ﺣﺎﻛﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎه ۽ ادﻳﺐ ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﺎ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍي ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﮀﺘﻮ ﻛﺮي رﮐﻴﻮ آﻫﻲ.
اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺳﻔﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ذرﻳﻌﻲ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﻬﺎز ﻫﺮ ارﺑﻊ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﻫﻚ ﺑﺠﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ ۽ اڍاﺋﻲ ﺑﺠﻲ ڌاري ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﮣﻲ ﭨﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺑﻌﺪ ﭼﺌﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ وﻗﺖ ۾ ڏﻳﮉ ﻛﻼڪ ﺟﻮ ﻓﺮق آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ وﻳﻜﺮاﺋﻲ ﭰﺎڪ ) (Latitudeﺗﻲ آﻫﻲ )اﺳﻼم آﺑﺎد ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ( ان ﻛﺮي اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﺳﻴﺎري ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اڌ ﻣﻨﻮ ﻛﻼڪ ﮐﻦ اڳ ۾ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ ﭤﻮ .ﻳﻌﻨﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﭘﻮﮢﻲ ﮀﻬﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ۾ ﻣﻜﺎﻧﻲ وﻗﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ ﭤﻮ ﺳﻮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﭥﻮ ﺗﻪ ﺳﺞ ﻟﻬﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ۽ ﺟﻴﺴﻴﻦ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻢ ﻣﺎن ﻛﻠﻴﺌﺮ ﭤﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﻛﺎﻓﻲ ﭤﮅﻛﺎر ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .ﻛﺮاﭼﻲ ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ وﻗﺖ ﭔﺎﻧﻬﻦ ﺗﻲ رﮐﻴﻞ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﺌﻴﭩﺮ ۽ ﮔﺮم ﻛﻮٽ ﮐﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ اﻫﻮ ﭘﺌﻲ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ اﺟﺎﻳﻮ ﺑﺎر ﮐﮣﻲ ﭤﻮ ﻫﻠﺠﻲ ،اﻫﻮ ﻫﺎڻ وﮢﮡ ﻟﮙﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﺌﻴﭩﺮ ﭘﺎﺋﻲ ا� ﺟﺎ ﺷﻜﺮ ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﺳﭡﻲ ﻣﺖ آﺋﻲ ﺟﻮ ﮐﮣﻲ ﻧﻜﺘﺲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﻬﮍي ﺳﻲ ۾ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻮ ﻣﺰو ﻧﻜﺮي وﭸﻲ ﻫﺎ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﻪ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺳﻲ ﻫﻮﻧﺪو .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺮان ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻨﺰل ﭤﻴﻨﺪو ،اﻫﻮ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ .ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ۲۵ڊﮔﺮﻳﻮن وﻳﻜﺮاﺋﻲ ﭰﺎڪ ) (Latitudeﺗﻲ آﻫﻲ ،ﻻﻫﻮر ﺳﺎڍن ۳۱ﺗﻲ ،ﭘﺸﺎور ۳۴ﺗﻲ ،ﺗﻬﺮان ان ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ۾ ۳۵ڊﮔﺮﻳﻦ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ۳۶ ﺗﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﺟﺌﻴﻦ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ﻗﻄﺐ ڏي وﭸﺒﻮ ﺗﻪ Latitudeوڌﻧﺪو وﻳﻨﺪو ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﭤﮅﻛﺎر ﺑﻪ وڌي ﭤﻲ ﭘﺮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ Durationﮔﻬﭩﺒﻲ وﻳﻨﺪي ﺟﻲ ﺳﻴﺎري وارا ﻣﻬﻴﻨﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ .۽ ﺟﻲ اوﻧﻬﺎري وارا ﻣﻬﻴﻨﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﺗﺮ ۾ وﭸﺒﻮ ﺗﻪ رات ﻧﻨﮃي ۽ ڏﻳﻨﻬﻦ وڏو ﭤﻴﻨﺪو وﻳﻨﺪو .ڊﺳﻤﺒﺮ ﺟﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺳﭩﺎﻛﻬﻮم ۾ )ﺟﻴﻜﻮ ۶۰ڊﮔﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ آﻫﻲ( ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﻨﺞ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻮ ﻣﺲ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ رات ۱۹ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ .ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۽ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﻂ اﺳﺘﻮا )ﻳﻌﻨﻲ زﻳﺮو ڊﮔﺮي (Latitudeﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻦ ،ﭔﺎرﻫﻮ ﺋﻲ ،ﭼﺎﻫﻲ ڊﺳﻤﺒﺮ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﺟﻮن ﺟﻮﻻ ،ڏﻳﻨﻬﻦ
رات ﻫﻚ ﺟﻴﮇا ،ﭔﺎرﻫﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ ﭤﻴﻦ.
ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮن اﻫﻮ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮاﻳﻮ ﺗﻪ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ PIAﺟﻲ ﻛﺎ اڏام وﻳﻨﺪي ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﺮ ان ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺠﻲ .اﻫﻮ ﺗﻪ ﭼﺌﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﻳﺮان ﻧﻪ وﻳﻨﺪا ﻫﺠﻦ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ اڄ ﮐﺎن وﻳﻬﺎرو ﺳﺎل اڳ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﻼﻛﺎ )ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ اٺ ﺳﺎل ﮐﻦ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ( ۾ ﻫﻚ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ﺟﻲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ در ﺗﻲ PIAﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﻮﺳﭩﺮ ﻟﮙﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻟﮙﻞ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﻬﮣﻲ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ۽ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﭘﻮﺳﭩﺮ ﺗﻲ PIAﺟﻲ اڏام ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ .ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ ﺗﻪ PIAﺟﻲ اﻳﺮان ڏي اڄ ﻛﻠﻬﻪ اڏام ﺑﻨﺪ آﻫﻲ .ان ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﭩﺎرو ﺟﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺨﺪوم ﻓﻮن ﻛﺮي ﭔﮅاﻳﻮ. ”اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺑﻨﺪ آﻫﻲ!“ ﻣﻮن ﻃﻨﺰ ﻃﻮر ﻣﺮﻛﻨﺪي ﺧﺎﻟﺪ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ.
” ﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ “،ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ؛ ” ﻛﻮاﻻ ﻟﻤﭙﻮر ڏي اڏام ﺑﻪ ﺑﻨﺪ آﻫﻲ ،ﭨﻮﻛﻴﻮ ڏي ﺑﻪ ﺑﻨﺪ آﻫﻲ “....
”ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻇﻔﺮ ﺧﺎن ﮐﻲ PIAﺟﻮ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻣﺒﺎرڪ ڏﻳﮡ ﺑﺪران ﻋﺬر ﺧﻮاﻫﻲ ﻛﺌﻲ “.ﻣﻮن ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ. اﺳﺎﻧﺠﻮ دوﺳﺖ ﻇﻔﺮ ﺧﺎن ﻧﻪ رﮘﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ اﻧﭩﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺨﺪوم ﺟﻮ روم ﻣﻴﭧ ﺑﻪ ﻫﻮ .رﭨﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ ﺟﻲ ﺟﮇﻫﻦ وﻳﺠﻬﻮ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﭟ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺳﭝﻨﻲ ﭘﻮڙﻫﻦ ۾ ﻇﻔﺮ ﺧﺎن ﺳﻤﺎرٽ ۽ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﻫﻮ . ﻇﻔﺮ ﺗﻤﺎم ﻗﺎﺑﻞ ۽ ﻣﺤﻨﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ PIAﺟﻨﻬﻦ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻴﻞ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﮐﻴﺲ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ان ۾ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺨﺪوم ﮐﻲ ڊپ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻇﻔﺮ ﮐﻲ ﻫﺎڻ ﺑﻠﮉ ﭘﺮﻳﺸﺮ ﭴﺎڻ ﺗﻪ ﭤﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺧﺎﻟﺪ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ اﭸﺎن ﺑﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺷﻚ ﻫﻮ ﺗﻪ PIA ﺟﻲ اﻳﺮان ڏي اڏام ﺑﻨﺪ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﭘﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اوﭼﺘﻮ PIAﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﺟﻌﻔﺮي ﺻﺎﺣﺐ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ وﺋﻲ.
”ﻣﻮن ﺗﻪ ﭔﮅو آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻻ PIA ﺳﺮوس ﺑﻨﺪ ﭤﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ “.ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.
”ﻫﺎ .ﺻﺤﻴﺢ ﭤﺎ ﭼﺌﻮ “،ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ” ،ﻛﺎﻓﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﺎن ﻧﻘﺼﺎن ۾ ﭘﺌﻲ وﺋﻲ ﺳﻮ ﺑﻨﺪ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ .ﺑﺎﻗﻲ آﻓﻴﺲ ۽ اﺳﭩﺎف ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ“.
ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﻻ ﺳﺮوس ﻛﮇﻫﻦ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﺳﭩﺎف ۽ آﻓﻴﺲ ﺟﻮ ﺧﺮچ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻴﺴﻲ ﻣﺎن ﭘﺌﻲ ﭜﺮي .ﺟﻴﻜﻮ ﺧﺮﭼﻮ ﭰﺮي ﮔﺮي اﺳﺎن ﻋﻮام ﮐﻲ ﭨﺌﻜﺲ ۾ ڏﻳﮣﻮ ﭤﻮ ﭘﻮي.
ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻬﮍا ﭘﺎﮘﻞ آﻫﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز رﺳﺘﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ زاﺋﺮﻳﻦ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﻻ ﻳﺎ ﻛﺮﺑﻼ )ﻋﺮاق( وﭸﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ Air Iranذرﻳﻌﻲ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ ڊوﻣﻴﺴﭩﻚ اڏاﻣﻦ ذرﻳﻌﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ڏي وﭸﻦ ﭤﺎ ،ﻳﺎ ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻛﺮﺑﻼ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﭔﺎرﻫﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .آﺋﻮن ﭘﮡ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ارﺑﻊ ڏﻳﻨﻬﻦ واري ﻓﻼﺋﻴﭧ ۾ ﺗﻬﺮان وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻲ ﻛﺎ Choice ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ PIAﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﭴﻜﻠﻬﻪ اﻳﺮان ﻧﭥﺎ وﭸﻦ PIA .ﺟﻮن ،ﮔﺬرﻳﻞ ﺑﺎب ۾ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﮔﻼﺋﻮن ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻮن ﻛﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﺟﻮﮘﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ۽ ﻛﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭘﻲ آ اي ﺟﻲ ﻛﺮي اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ۽ ڌراﺋﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻣﭥﺎﻧﻬﻮن ﮘﺎٽ ﻫﻮ .ﻛﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻳﺎد اﭼﻲ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ؛
PIAاﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﭙﺮ Constellationﺟﻬﺎز اڏاﺋﮡ ﺟﻮ اﻋﺰاز • ﻧﺼﻴﺐ ﭤﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺟﻴﭧ اﻳﺌﺮ ﻛﺮاﻓﭧ ﺑﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ PIAﻫﻼﻳﻮ.
اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ) (PIAاﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﺋﻴﺮ ﻻﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ) FAAﻓﻴﮉرل • اوﻳﺌﺸﻦ اﻳﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﺸﻦ( ۽ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ) CAAﺳﻮل اوﻳﺌﺸﻦ اﭤﺎرﭨﻲ( ﻃﺮﻓﺎن ﻣﺮﻣﺖ ﺟﻮ approvalﻣﻠﻴﻮ. PIAﭘﻬﺮﻳﻦ ﻏﻴﺮ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ اﻳﺌﺮ ﻻﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻦ ﻟﻬﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻣﻠﻲ ۽ ﻣﺎﺳﻜﻮ ﻣﺎن ﭤﻴﻨﺪي • ﻳﻮرپ وﭸﮡ ﺟﻲ ﻣﻮﻛﻞ ﻣﻠﻲ.
PIAاﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻠﻴﭧ ۾ ﺑﻮﺋﻨﮓ ۷۳۷۽ ﺑﻮﺋﻨﮓ ۷۷۱ﺟﺎ ﺟﻬﺎز • ﺷﺎﻣﻞ ﻛﻴﺎ. • •
PIAﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ۾ اڏام دروان ﻓﻠﻤﻮن ڏﻳﮑﺎرﻳﻮن وﻳﻮن. دﻧﻴﺎ ۾ PIAﭘﻬﺮﻳﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ Scheduledﻫﻴﻠﻴﻜﺎﭘﭩﺮ ﺳﺮوس ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ.
ﻫﺎڻ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎڻ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ PIAﺟﻲ ۽ ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﮀﺎ ﻟﺌﻪ وﻳﭡﻞ ﻫﺌﻲ .ﻫﺮ ﻛﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ وڏو ﻗﺎﺑﻞ ۽ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﻟﮑﻴﻞ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮ .ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ،ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ،ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﺗﻮڙي ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺷﺮوع ﻛﺮاﻳﺎ .ﭘﺮ اڄ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﻮڙي ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺣﺎل آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ”اﮘﻲ اﺋﻴﻦ ﻫﺌﺎم ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻮن ڌوﺗﻢ ﻛﭙﮍا“ وارو ﺑﻴﺖ ﻳﺎ اڙدو ﺟﻮ ﮐﻬﻨﮉرات ﻳﻪ ﺑﺘﺎﺗﻲ ﻫﻴﻦ ،ﻋﻤﺎرت ﻋﺠﻴﺐ ﺗﻬﻲ“ ﻳﺎد ﭤﻮ اﭼﻲ.
PIAﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ وﺟﻮد ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن ﻫﻚ ﺳﺎل اڳ ۱۹۴۶۾ ﭤﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺮزا اﺣﻤﺪ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﺟﻬﮍن ﻛﺎر ﺧﺎﻧﻴﺪارن ﻛﻠﻜﺘﻲ ۾ اورﻳﻨﭧ اﻳﺌﺮوﻳﺰ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ رﺟﺴﭩﺮ ﻛﺮاﺋﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭘﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﭨﺮاﻧﺴﻔﺮ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ .ﺳﻨﺪس اڏاﻣﻮن ﻛﺮاﭼﻲ ،ڍاﻛﺎ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ،ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ،ﻻﻫﻮر ﻫﻠﮡ ﻟﮙﻴﻮن ۱۹۵۵ .۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن ﭠﺎﻫﻴﻞ ﻧﺌﻴﻦ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ۾ اورﻳﻨﭧ اﺋﻴﺮ ﻻﺋﻨﺰ ﺑﻪ ﻣﻼﺋﻲ PIAﺟﻮڙي وﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اڏاﻣﻮن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎل ﮐﺎن ﻟﻨﮉن، ﻗﺎﻫﺮي ۽ اﭨﻠﻲ ﻫﻠﮡ ﻟﮙﻴﻮن ۽ ۱۹۶۲ﮐﺎن ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ڏي ﺑﻪ وﭸﮡ ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن ۱۹۶۸ .۾ ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﺑﺤﺮي ﺟﻬﺎز وﭠﻲ ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ PIAﺟﻮ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ آﻓﻴﺲ ﺟﻮ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻢ ﻧﺎم اﻟﻄﺎف ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻮ .آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ وڏو ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﭔﺌﻲ ﻃﺮف .ﻛﺎروﺑﺎر اﻳﺘﺮو ﺳﭡﻮ ﻫﻠﻴﻮ ﭘﺌﻲ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﻠﻚ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن وﻳﻮ ﭘﺌﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۽ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻨﺪو .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﻫﻼﺋﮡ وارا ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﻣﻠﻴﺎ. ﺟﻴﺴﻴﻦ اﺳﻴﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﺎ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ ﺟﻬﺎز ﺟﺎ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ۽ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﭤﻴﻮن ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮا ﺳﺎل اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ،ﺗﺮﻛﻲ ،ﭘﻮﻟﻴﻨﮉ ،ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎزي آﻓﻴﺴﺮ ﻧﻮﻛﺮﻳﻮن ﻛﻨﺪا
رﻫﻴﺎ .ﻫﻲ اﻫﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ،ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ،ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﺟﻬﺎز ﻫﺌﺎ ۽ ﻧﻪ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا. ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﮐﺎن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﺎ ”ﻧﻮﺟﻮان ﻛﺌﮉٽ“ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ ۽ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻬﮍن ادارن ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﺑﻌﺪ ۾ ﺟﮇﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻮن ﻫﻮاﺋﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﻛﮃﻳﻮن ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻴﻦ ﺷﺮوع ﻛﺮي ڏﻧﻴﻮن .ﻛﻴﺘﺮن ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺟﻬﺎز اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻓﻴﺴﺮ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ آﻓﻴﺴﻦ ﺟﺎ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ﺑﻪ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﺌﺎ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ۽ ﺳﻴﻨﺌﺮ ﻫﺌﺎ .ﺟﻬﮍوڪ ؛ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﻮﻛﻞ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ اﻧﻮر ﻟﻮڌي ،ﻣﺴﭩﺮ ﺳﺌﭩﻨﺎ ،ﻇﻔﺮ زﻳﺒﺮي، ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻋﻤﺮان اﻧﺼﺎري ،ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻋﺮﻓﺎن ﻓﺎروﻗﻲ ،ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي ،ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ آﺻﻒ ﻏﻴﻮر ،اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﺷﺮﻳﻒ، اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ،ﻣﺮزا اﻗﺒﺎل ،ﻛﺌﭙﭩﻦ اﻳﻢ ﺟﻲ ﺳﻌﻴﺪ ﺟﻨﻬﻦ اڄ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻲ PILﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ۱۹۶۸ ۾ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ ،اﻫﮍي ﻃﺮح ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺟﻼل ﺑﻴﮓ ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺟﻲ ”ﺳﻴﻼن ﻛﺎرﭘﻮرﻳﺸﻦ“ ﭠﺎﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ وٽ اڄ اﺳﺎن ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﺟﻬﺎز آﻫﻦ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﺘﺮ ۽ اﺳﻲ ﺟﻮ ڏﻫﺎﻛﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ اوج ۽ ﻋﺰت ﺟﻮ دور ﻫﻮ ۽ ﭘﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻮ ﮔﺮاف ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺮﻧﺪو وﭸﻲ .اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺳﮑﻴﺎ ،اﻫﻲ ﺟﻦ اﺳﺎن ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﻮ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ۽ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻴﻮن ﮐﻮﻟﻴﻮن ،اﻫﻲ اﺳﺎن ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ اڳ ﻧﻜﺮي وﻳﺎ .اﺳﺎن ﭘﭡﻴﺎن ﺑﻴﻬﻲ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻜﮣﻦ ﭔﺎرن واﻧﮕﺮ ﺑﻴﭡﺎ ﺗﻜﻴﻮن .ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ان ﺟﻲ ادارن ﮐﻲ ﮐﺎﺋﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ Iran Airآﻫﻲ اﻫﺎ ﭘﮡ PIAواﻧﮕﺮ ۱۹۴۶۾ وﺟﻮد ۾ آﺋﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﺰﻧﻴﺲ ﻣﻴﻦ ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ .ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ Iranian Airwayﺳﮇﺑﻲ ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻣﺴﺎﻓﺮ ۽ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ؛ ﺗﻬﺮان ،ﻣﺸﻬﺪ ،اﺻﻔﻬﺎن ،ﺷﻴﺮاز وﻏﻴﺮه وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻔﺘﻲ ۾ ﻫﻚ ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻳﻮرپ ﺟﻲ روٽ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ۱۹۵۴ .۾ ﭘﺮﺷﻦ اﻳﺌﺮ ﺳﺮوس ) (PASﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺷﺮوع ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ۱۹۶۰ﮐﺎﻧﭙﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻟﻨﮉن ،ﺟﻨﻴﻮا ،ﭘﺌﺮس ،ﺑﺮﺳﻠﺲ ۽ ﻓﺮﺋﻨﻜﻔﺮٽ ﺑﻪ ﻫﻠﮡ ﻟﮙﺎ.
۱۹۶۲۾ ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن اﻳﺮان اﻳﺌﺮ وﻳﺰ ۽ PASﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻲ اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﭠﺎﻫﻴﺎﺋﻮن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ”اﻳﺌﺮﺑﺲ “۳۰۰ﺟﻬﺎز ۾ اﺳﺎن ”اوﻟﻬﻪ اﺗﺮ“ ﺟﻮ رخ ڏﺋﻲ اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﺷﻬﺒﺎز ﻗﻼت ،ﭘﻨﺠﮕﻮر ،ﻗﻠﻌﺎ ﺧﺪاﺑﺪن ،واﺷﺎپ ،دوزاب ،ﻗﻠﻌﺎ ﻟﺪﮔﺎﺷﺖ ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﻳﺎ ﻛﻲ ﭔﻴﺎ ﮔﺬري رﻫﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪا .ﺗﻬﺮان وﭸﮡ ﻻ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻮ ﻟﺘﺎڙي ﭘﻮ اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺑﺎم ،ﻛﺮﻣﺎن ۽ ﻳﺰد ﺷﻬﺮن ڏي رخ رﮐﻲ ﭤﻮ ۽ ﭘﻮ اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ﻣﭥﺎن اڏاﻣﻲ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ﻻ ﺟﻬﺎز ﮐﻲ وري اوﭜﺮ ڏي ۽ ﭤﻮرو ﻣﭥﭝﺮو اﺗﺮ ڏي وﭸﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﺑﺲ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ اﻫﻲ ث ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ زاﻫﺪان واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﻠﻮچ ﭜﺎﺋﺮ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا ﺗﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﺪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺳﺎن ﻣﻠﻴﻞ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺗﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﮔﻬﮣﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﻜﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ اﻓﻐﺎﻧﻲ ۽ ﺗﺮﻛﻤﺎﻧﻲ ﻧﻚ ﻧﻘﺸﻲ ﺟﺎ ۽ اﻓﻐﺎﻧﻲ ۽ ﺗﺮﻛﻲ زﺑﺎﻧﻮن ﺳﻤﺠﻬﮡ وارا ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ اوﻟﻬﻪ ۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮﺗﺒﺮﻳﺰ ﺗﺮﻛﻲ ۽ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﺑﺎرڊر ﭜﺮﺳﺎن آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺑﻴﻬﻚ ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن وچ واري آﻫﻲ .دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﺳﭡﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﺳﭡﻲ ﻛﻨﺎري وارو ﺳﻤﻨﮉ Caspianﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ درﻳﺎهِ ﺧﺰر ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ،ﺗﻬﺮان ﮐﻲ اﺋﻴﻦ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻧﻮري آﺑﺎد .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻗﻮﻣﻲ اﻳﺌﺮﻻﺋﻴﻦ Air-Iran۾ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﻨﺪن ﻓﺎرﺳﻲ ز ﺑﺎن ۾ ﻧﺎﻟﻮ ” ﻫﻮاﭘﻴﻤﺎﺋﻲ ﻣﻠﻲ اﻳﺮان“ آﻫﻲ ،اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﻨﮃا وڏا ۽ ﻣﺎڊرن ﺟﻬﺎز ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻋﻼوه دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﭼﻦ وﭸﻦ ﭤﺎ .آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮙﻨﺪڙ ) Sanctionsﺳﺨﺘﻴﻦ( ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد اﻳﺮان ﻛﻴﺌﻦ اڏول آﻫﻲ ،ﻛﻴﺌﻦ ُﭘﺮ ﻋﺰم آﻫﻲ ،ﻛﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﻫﺮ راﻫﻪ ﺗﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﺎ دﻧﻴﺎ ﻻ ﺣﻴﺮت ﺟﻮﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ان ﻣﺎن اﺗﻬﺎس )(Inspiration ۽ ﺳﺒﻖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .ﺑﻘﻮل اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻚ آﺳﭩﺮﻳﻠﻴﺎ ﺟﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ )ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﻣﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻲ( ﺟﻴﻜﻮ ﭼﺮﭼﻲ ﭼﺮﭼﻲ ۾ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻲ ”اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ ﭘﺎڙي ۾ آﻫﻲ ،ان ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﺳﮅرو!“ اﻳﺮان ۾ ﻫﻦ ”اﻳﺌﺮ اﻳﺮان“ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﻛﻤﭙﻨﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ”ﻣﺎﻫﺎن اﻳﺌﺮ“ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز اﻧﺪرون ﻣﻠﻚ ۽ ﭔﺎﻫﺮ اﭼﻦ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺷﺎﻫﻴﻦ ،اﻳﺌﺮو ۽ ﺑﻠﻮ ﻻﺋﻴﻦ ﺟﻬﮍﻳﻮن
ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن آﻫﻦ .ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﻣﺎﻫﺎن ) (Mahanوٽ وﻳﻬﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺟﻬﺎز آﻫﻦ.
اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ Kish Airﻧﺎﻟﻲ ﭘﮡ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ۱۹۸۹ﮐﺎن ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ وﺋﻲ .ﻫﻦ اﻳﺌﺮ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ اﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ اداراﺑﻪ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ .اﺳﺎن واري ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﻫﻚ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﻛﭥﺎن ﺳﮑﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﺸﺎ اﻳﺌﺮ ﺟﻲ اﻧﺴﭩﻴﭩﻴﻮٽ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﻳﻮ .ﻛﻴﺶ اﻳﺌﺮ وارن ﻫﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي ﻛﻤﭙﻨﻲ وارن ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺳﻴﮑﺎرڻ ﻻ ﮐﻮﻟﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﺳﭡﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﻛﺮي ﻫﻦ ﻣﺎن ﻫﺮ اداري ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺳﮑﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻫﻦ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻛﻴﺶ اﻳﺌﺮ وارن وٽ ﭔﺎرﻫﻦ ﮐﻦ ﺟﻬﺎز آﻫﻦ ۽ ﭨﻮﭨﻞ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ) ۳۱۰(Employeesآﻫﻦ “.ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙن ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ PIAﺳﭛ ۾ اﻣﻴﺮ ﺗﺮﻳﻦ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﺟﻬﻮﻧﺎ ﭤﻲ ﮔﻮڏن ﭜﺮ ﺑﻴﭡﺎ آﻫﻦ ،ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ڏي وﻳﻨﺪڙ اڏاﻣﻮن ﺑﻨﺪ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ PIA۾ ﭘﮕﻬﺎر وﭠﻨﺪڙ ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ وارا ۱۹۳۰۰ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ آﻫﻦ ۽ ﻫﻦ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﻛﻤﭙﻨﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﻴﻦ ﺗﻬﺮان وﭸﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮن ۷۵۰۰ ،ﻣﺎﮢﻬﻮ Employeesﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ SAHAاﻳﺌﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﮡ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻮﺋﻨﮓ ۷۰۷-۳۰۰ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﺣﺎدﺛﻮ ۲۰اﭘﺮﻳﻞ ۲۰۰۵ع ﺗﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﺗﻲ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻟﻬﮡ ) (Landingوﻗﺖ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﮔﻴﺌﺮ ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﭰﻴﭥﻮ ﭰﺎﺳﻲ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ .ﺟﻬﺎز ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ رﻓﺘﺎر ﮐﺎن وڌﻳﻚ رﻓﺘﺎر ۾ ﻟﻬﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ رن وي ﺟﻲ ﭔﻲ ﮀﻴﮍي ﺗﺎن ﺑﻪ ﭨﭙﻲ وﭸﻲ ڍﻧﮃ ) (Creek۾ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ﻛﮃڻ دوران ﭔﻪ ﻣﺴﺎﻓﺮ ۽ ﻫﻚ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ Crewﭔﮇڻ ﻛﺮي ﻣﺮي وﻳﺎ ﻫﺌﺎ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻔﺮ ﺳﮏ ۽ ﺷﺎﻧﺘﻲ ﺳﺎن ﮔﺬرﻳﻮ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز ۾ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺎﻧﻲ ڏﻧﻲ وﺋﻲ اﻫﺎ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺟﻬﺎزن ﮐﺎن ﺗﻪ ﺳﭡﻲ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ اﻣﺎرات ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﭡﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﻻ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ۽ ﺳﺮوس ﭘﮡ ﺑﻬﺘﺮ ﻟﮙﻲ .اﮘﺘﻲ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﻼڪ ﮐﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮي ﻛﺎ ﻣﺲ ﻫﺌﻲ ،ان ۾ ﺳﺌﻨﮉوچ ۽ Snacksڏﻧﺎﺋﻮن .اﻫﻲ ﺑﻪ ﻟﺬﻳﺬ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻣﻘﺪار ۾ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎ ﻫﺌﺎ .ﻛﺎﻓﻲ ﻳﺎ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺟﻴﻮس ﺟﻮ دﭔﻮ ۽ ﭘﺴﺘﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﻛﻴﭧ ﭘﮡ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ڏﻧﺎﺋﻮن .ﻣﺎﻧﻲ ﻣﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻫﮙﺎ) ﺧﻮﺷﺒﻮ (آﺋﻲ ﭘﺌﻲ ان ﻻ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﻛﺌﻨﺎڊا ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺧﻮﺷﺒﻮ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ آﻫﻲ” .اﻳﺮان ۾ زﻋﻔﺮان ۽ ﭘﺴﺘﺎ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ “،رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ؛ ”ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻴﺘﺮن دوﺳﺘﻦ اﻳﺮان ﻣﺎن زﻋﻔﺮان آﮢﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ “.ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ زﻋﻔﺮان ﻓﻘﻂ اﺳﭙﻴﻦ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻪ اﺳﭙﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺑﺎرﺳﻠﻮﻧﺎ ﻳﺎ ﻛﻨﺎري ) (Canaryﭔﻴﭩﻦ ﺗﻲ وﭸﮡ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﻫﻚ واﻗﻔﻜﺎر ﻫﻨﺪو ﺳﻨﮅي ﻓﺌﻤﻠﻲ ﭜﻮﭴﻮاﮢﻲ )ﻫﺮﻛﺸﻦ( ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻨﻦ ﻻ زﻋﻔﺮان آﮢﮡ ﻻ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ .ﭘﺴﺘﺎ ڏوڏﻳﻦ ﺳﻤﻴﺖ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ڏﭠﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﺸﻚ ﻣﻴﻮي ) (Dry Fruit۾ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .ﺟﻲ اﻫﻮ ڊرا ﻓﺮوٽ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﺎزا ﭘﺴﺘﻪ )ﻓﺮﻳﺶ ﻓﺮوٽ( ﻛﻬﮍو ﭤﻴﻮ؟ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮن اﻫﻮ ﻧﻪ ڏﭠﻮ ﻫﺠﻲ .ﻣﻮن ﺑﻪ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ڏﭠﻮ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﺎﭤﻲ ﺳﺠﺎد ُﻣﮑﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺑﺲ ﭔﻬﺮاڙي ﻣﺎن ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ُﻫﻦ اﺗﺎن ورﺗﻮ ﭤﻲ .ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮا ﺋﻲ دﻓﻌﺎ اﻳﺮان ،ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم اﭼﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ان ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙي واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ اﻫﻲ ﺗﺎزا ﭘﺴﺘﺎ وﭠﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﮐﺎراﻳﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺳﻮاد ﺳﺎﮘﻴﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﭔﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ﺳﺨﺖ ) Coverڏوڏي( ﻫﺠﮡ ﺑﺪران ﻧﺮم ۽ آﻟﻲ ﮐﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ اﻧﺪر ﭘﺴﺘﻮ ڍﻛﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻫﺎ ﮐﻞ ﭤﻮرو ﺋﻲ ﻧﻬﻦ ﻫﮣﮡ ﺳﺎن ﮀﭵﻴﻮ ﭘﻮي.
ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ۾ ﻫﻚ ﺑﺪﻣﺰدﮔﻲ ﺿﺮور ﭤﻲ .ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﺑﻌﺪ اﺳﺎن ﺟﻲ اﮘﻴﺎن وﻳﭡﻞ ،ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ،ﺳﮕﺮﻳﭧ دﮐﺎﺋﻲ ﮀﻜﮡ ﻟﮙﻮ .اﭴﻜﻠﻬﻪ ﻧﻨﮃي ﺳﻔﺮ واري ﻫﺮ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻤﻮﻛﻨﮓ ﺗﻲ ﺑﻨﺪش آﻫﻲ .ڊﮔﻬﻴﻦ ڊﮔﻬﻴﻦ ڏﻫﻪ ﭔﺎرﻫﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮي وارﻳﻦ اڏاﻣﻦ ۾ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ ﻻ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﭜﺮﺳﺎن ﻣﻘﺮر ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﺳﮕﺮﻳﭧ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻛﺶ ﺳﺎن زﻋﻔﺮان ۽ ﻣﻮﺗﺌﻲ ﺟﻲ ﻫﭕﻜﺎر ۽ ﻧﻴﺮاﻧﻲ ﻫﻴﺮ ﺟﻬﮍي ﭤﮅڙي ﺟﻬﺎز ﺟﻮ ﻣﺎﺣﻮل ﭴﮡ ﺗﻪ ڏﻧﮕﺠﻲ ﭘﻴﻮ. ”دوﻧﻬﻮن ﻧﻈﺮ ﭘﻴﻮ اﭼﻲ!“ ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ.
”ﺳﮕﺮﻳﭧ ﺟﻲ ڌپ ﭘﺌﻲ اﭼﻲ!“ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻛﺌﻨﺎڊا ۾ رﻫﻨﺪڙ رﺣﻤﺖ ﭼﻴﻮ؛ ”ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﻛﻮ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﭘﻴﻮ ﮀﻜﻲ“.
اﻫﻮ ”ﻛﻮ“ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ وارو ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ اﮘﺌﻴﻦ ﻗﻄﺎر ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻠﻜﻞ اﮘﻴﺎن وﻳﭡﻮ ﻫﻮ .اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﺑﻪ وڏي دﻳﺮ ﮐﺎن ﭘﻮ ﮘﻮﻟﻬﻲ ﻟﮅس .اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﻴﺲ ﺳﮕﺮﻳﭧ وﺳﺎﺋﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﭴﮡ ﺗﻪ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﻲ ﻧﻪ ڏﭠﻮ ﻧﻪ ﭔﮅو .ﻧﭡﺮ ﭤﻲ ﭔﻴﻮ ﻛﺶ ﻫﻨﻴﺎﺋﻴﻦ .اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ وﺋﻲ ﺳﺎ اﺳﭩﻴﻮرڊ ﻣﺮد ﮐﻲ وﭠﻲ آﺋﻲ .ان اﭼﻲ ﻫﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ وﺳﺎﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﭣ ﺟﻲ ﻣﭟ ۾ ﻟﻜﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ۽ اﺳﭩﻴﻮرڊ ﺟﻬﮍو ﺋﻲ ﻣﮍﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ وري ﻛﺶ ﻫﻨﻴﻮ .اﺳﭩﻴﻮورڊ ڏﺳﻲ ورﺗﺲ ۽ ﻛﺎوڙ ﻣﺎن ﭼﻴﺎﺋﻴﻨﺲ ﺗﻪ؛ ”ﺳﮕﺮﻳﭧ وﺳﺎ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﻫﭣ ﻛﮍﻳﻮن ﻫﮣﻨﺪوﺳﺎن “!ﻫﻮ ﻫﭥﻦ ﺳﺎن ﻫﭣ ﻛﮍﻳﻦ ﺟﺎ اﺷﺎرا ﻛﺮي اﮘﻴﺎن ﭘﺎﺋﻠﭧ واري ﻛﺎڪ ﭘﭧ ﻃﺮف ﺗﮑﻮ ﺗﮑﻮ وڌﻳﻮ .اﺳﺎن واري ﻓﻠﻤﻲ ﻫﻴﺮي ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ ﺳﻜﻲ وﻳﻮ .ﻳﻜﺪم ﺳﮕﺮﻳﭧ وﺳﺎﺋﻲ ﺷﺮﻳﻒ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻲ وﻳﻬﻲ رﻫﻴﻮ.
ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﭔﻴﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺿﺮور ڏک ﭤﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ۽ ﻫﻨﻦ ﺑﻪ اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﻫﻚ ﻣﮁﻲ ﺳﭵﻲ ﺣﻮض ﮐﻲ ﺧﺮاب ﻛﺮي ﭤﻲ .ﺟﻬﺎز ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺌﺒﻦ ﻛﺮﻳﻮ ﺗﻮڙي اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ۾ وﻳﭡﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرت ﻣﺴﺎﻓﺮن ،اﺳﺎن ﻻ ﻛﻴﮇو ﻏﻠﻂ اﻣﭙﺮﻳﺸﻦ ورﺗﻮ ﻫﻮﻧﺪو .ﻫﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﺧﺮاب ﻛﻢ ﺳﺎن ﺳﭵﻮ ﻣﻠﻚ ﺑﺪﻧﺎم ﭤﻴﻮ وﭸﻲ. ﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﺮ وﭸﻲ اﺋﻴﻦ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﻓﻼﮢﻲ ﻳﺎ ﻓﻼﮢﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري ﺟﻬﺎز ۾ ﻫﻴﻨﺌﻦ ﭼﺮﻳﺎﺋﭗ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻬﮍا ﭘﺎﮘﻞ آﻫﻦ.
ﺑﻨﺪر روڊ ،ﮔﻼب ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺳﺎن ڌوﺗﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭡﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺑﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﻳﻮرپ واﻧﮕﺮ دﻛﺎن ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺋﻲ ﮐﻠﻴﻮ وﭸﻦ! ﻧﻪ رﮘﻮ ﮐﻴﺮ ڊﺑﻞ روﭨﻲ وارن ﺟﺎ ﭘﺮ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺟﺎ .وﻳﻨﺪي ﻛﭙﮍن ،ﭤﺎﻧﻮن ،اﻟﻴﻜﭩﺮڪ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﺎ ،ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮن، واڍن ،درزﻳﻦ ﺟﺎ .اﺳﺎن وٽ ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ دﻛﺎن ﮐﻠﻦ ،ﻣﻌﻨﻲ ﻛﺎ ﺷﻲ وﭠﮡ ﻻ آﻓﻴﺲ ﻳﺎ ﻓﻴﻜﭩﺮي ﮀﮇي اﭼﺠﻲ، ان وﻗﺖ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺑﻪ ﺟﺌﻢ رﻫﻲ ﭤﻲ ﭘﻨﺠﻦ ﻣﻨﭩﻦ ﺟﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ اڌ ﻛﻼڪ ۾ ﭘﻮرو ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﮔﺎڏي ﭘﺎرڪ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ اﻟﮗ .ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻛﻨﻬﻦ آﻓﻴﺲ واري ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ ﻳﺎ ﮔﻬﺮ ﭔﺂرن ﻻ ﻛﺠﻬﻪ وﭠﮣﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﺘﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺋﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﭘﻮ اﭠﻴﻦ ﺑﺠﻲ آﻓﻴﺲ وﭸﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﻣﻜﻲ ،ﻣﺪﻳﻨﻲ ،ﻫﺮدوار ،ﺑﻨﺎرس ،ﭘﻴﻨﺎﻧﮓ ۽ ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ واﻧﮕﺮ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﮇي ﻣﻬﻞ دﻛﺎن ﮐﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﻛﻴﮇي ﻣﻬﻞ ﺑﻨﺪ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﺑﻨﺪ ﺋﻲ ﻧﭥﺎ ﭤﻴﻦ. ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﻫﻮﭨﻞ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮ ﺗﻪ دﻛﺎن ﮐﻠﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ ،ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻬﻞ ﭘﻬﻞ ۽ ﮔﻬﻮرﻳﺌﮍن ﺟﻲ ﻫﻮﻛﻦ ﺟﻮ آواز ﭔﮅڻ ۾ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﻗﻢ ﺟﻲ ﺑﺎزار ﻗﻢ ،ﺑﺎزار ﺳﺠﻞ ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم رﺿﺎ ﻧﻪ ڏس ﻳﺎ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ وارﻳﻮن ﺑﺎزارون ﻧﻪ ڏس .ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن .ان ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻪ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ رات ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۾ ﭘﻴﺎ وﭸﻦ ۽ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ﻣﺎن ﺧﺮﻳﺪاري ﭘﻴﺎ ﻛﻦ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﭔﺎڙ ﻟﮙﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﭘﺮ اﻫﻲ ﻣﺰا ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ آﻫﻦ ﻳﺎ وري ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ۾ .اﺳﺎن وٽ ﺗﻮڙي اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻻ ﮐﻴﺮ ﺟﻮ ﻫﻨﮉو ﭼﮍﻫﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ۽ آﻳﻮ وﻳﻮ ڌوڌﭘﺘﻲ ﺟﻮ ﻛﻮپ ﻳﺎ ﮔﻼس ﭘﻲ ﭘﻮ آﻓﻴﺲ ﻳﺎ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﭘﻴﻮ وﻳﻨﺪو ،ﭘﻴﭧ ۾ ﭜﻠﻲ ﮐﮣﻲ ان ﺟﺎ ﭔﻪ ﮔﺮاﻧﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﺠﻨﺲ .اﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﻫﺮ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﻛﭽﻦ آﻫﻲ ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻲ ﻛﻤﺮن ۾ ﺑﻪ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﭼﻠﻬﻮ ڏﻧﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﺮﻛﻮ ﭼﺎﻧﻬﻦ ﭠﺎﻫﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻠﻜﻮ ﭰﻠﻜﻮ رڌ ﭘﭽﺎ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ڌوڌ ﭘﺘﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﮡ ﻻ ﻓﺮﻳﺶ ﮐﻴﺮ وﭠﻲ اﭼﮡ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﭘﺎﺋﻮڊر ﮐﻴﺮ ۽ ﻛﺎﻓﻲ ﻣﻴﭧ ﻧﻜﺮي ﭘﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎن ڌوڌ ﭘﺘﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ .ﻣﻮن ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻟﭙﭩﻦ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮن ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن ۽ ﻧﻴﺴﻠﻲ ﺟﻮ ۴۰۰ﮔﺮاﻣﻦ ﺟﻮ ”اﻳﻮري ڊي“ ﮐﻴﺮ ﺟﻮ ﭘﺎﺋﻮڊر ۽ ﻫﻚ Evaporatedﮐﻴﺮ ﺟﻮ دﭔﻮ وﭠﻲ رﮐﻴﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺗﻲ دل ﭼﻴﻮ ﭤﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﭘﻴﺘﻢ ﭤﻲ .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺑﺪران ﻛﺎﻓﻲ ﻋﺎم آﻫﻲ ۽ ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ اﻫﺎ Condensedﻣﭡﻲ ﮐﻴﺮ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﺎش ﺟﻬﮍي ﻣﭡﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﻠﻴﻤﺎﻧﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻛﺎري ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ .ﻫﻲ ان ۾ ﮐﻨﮉ ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﺑﺪران ﮐﻨﮉ ﺟﻮ ﻛﻴﻮب ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻗﻨﺪ ﺳﮇﻳﻦ وات ۾ ﺟﻬﻠﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ ڍڪ ڍڪ ﭜﺮﻳﻦ .ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻴﻮب ﮐﻲ وات ۾ اﻫﮍي ﻃﺮح ﺳﺎن ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن رﮐﻦ ﺟﻴﺌﻦ ان ﻣﺎن ﺿﺮورت ﻣﻄﺎﺑﻖ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻲ ڍڪ ﺳﺎن ﻣﭡﺎڻ ﮘﺮي .ﻳﻮرپ ۾ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮاﻧﻲ رﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ اﻫﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﺌﻨﭩﻴﻦ ۾ ،ﺗﻮڙي ﺳﻨﺪن ﭔﺎر ﮔﻬﺮن ۾ اﻫﮍي ﻃﺮح ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻴﺌﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﻛﻴﺘﺮا اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭔﻪ ﺳﺎل ﺳﺌﻴﮉن ۾ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮔﺠﺮاﺗﻴﻦ )اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﮔﺠﺮات ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ( واﻧﮕﺮ ﻣﭡﻲ ) (Sweet Dishﺳﺎن ﺷﺮوع ﻛﻦ. اﻳﺮان ۾ ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ ﻣﺮدن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ وڏي رش ﻣﺎﻧﻲ )ﻧﺎن( ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮڻ ۾ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪي .اﻳﺮان ۾ اﭨﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻛﻨﭩﺮول ۾ آﻫﻲ .ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﺑﻴﻜﺮﻳﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﺳﻨﻬﺎ ،ﭤﻠﻬﺎ ،ڊﮔﻬﺎ، ﮔﻮل ،ﺳﺎدا ،ﺗﺮن وارا ﻧﺎن ﭠﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺮ ﻛﻮ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﭤﻮ .ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﻫﻴﭟ آﮢﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ۾ اﭨﻲ ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﻳﺎ ان ﺟﻮ اﮔﻬﻪ ﻏﺮﻳﺐ ﺟﻲ ﭘﻬﭻ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﺗﻪ ﻧﭥﻮ ﻧﻜﺮي .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﺟﻴﻜﻮ اﺋﮕﺮﻳﻜﻠﭽﺮل ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﻧﺎج ﺟﻲ ﭘﻮک ۾ ﻛﮣﻚ آﺳﺎﻧﻲ ۽ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ۾ ﭘﻮﮐﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ اﺗﻲ ﮀﻠﺮ ﺟﻬﮍو ﻧﺎن ﺑﻪ ﭼﺎر رﭘﻴﺎ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﺳﺎن واري ﺳﺎدي ﻧﺎن ﮐﺎن ڊﻳﮕﻬﻪ ۾ ﭨﻴﮣﻮ ﻧﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭔﻦ رﭘﻴﻦ ۾ آﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﺎ ﺗﺮن۽ ﮔﻴﻬﻪ ۾ ﭘﭽﺎﻳﻞ ﭤﻠﻬﺎ ﻧﺎن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ آﻫﻲ .ﺳﻮ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ﭘﻨﺞ ﻣﻨﭧ ﮐﻦ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭤﻮرن ﭘﺌﺴﻦ ۾ روزاﻧﻮ ﭘﻴﭧ ﺗﻪ ﭜﺮﺟﻲ وﭸﻲ
ﭤﻮ .ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺋﻲ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻲ ﭨﻴﻬﻪ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻧﺎن ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ اﮘﻴﺎن روڊ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ ﭘﺌﺴﻦ ۾ وﻛﮣﻦ ﭤﺎ .ﺣﻜﻮﻣﺖ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻧﭥﻲ ﻛﺮي ۽ رﮐﻲ رﮐﻲ ﮀﺎﭘﺎ ﺑﻪ ﻟﮙﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮان ﻣﺎن اﻫﻮ ﻓﺎﺋﺪو ﺿﺮور آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻣﻴﺮ آﻫﻦ ۽ اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ وﻗﺖ ﺟﻮ ﺑﭽﺎ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ اﺗﺎن ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن وﭠﻴﻮ وﭸﻦ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻏﺮﻳﺐ وﻛﮣﻨﺪڙن ﺟﻮ روزﮔﺎر ﭘﮡ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﺧﺮﻳﺪار ﮐﻲ ﭔﻦ رﭘﻴﻦ ﺑﺪران ﭨﻦ رﭘﻴﻦ ۾ ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻧﺎن ﭠﻬﻦ ﭤﺎ .ﺳﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﻲ ﭔﻦ ﻳﺎ ﭨﻦ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﻧﺎن وﭠﮣﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻚ ﺑﻴﻜﺮي اﮘﻴﺎن ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻲ ﭘﻮ ﭔﺌﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻧﺎن ﻻ ﭔﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﺟﻲ ﺑﻴﻜﺮي اﮘﻴﺎن ﻗﻄﺎر ۾ وﭸﻲ ﺑﻴﻬﻲ ،ان ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن ﺋﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺟﻦ وٽ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻧﺎن ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﻧﺎن ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﻫﻚ ﻫﻨﮅ اﭼﻴﻮ وﻫﻦ ﺟﺘﺎن واﭨﻬﮍو ﺗﻮڙي ﮔﺎڏﻳﻦ وارا ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. ﻧﺎن دراﺻﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺟﺬب ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻧﺎن ﻣﻌﻨﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻴﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﺳﻨﮅي ،اڙدو ،ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ۽ ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﻛﺘﺐ اﭼﻦ ﭤﺎ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ؛ ﻧﺎﻧﺪان ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎن ۽ ﮐﺎڌي رﮐﮡ ﺟﻮ ﭴﺎري وارو ﻛﭕﭧ ،ﻧﺎن ﺧﺘﺎﺋﻲ – ﻣﭡﻮ ﺑﺴﻜﻴﭧ ،ﻧﺎﻧﻮاﺋﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻧﺎن ﭠﺎﻫﮡ وارو )ﺑﻮرﭼﻲ( ،ﻧﺎن ﻓﺮوش ﻣﻌﻨﻲ ﻧﺎن وﻛﮣﮡ وارو وﻏﻴﺮه ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﺎن ﮐﻲ ﻧﻮن ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ.
اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻣﺎرﻛﻴﭩﻮن ﺑﻪ ﭼﻴﻨﻲ ﺷﻴﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮن ﭘﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪاري اﻳﺮان ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ زاﺋﺮﻳﻦ ﻛﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ،ازﺑﻜﺴﺘﺎن ،آرﻣﻴﻨﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ زوار ﻛﻦ ﭤﺎ .اڄ ﮐﺎن ﭘﻨﺞ ﮀﻬﻪ ﺳﺎل اڳ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﭨﻴﭗ رﻛﺎرڊر ،ﻛﺌﻠﻜﻴﻮﻟﻴﭩﺮ، واﭼﻮن ،ﮔﮇﻳﻮن ۽ ﭔﻴﺎ راﻧﺪﻳﻜﺎ ،ﭘﻴﻨﻮن ۽ ﭔﻴﻮ ﻓﺌﻨﺴﻲ اﺳﭩﻴﺸﻨﺮي ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن ،اﻳﻤﺮﺟﻨﺴﻲ ﭨﺎرﭼﻮن ۽ ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﭘﻴﺲ، ﻣﻜﻲ ،ﻣﺪﻳﻨﻲ ،ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ،دﺑﺌﻲ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ﻣﺎن وﭠﻲ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻫﺎڻ اﻫﻲ ﺷﻴﻮن ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺟﻤﻌﻲ ۽ آﭼﺮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ۽ اﭸﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﮐﻮڙي ﮔﺎرڊن ،ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۽ ﻣﻮﺗﻦ داس ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۾ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن .ان ﻛﺮي ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﺘﺎن اﻳﺮان ﻣﺎن ﻫﻚ ﻣﺤﺪو د ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪاري ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ .ﻣﺮد ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﻛﻦ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﺮﻗﻌﻲ ﺑﺪران اوڍڻ ﺟﻮن ﭼﺎدرون ۽ ﻣﭥﻲ ڍﻛﮡ ﻻ ﺣﺠﺎب ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ روﺳﺮي ﺳﮇﻳﻦ ،ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن .ﺳﭡﻲ ﭼﺎدر ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻛﺎرن ﻳﺎ ﻧﺎﺳﻲ ﮔﻠﻦ واري ﻳﺎ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﮐﺎن ﻧﻮان ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎن ۾ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﭨﻦ ﮐﺎن ﮀﻬﻦ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ۾.
ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ رﭘﻴﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ۱۵ﺗﻮﻣﺎن ﻳﺎ ۱۵۰رﻳﺎﻟﻦ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﻮﭨﻦ ﺗﻲ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺑﺪران رﻳﺎل ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻮ ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎن واري ﭼﺎدر وﭠﮡ ﻻ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﻮي ﻫﺰار رﻳﺎل ڏﻳﮣﺎ ﭘﻮﻧﺪا .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﻟﮏ رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻧﻮٽ ڏﻳﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ دﻛﺎﻧﺪار ﭼﺎدر ﺳﺎن ﮔﮇ ڏﻫﻪ ﻫﺰار رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻧﻮٽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ واﭘﺲ ﻛﻨﺪو .ﻣﭥﻲ ﮐﻲ ﻛﻮر ﻛﺮڻ ﻻ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﺎ ﺣﺠﺎب ڏﻳﮃ ﻫﺰار ﮐﺎن ﭨﻦ ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ )ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮐﺎن ﭔﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ( ۾ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﺎ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ.
ﭼﺎدرن ۽ ﺣﺠﺎﺑﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻲ ﺧﺎص ﺷﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻦ ﭤﺎ اﻫﺎ زﻋﻔﺮان آﻫﻲ .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ڊرا ﻓﺮوٽ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﺴﺘﺎ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻮ ﻋﺮب ۽ اﻓﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺧﻮب ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ ،ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ان ﻛﺮي ﻧﻪ ﺟﻮ اﻫﻲ ﺷﻴﻮن؛ ﭘﺴﺘﺎ ،ﺑﺎدام ،اﺧﺮوٽ وﻳﻨﺪي ﻛﺸﻤﺶ ۽ ﭜﮙﮍا اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﺗﻘﺮﻳﺒﺎ ان اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ .ﻫﺘﻲ ﭔﻪ اﮐﺮ زﻋﻔﺮان ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Saffron۽ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ ﻗﻴﺼﺮ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﻟﮑﮡ ﺑﻲ ﻣﺤﻞ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو.ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﺎن ۽ ﺑﻠﻨﺪ درﺟﻮ اﻳﺎﻣﻦ ﮐﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺟﭙﺎن ،ﭼﻴﻦ ،ﻛﻮرﻳﺎ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﮐﺎن ﻣﺼﺮ ۽ ﻣﻮراﻛﻮ ﺗﺎﺋﻴﻦ آﻫﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻳﻮرپ ۽ وﻳﻨﺪي آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ،زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮس آﻫﻲ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ زﻋﻔﺮان اﻧﮉﻳﺎ ،اﻳﺮان ۽ ﻣﻮراﻛﻮ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻳﻮﻧﺎن ،اﭨﻠﻲ ۽ اﺳﭙﻴﻦ ۾ ﭘﻮﮐﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .زﻋﻔﺮان ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ۾ The Golden Spiceﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .زﻋﻔﺮان ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﺧﻮﺷﺒﻮ ﻻ ﮐﺎڌن ۾ ۽ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ دواﺋﻦ ۾ ﻛﻢ اﭼﻲ ﭤﻲ .ﭼﻴﻦ ،ﺟﭙﺎن ،اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻗﻮﻣﻦ ۾ اﻫﻮ وﻫﻢ وﻳﭡﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﺎ ﮘﻮرﻫﺎڙي ﻋﻮرت )(Expectant Mother ﮐﻴﺮ ۾ زﻋﻔﺮان ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻴﺌﻲ ﭤﻲ ان ﺟﻲ ﭔﺎر ﺟﻲ ﭼﻬﺮي ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﻮﭜﻴﺎ ﺑﻬﺘﺮ ﭤﻴﻮ ﭘﻮي. زﻋﻔﺮان ﺳﻨﻬﮍن ﻛﮑﻦ ﺑﻠﻜﻪ ڌاﮘﻦ ﺟﻬﮍي ﮔﻴﮍو رﻧﮓ ﺟﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﮔﻠﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن وچ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .اﻫﻮ ﮔﻞ
ﺳﺌﻔﺮان ﻛﺮوﻛﺲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻧﺎﻟﻮ Crocus Sativaآﻫﻲ .ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ اﻫﻮ ﺟﻤﻮن ۽ ﻛﺸﻤﻴﺮ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻫﺮ ﮔﻞ ﻣﺎن زﻋﻔﺮان ﺟﺎ ﭨﻲ ﭼﺎر اﻧﭻ ڏﻳﮃ ﺟﺎ ڌاﮘﺎ ﻧﻜﺮن ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻜﺎﻳﺎوﭸﻦ ﭤﺎ .ﺑﺎرﺳﻠﻮﻧﺎ )اﺳﭙﻴﺲ( ﺟﻲ دﻛﺎن ﺗﺎن آﺋﻮن دوﺳﺘﻦ ﻻ زﻋﻔﺮان ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻨﺪو ﻫﻮس ان ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﻠﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺌﻔﺮان ﻛﺮوﻛﺲ ﮔﻠﻦ ﺟﻲ ﭘﻮک ﺑﻪ ڏﻳﮑﺎري .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮔﺮام )ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﻛﻠﻮ ﮔﺮام ﺗﻮر ﺟﻮ ڏﻫﻮن ﺣﺼﻮ( زﻋﻔﺮان ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﮀﻬﻪ ﻫﺰارن ﮐﺎن ﺳﺖ ﻫﺰار ﮔﻞ ﭤﺎ ﮐﭙﻦ !ان ﻛﺮي زﻋﻔﺮان دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ ۾ ﻣﻬﺎﻧﮕﻮ ﻣﺼﺎﻟﺤﻮ ) (Spiceﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ اﺻﻞ ڌرﺗﻲ اﻳﺮان وارو ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺑﻪ اﭼﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ذرﻳﻌﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس )ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮﺧﻴﺎم ۽ ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻬﮍن ﺟﺎ ﺑﻪ ﻣﻘﺒﺮا آﻫﻦ (.ﺗﻪ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻗﺪﻣﮕﺎﻫﻪ ﮐﺎن اڳ ﻣﻠﻚ آﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮٺ آﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮔﺎڏي ﺑﻴﻬﺎري ﺳﺎﺋﻠﻨﺴﺮ ﺟﻮ ﭘﺎﺋﻴﭗ وﻳﻠﮉ ﻛﺮاﻳﻮ .ﻫﻲ ﭔﻬﺮاڙي وارو ﻋﻼﺋﻘﻮ ﻫﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ وﻳﭡﻞ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻫﺎرﻳﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﮔﺬر زﻋﻔﺮان ﺗﻲ آﻫﻲ” .ﻫﺎﮢﻮﻛﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪ ﻧﺰاد ﮐﺎن اڳ ﮐﻴﻦ ﺳﻨﺪن ﻓﺼﻞ ﺟﺎ ﺗﻤﺎم ﭤﻮرا ﭘﺌﺴﺎ ﭤﻲ ﻣﻠﻴﺎ .وڏو ﻓﺎﺋﺪو وچ وارا دﻻل ﮐﺎﺋﻲ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺳﻨﺌﻮن ﺳﮅو زﻋﻔﺮان ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﭤﻲ ۽ اﺳﺎن ﮐﻲ ان ﺟﻮ وڏو اﮔﻬﻪ ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﻫﺎڻ اﺳﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺧﻮش آﻫﻴﻮن“. ﻣﻮن واري ڊراﺋﻴﻮر ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺮﺟﻤﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻨﻬﻦ ﻫﻨﻦ ﻫﺎرﻳﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻨﺪي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﺗﻲ وڏي ﻣﺤﻨﺖ ﭤﻲ ﮔﻬﺮﺟﻲ ” .ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﺮﻣﺎن ۾ ﺑﻪ ﮀﻬﻪ ﻫﺰار ﮐﻦ ﻫﻴﻜﭩﺮن ﺗﻲ زﻋﻔﺮان ﺟﻮ ﻓﺼﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .زﻋﻔﺮان ﺳﺨﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ ﺳﭡﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﻳﻌﻨﻲ اوﻧﻬﺎري ۾ ﮔﺮم ۽ ﺧﺸﻚ ﺗﻪ ﺳﻴﺎري ۾ ﭤﮅ واري ﻣﻮﺳﻢ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﻻ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ “.زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﻻ ڌرﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﮅو ۽ ﺑﻨﺎ وﮢﻦ ﺟﻲ ﻫﺠﮡ ﺿﺮوري ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﺞ ﺟﺎ ﻛﺮﮢﺎ ﺳﮅا ﭘﻮن .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻫﺎري زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ۾ ﻛﻮﺑﻪ وﻻﺋﺘﻲ ﭜﺎڻ ) (Fertilizerاﺳﺘﻌﻤﺎل ﻧﭥﺎ ﻛﻦ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭘﻮک ﺳﺌﻮ ﺳﻴﻜﮍو Organicآﻫﻲ. ”زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ۽ ﻟﮣﺎﺋﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻃﻠﺐ ۽ ڏﮐﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺿﺮورت آﻫﻲ “،ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﻟﮣﺎﺋﻲ وﻗﺖ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮔﻞ ﻛﺮي ﭘﭩﺠﻲ ﭤﻮ ۽ ان ﻣﺎن ﻫﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ وارا زﻋﻔﺮان ﺟﺎ ڌاﮘﺎ )(Stigmas ﻛﮃﺟﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ﻛﻢ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺳﺞ اﭜﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﮔﻠﻦ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﮐﮍڻ ﺟﻮ ﻣﺪو ﻓﻘﻂ ۱۵ ﮐﺎن ۲۰ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻲ ﭤﻮ“.
ﮔﻠﻦ ﻣﺎن زﻋﻔﺮان ﺟﺎ ﻫﻲ ڌاﮘﺎ ) (Stigmasﻛﮃڻ ﺑﻌﺪ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﮀﺎﻧﻮري ۾ اﻫﮍي ﻫﻨﮅ ﺳﻜﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﭙﺶ ۽ ﺧﺸﻚ ﻫﻮا ﻫﺠﻲ .اﻫﻲ ﭘﻨﺠﻦ ﮐﺎن ﺳﺘﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻜﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ،ان ﺑﻌﺪ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺌﻚ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﭡﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙﻳﻦ ۾ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﭘﻨﺠﺎب واﻧﮕﺮ )ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﺎﮢﻲ آدم ﺷﻤﺎري ﭘﮡ ﺳﺌﻮ ﺳﻴﻜﮍو ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ آﻫﻲ( ﻣﺮد ﻫﺎرﻳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪن زاﻟﻮن ۽ ڌﻳﺌﺮون ﺑﻪ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن .اﺳﺎن وٽ ﺳﻨﮅ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﭰﭩﻴﻦ ﺟﻮ ﭼﻮﻧﮉو وﻏﻴﺮه ﻫﺎرﻳﻦ ﺟﻮ زاﻟﻮن ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن اﻫﻮ ﺑﻪ ﻫﺎڻ ﭘﺌﺴﺎ ڏﻳﺌﻲ ڏﻫﺎڙي ﺟﻲ ﺑﺎﮔﮍي ﻣﺰورن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ زاﻟﻦ ﮐﺎن ﻛﺮاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻠﻦ ۽ ﻛﺌﺒﻠﻦ ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺎري ﮐﺎن ﭘﺮه ﭰﭩﻲ ﮐﺎن اڳ اﭤﻴﻮ ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ .رات ﺟﻮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭨﻲ وي ڏﺳﻲ ﺳﻤﻬﮡ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ اک ﮐﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﺎﮀﺎ ﻣﭥﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ .ان ﮔﻬﭧ ) Inputﻣﺤﻨﺖ( ﻛﺮي ﻓﺼﻞ ﺟﻲ Output۽ ﻛﻤﺎﺋﻲ ۾ ﻛﺎﻓﻲ ﮐﻮٽ اﭼﻲ ﭤﻲ T.V .وﻏﻴﺮه ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ،۽ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﭘﮡ آﻫﻲ ،ﭘﺮ اﺗﻲ ﺟﻮ ﻫﺎري ۽ ﮘﻮﭠﺎﮢﻮ اڄ ﺑﻪ ﺳﻮﻳﺮ ﺳﻤﻬﻲ ﭤﻮ ﺳﻮﻳﺮ اﭤﻲ ﭤﻮ. ﺑﺎرﺳﻠﻮﻧﺎ )اﺳﭙﻴﻦ( ﺟﻲ ﻣﭥﺌﻴﻦ دﻛﺎﻧﺪار ۽ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﺟﻲ ان زﻣﻴﻨﺪار ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ اﺳﭙﻴﻦ ۾ ﻋﺮب ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﻦ ۹۶۱ع ڌاري ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ.
اﻫﮍي ﻃﺮح دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﭘﮡ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﻋﺎم ﭤﻲ .اﭴﻜﻠﻬﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ رﻫﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺌﻠﻴﻔﻮرﻧﻴﺎ رﻳﺎﺳﺖ ۾ زﻋﻔﺮان ﭘﻮﮐﮡ ﺟﻮ ﺗﺠﺮﺑﻮ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ۾ اﺗﻲ ﺟﻲ ڌرﺗﻲ ) (Soil۽ ﻣﻮﺳﻢ ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ رﻧﮓ ۽ ﺧﻮﺷﺒﻮ ﺳﺎن زﻋﻔﺮان ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺑﻨﻴﺎدي ﻃﺮح ﻣﻌﻴﺎر ﻃﻮر ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ زﻋﻔﺮان ﮐﻲ ﺧﺮاﺳﺎن )اﻳﺮان( ﺟﻲ
زﻋﻔﺮان ﺳﺎن ﺋﻲ ﭜﻴﭩﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ زﻋﻔﺮان ﻛﭙﮍا رﮜﮡ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻛﻢ اﭼﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ۾ Crocinﻧﺎﻟﻲ ﻛﻴﻤﻴﻜﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻛﻢ ﭤﻮ اﭼﻲ .ﭘﺮاﮢﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ،ﺧﺎص ﻛﭙﮍا زﻋﻔﺮان ﺳﺎن رﮜﻴﺎ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﮔﻮﺗﻢ ﭔﮅ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﺎون ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﭙﮍن ﺟﻮ زﻋﻔﺮاﻧﻲ )ﮔﻴﮍو( رﻧﮓ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ. زﻋﻔﺮان ﻣﺼﺎﻟﻲ ﺗﻮڙي رﻧﮓ ۽ ﺧﻮﺷﺒﻮ ﻃﻮر ﻗﺪﻳﻢ زﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ .ﻛﻠﻮﭘﻴﭩﺮا ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭘﮍﻫﮡ وارن ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻫﻮﻧﺪي ﺗﻪ ﻫﻮ زﻋﻔﺮان ﻣﻠﻴﻞ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﭨﺐ ۾ وﻫﺠﻨﺪي ﻫﺌﻲ .ﻣﺼﺮ ﺟﺎ ﺣﻜﻴﻢ ﺑﺎدي ،ﻗﺒﻀﻲ ۽ دﺳﺘﻦ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﻮ ﻋﻼج زﻋﻔﺮان ﺳﺎن ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﻳﻮﻧﺎن ﺟﺎ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻲ ﻣﺤﻞ ؛ ﻛﻮرﭨﻮن ،ﭤﻴﭩﺮ ۽ ﻧﺎچ ﺟﺎ ﻛﻤﺮا زﻋﻔﺮان ﺳﺎن ﻣﻌﻄﺮ ﻛﻴﺎ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .اﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﺗﻪ ﺳﮑﺮ ۽ ﺳﻬﮣﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﻴﺮو اﭨﻠﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ روم ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ روم ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﮐﻲ زﻋﻔﺮان ﺳﺎن ڌوﺗﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ .اﺳﺎن ﻻ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﺎ اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺳﻬﮣﺎ ۽ ﺳﻜﻮن وارا ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ ﻣﻴﺌﺮ ﺟﻤﺸﻴﺪ ﻧﺴﺮوﻧﺠﻲ ﻫﻮ ۽ روزاﻧﻮ ﺑﻨﺪر روڊ )ﺳﻌﻴﺪ ﻣﻨﺰل ﮐﺎن ﭨﺎور ﺗﺎﺋﻴﻦ( وارو رﺳﺘﻮ ﮔﻼب ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺳﺎن ﮀﮣﻜﺎر ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ!
اﻳﺮان ﺟﻮن اﺧﺒﺎرون ۽ ﻧﻮٽ ﻧﺌﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ان ﺟﻲ ﭘﺮﻧﭧ ﻣﻴﮉﻳﺎ ۽ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﻣﺎن ﺑﻪ ﭘﺌﺠﻲ ﭤﻲ .ﻛﻨﻬﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﻣﻠﻚ ڏي وﻳﻨﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﺧﺒﺎر ﺳﻔﺮ دوران ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺋﻲ ﻣﻠﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﺳﭡﻮ ۽ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺟﻴﻜﺎ اﺧﺒﺎر ﻣﻠﻲ ﭤﻲ اﻫﺎ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮀﭙﺠﻨﺪڙ ۽ ﭘﺎﭘﻮﻟﺮ اﺧﺒﺎر ﺋﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ.
ﺟﻬﺎز ۾ وﻫﮡ ﺳﺎن ﻫﻚ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ اﺧﺒﺎرون ﺑﻪ ورﻫﺎﺋﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ آﺧﺮي ﺣﺼﻲ ۾ ﻫﺌﻲ ﺳﻮ ان ڊپ ﮐﺎن ﺗﻪ ﻣﺘﺎن ﻣﻮن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ اﺧﺒﺎرون ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﭸﻦ ﺳﻮ اﭤﻲ ﺑﻴﭡﺲ ۽ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﺎن اﺷﺎري ﺳﺎن اﺧﺒﺎر ﮔﻬﺮڻ ﻟﮙﺲ .ﻫﻮ ﻣﻮن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ اﺧﺒﺎر ﺑﭽﺎﺋﻲ اﭼﻲ ﭘﻬﺘﻲ .اﺧﺒﺎرون ﺋﻲ ﻛﻲ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﻫﻴﺲ ۽ ﻣﻮﻧﮑﺎن ﺳﻮا ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ان ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﻛﺌﻲ ۽ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻣﺮڪ آﻧﺪي .ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﻨﺪڙ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي اﻳﺮاﻧﻲ اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﮡ ۾ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﭥﺎ رﮐﻦ .ﻫﻮن ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ ﻧﻮي ﺳﻴﻜﮍو اﻫﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﺋﻴﻨﮉ ﮐﻲ ﻋﺒﺎدت ﻻ Set ﻛﺮي وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ .اﺧﺒﺎر ﺗﻪ ﺑﺰﻧﻴﺲ ۽ ﻧﻮﻛﺮي ﭘﻴﺸﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭼﺎﻫﻪ ۽ ﺗﺠﺴﺲ ﺳﺎن ﭘﮍﻫﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ وﻗﺖ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ان ﻛﺌﭩﮕﺮي ﻣﺎن ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ذﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﺒﺎدت ڏي وڌﻳﻚ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﻛﭙﮍي ﮔﻨﺪي ﻣﺎن اﻫﮍا ﺑﻪ ﻏﺮﻳﺐ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ ﺑﺲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن رﭘﻴﻮ رﭘﻴﻮ ﺟﻮڙي ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﺧﻮاب ﺟﻲ ﺳﺎﭜﻴﺎن ﻣﺎﮢﮡ ﻻ ﻧﻜﺘﺎ آﻫﻦ .اﻓﺴﻮس ﺟﻮ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذﻫﻦ ۽ ﻣﺎﺋﻴﻨﮉ ﮐﻲ ان ﻗﺎﻟﺐ ۾ وﺟﻬﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻴﺎن ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﺎ Feelingﻣﺤﺴﻮس ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺣﺞ ﻳﺎ ﻋﻤﺮي وﻳﻨﺪي ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .ﺷﺎﻳﺪ ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻣﻮن ﻫﻲ ﺳﻔﺮ اﻳﺮان ۾ ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ڏﺳﮡ ﻻ ﻧﻪ ﭘﺮ ادﺑﻲ ،ﺳﻴﺎﺳﻲ ،ﻣﻌﺎﺷﺮﺗﻲ ۽ ﺳﻮﺷﻞ ﺟﺎﻳﻮن ﺟﮙﻬﻴﻮن ،ﭘﺎرڪ ﭤﻴﭩﺮ ۽ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﺟﻲ ارادي ﺳﺎن ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ آﺋﻮن ﻫﻚ ﻋﺪد ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻮن ﻫﻦ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﭘﮡ ﻟﮑﻲ ﺳﮕﻬﺎن .ﺳﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن دل ۾ رﮐﻲ ﻇﺎﻫﺮي ﻃﺮح ﻋﺒﺎدت ﺟﻮ ڍوﻧﮓ ﻛﺮﻳﺎن ،ﭘﺎڻ ﺳﺎن ۽ ﭔﻴﻦ ﺳﺎن دوﮐﻮ ۽ ﻛﻮڙ ﭤﻴﻨﺪو .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﺮوپ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ اﻣﺎم زادي ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺳﻤﻮرو وﻗﺖ ﻋﺒﺎدت ۾ ﻣﺸﻐﻮل ﻫﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن اﺗﺎن ﺟﻠﺪي ﻧﻜﺮي ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﺰار ﺗﻲ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮس .ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ آﺳﺘﺎن ﺗﻲ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮس .ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ ڏﺳﮡ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزن ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻻ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ۾ وڌﻳﻚ رﻫﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ اﻳﺮان ۾ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻛﺮي ورﺗﻢ.
اﺧﺒﺎر ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻠﻲ وﺋﻲ ﭘﺮ ”ﻛﻴﻬﺎن“ ﻧﺎﻟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻫﺌﻲ .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﭤﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر ﻧﻪ ﮀﭙﻨﺪي ﻫﺠﻲ .آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺗﺎن اﭤﻲ ﭘﭡﻴﺎن وﻳﺲ ﺟﺘﻲ اﺧﺒﺎر ڏﻳﮡ واري ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻧﻨﮃڙي ﭘﺌﻨﭩﺮي )ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻛﭽﻦ( ۾ ﺳﺎﻣﺎن Setﻛﺮي رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. ” اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر ﻫﻮﻧﺪي؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.
” ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻠﻲ وﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﭤﻲ اﭼﺎن “.ﻫﻦ ﭼﻴﻮ.
ﺟﮇﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﭨﻴﻚ آف ﻛﺮي ﻣﭥﻲ وﭸﻲ ﺳﻨﻮت ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻴﻠﭧ ﭔﮅڻ واري ﺑﺘﻲ وﺳﺎﻣﻲ وﻳﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻫﻮﺳﭩﺲ اﮘﻴﺎن وﭸﻲ ﭘﺎﺋﻠﭧ ﮐﺎن ﻳﺎ ﺑﺰﻧﺲ ﻛﻼس ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﺎن ﻫﻚ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر وﭠﻲ آﺋﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺌﻲ .اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﭘﻨﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻴﺰ ﺳﮑﺮ ﻣﺎن ﻧﻜﺮﻧﺪڙ ﻣﻜﺎﻧﻲ اﺧﺒﺎرن واري ﻫﺌﻲ ،ﮀﭙﺎﺋﻲ ﻋﺒﺮت ۽ ﺳﻨﮅو ﺟﻬﮍي ﻫﺌﻲ. ﻓﻮﭨﻮ ﺑﻪ ﭘﺮاﮢﻲ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ وارا ﺗﻪ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﺑﻪ اﻫﮍي ﻣﺲ ﺳﺎن ﺟﻴﻜﺎ ﻫﭥﻦ ﮐﻲ ﭘﺌﻲ ﻟﮙﻲ .اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ Tehran Times ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ ۱۹۷۹Sinceﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ اﺧﺒﺎر ﮐﻲ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ ﭨﻴﻬﺎرو ﺳﺎل ﭤﻴﺎل آﻫﻦ ۱۶ .ﺻﻔﺤﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ اﺧﺒﺎر ﺟﺎ ﻓﻮﻧﭧ اﻳﮇا ﮀﮉا ﻫﺌﺎ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﺧﺒﺎر ۾ اﻫﻮ ﺳﻤﻮرو ﻣﻮاد ﭼﺌﻦ ﺻﻔﺤﻦ ۾ ﺳﻤﺎﺋﺠﻲ وﭸﻲ .ﺧﺒﺮن ،ﺟﺮﻧﻠﺰم
۽ ﻣﻀﻤﻮن ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﻛﻮ اﻳﮇو دم ﻧﻪ ﻫﻮ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ دور ۾ اﻫﮍي اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﮡ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﮍﻫﮡ ﺳﺎن ﻛﻮ ﻓﺮق ﻧﻪ ﭤﻮ ﭘﻮي .ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﻳﻤﺮﺟﻨﺴﻲ ﺟﻲ ﺷﺮوع وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺧﺎﻧﮕﻲ ﭼﺌﻨﻞ ﺑﻨﺪ ﻛﻴﺎ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭨﻲ وي ﮐﻮﻟﮡ ﮀﮇي ڏﻧﻲ .ﺟﺮﻧﻠﺰم ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ڌارﺋﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﭔﻮﺳﭧ ﺿﺮور ﻣﺤﺴﻮس ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﺎﻳﺪ ان ﺟﻮ ﻋﺎدي ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ رﻳﺖ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺟﻮ رواج ﻧﻪ اﻳﻨﺪو ﻳﺎ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﺋﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ﮐﻲ واﻗﻌﻲ ﻓﻜﺮ ۽ ﭘﺮواﻫﻪ ﻫﺠﮡ ﺑﻪ ﮀﻮ ﮐﭙﻲ .ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ اﭨﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﭘﺌﻲ ﻣﻠﻲ ،ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﻣﻔﺖ ﺑﺮاﺑﺮ ،ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﺌﻲ ﻣﻠﻲ ،ﻫﺮ ﻫﻚ ﻧﻮﻛﺮي ۽ روزﮔﺎر ﮐﻲ ﻟﮙﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ،ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن ۽ اﻧﺼﺎف آﻫﻲ .اﻳﺘﺮو ﺳﮏ ۽ ﻻ ۽ آرڊر ﺗﻪ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺗﻮڙي ﻳﻮرپ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ! اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۲۰۰۰رﻳﺎل ﭘﮍﻫﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﮇي ﮔﻬﮣﻲ ﻗﻴﻤﺖ ! اﻫﮍي ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ اﺧﺒﺎر ﻛﻴﺮ وﭠﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪو .ﭘﺮ ﭘﻮ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻜﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ ۽ ﭘﻮﻟﻨﮉ واﻧﮕﺮ آﻫﻲ ۲۰۰۰ .رﻳﺎل ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻦ ۽ ﻫﻚ رﭘﺌﻲ ۾ ﭘﻨﮅرﻫﻦ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ان اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۱۳رﭘﻴﺎ ﭤﻲ .ﭘﺮ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﮍي اﺧﺒﺎر ﻻ ۱۳ رﭘﻴﺎ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎ آﻫﻦ .اﻳﺘﺮن ﭘﺌﺴﻦ ۾ ﺗﻪ اﺳﺎن وٽ آﭼﺮ ﺟﻲ ڊان اﺧﺒﺎر ﭤﻲ ﻣﻠﻲ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﮍي اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﮡ ﻻ ڏﻫﻪ ﻣﻨﭧ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻦ .ﻫﻚ ﺧﺒﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ ﻣﻨﻬﻦ ﺟﻮ ڌﻳﺎن ﮀﻜﺎﻳﻮ ۽ اﻫﺎ ﭘﮍﻫﻲ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻟﻴﮑﻚ ” ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻘﺎﺋﻲ ﻣﻜﺎن“ ﮐﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻔﻴﺮ ﺗﻬﺮان ۾ ﺗﻤﻐﻪ اﻣﺘﻴﺎز ڏﻧﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﻔﻜﺮ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﺗﻲ ۲۴ﺑﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻛﺘﺎب The Retrospective of the thoughts & works of Iqbalﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﻗﺒﺎل ﺟﻲ ۱۳۰ﻫﻴﻦ ﻳﻮم وﻻدت ﺟﻲ ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﺎﻧﻔﺮﻧﺲ ﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ ان ۾ ﺑﻘﺎﺋﻲ ﺻﺎﺣﺐ ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺗﻲ ﻣﻘﺎﻟﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪو.
اﻳﮉﻳﭩﻮرﻳﻞ واري ﺻﻔﺤﻲ ﺗﻲ ﺟﻨﺮل ﻣﺸﺮف ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﺗﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﻧﺠﻢ ﺳﻴﭡﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﺗﻨﻘﻴﺪي ﻣﻀﻤﻮن ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﺧﺒﺎر ۾ ﮀﭙﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﺘﺎن ﺗﻬﺮان ﭨﺎﺋﻴﻤﺲ وارن ﮐﮣﻲ ﻫﺘﻲ ﮀﺎﭘﻴﻮ آﻫﻲ .ﻧﺠﻢ ﺳﻴﭡﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻫﻚ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر ﺟﻮ اﻳﮉﻳﭩﺮ ۽ ﻣﻔﻜﺮ ۽ دﻟﻴﺮ ﺻﺤﺎﻓﻲ آﻫﻲ .ﺳﭻ ﺟﻲ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺟﻴﻞ ﺑﻪ ﭜﻮﮘﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﺧﺒﺎرن ۾ ﻣﻠﻜﻲ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﮀﭙﺠﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﻫﻚ ﭘﺮاﮢﻮ ﻟﻄﻴﻔﻮ ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ روﺳﻲ ﻫﻤﺮاه ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ڏس اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻴﮇي آزادي آﻫﻲ ” .اﺳﺎن ﭼﺎﻫﻴﻮن ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭼﻮواﭨﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺻﺪر ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮ ن ﭤﺎ“. ” ان ۾ ﻛﻬﮍي وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ “ ،روﺳﻲ ﭼﻴﻮ ” ،اﺳﺎن ﺑﻪ ﻣﺎﺳﻜﻮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭼﻮراﻫﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺻﺪر ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ“. ﺳﻮ ﭤﻮري دﻳﺮ اڳ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻮﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪس ﺗﻪ ”اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﭔﻲ ﻛﺎ آزادي ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ ﭘﺮﻳﺲ ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻲ اﺧﺒﺎر ﻣﺸﺮف )ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺻﺪر( ﺧﻼف ﺑﻪ ﻣﻀﻤﻮن ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ..........“.ﺗﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻫﻮ روﺳﻲ وارو ﺋﻲ ﺟﻮاب ڏﺋﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن اﺧﺒﺎر ۾ ﺑﻪ ﻣﺸﺮف ﺧﻼف اﻳﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﭼﺮﭼﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻏﻠﻂ ﻛﺎرﻳﻦ ﺟﺎ ﻣﻀﻤﻮن ﭘﮍﻫﻲ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ ﮀﺎ راﻳﻮ ﭘﺌﺪا ﻛﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﻠﻚ ﮀﺎ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ اﺧﻼق ﮀﺎ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺳﮅرﻳﻞ ﻫﻮﻧﺪي ﻛﻬﮍي ﮐﮇ ۾ وﭸﻲ ﻛﺮﻳﺎ آﻫﻴﻮن ۽ اﻳﺮان ،ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ،ﻛﻮرﻳﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ ﻛﻴﮇي ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي وﻳﺎ آﻫﻦ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﺣﻖ ﺗﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻣﻠﻴﻞ ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ) ﻣﺴﺘﺎن ﻋﻠﻲ ﻧﺎﻟﻲ (ﭼﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻌﺎرف ﻛﺮاﺋﮡ ﻣﻬﻞ ﻛﻨﮅ ﻫﻴﭟ ﭤﺎ ﻛﺮﻳﻮن ﭘﺮ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺑﺎﺷﻨﺪو اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪي ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ آﻫﻲ ﻓﺨﺮ ﮐﺎن ﮘﺎﭨﺎ ﻣﭥﺎﻫﻮن ﭤﻮ ﻛﺮي.
اﺧﺒﺎر ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭩﻦ ﺟﺎ اﺷﺘﻬﺎر ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺳﺎن آﻫﻲ .وﻳﻨﺪي وﻻﺋﺘﻲ ﺳﺎﻓﭧ ڊرﻧﻜﺲ ۽ آﺋﻴﺲ ﻛﺮﻳﻤﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻮ .دل ۾ ﻣﻮن ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ آﺧﺮ اﻳﺮان ﺑﻪ ﺗﻪ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻫﻚ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ۽
ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ اﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﻼﻣﻲ آﻫﻲ .اﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﻪ ﻫﻲ وﻻﺋﺘﻲ ﺷﻴﻮن ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ. اﺳﺎن وٽ ﻛﺎﺑﻪ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻴﻨﺪي ﺗﻪ ﭜﭷ ڍاﻫﻪ ﻣﺌﻜﮉو ﻧﺎﻟﮉ KFC ،ﻳﺎ ﭨﻴﻠﻴﻨﻮر ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮن ﺟﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﭤﻴﻨﺪي .ﻛﻴﺮ ﺑﻪ اﻫﻮ ﻧﻪ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو ﺗﻪ اﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭜﺎﺋﺮن ﺟﺎ ﺋﻲ دﻛﺎن آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺋﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﻨﺪو .ﻛﺌﺴﭩﻦ ﺟﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﻠﻢ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﺌﺴﭩﻦ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .روﻛﭥﺎم ﻻ ﮀﺎ ﺑﻢ ﭰﺎڙي ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺎرڻ ۽ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ ۽ ﭘﺒﻠﻚ ﭘﺮاﭘﺮﭨﻲ ﺳﺎڙڻ ﺿﺮوري آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺧﺒﺎر ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻴﺰا ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺰا ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ۾ ڏﻧﻞ اﺷﺘﻬﺎر ﭘﮍﻫﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﭙﻦ ﺗﻲ ﻣﺮڪ اﭼﻲ وﺋﻲ؛
Our Pizza Sauce is made with Italian herbs and our dough is classic of Naples...............
اﺧﺒﺎر ۾ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ ڌﻳﺎن ﮀﻜﺎﻳﻮ .ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ آﻓﻴﺴﻦ ۽ اﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭩﻦ ﺟﻲ اﺷﺘﻬﺎرن ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﻮاڙ ﻳﺎ وﻛﺮي ﺟﻮ اﮔﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺮﻧﺴﻲ ﺑﺪران آﻣﺮﻳﻜﻲ ڊاﻟﺮن ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ .ﻫﺎڻ ﭤﻮ ﺳﻮﭼﻴﺎن ﺗﻪ ﺷﺎﻳﺪ ﻧﻨﮃو اﻧﮓ ﻛﺮڻ ﺧﺎﻃﺮ .ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻚ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﻫﻚ ﻟﮏ ڊاﻟﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺮﻧﺴﻲ ۾ ۹۱۵۰۰۰۰۰رﻳﺎل ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻲ ڊاﻟﺮ ۾ ﻟﮗ ﭜﮗ ﻫﻚ ﻫﺰار رﻳﺎل آﻫﻦ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺮﻧﺴﻲ واري ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻖ ۾ ﻣﺎﺋﻴﻨﺲ ﻟﮙﻲ ﺟﻮ ﻫﻴﺘﺮا ڏﻳﻨﻬﻦ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻣﻮن ﻻ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو آﻫﻲ .ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ ﻛﻮپ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ ﺳﻮﭼﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ڏﺟﻲ.
اﻳﺮان ﻣﻮﻧﮑﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﻠﻚ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺌﺴﻮ ﻧﻮﭨﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ان ﺑﺪران ﭔﻴﻮ ﭼﺌﺠﻲ ﭤﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ Valueﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﻮﭨﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﻳﺎل آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻮﺑﻪ دﻛﺎﻧﺪار ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ رﻳﺎﻟﻦ ۾ اﮔﻬﻪ ﻧﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ۾ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو .۽ ﺟﻲ ﻓﻘﻂ اﮔﻬﻪ ﺟﻮ اﻧﮓ ﭤﻮ ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﮡ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺳﺎن اﻫﻲ ۽ ﻧﻪ رﻳﺎﻟﻦ ﺳﺎن .ﻫﻚ ﺗﻮﻣﺎن ۾ ڏﻫﻪ رﻳﺎل آﻫﻦ .ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺷﻲ ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﺰار رﻳﺎل ﺟﻮ ﻧﻮٽ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو .ﻫﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻧﻮٽ ﺗﻪ رﭘﻴﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺟﻮ اﮔﻬﻪ ﭘﺌﺴﻦ ۾ ﭔﮅاﻳﻮ وﭸﻲ ﻫﺎ .ﺻﻮف ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻠﻮ؟ ۽ دﻛﺎﻧﺪار ﭨﻴﻬﻦ رﭘﻴﻦ ﺑﺪران ﭨﻲ ﻫﺰار ﭘﺌﺴﺎ ﭼﻮي .اﻫﮍي ﺻﻮرت ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﺮ اﮔﻬﻪ ۱۰۰ﺳﺎن وﻧﮉ ﻛﺮي رﭘﻴﺎ ڏﻳﮣﺎ ﭘﻮﻧﺪا .اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ اﮔﻬﻪ ﮐﻲ ۱۰ﺳﺎن ﺿﺮب ڏﺋﻲ رﻳﺎل ڏﻳﮣﺎ ﭘﻮن ﭤﺎ .۽ اﻫﺎ ﺑﻪ ﭘﻚ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﺮ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڌﻳﺎن ۾ رﮐﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﺗﻮﻫﺎن وري ﺑﻪ ﻣﻨﺠﻬﻨﺪا رﻫﻨﺪاﺋﻮ .ان ﻻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﺋﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺑﺎزار ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺟﻲ ﺳﻢ ﺗﺎن Cdﺗﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﭨﺮاﻧﺴﻔﺮ ﻛﺮاﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ان دﻛﺎن ۾ آﻳﻞ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻤﻠﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ۵۰۰رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻛﮍڪ ﻧﻮٽ ﻛﮃي ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﺗﻲ رﮐﻴﻮ .ﻓﻘﻴﺮ ﻧﻮٽ وﭠﻲ رﻣﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭔﻮل ﺑﻪ ﻧﻪ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻧﻪ وري ﻫﻦ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ داﺋﻮد ﻫﻮ ﻛﻮ ﻧﺎﭘﺴﻨﺪﻳﺪﮔﻲ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل آﺋﻮن داﺋﻮد ﺟﻲ ﺳﺨﺎوت ﻣﺎن ڏاڍو Impressﭤﻴﺲ .ﭘﺮ ﭘﻮ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺎن ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻴﺲ .ﺟﻨﻬﻦ وڏي دل ﻛﺮي ان ﻧﻮٽ ﮐﻲ ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻣﻮن ﺣﺴﺎب ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ۵۰۰رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻧﻮٽ ۵۰ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻦ رﭘﻴﻦ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﺎ .اﺳﺎن وٽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻫﮍا ﻣﭥﻲ ﭰﺮﻳﻞ ﻓﻘﻴﺮ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﺠﻴﻦ رﭘﺌﻲ ﺟﻮ ﺳﻜﻮ ﻣﻮﭨﺎﻳﻮ ڏﻳﻦ.
ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻟﺌﻨﮉﻧﮓ وﻗﺖ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭴﻲ ﭘﺎﺳﻲ دري واري ﺳﻴﭧ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻣﻮﻧﮑﺎن اﻫﺎ اﺧﺒﺎر ﮔﻬﺮي .ﻫﻮ ﺳﭵﻲ واٽ ﻋﺒﺪاﻟﻜﺮﻳﻢ ﻣﺸﺘﺎق ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ” ﺻﺮف اﻳﻚ راﺳﺘﻪ“ﭘﮍﻫﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﻫﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﻫﺎڻ ﮔﻬﺮ وﭸﻲ ان اﺧﺒﺎر ﮐﻲ ﭘﮍﻫﻲ. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻐﺪاد وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﺗﻬﺮان ۾ ﻟﻬﻲ اﺗﺎن ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻛﺮﺑﻼ وﻳﻨﺪو .ﻛﺮاﭼﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اڏام ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮڻ دوران اﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﻮﻫﺮي ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻈﺮ آﻳﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺎص ڊرﻳﺲ ﻣﺎن ﭘﮡ ﺳﭹﺎﺗﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻫﻮ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﻳﺎ ﻣﻤﺒﺎﺳﺎ ﭘﻴﺎ وﭸﻦ ﺟﻮ اﺗﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﺑﻮﻫﺮي رﻫﻦ ﭤﺎ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻚ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮﺳﭛ ﻛﺮﺑﻼ وﭸﻦ ﭘﻴﺎ ۽ ﻫﻮ ﭘﮡ اﺳﺎن واري ﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﻴﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﺳﺎن ﻫﻮ .ﺑﻮﻫﺮي ﻫﻚ واﭘﺎري ۽ اﻣﻦ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ آﻫﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ رﻫﮡ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺴﻮاڙ ﺗﻲ ﮔﻬﺮ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮڻ واري اﻳﺠﻨﭧ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻬﮍي ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﮔﻬﭩﻲ ۾ رﻫﮡ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪس ﺗﻪ ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻫﺌﻮﻣﺎﻧﺲ؛ ”ﻛﻬﮍي ﺑﻪ ﮔﻬﭩﻲ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي اﻣﻦ ﭘﺴﻨﺪ ﻫﺠﻦ“. ” ﺗﻪ ﭘﻮ ﺗﻮن ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ﻳﺎ اﺣﻤﺪي ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻪ“.
ﻫﻦ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ ﻫﻮ .ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺑﻪ ﺷﺮوع ﺟﺎ ﺳﺎل ﭔﻪ ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ۽ آﻏﺎﺧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻴﺲ .ﺗﺤﺴﻴﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﺑﻮﻫﺮي ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺳﺎن ﻣﻮن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﺳﻔﺮ ﻛﻴﺎ .ﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺧﻼﻓﺖ واري دور ۾ اﻣﺎم اﻟﻤﺴﺘﻨﺼﺮ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ ﺑﻮﻫﺮا ﭤﻲ .ﺑﻮﻫﺮن ۾ ﺟﻌﻔﺮي ﺑﻮﻫﺮا ،داﺋﻮدي، ﺳﻠﻴﻤﺎﻧﻲ ،ﻋﻠﻴﺎ ۽ ﭔﻴﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ داﺋﻮدي ﺑﻮﻫﺮن ﺟﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ واﭘﺎر ﺗﻮڙي ﭘﺌﺴﻲ ڏوﻛﮍ ۾ اﻣﻴﺮ آﻫﻦ .ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺧﺎص ڌﻧﮅو ﻫﺎرڊ وﻳﺌﺮ ۽ رﻧﮓ وﻛﮣﮡ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﭼﺎﻫﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ دﻛﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ،ﻛﺮاﭼﻲ ،اﺣﻤﺪ آﺑﺎد ،ﺑﺮودا ،۾ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ،ﻛﻮا ﻻﻟﻤﭙﻮر ،ﻣﻤﺒﺎﺳﺎ ۽ ﻛﻤﭙﺎﻻ ۾ .ﻫﺎڻ ﻣﮍﻳﺌﻲ ﻫﻮ ﭔﻴﻦ ﻓﻴﻠﮉن ۾ ﺑﻪ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺗﺤﺴﻴﻦ آﻫﻲ .ﺑﻮﻫﺮا ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ ﺟﻲ ﻫﺎﮢﻮﻛﻲ داﻋﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺮﻫﺎن دﻳﻦ ۽ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ واري ﻃﺎﻫﺮ ﺳﻴﻒ دﻳﻦ ﺗﻌﻠﻴﻢ ،وﻳﻠﻔﻴﺌﺮ ،ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻻ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ۱۹۱۵۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۹۶۵۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺗﻮڙي آﻓﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ وڏو ﻣﺎن ۽ ﻋﺰت ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ﻫﻚ وڏو اﺳﻜﺎﻟﺮ ،ﻟﻴﮑﻚ ،ﺷﺎﻋﺮ ،داﻋﻲ ۽ Visionaryﻫﻮ. ﺑﻮﻫﺮن ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ ﻗﺎﺑﻞ ڌﻳﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻫﺠﮡ ﺳﺎن ﮔﮇ زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ ﺑﻪ وڏي ﺣﺐ ﺳﺎن وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺷﻞ ﻧﻪ ﺟﻬﺎز ﺑﺼﺮي )ﻋﺮاق ﭘﻬﭽﻲ( .اﺳﺎن ﺟﻲ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺗﺤﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻟﻨﮉن ﻳﺎ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻮ اﻳﮇو ﺷﻮق ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺟﻴﺘﺮو ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻮ .ﻋﺮاق ۾ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﻛﺮي ڌارﻳﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﻛﺮﺑﻼ ۽ ﻧﺠﻒ اﭼﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻋﺮاق ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻦ ﺷﻬﺮن ۾ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ زﻳﺎرت ﻻ وﭸﻦ ﭤﺎ.
ﻛﺮﺑﻼ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺣﻖ ۽ ﺑﺎﻃﻞ ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﭤﻲ .ﻛﺮﺑﻼ ۱۰۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ڏﮐﮡ ۾ ﻓﺮات ﻧﺪي ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ آﻫﻲ .ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻴﻪ ﺳﻼم )اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﺒﻲ ﺳﮙﻮري ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻮ ڏوﻫﭩﻮ( ﻫﺘﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ. ﺳﻨﺪن وﻳﺠﻬﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺻﻐﺮ ۽ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﻛﺒﺮ ﺟﻮن ﻗﺒﺮون آﻫﻦ .ﭤﻮرو اﮘﻴﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺎس ﻋﻠﻤﺒﺮدار ﺟﻮ ﺳﻮﻧﻮ ﻗﺒﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﻛﺮﺑﻼ ﮐﺎن ﻧﺠﻒ ۸۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ رﺿﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .ﻧﺠﻒ ﮐﺎن ۸ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻋﺮاق ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻛﻮﻓﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻛﻮﻓﺎ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﻇﺎﻟﻤﻦ ان وﻗﺖ ﺑﻴﺪردي ﺳﺎن ﻗﺘﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ.
ﻫﻲ ﻛﭥﺎن ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ............؟ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ۽ ان ﺑﻌﺪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻓﻼﺋﻴﭧ ﺟﻮ آﺧﺮي اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ .ﺳﻔﺮ ﺳﭡﻮ ﮔﺬرﻳﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻴﺴﻴﻦ ﺟﻬﺎز ﺑﻴﻬﻲ ۽ ڏاﻛﮡ ﻟﮙﻲ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻫﺮ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ رﻫﻲ ۽ ﺑﻴﻠﭧ ﭔﮅل ﺋﻲ رﻫﻲ .اﻫﻮ ﭔﮅي ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﻴﻠﭧ ﮐﻮﻟﻴﺎ ۽ ﺟﻬﺎز اﭸﺎن رن وي ﺗﻲ ڏاﻛﮡ ڏي وڌي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭤﻲ ﮐﮍا ﭤﻴﺎ .اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻫﭥﻦ ﺟﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﮐﻴﻦ ﮔﻬﮣﻮﺋﻲ وﻳﻬﮡ ﻻ ﻣﻨﭣ ﻣﻴﮍ ﻛﻨﺪي رﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺟﻮﮘﻲ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﭧ .ﻫﺮ ﻫﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭤﻴﻠﻬﺎ ﺳﻴﭩﻦ ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻴﻠﻔﻦ ﻣﺎن ﻛﮃي ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﮔﻴﭧ ڏي ﮔﭙﺎ ﮔﻴﻬﻪ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ ” .ﭠﻬﻴﻮ ! ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻓﻼﺋﻴﭧ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻦ “.ﻣﻮن ﺳﻮﭼﻴﻮ ۽ ﺿﺮور ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو .ﮀﻮ ﺟﻮ اﻫﻲ ﻛﻢ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ .ﺟﻬﺎز ﺟﻮ دروازو ﮐﻠﻨﺪي ﮐﻠﻨﺪي ڏﻫﻪ ﻣﻨﭧ ﺗﻪ ﻟﮙﻲ وﻳﺎ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪن ﭔﺎر ،ﺳﺎﻫﻪ ﮔﻬﭩﺠﮡ ﻛﺮي رﺋﻨﺪا ۽ رڙﻳﻮن ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻛﻠﭽﺮ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن آرام ۽ ﺻﺒﺮ ﺳﺎن ﻟﻬﮡ ﺑﺪران اﺋﻴﻦ ﻫﮡ وٺ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﭴﮡ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﺟﻲ ﺳﺐ وي ﺟﻲ رﻳﻞ ﭤﻲ ﮀﭩﻲ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﺟﻠﺪ ﻟﻬﻲ ﭘﻨﺞ ﻣﻨﭧ ﺿﺮور ﺑﭽﺎﺋﻴﻨﺪا ﭘﺮ ﭘﻮ ﺳﺎﮘﻴﻮ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ ﺟﻲ ﭼﻜﺮن ۾ ﻳﺎ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﭨﺌﻜﺴﻲ واري ﺳﺎن ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ رﭘﻴﻦ ﺗﻲ ﻛﻼڪ ﺑﺤﺚ ﭘﻴﺎ ﻛﻨﺪا.
ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﮔﻴﭧ ﮐﺎن اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ ﭼﮝﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﻫﻮ .آﺋﻮن آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ،ﻣﻮﻧﺴﺎن ﻟﭥﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ” ﺑﻴﻦ اﻟﻤﻠﻠﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ“ ﺟﻲ اڏاوت ۽ ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺟﻮ ﺟﺎﺋﺰو وﭠﻨﺪو ﻫﻠﻴﺲ .ﺗﺼﻮﻳﺮن ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﻧﻈﺎرا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ۾ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ اﺳﻼم ﮐﺎن اڳ ﺟﻲ دور ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻴﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﭘﮡ ﻫﻴﻮن .ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ورﺛﻮ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻨﺪو اﭼﻲ. ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن وارن واﻧﮕﺮ ﭘﺮاﮢﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﺎ ﻳﺎدﮔﺎر Statueڊاﻫﻲ ﻧﻪ ﮀﮇﻳﺎ آﻫﻦ .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍي ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻚ ۾ ﺑﻪ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻨﺪن ﺟﺎ ﻣﻨﺪر ۽ دﻳﻮﺗﺎﺋﻦ ﺟﻮن ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﺗﻮڙي راﮢﻲ وﻛﭩﻮرﻳﺎ ۽ ﭘﻮرﭼﻮ ﮔﺎﻟﻲ ﭔﺎون ﺟﺎ ،Statueﺗﺎرﻳﺦ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﮡ ﻻ اﭸﺎ ﺑﻪ ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻦ .اﺳﺎن وٽ ﭜﭷ ڍاﻫﻪ ﺟﻮ ﻛﻠﭽﺮ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ وڌي وﻳﻮ آﻫﻲ .اﻳﺘﺮي ۾ ﮀﻬﻪ ﭴﮣﺎ ﻗﺪاور ۽ ﮘﺮي ﺟﺴﻢ ﺟﺎ ،ڊﮔﻬﻴﻦ ڏاڙﻫﻴﻦ ۽ ﭴﺎري ﺟﻲ ﭨﻮﭘﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﻮن اﮘﻴﺎن ﮔﺬري وﻳﺎ .ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﻫﻲ ﭘﮡ اﺳﺎن واري ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ﭴﮣﻲ ﻣﻮن ڏي ﻧﻬﺎرﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﺳﻼم ﻛﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ۽ ﻫﻦ ﻣﻮن ڏي وڌي ﻫﭣ ﻣﻼﻳﻮ .اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﻫﺎل ۾ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ﻗﻄﺎرون ڊﮔﻬﻴﻮن ﭤﻲ ﭼﻜﻴﻮن ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﺎڻ آﺧﺮ ۾ ﺑﻴﻬﮡ ﺑﺪران ﺑﻬﺘﺮآﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺮﺳﻲ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ رﻫﺠﻲ .ﭼﻮڌاري رﮐﻴﻞ ﭨﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺗﻲ ﺑﻮﻫﺮا ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن وﻳﭡﻞ ﻫﻴﻮن .ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﻫﻲ ﮀﻬﻪ ﭴﮣﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺟﻬﺎز ﮐﺎن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﻨﺪي وﻗﺖ ﻣﻠﻴﺎ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭤﻴﻠﻬﺎ ﺟﻬﻮﻟﻴﻦ ۾ رﮐﻲ وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ .ﭤﻴﻠﻬﻦ ۾ ﭘﻚ ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ۽ ﭔﻴﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻛﺘﺎب ﻫﻮﻧﺪن .ﻫﻮ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﺳﭟ ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ﺟﺎ ﭤﻴﻨﺪا. رﻧﮓ ﺟﺎ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ۽ ﭘﭡﺎﮢﻦ واﻧﮕﺮ ﺑﺮف ﺟﻬﮍا اﮀﺎ ﭘﺮ ﻗﺪ ۽ ﻧﻚ ﻧﻘﺸﻲ ﻣﺎن ﻫﻮ اﻓﻐﺎﻧﻲ ﻧﭥﻲ ﻟﮙﺎ .ﺳﻨﺪن ﭼﻬﺮن ﺗﻲ اﮀﻲ ﭼﺎﭘﺌﻴﻦ ڏاڙﻫﻲ ۽ ﻧﻮر ﭤﻲ ﭔﻬﻜﻴﻮ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﮐﻴﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ دﻓﻌﻲ ﺋﻲ ڏﺳﮡ ﺳﺎن ﺳﺎﮢﻦ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﻻِ ﮀﻚ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .ﻛﻴﺮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ؟ ﻣﻮن دل ﺋﻲ دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻮ .اﻳﺮاﻧﻲ ﺗﻪ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﮐﮣﻲ آﺋﻮن ﻧﻪ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ اﻳﺘﺮو ﺿﺮور ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ڏاڙﻫﻲ ﻧﻨﮃي ) ڏﻳﮃ ﻧﻤﺒﺮ واري ﻣﺸﻴﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﻮارﻳﻞ( ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﮁﻮن ﻛﺠﻬﻪ وڏﻳﻮن ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻨﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﺟﻮ ن ڏاڙﻫﻴﻮن وڏﻳﻮن آﻫﻦ ۽ ﻣﮁﻮن زﻳﺮو ﻧﻤﺒﺮ ﺟﻲ ﺑﻠﻴﮉ واري ﻣﺸﻴﻦ ﺳﺎ ﻛﭩﻴﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮاﻧﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﭨﻮﭘﻴﻦ ﺑﻨﺎ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻫﻮ ﻧﻤﺎز ﺑﻪ ﭨﻮﭘﻲ ﺑﻨﺎ ﭘﮍﻫﻦ ۽ ﻫِﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﻣﺴﺠﺪن ﺟﻲ اﻣﺎﻣﻦ واري ﭴﺎري واري ﭨﻮﭘﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ”ﺣﺎﺟﻲ ﭨﻮﭘﻲ“ ﺳﮇﻳﻦ .ﺣﺞ ﺗﺎن آﻳﻞ ﻣﻠﺌﻲ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻫﮍي ﭴﺎري واري ﭨﻮﭘﻲ ﭘﺎﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪا آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺣﺎﺟﻲ ﺳﮙﻮرا آﻫﻦ .اﻳﺮاﻧﻲ ورﻟﻲ ﻛﻮ ﭤﻠﻬﻮ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪو .ﻫﻮ ﻫﻠﮡ ﭼﻠﮡ ۾ ﺑﻪ ﺗﮑﻮ ۽ ﺳﻤﺎرٽ ﻫﻮﻧﺪو .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ۽ اﻣﺎم ﺑﻪ ﻧﻮﻛﺮﻳﻮن ۽ ﻣﺰورﻳﻮن ﻛﻦ ۽ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ
۽ ﺳﻨﻬﺎ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭘﺮ ﻫﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ واﻧﮕﺮ ﭤﻠﻬﺎ ﻣﺘﺎرا ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻓﻘﻂ ﻧﻜﺎح ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ۽ ﺷﺎدي ﺟﻲ دﻋﻮت ۾ ﭔﻮڙ ﭘﻼ ۽ ﺣﻠﻮو ﮐﺎﺋﮡ آﻫﻲ .ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭤﻮﻟﻬﻪ ) Obesityﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻛﺮي ﭘﻴﭧ ﻧﻜﺮڻ واري ( ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺟﺴﺎﻣﺖ اﻫﮍي ﻫﺌﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻚ ﭘﭡﺎڻ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ﮐﺎن ،ﻫﻚ ﻛﺸﻤﻴﺮي ﺗﺎﻣﻞ ۽ ﻣﺪراﺳﻲ ﮐﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﺟﺴﻢ ﺟﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﮘﺮي ﺟﺴﻢ ﺟﺎ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻫﻮ ﺳﻤﺎرٽ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻠﮡ ۾ ﻣﻮﻧﮑﺎن ﺑﻪ اﮘﻴﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﺎ.
ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻜﻴﻨﺪو ڏﺳﻲ ﻣﻮن ﻻ ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وچ ۾ ﻛﺮﺳﻲ ﺧﺎﻟﻲ ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ وﻫﮡ ﺟﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ وڌڻ ﺗﻲ ﻫﻮ اﭤﻲ ﺑﻴﻬﻲ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﻣﻠﻴﺎ .اﻳﮇي ﻋﺰت ﻣﺎﮢﮡ ﻛﺮي آﺋﻮن ﻫﻚ ﮔﻬﮍي ﻻ واﺋﮍو ﺿﺮور ﭤﻲ وﻳﺲ ﭘﺮ ﭘﻮ ﺟﻠﺪي ﺋﻲ ﺧﻴﺎل آﻳﻢ ﺗﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﺗﻪ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﮐﮣﻲ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ۽ ﺳﭟ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻦ ﭘﺮ آﺋﻮ ﺑﻪ ﺗﻪ اﮀﻲ ڏاڙﻫﻲ ﺳﺎن ﺳﭟ ۽ ﺳﺘﺮ ورﻫﻴﻪ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻴﺎن .ﻫﻴﻨﺌﺮ آﺋﻮن ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎل اڳ واري دور ۾ ﺗﻪ ﻧﻪ آﻫﻴﺎن ﺟﮇﻫﮡ ﻫﻬﮍن اﻳﺌﺮﭘﻮرﭨﻦ ﺗﻲ ﻛﻮ ﭘﻴﺮ ﻣﺮد ﻳﺎ ﻋﻮرت ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭼﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﭘﭧ ﻫﻲ ﺑﺌﮓ ﺗﻪ روﻟﺮ ﺗﺎن ﮐﮣﻲ ﭨﺮاﻟﻲ ۾ رﮐﻲ ڏي .ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ وڏي ﻋﻤﺮ واري ﺟﭙﺎﻧﻲ ﻳﺎ ﻣﻠﺌﻲ ﻋﻮرت ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺧﺎﻟﻲ ﻛﺮي ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮﺳﺎﻧﺲ؛”ﺳﻮا ﺗﺎﺋﻲ ﻛﺪا ﺳﺎﺋﻲ“ ﻳﺎ ” ﺑﻮﻟﻴﺢ دودوڪ ﻣﺎﭼﻲ“) .ﻣﺎﺳﻲ وﻳﻬﻪ ،آﺋﻮن ﺑﻴﻬﺎن ﭤﻮ (.ﻫﻨﻦ اڙدو ۾ ﺧﻴﺮ ﻋﺎﻓﻴﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎن اﻓﻐﺎﻧﻲ آﻫﻴﻮ؟ ” ﻧﻪ ،ﻧﻪ“
”ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻴﻮ ؟“ ”ﻧﻪ ،ﻧﻪ“
”اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﻫﺎڻ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮن ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﻫﮍي ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﻫﻮﻧﺪا ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺮﻛﻲ ﻳﺎ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍي ﺳﺎﺑﻖ روﺳﻲ رﻳﺎﺳﺖ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ. ”ﻧﻪ اﺳﻴﻦ ُاﻣﻮ درﻳﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ رﻫﻮن ﭤﺎ ۽ ﺗﻮﻫﺎن؟“ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﻴﻮ .ﻣﻮن ﮐﻴﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮﺋﻲ
ﭔﮅاﺋﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ وڌ ۾ وڌ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﺎ واﻗﻒ ﻫﺠﻦ .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ،اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ اﻫﮍي ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﭤﻴﻨﺪا ﻫﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﻣﺎن ﻫﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪا ،ﭘﺮ ﭔﻲ ﮔﻬﮍي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ وات ﻣﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻧﻜﺮي وﻳﻮ.
”ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻛﭥﻲ؟“ ﻫﻨﻦ ﭘﮁﻴﻮ .ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻛﭥﻲ ﺳﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮀﺎ ﻣﻄﻠﺐ ! ﮀﺎ ﻫﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺷﻬﺮ ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻦ ﻳﺎ ﭴﺎﻣﺸﻮري ۽ ﻛﻮﭨﮍي ﮐﺎن .ﻫﻲ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﮐﺎﻧﺌﻦ ﭘﮁﺎن ﺗﻪ اﻣﻮدرﻳﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﻛﻬﮍي ﮘﻮٺ ۾ .۽ ﺟﻲ ﻫﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮘﻮٺ ﻳﺎ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻬﮍي ﺧﺒﺮ .اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻲ وڏي ۽ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﺗﺎﺷﻘﻨﺪ ﺟﻲ ﭴﺎڻ آﻫﻲ؟ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻣﻮن ﭔﮅاﻳﻮﻣﺎن ﺗﻪ آﺋﻮن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻚ ﮘﻮٺ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ آﻫﻴﺎن. ”ﻛﻬﮍو ﮘﻮٺ؟ ﻣﭩﻴﺎري ،ﭨﻨﮉو آدم ،ﻧﻴﻮ ﺳﻌﻴﺪ آﺑﺎد ،ﺷﻬﺪاد ﭘﻮر“.... ” ﻫﺎﻻ .ﻫﺎﻻ .آﺋﻮن ﻫﺎﻟﻦ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ آﻫﻴﺎن “.ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ.
” ﻛﻬﮍو ﻫﺎﻻ؟ ﻧﺌﻮن ﻫﺎﻻ ،ﭘﺮاﮢﻮ ﻫﺎﻻ؟“ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻳﻜﺪم ﺳﻮال ﻛﻴﻮ .ﻛﻤﺎل آﻫﻲ ﻫﻲ اﻣﻮدرﻳﺎﻫﻪ ﺟﺎ ازﺑﻜﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻦ ﻳﺎ ﺟﻦ .اﭼﻴﻦ ﺗﻪ اڙدو ﺑﻪ ﭘﻮري ﭘﻨﻲ ﻛﺎﻧﻪ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻴﺎﺋﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﭤﻦ.
”ﺗﻮﻫﺎن اڙدو ﻛﭥﺎن ﺳﮑﻲ ۽ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻛﻴﺌﻦ واﻗﻒ ﭤﻴﺎﺋﻮ؟ ﮀﺎ وﻫﭩﻦ ﺟﻮ ﺑﺰﻳﻨﺲ ﻛﺮﻳﻮ ﭤﺎ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎن ،ﺟﻮ ﻫﺮ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻮﻣﺮ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ۾ وﻫﭩﻦ ﺟﻲ وڏي ﭘﮍي ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ،ﭘﻨﺠﺎب ،ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﮐﺎن آﻳﻞ ﺳﻮﻳﻦ واﭘﺎري اﭠﻦ ،ﻣﻴﻨﻬﻦ ،ڍﮘﻴﻦ ۽ ﭔﻜﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪ و ﻓﺮوﺧﺖ ﻛﻦ ﭤﺎ. ”ﻧﻪ .اﺳﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ اڳ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ “،ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﻫﻴﻨﺌﺮ اﺳﺎن ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻻ ﻧﻜﺘﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .اﺳﺎن ﺟﻲ اﺟﺘﻤﺎع ﮐﻲ ﻫﺎﻻ ﻧﻮان ۾ اﭼﻲ ﻣﻠﮣﻮ ﻫﻮ“.
”ﻫﻴﻨﺌﺮ اﻳﺮان زﻳﺎرت ﻻ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎن ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻮ ۽ ﭔﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان اﭼﻲ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭘﺮوﮔﺮام رﻫﻲ ﭤﻮ.
”ﻧﻪ اﺳﻴﻦ ﻫﺎڻ ﺑﺎ روڊ اﺷﻚ آﺑﺎد ،ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ۾ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ ﮘﻮٺ وﻳﻨﺪاﺳﻴﻦ .ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ زاﻫﺪان وﭸﮣﻮ آﻫﻲ“. ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﻟﮑﻨﺪو آﻫﻴﺎن.
”ﺗﻮﻫﺎن اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﻛﮇﻫﻦ اﭼﻮ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ اﻫﻮ درﻳﺎﻫﻪ اﭼﻲ ڏﺳﻮ “.ﻫﻨﻦ ﭼﻴﻮ ۽ ﻣﻮن دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﻮدرﻳﺎه وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ،ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾ ﺑﻴﺸﻚ وڏي اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ .اﻫﻮ ۲۴۰۰ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڊﮔﻬﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ۱۴۵۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ Navigable۾ آﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ان ۾ ﭔﻴﮍﻳﻮن ،ﻻﻧﭽﻮن ،ﺑﺎرﺟﻮن ۽ ﻧﻨﮃا ﺟﻬﺎز ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻨﮅو درﻳﺎﻫﻪ ۾ ﺑﻪ ﻫﻚ ﺻﺪي اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻣﻮدرﻳﺎه ﮐﺎن ﺑﻪ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻴﻮﻳﮕﻴﺸﻦ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﻮرﭼﻮ ﮔﺎﻟﻴﻦ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻛﻴﭗ آف ﮔﮉ ﻫﻮپ ﮐﺎن ﻣﮍي ،اﺋﭩﻼﻧﭩﻚ ،ﻫﻨﺪي وڏو ﺳﻤﻨﮉ ﻟﺘﺎڙي ﻋﺮﺑﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ،ﻓﻘﻂ ﻛﺮاﭼﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﻲ ،ﻟﻨﮕﺮ ﻧﭥﻲ ﻛﻴﺮاﻳﺎﺋﻮن ﭘﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﮘﻴﺎن ﺳﻨﮅو ﻧﺪي ذرﻳﻌﻲ ﻣﻠﺘﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﻣﺴﻲ ﺳﭙﻲ ۽ ﭼﺎﺋﻨﮕﺎﺋﻮ ﻧﺪﻳﻦ ۾ اﻧﺪر ﮔﻬﮍي آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﻧﻴﻮ اورﻟﻴﻨﺲ ۾ ﭘﻬﭽﻮن ﭤﺎ ﻳﺎ ﭤﺎﺋﻴﻠﻨﮉ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺑﺌﻨﻜﺎڪ ۾ اﭼﻲ ﻟﻨﮕﺮ ﻛﻴﺮاﻳﻮن ﭤﺎ .ﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﻮ ﺳﻨﮅو درﻳﺎه ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﭔﺎرن ﺟﻲ ﮐﻴﮇڻ ﻻ ﻛﺮﻛﻴﭧ ﺟﻮ ﻣﻴﺪان ﭤﻲ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﺑﻠﮉﻧﮓ ﻛﻨﺴﭩﺮﻛﺸﻦ وارن ﻻ واري ﮐﮣﮡ ﺟﻮ ﮔﺪام ،ان ۾ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﮀﻮﻟﻴﻦ ﺳﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻪ وﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﮐﻲ ﭼﻮﮢﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ؛ دﻫﺸﺖ دم درﻳﺎﻫﻪ ۾ ﺟﺖ ﻟﮍ ،ﻟﻬﺮون ،ﻟﺲ ،ﻟﻴﭧ
آﮢﻲ اوﭜﺎرن ۾ ﭘﺎﻧﮅي ﭔﻮڙي ﭔﻴﭧ
ﺟﺖ ﭼﻜﻨﺌﻲ ﭼﻴﭧ ،ات ﺳﺎﻫﮍ ﺳﻴﺮ ﻟﻨﮕﻬﻴﺎ ﺗﻮن ..........
ﻫﻨﻦ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎﻧﻲ ﻣﻠﻦ ﺟﻮ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن اﻳﻨﺪي وﻳﻨﺪي ﭴﺎم ﺷﻮرو واري ﭘﻞ ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ،ﺳﻨﮅو درﻳﺎه ﺗﻲ ﺿﺮور ﻧﻈﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﻫﻮﻧﺪي ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن اڄ ﻛﻠﻬﻪ ڌوڙ ﭘﻴﺌﻲ اڏاﻣﻲ -ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ﺟﻮ درﻳﺎﻫﻪ اﻣﻮدرﻳﺎه ﮔﻬﻤﮡ ﻻ دﻋﻮت ڏﻳﺌﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ......
”ﺗﻮﻫﺎن اﻣﻮدرﻳﺎه ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅو ﺗﻪ ﺿﺮور ﻫﻮﻧﺪو؟“ ﮔﻬﮣﻲ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﺎﻣﻮش ۽ ذﻫﻨﻲ ﻃﺮح ﻏﺎﺋﺐ ڏﺳﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﺠﺎڳ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ. ”ﺟﻲ ﻫﺎ .ﺟﻲ ﻫﺎ “.ﻣﻮن ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ” ،ﻳﻮرپ ۾ آﺋﻮن ﭘﮍﻫﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻚ ﻛﻮرس ﻣﻴﭧ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﻲ ﻛﺎﻣﺮس ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ﺟﻮ آﻓﻴﺴﺮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻣﻮدرﻳﺎه وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ وڏي ۾ وڏو درﻳﺎه آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭔﻦ درﻳﺎﻫﻦ وﺧﺶ ۽ ﭘﻨﺞ ﺟﻲ ﮘﺎﻧﮃاﭘﻲ ﺳﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺳﻨﮅو درﻳﺎه راوي ،ﭼﻨﺎب ،ﺟﻬﻠﻢ ،ﺳﺘﻠﺞ وﻏﻴﺮه ﺟﻲ ﻣﻴﻼپ ﺳﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻣﻮدرﻳﺎه ﮐﻲ ﺟﻴﺤﻮن ﻧﺪي ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﺎ اﻧﻬﻦ ﭼﺌﻦ ﻧﺪﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺟﻨﺖ ﻣﺎن ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﻟﭥﻴﻮن“.
”اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺴﻴﻦ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻧﺪي ﮐﻲ ان ﻧﺎﻟﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻴﺤﻮن ﺳﮇﻳﻮ آﻫﻲ .ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۾ ﻫﻦ ﻧﺪي ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻛﺶ آﻫﻲ “.ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﻧﺪي ،ﻳﻌﻨﻲ اﻣﻮدرﻳﺎه ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۽ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ ﻓﺘﺤﻦ ۾ اﻫﻢ ﭘﺎرٽ ادا ﻛﻴﻮ. ﻣﻮﺟﻮده دور ۾ روﺳﻴﻦ ﻫﻦ درﻳﺎه ذرﻳﻌﻲ ۽ اﮘﺘﻲ ﭘﻨﺞ ﻧﺪي ﻣﺎن اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ۽ ﻓﻮﺟﻲ آﭘﺮﻳﺸﻨﻮن ﻛﻴﻮن .اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺟﻮ دﭔﺪﭔﻮ آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش ﻛﺮڻ ﻻ ﻫﻦ درﻳﺎه ﺟﻲ ﻣﭥﺎن وڏو ﺧﺮچ ﻛﺮي ” ﺗﺎﺟﻚ اﻓﻐﺎن دوﺳﺘﻲ ﭘﻞ“ ﭠﺎﻫﻲ آﻫﻲ .ﻫﻲ درﻳﺎه ارل ﺳﻤﻨﮉ ۾ ﮀﻮڙ ﻛﺮي ﭤﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ڍﻧﮃ ﻣﺜﺎل آﻫﻲ .اﻣﻮدرﻳﺎه ﺗﻲ ارﻳﮕﻴﺸﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﺷﺮوع ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﻫﺎڻ درﻳﺎه ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ ﭤﻮرو ﺋﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﭽﻲ ﭤﻮ .ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ارل ﺳﻤﻨﮉ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ وﭸﻲ ﺳﺴﻨﺪو. ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﻨﻲ آﻫﻦ ۽ ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻻ زاﻫﺪان وﭸﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻣﻜﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ رﻫﻨﺪا .اﻳﺮان ۾ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﺷﻴﻌﺎ رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۾ ﺟﻴﻜﻮ
ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ﺳﻨﻲ ﭘﮡ رﻫﻦ ﭤﺎ .زاﻫﺪان اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻮ آﻫﻲ .اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر واري ﺷﻬﺮ ﻛﻮه ﺗﺎﻓﺘﺎن ﮐﺎن زاﻫﺪان اﻳﺘﺮو ﭘﺮي آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻧﻮري آﺑﺎد ﻳﺎ ﭠﭩﻮ ﻳﻌﻨﻲ ۱۰۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ زاﻫﺪان ﮐﻲ ان ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن ﺿﺮور ﻳﺎد ﻛﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ رﻳﮉﻳﻮ اﺳﭩﻴﺸﻦ اﻳﺮان زاﻫﺪان ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ دﻟﭙﺴﻨﺪ رﻳﮉﻳﻮ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﺟﺘﺎن ﻫﺮ وﻗﺖ اﻧﮉﻳﻦ ﮔﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻓﺮﻣﺎﺋﺶ ﻫﻠﻨﺪي ﻫﺌﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن واﻧﮕﺮ زاﻫﺪان ۾ ﺑﻪ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﮡ ﻻ ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ .ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻻ” ﻣﻜﻲ ﻣﺴﺠﺪ“ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻤﺎم وڏي ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻨﺎوت ۽ ﻣﻨﺎرن ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ .زاﻫﺪان ﺟﻲ ﻫﻲ ﻣﻜﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ وڏي ۾ وڏي ﺳﻨﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ. اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﭠﭙﻮ ﻫﮣﺎﺋﮡ وارﻳﻦ ﻗﻄﺎرن ۾ ﻫﺎﮢﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﻛﻲ ﭤﻮرا ﻣﺎﮢﻬﻮ وﭸﻲ ﺑﭽﻴﺎ ﻫﺌﺎ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ اﮘﻮاڻ ) (Guideﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭨﮍﻳﻞ ﭘﮑﮍﻳﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﮇ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﺎڻ اﭼﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﻻ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻮ .ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻲ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﺑﻪ اﭤﻴﺎ ،آﺧﺮ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﺟﻮ Entryﺟﻮ ﭠﭙﻮ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارن ﮐﺎن ﻫﮣﺎﺋﮣﻮ ﻫﻮ ﭘﻮ ﭜﻠﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان ڏي وﭸﻦ ﻳﺎ اﺻﻔﻬﺎن ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ڏي ،اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﭡﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ۽ ﭨﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﻴﺘﺮو وﻗﺖ وﮢﻲ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ،ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﺋﻴﻦ ﻧﻪ آﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﺟﭙﺎن ۽ اﻧﺪﻳﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﻓﻘﻂ ﭨﻦ ﻳﺎ ﭼﺌﻦ ﭘﺮﻳﻔﻴﻜﭽﺮن )ﺻﻮﺑﻦ( ۾ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .اﭤﮡ ﻣﻬﻞ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﺗﺒﻠﻴﻐﻲ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺟﻲ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻛﮃڻ ﻻ ﮐﺎﻧﺌﻦ اﺟﺎزت ﮔﻬﺮي ﭘﺮ ﻫﻮ راﺿﻲ ﻧﻪ ﭤﻴﺎ .ﻫﻚ ﭴﮣﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ اﻧﻜﺎر ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ ﻫﻦ ﺑﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﺋﮡ ﺟﻮ ارادو ﻻﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ.
ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ ﭔﻮﻟﻴﻮن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارن ﮐﺎن اﻳﺮان اﻧﺪر داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﺟﻮ Entryﭠﭙﻮ ﻟﮙﺮاﺋﮡ ۾ ﻛﺎ ﺧﺎص دﻗﺖ ﻧﻪ ﭤﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﻗﻄﺎر ۾ آﺋﻮن اﭼﻲ ﺑﻴﭡﻮ ﻫﻮس ان ۾ ﻫﻚ ﮀﻮﻛﺮي) اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ آﻓﻴﺴﺮ( ﺑﺪران ﭔﻪ ﻫﻴﻮن .ﭔﻲ ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ﻫﻴﭟ ﻫﺌﻲ .ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﭴﮣﻴﻮن واري وﭨﻲ ﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﮐﻲ ﻏﻮرﺳﺎن ڏﺳﻲ ﭘﺎڻ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ﻛﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن .ﻫﺮ ﮔﺬرﻧﺪڙ ﺳﻴﻜﻨﮉ ،ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دل ۾ اﻫﻮ ﺧﻮف ﭤﻲ ﭘﻴﺪا ﻛﻴﻮ ﺗﻪ وﻳﺰا ﻫﺠﮡ ﺑﺎوﺟﻮد ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﻫﺘﺎن ﺋﻲ ﻣﻮﭨﺎﻳﻮ وﭸﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن وﻳﺰاﺋﻮن ڏﺳﻲ دل ﻣﻦ ﻫﮣﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﺠﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﻧﺪﮔﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﺑﺮﺑﺎد ﻛﺮي ﻫﺎڻ ﭔﮃاﭘﻲ ۾ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪن ۾ ﻣﭥﻲ ﭨﻴﻜﮡ ﺟﻮ ڍوﻧﮓ ﻛﺮڻ آﻳﻮ آﻫﻲ .آﺧﺮ ﻣﻮﻧﮑﺎن رﻫﻴﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻫﻦ ذﻫﻨﻲ ﻋﺬاب ﻣﺎن ﻛﮃڻ ﻻ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ آﻓﻴﺴﺮﻳﺎﮢﻲ ﮐﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻛﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ آﻫﻲ. ” ﺟﻲ ﻫﺎ “.ﻫﻦ ﺳﭡﻲ ﻟﻬﺠﻲ واري اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ واﻟﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮀﺎ آﻫﻲ؟“
ﭠﻬﻴﻮ .ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ اﻳﺘﺮي .آﺋﻮن ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ”.ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ“ ﻣﻮن ﭔﮅاﻳﻮ ﻣﺎن.
”ﺟﻲ؟ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﭼﺌﺠﻮ“ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ وچ ۾ ﻟﮙﻞ ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﺳﻮراﺧﻦ وٽ ﺟﻬﻠﻴﻨﺪي ﭼﻴﻮ .ﻣﻮن زور ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ورﺟﺎﻳﻮ ۽ ﻣﻮن ﮐﻴﻦ ﭘﻨﻲ ﺗﻲ اردو ۾ ﻟﮑﻲ ڏﻳﮡ ﺟﻲ آﻓﺮ ﻛﺌﻲ.
”ﻧﻪ ﺑﺲ ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺣﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ “.ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺟﻲ ﭼﺎﭔﻴﻦ ﮐﻲ دﭔﺎﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﮑﻴﻮ. ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ۾ ڌﻳﺎن ﺗﺎن ﻟﻬﻲ وﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﮡ ﮐﺎن وﭠﻲ اﻫﻮ ارادو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻨﻲ ﭜﻮر ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ۽ ﭘﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اردو ۾ ﻟﮑﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارن ﮐﻲ ڏﻳﻨﺪس ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻧﺎﻟﻦ ۾ ﺟﻴﻜﻲ اﮐﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ اﻟﻒ ب ۾ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻫﺠﻦ اﻫﻲ ﻟﮑﻮ ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻲ ﺑﺪران ﺟﻴﻜﻲ وﮢﻨﺎو اﻫﻲ ﻟﮑﻮ .ﮀﻮ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻟﮑﻴﻞ ALTAFﻣﺎن اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﭥﻲ ﭘﻮي ﺗﻪ ﭨﻲ ) (Tاﮐﺮ ﻣﺎن ﻣﻄﻠﺐ ٽ آﻫﻲ” ،ط“ آﻫﻲ ﻳﺎ ”ت“ ؟ اﮘﺌﻴﻦ دور ۾ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮن ﺗﻲ رﮘﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻟﮑﻲ وﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ ۽ ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ اﻫﻮﺋﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۾ ﻓﻴﮉ ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ .ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮن ذرﻳﻌﻲ ﻫﺮ زﺑﺎن ﻟﮑﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ ،۽ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻋﺮﺑﻲ اﻟﻔﺎﺑﻴﭧ ۾ ﻧﺎﻻ ﻓﻴﮉ ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﻦ ﭤﺎ .۽ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﻟﻔﻆ اڙدو ۾ ﻧﻪ آﻫﻦ ﺗﻴﺌﻦ اڙدو ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﻟﻔﻆ اﻧﮕﺮﻳﺰي ،ﻋﺮﺑﻲ ﻳﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻧﻪ آﻫﻦ .اﺳﺎن ﺟﻮ اﮐﺮ ”ش“ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﻧﺎﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ اﻧﮕﺮﻳﺰ ’ ‘Shﻟﮑﻦ ﭤﺎ ۽ ﻣﻠﺌﻲ ’ ‘Syﻟﮑﻦ ﭤﺎ .ان ﻣﺎن ﻛﭥﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺤﺎق ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ Ishaqﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰ اﺷﺎق ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻴﻮ وﭸﻦ” .خ“ اﮐﺮ ﺟﻮ اﭼﺎر ﺟﺮﻣﻨﻲ زﺑﺎن ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﮕﺮﻳﺰ ان اﭼﺎر ﺑﺪران Khﻟﮑﻦ ﭤﺎ .غ ﺑﺪران اﻧﮕﺮﻳﺰ Ghﭤﺎ ﻟﮑﻦ .ﻋﺮﺑﻲ زﺑﺎن ۾ گ ﺟﻮ اﭼﺎر ﻧﺎﻫﻲ .اﻫﻲ گ ﺑﺪران ق ﻟﮑﻦ .ﻛﻮﻳﺖ ۾ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ آﺋﻮن اﺗﻲ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﮘﭽﻲ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎﻟﻲ وارو ﭨﺌﮓ وﺟﻬﻲ ﻫﻠﻨﺪو ﻫﻮس ان ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻲ ۾ ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺪران ﻗﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ۽ ﻛﻲ ﻛﻮﻳﺘﻲ ﻋﺮب ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍو ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ. اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﻲ روﻣﻦ ۾ ﻟﮑﮡ ﻻ اﻫﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ اﮐﺮ ﺟﻴﻜﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻧﻪ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﭘﺎڻ اﺋﻴﻦ ﭠﺎﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰ خ ﻻ Kh اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﻛﻲ اﮐﺮ اﻫﮍي ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن Romanizedﻛﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻮ اﺳﺎن اڙدو ۽ ﺳﻨﮅي ﭘﮍﻫﮡ وارن ﮐﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان وارا ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ اﮐﺮ ق ﻻ Gh اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﻗﻴﺎﻣﺖ روﻣﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻟﮑﮡ وﻗﺖ Ghiamatﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻳﻮرپ ۾ ﻣﻮﻧﺴﻦ ﮔﮇ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻲ زادو ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذات Gholizadehﻟﮑﻨﺪو ﻫﻮ ۽ اﺳﺎن ۽ ﭔﻴﺎ ﻳﻮرﭘﻲ ﺳﻨﺪس ﭨﺌﮓ ﻛﺎرڊ ﺗﻲ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮍﻫﻲ ﻏﻠﻴﺰادو ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ دل ۾ ﻛﻨﺪو ﻫﻮ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﺎﻻ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ دوران ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﮍﻫﮡ ۾ اﺳﺎن ﮐﺎن ﻏﻠﻄﻲ
ﭤﻴﻮ وﭸﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ Enghlab Aveاﻧﻘﻼب اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ آﻫﻲ Moghadam .ﻣﻘﺪم آﻫﻲ Taghi .ﺗﻘﻲ آﻫﻲ.
ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﻮن Mineral waterﺟﻮن ﺑﻮﺗﻠﻮن آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ ،Avaﻧﻴﺴﻠﻲ ،آب ﺣﻴﺎت ،وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﻋﻘﻴﻖ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﻨﺮل واﭨﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻮﺗﻞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺎﺳﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ”ﻋﻘﻴﻖ“ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Aghiqhآﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڌارﻳﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻋﻘﻴﻖ ﺑﺪران ﻋﻐﻴﻎ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﻋﺒﺪاﻟﻘﻴﻮم ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Abdul Ghayoomﻳﺎ ﭠﻠﻬﻮ Abdul Gayoomﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺎﻟﺪﻳﭗ ﺟﻮ ﺻﺪر ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ .ﺳﻮ ﻫﻨﻦ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﭠﭙﻮ ﻫﮣﮡ وارﻳﻦ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Gulﻟﻔﻆ ﭘﮍﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﻨﺠﻬﻲ ﭘﻴﻮن ﺗﻪ اﻫﻮ ﻟﻔﻆ ﺳﻨﺪن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮﺋﻲ ﮔﻞ آﻫﻲ ﻳﺎروﻣﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺻﻮرت ۾ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ اﻟﻔﺎﺑﻴﭧ ﺟﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺗﻲ ﻗﻞ ﻟﮑﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﮡ دوران ﺟﮇﻫﻦ دﻛﺎﻧﻦ ﻣﭥﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻻ ﭘﮍﻫﺎن ﭤﻮ ﻳﺎ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﺑﻞ ﺑﻮرڊ )اﺷﺘﻬﺎر( ﻳﺎ اﻃﻼع ﭘﮍﻫﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻟﻔﻈﻦ ﺗﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﭤﺌﻲ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﻟﻔﻈﻦ ﻻ ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻲ اﺻﻞ ۾ ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اردو ﺟﺎ آﻫﻦ.
ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻣﭩﻲ ،ﺑﻬﻪ ۽ ﭘﺎﮢﻲ ﻣﻼﺋﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻟﻨﺒﺎﺋﻲ ﻻ ﮔﺎرو ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ان ﮐﻲ ﮔﭻ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ. ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﮔﭻ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ۾ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻳﻌﻨﻲ ﻫﭣ ﺳﺎن رﻧﮕﻴﻦ ﺳﺮون ﭠﺎﻫﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻣﺴﺠﺪن ۽ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر وﻳﻨﺪي ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ”ﻛﺎﺷﻲ“ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ۽ اﻫﻮ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ اﻳﺮان ﮐﺎن ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﻫﺎﻻ، ﻧﺼﺮﭘﻮر ۽ ﻣﻠﺘﺎن ۾ آﻳﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ان ﻫﺎ وي ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ۽ دﻛﺎن ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻋﻠﻲ ﻛﻢ ﺟﻮ ﻛﻮ ﻣﻠﻚ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ؟ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ٰ
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ دﻛﺎﻧﻦ ﻣﭥﺎن ﻟﮙﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﺑﻮرڊ ﭘﮍﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﭴﮡ ﻫﻲ ﻛﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن ﻫﺠﻲ .اﻫﻲ اﻫﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﭠﻴﭟ ﻳﺎ ﻧﺞ ﺳﻨﮅي ۽ اڙدو ﺟﺎ آﻫﻦ ،ﻫﺘﻲ اﭼﻲ اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ آﻫﻦ .ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ زﺑﺎﻧﻦ ﻣﺎن ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﻛﮃي ﮀﮇﺟﻦ ﺗﻪ ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻨﺪو ﮀﺎ؟ ﻋﺮﺑﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ زﺑﺎن آﻫﻲ ،اﻧﮕﺮﻳﺰن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺳﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ زﺑﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺮﺑﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ .اﻫﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﺲ ،ﻻري ،ڊم ،ﺑﻢ ،ﺑﺎﺋﻜﺎٽ ،ﮔﻼس وﻏﻴﺮه ،اﻫﻲ اﺻﻞ ۾ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ۾ رﻫﻲ اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻋﺮﺑﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ زﺑﺎن ۾ ﭴﮡ ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲُ .اﻫﺎ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﺎن ﭜﺮي ﭘﺌﻲ آﻫﻲ ..... .ﺧﻴﺎﺑﺎن ،ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ ،ﺑﻴﺎﺑﺎن ،ﮔﻠﺴﺘﺎن ،ﺟﻮﻫﺮ ،ﮔﻠﺸﻦ ،اﻗﺒﺎل، راﻫﻪ ،راﻫﻨﻤﺎ ،ﻫﻤﻌﻤﺮ ،۽ ﻫﻤﻌﺼﺮ ﮐﺎن وﭠﻲ ﭘﻨﺠﺎب ،ﺗﺎج ،ﺷﻜﺎر ،ﺳﺮﻛﺎر ،وزﻳﺮ ،زﻣﻴﻨﺪار ،ﺻﻮﺑﻴﺪار ،ﺳﺮﺷﺘﻴﺪار )رﻛﺎرڊ رﮐﻨﺪڙ( ،ﺷﺎﻫﻴﻦ ،ﺷﺎﻣﻴﺎﻧﻮ ،ﭘﻨﻴﺮ ،ﭘﺮواﻧﻮ) ، (Written passﺳﺮﻣﻮ ،ﺳﺮﺧﻲ ) ،(LipStickزن)ﻋﻮرت(، زر)دوﻟﺖ( ......وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ﺳﭛ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﺮي اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭘﻴﺎ ﻛﺮﻳﻮن .وﻳﻨﺪي ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻟﻔﻆ ﺗﻘﺴﻴﻢ ،ﺿﺮب ،ﻣﻨﻔﻲ ،ﻣﺜﺒﺖ ،اﻗﻠﻴﺖ ،اﻛﺜﺮﻳﺖ ،درﺟﻪ ﺣﺮارت ،ﺳﺮد ،ﮔﺮم ،ﻓﻬﺮﺳﺖ ،ﻧﺮخ ،ﺑﺎزار )ﺑﻬﺎزار( ،اﻳﺠﺎد ،ﮔﺮﻓﺘﺎري ،ﺷﻴﺸﻬﻪ ،آﺋﻴﻨﻪ ،ورزش ،آزادي ،زﺑﺎن ،ﻣﺮغ ،ﻣﻐﺰ .....ﻫﻲ ﺳﭛ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ. ﻛﻲ ﻛﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻧﺞ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ آﻫﻦ ،ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺻﻨﺪﻟﻲ ،دﻳﻬﻪ ،داروﻏﻮ ،دﻣﺒﻮ ،ﭼﻬﺒﻚ ،ﭼﺎدر ،ﭼﺎﻛﺮ )ﻧﻮﻛﺮ( وﻏﻴﺮه .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭼﺎرﭘﺎﺋﻲ )ﭼﺎر ﭘﻴﺮن واري( ،ﭨﭙﺎﺋﻲ)ﭨﻦ ﭘﻴﺮن واري( ،ﮔﻠﻘﻨﺪ )ﮔﻞ+ﻗﻨﺪ( ﻣﻌﻨﻲ ﻣﭡﻮ ،ﺟﺎﮔﻴﺮ )ﺟﺎ+ﮔﻴﺮ ﻣﻌﻨﻲ ،(Holdingﺑﺎﻟﻜﻨﻲ )ﺑﺎﻻ+ﺧﺎﻧﻪ(، ﻣﻌﻨﻲ Death to Kingﺟﻴﻜﻮ وارﻧﻨﮓ اﻛﺜﺮ ﻛﺎرﻛﻦ )ﻛﺎر+ﻛﻨﺪن ﻣﻌﻨﻲ ﻛﻢ ﻛﺮڻ وارو( ،ﺷﺎﻣﺖ )ﺷﺎﻫﻪ+ﻣﺖ( ٰ ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ۾ ڏﻧﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ ،ﺟﻤﻌﺪار )ﺟﻤﻊ+دار( ،ﻧﺎﺧﺪا)ﻧﺎﺋﻮ+ﺧﺪا )ﻣﻌﻨﻲ ﭔﻴﮍي ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ،ﻛﻮﻫﻨﻮر )ﻛﻮﻫﻪ+ﻧﻮر(، ﻳﻌﻨﻲ ﺟﺒﻞ ﺟﻮ ﻧﻮر ،ﻫﻴﺮو ،ﭘﺎﭘﻮش)ﭘﺎ ﻣﻌﻨﻲ ﭘﻴﺮ ۽ ﭘﻮش ﻣﻌﻨﻲ ﻛﻮر( ﻳﻌﻨﻲ ﭼﻤﭙﻞ ،ﺑﺰدل )ﺑﺰ ﻣﻌﻨﻲ ﭔﻜﺮي+دل( ﻣﻌﻨﻲ ﭔﻜﺮي ﺟﻲ دل وارو ﺳﻮ ﭤﻴﻮ ﻛﻤﺰور دل ،ڊﭴﮣﻮ ،ﻓﺮوﺷﮕﺎﻫﻪ )دﻛﺎن( ،آرﻣﮕﺎﻫﻪ)آرام ﺟﻲ ﺟﺎ (ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻘﺒﺮو ،ﻗﺒﺮ وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه .ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺗﻪ ﺳﻤﻮرا ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ ﺧﺒﺮدار ،ﭼﻮﻛﻴﺪار ،ﻋﻤﻠﺪار ،ﻳﺎ ﻣﻴﺰﺑﺎن ،ﺑﻴﺎﺑﺎن ،درﺑﺎن،
ﻛﻮﭼﺒﺎن ،ﻳﺎ وري ﻣﺪدﮔﺎر ،ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر ،ﻃﻠﺒﮕﺎر وﻏﻴﺮه.
اﺳﻜﻮل ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ اﺳﻜﻮل ﻣﺎﺳﺘﺮ روﻣﺎل ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻴﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻟﻔﻆ رو+ﻣﻠﻴﺪن ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺻﺎف ﻛﺮڻ وارو .۽ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﺎٿ روم ۾ رﮐﻴﻞ دﺳﺘﻤﺎل ﻣﺎن ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻧﻨﮃڙا ﭨﻮال ﻫﭥﻦ ﺻﺎف ﻛﺮڻ ﻻ آﻫﻦ .ﺟﻮ دﺳﺖ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ ﻫﭣ ،دﺳﺖ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅي ،ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ،ﺳﺮاﺋﻜﻲ ۽ اڙدو زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺑﻪ اﭼﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ دﺳﺖ ﺳﻨﺎش ،دﺳﺖ ﻛﺎري ،دﺳﺘﻴﺎب ،وﻏﻴﺮه .ﺑﻠﻮﭼﻲ ۽ ﻣﻜﺮاﻧﻲ زﺑﺎن ۾ ﺗﻪ اﭸﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ .اڙدو ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﻪ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ آﺋﻴﮕﺎ ﺟﺎﺋﻴﮕﺎ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ آﻫﻦ .ﻣﻜﺮاﻧﻲ زﺑﺎن ۾ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ اﻧﮕﻮﭘﻴﺎ ۽ ﺑﺮو وﻏﻴﺮه آﻫﻦ.
ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﻲ ﻟﻔﻆ ﻋﺠﻴﺐ ۽ ﮐﻞ ﺟﻬﮍا ﺑﻪ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻚ رﻳﺴﭩﻮرﻳﻨﭧ ﺷﺎپ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻣﻐﺰ، زﺑﺎن ،دل ،ﻣﺮغ وﻏﻴﺮه ﻟﮑﻴﻞ ﭘﮍﻫﻲ اﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ ،ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻧﺎﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻚ ﻟﻔﻆ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻮ ۽ ﺳﻮﭼﮡ ﻟﮙﺲ ﺗﻪ اﻫﻮ ”ﺗﺨﻢ ﻣﺮغ“ ﮀﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ اﭼﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺗﺨﻢ ﻣﻌﻨﻲ ﭔﺞ .ﻛﻜﮍ ﺟﻮ ﭔﺞ ﻣﻌﻨﻲ ﺑﻴﻀﻮ ! اﻫﮍي ﻃﺮح ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ دﻟﭽﺴﭗ ﻟﻔﻆ ﻧﻮٽ ﻛﻴﺎ اﭤﻢ .آب ﻣﻴﻮه )ﻓﺮوٽ ﺟﻮس( ،آب ﻣﻌﺪﻧﻲ )ﻣﻨﺮل واﭨﺮ( ،ﺑﺎزار ﺑﺰرگ ﻣﺮﻛﺰي )ﺳﻴﻨﭩﺮل ﮔﺮاﻧﮉ ﺑﺎزار( اﺳﺎن ﺟﻲ ذﻫﻦ ۾ ﺑﺰرگ ﻟﻔﻆ ﺳﺎن دروﻳﺶ ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ ،ڏاڙﻫﻲ وارو ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭜﺮي ﭤﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﺑﺰرگ ﻣﻌﻨﻲ وڏو ﺟﻴﺌﻦ ﺑﺰرگ ﺑﺎزار ﻣﻌﻨﻲ وڏي ﺑﺎزار .اﻳﺮان وارا ﻛﺎوڙ ﻣﺎن آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﻲ ﺑﺰرگ ﺷﻴﻄﺎن ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر وﻳﻨﺪي ﻫﻚ ﻋﻤﺎرت ﻣﭥﺎن وڏن اﮐﺮن ۾ ”ﺑﻴﻤﺎرﺳﺘﺎن رﺿﻮي“ ﻟﮑﻴﻞ ڏﺳﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺑﻴﻤﺎرﺳﺘﺎن ﻣﻌﻨﻲ ﺑﻴﻤﺎر ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ رﻫﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ ﻳﻌﻨﻲ اﺳﭙﺘﺎل .اﻫﮍي ﻃﺮح ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ”ﺻﻨﺪﻟﻲ ﭼﺮﺧﺪار“ ﻣﻌﻨﻲ .Wheal Chair ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺑﻴﻤﺎر ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ وﻫﺎري ﻫﻼﺋﺒﻮ آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ آﻓﻴﺴﻦ ﭔﺎﻫﺮان ﺣﻤﻞ و ﺳﻜﺖ ﺟﻬﮍا ﻟﻔﻆ ﭘﮍﻫﻲ ﺳﻮﭼﮡ ﻟﮙﺲ ﺗﻪ آﻳﺎ اﻫﺎ ﻣﺌﭩﺮﻧﭩﻲ ﻛﻠﻨﻚ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻢ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺣﻤﻞ ﻣﻌﻨﻲ ﭘﻴﭧ آﻫﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﭘﻴﭧ ﺳﺎن ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺣﻤﻞ واري ﻋﻮرت ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺣﻤﻞ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﭘﺮ ﻣﭥﻴﻦ ﻣﻌﻨﻲ Pregnancy واري ان ﺳﺎن ﺻﺤﻴﺢ ﻧﭥﻲ ﺑﻴﭡﻲ .ﭘﻮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﭨﺌﻨﻜﺮ ﺗﻲ ”ﺣﻤﻞ آب“ ڏﺳﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ ﺣﻤﻞ ﺟﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻣﻌﻨﻲ ﮐﮣﮡ آﻫﻲ .ﺣﻤﻞ آب ﻣﻌﻨﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﮐﮣﮡ وارو ﻳﻌﻨﻲ واﭨﺮ ﭨﺌﻨﻜﺮ.
آب ﺗﺎن ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻟﻔﻆ اﺳﺎن وٽ ﻋﺎم اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ آب ﻫﻮا ،دوآب ،ﭘﻨﺠﺎب وﻏﻴﺮه .ﭘﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ ۾ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﺨﺖ اڃ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ آﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮀﺎ ﭤﺎ ﭼﻮن ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺮ ﻧﺌﻴﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن اڳ ﺟﻴﻜﻲ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﻟﻔﻆ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﻳﺎد ﻛﻨﺪو آﻫﻴﺎن اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻪ آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﭘﮡ .ﭘﺮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ اﻧﻬﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻻ ڌﻳﺎن ۾ ﻧﻪ اﭼﮡ ﻛﺮي ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻛﺎﻓﻲ ﻣﻐﺰ ﻣﺎري ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻴﺌﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺿﺮورت ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ .ﺑﻌﺾ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﺗﻲ ﮐﻞ آﺋﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻟﻔﻆ ﺗﻪ اﺳﺎن وٽ )ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾( ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺳﺎﮘﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎﮢﻲ ﻻ آب ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻌﻨﻲ اﮘﻴﻮن ﭘﺎﮢﻲ! دراﺻﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آب ﻣﺎن ﺋﻲ ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﭘﻴﺸﺎب ﻳﻌﻨﻲ ﭘﻴﺶ +آب ٰ
ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ وڏو اﺛﺮ آﻫﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻮ آﻫﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺗﺮاﻧﻲ ۾ ﻧﻮي ﺳﻴﻜﮍو ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﮀﻮﻛﺮن ﺗﻮڙي ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﺎ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻧﺎﻻ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ .ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻫﺘﻲ آﺧﺮ ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﺎن ﭤﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن وٽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﭘﮡ ﻋﺎم آﻫﻦ ۽ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻛﻴﺘﺮن ﮐﻲ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ .ﻫﻲ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﺎﺋﮡ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺣﻮم دوﺳﺖ اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ ﭔﺎرن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺪد ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﭘﮍﻫﮡ دوران ﻛﻼس ﻣﻴﭧ رﻫﻴﻮ .ﮔﮇﺟﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﻳﺎﺳﻴﻦ ۽ ﻫﻚ ﺋﻲ وﻗﺖ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ .ﻫﻮ اﻳﺮان ۾ ﻓﺮﺧﻨﺪه ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮي ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮي ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺋﻲ Settleﭤﻲ وﻳﻮ ۲۰۰۱ .۾ ﮐﻴﺲ ﻫﺎرٽ اﭨﺌﻚ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ اﺳﺎن ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ ﺟﺪا ﭤﻲ وﻳﻮ .ﮐﻴﺲ ﭨﻲ ڌﻳﻮن ۽ ﻫﻚ ﭘﭧ ﻋﻠﻲ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻦ ﭤﺎ .اﺳﻼم ﺟﻲ ﮔﻬﺮ واري ﻓﺮﺧﻨﺪه ۽ ﭔﺎر اڙدو ﭘﮡ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻴﭟ ڏﻧﻞ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﺎﺋﮡ ۾ اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ ڌﻳﺌﻦ ﻋﺎﻟﻴﻪ ۽ ﻓﺎﺋﺰه ﻣﺪد ﻛﺌﻲ آﻫﻲ.
ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻧﺎﻻ ﺟﻴﻜﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ؛
ﺟﻬﺎن آرا ،ﺟﻬﺎن ﺑﺎﻧﻮ ،ﮔﻞ اﻓﺸﺎن ،ﮔﻞ اﻧﺪام )ﺳﻬﮣﻲ ﺟﺴﻢ واري( ،ﮔﻠﺒﻬﺎر ،ﮔﻞ ﺑﺎﻧﻮ ،ﮔﻠﺒﺮگ )ﮔﻞ ﺟﻲ ﭘﺘﻲ ،(Petalﮔﻠﻨﺎر، ﮔﻠﻨﺎز ،ﮔﻠﭙﺮي ،دﻟﺸﺎد ،ﮔﻠﺸﻦ ،ﺧﺎﺗﻮن )ﻋﻮرت( ،ﺧﻮرﺷﻴﺪ )ﺳﺞ( ،ﻛﻮﻛﺐ)ﺗﺎرو( ،درﻧﺎز)ﻗﻴﻤﺘﻲ( ،ﻓﻬﻴﻤﺎ )ﭴﺎﮢﻮ( ،ﻓﺮح )ﺧﻮﺷﻲ( ،ﻓﺮﻳﻦ) ،(Bestﻓﺮزاﻧﺎ )ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ( ،ﻏﺰل ،ﻏﺰاﻻ ،ﻏﻨﭽﺎ ،ﻓﺮﻳﺎل )ﺳﻬﮣﻲ ﭘﮑﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ( ،ﻳﺎﺳﻤﻴﻦ )ﻳﻜﺘﺎ( ،زﻳﺒﺎ ،زﻳﻨﺖ، زرﻓﺸﺎن ،ﻣﻬﻪ ﺟﺒﻴﻦ ،ﻣﺎﻫﻪ ﻟﻘﺎ ،ﻣﺎﻫﺮاز ،ﻣﺎﻫﺮخ ،ﻣﺎﻫﻨﺎز ،ﻣﻬﻮش ،ﻧﻐﻤﻪ ،ﻧﺎدﻳﺎ )ﺧﻮاﻫﺶ( ،ﻧﺎﻫﻴﺪ )ﺗﺎرو( ،ﻧﺎز ﭘﺮي ،ﻧﮕﺎر )ﭘﻴﺎري( ،ﻧﮕﻴﻦ ،ﻧﻮﺷﻴﻦ ،ﻧﻮﻳﻦ ،ﭘﺮي ﻧﺎز ،ﭘﺮي رو ،ﭘﺮي ﭼﻬﺮه ،رﻳﺤﺎﻧﺎ ،رﺧﺴﺎﻧﺎ ،ﺷﻴﺮﻳﻦ ،ﺷﻬﻨﺎز ،ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ،آﻓﺮﻳﻦ )واﮐﺎڻ( ،اﻓﺮوز )ﭼﻤﻜﻨﺪڙ( ،ﻋﺎﻟﻴﻪ ) ،(Nobleاﻟﻤﺎس )ﻫﻴﺮو( ،اﻧﻴﺘﺎ )ﭔﻮﭨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ( ،آرزو ،ارﻣﻐﺎن )ﺗﺤﻔﻮ( ،آرﻣﻴﺘﺎ )ﻧﻴﻚ(،آﺗﻴﺸﻪ )ﺑﺎﻫﻪ( ،ﺑﻨﻔﺸﻪ )ﮔﻞ( ،اﺧﺘﺮ )ﺗﺎرو( ،درﻳﻨﺎز )درﻳﺎه ﻧﺎز ،(Glory of Seaدل آرا )ﭘﻴﺎري( ،دﻟﻜﺶ ،دﻳﺒﺎ )ﺑﺮوﻛﻴﮉ(، دﻳﻨﺎ )ﺣﺞ( ،ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ )ﻣﻀﺒﻮط ،رﺳﺘﻢ ﺟﻲ زال ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ( ،رﺧﺴﺎﻧﻪ) .ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ (.Rexona
وﻳﺰاﺋﻦ ﺟﻮن ﭠﮙﻴﻮن ۽ ﭘﺮدﻳﺲ ۾ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻴﻮن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ واﻧﮕﺮ ﻛﺴﭩﻤﺲ ﺟﻮ ﻣﺮﺣﻠﻮ ﺑﻪ ﻣﻨﭩﻦ ۾ ﻃﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ .اﺳﺎﻧﺠﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ڏﺳﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ اﺟﺎﻳﻮ ﺳﺠﺎﻳﻮ ﺗﻨﮓ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ ﻛﺎ ﺿﺮوري ﻳﺎ ﻏﻴﺮ ﺿﺮوري ﭘﮁﺎ ﮘﺎﮀﺎ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ، ﻧﻪ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺧﻮارﻳﻮن دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏن ﺗﻲ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﻻ ﻧﺎرﻣﻞ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻲ ﭘﻴﺌﻲ آﻫﻲ .ان ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﺳﺎن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ڏوﻫﻪ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﺳﻔﺮي ﻛﺎﻏﺬات ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﮐﺎن وﻳﺰا ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﻘﻠﻲ ،اڻ ﭘﻮرا ﻳﺎ ﻧﻘﺺ وارا ﻫﺠﮡ ﻛﺮي وٺ ﭘﻜﮍ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﻮ ﺳﻜﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻻ ﺑﻪ ﭔﺮن ﭤﺎ .ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ واﺳﻄﻴﺪار ﮐﺎﺗﻲ ﮐﻲ ﭼﮍ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﭠﮗ ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ۾ ﮔﻬﮍي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ Expiryﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﺟﻌﻠﻲ آﻫﻲ ﻳﺎ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻫﻨﻴﻮ اﭤﺲ ،ﻧﺎﻟﻲ Spelling۾ ﻓﺮق آﻫﻲ ﻳﺎ ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺻﺤﻴﺢ ﻧﺎﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ Readableﻫﺠﮡ ﻛﺮي ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻛﺎﻓﻲ ﭠﮙﻴﻦ ﮐﺎن اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﺮﻳﺰ ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻮ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ﻣﺸﻴﻦ ذرﻳﻌﻲ ،ﺳﻔﺮ ﻛﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﺎ ،ﺿﺮوري Particularsوﻳﻨﺪي ﻓﻨﮕﺮ ﭘﺮﻧﭩﺲ ﻧﻮٽ ﭤﻴﻮ وﭸﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇڻ ﺗﻲ ﺑﻪ ﭼﻴﻚ ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي ﺗﻪ اﻫﻮ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻮ enterﭤﻴﻮ ،اﻫﻮ ﺋﻲ ان ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ .اﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﺗﻪ ان ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻛﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﻜﺘﻮ.
اﻳﺮان ﻻ وﻳﺰا ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻛﻮ ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﺰار ﻳﺎ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ﺟﻲ ﻓﻲ ۽ ﺑﻠﮉ رﭘﻮرٽ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﮡ ﺳﺎن ﭨﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺟﻲ وﻳﺰا ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻲ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﺳﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﺑﻴﻤﺎري وڌڻ ﺟﻲ اﻓﻮاﻫﻦ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻮ ﻗﻮﻧﺼﻞ ﺧﺎﻧﻮ اﻳﺮان وﻳﻨﺪڙ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻲ ﭰﭱﮍن ﺟﻮ اﻳﻜﺴﺮي ﺑﻪ ﮔﻬﺮي ﭤﻮ .ان ﻻ ﻫﻨﻦ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻛﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﻳﺎ ﻛﻠﻨﻚ ﻣﻘﺮر ﻛﺮي ﮀﮇي آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻋﻴﺴﻲ ﺧﺎن ﻟﺌﺒﺎرﭨﺮﻳﺰ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻮن ﻛﻠﻔﭩﻦ ،ڊﻓﻴﻨﺲ ،ﻧﺎﻇﻢ آﺑﺎد ،ﺻﺪر ۽ ﭔﻴﻦ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺑﺮاﻧﭽﻮن آﻫﻦ .وﻳﺰا ۾ ﺳﻨﮕﻞ اﻧﭩﺮي ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ڊﺑﻞ ﺑﻪ .اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ وﭸﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﻻ ﺳﻨﮕﻞ وﻳﺰا ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم وﻳﻨﺪڙن ﻻ ڊﺑﻞ وﻳﺰا ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان اﭼﻲ ﭘﻮ ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻛﺮﺑﻼ )ﻋﺮاق( ۽ ﺷﺎم وﭸﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﺟﺘﺎن وري ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﻴﻮ دﻓﻌﻮ اﻳﺮان اﭼﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ان ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﻻ ڊﺑﻞ اﻧﭩﺮي ﺿﺮوري آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ ﻛﻢ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻧﺼﻠﺮ ﺳﻴﺪ ﻣﺠﺪد دﻳﻦ اﻓﻘﺎ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻗﻮﻧﺼﻞ ﺧﺎﻧﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭔﻬﺮاڙي ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ اڻ ﭘﮍﻫﻴﻞ ۽ ﭘﻮڙﻫﺎ وﻳﭡﻞ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﺟﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎڻ وﻳﺰا ﻻ ﻓﺎرم ﭜﺮﻳﻨﺪا آﻫﻦ ۽ ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ وﭠﻲ وﻳﻨﺪا آﻫﻦ .اﻓﻘﺎ وٽ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻓﻴﺴﺮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻪ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ ،ﺗﻨﻬﻦ ﭘﮡ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﺮﺑﻞ ڊاﻛﻮﻣﻴﻨﭧ ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ وﻳﺰا ڏﻳﮡ ۾ دﻳﺮ ﻧﭥﺎ ﻛﺮﻳﻮن .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ،ﺑﻠﮉ رﭘﻮرٽ، اﻳﻜﺲ ري ۽ وﻳﺰا ﻓﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭩﺲ ﮐﻲ ڏﻧﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ زﻳﺎرﺗﻦ ۽ ﻣﻠﻜﻦ ڏي وﭸﮡ ﻻ ﭨﻜﻴﭩﻮن ۽ ﮔﺮوپ ﭠﺎﻫﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺣﺞ ،ﻋﻤﺮي ،اﻳﺮان ،ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ رﻫﺎﺋﺶ ،ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ۽ ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﻻ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﺪو ﺑﺴﺖ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ آﻓﻴﺲ اﻳﻢ اي ﺟﻨﺎح روڊ ﺗﻲ اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن آﻫﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺷﻴﻌﺎ دوﺳﺘﻦ ۽ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﻠﺮاﻳﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ۾ وﭸﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻲ ﻓﺎﺋﺪي ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺟﺮ ﺧﺎﻃﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان وﭸﮡ ﻛﻮ اﻫﮍو ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻪ وري اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﺟﻬﺪ ﭘﭩﮣﺎ ﭤﺎ ﭘﻮن ﻳﺎ وڏو ﺧﺮچ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﭘﺮ اﻓﺴﻮس ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﻧﻴﻚ ﻛﻢ ۾ ﺑﻪ اﭔﻮﺟﻬﻪ ۽ ﺳﺎدن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ،ﭼﻨﺪ رﭘﻴﻦ ﺟﻲ ﻓﺎﺋﺪي ﻻ رﻻﺋﻴﻨﺪارﻫﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﭘﺌﺴﺎ وﭠﻲ ﭔﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺟﻮن ﺟﻌﻠﻲ وﻳﺰاﺋﻮن ﻫﮣﺮاﺋﻲ ڏﻳﻦ ﭤﺎ ،ﭘﻮ ﻏﺮﻳﺐ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﭘﺮدﻳﺲ ۾ ﻳﺎ ﺑﺎرڊر وٽ درﺑﺪر ﭤﻴﻮ وﭸﻦ .اﻫﻲ ﭠﮙﻴﻮن ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺑﺎ روڊ اﭼﮡ وارن ﺳﺎن ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن واري ﺑﺎرڊر ﺗﻲ ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﻗﻢ ۾ ﭔﻪ ﺷﻴﻌﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ وڌﻫﻮ ۽ زوار ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﻣﻠﻴﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﭨﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ وﭠﻲ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﺎ روڊ ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﭤﻴﻨﺪا ﭘﻬﺘﺎ آﻫﻦ.
”اﺳﺎن ﮐﺎن ﻓﻼﮢﻲ ﻫﻤﺮاه ﭘﺌﺴﺎ وﭠﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﺳﻼم آﺑﺎد ﻣﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا ﻟﮙﺮاﺋﻲ ﭤﻮ ڏﻳﺎن “.ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ .اﻫﻮ ﭔﮅي اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭔﮅاﻳﺲ ”ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﺳﻼم آﺑﺎد ﻣﺎن وﻳﺰا ﻧﭥﻲ ﻟﮙﻲ ،ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﻮر ﭠﮗ آﻫﻲ .اﻫﻮ ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ دو ﻧﻤﺒﺮي ﻛﻢ ﻛﺮي ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺼﻴﺒﺖ ۾ وﺟﻬﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ“.
”ﺑﺲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ “،ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺷﺒﻴﺮ ﭼﻴﻮ ” اﺳﺎن ﺗﻪ ان وﻗﺖ واﺋﮍا ﭤﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻮه ﺗﺎﻓﺘﺎن )ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر واري ﺷﻬﺮ( ﮐﺎن اﻳﺮان واري ﺑﺎرڊر واري ﺷﻬﺮ ﻣﻴﺮ ﺟﺎوا ﭤﻲ رواﻧﺎ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﭘﻮﻟﻴﺲ اﺳﺎن ﮐﻲ اﺗﻲ ﺋﻲ وﻫﺎري ﮀﮇﻳﻮ .ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎڻ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻗﺎﻓﻠﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻬﮣﺎ ﭘﻮڙﻫﺎ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﻴﻮن، ﺟﻴﻜﻲ دادو ﺿﻠﻌﻲ ﮐﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﺮي ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﭘﻬﺘﺎ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ ﺳﭵﻲ رات ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﭜﮙﻞ رﺳﺘﻲ ﺗﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﺮي ﺑﺎرڊر ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ واﭘﺲ ﭘﺌﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ“.
ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﭘﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻲ دﻋﺎﺋﻦ ﺟﻲ اﺛﺮ ﻛﺮي ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان ۾ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻛﺮي، ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﻮن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل درس ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ،اﺳﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان اﻧﺪر ﮔﻬﮍڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ڏﻧﻲ وﺋﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﮀﺎ ﻋﺰت رﻫﻲ ﻫﺎ .ﮀﻮ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭔﻮﺟﻬﻪ ﻋﻮام ﮐﻲ زﻳﺎرﺗﻮن ﻛﺮاﺋﮡ ﺟﻲ ﭼﻜﺮ ۾ ﺑﻴﻮﻗﻮف ﺑﮣﺎﺋﻴﻨﺪا وﺗﻦ“.
ان وﻗﺖ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻮ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﺑﻪ ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ ﻧﺎﻟﻮ وﭠﻲ ﻫﻚ اﻳﺠﻨﭧ ﻻ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻫﮍو ﭠﮗ آﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ۽ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﺳﻮا ﺳﻮا ﻟﮏ رﭘﻴﺎ وﭠﻲ ﮐﻴﻦ ﺣﺞ ﻛﺮاﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﺮان وﭠﻴﻮ اﭼﻲ” .ﮐﻴﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ آﮢﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﻜﻲ ﺷﺮﻳﻒ ۾ اﭼﻲ وﻳﺎ آﻫﻴﻮن ۽ ﭘﻮ ﻗﻢ ۽ ﺣﻀﺮت ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﺎن ﮔﻬﻤﺎﺋﻲ ﮐﻴﻦ ﭼﻮﻳﻦ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻣﺴﺠﺪ ﻧﺒﻮي آﻫﻲ .ﺗﻮﺑﻪ ﺗﻮﺑﻪ! ﻛﻬﮍا ﭠﮗ ۽ ﻇﺎﻟﻢ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻦ .ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺳﺎن دوﮐﻮ ﭤﺎ ﻛﻦ ۽ ﻛﻮڙ ﭤﺎ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ .ﭴﮡ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﺌﻲ ﺟﻬﺎن ۾ ﻫﻠﮣﻮ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ .اﻫﮍن ﭠﮙﻦ ﺟﺎ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﮡ ﮐﭙﻦ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻮام ﺧﺒﺮدار ﭤﺌﻲ “.ﻋﺎﺑﺪ ﭼﻴﻮ.
ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﺗﺎﻓﺘﺎن )ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻛﻮه ﺗﺎﻓﺘﺎن ( ۶۳۰ﮐﻦ ﻣﻴﻞ آﻫﻲ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻧﻮﺷﻜﻲ، اﺣﻤﺪ وال ،ﭘﺎڊاگ روڊ ،دﻟﺒﻨﺪﻳﻦ ،ﻳﻜﻤﭻ ۽ ﻧﻮڪ ﻛﻨﮉي ﺟﻬﮍا ﻧﻨﮃا ﮘﻮٺ اﭼﻦ ﭤﺎ .رﺳﺘﻮ اﻳﮇو ﺧﺮاب آﻫﻲ ۽ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﺗﺮﺳﻨﺪي ﭔﻴﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ۲۴ﻛﻼڪ ﻟﮙﻴﻮ وﭸﻦ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎرڊر ﭨﭙﮡ ﺑﻌﺪ ﭨﻦ ﭼﺌﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺷﻬﺮ ﻣﻴﺮﺟﺎوا اﭼﻲ ﭤﻮ ان ﺑﻌﺪ ۱۰۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮن ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ رﺳﺘﺎ اﻳﮇو ﺗﻪ وﻳﻜﺮا ۽ ﭘﺮاﻣﻦ آﻫﻦ ﺟﻮ ۱۰۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺟﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﻫﻚ ﻛﻼڪ ۾ ﭘﻮرو ﭤﻴﻮ وﭸﻲ ۽ اﺳﺎن ڏي ﻧﻮڪ ﻛﻨﮉي ﮐﺎن ﻛﻮه ﻛﻮﻓﺘﺎن ﺟﻮ ۱۲۰ﻣﻴﻞ رﺳﺘﻮ ﻃﻲ ﻛﺮڻ ۾ ڏﻫﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ وﻗﺖ ﻟﮙﻴﻮ وﭸﻲ .ﭘﺮ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﺎ روڊ اﻳﺮان اﭼﮡ ﺳﺎن وڏو ﺧﺮچ ﺑﭽﻴﻮ ﭘﻮي ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﺑﻪ اﻳﺘﺮو ﻣﻬﺎﻧﮕﻮ ﻧﺎﻫﻲ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ .ﻛﻲ ﺷﻴﻮن ﺗﻪ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ .ﻛﻲ ﺷﻴﻮن اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﮐﮣﻲ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﻧﻪ ﻫﺠﻦ ﭘﺮ ﺻﺎف ﺳﭥﺮﻳﻮن ۽ ﻫﺎﺋﻴﺠﻨﻚ ﺗﻪ آﻫﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﻮ ﭨﺌﭗ واﭨﺮ ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻪ ﭘﻴﺌﮡ ﻻﺋﻖ آﻫﻲ .ﭔﻴﻮ ﮀﺎ ﮐﭙﻲ! اﺳﺎن وٽ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻮن ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ آﻟﻮدﮔﻲ ۽ ﺑﻴﻤﺎر وﻫﭧ ﮐﺎﺋﮡ ﻛﺮي آﻫﻦ .اﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﺗﻨﺪرﺳﺖ آﻫﻦ ۽ ﮔﻬﭧ ﮐﺎﺋﮡ ۽ ﮔﻬﮣﻲ ﭘﻨﮅ ﻛﺮي ﭜﺮ وارن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﺎن ﺳﻨﻬﺎ ۽ ﺳﻤﺎرٽ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﻛﺮﻳﮉٽ ﻧﻪ ڏﻳﮡ ﺳﺨﺖ ﺑﺨﻴﻠﭙﮣﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ ﻫﻦ ﻋﻮام ﺟﻲ ﺳﻮاري ﻻ ﺳﮏ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮﺷﻬﺮ ۾ ﺗﻬﺮان ﻣﺸﻬﺪ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻗﻢ ،اﺻﻔﻬﺎن ﻳﺎ ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺷﻴﺮاز ،ﺑﺲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ واﻧﺪﻛﺎﺋﻲ وﻗﺖ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﭼﻜﺮ ﻫﮣﮡ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ اﻳﺮان ۾ ﺧﺎص ﻣﺸﻐﻠﻮ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭴﺎڻ ﭤﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﭼﺎر ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻠﮡ وارﻳﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻗﻢ ۾ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ آﻓﺮﻳﻜﻲ ﻃﺎﻟﺐ ﻋﻠﻢ ﭔﮅاﻳﻮ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ وڏو ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻣﺪرﺳﻮ ڏﺳﻲ ﺑﺲ ﻻ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺲ ﺗﻪ ﻛﺎﻧﮕﻮ ﺟﻮ ﻫﻲ ذواﻟﻘﻌﺪ ﻧﺎﻟﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﺎﺳﭩﻞ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ،ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭼﺌﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ واري ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺑﺎزار ﻗﻢ ۾ وﭠﻲ آﻳﻮ .ﮐﻴﺲ ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي آﺋﻲ ﭤﻲ ﺳﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ
ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﺳﺴﭩﻢ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﻗﻢ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺸﻬﻮر اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻛﭥﻲ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﺳﺎن ﭘﮡ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ.
ﻣﭥﻲ ذﻛﺮ ﻛﻴﻞ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ وڌﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﭘﺎڻ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻋﺒﻴﺪا� ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪن ﮘﻮٺ ﺗﻌﻠﻘﻲ ﺷﻬﺪاد ﻛﻮٽ ﺟﻮ ﭼﺎﻛﻴﺎﮢﻲ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس ﺟﻨﻢ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺎرچ ۱۹۶۱ﺗﻲ ﭤﻴﻮ. ﭘﺎڻ اﺑﺘﺪاﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮘﻮٺ ﻣﻴﺮو ﺧﺎن ۾ ﻣﺮﺣﻮم ﻣﻮﻻﻧﺎ اﺧﺘﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﮐﺎن ورﺗﺎﺋﻮن ﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﺎﻣﻊ اﻟﻤﻘﺪﻣﺎت ۾ .ان ﺑﻌﺪ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۾ ﺟﺎﻣﻊ اﻣﺎم ﺻﺎدق ﻋﻠﻤﺪار روڊ واري ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ” .ان ﮐﺎن ﭘﻮ “،ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺷﺒﻴﺮﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ”اﻳﺮان آﻳﺲ ﺟﺘﻲ ﺣﻮزه ﻋﻠﻤﻴﻪ ﻗﻢ ۾ آﻳﺖ ا� ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻔﺘﻲ اﻟﺸﻴﻌﻪ اردﺑﻴﻠﻲ وٽ ﻫﻲ درس ورﺗﻢ؛ ﻧﻬﺞ اﻟﺒﻼﻏﻪ
ﺻﺤﻴﻔﻪ ﺳﺠﺎدﻳﻪ ﻛﺘﺐ ارﺑﻊ
اﺻﻮل ﻛﺎﻓﻲ
ﻣﻦ ﻻﻳﺤﻀﺮ اﻟﻔﻀﻴﻪ
اﻻﺳﺘﺒﺼﺎر ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽
ﻋﻠﻮم ﺗﺎرﻳﺦ“.
ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻗﻢ ۾ اﻧﻬﻦ ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ان ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن” اﻣﺎم زﻣﺎﻧﺎ ﻣﻬﺪي ﻣﻮﻋﻮد“ ۾ ﭘﻲ اﻳﭿ ڊي ﻛﺌﻲ .ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﻛﺮﺑﻼ ۽ ﺷﺎم زﻳﺎرت ﻻ ﺗﻮڙي ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﻻ وﭸﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﻲ .ﺳﺎﮢﺲ ﮔﮇ دادو ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﻣﺎڏو ﮘﻮٺ ﺟﻲ زوار ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ زوار ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﭘﮡ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ڏاڏو زوار رﺋﻴﺲ ﻣﺮﺣﻮم ﺟﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۱۹۵۲۾ ﺳﻨﮅ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﻨﺎﻇﺮو ﻛﺮاﻳﻮ ﻫﻮ .زوار ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ڊﮔﺮي ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﻧﺎﭤﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺎن اﻳﻢ اي ۽ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن M.Edﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ.
ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ۽ ﺳﺌﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﮔﻤﺸﺪﮔﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺑﻌﺪ ﻛﺴﭩﻢ ﻣﺎن ﺟﻠﺪي واﻧﺪو ﭤﻲ ﭔﺎﻫﺮ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺲ .ﺳﺎﻣﺎن ۾ ﻣﻮن وٽ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙي ﺑﺌﮓ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺟﻬﺎز ۾ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺋﻲ رﮐﻲ ﻫﻴﻢ ۽ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﮡ وﻗﺖ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻟﭥﺲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺳﺎﭤﻲ -ﺧﺎص ﻛﺮي اﻫﻲ ﺟﻦ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺳﺎﻣﺎن آﻧﺪو ﻫﻮ اﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﺑﺌﮕﻦ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ ﺟﻴﺴﻴﻦ اﻫﻲ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﻲ روﻟﻨﮓ ﺑﻴﻠﭧ ﺗﻲ اﭼﻦ .ﮔﺮوپ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ۾ ﺟﺘﻲ ﭔﻴﺎ ﻓﺎﺋﺪا آﻫﻦ اﺗﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻧﻘﺼﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﭝﻨﻲ ﻻ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي وﻗﺖ ﺟﻮ زﻳﺎن ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﭔﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻲ ﺳﺴﺘﻲ ﻛﺮي رﻳﻞ ﻳﺎ ﮘﻨﮃﻳﻨﺪڙ اڏام ) (Connecting Flightﺟﻲ ﮀﭩﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ اﻧﺪﻳﺸﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻴﻨﺌﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭨﻦ ﻛﻼﻛﻦ اﻧﺪر ﻣﺸﻬﺪ ﻻ وﻳﻨﺪڙ ﻣﻜﺎﻧﻲ اڏام ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻼﺋﻴﭧ آﻫﻲ ﺟﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ) IKIAاﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ(ﺗﻲ ﻟﭥﻲ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻛﺮاﭼﻲ واري اڏام ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﻬﻨﺪي ﻫﺌﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو )اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ( ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۳۵ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ”ﺗﻬﺮان -ﻗﻢ“ ﻫﺎ وي ﺗﻲ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮن اﻧﺪروﻧﻲ )(Domestic اڏاﻣﻮن اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﺎن ﻫﻠﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻮن اﺳﺎن ﺟﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﻛﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﻪ ﭤﺌﻲ ﻫﺎ ﺟﻮ اﺗﻲ ﺋﻲ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﻲ ﭨﺮاﻟﻴﻦ ۾ ﮀﻜﻲ ان ﮔﻴﭧ ڏي واڪ ﻛﻨﺪا ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻮن ﻫﺎ ﺟﺘﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻻ ﺟﻬﺎز ﮐﻲ اڏاﻣﮣﻮ ﻫﻮ .ﭘﺮﻫﺎڻ اﺳﺎن ان ﮔﻴﭧ ﮐﺎن ۳۵ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ﺑﻴﭡﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ ﺑﺲ ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ذرﻳﻌﻲ اﻫﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻮ اﻛﺮﮢﻮ ﻫﻮ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ ﺳﻜﻮن ﭤﻲ ﻻﻫﻲ .اﺳﺎن واري ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﻨﺪڙ ﻫﻚ ﻫﻚ ﭤﻲ ﺑﺴﻴﻦ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ ﺗﻬﺮان ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ڏي رواﻧﺎ ﭤﻲ وﻳﺎ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻻ ﺑﺲ ﺑﻪ ﻛﺎ اﻫﮍي ﮐﺘﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﮡ ﻻ ﮀﺖ ﺗﻲ ﻳﺎ ﻫﻴﭟ ﺟﺎ ﻫﺠﻲ .ان ﻻ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻮ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺋﻲ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ .آﺋﻮن ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﺑﻨﺎوٽ ۽ ﭔﺎﻫﺮ ﺟﻮ ﻧﻈﺎرو ﻛﺮڻ ﻟﮙﺲ .ﭘﺮي ﭘﺮي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﺎ وي ۽ ان ﺗﻲ ﭔﺮﻧﺪڙ ﻣﺮﻛﺮي ﺑﻠﺐ ڏﺳﻨﺪو رﻫﻴﺲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﮘﻴﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﺎ آﻫﻦ ،ﭨﺌﻜﺴﻲ وارن ﺳﺎن اڌ ﻓﺎرﺳﻲ اڌ ﺳﻨﮅي ﮔﺎڏڙ اڙدو ۾ ﭜﺎڙي ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ﻛﺮي آﺧﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﭜﺎڙي ﺗﻲ راﺿﻲ ﭤﻲ رواﻧﺎ ﭤﻲ وﻳﺎ .ﻫﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻪ اﻳﺮان آﻳﻞ ﻟﮙﺎ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ُﭘﺮ اﻋﺘﻤﺎد ﻫﺌﺎ .ﭴﮡ ﺳﮑﺮ ﮐﺎن روﻫﮍي ﭘﺌﻲ وﻳﺎ .اﺗﻲ ﻫﻚ ﻳﻮرپ ﮐﺎن ﺑﻪ اڏام ﭘﻬﭽﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ﮐﻲ وﭠﮡ ﻻ ﺳﻨﺪس ﻣﺎﺋﭧ ﻣﭧ ،دوﺳﺖ ﻳﺎر ۽ ﭘﺮﻳﺲ وارا ﻣﻮوي ﻛﺌﻤﻴﺮاﺋﻦ ﺳﺎن اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺎ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮڻ ﺳﺎن ﮐﻴﺲ ﮔﻠﻦ ﺟﺎ ﻫﺎر وڌاﺋﻮن ۽ اﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮔﻼب ﺟﻮ ﮔﻞ ڏﻧﺎﺋﻮن .ﻳﻮرپ ﮐﺎن آﻳﻞ ﻫﻲ ﺳﻨﻬﻮ ڊﮔﻬﻲ ﻗﺪ ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﭨﺎﺋﻲ ﺑﻨﺎ ﺳﻮٽ ۾ ﻫﻮ .ﭨﺎﺋﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ وﻻﻳﺖ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﺎﺋﻴﻨﺪا آﻫﻦ .ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ وﭠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻦ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﭨﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﭘﺎﺗﻲ .ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﻟﻴﺎﻧﻲ ڊﻧﺮ ۾ ﺑﻪ ﻫﻮ ﺑﻨﺎ ﭨﺎ ﺟﻲ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﻳﻮرپ ﮐﺎن آﻳﻞ ﻫﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻫﻚ ﭔﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﮐﻲ اﺷﺎرن ﺳﺎن ﻣﻨﭣ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺳﺎن ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﻻ ﭼﻴﻢ .ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﮐﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ آﻳﺎ ﻫﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﻓﭧ ﺑﺎل ﻳﺎ ﻫﺎﻛﻲ ﺟﻮ راﻧﺪﻳﮕﺮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﺳﻨﺪس ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ Sportﺳﺎن واﺳﻄﻮ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ آﺋﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﺌﻲ .ﭘﺮ ﭘﻮ ﭘﭿ ﭘﭿ ﻛﺮي ﻧﻴﭟ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﺟﺮﻣﻨﻲ ﻣﺎن ﻛﻴﻤﺴﭩﺮي ﺟﻲ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۾ ﻣﭥﺎﻫﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﮐﮣﻲ ﻣﻮﭨﻴﻮ آﻫﻲ ﺳﻮ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ .ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺟﻲ ﭼﭙﻦ ﺗﻲ آﻳﻞ ﻣﺮڪ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﻫﺌﻲ .ان ﺳﺎن ﮔﮇ اﻫﻮ ﺑﻪ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻣﺎ ﭘﻲ ۽ ﻣﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﭘﻴﺮن ﺗﻲ ﻫﭣ رﮐﻲ ﻣﻠﻴﻮ .ان وﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ اﺳﺎن ﺟﻲ اﮐﻴﻦ ۾ ﺑﻪ ﺧﻮﺷﻲ ﺟﺎ ﻟﮍڪ ﺗﺮي آﻳﺎ .ﺳﺌﻴﮉن ۾ ﺑﻪ ڏﺳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ،ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﻼﺳﻦ ﮐﺎن ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﮔﺴﺎﺋﻴﻨﺪا ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ،اﮘﻴﻦ ﺳﻴﭩﻦ ﺗﻲ وﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ ،ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﺪن ﺳﻔﺎرﺗﺨﺎﻧﻲ ﺟﺎ آﻓﻴﺴﺮ ۽ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن آﻳﻞ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ﻳﺎ وزﻳﺮ وﻗﺖ ﺑﻪ وﻗﺖ ﻣﻠﻨﺪا رﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﮐﻴﻦ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺮي ﺳﭡﻲ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﮐﮣﮡ ﺟﻲ ﺗﻠﻘﻴﻦ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺳﻨﺪن ﺳﭡﻲ اﺧﻼق ۽ ﺳﭡﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﻛﺮي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد
ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻳﺮان ﻣﺎن Impressرﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻼف ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا ﻛﻨﺪي رﻫﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﺎﻫﻞ آﻫﻦ ﭴﭧ آﻫﻦ -ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻲ ﺋﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ڏﻳﮑﺎرﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ.
ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﻲ ﭘﻚ ﻓﺮود ﮔﺎﻫﻪ ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Imam Khomeini International Airportﺳﺎن ﮔﮇ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ” ﺑﻴﻦ اﻟﻤﻠﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ“ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﻧﺌﻮن اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۳۵ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﮐﻦ ڏﮐﮡ ۾ آﻫﻲ ۽ ﭘﺮاﮢﻮ وارو ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اوﻟﻬﻪ ۾ ۽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺣﺪن ۾ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭘﺮي ﻛﻮ وڏو اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ وڌﻧﺪڙ ﻫﻮاﺋﻲ ﺿﺮورت ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۽ ﻫﻦ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﺣﻤﺪ اﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺳﻮﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ ۱۹۷۹ واري اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺑﺎﻧﻲ آﻳﺖ ا� روح ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻧﺎﻟﻲ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻮ ﭠﻴﻜﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭔﺎﻫﺮ ﺟﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﮐﻲ ڏﻧﻮ ﻳﻮ ﭘﺮ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﭠﻬﺮاﺋﺠﻲ .ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﭠﻬﮡ ۾ ﻛﺎﻓﻲ رﻧﮉﻛﻮن درﭘﻴﺶ اﻳﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن .اٺ ﺳﺎل ﺗﻪ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﻛﺮي اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻢ ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ رﻛﺠﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﺎل ڏﻳﮉ ﮐﻦ اڳ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻮ ﻛﻢ Operationalﺣﺎﻟﺖ ۾ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ رن وي ﺗﻲ ﺟﻬﺎز ﻟﻬﮡ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻫﻦ ﺳﺎل ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ ﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ اڏام آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻫﺎڻ ﻟﻬﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻣﻠﻲ آﻫﻲ .ان ﺳﺎن اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻓﺎﺋﺪي ﺑﺪران ﻧﻘﺼﺎن ﺋﻲ ﭤﻴﻨﺪو ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﺑﻌﺪ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮣﻮ ﭤﻮ ﭘﻮي ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﭜﺮي وري ﭘﺮاﮢﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻣﻬﺮآﺑﺎد وﭸﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو.
اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﺘﻲ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﺷﺮاب Serveﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﺣﻼل ﮐﺎڌو ﻣﻠﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ﺟﻮن ﺳﭛ اڏاﻣﻮن Non smokingآﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﺳﭝﻨﻲ اڏاﻣﻦ ﺗﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﮡ ﻻ ﺟﺎ ﮀﮇﻳﻞ آﻫﻲ. ﻫﻤﺎ ﻛﻼس ﻫﺘﻲ ﺟﻮ Executive Classآﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭨﻨﮕﻮن ڊﮔﻬﻴﻮن ﻛﺮڻ ﺟﻲ وڌﻳﻚ ﺟﺎ آﻫﻲ ۽ ﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﭘﮡ ﻛﺎﻓﻲ وراﺋﭩﻲ آﻫﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﭔﻦ ﭨﻦ ڊﺷﻦ ﻣﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺟﻮ ڊش ﭼﻮﻧﮉي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ.
ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ IKAﻻ آﺧﺮ ۾ اﻳﺘﺮو ﭼﻮﻧﺪس ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮن ﻫﻮاﺋﻲ اڏن ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ، اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ ﺟﺎ ﻣﻌﺎﻣﻼ ﺟﻬﭧ ﭘﭧ ﭤﻴﻮ وﭸﻦ ۽ ﻫﻚ ﭤﻜﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﭘﺮﻳﺸﺎن ۽ ﺑﻴﻤﺎر ﻧﭥﻮ ﭤﻴﮣﻮ ﭘﻮي .اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻮ اﺳﭩﺎف ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ﺧﻮش اﺧﻼﻗﻲ ﺳﺎن رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ۽ ﻣﺪد ﻛﺮي ﭤﻮ .ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ وﻫﮡ ﻻ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻛﺮﺳﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﺑﻪ وارو اﭼﮡ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﺗﻲ وﻳﭡﺎ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﻧﻪ ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺳﭝﻨﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏن ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ وارن ﻛﻤﺮن ۾ ﺑﻴﻬﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﺑﺲ رﮘﻮ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ڏور ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﺘﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙن ﭔﮅاﻳﻮ ان ﻻ ﻣﻴﭩﺮو )ﺷﻬﺮ ﮐﺎن اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻨﺪڙ رﻳﻞ( ﺟﻮ ﻛﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ آﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ وچ ﺳﺎن اﺋﻴﻦ ﮘﻨﮃﺟﻲ وﻳﻨﺪو ﺟﻴﺌﻦ ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ ﺟﻮ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو JFKﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن آﻫﻲ .ﻓﻲ اﻟﺤﺎل ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﭨﻴﻜﺴﻲ ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻚ ﻟﮏ رﻳﺎل ﻳﻌﻨﻲ ڏﻫﻪ ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎن وﭠﻲ ﭤﻲ .اﻫﺎ رﻗﻢ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺳﺖ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ )ﭔﺎرﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﻦ ڊاﻟﺮن( ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﺎ ﮔﻬﭧ ﺑﻪ وﭠﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﭨﻲ ﭴﮣﺎ ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﺮﻳﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﻮ ﭔﻦ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ۾ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻮ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻣﻴﭩﺮو ﭨﺌﻜﺴﻲ وارا اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﺻﺪر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭨﻲ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﺎ وﭠﻦ ﭤﺎ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ اﮘﺌﻴﻦ ﻛﻼس ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺰﻧﺲ ﻛﻼس ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﻫﻤﺎ“ Homaﻫﺠﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ ﭘﮡ ﻫﻤﺎ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ ﭘﮑﻲ ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻜﻞ ﮀﺎ ﺟﻲ آﻫﻲ؟ ﻫﻤﺎ دراﺻﻞ ﻫﻚ دﻳﻮ ﻣﺎﻻﺋﻲ ﭘﮑﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ Achaemenidﮐﺎن وﭠﻲ آﻫﻲ ۽ ﺗﺨﺖ ﺟﻤﺸﻴﺪ Persepolis ﺟﻲ ﻣﺤﻼت ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻲ ﭤﻨﭝﻦ ﻣﭥﺎن ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﻮڪ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻲ ﭘﮑﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن اﭼﻲ وﻫﻨﺪو ﻫﻮ ان ﮐﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﺧﻴﺎﻟﻲ ) (Mythologicalﭘﮑﻲ ﺟﻲ ﭘﺮﺷﻦ آرٽ ۾ وڏي اﻫﻤﻴﺖ آﻫﻲ .ان ﻛﺮي )ﺷﺎﻳﺪ( اﻳﺮان اﻳﺌﺮ وارن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺸﺎن ﻫﻤﺎ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ
آﻫﻲ .ﻫﻮن ﺑﻪ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻲ ”ﻫﻮا ﭘﻴﻤﺎﺋﻲ ﻣﻠﻲ اﻳﺮان“ ﺟﻮ ﺷﺎرٽ ﻓﺎرم )ﻣﺨﺨﻒ( ”ﻫﻤﺎ“ ﭤﻮ ﭠﻬﻲ.
آﺧﺮﻛﺎر اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﺎ ﺳﭛ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎ .ان وﻗﺖ ﻫﻚ ﺑﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻧﻪ ﺑﭽﻲ ﻫﺌﻲ. ﭘﺮي ﮐﺎن ﭔﻪ ﺑﺴﻴﻮن )ﻫﻚ ﻧﻨﮃي ﻫﻚ وڏي( ﺑﻴﭡﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ وڏي اﺳﺎن ﻻ ﻛﺎﻓﻲ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﮡ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﮀﺖ ﺗﻲ ﻳﺎ ﻫﻴﭟ اﻟﮗ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﭘﺎڻ ﺳﺎن رﮐﮣﻮ ﻫﻮ ان ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﻮﺋﺮ آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰ ﻛﺮڻ وارن ﮐﻲ ﭔﻪ ﺑﺴﻴﻮن ﭜﺎڙي ﺗﻲ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﭼﭩﻲ ﭘﺌﺠﻲ وﺋﻲ .ﭘﻮﺋﻴﻦ ۳۰ﺳﻴﭩﻦ واري ﺑﺲ ۾ ﻫﻦ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ اﻧﭽﺎرج ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ،آﺋﻮن ۽ ﻫﻚ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ زال ﻣﮍس ۽ ﭼﺎر ﭔﺎر ﻫﺌﺎ ،اﻫﻲ ﭠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎ .ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮐﺎﻧﺌﻦ وڌﻳﻚ وڏﻳﻮن ﻛﻨﮓ ﺳﺎﺋﻴﺰ ﺑﺌﮕﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻬﻨﻲ اڌ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻻ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﭔﻪ ﻳﺎ ﭨﻲ ﺳﺎل ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ اﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﮀﮇﺑﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﺳﺎﺋﻴﺰ ﺟﻮن ﺑﺌﮕﻮن ﮐﮣﺒﻴﻮن آﻫﻦ .ﻫﺮ ﻫﻚ ﺗﻌﺠﺐ ۾ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻫﻴﮇﻳﻮن وڏﻳﻮن ﺑﺌﮕﻮن ﮀﻮ ﮐﻨﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﮐﮣﮡ وﻗﺖ ﮐﻴﻦ ﺋﻲ ﺳﻮرن ۾ ﭤﻴﻮن وﺟﻬﻦ .ﺑﻌﺪ ۾ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ اﻧﻬﻦ ۾ ﺻﺒﺢ ﺷﺎم ﺑﺪﻻﺋﮡ ﻻ وﮘﺎ ۽ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن ﮐﻨﻴﻮن آﻫﻦ .ﺳﭽﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ ﻧﻜﺮڻ وﻗﺖ ﺳﮑﻴﻮ ﻣﺴﺎﻓﺮ اﻫﻮ ﭤﻮ رﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﭤﻮ ﮐﮣﻲ .ﺧﺎص ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﺟﺘﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﺗﻪ ﭔﻪ وﮘﺎ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﭼﺎدر ۾ ڍﻛﺠﻲ ﻫﻠﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ۽ ﻛﻴﺮ ﭤﻮ ڏﺳﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻮ وﮘﻮ ﻛﻬﮍو ﻛﭙﮍي ﻳﺎ ﺳﻼﺋﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ ،اﺳﺘﺮي ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ﻳﺎ اڻ اﺳﺘﺮي آﻫﻲ .ﻣﺮدن ﮐﻲ ﺑﻪ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﭔﻦ ﺑﺪران ﮐﮣﻲ ﭨﻲ وﮘﺎ ﮐﮣﻦ ۽ ﺷﻠﻮار ﻗﻤﻴﺺ ﺑﺪران ﻫﻮ ﭨﺮاﺋﻮزر )ﭘﺠﺎﻣﻲ ﺟﻬﮍي ڍري ﭘﺘﻠﻮن ﻳﺎ ﻛﺎرﮔﻮ ﭘﻴﻨﭧ( ۾ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﭥﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ آﻫﻲ ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﮐﻴﺴﻦ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﻔﺮي ﻛﺎﻏﺬات ،ﭘﺌﺴﺎ ۽ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ وڌﻳﻚ ﺳﻬﻮﻟﺖ ﺳﺎن رﮐﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ﻫﺘﻲ ﺟﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻫﮍﻳﻦ ﭨﺮاﺋﻮزرن ۾ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .ﻛﻮ ﻫﺰارن ۾ ﻫﻚ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺷﻠﻮار ﻗﻤﻴﺾ ۾ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪو ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮﻧﺪي ﺗﻪ ﻫﻮ ﺧﻴﺮﭘﻮر ،ﻣﻠﺘﺎن ﻳﺎ ﺳﺒﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﺑﻬﺘﺮ ﻣﻠﻚ ﭤﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪو .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺑﻪ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺳﭡﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ واﻧﮕﺮ ﻏﻴﺮ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﮐﺎڌي ﺟﻮ ﺧﻮف ﺑﻪ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺣﻼل ﮐﺎڌو ﻋﺎم ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﺗﻲ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ وڌﻧﺪي وﭸﻲ .اﻳﺮان ۾ ﭤﻮرا ڊش آﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﭡﺎ ۽ ﺳﺴﺘﺎ آﻫﻦ .زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﺎ رﮐﺎ ﭼﺎﻧﻮر ﺑﻪ ﭜﻼ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ ﺳﻮ اﻫﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮان ﭔﻮڙن ﺟﺎ ﭘﺌﻚ دﭔﺎ ﮐﮣﻲ ﻧﻜﺮڻ ﺑﻴﻮﻗﻮﻓﻲ آﻫﻲ.
اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻲ ڊراﺋﻴﻮرن ﮐﻲ ﻫﺎڻ ﺟﻠﺪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻫﻠﮡ ﻻ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اﻧﺴﭩﺮﻛﺸﻦ ڏﻧﺎ .ﻫﺎڻ وﻗﺖ ﺳﻮڙﻫﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﭘﺌﻲ وﻳﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮡ ﻻ ﭔﻲ ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﺎن ﭘﻜﮍﮢﻲ ﻫﺌﻲ .اﮘﻴﺎن وڏي ﺑﺲ ﭤﻲ ،ﭘﻮﻳﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي .رﺳﺘﺎ وﻳﻜﺮا ،ﺳﮅا ۽ روﺷﻦ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺑﺴﻴﻮن ﭴﮡ ﺗﺮﻧﺪﻳﻮن ﭘﺌﻲ وﻳﻮن .اﭸﺎن ﻛﻲ ڏﻫﻪ ﭘﻨﺪرﻫﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﻣﺲ ﺳﻔﺮ ﻛﻴﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺟﻲ ﭔﺎرن )ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮡ ﻣﺎﺷﺎ ا� ﺟﻮان آﻫﻦ( ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪن ﻣﺎ ﭘﻲ ﻫﺎ ﮔﻬﻮڙا ﻣﭽﺎﺋﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﺌﻴﭩﺮن ۽ ﺟﺌﻜﭩﻦ ﺟﻮ ﭤﻴﻠﻬﻮ ﺗﻪ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﺋﻲ رﻫﺠﻲ وﻳﻮ .ﻫﻮ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺗﻲ ڏوﻫﻪ ﻣﮍﻫﮡ ﻟﮙﺎ ﺗﻪ ﺑﺲ ۾ ﮀﻮ ﻧﻪ رﮐﺌﻲ” .ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﻛﻴﮇي ﭤﮅ آﻫﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﮀﺎ ﭤﻴﻨﺪو “.ﻫﻮ ﭼﻮڻ ﻟﮙﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﺑﺲ ﻣﻮﭨﺎﺋﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ اﻫﺎ ﮔﺮم ﻛﭙﮍن ﺟﻲ ﭤﻴﻠﻬﻲ ﮐﮣﻲ ﺳﮕﻬﻦ .ﻫﺎ، اﻫﻮ ﻟﮑﮡ وﺳﺮي وﻳﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﮐﺎن ﻋﻼوه ،اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﺲ ۾ ،اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﺑﻪ ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ اﻛﻴﻠﻲ ﻧﻜﺘﻲ ﻫﺌﻲ .اﻫﺎ ﻫﻦ وﻗﺖ ﭘﺎڻ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ۾ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﺑﺌﮓ اﮘﻴﺎن وﻳﻨﺪڙ وڏي ﺑﺲ ۾ ﻫﺌﻲ .ﺳﻮ ﺑﺲ ﺟﻲ واﭘﺲ ﻫﻠﮡ ﺟﻮ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﻫﻦ داﻧﻬﻮن ﻛﻴﻮن ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﺑﺌﮓ ﺟﻮ ﮀﺎ ﭤﻴﻨﺪو ﺟﻮ اﮘﻴﺎن وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﺳﺎﻣﺎن ﻻﻫﻲ ﻫﻠﻲ وﻳﻨﺪي ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﺌﮓ ﺟﻲ ﻛﻴﺮ ﺳﻨﭝﺎل ﻛﻨﺪو .آﺋﻮن ﺳﻮﭼﮡ ﻟﮙﺲ ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﮀﺎ ﭤﻴﻨﺪو .ﮔﺮوپ ﮐﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﮡ وارو ﺑﻪ ﻋﺠﻴﺐ ﺳﻮرن ۾ ﭘﺌﺠﻴﻮ وﭸﻲ .ﭘﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ،اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ڏاڍي ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ان ﺧﺎﺗﻮن ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻮ ﭘﺎڻ ﺧﻴﺎل ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ ﺟﻮ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﺎن ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻲ ﻧﻈﺮداري ﻛﺮﻳﺎن .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻢ ﺑﺲ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮڻ ۽ ان ﮐﻲ ﭜﺎڙو ڏﻳﮡ آﻫﻲ “.۽ ﺟﻦ ﺟﺎ ﮔﺮم ﻛﭙﮍا اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﭔﺎﻫﺮان رﻫﺠﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﻫﻦ وﻗﺖ واﭘﺲ ﻣﻮﭨﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮن ﺟﻮ ﻫﻦ ﻫﺎ وي ﺗﻲ ﻛﭥﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ U-Turnﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ واﭘﺲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ڏي وﻳﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﺳﮕﻬﻮن ۽ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻫﺎڻ اﻧﻬﻦ ﺳﺌﻴﭩﺮن ﭘﭡﻴﺎن ﺟﻲ وﻳﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭨﻴﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﺪ واري اڏام ﻧﻜﺮي وﻳﻨﺪي .ان ﻛﺮي ﺑﻬﺘﺮ اﻫﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﻣﺎن ﻫﻠﻲ ﻧﻮان ﺳﺌﻴﭩﺮ وﭠﺠﻮ .اﻳﺮان ﺟﻬﮍا ﺳﭡﺎ ۽ ﺳﺴﺘﺎ ﺳﺌﻴﭩﺮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪا.
ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ۳۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺟﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻲ ﻛﻼڪ ۾ ﻃﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ ﭘﺮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻻرﻳﻨﺲ روڊ ۽ ﮔﺎرڊن ﺟﻬﮍي ﻋﻼﺋﻘﻲ ﻣﺎن ﮔﺬري ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ اڌ ﻛﻼڪ ﻟﮙﻲ وﻳﻮ. اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ،ﺑﺲ ﻣﺎن ﺳﺎﻣﺎن ﻻﭤﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻦ ﺟﺎ ﺳﺌﻴﭩﺮ رﻫﺠﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺋﻲ وڏﻳﻦ ﺑﺌﮕﻦ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﺳﺌﻴﭩﺮن وارو ﺷﺎﭘﺮ ﺑﻪ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻨﻦ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺷﺎﻳﺪ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ رﻫﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺳﭝﻨﻲ ﺷﻜﺮ ﻛﻴﻮ. ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺳﺌﻴﭩﺮ ۽ ﺟﺌﻜﻴﭩﻮن ﻣﻠﻲ وﻳﻮن ﭘﺮ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﺗﻪ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪي ﻛﺌﻲ ۽ ﺑﺲ ﮐﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ڏي ﻧﻪ ﻣﻮﭨﺎﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ واري اڏام ُﮀﭩﻲ وﭸﻲ ﻫﺎ.
ﻫﻴﭻ اﺣﺴﺎس ﻧﺪارم ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .رات ﺟﻮ وﻗﺖ ﻫﻮ .ﻫﺎ وي ﻣﭥﺎن ﺑﻠﺒﻦ ﺟﻮ ﺟﻬﺎﻟﺮون ﻫﻴﻮن ۽ ﮔﺎڏي ﮐﻲ Beamﺗﻲ ﺑﺘﻴﻮن رﮐﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﻳﻨﺪڙن ﺟﻮن اﮐﻴﻮن ﻛﮃڻ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻧﭥﻲ ﭘﺌﻲ .ﺷﻬﺮ اﭸﺎن ﭘﺮي ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﺴﺎن ﭔﻬﺮاڙي ۾ اﻧﻴﻚ ﺑﺘﻴﻦ ﺟﻲ روﺷﻨﻲ ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻧﻈﺮ آﻳﻮ.
”ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻨﺎزي ﻧﻤﺎز ﺗﻲ آﺋﻮن ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭜﺎﺋﺮ ﺳﻠﻤﺎن ۽ ﻋﻤﺮان ﺑﻪ اﻳﺮان آﻳﺎ ﻫﺌﺎ “،اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ” ،دراﺻﻞ وﭸﮣﻮ وڏي ﭜﺎ ﮐﻲ ﻫﻮ .اﺳﺎن ﮐﻴﺲ ﻛﺮاﭼﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮀﮇڻ آﻳﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .اﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻬﺎز ﭘﻴﻮ وﭸﻲ ۽ وﻳﺰا ﺟﻲ ﺑﻪ ﺿﺮورت ﻧﻪ آﻫﻲ .ﺳﻮ اﺳﺎن ﺑﻨﺎ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ۽ وﻳﺰا ﭼﮍﻫﻲ ﭘﻴﺎﺳﻴﻦ ۽ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﻏﻼم اﺳﺤﺎق ﺻﺎﺣﺐ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻳﺎﺳﻴﻦ“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ دﻓﻨﺎﺋﮡ وﻗﺖ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ ۽ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ اﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ. اﻳﺮان وارن ڏاڍو appreciateﻛﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭔﺌﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻫﻴﮉ ﻧﻪ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﭨﻲ دﻓﻌﺎ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .آﺧﺮي دﻓﻌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﮇو ﺑﻴﻤﺎر ۽ ﻛﻤﺰور ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ آﮜﺮﻳﻦ ﺟﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻨﺪو ﻫﻮ .آﺧﺮي ﻳﺎرﻫﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﭙﺘﺎل ۾ رﻫﻴﻮ .ﺳﻨﺪس Internal Bleedingﮐﻲ روﻛﮡ ﻻ آﭘﺮﻳﺸﻦ ﭤﻲ ﺟﺘﻲ ﭘﻮ دل ﺟﻲ دوري ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻮت ﭤﻴﻮ .اﻫﻮ ﺟﻮن ﺟﻮ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﺎل .۱۹۸۹ان وﻗﺖ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۸۶ﺳﺎل ﻫﺌﻲ.
اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ آﺋﻮن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﻫﻮس ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﭨﻲ وي ﺗﻲ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺟﻮن ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﮔﺮم ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﺮن ﮐﺎن ﻧﻜﺮي ﺳﻤﻨﮉ واﻧﮕﺮ اﭤﻠﻲ ﭘﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﮐﻴﻦ ﻧﻪ اڃ ۽ ﺑﮏ ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﻪ ﮔﺮﻣﻲ ﺟﻲ .ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ رش ۾ ﭼﻴﭝﺎﭨﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﺮي وﻳﺎ .ﮔﺮﻣﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ ﻛﺮڻ ﻻ ﺳﺮﻛﺎري ﻓﺎﺋﺮﺑﺮﻳﮕﻴﮉ ﺟﻮ ﮔﺎڏﻳﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﭥﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﻫﺎرﻳﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺟﻨﺎزي ﺗﻲ آﻳﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﭨﻴﻬﻪ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻫﻮ .ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ ﭤﻲ ﻧﻈﺮ وﻳﺌﻲ اوڏاﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ .ﻣﺮد ﻛﺎرن ﻛﭙﮍن ۾ ﻋﻮرﺗﻮن ﭼﺎدرن ۾ ،رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻜﺮي ﭘﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ڏﻫﻪ ﺳﺎل اڳ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب آﻧﺪو ﻫﻮ .ان وﻗﺖ ﺷﺎه )ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي( ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ان وﻗﺖ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻫﻦ ﻣﻴﺪان ﺗﻲ ﺟﺘﻲ ﮐﻴﺲ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ .اﻫﺎ ﻓﻴﺒﺮوري ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺳﺎل ۱۹۷۹ﻫﻮ .ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻏﻮر ﺳﺎن ڏﺳﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .اﺳﺎن ﺳﻨﺪس اﻫﺎ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﺟﭙﺎﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﺟﻲ ﺷﭗ ﻳﺎرڊ I.H.I۾ ﭔﮅي ﻫﺌﻲ“ ......ا� ﻧﻪ ﻛﺮي ﭘﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﭸﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﻫﻠﻲ ﻫﺎ “،ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺧﻄﺎب ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ”،ﺗﻪ اڄ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﻤﻮرو ﺗﻴﻞ ڌارﻳﻦ ﮐﻲ ڏﻳﺌﻲ ﮀﮇي ﻫﺎ .اﺳﺎن ڌارﻳﻦ ﺟﺎ ﻏﻼم ﭤﻲ رﻫﻮن ﻫﺎ. اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ اﺳﺎن داﻧﻬﻮن ﭤﺎ ﻛﺮﻳﻮن .اﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻮن ﮔﻬﭩﻴﻮن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﺟﻲ ﺧﻮن ﺳﺎن ﮘﺎڙﻫﻴﻮن ﭤﻲ وﻳﻮن “.......ﺗﻘﺮﻳﺮ ﭔﮅﻧﺪڙ ﻧﻌﺮا ﻫﮣﺪا رﻫﻴﺎ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ وڏو ﺷﻴﻄﺎن آﻫﻲ ....آﻣﺮﻳﻜﺎ! ﺷﻞ ﻣﻮت اﭼﻨﺌﻲ ..... اﺳﺎن ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ۽ ﻧﻌﺮن ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ” .آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ان ﺟﺎ ﮀﺎڙﺗﺎ ﻋﺮب ﻟﻴﮉر دﻫﺸﺘﮕﺮد ۽ ﻗﺰاق آﻫﻦ“ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﺻﻴﺖ ۾ ان ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻳﮉﻳﻮ ﺗﻬﺮان ﺗﺎن ﭔﮅاﺋﻲ وﺋﻲ ۽ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺳﻲ ۽ CNNﺟﻬﮍي ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻠﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻲ ﺳﺎن دﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ” .ﺷﻞ ا� اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻏﺎرت ﻛﺮي“. ﭨﻮﻛﻴﻮ ۾ رﻫﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻨﺰا ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﻲ ﻣﺼﺎﻟﺤﻦ ۽ ﺣﻼل ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﻫﮣﻨﺪا ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﭨﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﺑﻨﺪ ﻛﺮي ﮀﮇي ” ،اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭘﻲ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ “.ﻫﻨﻦ ﭼﻴﻮ ” ،ﻫﻦ ﺟﻲ وﭸﮡ ﺳﺎن اﺳﺎن ﻳﺘﻴﻢ ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻴﻮن“.
ﻣﺸﻬﺪ ،ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﺗﻬﺮان اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﻟﻬﻲ ﭘﻴﺲ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ اﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ۾ وڏو
ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ”ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮه“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .اﻫﻮ ﻣﻴﭩﺮو رﻳﻞ رﺳﺘﻲ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻞ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ ”اﻳﺮان-ﻋﺮاق“ ﺟﻨﮓ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻴﻞ ﭔﻦ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺷﻬﻴﺪن ﺟﻮن ﻗﺒﺮون آﻫﻦ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﭘﻨﺞ ﻫﺰار اﻳﻜﮍن ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻣﺎل ۽ ﻣﺪرﺳﻮ ﭠﻬﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺑﻪ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﻬﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ۱۹۸۹ﮐﺎن ﻛﻢ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ آﻫﻲ .اﻧﺪر ﻣﺴﺠﺪ ﺑﻪ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﻮن ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ .اﭨﻜﻞ ﭔﻪ ﺳﻮ ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻴﻨﺪا ﺟﻴﻜﻲ ان وﻗﺖ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ آﻳﻞ ﻫﺌﺎ .ﻧﻤﺎز ﻣﻬﻞ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻫﭣ ﭔﮅي ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﻧﻪ رﮘﻮ ﺷﻴﻌﺎ ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ُﺳﻨﻲ ﭘﮡ اﭼﻦ ﭤﺎ .اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻋﻤﺎﻣﻪ )ﭘﭩﻜﻲ( ۾ ﻫﻚ ﺳﻴﺎﻟﻜﻮٽ ﺟﻲ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﭘﺮوﺟﻴﻜﭧ ﺗﻲ ﺳﺮﻛﺎر ﻫﻚ رﻳﺎل ﺑﻪ ﺧﺮچ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺳﻮ ﺳﭛ ﻋﻮام ﺟﻲ ڏﻧﻞ ﭘﺌﺴﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ .ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ زﻳﺎرت ﻻ آﻳﻞ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﻟﻴﮉر ﺟﻲ ﻫﻦ درﮔﺎﻫﻪ ﻻ ﺳﻨﺪس ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﭜﺘﻴﻦ ۾ ﭠﻬﻴﻞ ﺳﻴﺮن ﻣﺎن ﻧﻮٽ وﺟﻬﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﭼﻮڌاري ﻧﻮﭨﻦ ﺟﺎ ڍﻳﺮ ﻫﺌﺎ.
ﺳﻴﺎﻟﻜﻮٽ ﺟﻲ ﻣﻮﻟﻮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﺳﺎل ۲۱ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ،ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻲ ﭘﺌﺴﺎ ﻛﮃي ﮘﮣﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .آﻳﺖ ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ )ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﺪ روح ا�( ﺳﺎل ۱۹۰۲۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﻣﺮﻛﺰي ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﺧﻮﻣﻴﻦ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۸۸ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺟﻮن ۱۹۸۹ﺗﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﻫﺘﻲ ﺳﻨﺪس زﻧﺪﮔﻲ ۽ اﻧﻘﻼب ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ وﻗﺖ ان ﺟﻮ ذﻛﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭔﮅڻ ۾ اﻳﻨﺪو ۽ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺑﻨﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ ﻧﻜﺮڻ ﻳﺎ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻮ ﭘﮍﻫﮡ اﺟﺎﻳﻮ ﻟﮙﻨﺪو. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ،ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻟﻴﮉر ،ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭵﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ڏﮐﻴﻮ رﮐﻲ اﻧﺴﺎﻧﺬات ﺟﻲ ﭜﻼﺋﻲ ۽ ﺳﮏ ﻻ ﭘﺎڻ ﭘﺘﻮڙﻳﻮ ،ﭘﺎڻ وڏو ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﻣﻜﺮر ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﭽﻲ دل ﺳﺎن ﻋﺰت ۽ ﭘﻴﺎر ﭤﻲ ﻛﻴﻮ .ﻫﻦ اﻧﺴﺎن ،ﺟﻴﻜﻮ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ﻣﺎﻟﻲ ﻃﻮر ﻛﻤﺰور ۽ ﻏﺮﻳﺐ ﻫﻮ ،ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ،ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻐﺮب ﭘﺮﺳﺖ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ڊاﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﮡ ﺟﻮ اﻧﻘﻼب آﻧﺪو.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ۲۴ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۲۰) ۱۹۰۲ﺟﻤﺎدي اﻟﺜﺎﻧﻲ ۱۳۲۰ﻫﺠﺮي( ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﻫﻮ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﺧﻤﻴﻦ ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ڏﮐﮡ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺮﻛﺰي ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ۳۰۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ) ۱۸۰ﻣﻴﻞ( ﭘﺮي آﻫﻲ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ واﻟﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻳﺖ ا� ﺳﻴﺪ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻮﺳﻮي ۽ واﻟﺪه ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﺎﺟﻲ آﻏﺎ ﺧﺎﻧﻢ ﻫﻮ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺳﻴﺪ ﺧﺎﻧﺪان ﺳﻮ ﻫﻮ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻮ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ زﻫﺮا ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن ،ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ) (۷۹۹-۷۴۵ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﻫﻮ.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ڏاڏي ”ﺳﻴﺪ اﺣﻤﺪ ﻣﻮﺳﻮي ﻫﻨﺪي“ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺳﺎن ﻫﻮ )ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ اﻣﺎم زادي ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا آﻫﻦ( .ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﺪي ان ﻛﺮي ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ اﮘﻮاڻ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻧﻲ .اﺗﺎن ﻣﻮﭨﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺧﻮﻣﻴﻦ ۾ اﭼﻲ ﻣﺼﻄﻔﻲ )اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ واﻟﺪ( ﮐﻲ ۱۸۵۶۾ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ .ﻫﻲ اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ Settleﭤﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس ﭨﻲ زال ﺳﻜﻴﻨﺎ ٰ ﺟﮇﻫﻦ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺧﻼف ﻫﻨﮕﺎﻣﺎ ﭤﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ۱۸۵۷ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﻠﻮو ﭤﻴﻮ.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻧﻮ ﻣﺮزا اﺣﻤﺪ ﻣﺠﺘﻬﺪ ﺧﻨﺴﺎري ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻮ ﮐﻮﻟﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ڏﻧﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻧﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ .ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ ﺷﺎه ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﻜﻢ ﻧﺎﻣﻮن ﻛﺌﻨﺴﻞ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻴﻮ ۽ ان واﻗﻌﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ وڏو اﺛﺮ آﻫﻲ.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ اﻫﺎ ﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ اﻟﺰﻫﺮه ﺟﻲ آﻫﻲ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ روح ا� ﻣﻮﺳﻮي آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭔﻪ ﻟﻘﺐ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .آﻳﺖ ا� ۽ اﻣﺎم .آﻳﺖ ا� ﻣﺬﻫﺒﻲ اﮘﻮاڻ ﺟﻮ ﻟﻘﺐ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ اﻫﻮ ﻟﻘﺐ ﺳﭛ ۾ وڏو ﻧﻪ آﻫﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ اﻫﻮ ﻟﻘﺐ اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب آﮢﮡ وﻗﺖ ڏﻧﻮ وﻳﻮ ان ﺑﻌﺪ ﺟﻠﺪ ﺋﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼم
ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻮﺳﻮي ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ آﻳﺖ ا� ﻫﻮ )ﻧﺠﻒ ﻋﺮاق ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻟﻘﺐ اﻣﺎم ڏﻧﻮ وﻳﻮ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ واﻟﺪ ﺳﻴﺪ ٰ ﻣﺎن دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺧﻤﻴﻦ ۽ ﭜﺮ وارن ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻮ ﻟﻴﮉر ﭤﻴﻮ (.اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﻲ ﭼﺎر ﻣﻬﻴﻨﺎ ﺑﻪ ﻛﻲ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ڌاڙﻳﻠﻦ ارڪ ڏي وﻳﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ان وﻗﺖ ﻫﻮ ﻣﺲ ﮔﺬرﻳﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪ آﻳﺖ ا� ٰ ۴۷ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﺎ ۽ ﻣﺎﺳﻲ ﻧﭙﺎﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﭘﻨﺪرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪه ۽ ﻣﺎﺳﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺳﺎل ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﮔﺬاري وﻳﻮن .اﻫﮍﻳﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﺮﺗﻀﻲ ﭘﺴﻨﺪﻳﺪه“ وٽ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺷﻮق ﺟﺎري رﮐﻴﻮ .ﻫﻦ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وڏي ﭜﺎ ” آﻳﺖ ا� ﺳﻴﺪ ٰ ارڪ ﺟﻲ ﻫﻚ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ اﺳﻼﻣﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۽ ﻋﺮﺑﻲ ادب ﭘﮍﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ اﭼﻲ ۱۹۲۷ اﻋﻠﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺌﻲ ۽ ﻓﻘﻪ ،ﻓﻠﺴﻔﻲ ،ﻋﺮﻓﺎن ۽ اﺧﻼﻗﻴﺎت ﺟﻬﮍن ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ۾ Specializationﻛﺌﻲ. ڌاري ٰ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ )ﭘﻬﻠﻮي ﺧﺎﻧﺪان( ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن ﻣﻐﺮﺑﻲ ۽ ﻏﻴﺮ اﺳﻼﻣﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻮن ﭘﺴﻨﺪ ﻧﻪ ﻫﻴﻮن ﺟﻨﻬﻦ ﺧﻼف ﻫﻮ آواز اﭤﺎرﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻟﮙﺎﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ. ان وﻗﺖ ﺟﻲ وڏي ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ آﻳﺖ ا� ﺑﻮروﺟﺮدي ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻟﻴﮉر ﻳﻌﻨﻲ آﻳﺖ ا� ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺧﻼف ﺟﻬﺎد زور وﭠﮡ ﻟﮙﻮ .ﻫﻲ ۱۹۶۱ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ .اﻫﺎ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۱۹۶۳ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﺮوج ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﺋﻲ .ان ﺳﺎل ۳ﺟﻮن ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﻣﻐﺮب ﺗﻲ ﭜﺎڙڻ ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﻧﺪﻳﻮ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﮐﻲ Supportﭤﻲ ﻛﻴﻮ اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﮐﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻ ﺑﻪ اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﻣﻮﻛﻠﮡ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻨﺪو ﻫﻮ .ﺧﻤﻴﻨﻲ ان ﺟﻲ ﺧﻼف آواز ﺑﻠﻨﺪ ﻛﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﺗﻘﺮﻳﺮ ۾ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻫﻢ ﻛﺮدار ادا ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ “.اﻫﻮ ﭔﮅي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ ”اﻳﺮان“ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺎﺑﻲ ڏاڏي ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ ،اﻫﻮ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﺑﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ﻫﻲ اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ۾ ﻛﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﻳﺎ ﻛﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻲ ﺧﻼف ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ ﻏﺎﺋﺐ ﭤﻲ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ .ان ﻛﻢ ﻻ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﺟﺎﺳﻮﺳﻲ ادارو SAVAKﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻇﻠﻤﻦ ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻦ ڏﺳﮡ ﻻ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻜﻨﺪا رﻫﻦ ﻫﺎ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﻮﺷﻴﻠﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﭔﮅڻ ﺑﻌﺪ ﻗﻢ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻧﻜﺮي آﻳﺎ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﮑﮍي ﺗﻪ ﺳﭝﻨﻲ وڏن ﺷﻬﺮن وﻳﻨﺪي ﺗﻬﺮان ۾ ،ﻋﻮام ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺧﻼف ۽ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺣﻖ ۾ ﻣﻈﺎﻫﺮا ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ .ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ آرڊر ﺗﻲ ﻓﻮج ﭨﺌﻨﻜﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻫﻦ وڌﻧﺪڙ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﮐﻲ ﺧﺘﻢ ﻛﺮڻ ﻻ ﻛﺌﻴﻦ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻗﺘﻞ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ ﭘﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﺬﺑﻮ ﻣﺎﭠﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ .وﻳﺘﺮ ﻟﻴﮉرن ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ دﭔﺎ اﻳﺘﺮو ﺗﻪ وڌي وﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻏﻴﺮ ﻣﻮﺟﻮدﮔﻲ ۾ ﻣﺎٺ ﭤﻲ وﻳﻨﺪي .اﻫﻮ ﺳﺎل ۱۹۶۴ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۴ﻧﻮﻣﺒﺮ ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﻃﻦ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺮﻛﻲ Deportﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ ازﻣﻴﺮ ۽ ﺑﺮﺳﺎ ۾ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ آﻛﭩﻮﺑﺮ ۱۹۶۵۾ ﻋﺮاق ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﺳﺎل ﻧﺠﻒ ۾ رﻫﻴﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﺗﻘﺮﻳﺮون ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺎﻧﻦ وارن ﻛﺌﺴﭩﻦ ﺗﻲ ﭨﻴﭗ ﻛﺮي اﻳﺮان ﻣﻮﻛﻠﻴﻮن وﻳﻮن ﭤﻲ ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﺎن ﻣﺎﮢﻬﻦ وڌﻳﻚ ﻛﺌﺴﭧ ﭨﻴﭗ ﻛﺮي ﻋﻮام ۾ ورﻫﺎﻳﺎ ﭤﻲ .آﺧﺮ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺣﻜﻮﻣﺖ اﻫﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ وﭸﻲ.ان وﻗﺖ ﻋﺮاق ﺟﻮ ﻧﺎﺋﺐ ﺻﺪر ﺻﺎدام ﺣﺴﻴﻦ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ زوري ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ وﻳﺰا ﺗﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ Neauphle-le-chateau۾ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ .ﭘﭡﻴﺎن اﻳﺮان ۾ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺧﻼف ﻣﻈﺎﻫﺮا وڌﻧﺪا وﻳﺎ .ﺟﮇﻫﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺑﭽﮡ ﺟﻮ ﻛﻮ آﺳﺮو ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ۱۶ﺟﻨﻮري ۱۹۷۹ﺗﻲ اﻳﺮان ﮀﮇي ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ .ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ ﺳﺮ ﺑﭽﺎﺋﮡ ﻻ ﻣﻠﻚ ﮀﮇڻ ﻛﺎ ﻧﺌﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﻴﺲ ۾ اﻧﺴﺎن ﻻ وڏو ﺳﺒﻖ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﻫﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ﻫﻦ ﭘﺎڻ ﮐﻲ وڏو ﻃﺎﻗﺘﻮر ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ۽ ﻋﻮام ﮐﻲ ﻣﮑﻴﻮن ﻣﺎﻛﻮڙﻳﻮن ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ .ﻫﻦ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ .ﮐﻴﺲ ﭘﭧ ﺟﻮ اوﻻد ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﭘﭧ ﺧﺎﻃﺮ ﭔﻲ ﺷﺎدي ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭼﻲ ﻫﻴﮇا ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺘﻮن ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺗﺮﻛﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ،ﺑﺤﺮاﺣﻤﺮ ﮐﺎن ﻛﺌﺴﭙﻴﺌﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان ﺳﻨﺪس آﻫﻲ ان ﺟﻮ ﻛﻮ واﻟﻲ وارث ﻧﻪ ﭤﺌﻲ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﭔﻲ زال ﻣﺎن ﭘﭧ ﺑﻪ ﭤﻴﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﻣﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﮐﻴﻦ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻣﺤﻞ ﻣﺎڙﻳﻮن ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻠﻚ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ .ﻧﻪ رﮘﻮ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻛﻮ ﻣﻠﻚ ﮐﻴﻦ رﻫﺎﺋﮡ ﻻ ﺗﻴﺎر ﻧﻪ ﻫﻮ .آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﻏﻼﻣﻲ ﻛﺌﻲ ان ﺑﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﮀﻮت ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﺑﻨﺎ ﺳﮇ ﺟﻲ
آﻣﺮﻳﻜﺎ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺑﻪ ﭼﻴﺲ ﺗﻪ ﭔﻴﻠﻲ ﺟﻠﺪي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﭨﻴﺴﭧ ﻛﺮاﺋﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺟﺎن ﮀﮇ .ﻫﻴﮇي وڏي ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻫﻴﮇو وڏو ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ،ﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ،آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻛﺌﻨﺴﺮ ﺟﻲ ﻣﺮض ۾ ﺗﮍﭘﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﺟﻲ ڏاڏي ﭠﮙﻲ ﻛﺮي ﻫﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﺋﻲ .ﻫﻮ ﮀﺎ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ رﻫﻨﺪو ﻧﺎن ا� ﺟﻮ .ﭘﻬﻠﻮي ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﻫﻠﻲ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﺌﻴﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇڻ ﺑﻌﺪ ﭘﻮرن ﭔﻦ ﻫﻔﺘﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻴﺒﺮوري ۱۹۷۹ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ۱۵ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺟﻼوﻃﻨﻲ ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ آﻳﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮوع ۾ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﻫﺎ واﭘﺴﻲ اﺳﺎن ﺟﭙﺎن ۾ ﭨﻲ وي ﺗﻲ ڏﭠﻲ ABC .ﭨﻲ وي ﺟﻮ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪو ﭘﻴﭩﺮ ﺟﻴﻨﻨﮕﺲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ واﻗﻌﻲ ﺟﻲ رﭘﻮﭨﻨﮓ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺗﻨﻬﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ؛ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺟﻮاب ۾ ڏﻧﻮ؛
”?“What do you feel in returning Iran
” ﻫﻴﭻ اﺣﺴﺎس ﻧﺪارم “.ﻳﻌﻨﻲ آﺋﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻣﺤﺴﻮس ﻧﭥﻮ ﻛﺮﻳﺎن .ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺟﻮاب ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮا ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﺎ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﺨﺎﻟﻒ ،ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻛﭡﻮر دل ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺛﺎﺑﺘﻲ ﭤﺎ ڏﻳﻦ.
ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ واﭘﺲ اﭼﮡ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﭽﻲ دل ﺳﺎن ﻫﻦ ﺟﻮ آڌر ﭜﺎ ﻛﻴﻮ .ﻣﻐﺮﺑﻲ اﺧﺒﺎري ﻧﻤﺎﺋﻨﺪه ﻣﻮﺟﺐ ﺗﻬﺮان ۾ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﻟﮏ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺗﻲ اﭼﻲ اﻧﻬﻦ ﺷﻬﻴﺪن ﮐﻲ ﺧﺮاج ﺗﺤﺴﻴﻦ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ ﺟﻦ ﻫﻦ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ﺟﻮ ﻧﺬراﻧﻮ ڏﻧﻮ ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﻓﻮج ۽ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻫﭥﺎن ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﺎ .ﻋﻮام اﺳﻼﻣﻚ رﻳﭙﺒﻠﻚ ﻻ ووٽ ڏﻧﻮ ۽ اﻫﮍي ﻃﺮح دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﮔﻮﻟﻲ ﺗﻲ ۱۴۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﺳﻼﻣﻲ رﻳﺎﺳﺖ وﺟﻮد ۾ آﺋﻲ ۱۹۷۹ .ﮐﺎن ۱۹۸۹ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺗﻘﺮﻳﺮون ﻛﻴﻮن ،ﻟﻴﻜﭽﺮ ۽ واﻋﻆ ڏﻧﺎ ،ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﺎ ﺣﻞ ڏﻧﺎ ،اﺳﻼم ۽ اﺧﻼق ﺟﻮن ﭜﻼﻳﻮن ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن ﺧﺎرﺟﻲ ۽ اﻧﺪروﻧﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻮن اﺳﻼم ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎد ﺗﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﻛﻴﻮن. ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﺣﻴﺎت رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ۳ﺟﻮن ۱۹۸۹ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭘﺎڻ ﻫﻦ ﺟﻬﺎن ﻣﺎن ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭠﺎﻫﻲ وﻳﻮ .۽ ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ڌارﺋﻴﻦ ﭨﻮرﺳﭧ ﺟﻲ؛
”“The Islamic Republic of Iran like a beacon, Shines out across the globe and embraces the oppressed.
ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان اﭼﮡ وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ Iran Airﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي”اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ“ IKAﺗﻲ اﭼﻲ ﻻﭤﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﻣﻴﻞ ﭘﺮي آﻫﻲ.اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻋﻤﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻲ ﻓﻼﺋﻴﭧ ﭘﻬﺮﻳﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﭥﻲ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻻﭤﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ آﻫﻲ .اﻫﻮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﮣﻲ ﭘﺮاﮢﻮ ۽ ﻧﻨﮃو آﻫﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﺴﺎﻓﺮن ﻻ ﺗﻪ ﺳﭡﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ واﻧﮕﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺋﻲ آﻫﻲ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺻﻮرت ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﻛﺮي ﭨﻮﺋﺮزم وڌي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﺟﻴﻜﻲ آﻫﻦ اﻫﻲ ﺋﻲ ﮔﺬرﻳﻞ وﻳﻬﻪ ﻳﺎ ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺳﺎﮘﻴﻮن آﻫﻦ ﻧﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ،اﻧﮉﻳﺎ ،ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﻳﺎ ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر واﻧﮕﺮ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﮔﻬﭩﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﻫﺠﻦ ﻫﺎ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮔﻬﻤﮡ وارو ،اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﻬﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﻻ ﺻﺪر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ اﭼﻲ ﻫﺎ .اﺗﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ وٽ ﻳﺎ ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ ﻓﻴﺼﻞ ﺟﻲ ﻣﻨﻬﻦ وٽ ﺋﻲ رﻫﻲ ﭘﻮي ﻫﺎ .ﭘﺮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ وٽ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻚ ﻓﻮراﺳﭩﺎر ﻳﺎ ﭤﺮي اﺳﭩﺎر ﻣﮉي وي ﻫﻮﭨﻞ ﻫﺌﻲ ﺳﺎ ﺑﻪ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ وﻳﺌﻲ .ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺷﻬﺮ ۾ ﻛﮇﻫﻦ اوﭼﺘﻮ ﮔﻬﮣﻲ ﺑﺎرش ﭤﻲ ﭤﺌﻲ ﻳﺎ ﻫﻨﮕﺎﻣﺎ ﭤﺎ ﭤﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﭥﻮ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﺧﺎص ﻛﺮي ڌارﻳﻮن ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﻴﻜﻮ اﻫﮍﻳﻦ ﻫﻨﮕﺎﻣﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﮐﻲ ﻧﻈﺮ ۾ رﮐﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻳﺎ رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ رﻫﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﭘﺮاﮢﻮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﺋﻲ ﻫﻚ ﺣﺼﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺷﻬﺮ ﺟﺎ اﻫﻢ رﺳﺘﺎ ۽ ﭼﻮراﻫﺎ ﺳﭛ وﻳﺠﻬﺎ اﭤﺲ. آﻳﺖ ا� ﺳﻌﻴﺪي روڊ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻴﺪان ﻓﺘﺢ واري ﭼﻮراﻫﻲ ﮐﻲ ﻣﻴﺪان آزادي واري راﺋﻮﻧﮉ اﺑﺎﺋﻮٽ ﺳﺎن ﻣﻼﺋﻲ ﭤﻮ ۽ اﻫﻮ رﺳﺘﻮ ﻣﻴﺪان آزادي واري ﭼﻮراﻫﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح روڊ )ﺑﺰرﮔﺮاه ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح( ﭤﻴﻮ وﭸﻲ ﺟﺘﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣﺼﻦ ڏي وﻳﻨﺪڙ ﻣﻴﭩﺮو ﻟﻨﮕﻬﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﻴﺪان آزادي وٽ ﺑﺲ ﭨﺮﻣﻴﻨﻞ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﺑﺴﻮن ﻣﺸﻬﺪ ،ﻗﻢ، زﻧﺠﺎن ،ﻫﻤﺪان ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮ ن ڏاﻧﻬﻦ وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﭔﻦ اﻫﻢ رﺳﺘﻦ ۽ ﭼﻮراﻫﻦ ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭔﻴﺎ اﻫﻢ رﺳﺘﺎ؛ ﻛﻤﻴﻞ ،ﻣﺎﻟﻚ اﺷﺘﺮ ،ﻫﺎﺷﻤﻲ ،داﻣﭙﺰﺷﻜﻲ ،ﻃﻮس ،آزادي ،اﺳﺘﺎد ﻣﻌﻴﻦ ،ﺻﺎﻟﺤﻲ ،ﺟﻴﺤﻮن وﻏﻴﺮه اﭼﻴﻮ ﻣﻠﻦ ﺟﻦ ﺗﻲ ڌارﻳﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺟﻲ ﮐﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ن ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ.
ﻫﻦ وﻗﺖ اﺳﺎن اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﭥﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﺗﻲ ان ﻛﺮي ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮡ ﻻ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﺎن ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﮣﻮ ﻫﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﭤﻮرو اﺗﺮ ۾ ۽ ۵۰۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ اوﭜﺮ ۾ ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺑﺎرڊرن وٽ آﻫﻲ .ﻫﻮن ﻣﺸﻬﺪ ڏي ﺳﮅي اڏام ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻫﻲ ۵۰۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺳﻔﺮ ﺟﺎ ﺗﻪ ﺑﭽﻦ ﻫﺎ ﭘﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﻳﻨﺪي وﻗﺖ ﺑﻪ ۴۶۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﺑﭽﻦ ﻫﺎ .ﮀﻮ ﺟﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ ﻣﻔﺎﺻﻠﻮ ۱۹۲۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻓﻘﻂ ۱۴۵۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻓﺴﻮس ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺗﻲ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺸﺎور ﺟﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﺸﺎور ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﭘﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ۽ ﻫﺎڻ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﭘﺸﺎور ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ وچ ۾ ﻛﺎ ڊﺋﺮﻳﻜﭧ اڏام ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﮇﻫﻮﻛﻮ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻦ ﻫﺎ ﺟﻮ ﭘﺸﺎور وارن ﻻ ﻣﺸﻬﺪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ۱۵۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ.
اﺳﺎن ﻫﺎڻ ﺑﺲ ۾ ”ﻗﻢ-ﺗﻬﺮان“ ﻫﺎ وي وﭠﻨﺪا ،ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ اڏي ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ اڏي ﺗﻲ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺑﻪ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ”ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا“ ۾ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻬﻴﺪن ﺟﻮ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﻫﻦ ۾ ﭔﻦ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺷﻬﻴﺪ ﺗﻪ ﻋﺮاق ۽ اﻳﺮان واري ۸ﺳﺎل ﻫﻠﻨﺪڙ ﺟﻨﮓ ﺟﺎ آﻫﻦ ،ﭔﻴﺎ اﻫﻲ ﺷﻬﻴﺪ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ آﻧﺪل اﻧﻘﻼب ۾ ﮔﺬرﻳﻞ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﺎﺳﻮﺳﻲ اداري ﺳﺎواڪ ۽ ﻓﻮج ﻫﭥﺎن ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﺎ .اﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺼﺮي ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ )ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﭙﻨﮓ ﺟﻮ ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﺟﻨﺮل( ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺻﺤﺎﺑﺎ ﮐﻲ ﭼﻴﮍاﺋﻴﻨﺪي ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ” ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺟﺎ ﺑﭽﺎﺋﻲ ﺑﻪ اﭤﺎﻧﻮ ﻳﺎ ﭜﺮﺟﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ؟“
”ﮀﻮ ﮀﻮ؟“ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺻﺤﺎﺑﺎ ﭘﮁﻨﺪو ﻫﻮس.
”ان ﻛﺮي ﺟﻮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﻋﺮاق ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ ﺟﮇﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻨﺪو ﺗﻪ ﺷﻬﻴﺪن ﮐﻲ ﻛﭥﻲ دﻓﻦ ﻛﻨﺪاﺋﻮ؟“
ﺟﻮاب ۾ ﺻﺤﺎﺑﺎ )ﻣﻮن ڏي ﺑﻪ اﺷﺎرو ﻛﺮي( ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ” ﺗﻮﻫﺎن ﻣﺼﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﮀﺎ ﭤﻴﻨﺪو؟“ ﺗﻪ ﻛﺌﻴﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ واري ﮐﻞ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮس اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺋﻲ ﮀﮇي ڏي ﺗﻪ ” اﺳﺎن ﺗﻪ آﻫﻴﻮن آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﺎ ﭼﻤﭽﺎ..... اﺳﺎن ﺑﻲ ﻏﻴﺮﺗﻦ ﺟﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ اﻻﺋﻲ ﮀﺎ ﺣﺸﺮ ﭤﻴﮣﻮ آﻫﻲ ،ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﭜﺎ“!.....
اﺳﺎن ﭨﺌﻲ ﭴﮣﺎ ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺗﻮڙي آﻓﺮﻳﻜﺎ ،اﻳﺸﻴﺎ ،ڏﮐﮡ اﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ،ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺟﻬﺎزي آﻓﻴﺴﺮ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل ﮔﮇ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﻗﺎﻫﺮي Cairoﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ اﻳﺮان ﮔﻬﻤﮡ ﻻ اﻳﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻳﺮان ﻣﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻲ ” .ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ اٺ ﺳﺎل ﻟﮍاﺋﻲ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ ،اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﻧﺴﻞ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭘﻮڙﻫﺎ ۽ ﭔﺎر ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻃﺮﻓﺎن ﺳﺨﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻮن ﻟﮙﻞ آﻫﻦ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻴﮇي ﻋﻈﻴﻢ ۽ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﻗﻮم آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺳﮑﻴﻮ ﺳﺘﺎﺑﻮ ﻣﻠﻚ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ اﻣﻴﺮ ﺗﻮڙي ﻏﺮﻳﺐ ﺧﻮش آﻫﻲ .ﭨﻲ وﻗﺖ ﻣﺎﻧﻲ ﭤﻮ ﮐﺎﺋﻲ ۽ ﻋﺰت ﺟﻲ روزي ﭤﻮ ﻛﻤﺎﺋﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ ﺳﺌﻲ ﺳﮙﻲ ﮐﺎن ﺑﺴﻮن ﭨﺮﺋﻴﻜﭩﺮ ﭤﻮ ﭠﺎﻫﻲ “....
ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺳﺎن آﺋﻮن ﺑﻪ ﺳﻬﻤﺖ آﻫﻴﺎن ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻨﻲ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﺗﻲ اﻓﺴﻮس ﻛﻨﺪو آﻫﻴﺎن ۽ ﮐﻞ ﮐﻞ ۾ ﮐﻴﻦ ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻛﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻴﻮن ﺟﻮ اﭸﺎن ﻧﭥﺎ ﺳﮅرون! ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ ﺟﻲ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ اﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ،ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ،ﭘﺎرﻛﻦ ،اﺳﭙﺘﺎﻟﻦ ،ﺑﺴﻴﻦ ۽ رﻳﻞ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﻨﺪي ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﺑﻪ واﮐﺎڻ ﻛﺮي وﻳﻨﺪو آﻫﻲ .ﻳﺎرو ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻣﭥﻲ ﺟﻮ ﺳﻮر آﻫﻲ .وﻗﺖ ﭤﻮرو ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺎﻇﻢ آﺑﺎد ﮐﺎن ﻣﻠﻴﺮ ڏي ﻧﻪ ﻧﻜﺮﻧﺪي .ﻛﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﭥﻲ ﭘﻮي ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮو ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻟﮙﻲ وﭸﻲ .ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﺲ ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﻫﺎ وي ﺟﺎ ﺗﻪ اڌ ﻛﻼڪ ۾ ﭘﻮرا ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ ﭘﺮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﭨﻲ ﭼﺎر ﻣﻴﻞ ﻟﻨﮕﻬﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ دﻋﺎﺋﻮن ﭘﻴﺎ ﮔﻬﺮون ﺗﻪ ﺟﻠﺪي ﭘﻬﭽﻮن ﻣﺘﺎن ﻣﺸﻬﺪ وﻳﻨﺪڙ اﺳﺎن واري ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻫﻠﻲ ﻧﻪ وﭸﻲ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﺳﺎن وارو ڊراﺋﻴﻮر ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا ﮐﺎن وﭠﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﮐﺎن ۽ وڏن رﺳﺘﻦ ﺗﺎن وﭠﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻠﺪ ﭘﻬﭽﻲ .ﻧﺎرٿ ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا روڊ ،ﺧﻠﻴﺞ ﻓﺎرس روڊ ،ﺷﻬﻴﺪ ﻛﺎﻇﻤﻲ روڊِ ،ﻳﺖ ا� ﺳﻌﺪي روڊ ۽ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ وري اﻧﺪرﻳﺎن رﺳﺘﺎ ﺑﺮادران ﺑﻬﺮاﻣﻲ روڊ ،ﻧﺎرٿ ﺣﻴﺪري روڊ ،ﻣﻴﺪان ﻣﻌﻠﻢ ،ﺗﺨﺘﻲ روڊ ۴۵ ،ﻣﺘﺮي زرﻧﺪ روڊ وﭠﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻲ ﭘﺮ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺟﺎﻣﻊ ﻛﻼٿ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۽ ﭘﺎﭘﻮش ﺟﻬﮍا ﻋﻼﺋﻘﺎ اﭼﻴﻮ وﭸﻦ .ﻫﻚ ﻃﺮف ﭘﻴﺪل ﻫﻠﻨﺪڙن ﺟﻮ ﺟﺘﺎن ﻛﭥﺎن رﺳﺘﻮ ﻛﺮاس ﻛﺮڻ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ وارن ﺟﻮ ﻏﻠﻂ رﺳﺘﻲ ﺗﺎن اﭼﻲ ﭰﺎﺳﮡ آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺲ ﻳﺎ ﻛﺎر واري ﮐﻲ ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﭜﺮ واري ﻟﻴﻦ ۾ ﭤﻮري ﺟﺎ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮀﮇي ان ۾ ﻫﻠﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻴﻦ ﭤﻮ ﻛﺮي! اﻫﺎ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺧﺮاب آﻫﻲ .اﭸﺎن ﺑﻪ ﭼﺎﻛﻴﻮاڙي، ﺑﻐﺪادي ۽ ﻟﻲ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﺟﻮ ﻫﺘﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺮي ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﻪ ﭤﻴﮡ ﺑﺪران ﻫﻮ وﻳﺘﺮ ﻫﻮ ﻣﻠﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي. ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﭤﻮ ﺳﻮﭼﻴﺎن ﺗﻪ ﺣﻨﻔﻲ ﺟﻮ ڏوﻫﻪ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﻛﻮﻟﻤﺒﻮ ۽ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ﺳﺎن ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻴﺮو )ﻗﺎﻫﺮي( ﺳﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺑﺴﻴﻦ ،ﻛﺎرن ۽ ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﮔﮇﻫﻪ ﮔﺎڏﻳﻮن ،اٺ ۽ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﺘﺎ ﭔﻼ ﺑﻪ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻛﻴﺮو ۾ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﻜﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﻣﻨﺠﻬﻲ ﭘﻮي .ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﺗﻬﺮان ۾ ﻓﻘﻂ ﭼﺌﻦ ﭰﻴﭥﻦ ﺗﻲ ﭘﻴﭩﺮول ۽ ﮔﺌﺲ ﺗﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ﮔﺎڏﻳﻮن آﻫﻦ .ﻛﺘﺎ ﭔﻼ ﺗﻬﺮان ۾ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ،ﺷﻴﺮاز ۽ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﺎ اﭼﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﺮ ﮔﻬﭩﻲ اوور ﻓﻠﻮ ﭤﻴﻨﺪڙ ﮔﭩﺮن ۽ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮي ﮐﺎن ﭘﺎڪ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﮔﻬﻤﻲ اﻳﻨﺪڙ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﺎن ﻫﺮ وﻗﺖ ﭔﮅﺑﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻴﻮن ﺻﺎف رﻫﻦ .ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ ﭤﻮ وﭸﻲ ۽ ﭘﻮ ﻫﻚ ﭔﻪ دﻓﻌﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺷﻴﺮاز ۾ رات ﺟﻮ ﭔﺎﻫﻴﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ﺷﻬﺮي ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﺎ ﭜﻨﮕﻲ ﺳﺨﺖ ﺳﺮدي ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﭔﻬﺎرن ﺳﺎن ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺻﺎف ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو ﭨﺮﻛﻦ ۾ ڍوﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .اﺳﺎن وٽ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ڊﻓﻴﻨﺲ ﺟﻬﮍي ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﺑﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﺻﻔﺎﺋﻲ ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ. ﺻﺒﺢ ﭘﻬﺮ ﺻﺎف ﺳﭥﺮي ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ڍﻳﺮ ﭜﻨﮕﻲ اﻫﻢ رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﭼﻮراﻫﻲ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﺿﺮور اﻳﻨﺪا ﺟﻴﺌﻦ آﻓﻴﺲ وﻳﻨﺪڙ
ڊﻓﻴﻨﺲ آﻓﻴﺲ ۽ ﻛﻠﻔﭩﻦ ﻛﺌﻨﭩﻮﻧﻤﻴﻨﭧ ﺑﻮرڊ ﺟﺎ ﻓﻮﺟﻲ آﻓﻴﺴﺮ ﮐﻴﻦ ڏﺳﻲ وﭠﻦ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ وﮢﻦ ﻫﻴﭡﻴﺎن وﻳﭡﺎ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﻴﻨﺪا .اﻫﻢ رﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺑﺎﻗﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻫﻮ ﻋﻴﺪ واري ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺋﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﮔﻬﺮ ﮔﻬﺮ ﺟﻮ ﺑﻴﻞ وﭴﺎﺋﻲ ﻋﻴﺪ ﺟﻲ ﺧﺮﭼﻲ وﭠﮡ ﻻ.
ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﮔﻼ ﻧﻪ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ .دراﺻﻞ ﺻﺤﻴﺢ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻟﮑﮡ ﺳﺎن ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ﻳﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻏﻠﻂ ﻓﻬﻤﻲ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺼﺮي دوﺳﺖ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ اﭼﻲ آﺋﻮن ذﻫﻨﻲ ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ۽ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺟﺎ ﻗﺎﻧﻮن ۽ ان ﺗﻲ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻋﻤﻞ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ،ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۽ ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻚ ﺟﻬﮍو ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻟﮙﻮ ﻫﻮس ﺟﺘﻲ ﭘﻴﺪل ﻫﻠﻨﺪڙ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﮡ ﻻ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ وک ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن ﻻﻫﻲ روڊ ﺗﻲ رﮐﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﻨﺪڙ ﮔﺎڏﻳﻦ ﮐﻲ ﺑﺮﻳﻚ ﻟﮙﻴﻮ وﭸﻲ .ﻫﺘﻲ اﻫﮍي ﺣﺎﻟﺖ آﻫﻲ ﺟﻬﮍو ﻣﻮت ﺟﻲ ﮔﻮﻟﻲ ۾ ﻫﻠﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺋﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻨﺪي ﻻري ﭤﻲ ﻣﭥﺎن ﭼﮍﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ وارا ۽ ﭘﻴﺎدا ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ڊﻳﭵﺎري ﭘﺎڻ اﮘﻴﺎن وڌن ﭤﺎ .ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن ڊﭴﻨﺪي ڊﭴﻨﺪي ﻫﻴﭟ ﻟﻬﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﻳﻨﺪر ﮔﺎڏﻳﻦ وارا رﻓﺘﺎر ﮔﻬﭩﺎﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﺎرن ڏﻳﺌﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ڊﻳﭵﺎري ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﺑﻴﻬﮡ ﻻ ﻣﺠﺒﻮر ﻛﻨﺪا ﭘﺮ ﺟﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺑﻲ ﺧﻮف آﻫﻴﻮ، ﭘﺮﻋﺰم آﻫﻴﻮ ۽ وﻳﺘﺮ ﻫﻚ ﺑﺪران ﭨﻲ ﭼﺎر ﭴﮣﺎ آﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ ﮔﺎڏﻳﻦ وارا ﺑﺮﻳﻚ ﻫﮣﻲ ﺑﻴﻬﻲ رﻫﻨﺪا ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ رﺳﺘﻮ ﻛﺮاس ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻋﺰت ﺑﺨﺸﻴﻨﺪا .ﻣﻮن ان ﺑﻌﺪ ان ﺧﻮف ﺗﻲ ﺣﺎوي ﭤﻴﮡ ۽ ﭘﻜﻮ ارادو ﭘﻴﺪا ﻛﺮي رﺳﺘﻮ ﭨﭙﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺮ دﻓﻌﻲ ﻟﮙﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ وارو ،ﺑﺲ وارو ،ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ وارو ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺎڏي ﺳﻠﻮ ﻛﺮي ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻟﻨﮕﻬﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ڏﻳﮡ ﺑﺪران ﻣﻮن ﻣﭥﺎن ﭼﺎڙﻫﻲ وﻳﻨﺪو .ان ﺑﻌﺪ ﻣﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﮡ ﻻ ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﻲ اﻧﺘﻈﺎر ﭤﻲ ﻛﻴﻮ ﺟﻴﺴﻴﻦ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭴﮣﺎ ﮔﮇﺟﻲ رﺳﺘﻮ ﻛﺮاس ﻛﻦ .ﻣﻮن ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن )ﻳﻌﻨﻲ اﻳﻨﺪڙ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻃﺮف ،ﭘﺮ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن( ﻫﻨﻦ ﺟﻲ آڏ ۾ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻲ ﭤﻲ ورﺗﻮ .ﭘﻴﺪل ﻫﻠﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻲ ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﺳﺮﻛﺴﻲ ﻛﺮﺗﺐ ﻛﺮي اﻫﮍو ﺗﻪ ﻫﻮﺷﻴﺎر ۽ ﺗﻴﺰ ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﮐﻲ رﻓﺘﺎر ﺑﻪ ﮔﻬﭩﺎﺋﮣﻲ ﻧﻪ ﭘﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﻫﻮ اﻧﮕﮍ وﻧﮕﮍ ﻛﺮي اک ﮀﻨﭛ ۾ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻲ وﭠﻦ ﭤﺎ ۽ ﮔﺎڏﻳﻦ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﭼﭙﺠﮡ ﻻ آﺋﻮن رﻫﺠﻲ وﻳﻨﺪو آﻫﻴﺎن ﺟﻮ ﻫﻦ ﻋﻤﺮ ۾ ﻣﻮﻧﮑﺎن اﻫﮍو ﺗﮑﻮ ﻧﭥﻮ ﻫﻠﻴﻮ ﭤﺌﻲ .اﻧﻜﺮي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮري ﻛﻮﺷﺶ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ڊﮔﻬﻴﻦ ﭼﺎدرن وارﻳﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﻮڙﻫﻴﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ رﺳﺘﻮ ﻛﺮاس ﻛﻴﺎن .ﮀﻮﺗﻪ ﺟﺎن ﺟﺎﻧﻮر ﮐﻲ ﺑﻪ ﭘﻴﺎري آﻫﻲ .۽ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ اﻳﺘﺮا ﻣﺮد ۽ اﻧﻬﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﺮ وﻗﺖ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﮔﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﭔﺎرﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪا ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻮ ﺣﺎل ڏﺳﻲ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺳﭛ ﮔﺎڏﻳﻮن رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﺋﻲ آﻫﻦ ،ﮔﺌﺮﻳﺞ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﮔﺎڏﻳﻮ ن ﺑﻪ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﭘﺎرڪ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﮔﺎڏﻳﻮن ﺋﻲ ﮔﺎڏﻳﻮن ﮀﻮ ﻧﻪ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﭘﺎڻ ﮔﺎڏﻳﻮن ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻋﻮام ﻻ ﻗﻴﻤﺖ ﮔﻬﭧ رﮐﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ۽ ﭘﻴﭩﺮول ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﻳﮇو ﺳﺴﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻟﻴﭩﺮ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﻮﺗﻞ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۾ ﭨﻲ ﻟﻴﭩﺮ ﭘﻴﭩﺮول ﭤﻮ ﻣﻠﻲ .ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻚ ﻓﺎرﻳﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﮐﻲ ڌﻳﺎن ۾ رﮐﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ واﻫﻪ ﺟﻮ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮ.
Different Cars ...
Flimsy Mountains .. Old trees ..
Beautiful Scene ... Cool weather . Busy life ...
ﻫﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﮔﭙﺎ ﮔﻴﻬﻪ ﺿﺮور آﻫﻲ ﭘﺮ ﺑﺪاﻣﻨﻲ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﭘﻮﻟﻴﺲ وارو ﻛﻮ ورﻟﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ. ﭨﺮﺋﻔﻚ ﮐﻲ ﻛﻨﭩﺮول ﻛﺮڻ ﻻ ﭼﻮراﻫﻦ ﺗﻲ ﻫﻚ ﻳﺎ ﭔﻪ ۽ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﭨﻲ ﺑﻪ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ وارا ﭘﺴﺘﻮل ﻳﺎ ﺷﺎرٽ ﮔﻦ ﺳﺎن ﺑﻴﻬﻦ ﭤﺎ ۽ ﭘﻮ اﻫﮍي ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﮔﺎڏﻳﻦ وارا ﺳﮕﻨﻠﻦ ﺗﻲ ﻓﻀﻴﻠﺖ ﺳﺎن ﺑﻴﻬﻦ ﭤﺎLonely Planet .ﮔﺎﺋﻴﮉ وارن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻻ واه ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ؛
The traffic of Tehran is homicidal and no rules are observed. Traffic lights, indicators, footpaths, and the like are totally ignored.
The willingness of a car to stop at a red light at a busy intersection is directly proportional to the number of armed traffic police the driver can see within riffle range.
اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪڙ ﻛﺎرون ﺟﮇﻫﻦ ﮐﺎن اﻳﺮان آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﻣﻮﻧﮑﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ دوﺳﺖ ۽ واﻗﻔﻜﺎر اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﭔﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﮁﮡ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭘﮁﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻛﻬﮍﻳﻮن ﻛﺎرون ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن؟
ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ راڄ ﻫﻮ ﺗﮇﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ڌن دوﻟﺖ اﻋﻠﻲ ﻋﻤﻠﺪارن ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ ﻫﺌﻲ .ﻏﺮﻳﺐ ﺳﻮرن ۾ ﺷﺎﻫﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﭜﺎﺗﻴﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﺎص ﻣﺎﮢﻬﻦ ،ﻓﻮﺟﻲ۽ ﺳﻮل ٰ ﻫﺌﺎ اﻣﻴﺮن ﻋﻴﺶ ﭤﻲ ﻛﻴﻮ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﺳﭡﺎ رﺳﺘﺎ ﺑﻪ ﻓﻘﻂ ﺷﺎﻫﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺎﻣﻨﺪڙﻳﻦ ﻻ ﻫﺌﺎ .آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻳﺎري دوﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﺗﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻴﻞ ۽ ﻧﺎﮢﻲ ﻣﺎن ﺟﺎوا ﭘﺌﻲ ﻛﻴﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﺎ اﻣﻴﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻫﺮﺷﻲ ﻣﺎن Impressﻫﺌﺎ .ﻋﻮام وٽ ﺳﻔﺮ ﻻ ﭜﻠﻲ ﮐﭩﺎرو ﺑﺲ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ اﻣﻴﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮن اﮘﻴﺎن ﻫﻚ ﮐﺎن ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﻛﺎر ﻧﻈﺮ آﺋﻲ ﭤﻲ .ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ﻧﻘﺎد ﺟﻲ ؛
Iran was once playground for u.s automakers.
اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻓﻮرڊ ۽ GMﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﻮن ﭠﻬﻴﻞ ﻛﺎرون؛ ﺷﻴﻮرﻟﻴﭧ ،Navasﺑﻴﻮڪ ﺟﻬﮍﻳﻮن وڏﻳﻮن ﻛﺎرون ﻧﻈﺮ آﻳﻮن ﭤﻲ .ﭘﺮ اﻧﻘﻼب اﭼﮡ ۽ ﺧﺎص ﻛﺮي ۱۹۸۱۾ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺳﻔﺎرﺗﺨﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺷﻬﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻳﺮﻏﻤﺎل ﻛﺮي رﮐﮡ ﺑﻌﺪ ﭔﺌﻲ ﻣﺎل ﺳﺎن ﮔﮇ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن ﻛﺎرن اﭼﮡ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺑﻪ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ وﻳﻮ .اڄ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﮘﺘﻴﻞ ﭨﺮﺋﻔﻚ وارن رﺳﺘﻦ ۽ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﭘﻮڙﻫﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻲ ﺳﭟ ۽ ﺳﺘﺮ ﺟﻲ ﻣﺎڊل وارﻳﻮن ﺷﻴﻮﻳﻮن ۽ ﻛﺌﮉﻟﻚ ﻛﺎرون ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو ڏﺳﺠﻲ ﭤﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺎرون ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن اﻫﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻟﻮﻛﻞ ﻣﻴﮉ آﻫﻦ، ﻳﻌﻨﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﻛﺎرون ﭘﻴﻜﺎن ) ،(Paykanﺳﺎﻣﻨﺪ) ،(Samandﺳﻮرﻳﻦ ) ،(Sorenﺳﺎرﻳﺮ ) ،(Sorirﻟﻮﮔﺎن ،ﺳﺎﺋﻴﭙﺎ ،۱۴۱ ﺳﺒﺎ) ،(Sabaﻧﺴﻴﻢ ﻛﺎر ،ﻧﺴﻴﻢ ﺳﻔﺎري ،ﭘﺎرس ﮐﻮدرو ،اﻳﺮان ﮐﻮدرو ڊﻳﺰل ،ﻣﻮراﺗﺎب ،ﻫﻨﺪاﺋﻲ ﺳﻮﻧﺎﺗﺎ ،ﻛﺮﻣﺎن ﮐﻮدرو، ﻛﺶ ﮐﻮدرو ،ﺳﻴﻨﺎد -ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺎرو ن اﺋﻴﻦ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺳﻮزوﻛﻲ ﺟﻮن ﻣﻬﺮاڻ ،اﻟﭩﻮ ،ﭜﻠﻴﻨﻮ وﻏﻴﺮه ،اﻳﺮان ۾ وﻳﻨﺪي ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻮن ﮔﺎڏﻳﻮن ﭠﻬﻦ ۽ Assembleﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﭘﺮوﭨﺎن ﺳﺎﮔﺎ ،ﭘﺮوﭨﺎن وﻳﺮا ،ﭘﺮوﭨﺎن اﻣﭙﻴﺎن ،ﭘﺮوﭨﺎن ۲Genوﻏﻴﺮه.
اﻳﺮان ۾ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﮐﻦ ﺳﺮﻛﺎري ۽ ﺧﺎﻧﮕﻲ ﻛﺎرﻳﻦ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ آﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻪ ”اﻳﺮان ﮐﻮدرو“ ۽ ”ﺳﺎﺋﻴﭙﺎ“ ﺗﻤﺎم وڏا آﻫﻦ ﺟﻦ ۾ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﮔﺎڏﻳﻦ ﻣﺎن ﻧﻮي ﺳﻴﻜﮍو ﭠﻬﻦ ﭤﻴﻮن .اﻳﺮان ﮐﻮدرو ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻴﺮ آﻫﻲ( اﻳﺮان ۾ اﺋﻴﻦ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻣﻮروﺗﻲ ﻛﺎر ﻫﺌﻲ. )ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٰ ان ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻫﺎڻ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن اﻳﺮان ﮐﻮدرو وارن ﺳﺎﻣﺎﻧﺪ ) (Samandﻧﺎﻟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺎر ﻛﮃي آﻫﻲ.
ﺳﺎﺋﻴﭙﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ وارن ﺟﻮن ﻛﺎرون ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ آﻫﻦ ﺟﻦ ۾ ﺻﺒﺎ ،ﻧﺴﻴﻢ ،ﺳﺎﺋﭩﺮون Xantiaوﻏﻴﺮه اﭼﻲ وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .ان ﺑﻌﺪ ﻧﻨﮃي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻛﺎرون ﭠﺎﻫﮡ وارا آﻫﻦ؛ ﻛﺮﻣﺎن ﻣﻮﭨﺮس ﻛﻤﭙﻨﻲ،ڊاﻫﻤﻦ ﮔﺮوپ ﻛﻤﭙﻨﻲ ،ﻛﺶ ﮐﻮدرو ﻛﻤﭙﻨﻲ ،راﻧﻴﺮان ﺗﺮاﻛﺘﻮر ﺳﺎزي )ﻳﻌﻨﻲ ﭨﺮﺋﻴﻜﭩﺮ ﻣﺌﻴﻨﻴﻮ ﻓﻴﻜﭽﺮ(ﺷﻬﺎب ﮐﻮدرو ۽ ﭔﻴﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﺟﻮ ڏﻫﻪ ﺳﻴﻜﮍو ﻛﺎرون ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﻴﻮن .اﻫﻲ ﺳﻤﻮرﻳﻮن ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﻛﺎرن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻮن ،ﺑﺴﻴﻮن ،وﺋﻦ ،ﻧﻨﮃﻳﻮن وڏﻳﻮن ﭨﺮﻛﻮن ،ﭨﺮﺋﻜﭩﺮ ۽ ﻣﻨﻲ ﺑﺴﻮن وﻏﻴﺮه ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺷﺎﺑﺎس ﻫﺠﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﻣﺪار ﻧﺎﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﺋﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﮔﺎڏي ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮري ﻛﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ وﻛﮣﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان وچ اوﭜﺮ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻛﺎرون ۽ ﺑﺴﻴﻮن ﭨﺮﻛﻮن ﭠﺎﻫﮡ ۾ ﭨﺎپ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ دﻧﻴﺎ ۾ ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﻛﺎرن ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻳﺮان ﮐﻮدرو ) (Iran Khodro Industrial Groupآﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ۱۹۶۲ .۾ ﭔﻦ ﭜﺎﺋﺮن اﺣﻤﺪ ۽ ﻣﺤﻤﻮد ﺧﺎﻳﺎﻣﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺷﺮوع ۾ ﻧﺎﻟﻮ ”اﻳﺮان ﻧﺌﺸﻨﻞ“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﭘﻮ ۱۹۷۹ واري اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”اﻳﺮان ﮐﻮدرو“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .ﮐﻮدرو ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻣﻌﻨﻲ آﭨﻮﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻴﻜﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﻛﺎرون ﭠﺎﻫﻴﻨﺪي رﻫﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٰ
ﺟﻴﻜﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ﻛﺎر ﻫﻠﻤﻦ ﻫﻨﭩﺮ ﺟﻲ ﭔﻲ ﺻﻮرت آﻫﻦ.
۲۰۰۵ع ﮐﺎن ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﭘﻴﻜﺎن ﻛﺎر ﺑﻨﺪ ﻛﺮي ۸.۱ﻟﻴﭩﺮ ﺟﻲ ﺳﺮﻣﻨﺪ ﻛﺎر ﭠﺎﻫﮡ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد Peugeot ۴۰۵ﺟﻲ ﭘﻠﻴﭧ ﻓﺎرم ﺗﻲ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭘﮡ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺎر ﻣﻌﻨﻲ ﺗﮑﻮ ڊوڙﻧﺪڙ ﮔﻬﻮڙن ﺟﻮ ﻧﺴﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﮐﻮدرو ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ آﻫﻲ .ﺳﺮﻣﻨﺪ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٰ ﭨﻴﻜﻨﻴﻜﻞ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﺎر ﺟﻮ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ )ﺳﺮﻣﻨﺪ( اﻳﺮان ﺟﻲ اﮘﻮﮢﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺘﺎﻣﻲ Propose ﻛﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺷﻬﺮ) (epicﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺗﺎن ﮐﻨﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ ﻛﺎر ﺳﺮﻣﻨﺪ دﺑﺌﻲ ۽ دوﺣﺎ )ﻗﻄﺮ( ﺟﻲ ﺑﻪ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ .اﻫﺎ ﻛﺎر ﻋﺮب اﻣﺎرات ﮐﺎن ﻋﻼوه روس ،ﺑﻠﻐﺎرﻳﺎ ،ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ،ﭘﻮﻟﻨﮉ ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺑﻪ اﻳﻜﺴﭙﻮرٽ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻲ ﻛﺎر ﺑﻴﻼروس ۾ ﻳﻮﻧﻴﺴﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۾ اﺳﭩﺎر ﻛﻤﭙﻨﻲ ”اﻟﺼﻤﻨﺪ ﻋﺰﻳﺰ“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻲ .ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﺎل ﮐﺎن ﻫﻲ ﻛﺎر ﺷﺎم Syria۾ ﭘﮡ ”ﺳﺎﻣﻨﺪ ﺷﺎم“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭠﻬﮡ ﺷﺮوع ﭤﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ.
ﺳﺎﻣﻨﺪ ﻛﺎر ﮐﻲ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ”ﻧﺌﻴﻦ ﭘﻴﻜﺎن“ )ﭘﻴﻜﺎن ﻧﻮ( ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن ﺟﻴﻜﺎ ﭨﻦ ڏﻫﺎﺋﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ۾ ﭠﻬﻨﺪي رﻫﻲ ان ﺟﻲ ”آﭨﻮﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﭘﺮوڊﻛﺸﻦ ﻻﺋﻴﻦ“ ﺳﻮڊان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﭙﻨﻲ ”ﺧﺎرﻃﻮم ﭨﺮاﻧﺴﭙﻮرﭨﻴﺸﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ “ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ورﺗﻲ آﻫﻲ .ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﺳﺎﮘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻛﺎر ﭠﺎﻫﮡ ﺷﺮوع ﻛﻦ. ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻲ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻜﻞ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪي ﭼﻴﻮ؛
The Paykan or Arrow is a four cylinder time capsule. The design has barely changed since the first model was copied from the British Hillman Hunter.
ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻲ ﺷﻴﻮرﻟﻴﭧ ﻛﺎر ﺳﺎن ﺧﻮش ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ،ﺑﻘﻮل ﺳﻨﺪس ،ﻧﻪ اﺳﭙﻴﺌﺮ ﭘﺎرﭨﺲ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﺎ وﻛﺎﻣﻲ ﭤﻲ. ﻫﻚ ﭔﺌﻲ اﻫﮍي ﻧﺎراض ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن )ﺟﻴﻜﺎ ﺳﺘﺮ ﺳﻴﻜﮍو اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ (ﻻ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﺎر آﻫﻲ! اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ وارﻳﻦ ﻛﺎرﻳﻦ )ﻳﻌﻨﻲ اﻣﺮﻳﻜﻦ ﻛﺎرن ﺑﻴﻮڪ ۽ ﻛﺌﮉﻟﻜﻦ( اﮘﻴﺎن ﺑﻮﭨﻦ رﮐﮡ ﺟﻮ ﮐﻮﮐﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ اﻫﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﭘﭡﻴﺎن اﻳﺮان ﮐﻮﮐﻠﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﭤﻲ وﻳﻮ .ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻬﮍي ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب آﻧﺪو ۽ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺮن ﺗﻲ ﺑﻴﻬﺎرﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﭨﭣ ﭘﻴﺴﭧ ۽ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ ﺑﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن آﺋﻲ ﭤﻲ. اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﺎڻ ﻓﺨﺮ ﻫﺌﮡ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﭘﻴﻜﺎن ۽ ﺳﺎﻣﻨﺪ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﻛﺎرون ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮ ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ۾ ﭠﻬﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻏﺮﻳﺐ ﻏﺮﺑﻮ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .اﺳﺎﻧﮑﻲ ﭘﻴﻜﺎن ﮔﺎڏي ﺟﻲ ﻓﺌﻜﭩﺮي ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ واري اﻧﭽﺎرج ﭼﻴﻮ ﺗﻪ؛ ”اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻮن ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﺮﻣﺖ ﺑﻪ ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ دل ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ وﻛﮣﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ﮐﮣﻲ ﮀﺎ ﺑﻪ ﭤﻲ ﭘﻮي ﭘﻴﻜﺎن ﻛﺎر ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ اﭨﻮٽ اﻧﮓ رﻫﻨﺪي“.
ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ اﻳﺮان ۾ ﮔﺎڏﻳﻮن ﭠﺎﻫﮡ واري وڏي ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻳﺮان ﮐﻮدرو ﺳﺎﺋﻲ رﻧﮓ ﺟﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ،ﻋﻮرت ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮرن ﻻ ﭘﮡ ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻲ .ﻣﻮن ﺟﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﮔﻬﮣﻮ رﻫﻴﺎ ۽ ﺟﻦ ﺟﻲ دﻣﺎغ ۾ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻫﺎ ڊس اﻧﻔﺎرﻣﻴﺸﻦ وڌي ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﻇﻠﻢ آﻫﻲ ،ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻛﺎ آزادي ﻧﺎﻫﻲ ،اﻧﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان اﭼﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻨﺪي ﻫﻮﻧﺪي ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﺳﺎن ﺧﻮﺑﺼﻮرت ،ﺳﻤﺎرٽ ۽ ﺳﻨﻬﮍﻳﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻢ آﻓﻴﺴﺮﻳﺎﮢﻴﻦ ﺟﻲ روپ ۾ ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا .ﺑﺎزارﻳﻦ ۽ ﺳﭙﺮ ﻣﺎرﻛﻴﭩﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ،ﺳﺎﻫﻴﮍﻳﻦ ﺳﺎن ﻳﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﻨﺪي ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ،ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﻴﮉي ڊاﻛﭩﺮ ،ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ،۽ ﭔﻴﻦ ﺳﺮﻛﺎري ۽ ﻏﻴﺮ ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ وارﻳﻦ ﮐﻲ ﺑﺴﻴﻦ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ وﻳﻨﺪو ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﻳﺎ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن ﻛﺎرون ﭘﺎڻ ڊراﺋﻴﻮ ﻛﻨﺪي ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا .ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺘﺮو ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺗﻌﺠﺐ ﻟﮙﻨﺪو ﺗﻪ ﻣﻠﺌﻲ ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﺴﻴﻮن ﺑﻪ ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻛﺎراج ﺷﻬﺮ وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺑﻮﻻﻗﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ۾ ﻧﺮس ﻫﺌﻲ .ﻛﺎراج ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﻳﺘﺮو ﭘﺮي آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻧﻮاﺑﺸﺎﻫﻪ ﻳﻌﻨﻲ ۶۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ.
ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺗﻌﺠﺐ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﻋﻮرﺗﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ﮐﺎن ” “Women – Onlyﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﺗﻬﺮان ۾ ﺑﻪ ﻫﻠﮡ ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن آﻫﻦ .۽ ﻓﻘﻂ ﺑﺲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﻣﭥﻴﻦ ﻋﻮرت ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﭘﺮوﻓﻴﺸﻨﻞ ڊراﺋﻴﻮر ﻧﺎﻫﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺳﭛ ۾ وڌﻳﻚ ﻧﺎﻣﻴﺎري ۽ ﭘﺮﻫﻴﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر زﻫﺮا اﻟﻘﺎدري آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ اﺧﺒﺎرن ۾ اﭼﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﺑﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻫﻦ ﻋﻮرت ﺑﺎﺑﺖ CNN ﺗﻲ ﭔﮅو ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ ۽ آل ووﻣﻴﻦ ﻧﺴﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺳﺮوس ﺟﻲ ﻣﻼزم آﻫﻲ .ﻗﻢ ۾ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﻠﻨﺪي ﭔﻪ ﺳﺎل ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ .ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻜﻴﺎﮢﻲ ﻧﻴﺮه آﻏﺎز ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ اﻫﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ ،ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ۾ ،ﺣﻖ ڏﻳﺎرڻ ۾ ﻣﺪد ﺧﺎﻃﺮ ﮐﻮﻟﻲ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮن ﭨﻴﻜﺴﻴﻮن ﭘﮡ ﭔﻴﻦ ”ووﻣﻴﻦ – اوﻧﻠﻲ“ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻮن ۽ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻧﻨﮃا ﭔﺎر ﮐﮣﻦ. ”زال ۽ ﭔﺎر اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺿﺮور ﭼﮍﻫﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ“ ﻫﻦ ﭨﻬﻚ ڏﻳﻨﺪي ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ رﺳﺎن اﻳﺠﻨﺴﻲ Reuter وارن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ” ،ﭘﺮ ﻣﮍس ﮐﻲ واڪ ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻮﻧﺪي“.
ﺗﻬﺮان ۾ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ رﻫﻴﺲ ان ﺟﻲ زال ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ”ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ وڏو ﺳﮏ آﻫﻦ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻛﻲ ﻛﻲ ﻣﺮد ڊراﺋﻴﻮر ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻲ آرﺳﻲ ﻣﺎن ﻋﺠﻴﺐ ﻧﻈﺮن ﺳﺎن ڏﺳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ“. ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻋﻮرت ﭘﮡ ﺳﺎﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺎڻ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ آﻓﻴﺲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻮان ﻣﺮد ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺳﺎن روز روز وﭸﮡ ﺳﺎن ﻣﮍس ﺑﻪ ﺷﻜﺠﻴﻮ ﭘﻮن ” .ﻫﺎڻ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻨﺪڙ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﻋﻮرت روزاﻧﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭔﺎرن ﮐﻲ اﺳﻜﻮل ﮀﮇي اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ آﻓﻴﺲ وﭠﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ .ﻋﻮرت ﻫﺠﮡ ﻛﺮي آﺋﻮن ﺑﻲ ﻓﻜﺮ رﻫﺎن ﭤﻲ ۽ ﭔﺎرن ﺳﺎن ﮔﮇ وﭸﮡ ﺿﺮوري ﻧﭥﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎن “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ .ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن اﻫﻮ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﺷﺎدي ﺷﺪه ﻋﻮرت ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ.
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻟﻮﻛﻞ ﻛﺎرون ۽ ﭘﻴﭩﺮول ﺳﺴﺘﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ۾ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻳﻮرپ ﻳﺎ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ ﮔﻬﮣﻮ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻓﻮرڊ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﺳﻮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ ﭼﮍﻫﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺳﭡﻲ ﻛﻤﺎﺋﻲ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ .ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻏﺮﻳﺐ ۽ اﻛﻴﻠﻴﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﭔﺎر ﮐﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺧﺮچ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ وﭠﻦ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺧﻮﺷﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻦ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﺗﻲ ﺑﺎر ﻧﻪ آﻫﻦ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر زﻫﺮا ﺟﻮ اﻫﻮ ﺟﻤﻠﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ڏاڍو وﮢﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ” آﺋﻮن ﭨﺌﻜﺴﻲ ان ﻛﺮي ﻧﭥﻲ ﻫﻼﻳﺎن ﺟﻮ اﻫﻮ ﻛﻮ ﭨﺎپ ﺟﺎب آﻫﻲ )ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻤﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﭤﺌﻲ( ﭘﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﭤﺌﻲ
ﺗﻪ اﻫﺎ ﻋﻮرت ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻚ وڏي achievementآﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻫﻲ ﻛﻢ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻓﻘﻂ ﻣﺮدن ﻻ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ و ﻳﺎ ﭤﻲ “.ﻫﻦ ﭨﻲ وي ﺗﻲ اﻧﭩﺮوﻳﻮ ڏﻳﻨﺪي اﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻫﻦ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺷﻬﺮ )ﻳﻌﻨﻲ ﻗﻢ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭨﻴﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ( ﺟﻲ ﻣﺮد ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻮن ﻓﻘﻂ رڌﭘﭽﺎ ﻻ ﻧﻪ آﻫﻦ“.
ﻫﻮن ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻻ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ واﻟﻲ ﺑﺎل ۽ ﻣﻠﻬﻪ ) (Wrestlingﺟﺎ ﻣﻘﺎﺑﻼ ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ﺑﺸﺮﻃﻴﻜﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﺮدن ﮐﺎن ڌار وﻫﺎرﻳﻮ وﭸﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ اﻫﻢ ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۽ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ۾ ﭘﮡ آﻫﻦ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﺳﻮچ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ ۽ ﻗﻮم ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻻ ﻋﻮرت ۽ ﻣﺮد ﮐﻲ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ .ان ﻻ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺗﻮڙي اڄ ﺟﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺣﻖ ﺣﻼل ﺟﻲ ﭘﻮرﻫﺌﻲ ﻳﺎ ﻧﻮﻛﺮي ﮐﺎن ﺟﻬﻠﻴﻦ ﻧﭥﺎ .ﻫﻮ ﻓﻘﻂ ﻋﻮرت ۽ ﻣﺮد ﮐﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﮔﻬﺎﭨﻮ ﭤﻴﮡ ﻳﺎ اﻛﻴﻼﺋﻲ ۾ ﮔﮇ رﻫﮡ ﮐﺎن روﻛﻴﻦ ﭤﺎ .اﻫﺎ ﺳﺨﺘﻲ ﺗﻪ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ .ﻛﻮﺑﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﮀﻮﻛﺮو ۽ ﮀﻮﻛﺮي ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﻳﺎ ﻣﻼﻛﺎ ﺟﻲ ﭘﺎرڪ ۾ ﺑﻴﻨﭻ ﺗﻲ ﮔﮇ وﻳﻬﻲ ﺗﻪ ڏﻳﮑﺎري .ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻳﻜﺪم ﺧﻠﻮت ﺟﻲ ﻛﻴﺲ ۾ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﻛﺮﻳﻮ ﮀﮇي .ﭘﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺗﻲ ،وڏي ﭼﺎﭼﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﭼﮍﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺳﻨﺪس ﭜﺎﺋﻴﭩﺎ – ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻚ ﺑﻪ وﺗﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﮀﻮﻫﻪ ﮀﻨﮉﻳﻨﺪا .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻫﻮ ﭤﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب آﮢﻲ ﻫﻚ ﺗﻪ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ۽ ﭔﻴﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻗﻴﺪﻳﺎﮢﻲ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ.
ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ،ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﺟﻨﺮﻟﺴﭧ ﮔﺎرٿ ﺳﻤﭣ ﺟﻲ ﺗﻪ آﻳﺖ ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﻻ ﺣﺠﺎب ﺿﺮوري ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ آزادي ڏﻧﻲ آﻫﻲ .ﺳﭛ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﭥﻮ ﺣﺠﺎب )روﺳﺮي( ﺳﺎن ۽ ﺟﺴﻢ ﭼﺎدر ﺳﺎن ڍﻛﻲ ﭤﻴﻮن ﻫﻠﻦ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺳﭵﻮ ﻣﻨﻬﻦ ﺗﻪ ﮐﻮﻟﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﺴﻴﻦ ۽ ﭨﺮﻳﻨﻦ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﻛﻞ آﻫﻲ. ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﺎزار ۽ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۾ اﻛﻴﻠﻲ ﻳﺎ ﺳﺎﻫﻴﮍﻳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﺗﻪ اﺟﺎزت آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺮب ۽ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻮڙي ﻣﻼن ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ آﻫﻦ .ﻫﻮ ﻫﻚ را ﺗﻲ ﻧﻪ آﻫﻦ. ﻛﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﻨﻬﻦ ۽ ﻣﭥﻮ اﮔﻬﺎڙو ﻛﻴﻮ ﭘﻴﻮن ﻫﻠﻦ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ڍﻛﻲ ﭘﻮ ﭤﻴﻮن ﻧﻜﺮن ،ﻛﻲ ﺗﻪ ﺑﺮﻗﻌﻲ ۾ ﭤﻴﻮن ﻧﻜﺮن ﺗﻪ ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ آﮜﺮﻳﻮن ﮐﻨﻴﻮن ﭤﻴﻮن وﭸﻦ .ان ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻨﺰ ) (Jeansﺟﻮن ﺑﺮاﻧﮉﻳﮉ ﭘﺘﻠﻮن ۽ ﻣﺮداﻧﻲ ﻓﻴﺸﻦ ﺟﻮن ﻛﺎﻟﺮن وارﻳﻮن ﻗﻤﻴﺼﻮن ﺑﻪ ﭘﺎﺋﻲ ﭤﻲ ۽ ﮔﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮڻ ﻻ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ روﻣﺎل ﺳﺎن ﻣﭥﻮ ڍﻛﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ۽ ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭼﺎدر وراﺋﮣﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﻣﺠﺎل آﻫﻲ ﻛﻮ ﻣﺮد ان ﮐﻲ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﮐﺎن ﻳﺎ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﮡ ﮐﺎن ﺟﻬﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﻣﺠﺎل آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻮ اوڙي ﭘﺎڙي وارو ﻫﻦ ﺗﻲ آﮜﺮ ﮐﮣﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻦ اﮔﻬﺎڙو ﮀﻮ ﭘﺌﻲ ﻛﺮي .اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرت ﻻ ﻓﻘﻂ ﺣﺠﺎب ۽ ﭼﺎدر ﺿﺮوري آﻫﻦ .ان ﺑﻌﺪ ﻛﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﻲ ﮔﻼ ﭤﻮ ﻛﺮي ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻦ اﮔﻬﺎڙي ﭘﺌﻲ ﻫﻠﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دﻣﺎغ ﺟﻮ ﻋﻼج ﻛﺮاﺋﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺗﻮڙي ﭘﻮڙﻫﻴﻮن اﺋﻴﻦ ﻣﻨﻬﻦ اﮔﻬﺎڙو ﻛﺮي ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻦ .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﻣﺮد ﮔﻬﮣﻮ ﻣﻮﻟﻮي ﺑﮣﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﻳﺎ ڌي ﮐﻲ اﻓﻐﺎﻧﻲ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﭘﺎﺋﮡ ﺗﻲ زور ﭤﻮ ﭜﺮي ﻳﺎ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ڍﻛﺮاﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ ﻫﻦ ﻻ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻗﻢ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ وﭸﻲ وڌﻳﻚ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ۽ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﺗﻪ ﻋﻮت ﻻ ﻛﻴﺘﺮو ﭘﮍدو ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ......
ﺳﻮ ان ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻟﺒﺎس ﻣﻘﺮر ﻛﺮي ﻫﻦ ﻋﻮام ۽ ﻣﻠﻚ ﻻ ﺑﻬﺘﺮي ﻛﺌﻲ آﻫﻲ. ﻫﻮن ﺑﻪ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ ﺋﻲ ﺑﻬﺘﺎن ﭤﻲ ﻫﮣﻲ .ﻧﻪ ﺗﻪ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﻮﻟﻮي ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭼﻴﻒ ﻣﻨﺴﭩﺮ ارﺑﺎب رﺣﻴﻢ ﺟﻴﺘﺮي ﺑﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﺳﺨﺘﻲ ﻳﺎ ﮔﻬﭩﺘﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﺎ ﻋﻮرت ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﭔﻪ Quotationڌﻳﺎن ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ. •
ﻫﺮ ﭔﺎر ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﺳﻜﻮل ﻣﺎ ﺟﻲ ﮔﻮد آﻫﻲ.
اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ،ﻋﻮرﺗﻦ ۽ ﻣﺮدن ﺟﻲ وچ ۾ ﻛﻮﺑﻪ ﻓﺮق ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ ﭔﺌﻲ اﻧﺴﺎن آﻫﻦ ۽ • ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻣﺮدن واﻧﮕﺮ ﭘﺎڻ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن.
اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻦ دور ۾ ﻋﻮرت اﻫﻮ ﺛﺎﺑﺖ ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻨﮓ ۾ اﻫﻲ ﺑﻪ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﮇ ﺑﻠﻚ ﻣﺮدن • ﮐﺎن ﺑﻪ اﮘﻴﺎن رﻫﻲ دﺷﻤﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن.
•
ﻫﻦ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۽ اﻧﻘﻼب ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﺮدن ﮐﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﭘﺎڻ ﻣﻠﻬﺎﺋﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو.
اﻋﻠﻲ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺑﻠﻨﺪﻳﻦ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺷﻴﻌﺎ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ آﮐﺎڙي ﻣﺎن ﭔﺎﻫﺮ رﮐﮡ ﺑﺪران ﻫﻨﻦ ﮐﻲ • ٰ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ﭤﻴﻨﺪو ڏﺳﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮن ﭤﺎ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺘﻲ ﭘﺎڻ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻴﮡ ﺑﺎﺑﺖ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺑﻪ ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن -دراﺻﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﺟﻲ آزاد ﻫﺠﮡ ﺟﻮ اﻫﻮ ﭘﮡ وڏو ﺛﺒﻮت آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮ ﺟﺎ ﺣﻖ ﻫﺠﮡ ﺟﻮ وڏو ﻣﺜﺎل آﻫﻲ.
ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻋﻮرت ﺟﻤﻴﻼن ﻛﺎدﻳﻮر اﺧﺒﺎري ﻧﻤﺎﺋﻨﺪن ﺟﻲ ﭘﮁﻴﻞ ﺳﻮال ﺟﻮ واﻫﻪ ﺟﻮ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ ﻫﻮ؛
”“If meritocracy and rule of law are to be held up, men and women must be provided with equal apporunities in all fields. دي ﮔﺎرﺟﻴﻦ اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ۲ﻓﻴﺒﺮوري ،۲۰۰۷ﺟﻤﻌﻲ واري ﭘﺮﭼﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﺧﺒﺮ ﮀﭙﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺧﺎﻃﻮ راﺑﺮٽ ﻧﺌﭧ اﻧﮕﺮﻳﺰ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﺋﻲ رﻫﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﻣﺮدن ﺑﺪران ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ڊراﺋﻴﻮري ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮي ڏﻳﺌﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ .ﻫﻚ ﻣﺮد ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﻫﻚ ﺳﻨﺴﺎن ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﺧﺎﺗﻮن ﺷﺮﻳﺌﺘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻋﻮرت ﺳﺎن ﮐﻴﭽﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻫﺎ ﭴﺎڻ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ﮀﺎ اﻧﺠﺎم ﭤﻴﻨﺪو .ﻫﻦ ﺗﻪ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ ﻋﻮرت ذات ﺟﻴﻜﺎ ﻧﻨﮃڙي ﭔﺎر ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﺎڏي ۾ وﻳﭡﻲ آﻫﻲ اﻫﺎ ﻫﻦ ﮐﻲ ﮀﺎ ﭤﻲ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ .ﭘﺮ ﻣﺮﺿﻴﺪه ﺧﺎﺗﻮن ﻛﺎ ﺟﻮڊي ﻛﺎراﭨﻲ ﺟﻲ اﻧﺴﭩﺮﻛﭩﺮ ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ﻣﻜﻦ ۽ ﭠﻮﻧﺸﻦ ﺳﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺟﺎ ﻫﮇ ﮔﮇ ﭜﭹﻲ رﮐﻴﺎ ۽ ﭘﻮ ﮐﻴﺲ ﻛﺎر ﺟﻲ ڊﻛﻲ ۾ وﺟﻬﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ اﭼﻲ ﭰﭩﻮ ﻛﻴﻮ .ان ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ وڌﻳﻚ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ. اﻋﻠﻲ ان ﺗﺎن ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ” “All Womenﭨﺌﻜﺴﻴﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ۾ آل ووﻣﻴﻦ ﭘﻮﻟﻴﺲ اﺳﭩﻴﺸﻨﻮن ﻳﻌﻨﻲ ﭤﺎﮢﺎ ﭘﮡ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ٰ ﻋﻤﻠﺪار ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﭙﺎﻫﻲ ،اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن آﻫﻦ .ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﭤﺎﮢﺎ اﻳﺮان ۾ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ وڌي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻮ اﺗﻲ ﻣﻈﻠﻮم ﻋﻮرﺗﻮن ﺳﻮاﻻﺋﻲ ﺳﺎن ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ۽ وﻳﻨﺪي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮐﺮﻳﻞ ﻳﺎ ﭨﻮﭨﻲ ﻣﮍس ﺟﻲ ﭘﮡ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ زال ﻣﻌﺮﻓﺖ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻞ ۲۳ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﻧﻮﺟﻮان ﻋﻮرت ﺛﻤﺮﻳﻦ ﻣﻈﻬﺎري ﺳﺎن ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﻛﻴﻢ .ﻫﻦ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﻫﺎﺋﻲ اﺳﻜﻮل ﻣﺎن ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ﻫﻚ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ اﺷﺘﻬﺎر ڏﻳﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻴﮡ ﻻ اﻧﭩﺮوﻳﻮ ڏﻧﻮ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ۵۰ڊراﺋﻴﻮر ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻫﺌﻲ ﺟﻦ ﻣﺎن ﭘﺎڻ ﻫﻚ آﻫﻲ .ﺛﻤﺮﻳﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻫﻦ ﭼﻮﻧﮉ ۾ ﻛﻤﭙﻨﻲ وارن ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻧﻬﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻴﻮه آﻫﻦ ۽ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ اﻫﻲ ﺷﺎدي ﺷﺪه ﻋﻮرﺗﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻏﺮﻳﺐ آﻫﻦ“. ” ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮀﻴﮣﻮ ﻧﺎﻫﻲ اﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ڊپ ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.
” ﻧﻪ ،ﻫﺮ ﮔﺰ ﻧﻪ “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ” ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﮔﺎڏﻳﻦ ۾ اﻻرام ﺳﺴﭩﻢ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﺮ وﻗﺖ واﺋﺮﻟﻴﺲ ﺳﻴﭧ رﻫﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﻛﺰي آﻓﻴﺲ ﮐﻲ ﻫﺮ ﻫﺮ اﻃﻼع ڏﻳﻨﺪﻳﻮن رﻫﻮن ﭤﻴﻮن ﺗﻪ اﺳﻴﻦ ﻛﭥﻲ آﻫﻴﻮن “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.
ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ اﻧﻬﻦ ڊراﺋﻴﻮر ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻧﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺎ ڌارﺋﻴﻦ زﺑﺎن – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻋﺮﺑﻲ ،ﺗﺮﻛﻲ ،اﻓﻐﺎﻧﻲ ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎﻧﻲ ،اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻳﺎ ﻓﺮﻳﻨﭻ ﺑﻪ ﭴﺎﮢﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﻓﺎرﻳﻨﺮس ﺳﺎن ﺳﻨﺪن زﺑﺎن ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ .ﺛﻤﺮﻳﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺎد ي ﮐﻲ ﭼﺎر ﺳﺎل ﭤﻴﺎ آﻫﻦ .ﮐﻴﺲ ﭔﻪ ﭔﺎر آﻫﻦ ﺟﻦ وٽ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ وﻗﺖ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس وﻫﻲ ﭤﻮ ﺷﺎم ﺟﻲ وﻗﺖ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﻨﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ ﻣﮍس ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ ﻛﻢ ﻻ ﻧﻜﺮﻧﺪو آﻫﻲ ” .اﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮٺ دوﺷﻴﺐ ﺟﺎ آﻫﻴﻮن “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ” ، اﺳﺎن ﻛﻲ اﻣﻴﺮ ﻧﻪ آﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﭼﮝﻲ ﺑﭽﺖ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ“.
ﺳﮑﺮ ﺟﺎ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ۽ ﻃﺎﺑﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺑﺲ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ﻣﺎن ﮔﺬري اﭼﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ واري ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﺗﻲ ﻻﭤﻮ ﺟﺘﺎن اﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ اڏاﻣﻮن ۽ ﺗﻘﺮﻳﺒﺎ ﺳﭛ اﻧﺪروﻧﻲ ) (Domesticاڏاﻣﻮن ﭘﺮواز ﻛﻦ ﭤﻴﻮن .ﺑﺲ ﻣﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻬﮍو ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺻﺪر واري رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ اﮘﻴﺎن ﺑﻴﭡﺎ ﻫﺠﻮن .اﻫﺎﺋﻲ ﺑﺴﻴﻦ ،ﻣﻮﭨﺮﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻦ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﭙﺎﮔﻴﻬﻪ ،اﻫﻲ ﺋﻲ دﻛﺎن ۽ ﻫﻮﭨﻠﻮن! ﺑﺲ رﮘﻮ ﻓﺮق اﻫﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻓﻀﺎ ۾ دوﻧﻬﻮن ۽ ُﻣ َ ﭧ ﺟﻲ ڌپ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ. ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻳﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻪ اﺧﺘﻴﺎري وارو ادارو آﻫﻲ اﻫﻮ ﮔﺎڏي ﺟﻲ Exhaustﺧﺎرج ﻛﻴﻞ دوﻧﻬﻴﻦ ۽ ﮔﺌﺲ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﭤﻮ رﮐﻲ .ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﮔﺎڏي ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺎڏي ﺟﺎ ﭘﺴﭩﻦ ۽ ﺳﻠﻴﻨﮉر ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻮ رﮐﻲ ﺟﻮ ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ وڏو ڏﻧﮉ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﺗﻮڙي اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ ﻛﭽﺮي ﮐﮣﮡ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ ۽ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر واﻧﮕﺮ ﻫﺮ ﮔﻬﭩﻲ ﺻﺎف ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﮔﭩﺮ اوور ﻓﻠﻮ ﭤﻴﻨﺪي ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ .ﺗﻬﺮان ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ﺟﻮن ﭜﺘﻴﻮن -ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻳﺎ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻮن ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻧﺎﻇﻤﻦ ) (Mayorsﮐﻲ ﭔﻚ ﮐﮣﻲ دﻋﺎﺋﻮن ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن ﺟﻦ ﺷﻬﺮﻳﻦ ۽ ﭘﺮدﻳﺴﻴﻦ ﻻ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎ آﻫﻦ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ ﭜﺘﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙن ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺜﺎﻧﺎ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﭥﺎ ﻛﻦ.
ﺟﻴﺴﻴﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮘﺮو ﮘﺮو ﺳﺎﻣﺎن ﻻﻫﻴﻦ ۽ ان ﮐﻲ ڍوﺋﮡ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻦ ،ﺗﻴﺴﻴﻦ آﺋﻮن ﭔﻦ وﮘﻦ واري ﺳﺖ ﻛﻠﻮ ﺟﻲ ﻫﻠﻜﻲ ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ ﭘﺎڻ ﺟﻬﮍن ﻫﻚ ﭔﻦ ﭔﻴﻦ ” “Travel lightﺟﻲ ﻓﻠﺴﻔﻲ ۾ ﻳﻘﻴﻦ رﮐﻨﺪڙن ﺳﺎن ﮔﮇ ،ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﺑﻠﮉﻧﮓ ڏي وڌڻ ﻟﮙﺲ .ﺳﻔﺮ دوران ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ۾ ﻛﻴﺘﺮو ﺗﻪ ﺳﮏ آﻫﻲ .ﮔﻬﮣﺎ وﮘﺎ ﮐﮣﮡ ﮐﺎن ﺗﻪ ﺳﺎﮘﻴﻮ وﮘﻮ ڌوﺋﻲ ﭘﻴﻮ ﭘﺎﺋﺠﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﮔﺮوپ ۾ ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﺳﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﺑﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺳﻮرن ۾ وﺟﻬﻴﻮ ﮀﮇي .ﻛﻲ ﻛﻲ دروﻳﺶ ﻫﻚ ﺗﻪ ﮔﻬﺮان ﺋﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪا .ﭔﻪ ﭔﻪ ﭨﻮال ﮐﮣﻨﺪا .ﻫﻴﭟ وﮀﺎﺋﮡ ﻻ اﻟﮗ ﭼﺎدر ﮐﮣﻨﺪا ،ﻣﭥﺎن وﺟﻬﮡ ﻻ اﻟﮗ – ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ڊپ ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺘﺎن ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﭨﻮاﻟﻦ ۽ ﭼﺎدرن ۾ ﺟﺮاﺛﻴﻢ ﻫﺠﻦ .ﭜﺎﺋﻲ اﻫﮍو ﺟﻲ ﺻﺤﺖ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ ﮔﻬﺮان ﺋﻲ ﻧﻪ ﻧﻜﺮﺟﻲ .ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺻﺎﺑﮡ ﺟﻲ وڏي ﭼﻜﻲ ،ﺷﺌﻴﻤﭙﻮ ۽ ﻳﻮڊي ﻛﻮﻟﻮن ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺑﻮﺗﻞ ،ﭼﻤﭙﻞ ،ﺑﻮٽ ،ﻫﺮڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻚ ﻋﺪد ﺷﻠﻮار ﻗﻤﻴﺺ ،رات ﺟﻮ ﺳﻤﻬﮡ ﻻ ﺳﻠﻴﭙﻨﮓ ﺳﻮٽ ......ﭘﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ اﻫﮍي ﻃﺮح ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺑﺌﮓ وڏي ۽ ﮘﺮي ﭤﻴﻮ ﭘﻮي ۽ ﭘﻮ ﺧﺮﻳﺪاري ﺑﻪ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻨﺪا .ﭘﺴﺘﺎ ،ﺑﺎدام ،ﻛﭙﮍو ،ﭔﺎرن ﻻ راﻧﺪﻳﻜﺎ ،ﺑﻮٽ ،ﺳﺌﻴﭩﺮ ،ﻛﻮٽ وﻏﻴﺮه .ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻤﻮرﻳﻮن ﺷﻴﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ۾ ﺑﻪ ان ﺋﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن .ﺑﻠﻚ ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ،ﮐﻮڙي ﮔﺎرڊن ،ﻣﻮﺗﻦ داس ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﺟﻬﮍن ﻋﻼﺋﻘﻦ ﻣﺎن اﭸﺎ ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺣﺪ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﺮي ﭘﻮ ﮐﺎﻧﺌﻦ ﺳﺎﻣﺎن ﻧﻪ ﮐﭵﮡ ﺗﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻮن ﺟﻬﮍن ﮐﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﻛﺮي ﻧﻨﮃي ﺑﺌﮓ ﻳﺎ ﭤﻴﻠﻬﻮ ﮐﮣﻲ ﭘﻴﺎ ﻫﻠﻦ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪا“ ﭜﺎﺋﻮ ﻫﭥﻴﻦ ﺧﺎﻟﻲ آﻫﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻣﺎن ﺗﻪ ﮐﮣﺎ ﺋﻲ ﻫﻞ .ﻫﺎڻ ﻛﻬﮍو اﻧﻜﺎر ﻛﺠﻲ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ وڏي ﻋﻤﺮ ﺟﻮ ﻣﺮد ﻳﺎ ﻛﺎ ﻋﻮرت ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ﻻ ﻣﻨﭣ ﭤﻲ ﻛﺮي .ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻫﺎ ﭼﻮڻ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﭛ ۾ ﮘﺮي ﺑﺌﮓ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ .اﻫﮍي ﺻﻮرت ۾ اﻧﺪر ﺋﻲ ﺳﮍﻳﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﮏ ﻻ ﮐﻨﻴﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺟﻮ ڍوﺋﮡ ﻻ ! ﻳﻮرپ ۾ ﺟﻬﺎز ﺳﺎزي ﺟﻲ ﮀﻬﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ واري ﻓﻴﻠﮉ ﭨﺮپ ۾ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﺮ ﻫﻔﺘﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻚ ۾ وﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﺗﻪ ان ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ،ﭨﺮﻳﻦ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺑﻪ ﺳﻮاري ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻴﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻓﻴﺮي ۽ ﺑﺲ ۾ ﺑﻪ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ۱۵ﮐﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻮ ﺑﺎزي ﻻ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﮔﻬﮣﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺳﺎن ﭨﺮﻳﻮل ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﭘﻮ ﺳﺎﻣﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ۾ ﻫﮣﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن وٽ ﺳﺎﻣﺎن ﮔﻬﭧ آﻫﻲ ﻣﺪد ﻛﺮﻳﻮ .ﻫﺎڻ ﻫﻚ ﺋﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙن ﺳﺎن ﻛﻬﮍو اﻧﻜﺎر ﻛﺠﻲ ،ﻛﻬﮍو ﺟﻬﻴﮍو ﻛﺠﻲ؟ ﭘﺮ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻳﻤﻦ ﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﺎن ﺑﭽﺎﺋﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻼﻧﻨﮓ ﻣﻮﺟﺐ ان ﺑﻌﺪ ﺳﺎﻣﺎن اﻫﻮﺋﻲ ﭤﻮرو ﮐﮣﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﭘﺮ وڏي ﺑﺌﮓ ۾ وﺟﻬﻲ .ﻛﻮ ﭼﻮﻧﺪو ﺑﻪ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺒﺎرڪ ﻳﻜﺪم ورﻧﺪي ڏﻳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ڏﺳﻴﻦ ﻧﭥﻮ اﺳﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺋﻲ ﻧﭥﺎ ﮐﮣﻲ ﺳﮕﻬﻮن .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم رﺿﺎ ۾ ﭔﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﺳﺘﺮﻳﺎﮢﻴﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭼﺌﻦ ﻗﻤﻴﺼﻦ ۽ ﭔﻦ ﺟﻴﻨﺰ ﺟﻲ ﭘﺘﻠﻮﻧﻦ ۾ ﺳﭵﻮ ﺳﺎل ﮔﺬارﻳﻮ وﭸﻦ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﻨﺪڙ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﺳﺒﻖ ﻫﺌﮡ ﮐﭙﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻔﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻻ اٺ وﮘﺎ ۽ ﭨﻲ ﺟﻮڙا ﭼﺌﻤﭙﻠﻦ ﺟﺎ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻴﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺳﻮ ﺑﻪ ﻛﻲ
دﻋﻮﺗﻮن attendﻛﺮڻ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻋﺒﺎدت ﻛﺮڻ ﻻ.
ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ اﻧﺪر اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮدن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﻟﮙﻞ ﻫﺌﻲ .ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺳﻔﺮ ﻛﻦ ﭤﺎ .ان ﺟﻮ ﻫﻚ ﺳﺒﺐ ﺳﺴﺘﺎ ﭜﺎڙا ۽ ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ .ﺳﭛ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﺮدن ﺳﺎن ﺑﻪ ﮔﮇ ﻧﻪ آﻫﻦ .ﺑﻠﻚ ﭼﻮڌاري ﻣﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻄﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮ ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﺮدن ﺑﻨﺎ ،ﭔﺎرن ﮐﻲ ﺳﺎڻ وﭠﻲ ﻳﺎ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﭨﺮﻳﻮل ﭘﻴﻮ ﻛﻦ .ﭼﻮڌاري ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺎﺋﻮﻧﭩﺮ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻣﭥﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ ،ﻫﺘﺎن ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ،زاﻫﺪان ،ﻳﺰد ،ﻛﺮﻣﺎن ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺷﻴﺮاز ،ﻫﻤﺪان وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه .اﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ واري ﻛﺎﺋﻮﻧﭩﺮ اﮘﻴﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﻗﻄﺎر ۾ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺎﺳﻴﻦ .ﻣﺮدن ﺟﻲ ﻗﻄﺎر اﻟﮗ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ اﻟﮗ .ﻣﻮن ﭨﻜﻴﭧ ڏﺋﻲ ﺑﻮرڊﻧﮓ ﻛﺎرڊ ورﺗﻮ -ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ رزرو ﭤﻲ وﺋﻲ .ﻫﺎڻ ﻣﻮن ﺑﻨﺎ ﺟﻬﺎز ﻧﻪ اڏاﻣﻨﺪو -ﺟﻲ اڏاﻣﻨﺪو ﺑﻪ ﺗﻪ ان ﮐﺎن اڳ ﭨﻲ ﭼﺎر دﻓﻌﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ وﭠﻲ اﻧﺎﺋﻮﻧﺲ ﻛﻨﺪا ان ﺑﻌﺪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺌﮓ ﮘﻮﻟﻬﻲ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻛﮃﻧﺪا ۽ ﭘﻮ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز آﺟﻮ ﭤﻲ اڏاﻣﻨﺪو .ﺑﻬﺮﺣﺎل اڏام ۾ اﭸﺎن وﻗﺖ ﻫﻮ ان دوران آﺋﻮن واش روم ﻣﺎن ﭤﻲ اﭼﺎن ۽ ﻓﻮن ﺑﻪ ﻛﺮي وﭠﺎن. ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﺑﻮٿ واش روم ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﺋﻲ ﻟﮙﻞ ﻫﺌﺎ .ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﻬﻦ ۾ ﺳﻜﺎ ﻳﺎ ﻛﺎرڊ وﺟﻬﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ ﻛﺎرڊ ڏﺳﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﭘﮁﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﭥﻲ ﻣﻠﻨﺪو .ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﮅاﺋﮡ ﻣﻮﺟﺐ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري دﻛﺎن ﺗﻲ وﻳﺲ ﺟﺘﻲ ﮐﺎڌي ﺟﻮن ﺷﻴﻮن رﮐﻴﻞ ﻫﻴﻮن .ﻫﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭔﺌﻲ دﻛﺎن ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ وﭠﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﭘﺮ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺲ ان ﻛﺮي ﻫﻮ دﻛﺎن ﻣﺎن ﻧﻜﺮي آﻳﻮ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري ﻗﻄﺎر ۾ ﭨﻲ ﭼﺎر دﻛﺎن ﮀﮇي ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙي دﻛﺎن ڏي اﺷﺎرو ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﻋﻮرت ﺟﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮن ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .آﺋﻮن اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪس ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻮ ﭨﻮن ۽ ﻟﻬﺠﻮ Enjoyﻛﺮڻ ﻟﮙﺲ .اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻟﺲ ﺋﻲ ﻟﺲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪي ﭔﮅي رﻫﻴﻮ ﻫﻮس .ﺗﺎﻣﻞ ،اﻓﻐﺎﻧﻲ ﻳﺎ وﻳﻨﺪي ﭼﻴﻨﻲ زﺑﺎﻧﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﻦ زﺑﺎن ﺟﻮ ﻟﻬﺠﻮ ﻣﺎرڌاڙ وارو ﮐﻬﺮو ۽ ﻛﺮﺧﺖ ﻧﺎﻫﻲ .ﺑﻴﺤﺪ Polite۽ ﻧﺮم ﻟﮙﻲ ﭤﻮ .ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﻋﻮرت ﺟﻲ ﮔﻠﻲ ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻞ ﻫﺮ آواز ﻣﭡﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ وٽ اﻫﮍو ﻛﻮ ﻛﺎرڊ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺟﻬﮍو اﺳﺎن وٽ ﻛﺮاﭼﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻣﻠﻨﺪو آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﺑﻮٿ ﺟﻲ ﭼﻴﺮ ۾ وﺟﻬﻲ ﻳﻜﺪم ﻛﺎل ﻛﺒﻮ آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﻛﺎرڊ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ اﻧﺴﭩﺮﻛﺸﻦ ﻣﻮﺟﺐ ﻫﻜﮍو ﻧﻤﺒﺮ ﻣﻼﺋﻲ ﭔﻴﻮ ﻣﻼﺋﮣﻮ ﻫﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۽ ﭘﻮ ﺿﺮروت وارو ﻧﻤﺒﺮ .ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﻮ ﺋﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ ﭘﺮ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﺌﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺣﻴﺮت ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت وڏي اﻋﺘﻤﺎد ﺳﺎن دﻛﺎن ﻫﻼﺋﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .ان ﮐﺎن اڳ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮي ﻛﻨﺪي ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ روڊن ﺗﻲ ﮐﻴﻦ ﮔﺎڏي ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو ڏﺳﻲ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻗﻮم وﭸﻲ ﻛﭥﺎن ﺟﻮ ﻛﭥﺎن ﭘﻬﺘﻲ آﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﻐﺮﺑﻲ اﺧﺒﺎر ﻧﻮﻳﺲ ﺑﻨﺎ ڏﺳﮡ ﺟﻲ ۽ ﺑﻨﺎ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ وﻳﭡﺎ اﺧﺒﺎرون ﻛﺎرﻳﻮن ﻛﻦ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﻇﻠﻢ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﺮﻗﻌﻲ ۾ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ ﮔﻬﺮ ۾ وﻳﭡﻴﻮن آﻫﻦ.
ﻛﺎرڊ وﭠﮡ ﺗﺎن ﻫﭣ ﮐﮣﻲ ﻣﻮﭨﻴﺲ .ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻛﺎرڊ ﺗﻲ ان ﺟﻲ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ وﻗﺖ ﮐﻴﺴﻲ ﻣﺎن ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻲ ﻋﻴﻨﻚ ﻛﮃي اﻫﺎ ﺟﺎﻧﭻ ﻛﺮڻ ﺗﻲ دل ﻧﻪ ﭼﺎﻫﻴﻮ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﻠﻲ ۾ ﭨﻲ ﭴﮣﺎ ﭘﺎڻ ﺟﻬﮍا ڏﭠﻢ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ .وﻗﺖ ﭘﺎس ﻛﺮڻ ﺧﺎﻃﺮ اﻧﻬﻦ وٽ ﭘﻬﺘﺲ .ﻫﻮ ﭨﻴﻬﻪ ﭘﻨﺠﭩﻴﻬﻪ ورﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﺎﻓﻲ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻪ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻦ ۽ اﻳﺮان ۾ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ آﻳﺎ آﻫﻦ .ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﻮ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ ﻗﻢ وﻳﻨﺪا .اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ اﭼﮡ ﺑﺪران ﻫﻮ ﭨﺌﻲ ﭴﮣﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ،ﭘﺮ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ اﻳﺮان آﻳﺎ آﻫﻦ .ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎﺋﭩﻦ ۽ دوﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان اﭼﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ اﻳﺘﺮي ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ورﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ .واﻗﻌﻲ اﻳﺮان اﻫﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ،ﺳﺴﺘﺎﺋﻲ ۽ ﻣﺸﺮﻗﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ وڏي ﺳﻬﻮﻟﺖ آﻫﻲ .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﺋﻴﻦ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﭘﺮﻫﺎڻ ﻣﺎده ﭘﺮﺳﺘﻲ ﺟﻲ اﻫﮍي ﺗﻪ ﻫﻮا ﻟﮙﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭜﭩﻜﻴﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ راﻫﻪ ڏﻳﮑﺎرڻ ﻻ وﻗﺖ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻮڙي ﺳﺮﻛﺎري ﻛﺎﻣﻮرو Polite۽ ﻫﻴﻠﭙﻔﻞ آﻫﻲ .اﻫﻮ ﺗﻪ ﻧﭥﻮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ ان ﻛﺮي ُاﻫﻲ ﭘﻮﻻﺋﻴﭧ آﻫﻦ .ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ۽ ﻛﻮﻳﺖ ۾ ﺑﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﻲ ﮀﺎ ﺗﻪ ﭨﻴﮍي آﻫﻲ! ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ،ﺳﻠﻮﻧﻲ ۽ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺸﻲ ﺳﺎن ﺗﻪ ﻫﻮ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪي ﺑﻲ ﻋﺰﺗﻲ ﭤﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ .ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﺑﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ ﮀﺎ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻛﺎﻣﻮرو ﻇﺎﻟﻢ آﻫﻲ .ﻧﻪ ڏﺳﻨﺪو ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻪ ﭘﺮدﻳﺴﻲ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﭨﺎرﭼﺮ ڏﻳﮡ ۾ ﺗﺴﻜﻴﻦ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻨﺪو ُﻫﻮ .ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﻫﻦ ﺟﻲ ﻛﻢ ڊاﻫﮡ ﺟﻲ ﭼﻜﺮ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ .ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ
ﻣﻠﻚ ۾ ڌارﻳﻮن ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ اﻳﻨﺪي ﮔﻬﭕﺮاﺋﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﺘﺎن ،ﺟﻴﻜﺐ آﺑﺎد ۽ ﺟﻬﻠﻢ ﺟﺎ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﺑﻪ اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮن.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻣﻠﻴﻞ ﻫﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻪ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﻣﻠﻴﺎ ﺗﻪ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﺑﻪ .ﺳﻨﺪن ﺗﻌﻠﻖ ﺧﻴﺮﭘﻮر ۽ ﺳﮑﺮ ﺳﺎن آﻫﻲ .ﻫﻲ ﭨﺌﻲ ﭴﮣﺎ ﭘﺎڻ ۾ دوﺳﺖ ،ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ آﻫﻦ .ﻣﻤﺘﺎز ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮاﮢﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮر ۾ ارﻳﮕﻴﺸﻦ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ۾ آﻫﻲ .ﻛﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ راﭴﮍ ﺳﮑﺮ ۾ ﻫﺎﺋﻲ وي ڊﭘﺎرﭨﻤﻨﭧ ۾ اﻛﺎﺋﻮﻧﭧ آﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ .ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺎﻫﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮاﮢﻲ ﺳﮑﺮ ۾ ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻬﺮ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ اﺳﭙﺘﺎل ”ﺣﺮا“ ۾ ﭘﺮﺋﻜﭩﺲ ﻛﺮي ﭤﻮ ۳۵ .ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺳﺮﺟﻦ )ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۱۱ﻓﻴﺒﺮوري ۱۹۷۲آﻫﻲ( ﺷﺎﻫﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺌﭩﺮڪ ﻫﺎ اﺳﻜﻮل ﺳﮑﺮ ﻣﺎن ۽ اﻧﭩﺮ اﺳﻼﻣﻴﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺳﮑﺮ ﻣﺎن ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﮉﻛﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎن ۱۹۹۷۾ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ .ﻫﺎﺋﻮس ﺟﺎب ﺳﻮل اﺳﭙﺘﺎل ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻛﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﺎرٽ ون ﺟﻮ اﻣﺘﺤﺎن ۱۹۹۹۾ ۽ ۲۰۰۳ڌاري MCPS۽ FCPSﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪس ﻣﺴﺰ ﭘﮡ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻲ.
ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ وﻳﻨﺪڙ ﺟﻬﺎز ۾ اﻫﻮ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺳﻮٽ ﻛﻮٽ ۾ وﻳﭡﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻴﻨﭩﻞ ﻣﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮐﺎن ﭴﺎﮢﻮ آﻫﻲ .آﺋﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﮔﻬﮍي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ان ﻗﻄﺎر ۾ دري وٽ اﮘﻮاٽ وﻳﭡﻞ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺻﺎف اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭼﻴﻮ ” ﻫﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺳﻴﭧ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ آﺋﻮن وﻳﻬﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن .ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﻲ اﻋﺘﺮاض ﻫﺠﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﭜﺮ واري وﭼﻴﻦ ﺳﻴﭧ ﺗﻲ ﭤﻲ وﻫﺎن“.
”ﭘﻠﻴﺰ ،ﺗﻮﻫﺎن وﻳﭡﺎ ﻫﺠﻮ “.ﭼﺌﻲ آﺋﻮن ﺳﻨﺪس ﭜﺮ ۾ ﭤﻲ وﻳﭡﺲ .ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﭼﮍﻫﮡ ،ﺑﻴﻠﭧ ﮐﻠﮡ ۽ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ﻃﺮﻓﺎن ﻳﻜﺪم ﺟﻴﻮس )آب ﻣﻴﻮه( Serveﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ آﺟﺎ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻫﻦ ﺳﺎن ﮐﻴﻜﺎر ﮐﮍي ﻛﺌﻲ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات آﻫﻲ” .آﺋﻮن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ) (Allama Tabatabaeeﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻴﺎن ۽ ﻛﻤﻴﻮﻧﻴﻜﻴﺸﻦ اﺳﭩﮉﻳﺰ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ آﻫﻲ “.ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﺎرڊ ڏﻳﻨﺪي ﭼﻴﻮ. ”ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻬﮍي ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ “.ﻣﻮن ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻨﺪي ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ. ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻴﻮ؟“ ” َﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ٰ
” ﭤﻮرو ﮔﻬﮣﻮ واﻗﻒ آﻫﻴﺎن ،ان ﻛﺮي ﺟﻲ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﭔﻪ ﭴﮣﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﭘﮍﻫﻴﻞ آﻫﻲ“.
ﻫﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﻻ اﻳﺘﺮو ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ اﻳﺮان ﮐﮣﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﭘﺮ ان ۾ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺮب ۽ آﻓﺮﻳﻜﻦ ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﻧﺎﻫﻲ .ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﭡﺘﻲ ﭘﻴﻞ آﻫﻲ .ﺑﻠﻚ اڄ ﺑﻪ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﻛﻲ ﮔﻬﮣﺎ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ﻧﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ اﻫﻮ ﺿﺮور آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ درﺳﮕﺎﻫﻪ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﻣﻌﻴﺎر ﺗﻤﺎم ﺑﻠﻨﺪ رﮐﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۽ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ واﻧﮕﺮ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺗﻲ وڏو ڌﻳﺎن ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻳﺎ ﻣﺼﺮ ۾ ﭘﮡ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ﭼﮝﺎ ﺧﺎﺻﺎ ۽ ﭘﺮاﮢﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﺗﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﻛﺮي ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .اﻧﮉﻳﺎ ۾ اﭸﺎ ﺑﻪ ﺑﻬﺘﺮ ﺣﺎل آﻫﻲ ﺑﻠﻚ ﮔﻬﮣﻮ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ان ﻛﺮي اڄ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻳﺎ ﻣﻠﺌﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻧﮉﻳﺎ آﻫﻲ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﮐﻲ ﻋﺮب ﻳﺎ آﻓﺮﻳﻜﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ )ﻟﺒﻴﺎ ،ﭨﻴﻮﻧﻴﺸﻴﺎ ،ﻣﻮراﻛﻮ( ﺟﻬﮍو ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﮐﭙﻲ .اﻳﺮان ۾ اﻋﻠﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﺟﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻳﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﺗﺠﺮﺑﻲ ﻣﺎن اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮس ﺗﻤﺎم ٰ ﻛﻴﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻣﺤﻨﺘﻲ ،وﻗﺖ ﺟﻮ ﻗﺪر ﻛﺮڻ وارا ،ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ آﺗﺎ ۽ ﻫﺮ وﻗﺖ ﺟﺴﺘﺠﻮ ۾ ﻟﮙﺎ رﻫﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺘﺤﺎﻧﻦ ۾ ﺳﭡﻲ ﮐﺎن ﺳﭡﻮ ﻧﻤﺮ ﮐﮣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﺮﺧﺮو ﻛﺮﻳﻮن .اﻳﺮان ﺳﭵﻮ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .رﮘﻮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﮐﻲ وﭠﺒﻮ ﺗﻪ ﭨﻴﻬﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻓﻘﻂ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ .اﻳﺘﺮﻳﻮن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ،ﻣﻮراﻛﻮ ﻳﺎ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن. ﻛﺠﻬﻪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ؛ *اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
*اﻣﻴﺮ ﻛﺒﻴﺮ اﻧﺠﻨﻴﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ *اﻣﺎم ﺻﺎدق ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
*اﻳﺮان ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
*اﻳﺮان اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ )ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ(ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ *اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﺗﺮ ﺗﻬﺮان
*اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ڏﮐﮡ ﺗﻬﺮان
*اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ وچ)ﺻﺪر(ﺗﻬﺮان *ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ *ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
* ﺗﺮﺑﻴﺖ ﻣﻌﻠﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ *اﻣﺎم رﺿﺎ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
*اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ *اﻟﺰﻫﺮا ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
*ﺑﺎﻗﺮاﻟﻌﻠﻮم ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه .
ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻫﮍﻳﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۾ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺑﻪ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻫﻦ وﻗﺖ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻫﻮ .ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اڌ ﺻﺪي ﮐﻦ ﭘﺮاﮢﻲ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۱۹۵۷۾ ﻛﺎﻟﻴﺞ آف ﻛﺎﻣﺮس ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ۾ ﺷﺮوع ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ وڌڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺗﻬﺮان ﺑﺰﻧﻴﺲ ﻛﺎﻟﻴﺞ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﺳﭵﻲ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ۾ ﻫﻲ ﻛﺎﻟﻴﺞ اﻳﻜﺎﻧﺎﻣﻜﺲ ،ﻛﺎﻣﺮس ،ﺑﺰﻧﺲ ،اﻛﺎﺋﻮﻧﭩﻨﮓ ۽ ﻣﺌﻨﻴﺠﻤﻴﻨﭧ ﺟﻬﮍن ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ﻻ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ. ۱۹۸۰۾ ﻫﻲ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ وﻳﻮ ۽ ﭘﻮ ۱۹۸۴ ۾ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﮐﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻳﺌﻲ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻧﺎﻟﻮ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ“.
ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﻫﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﭹﻴﻞ ڏاﻫﻮ ،ﻣﻔﻜﺮ ،ﻓﻼﺳﻔﺮ ،ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﻻ ﻫﻚ اﺗﺴﺎﻫﻪ ﺑﺨﺸﻴﻨﺪڙ ﭨﻴﭽﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﮐﻲ ﭘﺎﺳﻲ رﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﮑﻴﮍي .اڄ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ – اﺳﻼﻣﻲ رﻳﭙﺒﻠﻚ آف اﻳﺮان ﭠﺎﻫﮡ وارن ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﻼﻣﻪ ﻣﺮﺗﻀﻲ ﻣﻮﺗﺎﻫﺎري ،ڊاﻛﭩﺮ ﺑﻬﺸﺘﻲ ،ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻔﺎﺗﺢ وﻏﻴﺮه. ﺟﺎﺷﺎﮔﺮد ﻫﺌﺎ ﺟﻬﮍوڪ ٰ
ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ )ﺳﻨﺪس ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻫﻮ ( ۱۹۸۲ ،۾ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﻧﺠﻒ ﺷﻬﺮ ۾ ﻓﻘﻬﻲ ۽ اﺳﻼﻣﻲ ﻗﺎﻧﻮن ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ وﭠﮡ ﺑﻌﺪ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ دﻳﻨﻲ درﺳﮕﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ۾ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ .ﭘﺎڻ ۴۴ﮐﻦ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ۽ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .اﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ۾ اﻫﻢ ”ﺗﻔﺴﻴﺮ اﻟﻤﻴﺰان“ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ وﻳﻬﻦ ﺟﻠﺪن ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻗﺮآن ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ آﻫﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ” ﺷﻴﻌﺎ دراﺳﻼم“ ۽ ”اﺻﻮل ﻓﻠﺴﻔﻪ“ آﻫﻲ. ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺑﻪ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻌﺮ ﺟﻮن ﭔﻪ ﺳﭩﻮن ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﮐﺎن ﻟﮑﺎﻳﻮن اﭤﻢ. ﻓﺮﻳﺐ ﺟﻬﺎن ﻣﺨﻮر زﻳﻨﻬﺎرﮐﻬﻪ در ﭘﺎي اﻳﻦ ﮔﻞ ﺑﻮد ﺧﺎر ﻫﺎ
ﭘﻴﺎ ﭘﻲ ﺑﮑﺶ ﺟﺎم ﺳﺮﮔﺮم ﺑﺎﺷﺒﻬﻞ ﮔﺮ ﺑﮕﻴﺮ ﻧﺪ ﺑﻴﻜﺎر ﻫﺎ.
ﻋﻼﻣﻪ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻧﻮي ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۱۹۸۱۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ.
اﻳﺮان -ﺟﺘﻲ .......... ﺟﻬﺎز ﺟﻲ اڏاﻣﮡ ﻣﻬﻞ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﻛﺠﻬﻪ ﭘﮍﻫﻴﻮ .ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺳﻨﻮت ۾ اﭼﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮀﺎ ﭘﮍﻫﻴﻮ درود ﺷﺮﻳﻒ ﻳﺎ ﺳﺒﺤﺎن اﻟﺬي ﺳﺨﺮ .....؟
”آﺋﻮن ﺟﻬﺎز ﺗﻮڙي ﭨﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﻫﻠﮡ ﻣﻬﻞ آﻳﺖ ﻛﺮﺳﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪو آﻫﻴﺎن “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.
ﻫﻦ اﻧﺪروﻧﻲ Domesticاڏام ﺗﻲ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﻫﻚ ﭔﻪ دﻓﻌﻮ ﺻﻠﻮات ﭘﮍﻫﮡ ﻻ ﭘﮡ ﭼﻴﻮ وﻳﻮ .ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ۽ ﭔﻴﻦ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺻﻠﻮات )درود ﺷﺮﻳﻒ( ﭘﮍﻫﻴﻮ ﭤﻲ اﻫﻮ ﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻟﮑﻲ ڏﻧﻲ” .اﻟﻠﻬﻢ ﺻﻞ ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ و آل ﻣﺤﻤﺪ“.
”ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻣﻮﻛﻞ ﺗﻲ ﮘﻮٺ ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻴﺎ وﭸﻮ؟“ ﻣﻮن ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ.
”ﻧﻪ ،ﻧﻪ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮘﻮٺ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان آﻫﻲ “،ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﻣﺸﻬﺪ آﺋﻮن دراﺻﻞ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﭘﻴﻮ وﭸﺎن .ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺗﻬﺮان ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻨﺪس“.
ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ ۽ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻫﻴﭟ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻮن ﺑﺘﻴﻮن ﺟﻬﮙﻤﮗ ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﮡ ﻟﮙﻴﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﮐﻴﺮ ﺟﻬﮍي اﮀﻲ روﺷﻨﻲ ﻣﺎن ﻇﺎﻫﺮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻣﺒﺎرڪ آﻫﻲ .ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ دري ﻣﻮﺳﻲ رﺿﺎ“ ﭨﻲ ﭼﺎر دﻓﻌﺎ ﭘﮍﻫﻴﻮ. ﻣﺎن ﻫﻴﭟ روﺿﻲ ﻃﺮف ﻧﻬﺎري ”اﺳﻼم ﻋﻠﻴﻚ ﻳﺎ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﺑﻦ ٰ
ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ڏي اﻳﻨﺪي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن وﻳﭡﻞ ﻫﻤﺮاﻫﻪ – ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﮡ ﺳﻨﺪس ۽ ﺳﻨﺪس زال ﺟﻲ ﭼﻬﺮي ﻣﺎن ﻣﻮن ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ اﺧﺘﺮ ﻫﻮ .ﮀﻮﻳﻬﻪ ،ﺳﺘﺎوﻳﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ آﻏﺎ ﺧﺎن اﺳﭙﺘﺎل ۾ ﻧﻮﻛﺮي ﭤﻮ ﻛﺮي .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭤﻲ وﻳﺎ ﭘﺮ ﮐﻴﻦ اوﻻد ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﭤﻴﻮ ” ﭘﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ اﭼﻲ دﻋﺎ ﮔﻬﺮﻳﺴﻴﻦ ۽ ﻫﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ آﻫﻲ“ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﮐﺎن اﭠﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﮐﻦ ﺟﻮ ﭔﺎر وﭠﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ .ﻣﻮن ﻫﻦ ﮐﻲ ﻛﻮڏاﺋﻴﻨﺪي ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﮐﺎن ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮁﻴﻮ. ”ﻋﻠﻲ رﺿﺎ “.ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ.
”ﻣﺎﺷﺎ ا� ! ا� ﮔﻬﺮﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻴﺎن ﻧﻴﻚ ۽ دﻳﻨﺪار ﭤﻴﻨﺪو “.ﻣﻮن دﻋﺎ ڏﻳﻨﺪي ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ” .آﺋﻮن ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ دوﺳﺖ ﺧﺎص ﺗﺎﻛﻴﺪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺮاد ﭘﻮري ﭤﻴﮡ ﻻ دﻋﺎ ﮔﻬﺮان.
اﻣﺎم ،وﻟﻲ ،اوﻟﻴﺎ ۽ ﭘﻴﻐﻤﺒﺮن ﺟﻮ ﺑﻠﻨﺪ ﻣﺎن ۽ رﺗﺒﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﭘﺮ ﮀﺎ اﻫﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺠﻴﺐ ﻧﭥﻮ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻫﻨﻦ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﻻ ﭘﻴﺎر ۽ ﻋﺰت ﺟﻮ ﺟﺬﺑﻮ اﻳﺘﺮو وڌﻳﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن ﺿﺮورﺗﻮن رب ﮐﺎن ﮔﻬﺮڻ وﺳﺮﻳﻮ وﭸﻦ ۽ ﻛﭥﻲ اﺳﺎن ﺷﺮڪ ﺟﻬﮍي ﮔﻨﺎﻫﻪ ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻣﺒﺘﻼ ﺗﻪ ﻧﭥﺎ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮن؟“
”ﺑﻠﻜﻞ ﺻﺤﻴﺢ ﭤﺎ ﭼﺌﻮ “،ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﭼﻴﻮ ” ،دراﺻﻞ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻫﻮ ﻏﻠﻂ ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻛﻮ ﻛﻨﻬﻦ اﻣﺎم ﻳﺎ وﻟﻲ ا� ﮐﺎن ڊﺋﺮﻳﻜﭧ ﭤﺎ ﮔﻬﺮون .اﺳﺎن ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻨﻦ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﮐﻲ وﺳﻴﻠﻮ ﺑﻨﺎﺋﻲ رب ﭘﺎڪ ﮐﺎن دﻋﺎ ﭤﺎ ﮔﻬﺮون“. ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ،ﭔﺎر ۽ ﻣﺎ ﭘﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭔﻦ ﻫﻔﺘﻦ ﻻ اﻳﺮان آﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﮔﺮوپ ﺳﺎن ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻲ اﭼﮡ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ آﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﺪس واﻟﺪﻳﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻪ اﻳﺮان اﭼﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻨﻦ ﻻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﮡ ﻳﺎ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﻛﻮ ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ ۽ واﻗﻌﻲ اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺷﺮﻳﻒ ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭘﺎﺳﺪاري ﻛﻨﺪڙن ﻻ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﺎﻫﻲ .ﺑﺎﻗﻲ اﻳﺮان ﻟﭽﻦ ﻟﻔﻨﮕﻦ ﻻ ﻧﻪ آﻫﻲ .ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ
ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻗﺎﻋﺪا ﻗﺎﻧﻮن ﺳﺨﺖ آﻫﻦ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻧﻈﺮن ۾ ڏوﻫﺎري ڏوﻫﺎري آﻫﻲ ﭘﻮ اﻫﻮ ﭼﺎﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ .ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ وزﻳﺮ ﻳﺎ ﺳﺮﻛﺎري ﻋﻤﻠﺪرا ﺟﻮ ﭘﭧ .ڏوﻫﻪ ﺟﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﺰا ﻣﻠﮣﻲ آﻫﻲ.
اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﮐﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ڏﺳﮡ ﺟﻮ ڏاڍو ﺷﻮق ﻫﻮ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭤﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﻳﺮان اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ڏاڍو اﻓﺴﻮس ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﻬﻴﻨﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﺑﺮﻣﻮدا ۽ ﻛﻴﻮﺑﺎ ﻳﺎ ﻧﺎروي ﺳﺌﻴﮉن ۽ ﻛﺌﻨﺎڊا ﮐﺎن ﺗﻪ وﭸﻴﻮ ﻧﻜﺮي ﭘﺮ ﭔﻦ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ اﻳﺮان ﻧﭥﻮ اﭼﻲ .اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﭘﺮاﮢﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﻧﻴﭟ ﮐﻴﺴﻲ ﻣﺎن ﭜﺎڙو ﭜﺮي آﻳﻮ آﻫﻴﺎن. اﻋﻠﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽ ”واﻗﻌﻲ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﻠﻚ ۽ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﭘﺮاﮢﻲ آﻫﻲ “،ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻧﻘﻴﺐ ﭼﻴﻮ “،ﻫﻲ ﺳﺮزﻣﻴﻦ ﻗﺪﻳﻢ زﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن ٰ ﻋﻴﺴﻲ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ ﭴﻢ ﮐﺎن ﭔﻪ ﺻﺪﻳﻮن ﺗﻤﺪن ،ﻣﺎﻳﺌﻪ ﻧﺎز ﻣﻌﺎﺷﺮت ۽ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺣﻀﺮت ٰ اڳ ﺟﮇﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﻋﺮوج ۽ ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ واﻗﻒ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ .ﺑﻠﻚ ﮔﻤﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ اوﻧﻬﺎﺋﻴﻦ ۾ ﻏﺮق ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﻛﺒﻴﺮ ﺟﻬﮍا ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﻧﻮﺷﻴﺮان ﺟﻬﮍو ﻋﺎدل ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻋﺰت ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎن ڏ ﭠﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .ان وﻗﺖ اﻳﺮان ۾ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﺎ واﺿﺢ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﻮﺟﻮد ﻫﺌﺎ.ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ. ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ڌرﺗﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺣﺼﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺳﻠﻄﻨﺘﻦ ﮐﺎن اﺗﻢ اﺗﺎﻫﻮن ﻫﻮ“. اﺳﺎن ﻛﺎ دﻳﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﺎ ﮔﮡ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ.
ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ دور ۾ اﻳﺮان دﻧﻴﺎ ﺟﻮ اﻛﻴﻠﻮ ﺳﭙﺮﭘﺎور ﻫﻮ.ﻫﻦ ﺟﻲ ﭨﻦ ﮐﻨﮉن ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .ان دور ۾ اڄ واري ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﺎ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ .ان زﻣﺎﻧﻲ ﺟﺎ اﺛﺮات اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﻬﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ ﻧﻤﺎﻳﺎن آﻫﻦ.اﺳﻼم ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ۾ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﻫﺌﻲ .ان وﻗﺖ ﺳﭵﻮ ﻣﻠﻚ زرﺗﺴﺘﻲ )ﭘﺎرﺳﻲ( ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ ﭘﻮﭴﺎري ﻫﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﭴﮡ وارا آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ )ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري( ﻳﺎ ﻣﺠﻮﺳﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﺟﻦ اﺳﻼم ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ دل وﺟﺎن ﺳﺎن ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﻞ ﺳﺎن ان ﺟﻮ ﺣﻖ ادا ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ .ﭤﻮري ﺋﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم اﺳﻼم ﺟﻲ ﺧﺬﻣﺖ ۾ اﮘﻴﺎن اﮘﻴﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﮡ ﻟﮙﻲ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻟﮑﮣﻲ ﮐﻲ ﮀﮇي ان ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻲ رﺳﻢ اﻟﺨﻂ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻴﻮ .اﻫﮍي ﻃﺮح زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻌﺒﻲ ۾ اﺳﻼم ﺟﻲ ﻣﻬﺮ ﻧﻈﺮ اﭼﮡ ﻟﮙﻲ. ”ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺷﻌﺮ و ادب ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ آﻫﻲ “،اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭼﻴﻮ” ،اﻳﺮان ﻓﺮدوﺳﻲ ۽ ﻋﻤﺮﺧﻴﺎم ﺟﻬﮍن ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ“.
”ﺟﻲ ﻫﺎ “،ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ” ،اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ ) ،(۹۲۵-۱۰۲۰ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ) ،(۱۰۴۸-۱۱۳۱ﺟﺎﻣﻲ)،(۱۴۱۴-۱۴۹۲ ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ) ،(۱۱۳۰-۱۲۲۰ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ ُروﻣﻲ ) ،(۱۲۰۷-۱۲۷۳ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ،ﺣﺎﻓﻆ ،ﺳﻌﺪي) (۱۱۸۴-۱۲۹۱۽ ﻣﻨﺼﻮر اﻟﺤﻼج ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ“.
آﺋﻮن دراﺻﻞ ان ﺋﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﺘﻮ آﻫﻴﺎن ﻧﻪ ﺗﻪ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻠﻚ آﻫﻦ ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎز وﭸﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﻳﺎ ﺟﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ – ﺗﻪ ﮀﺎ آﺋﻮن ﭜﺎڙا ﭜﺮي اوڏاﻧﻬﻦ وﭸﺎن ؟ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺋﻲ ﭔﻲ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ )ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ( ،ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻘﺎدر ﺟﻴﻼﻧﻲ ،اﻣﺎم ﻏﺰاﻟﻲ ،ﺳﻨﺎﺋﻲ ﻏﺰﻧﻮي )ﺷﺎﻋﺮ( ،اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ۽ ﻓﺮﺧﻲ ﺳﻴﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ. ﻣﻮﺳﻲ رﺿﺎ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ٰ ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎﺻﻠﺖ ،ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ،اﻣﺎم زادي ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮق ،اﻣﺎم زادي اﺑﺮاﻫﻴﻢ ،اﻣﺎم زادي ﺳﻴﺪ ﺟﻤﺎل اﻟﺪﻳﻦ ،اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ ﻣﺒﺮﻗﻊ ۽ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﺟﻬﮍن ﻧﻴﻚ ۽ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ رﻫﻴﻮ. زادي ٰ
اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ ﺳﺎﺋﺮس ،داﺋﺮس ،ارڌﺷﻴﺮ ،ﺷﺎﻫﭙﻮر ،ﻫﺮﻣﺰد ۽ ﺑﻬﺮام ﺟﻬﮍن ﭘﺮﺷﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺮوﻳﻦ داراﺑﻲ )اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻜﺲ ۾ Ph.Dﻛﻨﺪڙ ﻋﻮت( ،ﻓﺎروﺧﺮا ﭘﺎروﺳﺎ )وزﻳﺮ ﺗﻌﻠﻴﻢ( ،ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي )ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم ﻳﺎ ﻓﺘﻪ( ،ﻻدان ۽ ﻟﻴﻼح )ﮘﻨﮃﻳﻞ ﺟﺴﻢ وارﻳﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن( ،ﺑﻴﻬﻨﺎز ﻣﻮزاﻛﺎ )ﻟﻨﮉن ۾ ۲۰۰۵۾ ﺑﻢ ﭰﺎﭨﮡ ﺗﻲ ﻣﺮي وﻳﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت(،ﺷﺮﻣﻴﻦ ﺷﺎﻫﺮﻳﻮار )ﺳﺎل ۲۰۰۵ﺟﻲ ﻣﺲ ﻳﻮرپ( ،زﻫﺮه راﻧﺎ ورد )اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ اﻳﺮان
ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ واﺋﻴﺲ ﭼﺎﻧﺴﻠﺮ( ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ زرﺗﺸﺖ) ،(Zarathustraﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ،ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ،ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد )ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال ﺟﻨﻬﻦ ﻣﮍس ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ۱۴۴۷ﮐﺎن ۱۴۵۷ﺗﺎﺋﻴﻦ دﺟﻠﻪ ﮐﺎن ﭼﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ،ﻣﻤﺘﺎز ﻣﺤﻞ )ﻋﺒﺪاﻟﺤﺴﻦ آﺻﻒ ﺧﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻲ ڌي ۽ ﻣﻐﻞ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﺎن ﺟﻲ زال( ،ﻧﻮرﺟﻬﺎن)اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻳﺰد ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻮ ﻣﺮزا ﻏﻴﺎث ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ڌي ۽ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﺎﻧﮕﻴﺮ ﺟﻲ وﻳﻬﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۽ ﺑﻴﺤﺪ دﻟﭙﺴﻨﺪ زال ( ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻨﻬﻦ ۾ اڄ ﻓﺮﺷﺪ ﻣﻮﺳﻮي )دﻧﻴﺎ ﺟﻲ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮل اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ اﮘﻮاڻ ﻋﻮرت( ،آزادي ﺗﺒﺎزاد )ﻧﺎﺳﺎ ﺟﻲ اﻋﻠﻲ ﺷﺎﻋﺮه ۽ ﻟﻴﮑﻚ( ،ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ اﺑﺘﻜﺎر)اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﺎﺋﺐ ﺳﺎﺋﻨﭩﺴﭧ( ،ﻣﺮﻳﻢ ﻣﺮزا ﺧﺎﻧﻲ ) ،(Mathematicianﻣﻨﺎ اﺳﺎدي ) ٰ ﺻﺪر( ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﻮن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ ،ﺳﺌﻴﮉن ﻣﺎن ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ؛ ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻲ ﻗﻠﻲ زادو )ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﺟﻨﺮل ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ( ،ﺑﺸﻴﺮ ﻛﺎﻣﻜﺎر)ﭨﻴﻜﻨﻴﻜﻞ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ IRISLﺗﻬﺮان( ،ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻏﻼم رﺿﺎ اﻳﻤﺎد ۽ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺷﻬﺮﻳﺎر ﻣﻈﻬﺎري )ﭔﺌﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ،ﺟﻴﻜﺎ ﮀﺎﺑﻬﺎر ۾ آﻫﻲ ۽ ﺟﺘﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﮔﻬﻤﮡ ﺑﻌﺪ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﻻ دﻋﻮت ڏﻧﻲ آﻫﻲ ( ،ﺑﻬﺰاد ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻴﻒ اﻻﻫﻲ )ﻣﺌﻨﻴﺠﻨﮓ ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ،ﺑﻨﻴﺎد ﺷﭙﻨﮓ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺗﻬﺮان(، ﻏﻼم رﺿﺎ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ )ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﺟﻨﺮل ،ﺗﻬﺮان( ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻫﺌﺎ ۽ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ Scandinavianوارن ﻛﺘﺎﺑﻦ ؛ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻛﻮﭘﻦ ﻫﻴﮕﻦ ،ﻳﻮرپ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ۾ ﻟﮑﻴﻮن آﻫﻦ( ،ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ اﻳﺴﺘﺮي )ڊي ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﻋﺒﺎس ﭘﻮرٽ اﭤﺎرﭨﻲ( ،وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ...ﻫﻲ اﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻮن زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﭔﻪ ﺳﺎل ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۽ ورﻟﮉ ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﮔﺬارﻳﺎ. ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪه ﻫﺌﺎ .ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ اﻳﺮان اﭼﮡ ﺟﻲ ﺗﮇﻫﻦ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﺑﻪ دﻋﻮت ڏﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ .اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﭽﺎﺋﻲ ،ﻧﻬﭡﺎﺋﻲ ۽ ﭘﺎڪ ﺻﺎف زﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬارڻ ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﻫﺌﺎ .وﻻﻳﺖ ۾ اﺳﻼم ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ Imageﻓﻘﻂ ۽ ﻓﻘﻂ اﻳﺮاﺋﻲ ﺋﻲ ﭘﻴﺶ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﺟﺘﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪه ﻳﻮرپ ﺟﻲ رﻧﮕﻴﻨﻴﻦ ۾ ﻣﺪﻫﻮش ﭤﻲ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ اﺗﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺧﻄﺎ ﻧﻪ ﭤﻴﺎ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ ﺳﭝﻨﻲ ۾ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ،ﺟﻮان ۽ ﺳﻤﺎرٽ ﻫﺌﺎ .ﺳﻨﺪس اﺻﻮل ۽ اﻳﻤﺎﻧﺪاري ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ Impressﻛﻴﻮ ﭤﻲ.
اڄ آﺋﻮن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﻮن اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﺳﺎﭤﻲ ﮐﻲ اﻃﻼع ﻧﻪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻞ ﭘﺮوﮔﺮام ﻣﻮﺟﺐ ﻣﺸﻬﺪ ،ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ﻗﻢ ﻣﺎن ﭤﻲ ﭘﻮ ﭘﺮاﮢﻴﻮن ﻳﺎدﻳﻮن ورﺟﺎﺋﮡ ۽ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻳﺎد ﻛﺮڻ ﻻ اﻧﻬﻦ دوﺳﺘﻦ وٽ ﺗﻬﺮان ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﮀﺎﺑﻬﺎر وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو رﮐﺎن ﭤﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﻛﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﺮي ﻧﺎﻫﻲ .اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ ﺑﻌﺪ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻠﺪﺋﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ روﺷﻨﻴﻦ ۾ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻦ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮڻ وارن-اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ رﺿﻮان ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﺎ ﺑﻠﻜﻞ وچ ﺷﻬﺮ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﮐﺎن ﭔﻦ ﻣﻨﭩﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﺟﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ؛ ﻫﻮﭨﻞ ﻧﮕﻴﻦ ﻗﻢ ۽ ﻫﻮﭨﻞ اﭘﺎراﭤﺎ )ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺟﻲ( روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﺘﺎن ﻫﺮﺷﻲ -ﺷﺎﭘﻨﮓ ﺳﻴﻨﭩﺮ ،ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ،ﺑﺎزارﻳﻮن ﭘﻨﮅ ﭘﻬﭽﮡ واري ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻫﻴﻮن.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺗﺎرﻳﺦ ﺗﻬﺬﻳﺐ و ﺗﻤﺪن ،ﭔﻮﻟﻲ ادب ،ﺣﻜﻮﻣﺘﻲ ﻧﻈﺎم ،ﺷﻬﺮن ۽ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ ﺟﻮڙﺟﻚ ۽ ﺳﮅاري ۾ ﻳﺎ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ،ﭤﺎﺋﻴﻠﻴﻨﮉ ،ﭼﻴﻦ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻨﺪا ۱۹۷۱ .۾ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﺟﻲ ۲۵۰۰ﻫﻴﻦ ﺳﺎﻟﮕﺮه وڏي ڌام ڌوم ﺳﺎن ﻣﻠﻬﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ -ﺳﺎﺋﻴﻦ ﮀﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺠﻲ!دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺻﺪر ۽ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﻻ ﮀﺎ ﺗﻪ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ ،ﮀﺎ ﺗﻪ ﺧﺮچ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ .روز اﺧﺒﺎرن ۽ رﻳﮉﻳﻮ ﺗﺎن اﺳﻴﻦ ان ﺟﺸﻦ ﺟﻮ ﺧﺒﺮون ﭔﮅي ،ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﭨﻴﻜﺎ ﭨﭙﮣﻲ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺗﻌﺠﺐ ﻋﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﺎن ﻟﮙﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ۲۵۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻲ ﻧﻈﺎم ﻫﻠﻨﺪو اﭼﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﺮت ٰ اﻋﻠﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﺑﻪ ۵۰۰ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﮐﺎن وﭠﻲ! اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ۲۵۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﻫﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ،ﻫﻦ ٰ ﺟﺸﻦ ﺑﻌﺪ ،ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ اﻧﺪر ﭜﭵﻲ ﭜﺮي ﭜﺴﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ .ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺗﻠﻮار ﺟﻲ ﻓﻘﻂ ﺗﻘﺮﻳﺮن ۽ ﺗﺤﺮﻳﺮن ذرﻳﻌﻲ اﻧﻘﻼب آﮢﻲ ﮀﮇﻳﻮ .اڄ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”اﺳﻼﻣﻲ ﺟﻤﻬﻮرﻳﻪ اﻳﺮان“ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﺟﻮ اﺳﻼﻣﻲ ﻧﻈﺎم ۽ ﻋﻮاﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ دﻋﻮيٰ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ﻫﺘﻲ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﻫﻦ اﺳﭩﻴﺞ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ،ﺟﻬﻮﻧﻲ ۽ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺗﺎرﻳﺦ ﮐﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻨﻦ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ﮐﻲ ﭘﮍﻫﮡ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ.
ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ ﺳﺮزﻣﻴﻦ ،ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﺑﺎدﺷﺎﻫﺘﻮن ،ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن اڍاﺋﻲ ﻫﺰار ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﭘﺮاﮢﻴﻮن ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ .ان ڌرﺗﻲ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ اڄ ﮐﺎن ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ ﺟﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اڄ ﺟﻴﺌﺮو ﭤﻲ ﭘﻮي ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﮐﺎن ﺳﻨﺪس ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﮁﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺮان ﭤﻲ وﻳﻨﺪو ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﻬﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ! دراﺻﻞ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺟﻮ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻧﺎﻟﻮ ﭘﺮﺷﻴﺎ /ﻓﺎرس ﺿﺮور ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان ﻧﻪ ﻫﻮ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ،ادب ،ﺷﻌﺮو ﺷﺎﻋﺮي ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﺋﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﺴﻮب ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ،ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ،ﭘﺮﺷﻦ ﭔﻠﻲ ،ﭘﺮﺷﻦ ﻏﺎﻟﻴﭽﻮ ....وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه. ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﻠﻄﻨﺖ -ﭘﻬﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ،ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻲ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي۱۹۳۵ ، ۾ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺮان رﮐﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺘﻲ ﭘﺮﺷﻴﺎ -ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ ،ان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪڙ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ۽ ﺷﺎﻫﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ اﺣﻮال ﻛﻴﻮن ﭤﺎ.
ﻋﻴﺴﻲ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ وﻻدت ﮐﺎن ﺑﻪ ﭔﻪ ﻫﺰار ﺳﺎل اڳ روس ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻋﻼﺋﻘﻦ ﮐﺎن آرﻳﻦ ﺟﺎ ﭨﻮﻻ ﻫﻦ ﺣﻀﺮت ٰ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ اﭼﻲ رﻫﮡ ﻟﮙﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﺳﻴﻦ اڄ اﻳﺮان ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ .اﻳﺮان ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻪ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آرﻳﺎﻧﺎم ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻞ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ ” رﻳﺎ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ زﻣﻴﻦ“ .ﻫﻲ آرﻳﺎ ﺑﺪو ﻗﺒﻴﻼ ﺟﻴﻜﻲ اﺗﺮ ﮐﺎن ﻟﮇي ﻫﺘﻲ آﻳﺎ ،اﻫﻲ آدﻣﺸﻤﺎري آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٰ ۾ وڌڻ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ۾ آرﮔﻨﺎﺋﺰ ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪا وﻳﺎ ۽ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ اﻫﻲ ﭔﻦ وڏن ﮔﺮوﭘﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﺠﻲ وﻳﺎ .ﻫﻚ اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ اڄ واري اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ ۽ اوﭜﺮوارن ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ رﻫﻲ ﭘﻴﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻴﺪس ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ ۽ ﭔﻴﺎ ﭘﺮﺷﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺎرس ﻳﺎ ﻓﺎرس ﺻﻮﺑﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ڏاﮐﮣﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ Settledﭤﻲ وﻳﺎ .اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻨﻦ آرﻳﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال اﻧﺠﻴﻞ ﻣﻘﺪس ۽ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺪس ﻛﺘﺎب اوﺳﺘﺎ ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ. ﻣﻴﺪس ) (Medesﺑﺎﻗﻲ ﻗﺒﻴﻠﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﻫﺌﻮ .ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد اﻛﺘﺒﺎﻧﺎ )ﻫﻤﺪان( ۾ ۷۰۰ ﻋﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺖ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ ﺟﻲ ﭤﻲ. ق.م رﮐﻴﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺣﻀﺮت ٰ
ﻣﻴﺪس ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﭘﺮﺷﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻮ )ﻓﺎرس ۾ رﻫﮡ وارا( ﻫﺌﺎ ۵۴۶ .ق.م ڌاري ﭘﺮﺷﻦ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎﺋﺮس ) (Cyrus the Greatﺟﻲ ﺳﺮداري ۾ ﻣﻴﺪس وارن ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﺳﻮڀ ﻣﺎﮢﻲ ۽ ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﺎﺋﺮس ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻜﻲ ﻣﻴﻨﺪ Achaemenidﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو .ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ”ﻛﻮروش ﻛﺒﻴﺮ“ ۽ ”ﻛﻮروش ﺑﺰرگ“ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ۵۹۰ ،ق.م ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽
۵۳۰ق.م وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺗﻲ ۲۹ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۵۵۹ ،ق.م ﮐﺎن ﻣﺮڻ ﺗﺎﺋﻴﻦ.
ﺳﺎﺋﺮس )ﻛﻮروس ﻛﺒﻴﺮ ﻳﻌﻨﻲ ” ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ“( ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻫﻚ اﻫﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ.ﻫﻦ ﺟﻮ • ذﻛﺮ ﺑﺎﺋﻴﺒﻞ ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮن اﻫﻢ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ ﻗﺮآن ۾ ذواﻟﻘﺮﻧﻴﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ اﻫﻮ ﻫﻲ ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ آﻫﻲ .اﻫﺎ ﭤﻴﻮري اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻔﻜﺮ اﺑﻮاﻟﻜﻼم آزاد ﺟﻲ ڏﻧﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻴﻌﺎ ۽ ﺳﻨﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ Supportﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﻋﻼﻣﺎ اﻋﻠﻲ ﻣﻮدودي ﭘﮡ endoseﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﺗﻔﺴﻴﺮ ” اﻟﻤﻴﺰان“۾ ،۽ ﻣﻘﺮم ﺷﻴﺮازي ۽ اﺑﻮ ٰ آﺳﭩﺮﻳﻠﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﮉﻧﻲ ۾ ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ) (statueﻟﮙﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ۱۹۹۴ﺗﻲ ﺳﺎﺋﺮس • )ﻛﻮروش( ﺟﻮ ۲۶۰۰ﺟﻨﻢ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻠﻬﺎﺋﮡ ﺗﻲ ﻟﮙﺎﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻫﻮ ﭼﺌﻦ ﻣﻴﭩﺮن ﺟﻮ ) Statueﻳﻌﻨﻲ اﻧﺴﺎن ﺟﻲ ﻗﺪ ﮐﺎن ﭔﻴﮣﻮ( ﺳﮉﻧﻲ اوﻟﻤﭙﻚ ﭘﺎرڪ ۾ رﮐﻴﻞ آﻫﻲ.
۱۹۹۲۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺎﺋﻴﻜﻞ ﻫﺎرٽ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب List of Influential Peopleﻟﮑﻴﻮ ان ۾ ﺳﺎﺋﺮس • ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ۸۷ﻫﻴﻦ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ آﻫﻲ.
ﺳﺎﺋﺮس ﻫﻚ ﻋﺪل و اﻧﺼﺎف وارو ۽ رﻋﻴﺖ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻨﺪڙ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺟﻲ دل ۾ ﺧﺪا ﺟﻮ • ﺧﻮف رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﺧﺪا ﮐﻲ ﻣﭹﮡ وارو ﻫﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ رﻋﻴﺖ ﮐﻲ ﺟﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ دﻳﻮﺗﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﻋﺒﺎدت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ،ﺗﻨﮓ ﻧﭥﻲ ﻛﻴﻮ .ﻫﻮ وڏو ﻓﺎﺗﺢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻦ ﻗﻮﻣﻦ ﻣﻴﺪس ۽ ﭘﺮﺷﻦ ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﻫﮍو ﺗﻪ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺑﻨﺎﻳﻮ ﺟﻮ ان وﻗﺖ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮڻ وارو ﻛﻮﺑﻪ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ اوﭜﺮ ﻃﺮف ﻛﺎﻫﻮن ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ ﺗﺮﻛﺴﺘﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻼﻳﻮ ۽ اوﻟﻬﻪ ﻃﺮف آﺋﻮﻧﻴﺎ ) (Ioniaﮐﺎن وﭸﻲ ﻧﻜﺘﻮ. اﺗﺮ ﻃﺮف ﻛﺎﻛﺌﺴﻴﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڌرﺗﻲ ﺳﻨﺪس ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ اﭼﻲ وﺋﻲ. ﺳﺎل ۲۰۰۳ﺟﻮ ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻮن ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ﮐﻲ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ان ﮐﻲ ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ واري • ﺗﻘﺮﻳﺮ ۾ ﻫﻦ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻳﺎد ﺗﺎزي ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ؛
“I am an Iranian, a descendent of Cyrus the Great. This emperor proclaimed at the pinnacle of power 2500 years ago that he ‘would not rein over the people if they did not wish it? He promised not to force any person to change his ”religion and faith and guaranteed freedom for all. The charter in the history of human rights.
ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﺮق ﺟﺎ ﭘﺮ اڄ ﺟﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻦ .ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻃﺮز ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺑﺎﺑﺖ آﺋﺴﻠﻨﮉ ﺟﻬﮍي ڏوراﻧﻬﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اڄ ﺟﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ) (USAﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪاﻧﻦ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن اﺑﻦ ڏاڏن ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺑﺎﺑﺖ Cyropaediaﺟﻬﮍن ﻛﺘﺎﺑﻦ ﻣﺎن اﺗﺴﺎﻫﻪ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ .اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﺎﻣﺲ ﺟﻴﻔﺮﺳﻦ وٽ ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ﺟﻮن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭔﻪ ﻛﺎﭘﻴﻮن رﻫﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ۽ اﻋﻠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻲ ﻋﻤﻠﺪار ۽ Statesmentﻻ اﻫﻮ ﺿﺮوري ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭔﻪ ﻛﺘﺎب ﺿﺮور ﭘﮍﻫﻲ .ﻫﻚ ﻫﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻫﺮ ٰ ﺳﺎﺋﺮس وارو Cyropaedia۽ ﭔﻴﻮ ﻣﺌﻜﻴﺎوﻟﻲ ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎب ” دي ﭘﺮﻧﺲ“ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻚ ﺷﺒﻬﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﺮس ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻗﺪﻳﻢ ۽ ڊﭠﻞ ﺷﻬﺮ ﭘﺎﺳﺎر ﮔﺎد ) (Pasargadae۾ آﻫﻲ .ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﭘﻮ ۳۳۰ ق.م ڌاري ﺟﮇﻫﻦ ﻳﻮﻧﺎن ﺟﻲ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ ) (Persepolisﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﻴﻮ ،ان وﻗﺖ ﻫﻮ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ ﻫﻦ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﺮ ﭘﺎﺳﺎرﮔﺎد ۾ ﺑﻪ آﻳﻮ ﻫﻮ .ﭘﺮاﮢﺎ ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﻛﺘﺒﻲ ﺗﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻏﺎﺋﺐ آﻫﻲ ،ﻫﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ؛ ”اي واﭨﻬﮍو! آﺋﻮن اﻫﻮ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ ﻋﻈﻴﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﻫﻴﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﭘﺮﺷﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮڙي .ان ﻛﺮي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺴﺪ ﻧﻪ ﻛﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭩﻲ ﻫﻴﭟ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻻش دﭔﻴﻞ آﻫﻲ“.
ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﭘﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻛﺌﻤﺒﻴﺲ ) (Cambysesﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻦ ﭘﭩﻦ ﻣﺎن وڏي ﺟﻮ رﮐﻴﻮ ۽ • اﻫﻮ ”ﻛﺌﻤﺒﺴﺲ دوم“ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ .ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭔﺌﻲ ﭘﭧ ،ﻫﻚ اﭠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ ۽ ﭔﻴﻮ ﻫﻚ ﺳﺎل ﻻ
ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﭘﺮ ﻛﺎ اﻫﮍي ﻧﺎﻣﻮس ﻧﻪ ﻛﮃﻳﺎﺋﻮن .ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ان ﺑﻌﺪ ﭰﺮي ﮔﺮي دارﻳﺲ) (Dariusﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ واﻧﮕﺮ دارﻳﺲ دي ﮔﺮﻳﭧ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻨﻦ اﻳﺮﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﻣﺎن ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻲ ﻳﻮﻧﺎن ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﻟﻴﮕﺰﺋﻨﮉر دي ﮔﺮﻳﭧ )ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ( ﺳﮇراﻳﻮ.
دارﻳﺲ دي ﮔﺮﻳﭧ ) (Darus Iﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﻣﺎڊرن ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ دارﻳﻮش ۽ ﻫﻨﺪي زﺑﺎن ۾ داراﻳﻮ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ، ۵۴۹ق.م ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۶۵ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺳﻦ ۴۸۵ق.م ﺗﻲ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺗﻲ – ﻳﻌﻨﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﭘﺎﺳﻲ ﺗﺮﻛﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ روس اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﭼﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ ۳۷ ،ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ.
ﻛﺎﺑﻪ ﻋﻮرت وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ دارﻳﺲ ) (Darius Iﻛﻴﺮ ﻫﻮ؟
ﺷﺮوع ۾ آﺋﻮن ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻲ اﺗﺮاﻫﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آرﻳﺎ آﻳﺎ اﻧﻬﻦ ۾ وڏا ﭨﻮﻻ ﻳﺎ ﻗﺒﻴﻼ ﭠﻬﻲ وﻳﺎ. ﻫﻚ ﻣﻴﺪس ۽ ﭔﻴﻮ ﭘﺮﺷﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﺮدار ﺳﺎﺋﺮس ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ذﻛﺮ ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﺳﺎﺋﺮس ﻣﻴﺪس ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻣﻼﻳﻮ ،ان وﻗﺖ ﻣﻴﺪس ) (Medesﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﺳﺮدار ارﺳﺎﻣﻴﺲ) (Arsamesﻫﻮ .دارﻳﺲ دي ﮔﺮﻳﭧ ،ﻫﻦ ﺳﺮدار اﺳﺎﻣﻴﺲ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻫﻮ .ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﻣﻴﺪس ﺟﻲ ﺳﺮدار ارﺳﺎﻣﻴﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺮداري ﭘﮗ ﺗﺎن ﻫﭣ ﮐﮣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﺨﺖ و ﺗﺎج ﺳﺎﺋﺮس ﺣﻮﻟﻲ ﻛﻴﻮ .ﺳﺎﺋﺮس ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﭧ ﻫﺴﺘﺎﺳﭙﻴﺲ ) (Hystaspesﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ )ﭘﺎرﭤﻴﺎ ۽ ﻓﺮﻳﮕﻴﺎ( ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﻛﺮي رﮐﻴﻮ .دارﻳﺲ ﻫﻦ ﮔﻮرﻧﺮ ﻫﺴﺘﺎﺳﭙﻴﺲ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ .ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭔﻨﻬﻲ ﭘﭩﻦ ۾ ﻫﻴﮇي وڏي ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﺣﺎل ﻧﻪ ﻫﻮ .اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ دارﻳﺲ اﻳﺮان )ﻳﻌﻨﻲ ﺳﭵﻲ ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ .ﻫﻮن ﺑﻪ دارﻳﺲ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﻣﺎﺋﭩﻲ ﺑﻪ ﭤﻲ .ﺳﺎﺋﺮس ﮐﻲ ﭼﺎر ﭔﺎر ﻫﺌﺎ .ﭔﻪ ﭘﭧ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻲ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﻫﻚ ﭤﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﺟﻨﮕﻴﻦ ۾ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﺎ ۽ ﭔﻪ ڌﻳﺌﺮون ﺷﻬﺰادي آرﺗﻲ اﺳﭩﻮن ۽ ﺷﻬﺰادي اﺗﻮﺳﺎ ) . (Atossaﻫﻨﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﭜﻴﮣﻦ ﺟﻲ ﺷﺎدي دارﻳﺲ ﺳﺎن ﭤﻲ ﻫﺌﻲ. دارﻳﺲ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ زرﻗﻴﺲ ) (Xerxes Iﺟﻴﻜﻮ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ اﻫﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻮ ڏوﻫﭩﻮ ﺋﻲ ﭤﻴﻮ .ﻫﻦ ۴۸۶ق.م ﮐﺎن ۴۶۵ق.م ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ۽ ﻧﺎﻧﻲ واﻧﮕﺮ ﻧﺎﻟﻴﺮو ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ.
دارﻳﺲ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻬﺮي ﺳﺎﺋﺮس ،ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن واري ﺷﻴﺮﺷﺎﻫﻪ ﺳﻮري واﻧﮕﺮ ﻣﻠﻚ ۽ رﻋﻴﺖ ﻻ ﭜﻼ ﻛﻢ ﻛﻴﺎ .دارﻳﺲ ﻫﻚ ﺋﻲ ڌﮢﻲ اﻫﻮرا ﻣﺰدا ) (Ahura Mazdaﺟﻲ ﻋﺒﺎدت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ .زوروﺳﭩﺮﻳﻦ ﻋﻘﻴﺪي ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻫﻮرا ﻣﺰدا اﻫﺎ وڏي ﻫﺴﺘﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ﺧﻠﻘﻴﻮ .ان ﻛﺮي زوروﺳﭩﺮﻳﻦ ﻋﻘﻴﺪي ﮐﻲ ﻣﺰدا ﻳﺎ ﺳﻨﺎ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺰدا ﺟﻲ ﻋﺒﺎدت. •
دارﻳﺲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ،آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰر ۽ اﺋﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﭩﺮ ﻫﻮ.
•
ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮﺷﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ ۲۰ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ ۽ ﻫﺮﻫﻚ ﺗﻲ ﺳﺘﺮاپ )ﮔﻮرﻧﺮ( ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ.
• ﮀﮇﻳﻮ.
دارﻳﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻴﺌﺮي ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﭨﻜﺮي ﮐﻲ ﻛﭩﺎﺋﻲ ان اﻧﺪر ﭠﻬﺮاﺋﻲ
ﻫﻦ ﺳﺎﺋﺮس وارو ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﮀﮇي اڄ واري ﺷﻴﺮاز ﭜﺮﺳﺎن ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ ) (Persepolisﻧﺎﻟﻲ ﻧﺌﻮن ﺷﻬﺮ • اڏراﻳﻮ .ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﻟﭩﻲ ،ﭰﺮي آﺧﺮ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﮐﻨﮃﻫﺮ اﭸﺎن ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڏﺳﮡ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ.
ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﻴﻞ ﻧﺪي ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﺌﻴﺰ ﺷﻬﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺌﻨﺎل ﭠﻬﺮاﻳﻮ .ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ۾ ﻣﺼﺮ • ﺑﻪ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﻣﺼﺮ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ دارﻳﺲ ﺟﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻣﺼﺮ ﺟﻲ ﻋﻮام ﻻ ﺑﻪ ﭜﻼ ﻛﻢ ﻛﻴﺎ ۽ اﻧﺼﺎف ﺳﺎن ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻼﺋﻲ ﻫﻮ ﻣﺼﺮ ﺟﻮ ﻓﺮﻋﻮن ﭘﮡ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ.
•
ﻫﻦ ﭼﻮڌاري رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﭴﺎر وﮀﺎﺋﻲ .ﻣﺎپ ۽ ﺗﻮر ﺟﺎ وٽ ۽ ﻣﺎﭘﺎ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﺎ.
•
ﭔﻴﻦ ﭘﺮﺷﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ واﻧﮕﺮ دارﻳﺲ ﺑﻪ ﻏﻼﻣﻲ ﺟﻲ ﺧﻼف ﻫﻮ.
ﺑﻬﺴﺘﻮن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﭘﻬﺎڙي ﺗﻲ دارﻳﺲ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮑﺮاﻳﻞ ﻋﻬﺪ ﻧﺎﻣﺎ اﻳﺮان ۾ اﻳﻨﺪڙ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﻻ ڏﺳﮡ • وﭨﺎن آﻫﻦ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ۴۸۵ق.م ۾ دارﻳﺲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ زرﻗﻴﺲ اول ۴۶۵ق.م ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ
ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ﭘﺮ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ )ﻳﻌﻨﻲ اﻫﻜﻴﻤﻴﻨﮉ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ اﻫﻲ ﭨﻲ ﭴﮣﺎ ﺳﺎﺋﺮس ،دارﻳﺲ ۽ زرﻗﻴﺲ ﻣﺸﻬﻮر ﺗﺮﻳﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ .ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻴﻜﺎ ۵۵۰ق.م ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻲ ﺳﺎ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ۳۳۰ق.م واري ﺣﻤﻠﻲ ﺗﻲ دﻧﮓ ﭤﻲ .ﺳﻜﻨﺪر ﺟﻲ ان وﻗﺖ ﻋﻤﺮ ﭘﻨﺠﻮﻳﻬﻪ ﺳﺎل ﻛﺎ ﻣﺲ ﻫﺌﻲ .ﻫﻮ ﻳﻮﻧﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﻘﺪو ﻧﻴﺎ ﮐﺎن ﻟﺸﻜﺮ وﭠﻲ دﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺧﻮاب ﭘﻮرو ﻛﺮڻ ﻻ ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ۾ ﻛﺎ دﻗﺖ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﺎ ﺣﺎل ﻫﻴﮣﺎ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎ .ﭘﺮﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان اﻳﺘﺮو ﺗﻪ ﭘﺴﻨﺪ آﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ روﺧﺴﺎﻧﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ اﻋﻠﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﭘﺮﺷﻦ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﮀﻮﻛﺮي ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭔﻴﻦ ﺟﻨﺮﻟﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ٰ ﻛﺮﻳﻮ .ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ۳۲ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺳﻦ ۳۲۳ق.م ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﻮ اوﻻد ﻧﻪ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﺎ ﺟﻨﺮل ﻫﻴﮇي وڏي ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﻻ ﭘﺎڻ ۾ اﭨﻜﻲ ﭘﻴﺎ .آﺧﺮ ﻣﺎن اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺳﻴﻠﻴﻮﻛﺲ ) ،(Seleucusﻧﺎﻟﻲ ﺟﻨﺮل ﺳﻮﭜﺎرو ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﺳﻴﻠﻮﻛﻲ ﮔﻬﺮاﻧﻲ ) (Selencid Dynastyﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏﻳﮃﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۾ رﻫﻨﺪڙ ﭘﺎرﭤﻴﺎ ﻗﻮم ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﺋﻲ ﭘﺎرﭤﻴﺎ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ) (Parthian Dynastyﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﻛﻴﻮ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﭨﻜﻞ ۵۰۰ﮐﻦ ﺳﺎل ۲۴۷-ق.م ﮐﺎن وﭠﻲ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۲۲۴ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻲ ﭘﺎر ﭤﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ وڌاﺋﻲ آرﻣﻴﻨﻴﺎ ﮐﺎن اﻧﮉﻳﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﭘﺎرﭤﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ وڌاﺋﻲ ﺿﺮور ﮀﮇﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺗﻲ ﻟﮙﺎﺗﺎر اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ۽ روﻣﻴﻦ ﺟﺎ ﺣﻤﻼ ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺷﻬﺮي ﻟﮍاﺋﻴﻦ ﻫﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﻛﻤﺰور ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﻦ ۲۲۴ع ۾ ﻫﻚ ﭘﺮﺷﻦ آرڌر ﺷﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﺎرﭤﻴﻦ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻧﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري اﻳﺮاﻧﻴﻦ )ﭘﺮﺷﻦ( ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ آﺋﻲ ۽ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ وﺟﻮد ۾ آﺋﻲ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ )(Sasanid ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺮان ﺷﻬﺮ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ۲۲۴ع ﮐﺎن ۶۵۱ع ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭨﻜﻞ ﺳﺎڍا ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۳۳ﮐﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﺎ) .ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻴﻠﻮﻛﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ۱۲ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ۽ ﭘﺎرﭤﻴﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ۴۲ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ(.
ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺟﻴﻜﺎ ۴۵۰ﺳﺎل ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ اڄ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ۽ اﻫﻲ ﻧﺎﻻ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ رﻫﻨﺪڙ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ) (Zoroastrainڌرم ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ )ﺟﻦ ﮐﻲ اﺳﺎن وت ﻋﺎم ﻃﺮح ﭘﺎرﺳﻲ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ( ۾ ﻋﺎم آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ؛ ارڌ ﺷﻴﺮ ﺷﺎﻫﭙﻮر ﻫﺮﻣﺰد
ﭘﻴﺮوز
ﺧﺴﺮاﺋﻮ ،وﻏﻴﺮه ....
ﺳﺎﺋﺮس ،دارﻳﺲ ،زرﻗﻴﺲ ،ﻛﺌﻤﺒﻴﺴﺲ ،ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ”ﻫﺨﺎ ﻣﻨﺸﻲ“ ﮔﻬﺮاﮢﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ) Achaemenidاﻫﻜﻲ ﻣﻴﻨﺪ( ﭘﮡ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ۳۳۰ق.م ﺗﺎﺋﻴﻦ ۲۲۰ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .اﻧﻬﻲ دوران ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ۱۴ﮐﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اڄ واري اﻳﺮان ۽ ﭜﺮوارن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺣﺼﻦ( ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ دارﻳﺲ ﻫﻮ ﭘﺮ اﻫﻮ ”دارﻳﺲ ﺳﻮم“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﻳﻮﻧﺎن ﮐﺎن آﻳﻞ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻠﻲ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ڌارﻳﻮن ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ .ﻫﻲ ڌارﻳﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ۳۳۰ق.م ﮐﺎن ۲۲۴ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎڍا ﭘﻨﺞ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﻫﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ Selucid , Argead۽ ﭘﺎرﭤﻴﻦ Arsacidﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﺎ ۶۰ ﮐﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻳﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺷﺮوع ﭤﻲ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ اﻳﺮان ﺳﺎن ﻫﻮ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ .ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ دوران اﻳﺮان ﺟﻲ وڏي آدﻣﺸﻤﺎري ﺟﻴﻜﺎ زوروﺳﭩﺮﻳﻦ )ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭴﺎري( ﻫﺌﻲ ،اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ۽ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﭡﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺛﺎﺑﺖ ﻛﻴﻮ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﻼم ﺟﺎ وڏا ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻔﻜﺮ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ )اﻫﻜﻲ ﻣﻴﻨﺪ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ اﻫﮍو ﮔﻬﺮاﮢﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺳﺎن ﻫﻮ .ان ﻛﺮي اڄ ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ اﻧﻬﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ
ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ۽ ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻋﺎم آﻫﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ دور ﺟﺎ ﺣﺎﻛﻢ ﺗﻮڙي رﻋﻴﺖ زوروﺳﭩﺮﻳﻦ ۽ ﻳﻬﻮدي ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ ﺟﻲ دور ۾ ﺑﻪ اﻫﻮ ﻋﺎﻟﻢ ﻫﻮ .ﻇﺎﻫﺮآﻫﻲ ان دور ﺟﻲ آﺧﺮ ﻋﻴﺴﻲ ﻋﻠﻴﻪ ﻋﻴﺴﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ .ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ اﻳﺮان ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ﮐﺎن ۳۳۰ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭸﺎ ﺣﻀﺮت ٰ ٰ اﻟﺴﻼم ﺟﻮ ﺟﻨﻢ ﭤﻴﻮ .۽ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ وﻻدت ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ اﻳﻜﻴﻬﻴﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺧﺴﺮو اول ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ۵۷۱ع ۾ ﭤﻲ .ﺧﺴﺮو اول ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ۴۸ﺳﺎل ) ۵۳۱ﮐﺎن (۵۷۹ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﺮﻣﺰد ﭼﻬﺎرم ﻳﻌﻨﻲ ﻫﺮﻣﺰد ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺟﻲ ۵۷۹ﮐﺎن ۵۹۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﮔﻬﮍي ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﻼم ﺟﻲ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﺷﺮوع ﻧﻪ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ ،ﺟﻮ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻧﺰول وﺣﻲ ۶۱۱۾ ﭤﻴﻮ .ﻫﺮﻣﺰد ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺑﻌﺪ اﻳﺮن ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ اﻫﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ )ﺧﺴﺮو دوم( ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ روم ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ ﻻ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ ﻫﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺮ زﻣﻴﻦ ﺳﺎن ﻫﻮ ان ﻛﺮي اڄ ﺑﻪ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ،ﮔﻬﺮن ،ﭘﺒﻠﻚ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ۾ ﺳﺎﺋﺮس ۽ دارﻳﺲ ﻳﺎ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ،ﭼﭩﺴﺎﻟﻴﻮن ۽ ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .اڄ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻛﻮروش )ﺳﺎﺋﺮس( ،دارﻳﺲ ،ﻓﻴﺮوز ،ﺑﻬﺮام ،ﺷﺎﻫﭙﻮر ،ﺧﺴﺮو، ارڌﺷﻴﺮ ،رﺧﺴﻮﻧﺎ )ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال( ،رﺳﺘﻢ ۽ ﺳﻬﺮاب ﭔﮅڻ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ادب ،ﺷﻌﺮو ﺷﺎﻋﺮي ،ﻛﻠﭽﺮ ﺟﻮ اﺛﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺗﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ دﻳﮑﺎدﻳﮑﻲ ۾ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ رﺳﺘﻢ ۽ ﺳﻬﺮاب ﺟﻬﮍا ﻧﺎﻻ ﻋﺎم آﻫﻦ .ﻧﻪ رﮘﻮ اﻫﻲ ﭘﺮ زرﻳﻨﺎ ﺟﻬﮍا ﻧﺎﻻ ﭘﮡ ﺟﻴﻜﺎ روس ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ زار ﺟﻲ راﮢﻲ ﻫﺌﻲ. ﻣﭥﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺧﺴﺮو اول ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻟﮑﮡ ﻣﻬﻞ ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ﺧﺴﺮو اول ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ُﮔﻨﺪي ﺷﺎﻫﭙﻮر ﺟﻮ •
ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻴﻜﻮ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﮐﻮﻟﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﭨﺎپ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮔﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﺑﻪ واﮐﺎڻ ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﺎﻟﻴﺞ The greatest intellectual center of time.ﻫﻮ .ﻫﻮن ﺑﻪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ، ﻧﻘﺶ رﺳﺘﻢ“ ﺟﻲ ﻃﺎق ﺑﻮﺳﺘﺎن“ ۽ ِ ادب ،ﺷﺎﻋﺮي ۽ آرٽ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺛﺒﻮت اڄ ﺑﻪ ” ِ ﺗﺼﻮﻳﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﺎ.
ﻟﻴﻠﻲ و ﻟﻴﻠﻲ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﺟﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ One thousand and one night.ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ،ﻋﺮﺑﻲ ۾ ”ﻛﺘﺎب اﻟﻒ اﻟﻒ • ٰ ٰ ﻟﻴﻠﻲ“ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ”ﻫﺰار وﻳﻚ ﺷﺐ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ان ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎدي ﺷﺮوﻋﺎت ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دؤر ﺟﻲ اﻓﺴﺎﻧﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮ ﻳﺎر ﮐﺎن ٰ ﺷﺮوع ﭤﻲ .ﭘﻮ وﻗﺖ ﺳﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ دورن ۾ وڌﻳﻚ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﻣﻼﻳﻮن وﻳﻮن .اﻫﻲ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﺷﻬﺮﻳﺎر ﮐﻲ ﺳﻨﺪس راﮢﻲ ﺷﻬﺮزادي ﭔﮅاﻳﻮن .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮﻳﺎر ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ زال ﻫﻦ ﺳﺎن وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ُﻫﻦ ﻫِﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﺷﻬﺮﻳﺎر ﮐﻲ ان ﮐﺎ ﭘﻮ دﻣﺎغ ۾ اﻫﻮﺋﻲ اﭼﻲ وﻳﭡﻮ ﺗﻪ ”ﻛﺎﺑﻪ ﻋﻮرت وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ“ .ﻫﻮ ڏﻫﺎڙي ﻧﺌﻴﻦ زال ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﻨﺪو ﻫﻮ ۽ ﺻﺒﺢ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻨﺪو ﻫﻮ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻛﻨﻮاري ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﺟﻮ وزﻳﺮ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﮀﺎ ﻛﺠﻲ .ان ﺗﻲ وزﻳﺮ ﺟﻲ ڌي ﺷﻬﺮزادي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺗﻲ زور آﻧﺪو ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺷﻬﺮﻳﺎر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎن ﻛﺮاﺋﻲ وﭸﻲ .ﺷﺎدي رات ﻧﺌﻴﻦ ﻛﻨﻮار ﺷﻬﺮزادي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﮐﻲ ﻫﻚ آﮐﺎﮢﻲ ﭔﮅاﺋﻲ ﭘﺮ ان ﮐﻲ ﺻﺒﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﺘﻢ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ .ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﭵﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭔﮅڻ ﺟﻲ ﺷﻮق ۾ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﻛﻨﻮار ﮐﻲ ﻣﺎري ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ .ﭔﻲ رات ﻫﻦ اﻫﺎ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭘﻮري ﻛﺮي وري ﭔﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ۽ ﺻﺒﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ ان ﺟﻮ اﻧﺠﺎم رﻫﺠﻲ وﻳﻮ .ﺳﻮ اﻫﮍي ﻃﺮح ﻫﻚ ﻫﺰار ﻫﻚ راﺗﻴﻮن ﮔﺬاري ورﺗﺎﺋﻴﻦ .اﻧﻬﻦ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﻫﻚ رات ) ۹۱ﻫﻴﻦ رات( ﺷﻬﺮزادي ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ )ﺧﺴﺮو دوم ۵۹۰ﮐﺎن ۶۲۸ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ واري ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ( ﺟﻲ ﭘﮡ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻲ .ﻫﻲ اﻫﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﺒﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ ﻻ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ ﻫﻮ .ﺷﻬﺮزادي ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻋﻨﻮان ﻫﻮ ؛ ”ﺧﺴﺮو ،ﺷﻴﺮﻳﻦ ۽ ﻣﻬﺎﮢﻮ “.ﺷﻴﺮﻳﻦ ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ ﺟﻲ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ زال ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ آرﻣﻴﻨﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﺌﻲ.
ﻟﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ داﺳﺘﺎن ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ان ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﺟﻮ واﺳﻄﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻟﻒ ٰ دور ﺳﺎن آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﻋﺮ اﺑﻮ ﻣﻨﺼﻮر ﻗﻄﺮان ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺳﻦ ۱۰۰۰ع ڌاري ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛
ﻫﺰار ره ﺻﻨﻒ ﻫﻔﺖ ﺧﻮان و رﻳﻴﻦ دز
ﻓﺮو ﺷﻨﻴﺪم وﺧﻮاﻧﺪم ﻣﻦ از ﻫﺰار اﻓﺴﺎن
)ﻣﻮن ”ﻫﺰار اﻓﺴﺎن“ ۾ ﻫﺰار دﻓﻌﺎ ”ﻫﻔﺖ ﺧﺎن “ ۽ روﻳﻴﻦ دﻳﺰ“ ﺟﻮ ﻗﺼﻮ ﭘﮍﻫﻴﻮ ۽ ﭔﮅو(.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ اﻫﻮ داﺳﺘﺎن آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن اڄ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﺮﻗﻲ دﻧﻴﺎ ﭘﺮ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ﺑﻪ واﻗﻒ آﻫﻲ ۽ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻓﻠﻤﻮن ۽ ﭨﻲ وي ﺳﻴﺮﻳﺰ ﭠﻬﻲ ﭼﻜﻴﻮن آﻫﻦ .ﻫﻴﻨﺌﺮ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ Arabian Nightsﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻓﻠﻢ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ آﻫﻲ .ﻫﻦ ۾ ﻓﻠﻢ اﺋﻜﭩﺮﻳﺲ ﻣِﻠﻲ اوﻳﺘﺎل ﺷﻬﺮزادي ﭤﻲ آﻫﻲ ۽ ڊوﮔﺮي اﺳﻜﺎٽ ﺷﻬﺮﻳﺎر ﭤﻴﻮ آﻫﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ ﭨﻴﻠﻴﻮﻳﺰن BBC Oneﺗﺎن ان ﻓﻠﻢ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ.
ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﻳﺎ ﻋﻈﻴﻢ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ..... اﻳﺮان ﺗﻲ ﺟﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ ۽ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼم آﻳﻮ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ۾ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﻻ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۲۲۴ﮐﺎن ۶۵۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﭨﻴﻬﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻦ ﺗﻪ ﺳﺎل اڌ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﻦ وﻳﻬﻦ ﮐﺎن ﺳﭟ ﺳﺘﺮ ﺳﺎل ﺑﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري ﻫﺌﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ اﻳﺮان ﻛﺎﻓﻲ وڌﻳﻮ وﻳﺠﻬﻴﻮ ،ادب ﺷﻌﺮ و ﺷﺎﻋﺮي ،ﺛﻘﺎﻓﺖ ۽ ﭔﻴﻦ ﻓﻨﻦ ۾ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺌﻲ .ﻫﻦ درو ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ اڄ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ۽ ﻫﻮ ﻋﺪل ،اﻧﺼﺎف ۽ رﻋﻴﺖ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﮡ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﺎ .دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ وڏي اﻫﻤﻴﺖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ .ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﺎ ﺟﺎﻧﺸﻴﻦ ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﻣﺬﻫﺐ ،ﻧﺴﻞ ۽ زﺑﺎن ﺟﻲ اﺧﺘﻼف ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻋﺮب ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﻤﺪن ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ رﻫﻴﺎ .ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻮﻓﻲ ۽ ﺑﺼﺮي ۾ ﮀﺎﻧﻮﮢﻴﻮن ﻗﺎﺋﻢ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن )ﺟﺘﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ( ﺗﻪ ﻋﺮب ﺣﺎﻛﻤﻦ ،ﻗﺒﻀﻲ ﻫﻴﭟ آﻳﻞ ﻫﻨﻦ ﻧﻮن ﻋﻼﺋﻘﻦ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﻫﻼﺋﮡ ﻻ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﮐﻴﺎ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ اﺋﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﺸﻦ اﻳﺘﺮي ﺗﻪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ارڌ ﺷﻴﺮ ﺟﻮ ﺧﺎﻧﺪان ﺋﻲ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﺘﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ارڌ ﺷﻴﺮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺣﺎﻛﻢ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻦ ۲۲۴ﮐﺎن ۲۴۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﺘﺮﻫﻦ ﺳﺎل اﻋﻠﻲ درﺟﻲ ﺟﻮ ﺟﺮﻧﻴﻞ ۽ ﻣﻨﺘﻈﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اردﺷﻴﺮ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻗﻮل ﻣﺸﺮق ﺗﻮڙي ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﭘﺎڻ ٰ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ اڄ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ؛ ”ﻗﺪرت ﺑﻲ ﻟﺸﻜﺮ و ﻟﺸﻜﺮ ﺑﻲ زر و زر ﺑﻲ زراﻋﺖ و زراﻋﺖ ﺑﻲ ﻋﺪاﻟﺖ و ﺣﺴﻦ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﻧﺸﻮو“.
ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﻣﺪار ﻓﻮج ﺗﻲ آﻫﻲ .ﻓﻮج ،ﺑﻨﺎ ﻧﺎﮢﻲ ﺟﻲ ،ﮔﮇ ﭤﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﻧﺎﮢﻮ ﺑﻐﻴﺮ زراﻋﺖ ﺟﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ ۽ زراﻋﺖ اﻣﻦ ۽ اﻧﺼﺎف ﺑﻨﺎ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻲ.
ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دور ۾ ارڌ ﺷﻴﺮ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﺎﻟﻴﺮا ۽ ﻧﺎﻣﻴﺎرا ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺷﺎﻫﭙﻮر اول )(۲۴۱-۲۷۲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﺟﻨﮉي ﺷﺎﻫﭙﻮر ،ﺷﺎد ﺷﺎﻫﭙﻮر ۽ ﻓﺎرس ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﺑﺎد ﻛﻴﺎ .ﻫﺮﻣﺰ ،ﺷﺎﻫﭙﻮر دوم ،ﮔﻮر، ﻓﻴﺮوز ،ﻗﺒﺎد ،ﻧﻮﺷﻴﺮوان ،ﺑﻬﺮام ...وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه .اﻧﻬﻦ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ۾ ﺧﺴﺮاﺋﻮ ﻧﺎﻟﻲ ﺑﻪ ﭔﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﺎ. ﻫﻚ ﺧﺴﺮاﺋﻮ اول ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۵۳۱ﮐﺎن ۵۷۹ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۴۸ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﭔﻴﻮ ﺧﺴﺮاﺋﻮ دوم ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻦ ۵۹۰ﮐﺎن وﭠﻲ ۶۲۸ع ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭨﻜﻞ ۳۸ﺳﺎل اﻳﺮن ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﻫﻲ اﻫﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ڏي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﺒﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﮡ ﺟﻲ دﻋﻮت ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ .ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﺴﺮيٰ ﻓﺎرس ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ان اﺳﻼم ﺟﻲ دﻋﻮت ﻗﺒﻮل ﻧﻪ ﻛﺌﻲ .ﺑﻠﻚ ﭼﮍ ۾ اﭼﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺧﻂ ﻣﺒﺎرڪ ﭨﻜﺮا ﭨﻜﺮا ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ۽ ﺧﻂ آﮢﻴﻨﺪڙ ﺗﻌﺎﻟﻲ ﺑﻪ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﻔﻴﺮ ﺟﻲ ﺑﻲ ﻋﺰﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﺌﻲ .ﭘﺎڻ ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﭔﮅو ﺗﻪ ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮن ﺗﻪ ا� ٰ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﺟﺎ ﭨﻜﺮا ﭨﻜﺮا ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻨﺪو ۽ ﭘﻮ ﺟﻠﺪ ﺋﻲ اﻫﺎ اﮘﻜﭥﻲ ﭘﻮري ﭤﻲ وﺋﻲ ۽ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ دﻧﻴﺎ ﻣﺎن ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ .اﻫﺎ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻴﻜﺎ ۴۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﻈﺒﻮﻃﻲ ﺳﺎن ﻫﻠﻨﺪي آﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ راڄ ،ﭨﻦ ﮐﻨﮉن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﭘﮑﮍﻳﻞ ﻫﻮ اﻫﺎ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ اﻧﺪر ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﮐﺎن اﻟﮗ ﭤﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﺋﻲ .ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﺎﻫﺮﻳﺎن ﻋﻼﺋﻘﺎ ۽ ﭘﻮ اﻧﺪروﻧﻲ اﻳﺮان ،ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ .اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻮڀ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺣﻀﺮت اﺑﻮ ﺑﻜﺮ ﺻﺪﻳﻖ رﺿﻪ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﺋﻲ ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮ ۶۵۱ .ڌاري ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان -ﺷﺎم، ﻋﺮاق ،ﻣﺼﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﺮب ﺧﻠﻴﻔﻦ ﻫﻼﻳﻮ ﭤﻲ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ رﺿﻪ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺑﺪران ﻣﻌﺎوﻳﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو .اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺗﻲ راڄ ۶۶۱ ﮐﺎن ۷۵۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ،ان ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ۷۵۰ﮐﺎن ۸۶۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ،ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺮب ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣﺼﻦ ﺗﻲ ۱۲۵۸ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭨﻜﻞ ﮀﻬﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل راڄ رﻫﻴﻮ .اﻳﺮان ﺗﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﺟﻲ
ﭘﻮﭨﻲ ﻫﻼﻛﻮ ﺧﺎن ۱۲۵۸۾ ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو .ﻫﻼﻛﻮ ﺧﺎن ﺟﻲ ﻧﺴﻞ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﮕﻮل ﻗﺒﻴﻠﻲ ﮐﺎن اﻟﮗ ﭤﻲ وﻳﻮ.
۱۳۳۵ﮐﺎﻧﭙﻮ ﻣﻨﮕﻮل ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﺠﻲ وﺋﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﻛﻮ ﮔﻬﺮاﮢﻮ راڄ ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻛﻮ ﮔﻬﺮاﮢﻮ .ﺗﻴﻤﻮر )ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﻳﺎ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻴﻦ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ۽ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن ﻫﻮ، ﺗﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻣﻨﮕﻮل ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ وري ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻠﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ .ﺗﻴﻤﻮر ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺗﻲ ۱۳۶۹ﮐﺎن ۱۴۰۵ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ان ﮐﺎن ﭘﻮ اڌ ﺻﺪي ﮐﺎن ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ۽ ﭘﻮﭨﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺷﺎﻫﻪ رخ وڌﻳﻚ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۴۰ﺳﺎل ﮐﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻦ ﺣﺼﻦ ﺗﻲ راڄ ﻛﻴﻮ .ﺳﻨﺪس زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﻣﺴﺠﺪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ۱۴۱۸۾ ﭠﻬﺮاﺋﻲ.
ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻗﺎﺋﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ .ﺳﻔﻮي اﺻﻞ ﺗﺮڪ ﻗﺒﻠﻲ ﺟﺎ اﻳﺮان ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻫﺌﺎ .ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ۱۵۰۲۾ ﭘﻴﻮ ۽ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮ .ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺑﻪ ﺳﺎﺋﺮس ،دارﻳﺲ ۽ ﺳﻜﻨﺪر واﻧﮕﺮ The Greatﺳﮇﺟﮡ ۾ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﻳﻌﻨﻲ” ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ“. ﻫﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻮن وڏﻳﻮن ﺧﺬﻣﺘﻮن آﻫﻦ .ﻫﻮ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﻋﺎﺷﻖ ﻫﻮ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﭘﮡ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﭠﻬﺮاﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻛﻴﻮ .اﻧﮕﻠﻨﮉ ﺟﻲ راﮢﻲ اﻳﻠﺰﺑﻴﭣ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻲ درﭔﺎر ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﮕﻠﻨﮉ ﮐﺎن ﺧﺎص ﻫﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﺻﻔﻬﺎن ﻻ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﺗﻪ ” اﺻﻔﻬﺎن – ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن“ ﻳﻌﻨﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اڌ دﻧﻴﺎ آﻫﻲ.
ﺳﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ آﻧﺪو .اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي ،اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ آﻧﺪو .ﭘﺮ اﻓﻐﺎﻧﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ وڏو ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﺎ .ﺟﻠﺪي ﻧﺎدرﺷﺎه ،ﻫﻚ ﺗﺮﻛﻲ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﺮدار ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﻣﺎن ﭜﭵﺎﺋﻲ ﻛﮃﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺗﻲ ﻛﺎﻫﻪ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ان دوران ﻫﻦ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ ﻣﭽﺎﺋﻲ ،دﻫﻠﻲ ﻣﺎن ﻛﻮه ﻧﻮر ﻫﻴﺮو ۽ ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ﺳﻤﻴﺖ ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﻟﭩﻲ اﻳﺮان ﮐﮣﻲ آﻳﻮ۱۷۴۷ . ۾ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻫﻦ ﻳﺎرﻫﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ان ﮐﺎن ﭘﻮ اڌ ﺻﺪي ﮐﻦ ۱۷۹۴ﺗﺎﺋﻴﻦ زﻧﺪ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ﺟﻦ ۾ ﻛﺮﻳﻢ ﺧﺎن ) (۱۷۵۰ – ۱۷۷۹اڄ ﺑﻪ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﻛﺮي ،اﻳﺮان ﮔﻬﻤﮡ وارن ﺟﻲ ﺳﺎﮢﺲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. زﻧﺪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻛﺎﺟﺎران ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۱۷۹۴ﮐﺎن ۱۹۲۵ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻲ .ﻛﻮﺟﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺌﺎ؛ آﻏﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﻛﻮﺟﺎر ،ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ) ،(۱۷۹۷ -۱۸۳۴ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ،ﻧﺼﻴﺮ دﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ وﻏﻴﺮه .آﺧﺮي ﺣﺎﻛﻢ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻛﻮﺟﺎر ۱۹۰۹۾ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ رﺿﺎ ﺧﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻓﻮﺟﻲ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻣﺪد ﺳﺎن ﻛﻮﺟﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺗﺨﺘﻮ اوﻧﮅو ﻛﺮي ﺗﺎج ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ رﮐﻲ ،ﭘﺎڻ ﺣﺎﻛﻢ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﭘﻬﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﻛﺌﻲ.
رﺿﺎ ﺧﺎن )ﻳﻌﻨﻲ ﻫﺎڻ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي( ۱۹۳۵۾ ،ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺮان ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ ۱۹۴۱ .۾ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ۽ روس اﻳﺮان ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﺮي رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﺎن ﻻﻫﻲ ڏﻳﻬﻪ ﺑﺪر ﻛﻴﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﺎرﻳﻮ .ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ،ﻳﻌﻨﻲ ﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﮇراﺋﮡ ﻟﮙﻮ ،اﻫﻮ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻮ ۱۹۹۷ .۾ آﻳﺖ ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇي ﭜﭵﮡ ﻻ ﻣﺠﺒﻮر ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﺗﺎرﻳﺦ و ادب ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﻻ ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻟﮑﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن. ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ دور ﻋﻠﻢ و ادب ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن اﻫﻢ ۽ ﺑﺎاﺛﺮ ﺗﻮارﻳﺨﻲ دور ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽ ﺗﻤﺪن ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻳﻮرپ ﺟﻲ روﻣﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺗﻲ ﺑﻪ اﺛﺮ اﻧﺪاز ﭤﻴﻮن .روﻣﻦ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﻴﭡﺎﻫﻮن ﺳﻤﺠﻬﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﻫﻨﻦ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮي ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻧﻮ ۽ روﻣﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﺧﻂ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ”ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭜﺎ “ﻟﮑﻲ ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ ،آرٽ ۽ ﻛﻠﭽﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻳﻮرپ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮ آﻓﺮﻳﻜﺎ ،ﭼﻴﻦ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺛﺮ اﻧﺪاز
ﭤﻴﻮ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺣﻤﻠﻮ ۶۳۴ع ۾ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻳﻜﺪم ﻛﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻮڀ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻋﺮب ﻣﺎٺ ﻛﺮي وﻳﻬﻲ ﻧﻪ رﻫﻴﺎ .ﻫﻨﻦ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري، ﺧﺎﻟﺪ ﺑﻦ وﻟﻴﺪ ﺟﻲ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻲ ۾ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ۽ ﻛﺎﻣﻴﺎب ﭤﻴﺎ .ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ ) (۶۳۴ – ۶۴۴دوران ۶۳۷۾ ﻗﺪﺳﻴﻪ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ﺗﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻋﺮﺑﻦ ۽ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻲ ﭤﻲ ان ۾ ﺗﻴﺴﻔﻮن ﺷﻬﺮ ) (Ctesiphonﺟﻴﻜﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻫﻮ ،اﻫﻮ ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻫﻲ ﺷﻬﺮ دﺟﻠﻪ ﻧﺪي ﺟﻲ اوﭜﺮ واري ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﺑﻐﺪاد ﮐﺎن ۳۵ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ ۾ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻠﻚ ان ﮐﺎن اڳ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ Arscidsوارن ﺟﻲ ﺑﻪ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ۽ ۸۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮارواران ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد ﺗﺨﺖ ﺗﻲ ﻫﻮ .وڏي رﻋﺐ ﺗﺎب ۽ ﻣﻨﻈﻢ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن ﺳﻮا ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ،ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ،آﺧﺮي ﭘﻨﺠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﭨﮍ ﭘﮑﮍ ﭤﻲ وﺋﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮن رﻳﺌﻲ ،اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﻫﻤﺪان وﻏﻴﺮه ۾ ﺑﺎﻏﻲ ﻗﻮﺗﻮن ،ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻬﺎڏو اﭨﻜﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن ،ﺑﺎﻗﻲ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان ۽ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ ﻣﻠﻚ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﻫﺌﺎ اﻫﻲ ﻋﺮب ﺧﻠﻴﻔﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ ﻫﻠﻴﺎ وﻳﺎ .اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻦ دروان ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺎﻫﻪ ۽ ﺧﺎﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ ،ﻣﺤﻞ ۽ ﭘﻠﻴﻮن ڊﻫﻲ وﻳﻮن ۽ ﻛﺌﻴﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺑﺎغ ۽ ﺑﻠﮉﻧﮕﻮن ﺑﺮﭘﭧ ﭤﻲ وﻳﻮن .ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ راڄ ﭼﻨﺪ ﺳﺎﻟﻦ ۾ اﺋﻴﻦ ﻫﭥﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ﺟﺌﻴﻦ ﻛﻮ اڻ ﭘﺎﻟﻴﻞ ﭘﮑﻲ ﭘﭹﺮي ﺟﻮ در ﮐﻠﮡ ﺗﻲ اڏري وﭸﻲ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ زوال ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ Quoteﻛﻨﺪا آﻫﻦ. ﻛﺠﺎن آن ﺑﺰرﮔﺎن ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﺎن
زﺑﻬﺮاﻣﻴﺎن ﺗﺎ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﺎن
ان ﺋﻲ ﺷﻌﺮ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ؛
?“ To where have the great Sassanids gone
?To the bahramids and Samanids what has come upon
ﻓﺮدوﺳﻲ )ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﻜﻴﻢ اﺑﻮاﻟﻘﺎﺳﻢ ”اﻟﻔﺮدوﺳﻲ“ ﺗﻮﺳﻲ( اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻦ ۹۳۵ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻮس )ﻣﺸﻬﺪ ﭜﺮﺳﺎن( ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ۱۰۲۰۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ان ﻛﺮي ﮐﻴﺲ ﺗﻮﺳﻲ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ دﻫﻠﻮي ،ﻟﮑﻨﻮي ،ﻧﺎﭤﻦ ﺷﺎﻫﻲ ،ﭔﻨﻮي وﻏﻴﺮه .ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ اﺣﻮال اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺳﻨﺪس ﺷﻬﺮ ﻣﺎن ﻛﺒﻮ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ۶۵۱۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۽ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ اﻣﻴﻪ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ،ان ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ ۷۵۰ﮐﺎن ۸۶۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ .اﻧﻬﻲ دوران اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ۽ آس ﭘﺎس ﺟﻲ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﭔﻴﻦ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ان وﻗﺖ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اڄ وارو اﻳﺮاﻧﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﻫﻮ ﭘﺮ ان ۾ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ ،ان ﺗﻲ ﻃﺎﻫﺮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ۸۲۱ﮐﺎن ۸۷۲ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ،اﻫﮍي ﻃﺮح ﻋﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ،زﻳﺎروي ،ﺑﻮﺋﻲ، دﻳﺎﻟﻤﻲ ۽ ﺳﻔﺮي ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺳﻮﻳﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻋﺮب ﮔﻬﺮاﮢﺎ ﻫﺌﺎ.
ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺗﻲ وري ﺟﻨﻬﻦ ﻧﺞ اﻳﺮاﻧﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺳﺎﻣﺎﻧﻲ )(Samanids آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ۸۹۲ﮐﺎن ۹۹۸ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭵﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ”ﺳﻤﻦ ﺧﺪا“ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۸۹۲ ﮐﺎن ۹۰۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺧﺮاﺳﺎن واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭨﺮاﻧﺴﻮ ﺧﻴﺎﻧﺎ وارو ﺳﭵﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ﺑﻪ اﭼﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﺮب ” ﻣﺎ وراﺋﮡ ﻧﻬﺮ“ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻓﺮارود ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ، ان ﺟﻮ ﻛﻨﭩﺮول ﺳﻤﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ .ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ان دور ۾ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻨﺪڙ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺷﻌﺮ ۾ ذﻛﺮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ان ) Transoxianaﻓﺮارود /ﻣﺎ ورا اﻟﻨﻬﺮ( واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ اڄ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ،ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽ ﻗﺮاﻗﺴﺘﺎن ﺟﻮ ڏﮐﮡ اوﻟﻬﻪ وارو ﺣﺼﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ اﻳﺮاﻧﻲ
ﺑﺪو ﻗﺒﻴﻠﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ.
ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۹۹۸ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻲ ان ﺑﻌﺪ ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﻣﺤﻤﻮد ﺟﻮ ﻧﺎﻧﻮ اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ ﺳﻤﺎﻧﻴﻦ وٽ ﻏﻼم ﭼﻮﻛﻴﺪار )ﮔﺎرڊ( ﻫﻮ .آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻤﺰور ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻏﺰﻧﻲ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﺮي ورﺗﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﻧﺎﭠﻲ ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﭘﮡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻬﺮي اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ وٽ ﺗﺮڪ ﻏﻼم ﻫﻮ. ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﻠﻄﺎن ﺳﮇاﻳﻮ.
ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ،ﻳﻌﻨﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﺮﺑﻦ اﻳﺮان ﻓﺘﺢ ﻛﻴﻮ ان وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﺎ رﻫﺎﻛﻮ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ”ﭘﺎرﺳﻲ“ ﻳﺎ ﻣﺠﻮﺳﻲ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ .ﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ڌرﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮ زراﭤﺴﺘﺮا ﮐﻲ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻴﺴﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ڏﻳﮃ ﻫﺰار ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ. ٰ
ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ زوروﺳﭩﺮﻳﻦ )ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭴﺎ ﻛﻨﺪڙن(ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ،ﻳﻬﻮدي ۽ ﭔﮅ اﻳﺮان ۾ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻛﻴﺘﺮا ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري اﺳﻼم ﺟﻲ داﺋﺮي ۾ آﻳﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻴﻠﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا اﻳﺮان ﺟﻮن ﺣﺎﻟﺘﻮن ﭘﺎڻ ﻻ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﮔﺠﺮات ڏي ﻟﮇي وﻳﺎ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﺎرﺳﻲ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ .اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ۾ ﻫﻲ ﭘﺎرﺳﻲ ان وﻗﺖ ﮐﺎن اﻫﻢ رول ادا ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻨﺪر ﺑﻤﺒﺌﻲ ،اﺣﻤﺪ اﺑﺎد ، ﺑﮍودا ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺑﻪ آﻫﻦ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺑﺎﻫﻪ ﭔﺮﻧﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ .ﭘﺎرﺳﻲ ﻣﺮي وﻳﻠﻦ ﮐﻲ زﻣﻴﻦ دﻓﻦ اﻧﺪر ﻛﺮڻ ﻳﺎ ﺳﺎڙڻ ﺑﺪران ﭘﮑﻴﻦ ﮐﻲ ﮐﺎراﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺟﺎ” ﺧﺎﻣﻮﺷﻲ ﺟﻮ ﭨﺎور“ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﻴﻮن .ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ڊﻓﻴﻨﺲ ﻣﺎرﻛﻴﭧ وٽ ﺑﻪ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻮ Tower of Silenceآﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻻش ﮐﻲ ﮘﺠﻬﻴﻦ ۽ ﻛﺎﻧﮕﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻦ ﭤﺎ.
ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺌﻠﻴﻨﮉر ﺟﻮ ﺳﺎل ۶۳۲ع ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد ”ﺳﻮم“ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ .ﻳﺰد IIIﺟﻮ راڄ ۶۴۲ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﻮ .ﻫﻮ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ۽ آﺧﺮ ۾ اﺷﺘﻬﺎري ﻣﻠﺰم ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﻟﻜﻨﺪي ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ .اﻫﻮ ﺷﻬﺮ اڄ ﺟﻲ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾ آﻫﻲ .ﻳﺰد ﺳﻮم ﺟﻲ ۶۴۲۾ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ ،ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﭘﻴﺮوز ۽ ﭔﻴﺎ ﺧﺎﻧﺪاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭼﻴﻦ ﭜﭵﻲ وﻳﺎ.
ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ )ﺟﻴﻜﻮ ”ﺷﺎﻫﺪ ﻫﺎﺷﻤﻲ ﻧﺠﺪ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( رات ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﻟﭥﻮ .اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ۽ ﺑﺴﻮن ﺑﻴﭡﻞ ﻫﻴﻮن .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي اﺳﺎن ﻻ ﮀﻬﻪ ﺳﺖ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻛﻴﻮن.
”ﺑﺲ ۾ ﺋﻲ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻮن “.اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺻﻼح ڏﻧﻲ.
”ﻧﻪ ﺑﺲ ﭘﺮي ﻫﻠﻲ ﻻﻫﻴﻨﺪي “،ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ” ،اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﻻ ﻛﻤﺮا ﺑﻚ ﻛﺮاﻳﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ، ﺑﻠﻜﻞ ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ۾ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ“.
ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻮ ﭜﺎ ﺳﻠﻤﺎن ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻳﻨﺪڙ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺸﻬﺪ ،ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﻮ ،اﻫﻮ ﺑﻪ ان وﻗﺖ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ”ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺑﻪ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ در ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﻫﻠﻨﺪي ﺟﻮ اﭸﺎ رات ﺟﺎ ڏﻫﻪ ﭤﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﺑﺎزار ۾ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اﭸﺎ رش آﻫﻲ “.اﻫﻮ ﺟﻤﻠﻮ ﭔﮅي ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻬﮍي ﺳﺮدي ۾ رات ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ وﮘﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﺧﺮﻳﺪارن ﺟﻲ روﻧﻖ آﻫﻲ .ﻫﻮﭨﻞ وٽ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ وارﻳﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ۾ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺳﭛ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﻫﻮﭨﻠﻦ ،دﻛﺎﻧﻦ ،روﺷﻨﻴﻦ ۽ زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ اﺋﻴﻦ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺑﻮﻫﺮي ﺑﺎزار ﺟﻮن ﮔﻬﭩﻴﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ وﻳﻜﺮﻳﻮن ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﺧﺮﻳﺪارن ﺟﻲ ﺑﻴﭙﻨﺎﻫﻪ رش ﻛﺮي ﻛﺎﺑﻪ ﮔﺎڏي اﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ .ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺑﻮﻫﺮي ﺑﺎزار ۾ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ وارﻳﻦ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮت ﻟﮙﻲ .ﻛﻲ اﻛﻴﻠﻴﻮن ،ﻛﻲ ﭔﺎرن ﺳﺎن، ﻛﻲ ﻣﮍﺳﻦ ﺳﺎن دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ ۽ ﻟﻬﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن ،ﻛﻲ ﻣﺮد دﻛﺎﻧﺪارن ﺳﺎن اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ﻛﺮي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن ،ﻛﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻲ ﻫﮍن ﺳﺎن ﻫﻦ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﺑﺎزارﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﮔﻬﮣﻲ رش ﻛﺮي ﻛﻴﺘﺮن ﻋﻮرﺗﻦ ﻣﺮدن ﺟﺎ ﻛﻠﻬﺎ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﭘﺌﻲ ﻟﮙﺎ .ﻫﻲ ﺳﭛ ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﮍدي ۾ ﺿﺮور ﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻓﻘﻂ ﭼﺎدر ۾ -ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻮا ۾ ﻳﺎ ﺳﻨﺪن ﻫﭣ ﻟﮙﮡ ﺗﻲ ﭘﺮي ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺟﻴﻨﺰ ۽ ﭘﺘﻠﻮﻧﻦ ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﺳﭝﻨﻲ ﺟﺎ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻠﻴﻞ ﻫﺌﺎ .ﻣﻨﺠﻬﻦ ﻛﺎ ﺑﻪ ﻋﻮرت اﻫﮍي ﺑﺮﻗﻌﻲ ۾ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﺋﻲ ﺟﻬﮍي ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﻇﺎﻫﺮ ﻛﻨﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﻮن ﺑﻪ اﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ۾ ۽ ﺳﺨﺖ ﻫﻴﺴﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪي ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻬﮍي ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﺑﻪ رات ﺟﻲ ڏﻫﻴﻦ ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش ﺧﻮش ﻫﻠﻨﺪو ۽ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ CNN۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻐﺮﺑﻲ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ۽ ﭘﺮﻧﭧ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﭨﻲ ﻗﻞ ﭘﮍﻫﮡ ﺗﻲ دل ﭤﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮو ﻛﻮڙ ﮐﺎن ﻛﻢ ﭤﺎ وﭠﻦ .ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺗﻲ ﻫﺎﻟﻲ وڊ ۾ ﻓﻠﻢ ﭠﻬﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﺟﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻤﮍي ﺟﻲ ﭨﻜﺮي ﺳﺎن ﻧﻚ وﭨﺎن ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڍﻛﻴﻞ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ اﭤﻦ .اﻫﮍي ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭘﮍدي ۾ ﺗﻪ ﻛﺎ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻲ اﭼﻲ .اﻫﮍي ﺧﻴﺎﻟﻲ ﭘﮍدي ۾ ﻣﻠﺒﻮس ﻓﻠﻢ اﺋﻜﭩﺮﻳﺲ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﻋﻮت ﺟﻮ ﻓﻠﻢ ۾ رول ادا ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ان ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻧﺌﺸﻨﻞ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻚ ﻣﺌﮕﺰن ﺟﻲ ﭨﺎﺋﭩﻞ ﻛﻮر ﺗﻲ ﺑﻪ آﺋﻲ ﻫﺌﻲ .ﭘﺮ اڄ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﻲ آڌي رات ﺟﻮ ﮐﻠﻴﻞ ﺑﺎزارﻳﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ۾ ﭔﻬﻜﻨﺪڙ ﭼﻬﺮن ﺳﺎن ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮ اﻣﻦ اﻣﺎن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ آزادي ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺟﻨﻬﻦ اﻋﺘﻤﺎد ۽ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺧﻮش ﺧﻮش ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﺮي رﻫﻴﻮن آﻫﻦ اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ڏﻳﻨﻬﻦ ڏﭠﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻴﻮن اﭼﻦ. ﻫﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪو ﺑﺴﺖ آﻫﻲ ﻫﻚ ﮀﻬﻪ ﻣﺎڙ ﺑﻠﮉﻧﮓ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺳﭛ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﮔﻬﺮ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ وڌڻ ﻛﺮي ﺣﺮم ﭘﺎڪ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ وارﻳﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻫﺮ روز ﮔﻬﺮ ڊﻫﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن ۽ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻣﺎل ﭠﻬﻨﺪا ﭘﻴﺎ وﭸﻦ .ﻣﻮﻧﮑﻲ رﻫﮡ ﻻ ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﻛﻤﺮو ﻣﻠﻲ وﻳﻮ .رﺳﻴﭙﺸﻦ ﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﺮي ﺟﻲ ﭼﺎﭔﻲ وﭠﻲ رﺳﻴﭙﺸﻦ ﺟﻮ وڏو ۽ اﺗﺎﻫﻴﻦ ﮀﺖ وارو ﻫﺎل ﻟﺘﺎڙي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﺮي ۾ ﭘﻬﺘﺲ .رﺳﻴﭙﺸﻦ واري ﻫﺎل ﻳﺎ ﻻﺋﻮﻧﭻ ۾ ﭨﻲ
وي اﮘﻴﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮاﻗﻲ ﻋﺮﺑﻲ ڊرﻳﺲ ۾ وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻦ ﻻﺋﻮﻧﺞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭜﺖ ﺗﻲ ﻗﺮآﻧﻲ آﻳﺘﻦ ﺟﺎ ﻓﺮﻳﻢ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ واري ﭜﺖ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ آﮘﺎﭨﻲ دور ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ،ﻛﻮروش )ﺳﺎﺋﺮس( ،دارﻳﺲ ۽ اﺳﻼم ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎ اڳ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺷﺎﻫﭙﻮر ،ﻫﺮﻣﺰد ۽ ﺧﺴﺮو ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻫﻴﻮن .اﺳﺎن وٽ اﺋﻴﻦ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮن ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﭨﻨﮕﻴﻞ ﻫﺠﻦ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮﭨﻞ ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ڏﻳﮡ ۾ ﺑﻪ دﻳﺮ ﻧﻪ ﻛﻦ .ﻻﺋﻮﻧﺞ ۾ وﻳﭡﻞ ﻋﺮﺑﻦ )ﻋﺮاﻗﻴﻦ( ﻣﺎن ﻫﻚ ﺣﻘﻮ ﭘﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﭨﻲ وي ﺗﻲ اﻣﻴﺘﺎڀ ﺑﭽﻦ ﺟﻲ ﻛﺎ اﻧﮉﻳﻦ ﻓﻠﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ڊب ﭤﻴﻞ ﻫﺌﻲ .اﺳﺎن وٽ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ۾ اﻧﮉﻳﻦ ﻓﻠﻢ ﻫﻠﮡ ﺗﻲ اﺳﻼم ﺧﻄﺮي ۾ اﭼﻲ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ ۽ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ان ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ﮐﻲ ﺳﺎڙﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺗﻪ ﺳﺮﻛﺎري ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻠﻦ ﺗﺎن اﻧﮉﻳﻦ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻓﻠﻤﻮن ﭘﻴﻮن ﻫﻠﻦ ،ﻛﺎ ﭘﺮواﻫﻪ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭔﺎرن ﮐﻲ Trainﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﻤﺒﺮ ون اﺟﺎﺋﻲ ﺳﺠﺎﺋﻲ ﭨﻲ وي ڏﺳﮣﻲ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻤﺒﺮ ﭨﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺳﻤﻬﮣﻮ آﻫﻲ ۽ ﺳﻮﻳﺮ اﭤﮣﻮ آﻫﻲ .اﺳﺎن وٽ اﺑﺘﻮ ﺣﺴﺎب آﻫﻲ :ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﺌﻲ ﺷﺎم ﺟﻮ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻓﻠﻢ ﺟﻮ ﺳﻲ ڊي وﭠﻲ رات ﺟﻮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ڏﺳﻮن ۽ ﭔﺎرن ﮐﻲ ﺑﻪ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮن.
ﻛﻤﺮي ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﺟﺎﺋﺰو ورﺗﻢ ﺗﻪ ﻧﻨﮃڙي ﻛﻤﺮي ۾ ﭨﻲ وي ﺑﻪ ﻫﺌﻲ ،ﻓﺮج ﺑﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﻨﮃڙي ﻛﭽﻦ ﺑﻪ ﻫﺌﻲ ،ﻛﻤﺮي ﮐﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﺘﻲ ﺳﻴﺎري ۾ ﺳﺨﺖ ﺳﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ اوﻧﻬﺎري ۾ ﭘﮑﻲ ﮔﺮم رﮐﮡ ﻻ ﻫﻴﭩﺮ ﺿﺮور ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺌﺮﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﻧﻪ ﻫﻮ. ٰ ﺟﻴﺘﺮي ﻫﻠﻜﻲ ﮔﺮﻣﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻚ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ .روس ﺟﻲ اﮘﻮﮢﻲ رﻳﺎﺳﺖ ۽ ﻫﺎڻ آزاد ﻣﻠﻚ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ واﻧﮕﺮ ﺳﻄﺢ ﺳﻤﻨﮉ ﮐﺎن اﭨﻜﻞ ﻫﻚ ﻫﺰار ﻣﻴﭩﺮ ﻣﭥﻲ آﻫﻲ ،ﺳﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﺑﻪ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ واﻧﮕﺮ آﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻴﺎري ۾ ﭼﮝﻮ ﺳﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺳﺎل ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﻣﻬﻴﻨﺎ ﻣﻮﺳﻢ ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺷﮕﻮار رﻫﻲ ﭤﻲ .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر واري ﮔﺮﻣﻲ ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺑﻴﺰار ﭤﻴﻮ ﭘﻮي ۽ ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﮡ ﺑﺪران ﻫﻮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﻳﺎ وڻ ﺟﻲ ﮀﺎﻧﻮ ﻫﻴﭟ ﮔﺬارﻳﻮ ﮀﮇي. آﺋﻮن ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻲ ﻛﺠﻬﻪ دﻳﺮ ﻻ ﺑﺴﺘﺮ ﺗﻲ ﻟﻴﭩﻲ ﭘﻴﺲ .ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ آﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﭔﮅﻧﺪو آﻳﺲ .ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﭘﮁﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮐﮣﻨﺪو ﻫﻮ .اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﭔﻪ ﭨﻲ ﺷﻴﻌﺎ دوﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ وارن اﻫﻮ ﺋﻲ ﭼﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ وﭸﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻻ ﺑﻪ دﻋﺎ ﮔﻬﺮﺟﺎن ۽ ﻫﺎڻ ﻫﻲ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﺳﻼم ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ روزاﻧﻮ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ .ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﻲ ﻗﺪرﺗﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﺳﭡﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺴﻠﻢ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺷﻬﺮت ۽ اﻫﻤﻴﺖ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻲ ڌي ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ زﻫﺮا ﺟﻲ ﭘﮍ ﭘﻮﭨﻲ ۽ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ اﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ ﻓﺮزﻧﺪ ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ آﺧﺮي آرام ﮔﺎﻫﻪ ﻛﺮي آﻫﻲ .اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ ﺷﺠﺮو ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺑﻮﻃﺎﻟﺐ ۽ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ اﻟﺰﻫﺮه ﺳﺎن ﻫﻦ رﻳﺖ ﻣﻠﻲ ﭤﻮ. ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺑﻮ ﻃﺎﻟﺐ ۶۰۰-۶۶۱ع
ﺣﺴﻴﻦ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ ۶۲۶-۶۸۰ع
ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺣﺴﻴﻦ )زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ( ۶۵۸-۷۱۳ع ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ )اﻟﺒﺎﻗﺮ( ۶۷۶-۷۴۳ع
ﺟﻌﻔﺮ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ )اﻟﺼﺎدق( ۷۰۳-۷۶۵ع
ﻣﻮﺳﻲ اﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ )اﻟﻜﺎﻇﻢ( ۷۴۵-۷۹۹ع ٰ ﻣﻮﺳﻲ )اﻟﺮﺿﺎ( ۷۶۵-۸۱۸ع ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ٰ
اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪن ﻓﺮزﻧﺪ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ ) (۸۱۸-۸۳۵اﻣﺎم ﭤﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ۽ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺠﻮاد ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ) (۸۲۷-۸۶۸اﻣﺎم ﭤﻴﻮ .ﺟﻴﻜﻮ ﻋﻠﻲ اﻟﻬﺎدي ۽ ﻋﻠﻲ ﻧﻘﻮي ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻳﺎرﻫﻮن اﻣﺎم ﺣﺴﻦ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ )(۸۴۶-۸۷۴ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺣﺴﻦ اﻟﻌﺴﻜﺮي ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﺣﺴﻦ)ﻣﻬﺪي( اﻣﺎم ﭤﻴﻮ .ﺳﻨﺪن ﭘﻴﺪاﺋﺶ ﺟﻮ ﺳﺎل ۸۶۸آﻫﻲ.
ﻣﭥﻴﻦ اﻣﺎﻣﻦ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﻣﺎم ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ان ﺑﻌﺪ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﺳﻨﺪن وڏو ﻓﺮزﻧﺪ اﻣﺎم ﺣﺴﻦ )-۶۶۹ (۶۲۵آﻫﻲ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪن ﭔﻴﻮ ﻓﺮزﻧﺪ ۽ اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ﺟﻮ ﻧﻨﮃو ﭜﺎ اﻣﺎم ُﺣﺴﻴﻦ آﻫﻲ .اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت )۸۱۷ع( ﮐﺎن اڳ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﻦ آﺑﺎد ) (SANABADﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﮘﻮﭠﮍو ﻫﻮ .اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻫﺮ ﺳﺎل اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻫﺘﻲ رﻫﮡ ﻟﮙﺎ ۽ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ وﻳﻮ وڌﻧﺪو ۽ ﺳﻨﺪس اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﻦ آﺑﺎد ﺑﺪران ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻮ .ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﻋﺰت وﭼﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻣﻘﺪس ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﻳﻌﻨﻲ ﭜﻼرو ﻣﺸﻬﺪ ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﺮﻳﻒ .ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎ وٽ ﻗﻠﻨﺪر ﺷﻬﺒﺎز ﻳﺎ ﻣﺨﺪوم ﻧﻮح ﺟﻲ ﻛﺮي ﺳﻴﻮﻫﮡ ۽ ﻫﺎﻻ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ﮐﻲ ﺳﻴﻮﻫﮡ ﺷﺮﻳﻒ ﻳﺎ ﻫﺎﻻ ﺷﺮﻳﻒ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺮ ﺳﺎل وڏي ﻋﻘﻴﺪت ﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ ۾ زﻳﺎرت ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﻻ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﭼﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻴﺮ ،ﻓﻘﻴﺮ، ﺑﺰرگ ﻳﺎ دروﻳﺶ ﺟﻲ ﻋﺮس ﺗﻲ ﻫﺮﺳﺎل ﻫﻦ ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺑﺎ روڊ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﺑﻪ رﺳﺘﺎ آﻫﻦ ﻫﻚ ۸۷۵ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ۽ ﭔﻴﻮ ۹۲۵ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺳﭙﺮ ﻫﺎ وي ذرﻳﻌﻲ ﺑﻪ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻧﺌﺸﻨﻞ ﻫﺎ وي ذرﻳﻌﻲ ﭠﭩﻲ ﮐﺎن ﭰﺮﻧﺪو ﺑﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ وچ ۾ رﻳﻞ ﮔﺎڏي ﺑﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ .روزاﻧﻮ ﭨﻴﻬﺎرو ﮐﻦ اڏاﻣﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻞ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ” ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﺪ ﻫﺎﺷﻤﻲ ﻧﺠﺪ“ ﺗﻲ ﻟﻬﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﺮ روز ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﮡ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ .ڌارﻳﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ۽ اﻓﻐﺎﻧﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻜﻦ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ،ﻋﺮاق ،ﮔﻠﻒ ،ﻳﻤﻦ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﺎ آﻫﻦ .اﻧﻬﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺷﻴﻌﺎ ﻓﺮﻗﻲ ﺟﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﻨﻲ ﭘﮡ آﻫﻦ .دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﮐﺎن ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﺬﻫﺒﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن روﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻛﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ۾ اﺟﺎزت وﭠﮡ ﺗﻲ ،ﺧﺎص ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﮐﻲ ،اﺗﻲ ﺑﻪ اﭼﮡ ﻻ ﮀﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺮن ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ .ﻛﻲ اﻫﮍا ﺑﻪ دور رﻫﻴﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﭘﮡ رﻫﻴﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺗﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﺌﻴﻦ اﺗﺮ اوﻟﻬﻪ ۾ ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺗﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ آﻫﻲ .ﺑﺎرڊرن ﺗﻲ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﺎ ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ ﺣﻤﻠﻲ آورن ﺟﻲ ﻋﺘﺎب ﻫﻴﭟ رﻫﻴﺎ .ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ﻛﮇﻫﻦ ﭠﻬﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ڌارﻳﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﻛﺮي ڊﻫﻨﺪا ﺑﻪ رﻫﻴﺎ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ” ﺑﻨﺎﻟﻮد“ ۽ ”ﻫﺰر ﻣﺴﺠﺪ“ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﻛﺸﻒ ﻧﺪي واري ﻣﺎﭤﺮي ۾ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻧﺪي ﻫﺎري ﻧﺪي ﻣﺎن ﻧﻜﺮي ﭤﻲ .ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن واﭘﺎر وڙي ﺟﻮ اﻫﻢ ﻣﺮﻛﺰ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﻧﮉﻳﺎ وﻳﻨﺪڙ ﻳﺎ اﺗﺮ ﮐﺎن ڏﮐﮡ، ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺑﺤﺮ اوﻣﺎن وﻳﻨﺪڙ ﻗﺎﻓﻠﻦ ﺟﻮ ﻟﻨﮕﻬﻪ ﻫﺘﺎن ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ )۸۱۸ع ﮐﺎن اڳ( ﻳﻌﻨﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن اڳ ،ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻦ آﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ﮘﻮٺ ﻫﻮ اﻫﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻧﻪ ﻫﻮ ﭘﺮ ان ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻃﻮس ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ دﻳﺒﻞ ۽ﭜﻨﭝﻮر واﻧﮕﺮ ﻓﻘﻂ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ ،ﻫﺘﻲ ﺟﻮ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ،ﻣﻜﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ وﻳﻨﺪي وﻗﺖ ﻃﻮس ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪا ﻫﺌﺎ ،ﺟﻴﻜﻮ ان وﻗﺖ ﻛﻮﭨﮍي ۽ روﻫﮍي رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﺮ ﻃﺮف ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ ﻗﺎﻓﻠﻦ ﻻ ﻣﺸﻬﻮر ﺟﻨﻜﺸﻦ ﻫﻮ.
ﺗﻮس ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻃﻮس ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Tous ،Toos۽ Tusاﺳﭙﻴﻠﻦ ﺳﺎن ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻲ ﺷﻬﺮ اﺳﻼم ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎن ﭘﻮ ۱۲۲۰ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن اﭼﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﻴﻮ .ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺗﻮس )ﻃﻮس( ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﺨﺼﻴﺘﻴﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺟﺎﺑﺮ ﺑﻦ ﺣﻴﺎن ) (Geberﺟﻴﻜﻮ ﺑﺎﺑﺎ ﻛﻴﻤﺴﭩﺮي ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻃﻮس ۾ ۷۲۱۾ ﭴﺎﺋﻮ )۽ ۸۱۵۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ( ،اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر اﺳﺪي ﻃﻮﺳﻲ )اﺑﻮ ﻣﻨﺼﻮر ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺣﻤﺪ اﺳﺪي ﻃﻮﺳﻲ( ﺳﻦ ۱۰۰۲۾ ﻃﻮس ۾ ﭴﺎﺋﻮ ،ﻧﻈﺎم اﻟﻤﻠﻮڪ )اﺑﻮ ﻋﻠﻲ اﻟﺤﺴﻦ اﻟﻄﻮﺳﻲ ﻧﻈﺎم اﻟﻤﻠﻚ( ﺳﻠﺠﻮق ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ وزﻳﺮ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ڏاﻫﻮ ﻃﻮس ۾ ۱۰۱۸۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۰۹۲۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .اﻟﻐﺰاﺋﻲ )اﺑﻮ ﺣﻤﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﻐﺰاﻟﻲ( اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻢ ،ﻣﻨﺼﻒ ۽ ﻓﻼﺳﻔﺮ ۱۰۵۸۾ ﻃﻮس ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ۱۱۱۱۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺗﻔﺴﻴﺮ، ﺣﺪﻳﺚ ۽ ﻓﻘﻲ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻴﺦ ﻃﻮﺳﻲ )اﺑﻮ ﺟﻌﻔﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﺣﺴﻦ ﻃﻮﺳﻲ( ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮﻃﻮس ۾ ۱۰۶۸۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﻃﺐ ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﻧﺼﺮدﻳﻦ اﻟﻄﻮﺳﻲ ﺑﻪ ﻃﻮس ۱۲۰۱۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۲۷۴۾ وﻓﺎت ﻣﺌﭥﻤﺌﭩﻜﺲ ،ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ Astronomy ،۽ ِ
ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﮐﺎن ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ واﻗﻒ آﻫﻲ ،ﭘﮡ ﻫﺘﻲ ﻃﻮس ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﺋﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .دراﺻﻞ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﮇو وڌي وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻃﻮس ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﺣﺼﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﮐﭙﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻻﻟﻮ ﮐﻴﺖ ،ﻣﻠﻴﺮ ﻳﺎ ﻣﺎرﻳﭙﻮر اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.
ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﺻﻮﺑﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن واﻧﮕﺮ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﻋﻼﻗﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﺮﺳﺒﺰ ﭼﺮاﮔﺎﻫﻪ ۽ ﭘﻮک ﺳﺎن ﺳﺎﻳﻮن ﺳﮅﻳﻮن زﻣﻴﻨﻮن ﭘﮡ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻦ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻴﻮا ،ﺑﺎدام ﭘﺴﺘﺎ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻧﺮم ۽ ﻧﺎزڪ ﺻﻮﻓﻦ ﮐﺎن ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ واﻗﻒ ﻫﻮﻧﺪا ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن وٽ ” ﻣﺸﻬﺪي ﺻﻮف“ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ زﻋﻔﺮان ﺑﻪ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﺮوع ۾ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﺘﻲ ﺟﻲ زرﺷﻚ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .زرﺷﻚ ﺑﺮ ﺑﻴﺮﻳﺰ ) (Berberriesﺟﻮ ﻗﺴﻢ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺟﺎم ﭤﻴﻦ ،ﺟﻦ ﮐﻲ ﺳﻜﺎﺋﻲ ﭘﻮ وﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. زرﺷﻚ Berriesﺟﻮن ﺟﺌﻤﻮن ،ﭼﭩﮣﻴﻮن ۽ Juicesﭘﮡ اﻳﺮان ۾ وﻛﺎﻣﻦ ﭤﻴﻮن .زرﺷﻚ ﺟﻲ ﺑﺎﻏﻦ ﮐﻲ ” زرﺷﻚ آﺳﺘﺎن“ ﺳﮇﻳﻦ .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﺎﭘﺴﻨﺪﻳﺪﮔﻲ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﺮڻ ﻻ ﺑﻪ ﻫﻲ ﻟﻔﻆ زرﺷﻚ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻴﻮن ” آﮜﻮﭠﻮ“ ﻳﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ”.“Blowing raspberry ﻣﺸﻬﺪ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺧﺮوﭨﻦ ،ﺑﺎداﻣﻦ ،ﭘﺴﺘﻦ ،ﺻﻮﻓﻦ ،ڏاڙﻫﻮﺋﻦ ،ﺳﻨﮕﺘﮍن ،اﻧﮕﻮرن ۽ زﻋﻔﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﭘﺮ ﻓﻴﺮوزه )ﭘﭥﺮ( ،ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ،رﻳﺸﻢ ) ،(Woolﺳﮣﻲ ) (Silkﺟﻲ ﺷﻴﻦ ۽ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻴﻮزڪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﻣﻴﻮزڪ ﻣﺎن آﻫﻲ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﺗﻮرﺑﺖ ﺟﺎم ،ﺗﻮرﺑﺖ ﺣﻴﺪرﻳﻪ ،ﺑﺠﻨﻮرد ۽ ﻗﻮﭼﺎن ﺟﻲ ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﻋﻼﻗﻦ ﺟﻲ .ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ )ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ(ﺟﺎ ﺑﻨﻴﺎدي ﺳﺎز آﻫﻦ ؛ ﺗﺎر ،دوﺗﺎر ،دف ۽ دﻫﻞ )ﺟﻲ ﻫﺎ! دﻫﻞ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ( ﻣﺸﻬﺪ ﻏﺰل ﺧﺎﻧﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻬﮍوڪ روﻣﻲ ،ﻋﻄﺎر ۽ ﺷﻴﺦ اﺣﻤﺪ ﺟﺎﻣﻲ ﺟﺎ ﻏﺰل ﮘﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.
اﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ رات ﺟﻲ وﻗﺖ اﭼﮡ ﭤﻴﻮ .ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ وﻗﺖ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﻣﻬﻞ ﺳﭵﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﺎوڪ ۽ ﭼﻮڌاري وﮢﻦ ﺟﻮن ﻗﻄﺎرون ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﭘﻮ زﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﻣﻬﻞ اﺳﺎﻧﺠﻬﮍو ﺳﻴﺎح ﭼﻮڌاري ﮔﻨﺒﺬ ۽ ﻟﻴﻠﻲ ﺟﻲ داﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ﻫﺠﻲ ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻨﺎرا ڏﺳﻲ واﺋﮍو ﭤﻴﻮ وﭸﻲ .ﭴﮡ ﻛﻨﻬﻦ اﻟﻒ ٰ ﻟﻴﻠﻲ ﺟﻲ اﺻﻠﻲ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ اﻳﺮان ﺳﺎن ﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ .ان ۾ ﻋﺮب ۽ ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﺟﻮن ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﺗﻪ ﺑﻌﺪ واﻗﻌﻲ اﻟﻒ ٰ ۾ ﮘﻨﮃﻳﻮن وﻳﻮن.
ﻛﺠﻬﻪ ﺧﺮاﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺮ ﺳﺎل ﺣﺞ ۽ ﻋﻤﺮي ﻻ ﻣﻜﻲ ۽ ﻣﺪﻳﻨﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ ،زﻳﺎرت ﻻ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ )اﻳﺮان( ﻛﺮﺑﻼ ۽ ﻧﺠﻒ )ﻋﺮاق( ۽ دﻣﺸﻖ )ﺷﺎم( وﭸﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ اﻳﺮان وﭸﮡ ﺗﻤﺎم ﺳﻮﻟﻮ ۽ ﺳﺴﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﺑﺎرڊر ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﺎ روڊ ۽ ﭨﺮﻳﻦ ذرﻳﻌﻲ ﮔﻬﭧ ﭜﺎڙي ۾ ﭘﻬﭽﻴﻮ وﭸﻦ .ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺗﻪ ﺗﺮﻛﻲ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ وﻳﺰا وﭠﮡ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻛﻮ ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ زﻳﺎرت ﻻ آﻳﻞ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻋﺰت ﺳﺎن ڏﺳﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان ﻫﻴﮇو ﺧﻮﺷﺤﺎل ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اڄ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭨﻴﮍي ﻳﺎ وڏاﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﻮ ﺑﻴﺤﺪ humbleآﻫﻦ .ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ وڏ ﻣﺎﮢﻬﭙﻲ ۾ اﭼﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ۽ ﻋﺮب ﺗﻪ )اڄ ﺟﻲ دور ﺟﺎ ﻋﺮب( ﺗﻪ ﻏﺮﺑﺖ واري دور ۾ ﺑﻪ اﺳﺎن ﻻ ﻣﻐﺮور ﻫﺌﺎ .ﭘﻮ اﻫﻲ ﭼﺎﻫﻲ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﻳﺎ ﻛﻮﻳﺖ ﺟﺎ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ دﺑﺌﻲ ،ﺑﺤﺮﻳﻦ ،ﻣﺴﻘﻂ ﺟﺎ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰن ،آﻣﺮﻳﻜﻦ ۽ ﮔﻮري ﮐﻞ وارن ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﻣﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻦ .۽ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﮔﻮرن ۽ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺟﻲ ﻛﺎ ﭘﺮواﻫﻪ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﻨﻦ وٽ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﺟﻮ ﻗﺪر آﻫﻲ .ان ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﺎن ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ ۽ ﺳﻴﺮ ﻛﺮڻ ۾ وڌﻳﻚ ﺳﻜﻮن ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ﭤﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ .ﭘﺮ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺑﻨﻴﺎدي ﺿﺮورت ﺟﻲ ﻫﺮﺷﻲ ﺳﺴﺘﻲ آﻫﻲ ان ﻛﺮي ﻏﺮﻳﺐ ﮐﺎن ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺑﮑﻮن ﻛﺎﭨﮣﻴﻮن ﻧﭥﻴﻮن ﭘﻮن .ﻫﺘﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻧﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﺳﺴﺘﻮ ۽ ﻟﺬﻳﺬ آﻫﻲ .ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .ان ﻛﺮي ﻫﺮﻛﻮ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﮔﻬﻤﻨﺪو ﭰﺮﻧﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ آﺋﻮن ﻫﻤﻴﺸﻪ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﺗﻌﺠﺐ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﭘﻮڙﻫﺎ ،اڻ ﭘﮍﻫﻴﻞ ۽ ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﺎ اﻳﺮان ۾ ﭤﻮرن ﭘﺌﺴﻦ ۾ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﺑﻪ ﮔﺬارﻳﻮ اﭼﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﭘﻠﺲ ﭘﻮاﺋﻨﭧ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ڏاڍو آﻫﻲ .ﺧﺎص ﻛﺮي اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ،ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻫﺮ روز ﻧﺖ ﻧﻴﻦ ﭠﮙﻴﻦ ۽ ﻟﭽﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ،اﻫﻲ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﺣﻴﺮت ﮐﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻛﻴﺌﻦ ﺗﻪ رات ﺟﻮ دﻳﺮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﻛﺎن ۽ ﺑﺎزارﻳﻮن ﮐﻠﻴﻮن ﭘﻴﻮن آﻫﻦ ۽ وﻳﻨﺪي ﻋﻮرﺗﻮن اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﭘﻴﻮن ﺳﻮن ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻦ.
اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺿﺮور اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﺗﻲ ﻫﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺗﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻛﻴﺘﺮن ﮘﻮﭠﺎﮢﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮀﺎ آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﺒﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﻳﺎﺋﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻳﻜﺪم ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ ۽ ﭔﻴﻮن ﺑﻪ زﻳﺎرﺗﻮن ﻛﻴﻮﻧﺴﻴﻦ. ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﭔﻴﻦ زﻳﺎرﺗﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ان ﺟﻲ آس ﭘﺎس)ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ( ۾ آﻫﻦ ۽ ﭔﻴﻮن ﻗﻢ ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ آﻫﻦ .ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺑﺎﺑﺖ ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ اﺣﻮال ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻳﺮان ۾ اﻫﮍي ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﻣﺮﻛﺰ ) (Centerﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﺻﻮﺑﻲ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اوﺳﺘﺎن ﺳﮇﻳﻦ ۽ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﺳﻨﭝﺎﻟﮡ واري ﮐﻲ اوﺳﺘﺎﻧﺪار ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ وزﻳﺮ داﺧﻼ ﻛﺎﺑﻴﻨﺎ ﺳﺎن ﺻﻼح ﻣﺸﻮرو ﻛﺮي ﻣﻘﺮر ﻛﺮي ﭤﻮ .ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻮ ڊوﻳﺰن ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻛﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ countiesﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ۽ ﻫﺮ ڊوﻳﺰن ﺿﻠﻌﻦ ) (Districts۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻮ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎﻧﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ﻫﺮ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن ﺿﻠﻌﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺨﺸﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ .ﺑﺨﺸﻦ )ﺿﻠﻌﻦ( ﺑﻌﺪ ﺷﻬﺮ ۽ ﭨﺎﺋﻮن ﭤﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﺷﻬﺮ ۽ دﻳﻬﺴﺘﺎن ﺳﮇﻳﻦ .دﻳﻬﺴﺘﺎن ۾ وري ﻧﻨﮃڙا ﻧﻨﮃڙا ﮘﻮٺ ﭤﻴﻦ.
۱۹۵۰ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﭔﺎرﻫﻦ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ ﻫﻮ ،ﺟﻬﮍوڪ ؛ ﻛﺮﻣﺎن ،ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن )ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﺑﻠﻮچ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﺘﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ۽ ﻣﺮﻛﺰ زاﻫﺪان اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۽ ﭼﻤﻦ ﮐﻲ ﺗﻤﺎم وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ( ،ﻓﺎرس ،ﺧﺰﺳﺘﺎن ،ﻻرﺳﺘﺎن ،ﻟﻮرﺳﺘﺎن ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن )ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ
ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ روس ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ .ﻫﻲ اﺋﻴﻦ اﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ) (USAﺟﻲ رﻳﺎﺳﺖ ﻧﻴﻮ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ ۽ ﺳﻴﻨﭩﺮل آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ آﻫﻦ (.ﻋﺮق ،ﻋﺠﻢ، ﻣﺰﻧﺪاران ،ﮔﻴﻼن ،ارداﻻن ۽ ﺧﺮاﺳﺎن .وﻗﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺑﻬﺘﺮ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن اﻧﺘﻈﺎم ﻫﻼﺋﮡ ﻻ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد وڌاﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ .آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺻﻮﺑﻮ ﭔﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﻣﺸﺮﻗﻲ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ ّآذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن .ﺗﺎزو ۲۰۰۴۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﮐﻲ ﭨﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ؛ اﺗﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ )ﻣﺮﻛﺰ( ﺑﺠﻨﻮرد ﺷﻬﺮ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﭔﻴﻮ ڏﮐﮡ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺷﻬﺮ ﺑﺮﺟﻨﺪ آﻫﻲ ۽ ﭨﻴﻮن وچ وارو ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻴﻜﻮ رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ آﻫﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ واﭘﺎر وڙي ﮐﺎن اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻨﺪڙ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ،ﺳﺒﺰوار ،ﺧﻠﻴﻞ آﺑﺎد ،ﺗﺮﺑﺖ ﺣﻴﺪرﻳﺎ ،ﺗﺮﺑﺖ ﺟﺎم ،درﮔﺎز ،ﻗﻮﭼﺎن ،ﮔﻮﻧﺎﺑﺎد وﻏﻴﺮه ﺧﺮاﺳﺎن رﺿﻮي ۾ اﭼﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ.
ﺧﺮاﺳﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اڄ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﭘﺮ آﮘﺎﭨﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن وڏي اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ .ﺧﺮاﺳﺎن اﻳﺮان ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ.ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ،ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ وﻳﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﻣﻠﻨﺪا ۽ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭜﺮ وارو ﺣﺼﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. دراﺻﻞ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ه ﺗﻤﺎم وڏو ﻣﻠﻚ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ .اڄ ﺑﻪ اﻫﻮ ﺳﭵﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﮔﺮﻳﭩﺮ ﺧﺮاﺳﺎن )ﻳﻌﻨﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﻳﺎ ﺑﺰرگ ﺧﺮاﺳﺎن( ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ،ﺗﻬﺬﻳﺐ ،ﻛﻠﭽﺮ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ رﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰن اﻧﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ دوران ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻠﻜﺘﻲ ﮐﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭤﻲ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ دﻫﻠﻲ ﮐﻲ ،ﺗﻴﺌﻦ اﻳﺮاﻧﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( ﺣﺎﻛﻤﻦ ،ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ،ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﻻ ﻛﮇﻫﻦ ان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻃﻮس ،ﺑﺠﻨﻮرد )ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺷﻬﺮ( ﮐﻲ ﻣﺮﻛﺰ )ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ( ﺑﮣﺎﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻣﺮو ) (Merv۽ ﺳﺎﻧﺠﺎن )ﻫﺎڻ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾( ،ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا )ﻫﺎڻ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾( ﻫﺮات ،ﻛﺎﺑﻞ ،ﻏﺰﻧﻲ ۽ ﺑﻠﺦ )ﻫﺎڻ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾( ۽ ﺧﻮﺟﻨﺪ ۽ ﭘﻨﺠﺎﻋﻴﺖ )ﻫﺎڻ ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۾( ،ﮐﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﭤﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻓﺎﺗﺤﻦ ،ﺳﭙﻬﻪ ﺳﺎﻻرن ۽ ﺳﻠﻄﻨﺘﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ،ﻋﺮب ،ﺳﻠﺠﻮق ،ﺗﺮڪ ،ﺳﻔﻮي ،ﭘﺸﺘﻮن ،اﻓﻐﺎﻧﻲ ۽ ﭔﻴﺎ.
ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ اڄ اﺳﺎن ازﺑﻜﺴﺘﺎن وﭸﻮن ﭤﺎ ،اﻫﻮ ﺻﺪﻳﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ ﺟﺘﺎن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﺎ اﻫﻲ ﺷﻬﺮ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ و ادب ،اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻠﭽﺮ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﮐﺎڻ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ وﻳﺎ ﭤﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ روﻣﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛ آن
ﭘﺲ
ﺑﺨﺎرا
ﺑﺨﺎرا
)ﺑﺨﺎرا ﭴﺎڻ ﺟﻲ ﮐﺎڻ آﻫﻲ،
اﻳﺴﺖ
ﻣﻌﺪن
ﻫﺠﺮک
داﻧﺶ
آﻧﺶ
ﺑﻮد
ﺑﻮد
اﻫﻮ ﺑﺨﺎرا ﺟﻮ ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﻠﻢ آﻫﻲ(.
ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮ روداق )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺎڻ ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ( ﺟﻲ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮ ۽ ڏاﻫﻲ ﻋﺒﺪا� ﺟﻌﻔﺮ ﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ”روداﻛﻲ“ ﺟﻮ ﺑﺨﺎرا ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛
اي
ﺷﺎﻫﻪ
ﺑﺨﺎرا زي
ﺷﺎد
ﺗﻮ
ﺑﺎش
ﻣﻴﻬﻤﺎن
ودﻳﺮ آﻳﺪ
)او ﺑﺨﺎرا ! ﺷﺎد ﻫﺠﻴﻦ ،آﺑﺎد ﻫﺠﻴﻦ ،ﺧﻮش ﻫﺠﻴﻦ ،ﺗﻮ وٽ ﺟﺸﻦ ﻣﻠﻬﺎﺋﮡ ﻻ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻴﻮ آ(.
زي
ﻫﻤﻲ
آﮘﺎﭨﻲ دور ۾ ﻳﻮرپ ﭘﺎﺳﻲ ﻣﺎڊرن ﺷﻬﺮ روم ۽ اﺳﺘﻨﺒﻮل )ﻗﺴﻄﻨﻄﻴﻪ( ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺸﺮق ﭘﺎﺳﻲ ﺑﻠﺦ ۽ ﺑﺨﺎرا ﻫﻮ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﮐﻲ ﻳﺎد ﻛﺮڻ وارا ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﺟﺎ ﺳﻜﺎﻳﻞ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﻮﭘﻲ ﺟﻲ ﺳﮏ ۽ آرام ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺷﻬﺮن ﺳﺎن ﭜﻴﭩﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﭼﻲ:
ﺳﮏ
ﺟﻮ
ﺳﻮﻧﻬﻴﻦ
اﭘﻨﻲ
ﺑﻠﺦ
ﺑﺨﺎري
۾
ﭼﻮﺑﺎري
۾
ﻓﺎرﺳﻲ ادب ۽ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﺮﻛﻨﺪڙ ﺷﻬﺮن ﺑﺨﺎرا ۽ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﺟﻮ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ذﻛﺮ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ اﻧﮉﻳﻦ ﮔﺎﻧﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﭜﻴﺠﺖ ﮘﺎﻳﻮ آﻫﻲ.
اﻳﮏ
ﭼﻤﻪ
اور
ﺗﻮ
ﺑﺪﻟﻲ
ﻣﺠﻬﻪ
ﻣﻴﻦ
ﮐﻮ
ﻳﻮﭘﻲ،
ادﻫﺎر
ﺑﻬﺎر
دﻳﺪي .....
ﻟﻴﻠﻲ
ان ﺟﻲ آﺋﻴﮉﻳﺎ ﺷﻴﺮاز ﺟﻲ ﭼﻮڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺧﻮاﺟﺎ ﺷﻤﺲ اﻟﺪﻳﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺟﻲ ﺷﻌﺮ ﺗﺎن ورﺗﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛ اﮔﺮ ﺑﻪ
آن
ﺧﺎل
ﺗﺮڪ
ﻫﻨﺪوﻳﺶ
ﺷﻴﺮازي
ﺑﺨﺸﻢ
ﺑﻪ
دﺳﺖ
ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ
و
آرد
دل
ﺑﺨﺎرا
ﻣﺎرا را
)ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اﻫﻮ ﺷﻴﺮازي ﺗﺮڪ ﻣﺤﺒﻮب ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دل ﺟﻴﺘﻲ وﭠﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﮘﻞ ﺟﻲ ﺗﺮ ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﻫﻴﺮن ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎن(.
ﺳﻮ اﻫﻲ ﻫﻴﺮن ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ان وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﻫﺌﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﺎڻ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﺣﺼﻮ اﻳﺮان ۾ وﭸﻲ ﺑﭽﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﺑﺎﻗﻲ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ازﺑﻜﺴﺘﺎن ،ﺗﺮﻛﺴﺘﺎن ڏي ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺣﺎﻓﻆ ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭨﻦ وڏن ﺷﺎﻋﺮن ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﻣﭥﺌﻴﻦ ﺷﻌﺮ ﺗﺎن ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﭔﮅي ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﺑﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻫﻦ ﻳﻜﺪم ﺣﺎﻓﻆ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ درﺑﺎر ۾ ﮔﻬﺮاﺋﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻧﭝﺎﮘﺎ ! ﻣﻮن ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﺟﺘﻦ ﻛﺮي ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﻛﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﺗﻮن آﻫﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺤﺒﻮب ﺟﻲ ﻫﻚ ﺗِﺮ ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﺨﺎوت ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻨﺪو وﺗﻴﻦ؟“
”ﻫﺎﺋﻮ ﺳﺮﻛﺎر“ ﺣﺎﻓﻆ وراﮢﻴﺲ ” ،ﺷﺎﻫﻪ ﺧﺮﭼﻴﻦ ۽ ﺳﺨﺎوﺗﻦ ﻛﺮي اڄ آﺋﻮن اﻫﮍو ﮐﭩﻞ ﻣﺴﻜﻴﻦ آﻫﻴﺎن ﺟﻮ وﺗﺎن ﭤﻮ ﭔﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺎل ﻗﺮﺑﺎن ﻛﻨﺪو“. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ اﻫﻮ ﺟﻮاب ﭔﮅي ڏاڍو ﺧﻮش ﭤﻴﻮ ۽ ﮐﻴﺲ اﻧﻌﺎم اﻛﺮام ڏﺋﻲ رواﻧﻮ ﻛﻴﻮ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻴﺘﺮﻳﻦ ﺻﺪﻳﻦ ﺑﻌﺪ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن ﺣﺪﺑﻨﺪﻳﻮن ۽ ﺑﺎﺋﻮﻧﮉرﻳﻮن ﭘﺨﺘﻴﻮن ﭤﻴﻨﺪﻳﻮن ﺮﺿﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺳﺮﺣﺪن وﻳﻮن .ﻧﺌﻴﻦ ﺟﻮڙﺟﻚ ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ،روس ،اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻬﮍن ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻜﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣ ِ ﺟﻲ ﭰﻴﺮ ﭰﺎر ﻛﺌﻲ .ﻛﮍﺳﺘﺎن ﮐﻲ ورﻫﺎﺋﻲ ان ﺟﺎ ﺣﺼﺎ ﺗﺮﻛﻲ ،ﻋﺮاق ۽ اﻳﺮان ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ ،ﻓﻠﺴﻄﻴﻦ ﮐﻲ ورﻫﺎﺋﻲ اﺳﺮاﺋﻴﻞ ۽ اردن ﮐﻲ وڌاﻳﻮ وﻳﻮ .اﺻﻠﻮﻛﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﻳﻌﻨﻲ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﮔﺮﻳﭩﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻛﻮ ﭨﻜﺮو اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ،ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان وٽ ﺧﺮاﺳﺎن ﺑﭽﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ وڏو ﺣﺼﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۲۰۰۴۾ ﭨﻲ ﺣﺼﺎ ﻛﻴﺎ ﻣﻌﻨﻲ ﺟﺎ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺞ اﭜﺮڻ ﺟﻲ ﺟﺎ .ﺧﺮاﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺞ +ﺳﺎن آﻫﻦ .ﺧﺮاﺳﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮﺋﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ .ﺧﺮ ٰ ٰ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺳﺞ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﭜﺮي ﭘﻮ ﺑﺎﻗﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ روﺷﻦ ﻛﺮي ﭤﻮ.
اﻳﺮان ۾ اﺳﻼم ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎن اڳ ،ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﭼﺌﻦ وڏن ﻋﻼﺋﻘﻦ )ﺳﺘﺮاﭘﻴﻦ( ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻮ. ﺧﺮاﺳﺎن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺧﻴﺒﺮ ﭘﺎس واﻧﮕﺮ ،اﻳﺮان ۾ ڌارﻳﻦ ﻗﻮﻣﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮍڻ ﺟﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ دروازو ﻫﻮ .ﻫﺮ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻨﺪڙ ﻓﻮج ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ اﭼﻲ ﭘﻮ ﺑﺎﻗﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ .ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻏﺰﻧﻮي )ﺟﻴﻜﻲ ﺗﺮﻛﻦ ﺟﻲ ﻧﺴﻞ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ( اﻫﻲ ﺑﻪ ﺧﺮاﺳﺎن ذرﻳﻌﻲ اﻳﺮان ۾ آﻳﺎ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﺳﻠﺠﻮق اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﺎ ۽ ﭘﻮ ﺗﻴﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻣﻨﮕﻮل آﻳﺎ ۽ ﭼﻮڏﻫﻦ ۽ ﭘﻨﮅرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﺗﻴﻤﻮري اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﺎ .ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ ازﺑﻜﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﻮ ﺻﻔﻮﻳﻦ ) (Safavidsﭜﭵﺎﺋﻲ ﻛﮃﻳﻮ .ﺟﻴﻜﻮ ﮔﻬﺮاﮢﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺗﺮڪ ﻧﺴﻞ ﻣﺎن ﻫﻮ .ﺻﻔﻮﻳﻦ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﺎن ﭘﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﻛﺎﻓﻲ ﻋﺮﺻﻮ اﻧﺎرﻛﻲ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ۱۸ ﺻﺪي ۾ اﻓﺸﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﭼﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ
ﺣﺎﻟﺖ ﭘﻴﺪا ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي) ﻣﺮﻛﺰ( ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ .ﻗﺎﭼﺎرﻳﻦ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ اڄ ﺟﻲ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن وارا رﻫﺎﻛﻮ ﺟﻨﮕﻴﻮن ﺟﻮﭨﻴﻨﺪا ۽ ﺣﻤﻼ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﭘﻮ ﻧﻴﭟ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن روس ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ۽ روس ) (USSRﭠﻬﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ،ازﺑﻜﺴﺘﺎن ،ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﻠﻚ ﺟﺎرﺟﻴﺎ ،آرﻣﻴﻨﻴﺎ وﻏﻴﺮه ﭘﮡ زوري ﻣﻼﻳﺎ وﻳﺎ.
اڄ ﺟﻲ اﻳﺮان واري ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻨﻬﻲ ﺣﺼﻦ )اﺗﺮ ،ڏﮐﮡ ۽ رﺿﻮي( ﺟﻲ آدﻣﺸﻤﺎري ﺳﺘﺮ اﺳﻲ ﻟﮏ ﮐﻦ ﭤﻴﻨﺪي ۽ اﻳﺮاﺿﻲ ۰۰۰،۳۱۴ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﭵﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ﻓﻘﻂ ۲۴۴۰۰۰ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ اﻳﺮان وارو ﻫﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ﺻﻮﺑﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ وڏو ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ۱۴۱۰۰۰ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮآﻫﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ ﺋﻲ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﮐﺎن وڏو آﻫﻲ ﺟﻮ ان ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ۳۴۷۲۰۰ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ .اﻳﺮان واري ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن آﻫﻲ ۽ اوﭜﺮ ۾ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن. ڏﮐﮡ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺻﻮﺑﺎ ”ﻛﺮﻣﺎن“ ۽ ”ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن“ آﻫﻦ ۽ اوﻟﻬﻪ ۾ ﻳﺰد ،ﺳﻴﻤﻨﺎن ۽ ﻣﺎزﻧﺪاران آﻫﻦ. ﺳﺎل ۱۹۶۸۽ ۱۹۷۸۾ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺗﻤﺎم وڏا زﻟﺰﻻ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ۾ ۱۲۰۰۰۽ ﭔﻲ ۾ ۲۵۰۰۰ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺟﻞ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻲ وﻳﺎ.
ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ڌارﻳﻮن ﻗﻮﻣﻮن ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ زﺑﺎﻧﻮن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ وارا اﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻫﺘﻲ رﻫﻲ ﭘﻴﺎ .اﻧﻬﻦ ﺟﻮ اوﻻد اڄ ﮐﮣﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﻬﺠﻲ ۽ زﺑﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ وڏن ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ۽ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن رﻳﺘﻮن رﺳﻤﻮن اﭘﻨﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وڏن ﺟﻲ ﻧﺴﻞ ۽ زﺑﺎن ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﺗﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﺳﭝﻴﺌﻲ اڙدو ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﻲ ﻛﺎﭠﻴﺎواڙي ،ﻣﺎرواڙي ،ﻣﺪراﺳﻲ ،ﭤﺮي ۽ ﺳﺮاﺋﻜﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻛﮁﻲ ،ﮔﺠﺮاﺗﻲ ،ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ،ﺑﻠﻮﭼﻲ ،ﻣﻜﺮاﻧﻲ وﻏﻴﺮه .ﺗﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﻼﺋﻘﺎﺋﻲ ﻧﺴﻠﻲ ) (ethnicﺳﭹﺎﮢﭗ رﮐﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﻠﻮﭼﻲ ،اﻓﻐﺎﻧﻲ ،ﺗﻴﻤﻮري ،ﺟﻤﺸﻴﺪي ،ﻫﺰاروي ،ﺟﭙﺴﻲ ،ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﻋﺮب ،ﻳﻬﻮدي وﻏﻴﺮه.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻧﺪﻳﻮن وﻫﻦ ﭤﻴﻮن اﻫﻲ آﻫﻦ ؛ اﺗﺮاف ﻧﺪي ،ﻛﺎﺷﻒ ﻧﺪي ،راﺋﻮد ﻧﺪي ۽ ﻗﺎراﺳﻮﺋﻮ ﻧﺪي .اﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻪ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﻋﺮﺑﻦ ﻳﺎ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﺗﻪ اﮘﺘﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻮ ﮐﮣﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﭔﻪ ڏﻫﺎﺋﻴﻮن اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ڊﮔﺮﻳﻮن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﺳﺎن وٽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .اڄ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادران ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ۽ ﻣﻌﻴﺎر اﺳﺎن ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ اﻳﻨﺪي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ آدﻣﺸﻤﺎري ﻛﺮاﭼﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭨﺌﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺟﻴﺘﺮي ﻣﺲ آﻫﻲ ،ﭔﻪ ڊزن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ؛ •
ﮔﻨﺎﺑﺎد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ.
•
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،ﮔﻨﺎآﺑﺎد
•
ﻣﺸﻬﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻓﺮدوﺳﻲ
•
ﺳﺒﺰوار ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ
)ﮔﻨﺎ آﺑﺎد ﻣﺸﻬﺪ ﭜﺮﺳﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﺿﻠﻌﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻧﻮاب ﺷﺎﻫﻪ ﻳﺎ دادو وﻏﻴﺮه .ﮔﻨﺎﺑﺎد ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﮔﻨﺎﺑﺎدي زﻋﻔﺮان ۽ ﮔﻨﺎﺑﺎدي دروﻳﺶ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ(. •
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﺸﻬﺪ
•
ﺳﺒﺰوار ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺗﺮﺑﻴﺖ ﻣﻌﻠﻢ
)ﺳﺒﺰوار ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۲۵۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي اوﻟﻬﻪ ۾ ﻫﻚ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻴﻬﻖ ﻫﻮ .ﻣﺸﻬﻮر ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻫﻮ ۽ ۹۹۵۾ ﻫﺘﻲ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ .ان وﻗﺖ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺑﻴﻬﻖ ﺟﻮ اﭸﺎن ﺳﺒﺰوار ﻧﺎﻟﻮ ﻧﻪ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ(.
•
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺗﺮﺑﺖ ﺟﺎم
•
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر
•
ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺑﺮﺟﻨﺪ
•
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺳﺒﺰاوار
•
اﻣﺎم رﺿﺎ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
•
ﺑﺮﺟﻨﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ.
)ﺑﺮﺟﻨﺪ ﮐﻲ ﻛﻮﻫﺴﺘﺎن ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ڏﮐﮡ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺮﻛﺰ آﻫﻲ .ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﻋﻠﻢ ﻓﻠﻜﻴﺎت ) (Astronomyﺟﻮ ﻣﺎﻫﺮ ﻋﺒﺪاﻟﻌﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺒﺮﺟﻨﺪي ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺑﺮﺟﻨﺪ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﻫﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ارگ ﻓﺮگ“ ﻫﻦ ۱۵۲۸۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .ﻫﻦ ﺟﺎ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﮐﻦ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ .ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﺮگ ﻗﻠﻌﻮ ” ِ ﺷﻬﺮ ﺑﺮﺟﻨﺪ وٽ آﻫﻲ. ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﮐﻲ ”داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ“ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ”داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ آزاد اﺳﻼﻣﻲ واﺣﺪ ،ﻣﺸﻬﺪ“ ،۽ اﻧﺴﭩﻴﭩﻴﻮٽ ﮐﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺠﺎد اﻧﺴﭩﻴﭩﻴﻮٽ آف ﻫﺎﺋﻴﺮ اﻳﮉﻳﻮﻛﻴﺸﻦ. ﻣﻮﺳﺴﮫ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ”ﻣﻮﺳﺴﮫ آﻣﻮزش ﻋﺎﻟﻲ ﺳﺠﺎد“ ٰ
ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ اﻫﺎ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﮐﺎن ﭔﻦ ﻣﻨﭩﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮﭨﻞ ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ ﺳﺎن ﺑﺎزار آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڊرا ﻓﺮوٽ ،ﭼﺎدرن، ﺣﺠﺎﺑﻦ ،ﺗﺎزي ﻣﻴﻮي ،ﻧﺎﻧﻦ ،ﺑﺴﻜﻴﭩﻦ ﭨﺎﻓﻴﻦ ،ﻓﻮﭨﻮﮔﺮاﻓﺮن ،ﺗﺤﻔﻦ ،ﺳﻮﮐﮍﻳﻦ ،ﭤﺎﻧﻮن ۽ اﻟﻴﻜﭩﺮڪ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﺎ دﻛﺎن آﻫﻦ .دﻛﺎﻧﻦ واري ﻫﻲ ﺳﭵﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﺗﻮڙي اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻮن ﭔﻴﻮن ﻧﻨﮃﻳﻮن وڏﻳﻮن ﺑﺎزارون ﻫﺮ وﻗﺖ ﺧﺮﻳﺪارن ﺳﺎن ﭨﭓ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن .ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ روزاﻧﻮ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ اﭼﻦ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺋﻲ ﺣﺎل رﻫﻨﺪو .ﭘﺮ ﺗﻌﺠﺐ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻃﺮف ﺻﺎف ﺳﭥﺮاﺋﻲ ۽ اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ .ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻣﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .ﻧﻮﺟﻮان ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﺮﻫﻚ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ۽ ﻧﻮﻛﺮي ﭘﻮﻳﺎن ﻣﺸﻐﻮل آﻫﻲ .واﻧﺪن ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .ڌارﻳﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻲ آﻣﺪ ﻛﺮي ﺷﻴﻦ ﺟﻮ اﮔﻬﻪ وڌﻳﻞ ﻧﺎﻫﻲ ﺑﻠﻚ ﻫﻚ ﺋﻲ ﺷﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻛﺎن ﻫﺠﮡ ﻛﺮي دﻛﺎﻧﺪارن ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن Competationﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﺮﻫﻚ ﮔﻬﭧ ﻗﻴﻤﺖ آﻓﺮ ﻛﺮي ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﮔﻬﭩﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .دﻛﺎﻧﺪارن ﺟﻮ روﻳﻮ رﮐﻮ ۽ ﺷﻮخ ﻧﺎﻫﻲ ﭼﺎﻫﻲ ﺧﺮﻳﺪار ﺳﻨﺪن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻢ زﺑﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ .دراﺻﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ اﻣﻴﺮ ﻧﻪ آﻫﻦ ۽ ﺟﻲ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻋﺮﺑﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﭣ ﭰﺎڙ ﻳﺎ ﺷﻮﺑﺎز ﻧﻪ آﻫﻦ .ﻫﺮ ﻫﻚ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺧﺮچ ﭤﻮ ﻛﺮي .ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﺗﻪ ﺗﻤﺎم ﻏﺮﻳﺐ آﻫﻦ .ان ﻛﺮي ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻣﺎﺣﻮل ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻜﻲ ۽ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﺑﺎزارن ۾ ﻋﺮب دﻛﺎﻧﺪارن ﺟﻮ آﻫﻲ .ﻋﺮب ﺗﻪ ﭠﻬﻴﻮ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﻧﻮﻛﺮ ۽ ﭼﻤﭽﺎ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ، ﻫﻨﺪﺳﺘﺎﻧﻲ ۽ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ﺑﻪ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﻏﺮﻳﺐ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪارن ﮐﻲ ڏڙﻫﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اول ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻬﮍو ﻛﻮ ﺳﻨﺪن دﻛﺎن ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﺳﻨﺪن ﻗﻴﻤﺘﻲ وﻗﺖ ﺿﺎﻳﻊ ﻧﻪ ﻛﺮي ،ﭘﺮ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﭼﮍﻫﻲ ﺑﻪ ﭤﻮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺮاﻛﺶ ،ﺑﺮوﻧﺎﺋﻲ ﻳﺎ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻮ اﻣﻴﺮ ﺧﺮﻳﺪار دﻛﺎن ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ اﭼﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭨﺮي وﭸﻮن.
وﻳﻬﻪ ﭘﻨﺠﻮﻳﻬﻪ دﻛﺎن ﻟﻨﮕﻬﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ۽ ﺷﻬﺮ ڏي وﻳﻨﺪڙ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ اﺳﭩﺎپ آﻫﻲ. ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ اﻫﻢ رﺳﺘﺎ ﺧﻴﺎﺑﺎن اﻣﺎم رﺿﺎ ۽ ﺧﻴﺎﺑﺎن ﺧﺴﺮوي آﻫﻦ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ﺟﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﺮم ﭘﺎڪ ۽ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم رﺿﺎ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻨﮉ ۾ ﭨﺌﻜﺴﻲ واري ﮐﻲ ﺣﺮم ﭼﻮڻ ﺳﺎن ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﮀﮇي ﭤﻮ ۽ ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺑﺴﻴﻮن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ آﺧﺮي اﺳﭩﺎپ آﻫﻲ ﻳﺎ ﻫﺘﺎن ﻟﻨﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن .ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ وﭸﮡ ﻻ ﻫﺘﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﻣﻴﻞ ڏﻳﮉ اﮘﻴﺎن ” ﻣﻴﺪان ﺷﻬﻴﺪ“ ﻧﺎﻟﻲ ﭼﻮراﻫﻮ آﻫﻲ ،اﺗﺎن ﭔﻲ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ،ﻃﻮس ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ڏي وﭸﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ .ان ﻛﺮي ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻲ ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻻ ان ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﮘﻮﻟﮡ ڏﮐﻴﻮ ﻧﺎﻫﻲ .اﺳﺎن ﺣﺮم ۾ اﻧﺪر ﮔﻬﮍون ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺻﺤﻦ ﺟﺎﻣﻊ رﺿﻮي اﭼﻲ ﭤﻮ .ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮڻ ﻣﻬﻞ اﺳﺎن ﻗﺒﻠﻲ ﺟﻮ رخ رﮐﻲ ﻧﻜﺮون ﭤﺎ ﺗﻪ اﭼﻴﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﻴﺪان ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻮن ۽ ﭘﻮ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﮀﺖ ﺗﻲ ﻧﻴﺎن ﺳﺎﺋﻴﻦ ۾ ”ﻫﻮﭨﻞ رﺿﻮان“ ﻧﻄﺮ اﭼﻴﻮ وﭸﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﺘﺎن ﻛﻦ ﺑﻴﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﺎ ﭘﮡ ﻧﺎﻻ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ؛ ﻫﺘﻞ ﻃﺒﺮﺳﺘﺎن ،ﻫﺘﻞ ﻣﺪﻳﻨﻪ ،ﻫﺘﻞ اﻟﻐﺪﻳﺮ ،ﻫﺘﻞ ﻣﻌﺮاج ،ﻫﺘﻞ اﭘﺎﺗﻤﺎن ﺟﺪه ،ﻫﺘﻞ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ﺷﻬﺮام ،ﻣﻬﻤﺎﻧﭙﺬﻳﺮ ورﻳﺴﺘﻮران ﺟﻮاد ،ﻣﻬﻤﺎﻧﭙﺬﻳﺮ ﮔﻠﺸﻦ ﻧﻮ ....وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه .زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮡ ﻻ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ ﮔﻬﺮ ۽ ﭘﻴﺌﻨﮓ ﮔﻴﺴﭧ ﻫﺎﺋﻮس ﭘﮡ آﻫﻦ .ﮔﻬﺮن ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﻤﺮن ۽ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﻲ اﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭩﺲ ﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ۽ ﻣﻬﻤﺎﻧﭙﺬﻳﺮ آﻫﻲ .ﭘﻮ ﻫﺮ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮐﻴﺴﻲ آﻫﺮ رﻫﺎﺋﺶ ﮘﻮﻟﻬﻲ ﭤﻮ .ﺣﺮم ﮐﺎن ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﻳﺎ ﻣﺴﻮاڙي ﮔﻬﺮ ﭘﺮي آﻫﻦ اﻫﻲ وڌﻳﻚ ﺳﺴﺘﺎ آﻫﻦ .ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻪ ﭨﻲ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭼﺎر ﭴﮣﺎ ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﺮي ۾ رﻫﻦ .ﻫﻮن ﺑﻪ ﻫﻬﮍن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻛﻮ آرام ﻧﻪ ﭘﺮ ﻋﺒﺎدت ۽ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﻻ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻨﺪ ﻛﻼڪ ﻟﻴﭩﮡ ﻻ ﻛﻬﮍي ﺑﻪ ﮀﺖ ﻫﻴﭟ ﺟﺎ ﻣﻠﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﻣﻘﺪس ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻌﺰز زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﻣﺴﺎﻓﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ وڏو ﺗﻌﺪاد رات ﺟﻮ ﺑﻪ ﺣﺮم ﭘﺎڪ ۾ ﻣﻮﺟﻮد رﻫﻲ ﭤﻮ. ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺪس ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺮﻛﺰ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﺑﻦ ٰ
روﺿﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﺷﻬﺮت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .اﻣﺎم رﺿﺎ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ۱۴۸ﻫﻪ ﺑﻤﻄﺎﺑﻖ ۷۶۵ع ۾ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﭘﺎڪ ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﭘﺎڻ ۵۵ﺳﺎل ﺣﻴﺎت رﻫﻴﺎ ۽ ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ۲۰ﺳﺎل ﮐﻦ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ رﻫﻴﺎ ۽ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻫﭥﺎن ﻫﺘﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻴﺎ ۽ ﻫﺘﻲ دﻓﻦ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ .اڄ ﺳﻨﺪن روﺿﻮ ﻣﺒﺎرڪ ﻓﻦ ﺗﻌﻤﻴﺮ ۽ ﻫﻨﺮﻣﻨﺪي ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻜﺎر ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﺑﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﻨﻔﺮد ﻣﻘﺎم ﺑﻲ ﻧﻈﻴﺮ اﺳﻼﻣﻲ ِ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﮐﺎن ﻫﺮﺳﺎل ﻟﮑﻴﻦ ﻋﺎﺷﻖ ،زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﺳﻴﺎح اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ آﻫﻲ اﻫﻮ ﻛﺎﺷﻲ )ﺳﺮن ﺟﻲ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ۽ ﭨﺎﺋﻴﻞ ورڪ( ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﮔﺬرﻳﻞ اڌ ﺻﺪي ﮐﺎن آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﭠﻬﻨﺪڙ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻧﺖ ﻧﻴﻮ ڊﻳﺰاﺋﻨﻮن ﺗﻮڙي ﻣﺨﺪوم ﻧﻮح ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﺻﺪﻳﻮن ﭘﺮاﮢﻲ ﻛﺎﺷﻲ ) (Hand Paited Glazed Tilesڏﺳﻨﺪو اﭼﺎن .ﻣﻮن ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ڏﭠﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﭜﺖ ﮐﺎن اﻧﺪر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ ،رﻧﮓ ،ﭼﭧ ﮔﻞ ،ڊﻳﺰاﺋﻦ ،ﭼﻤﻚ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﭘﺴﻲ راﺣﺖ اﭼﻴﻮ وﭸﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﺘﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ ،ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ اﭤﻢ ،ﭜﺘﻴﻦ ﮐﻲ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﺎ ﻛﻼڪ ﮔﻬﻮرﻳﻨﺪي ﮔﺬرﻳﺎ ﻫﻮﻧﺪا ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ورﺗﻞ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺸﺮﻗﻲ ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪو ) (E_mailﻛﻨﺪو رﻫﺎن ﭤﻮ. اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﮐﺎن اڳ ﻫﻦ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﺑﺎغ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻮﻏﺎن ۽ ﺳﻨﺎﺑﺎد ﺟﻲ وچ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻮ ۽ ﺟﺘﻲ ﭔﻲ ﻛﺎ ﺷﻲ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .ﭘﺮ اﻣﺎم ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﮐﺎن ﭘﻮ ﺳﻨﺪن آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ وڌﻧﺪي وﺋﻲ ۽ ﻫﺰار ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮔﺬرڻ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﺎڻ ﻫﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ﻋﻠﻤﻲ ،ﻣﻌﻨﻮي ۽ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﻣﺮﻛﺰ ﺟﻲ ﺻﻮرت اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺮي ورﺗﻲ آﻫﻲ .ﻟﮑﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﻣﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﻫﻦ اﻣﺎم ﻣﻌﺼﻮم ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ اﭼﻲ ﺣﺎﺿﺮ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه روﺿﻲ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﺷﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﺮﻛﺰي ﻛﺘﺐ ﺧﺎﻧﻮ ،ﻣﺮﻛﺰ اﺳﻨﺎد آﺳﺘﺎن ﻗﺪس ،ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ،رﺿﻮﻳﻪ اﺳﻼﻣﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ ﻋﻠﻮم اﺳﻼﻣﻲ رﺿﻮي ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ،ﻣﺮﻛﺰ ﺛﻘﺎﻓﺖ ،اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺤﻘﻴﻘﺎﺗﻲ ﻣﺮﻛﺰ ،ﻣﺪرﺳﻪ ﻋﻠﻤﻴﻪ ،ادره ﺗﺒﻠﻴﻐﺎت وﻏﻴﺮه ﺟﻦ ﻣﺎن ﻣﺤﻘﻖ ،اﺳﻜﺎﻟﺮ ۽ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ۾ دﻟﭽﺴﭙﻲ آﻫﻲ ﻓﺎﺋﺪو ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ .اﻧﻬﻦ ﺑﻲ ﻣﺜﺎل ﺟﺎﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺑﻪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ﭘﻨﮅرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﻋﻴﺴﻮي ۾ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﮀﻬﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺣﺮم اﻣﺎم ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ،ﺑﻨﺎوٽ ۽ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺳﺎن ﮔﮇ اﺳﻼﻣﻲ ﻓﻨﻮن ۽ ﺗﻤﺪن ﺟﻲ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ.
ﺣﺮم وﻳﺠﻬﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﻨﺎ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺟﻲ اوڏاﻧﻬﻦ ﭘﺎڻ ﺋﻲ وﭸﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻞ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻫﻮ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﭥﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ۽ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﺣﺮم ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﺟﺎﻳﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ .دراﺻﻞ ﻫﻦ ﺣﺮم ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﻋﻠﻤﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ رﮐﮡ وارﻳﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﻫﻦ .ﻫﻚ ﻧﺌﻮن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻣﻨﺠﻬﻴﻮ ﭘﻮي ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ و ِﭸﻲ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ َ وﭸﻲ .ﺣﺮم ۾ اﻧﺪر اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ادارا، آﻓﻴﺴﻮن ،درس ﮔﺎﻫﻪ ،اﮜﮡ ،وراﻧﮉا ۽ وڏا ﻫﺎل آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺻﺤﻦ ﻛﻮﺛﺮ ،ﺻﺤﻦ ﺟﺎﻣﻊ رﺿﻮي ،ﺻﺤﻦ رﺿﻮان ،ﺻﺤﻦ ﻋﺪﻳﺮ ،ﺻﺤﻦ ﻫﺪاﻳﺖ ۽ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺻﺤﻦ آﻫﻦ .ﺻﺤﻦ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ اﺳﺎن وٽ وراﻧﮉي ﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺻﺤﻦ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﮐﻠﻴﻞ ﻓﻀﺎ وارو ﭘﭧ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ وﮀﺎﻳﻞ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺗﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﻧﻤﺎز ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ وﻳﻬﻲ آرام ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﺑﺴﺖ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮡ ﮐﻠﻴﻞ ﻓﻀﺎ وارا ﻫﺎل آﻫﻦ ۽ ﺻﺤﻨﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻳﺎ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ آﻫﻦ .ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭼﺎر ﺑﺴﺖ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ اﺳﻼم ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﺟﻴﺪ ۽ ﻧﺎﻣﻮر ﻋﻠﻤﺎﺋﻦ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺑﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﻃﻮﺳﻲ ۽ ﺳﺎﭴﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺑﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﺣﺮﻋﺎﻣﻠﻲ ،ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺑﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﺑﻬﺎﺋﻲ ۽ ﭼﻮﭤﻮن ﺑﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﻃﺒﺮﺳﻲ آﻫﻲ. ﺣﺮم رﺿﺎ ﺟﻲ وﺳﻴﻊ اﺣﺎﻃﻲ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺑﺴﺖ ،ﺻﺤﻦ ۽ ﭔﻴﺎ رواق ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .ﺻﺤﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﭜﺮﺳﺎن رواق دارﻟﻌﺒﺎد آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﮐﻔﺸﺪاري )ﺑﻮﭨﻦ رﮐﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ (ﻧﻤﺒﺮ ۱۰آﻫﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ رواق دار اﻟﻮﻻﻳﻪ آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺻﺤﻦ ﺟﻤﻬﻮري اﺳﻼﻣﻲ آﻫﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح رواق داراﻟﺴﻴﺎت ﻳﺎ رواق داراﻟﺤﻔﺎظ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ وﭸﮡ ﻻ ﺑﻮﭨﻦ ﮐﻲ رﮐﮡ ﻻ ﻛﻔﺸﺪاري ﻧﻤﺒﺮ ۱۱۽ ۱۲آﻫﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ۾ رواق ﻣﺎن
ﻣﺮاد ﻫﺎل ﻳﺎ وڏو ﻛﻤﺮو آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﻤﻊ اروﻗﺎ ﻳﺎ رواﻗﺎت آﻫﻲ.
اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﺟﻴﻜﺎ ڌاﺗﻮ ) (Metalﺟﻲ ﭴﺎري آﻫﻲ ان ﮐﻲ ﺿﺮﻳﺢ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ﭴﺎري ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﮡ ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻳﺘﺮي ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن رﻫﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ اوﺳﺘﺎﺋﻴﻦ ﻓﻘﻂ ﻛﺠﻬﻪ ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ ﺋﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ.
ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻋﺎم ﻃﺮح ﭔﮅڻ ۾ اﻳﻨﺪو اﻫﻮ آﻫﻲ ”زوار“ .زوار ﻟﻔﻆ ﺟﻮ ﺟﻤﻊ زاﺋﺮ آﻫﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻘﺪس ۽ ﻣﺘﺒﺮڪ ﻣﻘﺎم ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻛﺮڻ وارو .اﺳﺎن وٽ ﺳﻨﮅ ۾ ﭘﮡ زوار اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻜﮍو ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ .اﺳﺎن وٽ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ،ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺪس ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻛﺮي اﻳﻨﺪا آﻫﻦ اﻫﻲ زوار ﺳﮇاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﻤﻊ زاﺋﺮﻳﻦ آﻫﻲ .ﺣﺮم ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﺪر ﻛﺌﻤﻴﺮا ﮐﮣﻲ و ﭸﮡ ﮐﺎن ﺟﻬﻠﻴﻦ ﭤﺎ ﺑﻠﻚ ﻣﻴﻦ ﮔﻴﭧ وٽ آﻓﻴﺲ ﭠﻬﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﭤﻴﻠﻬﻮ ،ﺑﺮﻳﻒ ﻛﻴﺲ ﻳﺎ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﺳﺎﻣﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .وﻳﻨﺪي ﻛﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭔﭩﻮن ۽ ﭘﺌﺴﺎ ﺑﻪ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﺑﺎوﺟﻮد ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﺟﻲ ﺟﻴﺐ ﻛﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﺠﻮم ۽ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﺟﻮ ﻓﺎﺋﺪو وﭠﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﻳﻞ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺟﻲ رﺳﻴﺪ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ڏﻳﮑﺎري ﺳﺎﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ .ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ وڏي ﭼﺎدر ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اوڍي ﭘﻮ اﻧﺪر اﭼﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﭔﻦ ﻋﻮرﺗﻦ وٽ ﭼﺎدرون ﻧﻪ ﻫﻴﻮن .اﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ واﭘﺲ ﺑﺎزار وﭸﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮﮢﻴﻮن ﭘﻮﻧﺪﻳﻮن ﭘﺮ ﮐﻴﻦ آﻓﻴﺲ ﻃﺮﻓﺎن ﭔﻪ ڏﻧﻴﻮن وﻳﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اوڍي ان وﻗﺖ ﺋﻲ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻦ. زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ﻻ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻮﭨﻦ رﮐﮡ ﺟﺎ ﻛﻤﺮا آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻛﻔﺸﺪاري ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﻫﺮ ﻛﻔﺸﺪاري ﺟﻮ ﻧﻤﺒﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ اﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺑﻮٽ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ .ﻫﻲ ﺳﺴﭩﻢ اﻳﺮان ۾ ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻣﻘﺪس ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ ﻛﺎ ﺑﻪ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﭥﻲ رﺳﻲ ۽ ﻫﻮ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﻳﻞ ﺑﻮٽ ﺟﻲ رﺳﻴﺪ ﻳﺎ ﭨﻮﻛﻦ ﮐﻴﺴﻲ ۾ وﺟﻬﻲ اﻧﺪر ﮔﻬﻤﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ .ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﺑﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮ ،W.Cﻟﻴﭩﺮﻳﻦ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ دﺳﺖ ﺷﻮﺋﻲ ﻟﮑﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻮ .زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻻ ﻫﻚ آﻓﻴﺲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ دﻳﻨﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﺎ ﺣﻞ ﭔﮅاﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ” .ﺻﺤﻦ ﺟﻤﻬﻮري“ وٽ ﻫﻚ ادره رواﺑﻂ ﺑﻴﻦ اﻟﻤﻠﻞ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺣﺮم ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﺮ ﭴﺎڻ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ Guidance office for Foreign Pilgrims. ﻫﺘﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ زﺑﺎﻧﻦ ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ وﻫﻦ ﭤﺎ .اڙدو ﺳﻴﻜﺸﻦ ﺟﻲ اﻧﭽﺎرج ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻋﺒﺪا� ﺟﻮﻫﺮي ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﻛﺎﻓﻲ ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﭤﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﮐﺎﺋﻨﺲ ﺳﻨﺪس ڏﻧﻞ ﻓﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۰۹۱۵۳۲۴۲۱۷۱ﮐﻲ ڊاﺋﻞ ﻛﺮي ﭘﮁﻨﺪو رﻫﻴﺲ .ﻫﻦ ﺣﺮم ﻣﻄﺎﺑﻖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ”آﺳﺘﺎن ﻗﺪس رﺿﻮي“ ﻫﺎل ۾ اڙدو ﻓﻠﻢ ﭘﮡ ڏﻳﮑﺎري وﺋﻲ.
ﻫﻦ اداري ﺟﻲ ﻃﺮف ﮐﺎن ﻣﻘﺒﺮه ﺷﻴﺦ ﺣﺮﻋﺎﻣﻠﻲ ۾ )ﺟﻴﻜﻮ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ۾ آﻫﻲ( ﻇﻬﺮ ﻧﻤﺎز ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ اڙدو ﺳﻤﺠﻬﮡ وارن زاﺋﺮﻳﻦ ﻻ روزاﻧﻮ ﻣﺠﻠﺲ ﺟﻮ اﻫﺘﻤﺎم ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺷﺮﻋﻲ ﺳﻮاﻟﻦ ﺟﺎ ﺟﻮاب ﭘﮡ ڏﻧﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻛﺎ ﺷﻲ ﮔﻢ ﭤﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﺻﺤﻦ ﺟﻤﻬﻮري وٽ ،ﺟﺘﻲ اداره ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻋﻠﻮم ﻗﺮآن آﻫﻲ اﺗﻲ ”ﮔﻢ ﭤﻴﻞ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻔﺎﻇﺖ ﺟﻮ دﻓﺘﺮ“ ﭘﮡ آﻫﻲ ،ﭘﮁﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﻫﺘﻲ اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ اﻃﻼع ﻻ اﻫﻮ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺣﺮم ۾ ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮍڻ ﺟﻮ دروازو اﻟﮗ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺮدن ﺟﻮ اﻟﮗ .ان ﻛﺮي ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺳﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﮘﻬﻴﻦ اﻫﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻦ ﺗﻪ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﭥﻲ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﮣﻮ آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻫﻴﮇي رش ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻧﻨﮃا ﭔﺎر ﻣﺎﺋﭩﻦ ﮐﺎن وﮀﮍﻳﻮ ﭤﺎ وﭸﻦ ﺟﻦ ﻻ ﻫﻚ اﻟﮗ دﻓﺘﺮ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻫﮍن ﭔﺎرن ﮐﻲ اﺗﻲ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﺋﭧ اﭼﻲ وﭠﻦ.
ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ ﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ .ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ۾ ﭠﻬﻴﻞ ﺳﻘﺎﺧﺎﻧﻪ ﻧﺎدري وٽ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻠﺘﺎن ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙي ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ اﭼﻲ ﭘﻬﺘﺎ .اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻋﻮرت ﺑﻪ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ۾ ﻛﻠﻮ ﮐﻦ ﭔﺎﺟﻬﺮي ﺟﻮن ﭔﻪ ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﻛﺒﻮﺗﺮن ﮐﻲ ﮐﺎراﺋﮡ ﻻ آﻧﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮐﻲ ﻣﻨﭥﻮن
ﻛﻨﺪي رﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﺒﻮﺗﺮن ﮐﻲ ﮐﺎراﻳﻮ .آﺧﺮ ﺳﺎﮢﺲ ﮔﮇ آﻳﻞ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﺲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﮜﮡ ۾ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻛﻴﺮ ﮐﺎراﺋﻴﻨﺪو .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﺳﺒﻴﻞ ﻻ رﮐﻴﻞ ﻛﻮﻟﺮن ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﮀﺖ ﺗﻲ ،ﺟﺘﻲ اﮘﻬﻴﻦ ﭨﻲ ﭼﺎر ﻛﺒﻮﺗﺮ وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ ،اﺗﻲ ﮐﮣﻲ ﭔﺌﻲ ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن اﮀﻼﻳﻮن .ﻫﻨﻦ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻛﻮ ﻧﻴﻚ ﻛﻢ ﻛﻴﻮﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﺘﺎن ﮐﺎن آﻧﺪل ان ﭔﺎﺟﻬﺮي ﺑﻨﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻛﺒﻮﺗﺮ ﻣﺮي وﭸﻦ ﻫﺎ ﭘﺮ ﭘﺮي ﮐﺎن ﻫﻚ ﺣﺮم ﺟﻲ ﺧﺪام )ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر( ﮐﻴﻦ ڏﺳﻲ ورﺗﻮ .ﺗﻨﻬﻦ اﭼﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮐﻴﻦ دڙﻛﺎ ڏﻧﺎ .ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﭼﺌﻲ رﻫﻴﻮ اﭤﻦ ﺗﻪ ﻫﻴﺘﺮو ﭘﺮي ﮐﺎن آﻳﺎ آﻫﻴﻮ ﻓﻘﻂ ﭔﻪ ﻛﻠﻮ ان آﻧﺪو اﭤﺎﻧﻮ .ﺗﻮﻫﺎن ﻛﻬﮍا ﻣﻠﺴﻤﺎن آﻫﻴﻮ ........؟
ﭘﺮ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺟﻌﻔﺮي ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن اﭼﻲ ﭤﻲ ﺗﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭼﺌﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻲ ﻛﻬﮍي ﻓﻀﻴﻠﺖ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﺒﻮﺗﺮن ﺟﻮ داﮢﻮ ﻫﺘﻲ اﭼﻴﻮ اﮀﻼﻳﻮ ۽ ﭘﻮ ﻛﺒﻮﺗﺮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺣﺮم ۾ ۽ ﻫﺘﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻴﺌﻨﺪڙن ﻣﭥﺎن وﭠﻴﻮن ﻻﻫﻴﻨﺪا وﺗﻦ .ﻣﺸﻬﺪ ﺳﭵﻮ ﺑﺎﻏﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ اﺗﻲ ﮀﻮ ﻧﻪ ﭤﺎ وﭸﻴﻮ ﻛﺒﻮﺗﺮن ﮐﻲ ان ڏﻳﻮَ .ان ڏﻳﻮ .اﺗﻲ ﺋﻲ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼﺑﻲ ۾ ﻫﻚ ﭔﻲ وڏي ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺳﺒﻴﻞ ”ﺳﻨﮕﺎ آب“ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺳﺒﻴﻞ، ﺳﻨﮕﻤﺮﻣﺮ ﮐﻲ ﻛﭩﻲ ﭠﺎﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ )ﺟﻨﻬﻦ ۱۷۳۶ﮐﺎن ۱۷۴۷ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ( ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﻫﻲ ﭘﭥﺮ ﻫﺮات )اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن( ﻣﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺷﺮﻳﻒ آﻧﺪو وﻳﻮ ﻫﻮ .ﺳﺒﻴﻞ ﻣﭥﺎن اﭠﻦ وﻧﮕﻦ واري اڏاوت آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮀﺖ ﺳﻮن ﺟﻲ ﻛﻢ ﺳﺎن ﺟﮍﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ﭤﻨﭝﺎ ﺳﻨﮕﻤﺮﻣﺮ ﺟﺎ آﻫﻦ.
اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﻟﮙﻞ ﭴﺎري – ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ان ﮐﻲ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﺿﺮﻳﺢ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ،ان ﺑﺎﺑﺖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭴﺎري)ﺿﺮﻳﺢ( ﻛﺎٺ ﺟﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﭔﺌﻲ اڌ ۾ ﻳﻌﻨﻲ ۹۵۷ﻫﺠﺮي ۾ ﺻﻔﻮي دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﺗﻴﺎر ﻛﺮاﺋﻲ ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ. وﻗﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ ان ﺟﻲ ﻛﻤﺰور ﭤﻴﮡ ۽ ﭨﭩﮡ ﺗﻲ ﭔﻲ ﭴﺎري ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻧﮓ )ﻫﻴﺮا( ﺟﮍﻳﻞ ﻫﺌﺎ ۽ ” ﻧﮕﻴﻦ ﻧﺸﺎن“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇي وﺋﻲ ﭤﻲ ،اﻫﺎ ۱۱۶۰ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ۾ ﻟﮙﺮاﺋﻲ وﺋﻲ .اﻫﺎ ﭴﺎري ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ ۽ رﺿﺎﻗﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﺎﻫﺮخ ﻣﻴﺮاز وﻗﻒ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ .ﭨﻲ ﭴﺎري ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﺎدي ۱۲۳۸ﻫﺠﺮي ۾ ﻗﺎﭼﺎري )(Qajar ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﭔﻲ واري ﭴﺎري ﻣﭥﺎن ﻟﮙﺮاﺋﻲ وﺋﻲ ۱۹۵۹ .ﻋﻴﺴﻮي ۾ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻟﮙﺎﺋﮡ ﺗﻲ اﻫﺎ ﻛﮃراﺋﻲ ان ﮐﻲ ﺣﺮم ﺟﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ رﮐﺮاﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻟﮙﺎﺋﮡ ﺗﻲ ﭔﻲ ﭴﺎري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﻫﻲ .ﻫﻲ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ”ﺷﻴﺮوﺷﻜﺮ“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺸﻬﻮر رﻫﻲ .وﻗﺖ ﮔﺬرڻ ﺗﻲ اﻫﺎ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻛﻤﺰور ۽ ﭘﺮاﮢﻲ ﭤﻲ وﺋﻲ ۽ ۱۹۹۳ع ۾ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﭴﺎري ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﺟﻴﻜﺎ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ. ”ﻫﻲ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﭴﺎري ،ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺿﺮﻳﺢ ﺣﺮم ﺟﻲ ﻣﺘﻮﻟﻲ ۽ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ وﻟﻲ ﻓﻘﻴﻪ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻴﻨﺪي ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮر ﻧﻘﺎﺷﻦ ۽ ﻫﻨﺮ ﻣﻨﺪن ﭠﺎﻫﻲ ﺗﻴﺎر ﻛﺌﻲ آﻫﻲ “،اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮﻟﺰ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻧﻤﺎﺋﻴﻨﺪي ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﻫﻦ ﺟﻮ وزن ﭔﺎرﻫﻦ ﭨﻦ ،اوﭼﺎﺋﻲ ۴ﻣﻴﭩﺮ ،ڊﻳﮕﻬﻪ ﭘﻮﮢﺎ ﭘﻨﺞ ﻣﻴﭩﺮ ۽ وﻳﻜﺮ ﭘﻮﮢﺎ ﭼﺎر ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﭠﻬﻲ راس ﭤﻴﮡ ۾ ﺳﺖ ﺳﺎل ﻟﮙﻲ وﻳﺎ ۽ ﺳﺎل ۲۰۰۱ع ۾ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻛﮃي ﻫﻲ ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ“.
ﺣﺮم ۾ ﺑﺎوﺟﻮد ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﺟﻲ ،ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ﻋﻤﻠﻮ اﻳﮇو ﺗﻪ ﻣﻨﻈﻢ اﻧﺪاز ۾ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻛﺮي ﭤﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﭴﺎري ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ ﻫﺮﻫﻚ ﺟﻮ وارو اﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪد ۽ ﺟﻮش ﺟﺬﺑﻮ رﻫﻲ ﭤﻮ ان ۾ ﺟﻴﻜﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭼﻴﭝﺎﭨﺠﻲ ﭘﻮن .ﭴﺎري )ﺿﺮﻳﺢ( ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﭔﻦ ﺳﻮن ۽ ﺧﻂ ﺛﻠﺚ ۾ ﺳﻮره ”ﻳﺎﺳﻴﻦ“ ۽ ”ﻫﻞ اﺗﻲ“ ﺗﺤﺮﻳﺮ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. ﭼﺎﻧﺪي ﺟﻲ ﭘﭩﻴﻦ ﺗﻲ ِ
اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﻟﮙﻞ ﻛﺘﺒﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻫﻲ ﭨﻴﻮن ﻛﺘﺒﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ۲۰۰۱ع ۾ اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﭘﭥﺮ ﻳﺰد ﺟﻲ ﻣﻌﺪﻧﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ”ﺗﻮران ﻧﺌﻴﻦ ﭴﺎري ﺳﺎن ﮔﮇ ﻟﮙﺎﻳﻮ وﻳﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻ ﺳﺎﺋﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ٰ ﭘﺸﺖ“ ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ“ . ﻫﻦ ﭘﭥﺮ ﺗﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﺎ ﻟﻘﺐ ،ﺗﺎرﻳﺦ وﻻدت ۽ ﺷﻬﺎدت ۽ اﻫﻮ ﺷﻌﺮ درج آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻋﻬﺪ ﺟﻲ ﻣﻌﺮوف ﺷﺎﻋﺮ اﻫﻠﺒﻴﺖ دﻋﺒﻞ ﺧﺰاﻋﻲ ﺟﻲ ﻗﺼﻴﺪي ۾ ﭘﺎڻ وڌاﻳﻮ ﻫﺌﺎﺋﻮن .ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﻗﺮآن ﺟﻮن آﻳﺘﻮن آﻫﻦ ؛
ﻫﺬا ﻫﻮاﻟﻤﺮﻗﺪ اﻟﺸﺮف اﻻﻣﺎ اﻟﺘﻘﻲ اﻟﻨﻘﻲ اﻟﺼﺪق اﻟﺸﻬﻴﺪ وارث اﻻﻧﺒﻴﺎ واﻟﻤﺮﺳﻠﻴﻦ ،ﺛﺎﻣﻦ اﻻﺋﻤﺘﮫ اﻟﻤﻌﺼﻮﻣﻴﻦ ﻣﻦ ﻣﻮﺳﻲ ﺑﻦ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ رﺳﻮ رب اﻟﻌﺎﻟﻤﻴﻦ ﺣﺠﺘﮫ ا� ﻋﻠﻲ اﻟﺨﻠﻖ اﺟﻤﻌﻴﻦ ﺳﻴﺪﻧﺎ وﻣﻮﻻﻧﺎ اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ اﻟﺮﺿﺎ ﻋﻠﻲ ﺑﻦ ٰ
ﺟﻌﻔﺮ ﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ ﺑﻦ اﻟﺤﺴﻦ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ ﺑﻦ اﺑﻲ ﻃﺎﻟﺐ ﺻﻠﻮات ا� ﻋﻠﻴﻬﻢ اﺟﻤﻌﻴﻦ وﻟﺪ ﺑﺎﻟﻤﺪﻳﻨﺘﮫ ﻓﻲ اﻟﺤﺎدي ﻋﺸﺮ ﻣﻦ ﺷﻬﺮ ذي اﻟﻘﻌﺪه ﻋﺎم ۱۴۸واﺳﺘﺸﻬﺪ ﺑﻄﻮس ﻓﻲ آﺧﺮ ﺻﻔﺮ ۲۰۳ﻣﻦ ﺳﻨﺘﮫ اﻟﻬﺠﺮه اﻟﻨﺒﻮﻳﺘﮫ وﻗﺒﺮ ﺑﻄﻮس ﻳﺎ ﻟﻬﺎ ﻣﻦ ﻣﺼﻴﺒﺘﮫ اﻟﺤﺖ ﻋﻠﻲ اﻻﺣﺸﺎء ﺑﺎﻟﺰ ﻓﺮات اﻟﻲ اﻟﺤﺸﺮ ﺣﺘﻲ ﻳﺒﻌﺚ ا� ﻗﺎﺋﻤﺎ ﻳﻔﺮج ﻋﻨﺎ اﻟﻬﻢ واﻟﻜﺮﺑﺎت.
ﻣﺰار ﻗﺪس ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻮن ﺟﻮ ﮔﻨﺒﺬ آﻫﻲ اﻫﻮ ﮀﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ﮐﺎن آﻫﻲ .ﺻﻔﻮي دور ﮐﺎن اڳ ان ﺗﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﻴﻞ ﻫﻮ .ﻋﻬﺪ ﺻﻔﻮي ۾ ) ۹۳۲ﻫﺠﺮي ڌاري( ان ﺗﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﺳﻮن ﭼﮍﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ .ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﻫﻚ ﻣﻨﺎرو ﺑﻪ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﮡ ﺳﻮن ﭼﮍﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ .ازﺑﻜﻦ ﺟﻲ ﻟﭧ ﭰﺮ ۾ ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻮ ﺳﻮن ﺑﻪ ﻏﺎرت ﭤﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ۱۰۱۶ﻫﺠﺮي ۾ وري ﺗﻌﻤﻴﺮ ﻛﺮاﻳﻮ وﻳﻮ .ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﮔﻮﻻﺋﻲ ۾ ﺻﻔﻮي زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺧﻄﺎط رﺿﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺒﻮ آﻫﻲ .ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﭼﻮرس ﺷﻜﻞ ﺟﻮ ﻛﺘﺒﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻧﻘﺶ وﻧﮕﺎر ﺳﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﺳﻠﻴﻤﺎن ﺻﻔﻮي ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ اوﭼﺎي ﺣﺮم ﺟﻲ ﺳﻄﺢ ﮐﺎن ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ۳۱ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ اﺳﺎن ﻗﺮآﻧﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ۾ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻧﻤﺎز ﺟﻮ وﻗﺖ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺑﻴﻬﮡ ﺟﻲ ﺗﻴﺎرﻳﻦ ۾ آﻫﻴﻞ .ﻗﺮآﻧﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺮﻛﺰي ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ )آﺳﺘﺎن ﻗﺪوس ﻣﻴﻮزم( ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ .ﺟﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﻲ ﺑﻬﺎ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻧﻮﻋﻴﺖ ﺟﺎ ﻗﺮآﻧﻲ ﻧﺴﺨﺎ آﻫﻦ .ﺟﻦ ۾ ﮔﻬﮣﺎ ﻫﭣ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ ۽ اﻣﺎﻣﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﺴﻮب ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .ﻛﻲ ﺳﻮﻧﻦ اﮐﺮن ۾ آﻫﻦ .ﻫﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ۱۳۶۴۾ ﮐﻮﻟﻴﻮ وﻳﻮ .ﻫﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﻟﮑﮣﻲ ﻫﺮڻ ﺟﻲ ﮐﻞ ﺗﻲ ﻛﻮﻓﻲ رﺳﻢ اﻟﺨﻂ ۾ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﺠﺮي ﺻﺪي ﺳﺎن آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ رﮐﻴﻞ ﻗﺮآﻧﻲ ﻧﺴﺨﻦ ۾ ﻫﻚ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺑﺎﺑﺮ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻣﻨﺴﻮب آﻫﻲ .ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ُﭘﺮاﮢﻮ ُﻧﺴﺨﻮ ۳۹۳ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﺻﺎﺣﺐ دﻳﻮان وزﻳﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻛﺜﻴﺮ ﺣﺮم ﻻ وﻗﻒ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻚ ﻧﺴﺨﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺘﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ادﻳﺐ ،ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﺧﻮﺷﻨﻮﻳﺲ ﺟﻤﺎل اﻟﺪﻳﻦ ﻳﺎﻗﻮت ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻗﺒﻠﺖ اﻟﻜﺘﺎب ﻟﻘﺐ ﻫﻮ .اﺳﺎن ﺻﺤﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻟﺘﺎڙي ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ آﻳﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﭵﻮ اﮜﮡ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺳﺎن وﮀﺎﻳﻞ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻤﺎز ﻻ ﺻﻔﻮن ﭠﺎﻫﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن وڏا ﻫﺎل ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ۾ ﻋﻮرﺗﻮن ﺻﻔﻮن ﭠﺎﻫﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن.
”ﺑﺎﻻ ﺳﺮ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ؟“ ﻣﻮن ﭜﺮ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ .ﺑﺎﻻﺳﺮ ﻣﺴﺠﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ ﺳﻴﺮاﻧﺪي ﮐﺎن آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ ۽ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭠﻬﻲ ﻫﺌﻲ. ”ﻧﻪ .ﻫﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ “.ﺳﻠﻤﺎن ﭔﮅاﻳﻮ.
”زﺑﺮدﺳﺖ “.ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ وات ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﻮ” ،ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ڏاڍو ﺷﻮق ﻫﻮ .ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻛﺠﻬﻪ دﻳﺮ ﻫﺘﻲ ﺗﺮﺳﻨﺪاﺋﻮ؟“
”ﺿﺮور ،ﺿﺮور“ ﺳﻠﻤﺎن ﭼﻴﻮ ۽ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ اﺳﺎن ﺳﭛ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﻛﻨﮉ وٽ ﮔﮇ ﭤﻴﻮن .اﻫﻮ ﺿﺮوري ﻫﻮ ﺟﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻧﻤﺎز ﻻ اﻧﺪرﻳﻦ ﻛﻤﺮن ۾ وﭸﮣﻮ ﻫﻮ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﻫﻬﮍن ﻣﺠﻤﻌﻦ ،ﻣﻴﻠﻦ ﻣﻼﮐﮍن ،درﮔﺎﻫﻦ، راﻧﺪﻳﻦ ﺟﻲ اﺳﭩﺌﮉﻳﻤﻦ ،وﻳﻨﺪي آﭼﺮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﮔﺮوپ ۾ ﭤﻲ ﻫﻠﻨﺪڙن ﮐﻲ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﻛﺎ اﻫﮍي آﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﮢﭗ واري ﺟﺎ ﺿﺮور ﻣﻘﺮر ﻛﻦ ﺟﺘﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﮀﮍوﮀﮍ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﺳﭛ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﻦ .ﻧﻪ ﺗﻪ ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﮘﻮﻟﮡ ۽ ﮔﮇ ﻛﺮڻ ۾ وﻗﺖ ﺿﺎﻳﻊ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ.
”ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ اﮜﮡ ”ﺻﺤﻦ ﻗﺪس“ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻨﺞ ﻫﺰار ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺗﺮ ﮀﭩﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .وﺿﻮ ﻻ وچ ﺗﻲ ﺗﺎﻻب ﻫﻮ ،ﺟﺘﺎن وﺿﻮ ﻛﺮي ﻧﻤﺎز ﻻ ﺑﻴﻬﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ ﮘﻮﻟﻴﻢ .ﭜﺮ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﭔﻦ ﻧﻮﺟﻮان اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺗﺎن ﻫﻴﭟ ﭤﻲ ﺑﻴﭡﻮ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺗﻲ ﺟﺎ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ .ﻣﻮن ﺑﻪ اﻫﻮ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺟﻮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﺨﺖ ﺳﻲ ﻛﺮي ﻓﺮش ﺗﻲ اﮔﻬﺎڙن ﭘﻴﺮن ﺳﺎن ﺑﻴﻬﮡ ﺟﻲ ﻣﻮن ۾ ﻫﻤﺖ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .ڏﭠﻢ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﺳﺠﺪي واري ﺟﺎ ﺗﻲ ﻣﭩﻲ ﺟﻲ ﮔﻮل ﭨﻜﻲ رﮐﻴﻞ ﻫﺌﻲ .اﻫﻮ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ آ ان ﺑﻨﺎ ﻫﻮس ﭘﺮ ﭘﻮ ﭘﭡﻴﻦ ﺻﻒ ۾ ﻧﻬﺎرﻳﻢ ﺗﻪ اﺗﻲ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﺟﻬﮍا ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ. ﻳﻮرپ ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺳﺎن رﻫﮡ دوران اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﺠﺪي واري ﺟﺎ ﺗﻲ ﻣﭩﻲ ﺟﻲ ﮔﻮل ﭨﻜﻲ ﻳﺎ ﭘﻦ رﮐﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﻤﺎز ﻫﺌﻲ .ﭨﻲ رﻛﻌﺖ ۾ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﭔﻴﺎ ﺳﭛ ﻫﭣ ﮐﻮﻟﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ آﺋﻮن ﻫﭣ ﭔﮅي ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس .دل ۾ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺧﻴﺮ ﻧﺎﻫﻲ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ۾ ﺑﻨﺎ ﭨﻮﭘﻲ ﺟﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻨﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻛﻮ ﻧﻪ ﻛﻮ ُﻣﻠﻮن ﺳﻤﺠﻬﺎﮢﻲ ڏﺋﻲ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻤﺠﻬﺎﮢﻲ ﮔﻬﭧ دڙﻛﺎ ﮔﻬﮣﺎ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ .ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻪ ﭼﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻫﮍا ﻏﻴﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﮙﺎ ﭤﻲ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺿﺮور ﺳﻨﻲ ﻓﺮﻗﻲ ﺳﺎن ﻫﻮﻧﺪو ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ ﭤﻲ. اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﺣﻀﺮات ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻧﻪ ﻫﻲ ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﺘﻠﻮن ﭘﺎﺋﻲ ﮀﻮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ .ﻫﺘﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ ﻣﻮن ڏﭠﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺳﺎن اﻳﮇي ﺗﻪ ﻋﻘﻴﺪت ،ﻋﺰت ۽ ﭘﻴﺎر آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺳﻨﺪن روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ۾ ﻟﮙﻞ ﭴﺎري ﮐﻲ ﺑﻪ ﭼﻤﻴﻮن ڏﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﭘﺮ ﮐﻴﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ روﻛﻴﻮ
ﻧﭥﻲ .اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﮘﻮٺ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻗﻠﻨﺪر ﺷﻬﺒﺎز ،ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﻳﺎ داﺗﺎ ﮔﻨﺞ ﺑﺨﺶ ﺟﻲ ﻣﺰارن ﺗﻲ اﺋﻴﻦ ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﭘﺮ ﺣﺞ دوران ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻞ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر اﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻴﺎر ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﺳﺨﺘﻲ ﺳﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﭴﺎري ﮐﻲ ﭼﻤﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ ُﭔﻚ ﮐﮣﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن دﻋﺎ ﮔﻬﺮن ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺷﺮڪ ﺟﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ .ﻫﻚ اﻧﺴﺎن ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻨﺪي ﮐﺎن ﻧﻪ ﭘﺮ ﻓﻘﻂ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ رب ﭘﺎڪ ﮐﺎن ﮔﻬﺮڻ ﮐﭙﻲ.
ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺮد ﺗﻮڙي ﻋﻮرﺗﻮن اﺗﻲ ﺋﻲ وﻳﻬﻲ ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﮡ ﻟﮙﻴﻮن .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪن ۾ ﻧﻤﺎزﻳﻦ ﮐﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﻨﺪي ڏﭠﻮ اﭤﻢ اﻳﺘﺮو ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﻫﺠﻲ .ﻫﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺎن ﺋﻲ ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ .ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺴﺠﺪ ۾ آﺋﻮن ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﮍﻫﮡ ﻓﻘﻂ ڏﻳﮑﺎ آﻫﻲ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺎن ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﺎن .ﺑﻨﺎ اڙدو ۾ اﭼﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮي ٰ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺎن ﭘﮍﻫﻲ ان ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﭠﻠﻬﻲ ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ رب ﭘﺎڪ ﺛﻮاب ڏﺋﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻗﺮآن ٰ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ .....ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﻨﺪس ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺑﻴﺤﺪ ﭘﺴﻨﺪ آﻳﻮن ،ان ﻛﺮي ﻫﺘﻲ دﻫﺮاﺋﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن.
ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻣﻮن اﭤﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ دروازو ،ﭜﺘﻴﻮن ،ﮀﺖ ،وﻧﮓ ،ﻣﺤﺮاب ،ﻓﺮش ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﭤﻴﻞ ﻛﻢ ﻏﻮر ﺳﺎن ڏﭠﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻟﻴﮉر ۽ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ )ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد( ﻋﻬﺪ ﺗﻴﻤﻮري ﺟﻲ ﻳﺎدﮔﺎر ۽ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ .ﺗﻴﻤﻮري ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﻴﺮزا ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ راﮢﻲ ﻣﻠﻜﺎ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺂد ۸۲۱ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ .ﺗﻌﻤﻴﺮ ۾ ﻧﻔﺎﺳﺖ ۽ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرﺗﻲ ۽ ﻛﺎرﻳﮕﺮي ۾ ﺗﻴﻤﻮري دور ﺟﻮ ﻣﺜﺎل ﭘﻴﺶ ﻛﺮي ﭤﻲ .ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﭼﻮڌاري ا� ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ،ﻗﺮآﻧﻲ آﻳﺘﻮن ۽ ﺣﺪﻳﺜﻮن ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ .ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﺟﻤﻠﻲ اﻳﺮاﺿﻲ َﻧﻮ ﻫﺰار ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻪ اﮜﮡ وارو ﺣﺼﻮ ﭨﻲ ﻫﺰار ﮐﻦ ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ .ﻋﻤﺎرت ۾ ﮀﻬﻪ دروازا آﻫﻦ .ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ڏاﮐﮣﻲ اﻳﻮان ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ۵۰۰ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﻫﻲ اﻳﻮان ﻣﻘﺼﻮره ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ اﻳﻮاﻧﻦ ۾ ﺷﺎﻧﺪار آﻫﻲ .ﻫﻦ اﻳﻮان ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﺘﺒﻮ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ اﻫﻮ راﮢﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﭘﭧ ﺑﺎﻳﺴﻨﻘﺮ ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺧﻂ ﺛﻠﺚ ﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻛﺎﺗﺐ ﻫﻮ .ﺳﻨﮕﻤﺮﻣﺮ ﺟﻲ ﻫﻜﮍي وڏي ﭨﻜﺮي ﮐﻲ ﺗﺮاﺷﻲ ﻣﺤﺮاب ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ اﺗﺮ وارو اﻳﻮان داراﺳﻴﺎده ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ.
ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ دﻟﭽﺴﭗ ﭘﺌﺎﻧﭩﺲ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮرﻫﺮ ﺷﺂد ﺑﺎﺑﺖ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺌﺎﻧﭩﺲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ۽ ﺳﻬﺮي ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڊاﺋﺮي ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ وﻗﺘﻦ ۾ ﻟﮑﻴﻮن آﻫﻦ. ﻫﻲ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ راﮢﻲ ،ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ُﭘﭧ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ زال ،ﻫﻨﺮ ۽ آرٽ ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ • ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ،ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﻚ اﻫﻢ ﻧﻤﺎﻳﺎن ﻋﻮرت ﭤﻲ ﮔﺬري آﻫﻲ.
ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺮات ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن • ۾ آﻫﻲ ۽ ﺟﺘﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻞ آﻫﻦ( ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري ﻣﺴﺠﺪ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺤﻴﺢ ﺑﻠﻚ ﺑﻬﺘﺮ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ .ﻫﻦ ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۱۴۱۰ﻳﻌﻨﻲ ۸۳۰ﻫﺠﺮي ڌاري ﭠﻬﺮاﺋﻲ .ﺳﭵﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۷۵۰۰ﮐﻦ ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮن ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻣﻴﭩﺮ ڊﮔﻬﺎ ﻣﻨﺎرا آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺟﻲ ﭤﻮﻟﻬﻪ ۶ ﻣﻴﭩﺮ ﭤﻴﻨﺪي .۽ ﮔﻨﺒﺬ ۵۰ﻣﻴﭩﺮ اﺗﺎﻫﻮن ﭤﻴﻨﺪو.
ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ۾ رﮐﻴﻞ ﻣﻨﺒﺮ اﺧﺮوٽ ﺟﻲ ﻛﺎٺ ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ .ﻫﻦ ۾ ﻛﻮﺑﻪ ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻮ ﻛﻮﻛﻮ ﻳﺎ ﭘﭩﻲ • اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻧﻪ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ﺳﺮ ﭘﺮﺳﻲ ﺳﺎﺋﻴﻜﺲ .ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﺳﻮﻟﺠﺮ ،ڊﭘﻠﻮﻣﺌﭧ ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ،ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﻻ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ“The Noblest mosque of . ” Central Asia۽ ﻣﻮﺟﻮده ﭘﻮپ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﻻ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛
Goharshad mosque is the first and the greatest surviving Persian monument of the ۱۵th Century.
ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۱۳۳۰۾ ﺟﻴﻜﺎروﺳﻴﻦ ﺑﻤﺒﺎري ﻛﺌﻲ ان ۾ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﮔﻨﺒﺬ ﭜﭵﻲ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ ۱۳۳۹ .۾ ﻫﻲ ﺳﭵﻮ • ﮔﻨﺒﺬ ڊﻫﺮاﺋﻲ ان ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻧﺌﻮن ۽ ﻣﻮﺟﻮده ﮔﻨﺒﺬ ﺳﺎﮘﻲ ۱۵ﻣﻴﭩﺮ ﻗﻄﺮ ﺟﻮ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ .ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ وڏي
ﻣﺮﻣﺖ ﭤﻲ آﻫﻲ .ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﺻﻔﻮي دور ۾ ۽ ﭔﻴﻮ دﻓﻌﻮ ﻛﺎﭼﺎري ) (Qajarدور ۾.
ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ آرﻛﻴﭩﻜﭧ ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺎرﻳﮕﺮ ﻗﻮم اﻟﺪﻳﻦ ﺷﻴﺮازي ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ • ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻻ ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن ﺟﻦ ﺗﻲ ﺷﻴﺮاز ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻛﺎرﻳﮕﺮن ۽ ﻣﺰورن ﻛﻢ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ .ﻫﺮات )اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن( ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد اﺳﻜﻮل آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﻗﻮام اﻟﺪﻳﻦ ﭠﺎﻫﻴﻮ. ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ ﭼﺌﻦ ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﭼﺎر ﺑﺎﻟﻜﻨﻴﻮن ) (terracesآﻫﻦ ،ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﻳﻮان ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ڏﮐﮡ ۾ • ﻣﻘﺼﻮره ﻧﺎﻟﻲ اﻳﻮان آﻫﻲ ،اوﭜﺮ ﭘﺎﺳﻲ واري اﻳﻮان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﺎﺟﻲ ﺣﺴﻦ ،اﺗﺮ اوﭜﺮ واري ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ دارو ﺳﻴﺎده ۽ اوﻟﻬﻪ واري ﺟﻮ آب )ﭘﺎﮢﻲ( ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ.
ﻣﭥﻲ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻞ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺗﺎﻻب ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻣﻮن وﺿﻮ ﻛﺮي ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺳﺎن ﻇﻬﺮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ ،اﺗﻲ ﭘﺮاﮢﻲ • زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻫﻚ ﻋﻤﺎرت ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺴﺠﺪ ﭘﻴﺮ زان )ﭘﻮڙﻫﻲ ﻣﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ( ﺳﮇﺑﻲ ﻫﺌﻲ .ﺑﻌﺪ ۾ ان ﺟﺎ ﭜﺮﺳﺎن وﻗﺖ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ﻻ Sundial ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ اڄ ﺑﻪ وﻗﺖ ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﺳﺞ ﺟﻲ ﭘﺎﮀﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻧﻤﺎز ﺟﻲ اداﺋﮕﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ان وﻗﺖ ﻣﻮﺟﻮد اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪي ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ان Sundialﻻ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ﺷﻴﺦ ﺑﻬﺎﺋﻲ ڊﻳﺰاﺋﻦ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ.
ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻣﻌﻨﻲ ﺧﻮش ،ﺑﻬﺘﺮ – ﻳﻌﻨﻲ ﭼﻤﻜﻨﺪڙ ﻫﻴﺮو( ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻴﺮو آﻫﻲ ۽ ﺷﺎد ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد آﻏﺎ )ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮔﻮﻫﺮ ﺟﻲ • ٰ ٰ اﻋﻠﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻮ ۽ ﻫﺮات ﺟﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ زال ﻫﺌﻲ .ﻫﻮ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﻫﻚ ٰ اﻫﻢ ۽ ﺑﺎاﺛﺮ ﻓﻮﺟﻲ ﻟﻴﮉر ﻏﻴﺎث اﻟﺪﻳﻦ ﺗﺮﺧﺎن ﺟﻲ ڌي ﻫﺌﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﮐﻲ ”ﺗﺮﺧﺎن “ ﺟﻮ ﻟﻘﺐ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﭘﺎڻ اﭼﻲ ڏﻧﻮ ﻫﻮ .ﻣﻠﻚ ﺟﻲ رﺳﻢ رواج ﻣﻄﺎﺑﻖ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﻣﺎن ۽ ﻣﺮﺗﺒﻮ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭼﻨﮕﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ زال ﻣﻠﻜﺎت آﻏﺎ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﻫﻮ ﭘﺮ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺳﺎن ﻫﻚ ﺗﻪ اﭤﮡ وﻫﮡ ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻮ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻃﺮح ﺗﻴﺰ ﻫﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭜﺎﺋﺮن ﺳﺎن ﻣﻠﻲ )ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺮات ﺟﻲ ﺗﻴﻤﻮري ﻛﻮرٽ ۾ اﻫﻢ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ رﺗﺒﻦ ﺗﻲ ﻫﺌﺎ( ،ﻫﻦ ﺗﻴﻤﻮري ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﺮوع وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ﻫﻮ ان ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۱۴۰۵۾ ﻫﺮات ﺷﻬﺮ ﺑﻨﺎﻳﻮ. ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺘﻲ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﺗﻤﺎم وڌﻳﻮ وﻳﺠﻬﻴﻮ .ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﺮخ • ﻋﻠﻢ و ادب ،ﻓﻦ ،ﻫﻨﺮ ،آرٽ ﺟﺎ وڏا رﮐﻮاﻻ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ آرﭨﺴﭩﻦ ،اﻧﺠﻨﻴﺌﺮن ،ﻓﻨﻲ ﻣﺎﻫﺮن ،ﻓﻼﺳﺎﻓﺮن ۽ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ وڏو ﻣﺎن رﻫﻴﻮ ۽ دﻧﻴﺎ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﺎﻣﻲ ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ.
۱۴۴۷ع ۾ ﺷﺎه رخ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻧﻤﻮﻧﺎ ﺳﻤﻮﻧﺎ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دﻟﭙﺴﻨﺪ ﭘﻮﭨﻲ ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﺎرﻳﻮ ۽ • ﭘﺎڻ ان ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ De-Factoﻳﻌﻨﻲ اﺻﻞ ﺣﺎﻛﻢ ﺑﮣﺠﻲ وﻳﭡﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﺣﻜﻮﻣﺖ دﺟﻠﻪ ﻧﺪي )ﻋﺮاق( ﮐﺎن ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮑﮍﻳﻞ ﻫﺌﻲ .ﭘﺮ اﻫﺎ ﺣﺎﻛﻤﻴﺖ ﻛﺎ ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﻣﺲ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﺳﻨﺪس ڏﻳﺮ ،ﻣﻴﺮان ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ ﺳﻠﻄﺎن اﺑﻮ ﺳﻌﻴﺪ ۱۴۵۷۾ ﮐﻴﺲ ﻣﺎراﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﻫﺮات ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ. ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻻ ﻫﻚ ﻗﺼﻮ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﻫﺮات ۾ ﺳﻨﺪس ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ • اﻧﺴﭙﻴﻜﺸﻦ ﻻ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﻬﺘﻲ .ان ﮐﺎن اڳ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﮐﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﭘﺮ ﻫﻚ ﺧﭥﺎﺑﻲ ﻧﻨﮉ ۾ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺗﻲ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻮﭠﮍي ۾ ﺳﺘﻮ رﻫﻴﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﻫﻚ ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر ﭔﺎﻧﻬﻲ ﻧﻪ رﮘﻮ ڏﺳﻲ ورﺗﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻫﻢ ﺑﺴﺘﺮي ﺑﻪ ﻛﺌﻲ .ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻦ ﺳﺌﻮ ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر ﭔﺎﻧﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﻲ ﮀﮇي.
ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﺮات ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺋﻲ آﻫﻲ .اﻫﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﻴﻨﺌﺮ ڊﭠﻞ ﺣﺎﻟﺖ ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ • ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﻨﺎرو اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ دﻟﻴﺮ ،ﭴﺎﮢﻮ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ،ﻋﻠﻢ و ﻫﻨﺮ ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ۽ ﺳﭡﻲ ﻣﻨﺘﻈﻢ ﻋﻮرت ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ۾ ﭘﺮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾ ﺑﻪ اﻫﻢ ﺣﻴﺜﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻲ .ﺗﺎزو ۲۰۰۳۾ ﻛﺎﺑﻞ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ اﻟﮗ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ وﺋﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﭔﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﮐﮣﻲ ﺳﻨﺪن ﺻﺤﻴﺢ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻧﻪ ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﺠﻦ ﺟﻮ ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ اﻫﻲ ﭜﭵﻲ ﭜﺮي وﻳﻮ آﻫﻦ ۽ اﺻﻠﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻧﻪ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ ،ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺟﮗ ﻣﺸﻬﻮر ” ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ“ اڄ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺷﺎن ۽ Showﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮ وﻳﭡﻲ آﻫﻲ .ان ۾ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮﻳﮉٽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮام ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﺮ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻲ ﮐﻲ ﺳﻼﻣﺖ رﮐﻨﺪا اﭼﻦ .ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﭘﮡ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﮔﻮﻫﺮ ﺗﺎج ﺟﻲ وﻓﺎت ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺋﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ آﻫﻲ. ﻣﻌﻨﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭼﻬﺮو. ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﻣﮍس ﺷﺎه رخ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ” ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻣﻴﺮزا“ ﻫﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺷﺎﻫﻪ رخ • ٰ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﭘﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﻣﺮزا )ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎڪ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ(، ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ﮐﻴﮇي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﭧ ﭴﻤﮡ ﺟﻮ اﻃﻼع ﻣﻠﻴﻮ .ﻫﻦ ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﮐﻴﻮ .ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺳﻦ ۱۳۷۷ع ۾ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال ﻣﺎن ﭴﺎﺋﻮ ۱۴۰۵ .۾ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ وﻓﺎت ﺗﻲ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن واﮘﻮن ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮن ۽ ۱۴۴۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻮ ﭘﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﺳﻬﺮو ﺗﻴﻤﻮر اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن
ﻣﻌﻨﻲ ﻣﻨﮉو .ﺗﻴﻤﻮر ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻟﮍاﺋﻲ دوران ﭨﻨﮓ وٽ ﺗﻴﻤﻮﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻟﻨﮓ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ﻓﻮﻻد )ﻟﻮﻫﻪ( آﻫﻲ .ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ آﺧﺮي ۾ ڌڪ ﻟﮙﮡ ﻛﺮي ﻫﻮ ﻣﻨﮉﻛﺎﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪو ﻫﻮ ۽ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ٰ ﺗﻐﻠﻖ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﻮد ﻧﺼﻴﺮ دﻳﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ۱۳۹۸ع ۾ ،دﻫﻠﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي وڏي ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺌﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻴﺮن ﺟﻮ اﻫﺮن ۽ ﮘﻬﻪ ﮘﭡﻦ ﺳﺎن ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﮐﻦ ﻫﺎﭤﻲ ﻟﮇراﺋﻲ اﻳﺮان ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ .ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻴﻦ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .اڄ ﺟﻲ ﺗﺮﻛﻲ ،ﺷﺎم ،ﻋﺮاق ،ﻛﻮﻳﺖ ،اﻳﺮان ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ رﻳﺎﺳﺘﻮن ﻛﺰاﺧﺴﺘﺎن ،ﺟﺎرﺟﻴﺎ ،ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن وﻏﻴﺮه، ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ،اﺗﺮ اﻧﮉﻳﺎ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ اﭼﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ .ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﺘﻲ ﻛﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻻ ﺳﭡﻮ ۽ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻴﺮو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻦ ﻻ وڏو ﻇﺎﻟﻢ ۽ ڌاڙﻳﻞ ﻟﻴﮑﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﭘﺮﺷﻴﺎ )ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻳﺮان( ،ﺷﺎم ۽ ﻋﺮاق ﺗﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ اﻧﺴﺎن ذات ﺟﻮ وﺟﻮد ﻧﻪ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺗﻴﻤﻮر اﻧﺴﺎﻧﻲ ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺟﻮ اﻫﺮام ) (Pyramidﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ڏﻧﻮ ۽ ﺳﺘﺮ ﻫﺰار ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﺳﺮڌڙ ﮐﺎن ڌار ﻛﺮي اﻫﺮام واﻧﮕﺮ ڍﻳﺮ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .اﻫﮍوﺋﻲ اﻫﺮام ﻫﻦ ﭨﺮﻛﭧ ﺷﻬﺮ ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭘﮡ ﺳﺘﺮ ﻫﺰار ﮐﻦ ﮐﻮﭘﮍﻳﻮن ﮔﮇ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن ۽ ﺑﻐﺪاد ۾ ﭘﮡ ﻧﻮي ﻫﺰار ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﺳﺮ ﻗﻠﻢ ﻛﺮي اﻫﺮام ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ڏﻳﮉ ﻛﺮوڙ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺎرﻳﺎ وﻳﺎ .ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﺷﻬﺮ ۽ ﮘﻮٺ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﺧﺎﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ ﻫﻮﻧﺪا .ﭘﺮ ﻛﻲ اﻫﮍا ﻣﻠﻚ ﻫﺌﺎ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ،ﺑﺨﺎرا، ازﺑﻜﺴﺘﺎن ،ﺗﺎﺷﻘﻨﺪ ،ﻫﺮات ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ ﻫﻦ ﺟﻬﮍو ﻛﻮ ﺳﭡﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻬﺎن ۾ ﻣﺎر ﻣﺎرا ۽ ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﻴﺶ ﭤﻲ ﻛﺮاﻳﻮ .اﻧﮉﻳﺎ ﻣﺎن ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﭰﺮي ﻫﺮات ،ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﻣﺴﺠﺪون ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﭘﺎڻ ﮐﻲ وڏو ﻧﻴﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻲ ﺳﮇراﻳﻮ ۽ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻬﮍو ﻛﻮ ﺳﺨﻲ ﻣﺮد ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﮐﻲ روس ﮐﺎن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺧﻮد ﻣﺨﺘﻴﺎري ﻣﻠﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﺗﺎﺷﻘﻨﺪ ۾ ﻟﮙﻞ ﻣﺎرﻛﺲ ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ Statueﻻﻫﻲ ان ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ رﮐﻲ وﺋﻲ .ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﻧﺪﮔﻲ ۾ ﺟﻮﭨﻴﻞ ﺟﻨﮕﻴﻦ ﺟﻮن ﻳﺎدﮔﻴﺮﻳﻮن ”ﺗﺰڪِ ﺗﻴﻤﻮري“ ﻧﺎﻟﻲ ﻛﺘﺎب ۾ ﻟﮑﻴﻮن آﻫﻦ ۱۴۰۴ .۾ ﺗﻴﻤﻮر ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﮓ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮڻ ﻻ اﺳﻬﻴﻮ ﭘﺮ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺑﺨﺎر ۽ ﭘﻠﻴﮓ وﮔﻬﻲ ﻣﺮي وﻳﻮ. ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﭘﭩﻦ ﻣﺎن ﭘﻬﺮﻳﺎن ﭔﻪ ﺟﻬﺎﻧﮕﻴﺮ ۽ ﻋﻤﺮ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ ﻻ ﭘﻲ ﺟﻲ وﺳﻴﻊ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﮐﻴﻦ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﻧﺼﻴﺐ ﻧﻪ ﭤﻲ .ﺳﻨﺪس ﭨﻴﻮن ﭘﭧ ﻣﻴﺮان ﺷﺎﻫﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﺑﻌﺪ ﻳﻜﺪم ﮔﺬاري وﻳﻮ )ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ اﺑﻮ ﺳﻌﻴﺪ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﺟﻲ ﭜﺎﭴﺎﺋﻲ ﮔﻮﻫﺮﺷﺎد ﮐﻲ ۱۴۵۷۾ ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﺗﺨﺖ ڌﮢﻲ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ( .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﭘﭩﻦ ﻣﺎن ﻧﻨﮃي ﺷﺎﻫﻪ رخ ﭼﮝﻮ ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ۽ ﺳﻨﺪس زال ﮔﻮﻫﺮ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻣﭥﻲ ﻛﺮي ﭼﻜﺎﺳﻴﻦ. ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻش ﮐﻲ ﺑﺎم ،ﻣﺸﻚ ۽ ﮔﻼب ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ ۾ ﻏﺴﻞ ڏﻳﺎري ،اوﭼﻲ ﻛﭙﮍي ۾ وﻳﮍﻫﻲ، ﮔﻮر اﻣﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ. اﻳﺒﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﺑﺎﻛﺲ ۾ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ اﻣﺎﮢﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس ِ
اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزار رﺿﺎ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺟﺎ ﻓﻮﭨﻮ ﭘﺮﻧﭧ ﻛﺮاﺋﮡ ﻻ دﻛﺎن ﭘﮁﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭔﮅل اﮀﻲ ﻋﻤﺎﻣﻲ ۽ ﻧﺎﺳﻲ ﮔﺎﺋﻮن ۾ ﻫﻚ ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻠﻴﻮ.
”آﺋﻮن ﺗﻮﮐﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺟﻮ دﻛﺎن ﭤﻮ ﻫﻠﻲ ڏﻳﮑﺎرﻳﺎن“ ،ﻫﻦ اڙدو ۾ ﭼﻴﻮ ” ،ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﮡ اﺗﺎن ﺣﺞ ﻻ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃاﺋﮣﺎ آﻫﻦ“.
ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺟﻮ دﻛﺎن ﭜﺮ واري ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺋﻲ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺳﺎﺋﻴﺰ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﻳﺎ ۽ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﺮا ﺗﺎن CD ﺗﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﭨﺮاﻧﺴﻔﺮ ﻛﺮاﻳﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﺧﺎﻟﻲ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۽ آﺋﻮن دل ﮐﻮﻟﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃي ﺳﮕﻬﺎن. ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻓﻮﭨﺎ ﺗﻴﺎر ﭤﻴﻦ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻣﻮن ﺳﺎﮢﺲ ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ. ”ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ آﻫﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ. ”ﺟﻲ ﻫﺎ“.
”ﻛﭥﻲ ﺟﺎ؟“
”ﺣﻴﺪرآﺑﺎد واﮢﻜﻲ وﺳﻲ ﺟﺎ“.
”ﻛﻴﺮ آﻫﻴﻮ ﭘﺎڻ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.
”ﻟﻐﺎري آﻫﻴﺎن .ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري ﻧﺎﻟﻮ اﭤﻢ “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.
ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﺑﻪ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﭜﺮﺳﺎن ﻫﺎﻻ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ آﻫﻴﺎن ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭔﮅاﺋﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ُﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﭘﮍﻫﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻮ ﻫﻚ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ اي ﻣﻴﻞ ﺑﻪ ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس e_mailاﺋﮉرﻳﺲ rahmashhadi@hotmail.comآﻫﻲ .ﻣﻮن ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ ﺗﻮن ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﺎڊرن ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻠﻴﻮ آﻫﻴﻦ. ”ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﮐﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺿﺮوري آﻫﻲ “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.
”ﺗﻮﻫﺎن ﻫﺘﻲ زﻳﺎرت ﻻ آﻳﺎ آﻫﻴﻮ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ؟“ ﻣﻮن ﺣﻴﺪري ﺻﺎﺣﺐ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ.
”آﺋﻮن ﻧﻨﮃو ﻫﻮس ﺗﻪ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻫﺘﻲ آﻳﻮ ﻫﻮس “ ،ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺳﺘﺮﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻮ ”ﻣﺪرﺳﮫ ﻋﻠﻤﻴﮫ ،ﺣﻀﺮت اﻣﺎم اﻟﻌﺼﺮ ،ﻣﺸﻬﺪ“ ﻫﻼﻳﺎن ﭤﻮ “.ﻫﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻮ ﻛﺎرڊ ڏﻧﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ اﺋﮉرﻳﺲ ﭘﮡ ﻫﻦ رﻳﺖ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﻲ ؛
ﭼﻬﺎر راﻫﻪ ﺷﻬﺪاء ،آزادي روڊ ،ﺳﺎﺳﺎن ﮔﻬﭩﻲ ،ﺑﻼڪ ۲۱۽ ﻓﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۰۰۹۸۵۱۱۲۲۵۷۴۲۷۽ ۲۲۲۹۶۴۴ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﺎ .ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ درس ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﭔﻦ ﭨﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﺣﻴﺪري ﺻﺎﺣﺐ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﭔﮅاﻳﺎ ﺟﺌﻴﻦ ﺗﻪ ﺣﺒﻴﺐ ا� ﺷﻴﺦ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ وٽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺮي ﻫﺎڻ ﻣﻴﺮﭘﻮر ﻣﺎﭤﻴﻠﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ. ﻣﺮﺗﻀﻲ ﭔﺮڙو ﺟﻴﻜﻮ ﺳﮑﺮ ۾ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﺮي ﭤﻮ .ﺳﻴﺪ ﻣﺸﺘﺎق ﺣﺴﻴﻦ ﭔﺮڙو ﺟﻴﻜﻮ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ .ﻏﻼم ٰ ﻓﺮخ رﺿﺎ رﺿﻮي ﺟﻴﻜﻮ ﺳﮑﺮ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭘﮍﻫﮡ ﻻ آﻳﻮ ﻫﻮ ﻫﺎڻ ﺷﺎم ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ.
ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ڏﻫﻪ ﺣﺞ ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ،ﻫﻦ ﺳﺎل ﻫﻨﮑﻲ وري ﺣﺞ ﺗﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو آﻫﻲ .ﻫﻮ ﻫﺮ ﺳﺎل
رﻣﻀﺎن ﺟﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﺗﻨﺰاﻧﻴﺎ ،ﻳﻮﮔﻨﮉا ،ﻛﻴﻨﻴﺎ ﻳﺎ آﻓﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻻ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ. ” ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﻛﻢ ﻛﺮﻳﻮ “،ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري ﭼﻴﻮ ” ،اڄ ﻣﺎﻧﻲ اﺳﺎن وٽ ﻫﻠﻲ ﮐﺎﺋﻮ“.
ﻣﻮن ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ”اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺮﻛﺎري ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻧﺎن ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﮍا وﮢﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ آﺋﻮن ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﻪ ﮀﮇي ڏﻳﻨﺪو آﻫﻴﺎن“. ”ﭘﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭜﻼ ﻛﻬﮍي ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮﻳﺎن؟“ ﺣﻴﺪري ﭘﮁﻴﻮ.
”ﻫﺎ ﺑﻠﻜﻞ ﻫﻚ ﻛﻢ ﻛﺮ “،ﻣﻮن ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ” ،ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅا“.
”آﺋﻮن ﺑﻪ ﮐﮣﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﺎن ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﺎن ﺗﻮﮐﻲ ﻣﻼﻳﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﺋﻲ ﭴﺎﮢﻮ آﻫﻲ “.ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ ۽ ﺣﺮم ۾ وﭠﻲ آﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ﻣﺎن ﭤﻲ اﺳﺎن رﺿﻮﻳﻪ اﺳﻼﻣﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ آﻳﺎﺳﻴﻦ. ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺳﺎن ،اﺳﻼﻣﻲ ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ﺟﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ،ﻫﻲ ﺑﻠﮉﻧﮓ ۱۹۸۴ع ۾ ﭠﻬﻲ راس ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﻋﻠﻤﻲ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻮن ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮن وﭸﻦ .ﻫﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ دراﺻﻞ ﭔﻦ ﺳﺎﺑﻖ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ” ﻣﺪرﺳﻪ ﻣﻴﺮزا ﺟﻌﻔﺮ و ﺧﻴﺮاﺗﺨﺎن“ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺑﺎﻗﺎﻋﺪي ﻣﺬﻫﺐ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﺎڊرن ۽ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻫﻨﺮ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﮡ ڏﭠﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ڏﻧﻞ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺑﻲ اي ،اﻳﻢ اي ۽ ﭘﻲ اﻳﭿ ڊي ﺟﻮن ﻣﺠﺘﺒﻲ رﺿﻮي ﺳﺎن ﭤﻲ ڊﮔﺮﻳﻮن ڏﻧﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭨﻲ روم ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻼﻗﺎت ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ٰ ﺟﻨﻬﻦ وٽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺑﺎﺑﺖ ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﮡ ﭘﻴﺘﻴﺴﻴﻦ .ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻃﺮﻓﺎن ﭔﮅاﻳﻞ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻮٽ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﺲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﻻ ڏﻳﺎن ﭤﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺷﺮﻳﻒ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ )ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ( آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ آدم ﺷﻤﺎري ۲۵ﻟﮏ • ﮐﻦ ﭤﻴﻨﺪي ۽ اﭨﻜﻞ ۲۰۰ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭘﮑﻴﮍ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ اوﻟﻬﻪ ۾ ﺑﻨﺎﻟﻮد ۽ ﻫﺰار ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﻄﺎرن وچ ۾، ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ۹۰۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﺳﻄﺢ ﮐﺎن ۹۸۰ﻣﻴﭩﺮن )اﭨﻜﻞ ۳۰۰۰ﻓﭩﻦ( ﺟﻲ ﺑﻠﻨﺪي ﺗﻲ آﻫﻲ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ وڏن ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ آﻫﻲ.
ﭨﻲ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ۾ ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﮘﻮٺ ،ﺳﻨﺎﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ،ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ﻃﻮس ﮐﺎن ۲۴ • ُ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻫﻮ .ﭔﻲ ﺻﺪي ۾ آﺧﺮ ۾ ﻫﻦ ﺳﻨﺎﺑﺎد ﮘﻮٺ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺣﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺘﺒﺎ ﺟﻮ اوﻧﻬﺎري ﺟﻮ رﻫﺎﺋﺸﻲ ﻣﺤﻼت ،ﻫﻦ ﮘﻮٺ ۾ ﻫﻮ .ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ) ۱۹۳ﻋﻴﺴﻮي (۸۰۸۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ اوﭜﺮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ڏي وﻳﻨﺪي ﺟﮇﻫﻦ ﻃﻮس ۾ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﺳﺨﺖ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ﺳﺎﻫﻪ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺎﺑﺎد ۾ ﺣﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺘﺒﺎ ﺟﻲ ﻣﺤﻞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﺎل ﻫﻴﭟ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.
ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ )ﭴﻢ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ وﺟﻮد ۾ آﻳﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺑﻦ • ٰ ﺟﻮ ﺳﺎل ۷۶۵ع( ﮐﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ )ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﭘﭧ( ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎل ۸۱۸ع ۾ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﻴﻮ ۽ ﮐﻴﻦ ﺣﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺘﺒﺎ واري ﺳﻤﺮ ﭘﺌﻠﺲ )اوﻧﻬﺎري واري ﻣﺤﻞ( ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﭜﺮﺳﺎن دﻓﻦ ﻛﻴﻮ .ان ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﺷﻴﻌﻦ ۽ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﺟﻲ ﺣﺒﺪارن ﻻ زﻳﺎرت ﮔﺎﻫﻪ ﺑﻨﺠﻲ وﻳﻮ .ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﻨﮃن وڏن ﮘﻮﭠﻦ ۽ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﮐﺎن زاﺋﺮﻳﻦ ﻫﺘﻲ اﭼﮡ ﻟﮙﺎ ۽ ﺳﻨﺎ آﺑﺎد ﺟﻮ ﻧﻨﮃڙو ﮘﻮٺ ﻫﻚ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﺟﻲ دﻓﻦ ﺟﻲ ﺟﺎ. ﺑﺎروﻧﻖ ۽ ﭼﻬﻞ ﭘﻬﻞ وارو ﻣﺸﻬﺪ رﺿﺎ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ٰ
ﭨﻲ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ﺟﻲ آﺧﺮ ڌاري اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﮔﻨﺒﺬ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ۽ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري • ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ ﺑﺎزارون ﭠﻬﻲ وﻳﻮن .ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ وڌﻧﺪو وﻳﻮ .ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ) ۳۸۳ﻋﻴﺴﻮي (۹۹۳۾ ﻏﺰﻧﻮي ﺳﻠﻄﺎن ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ وڏي ﺗﺒﺎﻫﻲ آﻧﺪي ۽ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ .ﭘﺮ ﭘﻮ ۴۰۰ ﻫﺠﺮي )ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ( ۱۰۰۹۾ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۹۷۱۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۹۹۸ﮐﺎن ۱۰۳۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ( ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ وڌاﻳﺎﺋﻴﻦ ۽ﺳﻬﮣﻮ ﺑﻨﺎﻳﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺧﻴﺎل ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﭜﺘﻴﻮن ۽ ﺑﭽﺎ ﻻ
اﻋﻠﻲ ﭘﭥﺮن ۽ ﻫﻴﺮن ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻮ وﻳﻮ ۽ ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﭴﺎري ﭘﮡ ﻗﻠﻌﺎ ﭠﻬﺮاﺋﻴﻦ .ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﻲ ٰ ﭠﻬﺮاﺋﻴﻦ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺴﻌﻮد ﻏﺰﻧﻮي) ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۹۹۸ع ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۱۰۳۰ﮐﺎن ۱۰۴۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ( ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭜﺘﻴﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن ۽ وڌﻳﻚ ﺳﻬﮣﻮ ﺑﻨﺎﻳﻮ.
ﺳﻠﻄﺎن ﺳﻨﺠﺮ )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۰۸۶۽ ۱۰۹۷ﮐﺎن ۱۱۵۷ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ( ﭘﭧ ﺟﻲ اوﭼﺘﻲ • ﺻﺤﺘﻴﺎب ﭤﻴﮡ ﺗﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن ۽ ﺳﻬﮣﻮ ﺑﻨﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻦ ﺳﻠﻄﺎن ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺳﺎن ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻨﺒﺬ ﺑﻪ ﭠﻬﮡ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ .ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﺤﻤﻮد ﺳﻠﺠﻮﻗﻲ ﺟﻲ ڌي ﭼﺘﺮﮔﺎن زﻣﺮد ﻣﻠﻚ ﭘﮡ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻛﺎﻓﻲ ﻛﻢ ﻛﺮاﻳﻮ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ .ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ اﻧﻬﻦ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺗﻲ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ.
ﺳﻦ ۶۱۲ﻫﺠﺮي ) ۱۲۱۵ﻋﻴﺴﻮي( ۾ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺗﻲ ﻧﻘﺶ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،ﻋﻼﺋﻮدﻳﻦ • ﺧﻮارزم ﺷﺎه ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﻣﺮﻣﺖ ۽ وڌﻳﻚ ﻛﻢ ﻛﺮاﻳﻮ .ﺳﻦ ۶۱۷ﻫﺠﺮي ) ۱۲۲۰ﻋﻴﺴﻮي( ۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﻴﺎ ۽ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻲ آﻧﺪي ان ۾ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﻴﻮ ،اﻫﻮ ﭘﻮ ﭼﻮڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪه ﻋﻠﺠﺎﺋﺖ )ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۲۸۲ع ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۱۳۰۴ﮐﺎن ۱۳۱۶ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ۷۰۳ﻫﺠﺮي ﮐﺎن ۷۱۶ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮاﻳﻮ ۽ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺳﻨﻮارﻳﻮ ۽ ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻮ. ﭘﺎڻ ﻣﻨﮕﻮل ﺷﻬﺰادو ﻫﻮ ﭘﺮ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﻮ ۽ ﺷﻴﻌﺎ ﻓﺮﻗﻲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻴﻮ.
ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪه ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﺳﻦ ۷۳۴ﻫﺠﺮي )۱۳۳۳ع( ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﺳﻴﺎح اﺑﻦ ﺑﻄﻮﻃﺎ ﻫﺘﻲ • ﻣﺸﻬﺪ آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻻ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺳﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺑﺼﻮرت آﻫﻲ ۽ ﭼﺎﻧﺪي ﺟﻲ ﺿﺮﻳﺢ )ﭴﺎري( ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻮ اﭤﺲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻛﻴﺘﺮن ﺗﺎرﻳﺨﺪاﻧﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪه ﺟﻲ ﺋﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ.
۷۹۱ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ۾ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﻣﻴﺮان ﺷﺎه ﻃﻮس ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي ﺻﻔﺎ ﺑﺮﭘﭧ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ • ۽ ﺷﻬﺮ واﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم ﻛﻴﻮ .ﻃﻮس ﺟﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮت ﻫﺌﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ .ان ﺟﻮ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻧﺘﻴﺠﻮ ﻧﻜﺘﻮ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻚ وڏو ﺷﻬﺮ ﭤﻲ اﭜﺮڻ ﻟﮙﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ اوج وارو دور اﻫﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .ﺷﺎه رخ ﻣﻴﺮزا • ۱۳۷۷۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۴۰۵ﮐﺎن وﭠﻲ ۱۴۴۷ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻴﻦ ﺧﺼﻠﺘﻦ واري زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد آﻏﺎ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﺴﺠﺪ ﭘﮡ ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﺟﻴﻜﺎ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڏﺳﮡ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ ُاﻫﺎ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ .ﺷﺎﻫﻪ رخ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﻣﺎن ﻫﺮات ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﻫﺮات ۾ ﺋﻲ رﻫﮡ ﻟﮙﻮ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻫﺮ ﺳﺎل اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ. اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻛﻢ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻲ • ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭤﻴﻮ .اﻫﻮ دور ۱۵۰۲ﮐﺎن ۱۷۳۶ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ،ﻃﻬﻤﺎﺷﭗ ،ﻣﺤﻤﺪ ،ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ ،ﺻﺎﻓﻲ، ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻬﮍا ﺑﺎدﺷﺎه ﭤﻴﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻜﻮل ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﺬﻫﺐ ﻛﻴﻮ .ﭼﻮڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ آﺳﺘﺎن ﻗﺪس رﺿﻮي ۾ ﻣﻘﺒﺮو ،ﺑﺎﻻﺳﺮ ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﻣﺪرﺳﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻏﺰﻧﻮي دور ﺟﻲ اﺑﻮل ﺣﺴﻦ ﻋﺮاﻗﻲ ﭠﺎﻫﻴﻮ .ان ﮐﺎن ﭘﻮ داراﻟﺤﻔﺎظ )ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ( ،دارﻟﺴﻴﺎده ۽ ﺗﻮﺣﺪ ﺧﺎﻧﺎ )ﺧﺰاﻧﺎ( ۽ ﭨﻲ ﻣﺪرﺳﺎ ﻣﺪرﺳﮫ ﭘﺮﻳﺰاد ،ﻣﺪرﺳﮫ ﺑﺎﻻﺳﺎر ۽ ﻣﺪرﺳﮫ دودا ،ﺟﻴﻜﻲ ﺷﺎه رخ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﭠﻬﻴﺎ ﻫﺌﺎ.
ﺳﻮرﻫﻴﻦ ۽ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ازﺑﻚ ﺟﻨﮕﻲ ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﻴﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻨﻦ اﻣﺎم • رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ وڏي ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ۱۷۲۲ .۾ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﻴﺎ .ارڙﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎه ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ )ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۶۸۸ﻫﻮ ۽ ۱۷۳۶ﮐﺎن ۱۷۴۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻦ راڄ ﻛﻴﻮ( ﺗﻪ ﻫﻦ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻻ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﭜﻼرو ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﺮ ﻃﺮح ﺳﺎن ﺧﻴﺎل رﮐﻴﻮ وﭸﻲ. اﻫﻞ ﺗﺸﻴﻊ ﻧﺎدرﺷﺎه ﭘﺎڻ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺳﻨﻲ ﻫﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﮍﻧﻲ ﺑﺰرﮔﻦ ،ﻣﻘﺒﺮن ۽ آرام ﮔﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻲ ِ وارن ﻻ ﺑﺎﻋﺚ ﻋﺰت ۽ رﺗﺒﻲ وارا ﻫﺌﺎ .ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺣﻔﺎﻇﺖ ﺟﺎ ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﻴﺎ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻣﺸﻬﺪ
ﺷﻬﺮ ﮐﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ .آﺧﺮ ۾ ﭘﺎڻ ﺳﺎﻫﻪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ۱۷۴۷۾ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ ۽ دﻓﻦ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﻫﻲ اﻫﻮﺋﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۱۷۳۹۾ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻐﻞ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ۽ ﻣﻮرﺗﺨﺖ ۽ ﭔﻴﺎ ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﮐﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ اﻳﮇي ﺗﻪ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻣﺎر ﻣﺎرا ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭰﺮﻳﻮ ﻟﭩﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻮ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻣﻮت ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﻧﺎدر ﻧﺎدر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻗﺎدر ﺑﻪ ﻗﺎدر آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻦ ﻻ ﺳﭡﺎ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻛﻦ ﻻ . ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ اﻳﺮان ،ﻋﺮاق ﻻ ﭰﻮرو ۽ ﻇﺎﻟﻢ ﻫﻮ ﭘﺮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن وارن ﻻ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻴﺮو ﻫﻮ .اﻫﮍي ﻃﺮح اﻓﺸﺮﻳﺪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﻻ ﺗﻪ ڌاڙﻳﻞ ۽ ﻗﺎﺗﻞ ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان وارن ﻻ ﺳﭡﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ اﻳﺮان ۾ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﭡﺎ ﻛﻢ ﻛﻴﺎ. اوﮢﻬﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﭘﮡ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﺣﻤﻼ ﭤﻴﺎ ﭘﺮ ان دور ﺟﻲ ﻗﺎﭼﺎري ﮔﻬﺮاﮢﻲ ) (Qajarﺟﻲ • ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﭘﺴﭙﺎ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﻗﺎﭼﺎري ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺼﻴﺮ اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۱۴۴۸ﮐﺎن ۱۸۹۶ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻲ( ،اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ) Ring Roadﮔﻬﻴﺮي وارو رﺳﺘﻮ( ﭘﮡ ﭠﻬﺮاﻳﻮ ۽ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻪ ﺟﻮڙ ﺗﻲ ﭘﮡ وڏو ڌﻳﺎن ڏﻧﻮ.
ﻣﺎرچ ۱۹۱۲۾ روس ﺟﻲ زار ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺑﻤﺒﺎري ﻛﺮاﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﮐﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﻴﻮ • ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﻬﻴﺪ ﭘﮡ ﭤﻲ وﻳﺎ .ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ رﺳﻴﻞ ﻧﻘﺼﺎن ،ﺑﻌﺪ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﺮزا ﻧﻴﺮ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮاﻳﻮ. ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ روﺳﻴﻦ ﺟﻲ ان ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ زار ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ روس ﻣﺎن ﺟﻨﺎزو ﻧﻜﺘﻮ.
اڄ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻫﺎل آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺻﺤﻦ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ،ﺳﻘﻪ ﺧﺎﻧﻪ ،ﻗﺮآن ﺟﻲ ﺗﻼوت ﺟﻲ • ﻻ ﺟﺎ) دارﻟﺤﺎﻓﻆ( ،اﻟﻠﻬﻮردي ،اﺳﻼﻣﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،آﺳﺘﺎن ﻗﺪس ﻻﺋﺒﺮﻳﺮي ،ﻛﻠﻨﻚ ،ﺷﻔﺎﺧﺎﻧﻮ ،ﻣﻬﻤﺎن ﺧﺎﻧﻮ، وﺿﻮ ﺟﻮن ﺟﺎﻳﻮن ،ﺟﻮﺗﻦ رﮐﮡ ﺟﻮن ﺟﺎﻳﻮن ،اﻳﻮان ،ﮔﻨﺒﺬ ،ﻣﻨﺎرا ﺳﭛ ﻣﻼﺋﻲ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻛﺎﻣﭙﻠﻴﻜﺲ ﭠﻬﻲ ﭤﻮل.
اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ آﻫﻲ .ﺳﭵﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ رﺳﺘﺎ ﻫﻦ درﮔﺎﻫﻪ ڏي وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ • ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺣﺮم ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﮐﺎن ﻫﻦ ﺣﺮم ﺗﺎﺋﻴﻦ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮔﻢ ﭤﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮ .ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻨﮉ ﮐﺎن ﺣﺮم ڏي اﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ۾ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﮘﻮﻟﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ، ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻜﻲ ۽ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ اﺳﻴﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﮘﻮﻟﻴﻮن ﭤﺎ .ﺗﻘﺮﻳﺒﺎ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺟﻮ دﻛﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﺣﺮم ﺟﻲ آﺳﭙﺎس ﻣﻠﻨﺪو ۽ رﻫﺎﺋﺶ ﻻ ﭼﻮڌاري ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ .ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺑﺲ ﺣﺮم ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﻛﻮﺑﻪ وﺳﺎري ﻧﻪ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﻲ .ﭘﺮي ﮐﺎن ﺋﻲ ﺳﻮﻧﻮ ﮔﻨﺒﺬ ۽ ﻣﻨﺎرا ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﺑﻘﻮل ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﻮپ ﺟﻲ ؛
“Perhaps there is no other group of buildings in the world which give such opulence. A gold dome, two gold minarets, ”two huge gold ivans, massive silver and gilt doors.
ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻳﺎد ڏﻳﺎري اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ۽ ﺳﻨﺪس زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺣﺮم ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ( ﺟﻮ اﺣﻮال ﻟﮑﻨﺪي ﻫﻨﻦ ﺟﻲ وڏي ﭘﭧ ﻣﺮزا ﻣﺤﻤﺪ ﻃﺎرق )اﻟﻎ ﺑﻴﮓ( ﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ .اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ۱۳۹۴۾ اﻳﺮان ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۴۴۹۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺟﺘﻲ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ڏاڏو ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﻫﻚ ﻇﺎﻟﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،اﺗﻲ ﺳﻨﺪس ﭘﻲ ﺷﺎﻫﻪ رخ ۽ ﻣﺎ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد آرٽ ،ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ۽ ﻓﻦ ﺟﺎ ﻣﺘﻮاﻻ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ وڏو ﭘﭧ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ )اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ Ulug Bey, Ulugh Beg۽ Ulugh Bekﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ( زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﻓﻘﻂ آﺧﺮي ﭔﻪ ﺳﺎل ﻓﺮارود (Transoxiana۽ ﻓﺎرس ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﻫﻮ ﻋﻠﻢ ﻓﻠﻜﻴﺎت ) (Astronomyﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺌﭥﺲ -ﺟﺌﻴﻦ ﺗﻪ ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ۽ Sphericalﺟﺎﻣﻴﭩﺮي ﺟﻮ وڏو ﭴﺎﮢﻮ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ اﭸﺎن ﻧﻨﮃو ﭔﺎر ﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﺮاق ،اﻳﺮان ،ﺷﺎم وﻳﻨﺪي اﻧﮉﻳﺎ ﮔﻬﻤﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﺗﻴﻤﻮر ۱۳۳۶ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ ۽ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﮇﻫﻦ ﻳﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ۱۴۰۵۾ ﺗﻴﻤﻮر ﮔﺬاري وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﻣﺎ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﮡ ﻟﮙﻮ ۱۴۰۹ .۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻫﺮات ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﮐﻲ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ان وﻗﺖ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺟﻲ راڄ ۾ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﮐﻲ ذﻫﻴﻦ ۽ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ﺟﻲ رﻳﮕﺴﺘﺎن ﭼﻮڪ وٽ ﻫﻦ ۱۴۲۰۾ ” ﻣﺪرﺳﮫ“ )ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ( ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﻫﺮ ﻓﻠﻜﻴﺎت ۽ ﺣﺴﺎﺑﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮن) (Mathematiciansﮐﻲ ﻣﺪﻋﻮ ﻛﻴﻮ .ﮀﻬﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻲ اﻫﺎ ﻋﻤﺎرت اڄ ﺑﻪ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ .اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ اﻧﮕﻲ ﺣﺴﺎﺑﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﮔﺮد ﻏﻴﺎث اﻟﻜﺎﺷﻲ ) (۱۳۷۰-۱۴۲۹ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ.
۽ ﻫﻲ ﭔﻪ ﭼﺎر ﺳﭩﻮن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺘﻦ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻻ آﻫﻦ.
اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﺷﻮق Astronomyﺳﺎن ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ ۱۴۲۸۾ ﻫﻚ ﺗﻤﺎم وڏي Observatoryﮔﻮرﺧﺎﻧﻲ زﻧﺞ ﻧﺎﻟﻲ ﭠﻬﺮاﺋﻲ. ﭨﻴﻠﻲ اﺳﻜﻮﭘﻦ ﺟﻲ اڻ ﻫﻮﻧﺪ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺻﺤﻴﺢ ﺣﺴﺎب ﻛﺘﺎب رﮐﮡ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺠﺎد ﻛﻴﻞ ﻓﺨﺮي Sextantﺟﻲ ڊﻳﮕﻬﻪ وڌاﺋﻲ ۽ ﻫﻦ اﭨﻜﻞ ۹۹۴ﺗﺎرن ﺟﻮ ﺣﺴﺎب ﻛﺘﺎب رﮐﻴﻮ .ﻫﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﻋﺮب ﻓﻠﻜﻴﺎت ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮن ﺟﻮن ﭼﻜﻮن ﺻﺤﻴﺢ ﻛﻴﻮن .ﺗﺎرن ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻴﻞ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻛﺌﭩﻼگ ۱۶۶۵۾ ﭤﺎﻣﺲ ﻫﺎﺋﻴﮉ آﻛﺴﻔﻮرڊ ۾ Editﻛﺮي ﭨﺎﺋﻴﭩﻞ ڏﻧﻮ.
”“Tabulae longitudinis et latitudinis stellarum fixarum exabervation Ulug Beighi
اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺳﺎل Sidereal Yearﺟﻲ ڊﻳﮕﻬﻪ ﭘﮡ ﻛﮃي ﺟﻴﻜﺎ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺤﻴﺢ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻮ ﻫﺮ ﺷﺎﮔﺮد ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ﺟﻲ Tablesﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻲ .اﻟﻎ ﺑﻴﮓ Sine۽ ﭨﺌﻨﺠﻨﭧ ﺟﻲ ڊﻳﺴﻴﻤﻞ )ڏﻫﺎﺋﻲ( ﮐﺎن ﭘﻮ اﭠﻦ اﻧﮕﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺤﻴﺢ وﺋﻠﻴﻮ ﻛﮃي ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭠﻬﻴﻞ ﭠﻜﻴﻞ ﮘﺎﻟﻬﻪ Trignometric Tablesاﺳﺎن ﮐﻲ ڏﮐﻴﺎﺋﻲ ﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﭤﺎ اﭼﻦ ﺳﻲ ﻫﻦ ۶۰۰ﺳﺎل اڳ اﻳﺠﺎد ﻛﻴﺎ .اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﺧﺬﻣﺘﻦ ﻛﺮي ۱۹۸۸۾ ﺳﻮوﻳﺖ روس ) (USSRاﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻳﺎد ۾ ﭘﻮﺳﭧ ﺟﻲ ﭨﻜﻠﻲ ﻛﮃي ۽ ﻟﺌﭩﻴﻮﻳﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ رﻳﮕﺎ ۾ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﻗﺪ ﮐﺎن وڏي ﻣﻮرﺗﻲ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻣﻜﺎﻧﻲ زﺑﺎن ۾ ” “Mirzo Ulugbekﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ .
ﭼﻨﮉ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻲ داغ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﺗﻤﺎم وڏا ﮐﮇا آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻲ ﻛﻲ ﺗﻪ ﭔﻪ ﭔﻪ ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﮔﻮﻻﺋﻲ ۾ آﻫﻦ .اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻛﻤﻦ ﮐﻲ Tributeﺑﺨﺸﮡ ﻻ ﺟﺎن ﻫﺎﺋﻴﻨﺮچ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﺟﺮﻣﻦ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ۱۸۳۰۾ ﭼﻨﮉ ﺟﻲ ﻫﻚ ﮐﮇي ) (Craterﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ Ulugh Beigh Craterرﮐﻴﻮ.
ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ۽ ﮔﻮﻫﺮﺷﺎد ۽ ﺷﺎه رخ ﺟﻮ ﻫﻲ ﭘﭧ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ،ﺟﻴﮇو ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﻛﻤﻦ Astronomy۽ ﺣﺴﺎﺑﻦ ۾ ذﻫﻴﻦ ﻫﻮ اﻫﮍو ﻫﻮ ﺣﻜﻮﻣﺘﻲ اﻧﺘﻈﺎم ﺳﻨﭝﺎﻟﮡ ۾ ﺟﮇو ﻫﻮ ۽ ﺟﻨﮕﻴﻮن ﻫﺎراﺋﮡ ﻛﺮي ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﺣﺼﺎ دﺷﻤﻨﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ .ﻛﺎ ﭔﻪ ﺳﺎل ﺑﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻣﺲ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس وڏي ﭘﭧ ﻋﺒﺪاﻟﻄﻴﻒ ﺳﻨﺪس ﺳﺴﻲ ڌڙ ﮐﺎن ڌار ﻛﺮي ﮀﮇي .ان وﻗﺖ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺣﺞ ﻻ ﺳﻔﺮ ۾ ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻻش اﺗﻲ ﺋﻲ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ دﻓﻦ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ ﺳﻨﺪس
ﻣﺎﺋﭧ ﺑﺎﺑﺮ )ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ ۽ ﻣﻐﻞ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو( ﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﭽﻴﻞ ﺳﭽﻴﻞ ﻫﮇﻳﻦ ﮐﻲ اﺗﺎن ﻛﮃاﺋﻲ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۾ ﺳﻨﺪس ڏاڏي ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭜﺮﺳﺎن دﻓﻦ ﻛﺮاﻳﻮ .اڄ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۾ ﮔﻬﮍﻧﺪي ﭜﺮﺳﺎن ﮔﻮﻫﺮﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺳﻨﺪس ﻻﺋﻖ ﻓﺎﺋﻖ وڏو ﭘﭧ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﻳﺎد اﭼﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ﻓﻠﻜﻴﺎت ۽ ﭨﺮﮔﻨﺎ ﻣﻴﭩﺮي ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ اﻳﺠﺎد ﻛﺮي اڄ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ Sextantذرﻳﻌﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ۾ ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .اڄ اﺳﺎن ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ذرﻳﻌﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ ﻃﺌﻲ ﻛﻴﻞ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﺳﺞ ۽ ﺗﺎرن ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ذرﻳﻌﻲ ﻣﺎﭘﻴﻮ وﭠﻮن.
ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﻧﻔﺴﻴﺎت ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻫﺌﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ڏي ﻣﻮﭨﮡ وﻗﺖ ”ﺻﺤﻦ ﺟﺎﻣﻊ رﺿﻮي“ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ”اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮﻟﺮز“ ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻞ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻨﻬﻦ ۱۷۳۸۾ اﻧﮉﻳﺎ وﭸﻲ ﭰﺮ ﻛﺌﻲ ،ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﺷﺎرو ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮي ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﮔﻬﻮڙي ﺳﻮار ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ﻫﺘﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.
”ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﻫﻮ ﻛﻬﮍي ﻫﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ .دراﺻﻞ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل ﻃﺮﻓﺎن اﺳﺎﻧﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ڏﻳﮑﺎرڻ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ .ﭘﺮ آﺋﻮن وچ وچ ۾ وﻗﺖ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻧﻜﺮﻳﻮ وﭸﺎن .ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ڏﻳﮑﺎرڻ ﺟﻮ ﻣﺪو ﻫﻚ ﻫﻔﺘﻮ ﭘﻮرو ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۾ ﭔﻪ ﭨﻲ ﻫﻔﺘﺎ رﻫﻲ ﻫﻚ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ،۽ ﭔﻴﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ ﺷﻴﺮاز ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،اﺻﻔﻬﺎن ،زاﻫﺪان وﻏﻴﺮه ڏﺳﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ۽ ﻫﻔﺘﻮ ﮐﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ اﻳﺮان ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﻛﻨﺎري واري ﺷﻬﺮ ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ۾ آﻫﻲ ،اﺗﻲ ﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﻫﻔﺘﻮ ﮐﻦ ﺷﭗ ﻛﻨﺴﭩﺮﻛﺸﻦ ۽ ﻧﻴﻮل آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ﺟﺎ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ .اﻳﺮان ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ آﺋﻴﮉﻳﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﻢ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮﻳﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺻﻮرت ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻚ ﻋﻮرت ﺑﻪ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ .۽ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ آﻳﻞ ڌارﺋﻴﻦ ﻻ اﻧﮉﻳﺎ ،ﺟﭙﺎن ﻳﺎ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب واﻧﮕﺮ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻟﮙﻞ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻓﻘﻂ ﭔﻦ ﻳﺎ ﭨﻦ ﺷﻬﺮﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﺪود رﻫﻲ .ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ڌارﻳﻮن ﻣﺴﺎﻓﺮ آزاد آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻟﮙﺎﺗﺎر ﭨﻲ ﻣﻬﻴﻨﺎ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﮔﻬﻤﻨﺪو وﺗﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﺎﻧﺠﻮ اﻳﺮان ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻫﻔﺘﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ڏﺳﮡ ﻻ وﻗﻒ ﭤﻴﻞ ﻫﻮ ﭘﺮ وچ وچ ۾ وﻗﺖ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﺎﻋﺮن، ادﻳﺒﻦ ،ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ۽ ﺗﻮارﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﻫﻠﻴﻮ وﭸﺎن ﭤﻮ .اﻧﻬﻦ ۾ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر، ﻛﻤﺎل وﻣﻠﻮڪ ۽ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﮍن ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا ۽ ﭔﻴﻮن ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﻪ آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ وﻗﺖ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﻋﺒﺎدت ۾ ﮔﺬري ﭤﻮ ،ﻳﺎ وري ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ وڏي ﺑﺎزار- ”ﺑﺎزار رﺿﺎ“ ۾ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﻨﺪي. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﺘﺎن ﻛﻮ ﻣﻴﻞ ڏﻳﮉ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ .اﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺷﻬﺪا اﺳﭩﺮﻳﭧ ﺗﻲ ان ﻫﻨﮅ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن آزادي اﺳﭩﺮﻳﭧ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﻣﺮﻣﺖ ۽ ان ﻣﭥﺎن ﻫﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﻣﻮرﺗﻲ ) (Statueﭼﺎر ﭘﻨﺞ ڏﻫﺎﺋﻴﻮن اڳ ۱۹۵۹۾ ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻲ. ﻛﻨﻜﺮﻳﭧ ﺟﻲ ﻫﻚ وڏي Slabﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن زﻣﻴﻦ دوز ﺣﺠﺮو آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ان ﺳﻠﺌﺐ ﻣﭥﺎن ﭨﺎﻣﻲ ۽ ﻗﻠﻌﻲ ) (Bronzeﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻚ ﮔﻬﻮڙي ﺳﻮار ﺟﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭘﭩﻜﻮ ۽ ﻫﭣ ۾ ﻛﻬﺎڙي آﻫﻲ .ان ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﭔﻴﺎ ﭘﻴﺎدا ﺳﭙﺎﻫﻲ آﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﺎﻧﮉر )ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ( ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻮﺟﻴﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻨﮕﻲ ﻣﻬﻢ ﻻ وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .اﻫﻮ ﭘﻨﺞ ﻣﻴﭩﺮ )ﻳﻌﻨﻲ ۱۵ﮐﻦ ﻓﭧ( اﺗﺎﻫﻮن ﻣﺠﺴﻤﻮ آﻫﻲ ۽ ان ﺟﻮ وزن ۱۴ ﭨﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﭼﺎرﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﻣﮡ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻲ ﻣﻮرﺗﻲ )ﻣﺠﺴﻤﻮ( ﻣﺸﻬﻮر اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺖ ﺗﺮاش )ﻣﺠﺴﻤﻲ ﺳﺎز( اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ ﺻﺎدﻗﻲ ) (۱۸۹۷-۱۹۹۵ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ اﭨﻠﻲ ۾ اﺗﻲ ﺟﻲ Sculptorﺑﺮوﻧﻲ ﺗﻴﺎر ﻛﻴﻮ .ﻣﺮﺣﻮم اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ ﺻﺎدﻗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﭼﺘﺮﻛﺎر ) (Painterﻛﻤﺎل وﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻮ .ﻛﻤﺎل ﻣﻠﻚ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﺳﺎن رﻫﻴﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﭜﺮ واري ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ۽ ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻮ ﭘﮡ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﻣﺸﻬﺪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭔﻴﻦ ﻫﻨﮅان ﻣﺎل ﺟﻲ ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺮي ﻫﺘﺎن اﭼﻲ ﭤﻲ ﻧﻜﺘﻮ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﻣﻴﻮزم ۽ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮي ﭘﮡ آﻫﻲ .ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮن ﻳﺎدﮔﺎر ﺷﻴﻮن ﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﻨﮕﻲ ﻧﻮﻋﻴﺖ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ۱۳۰ﻧﻨﮓ
ﭤﻴﻨﺪا ،ﻫﻦ ﻣﻴﻮزم ۾ رﮐﻴﻞ آﻫﻦ .اﻫﻮ روزاﻧﻮ ﺳﺎڍي ﺳﺘﻴﻦ ﮐﺎن ﺳﺎڍي ﭔﺎرﻫﻴﻦ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﭔﻲ ﮐﺎن ﺳﺎڍي ﭼﺌﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻻ ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﻫﻔﺘﻲ ۾ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻤﻌﻮ ﺑﻨﺪ رﻫﻲ ﭤﻮ.
ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻫﻚ ﻋﺠﻴﺐ ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﭼﺮﻳﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻫِﺘﺎن ُﻫﺘﺎن ﭰﺮ ﻛﺮي اﻳﺮان ۾ ﻣﺎل آﻧﺪو ﭤﻲ ﭘﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﺧﻮش ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺷﻚ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎد ﺗﻲ ﻣﺎرﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﻟﮙﺎﺗﺎر ﺟﻨﮕﻴﻦ ﭘﻮﻳﺎن ﭰﺮ ﺟﻮ آﻧﺪل ﭘﺌﺴﻮ ﺧﺮچ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ وڌﻳﻚ ﺧﺮﭼﻦ ﺟﻲ ﭘﻮراﺋﻲ ﻻ ﻋﻮام ﻣﺎن اوﮘﮍ ﻛﻨﺪو وﺗﻴﻮ .آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﮐﻲ زوري ﺳﻨﻲ ﺑﻨﺎﺋﮡ ﮐﻲ ﺛﻮاب ﺟﻮ ﻛﻢ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻟﮙﻮ ﺑﺎﻗﻲ ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭘﮍﻫﻲ ﻧﻤﺎز ﺑﻪ ﻧﭥﻲ ﭤﻲ .ﺣﻤﻠﻦ دوران ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر واﻧﮕﺮ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺎرﻳﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻮ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر ۽ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﺳﻨﺪس ﻣﺎڊل آﻫﻦ. ﺳﺨﺖ ﺳﺌﻜﻮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﺌﺎ رﮘﻮ ﺣﻜﻴﻢ ۽ ﭰﻴﮣﻮ ﭰﻜﻲ ﻛﺮڻ وارا .ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﻛﻮ ﻧﻔﺴﻴﺎﺗﻲ ڊاﻛﭩﺮ ﻳﺎ ﺳﺌﻜﺎﭨﺮﺳﭧ ﺗﻪ ﻫﻦ Paranoidﺟﻮ ﻋﻼج ﻛﺮي ﻫﺎ ۽ ﭘﺎڻ ۽ ﻋﻮام ﺑﻲ وﻗﺘﺎﺋﺘﻲ ﻣﻮت ﮐﺎن ﺑﭽﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ۱۷۴۷۾ ﻫﻮ ﻛﺮدن ﮐﻲ ﻣﻮﭼﮍا ﻫﮣﮡ ﻻ ﺧﺮاﺳﺎن وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻓﺘﺢ آﺑﺎد ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﻨﺪس ﮔﺎرڊن ﺟﻲ ﻛﻤﺎﻧﮉر ﺻﺎﻟﺢ ﺑﻴﮓ ﮐﻴﺲ ﻧﻨﮉ ﻣﺎن اﭤﺎري ،ﺧﻨﺠﺮ ﺟﺎ ﻣﭥﺲ وار ﻛﺮي ﭔﻲ ﺟﻬﺎن اﻣﺎﮢﻲ ﮀﮇﻳﺲ.
ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ۱۶۹۸۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ”دﺳﺖ ﮔﺮد “ ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺎري ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﺳﻨﺪس ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻓﺸﺎر ﻫﻮ ان ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﻓﺸﺎر ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻧﺎدر ﻗﻠﻲ ﺑﻴﮓ ۽ ﺗﻬﻤﺎ ﺷﭗ ﻗﻠﻲ ﺧﺎن ﭘﮡ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻧﻨﮃو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﭘﻲ ﮔﺬاري وﻳﻮ ۽ ﭘﺎڻ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﺎ ازﺑﻚ ﻳﺎ ﺗﺮﻛﻮﻣﻦ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ڌاڙﻳﻠﻦ ور ﭼﮍﻫﻲ وﻳﺎ ﺟﻦ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻏﻼم ﻛﺮي وﻛﮣﮡ ﺟﻲ ﭤﻲ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻧﺎدر ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ور ﻣﺎن ﭜﭵﻲ وﭸﮡ ۾ ﻛﺎﻣﻴﺎب ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان داداﮔﻴﺮن ﺟﻲ ﻫﻚ ﮔﺌﻨﮓ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ وﭸﻲ ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎﻻر ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﻨﮃي ﻟﻴﻮل ﺗﻲ ،ان ﺑﻌﺪ وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺟﻬﻴﮍا ۽ ﻟﮍاﺋﻴﻮن ﻛﻨﺪو ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻟﻴﮉر ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﺮدارن ﺟﻲ زور ﺗﻲ ۱۷۳۶۾ ) ۳۸ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾( اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ .ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﺑﻌﺪ ۱۷۳۸۾ ﻫﻦ ﻗﻨﮅار ﺗﻲ ﻛﺎﻫﻪ ﻛﺌﻲ ۽ ﺳﺎل ﺑﻌﺪ ۱۹۳۹۾ ﻛﺮﻧﺎل ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ۾ ﻫﻦ ﻣﻐﻞ ﻓﻮج ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻳﺌﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﻛﻴﻮ ۽ ﻫﻚ ﻓﺎﺗﺢ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن دﻫﻠﻲ ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻮ .دﻫﻠﻲ ۾ ﻛﺎﻓﻲ وﮘﻮڙ ﻣﭽﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﻮﺟﻦ ﭨﻴﻬﻪ ﻫﺰار ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺷﻬﺮي ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ .ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻐﻞ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻓﻲ ﻻ ﭔﺎڏاﺋﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﻫﻦ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺣﻮاﻟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ ﺟﻮن ﭼﺎﭔﻴﻮن ۽ ﻣﻮرﺗﺨﺖ ) (Peacock Throneﻛﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺟﻲ ﺷﺎن ﺷﻮﻛﺖ ۽ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ رﻫﻴﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﻧﮉﻳﺎ ﻣﺎن ﮐﻨﻴﺎ اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ۽ درﻳﺎﻫﻪ ﻧﻮر )ﺟﺒﻞ ﺟﻲ روﺷﻨﻲ ۽ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ روﺷﻨﻲ( ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻴﺮا ﭘﮡ ﻫﺌﺎ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﻫﺰارﻳﻦ ﻫﺎﭤﻲ ،ﮔﻬﻮڙا ۽ اٺ ﮐﻨﻴﺎ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻫﻮ ﭰﺮ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﻲ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﺮان ﮐﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺎ. ﻫﻲ ﻣﺎل اﻳﮇو ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ان ﺑﻌﺪ ﭨﻦ ﺳﺎل ﻻ اﻳﺮن وارن ﻻ ﭨﺌﻜﺲ ﻣﻌﺎف ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ.
اﻧﮉﻳﺎ ﮐﺎن واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺻﺤﺖ ﺻﺤﻴﺢ رﻫﮡ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ ان ﻛﺮي ﺳﺨﺖ ﭼﮍﭼﮍو ﭤﻲ ﭘﻴﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن اڳ ﻛﻨﻬﻦ ﺧﺒﺮ ﻫﻼﺋﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻣﺮي وﻳﻮ آﻫﻲ .ان ﺗﻲ ﭘﭡﻴﺎن وﻳﭡﻞ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ رﺿﺎ ﻗﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﻟﻬﮡ ﺑﺪران ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﮡ ﺟﻲ ﺗﻴﺎري ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺎﮘﻬﻴﻦ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﺋﭩﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .وﻳﻨﺪي ﭘﺮاﮢﻦ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺗﺎﻫﻤﺎ ﺷﭗ ۽ ان ﺟﻲ ﻧﻮن ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭘﭧ ﻋﺒﺎس ﺳﻮم ﮐﻲ ﺑﻪ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﻧﺎدر اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﺑﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﭘﭩﻴﻨﺲ ﮐﻲ ﮀﻨﮉ ﻛﮃﻳﺎﺋﻴﻦ .اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻧﺎدر ﮐﻲ ﻣﺎرڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﺑﭽﻲ وﻳﻮ .ﭘﺮﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ان ﻛﻢ ﭘﭡﻴﺎن ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﺟﻮ ﻫﭣ آﻫﻲ .ﺳﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ رﺿﺎ ﻗﻠﻲ ﺟﻮن اﮐﻴﻮن ﻛﮃراﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎﺋﻴﻦ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﭘﻮ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﻌﺼﻮم ﻫﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻧﺎدر ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ دﻣﺎغ ﺗﻮاﺋﻲ ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ.ﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ُڌر ﺗﻲ ﺷﻚ ﻛﺮي ان ﮐﻲ ﻣﺎراﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ ﺳﭡﻮ ﺳﭙﺎﻫﻲ ۽ وﻳﮍﻫﺎڪ ﺑﻪ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻧﻴﻮي ﭠﺎﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﺎن ﺑﺤﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﭧ ﮐﺴﻲ ورﺗﻮ ۱۷۴۳ .۾ ﻫﻦ اوﻣﺎن ۽ ﻫﻦ ﺟﻮ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ ﻣﺴﻘﻂ ﻓﺘﺢ ﻛﻴﻮ .ﭘﺮ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﺑﻴﻤﺎري ﻛﺮي ﻫﻮ وﻳﻮ وڌﻳﻚ ﻇﺎﻟﻢ ﭤﻴﻨﺪو ۽ ﭘﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﭨﺌﻜﺲ وﭠﮡ ﻟﮙﻮ .ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻐﺎوﺗﻮن ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن ﺟﻦ ﮐﻲ ﭔﻨﺠﻮ ڏﻳﮡ ﻻ ﻫﻦ ﻻش ﺟﺎ ڍﻳﺮ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻴﺮو ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ واﻧﮕﺮ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺟﻮ اﻫﺮام ﭠﻬﺮاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ،ﻫﻲ ﭘﮡ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺟﺎ ﭨﺎور ﭠﻬﺮاﺋﮡ ﻟﮙﻮ .ﭼﮝﻮ
ﺟﻮ ﺳﻨﺪس ﭼﻮﻛﻴﺪار ﺻﺎﻟﺢ ﺑﻴﮓ ﮐﻴﺲ ﺳﺘﻲ ﻣﺎن ﺟﺎﮘﺎﺋﻲ ﻣﺎري ﮀﮇﻳﻮ -ﺟﻴﺌﺮو رﻫﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ اﭸﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﻫﺎ .رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮉر ۽ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ آﺋﻮن ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻴﺲ ﻳﺎ ﻧﻪ؟ ”ﺟﻲ ﻫﺎ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺲ“ ،ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ” ،ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃﮢﻮ ﻫﻮ ان ﻻ ﻫﻠﻲ ﻣﻠﻲ وﻳﺲ ،ﻧﻪ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﻛﻮ اﻫﮍو ﭼﮝﻮ ﻣﮍس ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ وﭸﮡ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮي“.
اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ .................. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﭼﺮﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﺳﻨﺪس ﻣﺠﺴﻤﻮ )ﮔﻬﻮڙﻳﺴﻮار( ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ دري ﻣﺎن ﺑﻪ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ،ﻧﻪ ﻓﻘﻂ دﻫﻠﻲ ۽ ﻛﺎﺑﻞ ﻗﻨﮅﻫﺎر ۾ ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺌﻲ ۽ ﺑﺎﻫﻪ ﭔﺎري ﭘﺮ ﻏﺮﻳﺐ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﺑﺨﺸﻴﻮ.
اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻨﺪ ﺗﻮڙي ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺗﻮڙي ﻣﻌﺎﺷﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺑﻴﺤﺪ ﻛﻤﺰور ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺣﻤﻠﻦ ۽ ﭰﺮﻟﭧ دوران ﻛﺎﺑﻪ ﻣﺰاﺣﻤﺖ ﭘﻴﺶ ﻧﻪ آﺋﻲ. ﺳﻮﻣﺮا ،ان ﺑﻌﺪ ﺳﻤﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺳﮇﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ،اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ۵۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ اﻗﺘﺪار رﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﭸﺎﻳﻞ اﮘﻮﮢﻮ اوج وري ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ .ﺳﻦ ۱۵۲۰۾ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﻴﮓ ارﻏﻮن ﭠﭩﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ۽ ان ﺣﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﻨﻬﺮي ﺑﺎب ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ،ﺑﻘﻮل ﺷﻮﻛﺖ ﺷﻮرو ﺟﻲ، ﺳﻨﮅ ﻣﻠﻚ ﻫﻚ ﭜﻴﺮو وري اﻫﮍي ﻏﻼﻣﻲ ،ﻇﻠﻢ ۽ ﺑﺮﺑﺮﻳﺖ واري دور ۾ داﺧﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭔﻪ ﺻﺪﻳﻮن ارﻏﻮن، ﺗﺮﺧﺎن ۽ ﻣﻐﻠﻦ ﻣﭥﺲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﺳﻨﮅي ﻣﻌﺎﺷﺮو ان ﺗﺒﺎﻫﻲ ۽ ﭜﭷ ڊاﻫﻪ واري دور ﻣﺎن ﮔﺬرﻳﻮ ﺗﻪ وري ﺳﻨﺌﻴﻦ ﻟﮝﻲ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ .ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻳﻮﺳﻒ ﻣﻴﺮڪ ”ﺗﺎرﻳﺦ ﻣﻈﻬﺮ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎﻧﻲ“ ۾ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ”ﻫﻦ ﻣﻠﻚ )ﺳﻨﮅ( ﺟﻮن ﺣﺎﻟﺘﻮن وﭸﻲ ان ﺣﺪ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻴﻮن ،ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻛﻮ ﭘﮁﮡ وارو ﻛﻮﻧﻪ رﻫﻴﻮ ۽ ُاﻫﻲ ﻣﻈﻠﻮم ۽ ﺑﻲ واﻫﺎ ﺑﻨﺠﻲ وﻳﺎ“. ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻮ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ۱۷۰۷۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﺳﻨﮅ ان وﻗﺖ ﺳﺨﺖ اﻧﺘﺸﺎر واري دور ﻣﺎن ﮔﺬري رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .اﻫﺎ ﭨﻜﺮن ۾ ورﻫﺎﻳﻞ ﻫﺌﻲ .ﺑﮑﺮ ،ﺳﻴﻮﺳﺘﺎن ،ﺳﺒﻲ ۽ ﭠﭩﻲ ﺟﻮن اﻟﮗ اﻟﮗ ﻧﻈﺎﻣﺘﻮن ﻫﻴﻮن .ﻣﻴﺎن ﻧﺼﻴﺮ ﻛﻠﻬﻮڙي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻟﺸﻜﺮ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ اﻗﺘﺪار ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺮڻ ﻻ ان ﮐﻲ ڌارﻳﻦ ﮐﺎن آﺟﻮ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ۱۶۹۲ .۾ ﻫﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس وڏي ﭘﭧ ﻣﻴﺎن دﻳﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻪ ۸ﺳﺎل اﻗﺘﺪار ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮ .ﮐﻴﺲ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻲ ﭘﭧ ۽ ان وﻗﺖ ﻣﻠﺘﺎن ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺷﻬﺰادي ﻣﻌﺰدﻳﻦ ۱۷۰۰ع ۾ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﻛﺮي ﻣﻠﺘﺎن ۾ ﭰﺎﻫﻲ ڏﻳﺌﻲ ﮀﮇي .ان ﺑﻌﺪ ﻣﻴﺎن ﻧﺼﻴﺮ ﺟﻲ وﭼﺌﻴﻦ ﭘﭧ ﻣﻴﺎن ﻳﺎر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﻣﻐﻠﻦ ﻃﺮﻓﺎن اڌ ﮔﺎﺑﺮي ﺳﻨﮅ ﺟﻮ اﻗﺘﺪار ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ۱۷۰۷ .ع ۾ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻲ ﮔﺰاري وﭸﮡ ﺑﻌﺪ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ان ﺟﻲ اوﻻد ۾ ﺣﺎل ﻧﻪ ﻫﻮ ان ﻛﺮي ﻣﻴﺎن ﻳﺎرﻣﺤﻤﺪ ﻫﻚ ﺳﮕﻬﺎرو ﺣﺎﻛﻤﺮان ﭤﻲ اﭜﺮﻳﻮ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻴﺎت اﻳﺘﺮي ﺗﻪ ﺳﺴﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﺑﻘﻮل ﻛﻼاﺋﻴﻮ ﺟﻲ:
”“With the death of Aurangzeb, sovereignty had fallen to the ground, for any body to pick it up.
ﺳﻮ ﺳﻨﮅ ۾ ﻣﻴﺎن ﻳﺎرﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﻛﻠﻬﻮڙي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭘﺨﺘﻮ ﻛﺮي ورﺗﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻴﺎرﺑﻨﺪ ﻓﻘﻴﺮن ؛ ﺗﺎﺟﻲ ۽ ﺟﺎدي ﻣﻐﻞ ﻛﻤﺎﻧﮉر اﻣﻴﺮﺷﻴﺦ ﺟﻬﺎن ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ،ﺑﮑﺮ ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ اﻟﻬﻪ ﻳﺎر ﺧﺎن ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎن ﭜﭵﺎﺋﻲ ﻛﮃﻳﻮ .اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻣﻌﻴﺰ دﻳﻦ ﺟﻴﻜﻮ ﻻﻫﻮر ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ دﻳﻦ ﻣﺤﻤﺪ واﻧﮕﺮ ﻫﻦ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﺎﻛﻢ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﭘﺮ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺟﻮ اﺑﺘﮍ رخ ڏﺳﻲ ﻫﻦ ﻳﺎر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﺋﻲ ﭤﻲ رﻫﮡ ﻻ رﺿﺎﻣﻨﺪي ڏﻳﮑﺎري. ﻣﻴﺎن ﻳﺎر ﻣﺤﻤﺪ ﺳﺒﻲ ،ڍاڍر ،ﮔﻨﺠﺎﺑﺎ ،ﺑﮑﺮ ۽ ﺳﻴﻮﻫﮡ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ آﮢﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ وﺟﻮد ﮐﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮﮘﻨﮃﻳﻮ ،ﭘﺮ ﭠﭩﻲ ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ اﭸﺎ ﻣﻐﻞ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﺗﺴﻠﻂ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ .ﻣﻴﺎن ﻳﺎرﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ واﻓﺎت ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺳﻨﺪس وڏو ﭘﭧ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ۱۷۱۹ع ۾ ﺳﻮا ﭠﭩﻲ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺳﻨﮅ آزاد ﺣﺼﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻤﺮان ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﭠﭩﻮ ﺑﻪ ﻣﻐﻠﻦ ﮐﺎن آزاد ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ زﻧﺪه ﭤﻲ وﻳﻮ .ان ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻮ دور ﺧﺎص اﻫﻤﻴﺖ وارو ﻟﻴﮑﺠﮡ ﻟﮙﻮ ﭘﺮ ﺑﺪﻗﺴﻤﺘﻲ ﺳﺎن ﭤﻮري وﻗﺖ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﻫﻚ ﻧﺌﻴﻦ دﻫﺸﺘﻨﺎڪ ﻣﺼﻴﺒﺖ دﻫﻠﻲ ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ۽ رت ﺟﻲ وﻫﻜﺮي ۾ وﻫﺎﺋﻴﻨﺪي ،ﻃﻮﻓﺎن واﻧﮕﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ اﻓﻖ ﺗﻲ ﮀﺎﻧﺌﺠﻲ وﺋﻲ .اﻳﺮان ﮐﺎن ﻟﺸﻜﺮ ﺳﻤﻴﺖ ﻧﻜﺘﻞ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ۱۷۳۹۾ دﻫﻠﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ،ﭰﺮﻟﭧ ﺑﻌﺪ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺳﺮزﻣﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻢ ﻫﻴﭟ آﮢﻲ ﻣﺸﻬﺪ ڏي
رواﻧﮕﻲ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ .واٽ ﺗﻲ ﻛﺎﺑﻞ ﭘﻬﭽﻲ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ اﺗﻲ ﻣﻨﺰل ﻛﺌﻲ ،۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﻛﺎﺑﻞ ۾ ﭘﺎڻ وٽ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ ﮔﻬﺮاﻳﻮ .ﭘﺮ ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻧﻪ ﻛﺎﺑﻞ وﻳﻮ ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ ﮐﻴﺲ ﻛﻮ ﺟﻮاب ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ .ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﮍي ﺧﻮﻓﻨﺎڪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺎن ﭘﺮي ﺋﻲ رﻫﺠﻲ .ﻫﻦ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ دﻫﻠﻲ ﮐﻲ اﻳﮇو ﻟﭩﻲ ﻣﺎل دوﻟﺖ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﭘﻴﻮ وﭸﻲ ﺳﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻬﮍي ﻏﺮﻳﺐ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺳﺎن ﻛﻬﮍي دﻟﭽﺴﭙﻲ ۽ ﻛﻬﮍي ﻳﺎد ﭘﺎد ! ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻮ وري ﺧﺎص ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮي ﺳﭵﻲ ﻟﺸﻜﺮ ﺳﺎن ﻫﻠﻲ ﻣﻠﻲ اﭼﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي .ﭔﻦ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﮐﺎن اﻫﻮ ﺑﻪ وﺳﺮي وﻳﻨﺪو ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﻮ ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﺋﮡ ﻻ ﻧﻴﺎﭘﻮ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ﭘﺮ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻫﮍي رﻳﺖ ﻫﻚ ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻲ ﭘﺎڻ ﺑﭽﺎﺋﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﻛﻨﺪا ۽ ﻛﻨﭩﺮول ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﻨﺪا ﺳﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ اﮘﺘﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮡ ﺑﺪران ،ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﮐﻲ ﺳﺎڻ ﻛﺮي ﺳﻨﮅ ڏي ﻛﻮچ ﻛﻴﻮ.
ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﻛﺎﭘﺎري ڌڪ ﻫﻨﻴﻮ .ﻧﺎدر ڌاڙو ﻫﮣﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎن ﺳﭛ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻴﮍي ﭔﻬﺎري ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮐﮣﻲ وﻳﻮ .ﻧﺎدر ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ۽ ﮘﻮٺ وﻳﺮان ﭤﻲ وﻳﺎ .ﺑﻴﭡﻞ ﻓﺼﻞ ﭜﻴﻠﺠﻲ وﻳﺎ .ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﮔﻬﺮ ﭔﺎر اﺟﮍي وﻳﺎ. اﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ اﺟﻬﺎ ﮀﮇي درﺑﺪر ﺧﺎڪ ﺑﺴﺮ رﻟﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﺳﻨﺪن ﻣﻴﮍي ﭼﻮﻧﮉي ﺳﭛ ﻟﭩﺠﻲ وﺋﻲ .ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻋﺎم وﺳﻴﻠﻦ ﮐﻲ ﻛﺎﭘﺎري ڌڪ ﻟﮙﻮ ۽ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ ﺳﺮﺷﺘﻮ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ .اﻳﮇي ﺗﺒﺎﻫﻲ ۽ ﺑﺮﺑﺎدي ﺑﺎوﺟﻮد ﻣﻴﺎن ﻧﻮ ر ﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ ۽ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻣﺰاﺣﻤﺖ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ﺑﭽﺎﺋﻲ ﻋﻤﺮ ﻛﻮٽ ۾ وﭸﻲ ﭘﻨﺎﻫﻪ ورﺗﻲ .ﻋﻤﺮﻛﻮٽ ﺟﻲ آس ﭘﺎس ﭘﺮي ﭘﺮي ﺗﺎﺋﻴﻦ واري ﺟﻮن ﭜﭩﻮن ﻫﻴﻮن .ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﭤﺮ ﺟﻬﮍي رﻳﮕﺴﺘﺎن ۾ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ وڏي ﻓﻮج ﺳﺎن اﭼﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪو .ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ُاﻫﺎ ُﭜﻞ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻲ .ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻋﻤﺮﻛﻮٽ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ۽ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﻫﻦ اﮘﻴﺎن ﭘﻴﺶ ﭤﻴﮣﻮ ﭘﻴﻮ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺷﻜﺎرﭘﻮر ﺟﻮ ﺣﺼﻮ داﺋﻮد ﭘﻮﭨﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ .ﺳﺒﻲ ،ڍاڍو ﺟﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺑﺮوﻫﻴﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ ،ﺑﺎﻗﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ان ﺷﺮط ﺳﺎن ﺑﺨﺸﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺮ ﺳﺎل وﻳﻬﻪ ﻟﮏ رﭘﻴﺎ ڏن ﻃﻮر اﻳﺮان ﮐﻲ ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪو رﻫﻨﺪو .ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﻫﻚ رﭘﻴﻮ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۱۶آﻧﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺮ آﻧﻲ ۾ ۴ﭘﺌﺴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺮﭘﺌﺴﻲ ۾ ﭔﺎرﻫﻦ ﭘﺎﻳﻮن ۽ ﻫﺮ ﭘﺎﺋﻲ ۾ ﭘﻨﺞ ﻛﻴﺴﺮا ﻫﺌﺎ ۽ ﻛﺴﻴﺮي ﺟﻲ ﺑﻪ ﺷﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﭘﻬﺎﻛﻮ ﻋﺎم ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻴﺴﺮي ﺟﻲ ﻛﺘﻲ ﭨﻜﻲ ﺟﺎ ﮐﺎﺋﻲ ﻧﺎن) .ﭨﻜﻲ ۾ ﭔﻪ ﭘﺌﺴﺎ ﻫﺌﺎ( .ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ان ﺣﻤﻠﻲ ﮐﺎن ﭘﻮرا ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﭘﻮ ۱۹۳۹ ۾ ﺑﻪ ﻫﻚ رﭘﺌﻲ ﺟﻲ اﻳﮇي Valueﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﺗﻮﻟﻮ ﭼﺎﻧﺪي ﺟﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﭤﻲ ۽ ۵۵رﭘﻴﻦ ۾ ﺳﻮن ﺟﻮ ﺗﻮﻟﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﭤﻲ.
ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﺗﺮ ۾ ﺧﻮف ۽ ﺧﻄﺮي ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﺑﮣﻴﻞ ﻫﻮ .ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﺎ ﻛﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﻲ ﺗﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ رﺳﻢ رواج ﻣﻮﺟﺐ ﺳﭵﻲ ﭴﭷ اﮘﻴﺎن ﮔﻬﻮٽ ﻛﻨﻮار ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺘﻦ ﭘﻴﮍﻫﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﺠﺮو ﭔﮅاﺋﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪن وڏن ﺟﻲ وڏ ﻣﺎﮢﻬﭙﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺎري ﺟﻮ ﭘﭧ آﻫﻲ ۽ ﺳﭛ اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺧﻮش ﭘﺌﻲ ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ وڏن ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﮐﮣﻨﺪي وڏو ذﻟﻴﻞ ﭤﻴﻨﺪو ﺟﻮ اﻫﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻦ .ﭘﺮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ وڏي واڪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻧﺎﺻﺮ اﺑﻦ ﻧﺎدر اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ ﺷﻤﻴﺸﻴﺮ ،اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ۽ اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ!“ )ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎﺻﺮ ﭘﭧ ﻧﺎدرﭘﭧ ﺗﻠﻮار ﭘﭧ ﺗﻠﻮار (......ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻬﮍا وﻳﭡﺎ ﺷﺠﺮا ﭘﮁﻮ .ڏاڍي ﺟﻲ ﻟﭟ ﮐﻲ ﭔﻪ ﻣﭥﺎ .ﻳﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﭟ ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﻨﻬﻦ ! ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﻮ – اﭨﻜﻞ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ورﻫﻦ ﺑﻌﺪ ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﺋﻮ ﺑﻪ اﻫﺎﺋﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ واري ﮘﺎﻟﻬﻪ ورﺟﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ؛
”“Power issues from the barrel of a gun.
ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ اﭼﮡ ﺟﻲ ڊپ ۾ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻋﻤﺮﻛﻮٽ ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ۾ وﭸﻲ ﻟﻜﺎﻳﻮ .ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﺗﻲ ﻛﮍﻛﻴﺲ ۽ ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ؛ ” ﺗﻮن ﭜﭵﻲ ﮀﻮ وﺋﻴﻦ ؟ “
ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﺎﻛﻢ ﻳﻜﺪم وراﮢﻴﺲ ” اﺳﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﺎ وﻓﺎدار ﻧﻮﻛﺮ ﭤﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮن .اﺳﺎن اﺋﻴﻦ ﺟﻬﭧ ﭘﭧ وﻓﺎدارﻳﻮن ﺑﺪﻻﺋﻴﻨﺪا ﻧﻪ آﻫﻴﻮن“
ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺟﻮاب ڏاڍو وﮢﻴﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ان ﺟﻮاب ﻛﺮي ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ
ﮐﺴﮡ ﺑﺪران ان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻲ ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﺑﮣﺎﻳﺎﺋﻴﻦ .ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﺎﻛﻢ ﮐﺎن اﻫﻮ ﺑﻪ ﭘﮁﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻫﻴﺮا آﻫﻦ .ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ان ﺑﺎﺑﺖ ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ۽ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻫﻚ ﮘﻮڻ ﻛﮣﻚ ﺟﻲ وٽ ﭔﻪ ٰ اﭨﻲ ﺟﻲ ۽ ﭼﻮﻧﺌﺮي ﮔﻴﻬﻪ ﺟﻲ ﭘﻴﺶ ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ؛ ” ﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﻫﻴﺮا آﻫﻦ .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ وٽ ﻫﻲ آﻫﻦ ،ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭔﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻲ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﺟﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ وٽ ﻫﻲ ﻧﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﺎﺑﻪ ﺷﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻮراﺋﻮ ﻧﭥﻲ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ“.
اﻫﻮ ﭔﮅي ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ڏاڍو ﺧﻮش ﭤﻴﻮ .اﺗﺎن ﭘﻮ ﻫﻮ ﭠﭩﻲ رواﻧﻮ ﭤﻴﻮ .ﭠﭩﻲ ۾ ﺳﻮرﻫﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺳﻨﺪس ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺧﺬﻣﺖ ﭼﺎﻛﺮي ﭤﻴﻨﺪي رﻫﻲ .واﭘﺴﻲ ﺗﻲ وﭸﮡ وﻗﺖ ﻫﻦ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ ﺟﻲ ﭨﺠﻮڙي ﺧﺎﻟﻲ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﭔﻴﻮ ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺖ ﭘﮡ -وﻳﻨﺪي ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮي ﺟﺎ ﻧﺎﻳﺎب ﻛﺘﺎب ۽ ﻫﭣ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﺴﺨﺎ ،ﭘﺎڻ ﺳﺎن اﻳﺮان ﮐﮣﺎﺋﻲ وﻳﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻦ ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺟﺎ ﭨﻲ ﭘﭧ ۽ ﭔﺎرﻫﻦ ﻫﺰار ﺳﻨﮅي ﺳﭙﺎﻫﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻳﺮﻏﻤﺎل ﻃﻮر ﮐﻨﻴﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﭡﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﺳﻨﺪس ﺣﻜﻢ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ۽ وﻗﺖ ﺗﻲ ﺳﺎﻟﻴﺎﻧﻮ ڏن رواﻧﻮ ﻛﻨﺪو رﻫﻲ. اﻳﺘﺮي ﭰﺮﻟﭧ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺳﻨﮅ ﮀﮇي ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﮏ ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ ﮐﻨﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺘﺎن ﭨﺮي وﻳﻮ .ﻛﻴﺘﺮن اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻴﮇي ﭰﺮ ﭤﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻴﮇو ﻛﻮس ﭤﻴﻮ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻳﺮﻏﻤﺎل ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﭘﻮ ان ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ اﻫﻮ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺟﻮ ﺳﭛ ﮔﮇﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﻦ ﻫﺎ .ﺷﺎﻳﺪ اﻧﻬﻲ ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﻫﻲ ﺑﻴﺖ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ: ﺳﻮﻳﻦ
ﻛﺎﻧﻬﻲ
ﻣﺘﺎن
ﻛﺎ
آﻳﺎ
ﺳﻮﭼﻴﻮ
ﺗﺎرﻳﺦ
ﺳﻨﮅ
ﺳﺎﻫﻪ،
۾،
۾،
ﻣﺘﺎن
وﻳﮍﻫﻪ
ﻧﻮان
ﻣﻮﭨﻮ
ﺳﻮ
ﭔﻲ
ﻣﺎڳ
ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ، واﻫﻪ، ﺗﺎن.
ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﺪان ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮ ﻛﻴﻮل رام ﻣﻠﻜﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻛﺘﺎب The Story of Sindhاﻧﮉﻳﺎ ﻣﺎن وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﮀﭙﻴﻮ آﻫﻲ .ان ۾ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ واﻗﻌﻮ ﭘﮍﻫﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻮ دﻫﻠﻲ آﮔﺮي ﻣﺎن ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺮي ﺟﮇﻫﻦ ﻧﻜﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﭥﺮا ﺟﺎ ﺑﺮﻫﻤﮡ ﻗﻴﺪي ﺑﻨﺎﺋﻲ ،ان ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻳﺮان وﭠﻲ ﭘﺌﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻏﻼم ﻛﺮي وﻛﮣﻨﺪو. ﺷﻜﺎرﭘﻮر ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﭔﺎﺋﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻧﻴﻚ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﺋﻲ .ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﮍس ﺳﻴﭟ ﻛﻴﻮﻟﺮام ﭜﻮﭴﻮاﮢﻲ ﮐﻲ ﻣﻨﭣ ﻣﻴﮍ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻃﺮح اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻻ ﭜﻨﮓ ﺟﻲ رﻗﻢ ڏﺋﻲ ﺑﺮﻫﻤﮣﻦ ﮐﻲ آزاد ﻛﻴﻮ وﭸﻲ .ﻛﻴﻮﻟﺮام ﺟﻮن ﻧﺎدر واري روٽ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ۾ واﭘﺎر ﺟﻮن ﻛﻮﭠﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﻴﺎ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ڊﻣﺎﻧﮉ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﭘﺌﺴﺎ ڏﻳﺌﻲ ﺑﺪﻧﺼﻴﺐ ﺑﺮﻫﻤﮡ آزاد ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ۽ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ آزاد ﻛﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﭘﺮ ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﺧﺮچ ﺑﻪ ڏﻧﻮ وﻳﻮ) .ﻫﻲ ﻛﺘﺎب ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮر ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ا� ﺑﺨﺶ ﺳﻮﻣﺮو ۽ ﭜﮙﺖ ﻛﻨﻮررام ﮐﻲ ﻣﻨﺴﻮب ﭤﻴﻞ آﻫﻲ(. ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﭤﻜﺎﺋﻲ رﮐﻴﻮ ۽ ﮐﻴﺲ اﻫﮍي ذﻫﻨﻲ ﺑﻴﻤﺎري ﭤﻲ ﭘﺌﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ وﻳﻮ ﭼﮍﭼﮍو ۽ ﺷﻜﻲ ﭤﻴﻨﺪو .ان ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭘﺮاون ﺟﺎ ﻗﺘﻞ ﻛﻨﺪو .ﺧﻮد ﺳﻨﺪس ﻣﺎﺋﭧ ﺋﻲ ﻫﻦ ﻣﺎن ﺑﻴﺰار ﭤﻲ ﭘﻴﺎ .آﺧﺮ ﮐﻴﺲ ﮔﻬﺎﭨﻲ ﻧﻨﮉ ۾ ﻣﺎرڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ ﭘﺮ ان ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺑﻪ ﻣﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﭔﻪ ﭴﮣﺎ ﻣﺎري رﮐﻴﺎﺋﻴﻦ.
ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎه ﻏﺮﻳﺐ ﺟﻮ ﭔﺎر ﭤﻲ ﻛﺮي ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن وڏو ذﻫﻴﻦ ۽ ﭼﺎﻻڪ ﻫﻮ .ﻫﻮ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻮ ﻗﺎﺑﻞ ﻣﻠﭩﺮي ﻟﻴﮉر ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﭔﻴﻮ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ۽ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﻮ ﻧﻴﭙﻮﻟﻴﻦ ﻣﭹﻲ ﭤﻲ .ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﮔﻤﻨﺎﻣﻴﻦ ۽ ﻣﺎﻳﻮﺳﻴﻦ ﺟﻲ اوﻧﻬﻲ ﮐﮇ ۾ ﭰﺎﭤﻞ ﻫﻮ .ان ﮐﻲ ﻧﺎدر ﺋﻲ اﭼﻲ ﺑﻠﻨﺪﻳﻦ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ ۽ ﭘﺮاﮢﻮ اوج ڏﻳﺎرﻳﻮ .ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻓﺨﺮ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ .ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ اﺋﻴﻦ ﺳﭙﺮ ﭘﺎور ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ﺟﻴﺌﻦ اڄ اﻣﺮﻳﻜﺎ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﻧﺎدر ﺟﻲ اﻫﺎ ﺑﺪﻗﺴﻤﺘﻲ ﭼﺌﺒﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺨﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ذﻫﻨﻲ ﻣﺮﻳﺾ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ .ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ ﺟﻲ ؛
“Nadir Shah’s triumphs were at the expense of incalculable suffering and his egocentric behaviour suggests a narcissistic personality disorder and his last years he seems to have developed some paranoid tendencies.
ﻧﺎدر ﭼﺎر ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻴﻮن ۽ ﭘﻨﺞ ﭘﭧ ۽ ﭘﻨﮅرﻫﻦ ﭘﻮﭨﺎ ﭤﻴﺲ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻗﺘﻞ ﺟﻮ
ﺣﻜﻢ ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ.
ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم رﺳﻮل ﻣﻬﺮ ﺟﻲ ﻟﮑﮡ ﻣﻮﺟﺐ ” ﻧﺎدر ﺟﻲ ﻣﻮت ﺑﻌﺪ ﻧﺎدر ﺟﻲ ﻣﺼﻴﺒﺘﻦ ﮐﺎن ﻧﺠﺎت ﻣﻠﻲ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻻ ﻳﻘﻴﻨﺎ ﻫﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺧﻮﺷﮕﻮار واﻗﻌﻮ ﭔﻴﻮ ﻛﻮﺑﻪ ﭤﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ،ﭘﺮ اﻣﻦ ۽ راﺣﺖ ﺟﺎ ﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻲ ﭤﻮرا ﻫﺌﺎ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺳﻨﺪس ﺳﭙﻬﻪ ﺳﺎﻻر اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ دراﻧﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۽ ﻧﺎدري ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ اوﭜﺮ وارن ﭜﺎﮜﻦ ﺟﻮ دﻋﻮﻳﺪار ﺑﻨﺠﻲ وﻳﻮ ،ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﮘﭽﻲ ۾ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻧﻮڙ ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻮ“. ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﻫﺎڻ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﮐﻲ ڏن ڏﺋﻲ .ﻫﻦ ﮔﻬﮣﻮ ﺋﻲ ﻟﻨﻮاﻳﻮ ۽ ﻧﭩﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ آزادي ۽ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎري ﻗﺎﺋﻢ رﻫﻲ ﻧﻴﭟ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻓﻐﺎن ﻃﺎﻗﺖ اﮘﻴﺎن ﺟﻬﻜﮣﻮ ﭘﻴﻮ ۱۷۵۴ .ڌاري )ﻫﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺎل ﭘﻮ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ( ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ،ﺳﻨﮅ ﺗﻲ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﻫﻪ ﺟﻮن ﺧﺒﺮون ﭔﮅي ،وري ﭔﻴﻮ ﭜﻴﺮو ڊپ وﭼﺎن ﺟﻴﺴﻠﻤﻴﺮ ﭜﭵﻲ وﻳﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ﻫﻮ ان ﺋﻲ ﺳﺎل ﮔﺬاري وﻳﻮ.
ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﺗﻲ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﭘﻴﻮ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺗﺮﻳﻦ ،ﻗﻴﻤﺘﻲ ۽ وڏي ۾ وڏو ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﮐﺎن ۴۰۰۰ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﮐﺎﮢﻴﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ،راﺟﺎﺋﻦ ۽ ﺣﺎﻛﻤﻦ وﭨﺎن ﭰﺮﻧﺪو اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ راﮢﻲ اﻳﻠﺰﺑﻴﭣ ﺟﻲ ﺗﺎج ۾ ﻟﮙﻞ آﻫﻲ .اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ وارن ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﮐﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﺷﻜﻞ ۽ ﭼﻤﻜﻨﺪڙ ﺑﻨﺎﺋﮡ ﻻ ﺗﺮاﺷﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺻﻮرت ۾ ۱۰۵ﻛﺌﺮٽ ۽ ۲۱ﮔﺮام وزن ﺟﻮ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ان ﺟﻮ اﺻﻞ وزن ۳۷ﮔﺮام ﻫﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺑﻨﺎ ﺷﻚ ﺟﻲ ﻛﻮﻫﻨﻮر ﻫﻴﺮو دﻧﻴﺎ ﺟﻮ وڏي ۾ وڏو ﻫﻴﺮو ﻟﻴﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭔﻴﻦ ﻫﻴﺮن واﻧﮕﺮ ﻫﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن واﺑﺴﺘﻪ آﻫﻦ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﻣﺮدن ﻻ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻧﭝﺎڳ ۽ ﻣﻮت آﻧﺪو آﻫﻲ ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺒﻲ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﻴﻮ آﻫﻲ. ﻫﻲ ﻫﻴﺮو اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﺪو ۽ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﻛﻤﻦ وﭨﺎن ﭤﻴﻨﺪو ۱۵۲۶۾ ﻣﻐﻞ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺑﺎﺑﺮ وٽ ﭘﻬﺘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﻟﻮڌي ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻳﺌﻲ دﻫﻠﻲ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﻴﻮ .ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﺖ ۾ اﺣﻮال ﺑﻪ ﺑﺎﺑﺮ ﺟﻲ ﻳﺎدﮔﻴﺮﻳﻦ واري ﻛﺘﺎب ﺑﺎﺑﺮ ﻧﺎﻣﻲ ﻣﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ .ﺑﺎﺑﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ۾ ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﻻ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻳﮇو ﺗﻪ ﻗﻴﻤﺘﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﻣﻠﻴﻞ رﻗﻢ ﻣﺎن ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎراﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ. ﺑﺎﺑﺮ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﻫﻤﺎﻳﻮن وٽ ﭘﻬﺘﻮ .اﻛﺒﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ وٽ ﻧﻪ رﮐﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ اﻛﺒﺮ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎج ﻣﺤﻞ ﭠﻬﺮاﻳﻮ ،ﺧﺰاﻧﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﭨﺠﻮڙي ﻣﺎن ﻛﮃي ﭘﺎڻ وٽ رﮐﻴﻮ .ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ۾ ﻟﮙﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭨﻦ ﭜﺎﺋﺮن ﮐﻲ ﻣﺎري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﮐﻲ آﮔﺮي ﭜﺮﺳﺎن ﻗﻴﺪ ﻛﺮي ﭘﺎڻ وٽ رﮐﻴﻮ ﻫﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﺟﻲ ﻗﻴﺪ واري ﻛﻤﺮي ۾ دري وٽ اﻫﮍي ﻫﻨﮅ ﺗﻲ رﮐﺮاﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﻫﻴﺮي ﻣﺎن ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﮐﻲ ﺗﺎج ﻣﺤﻞ ﺟﻮ ﻋﻜﺲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ .اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺗﻲ ﺋﻲ رﻫﻴﻮ .ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﺟﻮ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ )ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻮه ﻧﻮر( ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺋﻲ رﮐﻴﻮ ۽ ﻫﺎڻ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ”ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ۱۹۳۹ .ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ دﻫﻠﻲ ۽ آﮔﺮي ۾ ﺧﻮﻧﺮﻳﺰي ۽ ﭰﺮ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﺑﻪ اﻳﺮن ﮐﮣﻲ وﻳﻮ .ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ وات ﻣﺎن ”ﻛﻮه ﻧﻮر“ ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ﻳﻌﻨﻲ روﺷﻨﻲ ﺟﻮ ﺟﺒﻞ! ۱۹۳۹ﮐﺎن اڳ ﻫﻦ ﭘﭥﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ.
ﻫﻦ ﭘﭥﺮ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﻻ ﻫﻚ ﭔﻲ رواﻳﺖ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ زاﻟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ”ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﭘﻬﻠﻮان ﻣﮍس ﭘﻨﺞ ﭘﭥﺮ ﮐﮣﻲ ﻫﻚ اﺗﺮ ڏي ،ﻫﻚ ڏﮐﮡ ڏي ،ﻫﻚ اوﻟﻬﻪ ڏي ۽ ﻫﻚ اوﭜﺮ ڏي اﮀﻠﻲ ۽ ﭘﻨﺠﻮن ﭘﭥﺮ ﻣﭥﻲ اڀ ڏي اﮀﻠﻲ ۽ ﭘﻮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ واري ﺧﺎﻟﻲ ﺟﺎ ﺳﻮن ۽ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﭘﭥﺮن ﺳﺎن ﭜﺮي وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻛﻮﻫﻨﻮر ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﻨﺪي“.
ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﻛﻮﻫﻨﻮر ﺟﻲ ﺟﺎ ﻟﻜﻞ رﮐﻲ وﺋﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭜﺎﺗﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ اﻃﻼع ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﮗ ۾ ﻟﻜﻞ آﻫﻲ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻫﻚ وڏڌي دﻋﻮت ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ دﻫﻠﻲ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ واﭘﺲ ﻛﺮي ﭤﻮ .دﻋﻮت دوران ﻫﻦ اوﭼﺘﻮ اﻫﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻦ ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻲ ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﮗ ﻣﭧ ﻳﺎر ﺑﻨﺎﺋﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮗ ﻻﻫﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺌﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮗ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ڏﻳﮡ ﮐﺎن اﻧﻜﺎر ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ .دﻋﻮت ﺑﻌﺪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﺮي ۾ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﮗ ﺟﺎ ور ﮐﻮﻟﻲ ﻟﻜﻞ ﻫﻴﺮو ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃﻳﻮ .ﻫﻴﺮي ﺟﻲ ﭼﻤﻚ ،ﺗﺠﻠﻮ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ڏﺳﻲ ان وﻗﺖ ﻫﻦ وات ﻣﺎن ﺑﻲ اﺧﺘﻴﺎر ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ”ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر !“. ﺳﻦ ۱۷۴۷۾ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻲ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ﺟﻲ ﻫﭣ آﻳﻮ ۱۸۳۰ .۾ ﺗﺨﺖ ﺗﺎن ﻻﺗﻞ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺷﺠﺎع ﻛﻨﻬﻦ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﮐﮣﻲ ﻛﺎﺑﻞ ﮐﺎن ﻻﻫﻮر ﭘﻬﺘﻮ ۽ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﻬﺎراﺟﺎ رﻧﺠﻴﺖ ﺳﻨﮕﻬﻪ ﮐﻲ اﻫﻮ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺴﭧ اﻧﮉﻳﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﮐﻲ راﻏﺐ ﻛﺮي ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﺸﻜﺮ ذرﻳﻌﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺷﺠﺎع ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﭰﺮﻳﻞ ﺗﺨﺖ واﭘﺲ ﻛﺮاﺋﻲ ڏﺋﻲ.
راﺟﺎ وﺻﻴﻌﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻣﺮڻ ﮐﺎﻧﭙﻮ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو اوڙﻳﺴﺎ ﺟﻲ ﺟﮕﻦ ﻧﺎٿ ﻣﻨﺪر ﮐﻲ ڏﻧﻮ وﭸﻲ .ﭘﺮ ﺳﻨﺪس وﺻﻴﻌﺖ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ۱۸۴۹ .۾ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻮ ﭘﻨﺠﺎب ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﭤﻴﻮ ۽ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺗﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻮ ﺟﻬﻨﮉو ﭼﺎڙﻫﻴﻮ وﻳﻮ. اﻧﮕﺮﻳﺰن Treaty of Lahoreﻫﻴﭟ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﺮط ﺷﺮوط رﮐﻴﺎ ان ۾ اﻫﻮ ﺑﻪ واﺿﻊ ﻃﻮر ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ راﮢﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ....
“The gem Called Koh-i-Noor which was taken from Shah Shuja-ul-Mulk by Maharaja Ranjit Singh shall be surrendered ”by the Maharaja of Lahore to the Queen of England.
ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮي ﮐﻲ وڏي ﺣﻔﺎﻇﺖ ﺳﺎن ﭘﺎﮢﻲ واري ﺟﻬﺎز H.M.S Medeaذرﻳﻌﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ وﻳﻮ .ﺳﻜﻴﻮرﭨﻲ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﻫﻴﺮي ﺟﻲ وﭸﮡ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ اﺧﺒﺎر وارن ﮐﺎن ﮘﺠﻬﻲ رﮐﻲ وﺋﻲ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ اﻧﭽﺎرج ۽ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭔﮅاﻳﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻴﺘﻲ ۾ ﮀﺎ وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻴﺮو ﮐﮣﻲ وﻳﻨﺪڙ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ اﻫﻮ ﺳﻔﺮ ﺧﻄﺮي وارو ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻮ .ﺟﻬﺎز ﻣﺎرﻳﺸﺲ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﻛﺎﻟﺮا ﺟﻲ وﺑﺎ ﭘﮑﮍي وﺋﻲ. ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ وارن ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﮐﻲ ﺳﺎﻫﻪ ﭘﭩﮡ ۽ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻻ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺮي ﮀﮇي ۽ ﺟﻠﻮس ﻛﮃﻳﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ڏي وڌي ﺗﻪ ان ﻣﭥﺎن ﮔﻮﻟﻴﻮن ﻫﻼﻳﻮن وﭸﻦ .ﻣﺎرﻳﺸﺶ ﮀﮇڻ ﺑﻌﺪ ﺟﻬﺎز ﺳﺨﺖ ﻃﻮﻓﺎن ۾ ﭰﺎﺳﻲ ﭘﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ۶اﭘﺮﻳﻞ ۱۸۵۰ع ﺗﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﮐﺎن ﻧﻜﺘﻞ ﻫﻲ ﺟﻬﺎز ۸۶ﮐﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺑﻌﺪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﭘﻬﺘﻮ .ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻨﺮل ﻻرڊ ڊاﻟﻬﻮﺳﻲ ﻫﻴﺮي ﺑﻌﺪ راﺟﺎ رﻧﺠﻴﺖ ﺳﻨﮕﻬﻪ ﺟﻲ ﭘﭧ ۽ ﺗﺨﺖ ﻧﺸﻴﻦ دﻟﻴﭗ ﺳﻨﮕﻬﻪ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻟﻨﮉن ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ۱۸۵۱ع ۾ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو ﻣﻬﺎراﮢﻲ وﻛﭩﻮرﻳﺎ ﮐﻲ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ .ان ﺋﻲ ﺳﺎل ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ﻋﻮام ﮐﻲ ان ﻫﻴﺮي ﺟﻲ دﻳﺪار ﻻ ﻫﺎﺋﻴﮉ ﭘﺎرڪ ۾ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ.
ان وﻗﺖ ۱۸۵۱ ،ﮐﺎن وﭠﻲ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ وارن ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ آﻫﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ان ﻫﻴﺮي ﻻ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻠﻚ Claimﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ آﻫﻲ ۽ ﮐﻴﻦ ڏﻧﻮ وﭸﻲ۱۹۷۶ .ع ۾ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ﭜﭩﻮ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﺎ ﺟﻲ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ِﺟﻢ ﻛﺎﻻﮔﻬﺎن ﮐﻲ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﻲ ﻣﻮﭨﺎﺋﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﭘﺮ ﻫﻦ اﻧﻜﺎر ﺋﻲ ﻛﻴﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﻻ اﻧﮉﻳﺎ ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ اﻳﺮان ﺑﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ وارن ﮐﺎن ُﮔﻬﺮ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭔﮅڻ ۾ اﭼﻲ ﭘﻴﻮ ﺗﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ راﮢﻲ ﺻﺎﺣﺒﻪ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو )ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر( ﭨﺎور آف ﻟﻨﮉن ۾ رﮐﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ.
اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ ۽ اﻣﺎﻣﺖ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ”ﺧﺮاﺳﺎن“ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻃﻮس وڏا ﺷﻬﺮ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ اﭴﻜﻠﻬﻪ ”ﻣﺸﻬﺪ“ وڏي ۾ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﭘﺮ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ،ﺗﻬﺮان ﺑﻌﺪ ،ﻣﺸﻬﺪ وڏي ۾ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮن ﺑﺎزارون ﺳﺎﻣﺎن ۽ ﺧﺮﻳﺪارن ﺳﺎن ﭨﭓ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﺎ ”ﭘﺎرڪ“ ﺳﺮﺳﺒﺰ ﮀﭕﺮن ۽ ﮔﻠﻦ ﭔﻮﭨﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ رﻫﻦ ﭤﺎ .ﻣﺸﻬﺪ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ۽ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﺎﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮﭠﮍو ﻫﻮ ان ﮐﻲ اڄ وارو ﻫﻲ ﺷﺎن ،ﻣﺎن ،ﻣﺮﺗﺒﻮ ،ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﺳﻮﭜﻴﺎ ﻓﻘﻂ ۽ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﻛﺮي آﻫﻲ .ﺟﺘﻲ ﻫﺮﺳﺎل اﻳﺮان ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻟﮑﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﻼﻣﻲ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻦ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .ﭘﺎڻ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ اﭠﻮن اﻣﺎم ،ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ٰ ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن آﻫﻦ .ﺳﻨﺪن ﺷﻬﺎدت ﻛﺮي ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﻋﺎم ﻃﺮح اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻳﺎ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻳﺎد ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ اﺳﻼم ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ۱۱ذواﻟﻘﻌﺪ ۱۴۸ﻫﺠﺮي )ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ (۷۶۵۾ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ اﻣﺎم ٰ )ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم( ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻨﻢ ورﺗﻮ .ﺳﻨﺪن واﻟﺪ ﺟﻲ ۷۹۹۾ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﭘﺎڻ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﺎ ﻓﺮض ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﻧﺎﺋﻮن .ﭘﺎڻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﭘﻮرو ﻫﻚ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﭘﻮ ﭴﺎوا ﻫﺌﺎ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ۽ ڏاڏي واﻧﮕﺮ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺑﻪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ وٽ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪن واﻟﺪه ام اﻟﺒﻨﻴﻦ ﻧﺠﻤﺎ ان زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻞ ۽ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﭴﺎﮢﻮ ﺧﺎﺗﻮن ﻫﺌﻲ .ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎن ﺋﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﮡ ﻛﺮي ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ دﻳﻨﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ،ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل (۷۴۵ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﺎ ﺣﻞ ،ﺷﺮﻳﻌﺘﻦ ﺟﺎ اﺻﻮل ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺳﮑﻲ ﭜﮍ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﺳﻨﺪن واﻟﺪ اﻣﺎم ٰ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﮫ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﺎن ﭘﻮ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ﭘﮗ ﺟﻮ ﺣﻘﺪار ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻲ ﭘﭧ ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﭤﻴﻨﺪو.
ﻫﺘﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﺎن واﺑﺴﺘﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﻫﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﺟﻦ ﺟﻲ ان ڏس ۾ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﮔﻬﭧ آﻫﻲ اﻫﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ .اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ اﻫﺎ ﭴﺎڻ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻧﻘﻄﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﻫﻢ ﮀﻮ آﻫﻲ؟ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻛﻬﮍي ﺷﻬﻴﺪ اﻣﺎم ﺟﻮ روﺿﻮ آﻫﻲ؟ ﻳﺎ وﻳﻨﺪي اﻣﺎم ﻣﺎن ﻣﻄﻠﺐ ﮀﺎ اﺟﺘﺒﻲ ﺣﺴﻴﻦ زﻳﺪي ﺟﻬﮍن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﭼﻨﭧ ﻧﻴﻮي آﻫﻲ .ﭘﻮ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ ﺣﺴﻴﻦ زﻳﺪي ۽ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ٰ ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان اﭼﮡ وﭸﮡ ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل اﻳﺮان وارن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ ﮐﻴﻦ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ .اﻧﻬﻦ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﻳﻮن .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻴﺎن ان ﺑﺎﺑﺖ ﻫﺘﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻃﻮر ﻟﮑﺎن ﭤﻮ.
ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻲ ۶۳۲۾ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ )ﺧﻠﻴﻔﻮ( ﺣﻀﺮت اﺑﻮﺑﻜﺮ ﺻﺪﻳﻖ ۶۳۲ ﮐﺎن ۶۳۴ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮ .ﭘﺎڻ ۵۷۳۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﮐﺎن ﭨﻲ ﺳﺎل ﻧﻨﮃو ﻫﻮ ۶۱۰ .۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺗﻲ وﺣﻲ ﻧﺎزل ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﻛﺮﻳﻢ ﺟﻦ اﺳﻼم ﺟﻲ ﺗﺒﻴﻠﻎ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺣﻀﺮت اﺑﻮ ﺑﻜﺮ ﺷﺮوع ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻮ. ﺣﻀﺮت اﺑﻮﺑﻜﺮ ﺻﺪﻳﻖ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﻓﺎروق اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮﺣﺎﻛﻢ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ .ﭘﺎڻ ۵۸۱ع ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ ۽ ۶۳۴ﮐﺎن ۶۴۴ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ رﻫﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ ﻣﺴﺠﺪ اﻟﻨﺒﻮي ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺑﻌﺪ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﭠﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﺜﻤﺎن ۶۴۴ﮐﺎن ۶۵۶ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ رﻫﻴﻮ .ﺳﻨﺪن ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۵۸۰آﻫﻲ.
ﺣﻀﺮت ﻋﺜﻤﺎن ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ اﺳﻼم ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺳﻦ ۶۵۶ع ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺑﻲ ﻃﺎﻟﺐ ﭤﻴﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ
ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺳﻮٽ ،ﻧﺎﭠﻲ ۽ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۶۰۰۾ ﻣﻜﻲ ۾ ﭴﺎوا ۽ ﭔﺎرن ۾ ﭘﻬﺮﻳﺎن ﻫﺌﺎ ﺟﻦ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ.
ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ،ﺧﻠﻔﺎ راﺷﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ۽ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﻋﺰت ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻣﺎم ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﭘﮡ ﮐﻴﻦ ﻋﺰت ﺑﺨﺸﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ Descendant۽ ﺻﺤﻴﺢ ﺣﻘﺪار ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ .ﻫﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﺋﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ،ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻟﻴﮉر ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻚ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﺷﻴﻌﺎ ۽ ﺳﻨﻲ اﺧﺘﻼف اﺗﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ۶۵۶ﮐﺎن ۶۶۱ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﻛﻮﻓﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﻇﺎﻟﻢ ﻫﻦ ﺗﻲ زﻫﺮﻳﻠﻲ ﺧﻨﺠﺮ ﺳﺎن وار ﻛﺮي ﺷﻬﻴﺪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﭘﺎڻ ﻧﺠﻒ )ﻋﺮاق( ﺟﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭴﺎڻ ،اﻳﻤﺎﻧﺪاري ،اﺳﻼم ﺟﻲ ﺧﺬﻣﺖ ﻛﺮڻ ،ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻮ وﻓﺎدار ﺳﺎﭤﻲ ﭤﻲ رﻫﮡ ،ﺳﺨﺎوت ،ﻫﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮ ﺳﻤﺠﻬﮡ ،دﺷﻤﻨﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﺳﭡﻮ ﭤﻲ ﭘﻴﺶ اﭼﮡ، ﺗﻔﺴﻴﺮ ،ﻓﻘﻬﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺳﻮچ ﻛﺮي ﺗﻤﺎم وڏي ﻋﺰت ﺳﺎن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ واﻋﻈﻦ ،ﻟﻴﻜﭽﺮن ۽ ﻧﺼﻴﺤﺘﻦ ) (Quotationsﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب آﻫﻦ .ﺟﻦ ﻣﺎن ﻧﻬﺞ اﻟﺒﻼﻏﮫ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻛﺘﺎب اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﻣﺮﺗﻀﻲ، ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ؛ اﺑﻮ اﻟﺤﺴﻦ ،اﺑﻮ ﺗﺮاب، ٰ اﺳﺪا� ،ﺣﻴﺪر ۽ ﺗﺮﻛﻲ زﺑﺎن ۾ ﮐﻴﻦ ) Birinci Aliﭘﻬﺮﻳﻮن ﻋﻠﻲ( ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻴﺎري ﮔﻬﺮ واري ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ڌي ﻓﺎﻃﻤﮧ زﻫﺮا ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﮐﻴﺲ ﭼﺎر ﭔﺎر ﭤﻴﺎ؛ ﺣﺴﻦ ،ﺣﺴﻴﻦ ،زﻳﻨﺐ ۽ ام ﻛﻠﺜﻮم .ﭔﻴﻦ زاﻟﻦ ﻣﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﭘﭧ اﻟﻌﺒﺎس ۽ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ اﻟﺤﻨﻴﻔﺎ آﻫﻦ. ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﮧ زﻫﺮا ﺟﻮ اوﻻد ﺟﻴﻜﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ Descendentﭤﻴﻮ ﺷﺮﻳﻒ ﻳﺎ ﺳﻴﺪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺳﻨﻲ ﺗﻮڙي ﺷﻴﻌﺎ ﺑﻴﺤﺪ ﻋﺰت ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺷﻴﻌﺎ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﻗﺪر ۽ اﺣﺘﺮام ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻳﻦ ﭤﺎ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺗﻲ ﻛﻮﻓﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ وڏي ﻓﺮزﻧﺪ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ﺟﻲ ﻫﭣ ﺗﻲ ﺑﻴﻌﺖ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ .ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ اﻣﻴﺮ ﻣﻌﺎوﻳﻪ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﺮب دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻮج ﮐﻲ ﻋﺮاق ﺗﻲ ﭼﮍﻫﺎﺋﻲ ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺎﻛﻢ )ﺧﻠﻴﻔﻮ( ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ ﻫﻮ. ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﮐﻲ اﻣﻦ ﺧﺎﻃﺮ ﺧﻼﻓﺖ ﺗﺎن ﻫﭣ ﮐﮣﮣﻮ ﭘﻴﻮ ۽ ﻣﻌﺎوﻳﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﭵﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺳﮇراﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻫﺮ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻠﮙﻦ ﺳﺎن ﺳﺨﺘﻴﻮن ﻛﺮڻ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮن. ﻣﻌﺎوﻳﻮ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وﺟﻬﻲ ﻫﻚ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد – ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﮐﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﭹﻴﻮ ﭤﻲ .ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۶۲۵) ۳ع( ۾ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۶۶۹) ۵۰ع( ﺗﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪن ﻗﺒﺮ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺟﻨﺖ اﻟﺒﻘﻴﻪ ۾ آﻫﻲ.
ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﻃﺮف اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ راڄ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﭔﻲ ﻃﺮف ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ دﻟﻴﻦ ﺗﻲ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﺟﻮ راڄ رﻫﻴﻮ .ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻃﺮح اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﺎ ﺣﺎﻛﻢ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﺧﻠﻴﻔﻪ ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﭘﺮ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻃﺮح ﻣﺎﮢﻬﻦ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﺟﻲ ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ .ﻛﺠﻬﻪ ﺧﻠﻴﻔﺎ ﻧﻴﻚ ۽ ﭘﺮﻫﻴﺰﮔﺎر ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﻋﻴﺎش ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﺎ .ﻫﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﻃﺎﻗﺖ ﺧﺎﻃﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎﺋﺮن ۽ ﭘﻲ ﺳﺎن ﺑﻪ وڙﻫﻨﺪا رﻫﻴﺎ .۽ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻋﻮام ﺟﻲ ﻧﻈﺮن ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﺮﺧﺮو ﺑﻨﺎﺋﮡ ﻻ ﻫﻨﻦ ﻇﺎﻫﺮي ﻃﺮح ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد – اﻣﺎﻣﻦ ﺳﺎن ﺳﭡﻲ روش اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﺮ دور ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻃﺒﻘﻲ اﻣﻴﻪ ﻳﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻦ ﻻ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ اﻫﻠﺒﻴﺘﻦ ﺟﻮ ﺣﻖ ﮐﺴﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎوﻳﻪ ،ﻳﺰﻳﺪ ،ﻣﺮوان ﻳﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ اﺳﻔﻴﺎن ،اﻟﻤﻨﺼﻮر ،ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﻳﺎ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ وﻏﻴﺮه ﮐﻲ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد ﮐﻲ ﭤﻴﮡ ﮐﭙﻲ .ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻻ رﮐﻲ رﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ۾ اﺣﺘﺠﺎج ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﭤﻲ ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﺣﺎﻛﻤﻦ )ﺧﻠﻴﻔﻦ( ﺳﻴﺎﺳﺖ ﮐﺎن ﻛﻢ وﭠﻲ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ اﻣﺎﻣﻦ ﺳﺎن ﻇﺎﻫﺮي ﻃﺮح ﺳﭡﻮ ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻮام ﺧﻮش ۽ ﺧﺎﻣﻮش ﭤﻲ وﭸﻲ ۽ ﮐﻴﻦ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﻋﻴﺶ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻲ .ﻫﻚ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﮍي ﺋﻲ اﭨﻜﻞ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ – ﺧﻠﻴﻔﻪ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ -اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺳﺎن ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﻣﺎن ﺧﺮاﺳﺎن ﮔﻬﺮاﻳﻮ.
”ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ“ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ .اﺳﻼم ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﻣﺮﺗﻀﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دور ﺧﻼﻓﺖ ۾ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ) (Capitalﻣﺪﻳﻨﻲ ﻣﺎن ﺑﺪﻻﺋﻲ ﻛﻮﻓﺎ ﻛﻴﻮ. ٰ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺨﺎﻟﻔﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﺟﻦ ﻣﺎن ﺟﻨﮓ ﺟﻤﻞ ﺑﻪ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﻨﺪن دور ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎل ۶۵۶۾ ﻟﮙﻲ .ﻫﻦ ۾ ﻣﺨﺎﻟﻒ ڌر ﺣﻀﺮت ﻋﺎﺋﺸﻪ )ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮواري( ۽ ﭔﻪ اﻫﻢ اﺻﺤﺎﺑﻲ ﺳﮙﻮرا ﻃﻠﺤﮫ ۽ اﻟﺰﺑﻴﺮ ﭘﮡ ﻫﺌﺎ .ﺟﻨﮓ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﭤﻲ ۽ ﭔﺌﻲ ڌرﻳﻮن ﺑﻌﺪ ۾ ﭠﻬﻲ وﻳﻮن ۽ ﺻﻠﺢ ۾ رﻫﻴﻮن ﭘﺮ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻴﻌﻦ ﻻ اﻫﺎ ڏﮐﻮﺋﻴﻨﺪڙ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ .ﺳﻨﻴﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻣﻮﻗﻒ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻫﻮ اﺧﺘﻼف ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا� ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ )اﺻﺤﺎب ﺳﮙﻮرن( ﺟﻲ وچ ۾ ﭤﻴﻮ ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﻋﺎم ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ان ۾ ﭘﻮڻ ﻧﻪ ﮐﭙﻲ ﺟﻮ وﻳﻨﺪي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ،ﭘﻴﺮن ﺑﺰرﮔﻦ ﮐﺎن اﺻﺤﺎﺑﻴﻦ ۽ ﺗﺎﺑﻌﻴﻦ ﺟﻮ درﺟﻮ ﺑﻠﻨﺪ آﻫﻲ .۽ اﻫﻮ اﺧﺘﻼف اڄ اﺳﺎن ﺟﻲ دور ۾ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﭔﻪ ڌرﻳﻮن ﭠﺎﻫﻲ ان ﺟﻮ اﻟﺰام ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺗﻲ ﻣﮍﻫﻴﻮن .ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻋﻤﺮ ﺑﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻌﺰﻳﺰ ) (۷۱۷-۷۲۰اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﮍﻧﻲ ﺧﻠﻴﻔﻦ ۾ ﻫﻚ ﻧﻴﻚ ۽ ﺧﺪا ﺟﻮ ﺧﻮف رﮐﻨﺪڙ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺎﺿﻲ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ۽ ﻣﻌﺎوﻳﻪ ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ اﺧﺘﻼف ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮁﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ ؛” ا� اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﮐﻲ ﺻﺎف رﮐﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﺮﻫﻚ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺴﺎب ڏﻳﮣﻮ آﻫﻲ ۽ ا� ﺑﻬﺘﺮ ﺟﺞ آﻫﻲ ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ان ﺧﻮن ﮐﺎن ﻫﭣ ﺻﺎف آﻫﻦ ﺗﻪ ﮀﻮ وﻳﻬﻲ ﭘﺎڻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن ﺧﺮاب ﻛﻴﻮن .ﮀﻮ وﻳﻬﻲ ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ وڌ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﮔﻨﻬﮕﺎر ﻫﻚ ﻃﺮف ﻛﻴﻮن ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف اﺳﻼم ﺟﻲ دﺷﻤﻨﻦ ﮐﻲ اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﮐﻠﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮﻳﻮن “.....ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﻮ ﺧﺪا ﻫﻚ آﻫﻲ ،رﺳﻮل ﻫﻚ آﻫﻲ ،ﻗﺮآن ۽ ﻛﻠﻤﻮ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺗﻪ ﮀﻮ وﻳﻬﻲ ﭘﺎڻ ۾ وﻳﮁﺎ وﺟﻬﻮن .ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﺳﺎن ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﺎ ﻓﻘﻂ ﻛﺠﻬﻪ Factsڏﻳﮡ ﭤﺎ ﭼﺎﻫﻴﻮن ﺗﻪ ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻇﻠﻢ ﭤﻴﺎ ۽ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻨﻦ ﺗﻜﻠﻴﻔﻮن ﺳﭡﻴﻮن ان ﮐﺎن ﻛﻮﺑﻪ ﺷﻴﻌﻮ ﺗﻮڙي ﺳﻨﻲ اﻧﻜﺎر ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ. ﺟﻨﮓ ﺟﻤﻞ دوران ۽ ﺑﻌﺪ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻌﺎوﻳﻮ ﺷﺎم ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﻫﻮ .ﻫﻦ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن وﭠﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ اﻧﺪروﻧﻲ ﻃﺮح ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﭘﺌﻲ ﻛﺌﻲ ۶۶۱ .۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ ﻣﻌﺎوﻳﻮ ﻳﻜﺪم ﻛﻮﻓﺎ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﺎﺋﻲ ﻛﺮي آﻳﻮ ۽ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺗﻲ زور ﭜﺮڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ﺑﺪران ﻫﻦ ﮐﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﭹﻴﻦ .ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ۽ ﺳﻨﺪن ﻧﻨﮃي ﭜﺎ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺳﺎن ﺟﻴﻜﻲ ﻧﺎاﻧﺼﺎﻓﻴﻮن ۽ ﻇﻠﻢ ﭤﻴﺎ ان ﮐﺎن دﻧﻴﺎ واﻗﻒ آﻫﻲ .ﻫﻚ اﻧﺴﺎن ﻗﺪرت ﺟﻮن اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ ﺟﻦ ﻻ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛ دوﺳﺖ
ﺧﺎﺻﻦ
ا�
اﻧﻬﻴﻦ
ﻛﻬﺎﺋﻲ
اﻟﺼﻤﺪ
ﻣﻨﺠﻬﻪ
ﺧﻠﻴﻠﻦ
ﺑﻲ
آﻫﻲ،
دادﻻ،
ﻧﻴﺎز، ﻛﺎ
ﮐﻲ،
ﻣﺤﺐ
ﺳﺎ
اوﻧﻬﻲ
ﺳﺨﺘﻴﻮن
ﻛﺮي، ﮘﺎﻟﻬﻪ
ﻣﺎراﺋﻲ
ﺟﺎ
اﺳﺮار
ﺳﻬﺎﺋﻲ
ﭼﺎﻫﻲ ﺟﻲ.
ﻣﻌﺎوﻳﻪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺟﻲ روپ ۾ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو .ﻫﻦ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ” ﻛﻮﻓﺎ“ ﻣﺎن ﺑﺪﻻﺋﻲ ﺷﺎم ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ”دﻣﺸﻖ“ ۾ ﻛﻴﻮ .اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺗﻲ ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﺟﻲ ۶۶۱ﮐﺎن وﭠﻲ ۷۵۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻼﻓﺖ )ﺣﻜﻮﻣﺖ( رﻫﻲ .زاب ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ۾ ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ آﺋﻲ ۽ ﺳﻨﺪس آﺧﺮي ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﺮوان ”ﭔﻴﻮ“ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻴﻜﻮ ۷۴۴ﮐﺎن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ،ﻣﺼﺮ ۾ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﻮ ۽ دﻣﺸﻖ )ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ( ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺣﺎﻛﻢ اﺑﻮاﻟﻌﺒﺎس اﺻﻔﺎه ۷۵۰ﮐﺎن ۷۵۴ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺴﻠﻢ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ .اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺸﺎم اﺑﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻤﻠﻚ )ﺟﻴﻜﻮ ۷۲۴ﮐﺎن ۷۴۳ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﻮ( ان ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﻮﭨﻮ ﻋﺒﺪاﻟﺮﺣﻤﺎن ﺑﭽﻲ وﻳﻮ ۽ ﻫﻦ اﻧﺪﻟﺲ )اﺳﭙﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ( ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﺎڻ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﻣﻴﺮ ۷۵۶ﮐﺎن ۷۸۸ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮ ۽ ان ﺑﻌﺪ ان ﺟﻮ اوﻻد ﻳﻌﻨﻲ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻮ ۱۰۳۱ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ رﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﻛﻤﻦ ۽ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ اﺳﭙﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﭘﻨﮅرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ آﺧﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺖ ﺳﻮ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ اﺳﭙﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻛﺎردوﺑﺎ ) (Cardobaﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﺳﻴﻦ ﻋﺮﺑﻲ ﻧﺎﻟﻲ ”ﻗﺮﻃﺒﻪ“ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ .ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻦ
ﺧﻠﻴﻔﻦ ۽ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ ،ﺧﺎص ﻛﺮي آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ،ﮔﺮاﻧﺎڊا ) (Granadaرﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ”ﻏﺮﻧﺎﻃﺎ“ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ .آﺧﺮي ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﻛﻢ اﺑﻮ ﻋﺒﺎدا� ﻣﺤﻤﺪ )ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺳﻠﻄﺎن( ۱۴۹۱۾ ﻏﺮﻧﺎﻃﺎ ۾ Surrenderﻛﻴﻮ ۽ Treaty of Granadaﺗﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺌﻲ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ وچ اوﭜﺮ ۽ اﻳﺸﻴﺎ ڏي اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۷۵۰۾ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ۽ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﺮوع ﭤﻲ. ﻋﺒﺎﺳﻴﻦ ﻫﻜﺪم اﮘﻮﮢﻮ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ دﻣﺸﻖ )ﺷﺎم( ﮀﮇي ﺑﻐﺪاد )ﻋﺮاق( ﮐﻲ ﺑﻨﺎﻳﻮ .ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ اﺑﻮاﻟﻌﺒﺎس ۴ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ۷۵۴۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ۷۷۵ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ رﻫﻴﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﮀﻬﻮن اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺒﺎﻗﺮ ﭘﻨﺠﻴﻦ اﻣﺎم ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ ۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺣﺴﻴﻦ )ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ( ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ۷۰۲۾ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ ۷۴۳ .۾ ﺳﻨﺪن واﻟﺪ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ﭘﮗ ﺳﻨﺪن ﻣﭥﻲ آﺋﻲ .اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق وڏو ﻗﺎﺑﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﻛﻴﻤﻴﺎﺋﻲ ﻣﺎﻫﺮ Alchemistﻓﻠﻜﻴﺎت ﺟﻮ ﻣﺎﻫﺮ ) ،(Astronomerﻓﻼﺳﻔﺮ ،ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ،ﻓﺰﻳﺸﻦ ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﺟﺎﺑﺮ ﺑﻦ ﺣﺎﻳﺎن ) (Geberﺟﻬﮍن ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻴﻤﻴﺎﺋﻲ دان ،اﺑﻮ ﺣﻨﻴﻔﻪ ۽ ﻣﺎﻟﻚ اﺑﻦ اﻧﺲ ﺟﻬﮍن ﺟﻮ ﭨﻴﭽﺮ ﻫﻮ .ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻨﺪڙن ﮐﻲ اﻫﻮ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻨﺪي ﺗﻪ روﺷﻨﻴﻦ ذرﻳﻌﻲ ﺑﻴﻤﺎري ﺟﻮ وﺟﻮد ۾ اﭼﮡ واري ﭤﻴﻮري ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﮀﻬﻴﻦ ﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق ﭘﻴﺶ ﻛﺌﻲ ﺟﺎﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛
“There are some lights which, if thrown from a sick person to a healthy person, can possibly make that healthy person ”sick.
ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ادب ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻮﭨﻴﺸﻦ ﭘﮡ اﻣﺎم اﻟﺼﺎدق ﺟﻲ آﻫﻲ ؛
”“Literature is garment which one puts on what he says or writes so that it may appear more attractive.
ﺟﻬﺎزي )ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ (Navigatorﺗﻮڙي Astronomyﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﭴﺎﮢﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻓﻠﻜﻴﺎت ۽ ان ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺌﭥﺲ ۽ ﺗﺎرن ۽ ﺳﻴﺎرن ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻦ ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮ وڏو Contributionآﻫﻲ .۽ ﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﺎن ﺗﻪ ﻫﺮ ﻛﻮ واﻗﻒ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق Astronomy۽ Mathematics۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ وٽ ﻛﻴﺘﺮا ﻧﺎﻣﻮر ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ﭘﮍﻫﻴﺎ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺷﺎﮔﺮ ﺟﺎﺑﺮ ﺑﻦ ﺣﺎﻳﺎن ﻫﻚ دﻓﻌﻲ اﻟﺼﺎدق ﮐﺎن ﺳﻮال ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﺞ ﭼﻨﮉ ﺗﺎرن ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ،ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻲ ﺑﭽﺎﺋﻲ؟ )ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﻮال اڄ ﮐﺎن ۱۳۰۰ﮐﻦ ﺳﺎل اڳ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ( .اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ وراﮢﻴﻮ ؛ ”ﻛﻨﻬﻦ ﭘﭥﺮ ﮐﻲ رﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﻮﮀﮍ ۾ اﭨﻜﺎﺋﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﮀﮍ ﮐﺎن ﮔﻮل ﮔﻬﻤﺎﻳﻮ .ﭘﭥﺮ رﺳﻲ ﺳﺎن ﺋﻲ ﮔﮇ رﻫﻨﺪو ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺗﻮﻫﺎن رﺳﻲ ﮐﻲ ﮔﻮل ﮔﻬﻤﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ .ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻮﻫﺎن رﺳﻲ ﮐﻲ ﮔﻮل ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﺑﻨﺪ ﻛﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﭘﭥﺮ ﻫﻴﭟ زﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻛﺮي ﭘﻮﻧﺪو .اﻫﮍي ﻃﺮح ﻟﮙﺎﺗﺎر ﮔﻬﻮم ) (Perpetual Motionﺗﺎرن ﻳﺎ ﺳﻴﺎرن ﮐﻲ ﻛﺮڻ ﮐﺎ ﺑﭽﺎﺋﻲ ﭤﻮ“.
ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﻫﻤﻴﺸﻪ وﻗﺖ ﺟﻲ اﻣﺎم ﺗﻲ ﺷﻚ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﻳﺎ ﻋﻮام ﺟﻲ ﭘﺴﻨﺪﻳﺪﮔﻲ ﻛﺮي ﺧﻼﻓﺖ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﻫﺌﻲ .ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﻛﺜﺮﻳﺖ ﻣﻮﺟﺐ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻮ ﺣﻘﺪار ﻫﻮ .ﻫﻮﺋﻲ ﻧﻴﻚ ،ﭘﺮﻫﻴﺰﮔﺎر ۽ دﻳﻨﻲ ۽ دﻧﻴﺎﺋﻲ ﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﭴﺎڻ رﮐﻨﺪڙ ﻫﻮ .ان ﻛﺮي اﻟﻤﻨﺼﻮر ﺗﻮڙي ان ﮐﺎن اڳ وارو ﺧﻠﻴﻔﻮ اﺑﻮاﻟﻌﺒﺎس اﻟﺼﻔﺎ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ﺗﻲ ﻧﻄﺮ رﮐﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﺷﺎﮔﺮدن ۽ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻨﺪڙن ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﮐﺎن روﻛﮡ ﻻ ﻗﻴﺪ ۾ ﺑﻪ رﮐﻴﻮ .اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻫﻲ ﺳﭛ ﺳﺨﺘﻴﻮن ﺻﺒﺮ ﺳﺎن ﺑﺮداﺷﺖ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﻗﺖ ﻋﺒﺎدت ۽ ﻟﮑﮡ ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻲ ﻛﻤﻦ ۾ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﺳﻨﺪس اﻧﺘﻘﺎل ۴ڊﺳﻤﺒﺮ ۷۶۵ﺗﻲ ﭤﻴﻮ .ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ دﺷﻤﻨﻦ زﻫﺮ ڏﺋﻲ ﭔﻴﻦ اﻣﺎﻣﻦ واﻧﮕﺮ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻨﺖ اﻟﺒﻘﻴﻪ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ. اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق )ﮀﻬﻴﻦ اﻣﺎم( ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻣﺎﻣﺖ ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﺧﺘﻼف ﭤﻲ ﭘﻴﻮ .اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮ س ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻮ وڏو ﭘﭧ اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ﭤﻴﮡ ﻻ ﺣﻘﺪار ﺟﺎﻧﺸﻴﻦ آﻫﻲ ﭘﺮ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﻳﻌﻨﻲ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﺷﻴﻌﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﺟﻴﻜﻲ ﭔﺎرﻫﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﮐﻲ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ( اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ان ۾ ﻳﻘﻴﻦ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وارث ٰ )اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﭜﺎ (ﮐﻲ ﻛﺮي وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ﺟﺎ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﺮوپ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﭨﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﻧﻈﺎري ،دروز ) (Druze۽ ﻣﺴﺘﺎ ﻋﻠﻲ .اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﮔﺮوپ ﻧﻈﺎري اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ
ﺟﻴﻜﻲ آﻏﺎ ﺧﺎن ﺟﺎ ﭘﻮﺋﻠﮗ آﻫﻦ ۽ آﻏﺎ ﺧﺎﻧﻲ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ﺋﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ آﻫﻲ ﺟﻦ ﺟﻮ اﻣﺎم ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ۴۹ﻫﻮن اﻣﺎم ﺷﺎﻫﻪ ﻛﺮﻳﻢ ﺣﺴﻴﻦ آﻏﺎ ﺧﺎن ﭼﻮﭤﻮن آﻫﻲ .ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺮﻧﺲ ﻛﺮﻳﻢ آﻏﺎ ﺧﺎن ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .آﻏﺎ ﺧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﮀﺎﻫﻴﺘﺎﻟﻴﻬﻮن اﻣﺎم آﻏﺎ ﺣﺴﻦ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺎﭼﺎري ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻲ ﺧﻼف ۱۸۴۰۾ اﭤﺎرﻳﻞ ﺑﻐﺎوت ﺑﻪ ﻧﺎﻛﺎﻣﻲ اﭼﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ﮀﮇي ڏﮐﮡ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ رخ ﻛﻴﻮ .آﺧﺮ ۱۸۴۸۾ ﻫﻦ اﭼﻲ ﻣﻤﺒﺌﻲ ۾ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ آﻫﻲ .اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﻨﮃڙو ﮔﺮوپ ”دروز“ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﺎم ۽ ﻟﺒﻨﺎن ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ .اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ﺟﻮن ﭨﻴﻮن ﻣﺸﻬﻮر ﮔﺮوپ ﻣﺴﺘﺎ ﻋﻠﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻮﻫﺮي ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ ن وڌﻳﻚ ﭨﻲ ﺷﺎﺧﻮن آﻫﻦ ؛ ﺳﻠﻴﻤﺎﻧﻲ ﺑﻮﻫﺮا ،داﺋﻮدي ﺑﻮﻫﺮا ۽ ﻋﻠﻮي ﺑﻮﻫﺮا .ﻫﻨﻦ ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ۾ اﻛﺜﺮﻳﺖ داﺋﻮدي ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ﺟﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺮﻫﺎن اﻟﺪﻳﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ۵۲ﻫﻮن ﭘﻴﺮ ﻳﺎ ﻣﺮﺷﺪ )داﺋﻲ اﻟﻤﺘﻠﻖ( ﻗﺒﻮل ﻛﻦ ﭤﺎ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺷﻴﻌﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﮔﺮوپ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي وارن ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﭔﺎرﻫﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﮐﻲ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻮ اﻳﺮان، ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ،اﻧﮉﻳﺎ ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ،ﻋﺮاق،ﺑﺤﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ. ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﻣﺸﻬﺪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ ﺷﻬﻴﺪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ واﻟﺪ آﻫﻲ(. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮀﻬﻴﻦ اﻣﺎم ﺑﻌﺪ ﺳﺘﻮن اﻣﺎم ٰ
ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ ۲۸آﻛﭩﻮﺑﺮ ۷۴۵ﺗﻲ ﻣﻜﻲ ﺟﻲ ﭜﺮ واري ﺷﻬﺮ اﺑﻮا ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﻫﻲ اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ اﻣﻴﻪ اﻣﺎم ٰ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ۲۱ﺳﺎﻟﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ۽ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﭘﺎڻ ۾ ڏي وٺ ﻫﻠﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. ٰ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن واﻟﺪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ۷۶۵ﮔﺬاري وﻳﻮ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻗﺘﻞ ﻛﻴﻮ. ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ ﺳﭙﺮد ﻛﻴﺎ وﻳﺎ ۽ ﻫﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﺳﺘﻮن اﻣﺎم ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻋﺒﺎﺳﻲ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﺎ ﻓﺮض ٰ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۷۷۵۾ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻟﻤﻬﺪي ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ۷۸۵ ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﻫﻚ ﺳﺎل اﻟﻬﺎدي ﺧﻴﻠﻔﻮ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ۷۸۶۾ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ .ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ۸۰۹ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ( ﺟﻲ دور اﻣﺎﻣﺖ )۷۴۵ ﮐﺎن (۷۹۹۾ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﭼﺎر ﺧﻠﻴﻔﺎ رﻫﻴﺎ؛ اﻟﻤﻨﺼﻮر ،اﻟﻤﻬﺪي ،اﻟﻬﺎدي ۽ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ .ﻫﻤﻴﺸﻪ واﻧﮕﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﺳﺎن ﺑﻪ وﻫﻨﻮار ﺳﭡﻮ ﻧﻪ رﻫﻴﻮ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ۷۹۵ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ اﻣﺎم ٰ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﮐﻲ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ﺟﻴﻞ ۾ رﮐﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﭼﺌﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ۷۹۹۾ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﺟﻴﻠﺮ ۾ اﻣﺎم ٰ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﮐﻲ زﻫﺮ ڏﻧﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪن ﻣﻮت ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﻴﻮ. ٰ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت )۷۹۹ع( وﻗﺖ ﺳﻨﺪن ﻓﺮزﻧﺪ ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۳۵ﺳﺎل ﻫﺌﻲ ﺟﻦ ﮐﻲ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ٰ ﺟﻮاﺑﺪاري ﺳﻮﻧﭙﻲ وﺋﻲ .ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﻧﭥﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ ﻣﻘﺒﻮل ﭤﺌﻲ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻫﻦ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻳﺎ ﻫﻨﻦ وٽ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﺑﻪ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻫﮣﻲ ﮀﮇي ﻫﺌﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﻫﻚ ﭔﻪ دﻓﻌﻮ اﻣﺎم رﺿﺎ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﺑﻪ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻛﺎﻣﻴﺎب ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﺳﮕﻬﻮ ﺋﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﭘﺎڻ ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﻣﺎن ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ .ﻫﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﭘﺎﺳﻲ ﺑﻐﺎوت ﮐﻲ ﭔﻨﺠﻮ ڏﻳﮡ ﻻ ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﭜﺮﺳﺎن ﺳﺨﺖ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ڏﺳﻨﺪي ﺋﻲ ڏﺳﻨﺪي ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ ﭘﺎڻ ﺧﺎﻣﻮش ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻫﻴﮇي ﺳﻠﻄﻨﺖ ۽ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ﻣﮡ ﻣﭩﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن دﭔﺠﻲ وﻳﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﺷﺎﻋﺮ ﻻﻧﮓ ﻓﻴﻠﻮ )ﻫﻴﻨﺮي واڊس ورٿ( ﺟﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ؛
Oneday Haroun Al-Rashid read A book Wherein the poet said
Where are the kings and where the rest
?Of those who once the world possessed
۸۰۹۾ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس وﺻﻴﻌﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻋﺮب زال زﺑﻴﺪه ﺟﻮ ﭘﭧ اﻻﻣﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( زال ﺟﻮ اﻟﻤﺎﻣﻮن ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﭤﻴﻮ .ﭘﺮ ﭜﺎﺋﺮﻧﻪ ﭠﻬﻴﺎ. ﻫﻮ ﮀﺎ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ”ﺑﮏ ﺑﮁﮍو ﭨﻮل ،داﻧﺎ دﻳﻮاﻧﺎ ﻛﺮي“ ،ﭘﺮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ،ﭘﺎور ،ﺑﺎدﺷﺎﻫﻲ ان ﮐﺎن ﺑﻪ ﺧﺮاب ﺷﻲ
آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﭜﺎ ﭜﺎ ﮐﻲ ،ﭘﭧ ﭘﻲ ﮐﻲ ﻛﻬﻴﻮ رﮐﻲ .ﭜﺎﺋﺮن ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺟﻬﻴﮍي ۾ آﺧﺮ اﻻﻣﻴﻦ ۸۱۳۾ ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ .۽ اﻟﻤﺎﻣﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ .اﻻﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﻣﻠﻚ ۾ وﮘﻮڙ ﭤﻴﻮ .ﻋﺮب ﻣﺎ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻮن اﻻﻣﻴﻦ ﻻ ﻫﻤﺪردﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺗﻪ ﻫﻮن ﺋﻲ ﻫﻨﻦ ﺧﻠﻴﻔﻦ ﮐﻲ ﻧﻘﻠﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻤﺪردﻳﻮن ﻫﺎﺷﻤﻴﻦ ﺳﺎن ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﻨﻦ ﻻ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻮڙي ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻃﺮح ﻋﻠﻲ ﺟﻮ اوﻻد ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻮ ﺣﻘﺪار ﻫﻮ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﻦ اﻣﺎم ﭤﻲ ﺳﮇﻳﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﮔﺮد ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ ۾ ﭠﺎﭘﺮ آﮢﮡ ۽ ﻋﺮﺑﻦ ۽ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش ﻛﺮڻ ﻻ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن اﻫﺎ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﭼﺎل ﮐﻴﮇي ﺗﻪ ﻫﻮ ﺧﻼﻓﺖ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ .اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺗﻮڙي ﭔﻴﻦ ان ﮐﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻧﭥﻲ ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﮔﻬﺮاﻳﻮ.
اﻣﺎم رﺿﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻨﮃڙو ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ۽ زال ﻣﺪﻳﻨﻲ ﮀﮇي ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻻ ﺧﺮاﺳﺎن ڏي ﻧﻜﺘﻮ. ﻫﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﺼﺮي آﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ ﺑﻐﺪاد ﻣﺎن ﭤﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ۾ ﭘﻬﺘﻮ .آﺋﻮن ﺟﮇﻫﻦ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻮس ﺗﻪ اﺗﻲ ﮔﻠﮕﭧ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﻴﺪ ﻋﺎﻟﻢ ﻧﻘﻮي اﺗﻲ ﺟﻲ ”ﻣﺪرﺳﮫ رﺿﻮﻳﮫ“ ﻻ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ”ﺟﮇﻫﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻗﻢ ﭘﮡ آﻳﻮ .ﻗﻢ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻣﺎم ﺟﻲ آڌرﭜﺎ ﻻ ﮘﺎﻫﭧ ﭤﻲ آﻳﺎ ۽ ﻫﺮ ﻫﻚ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺳﻨﺪن ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻲ رﻫﻲ .ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻴﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ” ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اٺ ﮐﻲ ﮀﮇي ڏﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﻛﭥﻲ ﭤﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻻﻫﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﻣﻨﺰل ﭤﻴﻨﺪي “.اٺ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ور وﻛﮍن وارﻳﻦ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻫﻠﻲ ﻫﻠﻲ ﻧﻴﭟ ﻫﻚ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ در وٽ اﭼﻲ ﺗﺮﺳﻴﻮ .اﻣﺎم رﺿﺎ ان ﮔﻬﺮ ۾ ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ۽ اڄ اﻫﺎ ﺟﺎ ﻣﺪرﺳﮫ رﺿﻮي ﻧﺎﻟﻲ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻮ درﺳﮕﺎﻫﻪ آﻫﻲ“. ﻗﻢ ﺑﻌﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ آﻳﻮ .ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﺘﻲ ﺑﻌﺪ ۾ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ ﻛﻤﺎل وﻣﻠﻮڪ ﺟﻬﮍا ﺷﺎﻋﺮ ،ﻣﺌﭥﻤﻴﭩﻴﺸﻦ ،ﻋﺎﻟﻢ ۽ آرﭨﺴﭧ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﺟﻦ ﺟﺎ اﺗﻲ ﻣﻘﺒﺮا ﭘﮡ آﻫﻦ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر اﻳﮇو وڏو ﺷﻬﺮ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻃﻮس ﺗﻪ ﺑﻨﻬﻪ ﻣﭩﺠﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻃﻮس ”ﺧﺮاﺳﺎن“ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ وڏا ۽ ﮔﻬﻤﺎﮔﻬﻤﻲ وارا ﺷﻬﺮ ﻫﺌﺎ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﺳﻮﻳﻦ ﺣﺪﻳﺜﻮن ﭔﮅاﺋﮡ وارا ۽ ﺷﺮﻳﻌﺖ ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ .ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ۾ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﺎ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺤﺪث ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ اﺳﻠﻢ ﻃﻮﺳﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﻛﺎ ﺣﺪﻳﺚ ﭔﮅاﺋﮡ ﻻ ﻋﺮض ﻛﻴﻮ.
ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺑﻌﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺳﻨﺎ آﺑﺎد ﮘﻮﭠﮍي ۾ آﻳﻮ .ان وﻗﺖ ﻇﻬﺮ ﻧﻤﺎز ﺟﻮ وﻗﺖ ﻫﻮ .ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﭘﺎڻ ﺣﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺎﺗﺒﺎ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﭘﻬﺘﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﺎل ۾ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ ﻫﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ وٽ اﭼﻲ ان ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﻟﻴﻚ ﻛﮃي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻫﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﺮ ﭤﻴﻨﺪي ﺟﺘﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو“.
اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ وٽ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﻮرٽ ﺟﻲ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻦ ،اﻫﻠﻜﺎرن ۽ ﺳﺮدارن اﮘﻴﺎن اﻫﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﻮ ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻲ ﭘﮗ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ “.ﻫﻦ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻮ ﺟﻬﻨﮉو ﺑﺪﻻﺋﻲ ﺑﻨﻮ ﻫﺎﺷﻢ ﺟﻮ ﺳﺎﺋﻮ رﻧﮓ ﻛﻴﻮ .ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﺎﻣﻮن اﻫﻮ ﺳﭛ ﻛﺠﻬﻪ ﻓﻘﻂ ان ﻛﺮي ﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻮام ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﺮي .ﭘﺮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ اﻳﺘﺮو زﻧﺪه رﻫﮡ ﻧﻪ ڏﻧﻮ وﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻮ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺑﻌﺪ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۲۶ .ﻣﺌﻲ ۸۱۸ع ﺗﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اوﭼﺘﻮ وﻓﺎت ﻛﺮي وﻳﻮ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﮐﻲ اﻧﮕﻮرن ۾ زﻫﺮ ﻣﻼﺋﻲ ڏﻧﻮ ﻫﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻣﺮڻ ﮐﺎن اڳ اﻣﺎم رﺿﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮاﮢﻲ دوﺳﺖ اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺳﺎن اڻ ﭼﭩﻲ ﻃﺮح ﻛﻴﻮ.
اﻣﺎم ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺑﻌﺪ ﺳﭵﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ وڏو ﮔﻮڙ ﻣﭽﻲ وﻳﻮ .ﻋﻮام اﮘﻴﺎن ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻨﻬﻦ ﻣﭥﻮ ﭘﭩﻴﻮ ۽ اوﮀﻨﮕﺎرون ڏﻳﺌﻲ رﻧﻮ ،ﭘﺮ وڏي ﭜﺎﮜﻲ ﻋﻮام اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺗﻲ ﻣﺠﺒﻮر رﻫﻲ ﺗﻪ ان ﻗﺘﻞ ﭘﻮﻳﺎن ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺟﻮ ﻫﭣ آﻫﻲ .ان وﻗﺖ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ اﻛﻴﻠﻮ ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ﻧﻮن ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻧﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﺟﻮاﺑﺪاري ﺳﻮﻧﭙﻲ وﺋﻲ .ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﭘﻨﻬﺠﻲ ﻃﺎﻗﺖ ۽ دوﻟﺖ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻓﺮزﻧﺪ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ )ﻧﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم( ﺗﻲ آزﻣﺎﺋﻲ .ﻫﻦ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻞ رﭤﺎ ﻣﻮﺟﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي ام
اﻟﻔﻀﻞ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﻲ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﺎﻧﺪان ان ﺷﺎدي ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ اﻫﺎ ﺷﺎدي ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ رﭼﺎﺋﻲ وﺋﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ڌي ﺟﻮ ﭔﺎر اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ڏﻫﻮن اﻣﺎم ﭤﺌﻲ .ﭘﺮ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ام اﻟﻔﻀﻞ ﻣﺎن اوﻻد ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﮐﻴﻦ ﭔﻲ زال ﺳﻮﻣﺎﻧﮫ ﻣﺎن ﻋﻠﻲ اﻟﻬﺎدي ﭴﺎﺋﻮ ﺟﻴﻜﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ڏﻫﻮن اﻣﺎم ﭤﻴﻮ .ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺟﻲ ڌي ام اﻟﻔﻀﻞ وٽ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﺑﻐﺪاد ۾ اٺ ﺳﺎل ۽ ان ﺑﻌﺪ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل رﻫﻴﻮ ﭘﺮ ام اﻟﻔﻀﻞ ﺟﻮ اﻣﺎم ﺳﺎن ﭠﺎﻫﻪ ﻧﻪ رﻫﻴﻮ ۸۳۳ .۾ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ وﻳﮙﻮ ﭜﺎ اﻟﻤﺘﺴﻢ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺑﮣﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﻻ ﺣﺎﻟﺘﻮن وﻳﺘﺮ ڏﮐﻴﻮن ﭤﻲ ﭘﻴﻮن. ﺧﻠﻴﻔﻮ اﻟﻤﺘﺴﻢ ﺷﺮوع ﮐﺎن ﻋﻠﻤﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﺧﻼف ﻫﻮ ۽ ﻫﺎڻ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺑﻨﺠﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻔﺮت ﺟﺎ اﻇﻬﺎر ﮐﻠﺌﻲ ﻃﺮح ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻫﻦ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﭛ ﺷﻴﻌﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ آﻫﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﺗﻲ واﺟﺐ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﻦ ۽ ﺳﻨﺪن ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺘﻦ ﮐﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﺎﺋﻴﻦ ۸۳۵ .۾ ﻫﻦ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ﺑﻐﺪاد ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻮت اوﭼﺘﻮ درﭘﻴﺶ آﻳﻮ. اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ )ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم( ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺣﺎﻻت ﺑﻴﺎن ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .اﺑﻦ ﺷﻬﺮاﺷﻮب ﺗﻮارﻳﺨﺪان ان ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺧﻠﻴﻔﻲ اﻟﻤﺘﺴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎﺋﻴﭩﻲ ام اﻟﻔﻀﻞ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﮍس اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﭜﮍﻛﺎﻳﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ۲۹ذواﻟﻘﻌﺪ ۲۲۰ﻫﺠﺮي )۸۳۵ع( ﺗﻲ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ زﻫﺮ ڏﺋﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﻴﻮ .ﮐﻴﻦ ﺑﻐﺪاد ۾ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ( ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺮﻳﺶ ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ٰ ﻫﻴﭡﻴﺎن اﻫﻲ ﭔﻪ ﻗﺒﺮون آﻫﻦ ﻛﺎﻇﻤﻴﻦ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﺟﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻋﺮاق اﭼﻦ ﭤﺎ.
اي ﺧﺎڪِ ﺧﺮاﺳﺎن ..... ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ )(۷۶۵-۸۱۸ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻮٽ ﻛﺌﻲ اﭤﻢ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ٰ ﺳﺎن واﺑﺴﺘﻪ ﻫﺮ ﺷﻲ ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ رﺿﻮي ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ رﺿﻮي ﺟﻲ ”ر“ اﮐﺮ ﻣﭥﺎن زﺑﺮ ڏﻳﺌﻲ اﭼﺎرﻳﻦ ﭤﺎ ﻳﻌﻨﻲ .Razviﭘﺮ اﺳﺎن وٽ ”ر“ ﻫﻴﭡﻴﺎن زﻳﺮ ڏﻳﺌﻲ ِرﺿﻮي Rizviﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ِرﺿﻮﻳﻪ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﻳﺎ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻛﻠﻴﮓ ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺟﻤﻴﻞ ِرﺿﻮي.
ﻗﻢ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪن ۽ ﻣﺪرﺳﻦ ۾ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ رﻧﮕﻦ ﺟﺎ ﻋﺒﺎﻳﺎ )ﮔﺎﺋﻮن( ﭘﻬﺮﻳﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻮ ﻋﻤﺎﻣﻮ )ﭘﮗ( اﭤﻦ ﻳﺎ وري ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻮ .ﻗﻢ ۾ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ ﻏﻼم ﻣﻬﺪي ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻋﺒﺎﻳﺎ ﺗﻪ ﻛﻮﺑﻪ ﻛﻬﮍي ﺑﻪ رﻧﮓ ﺟﻮ اوڍي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻮ ﻋﻤﺎﻣﻮ )ﭘﭩﻜﻮ( اﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻴﺪ آﻫﻦ .ﺑﺎﻗﻲ ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻮ ﻋﻤﺎﻣﻮ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ رﮐﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺎﻟﻢ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ .اﻧﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻴﺪ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻮ ﻋﻤﺎﻣﻮ ﻫﻮ .ﺑﺎﻗﻲ ﻟﻐﺎري ،ﭜﭩﺂ ،وڌﻫﻮ ،ﭼﺎﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭔﻴﻦ ذاﺗﻴﻦ وارن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻮ ﻫﻮ. ﻣﭥﻴﻮن ﻫﻤﺮاﻫﻪ ،ﻏﻼم ﻣﻬﺪي ﺷﺎﻫﻪ ،ﺳﻮل ﺳﺮوﺳﺰ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﭨﻨﺪو ﭴﺎم ۾ رﻳﺴﺮچ آﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﺮﺣﻮم ادﻳﺐ ۽ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻇﻔﺮ ﺳﻨﺪس ﻣﺎﻣﻮ ﭤﺌﻲ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﮐﺎن ﮔﺮوپ ﭠﺎﻫﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﺎ روڊ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﺎ اﻳﺌﺮ ،اﻳﺮان اﻛﺜﺮ اﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ.
ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻴﺪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ رﺿﻮي ﺳﻴﺪ دراﺻﻞ ﺗﻘﻮي ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺋﻲ ﭘﭧ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ) (۸۱۰-۸۳۵ﻫﻮ .ﺳﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ اوﻻد )ﻳﻌﻨﻲ رﺿﻮي ﺳﮇاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺳﻲ ﺳﭛ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ﺟﻮ ﺋﻲ اوﻻد آﻫﻦ .ﻳﻌﻨﻲ اﻫﻲ ﺗﻘﻮي ﺑﻪ ﭤﻴﺎ .اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ )ﺟﻨﻬﻦ ۸۱۳ﮐﺎن ۸۳۳ﺗﺎﺋﻴﻦ وﻳﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ﺟﻲ ڌي ام اﻟﻔﻀﻞ ﺳﺎن ﭤﻲ ﭘﺮ ان ﻣﺎن ﮐﻴﻦ ﻛﻮ اوﻻد ﻧﻪ ﭤﻴﻮ .ڏﻫﻮن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﻧﻘﻲ )ﻋﻠﻲ اﻟﻬﺎدي ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ (.۽ ﭔﻴﺎ ﭔﺎر اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ﭔﻲ زال ﻣﺎن ﭤﻴﺎ .اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﺗﻘﻲ ۸۲۷۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۸۶۸۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺳﻤﺎرا ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اﻟﻌﺴﻜﺮي ﻣﺴﺠﺪ ۾ آﻫﻲ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ،ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ،ﮘﻮﭠﺎﮢﻮ ،ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﻃﺮح ﻛﻤﺰور ۽ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر اﻧﺴﺎن ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺗﻮب ۽ ﺗﻠﻮار ﺟﻲ ﻓﻘﻂ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮ ذرﻳﻌﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﻧﻘﻼب آﮢﻲ ﮀﮇﻳﻮ .وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﻟﻴﮉر ﭘﻴﺪا ﻛﻴﺎ ﭘﺮ ﺟﺘﻲ ﻣﺎﺋﻮزي ﺗﻨﮓ ،اﺳﭩﺎﻟﻦ ،ﻫﭩﻠﺮ ﺟﻬﮍا دﻫﺮﻳﺖ ،ﻣﺎدﻳﺖ ۽ ﻛﻤﻴﻮﻧﺰم ﺟﻲ ﭘﺮﭼﺎرڪ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﻣﺬﻫﺐ ﮐﻲ ﻏﻴﺮ اﻫﻢ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ اﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ روﺣﺎﻧﻴﺖ ﮐﻲ ﺿﺮوري ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ .ﻫﻦ روس ﺟﻬﮍي رﻳﺎﺳﺖ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻫﻮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﻻ ﻣﺼﻴﺒﺖ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ، Capitalismآزادي ﻳﺎ ﻣﻌﺎﺷﻴﺎت ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ اﻳﻤﺎن ﺟﻲ ﮐﻮٽ آﻫﻲ. اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻓﺨﺮ ﺳﺎن ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ روس ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ،ﺟﻴﻜﻮ ان وﻗﺖ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺳﭙﺮ ﭘﺎور ﻫﻮ ،ﺟﻲ ﺻﺪر ﮔﻮرﺑﺎ ﭼﻴﻒ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﻠﻚ ﭨﭩﮡ ﺑﺎﺑﺖ اﮘﻮاٽ ﭔﮅاﻳﻮ ۽ ﮐﻴﺲ اﺳﻼم ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ۵ﺟﻨﻮري ۱۹۸۹ﺗﻲ اﻫﺎ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ اﺧﺒﺎرن ۾ ﺧﺒﺮ ﮀﭙﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ آﻳﺖ ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﻮوﻳﭧ ) (USSRﻟﻴﮉر ﮐﻲ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ”ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﻴﻮﻧﺰم ﻣﺮدار ﭤﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﺎﮢﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﺟﺎ ﻓﻘﻂ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ آﻫﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻮﻛﻞ ڏي ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ڌﻳﺎن ﮀﻜﺎﻳﺎن ﮀﻮ ﺟﻮ اﺳﻼم ﻋﺎﻟﻤﻲ ﻃﺎﻗﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ ۽ اﺳﻼم ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن اﻧﺴﺎن ذات ﺟﺎ ﺑﻨﻴﺎدي ﻣﺴﺌﻼ ﺧﺘﻢ ﻛﺮي ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ۾ ﺳﻜﻮن و آرام آﮢﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ “.ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ان ﺧﻂ ﺟﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺟﻤﻼ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻦ رﻳﺖ ﻫﺌﺎ :
“….. Your communism will be relegated to the museums of the world’s political history, since Marxism cannot meet ”any of the real needs of human beings ….
ان وﻗﺖ ﻛﻨﻬﻦ ﭤﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ روس )ﺳﻮوﻳﺖ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﻮ ﺟﻬﮙﭩﻮ( ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﮇو ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ اﻫﻮ ﭨﭩﻲ ﭘﻮﻧﺪو .ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺧﻂ ﺑﻌﺪ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ۱۹۸۹۾ ﻟﮑﻴﻮ ﻫﻮ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ اﻧﺪر روس ﭨﻜﺮا ﭨﻜﺮا ﭤﻲ وﻳﻮ .اڄ ﻛﻤﻴﻮﻧﺰم ﺟﻮ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﻓﻘﻂ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﻮ ﭘﮍاڏو آﻫﻲ ۱۹۹۱ .ﮐﺎن وﭠﻲ روس ﺟﻲ ﻫﺮ ﻫﻚ رﻳﺎﺳﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﻴﮑﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ آﻫﻲ. ﻛﻨﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﻛﻤﻴﻨﻮزم ﻧﻪ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.
اﭸﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺋﻲ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮڻ وارن – اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪو رﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﭘﺮي ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺟﺎ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪو ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺮچ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ دﻋﻮت ﻛﻨﺪو. ”اﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﭘﻜﻨﻚ اﺳﭙﺎٽ آﻫﻲ “،ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ” ،ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﺑﻠﻨﺪي ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اوﻧﻬﺎري ۾ ﺑﻪ ﺳﻲ ﭘﻮي ﭤﻮ .ڊﮔﻬﻦ ﺻﻨﻮﺑﺮ ﺟﻬﮍن وﮢﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﭘﺮي ﭘﺮي ﮐﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﭩﻨﺒﻦ ﺳﺎن ﺷﺎم ﮔﺬارﻳﻦ ﭤﺎ“. ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭔﻪ ﭨﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬرڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ رﻫﺎﺋﺶ واري ﻫﻮﭨﻞ ﺑﺪران ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻠﻲ رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ.
”اڄ ﻫﻠﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ان ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻫﻨﮅ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻼن ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻣﻮن وﻋﺪو ﻛﻴﻮ ﻫﻮ “.ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ.
”ﮀﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺳﻬﮣﻲ ﺟﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ؟“ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ. ”اﻫﻮ ﻫﻨﮅ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺋﻲ ﺣﺼﻮ آﻫﻲ “.ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ وراﮢﻴﻮ.
ﺷﺎم ﺟﻮ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﭘﻜﻨﻚ ﺑﺲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ اﮘﻴﺎن آﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن ﻛﻼڪ ﺑﻌﺪ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﭤﮅڙي ﮘﻮٺ ۾ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ آﻫﻲ .ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ Altitudeوارو ﻫﻲ ﮘﻮٺ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻮ ﮔﻴﻨﺘﮓ ﻫﺎ ﻟﺌﻨﮉس ﭤﻲ ﻟﮙﻮ ﺟﺘﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺳﺎن ﺳﻲ ﻛﺮي ڏﻛﮣﻲ وﭠﻲ وﺋﻲ .ﭼﻮڌاري رﻳﺴﭩﻮرﻳﻨﭩﻮن ۽ ﺑﺎغ ﺑﺎﻏﻴﭽﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ۽ اﻧﺪر ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﺌﻤﻴﻠﻴﻮن ۽ ڌارﻳﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﺘﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﺎ روﺳﺮي )ﺣﺠﺎب( ﺳﺎن ﻣﭥﺎ ڍﻛﻴﻞ ﺿﺮور ﻫﺌﺎ ﭘﺮ اﻫﻲ ڊﮔﻬﻴﻦ ﭼﺎدرن ۾ وﻳﮍﻫﻴﻞ ﻧﻪ ﻫﻴﻮن ﺟﻴﺌﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻴﺰﺑﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي اﺳﺎن ﻻ ﻫﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻟﻮﻛﻞ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ڊش ﮔﻬﺮاﻳﺎ ﺟﻦ ۾ ﻫﻚ ﻛﻮاﺑﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ڊش ﻫﻮ .ﻫﻦ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺗﺎﻻر رﻳﺴﺘﻮران ﺑﻬﺎرﺳﺘﺎن“ ﻫﻮ ان ﺟﻲ ﻣﺌﻴﻨﻴﺠﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ”ﻫﻲ ﻛﻮاب ﻫﻦ ﮘﻮٺ ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ) (Shandizﺟﻲ اﺳﭙﻴﺸﻠﭩﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺋﻲ آﻫﻲ ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺷﺸﻠﻚ (Shandiz ) .Shishlikﭘﺮي ﭘﺮي ﮐﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻲ ”ﺷﺸﻠﻚ“ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ ﻫﺘﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻛﻮاﺑﻦ ﮐﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ “.ﻫﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻴﻦ اﺳﺎن وٽ ﺑﻬﺎري ﻛﻮاب ،دﮐﻨﻲ آﭼﺎر ،اﻓﻐﺎﻧﻲ ﭘﻼ وﻏﻴﺮه .رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻲ ﻣﺌﻴﻨﺠﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ وٽ ﺳﭛ ﺧﻮارزﻣﻲ ﺑﻮرﭼﻲ آﻫﻦ ۽ ﭘﻮ ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﻴﻮ ” ﺗﻮﻫﺎن ﺧﻮارزﻣﻲ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﭤﺎ؟“ ”ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ اﻳﺘﺮي ﭴﺎڻ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ اﭤﻢ ،ﻛﺠﻬﻪ ﻫﺘﻲ اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮍﻫﻲ ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻴﺎن“. ”ﺧﻮارزﻣﻲ“ ﺧﻮارزم ) (Khwarezmﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ادب ﺧﻮارزم ۽ ان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﻗﺼﻦ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ’ .اﻣﻮ درﻳﺎه‘ ﺟﻲ ڊﻳﻠﭩﺎ )ﮀﻮڙ( وارو ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺧﻮارزم ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ۾ ﻫﻮ .ﻫﺎڻ ﻣﺎڊرن دور ۾ ﻧﻴﻮن ﺳﺮﺣﺪون ۽ ﻧﻮان ﻣﻠﻚ ﭠﻬﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻦ ﺟﻲ اڄ ﺑﻪ روزﻣﺮه ﺟﻲ زﺑﺎن ﻓﺎرﺳﻲ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ادﻳﺐ ،ﺷﺎﻋﺮ ،ﻓﻴﻠﺴﻮف ،ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﻧﺠﻢ دﻳﻦ ﻛﺒﺮا ۽ ﻧﺠﻢ دﻳﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺨﻮارزﻣﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ اﻟﮕﻮرﭤﻢ ﭨﺮم آﻫﻲ ،ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي رزي ،دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺴﺎب دان ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ٰ ﺟﻮ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ اﺣﻤﺪ ﺧﻮارزﻣﻲ ﺟﻴﻜﻮ Encyclopedistﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎب ”ﻣﻔﺎﺗﮫ
اﻟﻌﻠﻮم“ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Key of the Sciencesﻧﺎﻟﻲ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ﺑﻴﺮوﻧﻲ ،ﻓﻼﺳﻔﺮ ﻗﻄﺐ اﻟﺰﻣﺎن ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ اﺑﻮ ﻃﺎﻫﺮ ﻣﺮوازي ،ﻣﺎﻫﺮ ﻓﻠﻜﻴﺎت اﻟﻤﺮوازي ،ﺗﺎرﻳﺦ دان اﺑﻮاﻟﻐﺎزي ﺑﻬﺎدر وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه. ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺎﻛﻢ ﺗﻤﻴﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ زال ﺗﻮرﻳﺢ ﺑﻴﮓ ﺧﺎﻧﻢ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﭘﺮﺷﻦ )اﻳﺮاﻧﻲ( ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ Urgenchﺳﮇي ﭤﻲ .ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺑﻌﺪ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺧﻴﻮا ) (Khivaﭤﻴﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺧﺎﻗﺎﻧﻲ ﺷﻴﺮواﻧﻲ ﺟﻮ ﺧﻮارزم ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ واﮐﺎڻ ۾ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ : ﻋﺎﻟﻢ
دوﻟﺖ
ﺑﺮ
ﺟﺎﻧﻬﺎ
ﺧﻮارز
داد
ﻣﺸﺎﻫﻪ
اوﻫﺴﺖ
ﺟﻬﺎن
ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ ﺑﻪ ان وﻗﺖ ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛ ﭘﺮ
ﻳﻜﻲ
ﺷﻨﻴﺪم
ﻃﻤﻊ
ﻛﮫ
ﺷﺪ
ﻣﻘﺮر
ﭘﻴﺶ
ﭼﻨﺎﻧﻚ ﻗﺮار
را
ﻣﺸﺎﻫﻪ
ﺧﻮارزم
ﭘﮕﺎﻫﻪ
ﺑﺎﻣﺪادي
)ﻫﻚ ﻻﻟﭽﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﻮارزم ۾ ﺷﺎﻫﻪ وٽ آﻳﻮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﻣﻮن اﺋﻴﻦ ﭔﮅو آﻫﻲ (
ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻛﻬﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺠﻲ! اڄ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ،ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۽ دﺑﺌﻲ واﻧﮕﺮ دﻳﺴﺎن دﻳﺲ ﻣﺸﻬﻮر ۽ اﻣﻴﺮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ .ﻳﺎﻗﻮت اﻟﺤﻤﻮدي ﺗﻴﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎﻳﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ۱۱۷۹۾ ﺷﺎم ﺟﻲ ﺣﻤﺎ ﺷﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ،ان ﻛﺮي ﺣﻤﻮي ﭤﻮ ﺳﮇﺟﻲ .ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﻏﻼم ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ وﻛﺮو ﭤﻲ ﺑﻐﺪاد ﭘﻬﺘﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ .ﻳﺎﻗﻮت ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﮐﻴﺲ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ ﻟﮑﺎﻳﻮ ۽ ﻫﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺘﺎب ﺑﻪ ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ۾ ﻣﻌﺠﻢ اﻻدﺑﺎ) ﻟﻴﮑﻦ ﺟﻲ ﻟﻐﺖ( ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ دﻳﺴﺎن دﻳﺲ ﺳﻔﺮ ﻛﻴﻮ ۱۲۲۹ .۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻳﺎﻗﻮت اﻟﺤﻤﻮي ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﻲ وڏي ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻟﮑﻲ آﻫﻲ .ﭼﻲ” :ﻣﻮن ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﻬﮍو اﻣﻴﺮ ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺷﻬﺮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ڏﭠﻮ “.ﺑﻬﺮ ﺣﺎل ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻦ ﺟﻲ ور ﭼﮍﻫﻴﻮ ۽ ﻫﺮﻫﻚ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮڻ ۾ ﻛﺴﺮ ﻧﻪ ﮀﮇي .ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﻨﮕﻮل ﻟﺸﻜﺮ اﻣﻮ درﻳﺎ ﺟﻮن ڊﻳﻤﻮن ﭜﭹﻲ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﮐﻲ ﻟﻮڙﻫﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎﺋﻮن .ﻳﺎﻗﻮت ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻣﻨﮕﻮل ﻓﻮﺟﻲ ﺳﺮاﺳﺮي ﭼﺎر ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﺎ ﺷﻬﺮي ﻗﺘﻞ ﻛﻴﺎ .اﻧﻬﻦ ﺷﻬﻴﺪن ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﻧﺠﻢ اﻟﺪﻳﻦ ﻛﺒﺮا ﺑﻪ ﻫﻚ ﻫﻮ .ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﻟﺸﻜﺮ ۾ اﺳﻲ ﻫﺰار ﺳﭙﺎﻫﻲ ﻫﺌﺎ .ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺗﻲ آﻳﻞ ان ﺗﺒﺎﻫﻲ ﺟﻮ ذﻛﺮ دﻳﻮان اﻧﻮري ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ: آﺧﺮ
ﺑﻼي
اي
ﻏﻴﺮت
ﺧﺎڪِ
ﺧﺎڪ
ﺧﺮاﺳﺎن
ره
ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ
داد
و
ﻳﺰداﻧﺖ
ﻛﺎت
)اي ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ڌرﺗﻲ ! ﺧﺪا ﺗﻮﮐﻲ ﺑﭽﺎﺋﻲ ورﺗﻮ آﻫﻲ ،ان ﺗﺒﺎﻫﻲ ﮐﺎن ﺟﻴﻜﺎ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ۽ ﻛﺎت ﺗﻲ ﻧﺎزل ﭤﻲ(.
ﻧﺠﺎت
.
ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺟﻲ ﺗﻬﻪ دﻳﮗ ان رات ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ اﺳﺎن ﭼﮝﻲ دﻳﺮ وﻳﭡﺎ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ .ﭔﺎﻫﺮ ﺳﺨﺖ ﺳﺮدي ﻫﺌﻲ ﭘﺮ اﻧﺪر ﻫﻴﭩﺮ ﭔﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻮ ﻫﺎل ،ﺷﺎدي ﻫﺎل ﺟﻴﮇو ﭤﻴﻨﺪو .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﭨﻴﺒﻞ ﻛﺮﺳﻴﻮن رﮐﻴﻞ ﻫﻴﻮن ۽ ﭼﻮڌاري َﭤﻠﻬﺎ ﭠﻬﻴﻞ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﭤﻠﻬﻦ ﭘﮍدن ذرﻳﻌﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﺎن ڌار ﭤﻴﻞ ﻫﺌﺎ .اﻧﻬﻦ ﻛﺎٺ ﺟﻲ ﭨﻴﺒﻠﻦ ذرﻳﻌﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﭤﻠﻬﻦ ﻣﭥﺎن ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ وﮀﺎﻳﻞ ﻫﺌﺎ ۽ ﭨﻴﻚ ڏﻳﺌﻲ وﻫﮡ ﻻ ﻃﻮل وﻫﺎﮢﺎ ﻫﺌﺎ .اﺳﺎن ﻣﺎن ﻣﺮد ﻫﻚ ۾ ﭤﻲ وﻳﭡﺎ ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﭔﺌﻲ ۾ .ﻫﺎل ﺟﻲ وچ ۾ رﮐﻴﻞ ﭨﻴﺒﻞ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮد ﻋﻮرﺗﻮن وﻳﭡﻞ ﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻫﻦ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻦ ﮔﺮاﻫﻜﻦ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻫﻨﻦ ﻛﺌﺒﻨﻦ ۾ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ .ﻫﺎل ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﮡ واري ﭜﺖ ﭘﺎﺳﻲ اﻫﮍﻳﻮن ﻛﺌﺒﻨﻮن ﻧﻪ ﻫﻴﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﺗﻤﺎم وڏﻳﻮن ۽ ﺳﻬﮣﻴﻮن ﻓﺮﻳﻢ ﭤﻴﻞ ﭘﻴﻨﭩﻨﮓ ﻟﮙﻞ ﻫﻴﻮن. ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻣﺎﻧﻲ اﭼﻲ ،آﺋﻮن ﻛﺎ دﻳﺮ اﻧﻬﻦ ﻫﭣ ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪو رﻫﻴﺲ .ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺌﺮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ ﭔﺎر آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ ﻫﻮ ڏﺳﻨﺪو آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﺪس زال اﺳﭙﺘﺎل ۾ ﻧﺮس ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﭼﺌﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻮﭨﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﺎب ﻻ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ ﮔﺮاﻫﻚ ﺳﺞ ﻟﭥﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﻫﻨﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﻓﺮﺿﻲ ﻛﺮدارن :رﺳﺘﻢ ،ﺳﻬﺮاب، ﺗﻬﻤﻴﻨﻪ ،ذال ،رداﺑﺎ ،ﺷﻐﺎد ،اﺳﻔﻨﺪﻳﺎر وﻏﻴﺮه ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻴﻦ ،ﻣﻌﺎﺷﻘﻦ ۽ ﻣﻼﻗﺎﺗﻦ ﺟﻮن آﻫﻦ.
ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ڊش ﮔﻬﺮاﻳﺎ وﻳﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي وڏو ﺧﺮچ ﻛﺮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﮐﺎراﺋﮡ ﻻ ﭘﺮ ڏﻳﮑﺎرڻ ﻻ ﭘﮡ آرڊر ﻛﻴﺎ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ اﻳﺮاﻧﻲ ڊﺷﻦ ﺟﻲ آﺋﻴﮉﻳﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ .اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﭼﺎﻧﻮرن ﺟﻮ ﺑﻪ ڊش ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﮐﺮڙ ﺟﺎ ﺑﺮﻓﻲ واﻧﮕﺮ ﭼﻮرس ﭨﻜﺮا رﮐﻴﻞ ﻫﺌﺎ .ﮐﺮڙ ﺑﺎﺑﺖ ورﺟﻴﻨﻴﺎ )(USA ﺟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺷﻤﺸﻴﺮ ﺟﻮ اﺣﻮال ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ان ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ”ﻧﻴﻮﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ“ ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻮرﭼﻲ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﺟﻮ اﻧﺪازو ﮐﺮڙ ﻣﺎن ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ .ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﮐﻲ ﺋﻲ ﮐﺮڙ وﮢﻨﺪي ﻫﺠﻲ. ﺷﺎﻳﺪ ان ﻛﺮي ﺟﻮ اﻫﻲ ﭼﺎﻧﻮر وڌﻳﻚ رڌﺟﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺑﻠﻜﻪ ﻓﺮا ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ،ان ﻛﺮي ﺑﻴﺤﺪ ﻟﺬﻳﺬ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺮڙ ﮐﺎﺋﮡ ﮐﻲ ﺑﻲ ﻋﺰﺗﻲ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن وٽ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ”ﻣﺎل ﭘﺎڻ ﮐﺎﺋﻲ وﻳﺎ اﺳﺎن ﻻ ﮐﺮڙ ﮀﮇﻳﺎﺋﻮن “.ﻛﻮ ﭔﺎر ڏﻧﮕﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﭼﻮﻧﺪا ” ﻫﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮐﺮڙ آﻫﻲ؟“ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻲ ﻧﻜﻤﻮ ﻳﺎ ﻧﺎﻻﺋﻖ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ؟ .ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﮐﺮڙ اﻋﻠ ٰﻲ ﺷﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﻳﻮرپ ۾ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﺌﻴﮉن ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ دوران ﺟﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻨﺪو ﻫﻮس ،اﻫﻲ ﺑﻪ ﮐﺮڙ ﮐﻲ وڏي اﻫﻤﻴﺖ ڏﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﻋﻴﺪ ﺑﺮات ﭔﺌﻲ ڊش ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ اﻟﮗ ﭘﻠﻴﭧ ﺗﻲ ﮐﺮڙ ذرو ﭘﮡ رﮐﻲ ﻣﻮن ڏي ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺳﻮ ُان Specialityﮐﺎن آﺋﻮن ﭼﮝﻲ ﻃﺮح واﻗﻒ ﻫﺌﺲ ۽ ﻣﻮن ﭘﺌﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻣﻮن ﻻ ،ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﺎ ﺑﭽﻲ! ﭘﺮ ڏﭠﻢ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ اﻫﺎ ﻧﻪ ﮐﻨﺌﻲ .ﻧﻴﭟ ﻣﻮن ﮐﮣﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﺎﺳﻲ ۾ وﻳﭡﻠﻦ ﮐﻲ آﻓﺮ ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ وﮢﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﻛﻮاب ،ﮔﻮﺷﺖ ۽ ﮔﺎﻧﮕﭧ ﭘﻼ ﮀﮇي ﮐﻴﻦ ﮐﺮڙ ﺟﻲ آﻓﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﻌﺪ ۾ اﻳﺘﺮي ﺣﻴﺮت ﻟﮙﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﺮڙ ﺟﺎ وڏا وڏا ﭼﺎﭘﻮڙا ﮐﮣﻲ ،آرام ﺳﺎن وﻳﻬﻲ ﮐﺎڌا.
ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮن ﻧﻮٽ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﮐﺮڙ ،ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ رڌل ﭜﺖ ﺟﻲ ﮐﺎڌل ﮐﺮڙﻳﻦ ﮐﺎن ،ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ،ﻛﺠﻬﻪ Soft۽ ﭤﻠﻬﻲ Layerواري ﻟﮙﻲ .آﺧﺮ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﺌﺮو ﭤﺎﻧﻮ ﮐﮣﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﮐﺮڙ اﻳﮇي ﺳﻮادي ﮀﻮ آﻫﻲ .ﺳﻠﻤﺎن ﻫﺘﻲ اﭼﻲ اﭼﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﭡﻲ ﺳﮑﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ان ﺑﺌﺮي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﺮي ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﮐﺮڙ ﺧﺎص ﭠﺎﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ زﻋﻔﺮان ،ﺑﻴﻀﺎ ،ﻣﺎﺋﻮ ۽ ﭘﺴﺘﻦ ﺟﻲ ﻛﺎﺗﺮ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﻣﮑﮡ ۾ ﻓﺮا ﻛﺌﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .ﺳﻠﻤﺎن ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﮅي ﺳﭛ ،ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻴﻞ ﮐﺮڙ ﮐﮣﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻟﮙﺎ ۽ واﻫﻪ واﻫﻪ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ .ﻫﻮ ﭘﻚ دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﻣﮑﮡ ﻣﺎوا ۽ ﭘﺴﺘﺎ ﺑﺎدام ﺗﻪ آﺋﻮن ﮐﺎﺋﻲ وﻳﺲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻮ ﻛﮇﻫﻦ اﻳﺮان وﭸﮡ ﭤﻴﺌﻲ ﻳﺎ دﺑﺌﻲ ،ﺑﺤﺮﻳﻦ ،اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ وﭸﮡ ﭤﺌﻲ ،ﺗﻪ ِﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب )ﻛﻮاب ﭜﺖ( ﺳﺎن ﮔﮇ ﮐﺮڙ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺿﺮور ﭼﮑﺠﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺗﻬﻪ دﻳﮕﻲ“ آﻫﻲ.
ﻣﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﻛﻮﻻ ﺑﺪران ﺳﺎدو ﭘﺎﮢﻲ ۽ ﻧﻤﻜﻴﻦ ڏڌ ﻫﻮ .ﻣﺎﻧﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﺒﺰ ﭼﺎﻧﻬﻪ ڏﻧﻲ وﺋﻲ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ ﻋﺪد ﺣﻘﻮ ﺑﻪ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻴﻦ ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻫﻚ اڌ ﭰﻮڪ ﭜﺮي ﺑﺎﻗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻲ ﺳﺠﺎد ﻣﮑﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﭔﺎر ﻫﺮ وﻗﺖ ﮔﻬﮣﻲ ﺳﻤﻮﻛﻨﮓ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ،ان ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻏﻨﻴﻤﺖ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺧﻮب وارا ﻛﮃﻳﺎ .رات ﺟﺎ ﭔﺎرﻫﻦ اﭼﻲ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﺌﻤﻠﻴﻮن اﭸﺎن وﻳﭡﻴﻮن ﻫﻴﻮن .اﺳﺎن ﺟﻲ دل ﺑﻪ ﻫﻬﮍي ﻣﺎﺣﻮل ﮐﻲ ﮀﮇڻ ﻻ ﻧﭥﻲ ﭼﻴﻮ ﭘﺮ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻻ ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻫﺌﻲ ﺟﺘﺎن ﭘﻮُ ﻗﻢ ﺑﺎ ﺑﺲ وﭸﮣﻮ ﻫﻮ.
ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ڏي ﻣﻮﭨﻨﺪي ﺳﻠﻤﺎن ۽ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺳﻨﺪن ﻫﺘﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻚ ﺳﺎﭤﻲ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﮅاﺋﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .اﺳﺎن ﺳﻨﺪس ﻣﭡﻲ ﺳﺮ ۾ ﻣﻨﻘﺒﺖ ﭔﮅﻧﺪا ﺷﻬﻴﺪ ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ڏي وڌﻧﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ ﮔﺬارﻳﻞ ﭼﻨﺪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻳﺎد رﻫﻨﺪا ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﮀﮇڻ ﺟﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺑﻴﺤﺪ ڏک ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ... اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ – اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ ...
ﻧﺎﻧﺎ ﻧﺒﻲ ،دادا ﻋﻠﻲ ،دادي ﺗﻴﺮي ﺧﻴﺮاﻟﻨﺴﺎ
ﻣﺴﻜﻦ ﺗﻴﺮا ﻣﻮﻻ رﺿﺎ ،ﻋﺮض اوﻻ ﺳﻲ ﻛﻢ ﻧﻬﻴﻦ
ﻛﻬﺘﺎ رﻫﻮ ﻧﮕﺎ ﻋﻤﺮ ﺑﻬﺮ ﻣﺠﻬﻪ ﻛﻮ ﺗﻮ ﻛﻮﺋﻲ ﻏﻢ ﻧﻬﻴﻦ
ﻛﻢ ﻧﻬﻴﻦ ﺟﻨﺖ ﻛﻲ ﮐﺎﻧﻲ ﺳﻲ ﻣﻮﻻ ﻟﻨﮕﺮ ﺗﻴﺮا
اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ – اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ ..........
ُ ﻛﺘﺎ آزاد ،ﭘﭥﺮ ﻗﻴﺪ ..... اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﺘﻦ ﺟﻮ وڏو آزار آﻫﻲ .ﺷﻬﺮ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﮘﻮٺ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ رول ،ﺑﻴﻤﺎر ،ﭰﭩﻴﻞ، ﺳﺴﺖ ۽ ﮀﺘﺎ ُ ﻛﺘﺎ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪاُ .اﻫﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﮔﻨﺪﮔﻲ ۾ واڌارو آﮢﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻣﻌﺼﻮم ﺟﺎﻧﻴﻮن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ َﭼﻜﮡ ﻛﺮي ﻣﻮت ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻴﻮ وﭸﻦ .اﺳﺎن وٽ ﻧﻪ آﻫﻲ اﻫﮍن ﻧﻘﺼﺎﻧﻜﺎر ﺟﺎﻧﻮرن ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻧﻪ وري ﺗﺮت ﻋﻼج .ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻏﺮﻳﺐ دواﺋﻦ ﺟﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻳﺎ ﻧﺎﻛﺎرا ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺑﻲ اﺛﺮ دواﺋﻦ ﻛﺮي ،ﺗﮍﭘﻲ ﺗﮍﭘﻲ ﻣﺮﻳﻮ وﭸﻦ .ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ۲۰۰۷ع ﺟﻲ رﭘﻮرٽ ﻣﻄﺎﺑﻖ دﻧﻴﺎ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﮀﺘﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﺎ ﭼﻜﻴﻞ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﻣﻮت ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻴﺎ ۽ وري ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﮀﺘﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻮت ﺳﻨﮅ ۾ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ .ﻛﺘﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮو رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﭘﺎﻟﺘﻮ ﻫﺠﻲ ،ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻫﻮ ﻛﻮ ﺑﻬﺘﺮ ﺟﺎﻧﻮر ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ .ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﺘﻮ ﭘﺎﻟﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ،اﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮو رﮐﮡ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ وﻗﺖ ﺗﻲ ﺳﻴﻮن ﻫﮣﺎﺋﮡ ﺗﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﻣﮍﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﺎﻟﭩﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻛﺘﻲ ﭘﺎﻟﮡ واري ﮐﺎن ﻫﺮ ﺳﺎل ﻫﺰارﻫﺎ رﭘﻴﺎ ﭨﺌﻜﺲ ورﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻮ ﻫﻮ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻛﺘﻦ ﺟﻲ ﮔﻨﺪﮔﻲ اﮀﻼﺋﮡ ﻻ دﭔﺎ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن واڪ ﻛﺮاﺋﮡ واري ﻣﺮد ﺗﻮڙي ﻋﻮرت ﻻ ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺗﻪ ﮐﻴﺴﻲ ۾ ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻮن ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻲ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﮕﮡ ﺗﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﺟﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ ﺗﻪ ُاﻫﺎ ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻲ ﭤﻴﻠﻬﻲ ﻫﭣ ﺗﻲ ﭼﺎڙﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﻮ ﮔﻨﺪ ﮐﮣﻲ ،ﻓﻲ اﻟﺤﺎل ﺑﺌﮓ ۾ رﮐﻲ ۽ ﺟﻲ ﻋﻮرت آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮس ۾ ۽ ﭘﻮ روڊ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﺎﻟﭩﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ﭠﻬﻴﻞ دﭔﻲ ۾ اﮀﻼﺋﻲ .ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ ﺳﺮﻛﺎر ﻃﺮﻓﺎن اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ڏﻧﮉ ۽ ﺳﺰاﺋﻮن رﮐﻴﻞ آﻫﻦ ۽ ﺟﻲ ﻛﺘﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻚ ﭤﻮ ﻫﮣﻲ ﻛﮃي ﺗﻪ ﻣﺎﻟﻚ ﮐﻲ ﻟﮑﻬﺎ رﭘﻴﺎ ڏﻧﮉ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .اﻳﮇﻳﻦ ﺳﺨﺘﻴﻦ ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻛﺘﺎ ﺑﻪ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ،اﻫﻲ ﺑﻪ ﭼﻜﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﻟﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ اﻧﻬﻦ ﭘﺎﻟﺘﻮ ﺟﺎﻧﻮرن ﺟﻮ رﺳﺘﻲ ﺗﺎن ﮔﻨﺪ ﮐﮣﮡ ﮐﺎن ﻟﻨﻮاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ .ﺳﺌﻴﮉن ،ﻧﺎروي ۽ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن ﺣﻜﻮﻣﺘﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻮام ﮐﻲ ﻛﺘﻲ ﭘﺎﻟﮡ ﮐﺎن discourageﻛﻨﺪﻳﻮن رﻫﻦ ﭤﻴﻮن .ﺳﺌﻴﮉن ۾ M. Scﻛﺮڻ وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﺗﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ڊاﻛﭩﺮن اﻫﻮ ﺛﺎﺑﺖ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ زﺑﺎن ﻣﺎن ﮘﮍﻧﺪڙ ﻻڙ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ۽ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮو ﺑﻪ ﺻﺎف رﮐﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻫﻮ ﻧﻘﺼﺎﻧﻜﺎر رﻫﻲ ﭤﻮ .اﺳﻼم ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺠﺒﻮرﻳﻦ ﺟﻲ ﺟﻬﮍوڪ ﭔﻨﻲ ﭔﺎري ﺟﻲ ﭼﻮﻛﻴﺪاري ﮐﺎن ﻋﻼوه ﮔﻬﺮ ۾ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ رﮐﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﻧﺠﺲ ﻳﻌﻨﻲ ﭘﻠﻴﺖ ﺟﺎﻧﻮر ﻗﺮار ڏﻧﻮ آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻛﺘﻮ ﻧﻈﺮ ﺋﻲ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ .ﻣﻮن ﺟﻬﮍي واڪ ﺟﻲ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻚ اﻫﮍا ﻣﻠﻚ وﮢﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﭜﻮﻧﻜﺎر ،ڏاڙﻫﮡ ۽ ﭘﭡﻴﺎن ﭘﻮڻ ﺟﻲ ﺧﻮف ﺑﻨﺎ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن واڪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻳﻨﺒﻮ )ﻳﻨﺒﻊ( ۾ رﻫﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﺮ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺗﻮڙي ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﭔﻬﺮاڙي ڏي واڪ ﻛﺮي وﭸﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪو ﻫﻮس ،ﭘﺮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻛﻮ ﻛﺘﻮ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﻳﻨﺪو .ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﻛﺘﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻓﻘﻂ ﭼﻴﻨﻴﻦ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﺳﻮ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﭘﺎﻟﺘﻮ ﭤﻴﻦ ۽ ﮔﻬﺮ ۾ ﭔﮅﻳﻞ رﻫﻦ ﭤﺎ ،ﺑﺎﻗﻲ ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻣﺠﺎل آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻮ ﻛﺘﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ .ﺟﭙﺎن واﻧﮕﺮ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ آزاد ۽ ﺑﻨﺎ ﭘﭩﻲ وارو ﺟﺎﻧﻮر ﻓﻘﻂ ﭔﻠﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﭘﺮ ﺗﻌﺠﺐ ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ رول ﻛﺘﻮ ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻻوارث ﭔﻼ ﭔﻠﻴﻮن ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮن اﭼﻦ .اﻳﺮان ﺟﻮن ﭔﻠﻴﻮن ﭤﺎﺋﻠﻨﮉ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﻣﻲ ﭔﻠﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﻬﮣﻴﻮن ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن ۽ اﻫﻲ ﮔﻬﺮن ۾ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ ﻳﺎ ﭔﺮﻧﺪڙ ﺑﺨﺎري ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ادب ﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .ﺑﺎﻗﻲ رول ﻛﺘﺎ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﺎ اﭼﻦ .ﭼﺎﻫﻲ ُﻗﻢ ،ﺗﻬﺮان، ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ،ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻬﮍا وڏا ﺷﻬﺮ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻗﺎﺳﻢ آﺑﺎد ،ﺳﻌﻴﺪ آﺑﺎد ،ﺷﺮﻳﻒ آﺑﺎد ،دﻳﻬﻪ ﻣﺮي ﻳﺎ دﻳﻬﻪ ﻏﻴﺒﻲ ﺟﻬﮍا ﮘﻮﭠﮍا ﻫﺠﻦ . ﺟﻲ ﻫﺎ! اﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﮘﻮٺ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ – ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎﻟﻦ ۾ -اﻓﻌﺎﻟﻦ ۾ ﻧﻪ . اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ڏوراﻧﻬﻴﻦ ﮘﻮٺ ۾ ﻫﻠﻴﺎ وﭸﻮ ﺗﻪ ﺑﻪ ﭘﻜﻮ رﺳﺘﻮ ،ﺑﺠﻠﻲ ،ﭘﺎﮢﻲ ،اﺳﻜﻮل ۽ اﺳﭙﺘﺎل ﺟﻬﮍي ﺷﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪي .اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﺗﻪ اﺳﻜﻮل ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ اﺳﭙﺘﺎﻟﻮن ﺑﻪ ﭘﺮ ﻣﻨﺠﻬﻦ ﻧﻪ ﻣﺎﺳﺘﺮ ﻧﻪ ﺷﺎﮔﺮد ،ﻧﻪ ﺑﻮرڊ ﻧﻪ ﺑﻴﻨﭽﻮن ،ﻧﻪ ڊاﻛﭩﺮ ﻧﻪ دواﺋﻮن ....رﻫﻲ ﺑﺠﻠﻲ ﺳﺎن ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﺑﻪ ﻣﻮﻛﻼﺋﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. ﺳﻴﺎري ۾ آﭼﺮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﻓﺌﻜﭩﺮﻳﻮن ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ﺑﻨﺪ رﻫﻦ ﭤﺎ ،ﻛﻮ اﻳﺌﺮﻛﻨﮉﻳﺸﻨﺮ ﺑﻪ ﻧﭥﻮ ﻫﻼﺋﻲ ،ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺑﻪ ﻟﻮڊ ﺷﻴﮉﻧﮓ ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ.
ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۽ ﮘﻮﭠﻦ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻬﮍن ﺑﻴﻤﺎر ،ﮀﺘﻦ ۽ ﻣﺮزﻳﻞ ﻛﺘﻦ ﺟﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻦ ،ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﻋﺬاب ﻛﺮي ﮀﮇي ﻫﺌﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﻋﺮ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻃﻮر اﻧﻬﻦ ﻛﺘﻦ ﺗﻲ ﺷﻌﺮ ﻟﮑﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﻔﻬﻮم آﻫﻲ ﺗﻪ” :ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺠﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﺘﺎ آزاد آﻫﻦ ۽ ﭘﭥﺮ ﻗﻴﺪي “...
ﭘﺮ اڄ ﺟﻲ اﻳﺮان ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﭥﺮ ﻗﻴﺪي آﻫﻦ ﭘﺮ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻗﻴﺪي ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﭘﭥﺮ ﻫﻦ رﻳﺖ ﻗﻴﺪي آﻫﻦ ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ رﺳﺘﺎ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻳﺎ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ۽ دادو ﺟﻬﮍا ﭜﮙﻞ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﻳﻨﺪا .ﭜﮙﻞ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﻫﮣﮡ ﻻ ﭘﭥﺮ ﺑﻪ ﺟﺎم .ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﻗﻴﺪي ﻫﻦ رﻳﺖ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﻛﺘﻦ ﻻ ﺟﻴﻞ ﺧﺎﻧﺎ ) (Dog Prisonﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭜﭹﻜﮍي ﻛﻨﺪڙ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﻟﻮﻫﻲ ﭘﭹﺮن ۾ ﻗﻴﺪ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ، ﺟﻴﺴﻴﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ڏﻧﮉ ﺟﻲ اداﺋﻴﮕﻲ ﻧﻪ ﻛﺮي .اﻫﺎ ﭜﭹﻜﮍي ﺑﻪ ﻣﺎﻟﻚ ﺋﻲ ﺗﻪ ﻛﺮي ﭤﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ دﻛﺎﻧﻦ ۽ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ وﭠﻲ ﻫﻠﮡ ،رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﻨﮕﮡ ﺗﻲ – ﻳﻌﻨﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﮕﮡ ﺗﻲ ،ﻣﺎﻟﻚ ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﺻﺎف ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﮔﻮﻫﻲ ﻛﺮڻ وﻏﻴﺮه.
ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻚ ﺳﺮﻛﺎري اﻫﻠﻜﺎر ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻛﺘﻮ ﭘﺎﻟﮡ ﻛﺎ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ان ﺟﻲ اﺳﺎﻧﺠﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﺿﺮورت آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﭼﻮڌاري اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ“.
ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ رﻫﻨﻤﺎ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﺳﻼم ۾ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﺮ ۾ رﮐﮡ ﮐﻲ ﺧﺮاب ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ” .ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﮍﻳﺌﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﭥﻲ ﭰﺮﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮان آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ وﻫﻨﻮار ﺗﻲ ﻫﻠﮡ ﮐﻲ ﻣﺎڊرن ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻋﺎم ﺧﻠﻖ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﻲ ﻧﻔﺮت ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎن ڏﺳﻲ ﭤﻲ .ﻳﻮرپ ﺟﺎ ﻣﺮد ﻳﺎ ﻋﻮرﺗﻮن ﭜﻠﻲ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﻛﮁﻦ ۾ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻦ ﻳﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭜﺎﻛﺮ ﭘﺎﺋﻴﻦ ۽ ﭼﻤﻴﻮن ڏﻳﻦ ،ﭘﺮ اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻻ ﻛﺘﻮ ﻫﻚ ﭘﻠﻴﺪ ﺟﺎﻧﻮر آﻫﻲ“.
ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ان ﻛﺘﻲ ﭘﺎﻟﮡ واري ﺷﻮق ﮐﻲ ﮔﻬﭩﺎﺋﮡ ﻻ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﻜﻴﻮرﭨﻲ ﭼﻴﻒ ﻣﺴﭩﺮ اﺣﻤﺪ رﺿﺎ رادان ﻧﺌﻮن آرڊر ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻛﺘﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﺒﻠﻚ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ اﭼﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ.
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﻫﻚ داﺧﻠﻲ ﻣﺴﺌﻠﻮ آﻫﻲ .ﺑﻴﺤﺪ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ۽ ﻋﺎم ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ،ﺑﻠﻜﻪ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻋﻮام ﻻ ﺑﻬﺘﺮ ﻗﺪم ﭘﺌﻲ ﮐﮣﻲ ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ،ﻳﻮرپ ،ﺟﭙﺎن ۽ ﭔﻴﻦ ﺳﮅرﻳﻞ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻋﻮام ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮي ﻻ ﻫﺮ روز ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻗﺎﻧﻮن ﻛﮃﻳﺎ ﭘﻴﺎ وﭸﻦ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﻳﺎ ﭘﺒﻠﻚ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮣﻮ ﻧﺎﻫﻲ، ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭤﻜﻮن اﮀﻼﺋﮣﻴﻮن ﻧﺎﻫﻦ ،وﻳﻨﺪي ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺗﻪ رﻳﻞ ﮔﺎڏي ۾ ﭼﻴﻐﻢ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ، ﻫﻮﭨﻠﻦ ،ﺑﺴﻴﻦ ۽ رﻳﻞ ۾ ُاﮔﺮي ڌپ وارو دورﻳﻦ ﻣﻴﻮو ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮ ۽ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻛﺘﻦ ﻻ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ﻫﻔﺘﻲ ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﺎري ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ،ﺳﺌﻴﮉن ،آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻳﺎ ﺟﭙﺎن وﻏﻴﺮه ۾ ﻧﻜﺮي ﻫﺎ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ان ﮐﻲ ﺳﺎراﻫﻲ ﻫﺎ ﭘﺮ رات اﻧﭩﺮﻧﻴﭧ ﺗﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻪ اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﻨﺪي ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ اﺧﺒﺎري ﻧﻤﺎﺋﻨﺪن ﻫﻦ ﮐﻲ ﻏﻠﻂ رﻧﮓ ڏﻳﺌﻲ وڏي ﻫﺎ ﮔﻬﻮڙا ﻣﭽﺎﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﺘﻦ ﺳﺎن ﻇﻠﻢ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﻛﺘﺎ ﭘﺎﻟﮡ وارن ﺳﺎن ڏاڍاﺋﻲ ﭤﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﺘﺎ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﮐﺎن روﻛﻴﻮ ﭘﻴﻮ وﭸﻲ ...وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه .اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ڏﺳﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ اﻳﺮان ﻻ ﺗﻌﺼﺒﻲ ﺳﻮچ ﺟﻮ ﺻﺎف اﻇﻬﺎر ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﺟﻮن اﻫﮍﻳﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﮍﻫﻲ ﭘﮍﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺧﺮاب ﭤﻲ ﻟﮙﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻟﮙﻮ آﻫﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮن ﺑﺎزارﻳﻮن ۽ ﺑﻠﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻫﺎ ﻫﺎ! اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻲ واﭼﻮن ،رﻳﮉﻳﺎ ،ﭨﺮاﻧﺴﺴﭩﺮ ،ﻛﺌﻠﻜﻴﻮﻟﻴﭩﺮ وﻏﻴﺮه ،ﺟﻴﻜﻲ ﺷﻴﻮن ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ،ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۽ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﮢﺒﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ زﻳﻨﺐ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ،ﻣﻮﺗﻦ داس ﻣﺎرﻛﻴﭧ ،ﮔﻞ ﺳﻴﻨﭩﺮ ،ﺑﻮﻫﺮي ﺑﺎزار ،ﮐﻬﻮري ﮔﺎرڊن ۽ آﭼﺮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﺗﻪ ﺑﻮٽ ،ﭼﻤﭙﻞ، ﻛﭙﮍا ۽ ﭤﺎﻧﻮ ﭤﭙﺎ ﺑﻪ وﻻﻳﺖ ﮐﺎن ﺳﺴﺘﺎ رﮐﻴﺎ آﻫﻦ .اﮔﺮ ﻛﺎ ﺷﻲ اڻ ﻟﭛ ۽ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﻘﻮل دادو ﺟﻲ ﺟﻬﺎزي اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻇﻬﻴﺮ ﺑﺎﺑﺮ ﻗﺮﻳﺸﻲ ﺟﻲ اﭨﻮ ،ﮐﻨﮉ ،ﺑﺼﺮ ۽ ﭘﭩﺎﭨﺎ آﻫﻦ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان اﭼﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻪ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮡ – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻋﻮرﺗﻮن ،ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻛﭙﮍو ،زﻋﻔﺮان ،ﻗﻴﻤﺘﻲ ﭘﭥﺮ - ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺖ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﭜﺮ واري ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﮐﺎﮢﻴﻮن آﻫﻦ ۽ اﺗﻲ ۽ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﭩﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ﺳﭵﻮ ،اڄ ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ وارو ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﻟﮙﻲ ﭤﻮ – ﻳﻌﻨﻲ دﻛﺎن ﺋﻲ دﻛﺎن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﺧﺮﻳﺪار ﺋﻲ ﺧﺮﻳﺪار .اﻫﻮ ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻫﺘﻲ روزاﻧﻮ ﻫﺰارﻳﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ دﻛﺎﻧﺪار ﮔﻬﭧ ﻧﻔﻌﻮ رﮐﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﭼﮝﻮ ﻛﻤﺎﻳﻮ وﭸﻦ ۽ ﺧﺮﻳﺪارن ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺳﺴﺘﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻫﻮن ﭨﻲ وڏﻳﻮن ۽ ﺑﺎزار رﺿﺎ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﺎزار ﺑﺰرگ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﺎ ۸۰۰ﻣﻴﭩﺮ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزارﻳﻮن آﻫﻦ .ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ۽ ڊﺑﻞ ﻣﺎڙ ِ ﮐﻦ ڊﮔﻬﻲ آﻫﻲ – ﻳﻌﻨﻲ اڌ ﻣﻴﻞ ﮐﻦ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮن ﻫﭣ ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻴﻮن ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ، ﭜﺮت ،ﻣﺼﻠﻦ ﮐﺎن ﮘﻬﻪ ﮘﭡﺎ ،زﻋﻔﺮان ،ﻋﻄﺮ وﻏﻴﺮه ﻣﻠﻨﺪا ۽ ﭔﺎﻫﺮن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﺷﻴﻮن ﭘﮡ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭔﺎﻫﺮن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن ﻣﻌﻨﻲ ﭼﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻴﻮن .ﮔﻬﭧ اﮔﻬﻪ ﻛﺮي ﭼﻴﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ﺗﻲ ﮀﺎﺋﻨﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﺮ ﻫﻚ ﻣﭹﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺷﻴﻮن ٰ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ،ﻓﺮاﻧﺲ ،ﺟﺮﻣﻨﻲ اﭨﻠﻲ ﺟﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ Finishingﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻗﻴﻤﺘﻦ ۾ ﻓﺮق ﺗﻪ ڏﺳﻮ .ﻫﻦ ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ﺟﻲ دور ۾ ﺟﮇﻫﻦ وڏن ﭘﮕﻬﺎرن وارن ﺟﻮ ﺣﺎل ﺑﻪ ”آﮢﻴﻮن ۽ ﭼﺎڙﻫﻴﻮن ڏٿ ڏﻫﺎڙي ﺳﻮﻣﺮا“ وﭸﻲ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ اﺗﻲ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﻳﺎ اﭨﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻮٽ ﭨﻦ ﻫﺰارن ۾ وﭠﻨﺪو ﻳﺎ ﭼﻴﻦ ﺟﻮ ﻓﻘﻂ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ۾ -ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﺑﺎزار رﺿﺎ ۾ ﻫﻴﭟ ﻣﭥﻲ وﭸﮡ ﻻ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ) Escalatorsاﻟﻴﻜﭩﺮڪ ﺗﻲ ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻲ ﺟﻲ ُاﻫﺎ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ. ِ ﻫﻠﻨﺪڙ ڏاﻛﮣﻴﻮن( آﻫﻦ .ﻫﻦ ﺑﺎزار ﮐﻲ ﭔﻪ وڏا ﮔﻴﭧ آﻫﻦ ؛ ﻫﻚ ﺑﻴﺖ اﻟﻤﻘﺪس ﭼﻮراﻫﻲ ڏي ۽ ﭔﻴﻮ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺷﺎﻫﺮوار ﭼﻮراﻫﻲ ڏي آﻫﻲ.
ﺑﺎزار رﺿﺎ آﻫﻲ ۽ ﭨﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزار – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻛﭙﮍي ۽ ﭨﻴﻜﺴﭩﺎﺋﻞ ﺟﻲ ﺷﻴﻦ ﻻ – ﺳﺮا ِ ﺑﺎزار ﻛﻮﻳﺘﻲ ﺑﺎزار ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺷﺎﻫﺮوار اﺳﻜﺎﺋﺮ وٽ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺑﺎزار ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻴﻮن ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻲ ﺑﺎزارﻳﻮن ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ۸وﮘﻲ ﮐﺎن ﺷﺎم ﺟﻮ ۸وﮘﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن .اﻧﻬﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزارﻳﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن ﺑﻪ زﺳﺖ ﺧﻮار ﺑﺰﻧﻴﺲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻧﻨﮃﻳﻮن وڏﻳﻮن ﻣﺎرﻛﻴﭩﻮن ۽ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ِ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﺟﻴﻜﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ اﺳﻜﺎﺋﺮ )ﻛﻮه ﺳﻨﮕﻮﺋﻲ( وٽ ﺑﺌﻨﻚ ﺗﺠﺎرت واري ﺑﻠﮉﻧﮓ ۾ آﻫﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺧﺮﻳﺪاري ﻻ اﺣﻤﺪ آﺑﺎد اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ ،ﺟﻨﺖ اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ ،داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ ۽ ﻣﻮدارس اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ وارا دﻛﺎن ﭘﮡ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ. ﺷﺎرق زﺳﺖ ﭨﺮﻳﮉ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﭘﮡ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻫﺮ ﻫﻚ ﭔﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ اﺗﺮ ﭘﺎﺳﻲ ،ﺗﺒﺮﻳﺰي اﺳﻜﺎﺋﺮ وٽ ِ ﺷﻲ ﮔﻬﭧ ﻗﻴﻤﺖ ﺗﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺑﺎزارﻳﻦ ﺟﻮ ﭘﺮ ﭘﺎرﻛﻦ ۽ ﺑﺎﻏﻴﭽﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﺎوڪ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﮐﻲ ﻫﻬﮍا ﻧﻈﺎرا ﭘﺴﻲ واﻗﻌﻲ inspirationﻣﻠﻨﺪي ﻫﻮﻧﺪي ،ﺑﺎﻗﻲ اﺳﺎن وٽ ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﻨﮅ ۾ رﮘﻮ آﻫﻦ ﻟﻜﻮن ۽ ﺟﻬﻮﻻ ،ﻛﺮڙ ۽ ﻛﻨﮉا ،ﻛﺎﻧﮓ ۽ ﻛﭕﺮون ،ڊڀ ۽ ﻛﺎﻧﮉﻳﺮا !....ﻛﭥﻲ آﻫﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺗﺒﺮﻳﺰ وارﻳﻮن ﮔﻞ ﮔﻠﻜﺎرﻳﻮن ،ﻣﻮر ۽ ﺑﺮﺑﻠﻮن )ﺑﻠﺒﻠﻮن(، زﻋﻔﺮان ۽ ﭼﻨﺒﻴﻠﻴﻮن ؟ ﻣﮍﻳﺌﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭤﻴﮡ واري دور ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن ،ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﮐﻲ ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اڙدو رﻧﮓ ڏﻳﺌﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻻﻣﻦ ﺗﻲ زوري ﮐﮣﻲ ﻧﺮﮔﺴﻮن ۽ ﭼﻨﺒﻠﻴﻮن ﭘﻮﮐﻴﻮن ۽ ﻣﭥﻦ ﺑﻠﺒﻠﻮن وﻫﺎرﻳﻮن ﭘﺮ ﭘﻮ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﭨﻬﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﮐﻲ
ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮐﺎن ﻛﻢ وﭠﻲ ﭼﻮﮢﻮ ﭘﻴﻮ : ﻛﻨﮉي
ﻧﻪ
ﮀﺎﻧﮕﻮن
ﺳﮝﺮي،
ﻧﻪ
ﭔﭕﺮ
ﮀﻴﻠﮍا،
ﻧﻪ
ﻣﺎرو
ﻳﺎ ﺑﻠﺒﻠﻦ ﮐﻲ ﭔﻮﻻﺋﮡ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دﻳﺲ ﺟﻲ ﻛﺎري ﻛﺎﻧﮓ ﮐﻲ ﻟﻨﻮاﺋﮣﻮ ﭘﻴﻮ .....
اﻛﻴﻠﮍا
ﭘﻠﮍا
.....
”ﻛﺎﻧﮓ ﭤﻮ ﻟﻨﻮي “....
ﮔﻠﻦ ﺑﺎﻏﻴﭽﻦ ﺟﺎ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺷﻮﻗﻴﻦ آﻫﻴﻮ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﮔﻬﮣﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭨﻜﮡ ﺟﻮ ارادو اﭤﺎﻧﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ ﺷﻬﺪا اﺳﻜﺎﺋﺮ ﻣﺎن ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ،ارڙﻫﻴﻦ ﻳﺎ اوﮢﻬﻴﻦ ﻧﻤﺒﺮ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﻣﻠﺖ ﭘﺎرڪ ۾ ﻫﻠﻴﺎ وﭸﺠﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ وﻛﻴﻞ آﺑﺎد روڊ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن آﻫﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺷﻬﺮ ﮐﺎن اٺ ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﭘﺎرڪ وﻛﻴﻞ آﺑﺎد ﭘﺎرڪ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ وٽ ﻛﻮه ﺳﻨﮕﻮﺋﻲ ﭘﺎرڪ ۽ داﻧﺶ اﺳﭩﺮﻳﭧ وٽ ﻣﺮزا ﻛﻮﭼﻚ ﺧﺎن ﺟﻨﮕﻠﻲ ﭘﺎرڪ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺳﭛ ﭘﺎرڪ ﺗﻤﺎم وڏا ﭘﺎرڪ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺗﺼﻮر اﺳﺎن ﻛﺮي ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮن ﺟﻮ ان ﻟﻴﻮل ﺟﺎ ﭘﺎرڪ اﺳﺎن وٽ ﻋﺎم ﻧﻪ آﻫﻦ .ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻨﮃي ﻟﻴﻮل ﺟﺎ ﭘﺎرڪ اﺳﺎن وٽ آﻫﻦ اﻫﻲ ﺑﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﮐﻮٽ ۽ ﻣﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﻏﻴﺮ ﺣﺎﺿﺮي ﻛﺮي ﺳﻜﻲ ﺳﮍي وﻳﺎ آﻫﻦ. ان ﻛﺮي ﻣﺸﻬﺪ ۾ وﻗﺖ ﻣﻠﻲ ﺗﻪ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﺧﺮﻳﺪاري ﭘﭡﻴﺎن وﭸﺎﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﭘﺎرڪ ﮔﻬﻤﺠﻦ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﺑﻬﺎر ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ -۽ ﭘﻮ ﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﮐﻲ اﺳﻴﻦ ﺳﻤﺠﻬﻲ ۽ appreciateﻛﺮي ﺳﮕﻬﻨﺪاﺳﻴﻦ.
ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻫﻮش ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮ ۽ ڏﻫﻪ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﭤﻲ ادب ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﭘﮍﻫﮡ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻫﺎ ﺷﺎﻋﺮي – اڙدو ﺗﻮڙي ﺳﻨﮅي ،ﭘﮍﻫﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻨﺪي ﻫﺌﻲ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻧﻪ رﮘﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﭨﻨﺒﮡ ﺟﻮ ﻓﺌﺸﻦ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ،ﮔﻠﻦ ﭔﻮﭨﻦ ،ﭘﮑﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﮡ زوري ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ ﺷﻌﺮن ﺟﻲ ﻗﻴﺪ ۾ ﺑﺎﻧﺪي ﺑﮣﺎﻳﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ۽ اﺳﺎن ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ،ادب ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﺳﺎن ﺷﻮق رﮐﮡ ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﻛﺮڻ وارا ،ﻫﺎﻻ ۽ ﭜﭧ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﮔﺮم ﻣﻮﺳﻢ ۽ وارﻳﺎﺳﻴﻦ ﭘﭩﻦ وارا ،ان ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اڙدو ﺟﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﭔﻮﻟﻲ ۾ ﮔﻞ ۽ ﻏﻨﭽﻦ ،ﺑﻠﺒﻠﻦ ۽ ﻧﺮﮔﺴﻦ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﺣﻴﺮت ۾ ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ان وﻗﺖ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻌﺮ ﭘﮍﻫﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ آﻫﻦ .۽ اﻫﮍي ﺋﻲ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ ﺟﺎ اڙدو ﺟﺎ ﺷﻌﺮ ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اڙدو ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﭼﺌﺠﻦ ﺗﻪ وڌﻳﻚ ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻴﻨﺪو. ﺣﺎل ﺧﻢ ﺳﺮ داد
ﻧﺮﮔﺲ ﭤﻴﻮ
ﻣﭩﻴﻮ ڏي
ﺟﻮ
ﺳﺮﺑﻪ
ﺳﻨﮓ ِ
ﻋﺸﻖ
ﭔﮅي
در ِ
ادب
ﻣﻮﻧﮑﻲ
ﻣﺴﺘﻲ
ﻳﺎر
ورﻋﻨﺎﺋﻲ
ﻫﺮ
ﻧﺎﺻﻴﮫ
ﺗﻲ
ﺻﺤﺮاﺋﻲ
ﺳﻮداﺋﻲ
ﻓﺮﺳﺎﺋﻲ
ﺟﻮ، ﺟﻮ،
ﺟﻮ،
ﺟﻮ.
ﻏﺎﻟﺐ ﺳﻨﮅ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ﻣﭥﻴﻮن ﺷﻌﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻓﻴﺾ ﺑﺨﺸﻴﺎﭘﻮري ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ِ ﺟﻲ دوﺳﺖ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﺣﻤﻴﺪ ”ﺷﻬﻴﺪ“ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺸﺎﻋﺮي ۾ ﻫﻮ ﺑﻪ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻓﻴﺾ ﺑﺨﺸﺎﭘﻮري ﺻﺎﺣﺐ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﺎﻋﺮ ﭔﮅاﺋﻲ اﺳﭩﻴﺞ ﺗﺎن ﻟﭥﻮ ﺗﻪ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ ڊاﻛﭩﺮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺣﺎﻣﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭼﻴﺲ ؛
”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﭔﻪ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ ﺷﻌﺮ ﺑﻪ ﺗﻪ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﺎ “.
ﻓﻴﺾ ﺻﺎﺣﺐ اﻫﻮ ﭔﮅي ﻛﺎوڙﺟﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ﺣﺎﻣﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ” :اﻫﻲ ﺳﭛ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ ﺗﻪ ﭔﮅاﻳﻢ!“ ﺑﻬﺮﺣﺎل ان دور ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ۽ اڙدو ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ واﻫﭙﻮ ﭤﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻮ واﻫﭙﻮ وڌﻧﺪو وﭸﻲ ۽ ﻫﻚ ﺳﻨﮅي ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﮔﺮدن اﮘﻴﺎن ﻛﻼس روم ۾ ان ڏک ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻫﻮ ؛ ” ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻓﺴﻮس آﻫﻲ اﻧﻬﻦ اﺳﭩﻮڊﻧﭩﺲ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻳﻮز ﭤﺎ ﻛﻦ اﻧﮕﻠﺶ ورڊس ،ﺳﻨﮅي ﻟﺌﻨﮕﻮﺋﻴﺞ ۾“. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻓﻴﺾ ﺑﺨﺸﺎﭘﻮري ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن ﺗﻲ ﻓﺨﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻮ ﻧﺞ ﺳﻨﮅي ﭤﻮ ﺳﮇي ،ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ ﻫﻦ رﻳﺖ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ؛ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ
زﺑﺎن
ﺗﻲ
ﻧﺎز
ﭤﻲ
ﺳﻨﮅي
زﺑﺎن
ﻛﺮي،
دﺷﺖ ِ
ﮐﻲ
ﻏﺰل
ﻫﺎڻ ﺳﺎﺋﻴﻦ ڏﻳﻮ ﻣﻨﻬﻦ !
ﺧﻴﺎﺑﺎن
رﺷﻚ ِ
ﮀﮇﻳﻢ.
ﻛﺮي
ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻓﻴﺾ ﭘﺮ اڄ ﮐﺎن اڌ ﺻﺪي اڳ ،اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﺮ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮڻ ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺧﻮاب ﻫﻮ – ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﺳﺎﭜﻴﺎن ﻣﺎﮢﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ .ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﻋﺮ اﻧﻮر ﻫﺎﻻﺋﻲ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻦ ﻣﺎن ﻟﻄﻒ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮﻳﻮ؛ ”وارﻓﺘﮕﻲ ﻳﻮﺳﻒ ﺳﺎﺣﻞ ﺗﮇﻫﻦ
۾
اﮘﻴﺎن ﮐﺎن
ﭤﻲ
ﻛﺮي
آﻫﻲ
دﺳﺖ
ﻣﺎﻫﻪ
ﺗﻼش
ﮔﺮداب
ﻫﻚ ﺷﻌﺮ ﻣﺤﺒﻮب ﺳﺮوري ﺟﻮ ﻳﺎد اﭼﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ؛
”ﺳﻠﺴﻠﻮ
ﺑﺎﻟﻮ
ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ
اﺳﻄﺎ
ﺧﻨﺠﺮ
دم
ﺑﺮﻳﺪه
۾،
ﺟﻲ
ﻗﺎﺗﻞ
ﺧﻨﺠﺮ
ﺟﺒﻴﻨﻦ
اﺷﺮف ﻣﻨﺼﻮر ﺻﺎﺣﺐ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮ ﺷﻌﺮ ”ﻣﻼﺣﻈﻪ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ“.
”اﭸﺎن ﻣﮕﺮ
ﻗﻔﺲ
ﺟﻬﺎن
وﻋﺪه
۾
۾
ﺷﻜﻦ
ﻣﺸﻜﻞ
ﺑﻲ
ﭼﺎر
َﭘﺮ
ﻗﺮار ُﺳﻮ
ﺗﻲ
ﺑﻠﺒﻞ
اﻳﻨﺪو
ﻣﻮﻧﮑﻲ
ﺟﻲ
آﻫﻲ
ﭤﻜﺠﻲ
ﭘﻴﺎ،
۾
ﻗﺮﻳﺐ
ﺳﺎن
ﻛﺮي
ﮀﮇﻳﺎﺋﻮن،
ﺳﻔﻴﻨﻦ
ﻗﺎﺋﻢ
ﮐﻒ ِ
ﺣﺴﻦ ِ
ﺣﺎل ِ
ﻛﺸﻤﻜﺶ،
ﺳﺮاﭘﺎ
ﺻﺪا،
زار
ﻓﺼﻞ ِ
ﻛﺸﻤﻜﺶ“.
۾
ﭤﻲ
ﻗﺎﺗﻞ
۾
اﻋﺘﺒﺎر
اﻧﺘﻈﺎر ﺗﻲ
ﺑﻬﺎر
وﻳﻮ،
آ“.
اﻳﻨﺪو،
ﻫﺎ
اﻳﻨﺪو. ﻫﺎ
اﻳﻨﺪو.
اﻋﻠﻲ ﺷﺎﻋﺮ وﻓﺎ ﭘﻠﻲ ﺑﻪ ﺟﺎن ﮀﮇاﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻲ ؛ ﭼﻲ؛ ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ ان ﻓﺎرﺳﻲ ﻣﺎن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭤﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻮ ٰ
”ﺟﺎم
ﺳﺎﻗﻲ
ﺣﺴﻦ ِ
ﺟﺎﻧﺎن
ﻣﻬﺮ
ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ
ﺗﺎﺑﺎن
ﻏﻢ
ﺑﻪ ﮔﻮﻳﺎ
ڏﺋﻲ ﺋﻲ
ﭤﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ
ﭼﻴﻮ
ﺣﺴﻦ ِ
ﻗﺴﻢ
ﻣﮅم
وﻳﻮ ﺋﻲ
ﻋﺎﻟﻢ
ﻏﻢ
ﻫﻮ،
ﻣﮅم،
ﻫﻮ، ﻫﻮ.
ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺲ .... ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ،ﭤﺎﺋﻴﻠﻨﮉ ،ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ۽ وﻳﻨﺪي اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﻨﮕﻼ ۽ ﭰﻜﮍ ﻳﻮرﭘﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺧﺎﻟﻲ ﮐﻴﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﻨﺪا وﺗﻦ ۽ اﻫﻲ دﻫﻠﻲ ﺟﻲ رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﭜﺮﺳﺎن وارﻳﻦ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ﻛﻤﺮي وارﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺑﻪ ﭨﻲ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭼﺎر ﭴﮣﺎ رﻫﻲ ﺧﺮچ ﺑﭽﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ وﻗﺖ ﭘﺎس ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ۾ ُﺳﮏ ﺳﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .ﮐﺎﺋﮡ ﻻ ﺳﺴﺘﺎ ﻧﺎن ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻦ ،ﻧﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﻫﺎﺋﻴﺠﻨﻚ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮﮢﻮ ﻧﻪ ﭤﻮ ﭘﻮي .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﻮ اﻧﻬﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﭔﻬﺮاڙي ﭘﺎﺳﻲ ۾ ﮘﻮﻟﻬﻲ اﻧﻬﻦ ۾ رﻫﻦ .ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻮ ﺗﮇو ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻦ ۽ ﺑﻨﺎ ﮐﭩﻦ واري ﻛﻤﺮي ۾ اﻫﻮ ﺗﮇو ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺎرﭨﻦ ﺟﻮ ﮔﺘﻮ وﮀﺎﺋﻲ ﺳﻤﻬﻴﻮ رﻫﻦ.
اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻴﺮ اﻳﻨﺪو ،ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﭩﺮ ُﻣﻼن آﻫﻦ ۽ اﻳﺮان ﮐﻲ ﻣﻮن ﻣﺎﺋﻮزي ﺗﻨﮓ واري ﭼﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﭼﮡ ﺳﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻴﺤﺪ ﻟﺒﺮل آﻫﻦ .ﻣﻨﺠﻬﻦ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺑﺮداﺷﺖ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺎدو آﻫﻲ ﭘﺮ ڌارﻳﻦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻣﻤﻜﻦ ﻣﺪد ﻛﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان روم ۽ اﻧﮉﻳﺎ واﻧﮕﺮ زﺑﺮدﺳﺖ ﺗﻮارﻳﺨﻲ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ڌارﺋﻴﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺷﻴﻮن آﻫﻦ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﻧﻪ اﻧﮉﻳﺎ واﻧﮕﺮ ﮔﺮم آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ روم واﻧﮕﺮ ﺳﺨﺖ ﭤﮅي .ان ﻛﺮي دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻫﺘﻲ اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮن، وﻳﻨﺪي ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮡ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮن اﻳﺮان ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﭘﻮ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ را ﺑﺪﻻﺋﮣﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ وڌ ﭼﻮن ﭤﺎ .اﻳﺮان ۾ زﻳﺎرت ﻻ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان ﺟﺎ اﻧﻴﻚ ﺷﻬﺮ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﮐﺎن ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺳﻨﻲ ۽ ﺷﻴﻌﺎ ﭘﺮ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ .ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺧﺎص ﻛﺮي اﺻﻔﻬﺎن ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺗﻬﺮان ،زاﻫﺪان، ﺑﺮﺟﻨﺪ ،ﺷﻴﺮاز ،دﻳﺰﻓﻞ ۽ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ Caspian.ﺳﻤﻨﮉ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر واري ﻛﻨﺎري ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ۽ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻮڙي ﻋﺮﺑﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ۽ ﻳﻬﻮدي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﮔﺲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻮ ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻨﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﺎﮢﺲ زوري” ﻫﻴﻠﻮ ﻫﻴﻠﻮ“ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ اﺣﻮال وﭠﻨﺪو آﻫﻴﺎﻧﺲ .ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻚ اﺳﭙﻴﻦ ﺟﻮ ﻛﻨﮕﻠﻮ ﺟﻮڙو ﻣﻠﻴﻮ .ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ زال ﻣﮍس ﻫﺌﺎ ﻳﺎ دوﺳﺖ ﻳﺎر ،ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۾ ﭼﺎر ﭘﻨﺞ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ آﻳﺎ آﻫﻦ .ﻫﻨﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ڏاڍي ﺗﻌﺮﻳﻒ ﭘﺌﻲ ﻛﺌﻲ ” .ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ﭘﻬﭽﻲ اﺳﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺴﺘﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ﻛﺌﻲ “.ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻫﺮخ ۽ ﻫﺎﺟﻤﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﻣﻠﻲ وﻳﺎ” .ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ﻻ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﺎن ﭘﮁﺎ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻛﺎﺑﻪ رﻫﺎﺋﺲ اﻫﮍي ﺳﺴﺘﻲ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺟﻬﮍي اﺳﺎن ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ .ﭘﻮ اﺳﺎن ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ واري ﻫﻚ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﭘﭧ ﺗﻲ ﺳﻤﻬﮡ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮن اﺳﺎن ﮐﻲ اﺋﻴﻦ اﻛﻴﻠﻮ ﮀﮇڻ ﻧﭥﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺳﻤﻬﮡ ڊپ ﮐﺎن ﺧﺎﻟﻲ ﻧﺎﻫﻲ “.ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﻳﻌﻨﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﭔﻴﻮ اﺳﺎن وٽ ﺳﭵﻲ رات ﺟﺎﮘﻲ ﭘﻬﺮو ڏﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﻫﻮ ﭔﺌﻲ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﮀﻮﻛﺮا ﻫﺌﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ رات ﺟﻲ وﻗﺖ ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۾ روزﮔﺎر ﻻ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ .ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺳﺎﭤﻲ ﺑﻪ ﻣﻮﭨﻴﻮ ۽ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ﮔﻬﺮ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﺎ ” .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮔﻬﺮ ﺑﻴﺤﺪ ﻏﺮﻳﺒﺎﮢﻮ ﻫﻮ ۽ ﮔﻬﺮ ﺟﺎ ﭜﺎﺗﻲ ﭘﮡ ﺳﺎدي ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ ،ﺟﻴﺌﻦ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﭤﻴﻨﺪا آﻫﻦ “،اﺳﭙﻴﻨﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﭔﮅاﻳﻮ ” ،ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﭙﮍا ﭘﮡ ڌوﺋﻲ ڏﻧﺎ .اﺳﺎن ﺳﻨﺪن ﮔﻬﺮ ﭼﺎر ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ ﭘﻴﺎﺳﻴﻦ ﺟﻦ ۾ اﺳﺎن ﻣﺎﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﭠﻲ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﻮ ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭼﻴﻮ .ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﺋﻲ ڏاڍا ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﻣﻨﺎب ﮘﻮٺ ۽ ﮔﻴﺸﻢ ﭔﻴﭧ ﭘﮡ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﺎ “.ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ۽ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻏﺮﺑﺖ ﺳﺎرو ﮐﻴﻦ ﺗﺤﻔﺎ ﭘﮡ ڏﻧﺎ ” .اﺳﺎن ﻫﻚ ﺗﻪ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﻳﻮرپ ﺳﺎن ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﻼ ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﮘﻮﭠﺎﮢﻦ اﺳﺎن ﺳﺎن ﺳﭡﻮ ﺳﻠﻮڪ ﻛﻴﻮ ۽ ﻟﮏ ﻋﺰﺗﻮن ڏﻧﻴﻮن “...ﻫﻮ دل ﺟﻲ ﮔﻬﺮاﻳﻦ ﺳﺎن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﺑﺎر ﺑﺎر
ﭼﺌﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ؛
”“We have no words to describe how much hospitable Iranian people are..
ﻳﺰد ﮐﺎن ﻗﻢ اﻳﻨﺪي رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﻣﺎن ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺑﻪ ﭼﮍﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ وڏا اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﺳﺎن ﻣﻠﮡ آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ﮐﻴﺲ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ آب ﺗﺎﻟﻴﺒﻲ )ﮔﺪري ﺟﻲ ﺟﻴﻮس( ۽ ﻧﺎن ﻳﺎد آﻫﻦ .ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﻮ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ وري ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ڏاڏن ﭘﮍڏاڏن ﺟﻮ ﮘﻮٺ ڏﺳﮡ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﮡ ﻻ آﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻪ آﺋﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺖ ﻛﻨﺴﺎس ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎ ﭘﻲ ﮐﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﭔﮅي ﺳﮑﻲ ورﺗﻲ .ﭘﺎڻ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﺋﻲ ﭴﺎﺋﻮ ﻧﭙﻨﻮ .ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ﻛﻮﻧﻪ ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ زوروﺳﭩﺮ )آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ( ڌرم ﺳﺎن ﻫﻮ ” .ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ڏاڍو وﮢﻴﻮ“ ،ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ” ،ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ آﻣﺮﻳﻜﻲ دوﺳﺖ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﮔﻬﻤﻲ آﻳﺎ اﻧﻬﻦ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ وڏي ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻲ“. ”ﺗﻮﻫﺎن ﮔﻬﮣﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺘﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻫﺌﺎﺋﻮ ؟ ”ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.
”آﺋﻮن ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ رﻫﻴﺲ ﭘﺮ اﭸﺎن دل ﻣﻮﭨﮡ ﺗﻲ ﻧﭥﻲ ﭼﻮي .اﻳﺮان ۾ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ،رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﺳﻮاري ﺟﻮ ﻫﺮ ﺳﮏ آﻫﻲ ﭘﺮ ُﺑﻮز )ﺷﺮاب(ﻧﭥﻮ ﻣﻠﻲ .ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻫﻲ ﺷﻴﻮن ﺳﺨﺘﻲ ﺳﺎن ﺑﻨﺪ ﻛﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮن آﻫﻦ .اﺳﺎﻧﺠﺎ وڏا ﭤﺎ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ۾ وڏي ﻋﻴﺎﺷﻲ ﻫﺌﻲ“. ”ﻫﻮن اﻳﺮان ﻛﻴﺌﻦ ﻟﮙﻮ؟“ ﻣﻮن وري ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.
”ڏس ﻧﻪ آﺋﻮن ﻛﻮ اﻫﮍو ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻴﺎن ﺋﻲ ﻛﻮﻧﻪ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ وﭸﺎن “،ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ” ،اﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﻪ ﺳﭡﺎ ﻫﻮﻧﺪا ﭘﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺗﻬﺮان ،ﻳﺰد ،ﺷﻴﺮاز ۽ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ ﻣﻮن ڏﭠﺎ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ۾ اﺻﻔﻬﺎن دي ﺑﻴﺴﭧ آﻫﻲ“.
”اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﺷﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﮔﻬﮣﻮ Impressﻛﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.
”اﺻﻔﻬﺎن ﻫﻚ Organized Cityآﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺳﻠﻴﻘﻲ واري آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﺎ رﺳﺘﺎ ،ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﭘﻠﻴﻮن ،ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻧﻘﺶ ﻧﮕﺎر ،ﻣﺴﺠﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن آرﻣﻴﻨﻴﻦ ﺟﻮ ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ ،ﻳﻬﻮدﻳﻦ ﺟﻮ ﻣﻼن ﺟﺌﻜﻮب ﺳﻨﺎ ﮔﺎگ ۽ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﺎ آﺗﺶ ﻛﺪه ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ .آﺋﻮن ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﻴﺪان ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن ۾ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮس ﻳﺎ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮارڊ ﺗﻲ ﻳﺎ درﻳﺎه ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﭼﻬﻞ ﻗﺪﻣﻲ ﻛﻨﺪو رﻫﻨﺪو ﻫﻮس .ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ روڊ ﻣﻴﺪان ﺷﻬﺪا ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ وﭸﻴﻮ دروازه دوﻟﺖ ﮐﺎن ﭤﻮ ﻧﻜﺮي ۽ ﭘﻮ اﮘﻴﺎن اﻧﻘﻼب ﭼﻮڪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ ﺟﺘﻲ ۳۳ﻛﻤﺎﻧﻴﻦ واري ﺳﻲ اوﺳﻴﻪ ﭘﻞ آﻫﻲ “... ” ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﭘﻠﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ “....ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ.
ﭘﻞ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن ....ﻧﻪ رﮘﻮ ﭘﻠﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﺮ ﭘﻞ ﺑﻮزور ﮔﻤﻬﺮِ ، ﭘﻞ ﭼﻮﺑﻲِ ، ﭘﻞ ﻓﺮدوﺳﻲِ ، ﭘﻞ ﻓﻴﻠﻀﻲِ ، ” ﺟﻲ ﻫﺎ .ﭘﻞ واﺣﺪِ ، ﭘﺎرﻛﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ...ﭘﺮ آﺋﻮن ﻫﺘﻲ ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﮡ آﻳﻮ ﻫﻮس اﻫﺎ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ “....
اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻮ ..... ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن اﻳﺮان آﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮان ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻴﺴﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڏﭠﺎ آﻫﻦ ،اﻧﻬﻦ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻬﮍو ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو ...
ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن اڄ ﮐﮣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺷﻬﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﭘﺎرﻛﻦ ،ﻟﺌﺒﺮرﻳﻦ ۽ ﻣﺴﺠﺪن ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ۾ وﺟﻬﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻦ اﻫﮍي ﻛﺎ ﺷﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻧﻪ ڏﭠﻲ ﻫﺌﻲ ۱۵۸۷ .ﮐﺎن ۱۶۲۹ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﺻﻔﻮي ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﻫﻮ ،اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺳﻮﻧﻬﺮي دور ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﺻﻔﻬﺎن ﻻ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﺗﻪ ”اﺻﻔﻬﺎن ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن اﺳﺖ“ – ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻪ ﺟﻨﻬﻦ اﺻﻔﻬﺎن ڏﭠﻮ ان ﭴﮡ اڌ دﻧﻴﺎ ڏﭠﻲ.
اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ۳۴۰ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ ۾ اﻫﮍي ﻫﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ڏي وﻳﻨﺪڙ ﻗﺎﻓﻼ ﮔﺬرﻳﺎ ﭤﻲ .ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺧﺸﻜﻲ رﺳﺘﻲ اﻳﻨﺪڙ ﻣﺴﺎﻓﺮ ۽ زاﺋﺮﻳﻦ زاﻫﺪان ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﻨﺪي وﻗﺖ اﺻﻔﻬﺎن ﻣﺎن ﮔﺬرن ﭤﺎ .اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﻳﺰد ﺟﺎ ﺷﻬﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ وچ ۾ ﺋﻲ آﻫﻦ ۽ اڄ ﺑﻪ اﺻﻔﻬﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ ،ﺗﻬﺮان ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺑﻌﺪ ،ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ۾ اڄ ﺑﻪ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﭜﺮﻳﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ڏﺳﻨﺪڙن ﮐﻲ ﻣﻮﻫﻴﻮ ﮀﮇي. اﺳﻼﻣﻲ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ،ﺧﻮﺑﺼﻮرت وﻳﻜﺮا رﺳﺘﺎ ،ﮔﻞ ﮔﻠﻜﺎرﻳﻮن ،ڍﻛﻴﻞ ﭘﻠﻴﻮن ،ﻣﺤﻼت ۽ ﻗﻠﻌﺎ ،ﻣﺴﺠﺪون ۽ ﻣﻨﺎرا – ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﺮق ﭘﺮ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ دل ﻟﭝﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ان ﻛﺮي اﺻﻔﻬﺎن ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺷﻴﺮاز ،زاﻫﺪان ۽ ﻳﺰد ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ۽ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. اﺻﻔﻬﺎن زﮔﺮوس ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﻄﺎر ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ وٽ ”زﻳﺎﻧﺪه“ ﻧﺪي ﺟﻲ ﻣﺎﭤﺮي واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ آﻫﻲ .ﺳﻄﺢ ﺳﻤﻨﮉ ﮐﺎن ۱۶۰۰ﻣﻴﭩﺮ ﻣﭥﻲ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۽ ﻛﻮه ﻣﺮي واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﺑﻪ اوﻧﻬﺎرو ﻫﻠﻜﻮ ﮔﺮم رﻫﻲ ﭤﻮ.
ﻣﻌﻨﻲ ﻧﺪي ( ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ وڏي ۾ وڏي ﻧﺪي آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﻌﻨﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺑﺨﺸﻴﻨﺪڙ ۽ ”رد“ زﻳﺎﻧﺪه ُرد )زﻳﺎﻧﺪه ٰ ٰ ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺗﮣﻴﻮن ﻧﺪﻳﻮن ﻣﻮﺳﻤﻲ آﻫﻦ .ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎرش ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﭔﻮڙ ﭔﻮڙان ﻧﻪ ﺗﻪ ﺳﻜﻞ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن ﭘﺮ ﻫﻲ ﻧﺪي .زﻳﺎﻧﺪه رد ﺟﻴﻜﺎ زﺋﮕﺮوس ﺟﺒﻠﻦ ﺗﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﭔﺎرﻫﻮﺋﻲ وﻫﻨﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ ۽ اڍاﺋﻲ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﻛﺮي ﮔﺎو ﺧﺎﺋﻮﻧﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻧﻤﻜﻴﻦ ڍﻧﮃ ۾ ﮀﻮڙ ﻛﺮي ﭤﻲ .ﻫﻲ ﻧﺪي ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﭘﺎرﻛﻦ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ ﭤﻲ ،ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﻧﺪي ﺟﻲ ﻛﭙﺮ ﺗﻲ واڪ ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻫﻦ ﻧﺪي ﻣﭥﺎن ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ دوران ﭠﻬﻴﻞ ﭘﻠﻴﻮن ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ.
ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ ۽ اﻳﺮان ﺗﻲ ۱۵۰۲ﮐﺎن ۱۷۲۲ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮا ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ۽ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺗﺮﻗﻲ ڏﻳﺎرڻ واري ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻤﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻣﺬﻫﺐ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼم ﻛﻴﻮ ۽ ﻣﻜﺘﺐ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﮐﻲ ﻓﺮوغ ڏﻧﻮ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن رﻫﻴﻮ .ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻤﻦ ۾ ﺷﺎه ﻋﺒﺎس اول ﺑﻴﺤﺪ ﻧﺎﻣﻴﺎرو ﺣﺎﻛﻢ رﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻪ رﮘﻮ اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ ﭘﺮ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﻫﻲ ﺣﺎﻛﻢ ”ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺑﺰرگ“ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ۱۵۷۱۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۶۲۹۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﭘﺎڻ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪا )ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ( ﺟﻮ ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﭘﭧ ﻫﻮ .اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺮاﮢﻴﻮ ﭘﻠﻴﻮن آﻫﻦ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﺧﺎﺟﻮ ﭘﻞ ،ﺳﻲ او ﺳﻲ ﭘﻞ، ﺟﻮﺋﻲ ﭘﻞ ۽ ﻣﺮﻧﺎن ﭘﻞ وﻏﻴﺮه ﺻﻔﻮي دور ﺟﻮن آﻫﻦ ۽ ۳۰۰ﮐﺎن ۴۰۰ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻴﻮن آﻫﻦ .ﺳﭛ ۾ ﭘﺮاﮢﻲ ﭘﻞ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن ﻣﻌﻨﻲ ﻓﻮﻻدي ﭘﻞ آﻫﻲ( ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺎڊرن ﭘﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ زﻳﺎﻧﺪه ﻧﺪي ﻣﭥﺎن اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ۾ ﭘﻞ آﻫﻲ .ﻓﻠﺰي ﭘﻞ ) ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٰ ۱۹۵۰۾ ﭠﻬﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮن ﭘﻠﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﭠﻬﻴﻮن آﻫﻦ ،اﻫﻲ آﻫﻦ؛ اذر ﭘﻞ ،ﻓﺮدوﺳﻲ ﭘﻞ، ﻣﻌﻨﻲ وڏو ﺳﺞ آﻫﻲ( ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ اﻫﺎ ﭘﻞ آﻫﻲ ﺑﻮزرﮔﻤﻬﺮ ﭘﻞ ۽ ﻗﺎدر ﭘﻞ .ﺑﺰرﮔﻤﻬﺮ )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﻔﻈﻲ ٰ اﻫﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دور ﺟﻮ ﻓﺰﻳﺸﻦ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﮀﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺧﺴﺮاﺋﻮ اول وٽ وزﻳﺮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ادﺑﻲ،
ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ،اﻳﺮان ﺗﻲ ﻓﺘﺢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻨﺪڙ ﻋﺮب ﺑﻪ ﻋﺰت ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﺰرﮔﻤﻬﺮ ﮐﻲ ﻫﻚ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ،ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ۽ ڏاﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ﺟﻮ ﺑﻪ وڏو ﻣﺎﻫﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ.
ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ( (۱۵۰۲-۱۷۲۲ﮐﺎن اڳ ﺳﻠﺠﻮڪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎه اول ﺟﻲ وﻳﻬﻪ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ )-۱۰۹۲ (۱۰۷۲۾ ﭘﮡ اﺻﻔﻬﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ رﻫﻴﻮ ۽ ﺑﻴﺤﺪ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻲ اﻫﺎ ﺻﺪي ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﺰﻳﺸﻦ ۽ ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﻓﻼﺳﻔﺮ اﺑﻮﺳﻴﻨﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ Avicennaﺳﮇي ﭤﻲ ﻫﻨﻦ ﭘﭩﻦ ﺗﻲ رﻫﻴﻮ .اﺑﻮ ﺳﻴﻨﺎ )ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺑﻮ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻦ اﺑﻦ ﻋﺒﺪا� اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ( ﭘﺮﺷﻦ )اﻳﺮاﻧﻲ( ﻫﻮ ۽ ۹۸۰۾ ﺑﺨﺎرا ۾ ﭴﺎﺋﻮ )ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺑﺨﺎرا وارو ﺧﺮاﺳﺎن ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻲ اڄ واري ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﺎن ﻣﻠﻴﻞ ﻫﻮ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﭤﻲ( .اﺑﻮ ﺳﻴﻨﺎ ﻛﻴﻤﺴﭧ ،ﻣﺎﻫﺮ ﻓﻠﻜﻴﺎت ) (Astronomerﻗﺮآن ﺟﻮ ﺣﺎﻓﻆ ،ﺣﺴﺎﺑﺪان ) ، (Mathematicianﺷﺎﻋﺮ ،ﻣﺎﻫﺮ ﻧﻔﺴﻴﺎت ،ﺳﭙﺎﻫﻲ ،ﺳﺎﺋﻨﺴﺪانStatesman ، ۽ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ﭘﮡ ﻫﻮ .ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﮔﺬرﻳﻞ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻛﻲ ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻴﮇو ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﻣﺎﻫﺮ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻚ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ۾ ﺋﻲ .ﺟﻦ ﺟﺎ ﺗﺠﺮﺑﺎ ،ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ۽ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎب اڄ ﺑﻪ اﺳﻴﻦ ﭘﮍﻫﻮن ﭤﺎ .اﺑﻮﺳﻴﻨﺎ ﺟﻲ ﻣﭹﺘﺎ ۽ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭘﺮ ﻳﻮرﭘﻲ ﮔﻮرا ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﺟﺎرج ﺳﺎرﺗﻦ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻮ ﺗﺎرﻳﺦ دان ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب ” اﻧﭩﺮوڊﻛﺸﻦ ُﭨﻮ دي ﻫﺴﭩﺮي آف ﺳﺎﺋﻨﺲ“ ۾ اﺑﻮ ﺳﻴﻨﺎ ﻻ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ؛ “One of the most famous exponents of Muslim Universalism and an eminent figure in Islamic learning was Ibn e Sina, known in the west as Avicenna (۹۸۱-۱۰۳۷). For a thousand years he has retained his original renown as one of the greatest ”thinkers and medical scholars in history.
اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ ﺳﺘﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻗﺮآن ﭘﺎڪ ﺣﻔﻆ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ )(Samanids ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎه اﺑﻮاﻟﻘﺎﺳﻢ اﺑﻦ ﻣﻨﺼﻮر ) (۹۶۱-۹۷۶وٽ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﻫﻮ .اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ ۲۲ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﮔﺬاري وﻳﻮ .اﻧﻬﻦ ﺋﻲ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ. ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ) (۹۹۷-۱۰۳۰ﺟﻮ اﻳﺮان ﺗﻲ راڄ ﻫﻮ .اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ ﮐﻲ ﻣﺤﻤﻮد ﻃﺮﻓﺎن ﻧﻮﻛﺮي ﺟﻲ آڇ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻗﺒﻮل ﻧﻪ ﻛﺌﻲ .ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ )ﻫﺎڻ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ( ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﺟﻲ وزﻳﺮ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﻟﮑﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻗﺪر ﻛﻴﻮ ﭤﻲ .ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ اﺗﻲ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر )ﻣﺸﻬﺪ( ﻫﻠﻴﻮ آﻳﻮ ۽ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ آﺧﺮي ﺳﺎل ﺗﻬﺮان ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﺷﻬﺮ را (Rai) ۾ ﮔﺬارﻳﺎ ۱۰۳۷ .۾ ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻤﺪان ﺷﻬﺮ ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ. ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ورﻟﮉ ﻣﻴﺮ ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﻨﺪڙ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﻓﭧ ﺑﺎل ﮐﻴﮇﻧﺪڙ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻛﺌﻴﭙﭩﻦ ﺷﻬﺎﺑﺎ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ آﻫﻲ .آﺋﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﺘﺲ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻓﻮن ﻣﭥﺎن ﻓﻮن ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﻫﻦ وٽ ﺿﺮور اﭼﺎن. ”اﺻﻔﻬﺎن ۾ آﻫﻲ ﺋﻲ ﮀﺎ ؟“ ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ” ،اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺗﻮﺟﻬﮍي ﺑﻴﻜﺎر ﻓﭧ ﺑﺎﻟﺮ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ اﭼﺎن ﮀﺎ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي اﺳﺎن ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﺳﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺌﭽﻮن ﻫﺎراﻳﻮن“.
ﻫﻮ ﭨﻬﻚ ڏﺋﻲ ﭼﻮڻ ﻟﮙﻮ؛”اﻟﻄﺎف ! اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻛﺮ ،ﺗﻮن ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮐﺎن ﭘﭿ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﻓﭧ ﺑﺎل ﭘﻠﻴﺌﺮ واﺣﺪ اﻣﺮاﺋﻲ ﻛﻬﮍي ﺷﻬﺮ ﺟﻮ آﻫﻲ؟ ﻓﭩﺒﺎل ﭘﻠﻴﺌﺮ ﻣﺤﺮم ﻧﻮﻳﺪ ﻛﻴﺎ ،اﺣﻤﺪ ﻣﻮﻣﻨﺰاده ،اﺣﺴﺎن ﺣﺎج ﺻﻔﻲ ،ﺣﻤﻴﺪ ﺷﻔﻌﻲ ۽ ﻣﺤﺴﻦ ﻣﺴﻤﺎن ﻛﻬﮍي ﺷﻬﺮ ﺟﺎ آﻫﻦ؟ ﻣﻬﺪي ﺳﻮﻻﺋﻮ ﻗﻲ ﺟﻬﮍا اﺋﻜﭩﺮ ۽ ﻟﻴﻼ ﻓﺮوﻫﺮ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﺳﻨﮕﺮ ﺳﭛ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮن آﻫﻦ“. ”ﭘﺮ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺷﻬﺎﺑﺎ ﻣﻮن ﻻ ﻓﻠﻤﻲ اداﻛﺎرن ۽ راﻧﺪﻳﮕﺮن ﮐﺎن ﺷﺎﻋﺮ ۽ ادﻳﺐ وڌﻳﻚ اﻫﻢ آﻫﻦ “.ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ.
” ﻫﻚ دﻓﻌﻮ اﺻﻔﻬﺎن اﭼﻮ ﺗﻪ“ ،ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺷﻬﺎﺑﺎ ﭼﻴﻮ” ،اﺻﻔﻬﺎن ادﻳﺒﻦ ۽ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ڊاﻛﭩﺮ اﺣﻤﺪ ﺗﻔﺎﺿﻮﻟﻲ، اﺑﻮاﻟﻔﺮج ،ﻓﺮاح ﻛﺮﻳﻤﻲ ،ﺳﻴﺎوش ﻛﺴﺮاﺋﻲ ،ﺷﺎﻫﻼ ﺷﺮﻛﺎت ۽ ﻫﻮﺷﻨﮓ ﮔﻠﺸﻴﺮي ﺟﻬﮍا ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﭛ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎ اﭤﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ“.
اﺳﺎﻧﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻠﻴﮓ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﺳﭟ ﺟﻮ ڏاﻛﻮ ﭨﭙﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻮ رﻳﭩﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﮔﺬاري رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﺑﺖ ﺻﺤﻴﺢ ﭘﺌﻲ ﭔﮅاﻳﻮ .ڊاﻛﭩﺮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ اﺣﻤﺪ ﺗﻔﺎﺿﻠﻲ )ﭴﻢ ﺟﻮ
ﺳﺎل (۱۹۳۷اﻳﺮاﻧﻲ ادب ۽ ﻛﻠﭽﺮ ﺟﻮ وڏو ﻣﺎﻫﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۱۹۹۷ .۾ ﺳﻨﺪس اوﭼﺘﻲ ﻣﻮت ﮐﺎن اڳ ﭘﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﻓﺌﻜﻠﭩﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻫﻮ.
اﻫﮍي ﻃﺮح اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻚ ﺟﻬﻮﻧﻲ اﺳﻜﺎﻟﺮ ﺧﺎﺗﻮن ﺻﺎدﻗﮫ دوﻟﺖ آﺑﺎدي اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺟﻲ زﺑﺎن زﻧﺎن“ اﺻﻔﻬﺎن اواﺋﻠﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﻫﺌﻲ .ﭘﺎڻ ۱۸۸۲۾ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻲ ۱۹۱۹ .۾ ﻫﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮔﺰﻳﭧ ” ِ ﻣﺎن ﺟﺎري ﻛﺌﻲ .ﺻﺎدﻗﮫ ﺟﻮ واﻟﺪ ﻣﺮزا ﻫﺎدي دوﻟﺖ آﺑﺎدي ﺑﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ۽ داﻧﺸﻮر ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ.
ﺻﺎدﻗﮫ ۱۹۲۳۾ ﭘﺌﺮس ﺟﻲ ﺳﻮرﺑﻮﻧﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ ۸۰ .ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۱۹۶۲۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﮐﻴﺲ اﺳﻼﻣﻲ ﻃﻮر ﻃﺮﻳﻘﺖ ﺳﺎن ﻛﺎ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻣﺮڻ وﻗﺖ ﻫﻦ وﺻﻴﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ان ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﺨﺶ ﻧﻪ ﻛﻨﺪي ﺟﻴﻜﺎ ﺣﺠﺎب اوڍي ﺳﻨﺪس ﻗﺒﺮ ﺗﻲ اﻳﻨﺪي .اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ۱۹۸۰۾ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺟﻮﺷﻴﻠﻦ ﺟﻮاﻧﻦ ﺻﺎدﻗﮫ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺗﻪ ڊاﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ ۽ ﭘﻲ ﺟﻮن ﺑﻪ ﻗﺒﺮون ڊاﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮن ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻫﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺻﺎدﻗﮫ ﺟﻲ ﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﭘﭡﭝﺮاﺋﻲ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ. ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﻟﺤﺴﻴﻦ اﻻﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ وڏو اﺳﻜﺎﻟﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ) Abulfarajاﺑﻮاﻟﻔﺮج( ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﭘﺎڻ ۸۹۷۾ ﻫﺘﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺑﻐﺪاد ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ ﺷﺎﻋﺮ ﺑﻪ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﻟﮑﮣﻴﻮن اﺳﭙﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﺘﻲ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ۹۶۷ .۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .اڄ ان ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﺰار ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻋﺮﺻﻮ اﭼﻲ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ راﮘﻦ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ) Book of Songsﻛﺘﺎب اﻻﻏﺎﻧﻲ( ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ.
ڊچ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮑﻜﺎ ،ﻫﻴﻮﻣﻦ راﺋﭩﺲ ﺟﻲ Activist۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ﻓﺮاح ﻛﺮﻳﻤﻲ ﭘﮡ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﻫﺘﻲ ۱۵ ﻧﻮﻣﺒﺮ ۱۹۶۰۾ ﭴﺎﺋﻲ .ﻫﻮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻳﻮﻧﺎﺋﻴﭩﻴﺪ ﻧﺌﺸﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪي آﻫﻲ .ﻓﺮاح ۱۹۷۹ﮐﺎن ۱۹۸۶ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺠﺎﻫﺪﻳﻦ ﺧﻠﻖ ﺟﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮ رﻫﻲ .اﻫﺎ ﺗﺤﺮﻳﻚ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ۾ دﻫﺸﺘﮕﺮدن ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﭘﺎڻ ۱۹۸۶۾ اﻫﺎ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﮀﮇڻ ﺑﻌﺪ ان ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺗﺠﺮﺑﺎ ۽ ﻣﺸﺎﻫﺪا ﺑﻴﺎن ﻛﻴﺎ آﻫﻦ .ﻓﺮاح ﻛﺮﻳﻤﻲ Onlineاﺧﺒﺎر روز ) (Rooz۾ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﮔﻲ ﺳﺎن ﻟﮑﻲ ﭤﻲ.
اﻫﮍي ﻃﺮح اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺟﻨﻢ وﭠﻨﺪڙ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻴﺎوش ﻛﺴﺮاﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ۱۹۲۷۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۹۹۶ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﻗﺎﻧﻮن ۾ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺳﻨﺪس ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻬﮍوڪ؛ The Melody
Arash The Archer Red as Fire
The Stone and the Dew
! Arise Iran
• • •
• •
ﺷﻬﺎﻻ ﺷﺮﻛﺎت ﭘﮡ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮑﻜﺎ آﻫﻲ ۽ ۱۹۵۶۾ ﭴﺎﺋﻲ .ﭘﺎڻ زﻧﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﻣﺌﮕﺰﻳﻦ ﻛﮃي ﭤﻲ ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻲ ﭤﻲ .ﭘﺎڻ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۽ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۾ ﺑﻴﺤﺪ دﻟﻴﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﺟﻴﻞ ﺑﻪ وﭸﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﻧﻔﺴﻴﺎت ۾ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺎﺑﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ”ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ“ ۾ اﻳﻢ اي ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺳﻨﺪس دﻟﻴﺮ ﻟﮑﮣﻴﻦ ﻛﺮي ﭨﻲ ﺳﺎل اڳ ﮐﻴﺲ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ ووﻣﻴﻦ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﻓﺎﺋﻮﻧﮉﻳﺸﻦ ﻃﺮﻓﺎن The Covrage in Journalismاﻳﻮارڊ ﻣﻠﻴﻮ.
۽ اﻫﮍو ﺋﻲ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻟﻴﮑﻚ ﻫﻮﺷﻨﮓ ﮔﻞ ﺷﻴﺮي ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮﺷﻨﮓ ۱۹۳۸۾ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ اﺳﻜﻮﻟﻦ ۾ ﻣﺎﺳﺘﺮي ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻮﺷﻨﮓ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻦ ﺟﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﭔﻴﻦ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺮﺟﻤﺎ ﺑﻪ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ .ﺳﻨﺪس
ﻣﺜﻞ ﻫﻤﻴﺸﮫ“ اﻓﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ As Always۱۹۶۸۾ ﮀﭙﻴﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻛﺘﺎ ب ” ِ آﻫﻲ .ﻫﻮﺷﻨﮓ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ ﻛﺘﺎب آﻫﻦ؛ ﺷﻬﺰاده اﺣﺘﺠﺎب
ﻚ ﻣﺎن ﻧﻤﺎز ﺧﺎﻧﮫ ﻛﭽ ِ
ﺗﺪﻓﻴﻦ زﻧﺪﮔﺎن ِ
ﺟﻦ ﻧﺎﻣﮫ
ﺟﻴﺪل ﻧﻘﺶ ﺑﺎ ﻧﻘﺎش ِ
ﺑﺎغ در ﺑﺎغ .....وﻏﻴﺮه .ﭘﺎڻ ۶۳ورﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۲۰۰۰۾ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺮان ﻣﻬﺮ اﺳﭙﺘﺎل ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ.
اﺻﻔﻬﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮن ،ادﻳﺒﻦ ،راﻧﺪﻳﮕﺮن ،ﻋﺎﻟﻤﻦ ،ﺳﺎﺋﻨﺴﺪاﻧﻦ ،ﻋﺎﻟﻤﻦ ،ﻓﻴﻠﺴﻮﻓﻦ ۽ داﻧﺸﻮرن ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ. ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ،ڏاﻫﻦ ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮن ﻣﺎن آﻳﺖ ا� ﻳﻮﺳﻒ ﺳﺎﻧﻴﺌﻲ ﺑﻪ ﻫﻚ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ۱۹۲۷۾ ﻫﺘﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﻗﻢ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ ﺑﻴﺤﺪ ذﻫﻴﻦ ۽ ﻣﺤﻨﺘﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻮ ۽ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﮐﻨﻴﺎﺋﻴﻦ .آﻳﺖ ا� ﻳﻮﺳﻒ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﺘﻮاﺋﻦ ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺧﺎص ﻛﺮي ﺧﻮد ﻛﺶ ﺣﻤﻠﻦ ) (Suicide Bombingsﮐﻲ ﻫﻦ ﻏﻠﻂ ۽ ﮔﻨﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻗﺮار ڏﻧﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﻓﺘﻮيٰ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻤﻠﻮ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﮐﺎن ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﺮاﻳﻮ اﭤﻢ ؛ ”ﺣﺘﻲ ﻛﺴﺎﻧﻲ ﻛﮫ ﻳﺎ اﻧﺘﺤﺎر ﻣﻲ آﻳﻨﺪ وﻣﻲ زﻧﻨﺪ ﻋﺪه اي را ﻣﻲ ﻛﺸﻨﺪ ،آن ﻫﻢ ﺑﮫ ﻋﻨﻮان ﻋﻤﻠﻴﺎت اﻧﺘﺤﺎري ،اﻳﻨﻬﺎ در ﻗﻌﺮ ﺟﻬﻨﻢ ﻫﺴﺘﻨﺪ“ )وﻳﻨﺪي اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﻮدﻛﺶ ﺣﻤﻠﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺎرﻳﻦ ﭤﺎ ،اﻧﻬﻦ ﮐﻲ دوزخ ﺟﻲ ﺑﺎﻫﻪ ۾ ﺋﻲ وﭸﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو(.
آﻳﺖ ا� ﻳﻮﺳﻒ ﺟﻮ ﻋﻮرت ﺟﻲ درﺟﻲ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻮ ﻧﻈﺮﻳﻮ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻮ اﺳﻼم ۾ ﻣﺮد ﺑﺮاﺑﺮ Statusآﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﺟﺞ ﺗﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﺳﺮ ﺑﺮاﻫﻪ ۽ ﻣﺎرﺟﺎ )ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻢ( ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن.
اﺻﻔﻬﺎن – ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ اول )-۱۰۹۲ (۱۰۷۲ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ ﭔﻴﺎ ﺳﭛ ﺷﻬﺮ ﮀﮇي اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ.
ﻳﺎرﻫﻴﻦ ۽ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﻫﺌﻲ .ﻫﻲ اﻫﻮ دور ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ اﺑﻮ ﻋﻠﻲ ﺳﻴﻨﺎ ﺟﻬﮍا ﻋﺎﻟﻢ، ڏاﻫﺎ ۽ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺘﻲ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ.ﭘﺮ ﭘﻮ ﺗﻴﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ڊاﻫﻲ رﮐﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙن ﺟﻲ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﺧﻮﻧﺮﻳﺰي ﻛﺌﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﭼﻮڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ۱۳۸۷ ،۾ ،ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ آﻧﺪي .ﭘﺮاﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻴﺎﺋﻲ ﻃﻮر ﺑﻬﺘﺮ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻫﻮ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﺳﻬﮣﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ۱۵۰۲ﮐﺎن ۱۷۳۶ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ۽ ﻳﺎرﻫﻦ ﮐﻦ ﻧﺎﻟﻴﺮا ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻋﺒﺎس ﺷﺎﻫﻪ اول ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ”ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ“ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ،ان ﺟﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﺳﺎﻟﻦ ) (۱۵۸۷-۱۶۲۹واري ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﻋﺮﺻﻮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺳﻮﻧﻬﺮي دور ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ آدم ﺷﻤﺎري ﭘﻨﺞ ﻟﮏ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻫﺌﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ﮔﻬﻤﮡ ﻻ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻳﻮرپ ﮐﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻠﻲ آﻳﺎ ﭤﻲ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺸﻬﺪ ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺑﻠﺦ ۽ ﺑﺨﺎرا ﺑﻪ ﻛﻲ ﮔﻬﭧ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺋﻲ ﭔﻲ ﻫﺌﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ﻋﻠﻢ ،ﻫﻨﺮ، ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ،واﭘﺎر وڙي ،ﻋﻠﻤﻲ ادارن ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﻮﭜﻴﺎ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﭧ ﭘﺎڻ ﻫﻮ .ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﭔﺎﻫﺮان ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي آﻳﻞ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ”ﻓﺎرﻳﻦ رﭨﺮﻧﮉ“ ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﭤﺎ .ﺗﻴﺌﻦ ﻫﻦ دور ۾ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺳﺎل ﭔﻪ رﻫﻲ وﻳﻨﺪڙ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﺧﻮﺷﻲ ۽ ﻋﺰت ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﭼﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ ﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﻛﻬﮍو؟ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ آﻫﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﺘﺮ ﺟﻲ ﺷﺮوع وارن ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﮇﻫﻦ اﭸﺎ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﭠﮙﻴﻦ ،ﻟﭽﺎﺋﻴﻦ ،ﺟﻌﻠﻲ ﺷﻴﻦ ﭠﺎﻫﮡ ۽ ﻧﻤﺒﺮ ﭨﻮ ﻣﺎل ﺟﻲ وﻛﺮي ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ۾ ﺑﺪﻧﺎم ﻫﻮ .ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۾ رﻫﻨﺪڙ ﭼﻴﻨﻲ ،ﻣﻠﺌﻲ ،ﺗﺎﻣﻞ ،ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ،ﺳﮏ ۽ ﭔﻴﻮن ﻗﻮﻣﻮن ۽ ذاﺗﻴﻮن ،ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮري ﺳﮇاﺋﮡ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وڏن ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ،ﻗﻮﻣﻦ ۽ ذاﺗﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺳﺎن ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﭘﻮ ڏﺳﻨﺪي ﺋﻲ ڏﺳﻨﺪي ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ۽ ۱۹۹۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن اﮘﻴﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ﻫﺮ ﺑﺎﺷﻨﺪو ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮري ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ .اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﻻ ﭼﺌﺒﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻲ ﻣﺪراس ﮐﺎن ﻫﺘﻲ آﻳﻮ ﻳﺎ ﭼﻴﭻ وﻃﻨﻲ ﮐﺎن آﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ڏاڍي ﻛﺎوڙ ﻟﮙﻨﺪي ﻫﺌﻲ ۽ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ رﻳﺖ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻬﮍن ﺟﺎﻫﻞ ،ﻏﺮﻳﺐ ۽ ﻓﺴﺎدي ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﮛ ﻧﻪ ﮘﻨﮃﻳﻮ وﭸﻲ. اﻋﻠﻲ ﭤﻲ وﺋﻲ ﺳﻮ اﻫﮍي ﻃﺮح ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺻﻔﻮي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺳﺎک ۽ ﻫﺎڪ اڄ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﮐﺎن ﺑﻪ ٰ ۽ وﻳﻨﺪي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎ ﻧﻮﻛﺮي ﺧﺎﻃﺮ ﭼﻨﺪ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ اﻳﻨﺪڙ ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ .ﭘﺮاﮢﻲ دور ﺟﻲ ﭠﭩﻲ واﻧﮕﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺑﻪ ﻣﺴﺠﺪن ،ﻣﺪرﺳﻦ ،ﺑﺎﻏﻦ ۽ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ .ﻣﻨﺠﻬﺲ ۱۶۰ﻣﺴﺠﺪون ۵۰ ،ﮐﻦ ﻣﺪرﺳﺎ ،ﭔﻪ ﻫﺰار دﻛﺎن ۽ اڍاﺋﻲ ﺳﻮ ﮐﻦ ﭘﺒﻠﻚ ﺑﺎٿ ﻫﺌﺎ. ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺻﻔﻮي ﺟﻲ وﻓﺎت ) (۱۶۲۹ﮐﺎن ﭘﻮ ﺑﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ اوج ﻫﻚ ﺻﺪي ﺑﺮﻗﺮار رﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ۱۷۲۲ڌاري اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻻﮘﻴﺘﻦ ﺣﻤﻠﻦ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ ﺟﻲ ﺣﺪ ﺗﻲ آﮢﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻳﺎ ﻫﻲ زﻣﺎﻧﻮ ،ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭠﻬﻴﻞ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﮐﺎن اڳ ﺟﻮ ﭤﻴﻮ ،ﺟﻮ ﺻﻔﻮي دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺑﻌﺪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۱۷۴۷۾ وﻓﺎت ﮐﺎن ﺳﺎل ﮐﻦ ﭘﻮ ۱۷۴۸ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ ﺷﺎه رخ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﺗﻪ ﺷﺎه رخ ﺟﻲ ﭔﻲ زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭜﺮﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري ﻣﺴﺠﺪ ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن اڄ ﺟﻮ ﻫﺮ زوار ۽ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ واﻗﻒ آﻫﻲ.
ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ رﻛﺎرڊ ﺻﺤﻴﺢ رﮐﮡ ﺧﺎﻃﺮ ،ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻟﮑﮡ ﺑﻪ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﺿﺮور ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ ﻣﻠﻜﻲ ﺣﺎﻟﺘﻮن ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻛﺎﻣﺮس ۽ اﻳﻜﺎﻧﺎﻣﻲ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﻣﭥﻲ اﭜﺮي
ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ .ان ﺟﻮ وڏو ﺳﺒﺐ ﻳﻮرپ وارن ﺟﻲ وڌﻧﺪڙ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﻃﺎﻗﺖ ﻫﺌﻲ .ﻫﺎﻟﻨﮉ )ﻧﻴﺪرﻟﻴﻨﮉ( ،ﭘﻮرﭼﻮﮔﺎل ،اﺳﭙﻴﻦ، ﻓﺮاﻧﺲ ۽ اﻧﮕﻠﻨﮉ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﭠﺎﻫﻴﻨﺪا وﻳﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺎڻ ﺳﻨﺪن ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮان ﺋﻲ ﭔﺎﻫﺮان آﻓﺮﻳﻜﺎ ۽ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ڏي ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺗﺠﺎرت ﻻ وﭸﮡ ﻟﮙﺎ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻜﻮن ﭠﺎﻫﻲ ﻗﺒﻀﺎ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ ،ﻧﻪ ﺗﻪ ان ﮐﺎن اڳ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﭼﻴﻦ ،ﻫﻨﺪ ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن ﺗﺠﺎرت ﺧﺸﻜﻲ رﺳﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ رﺳﺘﺎ ۽ ﻟﻨﮕﻬﻪ اﺻﻔﻬﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن وﭨﺎن ﮔﺬرﻳﺎ ﭤﻲ ۽ اﻣﻴﺮ ﺷﻬﺮ ۽ ﻣﻠﻚ اﻫﻲ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ ﺟﺘﺎن ﻫﻲ Silk Route۽ ﺟﻲ ﭨﻲ روڊ ﺟﻬﮍا رﺳﺘﺎ ﮔﺬرﻳﺎ ﭤﻲ .ﭘﺮ ﭘﻮ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺤﺮي ﻃﺎﻗﺖ ان ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۽ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ﺻﺪي ﺟﻲ ﭨﻲ ﭼﻮﭤﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﻴﻚ ﭠﺎڪ رﻫﻲ .ﻫﺎڻ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﮐﻲ ﻛﭧ ﭘﺌﻲ ﻟﮙﻲ ۽ ردي ﺟﻲ اﮔﻬﻪ ۾ ﻛﭕﺎڙﻳﻦ وٽ Scrapeﭤﻴﻮ ﭘﻴﺎ وﻛﺎﻣﻦ. اڄ – ﻳﻌﻨﻲ اﻳﻜﻴﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻫﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان اﭼﮡ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻲ راﻫﻪ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺮان ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺑﻌﺪ ﭨﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ اﺻﻔﻬﺎن وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ۾ وﻳﻨﺪي ﻧﻴﻮﻛﻠﻴﺌﺮ ﺟﺎ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ Reactors۽ ﻧﻴﻮﻛﻠﻴﺌﺮ ﭔﺎرڻ ) (UCFﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮن ﺳﻬﻮﻟﺘﻮن ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ. ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻳﻮرﻧﻴﻢ ﮐﻲ ) ۶UFﻳﻮرﻳﻨﻴﻢ ﻫﻴﮕﺰاﻓﻠﻮراﺋﻴﮉ ﮔﺌﺲ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻴﺰ رﻓﺘﺎر Centrifuges۾ ﮔﻬﻤﺎﺋﻲ ان ﻣﺎن آﺋﺴﻮﭨﻮپ ﻛﮃﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﺳﭩﻴﻞ ﻣﻠﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ رﻳﺠﻦ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮري ﻛﻦ ﭤﻴﻮن .ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻣﻠﻴﺮ ،ﻻﻧﮃي ،ﻣﺎرﻳﭙﻮر ،ﻻﻟﻮ ﮐﻴﺖ ،ﻛﻴﺎﻣﺎڙي ،ﻛﻠﻔﭩﻦ ﻣﻠﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻗﺎﺳﻢ آﺑﺎد ،ﻟﻄﻴﻒ آﺑﺎد ،ﭨﻨﮉو ﭠﻮڙﻫﻮ ،ﭨﻨﮉو آﻏﺎ ۽ ﻫﻴﺮآﺑﺎد ﺟﻬﮍا ﻧﻨﮃڙا ﺷﻬﺮ ﻣﻠﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ ﻧﺠﻒ آﺑﺎد ،ﺧﺎﻧﮫ اﺻﻔﻬﺎن ،ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺷﻬﺮ ،ﺷﺎﻫﻴﻦ ﺷﻬﺮ ،زرﻳﻦ ﺷﻬﺮ ۽ ﻓﻮﻻ ِد ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﮔﮇﺟﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﻣﻴﭩﺮو ﭘﻮﻟﻴﭩﻦ ﺷﻬﺮ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ .ﻧﺠﻒ آﺑﺎد اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ آﻳﺖ ا� ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻲ ﻣﻮﻧﺘﻈﺎري ۽ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻌﻴﻦ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ .ﻧﺠﻒ آﺑﺎد ﺟﺎ ڏاڙﻫﻮن ﻣﺸﻬﺪي ﺻﻮﻓﻦ واﻧﮕﺮ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ. ٰ اﺻﻔﻬﺎن ﻛﺎرﺧﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻟﻈﺎظ ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻬﮍو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ اﭨﻜﻞ ۲۰۰۰ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﻫﺘﻲ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن .ﻣﻠﻚ ﺟﻲ وڏي آﺋﻞ رﻳﻔﺎﺋﻨﺮي ۽ وڏي ۾ وڏو اﻳﺌﺮﻓﻮرس ﺑﻴﺲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ۽ ﻣﺎڊرن ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻮ ﭘﮡ ﻫﺘﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ۱۴۰AN-ﺟﻬﺎز ﭠﻬﻦ ﭤﺎ.
ﻣﻌﻨﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ آﻫﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ۾ ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ ﻫﻮن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ اﻳﺮان ٰ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﻧﻬﻦ ﭔﻦ ﺷﻬﺮن ۾ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﺑﻘﻮل ” اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل“ اﻳﺠﻨﭧ ﺟﻲ ﻫﻔﺘﻮ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ” .دراﺻﻞ ڏﻫﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭨﺮپ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ “،اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ” ،ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻔﺘﻲ ۾ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻓﻼﺋﻴﭧ آﻫﻲ ان ﻛﺮي ﻳﺎ ﻫﻔﺘﻮ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﻳﺎ ﭔﻪ ﻫﻔﺘﺎ .ان ﺻﻮرت ۾ ﻫﻚ ﻫﻔﺘﻮ ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻳﺮان ﮀﮇڻ وﻗﺖ ﺗﺸﻨﮕﻲ رﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻪ ﻫﻔﺘﺎ ﻓﻘﻂ ﭔﻦ ﺷﻬﺮن ﻻ ﮔﻬﮣﺎ آﻫﻦ .اﻳﺘﺮن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻴﺰار ﭤﻴﻮ ﭘﻮي – ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﭼﮡ ﻣﻬﻞ ﻫﺮ ﻛﻮ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭼﻮي ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﮍﻳﻦ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﺑﻪ ﮔﻬﭧ آﻫﻲ“ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ واﻧﺪﻛﺎﺋﻲ آﻫﻲ – ﻳﻌﻨﻲ واﭘﺲ وﻃﻦ ورڻ ﺟﻲ ﺟﻠﺪي ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ڏﺳﮡ ۽ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﻻ ﮐﻮڙ ﺟﺎﻳﻮن ۽ ﮐﻮڙ ﺷﻬﺮ .اﻳﺮان ﺟﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺟﻮ زاﺋﺮﻳﻦ ﻳﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﻻ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﻪ ﻟﮙﺎﺋﻲ آﻫﻲ .ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻧﻪ ﻫﻨﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ ﭤﺎﺋﻴﻠﻴﻨﮉ واﻧﮕﺮ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ وﻳﺰا ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﺑﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﺟﻴﺴﻴﻦ وﻳﺰا ﺟﻮ ﻋﺮﺻﻮ ﭘﻮرو ﭤﺌﻲ .اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﮐﺎڌو ﺑﻪ ﻳﻮرپ ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻋﺮب ۽ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﺳﺴﺘﻮ ۽ ﻫﺎﺋﺠﻨﻚ آﻫﻲ .اﻣﻦ و اﻣﺎن ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺑﻪ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ .اﻫﮍي ﺻﻮرت ۾ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ،ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻋﻤﺎرﺗﻦ ،ﺑﺎغ ﺑﺎﻏﻴﭽﻦ ،ادب ،ﻛﻠﭽﺮ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﺗﻪ اﻧﮉﻳﺎ ،ﭼﻴﻦ ۽ روم ﺑﻪ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻴﻦ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﻮﭜﻴﺎ ﮐﺎن ﻣﺎﻻ ﻣﺎل آﻫﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ﻛﻮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﭘﺮي ﻧﺎﻫﻲ .اﻳﺘﺮو آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻧﻮاب ﺷﺎﻫﻪ ،۽ اﻳﺮان ﺟﺎ رﺳﺘﺎ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﺎ ۽ ﺑﺴﻴﻮن ﺗﻴﺰ رﻓﺘﺎر ۽ آراﻣﺪه آﻫﻦ .ﭨﻦ ﭼﺌﻦ ﻛﻼﻛﻦ ۾ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﺻﻔﻬﺎن ﭘﻬﭽﻴﻮ وﭸﺠﻲ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭔﻦ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺎ آﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ڏﺳﮡ ﻻ ﺷﻴﻮن ،ﻫﺘﻲ آﺋﻮن Suggestﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪس .اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ رﺳﺘﻦ ۽ ﭼﻮراﻫﻦ ﺗﻲ ﻣﻴﺪان ﭼﻜﺮ ﺿﺮور ڏﺟﻲ ﺟﻬﮍوڪ ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن اﺳﻜﺎﺋﺮ)ﺟﻴﻜﻮ ﺷﺎﻫﻪ اﺳﻜﺎﺋﺮ ﻳﺎ اﻣﺎم اﺳﻜﺎﺋﺮ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ(، ِ
ﻣﻴﺪان ﻛﻬﻨﻪ )،(Old Squareاﻳﺮان ۾ ﭼﻮراﻫﻲ ) (Squareﮐﻲ ﻣﻴﺪان ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺪا اﺳﻜﺎﺋﺮ ” ِ ﺷﻬﺪا “ﭘﮡ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﺎن اﺳﻜﺎﺋﺮ ،ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮرڊ ،ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺧﺎﺟﺎﺋﻮ ﺑﻠﻴﻮرڊ وﻏﻴﺮه ،ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻃﺎرق روڊ ،زﻳﺒﻨﺴﺎ اﺳﭩﺮﻳﭧ ،ﻛﻠﻔﭩﻦ ﺟﻮ ﭘﺎڪ ﭨﺎور ۽ ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ آﻫﻦ.
اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺣﺎﻛﻢ رﻫﻴﺎ ۽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﺎ ﻗﻠﻌﺎ ۽ ﻣﺤﻞ ﻣﺤﻼﺗﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻲ ﻣﺤﻞ ﺟﻴﻜﻮ ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ۱۶۵۰ ،ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﺗﺎﻻر اﺷﺮف )ﻣﺤﻞ( ۱۶۷۰ ،ﺟﻮ ﻫﺸﺖ ﺑﻬﺸﺖ )اﭠﻦ ﺑﻬﺸﺘﻦ وارو ﻣﺤﻼت( ۽ ﭼﻴﻬﻞ ﺳﻮﺗﻮن )ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺗﻨﺒﻦ وارو ﻣﺤﻼت( ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ .اﺻﻔﻬﺎن ﻣﺪرﺳﻦ ،ﻣﺴﺠﺪن ،ﭘﺮاﮢﻦ ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮن – وﻳﻨﺪي ﻳﻬﻮدﻳﻦ ﺟﻲ ﻋﺒﺎدت ﮔﻬﺮن ) (Synagoguesﮐﺎن ﭘﮡ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲُ .ﻣﻼ ﺟﺎﻗﻮب ﺟﻮ ﺳﻨﺎ ﮔﺎگ ۽ آرﻣﻴﻨﻲ ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ .ﻣﺪرﺳﻦ ۾ ﺻﺪر ﻣﺪرﺳﻮ ،ﻣﺪرﺳﮫ ﺷﺎﻫﻪ )ﺟﻴﻜﻮ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ”اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق ﻣﺪرﺳﻮ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ(ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا� ﻣﺴﺠﺪ ،اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻣﺸﻬﻮر ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﻫﻦ .ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻮ ”آﺗﺶ ﮔﺎﻫﻪ“ ،ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ اﺑﻮﺳﻴﻨﺎ ﮔﻨﺒﺬ ،ﻧﻈﺎم اﻟﻤﻠﻚ ۽ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا ،ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﺎ ﻛﺒﻮﺗﺮ ﻣﻴﻨﺎر ﺟﺎﻧﺒﺎن ﭘﮡ ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﺳﺎرو ﺿﺮور ڏﺳﺠﻦ. ﮔﻬﺮ ۽ ِ
اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ ﮐﺎن ﭔﻲ ﻛﻨﮉ ﺗﺎﺋﻴﻦ وﻳﻨﺪي ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﻜﻮل ۽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ﺟﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﺻﻔﻬﺎن ،اﺻﻔﻬﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف آرﭨﺲ ،اﺻﻔﻬﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﺟﻬﮍن ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﭘﺮ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن، آرﻣﻴﻨﻴﺎ ،ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍن ﭜﺮ وارن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﺷﺎﮔﺮد ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﺎدري زﺑﺎن ﻓﺎرﺳﻲ آﻫﻲ ۽ اﻫﻲ ﻣﻠﻚ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﺌﺎ. ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ”اﺻﻔﻬﺎن“ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ رﻳﺎﺳﺖ ﻣﺎن ﻫﻚ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ وڏي ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﭘﮡ .ﭘﺮ ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ اﻟﺒﺎﻧﻲ آﻫﻲ.
اﺻﻔﻬﺎن رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ﻫﻚ ﻟﮏ ڏﻫﻪ ﻫﺰار ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻨﮃو آﻫﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ۱۴۴۰۰۰ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ۱۴۱۰۰۰آﻫﻲ(.
اﺻﻔﻬﺎن ،ﺧﺮاﺳﺎن ،ﻛﺮﻣﺎن ،ﻳﺰد ،ﻓﺎرس ،ﺳﻴﻤﻨﺎن ،ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ،ﺣﻮرﻣﻮزﮔﺎن ،ﺣﺰﻳﺴﺘﺎن ۽ اوﭜﺮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ وڏن ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺻﻮﺑﺎ اﻫﮍا آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﭔﻪ ﻣﻼﺋﻲ ﻫﻚ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﭥﻲ ﭔﮅاﻳﻞ ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﻛﻮه ﮔﻠﻮﻳﮫ ۽ ﺑﻮﻳﺎ اﺣﻤﺪ ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ .ﭼﺎر ﻣﺤﻞ ۽ ﺑﺨﺘﻴﺎري ﭘﮡ ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ وڏن ﺻﻮﺑﻦ ﮐﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﺎ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﭔﻦ ﻳﺎ ﭨﻦ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﮐﻲ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﭨﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺷﻤﺎل ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ اﺗﺮ ۽ ڏﮐﮡ .رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن ،رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن ۽ ﺟﻨﻮب ﺧﺮاﺳﺎن .ﺷﻤﺎل ۽ ﺟﻨﻮب ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ٰ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻛﺮي رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .دراﺻﻞ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﭨﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﺣﺼﻮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾ ﺑﻪ اﭼﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻤﻮرو ﺻﺪﻳﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﭥﺲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﺣﺼﻮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﭔﻪ ﺻﻮﺑﺎ ﻣﺸﺮق ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۽ ﻣﻐﺮب ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ .ﺧﺮاﺳﺎن واﻧﮕﺮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺣﺼﺎ ۽ ﭜﺮ وارو ﻣﻠﻚ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﻫﻚ ﺋﻲ ﺻﻮﺑﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ .اڄ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ڏاﮐﮣﻲ ﺣﺼﻲ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ۽ ﭘﮍﻫﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ) (USAﺟﻲ ڏاﮐﮣﻴﻦ رﻳﺎﺳﺘﻦ؛ ﭨﻴﻜﺴﺎز ،ﻟﻮزﻳﺎﻧﺎ ۽ ﻧﻴﻮ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ رﻳﺎﺳﺖ ۾ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﭟ ڏﮐﮡ ۾ آﻫﻲ ۽ ﻛﺎﻣﻦ ﺑﺎرڊر ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻮ( ﺟﻲ اﺳﭙﻴﻨﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ ﺳﻴﻤﻨﺎن ،ﻗﻢ ۽ ﻣﺮﻛﺰي ﺻﻮﺑﺎ آﻫﻦ .ڏﮐﮡ ۾ ﻓﺎرس آﻫﻲ .اوﭜﺮ ۾ ﻳﺰد ۽ اوﻟﻬﻪ ۾ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ اﻫﺎ ﺳﻠﺠﻮق دور ﺟﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ”ﻧﻴﻦ“ ۾ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻣﺴﺠﺪ ”ﻣﺴﺠﺪ آﻏﺎ ﺑﺰرگ“ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﺎﺷﺎن ﺷﻬﺮ ۾ آﻫﻲ.اﺻﻔﻬﺎن
واﻧﮕﺮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻛﺎﺷﺎن ﭘﮡ ﺟﻬﻮﻧﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ ،ﻛﻠﭽﺮ ۽ ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﺻﻔﻮي دور ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﺎﺷﺎن آرام ۽ ﻣﻮﻛﻠﻮن ﮔﺬارڻ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ .ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻻ ﻛﻮه ﻣﺮي ۽ ﺷﻤﻠﻪ ﻫﺌﺎ .اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭔﻴﺎ ﻫﺠﻦ ﻫﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ۾ ﮔﻮرک ﻫﻞ ﺑﻪ ﭠﺎﻫﻲ وﭸﻦ ﻫﺎ.
اﻳﺮان ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺷﺮوع ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ﺳﻮا ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري ﻫﺌﺎ .ﺳﻨﺪن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺟﻬﻮﻧﺎ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﻣﻨﺪر ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ آﻫﻦ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ اﺑﻴﺎﻧﻴﺞ ۾ .ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ۾ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺑﺨﺘﻴﺎري ،ﺟﺎرﺟﻴﻦ ،آرﻣﻴﻨﻴﻦ ،ﻗﺎﺷﻘﻴﻦ ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۽ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ آﻳﺎ ۽ ﻫﺎڻ ﻫﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﭨﻨﮉي ﭠﻮڙﻫﻲ ۾ Settleﭤﻴﻞ ﻣﺮﺣﻮم ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ ۽ رﻳﮉﻳﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن وارو ﻧﺼﻴﺮ ﻣﺮزا وﻏﻴﺮه ﺟﺎرﺟﻴﻦ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﮣﻮ اڳ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎرﺟﻴﺎ ﮐﺎن ﻟﮇي ﻫﺘﻲ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ۽ ﻫﺎڻ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻣﻜﺎﻧﻲ زﺑﺎﻧﻮن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ رﻫﻨﺪڙ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻣﺮزا )ﺟﺎرﺟﻴﻦ( ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ ،ﺳﻨﺪن وڏن ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﻣﺎﺋﭧ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﺑﻤﺒﺌﻲ ۾ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ۽ ﻛﻲ ﺗﻪ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺑﻪ ﻟﮇي وﻳﺎ اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﺑﻪ آﻫﻦ .ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺟﺎرﺟﻴﺎ ۽ آرﻣﻴﻨﺎ ﺟﺎ Settlersﺷﻴﻌﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﺑﻪ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﻳﻬﻮدي ﭘﮡ آﻫﻦ ﭘﺮ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﭤﺎ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮡ اﻣﻦ اﻣﺎن ۽ ﺳﻜﻮن ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ.
ﻣﺴﺠﺪن ﺟﻮ اﺣﻮال ﻟﮑﻨﺪي ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا� ﻣﺴﺠﺪ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ رﻫﺠﻲ وﻳﻮ .ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس اول ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۱۶۰۲ﮐﺎن ۱۶۱۹ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﻬﻲ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ وچ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻴﺪان ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن ﺟﻲ اﭜﺮﻧﺪي ﻃﺮف آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻋﻤﺎرت ﺳﺎز )آرﻛﻴﭩﻴﻚ( ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﭠﺎﻫﻲ .وڏي ﮔﻨﺒﺬ )اﭨﻜﻞ ﭔﺎرﻫﻦ ﻣﻴﭩﺮن ﺟﻲ ڊاﺋﻴﺎﻣﻴﭩﺮ( واري ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺑﻨﺎوٽ ۽ ﻧﻘﺶ ﻧﮕﺎرﻳﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﺳﭩﺮ ﭘﻴﺲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا� ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ .ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا� اڄ ﺟﻲ ﻟﺒﻨﺎن واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻮ ﺟﺘﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﭼﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﻻ ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻤﻦ ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﻫﻮ .ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮح ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺤﻼﺗﻦ ﺟﻮ داﺧﻼ ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن ﮐﺎن وﭠﻲ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮارڊ ﺗﺎﺋﻴﻦ آﻫﻲ .ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮح ﮀﻬﻦ ﻣﺎڙﻳﻦ ﺟﻲ ڏﻳﮉ وارو ﺣﺼﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻴﺪان ِ ﺳﺌﻮ ﻓﭧ اﺗﺎﻫﻴﻦ ﻣﺴﺘﻄﻴﻞ ﻋﻤﺎرت آﻫﻲ .ﻫﻲ اﻫﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس – ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻦ ۱۵۹۷ )ﻫﺠﺮي ﺳﻦ (۱۰۰۶۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻧﻮروز )ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺎل ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ( ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ .ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭼﺘﺮﻛﺎر رﺿﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮون ،ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮح ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن. اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﺎﻫﺮاﻫ ِﻪ ﭼﻬﺎرﺑﺎغ ﻻ اﻳﺘﺮو ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻫﻲ ﺻﻔﻮي دور ﺟﻮ آﻫﻲ ﻳﻌﻨﻲ اڄ ﮐﺎن ﭨﻲ ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ رﺳﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اڄ ﺑﻪ ﻫﻴﮇو ﺷﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﮀﺎ ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﺟﻮ اﻳﻢ اي ﺟﻨﺎح روڊ )ﺑﻨﺪر روڊ( ﺳﻌﻴﺪ ﻣﻨﺰل ﮐﺎن ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﺗﺎﺋﻴﻦ ،اڄ ﺑﻪ وﻳﻜﺮو ۽ ﺷﺎﻧﺪار رﺳﺘﻮ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،اﻫﻮ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﮀﺎ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﻫﻮﻧﺪو .اﻫﮍي ﻃﺮح اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻫﻲ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮارڊ اڄ ﮐﺎن ۳۵۰ﺳﺎل اڳ ﭠﻬﮡ وﻗﺖ اﻳﮇو ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﻓﺮاﻧﺲ وارن ﻫﻦ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺎڪ ﭔﮅي ان ﺑﻌﺪ ان ﻃﺮز ﺟﻮ ﭘﺌﺮس ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر Champs – Elysees ﭠﻬﺮاﻳﻮ .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮن ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺷﻴﻮن ڏﺳﮡ ﻻ ﻳﻮرپ ۽ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺻﻔﻬﺎن آﻳﺎ ﭤﻲ .ﺳﻮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﮙﻬﻴﻦ ۽ اﺗﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ ۱۹۶۳ .۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ” اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ“ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ .ان وﻗﺖ آﺋﻮن اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ” اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ“ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ .ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﻮ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺗﻲ ﻧﺎﻟﻮ ان ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺎﻟﻚ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﺗﺎن ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .دراﺻﻞ ان ﻣﺎﻟﻚ ﺟﻲ ﺑﻪ اﻫﺎ ”ذات“ ﻫﺌﻲ ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﭔﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻮ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ان ﻛﺮي ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﺎ وڏا اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﮐﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻟﮇي آﻳﺎ .اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻬﺮن ۽ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺗﻮڙي ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﻴﺮازي ،ﻳﺰداﻧﻲ ،ﻛﺮﻣﺎﻧﻲ، ﺣﻤﺪاﻧﻲ ،زاﻫﺪاﻧﻲ ،ﺗﺒﺮﻳﺰي ،ﻛﺎﺷﺎﻧﻲ ،ﺳﺒﺰواري ،ﻣﺸﻬﺪي ،زﻧﺠﺎﻧﻲ ،ﺳﺮﺟﺎﻧﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﻳﺰد ،ﻛﺮﻣﺎن ،ﺣﻤﺪان ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،زﻧﺠﺎن ۽ ﺷﻬﺮن ﺷﻴﺮاز ،ﻛﺎﺷﺎن ،ﺳﺒﺰوار ،ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺳﺮﺟﺎن وﻏﻴﺮه ﮐﺎن آﻳﺎ آﻫﻦ .ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎرس ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﮔﺠﺮات ،ﺑﻤﺒﺌﻲ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻟﮇي آﻳﻞ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ )زورﺳﭩﺮن( ”ﭘﺎرﺳﻲ“ ﺳﮇاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ،ﺧﻤﻴﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ روح ا� اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب آﮢﻴﻨﺪڙ ﺟﻮ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻟﻘﺐ
ﻳﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ درﺟﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ دراﺻﻞ ” آﻳﺖ ا�“ ۽ ان ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ”اﻣﺎم “ ﻣﺬﻫﺒﻲ رﺗﺒﻮ آﻫﻲ .ﺧﻤﻴﻨﻲ ” ﺧﻤﻴﻦ“ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ ﺗﻪ ذات ﺧﺎﻃﺮ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ آﺳﭙﺎس رات ﺟﻮ ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﻻ وﭠﻲ اﻳﻨﺪڙ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ۽ ﺳﻠﻤﺎن ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮕﺰري ﺑﺲ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اوس ﭘﺎس ﺟﻮن زﻳﺎرﺗﻮن ﻫﻠﻲ ڏﻳﮑﺎرﻳﻨﺪي.
دراﺻﻞ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺗﻮڙي آﺳﭙﺎس ﺟﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دروﻳﺶ ،ﻓﻘﻴﺮ ،اوﻟﻴﺎ ،ﺷﺎﻋﺮ ادﻳﺐ ۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺷﻬﻴﺪ اﻋﻈﻢ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ آﺧﺮي آرﻣﮕﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﻫﺘﻲ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻳﺎ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ وﺻﻴﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﺳﻨﺪن وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﮐﻴﻦ ﻫﺘﻲ دﻓﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﮐﺎن ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ،اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن ﭔﻪ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻮن اﺳﻜﻨﺪر ﻣﺮزا ۽ راﺟﺎ ﺻﺎﺣﺐ ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﭘﮡ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ. اﺳﻜﻨﺪر ﻣﺮزا اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ آﺧﺮي ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻨﺮل ﻫﻮ .آﻛﭩﻮﺑﺮ ۱۹۵۵ﮐﺎن ﻣﺎرچ ۱۹۵۶ﺗﺎﺋﻴﻦ ۽ ان ﺑﻌﺪ آﻛﭩﻮﺑﺮ ۱۹۵۸ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪر ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﺑﻨﮕﺎل ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺮﺷﺪ آﺑﺎد ۾ ۱۸۹۹۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺑﻤﺒﺌﻲ ۾ وڏو ﭤﻴﻮ .اﺗﻲ ﺟﻲ اﻳﻠﻔﻨﺴﭩﻦ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ اﻧﮕﻠﻨﮉ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﻮﺟﻲ اﻛﻴﮉﻣﻲ راﻳﻞ ﻣﻠﻴﭩﺮي اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺳﺌﻨﮉﻫﺮﺳﭧ ﻣﺎن ﮔﺮﺋﻴﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﻣﺎن ﭘﻬﺮﻳﻮن ﮀﻮﻛﺮو ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﺗﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ۱۹۲۰۾ ﺑﺮﭨﺶ اﻧﮉﻳﻦ آرﻣﻲ ۾ آﻓﻴﺴﺮ ﭤﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﻜﻨﺪر ﻣﺮزا زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﻟﻨﮉن ۾ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﮔﺬارﻳﺎ .ﺳﺘﺮ ﻳﺤﻲ ﺧﺎن ﺟﻲ ﻓﻮﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﮍﻫﻪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ۾ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺟﮇﻫﻦ ۱۹۶۹۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ ﺗﻪ ٰ دﻓﻦ ﻛﺮڻ ﮐﺎن اﻧﻜﺎر ﻛﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻش ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ان ﮐﻲ وڏي ﺷﺎن ﺷﻮﻛﺖ ﺳﺎن ﺟﻨﺮل زاﻫﺪي )اﻳﺮان ﺟﻲ اﮘﻮﮢﻲ وزﻳﺮاﻋﻈﻢ ( ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.
راﺟﺎ اﻣﻴﺮ اﺣﻤﺪ ﺧﺎن آف ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﺟﻴﻜﻮ ” راﺟﺎ ﺻﺎﺣﺐ آف ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد “ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن وڌﻳﻚ ﭴﺎﺗﻮ ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺴﺘﻲ ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ڊﻓﻴﻨﺲ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﮐﺎن وﭠﻲ ﭼﻨﻴﺴﺮ ﮘﻮٺ ﺳﺎن وﭸﻲ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ .راﺟﺎ ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﻗﺎﺋﺪ اﻋﻈﻢ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح ﺟﻮ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻮ دوﺳﺖ ۽ ﺳﺎﭤﻲ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ۱۹۱۴۾ ﭴﺎﺋﻮ ،ﻟﮑﻨﻮ ۽ ﭘﻮ اﻧﮕﻠﻨﮉ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﻣﻬﺎراﺟﺎ ﺳﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ) (۱۸۷۷-۱۹۳۱ﻳﻮﭘﻲ )اﻧﮉﻳﺎ ( ﺟﻮ وڏو ﺟﺎﮔﻴﺮدار ۽ اﻣﻴﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح ﺟﻮ اﻋﺘﺒﺎر ﺟﻮﮘﻮ دوﺳﺖ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻴﻜﺖ ﺟﻮ وارث راﺟﺎ آف ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﭤﻴﻮ .راﺟﺎ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﮡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ واﻧﮕﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﻟﻴﮓ ﺟﻲ وڏي ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺗﺤﺮﻳﻚ ۾ ﭜﺮﭘﻮر ﺣﺼﻮر ورﺗﻮ .ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ ﭘﺎڻ ﻣﺴﻠﻢ ﻟﻴﮓ ﺟﻮ ﺧﺰاﻧﭽﻲ ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن آﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺟﻮ رخ ڏﺳﻲ ﻣﺎﻳﻮس ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﻋﺮاق ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻟﻨﮉن ۾ ﮔﺬارﻳﺎﺋﻴﻦ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ اﺳﻼﻣﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﺟﻮ ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﭘﮡ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ۱۹۷۳ . ۾ وﻓﺎت ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻش ﮐﻲ دﻓﻦ ﻛﺮڻ ﻻ ﻟﻨﮉن ﮐﺎن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ آﻧﺪو وﻳﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ اوس ﭘﺎس ﺟﻮن زﻳﺎرﺗﻮن ڏﻳﮑﺎرڻ ﻻ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﺲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﺻﺪر دروازي ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺧﻴﺎﺑﺎن ﺧﺴﺮوي ﺗﻲ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﻲ .ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺷﺮوﻋﺎت ﺳﭡﻲ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺟﻮ ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ ﺑﺲ ﺟﻮ ﭼﺎﻻن ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ڏﻧﮉ ﺟﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﺑﺲ ﺟﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ – ﺟﻴﻜﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ وارن ﮐﻲ ﭜﺮﮢﻮ ﭘﻴﻮ. ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ڏﻧﮉ ﭜﺮڻ ﺑﻌﺪ ﭘﻮ ﻛﻤﺎﺋﻴﻨﺪا ﮀﺎ ﻫﻮﻧﺪاﺋﻮ؟
”اﺳﺎن ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ )اﻳﺮان ،ﻋﺮاق ،ﺷﺎم وﻏﻴﺮه( ﺟﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻛﻤﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﻧﻪ ﺳﻮﭼﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺳﭵﻲ Struggleﭘﻮﻳﺎن ﺧﺪﻣﺖ ﺟﻮ ﺟﺬﺑﻮ ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ اﻫﺎ ﺋﻲ ﻛﻮﺷﺶ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش رﮐﻴﻮ وﭸﻲ“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ.
دراﺻﻞ رات ﺟﻮ ڊﻧﺮ ﺗﻲ ۽ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﻧﻴﺮن ﺗﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺗﻮڙي ﻫﻦ ﺟﻮ ﭜﺎ ﺳﻠﻤﺎن ۽ دوﺳﺖ ﻣﺴﺘﺎن ﺑﺎر ﺑﺎر اﺳﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺗﻪ ﻣﻘﺮر ﻫﻨﮅ ﺗﻲ اﺳﺎن ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﺳﺎڍي اﭠﻴﻦ ﮐﺎن اڳ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻮن .ﺑﺲ ﭘﻮري ﺳﺎڍي اﭠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ان
ﻫﻨﮅ ﺗﻲ ﭤﻮري ﻻ ﺑﻴﻬﻨﺪي ﺟﻮ اﺗﻲ ﭘﺎرﻛﻨﮓ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﮔﻬﮣﻴﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﺑﺲ ﮐﻲ اﻳﮇو وﻳﺠﻬﻮ ﮔﻬﺮاﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وڏي ﭘﻨﮅ ﮐﺎن ﺑﭽﻲ وﭸﻮن ....
ﺑﻬﺮﺣﺎل ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ وﺋﻲ ﺗﻪ ” ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﺎر ﺳﻴﻨﮕﺎر )ﻣﻴﻚ اپ( ۾ وﻗﺖ وﭸﺎﺋﮡ ﻛﺮي ﻫﺮ ﻫﻨﮅ دﻳﺮ ﺳﺎن ﭘﻬﭽﻦ ﭤﻴﻮن“ وارو اﻟﺰام ﻏﻠﻂ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺗﻪ ﺑﻨﺎ ﻣﻴﻚ اپ ﺟﻲ ﺑﻪ دﻳﺮ ﺳﺎن ﭘﻬﭽﻦ ﭤﻴﻮن ،ﮀﻮ ﺟﻮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺷﺎدي ﺟﻲ ﻓﻨﻜﺸﻦ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ دﻋﻮت ۾ ﻧﻪ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻴﻚ اپ ﻛﺮڻ ﺿﺮوري ﭤﺌﻲ ۽ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻣﭥﻮ ڍﻛﮡ ۽ ڊﮔﻬﻲ ﭼﺎدر اوڍڻ ﻣﺎن اﻫﻮﺋﻲ ﺗﻪ ﻓﺎﺋﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﭼﻮﭨﻴﻮن ۽ ﺗﻴﻞ ﭰﻠﻴﻞ ﻧﭥﺎ ﻛﺮﮢﺎ ﭘﻮن ۽ ﻧﻪ ﻛﭙﮍن ﺟﻲ اﺳﺘﺮي ۽ ﭠﺎﻫﻪ ﺟﻮڙ ﻛﺮﮢﻲ ﭤﻲ ﭘﻮي .ﻫﺮ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻮڌاري وڏي ﭼﺎدر ﭰﻴﺮاﺋﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻛﻤﺮي ﮐﺎن ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ ﭘﺮ اﻓﺴﻮس ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﺞ ﻳﺎ ڏﻫﻪ ﻣﻨﭧ ﻧﻪ ﭘﺮ اڌ ﻛﻼڪ ﻟﮙﻲ وﻳﻮ ۽ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ وارو ﺑﺲ واري ﮐﻲ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وارﻧﻨﮓ ڏﻳﺌﻲ ﭔﺌﻲ دﻓﻌﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﮀﻬﻪ ﻫﺰار رﭘﻴﻦ ﺑﺮاﺑﺮ ﺟﻮ ڏﻧﮉ ﻫﮣﻲ ﺑﺲ ﮐﻲ ﭤﺎﮢﻲ ﺗﻲ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﮡ ﺟﻮ آرڊر ﻛﻴﻮ .اﻫﺎ ﺑﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ڊراﺋﻴﻮر ﭨﺮﺋﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﮐﺎن ﻛﻴﮇو ڊﭴﻦ ﭤﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﻛﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ واري ﮐﻲ ﻫﻦ دﻓﻌﻲ ﮀﮇڻ ﻻ ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺋﻲ ﻣﻨﭥﻮن ﻛﻴﻮن ﭘﺮ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﻟﻮﻫﻪ ﺗﻲ ﻟﻴﻜﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻴﻮ ﺑﻪ ﻛﻮﻧﻪ ،ﺗﻪ ﺑﻪ اﺳﺎﻧﻮاري ڊراﺋﻴﻮر وﻳﺠﻬﻲ ﭤﺎﮢﻲ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺲ ﻫﻠﻲ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﻲ ۽ اﺳﺎن ﻻ ﭔﻲ ﺑﺲ ﮔﻬﺮاﺋﻴﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﻨﺪي اﻳﻨﺪي ﺳﺎڍا ﻧﻮ ﭤﻲ وﻳﺎ ۽ اﻫﺎ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺘﺮي آرام ده ۽ اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ.
اﺳﺎن ﮐﻲ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ )ﺗﻮس ۽ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺗﺎﺋﻴﻦ( وﭠﻲ ﻫﻠﻴﺎ ،ﺟﺘﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻟﻬﻲ ﺑﺰرﮔﻦ ،دروﻳﺸﻦ ۽ ا� ﺟﻲ ﻧﻴﻚ ﭔﺎﻧﻬﻦ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻦ ﺗﻲ ﻓﺎﺗﺢ ۽ ﻗﻞ ﭘﮍﻫﻴﺎﺳﻴﻦ .ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻲ ۽ رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﺑﻪ ﭔﺎﻫﺮ ﮐﺎﺋﮣﻲ ﭘﻴﺌﻲ ۽ رات ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ وﮘﻲ ڌاري واﭘﺲ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﻲ ﻛﻲ وڏا ﺷﻬﺮ ﺑﻪ ڏﭠﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻛﻲ ﮘﻮٺ ﺑﻪ ﺟﻴﻜﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺗﻮڙي ﻛﭽﺎﺋﻦ ﮔﻬﺮن ﻣﺎن ،ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﮘﻮٺ ﻟﮙﺎ ﭤﻲ .ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻧﻮٽ ﻛﻴﻢ ،اﻫﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ؛ ﻳﻮﺳﻒ آﺑﺎد ،دوﻟﺖ آﺑﺎد ،اﺳﺤﺎق آﺑﺎد ،ﻋﺒﻴﺮ آﺑﺎد ،دوﺷﻴﺐ ،ﺟﻴﻠﻮ ،ﺳﻠﻄﺎن آﺑﺎد ،ﻣﺴﺠﺪ ﭼﻮﺑﻲ ،ﻣﻴﺎن آﺑﺎد ۽ ﻫﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺳﻼم آﺑﺎد ﺑﻪ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ اوﮢﻬﻴﻦ ،وﻳﻬﻴﻦ ۽ اﻳﻜﻬﻴﻦ ﮔﺮﻳﮉ ﺟﻲ ﺑﻴﺮوﻛﺮﺋﻴﭩﻦ ﺑﺪران ﺳﺎدي ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﺎ ﻫﺎري ۽ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﭘﻮرﻫﻴﺖ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ .ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ ﭔﻨﻴﻦ ﭔﺎرن ۾ ﻛﻢ ﻛﺮي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﺮ ﮘﻮٺ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻦ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻬﮍن ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺟﻮن ﺑﺴﻮن اﭼﻲ ﺑﻴﭡﻴﻮن ﭤﻲ ۽ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻳﺎ ﭤﮅو ﭘﻴﺘﻮ ﭤﻲ .ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﮘﻮٺ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻬﮍو ﺣﺎل ﻧﻪ ﻫﻮ .ﺟﺘﻲ ﭨﻮ ﭨﻲ ۽ ﻣﻮاﻟﻲ ﻣﺮد ﻛﺎﻧﭛ ﭔﮅي ،ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻲ ﻛﻮپ ﺗﻲ وﻳﭡﺎ ﻛﭽﻬﺮﻳﻮن ﻛﻦ ﻳﺎ ﭨﻲ وي ﺗﻲ ﺳﺎﮘﻴﻮن ﺳﺎﮘﻴﻮن ﻓﻠﻤﻮن ڏﺳﻴﻮ ﭘﻴﺎ ﭠﺮن ! ﺟﭙﺎن ۽ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ وچ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻛﻴﻼ اﻛﻴﻼ ﮔﻬﺮ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ – ﻳﻌﻨﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭔﻬﺮاڙي ،رڻ ﭘﭧ ۽ ﺟﻨﮕﻠﻦ ۾ اﻛﻴﻼ رﻫﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ. اﺳﺎن ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻦ ﺟﻦ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ اﻫﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ؛ ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎﺻﺎﻟﺖ ﻫﻴﺮوي ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو
ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ٰ
ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق و اﺑﺮاﻫﻴﻢ
ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻄﻴﻄﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺮوپ ۾ وﭸﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ ﭜﺎڙي ﺗﻲ ﺑﺲ ﻛﺮي ﻣﭥﻴﻦ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﺿﺮور وﭸﻦ .ﭼﺎﻫﻲ اﻫﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﺳﻨﻲ ﻳﺎ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ .اﻳﺸﻴﺎﺋﻲ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻳﻮرﭘﻲ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙي ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻣﻠﻨﺪو ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ،ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ وارن ﻋﻤﺎرﺗﻦ، ﮔﻨﺒﺬن ۽ ﭘﺮاﮢﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﭘﺴﮡ ﺟﻮ ﭘﮡ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻨﺪو .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻣﺨﺘﻠﻒ
ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﮡ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺟﻦ ۾ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻚ ﺟﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻦ ،ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﻋﺮاﻗﻲ، ﻛﻮﻳﺘﻲ ،ﮔﻠﻒ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ ۽ ﭨﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎﻧﻲ ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ .ﻫﺮﻫﻨﮅ ﺗﻲ ﭘﻜﻨﻚ ﺟﻮ ﺳﻤﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ .ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺗﻪ ﻛﻠﻔﭩﻦ وارو ﻧﻤﻮﻧﻲ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ وڏن ﻧﻨﮃن ﮐﻲ ﺳﻮاري ﺟﻮ ﻣﺰو وﭠﺮاﺋﮡ ۽ ﭘﺌﺴﺎ ﻛﻤﺎﺋﮡ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ اٺ ۽ ﮔﮇﻫﻪ ﺳﻴﻨﮕﺎري آﻳﺎ ﻫﺌﺎ .ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زاﻟﻮن ۽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن – ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﭼﺎدر اوڍﻳﻞ ﻫﻴﻮن ،اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺳﻮاري ﻛﺮي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻛﺌﻤﻴﺮا ۽ ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮﻧﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻓﻮﭨﺎ ﭘﮡ ﻛﮃي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .۽ ﺳﻮا ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ،ﺑﺎﻗﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭼﺎدر ﻓﻘﻂ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺎﺗﺮ ﻣﭥﻲ ۽ ﻛﻠﻬﻦ ﺗﻲ وراﻳﻞ ﻫﺌﻲ ۽ ﭤﻮري ﺋﻲ ﻫﻮا ﻟﮙﮡ ﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ﺿﺮور ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﭙﮍ ي ﮔﻨﺪي ۽ ﭔﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﮐﻲ ﻓﺎﻟﻮ ﻛﻦ ﭤﺎ .اﻳﺘﺮو ﺗﻪ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺑﻪ ﻛﺎرﮔﻮ ﭘﻴﻨﭩﻮن ۽ ﺑﺮاﻧﮉﻳﮉ ﺟﻴﻨﺰ ﺟﻮ ﭘﺘﻠﻮﻧﻮن ﻧﭥﻴﻮن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻴﺘﺮو ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ ﻋﺎم آﻫﻲ .اڄ ﺟﻮن اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﭼﺎدر ﺿﺮور اوڍﻳﻦ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ ﻫﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮن ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻟﻴﮑﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ،ﻛﭙﮍي ﮔﻨﺪي ۽ ﻣﻴﻚ اپ ۾ ﺑﻪ ﻫﻮ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻣﭹﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ،اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ۽ I.Tﮐﺎن ﺑﻪ واﻗﻒ آﻫﻦ ،ﺳﻮﻧﻬﻦ ۾ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺟﭙﺎﻧﻲ ،اﺳﭙﻴﻨﻲ ،اﻧﮕﺮﻳﺰ ۽ ﻋﺮب ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﺳﺮس آﻫﻦ. ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﻫﻴﺮاوي ﻫﻚ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ ﺳﭽﻮ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر ﻫﻮ .ﻫﺘﻲ ﻣﻮﺟﻮدﮔﺎﺋﻴﮉ ﻓﺎرﺳﻲ ﮔﺎڏڙ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن اﺑﺎﺻﺎﻟﺖ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮن آﻫﻦ .اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ )ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮن اﭠﻮن اﻣﺎم( ﺟﮇﻫﻦ َﻣ َ ﺮو ) (Mervﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﺑﻐﺪاد وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ وٽ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ اﻟﻤﺎﻣﻮن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﻮرن ۾ زﻫﺮ وﺟﻬﻲ ڏﻧﻮ .اﻣﺎم ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭤﻲ ۽ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ” ﮔﻬﺮ ۾ وﮀﺎﻳﻞ ﺳﭛ ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ ﻫﭩﺎﺋﻲ ﮀﮇ ۽ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻧﺪر اﭼﮡ ﻧﻪ ڏي ﮀﻮ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ روح ﺟﻮ ﺟﺴﻢ ﮐﺎن ﺟﺪا ﭤﻴﮡ ﺟﻮ وﻗﺖ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ،آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﻣﺮﺣﻮم ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻴﻦ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ واﻧﮕﺮ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﻣﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ“.
اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ – اﻣﺎم ﺟﻮ دوﺳﺖ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ” اﻣﺎم ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺑﻌﺪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻗﻴﺪي ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ .ﻣﻮن ﺑﻴﺤﺪ ﻏﻤﮕﻴﻦ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻚ ﺳﺎل ﻗﻴﺪ ﻣﻨﺠﻬﻪ ﮔﺬارﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﻮاب ۾ ﻧﺎﺋﻮن اﻣﺎم اﻟﺠﻮاد ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﭣ وﭠﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺟﻴﻞ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃﻳﻮ ۽ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ ﺗﻮن ﻧﻪ ﻣﺎﻣﻮن ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻦ ۽ ﻧﻪ ﻫﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﻛﻮ ﻧﻘﺼﺎن ﺗﻮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪو “.ﺟﻴﺌﻦ اﻣﺎم ﭼﻴﻮ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﭤﻴﻮ. اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ،ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ آﻳﻞ ﻛﺠﻬﻪ ﻟﻮرﺳﺘﺎﻧﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﭘﮡ ﭔﮅاﻳﻮن .ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏاﮐﮣﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﮐﺎن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ ﻣﺸﻬﺪ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺎڻ واﭘﺲ وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ وﻓﺎدار ﺳﺎﭤﻲ ۽ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎ ﻫﺌﺎ .اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺳﻦ ۸۱۸ع ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪس ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۱۲ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ڏي وﻳﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ آﻫﻲ.
ﺧﺎﺟﻴﺞ رﺑﻴﻊ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۶ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ اوﻟﻬﻪ ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ وﭸﮡ ﻻ ﺣﺮم وﭨﺎن ۳۰ﻧﻤﺒﺮ ﺑﺲ ﺑﻪ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ )ﻛﻲ ﺧﻮاﺟﺎ رﺑﻴﻊ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ( ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﺑﻴﻊ اﺑﻦ ﻫﻴﺸﺎم اﻻﺳﺪي اﻟﺴﺎوري آﻫﻲ ﭘﺎڻ ﺗﺎﺑﻌﻴﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ۽ ﻛﻮﻓﺎ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻮ ان ﻛﺮي ﻛﻮﻓﻲ ﭘﮡ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻮ وﻳﺠﻬﻮ ﺳﺎﭤﻲ ۽ اﺑﻦ ﻣﺴﻌﻮد )ﺻﺤﺎﺑﻲ( ﺟﻮ ﺳﭡﻮ دوﺳﺖ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﭵﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻔﺴﻴﺮ ۽ ﺣﺪﻳﺚ ﺟﻮ ﺳﺒﻖ ڏﻧﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻴﺦ ﻃﺒﺮﺳﻲ رﺑﻴﻊ ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ اﻳﻜﺴﭙﺮٽ ﺳﮇﻳﻮ آﻫﻲ .زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ۶۳ﻫﺠﺮي )ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ (۶۸۲۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﻋﺎم ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎﻏﻴﭽﻲ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ .ﻣﻘﺒﺮي اي ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ .ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ ﮐﻲ وڏي ﻋﺰت ﺳﺎن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﻨﺪڙ ﻫﺮ زوار ﻫﺘﻲ ﭘﮡ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ اڄ واري ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﻛﻨﺴﭩﺮﻛﺸﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻛﺮاﺋﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۱۴ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ اوﭜﺮ ۾ ﺑﻨﺎﻟﻮد ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ ۾ ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .ﻣﻘﺒﺮي ﮐﺎن ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﺑﺲ ﻻﭤﻮ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﺳﻮڙﻫﻮ ۽ ﭘﭥﺮاﺋﻮن رﺳﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﻛﺎﺑﻪ ﻻري ﻳﺎ
ﻣﻮﭨﺮ ﻫﻠﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻲ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ ،ﭘﻮﻟﻴﺲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻧﻈﺮ آﺋﻲ .ﭘﻮﻟﻴﺲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﺎ دﻛﺎن آﻫﻦ .ان ﭘﭥﺮاﺋﻴﻦ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻣﭥﻲ ﺟﺒﻞ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻓﺮﻻﻧﮓ ﭔﻪ ﭼﮍﻫﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ان ﻛﺮي ﺑﻴﻤﺎر ۽ وڏي ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﺎرﻛﻨﮓ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﺑﺲ ۾ ﺋﻲ وﻳﭡﺎ رﻫﻴﺎ .ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﺮﺛﺎ ﻣﻴﺢ اﺑﻦ اﻳﻮن ﻫﻮ ،اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس وﻓﺎت ۸۲۵ع )ﻫﺠﺮي ﺳﺎل (۲۱۰۾ ﭤﻲ .ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺑﻬﺸﺖ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اوﻟﻬﻪ ۾ اﭨﻜﻞ ۱۱۲ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر آﻫﻲ .ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن ۲۶ﻣﻴﻞ ﮐﻦ اڳ -ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۸۶ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ،ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺳﺎن ﻛﺎﻓﻲ ﻣﻠﻨﺪڙ ﺟﻠﻨﺪڙ ﮔﻨﺒﺬ واري اﭠﻜﻨﺪي ﻋﻤﺎرت اﭼﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ .ﻫﻦ ﺑﻴﺤﺪ ﻧﻨﮃڙي درﮔﺎﻫﻪ )ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺸﻜﻞ ﺳﺎن ڏﻫﻪ ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺲ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻦ( ۾ اﻫﺎ ﺳﺮ رﮐﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭔﻦ ﭘﻴﺮن ﺟﺎ ﻧﺸﺎن ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻦ. ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭘﻴﺮن ﺟﺎ ﻧﺸﺎن اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﭘﻴﺮن ﺟﺎ آﻫﻦ .ﻫﻦ ﻋﻤﺎرت ﺟﻮ ﮔﻨﺒﺬ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺳﻔﻴﺪ ۽ ﻓﻴﺮوزي رﻧﮓ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻋﻤﺎرت ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺟﻴﻜﻮ ﮘﻮٺ آﻫﻲ ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﻧﻤﺎ ﻋﻤﺎرت ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﺎن ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻄﻴﻄﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ آﻳﺎﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ وڏي ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﺮﻣﺖ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﺎ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۽ اﻣﺎﻣﺰاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﻮڙي ان ﺟﻲ آﺳﭙﺎس ﺗﻮارﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ،ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ،ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ،ﻣﺬﻫﺒﻲ ﭘﻴﺸﻮاﺋﻦ ،دﻳﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ، اﺳﻜﺎﻟﺮن ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ،ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮن ) (Museums۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺑﺎﻏﻦ ۽ ﮘﻮﭠﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻴﻮزم ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﺷﻮق ﻧﺎﻫﻲ .ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﮔﺬارڻ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻣﻬﺎﺗﺎ ﭘﺌﻠﺲ ﻳﺎ ﺳﻨﮅي ادﺑﻲ ﺑﻮرڊ ﺟﻮ ﻣﻴﻮزم ڏﺳﮡ ﺟﻲ ﺗﻮﻓﻴﻖ ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻦ ﻣﻴﻮزﻳﻤﻦ ۾ اڌ اڌ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬارﻳﻢ ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻚ ﺑﻪ ﻫﻢ وﻃﻨﻲ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﻳﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻴﻮزﻣﻦ ﺟﻮ ﭘﺘﻮ ﻟﮑﺎن ﭤﻮ ان ﺑﻌﺪ اﮘﺘﻲ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﺟﺎري رﮐﻮن ﭤﺎ. آﺳﺘﺎن ﻗﺪس ﺟﻮ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ،ﻗﺮآن ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۽ ﭘﻮﺳﭧ ﺟﻲ ﭨﻜﻠﻴﻦ )(Stamps ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭨﻲ ﺑﻴﺤﺪ دﻟﭽﺴﭗ ﻣﻴﻮزﻳﻢ آﻫﻦ؛ ِ ﺟﻮ ﻣﻴﻮزﻳﻢ .آﺳﺘﺎن ﻗﺪس وارو ﻣﻴﻮزم ﻣﺨﺘﻠﻒ ﭘﺮاﮢﻴﻦ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﺎﻻﻣﺎل آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺮاﮢﺎ ۽ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ ۽ ﻫﭣ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﺎ ﮐﻴﺲ ﮐﭥﺎ ) ،(Rugsاﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻮ ﺳﺮون ،ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺌﻠﻴﮕﺮاﻓﺮ رﺿﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺟﻮن ﻟﮑﮣﻴﻮن ۽ ﭔﻴﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮن ﺷﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﺰارﻳﻦ زاﺋﺮﻳﻦ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﺻﺤﻦ ﻣﻴﺪان ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻋﻘﻴﺪﺗﺪ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ رﮐﻨﺪڙ ،روزاﻧﻮ ڏﺳﮡ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ِ ِ آﺳﺘﺎن ﻗﺪس ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻗﺮآن ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺟﻬﻮﻧﺎ ﻧﺴﺨﺎ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ .ﻗﺮآن ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﺑﻪ ِ رﮐﻴﻞ آﻫﻦ .ﻫﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۱۹۸۵ﮐﺎن ﮐﻮﻟﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ رﮐﻴﻞ ﻗﺮآﻧﻲ ﻧﺴﺨﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﺟﻬﻮﻧﻮ ﺳﺘﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ، ﻫﺮڻ ﺟﻲ ﮐﻞ ﺗﻲ ﻛﻮﻓﻲ ﻟﮑﺖ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻲ ﺟﻲ ﺗﻮڙي اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﻤﺮي ﻳﺎ ﺳﺮ Tileﺟﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺳﺎن ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ. ﺑﻠﻜﻪ ﺣﺮم ﺟﻲ ﻣﻴﻦ ﮔﻴﭧ ۾ ﮔﻬﮍڻ ﺳﺎن ﻛﺌﻤﻴﺮا ۽ ﭔﻴﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮن ذرﻳﻌﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﺎ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺟﻲ ﻓﻠﺌﺶ ﺳﺎن ﭨﺎﺋﻴﻠﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﺎ رﻧﮓ ﺧﺮاب ﭤﺎ ﭤﻴﻦ.
ﭨﭙﺎل ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻲ ﭨﻜﻠﻴﻦ ﺟﻮ ،ﻫﺘﻲ وارو ﻣﻴﻮزﻳﻢ ،ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ وڏو آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۱۹۸۹۾ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ .ﻛﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ﭨﻜﻠﻴﻮن ﮔﮇ ﻛﺮڻ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﺎص ﻫﺎﺑﻲ ﻫﺌﻲ .ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﻪ اﻫﺎ ﺧﺎص ﻫﺎﺑﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭘﻮ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ڏﻫﺎﺋﻴﻮن ﻫﻠﻲ .ﻫﻚ ﭔﻲ ﺟﻲ Collectionوڏي ﺷﻮق ﺳﺎن ڏﺳﺒﻲ ﻫﺌﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻼس ﻣﺠﺘﺒﻲ )PIA ﻣﻴﭩﻦ ﺷﻮﻛﺖ ﺟﻤﺎﮢﻲ )ﭘﻴﭩﺮول ﭘﻤﭙﻦ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ( ،ﻣﺮﺣﻮم رﻓﻴﻊ ﻛﺎﮀﻴﻮ )اﻧﺒﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ( ،ﺗﻨﻮﻳﺮ ٰ ﺟﻮ ﺟﻨﺮل ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ( ۽ رﻣﻴﺶ ﻛﻤﺎر ﭜﻴﺮواﮢﻲ ) آدم ﺟﻲ اﻧﺸﻮرﻧﺲ ﺟﻮ ﺟﻨﺮل ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ( وٽ ﺟﻴﺘﺮﻳﻮن ﭨﻜﻠﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﻣﻮن ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺷﺎﮔﺮد وٽ ﻧﻪ ڏﭠﻴﻮن .ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻛﭩﻴﻦ ﻛﭧ ﻟﻬﺎر ،ﻫﺎڻ اﻧﻬﻴﻦ ﭜﻴﮣﺌﻴﻦ -دﻧﻴﺎ ﺟﻮن ﭘﻮﺳﭧ آﻓﻴﺴﻮن وﻳﺮان ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ ﺗﻲ ﭼﭩﻲ آﻫﻦ .ﻫﻲ دور اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ﻣﻴﻞ ۽ اﻳﺲ اﻳﻢ اﻳﺲ ﺟﻮ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻟﻔﺎﻓﻮ ﻳﺎ ﭘﺎرﺳﻞ ﻣﻮﻛﻠﮡ ﻻ ،TCS ﻓﻴﮉﻳﻜﺲ ،ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ ﻛﻮرﺋﻴﺮ ﺳﺮوس ﺟﻮ رخ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﻫﻮن ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ اﻳﺮان ،ﭘﻮﻟﺌﻨﮉ ۽ اﺳﭙﻴﻦ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﭨﻜﻠﻴﻦ ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ دل ۽ دﻣﺎغ ﺗﻲ ﮀﺎﻧﺌﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﻗﺮآن ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ۸ﮐﺎن ﻫﻚ ﺑﺠﻲ ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﭘﺒﻠﻚ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺑﻨﺪ رﻫﻲ ﭤﻮ .وري ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺗﻪ ۰۵۱۱-۲۲۵۸۰۰۱ﺗﻲ ﻓﻮن ﻛﺮي ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ﭨﻜﻠﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﺟﻮ ﻧﻤﺒﺮ ۰۵۱۱-۲۲۵۸۰۰۱آﻫﻲ ۽ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ اﭠﻴﻦ ﮐﺎن ﺷﺎم ﭼﺌﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻮ.
اﻧﻬﻦ ﭨﻦ ﻣﻴﻮزﻣﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﻨﮃا وڏا ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ۽ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ۾ آﻫﻦ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺑﻪ ﻧﺎدر ﺷﺂﻫﻪ ﺟﻲ دور ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ.
ان ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﭜﺮ وارن ﮘﻮﭠﻦ ۽ ﺷﻬﺮن ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻘﺒﺮا ،ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻮن ۽ زﻳﺎرﺗﻮن ڏﺳﮡ ﻻ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ
ﺗﻪ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﮐﺎن وﭸﻲ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ،ﺟﺘﻲ اﻣﺎم زاده ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ وچ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۶ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ڏﮐﮡ اوﭜﺮ ۾ ﻫﻚ ﺑﺎغ ۾ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ ﺑﺎغِ ﻣﺤﺮوق آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ اﻣﺎم زادو ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻮﺳﻲ ﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ڏﻫﻴﻦ ﻣﺤﺮوق ﺣﻀﺮت ٰ ﺻﺪي ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ان ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ ۽ ﻟﮑﺎﺋﻲ اﻳﺘﺮي ﺋﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻣﻘﺒﺮو .ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۾ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن .ﻫﺘﻲ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻓﺎرﻳﻨﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻋﻘﻴﺪت ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﭼﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺑﺎغِ ﻣﺤﺮوق ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻛﻢ واري ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﭘﮡ ڏﺳﮡ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻛﮃي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﺑﺎغ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﮔﻠﻦ ﮐﻲ ﭘﭩﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻻ ﺗﺨﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﺷﻌﺮن ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ؟ ﻧﻮﭨﻴﺲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ﺗﻲ ﺑﻠﺒﻞ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﭘﮍﻫﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ان ﺷﻌﺮ ﺟﻲ ﮀﺎ ٰ ”ﮀﻮ ﭤﺎ ﻫﺮو ﭜﺮو ﺑﻠﺒﻠﻦ ﮐﻲ روﺋﺎڙﻳﻮ .
ﮔﻞ ﭘﭩﻲ ﮀﻮ ﭤﺎ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺑﺮﺑﺎد ﻛﺮﻳﻮ“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.
اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن اﻳﻨﺪي وﻗﺖ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﻫﻮﺋﻲ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ آﺧﺮي ﻣﻨﺰل ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﭘﻬﭽﻲ اﺗﻲ ﻣﺠﻠﺲ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ .ﺳﻮ ﻫﺎڻ ﻣﺠﻠﺲ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻣﺴﺠﺪ ۾ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .ﺟﺘﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﭘﭧ ﺗﻲ وﮀﺎﻳﻞ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺗﻲ وﻫﮣﻮ ﻫﻮ .آﺋﻮن ﭤﻮري دﻳﺮ وﻳﭡﺲ ﭘﺮ ﭘﭡﻲ ﺟﻲ ﻫﮇي ) (Back Bone۾ ﺣﺎدﺛﻲ ﻛﺮي ﺳﻮر ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﻮﻧﮑﺎن ﮔﻬﮣﻲ دﻳﺮ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ وﻳﭡﻮ ﭤﻴﻮ .ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﺠﻠﺲ ﮔﻬﮣﻲ دﻳﺮ ﻫﻠﻨﺪي؟ ” ﭔﻦ ﻛﻼڪ ﮐﻦ ﺗﻪ ﻟﮙﻲ وﻳﻨﺪا “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.
” ﺗﻪ ﭘﻮ ﭜﻼ آﺋﻮن وﻫﮡ ﻻ ﻛﺎ ﺳﺮ ﻳﺎ ﻛﺎٺ ﺟﻲ ﺻﻨﺪﻟﻲ ﮘﻮﻟﻲ اﭼﺎن “.ﻣﻮن ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ.
ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮي ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ اﻫﮍي ﻛﺎ ﺷﻲ ﮘﻮﻟﻴﻢ ﭘﺮ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﺋﻲ .ﭘﺎرڪ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺣﺼﻲ ۾ رﮐﻴﻞ ﺑﻴﻨﭻ ﺗﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻚ ﺳﺎﭤﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﭘﻼﭨﻦ ﺟﻮ وﻛﺮو ﻛﻨﺪڙ ﻛﻤﭙﻨﻲ Land Mastersﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ زﻛﺮﻳﺎ ﺟﻲ واﻟﺪه وﻳﭡﻲ ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﭘﭧ ﺗﻲ وﻫﮡ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻣﺠﻠﺲ ﺑﺪران ﻫﺘﻲ اﭼﻲ وﻳﭡﻲ .ﺳﺎﮘﻲ ﺑﻴﻨﭻ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ آﻓﻴﺲ ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن وﻳﭡﻞ ﻫﻴﻮن .ﻫﻮ ﺳﺒﺰوار ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ آﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﻦ ﺑﻴﻨﭻ ﺗﻲ وﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﭜﮙﻞ ﺳﮙﻞ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭔﮅاﻳﻮ. ” زﻳﺎرت ﻻ “ ﻣﻮن ﭼﻴﻮ.
”ﻛﺠﻬﻪ زﻳﺎرت ،ﻛﺠﻬﻪ ﭘﻜﻨﻚ ﻻ “ﻫﻨﻦ وارﮢﻴﻮ .ﻫﺘﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻳﺘﺮي ڊﮔﻬﻲ ﭼﺎدر اوڍﻳﻞ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﺟﻬﮍي ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ وﻳﮍﻫﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ .ﻣﭥﻲ ﺗﻲ روﺳﺮي ﺑﻪ اﻫﮍي ﻃﺮح ﭔﮅل ﻫﺌﻲ ﺟﻮ اﮘﺌﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺟﺎ وار ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ”ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﻫﺎڻ اﻫﺎ ﺧﻤﻴﻨﻲ واري ﺳﺨﺘﻲ ﻧﻪ رﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﻧﻘﻼب وﻗﺖ ﻫﺌﻲ؟“ ﻣﻮن ﮐﻴﻦ ﻓﺮﻳﻨﮉﻟﻲ ڏﺳﻲ رﻣﺎرڪ ڏﻧﻮ.
ﻫﻨﻦ ﻣﺮﻛﻨﺪي ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ .آﺋﻮن اﺗﻲ ﮔﻬﮣﻲ دﻳﺮﻧﻪ وﻳﭡﺲ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻨﺎري ﺟﻬﮍو ڊﮔﻬﻮ ﻣﻘﺒﺮو ڏﺳﻲ، ﻣﻮن اوڏاﻧﻬﻦ وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو ﻛﻴﻮ .اﭤﮡ ﻣﻬﻞ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮﻳﺎ ﺟﻲ واﻟﺪه ﺳﺎن ﮔﮇ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻮ ﭘﮁﻴﻮ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ اﻧﻜﺎر ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﺧﻮﺷﻲ ﺳﺎن ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ” ﺳﺒﺰوار ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ“ ﺟﻲ اﺋﮉﻣﻦ ﺑﺮاﻧﭻ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﮡ ﺗﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن اﻳﺮان ﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻟﮑﮡ ﻻ ﻫﺘﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﺒﺰاوار ﺷﻬﺮ ﭘﮡ ڏﺳﮡ ﻻ Suggest ﻛﻴﻮ .ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﻨﺪن ﺷﻬﺮ ﺳﺒﺰوار ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﮅاﺋﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺳﻨﺪن اﻧﮕﺮﻳﺰي اﻳﺘﺮي ﻛﻤﺰور ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﮔﻬﭧ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ آﺋﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻨﻦ اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﮡ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﺒﺰاوار ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﭘﻮ رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ PIA ﺟﻲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻣﻬﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻌﻔﺮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﺒﺰوار ﻫﺘﺎن ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ﭤﻴﻨﺪو ۽ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﭘﺮاﮢﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻴﻬﻖ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ادب ﺟﻮ ﻟﻴﮑﻚ اﺑﻮ اﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﺒﺰوار )ﺑﻴﻬﻖ( ۾ ۹۹۵ع ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۰۷۷۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ اﺑﻦ ﻓﻨﺪوق ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺑﻪ ﺳﭹﺎﺗﻮ
اﻋﻠﻲ ادﻳﺐ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﺪان ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺳﻨﺪس ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ” ﺗﺎرﻳﺦ ﻣﺴﻌﻮدي“ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺎرﻳ ِﺦ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ٰ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ،اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﭔﻴﻦ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭠﭩﻲ واﻧﮕﺮ اﺳﻜﻮﻟﻦ ۽ ﻣﺪرﺳﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮ ۽ اﺑﻮاﻟﻔﺼﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﻣﺎن ﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ﭘﺎڻ ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮري واري ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي )ﺟﻨﻬﻦ اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ ،ﺳﺒﻚ ﺗﮕﻴﻦ ۽ اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺑﻌﺪ ۹۹۸ﮐﺎن ۱۰۳۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ دوران ﺟﻬﻮﻧﺎ ﮘﮍﻫﻪ ﺟﻲ اﻣﻴﺮ ﻣﻨﺪر ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺌﻲ( ﺟﻲ ﺳﻴﻜﺮﻳﭩﺮﻳﭧ ۾ ﻛﻼرڪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ۽ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ڏﻳﮑﺎري ۱۰۵۸ .۾ رﭨﺎﺋﺮﻣﻨﭧ وﭠﮡ ﺑﻌﺪ اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ اﻫﻮ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻮ .اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﺟﻮ ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻛﺘﺎب ﺳﭽﺎﺋﻲ ﺗﻲ ﻣﺒﻨﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﻫﻦ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻛﺘﺎب ۾ ﺣﺴﻨﻚ وزﻳﺮ وارو ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎب ﭘﮡ آﻫﻲ. ﺣﺴﻨﻚ وزﻳﺮ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﻛﻮرٽ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن وزﻳﺮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻌﺪ ۾ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻮ ﭘﭧ ﻣﺴﻌﻮد اول ) ۱۰۳۱ﮐﺎن ۱۰۴۱ﺗﺎﺋﻴﻦ( ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺣﺴﻨﻚ ﺗﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻃﻮر ﻛﻔﺮ ﺟﻲ ﻛﻮڙي ﻓﺘﻮيٰ ڏﻳﺎري ﺳﻨﮕﺴﺎر ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ان ﺟﻮ اﺣﻮال ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﺎرﻳﺦ ﺑﻴﻬﻘﻲ )ﺗﺎرﻳﺦ ﻣﺴﻌﻮدي( ۾ ﺗﻔﺼﻴﻞ ﺳﺎن ڏﻧﻞ آﻫﻲ .ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ وﺻﻴﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﻬﺎرﻳﻮ وﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﭧ ﻣﺴﻌﻮد ﺑﻐﺎوت ﻛﺮي ﺗﺨﺖ ﮐﺴﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻮ اﮐﻴﻮن ﻛﮃراﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮن ۽ وزﻳﺮ ﺣﺴﻨﻚ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻦ ۽ ﻣﭥﻮ ﻟﻮﻫﻲ ﭨﻮﭘﻠﻲ ﺳﺎن ڍﻛﺮاﺋﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺟﺴﻢ ﺗﻲ ﭘﭥﺮن ﺳﺎن وﺳﻜﺎرو ﻛﺮاﻳﻮ. اﺑﻮ اﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ )اﺑﻦ ﻓﻨﺪوق( ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺑﻦ زﻳﺪ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ اﻳﻮﺳﻲ ﺧﺎزﻣﻲ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﺷﺎﻓﻌﻲ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﺗﻌﻠﻖ ﻣﻜﺘﺐ ﻓﻜﺮ ﺳﺎن ﻫﻮ . ﺷﺎﻓﻌﻲ ِ
ﺳﺒﺰوار اﻧﮕﻮرن ۽ ﻛﺸﻤﺶ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﻫﺘﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺗﺎزا ﻣﻴﻮا ۽ ﭜﺎﭴﻴﻮن ،ڊرا ﻓﺮوٽ ،دﭔﻦ ﺑﻨﺪ ﭤﻴﻞ ﭼﭩﮣﻴﻮن آﭼﺎر اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮ ۽ ﭜﺮ وارن ﻣﻠﻜﻦ ڏي وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ وﻳﻨﺪڙ ﻣﻴﻦ روڊ ﺑﻪ ﻫﺘﺎن ﺳﺒﺰوار ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﺳﺒﺰوار ﺟﻮن ﭔﻪ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻴﻮن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ؛ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﺧﺴﺮاﺋﻮ ﮔﺮڊ ﭨﺎور ۽ ۱۹ﺻﺪي ﺟﻮ ﻣﺪرﺳﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻓﻼﺳﻔﺮ ﺣﺎﺟﻲ ﻫﺎدي ﺳﺒﺰواري ﭠﻬﺮاﻳﻮ .اﻳﺮان ۾ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﻓﺘﺢ ﮐﺎن اڳ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ۲۲۴ﮐﺎن ۶۵۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺒﺰوار ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﮘﻮﭠﮍو ﻫﻮ .ان ﺑﻌﺪ ۱۵۰۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ واﭘﺎر وڙي ،ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ،ﺑﺎغ ﺑﺎﻏﻴﭽﻦ ﮐﺎن ﭼﮝﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮ ۽ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ڌارﻳﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻦ ۽ ﭰﺮﻟﭧ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻴﻮ .اڄ ﺟﻮ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻦ ۽ ﻓﺌﻜﭩﺮﻳﻦ وارو ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﺒﺰوار ۱۹۶۰ﮐﺎن ﭘﻮ ﺟﻲ ﭘﻴﺪاوار آﻫﻲ. ﺳﺒﺰوار ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ذﻛﻞ ﻛﻴﻞ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺳﺒﺰوار ﺷﻬﺮ ۾ ﭔﻴﻮن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ؛ ” ﺳﺒﺰوار ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﻣﻌﻠﻢ“ ۽ ” اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺳﺒﺰوار“.
ﺳﺒﺰوار ﺟﻲ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎن ﻣﭥﻲ ذﻛﺮ ﻛﻴﻞ اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺣﺎﺟﻲ ﻣﻮﻻه ﻫﺎدي ﺳﺒﺰواري ،آدم ﺳﺒﺰواري ۽ ﻋﻠﻲ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ ﭘﮡ آﻫﻦ .ﻋﻠﻲ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ۱۹۷۹واري اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﻻ ﻛﺎﻓﻲ ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ ورڪ ﭠﺎﻫﻴﻮ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ذﻫﻨﻦ ۾ ان ﺟﻲ ﺿﺮورت ﺟﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﻧﻘﺶ ﻛﺌﻲ .ان ﻛﺮي ﻋﻠﻲ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ ﮐﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﺑﻪ Ideologue of the Iranian Revolutionﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻋﻠﻲ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ ۱۹۳۳۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ واﻟﺪ آﻗﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ وٽ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ان ﺑﻌﺪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﺟﻮ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﺗﺒﻴﻠﻎ ﺟﻮ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻ ﻣﺪرﺳﻮ ﻫﻮ ۱۹۵۶ .۾ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ داﺧﻼ ورﺗﺎﺋﻴﻦ ۱۹۶۰ .۾ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ٰ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭘﺌﺮس ۾ ۴ﺳﺎل ﭘﮍﻫﻴﻮ .ﺳﻨﺪس اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺒﻠﻴﻎ ۽ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻛﺮي ﭘﻬﻠﻮي ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺧﻼف ﻫﺌﻲ ۱۹۷۷ .۾ ﺳﻨﺪس اوﭼﺘﻲ ﻣﻮت ﭘﭡﻴﺎن SAVAKوارن ﺟﻮ ﻫﭣ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
اﺳﺖ ُﭼﻮن ﻋﺎﻗﺒﺖ ﻛﺎر ﺟﻬﺎن ﻧﻴﺴﺘﻲ ...... اﻣﺎم زاد ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺳﺎﻣﻬﻮ ن ﺑﺎﻏﻴﭽﻲ ۾ رﮐﻴﻞ ﺑﻴﻨﭻ ﺗﺎن اﭤﻲ آﺋﻮن ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ڏي وڌﻳﺲ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ ﻫﻦ ﺳﺎﮘﻲ ﺑﺎﻏﻴﭽﻲ – ﺑﺎغِ ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ آﻫﻲ .ﮔﻴﭧ وٽ وﻳﭡﻞ ﻛﻼرڪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻧﺪر داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﻻ ﮐﺎﺋﻨﺲ ﭨﻜﻴﭧ وﭠﮡ ﺿﺮوري آﻫﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ڏﺳﮡ ﺟﻲ ﻛﺎ ﭨﻜﻴﭧ ﻧﺎﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﭤﻮري ﮔﻬﮣﻲ ﭨﻜﻴﭧ رﮐﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ان ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺑﻬﺘﺮ ﺑﻨﺎﺋﺠﻲ ۽ ﺑﻨﻴﻞ ﺷﻲ ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻪ ﺟﻮڙ ﺗﻲ ڌﻳﺎن ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ۽ ان ﻓﻲ) ﭨﻜﻴﭧ( ﻣﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﺎ واﺳﻄﻴﺪار ﮐﺎﺗﺎ واﻗﻌﻲ اﻳﻤﺎﻧﺪاري ﺳﺎن ان ﻋﻤﺎرت ﺟﻲ ۽ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ﺟﻲ ﺳﺎر ﻟﻬﻦ ﭤﺎ ۽ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺟﻲ ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ۽ ﺑﻬﺘﺮي ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻦ ﭤﺎ .اﻫﮍن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ ﺻﺎف ﭘﺎﮢﻲ ،ﺻﺎف ﺳﭥﺮا ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ،وﻫﮡ ﻻ اڏاوﺗﻦ ﻫﻴﭡﻴﺎن رﮐﻴﻞ ﺑﻴﻨﭽﻮن ،ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮي اﮀﻼﺋﮡ ﻻ ﭨﻮﻛﺮﻳﻮن ،ﮔﺎڏﻳﻮن ﺑﻴﻬﺎرڻ ﻻ ﻓﺮي ﭘﺎرﻛﻨﮓ ،ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺎ ﺷﻲ ﻳﺎ ﻛﻮ ﭔﺎر ﻣﻨﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ان ﺟﻲ ﻣﺪد ﻻ ﻋﻤﻠﻮ ...وﻏﻴﺮه ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ. ﻣﻮن ﭨﻲ ﻫﺰار رﻳﺎل ڏﺋﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ڏﺳﮡ ﺟﻲ ﭨﻜﻴﭧ ورﺗﻲ .ﭨﻲ ﻫﺰار اﻧﮓ ﺗﻤﺎم وڏو آﻫﻲ ﭘﺮ ﺑﻘﻮل ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﺟﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻜﻮ ﺑﻲ ﺑﺮﻛﺖ آﻫﻲ ۳۰۰۰ .رﻳﺎل ۳۰۰ﺗﻤﺎن ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻚ رﭘﺌﻲ ﻣﻌﻨﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ان ﭨﻜﻴﭧ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۲۰رﭘﻴﺎ ﭤﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻜﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ۾ ۱۵ﺗﻤﻦ آﻫﻦ ٰ دﻓﻌﻮ وري ان ﻛﺮي ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﻳﻨﺪڙن ﮐﻲ ان ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو ﻧﻪ رﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۱۸۰ﺗﻤﻦ )ﻳﻌﻨﻲ ۱۸۰۰رﻳﺎل( ﭔﮅي آﺋﻮن ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮس ۽ واﭘﺲ رﮐﻲ ﮀﮇﻳﻢ – ﺑﻌﺪ ۾ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﻳﺘﺮا ﭘﺌﺴﺎ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻓﻘﻂ ۱۲رﭘﻴﻦ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﺎ. ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎل ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻧﺮاﻟﻲ اﻧﺪاز ۾ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭔﺎﻫﺮان ۽ اﻧﺪران ﺳﻨﺪس ﻓﺎرﺳﻲ رﺑﺎﻋﻴﻮن ﻟﮑﻴﻞ ﻋﺎﻟﻢ ﻓﻠﻜﻴﺎت ﻫﻮ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ اﻋﻠﻲ ﺷﺎﻋﺮ ،ﻓﻼﺳﻔﺮ ،ﺣﺴﺎب دان ۽ آﻫﻦ .ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﻧﺮاﻟﻮ اﻧﺴﺎن ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻫﻚ ِ ٰ ﻫﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﻣﭹﻲ ﭤﻲ .ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﻫﺘﻲ ﺋﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮري ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻛﺮي ﭤﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ ﻧﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﻋﻤﺮﺧﻴﺎم ﺑﻨﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ .ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻦ ﺟﻬﻮﻧﻦ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم زاده ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق ﺟﻮ آﺧﺮي آرام ﮔﺎﻫﻪ آﻫﻲ ،ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ي ﻋﻈﻴﻢ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ،ﻣﺸﻬﻮر اﻳﺮاﻧﻲ آرﭨﺴﭧ ﻛﻤﺎل و ﻣﻮﻟﻚ ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﺎﻟﻤﻦ ،ڏاﻫﻦ، ﺷﺎﻋﺮن ،ﺳﻴﺎﺳﺘﺪاﻧﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻓﻴﺮوزه ﭘﭥﺮن ﻛﺮي ﭘﮡ آﻫﻲ .ﻧﻴﺸﺎﭘﻮري ﮐﺎﮢﻴﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ ﭤﮅي ﺑﻠﻮ ۽ ﺳﺎﺋﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻣﻜﺴﭽﺮ وارو ﭘﭥﺮ ﻫﺰار ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻓﻴﺮوزه ﻧﻴﺸﺎﭘﻮري ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﻻﻛﻴﭩﻦ، اﻳﺮﻧﮕﻦ ،ﻛﻨﮕﮣﻦ ۽ ﻣﻨﮉﻳﻦ ۾ ﻟﮙﺮاﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن .اﻣﺎﻣﺰاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭔﺎﻫﺮان واري روڊ ﺧﻴﺎﺑﺎن ﻃﺒﺮﻳﺴﻲ ﺟﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺗﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﻮﺗﻞ وﭠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ”ﻟﻴﺎﻟﻲ ﺗﻮس“ ﻧﺎﻟﻲ ﭜﺮ واري دﻛﺎن ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻳﻮرﭘﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﮐﻲ ﻓﻴﺮوزي ﭘﭥﺮ ﺟﺎ ﮘﻬﻪ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ آﺋﻮن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﭘﻴﺲ .اﻫﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻟﮙﺎ ﭘﺮ ﺳﺴﺘﺎ ﺑﻪ .ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻴﺖ رﮐﻨﺪڙ ﻫﻨﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﭥﺮ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﭘﭥﺮن ﺟﻮن ﮐﺎﮢﻴﻮن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﺋﻲ آﻫﻦ .ﺑﻌﺪ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺮﭨﺶ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺮزا اﺻﻐﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻨﮉﻳﻮن ورﺗﻴﻮن ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ اﮔﻬﻪ ﮔﻬﭧ ﻛﺮاﻳﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻟﮙﻮ ﺗﻪ دﻛﺎﻧﺪار ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻞ ﻗﻴﻤﺖ ﮐﺎن ﺑﻪ ڏﻫﻪ وﻳﻬﻪ ﺳﻴﻜﮍو ﺳﺴﺘﻮ ﻛﻦ ﭤﺎ. ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﺷﺎﻫﭙﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺎﻟﻲ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ ﺟﻦ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﮐﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ) (Capitalﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ ۽ ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻫﻲ
اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ .ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻛﺎﺷﻲ ۽ ﭠﻜﺮ ﺟﻲ ﺷﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮ ۽ اڄ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ اﺋﻴﻦ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻫﺎﻻ ،ﻧﺼﺮﭘﻮر ۽ ﻣﻠﺘﺎن ﺟﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر اﻳﻨﺪي ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻦ ﺟﺎ اﺷﺘﻬﺎر ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ”ﻛﺎﺷﻲ“ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ﺟﻮ – ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻘﺒﺮن ۽ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ۾ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﺟﻬﻮﻧﻮ ۽ ﻧﺌﻮن ﻛﻢ ڏﺳﻲ دل ﺧﻮش ﭤﻴﻮ وﭸﻲ .ﮀﺎ ﺗﻪ آﺳﻤﺎﻧﻲ ،ﻧﻴﺮي ،ﺑﻠﻮ ،ﻓﻴﺮوزي ۽ ﺳﺎﺋﻲ رﻧﮓ ﺟﺎ shade۽ ﭼﭧ آﻫﻦ ! ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ )ﺳﻨﺪس ﭘﻮرو ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻠﻄﺎن ﺗﻐﺮل ﺑﻦ ﻣﻴﻜﺎﺋﻴﻞ ﻫﻮ – ﺟﻨﻬﻦ ۱۰۳۷ﮐﺎن ۱۰۶۳ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﮐﻲ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ.
۱۱۴۵واري زﻟﺰﻟﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﻛﺎﻓﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ آﻧﺪي ،رﻫﻲ ﺳﻬﻲ ﻛﺴﺮ ۱۱۵۳۾ ﻏﺰ ﺗﺮﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﭘﻮري ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﻲ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ وري ﺟﮍﻧﺪو رﻫﻴﻮ ،وڌﻧﺪو رﻫﻴﻮ ،ﺧﻮﺷﺤﺎل ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۱۲۱۶ .۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﺮب ﺳﻴﺎح ﻳﺎﻗﻮت ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﺳﻬﮣﻮ ۽ اﻣﻴﺮ ﻟﮙﻮ ۱۲۶۹ .۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﭔﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ وري اﭜﺮﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻦ ﺗﺮ ﺟﻮ ﺧﻮﺷﺤﺎل ۽ روﻧﻖ وارو ﺷﻬﺮ ﭤﻴﻨﺪو وﻳﻮ .ﭘﺮ ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺷﻬﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺑﺮﻗﺮار رﮐﻲ ،ﭘﺮ ﭘﻮ ۱۷۲۲ ۾ اﻓﻌﺎﻧﻴﻦ واري ﺣﻤﻠﻲ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺗﺮﭘﭧ ﭤﻲ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر اڄ ﺑﻪ ﻫﻚ اﻫﻢ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﺑﻘﻮل اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰ واﺋﺴﺮا ﺟﺎرج ﻛﺮزن ﺟﻲ ﺟﻴﻜﻮ ۱۸۹۹۾ ﻫﻦ ﭘﻮﺳﭧ ﻻ اﻧﮉﻳﺎ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻮ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻮ ﺷﻮﻗﻴﻦ ﻫﻮ،
”“ Neishahpur had certainly been destroyed and rebuilt more than any other city in the world.
ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ڏﻫﻴﻦ ،ﻳﺎرﻫﻴﻦ ۽ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻣﺼﺮ ﺟﻲ ﻗﺎﻫﺮي ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ. ﺗﻴﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﻇﻠﻢ ﭤﻴﻮ ان ﻻ اڄ ﺑﻪ دﻧﻴﺎ اﻓﺴﻮس ﻛﺮي ﭤﻲ ۱۲۲۱ .۾ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﺟﻲ ڌي ﺟﻲ ﻣﮍس ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﺎري وڌو .ان ﺟﻮ ﺑﺪﻟﻮ ﭼﻜﺎﺋﮡ ﻻ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺟﻲ ڌي ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ڏﻧﻮ .ﻫﻦ ﺣﻜﻢ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﺳﺘﺮﻫﻦ ﻟﮏ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻬﻲ ﮀﮇﻳﺎ ۽ ﻣﺮدن، ﻋﻮرﺗﻦ ۽ ﭔﺎرن ﺟﻲ ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺳﺎن ﻫﻚ وڏو اﻫﺮام ) (Pyramidﭠﻬﺮاﻳﻮ .ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ زﻟﺰﻟﻦ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﺗﻨﮓ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ﮔﺬرﻳﻞ وﻳﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ زﺑﺮدﺳﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ زﻟﺰﻻ آﻳﺎ آﻫﻦ ﻫﻚ ۱۹۸۶۾ ۽ ﭔﻴﻮ ۱۹۹۷۾.
اﺳﺎن ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ وارن ﮐﻲ ﻓﻘﻂ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻬﮍو ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﻛﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ۽ ﻛﻬﮍي ﻫﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ .ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ رﺑﺎﻋﻴﻦ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ اﺳﻜﻮل ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ وڏي ﺷﻮق ﺳﺎن ﭘﮍﻫﻴﻮ ﺳﻴﻦ ،ان ﺑﺎﺑﺖ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﺿﺮور ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺳﺎن آﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﭼﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﻧﻴﺸﺎﭘﻮري ﺟﻮ ﮘﻮٺ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﻓﻘﻂ ﭔﻪ اڍاﺋﻲ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ اڄ ﻫﺘﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ،ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي اﮘﻴﺎن ﭘﺎﮢﮑﻲ ﺑﻴﭡﻞ ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮت ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﺟﻮن اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻓﭩﺰ ﮔﺮاﻟﮉ ﺟﻮن ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻞ رﺑﺎﻋﻴﺎت ،ﺟﻮاﻧﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ Quoteﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﭤﻲ ...
“Here with a loaf of Bread beneath the Bough, A flask of Wine, a Book of Verse .. and thou, Beside me singing in the wilderness,
ﻳﺎ وري .....
And wilderness is Paradise enow.
Oh , come with old Khayyam, and leave the wise, ;To talk ; one thing is certain, that life flies
;One thing is certain, and the rest is lies
The flower that once has blown for ever dies.
۽ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ رﺑﺎﻋﻲ اﺳﺎن اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ،اﻫﺎ ﻫﺌﻲ ؛
Ah, love! Could thou and I with fate conspire To grasp the sorry scheme of things entire
Would not we shatter it to bits – and then ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ رﺑﺎﻋﻴﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻮ ﮐﮣﻲ ﭤﻮ.
Re-mould it nearer to the Hearts desire.
Whether at Naishapur or Babylon,
Whether the cup with sweet or bitter run,
The wine of life keeps oozing drop by drop The leaves of life keep falling one by one.
۽ اڄ آﺋﻮن ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ،ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ وٽ ﺑﻴﭡﻮ آﻫﻴﺎن .ﭘﺎڻ ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻲ ۾ آﻳﻮ ،ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ رﻫﻴﻮ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ،ﻛﺌﻴﻦ ﺳﻠﻄﺎن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﻳﺎ -وڏي ﺷﺎن ﺷﻮﻛﺖ ﺳﺎن ،ﻛﻮﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﻧﻪ رﻫﻴﻮ ،ﻣﭩﻲ ﺳﺎن ﻣﭩﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ .ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ رﺑﺎﻋﻲ ۾ ﭼﻮي ﭤﻮ ؛
Think, in this battered caravanserai
Whose door ways are alternate night and day,
How sultan after sultan with his Pomp
Abode his hour or two, and went his way.
ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﻏﻴﺎث اﻟﺪﻳﻦ اﺑﻮ اﻟﻔﺘﺢ ﻋﻤﺮ ﺑﻦ اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﺧﻴﺎم ﻧﻴﺸﺎﭘﻮري ۱۰۴۸ ،۾ ،ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .ﭘﺎڻ واري ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر واري ﺑﺖ ﺷﻜﻦ ﻫﻴﺮو )ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي( ﮐﻲ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ۱۸ﺳﺎل ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﺳﻨﺪس ﭔﻦ ﭘﭩﻦ ﻣﺤﻤﺪ ۽ ﻣﺴﻌﻮد ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﻮدود ﻫﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﺳﻠﺠﻮﻗﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ۽ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﭴﻤﮡ وﻗﺖ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺳﻠﻄﺎن ﺗﻐﺮل ﺑﻦ ﻣﻴﻜﺎﺋﻴﻞ واﻟﻲ وارث ﻫﻮ .ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ۱۱۳۱۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ﺳﻨﺪس ﺣﻴﺎﺗﻲ دوران ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﻠﻄﺎن ﭤﻴﺎ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﺎن اڳ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪڙن ﺟﻲ ﺷﺎن ﺷﻮﻛﺖ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺮي ﭤﻮ ﺗﻪ ” آﻳﺎ ﻛﺌﻴﻦ ﺳﻜﻨﺪر دارا ،وﻳﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ وﭴﺎﺋﻲ وارا“ .ﻫﻦ ﻓﺎﻧﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﭴﮡ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻞ ﭔﻪ ﻣﺲ ﻛﻲ رﻫﻴﺎ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ واٽ وﭠﻲ وﻳﺎ.
ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم وڏو ﻗﺎﺑﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﻫﻚ ﺋﻲ وﻗﺖ ﺷﺎﻋﺮ ،ﻓﻼﺳﻔﺮ ،Astronomer ،ﺣﺴﺎﺑﺪان) (Mathematicianﻫﻮ. اﻳﺮان ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﺗﺮﺟﻤﻴﻜﺎر اﻳﮉورڊ ﻓﭩﺰﮔﺮاﻟﮉ ﺟﻲ Rubaiyat of Omar Khayyamﺟﻲ ﻛﺮي ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺸﻬﻮري ﻣﻠﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﻪ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺳﺎن واﻗﻔﻴﺖ اﻧﻬﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ رﺑﺎﻋﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﭤﻲ .اﻳﮉورڊ ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮ رﺑﺎﻋﻴﻮن اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮن آﻫﻦ ﺑﻠﻚ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﭤﻲ ﭼﻜﻴﻮن آﻫﻦ- ﻓﺮﻳﻨﭻ ،ﺟﺮﻣﻦ ،اﺳﭙﻴﻨﻲ ۽ اﻃﺎﻟﻮي زﺑﺎن ۾ ﻛﺘﺎب ﺗﻪ ﻣﻮن ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن اﻳﺌﺮﭘﻮرﭨﻦ ﺗﻲ وﻛﺎﻣﻨﺪي ڏﭠﺎ آﻫﻦ ۽ ﺗﻬﺮان ۾ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻮ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﻓﻴﺮوز دﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮن رﺑﺎﻋﻴﻮن اڙدو ۽ ﺳﻨﮅي ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﻴﻮن آﻫﻦ .وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﻫﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮن ﻟﮑﮡ دوران دادو ﺟﻲ ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ”رﺑﺎﻋﻴﻮن ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم
ﺟﻮن“ ﻣﻠﻴﻮ اﭤﻢ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ رﺑﺎﻋﻴﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.
ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺣﺴﺎﺑﺪان ﺑﻪ ﻫﻮ ۽ آﻟﺠﺒﺮا ۽ ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ۾ ﻫﻦ ﺟﻲ وڏي Contributionآﻫﻲ ۱۰۷۰ .۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﻓﻘﻂ ۲۲ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮو ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻴﻮﻣﻴﭩﺮي ﺟﻲ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن ) (Circleﮔﻮل ﮐﻲ ﻫﺎﺋﻴﭙﺮ ﺑﻮﻻ ﺳﺎن intersectﻛﺮي آﻟﺠﺒﺮا ﺟﻮن ﻛﻴﻮب وارﻳﻮن Equationsﺣﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﻣﺘﻌﺎرف ﻛﺮاﻳﻮ .ﺟﻴﻜﻮ ﻳﻮرپ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﺘﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻴﻮﻣﻴﭩﺮي ۾ Theory of Proportionﭘﻴﺶ ﻛﺌﻲ ۽ ”ﺷﺎرح ﻣﺎ اﺷﻜﺎﻻ ﻣﻦ ﻣﺼﺪرت ﻛﺘﺎب اﻛﻠﺪس“ ﻟﮑﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ” Explanation of the difficulties in the postulates of Euclidﻧﺎﻟﻲ اڄ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ.
ﺟﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﭸﺎن ﭨﻴﻠﻲ اﺳﻜﻮپ اﻳﺠﺎد ﻧﻪ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻋﺮﺑﺴﺘﺎن ،اﻳﺮان وﻳﻨﺪي ﺳﻨﮅ ۽ راﺟﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭼﻨﮉ ﺗﺎرن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ۾ ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻫﺌﺎ ،ﮀﻮ ﺟﻮ ﻳﻮرپ ۾ ڌﻧﮅ ۽ ﻫﺮوﻗﺖ ﺟﻲ ﮔﻬﺎﭨﻲ ﺟﻬﮍ ۽ ﺳﻲ ﻛﺮي اﺗﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ اﮜﮡ ۾ ﺳﺘﺎ ﭤﻲ ۽ ﻧﻪ اﺗﻲ ﭼﻨﮉ ﺗﺎرا ﭼﭩﺎ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﭤﻲ .ان ﻓﻴﻠﮉ ۾ ﻋﺮﺑﻦ ۽ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ وڏي contributionآﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﻧﺎﮐﺌﺎ ) (Navigatorsﻳﺎ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﭘﺎﺋﻠﻴﭧ واﻗﻒ آﻫﻦ .ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻫﺮ ﺣﺴﺎﺑﺪان ﻣﺎﻫﺮ ﻓﻠﻜﻴﺎت ) (Astronomerﺑﻪ ﻫﻮﻧﺪو .ﺳﻮ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻗﺖ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺎﻫﺮ ﻓﻠﻜﻴﺎت ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ﺑﻪ واﮐﺎڻ ﻛﻦ ﭤﺎ ۱۰۷۳ .۾ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﭨﺌﻴﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻠﻄﺎن ﺟﻼل دوﻻ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ ﭔﻴﻦ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪاﻧﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﮐﻲ آﺑﺰروﺋﭩﺮي ﭠﺎﻫﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .آﺧﺮﻛﺎر ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ۽ ان ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺳﺎل ﺟﻲ ڊﻳﮕﻬﻪ ڊﻳﺴﻴﻤﻞ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮀﻬﻦ اﻧﮕﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺤﻴﺢ اﻧﮓ ۲۴۲۱۹۸.۳۶۵ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔﮅاﺋﻲ .ﻫﻦ رﻳﺖ ۵۵۰۰ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﻛﻼڪ ﺟﻮ ﻓﺮق اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﻣﺎﭘﻴﻞ ﺳﺎل ﺟﻴﻜﻮ ﭼﺌﻴﻦ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ان ۾ ۳۳۰۰ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ) ۲۴ﻛﻼﻛﻦ ( ﺟﻮ ﻓﺮق ﭘﻴﻮ ﭤﻲ ۱۰۷۹ .۾ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﺌﻠﻴﻨﮉر ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻛﺌﻠﻴﻨﮉر ﻣﻨﻈﻮر ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ان ﺟﻮ ﺟﻼﻟﻲ ﻛﺌﻠﻴﻨﮉر رﮐﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺟﻮﻟﻴﻦ ﻛﺌﻠﻴﻨﺪر ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ Accurate ۽ اڄ ﺟﻲ ﮔﺮﻳﮕﻮرﻳﻦ ﻛﺌﻠﻴﻨﮉر ﺳﺎن ﻣﻠﻨﺪڙ ﺟﻠﻨﺪڙ ﻫﻮ .ﻫﻮن ﻛﻴﺘﺮن ﮐﻲ ﺿﺮور ﺣﻴﺮت ﭤﺌﻲ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻳﻘﻴﻦ ﻧﻪ اﻳﻨﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻬﮍا ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ۾ اﻳﮇو ﻫﻮﺷﻴﺎر ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .ﭘﺮ ﭘﻮ ﺳﻮﭼﻴﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ ﭨﻴﭽﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ اﻫﮍن ﺷﺎﮔﺮدن ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﭘﻴﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﭘﺎﺳﻲ ڏﻫﺎﻛﻮ ﺳﺎل ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ واري ﻧﻮﻛﺮي ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﭤﻲ رﻫﻴﺎ .اﻫﮍاﺋﻲ ﻛﺠﻬﻪ Extra ordinaryذﻫﻴﻦ ﺷﺎﮔﺮد ،ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ دوران ﻣﻠﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ دادو ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙي ﮘﻮﭠﮍي ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﺠﻮ ﺳﻠﻄﺎن ﺟﻮ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺮو آﻫﻲ .ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺮو ،ﻫﺎڻ ﺳﭟ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ )ﺟﻨﻢ ﺳﺎل (۱۹۴۷ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن رﻳﻠﻮﻳﺰ ﺟﻮ رﭨﺎﺋﺮڊ آﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ ﻫﻦ ﺟﮇﻫﻦ ۱۳ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۱۹۶۰ڌاري ،ﻛﺌﮉٽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﭘﻴﭩﺎرو ۾ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﻛﻼس ۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ﺟﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻚ ڏوراﻫﻴﻦ ﮘﻮٺ ﺟﻲ اﺳﻜﻮل ﮐﺎن ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻦ ﮐﻲ داﺧﻼ وﻗﺖ ﻧﻪ اڙدو آﺋﻲ ﭤﻲ ۽ ﻧﻪ ﻛﺎ ﮔﻬﮣﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺑﺮﭨﺶ آرﻣﻲ ﺟﻲ رﭨﺎﺋﺮڊ ﻛﺮﻧﻞ ۽ ﭔﻲ ﺟﻨﮓ ﻋﻈﻴﻢ ﺟﻲ ﺟﭙﺎﻧﻲ ﺟﻨﮕﻲ ﻗﻴﺪي ﭘﺮﻧﺴﭙﺎل ﻛﺮﻧﻞ ﻛﻮﻣﺒﺲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ورﺗﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ذﻫﻴﻦ ﺷﺎﮔﺮدن ﻣﻨﺠﻬﺎن آﻫﻲ ۽ واﻗﻌﻲ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻮ .ان وﻗﺖ اﺳﺎن ﻣﺌﭩﺮڪ ﻛﻼس ۾ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ اﻧﭩﺮ ﻛﻼس ۾ ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ۽ ﻛﺌﻠﻜﻴﻮﻟﺲ ﺟﺎ ڏﮐﻴﺎ ﺳﻮال ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺮي ﮐﺎن ﺣﻞ ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﺎن ﻫﻚ ﺳﺎل ﺟﻮﻧﻴﺌﺮ ﻫﻮ .ﺑﻘﻮل اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺧﺎﻟﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﺨﺪوم ۽ ﺧﺎدم ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﻤﮡ )رﭨﺎﺋﺮڊ ارﻳﮕﻴﺸﻦ ﺳﻴﻜﺮﻳﭩﺮي ،ﺳﻨﮅ ﺣﻜﻮﻣﺖ( ﺟﻲ ”ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺮو اﺳﺎن ﺟﻲ دور ﺟﻮ آﺋﻦ اﺳﭩﺎﺋﻦ ﻫﻮ “.اﻧﭩﺮ ﺑﻌﺪ ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻮﻣﺮي ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ NEDﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ ﺳﻮل اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭨﺎپ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺳﻮ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻬﮍا ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﻣﻠﻨﺪا ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻚ ﺋﻲ وﻗﺖ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ۾ ﻣﺎﻫﺮ ﻫﺌﺎ .ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ اﺑﻮ ﺳﻴﻨﺎ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻫﻨﻦ ﺋﻲ ﺻﻔﺤﻦ ﺗﻲ ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن. ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﻻ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ وڏا ﺗﻨﺒﻦ ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ان ﻛﺮي ﻋﻤﺮ ”ﺧﻴﺎم“ )ﺗﻨﺒﻮ ﭠﺎﻫﮡ وارو( ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻮ .اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذات ﮐﻲ رﺑﺎﻋﻲ ۾ ﺑﻪ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ،ﭼﻲ؛
Khayyam, who stiched the tents of science
Has fallen in grief’s furnace & been suddenly burned, The shears of fate have cut the tent ropes of his life, And the broker of hope has sold him for nothing.
ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﮐﻲ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن ﺋﻲ ﻣﺎﺋﭩﻦ ﺳﭡﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻳﺎري .ﻫﻦ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۽ ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺟﻮ ﻋﻠﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ اﺑﺎﮢﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ،ان ﺑﻌﺪ وڌﻳﻚ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻ ﻫﻮ ﺑﻠﺦ ۾ ،۽ ﭘﻮ ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۾ ﭘﮍﻫﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ آﻟﺠﺒﺮا ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﺟﻲ ڌاڪ وﻫﺎري .ﻫﻦ ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻟﺒﺮل ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﺷﺎﻋﺮي ﻣﺎن ﺋﻲ ﺳﻨﺪس ﺷﺮاب ۽ ﺷﺒﺎب ﺟﻲ ﺷﻮق ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي ﭤﻲ .ﭼﻲ. اي
ﺧﻴﺎم!
ﺑﺎ
اﮔﺮ
ﻣﺎﻫﻪ
ﻋﺎﻗﺒﺖ
ﭼﻮن
ﻛﮫ
اﻧﮕﺎر
زﺑﺎده
رﺧﻲ
ﻧﻴﺴﺘﻲ،
ﻛﺎر
ﻣﺴﺘﻲ
ﻧﺸﺴﺘﻲ ﺟﻬﺎن
ﭼﻮ
ﻫﺴﺘﻲ
ﺑﺎش
ﺧﻮش
ﺑﺎش
ﺧﻮش
اﺳﺖ
ﻧﻴﺴﺘﻲ
ﺧﻮش
ﻫﻦ رﺑﺎﻋﻲ ﺟﻮ ﻓﭩﺰ ﮔﺮاﻟﮉ ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰ واﻫﻪ ﺟﻮن ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ؛
ﺑﺎش.
Khayyam if with wine you are durnk be happy If seated with a moon-faced (beauty) be happy
Since the end purpose of the universe is nothing-ness
Hence then you shall be naught, then while you are be happy.
ﻫﻦ زﺑﺎن ﺟﻮ دادو ﺟﻲ وﻛﻴﻞ ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﺳﻨﮅي ۾ ﻫﻦ رﻳﺖ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ:
اي
ﻻﻟﻪ
دﻧﻴﺎ
ﭘﻮ
ﺧﻴﺎم رخ
ﭴﺎڻ
اﮔﺮ
ﻣﺤﺒﻮب
ﺟﻲ
ﺗﻪ
ﮐﺎن
ﺷﺮاب
ﮔﮇ
ﺳﺎن
ﻛﺎرﮔﺬاري
ﺑﻪ
ﻧﺎﺑﻮدي
ﻣﺴﺖ
ﺟﻲ
آﻫﻴﻦ
وﻳﻬﻴﻦ
ﭤﻮ
ﭘﭵﺎﮢﻲ آﻫﻲ،
ﻫﺴﺘﻲ
ﺗﻪ
ﺗﻪ
ﺗﻮن
ﺧﻮش
اي
دﻳﻦ
ﻓﺮدا
ﺑﺎ
دوﺳﺖ
ﻳﻚ ﮐﻪ
ﻫﻔﺖ
دم
ﺑﻴﺎ
ازﻳﻦ
ﻫﺰار
ﺧﻮش
ﻫﺞ،
ﺧﻮش
رﻫﻪ.
ﻧﺎﺑﻮدي
ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم اﻫﻮ Viewرﮐﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻋﻴﺶ ﻛﺮي وﭠﻮ ،ﻫﻲ دﻧﻴﺎ ﻓﺎﻧﻲ آﻫﻲ ۽ ﺳﭵﮡ ﺳﭕﺎﺟﻬﻴﻨﺪڙ آﻫﻲ.
رﻫﻪ، آﻫﻲ،
”“Enjoy wine & women and don’t be afraid, God has compassion
ﻋﻤﺮ
دﻳﺮ
ﺗﺎﻏﻢ
را
ﺳﺎﻟﻜﺎن
ﻓﺮدا
ﻓﻨﺎ
ﻧﺨﻮرﻳﻢ
ﻏﻨﻴﻤﺖ
ﺷﻤﺮﻳﻢ
ﺳﺮ
ﺑﺴﺮﻳﻢ
در
ﮔﺰرﻳﻢ
)اي دوﺳﺖ ﮀﻮ ﻓﻜﺮن ۾ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻴﻨﺪو وﺗﻴﻦ؟ ﻗﺴﻤﺖ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﭘﻮرو ﭤﻴﮣﻮ آﻫﻲ .ﻫﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﭼﺌﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭼﭩﻜﻮ آﻫﻲ .ان ﻛﺮي ﮀﻮ ﻧﻪ ان ﮐﻲ ﮐﻞ ﺧﻮﺷﻲ ۾ ﮔﺬاري ﮀﮇﺟﻲ(
۴۴ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۱۰۹۲ ،۾ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺣﺞ ﻛﺮڻ ﻣﻜﻲ وﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﻣﻮﭨﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺘﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ ،ﻗﺎﻧﻮن ،ﺗﺎرﻳﺦ ،اﻧﮕﻲ ﺣﺴﺎب ،Mathematicsﻃﺐ ۽ – Astronomyﺟﻦ ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ۾ ﭘﺎڻ ﭘﮍﻫﻮ ۽
ﭘﮍﻫﺎﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﻧﺎﻟﻲ ﺳﻮﻳﻦ رﺑﺎﻋﻴﻮن ﻣﻨﺴﻮب ﭤﻴﻞ آﻫﻦ ﭘﺮ ﺟﻴﻜﻲ ۷۲ﭘﻜﻴﻮن ﭼﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن اﻫﻲ The wine of Nishapurڏﻧﻞ آﻫﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ۱۱۳۱۾ ﻫﺘﻲ )ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر( ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﺘﻲ ﺑﺎغ ﻣﺤﺮوق ۾ اﻣﺎﻣﺰاده ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ.
ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﺎن ﻣﻮﭨﮡ ﮐﺎن اڳ ﺳﻨﺪس ﺳﻴﺮاﻧﺪي وٽ ﻟﮙﻞ ﺳﻨﮕﻤﺮﻣﺮ ﺟﻲ اﮀﻲ ﭘﭥﺮ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺎرن ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﻋﺒﺎرت ﭘﮍﻫﺎن ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﻋﺮﺑﻲ ۾ ﺑﺴﻢ ا� ﻳﺎ ۷۸۶ﺑﺪران ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ؛ ” ﺑﻨﺎم ﭘﺮوردﮔﺎر داﻧﺎ و ﺗﻮاﻧﺎ“.
ﺑﭙﺎس ﻣﺮﺗﺒﻪ ﺑﻠﻨﺪ ﻋﻠﻤﻲ و ﻓﻠﺴﻔﻲ ﺣﻜﻴﻢ و ﻣﻨﺠﻢ
و ﺣﺒﻴﺐ و رﻳﺎﺿﻲ دان ﻋﺎﻟﻤﻴﺖ و رﺑﺎﻋﻲ ﺳﺮاي ﻧﺎﻣﺪار
اﻳﺮان ﺧﻮاﺟﺎ اﻣﺎم ﺣﺠﺘﮫ اﻟﺤﻖ اﺑﻮاﻟﻔﺘﺢ ﻋﻤﺮ ﺑﻦ اﺑﺮاﻫﻴﻢ
ﺧﻴﺎﻣﻲ ﻣﻌﺮوف ﺑﺤﻜﻴﻢ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﻣﺘﻮﻓﻲ در ﺳﺎل ۵۱۷ﻫﺠﺮي ﻗﻤﺮي ......
ان ﺑﻌﺪ ﺿﺮور ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﻟﻮﻫﻲ ﺷﻲ ﺳﺎن ﮐﺮﭼﻲ ان ﮐﻲ ڊاﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ....آﺋﻮن ﭘﭡﻴﺎن ﭘﻴﺮ ﻛﺮي واﭘﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺟﻲ ﭨﻮﻟﻲ ڏي رواﻧﻮ ﭤﻴﺎن ﭤﻮ.
ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ..... ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻣﺎن ﻧﻜﺮي ﺑﺎغِ ﻣﺤﺮوق ﻟﺘﺎڙي اﻣﺎم زاده ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ڏي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﻮﺳﻲ ۽ ڊاﻛﭩﺮ ارم ﻣﻠﮡ آﻳﺲ .ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﭜﺮ واري ﻫﺎل ۾ اﭸﺎ ﻣﺠﻠﺲ ﻫﻠﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .دروازي وٽ ﻣﺤﺘﺮﻣﺎ رﺑﺎب ٰ ﻓﺎﻃﻤﻪ وﻳﭡﻴﻮن ﻫﻴﻮن اﻧﻬﻦ ﮐﺎن آﻫﺴﺘﻲ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻣﺠﻠﺲ اﭸﺎ ﻛﻴﺘﺮي دﻳﺮ ﻫﻠﻨﺪي ” ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﻛﻼڪ ﮐﻦ ﻟﮙﻨﺪو “،ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ” ،ان ﺑﻌﺪ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﭤﻮري ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﺮﮢﻲ آﻫﻲ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮري اﭠﻴﻦ ﺑﺠﻲ رﺳﺘﻮران ﻗﺼﺮ آرﻳﺎ ﺗﻲ ڊﻧﺮ ﻻ ﺳﭛ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﻦ“. ”اﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﺳﭡﻮ “،ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ” ،آﺋﻮن ﺗﻴﺴﻴﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﺮي ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻮڪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻛﮃي ﭤﻮ اﭼﺎن“.
اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﻫﻨﺪ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﻣﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺗﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ رﻧﮓ ﭘﮡ ﭼﮍﻫﻴﻞ آﻫﻲ .درازن ﺟﻮ ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ۽ ﺧﻮاﺟﻪ اﺣﻤﺪ ﺟﻬﮍن ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﻣﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺳﭽﻞ ﺳﺎﺋﻴﻦ ،وﺣﺪت اﻟﻮﺟﻮدي ﺻﻮﻓﻴﻦ ﻣﺎن ﺟﻴﺘﺮو ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﻧﻴﺸﺎﭘﻮري ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻳﺎد ﻛﺮي ﭤﻮ ،اوﺗﺮو ﭔﺌﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻻ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭼﻴﻮ اﭤﺲ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺳﭽﻞ ﮐﻲ ” ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻋﻄﺎر“ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺳﭽﻞ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻴﺘﺮي ﺋﻲ ﻛﻼم ۾ ﺧﻮاﺟﺎ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ،ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺳﺎن ﭘﮡ اﻧﺘﻬﺎﺋﻲ ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﻋﻘﻴﺪت ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺷﻴﺦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻏﻼﻣﻲ ۾ رﻫﮡ ﺟﻲ ﺗﻠﻘﻴﻦ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ. ﻣﺎرا
ﺑﺎ
ﺻﺪق
ﻫﻮا
ﮔﺮﻓﺖ
ﺗﻮ
ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر
ﻏﻼم
ﺑﺎش
ﻋﻄﺎر
”آﺷﻜﺎر“
ﺑﺎش
ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﻏﺰل ﺟﻲ ﻣﻘﻄﻊ ۾ ﺻﺎف ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﭼﻴﻮ اﭤﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ اي آﺷﻜﺎر ! ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮن ﻫﺪاﻳﺖ واري واٽ ﺟﻮ ﻃﺎﻟﺐ آﻫﻴﻦ ،ﺗﻪ ﺣﻀﺮت ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻲ ﺧﺎڪ ۽ ﻣﭩﻲ ﭤﻲ رﻫﻪ. اي ﺗﻮ
آﺷﻜﺎر
ﺧﺎﻛﺮه
ﺷﻬﺮ
ﮔﺮ
ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر
ﻃﻠﺒﻲ
ﺑﺎس
رﻫﻪ
ﺑﺎس
ﻫﺪاﻳﺘﺶ .
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن روﻣﻲ ،ﺣﺎﻓﻆ ،ﺷﻴﺮازي ،ﻓﺮدوﺳﻲ ۽ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم واﻧﮕﺮ ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﭘﮡ ،ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﺮق ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ،ﭘﺮ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﺷﻌﺮ و ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺗﻌﻠﻴﻢ دروان ﺳﺌﻴﮉن ۾ رﻫﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺟﻲ ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﻞ ﻟﺌﺒﺮري ۾ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ﺳﺌﻴﮉش زﺑﺎن ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﺘﺎب ۱۹۳۲ﺟﻮ ﮀﭙﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﺑﺎرون ﻓﺮﻳﻚ ﻫﺮﻣﻠﻦ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﻳﻮرﭘﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن اڳ اﻧﮕﺮﻳﺰي زﺑﺎن ۾ ﺟﻲ .اﻳﭿ .ﻫﻨﮉﻟﻲ ۱۸۰۹ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ .ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ اڙدو ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ۱۹۷۸۾ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺑﺸﻴﺮ اﺣﻤﺪ ﺳﻴﺎﻟﻮي ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﺳﭛ ﮐﺎن آﮘﺎﭨﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺳﻠﻄﺎن ذوق ﺟﻮ ۱۳۸۹۾ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺳﻨﮅي ۾ ﺑﻪ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺗﺮﺟﻤﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ” ﻏﻨﭽﮫ ﻫﺪاﻳﺖ“ ﻧﺎﻟﻲ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﺳﺮﻫﺌﻲ ﺻﺎﺣﺐ ۱۹۷۱۾ ۽ ان ﮐﺎن اڳ ۱۹۶۸۾ ﮘﻮٺ وﻟﻴﺪ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺣﺴﻴﻦ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ اﭸﺎن ﮀﭙﻴﻮ ﻧﺎﻫﻲ .ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ڊﻳﻦ ﻗﺎﺳﻢ ﭔﮕﻬﺌﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﺳﻨﮅاﻻﺟﻲ وارن وٽ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ .ﻋﻄﺎر ﻧﻴﺸﺎﭘﻮري ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﺟﻬﻮﻧﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎرف ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻜﺎرﭘﻮر ﻣﺎن ﭘﻮﻛﺮداس وارن ﮀﭙﺮاﻳﻮ ﻫﻮ .ﺳﭛ ۾ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ’ﭘﻨﺪ ﻧﺎﻣﻮ‘ ﻣﺤﻤﺪ ادرﻳﺲ ﺑﻦ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﺳﻮﻣﺮي ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﮉﻳﺎري ﺟﻲ روﺷﻨﻲ ﭘﺒﻠﻴﻜﻴﺸﻦ وارن ﮔﺬارﻳﻞ ﺳﺎل ﮀﭙﺮاﻳﻮ آﻫﻲ .ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺷﺮوﻋﺎت ﺟﻮ ﭔﻪ ﺳﭩﻮن آﻫﻦ ؛
ﺣﻤﺪ ُﻣﭟ
ﺟﻮ
ﻣﭩﻲ
ﮐﻲ
ﻻﺋﻖ
ﺟﻨﻬﻦ
ڌﮢﻲ
اﻫﮍي ﻃﺮح ﺳﺎﮘﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﻌﺮ ﮐﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺎرف ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛ ﺣﻤﺪ
ﺟﻨﻬﻦ
ﺑﻲ
ڏﻧﻮ
ﺣﺪ
اﻳﻤﺎن
ﺧﺎص
ذرڙي
ڏﻧﻮ ﺧﺎﻟﻖ
ﺳﺒﺤﺎن
اﻳﻤﺎن
ﭘﺎڪ
ﺧﺎڪ
آ،
آ.
ﮐﻲ، ﮐﻲ.
اڄ آﺋﻮن ان ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﺳﻨﺪس آﺧﺮي آرﻣﮕﺎﻫﻪ اﮘﻴﺎن ﺑﻴﭡﻮ آﻫﻴﺎن .ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ”ﻋﻄﺎر“ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ﮐﺎن ۶۰۰ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ۱۱۴۲۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۲۲۰۾ ﻫﻦ ﺋﻲ ﺷﻬﺮ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ) .ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ۱۷۳۹۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪاﻟﻠﻄﻴﻒ ﭜﭩﺎﺋﻲ ۱۶۸۹۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﺳﭽﻞ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۱۳ﺳﺎل ﮐﻦ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ۱۷۵۲۾ ﻫﻦ ﻓﺎﻧﻲ ﺟﻬﺎن ﻣﺎن ﻛﻮچ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ(.
ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﻫﻚ اﻣﻴﺮ ﻋﻄﺮ ﭠﺎﻫﮡ واري ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻋﻄﺮن ﺟﻮ دﻛﺎن ﻫﻮ ﺟﺘﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻋﻄﺮن ﺟﻮ وﻛﺮو ﭤﻴﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻛﻴﻤﻴﺎﺋﻲ ﻃﺮح ۽ ﻋﺎم وراﺟﻲ ﻃﺮح )ﮔﻠﻦ ﻣﺎن ﭔﺎڦ ﻟﻨﮕﻬﺎﺋﻲ( اﻫﻲ ﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ ﭤﻲ .ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻫﻦ دﻛﺎن ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﻲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﻫﻦ دﻛﺎن ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ﭤﻴﻮ .ﻋﻄﺮ ﺟﻲ وﻛﺮي ﻛﺮي ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻮ.ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﺮﺑﻲ ،ﻣﻴﮉﻳﺴﻦ ۽ دﻳﻨﻴﺎت ۾ ان ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺳﺎن ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ دوا ﺳﺎزي ۽ ﻋﻼج ﺟﻲ ﻛﻤﻦ ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻫﻮ .روزاﻧﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺮﻳﺾ ﻫﻦ وٽ ﻋﻼج ﻻ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻦ ﭘﺎڻ ﭘﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺘﺎب ﻣﺜﺒﺖ ﻧﺎﻣﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛ ﺑﻪ
ﮐﮫ
دارو
ﻫﺮ
ﺧﺎﻧﻪ
روز
ﭘﺎﻧﺼﺪ
ﻧﺒﻀﻢ
)دوا ﺧﺎﻧﻲ ۾ ﭘﻨﺞ ﭘﻨﺞ ﺳﺌﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ،ﻫﺮروز ﻧﺒﺾ ڏﻳﮑﺎرﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ(.
ﺷﺨﺺ ﻣﻲ
ﺑﻮدﻧﺪ
ﻧﻤﻮدﻧﺪ
ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ دﻛﺎن ﺗﻲ ﻫﻚ ﻓﻘﻴﺮ آ ﻳﻮ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻫﻮ دﻛﺎن ۾ رﮐﻴﻞ ﻣﺎل ﮐﻲ ﺳﻜﮣﻴﻦ ﻧﮕﺎﻫﻦ ﺳﺎن ڏﺳﻲ واﮐﺎڻ ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ،ﻋﻄﺎر ﮐﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ وﮢﻲ .ﻫﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﮐﻲ دﻛﺎن ﮀﮇڻ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﻓﻘﻴﺮ دﻛﺎن ۾ ﺳﭥﻴﻞ ﻣﺎل ۽ ان ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ڏي ﻧﻬﺎر وﺟﻬﻲ ﭘﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭰﺎﭨﻞ ﭘﺮاﮢﻲ ﭼﻮﻏﻲ ڏي اﺷﺎرو ﻛﺮي ﭼﻴﻮ ”:ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ ﺳﺎن ﻫﺘﺎن ﻧﻜﺮي وﭸﮡ ۾ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﺎ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﻪ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﻮ ﭔﮅا ﺗﻪ ﻫﻴﮇي ﺳﺎري ﻣﺎل ﻫﻮﻧﺪي ﺗﻮ ﻫﻲ ﺟﻬﺎن ﮀﮇڻ ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﭘﻼﻧﻨﮓ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ؟“
ﻋﻄﺎر ﺗﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﻟﻔﻈﻦ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﺮو اﺛﺮ ﮀﮇﻳﻮ .ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ. آﺧﺮﻛﺎر ﻫﻦ دﻛﺎن ۽ ﻛﺎرو ﺑﺎر ﮐﻲ ﮀﮇي ﺷﻴﺦ رﻛﻦ اﻟﺪﻳﻦ آﻗﺎف وارن ﻛﺒﺮوي ﺻﻮﻓﻴﻦ ﺳﺎن وﭸﻲ ﻣﻠﻴﻮ .ﻋﻄﺎر ان ﺑﻌﺪ وڏو ﻋﺮﺻﻮ ﺻﻮﻓﻲ ﻓﻘﻴﺮن ﺳﺎن ﮔﮇ دﻳﺲ ﭘﺮدﻳﺲ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﻛﮇﻫﻦ ري ۽ ﻛﻮﻓﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻣﻜﻲ ۽ دﻣﺸﻖ .ﺗﺮﻛﺴﺘﺎن ۽ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺑﻪ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺧﺎﻧﻘﺎﻫﻦ ۾ رﻫﮡ ﺟﻮ ﺗﺠﺮﺑﻮ ﭤﻴﻮ ۽ ﻃﺮﻳﻘﮫ ﺟﺎ اﺻﻮل ﺳﮑﻴﻮ .آﺧﺮ ۾ وري ﻣﻮﭨﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر آﻳﻮ ۽ وري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دوا درﻣﻞ وارو ﻛﻢ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﺷﻌﺮ ﺷﺎﻋﺮي ۽ ﺻﻮﻓﻲ ﻓﻜﺮ ﺟﻲ ﭘﺮﭼﺎر ﻛﺌﻲ.
”ﺗﺬﻛﺮات اوﻟﻴﺎ “ﻋﻄﺎر ﺟﻮ ﺷﺮوﻋﺎﺗﻲ ﻛﺘﺎب آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺻﻮﻓﻲ دروﻳﺸﻦ ﺟﺎ ﺷﻌﺮ ،ﭼﻮﮢﻴﻮن ۽ آﺗﻢ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ڏﻧﻴﻮن آﻫﻦ .ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ڏاﻧﻬﻦ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب ۽ ﻣﺜﻨﻮﻳﻮن ﻣﻨﺴﻮب آﻫﻦ .ﻛﻦ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺗﺼﻨﻴﻔﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺪاد ،ﻗﺮآن ﻣﺠﻴﺪ ﺟﻲ ﺳﻮرﺗﻦ ﺟﻴﺘﺮو – ﻳﻌﻨﻲ ۱۱۴آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﻨﺪس ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻛﺘﺎب ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ۾ ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ؛ دﻳﻮان ﻋﻄﺎر
ﻣﺨﺘﺎر ﻧﺎﻣﮫ
ﻣﻨﻄﻖ اﻟﻄﻴﺮ
ﻣﺼﻴﺒﺖ ﻧﺎﻣﮫ
اﻻﻫﻲ ﻧﺎﻣﮫ
اﺳﺮار ﻧﺎﻣﮫ ﭘﻨﺪ ﻧﺎﻣﮫ
ﺑﻠﺒﻞ ﻧﺎﻣﮫ ،وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه.
اﻧﻬﻦ ﻣﮍﻧﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۾ ﻣﻨﻄﻖ اﻟﻄﺎﺋﺮ )ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺎﻧﻔﺮﻧﺲ( ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﻛﺘﺎ ب آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺣﻀﺮت ﺳﻠﻴﻤﺎن ﺟﻲ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺟﻮ ﻧﻘﻞ ﻛﻨﺪي ﭘﮑﻴﻦ ﮐﺎن ﮘﺎﻟﻬﺮاﺋﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﻮﻫﻪ ﻗﺎف ﺟﺒﻞ ڏي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ”ﺳﻴﻤﺮغ“ ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ۾ ﻧﻜﺮن ﭤﺎ .ﺳﻴﻤﺮغ ،ﭨﺮﻛﻲ ﭘﮑﻲ ﺟﻬﮍو ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﮐﻨﭝﻦ وارو ﭘﺮ ﺧﻴﺎﻟﻲ ﭘﮑﻲ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Phoenixﺳﮇﻳﻦ .ﻫﺘﻲ ﺳﻴﻤﺮغ رب ﭘﺎڪ ﻻ ascribe ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻧﺴﺎن رب ﭘﺎڪ ﺟﻲ ﮘﻮاﻻ ۾ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﭜﭩﻜﻦ ﭤﺎ .ان ﻻ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻛﻲ ﭘﻴﺮ و ﻣﺮﺷﺪ ﺑﻪ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ﭘﮑﻲ ﺑﻪ ﻫﺪ ﻫﺪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ اﮘﻮاڻ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻮن ﺑﮣﺎﺋﻲ ﺳﻴﻤﺮغ )ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ( ﮐﻲ ﮘﻮﻟﮡ ﻻ ﻧﻜﺮن ﭤﺎ .ﻫﻮ اڏاﻣﻨﺪا وﭸﻦ ﭤﺎ ،اڏاﻣﻨﺪا وﭸﻦ ﭤﺎ .ﻧﻜﺮڻ وﻗﺖ ﻫﻮ ﻫﺰارن ﺟﻲ ﺗﻌﺪاد ۾ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻣﻨﺰل ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﻣﻬﻞ ﻓﻘﻂ ﭨﻴﻬﻪ ﭘﮑﻲ وﭸﻲ ﺑﭽﻦ ﭤﺎ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺳﺘﻦ ﺧﻮﻓﻨﺎڪ ﻣﺎﭤﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﮔﺬر ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻫﺮ ﻣﺎﭤﺮي ۾ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺳﻮﻳﻦ ڏاﮐﮍن ۽ آزﻣﺎﺋﺸﻦ ﻣﺎن ﮔﺬرﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﺟﻦ ﮐﻲ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﻧﺼﻴﺐ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ اﻫﻲ ﺳﻴﻤﺮغ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﺟﻲ ﺧﻮاﻫﺶ ۾ اﮘﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ﻧﻜﺮن ﭤﺎ .ﭔﻲ ﻣﺎﭤﺮي ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﮡ وﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻋﻘﻞ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﮀﮇي ڏﺋﻲ ﭤﻮ ۽ دل دﻣﺎغ ﺗﻲ ﺣﺎوي ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻋﺸﻖ ۾ ﻫﺰار دﻟﻴﻮن ﺑﻪ ﻓﺪا ﻛﺮڻ ﻻ ﺗﻴﺎر ﭤﻴﻮ وﭸﻦ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﭨﻲ ﻣﺎﭤﺮي ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﮡ وﻗﺖ ﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﺑﻨﻬﻪ ﺑﻴﻜﺎر آﻫﻲ ۽ اﻫﺎ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮐﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻛﺎﺑﻪ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﻧﭥﻲ رﮐﻲ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﺳﺖ ﻣﺎﭤﺮﻳﻮن ﻋﺒﻮر ﻛﺮي آﺧﺮ ﺳﻴﻤﺮغ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﮔﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻲ ﭨﻴﻬﻪ ﭘﮑﻲ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي ﭤﻲ ﺗﻪ ﺳﻴﻤﺮغ ﺗﻪ آﻫﻲ ﺋﻲ ﻛﻮﻧﻪ .ﺳﻴﻤﺮغ ﺟﻮ درﺑﺎن ﮐﻴﻦ ﺳﻴﻤﺮغ ﻻ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻲ ﭨﻴﻬﻪ ﭘﮑﻲ ﺳﻮ ﭼﻴﻨﺪي ﺳﻮﭼﻴﻨﺪي ان راز ﮐﻲ ﭘﺮوڙﻳﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻴﻤﺮغ ﭔﻴﻮ ﻛﻮﻧﻪ ،ﭘﺮ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﻣﻌﻨﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﭨﻴﻬﻪ ۽ ﻣﺮغ ﺳﻲ )ﭨﻴﻬﻪ( ﻣﺮغ )ﭘﮑﻲ( آﻫﻦ! ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻓﻮﻧﻴﻜﺲ ﭘﮑﻲ ﺳﻴﻤﺮغ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ۽ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﺳﻲ ٰ ٰ ﭘﮑﻲ آﻫﻦ.
ﻣﭥﻲ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻞ ﺳﻴﻤﺮغ ) (Phoenixﺧﻴﺎﻟﻲ ﭘﮑﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻧﺎﻟﻦ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻗﺪﻳﻤﻲ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ۽ ﻣﺼﺮي ﺗﻬﺬﻳﺒﻦ ۾ ﺳﻴﻤﺮغ ” ﺳﻮرج دﻳﻮﺗﺎ“ ﺳﺎن ﻻﮘﺎﭘﻴﻮ وﻳﻮﭤﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﭣ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺳﻴﻤﺮغ ﻫﻚ ﺳﻬﮣﻦ ﮐﻨﭝﻦ واري ﭘﮑﻲ ﻧﻤﺎ ﻣﺨﻠﻮق ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ وﺟﻮد ﺟﻬﻮﻧﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﭤﻴﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۽ ادب ۾ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺳﻴﻤﺮغ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ .ﻋﻄﺎر ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﭘﮡ ﻫﻦ ﭘﮑﻲ ﺟﻮ اﺣﻮال آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ڏﻧﺪ ﻛﭥﺎﺋﻦ ﻣﻮﺟﺐ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﺧﻴﺎﻟﻲ ﻛﺮدار رﺳﺘﻢ ﺟﻲ ڏاڏي ذال ﮐﻲ ﺳﻴﻤﺮغ ﭘﺎﻟﻲ وڏو ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ﭼﻴﻦ ۾ ﺳﻴﻤﺮغ ﺟﻬﮍي ﻗﺎﺑﻞ اﺣﺘﺮام ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺧﻴﺎﻟﻲ ﭘﮑﻲ ﮐﻲ ” ﻓﻴﻨﮓ ﻫﺌﺎﻧﮓ“ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻨﻦ وٽ ازدﻫﺎ ) (Dragonﺑﻌﺪ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ِ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺟﭙﺎن ۾ ان ﭘﮑﻲ ﮐﻲ ” ﻓﻮﺷﻲ ﭼﻮ“ ﺳﮇﻳﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﻻﻓﺎﻧﻲ Immortalﭘﮑﻲ.
ﺧﻮاﺟﺎ ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر اﻧﻬﻦ ﭼﺌﻦ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﻣﺎن ﻫﻚ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﺻﻮﻓﻴﺎﻧﻪ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﺎ ﭤﻨﭝﺎ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﭔﻴﺎ ﭨﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ؛ ﺳﻨﺎﺋﻲ ،اﺑﻮاﻟﻤﺠﺪ ﻣﺠﺪود اﻟﺪﻳﻦ – وﻓﺎت ۱۱۵۰
اوﺣﺪي اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ – ۱۱۸۱
روﻣﻲ ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ – ۱۲۷۳
ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ۱۲۱۵۽ ۱۲۲۰ﺟﻲ وچ ۾ ” وچ اﻳﺸﻴﺎ“ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ ﺟﻮ واﻟﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭵﻲ ﻛﭩﻨﺐ ۽ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﻮﻟﻲ ﮐﻲ ﺳﺎڻ ﻛﺮي ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﺑﺤﺮ اﺳﻮد واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ڏي ﻛﻮچ ﻛﻴﻮ.
رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺮاﺳﺎن واري ﺻﻮﺑﻲ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﮡ وﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ .ﻋﻄﺎر ارڙﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻧﻨﮃڙي ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ روﺣﺎﻧﻲ ﻻڙن ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﻮ .ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﭘﭡﻴﺎن ﻋﻄﺎر ڏي وڌي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻋﻄﺎر ﻳﻜﺪم روﻣﻲ ﺟﻲ ﭘﻲ ﮐﻲ ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﻲ ﭼﻴﻮ ”ڏﺳﻮ ﺗﻪ ﺳﻬﻲ ! ﻣﻮن ڏي ﻫﻚ ﺳﻤﻨﮉ ) (Seaاﭼﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﺑﺤﺮ )وڏو ﺳﻤﻨﮉ (Ocean آﻫﻲ“.
ﻋﻄﺎر ﻧﻨﮃڙي روﻣﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﺘﺎب اﺳﺮار ﻧﺎﻣﮫ ڏﻧﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻧﺴﺎن ﺟﻮ روح دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻟﺬﺗﻦ ۾ ﭰﺎﭤﻞ ڏﻳﮑﺎرﻳﻞ آﻫﻲ ۱۸ .ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻧﻨﮃڙي روﻣﻲ ﺟﻲ ذﻫﻦ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻣﻼﻗﺎت وڏو اﺛﺮ ﮀﮇﻳﻮ ۽ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي روﻣﻲ ﻻ وڏي Inspirationﭘﻴﺪا ﻛﺌﻲ .اڄ روﻣﻲ ﺑﻪ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .روﻣﻲ ۽ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﻼﻗﺎت ﺟﻮ اﺣﻮال ،ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﭽﻞ ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻼﻗﺎت ﻳﺎد ڏﻳﺎرﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﮀﻬﻪ ﮐﻦ ﺻﺪﻳﻮن ﭘﻮ ﭤﻲ .ﺳﭽﻞ اﭸﺎن ﭘﻨﺠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻣﻮ ﻣﺲ ﻫﺌﻮ ) ۱۷۴۴ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ( ﺗﻪ ﺷﺎه ﻋﺒﺪاﻟﻠﻄﻴﻒ ﭜﭩﺎﺋﻲ ،ﺳﭽﻞ ﺟﻲ ڏاڏي ﻣﻴﺎن ﺻﺎﺣﺒﮇﻧﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻻ درازن ۾ آﻳﻮ .ﺟﺘﻲ ُﻫﻦ ﻣﻌﺼﻮم ﭔﺎرڙي ،ﺳﭽﻞ ﮐﻲ راﻧﺪ ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ” اﺳﺎن ﺟﻴﻜﻮ ُ ﻛﻨﻮ ﭼﺎڙﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ان ﺟﻮ ڍﻛﮡ ﻫﻲ ﻧﻴﻨﮕﺮ ﻻﻫﻴﻨﺪو!“ ﻏﻴﺐ ﺟﻲ ﭘﮍدي ﻣﺎن ﻟﻴﺌﺎ ﭘﺎﺋﻴﻨﺪر وﻗﺖ ،ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻮ روپ ورﺗﻮ .ﺷﺎﻫﻪ ﺻﺎﺣﺐ ،ﺟﻨﻬﻦ وﺣﺪت اﻟﻮﺟﻮد ﺟﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ۽ ﻫﻴﻜﮍاﺋﻲ ﺟﻲ رﻣﺰن ﮐﻲ ﻛﻲ ﻗﺪر ڍڪ ۽ ﭘﮍدي ۾ ﭘﺌﻲ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮ، ﺳﭽﻞ اﻫﻲ ﺳﻤﻮرا راز ،ﺑﻴﺨﻮدي ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ۾ ﭘﮅري ﭘﭧ اﻓﺸﺎن ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ .ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﺎ ﺷﺎﻋﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﻋﻄﺎر ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺳﻨﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﻣﺎن ﺑﻪ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ رﻫﻴﺎ .ﺳﻨﺎﺋﻲ ﻏﺰﻧﺎ ﺟﻮ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻮ .ﻏﺰﻧﺎ اﭴﻜﻠﻬﻪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺣﺼﻮ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻏﺰﻧﺎ ﭘﮡ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻋﺎم زﺑﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﻫﺌﻲ .ﺳﻨﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺘﺎب” ﺣﺪﻳﻘﮫ اﻟﺤﻘﻴﻘﮫ وﺷﺮﻳﻌﮫ اﻟﻄﺮﻳﻘﮫ“ آﻫﻲ .ﺳﻨﺎﺋﻲ ﺑﻬﺮام ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺎدﺷﺎه ﺟﻲ ﻛﻮرٽ ﺳﺎن واﺑﺴﺘﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ۱۱۱۸ﮐﺎن ۱۱۵۲ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﺳﻨﺎﺋﻲ، ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻬﺮام ﺷﺎه ﺳﺎن ﮔﮇ ﻓﻮﺟﻲ ﻣﻬﻢ ﺗﻲ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺻﻮﻓﻲ ﭨﻴﭽﺮ ”ﻻﺋﻲ ﺧﺮ“ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ۽ ﺳﻨﺎﺋﻲ ﺻﻮﻓﻲ ﺳﻨﮕﺖ ۾ اﻫﮍو ﭔﮅﺟﻲ وﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺑﻬﺮام ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻣﺎن اﺳﺘﻌﻴﻔﺎ ڏﻧﻲ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻨﺎﺋﻲ ﮐﻲ وڏي ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺖ ۽ ﺷﺎدي ﺟﻲ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي ﺟﻲ ﭘﮡ آڇ ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ؛ ”اي
اي
ﻛﻴﮫ
ﮔﺮﻓﺘﺎر
ﻧﺎ
ﺷﻨﺎﺳﻲ
اﺑﻮ
ﺧﻔﻲ
ﺑﻜﺮ
را
او
از
ﻋﻠﻲ
ﺟﺎﻟﻲ
ﻫﻮﺷﻴﺎر
ﻫﻮﺷﻴﺎر
ﺑﺎش
ﺑﺎش
!
!“
”“Oh! He that can not read fine print from the bold, Beware. Oh! He that is engrossed in Abu – Bakar and Ali Beware.
ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ وارن ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﮔﺬرﻳﻞ درو ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﻫﻚ ﺗﻤﺎم وڏو ﺷﻬﺮ ،ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ واﭘﺎري ﻣﺮﻛﺰ ﻫﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺮﺑﺎد ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻫﻨﻦ ﺳﭵﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم ﻛﻴﻮ .ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺑﻪ ان ۾ ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﻋﻄﺎر ﮐﻲ ﻫﻚ ﻣﻨﮕﻮل ﻳﺮﻏﻤﺎل ﺑﻨﺎﺋﻲ ﻏﻼم ﻃﻮر وﻛﮣﮡ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭼﺎﻧﺪي ﺟﺎ ﻫﺰار ﺳﻜﺎ ﮐﮣﻲ ﻫﻦ ﻣﻨﮕﻮل وٽ ﭜﻨﮓ ﻃﻮر ڏﻳﮡ ﻟﮙﻮ .ﻋﻄﺎر ﻣﻨﮕﻮل ﮐﻲ ﺻﻼح ڏﻧﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ان ﻗﻴﻤﺖ ﺗﻲ ﻧﻪ وﻛﮣﻲ .ﻣﻨﮕﻮل اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺗﻪ ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻮ ﻛﻮ وڏو ﻣﻠﻬﻪ آﻫﻲ ﺳﻮ ﭼﺎﻧﺪي ﺟﻲ ﺳﻜﻦ ﺟﻲ ﻋﻴﻮض ﻋﻄﺎر ﮐﻲ ڏﻳﮡ ﮐﺎن اﻧﻜﺎر ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ان ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻳﻮ .ﻫﻦ دﻓﻌﻲ ﻋﻄﺎر ﮐﻲ آزاد ﻛﺮڻ ﻻ ﻫﻮ ُﺑﻬﻪ ﺟﻲ ﮘﻮڻ آﻓﺮ ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ .ﻋﻄﺎر ﻣﻨﮕﻮل ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ” اﻫﻮ ﺋﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻠﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻮن ان ﻗﻴﻤﺖ ۾ ﻣﻮﻧﮑﻲ وﻛﮣﻲ ﺳﮕﻬﻴﻦ ﭤﻮ “.ﻣﻨﮕﻮل ﮐﻲ ﺑﻴﻮﻗﻮف ﺑﻨﺠﮡ ﺗﻲ ﻛﺎوڙ وﭠﻲ وﺋﻲ ۽ ﻫﻦ ﺗﺮار ﺳﺎن ﻋﻄﺎر ﺟﻮ ﺳﺮ ڌڙ ﮐﺎن ڌار ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ.
ﻣﭥﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺻﻮﻓﻴﻦ ﺟﻲ اﻧﺪر ﺟﻮ ﺣﺎل ﺑﻴﺎن ﻛﺮڻ ﻻ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺧﺎﻃﺮ ﭔﮅاﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذات ۾ ﺗﻪ ﻛﺎﺑﻪ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﻧﭥﺎ رﮐﻦ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻬﻪ ﻛﮑﻦ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ .ﺟﻴﻜﺎ ﺷﻲ ﺑﻲ ﺑﻬﺎ آﻫﻲ اﻫﺎ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ اﻧﺪر ۾ ﻣﺤﺒﻮب ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮدﮔﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﻣﻮت ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻛﻮ ﻣﭩﺎﺋﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ. روﻣﻲ واﻧﮕﺮ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻐﺮب ۾ وڏي ﺷﻮق ﺳﺎن ﭘﮍﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﺳﺎﻧﺠﻲ وڏن ،ﺟﻦ اﺳﻜﻮل ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﭘﮍﻫﻲ ،اﻫﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﺎ ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﭘﺮ اﻧﮕﺮﻳﺰن /ﮔﻮرن ﮐﻲ ﺧﻴﺎم ،روﻣﻲ
۽ ﻋﻄﺎر ﺟﻬﮍن اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪو ڏﺳﻲ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﺷﻮق ﭤﻴﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﺎ ﻛﻲ ﻛﻲ ﺷﻌﺮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﭡﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻫﺘﻲ ڏﻳﺎن ﭤﻮ.
In the dead of night, a sufi began to weep.
He said, “This world is like a closed coffin, in which We are shut and in which, through our ignorance, We spend our lives in folly and desolation.
When death comes to open the lid of the coffin,
Each one who has wings will fly off to eternity,
But those without will remain locked in the coffin
So, my friends , before the lid of this coffin is taken off, ;Do all you can to become a bird of the way to God
”Do all you can to develop your wings and your feathers.
اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب ﮔﻠﺴﺘﺎن ،ﺑﻮﺳﺘﺎن ۽ ﻋﻄﺎر ﺟﻮ ﭘﻨﺪ ﻧﺎﻣﮫ ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﻨﮅي ۽ اڙدو ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭘﮡ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻫﺘﻲ ڏﻳﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﮉﻳﺎري ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﻣﺤﻤﺪ ادرﻳﺲ ﺳﻮﻣﺮي ﻛﻴﻮ آﻫﻲ؛ ﮀﺎ
ﻣﺎن
ﮔﻮڏڙي
ﭘﺎڻ دم
دﺷﻤﻨﻦ
ﭘﭧ
ﺗﮇﻫﻦ
ﺟﻮ
ﺟﻨﺘﻦ
آ
ﻓﻘﻴﺮي
ﭔﮅاﻳﺎن
ﭘﺎﺗﻞ
ڏﻳﮑﺎري
ﻫﮣﻲ
ﺳﺎن
! ﻓﻘﻴﺮن ۾
ڍو
ﮔﺮ ﺳﮑﻴﻮ
ﻫﺠﻲ ﺟﻮ،
ﻧﻪ ﺗﻪ
۽ ﭜﻠﻲ
دوﺳﺘﻲ
ﻓﻘﻴﺮن
ﭘﺎﻟﻴﻨﺪڙ
ﺗﻮ
ﭴﺎﺗﻲ
ﺟﻲ ﺳﺎن
ﺳﻮ
وﺟﻬﻲ
ﺑﻪ
ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺪاﺋﻴﻦ
ﻣﻘﺮب
آﻫﻴﻦ
اي
ﻣﺎل
ﺧﻠﻖ
ﺑﮑﻴﻮ
رﮐﻴﻮ ﺗﻮﺗﻲ
ﭘﺎڻ
ﺳﺎٿ
ﭤﻮ
ﭘﺴﺮ!
ﺑﺎﺧﺒﺮ ﮔﻬﭧ وٽ
وﺗﻲ وﺗﻲ
ﻛﺮ
ﻧﻈﺮ
ڏﺋﻲ
ﭤﺌﻲ....
ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺗﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ دوران وچ وچ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﮡ ﻻ وﺗﺎﻳﻮ ﻓﻘﻴﺮ ،ﻧﺼﻴﺮ دﻳﻦ ﻫﻮﺟﺎ ،ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ۽ ﭔﻴﻦ ،ﺟﻦ ﺟﺎ ﻟﻄﻴﻔﺎ ،ﭨﻮﭨﻜﺎ ۽ ﻋﻘﻞ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو آﻫﻴﺎن اﻧﻬﻦ ۾ ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻋﻨﻮان آﻫﻲ؛ ”ﭼﺎر ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺟﻦ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺠﮡ ﮐﭙﻲ“ ،ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو آﻫﻴﺎن .اﻫﺎ ﮔﻬﮣﻮ اڳ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮍﻫﻲ ﻫﻴﻢ .اﺋﻨﮉرﻳﻮ ﻫﺎروي ۽ اﻳﺮڪ ﻫﺎﻧﭧ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ Perfume of Desertﻧﺎﻟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻛﺘﺎب ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.
ﺣﺎﺗﻢ اﻟﻌﺼﻮم ﭼﻴﻮ ؛ ” ﻣﻮن ﭼﺎر ﺷﻴﻮن ﭼﻮﻧﮉﻳﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﭴﺎڻ رﮐﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﻲ
ﻛﭣ ۾ آﮢﮡ ﺿﺮوري ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﻬﺎن.
”ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻲ آﻫﻲ؛ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ روزاﻧﻲ رزق ﺟﻮ ﻣﻘﺪار ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ان ۾ ﻧﻪ واڌارو اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ۽ ﻧﻪ ﻛﺎ وري ﮐﻮٽ .ان ﻛﺮي ﻣﻮن ان ۾ واڌاري ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﮐﻲ ﮀﮇي ڏﻧﻮ آﻫﻲ.
”ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن رب ﭘﺎڪ ﺟﻮ ﻣﻘﺮوض آﻫﻴﺎن اﻫﻮ ﻗﺮض )ڊﻳﻮﭨﻲ/ﻓﺮض( ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺋﻲ ﭘﻮرو ﻛﺮﮢﻮ آﻫﻲ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﻧﭥﻮ ﭜﺮي ﺳﮕﻬﻲ .ﺳﻮ آﺋﻮن ان ﺟﻲ اداﺋﻴﮕﻲ ۾ ﻣﺸﻐﻮل آﻫﻴﺎن. ” ۽ ﭨﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ آﺋﻮن ﭴﺎﮢﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﻛﺎ ﺷﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﮃ ﻟﮙﻞ آﻫﻲ ....اﻫﻮ آﻫﻲ ﻣﻮت ....ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن آﺋﻮن ﭜﭵﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﺎن ،ان ﻛﺮي ﻣﻮن ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻻ ﺗﻴﺎر رﮐﻴﻮ آﻫﻲ.
”ﭼﻮﭤﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ،آﺋﻮن ﻳﻘﻴﻦ رﮐﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ رب ﭘﺎڪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ڏﺳﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ان ﻛﺮي ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﮍو ﻛﻢ ﻛﻨﺪي ﺷﺮﻣﻨﺪﮔﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﺮڻ ﻧﻪ ﮐﭙﻲ“.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻋﺎﻟﻢ ۽ اﻛﺎﺑﺮ ﻣﻠﻨﺪا ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ ﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ ﭔﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ۽ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻚ ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﭼﺘﺮﻛﺎر ) (Painterﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ آﺋﻮن ﺑﻪ ﭘﺮﺳﺘﺎر آﻫﻴﺎن .دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ آرﭨﺴﭧ )ﺗﺼﻮﻳﺮون ﭠﺎﻫﮡ وارا( ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﭘﺮ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ﻫﻚ ﻣﺸﺮﻗﻲ ۽ ﺳﻮ ﺑﻪ وري اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ اﻳﮇي واﮐﺎڻ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﻻﺋﻖ آﻫﻲ .اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻛﺎﻟﻢ ﻳﺎ ﻛﺘﺎب ۾ اﻳﺘﺮي ﮔﻨﺠﺎﺋﺶ ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ ﺟﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﻻ ﻫﻦ ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﺗﺼﻮﻳﺮون ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻦ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﮔﻮﮔﻞ ،ﻓﻠﻜﺮ ﻳﺎ ﭘﻜﺎﺳﺎ ﺟﻬﮍن ﺳﺮچ ﻣﺸﻴﻨﻦ ذرﻳﻌﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ﺟﻮن ﭠﻬﻴﻞ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۾ ڏﺳﻲ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﮇي وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﻣﺼﻮر ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮان ،ﺗﺮﻛﻲ ۽ ﻟﻨﮉن ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻨﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﻴﻮزﻣﻦ ۾ ﭘﮡ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﺘﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ.
ﻛﻤﺎل ﻣﻠﻚ )ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻤﺎل اﻟﻤﻠﻚ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻏﻔﺎري ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ۱۸۴۷۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻛﺎﺷﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﻫﻦ ﻧﻨﮃﭘﮡ ۾ ﺋﻲ ﭼﺘﺮﻛﺎري ۾ اﻫﮍا ﺗﻪ ﻛﻤﺎل ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﺎ ﺟﻮ ﻫﻮ ۱۸ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻧﺼﻴﺮ اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺂﻫﻪ ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ ﺷﺎﻫﻲ ﭼﺘﺮﻛﺎر ﻃﻮر ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ﻛﻤﺎل وﻣﻠﻚ ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻣﺼﻮري ﺟﻮ ﻫﻲ ﻓﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ داراﻟﻔﻨﻮن ﻣﻜﺘﺐ ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ. ۱۸۹۶۾ ﻧﺼﻴﺮ اﻟﺪﻳﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﻣﺼﻮري ﺟﻲ وڌﻳﻚ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻓﻠﻮرﻳﻨﺲ )ﻳﻮرپ( ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ .ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ اﻳﺮان واﭘﺲ آﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻮ ﺗﻪ درﭔﺎر ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻫﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ ۾ ﺳﺎڙ ۽ ﺣﺴﺪ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ آﻫﻦ .آﺧﺮ ﻫﻦ ﺑﻬﺘﺮي ان ۾ ﺳﺠﻬﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﮀﮇي ڏﺟﻲ ،ﺳﻮ ﺑﺎدﺷﺎه ﺳﺎن زﻳﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﺑﻬﺎﻧﻮ ﻛﺮي ﻛﺮﺑﻼ )ﻋﺮاق( ۾ اﭼﻲ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻋﺮاق ۾ ﻫﻦ ”زرﮔﺮ ﺑﻐﺪادي و ﺷﺎﮔﺮدش“ )ﺑﻐﺪادي ﺳﻮﻧﺎرو ۽ ﻋﺮب ﺧﻮﻓﺘﮫ )ﺳﺘﻞ ﻋﺮب ( ۽ ﻓﺎﻟﮕﻴ ِﺮ ﺑﻐﺪاد )ﺑﻐﺪاد ﺟﻮ ﺟﻮﺗﺸﻲ( ﺟﻬﮍﻳﻮن ﺷﺎﻫﻜﺎر ﻣﻴﺪان ﻛﺮﺑﻼ، ﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮد(، ِ ِ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﭠﺎﻫﻴﻮن.
ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ۱۹۳۹۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﺘﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻓﻠﻢ ﭘﮡ ﭠﺎﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ آرﭨﺴﭧ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ۽ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻓﻠﻢ ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ۽ ڊﺋﺮﻳﻜﺸﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﻠﻤﻲ ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﻋﻠﻲ ﺣﺎﺗﻤﻲ ڏﻧﻲ آﻫﻲ .ﻓﻠﻢ ۾ ﭼﺘﺮﻛﺎر ﺟﺎ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻘﺎت ﭘﮡ ڏﻳﮑﺎرﻳﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ .ﻫﻦ ﻓﻠﻢ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر اﺋﻜﭩﺮن ﺣﺼﻮ ورﺗﻮ آﻫﻲ .ﺟﻤﺸﻴﺪ ﻣﺎﺷﻴﺨﻲ ﭘﻴﻨﭩﺮ ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻋﺰت ا� اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻧﺼﻴﺮ اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ دﻧﻴﺎ ﮐﻲ – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﻐﺮب ﮐﻲ ،ﮐﮣﻲ ﻛﻴﺘﺮي ﺑﻪ ﻧﮕﻴﭩﻮ ﺳﻮچ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎﻫﻠﻦ ۽ ﭴﭩﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان اڳ ۾ ﺑﻪ ۽ اڄ ﺑﻪ ﻋﺎﻟﻤﻦ ،ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎﻓﺘﻪ ۽ ﻫﻨﺮ ﻣﻨﺪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﻬﻮﻧﻲ ﮐﺎن ﺟﻬﻮﻧﺎ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ درﺳﮕﺎﻫﻪ ،ﻫﺮﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺑﻴﺤﺪ Learnedﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﻠﻨﺪا .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﺎ ﭔﻪ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻣﻠﻴﺎ .ﻫﻚ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﻔﻴﻌﻲ ﻛﺮﻛﺎﻧﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ﭘﺮوﻳﺰ ﻣﻴﺸﻜﺎﺗﻴﺎن .ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﻨﺞ ﺳﺎل ﮐﻦ وڏو آﻫﻲ )ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۹۳۹آﻫﻲ( ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﭹﻴﻞ ﻟﻴﮑﻚ ،ﺷﺎﻋﺮ ،ادﺑﻲ ﻧﻘﺎد ،ﺗﺮﺟﻤﻴﻜﺎر ۽ اﻳﮉﻳﭩﺮ ﭘﮡ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ ﺟﻮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﻫﻦ Ph. Dﻛﺌﻲ ۽ ﭘﺮوﻳﺰ ﻣﻴﺸﻜﺎﺗﻴﺎن ﻣﻮﻧﮑﺎن ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ ﻧﻨﮃو آﻫﻲ .ﻫﻮ ۱۹۵۵۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﭘﺎڻ ﻫﻦ وﻗﺖ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻣﻴﻮزﻳﺸﻦ ۽ ﻛﻤﭙﻮزر آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﺳﻨﺘﻮر ۽ ﺳﺘﺎر ﺟﻮ ﻣﺎﻫﺮ آﻫﻲ ۽ Twenty Pieces of Santurﻧﺎﻟﻲ ﻛﺘﺎب ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻮ اﭤﺲ .ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﭘﺮﻓﺎرم ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ۱۹۹۲ .۾ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۾ Spirit of Earth Fastivalﭤﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﻧﻌﺎم ﻣﻠﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ وﻗﺖ ﭘﺎڻ
ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ”ﻣﻴﻮزڪ“ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ.
ﻣﻮن ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ۽ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺳﺎن ﻓﻮن ﺗﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﭘﺎٽ ﻳﺎ ڏﻳﭙﻠﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﺷﻬﺮ واﻧﮕﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﺎ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ۽ ﻗﺎﺑﻞ آﻫﻦ.
”اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۽ ﻫﺮ ﮘﻮٺ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻋﺎﻟﻢ ،اﻛﺎﺑﺮ ۽ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۽ آرٽ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﺮاﻧﭽﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﻫﺮ ﻣﻠﻨﺪا “.ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ آﺧﺮﻛﺎر آﺋﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺳﻨﺪس ﻣﻠﻚ ﮔﻬﻤﮡ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان، اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺮﻛﺎري ﺗﻮڙي ﻧﺠﻲ ادارن ﺟﻲ ﻛﺎرﻛﺮدﮔﻲ ﭘﺴﻨﺪ آﻫﻲ.
ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰادو ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻤﻌﻤﺮ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﭔﻨﻬﻲ ﻫﻚ ﺋﻲ وﻗﺖ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ” ورﻟﮉ ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ“ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻴﻠﮉ ۾ ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺮڻ ﻻ داﺧﻞ ورﺗﻲ ﻫﺌﻲ .ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎه ﺟﻮ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻫﻮ ان ﻛﺮي ﻫﻮ ) PSAﭘﻮرٽ اﺋﻴﻨﮉ ﺷﭙﻨﮓ اﺋﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﺸﻦ(۾ M. Scﻛﺮڻ آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ آﺋﻮن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ .اﺳﺎن ﺟﺎ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻛﻲ ﻛﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ ﻻ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻫﺎل ۾ وﻫﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﺎﻟﻤﻮ )ﺳﺌﻴﮉن( ۾ اﺳﺎن ﺟﺎ ﮔﻬﺮ ﻫﻚ ﺋﻲ ﺑﻠﮉﻧﮓ ۾ ﻫﺌﺎ ۽ ﭔﻪ ﺳﺎل ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﭤﻲ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﭘﺮ ﻣﻮﻛﻠﻦ ۾ ﻳﺎ ﻓﻴﻠﮉ ورڪ ﻻ ﭜﺮ واري ﻣﻠﻚ ﺟﺮﻣﻨﻲ ،ﻫﺎﻟﻨﮉ ،ﭘﻮﻟﻨﺪ ،ﻧﺎروي ﻳﺎ ڊﺋﻨﻤﺎرڪ وﭸﮡ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﻫﻮ ﻫﺮ وﻗﺖ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﺗﻌﺠﺐ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻫﻚ ﻃﺮف دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ڏوراﻧﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۽ ﭔﻴﭧ ڏﭠﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ﮀﻮ ﻧﻪ؟ ۽ ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ دل ﺟﻲ ﮔﻬﺮاﺋﻴﻦ ۽ اﻛﻴﺮ ﻣﺎن اﻳﺮان ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻲ دﻋﻮت ڏﻳﻨﺪو .ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﺪا ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ اي ﻣﻴﻞ ﻳﺎ ﻓﻮن ذرﻳﻌﻲ ﭘﺎڻ وٽ ﺗﻬﺮان ۾ اﭼﮡ ﻻ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ .ﮔﺬرﻳﻞ ﮀﻬﻪ ﺳﺖ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻮ اﻳﺮان ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭘﺎران ﻟﻨﮉن ۾ IMOﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻃﻮر ﻛﻢ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻳﻜﺪم ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻤﺖ اﻓﺰاﺋﻲ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﻨﺪڙ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭔﻴﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ۽ ﻫﻚ ﺳﺎل ﺟﻮﻧﺌﺮن ﺟﺎ ﻓﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﻣﻮﻛﻠﻴﺎ ﭤﻲ ﺗﻪ ،ﻫﻦ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭼﺌﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻨﺪا ۽ ﻫﺎڻ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻮڙﻫﺎﺋﭗ ۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻜﻮ ﭘﺮوﮔﺮام ﭤﻴﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﮐﻴﺲ ﺑﻨﺎ ﭔﮅاﺋﮡ ﺟﻲ اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺲ .ﻣﻮن اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺿﺮورت ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ڏﻳﻨﺪس ،ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺋﻲ اﻫﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان اﻫﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﭔﺎر ﭔﭽﻮ ﻳﺎ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﻋﻮرت ﺑﻪ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺧﻮف ﺧﻄﺮي ﺟﻲ ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ۽ ﺻﺤﻴﺢ ﭘﺎﮢﻲ ۽ ﻫﺎﺋﺠﻨﻚ ﮐﺎڌي ﻛﺮي ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ اﻫﻮ ﻛﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻧﭥﻮ ﭜﻮﮘﮣﻮ ﭘﻮي ﺟﻴﻜﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻋﺎم آﻫﻲ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻳﺮان ﮀﮇڻ ﮐﺎن اڳ ﻛﺠﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ آﻳﺲ ﭘﺮ ﺷﺮوع ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻣﻮن ﻓﻘﻂ ﺣﺴﻴﻦ ﺳﺎن ﻓﻮن ذرﻳﻌﻲ ﻟﻨﮉن ۾ راﺑﻄﻮ رﮐﻴﻮ ۽ ﭘﮁﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ ﻛﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ وﭸﺎن ۽ اﺗﻲ ﮀﺎ ﮀﺎ ڏﺳﺎن ۽ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﻫﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻮن Commentsﺑﻪ ﮐﻴﺲ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻠﻴﺲ. ”ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ رﻫﻲ ﻛﺮي ﺟﮇﻫﻦ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﻓﺮدوﺳﻲ ،ﻋﻄﺎر ۽ ﻛﻤﺎل و ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻮ ﻛﺮﻳﻦ“ ،ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﭼﻴﻮ ” ،ﺗﻪ ﭘﺎڻ واري ﺣﺴﺎﺑﺪان ) (Mathematicianﺟﻮ ﺑﻪ ذﻛﺮ ﺿﺮور ﻛﺠﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﻴﻦ ﻧﺎﻟﻮ ﮐﮣﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﭛ ﮐﻠﻨﺪا ﻫﺌﺎﺋﻮ .ﭘﻮ ﻧﻴﭟ ﻓﺮﻳﻨﭻ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ،اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺗﺎﺋﻴﺪ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ”اﺑﻮل وﻓﺎ “ واﻗﻌﻲ وڏو ﻣﺌﭥﻴﺸﻦ ۽ Astronomyﺟﻮ ﻣﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﭼﻨﮉ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭼﮕﻬﻪ ) (Craterﻣﻨﺴﻮب ﻛﻴﻮ آﻫﻲ“. ﺣﺴﻴﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ۽ ﺣﺴﺎﺑﺪان ۹۴۰۾ ﻫﺘﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ.
اﺑﻮل وﻓﺎ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺑﻮل وﻓﺎ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي Mathematicsﭘﮍﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ﺟﻲ ﻓﻴﻠﮉ ۾ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ ۽ ﭼﻨﮉ ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ﺗﻲ ﺗﺤﻘﻴﻘﺎﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ .ﻫﻦ Tangentﻓﻨﻜﺸﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺎرف ﻛﺮاﻳﻮ ۽ ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ﺟﻲ Tableﭠﺎﻫﮡ ﺟﺎ ﺑﻬﺘﺮ ﻃﺮﻳﻘﺎ ﮘﻮﻟﻴﺎ .ﻣﺸﻬﻮر ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي Identityﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﻫﺮ ﻛﺎﻟﻴﺠﻲ ﺷﺎﮔﺮد واﻗﻒ آﻫﻲ.
)Sin(a+b) =Sin (a)cos (b)+cos(a)Sin(b
اﺑﻮ وﻓﺎ ﺟﻲ اﻳﺠﺎد آﻫﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اﺳﻔﻴﺮﻳﻜﻞ ﺟﻴﻮﻣﻴﭩﺮي ۾ Sineﻓﺎرﻣﻮﻻ اﻳﺠﺎد ﻛﺮڻ ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ وڏو ﻫﭣ آﻫﻲ.
ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ۾ ﭼﻜﺮ ڏﻳﮡ ﺗﻬﺮان اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ۽ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﺷﻬﺮ -آدﻣﺸﻤﺎري ﺗﻮڙي ﭘﮑﻴﮍ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ۾ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ اﻣﺎم ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ﻧﻪ ﻛﻲ ﮔﻬﮣﺎ دﻳﻨﻲ درﺳﮕﺎﻫﻪ .ﺗﻬﺮان ۾ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﺌﻢ ۽ دوﻧﻬﻮن آﻫﻲ .ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻧﻘﻄﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﮐﺎن اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻲ ڌارﻳﺎن اﭼﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ آﻫﻦ .ﻳﻮرپ ،ڏور اوﭜﺮ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻴﺎح اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪرﺗﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻮن ڏﺳﮡ اﭼﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﻻ ﺗﺒﺮﻳﺰ ،ﺷﻴﺮاز ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ” اڌﺟﻬﺎن“ آﻫﻦ .ﭘﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ڌارﻳﻮن ﮐﮣﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ اﭼﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﻣﺎن ﺿﺮور ﻟﻨﮕﻬﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ زوار ﺟﻴﻜﻲ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ۾ وﭸﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﮡ ﻻزﻣﻲ ﭤﻴﻮ ﭘﻮي .ﻫﻮ ﺑﺎ اﻳﺌﺮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ .ﺟﻴﻜﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن زاﻫﺪان ﻣﺎن ﭤﻴﻨﺪا اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﺑﻪ ﻗﻢ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻮ ﭔﻲ ﻣﻨﺰل ﻣﺸﻬﺪ ڏي وﭸﻦ ﻻ ﺗﻬﺮان ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻦ ﭤﺎ ۽ وري واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان اﭼﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﺳﺮﻛﺎري ﻛﺎﻣﻮرا ﻣﻴﭩﻨﮕﻦ ۽ ﺳﻴﻤﻴﻨﺎرن ۾ ﺗﻬﺮان ﺋﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ ،اﺳﺎن ﺟﻲ واﭘﺎري ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڏﻳﺘﻲ ﻟﻴﺘﻲ ۽ ﻛﺎروﺑﺎر ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﺗﻬﺮان ﺋﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ.
ﺗﻬﺮان ﮔﻬﻤﮡ ،اﺗﻲ رﻫﻨﺪڙ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎز دوﺳﺘﻦ )ﺟﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﻮن ﻳﻮرپ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﻳﺎ ﺟﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ( ﻣﻠﮡ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﭔﻴﻦ ڏوراﻧﻬﻦ ﺷﻬﺮن ﮀﺎﺑﻬﺎر ،ﺷﻴﺮاز ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ۽ اﺻﻔﻬﺎن وﭸﮡ ﻻ، آﺋﻮن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ارﻣﺎن ۾ ﭔﻦ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ اﭼﻲ رﻫﻴﺲ .ﺟﻴﻜﺎ ﻣﻠﺖ ﺳﺐ وي رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ۽ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﻲ ﺑﻪ وﻳﺠﻬﻲ آﻫﻲ -ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اڏام ﻟﻬﻲ ﭤﻲ ﺑﻠﻜﻪ ﻫﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﺟﻮ ﭘﺮاﮢﻮ آﻫﻲ ۽ ﺷﻬﺮ اﻧﺪر آﻫﻲ .اﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ڊوﻣﻴﺴﭩﻚ اڏاﻣﻦ ﻻ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ اڏاﻣﻦ ﺟﻲ ﻟﻬﮡ ﭼﮍﻫﮡ ﻻ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻨﺪو وﭸﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻴﺤﺪ وڏو ۽ ﻧﺌﻮن آﻫﻲ. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن )ﻛﺮاﭼﻲ( ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﺟﻴﻜﻲ اڏاﻣﻮن آﻳﻮن ﭤﻲ ﺳﻲ ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﭥﻴﻮن ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﮐﺎن -۽ اﺳﺎن ﺟﻲ اﻫﺎ ﭘﻬﺮﻳﻦ اڏام ﻫﺌﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﭥﻲ ﻫﺌﻲ .ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﺑﺎ اﻳﺌﺮ ،ﺗﻬﺮان اﭼﮡ ﻻ ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﺋﻲ ﻟﻬﮣﻮ ﭘﻴﻮ.
ﻫﻚ ﻳﻮرﭘﻲ ﻳﺎ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﻻ ،ﺗﻬﺮان ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﺌﻢ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭜﻠﻲ ﻟﮙﻲ ﭘﺮ ﻫﻚ ﻛﺮاﭼﻲ ،ﻣﻤﺒﺌﻲ ﻳﺎ ﻗﺎﻫﺮي ﺟﻬﮍي ﺷﻬﺮ ﺟﻲ رﻫﻮاﺳﻲ ﻻ ﺗﻬﺮان ﺳﻬﮣﻦ ،وﻳﻜﺮن ۽ ﺳﮅن رﺳﺘﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮڻ ﺳﺎن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ﺣﺴﻴﻦ“ واري ﭼﻮراﻫﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﻮ وﭸﺠﻲ ﭤﻮ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﭔﻪ ﭔﻴﺎ اﻫﻢ ﭼﻮراﻫﺎ ؛ ﻣﻴﺪان اﻧﻘﻼب ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﭼﻮراﻫﻲ ” ِ ﻣﻴﺪان ﻓﺮدوﺳﻲ ﺑﻪ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻣﻴﺪان آزادي ﮐﺎن ﻣﻴﺪان اﻧﻘﻼب ﺗﺎﺋﻴﻦ وارو رﺳﺘﻮ آزادي روڊ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ان ﺑﻌﺪ وارو اﻧﻘﻼب اﺳﻼﻣﻲ روڊ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ وارو ﻣﻴﺪان ﻓﺮدوﺳﻲ ﺑﻌﺪ ﺳﺎﭴﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ روڊ ﺗﻲ ،ان ﺑﻌﺪ ﺟﻤﻬﻮري اﺳﻼﻣﻲ روڊ ﺗﺎن ﭰﻴﺮاﺋﻲ ﻣﻠﺖ روڊ ۽ اﻣﻴﺮ ﻛﺒﻴﺮ روڊ ﺟﻲ ﻛﺮاﺳﻨﮓ وٽ ﻫﻮﭨﻞ ارﻣﺎن ۾ اﭼﻲ ﻻﭤﻮ .ﭘﻨﺞ ﻣﺎڙ ﻫﻮﭨﻞ ﻛﻨﻜﺮﻳﭧ ﺟﻲ دﭔﻲ ﺟﻬﮍي ﭤﻲ ﻟﮙﻲ .رﺳﻴﭙﺸﻦ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﮀﻮﻛﺮي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﺎن آﺋﻮن اڻ واﻗﻒ آﻫﻴﺎن .ﺳﻮ ﻫﻮ ﭔﺎﻫﺮان ﻛﻨﻬﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮي ﮐﻲ وﭠﻲ آﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ ۽ ﻣﭹﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺖ ﭘﺎران ﻫﻦ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﻣﻮن ﻻ ﻛﻤﺮو اﮘﻬﻴﻦ ڊﺳﻜﺎﺋﻮﻧﭧ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﻚ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﻫﻚ ﺟﻬﻮل ڊﺑﻞ ﺑﻴﮉ وارو ،ﭔﻮﺳﭧ ۽ ﮔﻬﭧ وارو ،ﻫﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ ﻛﻤﺮو ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ دري ﮐﻮﻟﮡ ﺳﺎن ﭤﮅڙي ﻫﻴﺮ ﻟﮙﮡ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﻫﻚ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﺎ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻨﺎرا ڏﺳﻲ دل ﺧﻮش ﭤﻲ وﺋﻲ .ﻫﻮن ﺑﻪ ۱۵آﻣﺮﻳﻜﻦ ڊاﻟﺮن وارو ﻛﻤﺮو ﻣﻮﻧﮑﻲ ۱۲ڊاﻟﺮن )ﻳﻌﻨﻲ ۷۵۰رﭘﻴﻦ( ۾ ﻣﻠﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺳﻮ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻬﮍي Cosmopolitianﺷﻬﺮ ۾ .ﺑﺎٿ روم ﺑﻪ ﮔﮇ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭤﮅي ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﺮم ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻪ آﻳﻮ ﭤﻲ ۽ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ آﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﭘﺮﻳﺸﺮ ﺳﺎن .ان ﮐﺎن ﭔﻴﮡ ﺟﻴﺘﺮن ﭘﺌﺴﻦ ۾ ۽ ان ﺟﻲ اڌ ﺟﻬﮍي ﭼﮝﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻻڙﻛﺎﻧﻲ ۽ ﺳﮑﺮ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ .۽ ﻫﻚ ڊاﻟﺮ ) ۶۲رﭘﻴﻦ( ۾ ﺳﻼد ﺟﻲ ﭘﻠﻴﭧ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﺟﻲ ﭘﻠﻴﭧ )ﺟﻴﻜﺎ ﭔﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ( ﺟﻬﮍي ﺳﺴﺘﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻪ راڌڻ ،ﭘﮉﻋﻴﺪن ﻳﺎ ﺳﺠﺎول ﺟﻬﮍي ﮘﻮٺ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ.
ﻫﻮﭨﻞ ارﻣﺎن ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﮔﻬﭩﻲ آﭨﻮ ﭘﺎرﭨﺲ دﻛﺎﻧﻦ ،وﻳﻠﮉرن ۽ ﮔﺌﺮﻳﺞ ﻣﺴﺘﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ اﻛﺒﺮ روڊ ﻳﺎ
ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﮔﺎڏي ﮐﺎﺗﻲ ﺟﻮ ﻫﻴﭡﻴﻮن ﺣﺼﻮ )وﻳﺴﭧ ﻛﭽﻮ ( ﭤﻮ ﻟﮙﻲ .آﺋﻮن اﻧﻬﻦ دﻛﺎﻧﻦ اﮘﻴﺎن ۽ ﻛﺎرن ۽ ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻦ ﺟﻲ ﻣﺮﻣﺖ ﻛﻨﺪڙ ﻣﺴﺘﺮﻳﻦ ﺟﻲ وﭼﻤﺎن ،اﻧﮕﮍ وﻧﮕﮍ ﻫﻠﻨﺪو ،رﺳﺘﻮ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪو وﻳﺠﻬﻲ ﺳﺐ وي ﻣﻴﭩﺮو اﺳﭩﻴﺸﻦ ”ﻣﻠﺖ“ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺲ .ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ؛ ﺟﭙﺎن ،ﭼﻴﻦ ،وﻳﻨﺪي ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍن ۾ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ڌارﻳﺎن آﻫﻴﻮن .اﻳﺮان ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﭥﮡ ﻗﻤﻴﺺ ﭘﺎﺋﮡ ﺑﺪران ﭘﻴﻨﭧ ﭘﺎﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ورﻟﻲ ﻛﻮﺷﻚ ﻛﻨﺪو ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﻲ ڌارﻳﺎن آﻫﻴﻮ ۽ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اوﭘﺮﻳﻦ ﻧﮕﺎﻫﻦ ﮐﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺑﭽﻴﻞ رﻫﻲ آزادي ﺳﺎن ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻨﺪاﺋﻮ .ﺑﻘﻮل ﻣﻤﺒﺌﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ۽ ﺳﻨﮅي ادﻳﺐ ڊاﻛﭩﺮ ﭔﻠﺪﻳﻮ ﻣﺘﻼﮢﻲ ﺟﻲ اﻧﮉﻳﺎ ،اﻳﺮان ۽ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺳﭥﮡ ﻗﻤﻴﺺ ﻧﻪ ﭘﺎﺋﻲ ﻫﻠﺠﻲ.
ﺗﻬﺮان ﺟﻮن زﻣﻴﻦ دوز )ﺳﺐ وي( اﺳﭩﻴﺸﻨﻮن ﻛﺎﻓﻲ ﺻﺎف ،روﺷﻦ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ آرٽ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻜﺎر آﻫﻦ .ﻛﺠﻬﻪ ﮔﻬﮍﻳﻦ ﻻ اﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻴﻮ ﭴﮡ ﺑﻴﺠﻨﮓ )ﭼﻴﻦ( ﺟﻲ ﺳﺐ وي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﺳﭛ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻴﭡﺎ آﻫﻦ .ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﻴﭩﺮو رﻳﻞ ﺟﻮ ﭘﺮاﺟﻴﻜﭧ ﮔﻬﮣﻮ اڳ ۱۹۷۰ڌاري ﻓﺮﻳﻨﭽﻦ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ ﺟﻦ ﭘﺌﺮﺳﭵﻮ ﺳﺐ وي ﭠﺎﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ان ﺗﻲ studyﭤﻲ ۽ ﺷﺮوﻋﺎﺗﻲ رﭘﻮرﭨﻮن ﺑﻪ ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ ﭘﻮ ۱۹۷۹ واري اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ۽ ان ﺑﻌﺪ ۱۹۸۰ ۾ ”اﻳﺮان ﻋﺮاق“ ﺟﻨﮓ ﻛﺮي ﻛﻢ اﮘﺘﻲ وڌي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ .ﭘﻮ ڏﻫﺎﻛﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﭼﻴﻨﻴﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﭔﻪ ﮐﻦ ﻻﺋﻴﻨﻮن ﺷﺮوع ﻛﻴﻮن .ﺗﻬﺮان ﻣﻴﭩﺮو ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺷﻴﻮن رﻳﻞ ﺟﻲ ﺑﻮﮔﻴﻦ ﮐﺎن ان ﺟﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﺳﺴﭩﻢ ﭼﻴﻨﻲ ﻃﺮز ﺟﻮ آﻫﻲ .ڏﻫﻦ ﭘﻨﮅرﻫﻦ ﻣﻨﭩﻦ اﻧﺪر رﻳﻞ اﭼﻴﻮ وﭸﻲ .رﻳﻞ ﺟﺎ اﮘﻴﺎن ﭔﻪ دﭔﺎ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﻣﺨﺼﻮص آﻫﻦ ﭘﺮ اﻫﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻣﮍﺳﻦ ﻳﺎ ﻣﺮد ﻣﺎﺋﭩﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻫﻦ ،اﻫﻲ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﺮداﻧﻦ ﮔﺎڏن ۾ ﺳﻮار ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن .اﻳﺮان ۾ ﻣﺮدن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ڌار ڌار رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ – وﻳﻨﺪي ﻣﺰارن ۽ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ ﺑﻪ .ﻗﺒﺮ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭘﺎﺳﺎ ﻣﺮدن ﻻ ﺗﻪ ﭔﻪ ﭘﺎﺳﺎ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ . ﻫﻮن ﻧﺌﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﭘﻬﺮﻳﺎن ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﭨﺮﻳﻦ اﭼﮡ ﺟﻮ ڏﻳﮏ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ .رﻳﻞ ﺟﺎ ﭘﻬﺮﻳﺎن ﭔﻪ دﭔﺎ ﻛﺎرن ﺑﺮﻗﻌﻦ ﺳﺎن ان ﺑﻌﺪ ﺳﻔﻴﺪ ۽ ﻫﻠﻜﻦ رﻧﮕﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻨﭧ ﺷﺮٽ ۾ ﻣﻠﺒﻮس ﻣﺮد ﺣﻀﺮات ﺳﺎن ڏﺳﻲ ﻫﻮ واﺋﮍو ﭤﻴﻮ وﭸﻲ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﮐﺎن اﮘﻴﺎن دﭔﺎ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﻣﻘﺮر ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﭘﮁﻴﻢ. ”ان ﻛﺮي ﺟﻮ اﮘﻴﻦ دﭔﻦ ۾ ﻟﻮڏا ﮔﻬﭧ اﭼﻦ ﭤﺎ “،ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ” ،۽ اﺳﺎن ﭼﺎﻫﻴﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻋﻮرت ذات آرام ﺳﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﺮي“،
” ﭘﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺳﻮچ ۽ ﻧﻴﺖ ﮐﻲ داد ڏﻳﮡ ﮐﭙﻲ“ ،ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ” ،ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﺘﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﻛﺠﻪ دﻗﻴﺎﻧﻮﺳﻲ ﻣﻠﻦ واﻧﮕﺮ اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ اﮘﻴﻦ دﭔﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺣﺎدﺛﻲ ۾ ﻣﺮن ﺗﻪ اﻫﻲ ﻣﺮن ،اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻮ ﮘﺎﮢﻴﭩﻮ ﻫﻮن ﺋﻲ ﮔﻬﮣﻮ آﻫﻲ“. ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ” ﻋﺮاق اﻳﺮان ﺟﻨﮓ“ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺮد اﻳﺘﺮا ﺗﻪ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﺎ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ ﻓﻴﻠﮉ ۾ -ﺟﻬﺎز راﻧﻲ ،ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﺎن ﻛﺎرﺧﺎﻧﻦ ۽ اﺳﭙﺘﺎﻟﻦ ۾ اﻧﮉﻳﺎ ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ،ﻣﺼﺮ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺮد ﻣﺎﮢﻬﻮ رﮐﮣﺎ ﭘﻴﺎ ﺟﻴﺴﻴﻦ ﺳﻨﺪن ﭔﺎر وﭸﻲ وڏا ﭤﻴﺎ.
ﻣﻮن ﮐﻴﺲ وﻳﭩﻨﺎﻣﻴﻦ وارو ﭼﺮﭼﻮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ وﻳﭩﻨﺎﻣﻲ ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ” ﻫﻮن ﺗﻮﻫﺎن اﻫﮍا ﻓﻀﻴﻠﺖ وارا ﻧﻪ آﻫﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﺟﻮﮘﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻠﮡ وﻗﺖ ﭔﻴﻦ اﻳﺸﻴﺎﺋﻲ ﻣﺮدن واﻧﮕﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ رڍن ﭔﻜﺮﻳﻦ واﻧﮕﺮ ﭘﭡﻴﺎن ﻫﻠﮡ ﺑﺪران ﮐﻴﻦ اﮘﻴﺎن ﻫﻠﮡ ﺟﻲ ﻋﺰت ﺑﺨﺸﻴﻮ ﭤﺎ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﺮد ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭘﭡﻴﺎن ﭘﭡﻴﺎن ﻫﻠﻮ ﭤﺎ“. ﻫﻦ ﭘﻴﻼ ڏﻧﺪ ﻛﮃي ﭘﻬﺮﻳﻮن ﭨﻬﻚ ڏﻧﻮ ۽ ﭘﻮ ﭼﻴﻮ ؛ ” اﻫﻮ ان ﻛﺮي ﺟﻮ وﻳﭩﻨﺎم آﻣﺮﻳﻜﺎ واري ﺟﻨﮓ ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺠﻬﻪ ) minesﺑﺎرودي ﺳﺮﻧﮕﻬﻮن( اﭸﺎ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ“.
ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺑﺎزار ﺑﺰرگ – ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﺎزار اﻛﺒﺮ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ﻋﺎم ﻃﺮح اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻟﻔﻆ ﮔﺮاﻧﮉ ﺑﺎزار آﻫﻲ ،وﭸﮣﻮ ﻫﻮ.ﻫﻲ ﺑﺎزار دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﻲ ۽ وڏي ﺑﺎزار آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺷﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ .اﻫﺎ اﻳﮇي وڏي ﺑﺎزار آﻫﻲ ۽ اﻳﺘﺮي ﺗﻪ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﮔﭙﺎ ﮔﻴﻬﻪ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ ان ﮐﻲ ” “City within Cityﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﻫﻦ ﺑﺎزار ۾ ﺑﺌﻨﻜﻮن ،ﻣﺴﺠﺪون ،ﮔﻴﺴﭧ ﻫﺎﺋﻮس ۽ آﻓﻴﺴﻮن ﭘﮡ آﻫﻦ .ﺑﺎزار ﭔﻦ اﺳﭩﺎﭘﻦ ﺑﻌﺪ آﻫﻲ .ﻣﻴﭩﺮو ﮔﺎڏي ﺳﺎﺑﻼن ،ﺷﺎﻫﺪ ﻣﺪﻧﻲ ،اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ،دروازه ﺷﻴﻤﺮاﻧﮗ ۽ ﺑﻬﺎرﺳﺘﺎن اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﺎن ﭤﻴﻨﺪي ،ﻣﻠﺖ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﺘﺎن ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭼﮍﻫﮣﻮ ﻫﻮ .ﺳﺎﺑﻼن رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭨﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ اﺗﺎﻫﻴﻦ ﺟﺒﻞ ﺳﺒﻼن ﺗﺎن ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ آﺗﺶ ﻓﺸﺎن ﻫﻮ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺧﺎﻣﻮش آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﭼﻮﭨﻲ ﺗﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﮔِ ُ ﻬﭓ ) (Craterﻫﺎڻ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ڍﻧﮃ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﻣﻠﻜﻲ ۽ ﻏﻴﺮ ﻣﻠﻜﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ وﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ.
۽ ﭜﺮ واري ﺑﻬﺎرﺳﺘﺎن اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﺟﻲ ﺑﻠﮉﻧﮓ ﺗﺎن آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻋﻤﺎرت ۱۹۰۶ ۾ ﭠﻬﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻬﺎرﺳﺘﺎن رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .ﻫﺘﻲ ﻧﺌﺸﻨﻞ اﺳﻴﻤﺒﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﻴﭩﻨﮓ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ۽ ﺳﻴﻨﻴﭧ ﻻ ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﻋﻤﺎرت ﻫﺌﻲ ۱۹۷۹ .۾ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﻳﻚ اﻳﻮاﻧﻲ ) (Unicameralﻛﺌﻲ وﺋﻲ. ﻣﻴﺪان ﺣﺮ ،ﺷﺎﻫﺪ ﻧﻮاب ﻫﻲ ﻣﻴﭩﺮو ﺟﻨﻬﻦ ۾ آﺋﻮن وﻳﭡﺲ ،اﻫﺎ ﻻﺋﻴﻦ ﭤﻮ ﻳﻌﻨﻲ دوم ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ ۽ اﮘﻴﺎن ﺣﺴﻦ آﺑﺎد، ِ ﺻﻔﻮي ،آزادي ،داﻧﺶ ﮔﺎﻫ ِﻪ ﺷﺮﻳﻒ ۽ ﻃﺮاﺷﺖ ﺟﻬﮍﻳﻦ اﺳﭩﻴﺸﻨﻦ ﺗﺎن ﭤﻴﻨﺪي آﺧﺮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻬﺮان )ﺻﺎدﻗﮫ( ﺗﺎﺋﻴﻦ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح ورڊ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺻﺎدﻗﻴﮫ ﺟﻮ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ آرﻳﺎ ﺷﻬﺮ ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ .ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻐﻮل ﻛﻤﺮﺷﻞ ۽ رﻫﺎﺋﺸﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭼﻮراﻫﺎ ﻓﻠﮏ اول ﺻﺎدﻗﻴﮫ ۽ ﻓﻠﮏ دوم ﺻﺎدﻗﻴﮫ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ .ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺳﺨﺖ ﻣﺸﻐﻮل اﺳﭩﻴﺸﻦ آﻫﻲ ،ﺟﺘﺎن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﻴﭩﺮو رﻳﻞ ﭘﻨﺠﻴﻦ اﻛﺒﺘﺎن ،ﭼﺘﮕﺎر ،اﻳﺮان ﮐﮉرو ﺟﻬﮍﻳﻦ اﺳﭩﻴﺸﻨﻦ ﺗﺎن ﭤﻴﻨﺪي ﻛﺮج ﺗﺎﺋﻴﻦ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﻛﺮج ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اوﻟﻬﻪ ۾ ۲۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ اﻟﺒﻮرض ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ وٽ آﻫﻲ .ﻛﺮج ﺟﻲ وﻳﻬﻪ ﻟﮏ ﮐﻦ آدﻣﺸﻤﺎري آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان ،ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻛﺮج ﺟﻲ ﺗﻮارﻳﺦ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺟﻬﻮﻧﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺨﺖ رﺳﺘﻢ وارن ﭘﭥﺮن ﺟﺎ ﭠﻬﻴﻞ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﻣﻨﺪر آﻫﻦ. ﺟﻮ ﺛﺒﻮت ﭘﺎرﭤﻴﻦ دور ﺟﻲ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ) (Zoroastrianﺟﺎ ِ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ اﻛﺒﺘﺎن وارو ﻋﻼﺋﻘﻮ اﺳﻼم آﺑﺎد واﻧﮕﺮ Plannedﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﺎڊرن ﻗﺴﻢ ﺟﺎ رﻫﺎﺋﺸﻲ ﻓﻠﺌﭧ ،رﺳﺘﺎ ۽ ﭘﺎرڪ آﻫﻦ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ۱۹۷۵ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ ان ﺟﻲ ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﺟﺮﻣﻨﻲ ۽ اﭨﻠﻲ ﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮن ﭠﺎﻫﻲ .اﻛﺒﺘﺎن ﺟﻮ اﻫﻢ روڊ اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﺮﻳﺲ رﭘﻮرﭨﺮ ﻣﺤﻤﻮد ﺳﺮﻳﻤﻲ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺰار ﺷﺮﻳﻒ )اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن( ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﺮض اداﺋﮕﻲ دوران ﻃﺎﻟﺒﺎن ﻫﭥﺎن دﻫﺸﺘﮕﺮدي ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ.
ﺗﻬﺮان ﺻﺎدﻗﻴﮫ واﻧﮕﺮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﭩﻴﺸﻦ ،ﺟﺘﻲ آﺋﻮن ﻟﻬﻲ ﭘﻴﺲ ،ﭘﮡ ﻛﻮﭨﮍي ۽ روﻫﮍي واﻧﮕﺮ ﺟﻨﻜﺸﻦ اﺳﭩﻴﺸﻦ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﺗﻬﺮان ﻣﻴﭩﺮو ﺟﻲ ﻻﺋﻴﻦ ون واري رﻳﻞ ﻛﺮاس ﻛﺮي ﭤﻲ.
ﺗﻬﺮان ﻣﻴﭩﺮو ﺟﻲ ”ﻻﺋﻴﻦ ون“ ۲۸ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڊﮔﻬﻲ آﻫﻲ ۽ اﺗﺮ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﺣﻘﺎﻧﻲ ﻫﺎ وي ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻲ ڏﮐﮡ ۾ ﺷﻮش ۽ ﺧﻴﺎم روڊ ﺟﻲ ﻛﺮاﺳﻨﮓ ﺗﺎﺋﻴﻦ وﭸﻲ ﭤﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ رﻳﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ وڌﻳﻚ ڏﮐﮡ ۾ ﻋﻠﻲ آﺑﺎد، ﺟﻮاﻧﻤﺮد ،ﺷﻬﺮ ري ،ﺑﺎﻏﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻬﮍﻳﻦ اﺳﭩﻴﺸﻨﻦ ڏي ﻫﻠﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﺷﻬﺮ ري اﺳﭩﻴﺸﻦ وﭨﺎن ﺋﻲ ﻫﻚ رﻳﻞ ﺟﻲ ﭘﭩﮍي ﺟﻮ ﻛﻢ ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا )اﻳﺮان ﺟﻮ ﻗﻮﻣﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۽ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو( ۽ ﻧﺌﻴﻦ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .اﻫﻮ ﻛﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي اﺳﺎن ڌارﻳﻦ ﻻ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ۾ ﺳﺴﺘﺎﺋﻲ ۽ ﺳﻮﻻﺋﻲ ﭤﻲ ﭘﻮﻧﺪي .ﻫﻴﻨﺌﺮ ﭨﺌﻜﺴﻲ ذرﻳﻌﻲ وﭸﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ – ﺧﺎص ﻛﺮي اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ اڏام ﻻ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﭼﺌﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﭘﻬﭽﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﻻ ڊﭘﺎرﭼﺮ ﺟﻮ وﻗﺖ ﻫﺮ ارﺑﻊ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﺘﻴﻦ وﮘﻲ آﻫﻲ ۽ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭼﺌﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﭨﻴﻦ وﮘﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻻ واﺟﻬﺎﺋﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا ﺟﻮ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۽ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻻ ﭘﮡ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ .ﻣﻴﭩﺮو ﻳﺎ رﻳﻞ ﺟﻲ ﺳﺮوس ﺷﺮوع ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ اﻫﻮ ﻛﻢ ﺳﺴﺘﻮ ﭤﻲ ﭘﻮﻧﺪو ،ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﺑﺲ ﺗﻮڙي ﻣﻴﭩﺮو ﺟﺎ ﭜﺎڙا ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻦ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ان ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﭜﺎڙو دﻧﻴﺎ ۾ ﺷﺎﻳﺪ ﻛﭥﻲ ﻫﺠﻲ.
ﻫﻦ ﻻﺋﻴﻦ ون ﺗﻲ ۲۲اﺳﭩﻴﺸﻨﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ۱۴اﺳﭩﻴﺸﻨﻮن زﻣﻴﻦ ﻫﻴﭟ ) (Under Groundآﻫﻦ ﺑﺎﻗﻲ زﻣﻴﻦ ﺗﻲ .ﻫﺮ ﮔﺎڏي ﮐﻲ ﺳﺖ ﮔﺎڏا ﭤﻴﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﭔﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ۽ ﭘﻨﺞ ﻣﺮدن ﻻ ﺟﻦ ۾ ۱۳۰۰ﮐﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻲ وﻫﮡ ۽ ﺑﻴﻬﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. رﻳﻞ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ رﻓﺘﺎر ۸۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﻓﻲ ﻛﻼڪ رﻫﻲ ﭤﻲ .ﻫﻦ ﻻﺋﻴﻦ ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﻣﻴﺮداﻣﺎد آﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﺷﻬﻴﺪ ﻫﻤﺖ ،ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ،ﺷﻬﻴﺪ ﻣﻔﺎﺗﻴﺢ ،دروازه دوﻟﺖ ۽ ﺳﻌﺪي ﺟﻬﮍﻳﻦ اﺳﭩﻴﺸﻨﻦ ﺗﺎن ﭤﻴﻨﺪي اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﺟﻨﻜﺸﻦ اﺳﭩﻴﺸﻦ آﻫﻲ ۽ ﺟﺘﻲ آﺋﻮن ﻻﺋﻴﻦ ﭨﻮ ﻣﻴﭩﺮو ذرﻳﻌﻲ ﻣﻠﺖ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﮐﺎن آﻳﻮ ﻫﻮس. ﻣﭥﻲ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻞ اﺳﭩﻴﺸﻨﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻧﺎﻻ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن ،ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺷﻬﻴﺪن ﺗﺎن ﮐﻨﻴﻞ آﻫﻦ .ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ۱۹۲۸۾ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۽ ﻃﺎﺑﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ اﻟﻴﻜﭩﺮﻳﻜﻞ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ Ph. Dﻛﺌﻲ ﻫﺌﺎﺋﻴﻦ .اﺳﻼﻣﻲ رﻳﭙﺒﻠﻚ ﭘﺎرﭨﻲ ﺟﻮ
ﺳﻴﻜﺮﻳﭩﺮي ﺟﻨﺮل ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻮڊﻳﺸﻞ ﺳﺴﭩﻢ ﺟﻮ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ اﺳﻼﻣﻚ رﻳﭙﺒﻠﻚ ﭘﺎرﭨﻲ ﺟﻲ ۷۰ﮐﻦ ﻣﻴﻤﺒﺮن ﺟﻲ ۱۹۸۱۾ ﺷﻬﺎدت ﭤﻲ.
اﻫﮍي ﻃﺮح ﺷﻬﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻔﺘﺢ ﺟﻲ ۱۹۷۸۾ اﻧﻘﻼب دوران ﺷﻬﺎدت ﭤﻲ .ﭘﺎڻ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ﺟﻮ ﻫﻤﻌﻤﺮ ﻫﻮ ۽ ۱۹۲۸۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻤﺪان ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﻫﻦ ﻫﻤﺪان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر اﺳﻜﻮل ” آﺧﻮﻧﺪ ﻣﻼ ﻋﻠﻲ ﺣﻤﺪاﻧﻲ اﺳﻜﻮل“ ۽ ُﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ﺟﺘﻲ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺎﺑﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ )ﺗﻔﺴﻴﺮ اﻟﻤﻴﺰان ﺟﻲ ﻣﺼﻨﻒ( ﺟﻬﮍا ﻋﺎﻟﻢ ﺳﻨﺪس اﺳﺘﺎد رﻫﻴﺎ .ﺷﻬﻴﺪ ﻣﻔﺘﺢ اﻳﺮان ﺟﻮ وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﻓﻼﺳﻔﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻓﻘﻂ ﺗﻬﺮان ۾ ﭔﻪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ .ﻫﻚ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ) (SBU۽ ﭔﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺲ ) – (SBUMSﻳﻌﻨﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ اﻫﻲ ﭔﻪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻈﺮ آﻳﻮن .ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﭨﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻫﺠﻲ ﺟﻮ دراﺻﻞ ﭘﺎڻ ڊاﻛﭩﺮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺮ اﻟﻴﻜﭩﺮﻳﻜﻞ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﭘﻲ اﻳﭿ ڊي ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ.
ﺗﻬﺮان ﺟﻮن ڏﺳﮡ و ﭨﺎن ﺟﺎﻳﻮن ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .اﻟﺒﻮرض ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ ۾ ﺗﻬﺮان اﻳﺮان ﺟﻮ وڏي ۾ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﻣﻤﺒﺌﻲ واﻧﮕﺮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻓﺌﻜﭩﺮﻳﻮن ۽ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ﺗﻬﺮان ۾ آﻫﻦ .اﻟﻴﻜﭩﺮڪ ۽ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ،ﻛﺎرن ﭠﺎﻫﮡ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ،ﻓﻮﺟﻲ ﻫﭥﻴﺎرن ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ، ﻛﭙﮍي ،ﮐﻨﮉ ،ﺳﻴﻤﻴﻨﭧ ۽ دواﺋﻦ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ۽ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ رﻳﺠﻦ ۾ ﺗﻬﺮان ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ۽ ﻓﺮﻧﻴﭽﺮ ﺟﻲ وﻛﺮي ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ۾ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﭨﺮﻳﻔﻚ ﺟﺌﻢ ۽ ﭨﺮﻳﻔﻚ ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭜﭹﻜﮍي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﭘﻜﻦ رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭴﺎر وﮀﺎﻳﻞ آﻫﻲ ،ان ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﻮﺑﻪ ﻣﻐﺮﺑﻲ اﻳﺸﻴﺎ ﺗﻮڙي وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻨﺪو .ﺗﻬﺮان ۾ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻴﻮزﻳﻢ ،ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﻣﺮﻛﺰ ۽ ﻫﺮ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮن ﻣﺴﺠﺪون، ﻣﻨﺪر ،ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ ۽ ﮔﻮرد وارا آﻫﻦ.
ﻣﻌﻨﻲ ﮀﺎ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال ﻓﺮﺧﻨﺪه ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ اﺳﻼم ٰ ٰ آﻫﻲ. ﻣﻌﻨﻲ ﻻﻫﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﺮو ﻳﺎ ﭘﻮﮀﮍ ۽ ران ”ﺗﻬﺮان ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﭔﻦ ﻟﻔﻈﻦ ﺗﻬﻪ ۽ ران ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻞ آﻫﻲ“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ”ﺗﻬﻪ ٰ ٰ )- (Slopeﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﻻﻫﻲ“
ﻣﻌﻨﻲ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ’ ﻻﻫﻲ ﺟﻮ ﺗﺮ‘ ﭤﻲ .ﻫﻮن ﺑﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﻟﺒﻮرض ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ َﺗﺮي ۾ آﻫﻲ .ﻳﺎد ﺳﻮ ﺗﻬﺮان ﻟﻔﻈﻲ ٰ رﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﺗﻬﻪ ﭘﺎڻ وٽ ﺑﻪ ﺳﻨﮅي ۽ اڙدو ۾ ﻋﺎم ﻃﺮح اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺗﻬﻪ دل ﻣﻌﻨ ٰﻲ دل ﺟﻲ ﺗﺮي ﻣﺎن .ﺷﺮوع ﺟﻲ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﺗﻬﻪ دﻳﮓ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻛﺮي آﻳﻮ آﻫﻴﺎن .ﭼﺎﻧﻮرن ﺟﻲ ﮐﺮڙ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﻳﻌﻨﻲ دﻳﮗ ﺟﻲ ﺗﺮي واري -ﺳﺎ ﮐﺮڙ ﺋﻲ ﭤﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﮐﺮڙ )ﺗﻬﻪ دﻳﮓ( ﺧﺎص ڊش ﻣﭹﻴﻮ ﺗﻬﻪ دﻳﮓ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ- ٰ وﭸﻲ ﭤﻮ.
ﻣﻌﻨﻲ ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ دوﺳﺖ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮن ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﺗﺮان ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﺮ دﻳﻮﺗﺎ ﺟﻮ ﭠﻜﺎﮢﻮ .ﺗﺮ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺘﻦ )ﭘﺎرﺳﻴﻦ (Zoroastrianﺟﻲ ﻋﻘﻴﺪي ﻣﻮﺟﺐ ﺑﺎرش ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻲ، ٰ ﻓﺮﺷﺘﻮ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻗﺪﻳﻢ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻫﺘﻲ ﺗﺮان ۽ ﻣﻬﺮان ﭔﻪ ﻧﻨﮃڙا ﮘﻮﭠﮍا ﻫﺌﺎ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻋﻘﻴﺪي ﻣﻮﺟﺐ ﻣﻬﺮ ﻳﺎ ﻣﻌﻨﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻓﺮﺷﺘﻲ ﺟﻮ ﭠﻜﺎﮢﻮ اﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﮘﻮٺ اﻳﮇا وڌي وﻳﺎ آﻫﻦ ﻣﭥﺮا ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻓﺮﺷﺘﻮ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﻬﺮاڻ ٰ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺗﻬﺮان ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻣﻬﺮاڻ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ڏﮐﮡ ۾ رﻫﺎﺋﺸﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮن ﻣﻌﻨﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﮔﺮم ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺑﻪ آﻫﻲ ۽ ان ﺟﻲ اﺑﺘﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ اﺗﺮاﻫﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺷﻴﻤﻴﺮان آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻟﻔﻈﻲ ٰ ٰ ﭤﮅي ﺟﺎ آﻫﻲ.
ﺗﻬﺮان ۾ ﺳﻮاري ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﻪ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ آﻫﻲ ،ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻳﺎ رﻛﺸﺎ ﮘﻮل ﺗﻪ ﻣﻠﻲ ﻧﻪ ،ﺑﺲ اﭼﻲ ﺗﻪ ﭼﮍﻫﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﺠﻲ ۽ ﭨﺮﻳﻦ ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺎر ۾ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬرﻳﻮ وﭸﻲ ،ﺳﻨﺪس ﻧﻪ اﭼﮡ ﺟﻮ ﻣﻘﺮر وﻗﺖ ۽ ﻧﻪ وري ﮀﭩﮡ ﺟﻮ .ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺳﻮاري ﺟﺎم ،آرﻣﺪه ۽ ﺑﻨﻬﻪ ﺳﺴﺘﻲ آﻫﻲ .ﺑﺲ ﺗﻮڙي ﻣﻴﭩﺮو ﮔﺎڏي ۾ ﻣﺮد ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﻮڙﻫﻴﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ ﺳﻮﻻﺋﻲ ﺳﺎن ﭼﮍﻫﻴﻮ وﭸﻦ .ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ﻻ ﺑﻪ ﺟﺎم ﺑﺴﻴﻮن ۽ آرﻣﺪه رﻳﻞ ﮔﺎڏﻳﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ اﻳﺮان ۾ ﻣﻌﻨﻲ ﻟﻮﻫﻪ .ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎڻ وٽ ﻣﻀﺒﻮط ۽ ﻣﻌﻨﻲ رﺳﺘﻮ ﻳﺎ ﭘﭩﮍي ،۽ آﻫﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ”راﻫﻪ آﻫﻦ“ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .راﻫﻪ ٰ ٰ ﻳﻌﻨﻲ ﻟﻮﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ .رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺴﻦ ﻻ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺴﺘﮕﺎﻫﻪ آﻫﻲ. اﺻﻮل ﺟﻲ ﭘﻜﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﻣﺮد آﻫﻦ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ، ٰ ﺗﻬﺮان رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ وڏن اﮐﺮن ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪو ”اﻳﺴﺘﮕﺎﻫﻪ راﻫﻪ آﻫﻦ ﺗﻬﺮان“ ﺳﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﻲ ﻛﻲ ﻧﺎﻻ ڌارﻳﻦ ﮐﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ ،ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ اﺳﺎن ﻋﺮﺑﻲ ،اردو ۽ ﺳﻨﮅي ﺟﻬﮍﻳﻦ زﺑﺎﻧﻦ ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻴﻮن. ﻣﺮد آﻫﻦ ﺗﺎن ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺮد اﻫﮍا ﺑﻪ آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺮد ﻧﺎﻛﺎم ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ،اﺳﺎن واري اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻣﺮد ﺟﻴﻜﻮ ﺷﺎدي ﻧﭥﻮ ﻛﺮي اﻳﺮان ۾ اﻫﻮ”ﻣﺮد ﻧﺎﻛﺎم“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ.
ﺗﻬﺮان ۾ اﻣﻴﺮ ﮔﭙﻴﺮ روڊ ﺗﻲ ارﻣﺎن ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﭨﻲ ﭼﺎر ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﮡ دوران ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻬﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ﻏﻼم رﺿﺎ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۽ اﻣﺎم ﺻﺎدق ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﺲ ،ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس ڌﻳﺌﺮون ﭘﮍﻫﻦ ﭤﻴﻮن .ﻏﻼم رﺿﺎ ﺑﻪ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﺌﻴﮉن ﻣﺎن ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ ۽ اﺳﺎن ﭔﻪ ﺳﺎل ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻮﻟﻤﺎ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﻫﻚ ﺋﻲ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ .ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻮن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻴﻨﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﻏﻼم رﺿﺎ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﻣﻨﻴﻼ ﻓﻠﭙﻴﻦ ﻣﺎن ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪس زال ﻓﻠﭙﻴﻨﻮ ڊﻳﻨﭩﻞ ﺳﺮﺟﻦ آﻫﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﭨﻲ ڌﻳﺌﺮون آﻫﻦ .اﻳﺮان ۾ اﺳﻼم ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎن اڳ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ زوروﺳﭩﺮﻳﻦ )ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري( ﻫﺌﺎ .ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻏﻼم رﺿﺎ ان ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﻣﺎن ﻫﺠﻲ ،ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻴﺘﺮن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻮن ذاﺗﻴﻮن اﻫﻲ ﺳﺎﮘﻴﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ وڏن ﺟﻮن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ﻫﻴﻮن. اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ۽ ﻛﺎﻟﻴﺞ آﻫﻦ .ﻏﻼم رﺿﺎ ﺗﻬﺮان ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۵۰ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ٰ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن ﺟﻬﻮﻧﻮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮔﺎﻫﻪ ﺟﻴﻜﻮ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻨﺪو اﭼﻲ اﻫﻮ داراﻟﻔﻨﻮن آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ۱۸۰۰ ۾ ﭠﻬﻴﻮ .ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻮ ۽ وڏي ۾ وڏو درﺳﮕﺎﻫﻪ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﺟﻮ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﻛﺎﻟﻴﺞ آف ﺗﻬﺮان ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻧﻲ ﺳﺌﻤﻴﻮﺋﻞ ﺟﺎرڊن ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ ”ﺟﺎرڊن اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ“ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﻫﺘﺎن ﻟﻨﮕﻬﮡ ﻣﻬﻞ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ۽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ۽ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻧﻮٽ ﻛﻴﺎ اﭤﻢ ،اﻫﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: •
ﻃﻮﺳﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ
•
ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﭘﻼﺋﻴﮉ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ اﻳﻨﮉ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ
•
ﻣﻠﻚ اﺷﺘﺮ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ
•
ﺷﻬﻴﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ
•
اﻣﻴﺮ ﻛﺒﻴﺮ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ
•
ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﻣﺎم رﺿﺎ وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه.
•
ﻛﻤﭙﺮﻳﻨﺴﻮ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ
•
اﻧﭩﺮ ﻧﻴﺸﻨﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﻳﺮان
•
ﺷﻬﻴﺪ ﺳﺘﺎري ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﻳﺌﺮوﻧﺎﭨﻴﻜﻞ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ
•
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺗﻬﺮان ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ
•
اﻟﻈﻬﺮا ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﻏﻼم رﺿﺎ ﮐﻲ ”ﺑﻴﻤﺎرﺳﺘﺎن ﻓﺠﺮ“ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺮﻳﺾ وٽ وﭸﮣﻮ ﻫﻮ ﺳﻮ آﺋﻮن ﭘﻴﺮوزي روڊ ﺗﻲ ﻟﻬﻲ ﭘﻴﺲ .ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ اﺳﭙﺘﺎل ﮐﻲ ﺑﻴﻤﺎرﺳﺘﺎن ﻳﻌﻨﻲ ﺑﻴﻤﺎر ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻲ ﺟﺎ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﭘﻴﺮوزي روڊ ﺗﺎن واڪ ﻛﺮي ﻣﻴﺪان ﺷﻬﺪا ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺲ ﺟﺘﺎن ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺧﺎص ﺟﺎ ﻣﻴﻨﺎر آزدي )ﺑﺮج آزادي( ڏﺳﮡ ﻻ ﻣﻴﺪان آزادي ﭘﻬﺘﺲ .ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺟﻨﺎح ﺟﻲ ﻣﺰار ﻳﺎ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﻣﻴﻨﺎر ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن آﻫﻲ ،ﺗﻴﺌﻦ ﻫﻲ ﻣﻴﻨﺎر آزادي ﭴﮡ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ Iconآﻫﻲ .ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﻧﻜﺮڻ ﺳﺎن ﻫﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺷﻬﺮ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ۱۹۷۱ .ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ”ﭘﺮﺷﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ“ ﺟﻮ ۲۵۰۰ﻫﻮن ﺳﺎل ﻣﻠﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ان ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ وڏي ﺧﺮچ ﺳﺎن ﻫﻲ ﻣﻴﻨﺎر ﭠﻬﺮاﻳﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ۱۹۷۹ع واري اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﻳﺎد( ﻣﻴﻨﺎر ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﻫﻲ ﻣﻴﻨﺎر ۵۰ﻣﻴﭩﺮ اﺗﺎﻫﻮن آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺳﻨﮓ آرﻳﺎ ﻣﻬﺮ ﺷﺎﻫﻴﺎد ) ٰ ﻣﺮﻣﺮ ﻟﮙﻞ آﻫﻲ ،ﻣﻴﻨﺎر آزادي اﺳﻼﻣﻲ ۽ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﻋﻤﺎرت ﺳﺎزي ﺟﻮ ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﺠﺴﻤﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ”ﻣﻴﺪان
آزادي“ ﺟﻲ وچ ۾ ﻟﮙﻞ آﻫﻲ.
ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﮔﺸﺎ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﺑﺮج ﻣﻴﻼد ) (Milad Towerﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻣﻨﺎرو ﭠﻬﻲ راس ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎڙ ﮐﺎن ﭼﻮﭨﻲ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ اﺋﻨﭩﻴﻨﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ۴۳۵ﻣﻴﭩﺮ اﺗﺎﻫﻮن آﻫﻲ ۽ اﻫﻮ ﻣﻴﻨﺎر دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﻧﻤﺒﺮ اﺗﺎﻫﻮن ﻣﻴﻨﺎر ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺑﺎﻗﻲ ﭨﻲ ﻣﻴﻨﺎر آﻫﻦ :ﭨﻮرﻧﭩﻮ )ﻛﺌﻨﺎڊا( ﺟﻮ CNﭨﺎور ،ﻣﺎﺳﻜﻮ ﺟﻮ Ostankinoﭨﺂور ،۽ ﺷﻨﮕﻬﺎﺋﻲ )ﭼﻴﻦ( ﺟﻮ اورﻳﻨﭩﻞ ﭘﺮل ﭨﺎور. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻫﻲ ﭨﺎور ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.
ﻣﻴﻨﺎر آزادي وٽ ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ،ﻫﻮ وزارت ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻃﺮﻓﺎن ﺗﻬﺮان ۾ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺎ ﻛﺎﻧﻔﺮﻧﺲ اﭨﻴﻨﮉ ﻛﺮڻ آﻳﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ اﻳﺮان آﻳﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﺨﺖ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ۾ ﮀﺎﮀﺎ ڏﺳﻲ ”ﻛﻮ ﭼﻮي ﭤﻮ ﺷﻴﺮاز ﻫﻠﻴﻮ وڃ ﺗﻪ ﻛﻮ ﭼﻮي ﭤﻮ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﻫﻠﻴﻮ وڃ“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ . ”ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ“ ﻣﻮن ﭔﮅاﻳﻮ ﻣﺎﻧﺲ” ،اﻳﺮان اﻫﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﺗﻮارﻳﺨﻲ آﻫﻲ ،ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ڏي وﭸﮡ ۾ اڌ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻪ ﺳﻔﺮ ۾ ﻟﮙﻲ وﻳﻨﺪو ،ان ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻮن ﺋﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻴﻮن ڏﺳﻲ وڃ“
ﻫﻦ وﻗﺖ اﻫﻮﺋﻲ ﻟﮑﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻛﻮ ﻫﻚ ﻳﺎ ڏﻳﮃ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ۾ ﺟﻠﺪي ﺟﻠﺪي ﻛﻬﮍﻳﻮن ﺷﻴﻮن ڏﺳﮡ ﮔﻬﺮﺟﻦ؟ ﻣﭥﻲ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻞ ﻣﻴﻨﺎر آزادي ۽ ﻣﻴﻨﺎر ﻣﻴﻼد ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺗﻬﺮان ﺟﻮن ﻫﻴﭡﻴﻮن ﺷﻴﻮن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻓﺎرﻳﻨﺮس ڏﺳﻦ ﭤﺎ.
ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ -ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻲ ﺟﻬﻮﻧﻲ ﮐﺎن ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ﺷﺎﻫﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻮن وﻳﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﻣﭩﻲ ﺟﻲ اوڏﻛﻲ ﭜﺖ ﻛﻮٽ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ ﺑﻌﺪ ۾ ﻫﻲ ﻣﺤﻞ )ﺷﺎﻫﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻮن( ﻛﺮﻳﻢ ﺧﺎن زﻧﺪ ،ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۱۷۵۰ع ﮐﺎن ۱۷۷۹ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ، ﻣﺮﻣﺖ ﻛﺮاﻳﻮن .ﻗﺎﭼﺎري ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﻗﺎﭼﺎر ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن واﮘﻮن ﺳﻨﭝﺎﻟﮡ ﺗﻲ ﺗﻬﺮان ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ ۽ ”ﮔﻠﺴﺘﺎن“ ﻗﺎﭼﺎري ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﻗﺮار ڏﻧﻲ وﺋﻲ۱۸۶۵ .ع ۾ ﻫﻲ ﻣﺤﻞ وڌﻳﻚ ﺑﻬﺘﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ وﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻜﻞ ۾ اﭴﻜﻠﻬﻪ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ.،
ﭘﻬﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ) (۱۹۲۵-۱۹۷۹۾ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ﺷﺎﻫﻲ دﻋﻮﺗﻦ ﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ۾ اﭼﮡ ﻟﮙﻮ ۽ ﻫﻨﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ رﺿﺎ ﺧﺎن ۽ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﻻ” ﻧﻴﺎ وارن“ ﻧﺎﻟﻲ ﻧﺌﻮن ﻣﺤﻞ ﭠﻬﺮاﻳﻮ، ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ۾ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ رﺿﺎ ﺧﺎن )ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۱۹۲۵ﮐﺎن ۱۹۴۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ( ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﻣﺮﻣﺮ ۾ ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ﭘﮡ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ﺟﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﻫﺎل ۾ ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﭤﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﻛﺎخ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۴۰۰ ،ﮐﻦ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ آﻫﻲ ۽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ وچ ۾ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﺳﻮﻻﺋﻲ ﺳﺎن ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻣﻴﭩﺮو اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﻟﻬﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺋﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﺟﻬﻮﻧﻮ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارو داراﻟﻔﻨﻮن آﻫﻲ .ﺟﺘﻲ ﻣﻮر اﺳﺮاﻓﻴﻞ روڊ ۽ ﻧﺎﺻﺮ ﺧﺴﺮو روڊ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ،اﺗﻲ ﻫﻲ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ آﻫﻲ، ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﭔﻪ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮﭨﻠﻮن ﺧﺎدم ۽ زﻳﺒﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﮡ اﺗﻲ ﺋﻲ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺟﺎ ﺑﻮرڊ ﭘﺮي ﮐﺎن ﺋﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻣﭥﻲ ﺗﺨﺖ ﻣﺮﻣﺮ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ،ﻫﻲ ﻣﺎرﺑﻞ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ﻛﺮﻳﻢ ﺧﺎن زﻧﺪ ۱۷۵۰ع ڌاري ﭠﻬﺮاﻳﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻫﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ان ﺗﺨﺖ ﺟﻲ ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﻣﺮزا ﺑﺎﺑﺎ ﺷﻴﺮازي ﻧﻘﺶ ﺑﺎﺷﻲ ۽ ﺷﺎﻫﻲ ﺳﻨﮕﺘﺮاش اﺳﺘﺎد ﻣﺤﻤﺪ اﺑﺮاﻫﻴﻢ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﻛﺌﻲ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭔﺌﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺎرﻳﮕﺮ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﭔﭽﻮ ﭔﭽﻮ واﻗﻒ آﻫﻲ.
ﻧﻴﺎواران ﻣﺤﻞ :ﻫﻲ ﻣﺤﻞ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ۱۹۲۵ع ۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻮ .ﻫﻦ ﻣﺤﻞ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ ﻣﻴﻮزﻳﻢ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻮ آﺧﺮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي ۱۹۷۹ع ۾ اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب اﭼﮡ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻦ ﺋﻲ ﻣﺤﻞ ۾ رﻫﻴﻮ .ﻫﻦ ﻣﺤﻞ ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻣﻴﺪان ﺻﻴﺎد ﺷﻴﺮازي )ﺷﻴﺮازي ﭼﻮﻧﻚ( ﺗﻲ اﭼﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو ،ﺟﺘﺎن ﭘﺎﺳﺪاران روڊ وﭠﻲ ﻧﻴﺎوران ﭘﺎرڪ ۾ ﭘﻬﭽﻲ
ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻲ ﻣﺤﻞ ﻛﺎخ ﻧﻴﺎوران آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻣﺤﻞ ﺗﻮڙي ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ رﮐﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ڏﺳﻨﺪڙ Ideaﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﻛﻬﮍي ﻋﻴﺶ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬاري ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ رﻫﺎﺋﺶ ﮔﺎﻫﻪ ﭘﮡ ﻧﻤﺎﺋﺶ ﻻ اﺻﻠﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .وﻳﻨﺪي اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﭼﺌﻤﭙﻞ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻮ ﭘﺎﺋﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮﻧﺪو ﻫﻮ ،ﺳﺎدا ﺳﻮدا ﭤﺎﻧﻮ ۽ ﭘﭧ ﺗﻲ وﻳﻬﮡ ﻻ وﮀﺎﻳﻞ ﺗﮇو ﻫﺮ ﺷﻲ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ، ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻬﮍي وڏي ﺷﺨﺼﻴﺖ ﻛﻴﮇي ﺳﺎدﮔﻲ ۾ ﮔﺬارﻳﻮ.
ﻧﻴﺎ وارن ﻣﺤﻞ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﺳﺪاﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻣﺤﻞ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺷﻴﻤﻴﺮان ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﭘﮡ ﭠﻬﺮاﻳﻮ. اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻣﺤﻞ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﻃﻮر اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﻣﺤﻞ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺻﺪر ﺟﻮ ﻣﺤﻞ آﻫﻲ.
ﺗﺨﺖ ﻃﺎﺋﻮس :ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Peacok Throneﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ،ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ۾ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ .ﺗﺨﺖ ﻃﺎﺋﻮس دراﺻﻞ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﻐﻞ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﻧﺎدر ﺷﺂﻫﻪ ۱۷۳۸ع ۾ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﻫﻲ ﺗﺨﺖ ۽ ﭔﻴﺎ ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﭰﺮي اﻳﺮان ﮐﮣﻲ آﻳﻮ .ﻫﻲ ﺗﺨﺖ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﭔﻪ ﺑﻴﭡﻞ ﻣﻮر ﻫﻴﺮن ﺳﺎن ﻣﮍﻫﻴﻞ ﻫﺌﺎ ۽ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻣﻐﻞ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﻻ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ۽ ﻣﻬﺎﻧﮕﻮ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ۱۶۶۵ .ع ۾ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺟﻮاﻫﺮي ﺗﺎور ﻧﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ دﻫﻠﻲ ﮔﻬﻤﮡ آﻳﻮ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﻣﻐﻠﻦ ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﻃﺎﺋﻮس ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮ ﻫﻮ. ”ﻫﻲ ﺗﺨﺖ ﺑﺴﺘﺮي ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ۾ ﮀﻬﻪ ﻓﭧ ﺑﺎ ﭼﺎر ﻓﻮٽ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭔﻪ ﻓﭧ ﮐﻦ ﺳﻮﻧﻴﻦ ﭨﻨﮕﻦ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻞ آﻫﻲ .ﺗﺨﺖ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭔﺎرﻫﻦ ﻛﻤﺎﻧﻴﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ ﮀﭧ ﮐﻲ ﺟﻬﻠﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻲ ﻛﻤﺎﻧﻮن ﺑﻪ رﺑﻲ ،زﻣﺮد ،ﻳﺎﻗﻮت ﻫﻴﺮن ۽ ﺳﭽﻦ ﻣﻮﺗﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﮍﻫﻴﻞ آﻫﻦ“...
ﻫﻦ ﻓﺮﻳﻨﭻ ﺟﻮاﻫﺮي ﺟﻲ ﻛﺎﭤﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ان ﺗﺨﺖ ﺟﻮ ﻣﻠﻬﻪ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ڏﻫﻪ ﻛﺮوڙ رﭘﻴﺎ ﻫﺠﮡ ﮐﭙﻲ ۽ ﻛﭥﻲ ﻣﻮن ﭘﮍﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ان اﺻﻠﻲ ﻣﻐﻠﻦ واري ﺗﺨﺖ ﻃﺎﺋﻮس ﺟﻲ اڄ ﺟﻲ ﺳﻜﻲ ۾ ﻗﻴﻤﺖ ﻫﻚ ﺑﻠﻴﻦ ڊاﻟﺮ ﻳﻌﻨﻲ ۶۰ارب ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ رﭘﻴﺎ ﭤﻴﮡ ﮔﻬﺮﺟﻲ.
۱۷۴۷ع ۾ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻣﻐﻠﻦ وارو اﺻﻠﻲ ﺗﺨﺖ ﻃﺎﺋﻮس ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﻓﺮاﺗﻔﺮي ۽ وﮘﻮڙ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ ،ﭘﺮ ان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻪ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﻻ ﺗﺨﺖ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ان ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﻃﺎﺋﻮس ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .اﻫﻲ ﺗﺨﺖ وﻳﻨﺪي آﺧﺮي ﺗﺨﺖ ﺟﻴﻜﻮ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ۾ ﻧﻤﺎﺋﺶ ﻻ رﮐﻴﻞ آﻫﻲ ،ﮐﭧ ) ﺑﺴﺘﺮ( ﺑﺪران ﻛﺮﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﻣﺜﺎل ﻃﻮر ۱۸۱۲۾ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺎﭼﺎر ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﻻ ﺗﺨﺖ ﭠﻬﺮاﻳﻮ، اﻫﻮ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺎﭼﺎر ﺟﻮ ۱۸۳۶ع ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﺗﺨﺖ ﭘﮡ ﻃﺎﺋﻮﺳﻲ ﺗﺨﺖ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻮ.
ﺗﻬﺮان آﻳﻞ ﻛﻨﻬﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﮐﻲ ﭘﺮاﮢﻴﻦ ﺷﻴﻦ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﺷﻮق آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﻻ ﺗﻬﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۽ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻧﻴﺸﻨﻞ ﻣﻴﻮزﻳﻢ آف اﻳﺮان )ﻣﻮزه ﻣﻠﻲ اﻳﺮان( ۽ ﻣﻮزه اﻳﺮان ﺑﺎﺳﺘﺎن ﺳﭛ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ،ﻫﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﭔﻦ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ۾ آﻫﻲ ،ﻫﻚ ۾ اﺳﻼم ﮐﺎن اڳ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن آﻫﻦ ۽ ﭔﻲ ۾ اﺳﻼم ﮐﺎن ﭘﻮ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن آﻫﻦ. ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻣﻴﻮزﻳﻢ Museum of Contemporaryﻻﻟﻪ ﭘﺎرڪ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ،ﻻﻟﻪ ﭘﺎرڪ ﻣﻴﺪان اﻧﻘﻼب واري ﭼﻮواﭨﻲ ﮐﺎن اﺗﺮ ڏي وﻳﻨﺪڙ ﻛﺎرﮔﺮ روڊ ﺗﻲ آﻫﻲ .ﭘﺎرڪ ﺟﻲ ﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺣﺠﺎب روڊ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ وڏن آرﭨﺴﭩﻦ ﺟﻮن ﭠﻬﻴﻞ ﺗﺼﻮﻳﺮون ۽ ﻣﺠﺴﻤﺎ آﻫﻦ .ﺗﻤﺎم وڏي Collectionآﻫﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ رﮐﻴﻞ آرٽ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻴﻮن آﻫﻦ .ﻛﺠﻬﻪ ﻓﻨﻜﺎر ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻳﺎد اﭤﻢ ۽ ﺟﻦ ﺟﺎ ﭼﺘﺮ ﻫﻦ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ رﮐﻴﻞ آﻫﻦ ،ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ،واﻧﮕﻮ ،ﻛﭙﻜﺎ ،ﭘﺌﺒﻠﻮ ،ﭘﻜﺎﺳﻮ ،ﻟﻮﺋﺲ واﻟﭩﺌﭧ ،ﻣﺌﺴﭙﺮ ،ﺟﺎن رﭼﺮڊ ﻫﺌﻤﻠﭩﻦ وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه.
ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﻻﻟﻪ ﭘﺎرڪ ﺑﻪ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﭘﺎرﻛﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .زﻣﻴﻦ ﭜﻠﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﭠﺎﻫﻮﻛﻲ ،ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻓﻀﻴﻠﺘﻦ وارا .ﺻﺤﻴﺢ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﮔﻞ ﮔﻠﻜﺎرﻳﻮن ۽ ﺻﺤﻴﺢ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﺑﻬﺎر ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺋﻲ اﭼﻲ ﭤﻲ .اﺳﺎن وٽ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﻓﻘﻂ ﻛﺸﻤﻴﺮ ۾ آﻫﻲ ،ﺑﺎﻗﻲ ﺳﻨﮅ ،ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن وﻳﻨﺪي ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻮ ﻫﻴﭡﻴﻮن وڏو ﺣﺼﻮ ﺑﻘﻮل
ﺑﻨﮕﺎﻟﻴﻦ ﺟﻲ ”دوﺳﺮ ﺻﺤﺎرا“ )رڻ ۽ واري( آﻫﻲ ﺳﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﮔﻞ ﭰﻠﻦ ،ﺑﺎغ ﺑﻬﺎرن ۽ ﺑﻠﺒﻞ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻲ ﭘﮍﻫﺠﻲ ﺗﻪ واﻗﻌﻲ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻛﺠﻬﻪ ڏﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﻛﺌﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ وري ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﭘﮍﻫﻲ ﺑﻬﺎر ۽ ﺑﻠﺒﻞ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ آﻫﻲ ﭼﻲ: ﺑﻴﭽﺎرﮔﻲ دور
ﻫﺮ
ﺑﺰم دل
زﻧﺪان
ﺧﺰان
ﮐﺎن
در
ﻛﺪه
ﮐﻲ
ﮔﺰﻳﻦ
۾
ﭼﺎڪ
ﻋﺸﻖ اﺳﻴﺮ
ﺟﺸﻦ
زﻳﻨﺖ
ﻳﺎر
ﻳﻮﺳﻒ
ﻛﺎﻛﻠﻲ
ﮔﺮﻳﺒﺎن
ﺑﻬﺎران ﻣﮍﮔﺎن
ﭼﺮاﻏﺎن
ﭘﻴﭽﺎن
ﻛﻨﻬﺎن
ﻛﺮي
ﮀﮇﻳﻢ
ﻛﺮي
ﮀﮇﻳﻢ
ﻛﺮي
ﮀﮇﻳﻢ
ﻛﺮي
ﻛﺮي
ﻛﺮي
ﮀﮇﻳﻢ
ﮀﮇﻳﻢ ﮀﮇﻳﻢ
اڄ ﮐﺎن ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺳﭟ ﺳﺎل اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅي ﺗﻮڙي اڙدو ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي اﺟﻬﻮ اﻫﮍي ﻫﺌﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﻨﮉي ﮐﻨﮉ ﺗﻲ اﻳﮇو ﺗﻪ اﺛﺮ اﻧﺪاز ﭤﻴﻞ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﺳﭡﻮ ادﻳﺐ ﺷﺎﻋﺮ ﻳﺎ اﻛﺎﺑﺮ اﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮي.
ﺗﻬﺮان ۾ ﻧﻨﮃا وڏا ﭘﺎرڪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ آﻫﻦ .ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻮ ﮐﮣﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ رﻫﮡ ﭤﺌﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮي ﻛﺠﻬﻪ وﮐﻮن ﮐﮣﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﻛﻮﻧﻪ ﻛﻮ ﭘﺎرڪ ﺿﺮور ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪاﻧﻮ .ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺎرﻛﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ،ﭘﺎرڪ ﻣﻠﺖ ،ﭘﺎرڪ ﺷﻬﺮ ،ﭘﺎرڪ ارم ،ﭘﺎرڪ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﭘﺮدﻳﺴﺎن ،ﭘﺎرڪ ﺟﻨﮕﻠﻲ ﻧﺼﺮ ،ﭘﺎرڪ ﺟﻨﮕﻠﻲ ﻟﻮﻳﺰان ،ﭘﺎرڪ ﭘﺮواز ،ﭘﺎرڪ ﺑﻬﺎران ،ﭘﺎرڪ ﺳﭙﻴﺪه ،ﭘﺎرڪ اﺑﺮﻳﺸﻢ وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه
ﺗﻬﺮان ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن واﻧﮕﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮن Chainﻫﻮﭨﻠﻮن ﺟﻬﮍوڪ ﻛﺎﻧﭩﻴﻨﻨﭩﻞ ،ﻫﻠﭩﻦ ،ﺣﺎﻳﺎت ،ﻫﺎﻟﻴﮉي ان ﻧﺎﻟﻦ وارﻳﻮن ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻴﻮن اﭼﻦ .ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻧﺎﻻ ﻋﺎم آﻫﻦ اﻫﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ،ﺳﻴﻤﺮغ ﻫﻮﭨﻞ ،اﻧﻘﻼب ﻫﻮﭨﻞ ،ﻫﻤﺎ ﻫﻮﭨﻞ ،اﺳﺘﻘﻼل ﻫﻮﭨﻞ ،ﻫﻮﭨﻞ ﺳﻔﻴﺮ ،اﻃﻼش ﭘﺎرﺳﺎ ،ﻓﻴﺮوزه ،ﻣﺮﻣﺮ رودﻛﻲ ،اﻣﻴﺪ ،اﻣﻴﺮ وﻏﻴﺮه
ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻻﻟﻪ ﭘﺎرڪ وٽ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻴﻮزﻳﻢ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ۱۹۷۶ع ۾ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ ۽ راﮢﻲ ﻓﺮح دﻳﺒﺎ ﻫﻦ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﺟﻲ ﻋﻤﺎرت ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﻛﺌﻲ ،ﻫﻦ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ ۱۸ﺻﺪي ﮐﺎن وﭠﻲ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺟﺎ ﻧﻤﻮﻧﺎ رﮐﻴﻞ آﻫﻲ .ﻣﻜﺎﻧﻲ ۽ ﭔﺎﻫﺮان آﻳﻞ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ رش ﻫﺘﻲ ﺟﻲ اﻣﻴﻮزﻣﻴﻨﭧ ﭘﺎرڪ ﺗﻲ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﭼﻤﺮان ﻫﺎ وي وٽ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﭘﺎرڪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﺎزي ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ﭘﺎرڪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ ﺷﺎﻫﺪ ٰ وڏن ﭘﺎرﻛﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ ۽ ۱۵۰ﮐﻦ اﻳﻜﮍ ﺗﻲ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ .ﻣﻨﺠﻬﺲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ Ridesرﮐﻴﻞ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺗﻲ ﻧﻨﮃا ﺗﻮڙي وڏا ﺷﻮق ﺳﺎن ﭼﮍﻫﻦ ﭤﺎ.
اﻳﺮان ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ﺳﻨﮅي ﺟﻲ اﺧﺒﺎر ﻛﺎوش ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ آﺋﻴﻦ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻮل ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ ﺟﻮ ﻛﺎﻟﻢ ﻧﻈﺮ ﻣﺎن ﮔﺬرﻳﻮ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻲ ﻫﻚ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﻀﻤﻮن آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻪ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﭘﺮﻳﺲ واري ﻫﺮوﭜﺮو ﺟﻲ ﮔﻼ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﻮڙي ﺗﻌﺮﻳﻒ .ﻫﻲ ﻣﻀﻤﻮن ﺣﻘﻴﻘﺖ ﭘﺴﻨﺪي ﺟﻲ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ ،ﻣﻮن ﮐﺎن ﻛﻮ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻃﻮر اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮁﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﺑﻪ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﻮﻧﺪس ﺟﻴﻜﻮ ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ دوران ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻗﻠﻤﺒﻨﺪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮن ﺑﻪ ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﭽﺎر ،ﺑﻲ ڊﭘﻦ ۽ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﭴﺎڻ رﮐﻨﺪڙ ادﻳﺒﻦ ۽ ﻣﻌﻠﻤﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ .ﻫﻮ ﮔﺬرﻳﻞ ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن )۱۹۷۷ع ﮐﺎن( ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ آرﭨﺲ اﻳﻨﮉ ﻛﺎﻣﺮس ﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ ۽ ﭘﻮﻟﻴﭩﻴﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ان ﺋﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۾ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن اﻳﻢ اي ﻓﺮﺳﭧ ﻛﻼس ﻓﺮﺳﭧ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﺳﺎن ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ اﺗﺎن ﺋﻲ )ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻣﺎن( وﻛﺎﻟﺖ ﺟﻲ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ،ﺳﻨﺪس ﻧﺎﺋﻴﻦ ﻛﻼس ﮐﺎن اﻳﻢ ﺗﺎﺋﻴﻦ اٺ ﻛﺘﺎب ﭘﻮﻟﻴﭩﻴﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺟﻮ ﭘﺒﻠﺸﺮ آر اﻳﭿ اﺣﻤﺪ ﺑﺮادرس آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﺷﺎﻋﺮ ،ادﻳﺐ ۽ ﻛﺎﻟﻢ ﻧﻮﻳﺲ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﻛﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ”ﻗﻮﻣﻲ ﻏﺪار ۽ ﺣﺴﺎب ﻛﺘﺎب “ ﻧﻴﻮ ﻓﻴﻠﮉس ﭘﺒﻠﻴﻜﻴﺸﻦ وارن ۱۹۹۷ع ۾ ﮀﭙﺮاﻳﻮ .ﭘﺎڻ ﺳﻨﮅ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮس اﻳﻨﮉ ﻟﻴﻜﭽﺮار اﻳﺴﻮﺳﻴﺌﻴﺸﻦ ) (SPLAﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺳﻴﻜﺮﻳﭩﺮي ﭘﮡ آﻫﻲ.
ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ ﭨﻨﮉو ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ۾ ۱۰ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۱۹۴۹ع ﺗﻲ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﺎن ﭘﺮاﺋﻤﺮي ۽ ﺳﻴﻜﻨﮉري ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﮐﻴﺲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﻟﮑﮡ ﭘﮍﻫﮡ ﻻ اﺗﺴﺎﻫﻪ ﺳﻨﺪس دوﺳﺘﻦ ﻏﻼم ﻧﺒﻲ ﺑﻬﺮاﮢﻲ ،زﻳﺐ ﭜﭩﻲ ۽ ﭘﺮواﻧﻲ ﭜﭩﻲ ڏﻧﻮ .ﭘﺎڻ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﻜﻮل، ﻛﺎﻟﻴﺞ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺳﭡﻦ ۽ ﻫﮇ ڏوﮐﻲ ﭨﻴﭽﺮس ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ ،ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﻮ اڄ ﺑﻪ ﻳﺎد ﻛﺮي ﭤﻮ ۽ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ آﻫﻦ :ﭨﻨﮉي ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﺟﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺜﻤﺎن ﻣﻴﻤﮡ ﺻﺎﺣﺐ ۽ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﻤﺪ اﺳﺤﺎق ،ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﺎ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻤﺮ ﻣﻴﻤﮡ ﻫﺎﻟﻦ وارو ،ﺣﺴﻦ ﭜﭩﻮ ۽ ﺧﺎﻟﺪ ﺷﻬﻴﺪ آﺧﻮﻧﺪ.
ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ ﮐﻲ ﭨﻲ ﭔﺎر آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﻣﺎن وڏو ﭘﭧ ﺟﻤﺎل ﻧﺎﺻﺮ ۽ ﻧﻨﮃي ﻧﻴﺎﮢﻲ ﺷﺎزﻳﺎ ﻋﺰﻳﺰ ڊاﻛﭩﺮ آﻫﻦ ۽ ﭨﻴﻮ ﭔﺎر ﻧﺎزﻳﺎ ﻋﺰﻳﺰ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۾ M.Scآﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ۽ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﻻ ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺎﻟﻢ ﻫﻮﺑﻬﻮ ڏﻳﺎن ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﭽﺎﺋﻲ ۽ ﺣﻘﻴﻘﺖ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﻻ ان ۾ ﺳﺒﻖ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﭘﺮاﺋﻲ ﭘﺎڻ ۾ ﺳﺠﺎﮘﻲ آﮢﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ .اﺳﺎن ﺑﻪ ﻣﻠﻜﻦ ۽ ﻗﻮﻣﻦ ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻲ ڊوڙ ۾ اﮘﻴﺎن ﻧﻜﺮي ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ.
اﻳﺮان ۾ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺳﺎﻟﮕﺮه ﻣﻠﻬﺎﺋﻲ ﭘﺌﻲ وﭸﻲ .ان ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪ ﻧﺠﺎد ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺻﻮرت ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ آڏو ﻧﻪ ﺟﻬﻜﻨﺪو .ﺻﺪارﺗﻲ اﻟﻴﻜﺸﻦ دوران ﻫﻦ ﻋﻮام ﺳﺎن ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻪ واﻋﺪا ﻛﻴﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﻧﭝﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﻨﺪو .ﺟﻨﮓ ﻣﮍﻫﮡ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ﻫﺮ ﻣﺮد ،ﻋﻮرت ۽ ﭔﺎر ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎدر وﻃﻦ ﺟﻲ ﺣﻔﺎﻇﺖ ﻛﻨﺪو. ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻬﺬب ﺟﻤﻬﻮري رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ اﻫﺎ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ان ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﺧﻼﻗﻲ ،ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻣﺎﭘﺎ ڏﭠﺎ وﻳﻨﺪا آﻫﻦ. اﻧﻬﻦ ﻣﺎﭘﻦ ۾ آﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻻدﺳﺘﻲ ،ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ ،ﺳﻤﺎﺟﻲ اﻧﺼﺎف ۽ ﺷﻬﺮي آزادﻳﻮن ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .آﺋﻮن ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان وﻳﻮ ﻫﺌﺲ ﺗﻪ ﻣﻮن اﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ۽ ﭘﺮﮐﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ۱۹۷۹ع ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻗﻴﺎدت ۾ اﻳﻨﺪڙ اﻧﻘﻼب ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﮐﺎﻧﭙﻮ اﻳﺮان ۾ ﻛﻬﮍﻳﻮن ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻣﻌﺎﺷﻲ ۽ اﺧﻼﻗﻲ ﺗﺒﺪﻳﻠﻴﻮن آﻳﻮن آﻫﻦ؟ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻧﺌﻴﻦ ﭠﺎﻫﻴﻞ آﺋﻴﻦ ﺗﺤﺖ ﺳﭛ ادارا ﻫﻼﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﻛﺎﺑﻪ ﺷﺨﺼﻴﺖ آﺋﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﺎﻻﺗﺮ ﻧﺎﻫﻲ. ﻫﺮ ﺳﻴﺎﺳﻲ اداري ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ،اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ۽ ﻋﺪﻟﻴﻪ ﮐﻲ ڌار ڌار اﺧﺘﻴﺎر ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻦ ۽ ﻫﺮ ادارو ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻴﺼﻠﻲ ﻛﺮڻ ۾ آزاد ۽ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎر آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ ﮐﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ .ﺳﻤﻮرا ﺷﻬﺮي ﻗﺎﻧﻮن
ﺟﻲ اﻃﺎﻋﺖ ﻛﻦ ﭤﺎ ،اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﺎر ﻳﺎ ﺑﺲ ﮐﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﭔﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﮔﺎڏي ﮐﻲ ﻛﺮاس ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ وڏن ﺷﻬﺮن ۾ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻳﺎ ﻗﺎﻧﻮن ﻧﺎﻓﺬ ﻛﻨﺪڙ ادارن ﺟﻲ ﻣﺪاﺧﻠﺖ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﺋﻲ .ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺜﺎل اﻫﻮ ﺑﻪ آﻫﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ دوري دوران ﺟﮇﻫﻦ ﺳﺞ ﻟﭥﻲ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﭤﻚ ﭜﭷ ﺧﺎﻃﺮ ﻫﻚ ﭘﺎرڪ ۾ وﭸﻲ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ڏﭠﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭔﻪ ﻧﻮﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﭘﺎرڪ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ۾ ﭘﻴﻨﭩﻨﮕﺲ ﭠﺎﻫﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .اﻫﻲ ﺗﺨﺘﻲ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﻛﺎﻏﺬ ﺗﻲ ﻣﺼﻮري ﺟﺎ رﻧﮓ ﭘﮑﻴﮍي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .اﻫﻲ ﺧﻮف ﮐﺎن ﺑﻲ ﻧﻴﺎز ۽ ﻣﻄﻤﺌﻦ ﻫﻴﻮن ،ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻮ ﻣﺮد ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻮ .اﺳﺎن وٽ ﺳﺞ ﻟﭥﻲ ﮐﺎﻧﭙﻮ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﭘﺎرڪ ۾ وﭸﻲ ﻣﺼﻮري ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﻧﻴﺎﮢﻴﻮن ﺳﻮﭼﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭤﻴﻮن ﺳﮕﻬﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻮل ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ۾ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻲ ﻣﺪاﺧﻠﺖ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ ،اﺗﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﻻ آزار ﻛﻮﻧﻬﻲ ،ﭘﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺪدﮔﺎر آﻫﻲ .اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻛﻮ اﺟﻨﺒﻲ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ رﺳﺘﻮ ﭜﻠﺠﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭙﺎﻫﻲ وٽ ﻣﺘﻌﻠﻘﻪ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﻘﺸﻮ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ ،اﻫﻮ آﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎن راﻫﻪ ﭜﻠﻴﻞ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﮐﻲ دڳ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻨﺪو آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻋﻤﻞ دﺧﻞ ﺳﻤﺎﺟﻲ اﻧﺼﺎف Social Justiceﺟﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻮﺷﺶ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮي ﮐﻲ ان ﺟﻮن ﺑﻨﻴﺎدي ﺿﺮورﺗﻮن ﻣﻬﻴﺎ ﻛﻴﻮن وﭸﻦ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﭨﻮ ،ﻟﭩﻮ ۽ اﺟﻬﻮ ،ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺻﺤﺖ ﺟﻮن ﺳﻬﻮﻟﺘﻮن ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ۽ ﺳﻮل ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ۾ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﻫﻤﻴﺖ ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ،اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻦ ﺟﻲ وﻫﻨﻮار ۾ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮي ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .ﻣﺮﻛﺰي ﻛﺎﺑﻴﻨﻪ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﻌﻘﻮل ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ .ﻓﻮج اﻳﺌﺮ ﻓﻮرس ﻧﻴﻮي ۽ ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ،ﺻﻮﺑﻦ ۾ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻣﺮد ﮔﻮرﻧﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ڊﭘﭩﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ ﺧﺎﺗﻮن ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺑﺎزار ۾ ﻧﺠﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﭘﮡ ﻋﻮرﺗﻮن ﻛﺎروﺑﺎر ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻼف اﻫﺎ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا ﺑﻠﻜﻞ ﻏﻠﻂ آﻫﻲ ﺗﻪ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎﻧﭙﻮ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﮔﻬﺮﺟﻲ ﺗﻪ ﭼﺎر دﻳﻮاري ۾ ﻗﻴﺪ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ۱۹۷۹ .ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺎج ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺎن ۽ ﻣﺮﺗﺒﻮ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻣﻠﻴﻮ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ آﻫﻲ ،ﺻﺮف ﻏﻴﺮ اﺧﻼﻗﻲ ﺣﺮﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﭔﻨﺠﻮ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻋﻮرت ﺟﻲ ﺗﻘﺪس ﺟﻲ ﭘﺎﺋﻤﺎل وارﻳﻦ ﻣﺤﻔﻠﻦ ۽ ﺣﺮﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻨﺪ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﻓﺤﺎﺷﻲ ۽ ﻋﺮﻳﺎﻧﻲ ﮐﻲ روﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. اﻳﺮان ۾ ﻋﻮام ﮐﻲ ﻣﻜﻤﻞ ﺷﻬﺮي ﺣﻖ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻦ .ﺗﺤﺮﻳﺮ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ .ﻋﻘﻴﺪي ۽ ﻋﺒﺎدت ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ .ﺟﻴﺘﺮي رواداري ﺳﻬﭗ ﺑﺮدﺑﺎري اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ۾ آﻫﻲ ،اﻳﺘﺮي ﺷﺂﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﺳﻼﻣﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻠﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﻼزم ﮐﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ۾ ﺣﺼﻮ وﭠﮡ ﺗﻲ ﻛﺎ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﺎﻫﻲ ،ﺻﺮف ”ﻻزﻣﻲ ﺳﺮوس“ ﻳﻌﻨﻲ ”ﻓﻮج“ ﺟﻲ اﻫﻠﻜﺎر ﺗﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ۾ ﺣﺼﻮ وﭠﮡ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي آﻫﻲ .ان ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺜﺎل ﻫﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﺟﻮده اﻳﺮاﻧﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪ ﻧﺠﺎد ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن اﺳﺘﺎد آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﻣﺴﺘﻘﻞ اﺳﺘﺎد آﻫﻲ .ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ اﻛﺒﺮ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﭘﮡ ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ڊاﻛﭩﺮ ﻫﻮ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ آرﭤﻮﭘﻴﮉڪ وارڊ ﺟﻮ ﻫﻴﮉ آف ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ آﻫﻲ.
ﺳﺮﻛﺎري ﻣﻼزم ﻣﻮﻛﻞ وﭠﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻋﻬﺪي ﻻ ﺑﻴﻬﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺠﺎد ﭘﻬﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﻣﻴﺌﺮ ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﻣﺎﮢﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﺟﻮ ﺻﺪارﺗﻲ ﻓﺮض ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﺋﻲ ﭤﻮ .ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۾ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن اﻳﺮان ۾ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ڏﭠﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻓﻀﺎﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﻫﻚ ﻋﺎم ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ۾ اﻗﻮام ﻣﺘﺤﺪه ﺟﻲ اﺟﻼس ۾ ﺷﺮﻛﺖ ﻻ وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻻ ﻛﻮ ڌار اﺳﭙﻴﺸﻞ ﺟﻬﺎز ﻣﻮﺟﻮد ﻧﻪ ﻫﻮ ۽ ﺳﺎﮢﺲ ﺻﺮف ﭘﻨﺠﻦ ﭴﮣﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﺻﺪارﺗﻲ اﺳﭩﺎف ﮔﮇ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻮ وڏو ﻟﺸﻜﺮ ﻧﻪ ﻫﻮ .اﻳﺮان ۾ ﺻﺪارﺗﻲ ﻋﻬﺪي ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺴﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﺎدﮔﻲ ۽ ﻗﻨﺎﻋﺖ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺳﺮﻛﺎري ﻓﺮض ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﺋﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ﺟﺎ آﻓﻴﺴﺮ ﭘﻴﻨﭧ ﻛﻮٽ ﭘﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ،ﭘﺮ ﭨﺎﺋﻲ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻧﭥﺎ ﻛﻦ .ﭨﺎﺋﻲ ﮐﻲ ﻫﻮ ﺻﻠﻴﺐ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ .ﻋﺎم ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرت ﭘﮡ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ”ﺟﻴﻦ“ ۽ ”ﺷﺮٽ“ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ .ﺧﻮاﺗﻴﻦ ﻣﭥﺎن ﺣﺠﺎب ﭘﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﻣﻮن ﺷﻬﺮ ﻣﻘﺪس اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ واﭘﺴﻲ ﻣﻬﻞ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻲ ﻻﺋﻮﻧﺞ ۾ ﻫﻚ اڌڙوٽ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﭘﻴﺌﻨﺪي ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮاﻧﻲ ﭤﻲ. اﻳﺮان ۾ ﺣﻘﻲ ۽ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﭘﻴﺌﮡ ﺗﻲ ﻛﺎ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﺎﻫﻲ .ﺣﻘﻲ ﮀﻜﮡ ﺟﻮن ﺑﺎﻗﺎﺋﺪه ﻫﻮﭨﻠﻮن ﻫﺮ وڏي ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ.
ﺳﻴﺮ و ﺗﻔﺮﻳﺢ ﻻ ﻫﺮ وڏي ﺷﻬﺮ ۾ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﭘﺎرڪ ۽ رﻳﺴﭩﻮراﻧﭧ آﻫﻦ ،اﻳﺮان ۾ رﻫﻨﺪڙ ﺑﺴﻦ ﺟﺎ ﭨﺮﻣﻴﻨﻞ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﻧﺎﻫﻦ .اﺻﻔﻬﺎن ﮐﺎن ﺗﻬﺮان وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ۾ ﭨﻜﻴﭧ ﺟﻲ ﺑﻜﻨﮓ ﻛﺮاﺋﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺳﻮار ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ .اﺋﻴﻦ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﻲ آ اي ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻮﺋﻨﮓ ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻮار ﭤﻴﺎ آﻫﻴﻮن .ﺑﺲ ۾ ﻣﺎﻧﻲ ۽ ﻣﺸﺮوب ﺟﻮ ﭘﮡ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ ۽ ﻫﺮ ﺑﺲ ۾ ﭨﻲ وي ﻟﮙﻞ آﻫﻲ .ﺟﺘﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎﻧﻲ ﻗﻠﻤﻮن ﻫﻼﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﺌﻨﻴﻤﺎﺋﻮن ﭘﮡ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎﻧﻲ ﻓﻠﻤﻮن ڏﻳﮑﺎرﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن. اﻳﺮان ﺟﻲ وڏي ﺧﻮﺑﻲ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎﻧﭙﻮ اﻧﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ”اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻠﭽﺮ“ ﮐﻲ داﺋﻢ ۽ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮ آﻫﻲ .ﻗﺪﻳﻢ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ ﻗﺪﻳﻢ ﻣﺠﺴﻤﻪ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ .اﻳﺮان ۾ اﻳﻤﺎﻧﺪاري ۽ اﻋﺘﺒﺎر ﮐﻲ وڏي اﻫﻤﻴﺖ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ .ﭨﻴﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻴﭩﺮول ﭘﻤﭗ ﺗﻲ وﭸﻲ ﻛﺎر ۾ ﭘﻴﭩﺮول ﭜﺮاﺋﻴﻨﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﭘﺎڻ ﻫﭣ ﺳﺎن ﻛﺎر ۾ ﭘﻴﭩﺮول ﭜﺮﻳﻨﺪو آﻫﻲ ۽ ﭘﻴﭩﺮول ﺟﺎ ﭘﺌﺴﺎ ﭘﺎڻ ﺋﻲ ﭘﻴﭩﺮول ﭘﻤﭗ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﮐﻲ ادا ﻛﻨﺪو آﻫﻲ.
اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻜﻲ ﮐﻲ ”ﺗﻤﻦ“ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ ،ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ رﭘﺌﻲ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۾ ۱۵ﺗﻤﻦ ﺟﻲ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ ،ﻣﻮن ۳۰ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮي ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﻟﮏ ﮔﮇ ﻧﻪ ڏﭠﺎ آﻫﻦ .اﻳﺮان ۾ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ رﭘﻴﻦ ﺟﻲ ﻋﻴﻮض ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺮﻧﺴﻲ ۾ ﺗﻤﻦ ورﺗﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ڏﻫﻪ ﻫﺰار روﭘﻴﻦ ﺟﻲ ﻋﻴﻮض ڏﻳﮃ ﻟﮏ ﺗﻤﻦ ﻣﻠﻴﺎ ،ﻣﻮن رب ﭘﺎڪ ﺟﻮ ﺷﻜﺮ ادا ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﺎن اڄ ﻟﮏ ﭘﺘﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ ﭼﺌﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻫﻲ ﺳﻤﻮرا ﭘﺌﺴﺎ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﺎ .اﻳﺮان ۾ ﭘﻴﭩﺮول ،ﺳﻲ اﻳﻦ ﺟﻲ ۽ ﺑﺠﻠﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﺳﺴﺘﻲ آﻫﻲ .ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﺟﻲ ﻟﻮڪ ﻛﺎل ﻓﺮي آﻫﻲ .ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ،ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ” “Return Ticketﻻ اﺳﺎن ﺻﺮف اﻳﻜﻮﻳﻬﻪ ﻫﺰار روﭘﻴﻪ ﭜﺮﻳﺎ ،ﭘﺮ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮﺋﭩﺎ ۽ ﺗﺎﻓﺘﺎن ﺟﻲ رﺳﺘﻲ ﺑﺴﻦ ذرﻳﻌﻲ وﭸﺒﻮ ﺗﻪ ﺑﻠﻜﻞ ﮔﻬﭧ ﺧﺮچ اﻳﻨﺪو .زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻗﺎﻓﻠﻦ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ اﻳﺮان وﭸﻦ ﭤﺎ ﭤﻲ اﻫﻲ ﭨﻴﻬﻪ ﻫﺰار رﭘﻴﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻮن ﺳﭛ زﻳﺎرﺗﻮن ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .اﻧﻬﻦ ﭘﺌﺴﻦ ۾ ﭜﺎڙي ،ﻣﺎﻧﻲ ۽ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺳﻮات ،اﻳﻮﺑﻴﻪ ،ﻛﻮﻫﻪ ﻣﺮي ،ﻣﺪاﺋﻴﻦ ،ﻛﺎﻻم وﻏﻴﺮه ﺳﻴﺮ و ﺗﻔﺮﻳﺢ ﻻ وﻳﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﻫﻚ ﻟﮏ روﭘﻴﻪ ﺧﺮچ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .اﻳﺘﺮن ﭘﺌﺴﻦ ۾ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ،ﻟﮕﺰري ﺑﺴﻦ ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن ﺳﭵﻮ اﻳﺮان ۱۵ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ. اﻳﺮان ۾ ﺟﻮراب ،ﺳﻮﺋﻴﭩﺮ ۽ ﻛﻤﺒﻞ ﺑﻠﻜﻞ ﺳﺴﺘﺎ آﻫﻦ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭔﻦ روﭘﻴﻦ ۾ ﺟﻮراب ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﭡﻲ ﺟﻮڙي ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ۱۰۰رﭘﻴﻦ ۾ ﻫﻚ ﺳﭡﻮ ﮔﺮم ﺳﻮﺋﻴﭩﺮ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ،ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻪ ۳۰۰روﭘﻴﻦ ۾ ﻫﻚ ﺳﭡﻮ ﺳﻬﮣﻮ ﻛﻤﺒﻞ ﻣﻠﻲ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻮن ﺳﺮﺣﺪون ﭔﻦ ﺳﻤﻨﮉن ﻳﻌﻨﻲ ﻋﺮﺑﻲ ﺳﻤﻨﮉ ۽ ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﺳﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن .ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ۸وڏا ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ آﻫﻦ .ﺳﭝﻨﻲ ﮐﺎن وڏو ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس آﻫﻲ .ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﻔﺮﻳﺢ ﺟﺎ ﻛﺎﻓﻲ ﺳﻬﮣﺎ ۽ دﻟﭽﺴﭗ ﻣﺎڳ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺻﻔﺎﺋﻲ ،ﺳﻬﮣﻦ ﻣﺎﮘﻦ ،ﺧﻮﺑﺼﻮرت روﺷﻦ رﺳﺘﻦ ،ﮔﻠﻦ ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻞ ﭘﺎرﻛﻦ ،ﻣﻮاﺻﻼﺗﻲ ﻧﻈﺎم ﺟﻲ ﻛﺮي ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺠﺎد ﻛﻴﻮﭨﻮ ۾ اﻳﻜﻮاڊور ﺟﻲ ﺻﺪر ﺟﻲ ﻗﺴﻢ ﮐﮣﮡ واري ﺗﻘﺮﻳﺐ ۾ ﺷﺮﻛﺖ ﺑﻌﺪ ﺻﺤﺎﻓﻴﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪي آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ اﻣﺪاد ﻓﺮاﻫﻢ ﻛﺮڻ ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﺻﺪر ان ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ اﻫﻮ ﭘﮡ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻋﺎﻟﻤﻲ اﻣﻦ ﺟﻮ ﺣﺎﻣﻲ آﻫﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻨﮓ ﻣﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﻫﻚ ﻗﺪﻳﻢ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﻬﺬﻳﺐ رﮐﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ۽ زﺑﺎن ﺳﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺤﺒﺖ ﻛﺮي ﭤﻲ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮐﺎن ﺳﻮا ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن اﻳﻨﺪڙ ﺳﻴﺎﺣﻦ ۽ زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﭔﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﻻ ﺗﻴﺎر ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻧﻈﺎم ۾ ﭘﻬﺮﺋﻴﻦ درﺟﻲ ﮐﺎن وﭠﻲ ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭛ ﻣﻀﻤﻮن ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ،اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ۽ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ۾ ﺑﻪ ”ﻣﻴﮉﻳﻢ آف اﻧﺴﭩﺮﻛﺸﻦ“ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺋﻲ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ،رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ،ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺴﻦ ۽ اﻫﻢ ﺷﺎﻫﺮاﻫﻦ ۽ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﺳﭛ ﺳﺎﺋﻦ ﺑﻮرڊ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻧﺌﻮ ﺳﺎل ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻮ ”ﻧﻮ روز“ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﻫﺮ ﺳﺎل ۲۱ﻣﺎرچ ﺗﻲ وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ۲۰۰۴ .ع ۾ اﻗﻮام ﻣﺘﺤﺪه ﺟﻲ اداري ” UNESCOﻧﻮر روز“ ﮐﻲ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﻗﻮﻣﻲ ورﺛﻲ ﺟﻮ ﻋﻈﻴﻢ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻗﺮار ڏﻧﻮ آﻫﻲ.
۱۹۷۹ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎﻧﭙﻮ اﭨﻜﻞ ۳ﻛﺮوڙ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺗﺮ آﻣﺮﻳﻜﺎ ،ﻳﻮرپ ،ڏﮐﮡ آﻓﺮﻳﻜﺎ ۽ آﺳﭩﺮﻳﻠﻴﺎ ڏاﻧﻬﻦ ﻫﻠﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ. اﻳﺮان ۾ ﺧﺎﻧﺪاﻧﻲ ﻣﻨﺼﻮﺑﻪ ﺑﻨﺪي ﻧﺎﻫﻲ ،آﻛﭩﻮﺑﺮ ۲۰۰۶ع ﺟﻲ ﭼﻮﻧﮉ ﮐﭩﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﻣﻮﺟﻮده ﺧﺎﻧﺪاﻧﻲ ﻣﻨﺼﻮﺑﻪ ﺑﻨﺪي ﺟﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻲ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﻛﺌﻲ .ﺻﺪر اﺣﻤﺪ ﻧﺠﺎد ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ۵ﻛﺮوڙ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﺮاق، اﻳﺮان ﺟﻨﮓ ۾ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﻞ آﺑﺎدي ﺟﻮ ازاﻟﻮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ.
اﻳﺮان ۾ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﻋﺮاق ﻣﺎن آﻳﻞ ﻟﮑﻴﻦ ﭘﻨﺎﻫﮕﻴﺮ ﭘﮡ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮاﻫﺶ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﭘﻨﺎﻫﮕﻴﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﻣﻮﭨﻲ وﭸﻦ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ۹۸ﺳﻴﻜﮍو آﺑﺎدي ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ۹۰ﺳﻴﻜﮍو ﺷﻴﻌﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎن ۸ ﺳﻴﻜﮍو ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻦ ﭤﺎ ۽ ﺑﺎﻗﻲ ۲ﺳﻴﻜﮍو ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ ﺑﻬﺎﺋﻲ ،ﻣﻨﺪﻳﻦ ،ﻫﻨﺪو ﻳﻬﻮدي ۽ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ وﻏﻴﺮه ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺠﻠﺲ ۾ زرﺗﺸﺖ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻠﮙﻦ ،ﻳﻬﻮدﻳﻦ ۽ ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﻻ ﻣﺨﺼﻮص ﺳﻴﭩﻮن آﻫﻦ .ﺑﻬﺎﺋﻲ ﻋﻘﻴﺪي ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اﻛﺜﺮﻳﺖ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﻻ ﻧﻪ ﺳﻴﭩﻮن ﻣﺨﺼﻮص اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺣﻖ آﻫﻲ. آﻫﻦ ﻧﻪ ﺋﻲ ٰ اﻳﺮان ﺟﻮن ۵۰ﺳﻴﻜﮍو ﺻﻨﻌﺘﻮن ﺗﻬﺮان ۾ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ ﻛﺎرون ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮن ﻓﻴﻜﭩﺮﻳﻮن ،اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻜﺲ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن، ﻫﭥﻴﺎرن ،ﭨﻴﻜﺴﭩﺎﺋﻞ ﺷﮕﺮ ،ﺳﻴﻤﻴﻨﭧ ۽ ﭔﻴﻦ ﭘﺮاڊﻛﺸﻦ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ .ﺗﻬﺮان ۾ اﻧﮉر ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ رﻳﻠﻮي ﺟﻮ ﻧﻈﺎم آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ﮐﺎن ﺑﺮآﻣﺪ ﻛﻴﻞ ﭨﺮﻳﻨﻮن ﻫﻼﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﻘﺪس ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻪ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻣﺒﺎرڪ آﻫﻲ .ﻫﻚ اﻧﺪازي ﻣﻄﺎﺑﻖ روزاﻧﻮ ﻫﻚ ﻟﮏ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺗﻲ زﻳﺎرت ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻪ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﺎ ۱۶اﻳﻮان آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ ﻛﻠﭽﺮل ﺳﻴﻨﭩﺮ ﭘﮡ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻲ، ﺟﺘﻲ ﭔﺎﻫﺮان آﻳﻞ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ،اردو ،اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ روﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ ﻣﻔﺖ ﻓﺮاﻫﻢ ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ .اﻳﻮاﻧﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ۱۰۰ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭼﻮرس ﻣﻴﻞ ﮐﺎن وڌﻳﻚ آﻫﻲ .ﭔﻴﻦ وڏن ﺷﻬﺮن ﻣﺎن اﺻﻔﻬﺎن ﺑﻪ ﻫﻚ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ اﻧﺘﻬﺎﺋﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ ﻋﺎم ﭼﻮﮢﻲ ۾ ”ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن“ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ .ﺑﻴﮕﻢ ﻧﺼﺮت ﭜﭩﻮ ﺟﻮ ﻫﻲ آﺑﺎﺋﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ان ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺷﻴﺮاز اﻫﻢ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮن ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ۽ ﺳﻌﺪي ﺟﻮن آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻮن آﻫﻦ” .ﻗﻢ“ ﺷﻬﺮ ﺑﻪ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن اﻫﻢ آﻫﻲ” .ﻗﻢ“ ۾ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺪرﺳﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻨﺪڙ ﻃﺎﻟﺐ ﻋﺎﻟﻢ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ۾ اﭨﻜﻞ ڏﻫﻪ ﻫﺰار ﺳﻨﮅي ﭘﮡ آﺑﺎد آﻫﻦ. اﻳﺮان ﻫﻚ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ آرٽ ﻣﻴﻮزڪ ،ﻓﻦ ﺗﻌﻤﻴﺮ ،ﺷﺎﻋﺮي ،ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ رواﻳﺘﻮن ۽ آﺋﻴﮉﻳﺎﻻﺟﻲ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ وﻃﻦ دوﺳﺘﻲ ﺟﻮ ﻋﻨﺼﺮ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ ،ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ: ﻫﻤﻪ
ﻧﻴﺴﺖ
ﻋﺎﻟﻢ
ﮔﻮﺑﻨﺪه
ﺗﻦ
و
اﺳﺖ
زرﻳﻦ
)اﻳﺮان ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ دل آﻫﻲ ،ان ﺧﻴﺎل ﺗﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﻮ اﻓﺴﻮس ﻧﺎﻫﻲ( ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻪ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻜﺎر ﻓﺮدوﺳﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ: ﮐﻪ
ﻫﻤﻲ
اﻳﺮان
ﺑﻮي
ﺑﻬﺸﺖ
ﻣﺸﮏ
اﺳﺖ آﻳﺪ
اﻳﺮان
ﻗﻴﺎس
ﻳﺎ
از
)اﻳﺮان ﻋﺪن آﻫﻲ ﻳﺎ ﺑﺎﻏﻦ ﺟﻮ ﺑﻬﺸﺖ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ دوﺳﺘﻦ ۽ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ( ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻌﺪي ﻣﻄﺎﺑﻖ:
ﺑﻨﻲ
آدم
ﭼﻮ
ﻋﻀﻮي
ﮐﻪ
درا
اﻋﻀﺎ
اﻓﺰﻳﻨﺶ
ﺑﺪرد
زﻳﮏ آ
ﻳﮏ
ﮔﻮﻫﺮ
ورد
دل
ﺧﺠﻞ
ﺑﻮﺳﺘﺎن دوﺳﺘﺎن
ﭘﻴﮑﺮﻧﺪ ﻧﺪ
روزﮔﺎر
دﮔﺮ
ﻋﻀﻮ
ﻫﺎرا
ﻧﻤﺎﻧﺪ
ﻗﺮار
)اﻧﺴﺎﻧﻲ ﻧﺴﻞ ﻫﻚ اﻫﻢ ﺧﻮﺷﺒﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ﺗﺨﻠﻴﻖ آﻫﻲ .ﻫﻚ ﻋﻀﻮ ﺋﻲ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ دﻧﻴﺎ ﮐﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮاﺋﮡ ﻻ(
اﻳﺮان ﺻﻔﺎﺋﻲ ﺳﭥﺮاﺋﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ﺟﻮ اﻫﻢ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ،ﻣﻐﺮب ﺟﻲ اذان ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺻﻔﺎﺋﻲ ﻛﻨﺪڙ ﻋﻤﻠﻮ ﺳﭵﻲ رات ﺷﻬﺮن ﺟﻲ روڊن رﺳﺘﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻲ ﺻﻔﺎﺋﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ ۽ رﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺳﺎن ڌوﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭘﺮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻮ دﭔﻮ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﻳﻨﺪو ،روڊ ﺳﺘﺎ ﭼﻤﻜﻨﺪا ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .ان ﻛﺮي ﮔﻨﺪﮔﻲ ﺟﻲ اﻫﻢ ﻧﺸﺎﻧﻲ ”ﻣﮏ“ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ ﻧﻪ اﻳﻨﺪي.
ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭼﻮﻛﻦ ﺗﻲ ﻣﺮدن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ڌار اڌر ﺳﺮﻛﺎري ”واش روم“ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻓﻮر اﺳﭩﺎر ﻫﻮﭨﻞ ﺟﺎ ﺑﺎٿ روم ﻳﺎد اﭼﻲ وﻳﻨﺪا .ﭔﻲ اﻫﻢ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﭘﻴﻨﻮ ﻓﻘﻴﺮ ۽ ﻛﺘﻮ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﻳﻨﺪو. ﻣﺸﻬﺪ ﻣﻘﺪس ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻠﭽﺮل ﺳﻴﻨﭩﺮ ۾ ﻫﻚ ”ﺧﺎدم“ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﺘﺎ ﮀﻮ ﻧﻪ آﻫﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﭔﻴﺎ ﺟﺎﻧﻮر ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺬاق ۾ وراﮢﻴﻮ ﺗﻪ ”ﺳﭛ ﻛﺘﺎ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﻫﻠﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ“
اﻳﺮاﻧﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﮐﺎن ﺳﺨﺖ ﻧﻔﺮت ﻛﻦ ﭤﺎ .اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ ﺧﻄﺒﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ واﻋﻆ ۾ ﺳﺨﺖ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﻨﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ دوﺳﺖ ﻧﭥﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﺟﺘﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﺎ ﺣﺎﻣﻲ ﺣﻜﻤﺮان آﻫﻦ ،ﻳﺎ وري ﺟﺘﻲ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﻣﻔﺎدن ﺗﺤﺖ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻮن ﺟﻮڙﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .اﻳﺮان ۾ ﻣﻴﭩﺮڪ ﭘﺎس ﻛﺮڻ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﮀﻮﻛﺮي ۽ ﮀﻮﻛﺮي ﻻ ﭔﻪ ﺳﺎل ﻓﻮﺟﻲ ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ﻻزﻣﻲ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﮐﻴﻦ ﻫﺮ ﻫﭥﻴﺎر ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ ڏﻧﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﺮڏﻳﻬﻲ ﺟﺎرﺣﻴﺖ ﺟﻲ ﺿﺮورت ۾ دﻓﺎع ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ.
آش ﻧﺨﻮرده ودﻫﻦ ﺳﻮﺧﺘﻪ )ﺳﻮپ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﻴﺘﻮ ،وات ﺑﻪ ﺳﮍﻳﻮ(
اﺳﺎن ﺟﻲ اﺳﻜﻮﻟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻋﺮﺑﻲ ﻳﺎ ﻓﺎرﺳﻲ آﭘﺸﻨﻞ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ،آﺋﻮن ﻧﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﭘﮍﻫﻴﺲ ﻧﻪ ﻋﺮﺑﻲ ،ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ اﻫﻮ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﭡﻲ ۽ وﺳﻴﻊ زﺑﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺑﻲ ﭘﻨﺎﻫﻪ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ آﻫﻲ .اﻫﻲ ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ اﭼﻲ ﭤﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ اﻫﻲ ادﻳﺐ ﻳﺎ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻦ ﺟﺎ اﺳﻴﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ،اڙدو ﻳﺎ ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭘﮍﻫﻮن ﭤﺎ ،ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ وارا ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﺻﻞ زﺑﺎن ۾ ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻮ ﻟﻄﻒ وﭠﻦ ﭤﺎ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎن ﺳﮑﻲ ورﺗﻢ .اڄ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ،ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺋﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ۾ ﺑﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﺟﺎب ﻣﻠﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﮑﻲ وﭸﺎن ﻫﺎ .ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﮐﺎن ﻋﻼوه ڏﮐﮡ ﭤﺎﺋﻠﻴﻨﮉ ،ڏﮐﮡ ﻓﻠﭙﻴﻦ ،اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ ۽ ﺑﺮوﻧﺎﺋﻲ ۾ ﺑﻪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﮡ ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻣﻮن ﺟﻬﮍن ﮐﻲ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ۾ ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﮀﺎ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﻛﺘﺎب ۽ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ آﻫﻲ! ﻧﻪ رﮘﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ادﻳﺒﻦ ﺟﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ﻛﺘﺎب ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﮐﺎن ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۽ ادب ﺟﺎ ﻛﺘﺎب ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ .دراﺻﻞ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﻣﻠﺌﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،اوﻟﻬﻪ ﻋﺮاق، ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺗﺮﻛﻤﺎﻧﺴﺘﺎن وﻏﻴﺮه ،ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ آﻫﻦ ۽ ﻧﻪ اوڏاﻧﻬﻦ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ،ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙن ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺎڻ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺪرﺳﺎ، ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ،ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﮔﻬﻤﻨﺪي ،ﻛﻨﻬﻦ ﻋﺎﻟﻢ ،ﻛﻨﻬﻦ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻳﺎ ﻫﻚ ﻳﺎ ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺎن ﻛﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﺷﻌﺮ، ﻣﻌﻨﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮﻳﺎن ﭤﻮ ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺷﻴﻮن اﺻﻄﻼح ﻳﺎ ﻛﻮ ﭘﻬﺎﻛﻮ ﻳﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﭔﮅان ﭤﻮ ﺗﻪ ﻏﻮر ﺳﺎن ان ﺟﻲ ٰ ﺗﻪ ﻧﻮٽ ﻛﻨﺪو وﭸﺎن ﭤﻮ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﻬﺎﻛﺎ ۽ ﭼﻮﮢﻴﻮن ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ آﻫﻲ .ﺟﭙﺎن ،ﭼﻴﻦ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ وﭸﮡ ۽ رﻫﮡ ﭤﻴﻮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺎﻛﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻛﺘﺎب Proverbs of Far Eastﻧﺎﻟﻲ اڄ ﮐﺎن وﻳﻬﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ رﻫﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﮀﭙﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﭘﻴﺶ ﻟﻔﻆ ﻣﻠﺌﻲ ادﻳﺐ ﻛﺮس ﻣﺎس ۽ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮ ﭜﭩﻮ ﺻﺎﺣﺒﻪ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ .ﭘﻬﺎﻛﻦ ۽ ﭼﻮﮢﻴﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻛﺘﺎب ”رﭠﻲ آﻫﻲ ﮔﻬﻮٽ ﺳﺎن“ ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﮀﭙﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﭘﻴﺶ ﻟﻔﻆ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ڊﻳﻦ ڊاﻛﭩﺮ ﻗﺎﺳﻢ ﭔﮕﻬﻴﻮ ﺻﺎﺣﺐ ﻟﮑﻴﺎ.
اﻳﺮان ۾ اﭼﮡ ﺳﺎن ،ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﺟﺘﻲ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﭘﻬﺎﻛﺎ ﭘﮁﻲ ﻧﻮٽ ﻛﻨﺪو ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال ۽ ﭔﺎرن ﻟﮑﺮاﻳﺎ آﻫﻦ. وﭸﺎن ﺟﻦ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ اﺳﻼم ٰ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻻ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻫﺘﻲ ڏﻳﺎن ﭤﻮ. •
آب در ﻛﻮزه و ﻣﺎﺗﺸﻨﻪ ﻟﺒﺎن ﻣﻴﮕﺮدﻳﻢ
ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺴﺌﻠﻲ ﺟﻮ ﺣﻞ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ اﺳﺎن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﺟﮗ ۾ ﭘﺎﮢﻲ ﻫﻮﻧﺪي اڃ ﮐﺎن اﺳﺎن ﺟﺎ ﭼﭗ ﺧﺸﻚ آﻫﻦٰ ) ، ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﭜﭩﻜﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮن( ﭘﺎڻ وٽ ﺑﻪ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ”ﻛﻜﻮ ﻛﭿ ۾ ڍﻧﮃورو ﺷﻬﺮ ۾“ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ اﻫﮍن ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ: ”ﭘﺎﮢﻲ ﻣﭥﻲ ﺟﻬﻮﭘﮍا ،ﻣﻮرک اڃ ﻣﺮن“ •
آﺗﺶ ﻛﻪ ﮔﺮﻓﺖ ،ﺧﺸﻚ و ﺗﺮ ﻣﻴﺴﻮزد
ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﺑﺎﻫﻪ ﻟﮙﮡ ﺑﻌﺪ اﻫﺎ ﺳﻜﺎ ۽ آﻻ ﺳﺎڙﻳﻮ ﮀﮇي.
ﭘﺎڻ وٽ ﺑﻪ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﺎﻫﻪ ﻟﮙﮡ ﺑﻌﺪ ﺳﻜﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻻ ﺑﻪ ﺳﮍﻳﻮ وﭸﻦ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﺣﺎﻟﺘﻮن ﻫﭥﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺮﻳﻮ وﭸﻦ ﺗﻪ ﭘﻮ ڏوﻫﺎري ۽ ﻣﻌﺼﻮم ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﻮ وﭸﻦ .ان ﻛﺮي اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﺎﻫﻪ ﺑﺎﺑﺖ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ
•
آدم ﺗﻨﺒﻞ ،ﻋﻘﻞ ﭼﻬﻞ وزﻳﺮ داره
•
آﺳﻮده ﻛﺴﻲ ﻛﻪ ﺧﺮ ﻧﺪاره
Fire is a good servant but a bad master
ﻛﺎﻫﻞ ۽ ﺑﻴﻮﻗﻮف ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ وزﻳﺮن ﺟﻲ ﻋﻘﻞ ﺑﺮاﺑﺮ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭤﻮ .ﻫﻮ ﮀﺎ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ﺳﮑﮣﻲ ﻛﻨﻲ ﮔﻬﮣﻮ اﭜﺎﻣﻲ Great talkers are little doers از ﻛﺎﻫﻪ وﺟﻮش ﺧﺒﺮ ﻧﺪاره
ﺳﻜﻮن ۾ اﻫﻲ آﻫﻦ ﺟﻦ وٽ ﮔﮇﻫﻪ ﻛﻮﻧﻬﻲ -ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﺎﻫﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻓﻜﺮ ﻧﭥﻮ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي .ﻳﻌﻨﻲ اﻫﻲ آﺳﻮدا آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺟﻮاﺑﺪارﻳﻮن ﻧﻪ آﻫﻦ .ڍﮘﻮ ﻧﻪ ڍور ،ﮀﺎ ﻛﻨﺪو ﭼﻮر. •
ارزان ﺧﺮي ،اﻧﺒﺎن ﺧﺮي
•
از ﺳﻬﻪ ﭼﻴﺰ ﺑﺎﻳﺪ ﺣﺬر ﻛﺮد ،دﻳﻮار ﺷﻜﺴﺘﻪ ،ﺳﮓ درﻧﺪه ،زن ﺳﻠﻴﻄﻪ.
•
ازﮔﻴﺮ دزد درآﻣﺪه ،ﮔﻴﺮ رﻣﺎل اﻓﺘﺎد
•
آب ﻛﻪ ﻳﻪ ﺟﺎ ﺑﻤﻮﻧﻪ ،ﻣﻴﮕﻨﺪه
•
آﺑﻜﺶ وﻧﮕﺎﻫﻪ ﻛﻦ ﻛﻬﻪ ﺑﻬﻪ ﻛﻔﮕﻴﺮ ﻣﻴﮕﻬﻪ ﺗﻮﺳﻬﻪ ﺳﻮراخ داري
ﺳﺴﺘﻲ ﺧﺮﻳﺪاري ،ڍﻳﺮ ﺧﺮﻳﺪاري
ﭨﻦ ﺷﻴﻦ ﮐﺎن اﺻﻞ ﭜﭳ ﭘﺮي .ﭜﮙﻞ ﭜﺖ ،ڏاڙﻫﻴﻨﺪڙ ﻛﺘﻮ ۽ ﮀﺘﺮي زال .ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﭘﻬﺎﻛﺎ ﺑﻪ ﺟﭙﺎﻧﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﻣﺮد ﺣﻀﺮات ﭠﺎﻫﻴﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ۾ ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮب ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺮد ۽ ﮔﻬﻮڙو ﭘﻮڙﻫﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو آﻫﻲ ،ﻳﺎ ڏاڙﻫﻲ وارو وات ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻛﻮڙ ﻧﭥﻮ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺮد ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﭽﺎر ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ،ﻋﻮرﺗﻮن ﻛﻮڙﻳﻮن .ﺑﻨﺎ ﻣﺮد ﺟﻲ ﻋﻮرت ،ﭔﺞ ﺑﻨﺎ ڌرﺗﻲ آﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﻋﻮرت اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ ،ﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﺎن ﻣﺮد ﺳﺎن آﻫﻲ .ﻣﭥﻴﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﭼﻮﮢﻲ واﻧﮕﺮ ﺟﭙﺎﻧﻲ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻬﮣﻲ ﻋﻮرت ۽ ﮘﺎڙﻫﻲ ﻣﺮچ ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻮﺷﻴﺎر رﻫﺠﻲ ۽ ﻫﻲ ﭘﮡ ﺟﭙﺎﻧﻲ ﭼﻮﮢﻴﻮن آﻫﻦ ﺗﻪ ”ﺟﻬﻨﻢ ۽ ﻇﺎﻟﻢ زاﻟﻮن ﻫﻚ ﺋﻲ ﭨﻮﻟﻲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻦ ﭤﻴﻮن “.ﺟﻴﻜﻲ ﺟﭙﺎﻧﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮي ۽ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻦ، اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﭙﺎﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻪ ﭘﺮ ﻣﺮد آﻫﻦ ﺟﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻼف ﻛﻮ ﭘﻬﺎﻛﻮ ﻧﻪ ﭠﺎﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺟﭙﺎن ۾ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرت ﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭜﺮوﺳﻮ ﻧﻪ ﻛﺠﻲ ،ﭜﻠﻲ ﮐﮣﻲ ﻫﻦ ﺳﺖ ﭘﭧ ﭴﮣﻲ ڏﻧﺎ ﻫﺠﻦ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﺑﺪﻛﺮدار زال ﺳﭟ ﺧﺮاب ﻓﺼﻠﻦ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ ،۽ ﺑﺪﻛﺮدار ﻳﺎ ﺧﺮاب ﻣﮍس؟ ان ﺟﻮ ذﻛﺮ ﺟﭙﺎﻧﻲ ﭘﻬﺎﻛﻦ ﺗﻮڙي ادب ۽ ﺷﻌﺮو ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﮘﻮﻟﻴﻮ ﻧﭥﻮ ﻣﻠﻲ. ﭼﻮر ﮐﺎن ﺗﻪ ﺑﭽﻲ وﻳﻮ ﭘﺮ ﻧﺠﻮﻣﻲ ﺟﻲ ﻛﻮڙﻛﻲ ۾ ﭰﺎﺳﻲ ﭘﻴﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎڻ وٽ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ آﺳﻤﺎن ﺗﺎن ﻛﺮﻳﻮ ﮐﺠﻮر ۾ اﭨﻜﻴﻮ ﻳﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ آﻫﻲ ﺗﻪ Out of the frying pan into the fire
ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﺑﻴﭡﻞ ﭘﺎﮢﻲ ،ڌپ ﻛﺮي ﭤﻮ) ،ﺑﻴﭡﻞ ﭘﺎﮢﻲ ﭔﺎڙو ﭤﺌﻲ ﭤﻮ( ان ﻛﺮي ﺗﻪ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ﺣﺮﻛﺖ ۾ ﺑﺮﻛﺖ آﻫﻲ. ﭘﺮڻ ﭤﻮ ﭨﻮﺋﻲ ﮐﻲ ﭼﻮي؛ ﻫﻞ ڙي ﭨﻪ -ﭨﻨﮕﺎ .ان ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺒﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ اﻧﻴﻚ ﻋﻴﺐ ڏﺳﮡ ﺑﻨﺎ ﭔﺌﻲ ﺗﻲ ﭼﭥﺮون ﻛﺮي .اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ The pot calling the kettle black ﻳﺎ اﺳﺎن وٽ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﻋﺎم آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻴﻨﻬﻦ ﭤﻲ ڍﮘﻲ ﮐﻲ ﭼﻮي؛ ﻫﻞ ڙي ﭘﭿ ﻛﺎري! •
آﺑﻲ از او ﮔﺮم ﻧﻤﻴﺸﻪ
ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻛﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﮔﺮم ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻢ ﺟﻮ ﻧﺎﻫﻲ .اﻧﮅي ﺟﻬﮍي ﭘﻴﻜﻲ ﺗﻬﮍي ٰ ﺳﺎﻫﺮﻳﻦ.
•
آدم دﺳﺖ ﭘﺎﭼﻬﻪ ،ﻛﺎر را دوﺑﺎر ﻣﻲ ﻛﻨﻬﻪ
•
آش ﻧﺨﻮرده و دﻫﻦ ﺳﻮﺧﺘﻪ
•
اﻛﺒﺮ ﻧﺪﻫﺪ ،ﺧﺪاي اﻛﺒﺮ ﺑﺪﻫﺪ
•
اﮔﻬﻪ دﻋﺎي ﺑﭽﻪ ﻫﺎ اﺛﺮ داﺷﺖ ،ﻳﻚ ﻣﻌﻠﻢ زﻧﺪه ﻧﻤﻲ ﻣﻮﻧﺪ
•
اول ﭼﺎﻫﻪ را ﺑﻜﻦ ،ﺑﻌﺪ ﻣﻨﺎر را ﺑﺪزد
•
اﻳﻨﻮ ﻛﻬﻪ زاﺋﻴﺪي ﺑﺰرگ ﻛﻦ
•
ﺑﻬﻪ ﺷﺘﺮ ﻣﺮغ ﮔﻔﺘﻨﺪ :ﺑﺎر ﺑﺒﺮ ،ﮔﻔﺖ :ﻣﺮﻏﻢ ،ﮔﻔﺘﻨﺪ؛ ﺑﭙﺮ ،ﮔﻔﺖ ﺷﺘﺮم.
•
ﺑﻬﻪ ﮔﺮﺑﻬﻪ ﮔﻔﺘﻨﺪ؛ ﮔﻬﺖ در ﻣﻮﻧﻬﻪ ،ﺧﺎڪ ﭘﺎﺷﻴﺪ روش.
•
ﺑﺎ ﮔﺮگ دﻧﺒﮫ ﻣﻴﺨﻮرد ،ﺑﺎ ﭼﻮﭘﺎن ﮔﺮﻳﻪ ﻣﻴﻜﻨﺪ.
•
ﺑﺎ ﻳﻜﺪﺳﺖ دﻫﻨﺪ و واﻧﻪ ﻧﻤﻴﺸﻮد ﺑﺮداﺷﺖ.
•
ﺑﺪﻋﺎي ﮔﺮﺑﻪ ﻛﻮره ﺑﺎرون ﻧﻤﻴﺎد
•
ﺑﻬﻪ روﺑﺎﻫﻬﻪ ﮔﻔﺘﻨﺪ :ﺷﺎﻫﺪت ﻛﻴﻬﻪ؟ ﮔﻔﺖ :دﻣﺒﻢ
ﺗﻜﮍو ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ ﻛﻢ ﻛﺮي .ﺳﻨﮅي ۾ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ :ﺗﻜﮍو ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ ﻫﻨﮕﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺑﻪ اﻫﮍي ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ”آدم دﺳﺖ ﭘﺎﭼﻬﻪ ،دوﺑﺎر ﻣﻲ ﺷﺎﺷﻪ -ﺗﻜﮍو ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ ُﻣﭩﻲ ﺳﻮپ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﻴﺘﻮ ،وات ﺑﻪ ﺳﮍﻳﻮ .ﻫﻲ ﭘﻬﺎﻛﻮ اﻫﮍﻳﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ۾ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﻣﺼﻴﺒﺖ ۾ ﭰﺎﺳﻴﻮ وﭸﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻪ ﮐﺎﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﻴﺎ ،ﮔﻼس ﺗﻮڙا ﺑﺎره آﻧﺎ.
اﻛﺒﺮ ﮐﮣﻲ ﻧﻪ ڏﺋﻲ ﭘﺮ اﻛﺒﺮ ﺟﻮ ﺧﺪا ﺗﻪ ﺿﺮور ڏﻳﻨﺪو.
ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﭔﺎرن ﺟﻮن دﻋﺎﺋﻮن اﺛﺮ رﮐﻦ ﺗﻪ ﻫﻚ ﺑﻪ ﭨﻴﭽﺮ ﺟﻴﺌﺮو ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ،ﻫﻲ ﭼﻮﮢﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎڻ وٽ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ﮘﺠﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﭩﻦ ﺳﺎن ڍور ﻧﻪ ﻣﺮﻧﺪا آﻫﻦ. ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﻣﻴﻨﺎر ﭼﻮراﺋﮡ ﮐﺎن اڳ ﮐﻮﻫﻪ ﮐﻮﭨﮡ ﮐﭙﻲ )ﻳﻌﻨﻲ ﺟﺘﻲ اﻫﻮ ﻟﻜﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ(
ﺟﻴﻜﻲ ﭴﮣﻴﻦ ﺳﻲ ﺋﻲ ﻧﭙﺎﺋﻴﻦ .اﻛﺜﺮ ڏﻧﮕﻲ ﭔﺎر ﻻ ﭼﻴﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ.
ﺟﮇﻫﻦ اٺ ﭘﮑﻲ ﮐﻲ ﺑﺎر ﮐﮣﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﭼﻮڻ ﻟﮙﻮ” :آﺋﻮن ﺗﻪ ﭘﮑﻲ آﻫﻴﺎن“ وري ﺟﮇﻫﻦ ﮐﻴﺲ اڏاﻣﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﭼﻮڻ ﻟﮙﻮ” :آﺋﻮن ﺗﻪ اٺ آﻫﻴﺎن!“ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻠﻲ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﭨﻮرو ﻃﺮﻳﺎق آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﭥﺎﻧﺌﺲ ﻣﭩﻲ وﺟﻬﻲ ڍﻛﻲ ﮀﮇﻳﻮ )ﺟﻴﺌﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎﺋﺪو • ﻧﻪ رﺳﻲ( .اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ،ﺗﻪ ﮔﺪڙ ﮐﻲ ﺟﻲ ﭼﻮﻧﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﭨﻮرو ﻣﺮﻳﻀﻦ ﻻ ﺷﻔﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ ﺗﻲ وﭸﻲ ﻫﻨﮕﻨﺪو )ﺟﻴﺌﻦ ان ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻮ ﭘﻬﭽﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ( .ﻳﺎ ﮔﺪڙ ﺟﻲ ﮔﻮﻧﮭﻦ ۾ ﻛﻢ ﭘﻮي ﺗﻪ وﭸﻲ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ ﺗﻲ ﮬﻨﮕﻲ اﭼﻲ. ﺑﮕﻬﮍ ﺳﺎن ﮔﮇ وﻳﻬﻲ دﻧﺒﻮ ﺑﻪ ﮐﺎﺋﮡ ۽ رﻳﮃار ﺳﺎن ﮔﮇ وﻳﮭﻲ رڙﻳﻮن ﺑﻪ ﻛﺮڻ .ﻳﻌﻨﻲ ﭼﻮر ﺳﺎن ﭼﻮر ،ﺳﺎڌ ﺳﺎن • ﺳﺎڌ .ﻳﺎ؛ ﭼﻮر ﮐﻲ ﭼﻮي؛ ﭼﻮري ﻛﺮ! ﭜﺎﮘﻴﻲ ﮐﻲ اﻃﻼع ﺗﻪ؛ ﻣﺎل ﺳﻮﮔﮭﻮ ﻛﺮ! ﻫﻚ ﻫﭣ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﭔﻪ ﮀﺎﻧﻬﻴﻮن )ﻫﻨﺪاﮢﺎ( ﮐﮣﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮ .اﺳﺎن وٽ ﺳﺎﮘﻲ ﭼﻮﮢﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ ﮀﺎﻧﻬﻴﻦ ﺑﺪران ﮔﺪرا • آﻫﻦ .ﻳﻌﻨﻲ؛ ﭔﻪ ﮔﺪرا ﻣﭟ ۾ ﻧﻪ اﭼﻦ. اﻧﮅي ﭔﻠﻲ ﺟﻲ دﻋﺎﺋﻦ ﺳﺎن ﻣﻴﻨﻬﻦ ﻧﻪ وﺳﻴﻮ آﻫﻲ.
ﻟﻮﻣﮍ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ وﻳﻮ؛ ”ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﺷﺎﻫﺪ ﻛﻴﺮ؟“ وراﮢﻴﺎﺋﻴﻦ” :ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﭿ!“ •
ﺑﺎ اﻳﻦ رﻳﺶ ﻣﻴﺨﻮاﻫﻲ ﺑﺮي ﺗﺠﺮﻳﺶ؟
•
ﻳﺎ آل ﻋﻠﻲ ﻫﺮ ﻛﻪ در اﻓﺘﺎد ،ور اﻓﺘﺎد
ﮀﺎ ﺗﻮن ﻫﻦ ڏاڙﻫﻲ ﺳﺎن ﺗﺠﺮﻳﺶ وﭸﮡ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﻮ؟ ﻳﻌﻨﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ﺣﺎل ﺻﺤﻴﺢ ﻧﻪ آﻫﻦ) .ﺗﺠﺮﻳﺶ ﺗﻬﺮان ﭜﺮﺳﺎن آﻫﻲ( ﻋﻠﻲ ﺳﺎن ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮڻ وارو ﺑﺮﺑﺎد ﺋﻲ ﭤﻴﻨﺪو
ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﻛﻬﮍي ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۱۴ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ اوﭜﺮ ۾ ﺑﻨﺎﻟﻮد ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ ۾ ﺧﻮاﺟﻪ ﻣﺮاد ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ آﺋﻮن ﺷﺮوع ﺟﻲ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻴﺎن .ﺧﻮاﺟﻪ ﻣﺮاد ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻣﺎن ﻣﻮﭨﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﻫﻚ ﺑﺲ ﻣﺎن ﺷﻴﻌﻪ ﻣﻜﺘﺐ ﻓﻜﺮ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ڊﻳﻠﻴﮕﻴﺸﻦ ﻟﭥﻮ .ﻫﻮ وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ ﭤﻴﻨﺪا ،ﺟﻴﻜﻲ ڊﮔﻬﻦ ﭼﻮﻏﻦ ۽ ﭘﭩﻜﻦ ﺳﺎن ﻫﺌﺎ .ﺳﻨﺪن ﻣﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻧﻘﺶ وﻳﻨﺪي ڏاڙﻫﻲ ﺟﻮ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ اﻧﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻠﻜﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻴﺘﺮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ،ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ڏﺳﻨﺪو آﻳﻮ ﻫﻮس .ﺳﻨﺪن ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭔﮅل ﭘﭩﻜﻲ ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﺑﻪ ﭔﻴﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﺎن ﺟﺪا ﻫﻮ. ﺳﭛ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﻳﺎ ان ﮐﺎن وڏي ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﭤﻴﻨﺪا .ﻣﻮن ﮐﻲ ڏاڍي ﺗﺸﻮﻳﺶ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻴﺮ ۽ ﻛﭥﺎن ﺟﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ،ﺷﺎﻳﺪ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﻳﺎ ﺑﺨﺎرا ﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ ﻫﺠﻦ .ﻣﻮن اﻫﻲ ﺷﻬﺮ ڏﭠﺎ ﻧﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ ﺗﺼﻮﻳﺮن ۾ اﺗﻲ ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻦ ﮐﻲ ﺿﺮور ڏﭠﻮ آﻫﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﺳﭛ ﺳﺎﭤﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺑﺲ ۾ وﭸﻲ وﻳﭡﺎ ۽ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﮇڻ ﻟﮙﺎ ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دل ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﺌﻲ ﺑﻨﺎ ۽ اﻫﺎ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻨﺎ ﻧﻪ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﭥﺎن ﮐﺎن آﻳﺎ آﻫﻦ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﭔﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉن ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ۽ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﻣﺎن ﻫﻚ ﮐﻲ ﺟﻬﻠﻲ ﺑﻴﭡﻮ ﻫﻮس ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﻮن ﭘﺎران ﻫﻨﻦ ﻧﻮن آﻳﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ .ﻣﻮن وڌي ﻫﻨﻦ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺳﺎن ﻫﭣ وڌاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ وڏي ﺣﺐ ﺳﺎن ﻣﻮن ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻟﮙﺎ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻤﭣ اﻓﺰاﺋﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﻮن ﻳﻜﺪم ﻣﻮﻗﻌﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ڏي اﺷﺎرو ﻛﺮي ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻛﮃان؟ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺗﻌﺠﺐ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ اﻧﻜﺎر ﻛﺮڻ ﻳﺎ ﻧﺎراﺿﭙﻲ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﻫﻨﻦ ﺧﻮﺷﻲ ﻣﺎن ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﺎڻ ڏي ﮀﻜﻲ وچ ۾ ﺑﻴﻬﺎرﻳﻮ .ﻛﺌﻤﻴﺮا ﻋﺎﺑﺪ ﮐﻲ ڏﻳﺌﻲ اڙدو ۾ ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ ﭔﻴﻠﻲ ﺟﻠﺪي ﻛﺮي ﻫﻚ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﭘﻨﺞ ﮀﻬﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃي وٺ .ﻫﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻮن ﭘﻚ ﻛﻦ ﺧﺎص ﻣﺪرﺳﻦ ﻳﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﮐﺎﺗﻦ ﺟﺎ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ﻫﻮﻧﺪا ،ﺟﻦ ﺟﺎ ﻫﺰارﻳﻦ ﺷﺎﮔﺮد ﺳﭝﺎﮢﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ۾ ڏﺳﻲ ﺿﺮور ﺳﭹﺎﮢﻲ وﻳﻨﺪا .۽ واﻗﻌﻲ ﭤﻴﻮ ﺑﻪ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ .ﻫﻮ، ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ درﺳﮕﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﻫﻴﮉ ﻫﺌﺎ ۽ اﻫﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﺑﻌﺪ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ email ﻛﻴﻮن ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻨﻦ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ ﺳﭹﺎﺗﻮ ﭤﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺧﻮاﺟﻪ ﻣﺮاد ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻣﻠﻴﻞ ﻣﭥﻴﻦ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻣﻮن ان ﻛﺮي ﻛﮃﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻴﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﭥﺎن اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻮاب ۾ ﻫﻨﻦ وراﮢﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﮐﺎن آﻫﻦ .آﺋﻮن اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو رﻫﻴﺲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﻨﻬﻦ روﺳﻲ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺟﺎرﺟﻴﺎ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﮔﺎرﺟﺴﺘﺎن ﭤﺎ ﺳﮇﻳﻦ ﻳﺎ ﻋﺮب ﺟﺮﻣﻨﻲ ﮐﻲ اﻟﻤﺎﻧﻴﺎ ﭤﺎ ﭼﻮن .ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ اﭼﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﻛﻬﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ. ”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻟﻮرﺳﺘﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ “،ﻫﻦ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ .ان ﺗﻲ ﻣﻮن ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺧﻮاﺟﻪ ﻣﺮاد ﺗﻲ ﻣﻠﻴﻞ اﻫﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﻛﻨﻬﻦ ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻗﺪ ﻛﺎٺ ۽ رﻧﮓ روپ ﻣﺨﺘﻠﻒ آﻫﻲ ،ﺗﺌﻴﻦ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ آﻫﻲ .ﺗﻮﮢﻲ ﮐﮣﻲ ﺳﭛ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﭜﺮوارن ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ﺗﺮﻛﻦ ﺟﻬﮍي آﻫﻲ ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﭜﺮواري اﻳﺮاﻧﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ﭘﭡﺎﮢﻦ ۽ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻲ.
ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ واﻗﻌﻮ ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﭤﻴﻮ .ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﺑﻲ ﺑﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ آﻫﻲ .ان ﺳﺎن ﻻﮘﻮ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻮ ﺑﻪ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ روزاﻧﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻼﻛﻦ ﻻ وﭸﻲ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ ﭔﺎﻫﺮن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ رﻫﻨﺪڙ ﺷﺎﮔﺮدن ﺳﺎن ﺧﺒﺮﭼﺎر ﻛﻨﺪو ﻫﻮس -ﺧﺎص ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻨﮅي ۽ ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺳﺎن .اﺗﻲ اﻓﺘﺨﺎر اﺣﻤﺪ ﮔﻬﻤﺮو ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ۲۵ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﺳﺎن ﭘﮡ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﮑﺮ ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﺑﺎﮔﮍﺟﻲ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ آﻫﻲ ،ﭨﻲ ﺳﺎل ﮐﻦ ﺟﺎﻣﻊ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ اﺳﻼم آﺑﺎد ﻣﺎن دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻪ ﺣﺠﺖ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ واري ﻣﺪرﺳﻲ ۾ درس ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﺮي ﭤﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ آﺋﻲ ﭤﻲ، ان ﻛﺮي ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﻛﺮڻ ﻣﻬﻞ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻤﻲ ﻻ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ رﮐﮡ ﻟﮙﺲ .ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ آﺋﻮن ﻫﺘﻲ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ
ﺳﺎﻣﻬﻮن ﻫﻚ ﻛﻨﮉ ۾ وﻳﭡﻞ ﭔﻦ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻤﻦ ڏي ﻫﻦ اﺷﺎرو ﻛﺮي ﭼﻴﻮ” ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺑﻪ اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﺎﮢﻦ Directlyﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ“ ﻫﻮ ﭔﺌﻲ ﻧﺎﺳﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﻳﻦ ۽ اﮀﻦ ﻋﻤﺎﻣﻦ )ﭘﭩﻜﻦ( ﺳﺎن ﻫﺌﺎ .آﺋﻮن ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ وﭸﻲ وﻳﭡﺲ ۽ ﺳﻨﺪن اﮘﻴﺎن رﮐﻴﻞ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻛﺘﺎب ﻫﻚ ﻫﻚ ﻛﺮي ڏﺳﮡ ﻟﮙﺲ ،اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻨﻲ ﻟﻴﮑﻜﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻫﺌﺎ .ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﭴﮣﺎ ﺳﭡﻲ ﻟﻬﺠﻲ ۾ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺻﺤﻴﺢ ﺻﺤﻴﺢ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻣﻴﺪوار ﻋﻠﻲ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ اردﺑﻴﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ اروﻣﻴﻪ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ اﺷﺮﻓﻲ ﻣﻬﺪي ﻫﻮ .ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﺎدري زﺑﺎن ﺗﺮﻛﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﺘﻲ ﻗﻢ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﻫﻮ اﭠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ.
ﻫﻨﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ذﻛﺮ ان ﻛﺮي ﮐﮣﻲ وﻳﭡﻮ آﻫﻴﺎن ،ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﭥﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ ،ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ .وﻳﺘﺮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﺎدري زﺑﺎن ﺗﺮﻛﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ روﺳﻲ رﻳﺎﺳﺖ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﻮ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ”ﭼﻨﮕﻴﺰي ﺗﻴﻤﻮرﻟﻪ “ ﻳﺎد اﭼﻲ وﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ٰ ﻫﺌﻲ .ﻫﻮ ﺗﻌﻠﻴﻢ دوران ﻣﻮ ن ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﻠﻚ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﻲ آزاد ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ۽ ان ﮐﺎن اڳ روس ) (USSRﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﻫﺠﮡ وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ ”ﻣﻠﻴﺮ ﮐﺎن ﻣﺎﻟﻤﻮ“ واري ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻮن اﭤﻢ .ﻣﺎدري زﺑﺎن ﺗﺮﻛﻲ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺳﺎن ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ .ﻫﺎڻ ﺟﮇﻫﻦ ﻗﻢ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﻳﺎري اﺳﺎن ﺟﻲ ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎزي اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ٰ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺧﻮﺷﻲ وﭼﺎن آﺋﻮن ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﭥﺌﻴﻦ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎﻧﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻛﺮڻ ﻟﮙﺲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺘﻲ ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ....ڏاڍو ﺳﭡﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ ،وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه. ﭼﺮﭼﺎﺋﻲ دوﺳﺖ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺟﻲ ﻳﺎد ۾ اﻫﮍو ﺗﻪ ﮐﻮﻫﺠﻲ وﻳﺲ ﺟﻮ دل ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﺮ ﺳﺎﻫﻪ ﮐﮣﮡ ﺗﻲ ﺑﻪ وﻗﺖ ﺿﺎﻳﻊ ﻧﻪ ﻛﺮي ،ﻫﻦ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺳﻨﺪن ﻫﻢ وﻃﻨﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺳﺎن ﻛﻨﺪو رﻫﺎن ۽ ﭘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﺳﺎﻫﻲ ﭘﭩﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻏﻠﻂ ﻓﻬﻤﻲ ﭤﻲ آﻫﻲ .اﺳﺎن ان آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن )ﻣﻠﻚ( ﺟﺎ ﻧﻪ آﻫﻴﻮن ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﺻﻮﺑﻲ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﺎ آﻫﻴﻮن .اﻫﻮ ﭔﮅي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﭧ ﭴﺎڻ ﺗﻲ اﻓﺴﻮس ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ اﭼﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﺎن ﻣﻌﻠﻮم ﻛﻴﻢ ۽ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻧﻘﺸﻮ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ اوﻟﻬﻪ اﺗﺮ وارو ﺣﺼﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺮﻛﻲ ۽ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ،اﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن آﻫﻲ ،ﻫﻚ اوﭜﺮ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ ﭔﻴﻮ اوﻟﻬﻪ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن. دراﺻﻞ ﺳﺎﺑﻖ روﺳﻲ رﻳﺎﺳﺖ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﺌﻲ ﺻﻮﺑﺎ :ﻣﺸﺮﻗﻲ ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻫﻚ ﺋﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﻫﻮ، ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ۽ اﻧﮉﻳﺎ وارو ﺑﻨﮕﺎل ﻫﻚ ﺋﻲ ﺑﻨﮕﺎل ﻫﻮ ،ﭘﻮ۱۹۴۷ ع ۾ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ورﻫﺎﮜﻲ ﺑﻌﺪ ان ﺑﻨﮕﺎل ﺟﻮ ﻫﻚ ﺣﺼﻮ ﻣﺸﺮﻗﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭤﻴﻮ )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺎڻ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ۽ ﭔﻴﻮ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ ﺑﻨﮕﺎل .۽ ﻫﺎڻ اﻧﮉﻳﺎ ﺻﻮﺑﻦ ﮐﻲ ﻧﻨﮃو ﺑﮣﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،۽ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺑﻨﮕﺎل ﮐﻲ ﭔﻪ اڌ ﻛﺮي ﻫﻚ ﺟﻮ اوﭜﺮ ﺑﻨﮕﺎل ﻧﺎﻟﻮ رﮐﻲ ۽ ﭔﺌﻲ ﺟﻮ اوﻟﻬﻪ ﺑﻨﮕﺎل .ان ﻃﺮح اﻫﺎ ﺻﻮرت ﺑﻪ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن واري ﭤﻲ وﻳﻨﺪي ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭔﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺻﻮﺑﺎ ﭤﻴﺎ ۽ ﻫﻚ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻣﻠﻚ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻛﻮ آﻫﻲ.
ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻨﮓ ﻋﻈﻴﻢ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﻫﻲ ﺑﺎﻛﻮ وارو آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ ﭜﺮ وارا ﻣﻠﻚ آرﻣﻴﻨﺎ ۽ ﺟﺎرﺟﻴﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ ﻫﻚ ﭤﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻼﺋﮡ ﻟﮙﺎ۱۹۱۸ .ع ۾ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ڌار ﭤﻴﻮ ﭘﺮ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ۱۹۲۰ع ۾ روس ﻫﻦ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﻛﻴﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ۱۹۹۰ع ۾ روﺳﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﭨﭩﮡ ﻛﺮي وري آزاد ﻣﻠﻚ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺘﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻻ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ ﭤﻮ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي ۽ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ ﻧﻪ رﻫﻦ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﻳﺎد ﭤﻮ اﭼﻲ ﺗﻪ اﺳﻲ واري ڏﻫﻲ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﮀﮇي ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﻛﻢ اﭼﻲ ﻛﻴﻮ ﻫﻮم ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﻃﺮﻓﺎن اﺗﻲ ﺟﻲ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺳﻨﭝﺎﻟﮡ ﻻ ﻓﻮن آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﻮﺳﭧ ذرﻳﻌﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﺟﻲ آﻓﺮ ﺟﻮ ﺧﻂ ﭘﮡ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ .ﻣﻮن ﮐﻲ اﻫﻮ ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺧﻂ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻮ .اﻫﺎ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ۾ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﮔﻮادر ۽ ﭘﺴﻨﻲ ﺳﺎن ﺑﻠﻜﻞ ﮘﻨﮃﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ان وﻗﺖ ﺟﻲ دﺑﺌﻲ ۽ دﻳﺮا واﻧﮕﺮ ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ۾ ﺑﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺑﻠﻮﭼﻲ ۽ اڙدو ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻟﻮﮔﻮ وارو ﻟﻴﭩﺮ ﻫﻴﮉ ڏﺳﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﮔﻬﮍﻳﻦ ﻻ ﺳﻤﺠﻬﻴﻢ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ ان وﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻓﻘﻂ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﭘﻮ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن
ﺳﺎن ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ ﮘﻨﮃﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ،ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻪ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن آﻫﻲ ۽ ان ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۾ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺳﻨﺪن ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان ۾ آﻫﻲ.
اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ ﺧﺮاﺳﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻤﺎم وڏو ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ان ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ ﭨﻦ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﺗﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ،ڏﮐﮡ ﺧﺮاﺳﺎن ۽ رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن .اﻧﻬﻦ ﭨﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ وارن ﺻﻮﺑﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻚ ﻫﻚ ﺗﺮﻛﻤﺎﻧﺴﺘﺎن اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ ﭘﮡ آﻫﻲ ۽ ﻫﻲ ﺳﻤﻮرا ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﺎ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺗﻮڙ ي ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻚ ﻫﻚ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ آﻳﻮ ﭤﻲ ۽ اڄ وارو ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎراِ ، ﺋﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﻫﺌﺎ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ راڄ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ.
ﻣﻦ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﻓﺤﺎﺷﻲ اﺳﺘﻢ ﭘﮑﻴﮍ ۾ اﻳﺮان ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﭔﻴﮣﻮ ﭤﻴﻨﺪو .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ اٺ ﻟﮏ ﮐﻦ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺎڍا ﺳﻮرﻧﻬﻦ ﻟﮏ آﻫﻲ .ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻴﮇي ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﻳﺎرﻫﻦ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﭠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺑﻪ دﻟﭽﺴﭗ ﻣﻠﻚ ۽ ﺳﻤﻨﮉ آﻫﻦ ،ﺳﻨﺪس ﺳﺎﭴﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻳﻌﻨﻲ اوﭜﺮ ۾ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن آﻫﻲ ۽ ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ )اوﻟﻬﻪ ۾( ﻋﺮاق ۽ ﺗﺮﻛﻲ آﻫﻲ ،ﻣﭥﻲ )اﺗﺮ ۾( ﺗﺮﻛﻤﺎﻧﺴﺘﺎن ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ،آرﻣﻴﻨﻴﺎ ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﮐﺎري ۾ ﮐﺎرو ﺳﻤﻨﮉ ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ آﻫﻲ ۽ ﻫﻴﭟ ڏﮐﮡ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر ) (Gulf۽ اوﻣﺎﻧﻲ ﻧﺎر آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻋﻤﺎن ،دﺑﺌﻲ، ﻗﻄﺮ ،ﺑﺤﺮﻳﻦ ،دﻣﺎم )ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب( ﻳﺎ ﻛﻮﻳﺖ اﭼﮡ ﻻ ﻋﺮﺑﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﻟﺘﺎڙي اوﻣﺎﻧﻲ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎرن ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ.
اﻳﺮان ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ ﻧﻈﺎم ﻫﻼﺋﮡ ﻻ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺻﻮﺑﻲ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اوﺳﺘﺎن ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﻫﻼﺋﮡ ﻻ ان ﻣﭥﺎن ﮔﻮرﻧﺮ ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻲ ﻻ ﮔﻮرﻧﺮ آﻫﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ﻣﻌﻨﻲ ”وارو“ آﻫﻲ ﻳﻌﻨﻲ اﺳﺘﺎن وارو ،ﺟﻴﺌﻦ ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ۾ ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﮐﻲ اﺳﺘﺎﻧﺪار ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .دار ﺟﻲ ﻟﻔﻈﻲ ٰ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﭘﺎڻ وٽ ﺑﻪ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ،ﻣﺎﻟﺪار )ﻣﺎل وارو( ﺧﺎردار )ﻛﻨﮉن وارو( دﻟﺪار )دل وارو( وﻏﻴﺮه.
ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻮ ڊوﻳﺰن ،ﺿﻠﻌﻦ ،ﺗﻌﻠﻖ ،ﺗﭙﻦ ۽ دﻳﻬﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ،ﺗﺌﻴﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻮ ﻛﺎﺋﻮﻧﭩﻴﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن ﭤﺎ ﺳﮇﺟﻦ ۽ ﻫﺮ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن ﺑﺨﺸﻦ )ﺿﻠﻌﻦ( ۾ ۽ ﺿﻠﻌﺎ دﻳﻬﺴﺘﺎﻧﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻦ. ۱۹۵۰ع ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ۾ ﻓﻘﻂ ﭔﺎرﻫﻦ ﺻﻮﺑﺎ )اوﺳﺘﺎن( ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﻮن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ۾ وڏو ﺻﻮﺑﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ۽ ﭘﻨﺠﺎب ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻴﮇو ﭤﻴﻮ ﭤﻲ. ﺳﻨﮅ ۽ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻲ ﺟﻤﻠﻲ ﭘﮑﻴﮍ ﭨﻲ ﻟﮏ ﮐﻦ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ اڍاﺋﻲ ﻟﮏ ﻫﺌﻲ ،ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺧﺮاﺳﺎن ﻣﺎن ﭨﻲ ﺻﻮﺑﺎ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ :اﺗﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ،ڏﮐﮡ ﺧﺮاﺳﺎن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ ۾ رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن آﻫﻲ .رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍا ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ڌارﻳﺎن ،ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺗﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ.
اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۽ ﻛﺮﻣﺎن ﺳﭛ ۾ وڏا آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﺻﻮﺑﻮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺳﺎن ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ .ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ﺣﺎﻟﺖ اﻫﺎﺋﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍي اﭤﺲ، ﻳﻌﻨﻲ ﺟﺒﻞ ۽ ﮔﻬﭧ آدﻣﺸﻤﺎري .ﻣﻴﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﭧ ﭤﻮ وﺳﻲ ،ان ﻛﺮي ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﺳﻮﻛﮍ آﻫﻲ .ﻫﻮن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﺬﻫﺐ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼم آﻫﻲ ۽ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﻴﺠﺎرﭨﻲ ﺷﻴﻌﺎ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ. ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻮ اﺗﺮ وارو ﺣﺼﻮ ﺳﻴﺴﺘﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻫﺘﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻗﻮﻣﻮن ﺑﻠﻮچ ۽ ﺑﺮوﻫﻲ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﮀﺎ ﺑﻬﺎر ﺟﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺮﭼﻨﭧ ﻧﻴﻮي ﺟﻲ اﻛﻴﮉﻣﻲ آﻫﻲ ،ﻫﻦ ﺋﻲ ﺻﻮﺑﻲ ۾ آﻫﻲ .ﮀﺎﺑﻬﺎر ﮐﺎن ﻋﻼوه زاﻫﺪان ،زﺑﻮل، ﺳﺮاوان ،ﺧﺎش ۽ اﻳﺮان ﺷﻬﺮ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﺷﻬﺮ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻟﻴﮉر ﺳﻴﺪﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﺳﻴﺴﺘﺎﻧﻲ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻮ ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﺠﻒ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ﺟﻮ دﻳﻮ ﻣﺎﻻ ﺋﻲ ﻫﻴﺮو رﺳﺘﻢ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻃﻮس ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ اﻣﺮ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ،ﭘﮡ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ زﺑﻮل ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۽ زاﻫﺪان ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﻴﺮ داد ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﭘﮡ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺳﺎن آﻫﻲ .ﻣﻴﺮ داد ﺷﺂﻫﻪ ﻫﻚ ﺑﻠﻮچ ﻫﺎري ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ واري ڏﻫﺎﺋﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮٺ ﻧﻴﻼگ ۾ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﻼف ﺑﻐﺎوت ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ .ﺳﻨﺪس زال ﺑﻴﺒﻲ ﻫﺎﺗﻮن ﭘﮡ ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ وﻳﮍﻫﻪ ﻛﺌﻲ .ﮐﻴﻦ ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺑﻪ ﻣﺪد ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﻲ ،ﭘﺮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻣﻴﺮ داد ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﻗﺒﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﺳﺮدارن ﻫﻦ ﺟﻮ ﺳﺎٿ ﮀﮇي ڏﻧﻮ ۽ ۱۹۵۷ع ۾ ﺑﻨﺪوﻗﻲ ﺟﻨﮓ ۾ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﻮ.
ﻣﻴﺮ داد ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺗﻲ اﻳﺮان ۾ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ۱۹۸۳ع ۾ ”داد ﺷﺎﻫﻪ“ ﻧﺎﻟﻲ ﻓﻠﻢ ﭘﮡ ﭠﺎﻫﻲ وﺋﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ داد ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻫﻴﺮو ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﺟﺒﻠﻦ ۾ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺮي ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻲ ﻓﻮﺟﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ۽ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪن ﭼﻨﺒﻲ ﻣﺎن آزاد ﻛﻴﻮ ۽ زاﻫﺪان ﺟﻲ ﻗﺒﺎﺋﻠﻲ ﺳﺮدار
ﻣﺤﻤﺪ دراﻧﻲ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻧﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻮ ﻛﺮﻣﺎن ﺻﻮﺑﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ،ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻴﮇو ﺋﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز رﺳﺘﻲ ﺗﻬﺮان اﭼﮡ ﻣﻬﻞ ﺗﻮڙي ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن رﻳﻞ رﺳﺘﻲ اﻳﻨﺪي وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ۽ ﭘﻮ اﮘﺘﻲ ﻳﺰد ،اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن ﭨﭙﻲ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﺠﻲ ﭤﻮ .ﻛﺮﻣﺎن ﭘﺮاﮢﻦ ﭔﺎرﻫﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ اﺻﻠﻮﻛﻲ ﺻﻮرت ۾ آﻫﻲ .ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ وڏو ﺷﻬﺮ ۽ ﮔﺎدي ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ ﻛﺮﻣﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﻳﺎ ﺑﻬﺎوﻟﭙﻮر رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ آﻫﻦ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وڏن ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻧﺎﻻ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺻﻮﺑﺎ اﻫﮍا آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﺎ وڏا ﺷﻬﺮ ﻳﺎ ﮔﺎدي ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﺳﺎﮘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن آﻫﻦ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻳﺰد ،اﺻﻔﻬﺎن ،ﻗﻢ ،ﺗﻬﺮان ،ﺣﻤﺪان ،ﺑﺸﻴﺮ وﻏﻴﺮه .ﻫﻮن ﻛﺮﻣﺎن ﻧﺎﻟﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﺑﻪ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻫﻲ ﻫﻚ ﺗﻤﺎم ﻧﻨﮃڙو ﺻﻮﺑﻮ اﭨﻜﻞ ۲۵۰۰۰ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ اوﻟﻬﻪ ۾ ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺑﺎرڊر وٽ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس وڏي ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ زاﺋﺮﻳﻦ ﻋﺮاق ﮐﺎن اﻳﺮان ﻣﻮﭨﮡ وﻗﺖ ﻛﺮﻣﺎن ﺑﺪران ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺂﻫﻪ ۾ ﺋﻲ ﻟﻬﻲ ﭘﻮﻧﺪا آﻫﻦ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻛﺮﻣﺎن ﭔﺌﻲ ﮀﻴﮍي ﺗﻲ ﭤﻴﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ واﺷﻨﮕﭩﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻴﻜﻮ ڊي ﺳﻲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ، ﺑﻠﻜﻞ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﮘﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري رﻳﺎﺳﺖ )واﺷﻨﮕﭩﻦ( USAﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﮀﮍ ﺗﻲ اوﻟﻬﻪ ۾ آﻫﻲ ۽ ﭔﻨﻬﻲ ﺟﻲ وچ ۾ اﻳﺘﺮو ﻓﺎﺻﻠﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻛﻮاﻻﻟﭙﻮر.
ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺂﻫﻪ ﺻﻮﺑﻲ ﮐﻲ ﺑﺨﺘﺎران ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ۱۹۹۰ع ﮐﺎن وري ﺳﺎﮘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻮ آﻫﻲ .ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ۵۳۰ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﻬﺮ ﺗﻪ اﭸﺎ ﺑﻪ ﭘﺮي ﭤﻴﻮ .ﻛﺮﻣﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻛﺮﻣﺎن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺑﺎم ﭘﮡ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۲۶ڊﺳﻤﺒﺮ ۲۰۰۳ع ﺗﻲ وڏو زﻟﺰﻟﻮ آﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۸۰ﻫﺰار ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺮي وﻳﺎ ۽ ﻟﮑﻴﻦ ﺑﻲ ﮔﻬﺮ ﭤﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ .دﭔﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ۹۷ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻋﻮرت ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﻣﺎزﻧﺪراس ﺑﻪ ﻫﺌﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ اﭠﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃي وﺋﻲ ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﮐﻲ اﻫﻮ ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺟﻴﺌﺮي ﻫﺌﻲ. زﻟﺰﻟﻲ ﺑﻌﺪ ﺷﻬﺰادو ﭼﺎرﻟﺲ ﭘﮡ ﻫﺘﻲ آﻳﻮ ﻫﻮ ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ اﻳﮅي ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻴﺘﺮا زﻟﺰﻟﻲ ۾ ﭰﺎﭤﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻻ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ .ڊان اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺧﺪاﺑﺨﺶ اﺑﮍي ﺟﻲ ﻛﮃﻳﻞ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﮐﻲ اﻧﻌﺎم ﻳﺎﻓﺘﻪ ﻗﺮار ڏﻧﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ .ﻛﺮﻣﺎن ۽ ﺑﺎم ﮐﺎن ﻋﻼوه رﻓﺴﻨﺠﺎن ،ﻣﺎﻫﺎن ،ﻛﺎﻫﻪ ﻧﻮج ،ﺳﺮﺟﺎن ﭘﮡ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ آﻫﻦ .ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺑﻪ ڊزن ﮐﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ.
اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺂﻫﻪ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﻄﺎر زﺋﮕﺮو ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ .ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﺑﻪ ﻛﻮ وڏو ﺻﻮﺑﻮ ﻧﺎﻫﻲ ،ﺑﺲ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﭜﺮوارن ﺻﻮﺑﻦ ﻛﺮدﺳﺘﺎن اﻳﻼم ،زﻧﺠﺎن ۽ ﺑﺸﻴﺮ ﺟﻴﮇو ﭤﻴﻨﺪو .ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﺟﺎ وڏا ﺷﻬﺮ آﻫﻦ :ﺧﺮم آﺑﺎد ،ﺑﻮر ﺟﺮڊ ،ﻛﻮه دﺷﺖ ،ﻋﻠﻲ ﮔﺪارز ،ﭘﻞ دﻓﺘﺮ وﻏﻴﺮه .ﺑﻮرﺟﺮد ۾ اﻣﺎم زادي ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﺳﻠﻄﺎﻧﻲ ﻣﺴﺠﺪ ڏﺳﮡ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ. اﻣﺎﻣﺰاده ﺟﻌﻔﺮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﭤﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺣﺴﻴﻦ )ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ( ۶۵۸-۷۱۳ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪن ﭘﻮرو ﻧﺎﻟﻮ اﺑﻮاﻟﻘﺎﺳﻢ ﺟﻌﻔﺮ اﺑﻦ اﻟﺤﺴﻴﻦ ﻫﻮ ،ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﻋﻴﺴﻮي ﺻﺪي ۾ ﺳﻠﺠﻮق ﺣﺎﻛﻤﻦ ﭠﻬﺮاﻳﻮ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﻋﻤﺎرت اﭠﺎس )اٺ ﻛﻨﮉي( ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ۾ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﮔﻨﺒﺬ ﮔﻮل ﻫﺠﮡ دﺑﺮان آﺋﻴﺲ ﻛﺮﻳﻢ ﻛﻮن واﻧﮕﺮ ڊﮔﻬﻮ ) ۲۵ﻣﻴﭩﺮ ﮐﻦ( آﻫﻲ .اﻧﺪر ﮔﻬﮍڻ ﺳﺎن ﺟﻴﻜﻲ ﭔﻪ وڏا ﻫﺎل آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻛﻢ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺻﻔﻮي ) ۱۶ﺻﺪي( ۽ ﻛﺎﭼﺎري ) ۱۹ﺻﺪي( ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ دور ﺟﻮ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺮو ﺟﺮد ) (Broujerdﺟﻲ ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ ،زﮔﺮوس ﺟﻲ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﻋﻼﺋﻘﻦ ﺟﻲ ﺳﭛ ۾ ﭘﺮاﮢﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ۳ﻫﺠﺮي ﺻﺪي ) ۹ﻋﻴﺴﻮي ﺻﺪي( ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ .ﺑﺮوﺟﺮد ﺷﻬﺮ ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻚ ﭔﻲ وڏي ﻣﺴﺠﺪ ﺳﻠﻄﺎﻧﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺴﺠﺪ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻛﺎﭼﺎري ﺣﺎﻛﻢ اڄ واري ﺻﻮرت ۾ آﻧﺪي .ﻛﺎﭼﺎري ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﭘﻬﻠﻮي ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺴﺠﺪ“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ۲۰۰۶ .ع ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﺮوﺟﺮد ۾ زﻟﺰﻟﻮ آﻳﻮ ،ان ۾ ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﻛﺎﻓﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻲ وﺋﻲ.
ﻓﻠﻤﻦ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﻻ ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﻠﻤﺴﺎز ﭘﺮوز ﺷﻬﺒﺎزي ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﺳﺎن آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ۱۹۶۲ع ۾ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ وڏي ﺷﻬﺮ ﺧﺮم آﺑﺎد ۾ ﭴﺎﺋﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺳﻴﻒ ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ڊاﻛﭩﺮ ﭘﭧ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﺒﺎزي ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ”ﻛﺎﻟﻴﺞ آف رﻳﮉﻳﻮ اﻳﻨﮉ ﭨﻴﻠﻴﻮزن “ ﻣﺎن ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻦ ﻓﻠﻤﻦ ﻻ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﻟﮑﻴﻮن .ﺳﻨﺪس ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻴﭽﺮ ﻓﻠﻢ ” “Traveler from the Southآﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ۱۹۹۶ع ۾ ﭠﻬﻲ ۽ ﭔﻲ ﻓﻠﻢ ﺟﻴﻜﺎ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ Festivals۾ ڏﻳﮑﺎري وﺋﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﺷﻬﺮت ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻲ اﻫﺎ ﺳﺎل Whispers ۲۰۰۰ﻫﺌﻲ ،ان ﺑﻌﺪ ۲۰۰۲ع ﺟﻲ ﻓﻠﻢ Deep Breathآﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ ﻛﺌﻨﻴﺰ ﻓﻠﻢ ﻓﻴﺴ ِﭩﻮل ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ ﭔﺎرن ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ؛ اﻫﻲ ﻓﻠﻤﻮن دراﺻﻞ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭠﺎﻫﻲ ﭘﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ڊب ﻛﻴﻮن وﻳﻮن ،ﻳﺎ اﻧﻬﻦ ﻣﭥﺎن ﭔﻴﻦ زﺑﺎﻧﻦ ﺟﺎ ﺳﺐ ﭨﺎﺋﻴﭩﻞ ڏﻧﺎ وﻳﺎ .اﻧﻬﻦ ﻓﻠﻤﻦ ﺟﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻻ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ،ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻨﻮب ،ﻧﺠﻮا ،ﻧﻔﺲ ﻋﻤﻴﻖ .ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﺒﺎزي ﺟﻲ ﻫﻚ ﺗﺎزي ﻓﻠﻢ ﺟﻴﻜﺎ ﭔﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﭠﻬﻲ آﻫﻲ”ﺑﻲ آﻫﺴﺘﮕﻲ“ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻧﺎﻟﻮ Gradually رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﻮﭨﮡ وﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺷﻬﺒﺎزي ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺮاﮢﻲ ۱۹۹۹ع ﺟﻲ ﻓﻠﻢ One More Dayﺟﻲ ﺳﻲ ڊي ڏﻧﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﺻﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﻓﻠﻢ ”ﻳﻚ روز ﺑﻴﺸﺘﺮ“ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ آﻫﻲ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﻮﻟﻮي ﭨﺎﺋﻴﭗ دوﺳﺖ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﭔﺎرن ﮐﻲ ﻓﻠﻤﻦ ﺑﺎﺑﺖ اﻳﺘﺮو ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﭔﮅي ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻢ” .ﮀﻮ ﭜﻼ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻓﻠﻤﻮن ﭠﺎﻫﮡ ۽ ڏﺳﮡ ﺗﻲ ﺟﻬﻞ ﭘﻞ ﻧﺎﻫﻲ ﮀﺎ ؟“ ﮐﻠﻨﺪي ﭘﮁﻴﻮﻣﺎن .دوﺳﺖ ﺟﻲ ڌي ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ دﻟﻜﺶ آﻫﻲ ،۽ BScﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدﻳﺎﮢﻲ آﻫﻲ ،ﺗﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”اﻧﻜﻞ! ﻛﻮ ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﮡ ﻳﺎ ﻓﻠﻢ ڏﺳﮡ ﺧﺮاب ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ .ﺧﺮاب ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﮇﻫﻦ آﻫﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﻮ ﺧﺮاب ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﻮ ﻳﺎ ﻓﺤﺶ ﻓﻠﻢ ڏﺳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ اﺧﻼق ﺗﻲ اﺛﺮ ﭘﻮي!“ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ؛ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﺳﺌﻨﻴﻤﺎﺋﻮن ﺑﻨﺪ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﭘﮁﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ” :ﻣﻦ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ﻧﻴﺴﺘﻢ ،ﻣﻦ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﻓﺤﺎﺷﻲ اﺳﺘﻢ!“
ﻳﻌﻨﻲ آﺋﻮن ﺳﺌﻨﻴﻤﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﺧﻼف ﻧﻪ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ آﺋﻮن ﻓﺤﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺧﻼف آﻫﻴﺎن.
ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻔﺮ ﻛﻨﺪڙ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺳﺨﻲ ﻣﺮد ﺳﺠﺎد ﻣﮑﻲ ۽ ان ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﺧﻴﺮاﻟﻨﺴﺎ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﻓﻠﻤﻮن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﺑﻪ اﻳﺘﺮو ﺗﻪ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﺳﻲ ڊﻳﻮن ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ﻫﺎﻟﻦ ۾ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮن ﭘﮡ وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻓﻠﻤﻮن ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: ﻏﺮﻳﺐ ﻃﻮس ،ﺟﻴﻜﺎ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺗﻲ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ.
ﻋﻴﺴﻲ اﺑﻦ ﻣﺮﻳﻢ ،اﺻﺤﺎب ﺷﻬﻴﺪ ﻛﻮﻓﺎ )اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﺗﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﻓﻠﻢ( ،ﻣﺮﻳﻢ ﻣﻘﺪس ،ﺳﻔﺮ ﻋﺸﻖ ،اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﺧﻠﻴﻞ ا�، ٰ ﻛﻬﻒ ،ﺗﻨﻬﺎ ﺗﺮﻳﻦ ﺳﺮدار )ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺗﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﻓﻠﻢ ( ،وﻏﻴﺮه.
ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﺳﮅرون.... اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ دور ۾ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ وﭸﮡ ،ڏﮐﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻻ. ﻫﻚ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﺧﺮاب اﻣﻴﺞ ﭤﻴﮡ ﻛﺮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﻮﺑﻪ ﻣﻠﻚ ﺳﻮﻻﺋﻲ ﺳﺎن وﻳﺰا ﻧﭥﻮ ڏﺋﻲ ۽ ﺟﻲ ڏﺋﻲ ﺑﻪ ﭤﻮ ﺗﻪ ان ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ اﻫﻮ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺮب ﻣﻠﻚ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ، ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ،ﭤﺌﻴﻠﻨﮉ -اﺳﺎن ﮐﻲ ﺷﻚ ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎن ڏﺳﻦ ﭤﺎ .۽ ﺷﻞ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻮ ﻣﺠﺒﻮري ﻳﺎ ﭜﻞ ﭼﻚ ۾ ﻣﻠﻴﻞ وﻳﺰا ﮐﺎن ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺗﺮﺳﮡ ﭤﻲ ﭘﻮي ،اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺷﻚ ﻛﻨﺪي ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻏﻴﺮﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﻃﺮح ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ۾ رﻫﮡ ﭤﺎ ﭼﺎﻫﻴﻮن ،ﺷﻞ ﻧﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﮔﻢ ﭤﻲ وﭸﻲ ،ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺗﻲ ﺷﻚ ﻛﻨﺪي ﭘﺮ ان ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻠﻜﻲ ﺳﻔﺎرﺗﺨﺎﻧﻮ ﺑﻪ ﭼﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﻚ ﻛﻨﻬﻦ ﺗﺎﻣﻞ ﻳﺎ ﻓﻠﺴﻄﻴﻨﻲ ﮔﻮرﻳﻠﻲ ﮐﻲ وﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن وٽ ﺳﻔﺮ ﺟﺎ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺎﻏﺬ ۽ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻢ ﮐﺎﺗﻮ ان ﮐﻲ ور ور ڏﻳﺌﻲ ﭘﻴﻮ ڏﺳﻨﺪو ﺗﻪ اﻫﻲ ﺟﻌﻠﻲ ﺗﻪ ﻧﻪ آﻫﻦ .۽ ﺷﻞ ﻧﻪ ﺗﻮﻫﺎن وﭨﺎن ﻛﻮ ﺟﻌﻠﻲ ﻧﻮٽ ﻧﻜﺮي اﭼﻲ ،ﺗﻮﻫﺎن ﮐﮣﻲ اٺ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﮐﮣﻮ ﺗﻪ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﺎن ﻛﻮ ﻫﻤﺪردي ﻧﻪ ﻛﻨﺪو ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ”ﻣﻨﻲ ﭼﻴﻨﺠﺮ ﭠﮙﻴﻮ آﻫﻲ ،ﻫﺮ ﻛﻮ ﭼﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭠﮗ آﻫﻴﻮ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﺟﻌﻠﻲ ﻧﻮٽ ﮀﭙﻲ آﻳﺎ آﻫﻴﻮ.
اﻧﻬﻦ ﻣﭥﻴﻦ ﻣﺼﻴﺒﺘﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻜﻲ ﺟﻮ ﻗﺪر ﮔﻬﭩﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ۱۹۶۸ .ع ڌاري ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ آﻣﺮﻳﻜﺎ وﻳﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﺑﻠﻴﻚ ﺗﻲ ﺑﻪ آﻣﺮﻳﻜﻦ ڊاﻟﺮ وڌ وڌ ﭼﺌﻴﻦ رﭘﺌﻲ ﻣﻠﻨﺪو ﻫﻮ .ﺟﭙﺎﻧﻲ ﺳﻜﻲ ﮐﺎن اﺳﺎن ﺟﻮ رﭘﻴﻮ ﻣﻀﺒﻮط ﻫﻮ ۴ .رﭘﻴﻦ ۾ )ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ڊاﻟﺮ ۾( ۴۰۰ﻳﻴﻦ ﻣﻠﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ان وﻗﺖ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﺟﻮﻧﻴﺌﺮ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ،ﭘﮕﻬﺎر ﺗﻤﺎم ﮔﻬﭧ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺑﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ،ﻳﻮرپ ۽ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺑﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﻫﻠﺒﻮ ﻫﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺟﻬﺎز ﺟﺎ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ۽ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﭤﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ ،ﭘﮕﻬﺎر وڌي وﻳﺎ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﺎﮢﻲ ﺟﻲ Valueوﺋﻲ ﻛﺮﻧﺪي .ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﭡﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﮐﻲ ﺳﮇ ﻛﺮڻ ﺧﻮاب ﺑﮣﺠﻲ وﻳﻮ .ﺑﺲ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ اﭸﺎن ﺧﺮاب ﭤﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .ان ﻛﺮي ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﺎن ﻻ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻤﺰور ۽ ﻧﺴﺘﻲ رﭘﺌﻲ ﻛﺮي ،ﻫﺮ ﺷﻲ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ ﭤﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﺗﻴﻞ ،ﺳﻮن ،ان ۽ ﮐﻴﺮ ﺟﺎ اﮔﻬﻪ وڌڻ ﻛﺮي ﻫﻴﻜﺎﻧﺪي ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﺎ ﭜﺎڙا ۽ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻲ ﻛﻤﺮن ﺟﻮن ﻣﺴﻮاڙون وڌي وﻳﻮن آﻫﻦ. ۱۹۹۰ع ﺗﺎﺋﻴﻦ روﺳﻲ اﻳﺌﺮ ﻻﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر اوٽ ﻣﻮٽ ﺟﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﮀﻬﻪ ﻫﺰار روﭘﻴﻪ ﻫﺌﻲ .اڄ وﻳﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ اﻧﺪر ﺳﺘﻮڻ ﭤﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ۴۲ﻫﺰار روﭘﻴﻪ! ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺗﻪ وري ﺑﻪ ﮀﻬﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﮅ آﻫﻲ ،ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻣﻤﺒﺌﻲ ﻓﻘﻂ ڏﻳﮃ ﻛﻼڪ ﺟﻮ رﺳﺘﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ وﭸﮡ ﺗﻲ ۲۷ﻫﺰار ﺧﺮﭼﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﺳﻮ اﻫﮍي ﺻﻮرت ۾ ﺟﻲ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻦ ﻻ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻓﻘﻂ ﭔﻪ ﻣﻠﻚ وﭸﻲ ﺑﭽﻴﺎ آﻫﻦ ۽ اﻫﻲ آﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ :اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ﭔﻨﻬﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺑﺎ ﺑﺲ ﻳﺎ ﺑﺎ ﭨﺮﻳﻦ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ،ان ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﭜﺎڙو ﺗﻤﺎم ﮔﻬﭧ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻻ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﻣﺴﺌﻠﻮ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ۾ اﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺷﻴﻮن ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ ،ﺟﺘﻲ ﻓﺎﺋﻮ اﺳﭩﺎر ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻲ ﻛﻤﺮي ﺟﻲ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﻮاڙ ڏﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﻨﺪرﻫﻦ ﻫﺰار آﻫﻲ اﺗﻲ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﻳﺎ ﭨﻲ ﺳﺌﻮ روﭘﻴﻦ واري Sharingﻛﻤﺮي وارﻳﻮن ،ﺑﻨﺎ ﻛﻬﮍي ﺿﺮرت ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍو ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ A.Cﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﭘﮡ آﻫﻦ .ﻫﻮن ﺑﻪ ﭤﮅي ﻣﻮﺳﻢ ۾ اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﺮ ﺟﻲ ِ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ آﻓﻴﺲ ﻳﺎ ﮔﻬﺮ ۾ ﻛﻬﮍو اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﺮ ﻫﻼﺋﻲ وﻳﻬﻲ ﭤﻮ؟ ﺳﻮ اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺗﻮڙي ﮘﻮﭠﻦ ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﺳﺴﺘﻮ ۽ ﺑﻬﺘﺮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ ۽ اﻣﻦ و اﻣﺎن ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺑﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ .ﺟﻴﺴﻴﻦ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮ ﺳﻮال آﻫﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ۾ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ ،ﺳﺴﺘﻮ ۽ ﺳﭡﻮ آﻫﻲ .ﻫﻚ وڏي ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ ﭔﻦ ﭨﻦ ڊﺷﻦ ﺟﻮ آرڊر ﻛﺒﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﮐﻴﺴﺎ ﺧﺎﻟﻲ ﻛﻨﺪو ﭘﺮ ﮔﺬاري ﻻ ﻳﺎ وﻳﻠﻲ ﭨﺎرڻ ﻻ ﭔﻨﻬﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ۽ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﺷﻴﻮن ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن .اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻫﺮ اﺳﻜﻮل ،ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻳﺎ آﻓﻴﺴﻦ اﮘﻴﺎن ﮔﺎڏي وارا ﮔﺮم ﮔﺮم ﭰﻠﻜﺎ ۽ ﭜﺎﭴﻲ وﻛﮣﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ ﻧﻪ رﮘﻮ ﺷﺎﮔﺮد ﭘﺮ آﻓﻴﺴﺮ ﺑﻪ اﺗﺎن ﻟﻨﭻ ﻛﻦ ۽ ڏﻫﻪ ﭘﻨﺪرﻫﻦ رﭘﻴﻦ ۾ ﮔﺬارو ﭤﻴﻮ وﭸﻲ .ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﻛﺮاﭼﻲ ﺗﻮڙي
ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻧﺎﻣﻤﻜﻦ آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﺗﺎزا ،ﺧﻮﺷﺒﻮدار ۽ ﻧﺮم ﻧﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﻳﺎ ﭘﻨﺠﻦ روﭘﻴﻦ ۾ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ،اﻧﻬﻦ ﺳﺎن ﻛﻮ ﭜﺎﭴﻲ ﻳﺎ ﻛﻮاب وﭠﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﭨﻴﻬﻪ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ رﭘﻴﻦ ۾ ﺗﻪ ﺳﭡﻲ ﻟﻨﭻ ﻳﺎ ڊﻧﺮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻬﮍي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻧﺎﻣﻤﻜﻦ آﻫﻲ ،ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﮐﺎڌي ۾ ﮔﻴﻬﻪ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﻳﺎ ﮔﺮﻳﺰ .ﮔﻮﺷﺖ ﺑﻪ ﺗﺎزي ُ ﻛﭡﻞ ﻛﻜﮍ ﻳﺎ ﭔﻜﺮي ﺟﻮ آﻫﻲ ،ﻳﺎ ﻣﺮدار ﻛﻜﮍ ۽ ﺑﻴﻤﺎري ۾ ورﺗﻞ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻮڙﻫﻲ ڍور ﺟﻮ آﻫﻲ -ﻛﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﭥﻲ ﭘﻮي .ﺣﻜﻮﻣﺖ ،ﻧﺠﻲ ادارن ﻳﺎ ﻛﻨﺰﻳﻮﻣﺮ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻛﺎ ﭼﻴﻚ ﻧﺎﻫﻲ .ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ﺻﺎف ﺳﭥﺮو ۽ ﻧﻴﻚ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ وارن ﺟﻲ دﻟﻴﻦ ۾ ﺧﺪا ﺟﻮ )ﻳﺎ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ڏﻧﮉي ﺟﻮ( ﺧﻮ ف آﻫﻲ .اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﺗﻪ ﮔﻮﺷﺖ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﺷﻴﻮن ﻋﺎم آﻫﻦ ﺋﻲ ﻛﻮﻧﻪ ،ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﻮن ۽ ﺗﺎزﻳﻮن ﭜﺎﭴﻴﻮن ۽ داﻟﻴﻮن رڌﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻻ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ آﻫﻦ .آﺋﻮن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺴﺎﻓﺮي ﺗﻲ ﻧﻜﺘﻞ ﮐﻲ اﻫﺎ ﺋﻲ ﻧﺼﻴﺤﺖ ﻛﻨﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﭘﺮدﻳﺲ ۾ دال ۽ ﭜﺎﭴﻲ ﺟﻬﮍو ﺳﺴﺘﻮ ﮐﺎڌو ﮐﺎﺋﺠﻲ ۽ ﮔﻬﭧ ﮐﺎﺋﺠﻲ .اﺟﺎﻳﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﮐﺎﺋﻲ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻲ ،ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﮐﺎن وﻳﻬﻲ ﻧﻪ رﻫﺠﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان اﻫﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮔﻮﺷﺖ ۽ ﻣﮁﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻮق ﭘﻮرو ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ،ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ ﺟﻬﮍو ڊاﺋﻨﻨﮓ ﻫﺎل ﺻﺎف ﭤﺌﻲ ﭤﻮ اﻫﮍو ﺋﻲ ﻫﻦ ﺟﻮ رڌﮢﻮ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻫﮍاﺋﻲ رڌ ﭘﭽﺎ ﻛﺮڻ وارا .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ۾ ﺑﻪ ﻗﺎﻋﺪي ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺗﺎزي ۽ ﻫﺎﺋﻴﺠﻨﻚ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ،ﭘﺮ ﮀﺎ ﺗﻪ ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ آﻫﻲ! ﻋﺮب ﻣﺎﻟﻚ ﺗﻪ ﻣﺎﻟﻚ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﭼﻤﭽﺎ ﺳﻴﻠﺰ ﻣﻴﻦ ﺑﻪ ﺣﺎﺟﻴﻦ ﺟﺎ ﮐﻴﺴﺎ ﭤﺎ ﻛﺘﺮﻳﻦ .ﮀﺎ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﻜﻲ ،ﻣﺪﻳﻨﻲ ﻳﺎ ﺟﺪي ۾ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺳﭟ رﭘﻴﻦ ۾ اﻳﺘﺮو ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب )ﭼﺎﻧﻮر ۽ ﻛﻮاب( ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻨﺪاﺋﻮ ﺟﻴﺘﺮو اﻳﺮان ۾ ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ؟
ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ،ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﮔﺬراڻ ﺑﻌﺪ آﺧﺮ ۾ وﭸﮡ ﭤﻴﻮ ،ﺟﮇﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﮀﮇي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ اﭼﻲ رﭨﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﮔﻬﺎرڻ ﻟﮙﺲ .ﭘﺮ ﭔﻨﻬﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ وﭸﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻢ ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﺎرﻳﺦ، ﺗﻬﺬﻳﺐ ،ﺗﻤﺪن ۾ ﻛﻴﮇو اﻣﻴﺮ آﻫﻦ .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺑﻪ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ آﻫﻲ ،ﭘﺮ اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان وارن ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺑﺮﻗﺮار رﮐﻲ آﻫﻲ ﭘﻮ اﻫﻲ ﭼﺎﻫﻲ ﮐﮣﻲ ﻣﺴﺠﺪون ۽ ﻣﻨﺪر ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻛﻮٽ ۽ ﻗﻠﻌﺎ ،ﻗﺮآﻧﻲ ﻧﺴﺨﺎ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ۽ ﻫﻨﺪو راﺟﺎﺋﻦ ﺟﺎ .Statuesاﻳﺮان ﺗﻮڙي اﻧﮉﻳﺎ ﻫﻚ ﮔﻠﺪﺳﺘﻲ ﻣﺜﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﺎ ﮔﻞ آﻫﻦ ۽ ﻫﺮ ﻫﻚ ﮔﻞ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ رﻧﮕﺖ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻫﻮ ﻫﻚ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﭔﻨﻬﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺟﺘﻲ ﻫﻨﺪي ﻳﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ،اﺗﻲ ان ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ راڳ ۽ ﮔﻴﺖ ﺑﻪ ﻋﺎم ﭔﮅڻ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﺟﺘﻲ ﻫﺮ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺧﻮﺷﻲ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ آزادي ﺳﺎن ﻣﻠﻬﺎﺋﻲ ﭤﻮ .ﺟﺘﻲ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻮﻣﻲ ،ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﻳﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ ڊرﻳﺲ ﭘﺎﺋﻲ ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ﭤﻮ ۽ ﺳﭛ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﻏﻤﻴﻦ ﺧﻮﺷﻴﻦ ۾ ﺷﺮﻳﻚ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ.
اﻳﺮان ۽ اﻧﮉﻳﺎ ۾ وﭸﻲ اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ﻣﺸﺮق ۽ ﻣﻐﺮب ﺟﻮ ﻫﻚ ﻋﺠﻴﺐ ﻣﻜﺴﭽﺮ آﻫﻦ .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ ﭤﺎﺋﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن ﺣﻜﻮﻣﺘﻮن ﺗﻮڙي ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮡ اﻫﻮ Claimﻛﻦ ﭤﺎ ،ﭘﺮ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻮ ﺟﻬﻮﻧﻮ ﻛﻠﭽﺮ ،ﺗﻮارﻳﺦ ﺗﻮڙي ادب آﻫﻲ ،ان ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﻛﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ؟ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ آﺋﻮن اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻴﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺟﺎﻳﻮ ڏوراﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ڏي وﭸﻦ ﭤﺎ .اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان اﻫﮍا ﻣﻠﻚ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﺟﻬﻮﻧﻲ ﮐﺎن ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ﺷﻴﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﺎڊرن دور ﺟﻮن ﺑﻪ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ .اﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﻌﻠﻴﻢ ،ﺻﺤﺖ ،اﻧﻔﺎرﻣﻴﺸﻦ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ اﮘﻴﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﺎ آﻫﻦ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﻟﮙﻲ ،ﮀﺎ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ڊﺳﻴﭙﻠﻴﻨﮉ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎﻓﺘﻪ ،ﻣﺤﻨﺘﻲ ۽ اﻳﻤﺎﻧﺪار ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻦ .ﭼﺎﻫﻲ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﺎ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻛﺎﻟﻴﺞ، ﺷﺎﮔﺮد ۽ ٰ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﻫﺠﻦ ﻳﺎ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮔﺎﻫﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ۾ ۽ ﭨﻴﭽﺮ ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ۾ اﻋﻠﻲ ﻣﻌﻴﺎر ،ڊﺳﻴﭙﻠﻴﻦ ۽ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﻛﺮي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻧﻈﺮ ﻣﺸﻐﻮل آﻫﻴﺎن، ٰ اﭼﻦ ﭤﺎ .اﻧﮉﻳﺎ ﺟﺎ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ درﺳﮕﺎﻫﻪ ﺗﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ .ﭘﻮﻧﻲ ﺟﻬﮍي ﺷﻬﺮ ۾ ﺑﻪ اﻳﺘﺮا ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﺟﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻫﺘﻲ ﭘﮍﻫﮡ اﭼﻦ ﭤﺎ.
ﭘﻮﻧﻲ ﭘﻬﭽﮡ ۽ ﮀﮇڻ واري ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﭘﻮﻟﻴﺲ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ رﭘﻮرﭨﻨﮓ ﻻ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻫﺮ دﻓﻌﻲ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ان وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﭘﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۾ داﺧﻼ وﭠﮡ ﻻ ﭘﻬﺘﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻲ آﻓﻴﺲ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ ﮐﺎن ﺷﺎم ﺗﺎن ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﻜﮍا آﻳﺎ ﭤﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻳﺰا ﺗﻲ ﭠﭙﻮ ﻫﮣﺎﺋﻲ ﻧﻜﺘﺎ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭔﻴﺎ آﻳﺎ ﭤﻲ .ﭤﻮرا ﭤﻮرا ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭘﻮﻧﻲ
ﻣﻌﻨﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ۳۰۰۰ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺷﺎﮔﺮد اﭼﻦ ﭤﺎ .ﭘﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻛﻤﺸﻨﺮ ۾ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻲ آﻣﺪ ﭔﮅﺟﻲ ﺗﻪ ٰ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﭘﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ۾ ۱۵۰۰۰ﮐﻦ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد آﻫﻦ ۽ اﻫﻮ اﻧﮓ ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﭘﻮﻧﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﺳﭵﻲ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻪ ﻓﺎرﻳﻦ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻮﻧﺪا! ان ﻣﺎن اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮس ﻫﻚ ﻃﺮف ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻏﻴﺮﻣﻠﻜﻲ زرﻣﺒﺎدﻟﻲ ﺟﻲ ﻛﻤﺎﺋﻲ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮوارﻳﻦ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﺎن ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ اﻫﻲ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ﻳﻤﻦ ،ﺳﺮﻳﻠﻨﻜﺎ ،ﻣﺎﻟﺪﻳﭗ ،زﺋﻨﺰﻳﺒﺎر ۽ ﭔﻴﻦ آﻓﺮﻳﻜﻲ ۽ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ﭔﻪ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎن ۾ ﺧﻴﺮ ﻋﺎﻓﻴﺖ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ڏﻳﺎري ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﭘﮍﻫﮡ ﻻ ﮀﻮ ﻧﭥﺎ وﭸﻦ ﺗﻪ ﺟﻮاب ۾ ﻫﻨﻦ اﻧﻬﻦ ﺋﻲ ﺣﻘﻴﻘﺘﻦ ڏي اﺷﺎرو ﻛﻴﻮ ﺗﻪ؛ •
ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻮ ﻣﻌﻴﺎر ﻛﺮي ﭘﻴﻮ آﻫﻲ.
•
ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ،ﭨﻴﻮﺷﻦ ۽ ﻫﺎﺳﭩﻞ ﺟﻮن ﻓﻴﻮن ﮘﺮﻳﻮن آﻫﻦ.
•
ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﺑﺪاﻣﻨﻲ آﻫﻲ ۽
ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﻫﻮس ﺟﺘﻲ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ادارن ۽ ﻛﺎروﺑﺎر ۾ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﮐﻲ ﺟﻠﺪي ﻧﻮﻛﺮي ڏﻧﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ۾ ڏﭠﻢ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺑﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻧﻮﻛﺮي ڏﻳﮡ ۾ ﺧﻮﺷﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﻣﻮن ﺟﮇﻫﻦ ان ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﻮاب ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﮘﺌﻲ ڊﮔﺮي وارو اﻧﮉﻳﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻗﺎﺑﻞ آﻫﻲ ،اﻧﮉﻳﻦ ﮔﻬﭧ ﭘﮕﻬﺎر ﺗﻲ ﺑﻪ ﺧﻮش رﻫﻲ ﭤﻮ ،ﻫﻮ اﻳﻤﺎﻧﺪاري ﺳﺎن ﻛﻢ ﻛﺮي ﭤﻮ ،ﮔﺴﺎﺋﻲ ﺗﻪ ﻧﭥﻮ ﭘﺮ ﻣﻮﻛﻞ واري ڏﻳﻨﻬﻦ ﻛﻢ ﺗﻲ ﺳﮇڻ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺑﮁﮍي ﺷﻜﻞ ﻧﭥﻮ ﻛﺮي، وﻏﻴﺮه.
ان ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﻤﺒﺌﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ۽ ﻛﺌﻤﭙﺲ اﻧﺪر ﻫﻔﺘﻮ ﮐﻦ رﻫﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻫﻮ ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ رات ﺟﻮ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻠﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ .ﺷﺎﮔﺮد ﺗﻮڙي ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺳﺎدن ﻛﭙﮍن ۾ ۽ ﺳﻮا اﻳﻜﮍ ﭔﻴﻜﮍ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺳﭛ ﭘﺒﻠﻚ ﺑﺲ ﻣﺎن ﻟﻬﻲ ﭘﻨﮅ ﺋﻲ ﭘﻨﮅ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ڏي ﭘﻴﺎ وﭸﻦ. ﻛﺌﻨﭩﻴﻦ ۾ ﺑﻪ ﺳﭛ ﭘﭩﺎﭨﻦ ﺟﻲ ﭰﻨﮕﻲ ﭜﺎﭴﻲ ﺳﺎن ﭼﭙﺎﺗﻲ ،ﻳﺎ اڊﻟﻲ ،ڊوﺳﺎ ﮐﺎﺋﻲ ﮔﺬر ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ اون ۽ اﻟﻜﻮ رﻫﻲ ﭤﻮ .اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺗﻮڙي اﺳﭙﺘﺎﻟﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دل ۾ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻫﺎ ﺧﻮاﻫﺶ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﺎش اﺳﺎن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۽ اﺳﭙﺘﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ،ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ۽ ڊاﻛﭩﺮ ﭘﺎڙي ﺟﺎ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ ﮔﻬﻤﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺮاﺋﻴﻦ .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎڙي ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺳﮑﻲ وﻳﺎ ﭘﺮ اﺳﺎن ﻛﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻴﻮن ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺎﺳﻲ اﻧﮉﻳﺎ آﻫﻲ ۽ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف اﻳﺮان ﭘﺮ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭤﺎ ﺳﮅرون.
وز ﺟﺪا ﺋﻴﻬﺎ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻣﻲ ﻛﻨﺪ اﻳﺮان اﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ،ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ،اﺧﻼق ۽ ﻏﻴﺮت وارا ۽ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺤﻨﺘﻲ آﻫﻦ .ﻗﺪرت ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺳﭡﻲ ﻣﻮﺳﻢ ،ڌاﺗﻦ ،ﭘﻴﭩﺮول ۽ ﮔﺌﺲ ﺳﺎن ﻣﺎﻻ ﻣﺎل ﺟﺒﻞ ۽ ڌرﺗﻲ ﻧﺼﻴﺐ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭘﻮک ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .ﺷﺮوع ۾ ﺑﻪ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ ﭘﺮ ﻫﻚ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ وڏي اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان اﭼﮡ ﺟﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻮ ﭔﮅي ﻣﺎﻟﻤﻮ )ﺳﺌﻴﮉن( ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ واﻗﻔﻜﺎر اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﻴﻤﻠﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻮن ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻫﺎ را ڏﻧﻲ وﺋﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﺷﻴﺮاز ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺿﺮور وﭸﺎن. ”ﮀﻮ ﭜﻼ ﻣﺸﻬﺪ ﻧﻪ؟ ﻣﻮن ﻫﻦ ﭘﺎرﺳﻲ ﻓﻴﻤﻠﻲ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﮔﺬرﻳﻞ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺳﺌﻴﮉن ۾ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺟﻦ ﺟﻲ اﻛﻴﻠﻲ ڌي ﻣﺌﺮﻳﻨﺎ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺑﺎﺷﻨﺪي ﺳﺎن ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن اﺳﺎن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ ،اﺗﻲ ﺟﻲ رﻳﻜﭩﺮ ﺟﻲ ﻫﻮ ﺳﻴﻜﺮﻳﭩﺮي آﻫﻲ. ”ﻣﺸﻬﺪ ﻻ ان ﻛﺮي زور ﻧﭥﻲ ﭜﺮﻳﺎن ،ﻣﺌﺮﻳﻨﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻮال ﺟﻮ ﺟﻮاب ڏﻳﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺗﻪ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ وﻳﻨﺪاﺋﻮ ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﻟﻴﮑﻚ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ ﺑﻪ ڏﺳﺠﻮ“
ﻫﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻠﻜﻞ ﺳﭽﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ،ﺧﺎص ﻛﺮي زاﺋﺮﻳﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان اﭼﻦ ﭤﺎ ،اﻧﻬﻦ ﻣﻌﻨﻲ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ آﻫﻲ .ان ﻛﺮي ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ ڏﺳﮡ ﻻ ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﮐﺎن اﻟﮗ ﭤﻴﮣﻮ ﻻ اﻳﺮان ٰ ﭘﻴﻮ ۽ اڄ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﮐﻲ اﻫﻮ ﺋﻲ Suggestﻛﻨﺪس ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻫﻔﺘﻮ ﭔﻪ وڌﻳﻚ رﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن، ﺷﻴﺮاز ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ،زاﻫﺪان ،ﻛﺮﻣﺎن ۽ ﺗﻬﺮان وﻏﻴﺮه ﺑﻪ ﺿﺮور ﮔﻬﻤﻦ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺷﻌﺮ و ادب ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﭨﻴﻬﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﮔﻠﺪﺳﺘﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڏﮐﮡ اوﻟﻬﻪ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ وارو ﺻﻮﺑﻮ ﻓﺎرس وڏي اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اﺻﻞ رﻫﺎﺋﺶ ﻫﺌﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ زﺑﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﻳﺎ ﭘﺎرﺳﻲ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ زﺑﺎن ﭤﻲ .ﻋﺮﺑﻦ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﻓﺎرس ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺰاﺣﻤﺖ ﻛﺌﻲ .ﻓﺎرس ﭼﮝﻮ وڏو ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ﺳﻮا ﻟﮏ ﮐﻦ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭤﻴﻨﺪي -ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻨﮅ ﺻﻮﺑﻲ ﮐﺎن ﭤﻮرو ﺋﻲ ﻧﻨﮃو ﭤﻴﻨﺪو ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ﻫﻚ ﻟﮏ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻫﺰار ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ وڏو ﺷﻬﺮ ﺷﻴﺮاز آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺷﻴﺮاز ﺷﺎﻋﺮن، ﺷﺮاب ۽ ﮔﻠﻦ ﺟﻮ دﻳﺲ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻦ ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮن ﺣﺎﻓﻆ ۽ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ ﺷﻴﺮاز ،ﭴﻢ ﺟﻲ ﺟﺎ ۽ آﺧﺮي آرام ﮔﺎﻫﻪ آﻫﻲ.
ﺷﻴﺮاز ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﻣﺸﻬﻮري ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﭘﻮ ﺷﺮوع ﭤﻲ ۽ ﺷﻴﺮاز ﻓﺎرس ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻮ .ﻓﺎرس ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ۲۵۰۰ ،ﺳﺎل اڳ ،ﭘﺎﺳﺮ ﮔﺎد ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻴﺎن ) (Achaemenidﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ”ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ“ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ رﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ داﺋﺮوس ) (Darius the Great۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﭧ زرﻛﺲ ) (Xerxesﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ ﭤﻴﻮ .اڄ اﻧﻬﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﮐﻨﮉﻫﺮ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان اﭼﻦ ﭤﺎ .ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ ) (Persepolisﺷﻴﺮاز ﮐﺎن ۵۰ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي اﺗﺮ اوﻟﻬﻪ ۾ ﺟﺒﻞ رﺣﻤﺖ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ ۾ آﻫﻲ .ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﮇﻫﻦ ﺳﻦ ۳۳۰ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ،اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ان ۾ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ .ان ﮐﺎن اڳ وارو ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭘﺎﺳﺮﮔﺎد ﺑﻪ اﺗﻲ ﺋﻲ ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ ﮐﺎن ۷۷ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﺮ ﭘﺎﺳﺮ ﮔﺎد ۾ ﺟﻴﻜﻮ اﻫﻢ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﺑﻼﺷﻚ ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﺳﺘﻦ ڏاﻛﮣﻴﻦ ﭼﮍﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻛﻨﮉاﺋﺘﻲ ﮀﺖ واري ﻛﻤﺮي ۾ آﻫﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻜﻨﺪراﻋﻈﻢ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮي ،ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ ﻓﻮﺟﻲ ارﺳﭩﻮ ﺑﻮﻟﺲ ﮐﻲ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي اﻧﺪر وﭸﮡ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ڏﻧﻮ .ﻣﻘﺒﺮي اﻧﺪر ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺳﻮﻧﻮ ﺑﺴﺘﺮو ،ﺷﺮاب ﭘﻴﺌﮡ ﺟﻲ ﮔﻼﺳﻦ
ﺳﻤﻴﺖ ﭨﻴﺒﻞ ،ﺳﻮﻧﻲ ﻛﻔﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﺘﻲ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﮘﻬﻪ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ۽ ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻛﺘﺒﻲ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ ﺗﻪ :
”اي واﭨﻬﮍو! آﺋﻮن اﻫﻮﺋﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺳﺎﺋﺮس آﻫﻴﺎن ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ ۽ اﻳﺸﻴﺎ ﻣﭥﺎن ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﺳﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺴﺪ ﻧﻪ ﻛﺮ“
ﺷﻴﺮاز ﻫﻮن ﺗﻪ ﺑﺎﻏﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺑﺎﻏﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﻜﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ .ﺗﻨﻬﻦ ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ ﭼﮝﺎ ﭘﺎرڪ ۽ ﺑﺎﻏﻴﭽﺎ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎغ ارم آﻫﻲ ۱۹ .ﺻﺪي ﺟﻲ ﻗﺎﭼﺎري ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﺤﻞ ﻫﻦ ﺑﺎغ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ.
ﺷﻴﺮاز ۾ ﻣﺴﺠﺪ وﻛﻴﻞ ﺑﻪ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر وﻛﻴﻞ ﺑﺎزار آﻫﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺟﻴﻜﻮ ۱۹۵۳ع ۾ ﺳﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ،ﺷﻬﺮ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ .ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي )ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺧﻮاﺟﻪ ﺷﻤﺲ اﻟﺪﻳﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي( ۱۳۲۰ڌاري ﺷﻴﺮاز ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۶۹ورﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎغ ۾ آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﻣﺼﻼ ﺑﺎغ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي دﻧﻴﺎ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺷﺎﻋﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮري ﺳﻨﺪس ﺟﻴﺌﺮي ﺋﻲ ﭤﻲ وﺋﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ اﻗﺮار ۾ ﺷﻌﺮ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ: ﺧﻮﺷﺘﺮ
ﻧﺪﻳﺪم
ﺑﻬﻪ
ﻛﻪ
ﻗﺮآﻧﻲ
ﺷﻌﺮ
از
ﺗﻮ
اﻧﺪر
ﺣﺎﻓﻆ داري
ﺳﻴﻨﻪ
ﺣﺎﻓﻆ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺋﻲ ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﻲ ﭤﻮ ﭼﻮي ﺗﻪ اي ﺣﺎﻓﻆ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻛﺎﺑﻪ ﺑﻬﺘﺮ ﺷﺎﻋﺮي ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﺋﻲ اﭤﻢ، آﺋﻮن ان ﻗﺮآن ﺟﻮ ﻗﺴﻢ ﮐﮣﻲ ﭤﻮ ﭼﻮان ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻮن ﺳﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﻟﮙﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﻫﻠﻴﻦ.
ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ان دور ﺟﻮ ﺗﻮڙي اڄ ﺟﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ وڏو ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻲ ﺗﻮڙي اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻴﻨﺪڙ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﺂﻋﺮن ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ ﭤﻲ اﭼﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ا� ﻟﻮڪ ﺑﻪ ﻫﺌﺎ ،ﺣﺎﻓﻆ واﻧﮕﺮ ﻗﺮآن ﺑﻪ ﺳﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﻟﮙﺎﺋﻲ ﻫﻠﻴﺎ ﭤﻲ ،ﭘﺮ ﺷﺮاب واﭘﺮاﺋﮡ ۾ ﺑﻪ ﻓﺨﺮ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎﺋﻮن ۱۳۵۳ .۾ ﻣﻈﻔﺮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻤﺎل اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺷﺠﺎع ﺟﮇﻫﻦ ﺷﻴﺮاز ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ان ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ آﻧﺪو ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻛﻢ ﺷﺮاب ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻫﻨﺌﻲ .ان ﺧﺮاب ﺧﺒﺮ ﺗﻲ ﺣﺎﻓﻆ ﻫﻚ ﻏﻤﮕﻴﻦ ﺷﻌﺮ ﻟﮑﻴﻮ ﭼﻲ: اﮔﺮﭼﻪ ﺑﻪ
ﺑﺎﻧﮓ
ﺑﺎده
ﻓﺮح
ﺑﺨﺶ
ﭼﻨﮓ
وﺑﺎد
ﻛﻪ
ﻣﺨﻮرﻣﻲ،
ﮔﻞ
ﻣﺤﺘﺴﺐ
ﻫﻦ ﺷﻌﺮ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺗﺮﺟﻤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻮن ﭘﮍﻫﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﻮ اﻳﮉورڊ ڊراﺋﻮن ﻛﻴﻮ آﻫﻲ:
ﺑﻴﺰﺳﺖ
ﺗﻴﺰاﺳﺖ
Though wine gives delight & the wind distills the perfume of the rose,
Drink not the wine to the strains of the harp, for the constable is alert.
ﺣﺎﻓﻆ اﮘﺘﻲ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ: در
ﻛﻪ
ﺑﮫ
ﻛﻪ
ﻫﻤﭽﻮ آب
آﺳﺘﻴﻦ
ﻣﻮﺳﻢ
ﻣﺮﻗﻊ
ﭼﺸﻢ
دﻳﺪه
ورع
ﺻﺮاﺣﻲ،
ﭘﻴﺎﻟﻪ
ﺑﺸﻮﻳﻴﻢ و
زﻣﺎﻧﻪ
ﭘﻨﻬﺎن
ﺧﺮﻗﻪ
روزﮔﺎر
ﺧﻮﻧﺮﻳﺰ
ﻫﺎ
ﭘﺮﻫﻴﺰ
ﻛﻦ
اﺳﺖ
ازﻣﻲ اﺳﺖ
Hide the goblet in the sleeve of the patchwork cloak,
For the time, like the eye of the decanter, pours forth blood.
Wash the wine stain from your dervish cloak with tears,
For it is the season of piety and the time for abstinence.
ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﻗﺮآن ﺟﻮ ﻳﺎد ﺣﺎﻓﻆ ﺑﻪ ﻫﻮ ۽ ﭼﻮڏﻫﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻃﺮﻳﻘﻦ ﺳﺎن ﻗﺮات ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ .ﻣﭥﻴﻦ ﺷﺮاب واري ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﺎن ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”اﻫﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺸﻴﺎﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ ﻓﺌﺸﻦ ﻫﻮ ﺗﻪ Alcohalicرﻫﺠﻲ ۽ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻏﻤﮕﻴﻦ ﻣﻮڊ ۾ رﻫﺠﻲ ۽ ﭘﻮ ﻣﺮﻛﻨﺪي آﻫﺴﺘﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻫﻨﻦ ﻻ ﻫﻚ ﺷﺮاب ۽ ﭔﻴﻮ ﻋﺸﻖ ﻛﺮڻ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺳﻮ ﺑﻪ ﮀﻮﻛﺮن ﺳﺎن! ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﭠﻬﻴﻮ ﭘﺮ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻬﮍو ﺑﺎدﺷﺎه ﺑﻪ زال ﺑﺪران اﻳﺎز ﮐﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪو ﻫﻮ“ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻬﺎ اﻟﺪﻳﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻴﺮاز ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻮﺋﻠﻲ ﺟﻲ واﭘﺎري ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ ” ِ ﺷﺎخ ﻧﺒﺎت“ )ﻛﻤﻨﺪ ﺟﻲ ﺷﺎخ( ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻣﻴﺮ ﮀﻮﻛﺮي ﺳﺎن ﻋﺸﻖ ﻛﻴﻮ .ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﻧﻨﮃو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ڊﮔﻬﻮ ﻋﺮﺻﻮ ﺑﻴﻤﺎر رﻫﮡ ﺑﻌﺪ وﻓﺎت ﻛﺮي وﻳﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﺎ ﺑﭽﻴﻞ ڌﻧﮅي ﮐﻲ وﻛﮣﻲ ﻗﺮض ﻻﭤﺎ .ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﻻ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ ﻣﺎ ۽ ﭘﺎڻ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻮرﻫﻴﻮ ۽ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ رات ﺟﻮ ﻫﻮ اﺳﻜﻮل وﻳﻨﺪو ﻫﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻴﻜﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﻓﻆ ﻧﻮﻛﺮ ﻫﻮ ان ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻮ ﮔﻬﺮن ۾ ﻧﺎن ڏﻳﮡ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺷﺎخ ﻧﺒﺎت ﺳﺎن اک ﻣﻠﻲ وﻳﺲ ۽ دل ڏﻳﺌﻲ وﻳﭡﻮ ،ﻫﻦ ﻋﺸﻖ ﺟﻮ ﺣﺎﻓﻆ ﺗﻲ اﻳﮇو اﺛﺮ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﺎﺋﮡ ﭘﻴﺌﮡ ﮀﮇي ڏﻧﻮ .ﻫﻮ ﻏﺰﻟﻦ ذرﻳﻌﻲ ﺷﺎخ ﻧﺒﺎت ﺟﻲ ﺣﺴﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﺷﺎخ ﻧﺒﺎت ﮐﻲ ﺑﻪ ان ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮﻧﺪي رﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﺑﻪ ﺣﺎﻓﻆ ﮐﻲ دل ڏﻳﺌﻲ وﻳﭡﻲ ﭘﺮ ﭔﻨﻬﻲ ﺟﻮ ﺳﻤﺎﺟﻲ درﺟﻮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻮ .ﺣﺎﻓﻆ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﭘﻮرﻫﻴﺖ ﻫﻮ ۽ ﻫﻮ ﻫﻚ اﻣﻴﺮ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﻻڏﻟﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﻫﻦ رﺷﺘﻲ ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻴﮡ ۾ رﻧﮉﻛﻮن ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻮن .ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﺸﻖ ﺟﻮ ﻧﺸﻮ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ دل ۽ دﻣﺎغ ﺗﻲ ﺳﻮار ﭤﻴﻨﺪو وﻳﻮ ﺗﺌﻴﻦ ﺗﺌﻴﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺤﺒﻮﺑﺎ ﺷﺎخ ﻧﺒﺎت ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ان ﺧﻠﻘﮣﻬﺎر ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻋﻜﺲ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺷﺎخ ﻧﺒﺎت ﺟﻬﮍي ﺳﻬﮣﻲ ﮀﻮﻛﺮي ﮐﻲ ﺧﻠﻘﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻴﺎر ۽ ﭼﺎﻫﺖ ﻫﺎڻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ رب ﻻ وڌڻ ﻟﮙﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ دل ۾ ﻣﺠﺎزي ﻋﺸﻖ ﺑﺪران ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻋﺸﻖ ﭘﻴﺪا ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻏﺰل ﻟﮑﮡ ﻻ ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ ﻛﻴﻮ.
ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ ﺷﺂﻋﺮي ﺟﻮ اﺛﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺗﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﻋﻨﺎﻳﺖ ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮد ﺑﻠﻬﻲ ﺷﺂﻫﻪ ) (۱۶۸۰-۱۷۵۲۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪاﻟﻠﻄﻴﻒ ﭜﭩﺎﺋﻲ ) (۱۶۸۹-۱۷۵۲ﭘﮡ ﻫﺌﺎ .اڙدو ﻏﺰل ۾ ﺑﻪ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ ﺳﻮچ ۽ ﺧﻴﺎل ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﻣﻴﺮ ﺗﻘﻲ ﻣﻴﺮ ،ﺟﻴﻜﻮ ۱۷۲۳۾ آﮔﺮي ۾ ﭴﺎﺋﻮ ان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﭤﻲ ڏﺳﺠﻲ ﺗﻪ ان ۾ ﺑﻪ ﺣﺎﻓﻆ واري ﺳﭻ ﻻ ﭘﻴﺎر ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ۾ ﭜﭩﻜﻨﺪڙ دل ﺟﻮ درد ﻣﺤﺴﻮس ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻣﻴﺮ ﮐﺎن ﭘﻮ اردو ﺟﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﻧﺬﻳﺮ آﻫﻲ .ﻫﻮ ۱۷۳۵ع ۾ دﻫﻠﻲ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۸۴۶ع ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻫﻦ ﮐﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻮ ﭼﺎﺳﺮ ۽ ﺷﻴﻜﺴﭙﻴﺌﺮ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺗﻲ ﺷﻴﺮاز ﺟﻲ ﻫﻦ ﺷﺎﻋﺮ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ اﺛﺮ ﻧﻤﺎﻳﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ .ان ﺑﻌﺪ اڙدو ﺟﻮ ﭔﻴﻮ وڏو ﺷﺎﻋﺮ ﻣﺮزا ﻏﺎﻟﺐ آﻫﻲ .ﻏﺎﻟﺐ ۱۷۹۷ع ۾ آﮔﺮي ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اڙدو ۾ ﺷﻌﺮ ﻟﮑﮡ ﺷﺮوع ﻛﻴﺎ. ﻫﻦ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻟﮑﮣﻴﻮن ﻓﺎرﺳﻲ ۾ آﻫﻦ .ﻏﺎﻟﺐ ﺟﻲ وڏي ﭜﺎﮜﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ اﺛﺮ ﺻﺎف ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪو .ﻛﻮﻟﻤﺒﻴﺎ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻃﺮﻓﺎن ۱۹۷۱ع ۾ ﺟﻴﻜﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻛﺘﺎب Ghazals of Ghalibﮀﭙﻴﻮ ان ﺟﻲ ﻣﻬﺎڳ ۾ اﻋﺠﺎز اﺣﻤﺪ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ.
“…… the tradition of poetry that reaches its first greatness with Hafiz and Rumi in Persia ends its classical phase with ”Ghalib in Delhi
ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﺧﻴﺎﺑﺎن ارم)روڊ( ﺗﻲ ﺷﺒﺴﺘﺎن ﺣﺮم ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﻫﻚ اﻳﺮان ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﻮ دﻛﺎن آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺟﻲ دﻛﺎن اﮘﻴﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﺳﺎﻣﻬﻮن رﮐﻴﻞ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﻗﺒﺎل ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه اڙدو ﺟﻮ ﺑﺎﻧﮓ دارا ۽ ﺿﺮب ﻛﻠﻴﻢ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻫﻦ ﺳﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﻣﭥﻴﻦ ﻋﻨﻮان ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﻮﻟﻬﻪ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﻗﺒﺎل )ّ (۱۸۷۷-۱۹۳۸آﺧﺮي وڏو ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ اڙدو ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻮ .ﻫﻦ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺮار ﺧﻮدي )ﺧﻮدي ﺟﺎ راز( ﻓﺎرﺳﻲ ﻛﻼم ۱۹۱۵ع ۾ ﮀﭙﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ اﻋﺘﺮاض ﻛﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ان ﺷﻌﺮ ۾ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺗﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ اﻗﺒﺎل اﻫﻲ ﺳﭩﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻌﺮ ﻣﺎن
ﺧﺎرج ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮن ۽ ﻫﻦ ﺣﺎﻓﻆ ﻻ واﮐﺎڻ ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺣﺎﻓﻆ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ وڏن ﺷﺎﻋﺮن ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ .ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﻌﺮ ﺣﺎﻓﻆ ۽ ﺷﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺧﻴﺎﻟﻦ ۽ ﺳﻮﭼﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﺎ“.
ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻌﺮن ﺗﻲ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺟﻲ ﺷﻌﺮن ﺟﻮ اﺛﺮ آﻫﻲ ،ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﻻ ﺗﻪ اﻫﻮ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭘﺎڻ ﺳﺎن دﻳﻮان ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ۽ ﻣﺜﻨﻮي ﻣﻮﻻﻧﺎ روم رﮐﻨﺪو ﻫﻮ .ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ: درﻣﻴﺎن
ﺑﺎزﻣﻲ
ﮔﻮﺋﻲ
ﻗﺼﺮ
درﻳﺎ
داﻣﻦ
ﻛﻪ
ﺗﺨﺘﻪ
م
ﺗﺮ
ﺑﻨﺪم
ﻛﻦ
ﻫﻮﺷﻴﺎر
ﻛﺮدﺋﻲ ﺑﺎش
)ﻳﻌﻨﻲ درﻳﺎﻫﻪ ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﭣ ﭘﻴﺮ ﭔﮅي ﮐﮣﻲ اﮀﻠﻴﻮ اﭤﺌﻲ ﻣﭥﺎن وري ﭼﻮﻳﻦ ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﺧﺒﺮدار ﻣﺘﺎن ﻛﭙﮍا آﻻ ﻛﻴﺎ اﭤﺌﻲ(
ﻣﭥﻴﻮن ﺷﻌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ۱۳۵۰ڌاري ﻟﮑﻴﻮ ،اﭨﻜﻞ ﭘﻮﮢﺎ ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﭘﻮ ۱۷۳۰ڌاري ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﭼﻴﻮ: ﻣﻮن
اﭜﺎ
ﮐﻲ
ﻣﻮن
اﺋﻴﻦ
ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ:
ﻛﻪ
ﻛﺴﻲ
از
۽ ﺷﺎﻫﻪ ﭼﻴﻮ:
وڍﻳﻮ ﻫﻲ
ﺗﻪ
ﻫﺌﻴﻦ
ﺗﻨﻴﻦ
ﺟﻮ
ﺟﺪا
وز
از
ﭔﮅي
ﻣﺘﺎن ﻛﺸﺘﻪ
ﻗﺒﻴﻠﻪ
۽ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ :
ﺑﺸﻨﻮ
ﭼﻮن
ﭘﺮﻳﻦ
وڌو
ﻧﻪ
وﻳﻬﻪ
ڏﻳﻬﻪ ﻧﻲ
ﺗﻪ
ﭼﻮن
ﺋﻴﻬﺎ
اﻧﺪر
ﺷﻜﺎﻳﺖ
ﭘﺎﻧﮅ ﻧﻪ
ﻣﺎ وﭠﻴﻮ
ﭔﺎر
ﭘﺴﺎﺋﻴﻦ ﺑﺎﺷﺪ
ﻧﻴﺴﺖ
واٽ
ونء
ﺟﻨﻴﻦ
ﺣﻜﺎﻳﺖ
۾
اڌ
ﻣﻲ
ﻣﻲ
ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻴﻮ
ﻛﻨﺪ ﻛﻨﺪ
)ﺣﺎﻓﻆ ﭤﻮ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻧﮍ ﮐﺎن ﭔﮅ ﺗﻪ ﻛﻬﮍﻳﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭤﻮ ﻛﺮي ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺪاﺋﻲ ﺟﻮن ﻛﻬﮍﻳﻮن ﺷﻜﺎﻳﺘﻮن ﭤﻮ ﻛﺮي( ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ:
وڍﻳﻞ ﻫﻲ
ﭘﮡ
ﭤﻲ
ﻫﻨﺠﻮن
واﻳﻮن
ﻫﺎري
ان
ﻛﺮي
ﭘﮡ
ﻛﭡﻞ
ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ
ﻛﻮﻛﺎري ﺳﺎرﻳﺎ
ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﻣﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺷﺎﻋﺮ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻴﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﺪو ۽ ﺳﮏ ﭘﮡ .اوﮢﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﻫﻨﺪو ﻓﻼﺳﻔﺮ ۽ ﺳﻤﺎج ﺳﮅارڪ دﻳﺒﻨﺪر ﻧﺎٿ ﭨﺌﮕﻮر ﮐﻲ ”ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻮ ﺣﺎﻓﻆ“ ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ دﻳﻮان ﻳﺎد ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﭘﭧ راﺑﻨﺪرﻧﺎٿ ۲۰ ،ﺻﺪي ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﭘﮡ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ۽ ﭔﻴﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺂﻋﺮن ﻣﺎن ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻫﻮ.
ﮔﮇﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﭿ ﻛﻴﺘﺮو ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ؟ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻓﺎرس ﺻﻮﺑﻮ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﺟﻲ زﺑﺎن )ﻓﺎرﺳﻲ( ﺳﭵﻲ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ زﺑﺎن ﭤﻲ .ﻓﺎرس ۾ اڄ ﮐﺎن ۲۵۰۰ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﺎ ﮔﺎدي وارا ﺷﻬﺮ ﭘﺎﺳﺮ ﮔﺎد ۽ ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺎڻ آﺛﺎر ﻗﺪﻳﻤﻪ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڏﺳﮡ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﺷﻴﺮاز ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻓﺎرس ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ آﻫﻦ ،ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: آﺑﺎدﻳﻪ ،اﺳﺘﻬﺒﺎن ،اﻗﻠﺪ ،ﻓﺎﺳﺎ ،ﺳﻴﭙﮉان ،ﻓﻴﺮوزآﺑﺎد ،ﻛﺎزرون ،ﻻر ،ﻣﺮودﺷﺖ وﻏﻴﺮه .ﻓﺎرس ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ .رﮘﻮ ﺷﻴﺮاز ﺷﻬﺮ ۾ ﺋﻲ ﭘﻨﺞ وڏﻳﻮن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ: -1
ﺷﻴﺮاز ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ.
-3
ﺷﻴﺮاز ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ.
-2 -4 -5
ﺷﻴﺮاز ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ﺷﻴﺮاز ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﭘﻼﺋﻴﮉﺳﺎﺋﻨﺴﺰ. اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺷﻴﺮاز
ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻚ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ﺟﻲ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﻓﺎﺳﺎ ۽ ﻫﻚ ﺟﺎﻫﺮوم ۾ آﻫﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ڏﻫﻪ ﮐﻦ اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﻓﺎرس ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ آﻫﻦ.ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ۾ ﺑﺎغ ﺑﺴﺘﺎن ۽ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ۾ ﻓﺎرس ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اڄ ﭘﺮ اڳ ﺑﻪ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﻫﻮ .ﺷﺎﻳﺪ ان ﻛﺮي ﺣﺎﻓﻆ ﺑﻪ ﻓﺎرس ﮐﻲ ﺑﺼﺮي ۽ ﺑﻐﺪاد ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺎن ڏﻧﻮ آﻫﻲ ﭼﻲ: روي
ﮔﺮدم ﻛﻪ
ﺷﺎم
ﮔﻔﺘﻢ
ﻧﻬﻪ
از
و
ﻛﻪ
ﺑﻴﺮون
ﻗﻴﺪ روم
درﺟﻬﺎن
ﭘﺎرس
ﺑﻨﺪﮔﻲ
وﺑﺼﺮه
ﻣﻨﺰل
ﺑﻨﻬﻢ
آزاد
ﻫﺴﺖ
وﺑﻐﺪاد
(I said, turn your path to the greater world,
So I should be free of the chains of slovery. But I found no place for me outside Fars,
)Not levant, not Antolia, Not Basra, not Baghdad
اﻋﻠﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺷﻴﺮاز ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻫﻮ ﺑﻪ ﺷﺮف ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺑﻪ ﻫﻚ ٰ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ،وچ اﻳﺸﻴﺎ ۽ ﻣﮉل اﻳﺴﭧ ﺟﻮ ﻛﻬﮍو ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺑﻮﺳﺘﺎن ۽ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﮐﺎن واﻗﻒ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ .ﺑﻠﻜﻪ ﻫﺎڻ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي ،ﻓﺮﻳﻨﭻ ،ﺟﺮﻣﻦ ۽ ﻣﻠﺌﻲ ﺗﺮﺟﻤﺎ آﻣﺮﻳﻜﺎ ،ﻳﻮرپ ۽ ڏور اوﭜﺮ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ.
ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺷﻴﺮاز ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اﺗﺮ اوﭜﺮ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس اڄ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻘﺒﺮو ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ۱۹۵۲ع ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻮ .ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺼﻠﺢ اﻟﺪﻳﻦ ﻣﺸﺮف اﺑﻦ ﻋﺒﺪا� ﻫﻮ ،ﭘﺎڻ ۱۱۸۴۾ )ﻳﻌﻨﻲ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﺎن ۱۳۵ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ( ﭴﺎﺋﻮ .ﭘﺎڻ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن وڏي ﭴﻤﺎر ﻣﺎﮢﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ۱۲۹۰ڌاري ﺷﻴﺮاز ۾ ﺋﻲ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺣﺎﻓﻆ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﺷﻴﺮاز ۾ ﺋﻲ ﮔﺬارﻳﻮ ﭘﺮ ﺳﻌﺪي ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﭼﭙﻮ ﭼﭙﻮ ﮔﻬﻤﻨﺪو رﻫﻴﻮ ،ﺟﺘﻲ ﺻﻠﻴﺒﻲ ﺟﻨﮕﻴﻮن ﻛﺮڻ
وارن ) (Crusadersوٽ ﻗﻴﺪ ﺑﻪ ﻛﺎﭨﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ اﭨﻜﻞ ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎل ﭔﺎﻫﺮ ﮔﺬارڻ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺷﻴﺮاز ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﺎﻓﻲ ﭘﻮڙﻫﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﻛﺘﺎب ﺑﻮﺳﺘﺎن ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺧﻄﺎب ﻛﻨﺪي ﭼﻮي ﭤﻮ ﺗﻪ: ﺑﻴﺎ اي ﻛﻪ ﻋﻤﺮت ﺑﻬﻔﺘﺎ درﻓﺖ
ﻣﮕﺮ ﺧﻔﺘﻪ ﺑﻮدي ﻛﻪ ﺑﺮﺑﺎد رﻓﺖ
)اي ﺳﻌﺪي! ﻫﺎڻ ﺗﻪ ﻣﻮٽ ﻛﺮ ،ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﺮ ﺳﺘﺮ ﮐﺎن ﭨﭙﻲ وﺋﻲ .ﺷﺎﻳﺪ ﺗﻮن ﻧﻨﮉ ﭘﻴﻮ ﻫﺌﻴﻦ ﺟﻮ ﭴﻤﺎر اﺋﻴﻦ ﮔﺬري وﺋﻲ( ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ وٽ ﺷﺎم ۾ ﻗﻴﺪ ﻛﺎﭨﮡ ﺟﻮ واﻗﻌﻮ ﻫﻦ رﻳﺖ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ دﻣﺸﻖ ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﻛﺎوڙﺟﻲ ﺟﻬﻨﮓ ڏاﻧﻬﻦ ﮐﮣﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ،ﺟﺘﻲ ﮐﻴﺲ ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﻗﻴﺪ ﻛﺮي ،ﻃﺮاﺑﻠﺲ ) (Tripoliﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﮐﻮﭨﺠﻨﺪڙ ﮐﺎﻫﻲ)ﺧﻨﺪق( ۾ ﻳﻬﻮدﻳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ،ﻣﭩﻲ ڍوﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺗﻲ ﻫﮣﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﺣﻠﺐ ﺟﻮ ﻫﻚ رﺋﻴﺲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻌﺪي ﮐﻲ ﺳﭹﺎﮢﻴﻨﺪو ﻫﻮ ،ﺳﻮ اﺗﺎن اﭼﻲ ﻻﻧﮕﻬﺎﺋﻮ ﭤﻴﻮ .ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﮐﻲ اﻫﮍي ﺣﺎل ۾ ڏﺳﻲ ﭼﻮڻ ﻟﮙﻮ ،اي ﺳﻌﺪي ! ﻫﻲ ﮀﺎ آﻫﻲ ؟ ﺟﻮاب ڏﻧﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ دوﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﻛﭽﻬﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﺋﻲ ﭜﮙﺲ ﭘﺮ ﺗﻘﺪﻳﺮ ﮐﺎن ﻛﻴﺮ ﭜﭵﻲ ؟ ﺑﻬﺮﺣﺎل ان رﺋﻴﺲ رﺣﻢ ﮐﺎﺋﻲ ،ڏﻫﻪ دﻳﻨﺎر ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﮐﻲ ﻋﻴﻮﺿﻮ ڏﻳﺌﻲ ،ﺳﻌﺪي ﮐﻲ آزاد ﻛﺮاﻳﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺣﻠﺐ وﭠﻲ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﺳﺌﻮ دﻳﻨﺎرن ﺟﻲ ﻛﺎﺑﻴﻦ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮاﻳﺎﺋﻨﺲ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻣﺎﺋﻲ ﺟﻮ رﻳﻨﮕﭧ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ، ﺟﻬﻴﮍا ﻛﺮڻ ﻟﮙﻲ ،ﻃﻌﻨﺎ ﻫﮣﮡ ﺷﺮوع ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ،ﭼﻲ ﺗﻮن اﻫﻮﺋﻲ ﺗﻪ آﻫﻴﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ڏﻫﻦ دﻳﻨﺎرن ۾ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ! ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺑﻪ رﮐﺖ ﻛﺎﻧﻪ ﻛﺌﻲ ،ﺟﻮاب ۾ ﭼﻴﺎﺋﻨﺲ ﺗﻪ ﺑﺮاﺑﺮ ڏﻫﻪ دﻳﻨﺎر ڏﻳﺌﻲ ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﺪ ﻣﺎن ﺗﻪ ﮀﮇاﻳﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮ ﺳﺌﻮ دﻳﻨﺎر وﭠﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻴﺪ ۾ اڙاﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎﺋﻴﻦ. ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ اﻫﺎ ﻣﺸﻬﻮر ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﭔﮅي ﻫﻮﻧﺪي ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب ﮔﻠﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﭨﻲ ﺑﺎب ۾ ﺑﻴﺎن ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ :
..........ﻣﻮن ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﺟﻲ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺻﺒﺮ ﺟﻮ داﻣﻦ ﻫﭣ ﻣﺎن ﮀﮇاﺋﻲ وﻳﻮ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺮن ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﺎﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﮔﺮﻣﻴﻦ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ،ﺟﺘﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮڻ ﺟﻴﺘﺮا ﭘﺌﺴﺎ ﺑﻪ ﻛﻮﻧﻪ ﻫﺌﺎ .ڏاڍو ڏک ﭤﻴﻮ .وﻫﻢ وﻟﻮڙﻳﻨﺪو ،ﺳﻮﭼﻮن ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو ﻛﻮﻓﻲ ﺟﻲ ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ ۾ وﭸﻲ ﭘﻬﺘﺲ .اﺗﻲ اوﭼﺘﻮ ﻫﻚ اﻫﮍي ﺷﺨﺺ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﭘﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﻴﺮ ﻛﻮﻧﻪ ﻫﺌﺎ .ﺑﺮوﻗﺖ ا� ﺟﻮ ﺷﻜﺮ ادا ﻛﻴﻢ ﺗﻪ اي ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ رب ! ﺟﺘﻲ ﻧﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﮀﺎ ﭤﻴﻮ ﭘﻴﺮ ﺗﻪ آﻫﻦ. ﺷﻴﺦ ﺳﻌﻴﺪي ﺟﺘﻲ ﮔﻬﮣﻮ وﻗﺖ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﺳﻴﺮ ﻛﺮڻ ۾ ﮔﺬارﻳﻮ اﺗﻲ ﻫﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۽ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ۾ ﺑﻪ رﻫﻴﻮ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب ﺑﻮﺳﺘﺎن ۾ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﺳﻴﺮ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ:
”ﺟﻬﻮﻧﺎ ﮘﮍﻫﻪ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر ۾ ﻫﻚ ﺑﺖ ڏﭠﻢ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﺮن ۽ ﺟﻮاﻫﺮن ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻞ ﻫﻮ ،ﻣﺸﺮڪ ان ﺟﻲ آڏو ﻣﭥﻮ ﭨﻴﻜﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ روﺋﻲ دﻋﺎﺋﻮن ﮔﻬﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ﭘﻮﭴﺎري ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ :ﻫﻦ ﺑﻴﺠﺎن ﭘﭥﺮ آڏو اﻳﺘﺮي آﻫﻪ زاري ﮀﻮ ﭤﺎ ﻛﺮﻳﻮ؟ ﺟﻮاب ﺗﻪ ﻛﻮﻧﻪ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ رﻫﻨﺪو ﻣﭩﻮن ﮐﮣﻲ ﭰﻮﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﺳﮅو وڏي ﭘﻨﮉت ﮐﻲ وﭸﻲ ﭔﮅاﻳﺎﺋﻴﻦ .ﻣﻮن ﻻ ﺗﻪ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺟﺎن ﮀﮇاﺋﮡ ﻻ اﭨﻜﻞ ﺳﻮﭼﻴﻢ ۽ ان ﭘﻨﮉت ﮐﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ :ﺳﺮ! ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ اﻫﻮ ﺳﻮال اﻋﺘﺮاض ﻻ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ﻻ ﻫﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﭘﮅري ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﭘﻮﭴﺎ ﻛﺮڻ ۾ وڌﻳﻚ ﻟﺬت ﺣﺎﺻﻞ ﭤﺌﻲ .اﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ اﻃﻤﻴﻨﺎن ﭤﻴﺲ ۽ ﭼﻮڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ادا! ﭔﻴﻦ ﺑﺘﻦ ﻻ ﺑﺮاﺑﺮ اوﻫﺎن ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ،ﭘﺮ ﻫﻲ ﻛﻮ ﻋﺎم ﺑﺖ ﻧﻪ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺑﺖ ﺳﺪاﺋﻴﻦ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺧﺪا ﺟﻲ آڏو ﻫﭥﮍا ﮐﮣﻲ دﻋﺎ ﮔﻬﺮﻧﺪو آﻫﻲ .ﺻﺒﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮ! ﺳﭛ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ اﭼﻲ وﻳﻨﺪﺋﻲ. ﻣﺎن ﺑﻪ ﺑﺘﺨﺎﻧﻲ ۾ اﭼﻲ ﭰﺎﭤﺲ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﺌﻴﻦ ﻛﺮي اﻫﺎ رات ﮔﺬارﮢﻲ ﻫﺌﻲ ﺳﻴﺦ ﺳﻌﺪي اﮘﺘﻲ ﻓﺮﻣﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ:
ﺷﺒﻲ
ﻣﻐﺎن
ﻫﻤﭽﻮ
ﮔﺮدﻣﻦ
ﺑﻲ
روزي
وﺿﻮ
ﻗﻴﺎﻣﺖ
در
دراز
ﻧﻤﺎز....
)اﻫﺎ رات ﻗﻴﺎﻣﺖ ﺟﻴﮇي ڊﮔﻬﻲ ﻧﻈﺮ ﭘﺌﻲ آﺋﻲ .ﭘﻮﭴﺎري ﺑﻨﺎ وﺿﻮ ﺟﻲ ﻋﺒﺎدت ۾ ﺷﺮوع ﻫﺌﺎ .ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻨﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻛﺎﻧﻪ ڏﻧﻲ ﻫﺌﻲ .اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻐﻠﻦ ﻣﺎن ﺑﺪﺑﻮ اﺋﻴﻦ ﭘﺌﻲ اﭤﻲ ﭴﮡ ﻛﻮ ﻣﺌﻞ ڍور اس ۾ ﭘﻴﻞ ﻫﺠﻲ .ﺑﻐﻠﻬﺎ
ﭼﻮن ﻣﺮدار در آﻓﺘﺎب ....ﺷﺎﻳﺪ ﻣﻮن ﮐﺎن ﺑﻪ ﻛﻮ ﻛﺒﻴﺮو ﮔﻨﺎﻫﻪ ﺳﺮزد ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﺰا ﻟﻮڙي رﻫﻴﻮ ﻫﻮس(
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺟﮇﻫﻦ ﺳﭝﺎﮘﻮ ﺻﺒﺢ ﻧﺮوار ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺑﺘﺨﺎﻧﻲ ۾ ﻫﻠﭽﻞ ﻣﭽﻲ وﺋﻲ ،ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﮐﻴﻦ ﺳﺎن ڏﭠﻮ ﺗﻪ اﻧﻬﻲ ﺑﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﭣ ﻣﭥﻲ ﮐﻨﻴﺎ .ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ رڙﻳﻮن ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻮن .اﻫﻮ ﭘﻨﮉت ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭰﻜﺎ ڏﻧﺪ ﻛﮃي ﻣﻮن ڏاﻧﻬﻦ ﻣﺮﻛﻲ ﻧﻬﺎري رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. ﻓﻲ اﻟﺤﺎل ﺗﻪ ﻣﺎٺ ﻛﺮڻ ڌاران ﻛﻮ ﭼﺎرو ﻛﻮﻧﻪ ﻫﻮ ،ﭘﻮﭴﺎرﻳﻦ ﺳﺎن رﻟﻲ ﻣﻠﻲ وﻳﺲ .ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻼش ﻛﻨﺪي اﻧﻬﻲ ﺑﺖ ﻫﻴﭡﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﺗﻬﺨﺎﻧﻲ ۾ ﻟﻬﻲ وﻳﺲ .ﮀﺎ ڏﺳﺎن ﺗﻪ ﻫﻚ ﺑﺖ ﭘﺮﺳﺖ رﺳﻲ ﻫﭣ ۾ ﺟﻬﻠﻴﻮ ﺑﻴﭡﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﮀﻴﮍو ﺑﺖ ﺟﻲ ﭔﺎﻧﻬﻦ ۾ اﻫﮍي ﻃﺮح ﭔﮅل ﻫﻮ ﺟﻮ رﺳﻲ ﮀﻜﮡ ﺳﺎن ان ﺟﻮن ﭔﺎﻧﻬﻮن ﻣﭥﻲ ﮐﭵﻲ وﭸﻦ .راز ﻓﺎش ﭤﻲ ﭼﻜﻮ ﻫﻮ ،ﺑﺖ ﭘﺮﺳﺖ اﺗﺎن وﭠﻲ ﭜﮙﻮ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﻪ ﺟﺎن ﺟﻮ ﺧﻄﺮو ﭤﻲ ﭘﻴﻮ .آﺋﻮن ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر ﻣﺎن ﻧﻜﺮي آﻳﺲ ۽ ﻳﻤﻦ رﺳﺘﻲ ﺣﺠﺎز ﮐﺎن وﭸﻲ ﻧﻜﺘﺲ. ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭘﺮ ﻋﺮﺑﻲ ۾ ﺑﻪ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ۾ ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮوع ۾ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ،ﺗﻪ ﭔﻪ ﻛﺘﺎب ﺑﻮﺳﺘﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ۱۲۵۷۾ ﻣﻜﻤﻞ ﻛﻴﻮ ۽ ﭔﻴﻮ ﮔﻠﺴﺘﺎن )ﺟﻴﻜﻮ ۱۲۵۸۾ ﻟﮑﻴﻮ ( ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ .اﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻛﺘﺎب ﻧﺼﻴﺤﺖ آﻣﻮز ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ آﻫﻦ ۽ اﺳﺎن وٽ ﺳﭵﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ ﺳﻨﮅ ﭘﻨﺠﺎب ﮐﺎن ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﻋﺮﺑﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .اﺗﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻮ اﺧﻼق ﺳﻨﻮارڻ ﻻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻋﻄﺎر ﺟﻮ ﭘﮅﻧﺎﻣﻮن ۽ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ بوﺳﺘﺎن ﮔﻠﺴﺘﺎن ۽ ﻛﺮﻳﻤﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ ﻣﻜﺎﻧﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺳﻨﮅي ۾ ﺑﻪ اﻫﻲ ﻛﺘﺎب ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺗﺮﺟﻤﺎ ﻛﻴﺎ آﻫﻦ ،ﭘﺮ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﺳﻮﻣﺮو ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﮉﻳﺎرو ﺟﻲ اﻟﺠﺎﻣﻌﺘﻪ اﻟﻌﺮﺑﻴﻪ اﻧﻮار اﻟﻌﻠﻮم ﺟﻮ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎل آﻫﻲ .اردو ۾ ﻣﻴﺮ ﺷﻴﺮ ﻋﻠﻲ اﻓﺴﻮس ،ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ آﻓﺎق، دﻫﻠﻮي ،ﻣﻨﺸﻲ ﮔﻮﭘﺎل ﻛﺮﺷﻦ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻨﻴﺮ ﻟﮑﻨﻮي ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﺎ ﺳﭡﺎ ﺗﺮﺟﻤﺎ ﻛﻴﺎ آﻫﻦ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﺎ وﻳﻨﺪي ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ﭘﺸﺘﻮ ۽ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﺎ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ ۽ ﺳﺎﮘﺌﻲ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﻫﻚ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﭨﻲ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭼﺎر ﺗﺮﺟﻤﺎ آﻫﻦ.
ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮري ﺟﻮ اﻧﺪازو ان ﻣﺎن ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ۾ ﺟﻴﻜﺎ ﻳﻮﻧﺎﺋﻴﭩﻴﮉ ﻧﺌﺸﻦ ﺟﻲ ﺑﻠﮉﻧﮓ آﻫﻲ ان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﺎل ،ﺟﻴﻜﻮ ﻗﻮﻣﻦ ﺟﻮ ﻫﺎل ) (Hall of Nationsﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ،ان ﺟﻲ داﺧﻼ واري دروازي ﭔﺎﻫﺮان ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ ﻫﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﻌﺮ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ: ﺑﻨﻲ
آدم
ﭼﻮ
ﻋﻀﻮي
ﻛﻪ
دﮔﺮ
ﺗﻮ
ﻧﺸﺎﻳﺪ
اﻋﻀﺎي
در
ﻛﺰ
ﻳﻚ
آﻓﺮﻳﻨﺶ
ﻋﻀﻮﻫﺎ ﻛﻪ
ﺑﻪ
ﻣﺤﻨﺖ
ﭘﻴﻜﺮ
زﻳﻚ
را
دﻳﮕﺮ
ﻧﺎﻣﺖ
ﮔﻮﻫﺮ
آورد
درد
ان
ﻧﻤﺎﻧﺪ ﻧﻬﻨﺪ
ﺑﻲ
ﻧﺪ ﻧﺪ
روزﮔﺎر ﻗﺮار
ﻏﻤﻲ آدﻣﻲ
Human beings are members of a whole, In creation of oneeassence and soul.
If one member is afflicated with pain, Other members uneasy will remain.
If you have no sympathy for human pain, The name of human you can not retain
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﺳﻌﺪي ﺟﻮ اﻫﮍو ﻛﺘﺎب آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻪ ﭘﮍﻫﻴﻮ ﻫﺠﻲ. واﻗﻌﻲ ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﺟﻮاب ﻧﺎﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻧﻪ ﭘﮍﻫﻴﻮ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﺿﺮور ﭘﮍﻫﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺳﻨﮅي ،اردو ،اﻧﮕﺮﻳﺰي وﻳﻨﺪي ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ۽ ﭘﺸﺘﻮ ۾ ﺑﻪ ان ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻣﻠﻨﺪو .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺗﻪ آﺋﻮن ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪس ،ﺗﻪ ﻣﻮن ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭘﮍﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ان ﺑﻌﺪ اڙدو ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻨﺪو رﻫﻴﺲ. ﻧﻮﻛﺮي ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻣﻠﺌﻲ ﭼﻴﻨﻲ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮري ﺟﻬﺎزي آﻓﻴﺴﺮن ﮐﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻟﻴﻜﭽﺮ دوران ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ و ﺗﺎﻳﻮ ﻓﻘﻴﺮ ،ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﻫﻮﺟﺎ ۽ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮن اﻛﺜﺮ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮس .ﺟﻬﺎزي ﻧﻮﻛﺮي ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ Thanklessﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻜﺮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﺟﻬﺎزﻳﻦ ) (Seafarersﮐﻲ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ اﻛﺜﺮ ﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻛﻮ ﮘﻮﭠﺎﮢﻮ ﮔﮇﻫﻪ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي وٽ آﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭿ ﻛﻴﺘﺮو ﻛﭩﻴﺎن ﺟﻮ ﮘﻮٺ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ان ﮐﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﺳﻤﺠﻬﻦ ؟ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي وراﮢﻴﺲ ﺗﻪ ﺗﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﮇﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﭿ ﮐﮣﻲ ﭘﺎڙ ﮐﺎن ﻛﭩﻲ ﮀﮇ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ وڏو آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻲ ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﻧﻨﮃو آﻫﻲ.
ﺧﻮزﺳﺘﺎن ۾ وﻫﻨﺪڙ ﮐﻨﮉ ﺟﻮن ﻧﺪﻳﻮن دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻲ ﻛﻲ ﻋﻼﺋﻘﺎ ﮀﺎ ﺗﻪ ﺳﻬﮣﺎ آﻫﻦ ،ﺳﺒﺤﺎن ا�! ﭼﻮن ﭤﺎ ﻛﺸﻤﻴﺮ ﺳﻬﮣﻮ آﻫﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺷﻤﻼ ﺳﻬﮣﻮ آﻫﻲ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻮﺋﻴﭩﺰر ﻟﻴﻨﮉ ﺟﻲ ﺟﺒﻠﻦ ) (Alpsوارو ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺳﻬﮣﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮﻧﺪو .ﻣﻮن اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺎﺑﻪ ﺷﻲ ﻧﻪ ڏﭠﻲ آﻫﻲ. ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻣﻮن ﺑﻪ ﻛﻲ ﻛﻲ ﻫﻨﮅ اﻫﮍا ﺿﺮور ڏﭠﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﻨﺪي زﺑﺎن ﻧﭥﻲ ﭤﻜﺠﻲ .ﻣﺎﭠﻲ ﺳﻤﻨﮉ ۽ ﺳﺎﻧﺘﻴﻜﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ ﺟﺒﺮاﻟﭩﺮ وارو ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻴﮉﻳﭩﺮﻳﻨﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي اﭤﺎﻫﻪ ۽ ﻣﮁﺮﻳﻞ اﺋﭩﻼﻧﭩﻚ ۾ ﭤﻮ اﭼﻲ .اوﻧﻬﺎري ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻣﻮن ﺳﻮن ۽ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف ﺳﺎﺋﻜﻠﻮن ﺳﺎن واﺳﻴﻞ ﻣﺴﺖ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻬﺎزﻳﻦ ﮐﻲ ڌوﮢﻴﻮ ﭤﻮ رﮐﻲ ،اﺗﻲ ﻫﻨﺪي ﺳﻤﻨﮉ اﻛﺮي ﺟﻨﺖ ﺟﻬﮍي ﻣﻼﻛﺎ ﻧﺎر ) (Strait۾ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﮔﻬﮍڻ ﺳﺎن ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺖ اٺ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﺎ ڏاﮐﮍا ﻟﺤﻈﻲ ۾ ﻟﻬﻴﻮ وﭸﻦ ۽ اﻫﮍو ﺋﻲ ﻫﻚ ﺳﻬﮣﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ ۽ ﺗﻮارﻳﺨﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﻣﺎﻻ ﻣﺎل اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر ﺟﻮ آﺧﺮي ﮀﻴﮍو آﻫﻲ .ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ دﻣﺎم ﻳﺎ ﻛﻮﻳﺖ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻦ ﺳﻤﻨﮉ ۾ آﮢﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر ) (Persian Gulfﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر Strait of Hormuzﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﻬﻦ وٽ ﺋﻲ دﺑﺌﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ ﭘﻮ دوﺣﺎ )ﻗﻄﺮ( ۽ ﺑﺤﺮﻳﻦ UAEﺟﺎ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ آﻫﻦ .ﻫﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ،ﺑﺸﻴﻬﺮ وﻏﻴﺮه آﻫﻦ .آﺧﺮ ۾ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻮ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ دﻣﺎم ،ﻛﻮﻳﺖ ،ﻋﺮاق ﺟﻮ ﺑﺼﺮو ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺮم ﺷﻬﺮ ۽ اﺑﺎدان ﭔﻴﭧ ﺳﭛ ﻣﻠﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ .دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ڌرﺗﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﭨﻜﺮي ﺗﻲ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﭨﻜﺮو ﻫﻚ ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﮐﮣﻲ ﭘﻮرٽ ﻗﺎﺳﻢ وارو وﻳﺮان ﻋﻼﺋﻘﻮ ﻟﮙﻲ ﭘﺮ ﻫﻚ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻦ ﻫﻨﮅ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺧﻮﺷﻨﺼﻴﺐ ﭤﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ .ذرا ﺗﺼﻮر ﻛﺮﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻫﻨﮅ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮن ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﺳﺎن واﺑﺴﺘﻪ ﻓﺮات ۽ دﺟﻼ ﻧﺪﻳﻮن ﻋﺮاق ﺟﻲ ﻋﻮام ،وﻫﭩﻦ ۽ ﭔﻨﻴﻦ ﭔﺎرن ﺟﻲ اڃ اﺟﻬﺎﺋﻲ ﻫﺘﻲ ﭤﻴﻮن اﭼﻴﻮ ﮀﻮڙ ﻛﻦ .ﺑﺼﺮي ۽ ﻧﺎﺻﺮﻳﺎ ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﻫﺘﻲ آﻫﻦ .ڌاﺋﻮ ﭔﻴﮍﻳﻦ ۽ ﺳﭽﻦ ﻣﻮﺗﻴﻦ ﮐﺎن ﺻﺪﻳﻮن ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻮﻳﺖ ﺟﻮ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﻫﺘﻲ آﻫﻲ .ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻮ دﻣﺎم ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ۽ ان ﺟﺎ ﭜﺮ وارا ﺷﻬﺮ ﺟﺒﻴﻞ ۽ اﻟﺨﺒﺮ ﻫﺘﻲ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﻫﻨﮅن ﺗﺎن اﺳﻼم ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎن ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل اڳ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﭙﻮر دوم ) (۳۱۰-۳۷۹ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﺗﻘﻠﻴﺐ ،ﺑﻜﺮﻳﻦ ،واﺋﻞ ۽ ﻋﺒﺪاﻟﻘﻴﺰ ﻋﺮب ﻗﺒﻴﻼ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺰﺳﺘﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ،ﺟﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﭜﭵﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﻛﮃﻳﻮ .ﻫﻲ ﺋﻲ اﻫﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ ،ﺟﺘﺎن اﺳﻼم ﺑﻌﺪ ۶۳۹۾ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻌﺸﺮي ﺟﻲ اﮘﻮاﮢﻲ ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز ﺧﺎﻟﻲ ﻛﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ۽ اﺑﻮ ٰ ﺧﺰﺳﺘﺎن ﺟﻮ اﻫﻢ ۽ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺻﻮﺑﻮ ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ ،ﺧﺰﺳﺘﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ ﺗﻤﺎم ﺟﻬﻮﻧﻮ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ ،ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﺟﻲ ﺟﻨﻢ ﭜﻮﻣﻲ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﺟﺎ اوﺋﻠﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﺰي ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎن ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺗﻲ ﺧﺰﺳﺘﺎن ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻴﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻮل ﮔﺎﺋﻴﮉ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ۽ ان ﺟﻲ ﭜﺎ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﺎ روڊ ﻛﺮﺑﻼ ﻫﻠﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ”آﺋﻮن اﭸﺎن ﻫﻦ ﺋﻲ ﻣﻠﻚ ۾ رﻫﮡ ﭤﻮ ﭼﺎﻫﻴﺎن“ ﻣﻮن ﺟﻮاب ڏﻧﻮ ﻣﺎﻧﺲ” ،ﺗﻮﻫﺎن ﭜﻠﻲ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﻫﻠﻴﺎ وﭸﻮ، آﺋﻮن اﻳﺮان ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ ﺷﻬﺮ ڏﺳﮡ ﭤﻮ ﭼﺎﻫﻴﺎن“
ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ اﻳﺮان ۾ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ۾ رﻫﮡ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ،ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻮ ﻫﻚ ﺳﻨﮅي ﺷﻴﻌﻮ ﻋﺎﻟﻢ ﺟﻴﻜﻮ اﭠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ آﻫﻲ ،ان ﮐﺎن ﻣﻮن ﺧﺰﺳﺘﺎن ﺟﻲ وڏي ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز وﭸﮡ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﭘﮁﻴﻮ ﭘﺮ اﻓﺴﻮس ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﻣﺸﻬﺪ ،ﻗﻢ ۽ ﺳﻨﺪس اﺑﺎﮢﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﮘﻮٺ واري ﭨﻜﻨﺪي ۾ ﺋﻲ ﭰﺮﻧﺪي رﻫﻲ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ دﻟﭽﺴﭗ ۽ ﺟﻬﻮﻧﻲ آﻫﻲ ،اﻳﺮان ﺟﺘﻲ اڄ ﺟﻲ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ دور ۾ ﺑﻪ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻲ ﻣﺎﻧﻲ ۽ ﺑﺴﻦ ﺟﻮ ﭜﺎڙو آﻫﻲ ،اﻳﺮان ﺟﺘﻲ اﻳﺘﺮو اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻮ اﻛﻴﻠﻲ ﮀﻮﻛﺮي ﺑﻪ ﺳﻔﺮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ،اﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ ﮀﻮ ﻧﭥﺎ ڏﺳﻦ؟ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﻗﻮم ﮐﻲ ﻏﻮر ﺳﺎن ﮀﻮ ﻧﭥﺎ ڏﺳﻦ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻏﻴﺮﺗﻤﻨﺪ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺤﻨﺘﻲ ۽ اﻳﻤﺎﻧﺪار آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﺳﺎدﮔﻲ ﭘﺴﻨﺪ ۽ ﺑﺎاﺧﻼق آﻫﻲ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍي ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ڊﭴﻦ ،ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭨﺎن ۾ ﭜﺮﻳﻞ ﻋﺮاق ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﭹﺮاﺋﻲ وﻳﺎ ،ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڊﭠﻞ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ وري ﭠﺎﻫﻲ وﻳﺎ .اﻳﺮان ۾ اﻳﻨﺪڙ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ آﺋﻮن اﻫﺎ ﺋﻲ ﺻﻼح ڏﻳﻨﺪس ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮن
ﺟﻮ ﺿﺮور ﺳﻴﺮ ﻛﻦ :اﺻﻔﻬﺎن ،ﻛﺮﻣﺎن ،ﻓﺎرس ،ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻳﺎ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺰﺳﺘﺎن ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮ :اﻫﻮاز ،ڊﻳﺰﻓﻞ ،ﺷﺸﺘﺎر، اﺑﺎدان ،ﺑﻴﻬﺒﻬﺎن وﻏﻴﺮه .ﺧﺎص ﻛﺮي اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﺑﻌﺪ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻪ ﻫﻮن ﺑﻪ ﻫﺘﺎن ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﺣﻤﺪان ﻳﺎ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ وﭨﺎن ﻟﻨﮕﻬﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔﻪ آرام ﺳﺎن ﻫﺘﻲ ﺧﺰﺳﺘﺎن ۾ ﮔﻬﺎري ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ : ﻛﺰ
زﺑﺲ
ﺷﻜﺮ
داﻣﻦ
داﻣﻦ
ﻟﺐ
ﺑﻪ
ﺷﻜﺮ
ﺧﻮزﺳﺘﺎن
اﻓﺸﺎﻧﺪه
اﻓﺸﺎﻧﺪه
ﺑﺮ
)ﻫﻦ ﺟﻲ ﭼﭙﻦ ﺗﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﭡﻲ ﮐﻨﮉ ﺗﺮﻧﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ .اﻫﺎ ﻣﭡﻲ ﮐﻨﮉ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮن ﻧﺪﻳﻮن ﺧﻮزﺳﺘﺎن ۾ وﻫﻦ ﭤﻴﻮن(
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺷﺂﻋﺮ ﻧﻈﺎري ﻛﻮﻫﺴﺘﺎﻧﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﻮزﺳﺘﺎن ﻻ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ: ﻗﺪ
ﻟﺐ
رﻋﻨﺎي
ﺷﻴﺮﻳﻦ
ﺗﻮ
ﺗﻮ
و
ﻗﺎﻣﺖ و
ﺳﺮ
ﺷﻜﺮ
و
ﻛﺸﻤﺮ
ﺧﻮزﺳﺘﺎﻧﻲ
)ﺗﻨﻬﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺟﺴﻢ ﻛﺸﻤﺮ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﭙﺮﻳﺲ وڻ ﺟﻬﮍو .ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﺒﻦ ﺟﻲ ﺷﻴﺮﻳﻨﻲ ﺧﻮزﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﮐﻨﮉ ﺟﻬﮍي(
اﻫﻮاز ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﺪ ﭼﺎﻣﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ وڻ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Cypress tree ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ،ﻫﻚ دﻳﻮﻣﺎﻻﺋﻲ وڻ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﻗﺪاﻣﺖ ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ وڻ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﺗﻪ ﻫﻲ وڻ ان ﺷﺂخ ﻣﺎن ﭰﭩﻲ وڏو ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﺷﺎخ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﻧﺒﻲ زوروﺳﭩﺮ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺟﻨﺖ ﻣﺎن آﻧﺪي ۽ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ وﺷﺘﺎﺳﭙﺎ ﺟﻲ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﻋﺰت اﻓﺰاﺋﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﺣﻜﻴﻢ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﺪان ذﻛﺮﻳﺎ ﻗﺎﺿﻮﻳﻨﻲ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ وﺷﺘﺎﺳﭙﺎ زوروﺳﭩﺮ ﻧﺒﻲ ﺟﻮ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ﻫﻮ ۽ اﻫﻮ وڻ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﺎڻ ﭘﻮﮐﺮاﻳﻮ .ﻫﻦ وڻ اﻳﺮان ﺟﻲ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺘﻦ ﻻ ﭘﻮﭴﺎ ﺟﻮ درﺟﻮ رﮐﻴﻮ ﭤﻲ ۽ اﻫﻮ وڻ اڄ واري ﺧﺮاﺳﺎن رﺿﻮي واري ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻨﮅ ﺗﻲ ﻫﻮ .ذﻛﺮﻳﺎ )ﺗﺎرﻳﺨﺪان( ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ اﻟﻤﺘﻮﻛﻞ ۲۴۷ﻫﺠﺮي )ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ (۸۶۱۾ ﻫﻦ ﺟﻬﻮﻧﻲ ۽ ﭘﻮﺗﺮ وڻ ﮐﻲ وڍراﺋﻲ ،اﻳﺮان ﮐﺎن ﺑﻐﺪاد ﮐﮣﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ڏﻧﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﮐﻴﻦ ﺳﺎن ان وڻ ﺟﻮن ﻛﺎﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﺎرا ﻣﺤﻼت ﺟﻲ ﮀﺖ ۾ ﻟﮙﺮاﺋﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮن ﭤﻲ ،ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﺎدرﻳﻦ ۽ ﻋﻮام ﺧﻠﻴﻔﻲ ﮐﻲ ان وڻ وڍراﺋﮡ ﮐﺎن ﺟﻬﻠﮡ ﻻ ڏاڍﻳﻮن ﻣﻨﭥﻮن ﻛﻴﻮن ۽ وڏﻳﻦ رﻗﻤﻦ ﺟﻲ آﮀﺮ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﺧﻠﻴﻔﻮ اﻟﻤﺘﻮﻛﻞ ﻧﻪ ﻣﮍﻳﻮ ﭘﺮ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﻫﻮ ان وڻ ﺟﻮن ﻛﺎﻣﻮن ڏﺳﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ ﺟﻨﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ان وڻ ﺟﻮ ﭤﮍ ﻋﺮاق ۾ دﺟﻠﻪ ﻧﺪي ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ ان ﮐﺎن اڳ واري رات ﺟﻮ ﻣﺤﻼت ﺟﻲ ﻫﻚ ﺗﺮڪ ﺳﻮﻟﺠﺮ )ﺟﻴﻜﻮ اﻟﻤﺘﻮﻛﻞ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻻ ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ ﻫﻮ( ﺧﻠﻴﻔﻲ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﺻﻮﺑﻮ ﺧﻮزﺳﺘﺎن ﻫﻚ ﺟﻬﻮﻧﻮ ۽ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﻬﮣﻮ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻧﺪﻳﻮن ﺳﺎل ﺟﺎ ﺳﻤﻮرا ڏﻳﻨﻬﻦ وﻫﻨﺪﻳﻮن رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﭘﻨﺠﺎب واﻧﮕﺮ ﺳﺮﺳﺒﺰ ڌرﺗﻲ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻣﻴﺪان ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ وﮢﻦ ﺳﺎن ﺟﻬﻨﺠﻬﻴﻞ ﺟﺒﻞ ﺑﻪ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﻧﺪي ﻛﺎرون ،ﺟﻴﻜﺎ اﭨﻜﻞ ۴۵۰ﻣﻴﻞ ﭤﻴﻨﺪي ،ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ ﻫﻴﭟ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر ﺟﻲ ﺳﻤﻨﮉ ۾ وﭸﻲ ﮀﻮڙ ﻛﺮي ﭤﻲ .ﻫﻲ ﻧﺪي زﮔﺮوس ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﻄﺎر ﺟﻲ زرد ﻛﻮه ﺟﺒﻠﻦ ﻣﺎن اﭜﺮي ﭤﻲ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻧﻴﻮن ۽ درﻳﺎﻫﻪ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﭤﻴﻤﺲ ﻧﺪي ﻟﻨﮉن ﺷﻬﺮ ﻣﺎن ﮔﺬري ﭤﻲ ،ﺗﺌﻴﻦ ﻫﻲ ﻛﺎرون ﻧﺪي ﺧﻮزﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺟﻬﻮﻧﻲ ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز ﻣﺎن ﮔﺬري ﭤﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر ۾ ﮀﻮڙ ﻛﺮڻ ﮐﺎن اڳ اﻫﺎ ﭔﻦ ﺷﺎﺧﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﺠﻴﻮ وﭸﻲ ،ﺟﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﭔﻴﭧ اﺑﺎدان آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻧﺪي ﺟﻲ وڏي ﺧﺎﺻﻴﺖ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺑﻠﻜﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ واﺣﺪ ﻧﺪي آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ اﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ Navigableآﻫﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻬﺎز راﻧﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ اﭼﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﭘﻠﻴﻦ ﭠﻬﮡ ﮐﺎن اڳ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅو ﻧﺪي ﻫﺌﻲ ۽ ﺟﻬﺎز ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺗﺮﺳﮡ ﺑﺪران ﻣﻠﺘﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﺎ وﻳﺎ ﭤﻲ.
اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻲ دڙي ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﺞ ﻫﺰار ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺧﻮزﺳﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﻻ آرﻛﺎﻻﺟﻲ وارن اﻫﻮ ﺛﺎﺑﺖ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ۸۰۰۰ﺳﺎل ﺟﻬﻮﻧﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻗﺪﻳﻢ ﺗﺮﻳﻦ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﻓﺮدوﺳﻲ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ
ﻛﻪ
ﻧﺨﻮاﻫﺪ
ﺑﺎﺷﺪ
از
ﻛﻪ
اﻫﻮاز
ﭘﻴﻮﻧﺪ
ﺗﺎ
ﺳﺎم
ﺳﻮار
ﻗﻨﺪﻫﺎر
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﻫﻮاز ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻫﻚ ڏاڍي دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ اﻫﻮاز ﻟﻔﻆ ﻫﻮز ﺟﻮ ﺟﻤﻊ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮز دراﺻﻞ ﺟﻬﻮﻧﻮ ﻟﻔﻆ ﺳﻮز ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺰار ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﻫﺘﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ اﺻﻠﻮﻛﻦ ﺑﺎﺷﻨﺪن رﮐﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ اﻳﻼم ﺳﮇﺑﺎ ﻫﺌﺎ ،ﺟﻦ ﻻ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻮ ﻟﻔﻆ Elamiteاﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ” .دراﺻﻞ ان ﺑﻌﺪ آﻳﻞ ﻗﻮﻣﻮن ﺟﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﻮن ﭤﻲ اﻧﻬﻦ ﻻ” س“ ﺟﻮ اﭼﺎر ﻛﮃڻ ڏﮐﻴﻮ ﻫﻮ “.ﻫﻦ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ”س“ ﺑﺪران ”ﻫﻪ“ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻲ ﻛﺌﻲ ان ﻛﺮي ﺳﻮز ﺑﺪﻟﺠﻲ ﻫﻮز ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ۽ ﺳﻨﮅي ﮐﻲ ﻫﻮ ﻫﻨﺪ ۽ ﻫﻨﺪي ﺳﮇڻ ﻟﮙﺎ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻟﻔﻆ ﭘﻮ ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺑﺪﻻﺋﻲ اﻧﮉس ﻛﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻟﻔﻆ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﮍﻳﻮ“.
ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻮ اﻳﺮان ﮐﺎن ﻋﺮاق وﻳﻨﺪي ﺧﻮزﺳﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻪ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﺎرون ﻧﺪي ﺟﻲ ﻛﻨﺎري واري ﻫﻦ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز ۾ ﺿﺮور ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔﻪ ﺗﺮﺳﺠﻮ ۽ ﭘﻮ اﮘﻴﺎن ﻋﺮاق ﺟﻲ دﺟﻠﻪ ۽ ﻋﺮﻓﺎت ﻧﺪﻳﻦ ﺟﺎ ﺳﻴﺮ ﻛﻨﺪا وﺗﺠﻮ ﻳﺎ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﻮﻳﺖ ۾ ﻧﻮﻛﺮي ﻳﺎ ﺑﺰﻧﺲ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﻮاز ﭨﻦ ﭼﺌﻦ ﻛﻼﻛﻦ اﻧﺪر ﺑﺲ ﻳﺎ ﻛﺎر ۾ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .اﻫﻮاز ﺷﻬﺮ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺟﺪﻳﺪ ۽ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن ۽ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ،آﺛﺎر ﻗﺪﻳﻤﻪ ﻳﺎ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻬﮍن ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﺲ ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ ﻫﻬﮍﻳﻦ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﻟﻄﻒ ﻣﺎﮢﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ.
ﺧﻮزﺳﺘﺎن ﻋﺮاق ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺮب ﻧﺴﻞ ﺟﺎ ﻗﺒﻴﻼ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﺑﺎرڊر واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﻋﺮﺑﻲ اﺋﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ دﺑﺌﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﮀﺎﺑﻬﺎر ۾ اردو ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ۱۹۸۰ع ۾ ﺻﺎدام اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﭘﺎڙي وارو ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺧﻮزﺳﺘﺎن )اﻫﻮاز ﺳﻤﻴﺖ( ﻋﺮاق ﺳﺎن ﻣﻼﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎن اٺ ﺳﺎل اﻳﺮان ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﻫﻠﻲ ۽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﻴﮕﻨﺎﻫﻪ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﺎ ۽ ﮔﻬﺮ ﺑﺮﺑﺎد ﭤﻲ وﻳﺎ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز ﺳﺎن واﺳﻄﻮ آﻫﻲ ،اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﻻ وﻳﮍﻫﺎڪ ﻣﻬﺮ اﻧﮕﻴﺰ ،ﺗﺎرﻳﺨﺪان ﺣﺎﻣﺪ داﺑﺎﺷﻲ ،ﭘﺌﭩﺮڪ ﻣﻮﻧﺎﻫﻦ ﺑﺮﭨﺶ ﻛﺎﻣﻴﮉﺋﻦ ،اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻮ اﺋﮕﺮﻳﻜﻠﭽﺮ ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ وزﻳﺮ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ اﺳﻜﻨﺪري ۽ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ وارو ڊﻓﻴﻨﺲ ﺟﻮ وزﻳﺮ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻣﺨﺎﻧﻲ ،رﻳﺘﺎ اﺳﻜﺎرﭘﺮ ،اﺑﻮ ﻧﻮاز ﺟﻬﮍا ادﻳﺐ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻦ ﭤﺎ .ﻫﻚ ﻧﺎول ﻧﻮﻳﺲ اﺣﻤﺪ ﻣﺤﻤﻮد ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ ﻧﺎوﻟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭔﻪ ﻣﻮن ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻴﻮ آﻫﻲ۱۹۳۱ ،ع ۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۲۰۰۲ع ۾ ﺗﻬﺮان ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ. ﻫﻦ ﻧﻨﮃﭘﮡ ۽ ﺟﻮاﻧﻲ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻚ ﻣﺰور ،ڊراﺋﻴﻮر ۽ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻦ ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪي ﮔﺬارﻳﻮ ۽ ﮐﺎﭔﻲ ڌر ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﻛﺮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﻴﻞ ﺑﻪ ﻛﺎﭨﻴﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ اﺣﻮال ﭘﮍﻫﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺑﺎﻏﻲ ﺷﺎﻋﺮ اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﻣﻨﺸﻲ ﻳﺎد اﻳﻨﺪو آﻫﻲ .اﺣﻤﺪ ﻣﺤﻤﻮد ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﺎول اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﭔﻴﻦ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺮﺟﻤﺎ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻬﮍوڪ:
The Neighbours
Story of One City The Scorched Earth
The Zero Degree Orbit The Live Human
The Fig Tree of Temples
وﻏﻴﺮه ،ﺟﻴﻜﻲ اﺻﻠﻮﻛﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎوﻟﻦ :ﻫﻤﺴﺎﻳﻪ ،داﺳﺘﺎن ،ﻳﻚ ﺷﻬﺮ ،زﻣﻴﻦ ﺳﺨﺘﻴﻪ ،ﻣﺎدر ﺻﻔﺮ درﺟﻪ ،آدم زﻧﺪه ،درﺧﺖ اﻧﺠﻴﺮ ﻣﻌﺒﻴﺪ .....ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ آﻫﻦ.
ﻧﻮﺑﺨﺖ اﻫﻮازي ۽ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺸﻬﻮر ﻧﺠﻮﻣﻲ آﻫﻦ ،ﻫﻨﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ڌرم ﺳﺎن آﻫﻲ ،ﻫﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﻫﻮاز ﺟﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺳﮅارڻ ۾ ﺑﻪ وڏو ﻫﭣ آﻫﻲ.
ﺗﻬﺮان ﺟﺎ ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻪ ،ﺑﻠﻮار ۽ ﻣﻴﺪان ﻣﺸﻬﺪ ﻣﺎن ﻗﻢ اﭼﮡ ﻻ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﺎ اﻳﺌﺮ ﺗﻬﺮان اﭼﮣﻮ ﭘﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻗﻢ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ .ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮان ﺋﻲ ﻛﻮ ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ آﻫﻲ ،ﭘﺮ اﻳﺘﺮو ﺑﻪ وﻳﺠﻬﻮ ﻧﺎﻫﻲ .ﭔﻪ ﮐﻦ ﮔﻬﭩﻴﻮن ،اﭨﻜﻞ اڌ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﮐﻦ ﻫﻠﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭘﺮ اﻫﻮ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺟﻮﺋﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻮڙي ﭔﻴﺎ ﻣﺴﺎﻓﺮ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﻣﺎن ﮐﻨﻴﻞ ﭨﺮاﻟﻲ ۾ ﺋﻲ ﺳﺎﻣﺎن وﺟﻬﻲ ﻫﻠﻨﺪا رﻫﻴﺎ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻫﺌﺎ ،اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ ،ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻴﺎ ﺳﭛ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻫﺌﺎ .اﻧﻬﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ۾ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ راﮢﻴﭙﻮر ،ﺳﮑﺮ ،ﺧﻴﺮﭘﻮر ۽ ﺷﻬﺪادﻛﻮٽ ﻗﻤﺒﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﺌﺎ .ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن وڏو اﺛﺮ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮا ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﺎ اﻫﮍا ﺳﻨﮅي ﻣﻠﻴﺎ ،ﺟﻦ ﺟﻮن زاﻟﻮن اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻦ ۽ ﻫﻨﻦ روان ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ .ﻫﻚ اﻫﮍي ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﻴﻤﻠﻲ ﻣﻠﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﻨﮅ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺳﺨﺖ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻮڙﻳﻮن ﺳﭽﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﭘﻮ زاﻟﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل ﻧﭥﺎ رﮐﻦ.
”ﭘﺮ ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ﭜﭩﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻨﮅي زال ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻴﻮ“ ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﮐﻼﺋﮡ ﻻ ﭠﻬﻪ ﭘﻬﻪ ﭼﻴﻮ ۽ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ واﻗﻌﻲ ﭨﻬﻚ ڏﻳﮡ ﻟﮙﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻣﭥﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺗﺼﺪﻳﻖ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﻨﮅي ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺑﻪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ”اڄ ﮐﺎن اڌ ﺻﺪي اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ﻣﺎن وﭸﻲ ﺷﺎدي ﻛﺮي اﭼﮡ ﻳﺎ اﺗﻴﺌﻲ رﻫﻲ ﭘﻮڻ ﻫﻚ ﻋﺎم ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﭘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻮڊ ﭤﻴﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ اﻳﺮاﻧﻲ زاﻟﻦ ﮐﻲ ﮀﮇي ڏﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .دل ۾ ﻣﻮن ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ اﻫﻮﺋﻲ ﻗﺼﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻲ دور ۾ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ )ﻣﻼﻳﺎ( ۾ رﻫﻴﻮ ،ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﺎ ﺳﭙﺎﻫﻲ ﻣﻠﺌﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﺑﺪﻟﻲ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﺗﻲ ﮀﮇي ﻣﻮﭨﻲ آﻳﺎ ﭤﻲ .ان ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻔﺼﻴﻠﻲ اﺣﻮال آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ وارن ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻦ ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن.
ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﺎن ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﭨﻮﻟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﻲ ﭨﺮاﻟﻴﻦ ﺗﻲ ﮔﻬﻠﻴﻨﺪا ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﭘﺮاﮢﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮي ﻫﻚ وﻳﻜﺮي رﺳﺘﻲ ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻪ ﻣﺨﺼﻮص ﻛﺮج ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ ﺟﺘﺎن واڪ ﻛﺮي ﻣﻴﺪان آزادي واري ﭼﻮ واﭨﻲ ﮐﺎن اڳ ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ وﻳﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻪ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﺮادران رﺣﻤﺎﻧﻲ ڏي ﻣﮍﻳﺎﺳﻴﻦ .اﺳﺎن ﺟﻲ اﮘﻴﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﺮاﭼﻲ واري ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ”اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ“ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭜﺎﺋﺮ ﻣﺎﻟﻚ )ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ۽ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي( ﻫﺌﺎ .ﻫﻦ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺟﻮ اﻟﻤﻠﻲ ﻣﻬﺮ آﺑﺎد“ ﭘﮍﻫﻲ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﻲ ﻧﻴﺎن Sign۾ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﺎﻟﻮ ”ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ ﺑﻴﻦ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ﭘﻚ ﻣﻠﻜﻲ ) (Domesticﻫﻮﻧﺪي ﺟﺘﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ۽ ﺑﻴﻦ اﻟﻤﻠﻠﻲ ﺟﻲ ٰ اڏاﻣﻮن اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻔﺘﻮ ﮐﻦ اڳ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ۾ ﻗﺪم رﮐﻴﻢ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻬﺮان ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﻛﻦ رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻦ اﮘﻴﺎن ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻪ ﭘﮍﻫﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻢ ﺗﻪ اﻫﻲ رﺳﺘﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﻛﻲ ﭜﻼرا ﻳﺎ ﻛﺮاﻣﺖ وارا آﻫﻦ ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﺑﺰرگ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ اوﻟﻴﺎ ،وﻟﻲ ،ﻛﺎﻧﻲ ﻛﺮاﻣﺖ ۽ ﭜﻼري ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﺎﮢﻲ اﻫﺎ ﭴﺎڻ ﭤﻲ ﭼﻜﻲ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻣﻌﻨﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ وڏي ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ اﻋﻠﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﺰرگ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﻣﻌﻨﻲ وڏو ،وﻳﻜﺮو ،ﭘﺮاﮢﻮ ﻳﺎ ﺑﺰرگ ٰ ٰ ٰ ﺗﻪ ﺧﺎص ﻣﺎرﻛﻴﭧ .ﺑﺰرگ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻋﺮﺑﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻮ ﭤﺌﻲ .ﭘﺮ اﻫﻮ ﻟﻔﻆ ﺟﻨﻬﻦ ۾ پ ۽ گ ﺟﻬﮍا اﮐﺮ ﻫﺠﻦ ﻋﺮﺑﻲ ﺟﺎ ﭤﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻦ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻛﻮﻳﺖ ۾ ﻋﺮب اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارو ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ واﻟﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﮑﮡ ﻣﻬﻞ ﻣﻨﺠﻬﻲ ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﻗﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﮑﺎن ﻳﺎ ﻏﻞ ﻣﺤﻤﺪ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺎڻ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ ﻣﻌﻨﻲ وﻳﻜﺮو رﺳﺘﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎڻ وٽ ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ ﭼﺌﺠﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻌﺪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﺰرﮔﺮاه ٰ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ اﻫﮍا رﺳﺘﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻳﺎد ﭘﻴﺎ اﭼﻦ ۽ ﺟﻦ ﺗﺎن اﻛﺜﺮ ﻟﻨﮕﻬﻪ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ،ﺑﺰرﮔﺮاه ﺗﻬﺮان ﻗﻢ ،ﺑﺰرﮔﺮاه ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا ،ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻪ آﻳﺖ ا� اﺷﺮﻓﻲ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ،ﺑﺰرﮔﺮاه آﻳﺖ ا� ﺣﻜﻴﻢ ،ﺑﺰرﮔﺮاه ﻧﻮاب ﺻﻔﻮي ،ﺑﺰرﮔﺮاه ﺷﻬﻴﺪ ﺣﻘﺎﻧﻲ ،ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻪ آزدﮔﺎن )ﻛﻤﺮﺑﻨﺪي( .....وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه اﻫﻲ ﺳﭛ رﺳﺘﺎ وڏا ۽ وﻳﻜﺮا آﻫﻦ، ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ ﻓﻴﺼﻞ ،ﻣﺎﺋﻲ ﻛﻮﻻﭼﻲ روڊ ﻳﺎ اﻳﻢ اي ﺟﻨﺎح روڊ .ﺑﻠﻜﻞ ﺳﭽﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ
ﺗﻬﺮان ﺗﻮڙي اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﺎ رﺳﺘﺎ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪا.
ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻦ ﮐﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﮔﻬﭧ وﻳﻜﺮا رﺳﺘﺎ ﻫﺘﻲ ﺑﻠﻮار ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻟﻔﻆ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻲ ﻟﻔﻆ ﺑﻠﻴﻮارڊ ﺗﺎن ورﺗﻞ آﻫﻲ .ﺑﻠﻮار اﺑﺮﻳﺸﻢ ،ﺑﻠﻮار اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ،ﺑﻠﻮار ﺗﻌﺎون ،ﺑﻠﻮار زﻳﺒﺎ ﺷﻬﺮ ،ﺑﻠﻮار ﻓﺮدوس ،ﺑﻠﻮار ﻣﻴﺮ داﻣﺎد ،ﺑﻠﻮار اﻧﺪﻳﺸﻪ ،وﻏﻴﺮه ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﺎ رﺳﺘﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ وﭨﺎن ﮔﺬر ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭼﻮراﻫﻲ ﻳﺎ ﭼﻮ واﭨﻲ ) Round (aboutﮐﻲ ﺷﺎﻳﺪ ”ﻣﻴﺪان“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﭼﻮواﭨﻦ ﺗﻲ ﻣﻴﺪان ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ”ﺷﺎن ﺳﺮﻛﻞ“ ﻧﺎﻧﮕﻦ ﭼﻮرﻧﮕﻲ ،ﺳﺐ ﻣﺌﺮﻳﻦ ﭼﻮڪ ﻳﺎ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﺣﻴﺪر ﭼﻮڪ آﻫﻲ ،ﺗﺌﻴﻦ ﻫﺘﻲ ﭼﻮراﻫﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻣﻴﺪان آزادي ،ﻣﻴﺪان ﺟﻤﻬﻮري ،ﻣﻴﺪان اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ،ﻣﻴﺪان رﺳﺎﻟﺖ ،ﻣﻴﺪان ﺗﻮﺣﻴﺪ ،ﻣﻴﺪان ﺷﻮش ،ﻣﻴﺪان ﻣﻘﺪم وﻏﻴﺮه آﻫﻦ. رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اﻳﺴﺘﮕﺎه ﭤﺎ ﺳﮇﻳﻦ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﭔﺎﻫﺮان وڏن اﮐﺮن ۾ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ: ”اﻳﺴﺘﮕﺎه راه آﻫﻦ ﺗﻬﺮان“
ﻣﻌﻨﻲ ﻟﻮﻫﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ”ﻣﺮد آﻫﻦ“ ﻣﻌﻨﻲ ﻟﻮه” .راه آﻫﻦ“ ﻣﻌﻨﻲ رﺳﺘﻮ ﭘﭩﮍي ﻳﺎ Rail۽ آﻫﻦ راﻫﻪ ٰ ٰ ٰ ٰ ﻣﺎﮢﻬﻮ .ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﮐﺎن ﻧﻜﺮي ﺟﻨﻬﻦ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﺳﻴﻦ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ اﺗﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﭨﺮﻣﻴﻨﻞ )ﺗﺮﻣﻴﻨﻞ ﻏﺮب ﺗﻬﺮان( ﻫﻮ ﺟﺘﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺑﺴﻮن ﻗﻢ ،اﺻﻔﻬﺎن ،ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎه ،ﻳﺰد ،ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ڏي وﭸﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ڏي وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ﺑﻪ ﺧﺎﻟﻲ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﺗﺮﺳﮡ ﻻ ﭼﺌﻲ ﭘﺎڻ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﺲ وارن ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﭘﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ ﺧﺎﻟﻲ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ وﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ان ﺑﺲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻴﭩﻮن ﺧﺎﻟﻲ ﻫﻴﻮن ،ﺟﻦ ﺗﻲ وﻫﮡ ﻻ ﻫﻦ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﮡ وارن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ،ﺟﻦ ۾ ﭨﻲ ﭴﮣﺎ ﺳﮑﺮ ۽ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺎﻫﺪ ﻣﻴﺮاﮢﻲ ۽ ان ﺟﺎ دوﺳﺖ ﻫﺌﺎ .ﻫﻮ ﺳﭛ ﺧﻮش ﭤﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ۾ وﻳﭡﺎ ،ﭘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﺲ ﻫﻠﮡ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ اﻧﭽﺎرج ﻫﺘﺎن ﺳﮅو ﻗﻢ ﺷﻬﺮ وﭠﻲ ﻫﻠﮡ ﮐﺎن اڳ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ﺟﻮن زﻳﺎرﺗﻮن ﭘﮡ ﻛﺮاﺋﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ آﺳﺘﺎن ﻣﻘﺪس ﺣﻀﺮت ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﺟﻮ ﭘﭧ ۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ،ﻣﻘﺒﺮه ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ۽ اﻣﺎم زاده ﺻﺎﻟﺢ )ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ٰ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﺎ (ﺟﻮ آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﺿﻠﻌﻲ ﺗﺎﺟﺮش ۾ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ ﺳﺎل ﻟﮑﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺎن اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺎڻ ﻣﺮادو دوﺳﺘﻦ ﻳﺎ ﻣﺎﺋﭩﻦ ﺳﺎن اﭼﻦ ﭤﺎ ﭔﻴﺎ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﺗﺠﺮﺑﻴﻜﺎر ﻟﻴﮉر ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻗﻢ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ وﭠﻴﻮ اﭼﻦ ﭘﺮ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﮀﮇﻳﻮ ڏﻳﻦ ﺗﻪ ﺟﻲ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﺋﻲ وﭸﻲ ڏﺳﻦ .ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﺳﺎن ﺟﻮ ﮔﺮوپ ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ ﭼﺌﺒﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻮ اﮘﻮاڻ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺗﻬﺮان ۾ ﭘﺮ ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺑﺲ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮي ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﻫﺮ ﺟﺎ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺗﻪ ﮀﺎ ﺑﺲ ﺑﻪ ﻣﺸﻜﻞ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻲ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﮇﻫﻦ اﺗﺎن ﻣﻮﭨﻴﺎﺳﻴﻦ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ ﭼﻜﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ ﺳﻮاري ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺂر ۾ ﻫﻴﻮن ،ﺟﻦ ﮐﻲ ڏﮐﻴﻮ ﺳﮑﻴﻮ ﺑﺲ ۾ وﻳﻬﺎري اﺳﺎن ﻛﻨﻬﻦ وﻫﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﭼﻲ ﻻﭤﻮ. ﻫﻮن زﻳﺎرت ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻬﮍا ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻫﻨﮅ ۽ ﻣﻘﺒﺮا ﻗﺪرﺗﻲ ﻧﻈﺎرن ۽ ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ۽ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﺟﻬﮍا آﻫﻦ ﺳﻲ .ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ڏﮐﮡ اوﭜﺮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﺟﻦ ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ،اﻫﻲ ﻫﻦ ﺑﻴﺒﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ”ﻛﻮه ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ“ ﺟﺒﻞ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﺒﻠﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ﺑﺰرﮔﺮاﻫﻪ آزادﮔﺎن )ﻛﻤﺮ ﺑﻨﺪي( ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻨﺪي ﺑﺰرﮔﺮاه اﻣﺎم رﺿﺎ ۽ ﺟﺎده ﻛﺎر ﺳﻴﻤﺎن رﺳﺘﻦ ﺗﻲ آﺋﻲ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ ﺟﺎده ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻲ ۽ ﭘﻮ ﻛﺎ دﻳﺮ ﻣﭥﻲ ﺟﺒﻠﻦ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻨﺪي رﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﻫﻴﭟ ڏﺳﮡ ﺳﺎن رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﻣﻮﭨﺮون راﻧﺪﻳﻜﻦ ﺟﻴﺎن ﭤﻲ ﻟﮙﻴﻮن .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻬﺮان ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﻲ ﭤﻮ اﻫﻮ ﮐﮣﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﻳﺎ ﭔﺌﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺗﻲ ﻓﺎﺗﺢ ﭘﮍﻫﮡ ﻻ ﻧﻪ ﺗﻪ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ ﺗﺎن ﻗﺪرت ﺟﻮ ﻧﻈﺎرو ﺗﻪ ﺿﺮور ﻛﺮي .اﻳﮇو ﻣﭥﻲ ﭘﻬﺎڙي ﺗﻲ آﺋﻮن ﺻﺎف ،ﺳﻨﻬﻲ ۽ آﻛﺴﻴﺠﻦ ﺟﻲ ﻛﻮﭨﺎ ﺳﺎن ﭜﺮﭘﻮر ﻫﻮا ﺟﺎ ڊﮔﻬﺎ ڊﮔﻬﺎ ﺳﺎﻫﻪ ﮐﮣﻲ ﺧﻮش ﭤﻴﺲ .ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ دوﻧﻬﻴﻦ ،ڌوڙ ۽ ڌپ واري ﻣﺎﺣﻮل ۾ ﻛﭥﻲ ﭜﻼ ﻫﻬﮍي ﺳﮙﻨﮅ!
ﺳﺎﮘﻲ ﺷﻜﺎﻳﺖ ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺎﻫﺪ ﺳﮑﺮ ۽ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ ﻣﺎﺣﻮﻟﻴﺎﺗﻲ ﮔﺪﻻڻ ﺟﻲ ﻛﺌﻲ .ﻣﻮن اﭸﺎن ﺑﻪ ڊﮔﻬﺎ ڊﮔﻬﺎ ﺳﺎﻫﻪ ﮐﻨﻴﺎ. ﭘﺮي ﮐﺎن ﻫﻴﭟ ﻫﻚ ﺳﻴﻤﻴﻨﭧ ﻓﻴﻜﭩﺮي ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺳﭵﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﻛﺎرﺧﺎن ۽ ﻓﻴﻜﭩﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﭘﺎڪ ﻫﻮ .ﺑﺲ ڊراﺋﻴﻮر ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﮐﺎن ﭘﻨﺞ ﮀﻬﻪ ﻗﺪم ﭘﺮي ﺑﻴﭡﻮ ﻫﻮ ،ﺗﻨﻬﻦ وﻳﺠﻬﻮ اﭼﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ ان ﻛﻮﺷﺶ ۾ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﻴﻤﻴﻨﭧ ﻓﺌﻜﭩﺮي ﮐﻲ ﻫﺘﺎن ﺷﻔﭧ ﻛﺮاﻳﻮ وﭸﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺮﻧﺪڙ ﻛﺎرﺑﻦ ۽ ﺳﻠﻔﺮ ﺟﺎ ﺟﺰا ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺻﺤﺖ ۽ ﻫﻬﮍن ﻣﻘﺒﺮن ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺧﺮاب ﻛﻦ ﭤﺎ .اﻫﻮ ﭔﮅي ﻣﻮن ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺂﻫﺪ ۽ ﺳﻨﺪس ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ڏي ﻧﻬﺎرﻳﻮ ۽ ﻫﻨﻦ ﻣﻮن ڏي .اﺳﺎن ﺟﻲ اﮐﻴﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﻻ اﻫﻮﺋﻲ ﻧﻴﺎﭘﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻬﮍي ﮔﺪﻻڻ ۾ ﭤﺎ رﻫﻮن ،ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻓﺌﻜﭩﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺮﻧﺪڙ دوﻧﻬﻮن ) (Flue gasesﻧﻪ رﮘﻮ ﻫﻮا ﮐﻲ ﮔﺪﻟﻮ ﻛﺮي ﭤﻮ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻦ ۽ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻦ ﺟﻮ Sludgeاﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۽ ڍورن ﺟﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﺑﻪ زﻫﺮﻳﻠﻮ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﮀﮇي.
ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ..... اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻪ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ ،اﻫﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ۾ ﮔﻬﮣﻮ وﻗﺖ رﻫﻦ ﭤﺎ .ان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﻫﻚ ﻳﺎ ﭔﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺮﺳﻦ ﭤﺎ ،ﺟﺘﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮﻳﻦ ﭤﺎ .ان ﺑﻌﺪ ﺷﻬﺮ ري ۾ آﺳﺘﺎن ﻣﻘﺪس ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ وﭸﻦ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺿﺮور اﭼﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭘﺮي ،ﺟﺎﺑﻠﻮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﻫﻚ ﺟﺒﻞ ﺗﻲ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ رﺳﺘﻲ ﮘﻮﻟﮡ ۾ ﭤﻮري دﻗﺖ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻧﻴﭟ اﻧﻬﻦ ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ وٽ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ۽ ﭘﻮ ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري وﻛﮍن وارن رﺳﺘﻦ ﺗﺎن ﭰﺮي ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ ﻟﻴﻮل ﺗﻲ اﭼﻲ ﭘﻬﺘﻮ .رﺳﺘﻮ ۽ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ اﺋﻴﻦ ﻟﮙﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﮔﻨﺘﻨﮓ ﻫﺎ ﻟﺌﻨﮉ وارو ﭘﺮاﮢﻮ رﺳﺘﻮ ﻳﺎ ﻣﻤﺒﺌﻲ ﮐﺎن ﭘﻮﻧﻲ وﻳﻨﺪي رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﮐﻨﮉﻳﺎﻻ واري ﻫﻞ اﺳﭩﻴﺸﻦ وارو رﺳﺘﻮ. ﺟﺒﻞ ﺗﻲ ﺟﺘﻲ ﺑﺲ ﮀﮇﻳﻮ ان ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ڏاﻛﮣﻴﻮن ﭼﮍﻫﻲ ﻫﻦ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ .ﻣﻮن ﻫﻦ ﻫﻨﮅ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮون ورﺗﻴﻮن ان ﺑﻌﺪ اوﻟﻬﻪ ڏي ﻣﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﺳﺞ ﺟﻲ ﮘﺎڙﻫﻲ ﭤﺎﻟﻬﻪ ﮐﻲ اﻓﻖ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﻏﺮوب ﭤﻴﮡ ﺟﻮ ﻧﻈﺎرو ڏﺳﮡ ﻟﮙﺲ .ﻫﻴﭟ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﺮي ﺗﻬﺮان ﺟﺎ ﺣﺎﺟﻲ آﺑﺎد ،ﺗﻘﻲ آﺑﺎد ،زور آﺑﺎد ۽ ﻛﺎروان ﻋﻼﺋﻘﺎ آﻫﻦ ،اﺋﻴﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻞ ﭘﺎرڪ ﻣﺎن ڊرگ ﻛﺎﻟﻮﻧﻲ ،ﻧﺮﺳﺮي ،ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ،ﭼﻨﻴﺴﺮ ﮘﻮٺ ﺟﻬﮍا ﻋﻼﺋﻘﺎ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭘﺮ ﻫﻲ ﭘﻬﺎڙي ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻞ ﭘﺎرڪ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ آﻫﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﺑﻴﭡﻞ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ ﭨﻲ ﺳﻨﮅي دوﺳﺖ ﻣﻤﺘﺎز ﻣﻴﺮاﮢﻲ ،ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺎﻫﺪ ۽ ﻛﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ راﭴﭙﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪڙ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﺎن ﺷﺎﻳﺪ ﭘﮁﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﻛﻴﺮ آﻫﻲ ،ﻳﺎ ﻫﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﭘﺎﮢﻬﻲ ﺋﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﭔﮅاﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. ”ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﻴﮇي اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﮐﺎن ﺗﻮﻫﺎن واﻗﻒ ﻧﻪ آﻫﻴﻮ؟“ ڊراﺋﻴﻮر ﭼﻴﻮ ”.ﻫﻲ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﺌﻲ اﻣﺎم ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ ) (۶۲۶-۶۸۰ﺟﻲ ﮔﻬﺮواري ﻫﺌﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﭼﻮﭤﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺣﺴﻴﻦ )زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ( ﮐﻲ ۶۵۸۾ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ“.
” ﭘﺮ ﻫﻴﭟ ﺑﻴﭡﻞ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺌﻲ “.اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﻴﻮ.
”ﺑﻠﻜﻞ ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ ﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ“ ڊراﺋﻴﻮر ﺳﮕﺮﻳﭧ ﺟﻮ آﺧﺮي ﻛﺶ ﻫﮣﻲ ان ﮐﻲ ﭘﻴﺮن ﻫﻴﭡﺎن ﭼﻴﭝﺎﭨﻴﻮ” ،ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﺷﺎدي ﮐﺎن اڳ زوروﺳﭩﺮن )ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭴﺎري( ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺷﻬﺰادي ﻫﺌﻲ .ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد ﺳﻮم ﺟﻲ وڏي ڌي دﺧﺘﺮ ﺟﻬﺎن ﺷﺎﻫﻪ )دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ڌي ﻫﺌﻲ(“
ﻣﻮن ﻫﻦ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ ﺗﺎن ﭼﻮڌاري ﭘﺮي ﭘﺮي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﻈﺮ ڊوڙاﺋﻲ ﺷﻬﺰادي ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻮ ﭘﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد )ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻌﻨﻲ ا� ﺟﻮڙﻳﻮ ﻳﺎ ا� ڏﺗﻮ( ﭤﻲ ،اﺑﻦ ڏاڏن ﺟﻲ ۴۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺟﻲ ﻟﻔﻈﻲ ٰ اوﮢﭩﻴﻬﻮن ۽ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ۱۶ﺟﻮن ۶۳۲ع ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﭘﺎڻ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر ۽ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺧﺴﺮاﺋﻮ دوم ) ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۵۹۰ع ﮐﺎن ۶۲۸ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ،ان ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻫﻮ. ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺧﺴﺮو دوم اﻳﺮان ﺟﻮ اﻫﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻧﺒﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺻﻪ ﺟﻦ ﺟﻲ ۵۷۱۾ ﻣﻜﻲ ۾ وﻻدت ﭤﻲ ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﺗﻲ ۶۱۱۾ وﺣﻲ ﻧﺎزل ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺧﺴﺮاﺋﻮ دوم ﺟﻮ واﻟﺪ ﻫﺮﻣﺰد ﭼﻬﺎرم ﺟﻲ وﻓﺎت ﭤﻲ ﭼﻜﻲ ﻫﺌﻲ .۽ ﺧﺴﺮاﺋﻮ دوم ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ ﺟﻲ دﻋﻮت ﺟﻮ ﺧﻂ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻮٽ ﻫﻦ ﺳﭡﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان )ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ( ﻃﺎﻗﺖ ،ﻋﻠﻢ ،اﻳﺮاﺿﻲ ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ اﺋﻴﻦ ﺳﭙﺮ ﭘﺎور ﻫﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ اڄ آﻣﺮﻳﻜﺎ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﻋﺮﺑﺴﺘﺎن اﺋﻴﻦ ﻫﻮ ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﺟﻮ ﻓﺠﻲ ﻧﻴﭙﺎل ﻳﺎ ﻫﺎﺋﻴﺘﻲ ﺟﻬﮍو ﻛﻮ ﻣﻠﻚ آﻣﺮﻳﻜﺎ اﮘﻴﺎن آﻫﻲ. ﻛﻨﻬﻦ ﭤﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﺪن ۾ ﻋﺮاق ،ﻛﻮﻳﺖ ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن وﻳﻨﺪي اڄ ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ اﭼﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ ،ﻓﻘﻂ ﭨﻦ ڏﻫﺎﻛﻦ اﻧﺪر ﻫﻚ ﻋﺮب رﻳﺎﺳﺖ ﮐﺎن ﺷﻜﺴﺖ
ﮐﺎﺋﻲ وﻳﻨﺪو ،۽ ﭘﻨﺞ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻟﮙﺎﺗﺎر ﭔﺮﻧﺪڙ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻫﻪ ،اﺟﻬﺎﻣﻲ وﻳﻨﺪي ۽ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻨﺪا ﭘﺮ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻨﺪا ،ﻋﺎﻟﻢ ،زاﻫﺪ ،ﭘﺮﻫﻴﺰﮔﺎر ﻣﺘﻘﻲ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻨﺪا. ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﻓﻘﻂ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﻓﺎروق ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻌﺪ اﺑﻦ اﺑﻲ وﻗﺎص ﺟﻲ اﮘﻮاﮢﻲ ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ۶۵۰ڌاري اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﺮاق ۽ ﻛﻮﻳﺖ واري ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻋﺮاق ،ﻛﻮﻳﺖ ۽ اڄ واري ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻮ اﺗﺮاﻫﻮن ﺣﺼﻮ ﺑﻪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ ،ﻳﻌﻨﻲ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ .ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺎﻓﻲ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻫﻮ ۽ ان وﻗﺖ ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎه ،ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻮ ﭘﻲ ﻳﺰدﮔﺮد ﺳﻮم ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ۽ ﻋﺮب اﻫﻮ ﺳﭵﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ آﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﻓﺘﺢ ﻛﺮي وﻳﺎ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻴﻜﺎ ۴۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ روﻣﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﻨﺪي رﻫﻲ ،ان ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد ﺳﻮم ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ وڏن ﺟﻮ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ ۽ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ وڏي ۾ وڏو ﺷﻬﺮ ﻃﻴﺴﻔﻮن ) (Ctesiphoneﮀﮇي اﻳﺮان ﺟﻲ اﻧﺪرﻳﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ وﭸﻲ ﭘﻨﺎﻫﻪ ورﺗﻲ .ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻲ ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﻣﺰور ۶۵۱۾ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﺎڍا ﭼﺎر ﺻﺪﻳﻮن ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﺟﻨﮕﻲ ﻗﻴﺪي ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﭘﻬﭽﺎﻳﺎ وﻳﺎ ،اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد ﺟﻲ وڏي ڌي ﺑﻪ ﻫﺌﻲ .ﺳﭛ اﭼﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﮔﮇ ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﻗﻴﺪﻳﻦ ﺑﺎﺑﺖ وﻗﺖ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻛﻬﮍو ﻓﻴﺼﻠﻮ ﭤﻮ ﻛﺮي .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺟﻮ اﻫﻮ ارادو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺟﻨﮓ ۾ ﻗﺒﻀﻲ آﻳﻞ ﺳﻤﻮرن ﻗﻴﺪﻳﻦ ﺟﻮ ﻧﻴﻼم ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﺟﻴﻜﻮ وڏو واڪ ڏﺋﻲ ان ﺟﻮ اﻫﻮ ﻏﻼم ﭤﺌﻲ .ان ﺗﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺻﻼح ڏﻧﻲ ﺗﻪ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﮍس ﭼﻮﻧﮉڻ ﺟﻮ ﺣﻖ ڏﻧﻮ وﭸﻲ .ﺳﭝﻨﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻗﺒﻮل ﻛﺌﻲ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ان ﺑﻌﺪ ﺷﻬﺰادي ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﻣﮍس ﭼﻮﻧﮉڻ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﺷﻬﺰادي ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﻣﻴﮍ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻚ ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪي وڌﻧﺪي رﻫﻲ ،آﺧﺮ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﻫﻦ ﺟﻮن اﮐﻴﻮن ﭴﻤﻲ وﻳﻮن” ﻣﻮن ﻫﻦ ﺷﺨﺺ ﮐﻲ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﺧﻮاب ۾ ﺑﻪ ڏﭠﻮ آﻫﻲ“ ﺷﻬﺰادي ﭼﻴﻮ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﮍي ان ﺷﺨﺺ ڏي ڏﭠﻮ ،اﻫﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﻫﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮ اﻋﻠﻲ ﭔﺎر ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻨﺪو .ان ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺷﻬﺰادي ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ اﭼﻲ ﻫﻦ ﮐﺎن ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮁﻴﻮ” .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮐﻲ ﻫﻦ ﻣﺎن ٰ دﺧﺘﺮ ﺟﻬﺎن ﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ“ ﺷﻬﺰادي ﭔﮅاﻳﻮ. ”۽ ﻫﺎڻ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺗﻮﮐﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو“ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ.
)ﻣﭥﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺟﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮن ،اﻫﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ۽ واﻗﻔﻜﺎر ﺣﻮاﻟﻲ ﻃﻮر ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻛﺘﺎب ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﭤﺎ(
اﻟﺪرﺟﺎت اوﻟﺮاﻓﻲ ﻣﻮﺟﻢ اﻟﺒﻼدان ﻧﻬﺞ اﻟﺒﻼﻏﻪ
ﻧﻔﺲ اﻟﺮﺣﻤﺎن ،وﻏﻴﺮه.
ﻫﻦ ﺷﺎدي ﻣﺎن ،اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ ﭘﭧ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن اﻣﺎم ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻮن زﺑﺎﻧﻲ زﺑﺎﻧﻲ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﻳﻨﺪڙ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﭔﮅﺟﻦ ﭤﻴﻮن ۽ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭘﮡ ﻫﺘﻲ ﻋﺎم آﻫﻲ ﺗﻪ ﺣﻀﺮت ﻓﺎﻃﻤﻪ زﻫﺮه )اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ واﻟﺪه ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ( ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻛﺎﻫﻪ ﮐﺎن اڳ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﺧﻮاب ۾ ﻧﻈﺮ آﺋﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ ﺧﻮش ﭤﻴﮡ ﮐﭙﻲ ﺟﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻘﺪر ۾ ﻧﺎﻣﻴﺎري ﺷﺎدي آﻫﻲ .ان ﺧﻮاب ۾ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﺟﻲ ﮔﻬﻮٽ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻪ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺗﺼﻮﻳﺮ ڏﻳﮑﺎري وﺋﻲ ﻫﺌﻲ. ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻟﺌﺒﺮرﻳﻦ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻛﺘﺎﺑﻦ ۾ ﻫﻦ ﺑﻴﺒﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﭘﮍﻫﻴﻢ ﺗﻪ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ واﻟﺪ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد ﺳﻮم ﺟﻲ ﺷﻜﺴﺖ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ۽ ﺷﺎﻫﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﻴﺪﻳﻦ ﻃﻮر ﻓﺎﺗﺢ ﻋﺮب ﻓﻮج ﻣﺪﻳﻨﻲ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﺎراﻳﻞ ﺣﺎﻛﻢ ﻳﺰدﮔﺮد ﺳﻮم ﺟﻲ ڌي ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ اﻧﺒﻮه اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﺎ ،ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻋﻤﺮ اﺑﻦ اﻟﺨﺘﺎب ﺣﻜﻢ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻋﺎﻟﻲ ﺟﻲ ڌي ﮐﻲ ﻫﻦ اﮘﻴﺎن ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ .ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن آﻧﺪو ،ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﻘﺎب ﻫﭩﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﺰادي
اﻧﮑﻲ واﭘﺲ ﮀﻜﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”وي ! روﺋﻲ ﻫﺮﻣﺰ ﺳﻴﺎه ﺷﺪ!“
ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﺰادي ﺷﺎﻳﺪ ﺳﻨﺪس ﺑﻲ ﻋﺰﺗﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﺷﻬﺰادي ﮐﻲ ان ﺟﻲ ﺳﺰا ﻻ ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ڏﻧﻮ ﭘﺮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﻴﻦ ﻳﻜﺪم ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ان ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻤﻠﻲ ﻣﺎن ﻛﻮﺑﻪ اﻫﮍو ﻣﻄﻠﺐ ﻧﻪ ﻫﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﻧﻴﻼم ﻛﺮڻ ﺟﻮ ارادو ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﺻﻼح ﺳﺎن ﻧﻜﺎح ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﭤﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﺷﻬﺰادي ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻮ اﻧﺘﺨﺎب ﻛﻴﻮ.
رواﻳﺘﻦ ﻣﻮﺟﺐ اﻫﻮ ﭘﮡ ﭔﮅاﻳﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻛﺮﺑﻼ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ۾ ﺟﺘﻲ ۱۰آﻛﭩﻮﺑﺮ ۶۸۰ﺗﻲ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺷﻬﺎدت ورﺗﻲ اﺗﻲ ﻣﮍس ﺳﺎن ﮔﮇ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺑﻪ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﺌﻲ .ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻨﮓ ﺷﺮوع ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﮔﻬﻮڙي ذواﻟﺠﻨﺎح ﺗﻲ وﻳﻬﺎرﻳﻮ ۽ ﮐﻴﺲ ﺳﻨﺪس ﺳﻼﻣﺘﻲ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺑﺎﮢﻲ وﻃﻦ اﻳﺮان وﭸﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ. ”ﺗﻮن ﺷﻬﺰادي آﻫﻴﻦ ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﻮم ﻣﺎن ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻴﻦ“ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ” .۽ ﻧﻪ وري ﻫﻲ ﺟﻨﮓ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ آﻫﻲ“.
ﻫﻮ ﻫﻦ ﺗﻴﺰ رﻓﺘﺎر ﮔﻬﻮڙي ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ري ) (Ray۾ ﭘﻬﺘﻲ .ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺗﻬﺮان اﭸﺎ ﻣﺸﻬﻮر ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ري ،ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﺑﮣﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﺋﻴﻦ ﭘﺮي ﻫﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ وﻗﺖ ) (۱۸۴۳۾ ،ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﻨﮃڙو ﺷﻬﺮ )ﻳﻌﻨﻲ ﮐﺎرادر ۽ ﻣﻴﭡﺎدر واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ( ﻣﻠﻴﺮ ﮐﺎن ﻫﻮ .ري ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﺟﺎن ﺑﺨﺸﻲ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ،دﺷﻤﻦ ﻫﻦ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ اﭼﻲ وﻳﺎ، ﺟﻦ ﮐﺎن ﻟﻜﮡ ﻻ ﻫﻮ ﻫﻦ ﭘﻬﺎڙي ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ وﺋﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ۽ ﺳﻨﺪس دوﺳﺖ ﻣﺴﺘﺎن ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ دﺷﻤﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ ﺟﺒﻞ ﭰﺎﭨﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﮐﻲ ﮘﺮﻛﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ۽ دﺷﻤﻦ ﻫﭣ ﻣﻠﻴﻨﺪا رﻫﺠﻲ وﻳﺎ. ۽ اڄ ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ آﺋﻮن ﺳﻔﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ،ان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﺑﻴﺒﻲ ﺟﻲ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ ﺗﻲ ان ﻫﻨﮅ وﻳﻬﻲ ﭘﺮي ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﻧﻈﺎرو ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﺟﺒﻞ ۾ ڏار آﻫﻲ ۽ رواﻳﺘﻦ ﻣﻮﺟﺐ ﺟﺘﻲ ﻫﻲ ﻓﺎرس ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺰادي ۽ اﺳﻼم ﺧﺎﻃﺮ ﺳﺮ ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮڻ ۽ ﺣﻖ ﺟﻲ ﺟﻨﮓ وڙﻫﮡ واري ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﻴﻚ زوﺟﻪ، ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﭤﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ ،دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﻛﻲ رواﻳﺘﻮن اﻫﻮ ﺑﻪ ﺑﻴﺎن ﻛﻦ ﭤﻴﻮن ﺗﻪ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ ﮐﻲ ۶۵۸ع ۾ ﺟﻨﻢ ڏﻳﮡ ﺑﻌﺪ ﺳﮕﻬﻮ ﺋﻲ وﻓﺎت ﻛﺮي وﺋﻲ ۽ ) ۶۸۰ﻛﺮﺑﻼ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ﺗﺎﺋﻴﻦ زﻧﺪه ﻧﻪ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ(.
ﻛﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ،ﺟﮇﻫﻦ ﺳﺘﺮ واري ڏﻫﻲ ۾ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻲ ﺟﻴﺎن ﺟﭙﺎن ﭘﺎﺳﻲ اﻳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﺟﻲ آرﻳﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ )ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي دور( ﺟﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزي اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻲ ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن ﭼﻮﭤﻴﻦ اﻣﺎم )ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻓﺮزﻧﺪ ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ( ﮐﺎن ﭔﺎرﻫﻴﻦ )آﺧﺮي( اﻣﺎم ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻲ ﺧﺎﻧﺪاﻧﻦ ﻣﺎن آﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﻲ اﺳﻼم ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ) (Persiaﺗﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻫﺌﻲ .ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻲ ڏﺳﺎن ﭘﻴﻮ ﺗﻪ اڄ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻲ ان ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ را ﻛﺎﻓﻲ ﺑﺪﻟﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ڏاﻫﻦ ﻋﻠﻲ ﺷﺮﻳﺌﺘﻲ ۽ آﻳﺖ ا� ﻣﻄﺎﻫﺮي ﺟﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ رواﻳﺘﻮن ﻛﻤﺰور آﻫﻦ .ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺷﻬﺰادي ﻫﺠﮡ واري ﮘﺎﻟﻬﻪ ۾ ﮔﻤﺎن آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﻋﻠﻢ ﺟﺎ ﻣﺤﻘﻖ اﻟﻤﺒﺎراد ،اﻟﺪﻳﻨﺎوري ۽ وﻳﻨﺪي ﻋﻼﻣﻪ ﺗﺎﺑﺎ ﺗﺎﺑﺎﺋﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﺮوع ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﺗﺎﺑﺎ ﺗﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﭘﮡ آﻫﻲ( ﻣﭥﻴﻦ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺳﺎن Dis agreeﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﭤﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ ﺟﻲ واﻗﻌﻲ واﻟﺪه ﻫﺌﻲ .اﻫﺎﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﻨﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻮ ﻗﺒﻮص ﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﭔﺎوﻳﻬﻴﻦ ﺑﺎب ﺟﻮ ﺣﻮاﻟﻮ ڏﻳﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺣﻀﺮت ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﭘﮡ ان ﺷﺎدي ﻻ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻳﺎ ﺻﻼح ﻣﺸﻮري ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻣﺸﻬﻮر اﺻﺤﺎﺑﻲ ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺣﻴﺎت ﻫﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﺌﻮ ورﻫﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﭴﻤﺎر ﻣﺎﮢﻲ ۽ ﺳﻦ ۶۵۵ڌاري وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﺜﻤﺎن رﺿﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﮕﻬﻮ ﺋﻲ ۶۵۶۾ ﺣﻀﺮت ﻋﺜﻤﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﭤﻲ ۽ ۶۶۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﻣﺎم ،ﻋﺎﻟﻢ اﺳﻼم ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﻫﻮن ﺷﺮوع ﺟﻲ راوﻳﻦ ،ﺧﺎص ﻛﺮي اﺑﻦ ﺳﻌﺪ ۽ اﺑﻦ ﻗﻄﻴﺒﻪ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻦ ﺳﺎن اﻫﻮ ﭘﮡ ﭼﻴﻮ
وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ زال ﻫﻚ ﻏﻼم ﮀﻮﻛﺮي ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻮ .ﻣﭥﻴﺎن راوي ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﻬﺰادي ﻫﺠﮡ ﺟﻮ ﻛﻮ اﺷﺎرو ﻧﭥﺎ ﻛﻦ .دراﺻﻞ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﺳﻜﺎﻟﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮواري ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺷﺎﻫﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺳﺎن ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ڏﻧﻲ اﻫﻮ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻢ زﺑﺎن ﻣﻮﺑﺎرد ﻫﻮ.
آﺳﺘﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ۽ ﺗﻐﺮل ﭨﺎور ﺗﻬﺮان ۾ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﮐﺎﻧﭙﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭔﻲ ﻣﻨﺰل آﺳﺘﺎن ﻣﻘﺪس ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﻫﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻟﻨﮕﻬﻪ ۽ رﺳﺘﺎ وﭠﻲ ﺟﺒﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻴﭟ ﻟﻬﮡ ﻟﮙﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﺳﭛ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ. ﻛﺮاﭼﻲ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻬﺎڙي ﺗﻲ ﺗﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﺳﻄﺢ ﺳﻤﻨﮉ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻫﻴﭟ آﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﮐﺎن وڏي ﮀﻮل اﭼﻲ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭔﮇي وﭸﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ ﭘﺎﮢﻲ واﭘﺲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻣﻮﭨﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﺳﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ان ﺷﻬﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻮ اﺗﺎﻫﻴﻦ ﺟﺒﻞ ﺗﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﻳﺎ ﭔﻴﻮن اﺗﺎﻫﻴﻮن ﺟﺎﻳﻮن )ﺟﻦ ﺳﺎن اﻳﺮان ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ( ﻟﻄﻒ ڏﻳﻦ ﭤﻴﻮن .اﺳﺎن ﮐﻲ اڄ رات ﻗﻢ وﭸﮣﻮ ﻫﻮ ﭘﺮ ان ﮐﺎن اڳ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ وارن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ وارﻳﻮن ﻛﺠﻬﻪ زﻳﺎرﺗﻮن ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﻻ ﻫﻦ ﺧﺎص ﺑﺲ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﻛﻴﻮ ﻫﻮ.
اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ﻛﻮه ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﺒﻠﻦ ﺗﺎن ﻟﻬﻲ ﻫﻴﭟ ﺟﺎده ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ )روڊ( ﺗﻲ آﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎن ﭘﻮ ﭔﺌﻲ وڏي رﺳﺘﻲ ﺟﺎده ﻛﺎرﺧﺎﻧﻪ ﺳﻴﻤﺎن ۽ ﺟﺎده اﻣﻴﻦ آﺑﺎد )رﺳﺘﻦ( ﺗﻲ آﺋﻲ ۽ اوﻟﻬﻪ ﻃﺮف ﺷﻬﺮ ري ﻋﻼﺋﻘﻲ ڏي ﻫﻠﮡ ﻟﮙﻲ .دراﺻﻞ ﺗﻬﺮان وﻳﻬﻪ ﮐﻦ ﻧﻨﮃن ﺿﻠﻌﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺿﻠﻌﻮ ”ﺷﻬﺮ ري“آﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ ﺿﻠﻌﻮ ﻣﻠﻴﺮ آﻫﻲ ري ﺷﻬﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ Rayy ،Ray۽ وﻳﻨﺪي Rhagesﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﺑﻪ ﺟﻬﻮﻧﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻠﻴﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺟﻬﻮﻧﻲ ﺑﺴﺘﻲ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﺗﻪ ﭴﮡ ﺗﻪ ﻛﺎﻟﻬﻮﻛﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ري ﺷﻬﺮ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﭜﻨﭝﻮر ۽ دﻳﺒﻞ .ﭘﺮ ري ﺗﻪ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻮ دڙي واﻧﮕﺮ ۵۰۰۰ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﺴﺎﻧﻴﺖ ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺑﺎﺋﻴﺒﻞ ۾ ﺑﻪ اﭼﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ) (۱۴:۱,Tobit ۵:۱Judithﻫﻲ ”ﺷﻬﺮ ري“ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ڌرم وارن ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ ﻫﻮ .ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ري ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﺷﺎن ﺷﻮﻛﺖ وﻳﻮ ﮔﻬﭩﺒﻮ ،۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﭜﺮواري ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻫﻤﻴﺖ وﺋﻲ وڌﻧﺪي .اڄ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻛﺮاﭼﻲ واﻧﮕﺮ اﻳﮇو ﺗﻪ وڏو ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ري ﺷﻬﺮ ان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﺑﮣﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻴﻦ ۾ ري ﮔﻬﮣﻦ ﺟﻬﻮﻧﻦ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺎﻻ ﻣﺎل آﻫﻲ. دراﺻﻞ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺑﻪ ري ﺷﻬﺮ ۾ ﭤﻮ اﭼﻲ .ﻫﺘﻲ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﺑﺮج ﺗﻐﺮل ﭨﺎور ﭘﮡ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺳﺎن ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﻣﺎن ﺑﺪﻻﺋﻲ ري ) (Rayy۾ ﻛﻴﻮ .ﻫﻲ ﭨﺎور وﻳﻬﻪ ﻣﻴﭩﺮ ڊﮔﻬﻮ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﭔﺎﻫﺮﻳﻮن ﺣﺼﻮ ۲۴ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ري ﺑﺎزار ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﻛﺎراوان ﺳﺮا ﺑﻪ ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﻫﻦ .ﭼﺸﻤﻪ ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﭨﻜﺮي ﺑﻪ ري ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮐﻮﭨﺎﺋﻲ ۱۹۳۳ع ۾ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ وﺋﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺷﻴﻮن ۷۰۰۰ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻴﻮن ﻣﻠﻴﻮن آﻫﻦ .ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻲ دڙي ﮐﺎن ﺑﻪ ﭘﺮاﮢﻴﻮن .ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ۶۰۰۰ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ آرﻳﻦ ﺟﻲ ﺑﻴﭡﻚ ﻫﻮ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﻬﺎڙي ﺗﻲ ﻗﺎﭼﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺰادن ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون آﻫﻦ .اﺳﺎن ﮐﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ ﮐﻮﭨﺎﻳﻞ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ وﭸﮣﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻘﻮل ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺟﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ري ﺑﺎزار ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ڏﮐﮡ ۾ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ ڊراﺋﻴﻮر ذﻛﺮﻳﺎ ﺑﺲ ﮐﻲ رازي روڊ ۽ ﻣﻴﺪان ﺷﻬﺮ ري واري ﭼﻮراﻫﻲ وﭨﺎن ﭰﻴﺮاﺋﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﺗﺒﺮﻳﺰي روڊ ۽ ﻫﻼل اﺣﻤﺮ روڊ ﺗﺎن ﭰﺮي اﭼﻲ آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺗﻲ ﻻﭤﻮ. ﻫﻮن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ،ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﺮﻛﺰي ﺷﻬﺮ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ،ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ڏاﮐﮣﻲ ﺣﺼﻲ ري ﺷﻬﺮ ۾وڌﻳﻚ اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﺟﺘﻲ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ،ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ اﻣﺎﻣﺰاده ﺣﻤﺰه ۽ اﻣﺎﻣﺰاده ﻃﺎﻫﺮ ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻻ ﻛﺸﺶ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ آﻫﻦ.
ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن آﻫﻲ ،ﭘﺎڻ ۹ﺻﺪي ۾ ﻫﺘﻲ ري ﺷﻬﺮ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﻋﻘﺒﻲ اﺑﻦ ﻗﻴﺲ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ۱۷۳ﻫﺠﺮي ۾ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ۷۹ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻋﺒﺪا� ۽ واﻟﺪه ﺟﻮ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺑﻨﺖ ٰ ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ ،اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ،اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ ۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﻬﺎدي ۽ ﻫﻨﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﻫﻦ ﭼﺎر اﻣﺎم ڏﭠﺎ .اﻣﺎم ٰ ﮐﺎن ﻫﻦ ﻛﺎﻓﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺮاﻳﻮ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﻫﺎدي ﻛﻴﺘﺮا دﻓﻌﺎ ﻣﺴﺌﻼ ﭘﮁﮡ وارن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﻀﺮت
ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ڏي ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪو ﻫﻮ .ﭘﺎڻ وﻗﺖ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺘﻮﻛﻞ ﺟﻲ ﻇﻠﻤﻦ ﮐﺎن ﺟﺎن ﺑﭽﺎﺋﻲ ،ﻣﺪﻳﻨﻲ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي ﻫﺘﻲ ري ﺷﻬﺮ ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ.
ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو اﻳﺮاﺿﻲ ،ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ﺗﻮڙي رﻧﮓ روﻏﻦ ،ﻛﺎﺷﻲ ۽ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ .ﺷﺎﻳﺪ ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺴﻠﻤﺎن اﭼﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ۽ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﺑﻪ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﻪ ڏاڍو ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻛﻴﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۾ ﺗﻪ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺳﺎن ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﻲ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﻓﻮﭨﻮ ﻫﺘﻲ ﻛﮃي ﺳﮕﻬﻴﺲ -ﺧﺎص ﻛﺮي رﻧﮕﻴﻦ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺟﺎ -ﺟﻦ ﺟﺎ ﭼﻬﻜﻨﺪڙ ۽ ﺷﻮخ رﻧﮓ ۽ ڊﻳﺰاﺋﻨﻮن ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ .اﺗﻲ ﺋﻲ ﭜﺮ ۾ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﺎ اﻣﺎﻣﺰاده ﺣﻤﺰه ۽ اﻣﺎم ﺳﺠﺎد ﺟﻲ ﭘﭧ اﻣﺎﻣﺰاده ﻃﺎﻫﺮ ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا ﭘﮡ آﻫﻦ .ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﻣﺴﺠﺪ ،ان ﺟﺎ ﻣﻨﺎرا ،ﻣﻘﺒﺮي ﺟﺎ ﻗﺒﺎ ۽ ﮔﻨﺒﺬ ۽ ﭔﻴﻮن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻴﻮن ﺳﻠﺠﻮق ،ﺻﻔﻮي ۽ ﭔﻴﻦ دورن ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻦ ۽ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ان وﻗﺖ ﺟﺎ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﺎٺ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﭘﻴﺘﻲ ﺗﻲ ﻧﺴﺘﻠﻖ ۽ ﺗﻠﭣ ﻟﮑﮣﻴﻦ ﺑﻌﺪ آﺧﺮ ۾ ۱۳۳۰ع ﺳﻦ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ .ﻧﺼﻴﺮدﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ اﻧﺪرﻳﻦ در ﺗﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﻋﻤﺎرت ﻻ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ان ﮐﻲ ﺷﺮوع ۾ ﻣﺴﺠﺪ ﻫﻼﻛﻮ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ( ان ﺗﻲ ۱۴۵۰ع ﺟﻮ ﺳﻦ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻴﻤﻮر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺑﻬﺎدر ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ دور آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﭘﻨﻬﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﭠﻬﺮاﺋﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻦ ﻟﻮﻫﻲ دروازن ﺗﻲ ﺳﻠﺠﻮق دور ﺟﻮ ﺳﻦ ۱۵۳۸اﻛﺮﻳﻞ آﻫﻲ. ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ روﺿﻲ وٽ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺼﻴﺮ دﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﻛﺎﭼﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﻨﺠﻮن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻛﺎﭼﺎر ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ ۽ ۱۸۳۱۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﻫﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻋﺮﺻﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ،ﻳﻌﻨﻲ ۱۸۴۸ع ﮐﺎن وﭠﻲ ۱۸۹۶ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﺮزا رﺿﺎ ﻛﺮﻣﺎﻧﻲ ان وﻗﺖ ﻗﺘﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ )ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي واري ﻣﺴﺠﺪ ﻫﻼﻛﻮ ۾( ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻗﺎﺗﻞ ﻣﺮزا رﺿﺎ ﻛﺮﻣﺎﻧﻲ ﺟﻤﺎل اﻟﺪﻳﻦ اﻓﻐﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﭘﻮ ﻟﮗ ﻫﻮ .ﻧﺼﻴﺮدﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ واري ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﺳﻨﺪس وڏي ﻣﻮرﺗﻲ ) (Statueﺑﻪ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﻣﺤﻞ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ آﻫﻲ.
ﻫﺘﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﻛﺎﭼﺎري ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻜﺘﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻻ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ واﻟﺪ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ اﭠﻦ زاﻟﻦ ﻣﺎن ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﻤﻴﺖ وﻳﻬﻪ ﭔﺎر ﻫﺌﺎ ،ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭼﺎر ﭔﻴﻮن زاﻟﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻮ اوﻻد ﻧﻪ ﻫﺌﺲ .اﻧﻬﻦ ۲۰ﭔﺎرن ﻣﺎن ﺳﺖ ﭔﺎر ﺗﻪ ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ۾ ﺋﻲ ﮔﺬاري وﻳﺎ ﻫﺌﺎ ،ﺑﭽﻴﻞ ﭔﺎرن ﻣﺎن ﺟﻴﻜﻲ اﻫﻢ ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﺎ ،اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ .ﭔﻴﻦ ﭔﺎرن ۾ ﻋﺒﺎس )ﻣﻠﻚ آرا( ﻋﺒﺪاﻟﺼﻤﺪ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ ﻣﺮزا ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﺎ آﻫﻦ. ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ري ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﺘﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ۹۵۰ ،ﺳﺎل ﮐﻦ ﭘﺮاﮢﻮ ﺳﺮن ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ۲۰ﻣﻴﭩﺮ ڊﮔﻬﻮ ﭨﺎور ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻦ ﻣﻀﻤﻮن ﺟﻲ ﺷﺮوع ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﺑﺮج ﺗﻐﺮل ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻳﺎد ۾ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ۲۶ورﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۱۰۱۶ع ۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ري ) (Rayy۾ ۱۰۶۳ع ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭔﻴﻦ ﻣﻨﺎرن ۽ ﻣﻘﺒﺮن واﻧﮕﺮ ﻫﻦ ﭨﺎور ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﺑﻪ ﺑﻌﺪ ۾ ﮔﻨﺒﺬ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ زﻟﺰﻟﻲ ۾ ﻛﺮي ﭘﻴﻮ ۽ ﻫﺎڻ وري ﻫﻲ اﺻﻠﻲ ﺻﻮرت ۾ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﭨﺎور ﺟﻮ ﭔﺎﻫﺮﻳﻮن ڊاﻳﺎﻣﻴﭩﺮ ۱۶ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ۲۴ﻛﻨﮉن واري ﻫﻦ ﻣﻴﻨﺎر ﺟﻲ ﭤﻮﻟﻬﻪ ڏﻳﮃ ﮐﺎن اڍاﺋﻲ ﻣﻴﭩﺮن ﺗﺎﺋﻴﻦ آﻫﻲ. ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ رﮐﻨﺪڙن ﻻ ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ ﺑﻴﺴﻮد ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﻬﺎن ،اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻲ ڏﻳﮃ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ) ۱۰۲۹ﮐﺎن ۱۱۹۴ﺗﺎﺋﻴﻦ( ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭨﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ .ﻫﻚ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﺑﻦ ﻣﻴﻜﺎﺋﻴﻞ ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو .ﻫﻮ ۹۹۰۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۰۳۷ ﮐﺎن ۱۰۶۳ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻠﻄﺎن رﻫﻴﻮ ۽ ﻫﻲ ﻣﻴﻨﺎر ﻫﻦ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻳﺎد ۾ ري ﺷﻬﺮ ۾ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﭘﺮﺷﻴﺎ
)اﻳﺮان( ﮐﻲ ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ۱۰۵۵۾ ﻋﺒﺎﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﺑﻐﺪاد ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﺮي ورﺗﻮ ۽ ﻫﻦ دور ۾ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﺎ ﺧﻠﻴﻔﺎ ﻓﻘﻂ Figure headsوﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﺧﻠﻴﻔﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﭩﺮي ﻓﻮج وﻏﻴﺮه ﺗﻐﺮل ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺟﻲ ﺑﺎﻧﺪي ﭤﻲ ﭘﺌﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ روﻣﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۽ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺳﺎن وﻳﮍﻫﻪ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﺎ ﺑﺎرڊر وڌاﻳﺎ ۽ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ۾ اﻳﻜﻮ ﭘﻴﺪا ﻛﻴﻮ .ﺷﺎﻳﺪ ان ﺑﻬﺎدري ﻛﺮي ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﻫﻴﺮو ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺤﺮي ﻓﻮج ﺟﻲ ﻫﻚ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺗﻐﺮل ﺑﻪ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.
ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ﻗﺼﻮ ان ﻛﺮي ﺑﻪ ﮐﮣﻲ وﻳﭡﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﮔﺮدﺷﻦ ﺟﺎ ﻛﻬﮍا ﻛﻬﮍا ﺗﻪ ﭼﻜﺮ آﻫﻦ! ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﺗﺨﺘﻲ ﺗﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ۾ ﺑﻪ ڏﻫﻜﺎ ﻣﭽﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﻟﺘﺎڙي ﺟﻬﻮﻧﺎ ﮘﮍﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر ﻣﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﮇو ﻃﺎﻗﺘﻮر ۽ ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺖ وارو ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻮن ﺳﺖ ﭘﻴﮍﻫﻴﻮن وڏي رﻋﺐ ﺗﺎب ﺳﺎن ﻫﻦ ﺳﭵﻲ رﻳﺠﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪﻳﻮن رﻫﻨﺪﻳﻮن ،ان ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺴﻌﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي زﻧﺪﮔﻲ زﻫﺮ ﻛﺮي ﮀﮇي ﻫﺌﻲ ،ﺗﻨﻬﻦ ﻳﻜﺪم ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ اﻫﻢ ﺷﻬﺮن ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻣﺮو ) (Mervﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻮ ﺳﻠﻄﺎن ﺳﮇاﻳﻮ .ﻫﻲ ۱۰۳۷ع ۽ ۳۸ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ. ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﻳﻌﻨﻲ ۱۰۴۰۾ ﻫﻦ ﻏﺰﻧﻮي ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻲ اﻫﻢ ﺷﻬﺮن ﺑﻠﺦ ۽ ﺑﺨﺎرا ﺗﻲ اﻫﮍي زور زﺑﺮدﺳﺘﻲ ﻛﺌﻲ ﺟﻮ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﭘﭧ ﻣﺴﻌﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﮐﻲ ﻟﻜﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﻣﻠﻲ ۽ اﺗﺎن ﭜﮙﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﭼﻲ ﻻﻫﻮر ۾ ﭘﻨﺎﻫﻪ ورﺗﻲ اﭤﺲ ۱۰۵۸ .۾ ﺗﻐﺮل ﺑﻴﮓ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ اﻟﻘﺎﺋﻢ ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻳﺌﻲ ﺑﻐﺪاد ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻮ ،ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ اﻟﻘﺎﺋﻢ ﺟﻲ ڌي ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ. اﺳﺎن ﺟﻴﺴﻴﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣﺼﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ۽ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ وڏي ري ﺑﺎزار ﻣﺎن اﺳﺎن ﻻ ﮔﺮم ﮔﺮم ﻧﺎن ۽ ﻛﻮاب وﭠﻲ آﻳﺎ .ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ اﻟﮗ اﻟﮗ ﭘﺎﻛﻴﭧ ڏﻧﻮ وﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺟﻴﻮس ﺟﻮ دﭔﻮ ۽ ﻣﭡﻲ ۾ ﺳﻮﻫﻦ ﺣﻠﻮي ﺟﻮ ﭨﻜﺮو ﺑﻪ ﻫﻮ .ﻣﻮن ﮐﻲ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﺳﻮﻫﻦ ﺣﻠﻮي ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ،اﻫﺎ دراﺻﻞ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﭙﻴﺸﻠﭩﻲ آﻫﻲ .ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﺑﺲ ﻛﺌﻴﺴﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺑﺲ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ اﮘﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻨﺰل ﻳﻌﻨﻲ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﻫﻠﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ڊراﺋﻴﻮر ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻚ ﻓﺎرﺳﻲ ﮔﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻛﺌﺴﭧ آن ﻛﻴﻮ ،ان ﺑﻌﺪ ﺑﺲ اﺳﭩﺎرٽ ﻛﺌﻲ.
اﻳﺮان ﺟﺎ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ -ﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ۽ ﺣﺎﻛﻤﻦ ،ﺷﺎﻫﻦ ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﭡﺎﻳﻦ ۽ ﺧﺮاﺑﻴﻦ ،ﭰﮇي ﺑﺎزﻳﻦ ۽ ﺳﺎزﺷﻦ ،آرٽ ۽ ﻛﻠﭽﺮ ﮐﻲ ﻓﺮوغ ڏﻳﺎرڻ ۽ ﻗﺘﻞ و ﻏﺎرت ﺳﺎن ﭜﺮي ﭘﺌﻲ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺗﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻲ دور ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ۳۰۰۰ ﺳﺎل اڳ ﺟﻮ ﺷﺮوع ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ اﻳﻼﻣﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻫﺌﻲ .ﺳﻨﺌﻮن ﺳﮅو ﻫﻚ ﻫﻚ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ رﻛﺎرڊ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﮐﺎن ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺷﺮوﻋﺎﺗﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺳﺎﺋﺮس اول ،ﻛﺌﻤﺒﻴﺲ ،دارﻳﻮس اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﻋﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﺎن ﺑﻪ اڌ ﺻﺪي اڳ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺗﻲ راڄ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﮅ ﺣﻀﺮت ٰ ﺗﺎﺋﻴﻦ آﻳﻮ ان اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺮﺷﻴﺎﺗﻲ راڄ ﻛﺮڻ ﻻ راﻫﻪ ﻫﻤﻮار ﻛﺌﻲ ۽ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﺌﻴﻦ ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ آرﮔﻴﺎد ۽ ﺳﻠﻮﻛﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺗﻲ ﭘﻮﮢﺎ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ) ۳۳۰ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﮐﺎن ۱۶۴ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ( ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ،ان ﺑﻌﺪ ۵۰۰ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﺎر ﭤﻴﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ۴۰ﮐﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ۽ ﺳﻨﺪن ﺣﻜﻮﻣﺖ ۲۴۷ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﮐﺎن ۲۲۴ﻋﻴﺴﻮي ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﻮا ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﭨﻴﻬﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ۽ ۲۲۴ﻋﻴﺴﻮي ﮐﺎن ۶۵۱ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ راڄ ﻛﻴﺎﺋﻮن ان ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ )ﭔﺌﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ( ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن اﻳﺮان ﻣﻜﻤﻞ ﻃﺮح ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ .اﻣﻴﻪ ۽ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻦ ﺟﻲ راڄ ﺑﻌﺪ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﺎ ﺣﺎﻛﻢ ﮔﻬﺮاﮢﺎ ﭘﻴﺪا ﭤﻲ ﭘﻴﺎ ،ﺟﻬﮍوڪ ﻋﻠﻮي ،ﻃﺎﻫﺮي، ﻇﻴﺎري ،ﺑﻮﺋﻲ ،دﻳﻼﻣﻲ ،ﺻﻔﺎري ،ﺳﻤﺎﻧﻲ ،ﻏﺰﻧﻮي ،ﺳﻠﺠﻮق وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ﺟﻦ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﻣﺎن ﻛﻲ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺗﻲ ﺗﻪ ﻛﻲ ان ﺟﻲ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻮن ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ آﺧﺮ ۾ ۱۹۷۹ع ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب آﮢﮡ ﮐﺎن اڳ آﺧﺮي ﭔﻪ ﮔﻬﺮاﮢﺎ ﺟﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻲ ﻫﻼﺋﻲ اﻫﻲ ﻫﺌﺎ ،ﻗﺎﺟﺎري ﮔﻬﺮاﮢﻮ ۽ ﭘﻬﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺣﺎﻛﻢ ﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﻫﻮ .ﺳﺎﺋﺮس ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن وﭠﻲ آﺧﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮘﮣﻴﺎ وﭸﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺬرﻳﻞ اڍاﺋﻲ ﻫﺰار ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ اڍاﺋﻲ ﺳﺌﻮ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ۶۵۱ .۾ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮ ﺳﻮم ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭛ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ،ﻳﺎ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺳﮇاﺋﮡ وارا ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﺎ ،ﺟﻦ ۾ ﺳﻮا اﻳﻜﮍ ﭔﻴﻜﮍ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻴﻦ ﺟﺎ ﻛﻢ ﺟﮇا ﻫﺌﺎ ۽ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ رﻧﮓ ڏﻳﺌﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺟﻮﺋﻲ ﮘﻠﻮ ﻛﭙﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ،ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ،ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻬﮍا اﺳﻼم ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﭰﺮﻟﭧ ۽ ﺗﺒﺎﻫﻲ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﮐﺎن ﺗﺎڙﻳﻮن وﭴﺮاﺋﻲ ﭘﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺟﻮ ﺋﻲ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم ﭤﻲ ﻛﻴﺎﺋﻮن ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺟﺎ اﻫﺮام ﭤﻲ ﭠﻬﺮاﻳﺎﺋﻮن .اﺳﻼم اﻣﻦ ﺟﻮ ﻣﺬﻫﺐ ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻫﻨﻦ اﮢﭵﺎﮢﻦ اﻳﺘﺮو ﺑﻪ اﻣﻦ ﻧﭥﻲ رﮐﻴﻮ ،ﺟﻴﺘﺮو ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دور ۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ۴۰۰ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭴﺎري ﺣﺎﻛﻤﻦ رﮐﻴﻮ ﭤﻲ .ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﻛﻤﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ اﺳﻼم ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ روﺷﻦ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ان ﮐﻲ ﺑﺪﻧﺎم ﺋﻲ ﻛﻴﻮ .ﺑﺲ ﺑﺎﻗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻓﻴﻠﮉ ﻣﺎرﺷﻞ اﻳﻮب ﺧﺎن واﻧﮕﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﻘﺒﻦ ﺟﻮ ﺋﻲ واڌارو ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﺮس دوم ۽ داﺋﺮوس اول ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﮐﻲ وڌ ۾ وڌ ﮐﮣﻲ ﻋﻈﻴﻢ ) (The Greatﺳﮇراﻳﻮ ،ﻣﻘﺪوﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺳﻜﻨﺪر ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﮐﻲ دي ﮔﺮﻳﭧ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﺪود رﮐﻴﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﻌﺪ وارن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ،ﻋﻮام ﻻ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ آﮢﮡ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﻘﺒﻦ ۾ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ آﻧﺪي .ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺎن ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ۽ ﺟﻬﺎن ﭘﻨﺎﻫﻪ ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﻫﺘﻲ ﻛﺎﺟﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺎﺟﺎر ﺟﻲ ﻋﻬﺪن ﺟﻮ ﻣﺜﺎل ڏﻳﺎن ﭤﻮ .اﻳﺮان ﺗﻲ ﻗﺎﭼﺎري ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﺳﻮا ﺻﺪي )۱۷۹۴ ﮐﺎن ۱۹۲۵ﺗﺎﺋﻴﻦ( ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۸ﮐﻦ اﻫﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ .ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻛﺎﭼﺎري ﭔﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ ،ﭘﺎڻ ۱۷۷۲۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۷۹۷ﮐﺎن ۱۸۳۴ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﺎﺑﺎ ﺧﺎن ﻫﻮ ﭘﺮ ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﻣﻬﻞ ﻫﻮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻟﻘﺐ وڌاﺋﻴﻨﺪو وﻳﻮ .آﺧﺮ ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﺎﺑﺎ ﺧﺎن ﭼﺌﻲ ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﻴﮡ ﺑﺪران ﻫﻲ ﻟﻘﺐ ۽ ﺗﻌﺮﻳﻔﻲ ﺻﻔﺘﻦ ﺳﺎن ﻧﺎﻟﻮ ورﺗﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ. ﻇﻞ ا� ﮔﺘﻲ ﺳﺘﺎن ،ﺳﻜﻨﺪر ﺷﺎﻫﺎن ﺟﺎم ﺟﺎﻫﻪ ﻓﺮﻳﺪون ﻓﺎر ﻛﺴﺮيٰ ،ﺷﻮﻛﺖ اﺳﻼم ،ﭘﻨﺎﻫﻪ ﺷﺮﻳﻌﺖ ،ﭘﻨﺎﻫﻪ ﺣﺎﻓﻆ ﻣﻠﻚ اﻋﻈﻢ ،ﺳﻠﻄﺎن اﺑﻦ ﺳﻠﻄﺎن ،ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺎﭼﺎر.....
اﻳﺮان ﺟﻮ اﺻﺤﺎﺑﻲ اﻳﺮان ۾ رﻫﻨﺪي ۽ ﺧﺎص ﻛﺮي اﺻﻔﻬﺎن ﻣﺎن اﻳﻨﺪي وﻳﻨﺪي اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ،اﺻﺤﺎب ﺳﮙﻮري ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﺒﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻲ ﺳﭽﻲ ﻋﺎﺷﻖ ﺣﻀﺮت ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻧﻪ ﻛﺮڻ ﻧﺎاﻧﺼﺎﻓﻲ ﭤﻴﻨﺪو.
ﺣﻀﺮت ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮٺ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻮ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ”ﭘﺮﺷﻴﺎ“ ۽ ”ﻓﺎرس“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﺳﻠﻤﺎن ﻫﻚ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﻦ ﺟﻮ ڌرم ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭴﺎ ﻛﺮڻ ﻫﻮ .ﻛﺠﻬﻪ ﮔﻬﺮ ﻳﻬﻮدﻳﻦ ۽ ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻫﺌﺎ .اﻳﺮان ۾ اﺳﻼم ﺑﻌﺪ ۾ ) ۶۵۰ڌاري( آﻳﻮ .ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﻲ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن دﻳﻦ ﺣﻖ ﺗﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ ﺟﺴﺘﺠﻮ ﻫﺌﻲ .ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ڌرم ﮀﮇي ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﭘﺎدرﻳﻦ ۽ راﻫﺒﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﻟﮙﻮ .ﻫﻚ راﻫﺐ ﻣﺮڻ وﻗﺖ ﮐﻴﺲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اي ﺣﻖ ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ﻛﻨﺪڙ ﻧﻮﺟﻮان ﻫﻦ وﻗﺖ ان ﻧﺒﻲ آﺧﺮا ﻟﺰﻣﺎن ﺟﻲ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﮡ ﺟﻮ وﻗﺖ وﻳﺠﻬﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ رﻳﮕﺴﺘﺎن ﻣﺎن اﭤﻲ دﻳﻦ ﺣﻨﻴﻒ ﮐﻲ زﻧﺪه ﻛﻨﺪو ۽ ﻫﻮ ان ڌرﺗﻲ ڏي ﻫﺠﺮت ﻛﻨﺪو ،ﺟﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﮐﺠﻴﻦ ﺟﺎ وڻ ﻫﻮﻧﺪا.
ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ان اﺷﺎري ﺗﻲ ﻣﻨﺰﻟﻮن ﻛﻨﺪو اﭼﻲ ﻳﺜﺮب ﮐﺎن ﻧﻜﺘﻮ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻏﻼم ﺑﮣﺎﺋﻲ ﻫﻚ ﻳﻬﻮدي وٽ وﻛﻴﻮ ﺑﻪ وﻳﻮ ﭘﺮ آﺧﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻪ ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﻧﺼﻴﺐ ﭤﻲ ۽ اﺳﻼﻣﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﻠﻤﺎن ﺳﺎن ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻮ. ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﻏﻼﻣﻲ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ۾ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺑﺪر ۽ اﺣﺪ ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻴﻦ ۾ ﺗﻪ ﺣﺼﻮ وﭠﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ،ﺑﺎﻗﻲ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﻫﺠﺮي ۾ ﺟﻴﻜﺎ ﺧﻨﺪق ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻲ ﻟﮙﻲ ان ۾ ﺑﭽﺎ ﺧﺎﻃﺮ ﺧﻨﺪق ﮐﻮﭨﮡ ﺟﻲ ﺳﭡﻲ را ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﭘﻴﺶ ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﺳﻮڀ ﻧﺼﻴﺐ ﭤﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﮐﻲ اﻳﮇو ﺗﻪ ﭘﻴﺎرو ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﻬﺎﺟﺮﻳﻦ ۽ اﻧﺼﺎر ۾ اﭼﻲ ﺑﺤﺚ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ”ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ رﺿﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻫﻲ؟“ ﺣﻀﻮر اﻛﺮم ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ اﻫﻮ ﺑﺤﺚ ﭔﮅو ﺗﻪ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ” :ﺳﻠﻤﺎن ﻣﻦ اﻫﻞ اﻟﺒﻴﺖ“ )ﺳﻠﻤﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﻣﺎن آﻫﻲ( .ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻋﺸﻖ رﺳﻮل ﺻﻪ ۽ ﺷﻮق ﺟﻬﺎد ڏﺳﻲ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ “ ﺟﻨﺖ ﭨﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ اﺷﺘﻴﺎق رﮐﻲ ﭤﻲ، ﻋﻠﻲ رﺿﻪ ،ﻋﻤﺎر رﺿﻪ ۽ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻪ .ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﮐﻴﻦ ﺳﻠﻤﺎن اﻟﺨﻴﺮ ﺟﻮ ﻟﻘﺐ ﻋﻄﺎ ﻛﻴﻮ.
ﺣﻀﻮر اﻛﺮم ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ رﺣﻠﺖ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ رﺿﻪ وڏي ﻋﺮﺻﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ رﻫﻴﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﻓﺎروق ﺟﻲ ﻋﻬﺪ ﺧﻼﻓﺖ ۾ ﻫﻦ ﻋﺮاق ۾ ﺋﻲ رﻫﮡ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻴﻮ .اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ وﻗﺖ )ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻳﺰدﮔﺮ ﺳﻮم ﻫﻮ( ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻪ ﻣﺠﺎﻫﺪﻳﻦ اﺳﻼم ۾ ﺷﺮﻳﻚ ﻫﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ان ﺑﻌﺪ ﮐﻴﺲ ﻣﺪاﺋﻦ ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮي ﭘﮡ ڏﻧﻲ ،ﻫﻦ ﻣﺮد دروﻳﺶ ﮔﻮﻧﺮي وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﺳﺎدﮔﻲ ﮐﺎن ﻛﻢ ورﺗﻮ .ﺳﭵﻮ ﭘﮕﻬﺎر ﻏﺮﻳﺒﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻨﺪو ﻫﻮ .ﭘﻴﭧ ﮔﺬر ﻻ ﺗﻮﻧﺌﺮﻳﻮن ۽ ﺗﮇا ﭠﺎﻫﻲ وﻛﮣﻨﺪو ﻫﻮ ،ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﺗﮑﻮ ﻧﻪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ.
ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﺨﺺ ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ رﺿﻪ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ وڌ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﻮ .ﺟﻮاب ۾ وراﮢﻴﺎﺋﻨﺲ ”ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭜﺎ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻗﻴﺎﻣﺖ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻨﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﮍ ﮘﺮو ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﺗﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﺎﻟﺖ ان ﮐﺎن ﺑﻪ ﺧﺮاب ﻫﻮﻧﺪي ۽ ﺟﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻨﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﮍ ﻫﻠﻜﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ان ﺑﺪﺷﺪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﮐﺎن آﺋﻮن ﮀﻮ ﮔﻬﭕﺮاﻳﺎن.
ﺣﻀﺮت ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ۳۵ﻫﺠﺮي ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﺜﻤﺎن رﺿﻪ ﺟﻮ دور ﺧﻼﻓﺖ ﻫﻮ .ﮐﻴﻦ اﺗﻲ ﻣﺪاﺋﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ﺋﻲ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻋﺮاق ۾ اﭼﻲ ﭤﻮ وﭸﻲ .ﭘﺎڻ ﻗﺮآن ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭘﮡ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﺑﻠﻜﻪ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺮآن ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ڌارﺋﻴﻦ ﭔﻮﻟﻲ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ.
ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ
اﺳﺎن ﺟﻮ ﻗﺎﻓﻠﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﺑﺎ اﻳﺌﺮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺋﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ۽ اڌ ﻛﻼڪ اﻧﺪر اﺳﺎن اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﻧﻜﺮي ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺑﺲ ۾ اﭼﻲ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﭔﻲ ﻣﻨﺰل ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺗﻬﺮان ۾ ﺋﻲ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬري وﻳﻮ ،ﺟﻮ اﺗﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ۽ ﭔﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ وﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﺎڻ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﭔﻲ ﻣﻨﺰل ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ،ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﮣﺎ ﻫﺌﺎ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻞ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﻳﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ .ﻛﺮاﭼﻲ ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻪ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻗﺎﻓﻼ اﭼﻦ ﭤﺎ ،اﻫﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﻲ ﻣﻘﺮر ﻣﻘﺪس ﻣﻘﺎم ڏﺳﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﻲ ﻫﻚ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻧﺞ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﭨﺮپ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .ﻫﻮ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻋﺒﺎدت ۾ ﻣﺸﻐﻮل رﻫﻦ ﭤﺎ .اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔﻦ ﺑﻌﺪ ﭤﻮرو ﮔﻬﮣﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ﻣﺎن ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﺮڻ ﻻ دﻟﭽﺴﭙﻲ وﭠﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﻠﻚ ﮀﮇڻ ﻣﻬﻞ ﭘﻜﻮ ﭘﻬﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ دﻧﻴﺎ ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ وﻗﺖ ﻧﻪ وﭸﺎﺋﺒﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ اﻧﺴﺎن اﻧﺴﺎن آﻫﻲ ﻛﺠﻬﻪ وﻻﺋﺘﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﭼﻤﻚ ۽ ﻛﺸﺶ ،ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺴﺘﺎﺋﻲ ﻛﺮي ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﭽﺎ ﭔﺎر ﻳﺎد اﭼﮡ ﻛﺮي ﻫﻮ ﺷﺎﭘﻨﮓ ڏي ﺿﺮور ﭤﻮرو ﮔﻬﮣﻮ ﻻڙو رﮐﻦ ﭤﺎ .ﺑﺎﻗﻲ ﻋﺎم ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ واﻧﮕﺮ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﻦ ﺷﻴﻦ ڏي ڌﻳﺎن ﻧﭥﻮ رﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ ﭤﻴﻞ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ۽ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﺑﻪ ﻣﻮن ﭘﺌﻲ ﻛﮃﻳﻮن .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﭔﻴﻦ ﺟﻲ ان ۾ ﻛﺎ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺷﻬﺮ ۾ اﻣﺎﻣﺰاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭜﺮﺳﺎن ﺋﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺗﻲ ﭘﻮ آﺋﻮن اﭤﻴﺲ ۽ اﻛﻴﻠﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﻋﻄﺎر ۽ ﻣﻠﻮڪ ﺑﻪ ﻫﻠﻨﺪا ﭘﺮ ﺟﮇﻫﻦ ﭔﻪ ﻛﻼڪ ﮔﺬري وﻳﺎ ،اﺗﻲ ﺋﻲ وﻳﭡﺎ رﻫﻴﺎ ﺗﻪ ِ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﺎن ﭤﻲ آﻳﺲ .ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺗﻲ اﻛﺮﻳﻞ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ رﺑﺎﻋﻴﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻛﮃﻧﺪي اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻫﺘﻲ ﮀﻮ ﻧﭥﺎ اﭼﻦ ،ﭘﺮ ﭘﻮ ﻳﻜﺪم ڌﻳﺎن ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ،ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ،ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻌﺼﻮم ۽ ﻧﻴﻚ اﻣﺎﻣﺰادن ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ ﻓﺎﺗﺢ ﭘﮍﻫﮡ ۽ دﻋﺎ ﮔﻬﺮڻ آﻳﺎ آﻫﻦ ﺳﻮ اﻫﻲ ﻛﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﺷﺮاﺑﻲ ﻛﻮاﺑﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ اﻳﻨﺪا،ﺟﻴﻜﻮ ﻋﺒﺎدت ﺑﺪران اﻧﺴﺎن ذات ﮐﻲ اﻫﺎ ﺗﻠﻘﻴﻦ ﭤﻮ ﻛﺮي ﺗﻪ ﮐﺎﺋﻮ ،ﭘﻴﺌﻮ ۽ ﻋﻴﺶ ﻛﺮﻳﻮ ﻛﻬﮍي ﺧﺒﺮ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﺠﻮ ﺑﻪ ﻳﺎ ﻧﻪ. ﻳﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﭤﻮ ﭼﻮي ﺗﻪ ﺟﻴﻜﺮ ﺷﺮاب ﺟﻮ ﺟﮗ اﮘﻴﺎن ﻫﺠﻴﻢ ۽ ﻣﺤﺒﻮﺑﺎ ﺟﻲ ﺟﻮٽ ﺗﻲ ﻟﻴﭩﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﺠﺎن ،ﺗﻪ ﭘﻮ ﭜﻼ ﮀﺎ ﮐﭙﻲ .اﻫﺎﺋﻲ ﺗﻪ ﺟﻨﺖ آﻫﻲ! ﺳﻮ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻬﺮن ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﮐﺎن ﺟﺪا ﭤﻲ وﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ .وﻳﻨﺪي ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ادارا ۽ ﺟﺎﻳﻮن ڏﺳﮡ ﻻ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻛﻴﻠﻮ وﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ .ﻫﻮن ﻗﻢ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ) (۷۴۵-۷۹۹ﺟﻲ ﻧﻴﺎﮢﻲ ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﻲ ﺑﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮم ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﻛﺮي آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ٰ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ) (۷۶۵-۸۱۸ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﻫﺌﻲ .ﻗﻢ اﻫﻞ ﺷﻴﻌﻪ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﺪرﺳﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﺑﻪ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﻗﻢ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﺎﻣﻌﻜﺮان ﺑﻪ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دل ﺟﻮن ﻣﺮادون ﻛﺎﻏﺬ ﺗﻲ ﻟﮑﻲ اﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻚ ﭘﺎڪ ﮐﻮه ۾ اﮀﻠﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻋﻘﻴﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ اﻣﺎم ﻣﻬﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﻠﻤﺎﺋﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﻣﻬﺪي ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻟﻜﻞ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﻫﻮ ﺿﺮورﺗﻤﻨﺪن ﺟﺎ ﻛﻢ ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ .ﺟﻤﻜﺮان ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻚ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻴﺦ ﺣﺴﻦ اﺑﻦ ﻣﺼﻠﺢ ﺟﻤﻜﺮاﻧﻲ ﮐﻲ ۳۷۳ﻫﺠﺮي )ﻳﻌﻨﻲ ۹۷۴ﻋﻴﺴﻮي( ۾ ﻫﻦ ﮐﻮﻫﻪ وٽ اﻣﺎم ﻣﻬﺪي ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﻫﻮ .اﻣﺎم ﻣﻬﺪي ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ۽ ﻏﺎﺋﺐ اﻣﺎم ﻻ اﻫﻮ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﮁﺎڙي ۾ ﻫﻦ ﺟﻤﻜﺮان ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﮐﻮﻫﻪ ﻣﺎن ﻧﻜﺮﻧﺪو. ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ۾ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ اﻫﻤﻴﺖ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﺎن ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪ ﻧﺰاد ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻛﻢ ﻫﻦ ۱۰ﻣﻠﻴﻦ ﭘﺎﺋﻮﻧﮉ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ ڏﻳﮡ ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﺳﻮﻳﻦ ﺷﺂﮔﺮد ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ وﭠﻦ ﭤﺎ .ﻓﻘﻂ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﻮﻳﻦ ﻣﺪرﺳﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﻣﺎن اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻮ ﺳﭛ ۾ وڏو آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ،ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ۽ وﻳﻨﺪي آﻓﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﻌﻠﻢ ۽ اﺳﺘﺎد ﻣﻠﻴﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻗﻢ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ ﻫﺘﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﺪرﺳﻦ ۾ درس و ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻗﻢ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﻻ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﭘﮡ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﻫﻦ
ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ.
ﻗﻢ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ڏﮐﮡ اوﻟﻬﻪ ۾ ۹۷ﻣﻴﻠﻦ ) ۱۵۶ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮن( ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ آﻫﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ اﺋﻴﻦ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻴﺘﺮو ﭘﺮي آﻫﻲ ﭘﺮ ﺳﻔﺮ ۾ ان ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﭧ وﻗﺖ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻫﺎ وي ﺗﻲ اﻋﻠﻲ روڊ رﺳﺘﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺟﭙﺎن ۽ اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن آﻫﻦ ،اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﺎ وي ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﻻرﻳﻮن ﻣﻮﭨﺮون ٰ ٰ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍن ﺗﺮﻗﻲ ﻳﺎﻓﺘﻪ ۽ اﻣﻴﺮ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻠﮡ ﺟﻮ ﻛﻠﭽﺮ آﻫﻲ ۽ ﻣﻨﺠﻬﻦ ﺻﺒﺮ ۽ ﺑﺮداﺷﺖ ﺟﻮ ﻣﺎدو ) (Toleranceاﺳﺎن ﮐﻲ وري ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ آﻫﻲ .وﻳﻜﺮن ۽ ﺳﭡﻦ رﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه روﺷﻨﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ وڏو ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ ۽ ﮔﺎڏﻳﻦ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙن ﮐﻲ Beamﺗﻲ ﺑﺘﻲ رﮐﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﻳﻨﺪڙن ﺟﻮن اﮐﻴﻮن ﻧﭥﻴﻮن ﻛﮃﮢﻴﻮن ﭘﻮن .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۽ ان ﺟﻲ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ رات ﺑﺘﻴﻮن ﭔﺮﻧﺪﻳﻮن رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ ﺗﻌﺠﺐ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮﻳﻦ ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﻫﺎ وي ﺗﻲ روڊ ﺟﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﻣﺮﻛﺮي ﺑﻠﺐ ﭘﻴﺎ ﭔﺮن ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻻﺋﻴﭧ ﺟﻮ ﺧﺮچ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺋﻲ اﻓﻮرڊ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ ﻫﻴﭡﺎن ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﻮن ﻧﺪﻳﻮن وﻫﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﺘﻲ ﭘﻴﭩﺮول ﺟﻮ ﻟﭩﺮ اﺳﺎن وٽ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻟﭩﺮ ﺟﻲ ﺑﻮﺗﻞ ﮐﺎن ﺳﺴﺘﻮ آﻫﻲ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻲ ﮐﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ اﻫﮍﻳﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺗﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﻌﺠﺐ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﻳﻜﺪم وراﮢﻴﻮ ” :۽ ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ وري اﺳﺎن ﺗﻲ ﺗﻌﺠﺐ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ۽ ﮐﭩﻞ ﻣﻠﻚ ﻫﻮﻧﺪي ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻗﺮﺿﻦ ﺟﺎ اﻧﺒﺎر ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ،ان ﺟﻲ ﺻﺪر ﺻﺎﺣﺐ ﻳﺎ ﭘﻨﺠﺎب وزﻳﺮاﻋﻠﻲ ﺟﻮ رﻫﺎﺋﺶ ﮔﺎﻫﻪ ﺗﻪ ڏﺳﻮ ! ﺟﻦ ﺟﻲ ﻋﺎم ﺧﺮچ ﭘﭡﻴﺎن ﺑﻪ ﻋﻮام ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺲ ﻣﺎن ﻛﺮوڙﻫﺎ روﭘﻴﺎ ﺟﻲ ٰ ﺿﺎﻳﻊ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻬﮍي اﻣﻴﺮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺻﺪر ﻫﻚ ﻓﻘﻴﺮاﮢﻲ ﮔﻬﺮ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ،ﻫﻮ ﭘﭧ ﺗﻲ وﮀﺎﻳﻞ ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺗﻲ ﺳﻤﻬﻲ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﺟﻴﻜﺎ آﻓﻴﺲ ۾ ﮐﺎﺋﻲ ﭤﻮ اﻫﺎ ﮔﻬﺮان ﻟﻨﭻ ﺑﺎﻛﺲ ۾ ﮐﮣﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ“.
اﻳﺮان ﻣﻠﻚ ۳۰ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻫﻚ ﺋﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺳﻨﮅ ۾ آﻫﻦ ،ﺗﺌﻴﻦ ﺗﻬﺮان ۽ ﻗﻢ ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﻫﺌﺎ ،ﭘﺮ ﭘﻮ۱۹۹۵ ع ۾ ﺗﻬﺮان ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ڏاﮐﮣﻮ ﺣﺼﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻗﻢ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﭼﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ڌار ﻛﺮي ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻮ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .ﻫﺎڻ ﺗﻬﺮان ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ۱۹۰۰۰ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ۱۱۵۰۰ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ،ﺳﭵﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ آدﻣﺸﻤﺎري ﻛﺎ ﻳﺎرﻫﻦ ﻟﮏ ﻣﺲ ﭤﻴﻨﺪي ۽ ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﻓﻘﻂ ﻗﻢ ) (Qomﺋﻲ اﻛﻴﻠﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ.
اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ رات ﺟﻮ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ داﺧﻞ ﭤﻲ .اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ وارن اﺳﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﺑﻠﻜﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺮﻛﺰ ۾ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري روڊ ﺧﻴﺎﺑﺎن آراڪ ﺗﻲ ﻫﻮﭨﻞ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ارڌال ) (Ardehal۾ ﻫﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﻣﻘﺒﺮن ۽ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرﻛﻦ ﺟﻲ ارد ﮔﺮد رات ﺟﻮ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﻫﻚ ﺑﺠﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﻟﮙﻲ رﻫﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﭨﺮﻳﻔﻚ ﺑﻪ ﺟﺌﻢ رﻫﻲ ﭤﻲ .ﺳﺮﻛﺎر ﻃﺮﻓﺎن ﻫﺮ ﺳﺎل رﺳﺘﺎ وﻳﻜﺮا ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ روڊ ون وي ﺑﻪ ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﭨﺮﻳﻔﻚ ﺟﻮ ﻳﻚ ﻃﺮﻓﻮ ﻓﻠﻮ ﻫﺠﻲ. اﻫﮍو ﺋﻲ ﻫﻚ رﺳﺘﻮ ﻗﻢ ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻃﺮﻓﺎن ﻫﺎڻ ﻛﻮ One wayﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺟﻠﺪي ۾ ﭼﮍﻫﻲ اﭼﮡ ﺑﻌﺪ ان روڊ ﺟﻲ ون وي ﻫﺠﮡ ﺟﻮ ﻧﻮﭨﺲ ڌﻳﺎن ۾ آﻳﻮ .ﺑﺲ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮔﺎڏي ﮐﻲ ﺑﺮﻳﻚ ﻫﮣﻲ ان ﮐﻲ Reverseﻛﺮڻ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ان ﮐﻲ ﻛﺎ اﻫﻤﻴﺖ ﻧﻪ ڏﻧﻲ ۽ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ اﮘﺘﻲ وڌڻ ﻻ ﭼﻴﻮ ﺟﻮ ان روڊ ﺟﻲ ﭘﻮﮀﮍ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﺗﺎن اڌ ﻓﺮﻻﻧﮓ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻮ ،اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﻫﺌﻲ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﭨﺮﻳﻔﻚ ﺳﮕﻨﻞ ﻳﺎ ون وي ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﻧﻪ ﻛﻨﺪڙ اﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻛﺎ وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ .اﮘﻴﺎن ﻫﻚ ﮀﻮﻛﺮاٽ ﭨﺮﻳﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ آﻓﻴﺴﺮ ﺟﻲ ﺳﻴﭩﻲ وﭴﺎﺋﮡ ﺗﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮔﺎڏي ﺑﻴﻬﺎري ﺗﻪ ﺑﻪ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﭨﻲ ﭨﻲ ﺳﻴﻨﻴﺌﺮ ﭘﻮﻟﻴﺲ آﻓﻴﺴﺮ ﺑﻴﭡﺎ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻮ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭜﭹﻜﮍي ﻛﺮڻ واري ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﮕﺎڙي ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻦ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ان رات اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ Clear۽ ﭼﭩﻮ ﭼﭙﺎﭨﻮ Messageﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻲ ﺳﭙﺎﻫﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻓﻮرس آﻫﻲ ۽ ڏوﻫﺎري ﻧﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﺌﺴﻲ ذرﻳﻌﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻧﻪ ﻣﻨﭣ ﻣﻴﮍ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ۽ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﺳﻔﺎرش ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭔﻦ ﺗﺮم ﺧﺎﻧﻦ ،ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ آﺋﻲ ﭤﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ آﻓﻴﺴﺮ ﮐﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﺋﻲ ﻣﻄﻤﺌﻦ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ” ،ﺗﻮﻫﺎن ﻗﺎﻧﻮن ﭜﮙﻮ آﻫﻲ ،ﭘﺮ آﺋﻮن ﻗﺎﻧﻮن ﺗﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﻫﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ۲۴ “،ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻫﻠﻜﻲ ﭰﻠﻜﻲ ﺟﺴﻢ واري ﭨﺮﻳﻔﻚ ﺟﻲ ﺳﭙﺎﻫﻲ وراﮢﻴﻮ .ﻫﻦ ﻣﻠﻚ
ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺑﺲ ﺟﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻏﻠﻄﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﮀﻬﻪ ﻫﺰار روﭘﻴﺎ ﮐﻦ ڏﻧﮉ وﭠﻲ رﺳﻴﺪ ڏﻧﻲ ۽ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ اﺗﻲ ﺋﻲ ﻟﻬﺮاﺋﻲ ﺑﺲ ﮐﻲ ۲۴ﻛﻼﻛﻦ ﻻ ﺳﻮﮔﻬﻮ رﮐﮡ ﻻ ﭜﺮواري ﭤﺎﮢﻲ ﺗﻲ رواﻧﻮ ﻛﻴﻮ .ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﺎ اﺳﻴﻦ ﭤﻜﻞ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ دﻳﺮ اڳ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ در ﺗﻲ ﻟﻬﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﻤﺮن ﺟﻮن ﭼﺎﭔﻴﻮن وﭠﻲ ﮔﺮم ﭘﺎﮢﻲ ﺳﺎن وﻫﻨﺠﻲ ﻓﺮﻳﺶ ﭤﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ڊاﺋﻨﻨﮓ روم ۾ اﭼﻲ ڊﻧﺮ ﮐﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺳﻮﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻦ ﻣﺮدﻳﻦ ﺗﻮڙي ﻋﻮرﺗﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن ﮘﺮﻳﻮن ﺑﺌﮕﻮن ﻣﭥﻲ ﺗﻲ رﮐﻴﻮن ۽ آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ﭤﺎﭔﮍﻧﺪا اﭼﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﭜﻴﮍا ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮن اﺳﺎن ﮐﻲ اﻫﻮ اڌ ﻛﻼڪ ﺑﻲ ﻣﺰي ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﭘﺮ اﻫﺎ ﭘﻚ اﭤﻢ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻫﺮ ﻫﻚ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﺋﭩﻦ ﻣﭩﻦ ۽ دوﺳﺘﻦ ﻳﺎرن ﮐﻲ اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو رﻫﻨﺪو ﺗﻪ ﭔﻴﻠﻲ اﻳﺮان ۾ ﻣﺘﺎن ﻛﺎ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭜﭹﻜﮍي ﻛﺌﻲ اﭤﺎﻧﻮ ،ﮀﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﻧﻪ رﮘﻮ ﻗﺎﻋﺪا ﻗﺎﻧﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ،ﺟﭙﺎن ،ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ ﭔﻴﻦ ﺳﮅرﻳﻞ ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ ان ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﺑﻪ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.
ﻣﭡﻮ ﺑﺪران ﻃﻮﻃﻮ ﻳﺎد اﭼﮡ ﻗﻢ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﺑﻲ ﺑﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ )ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﻴﮡ( ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري وﻳﻜﺮي روڊ ﺧﻴﺎﺑﺎن اراڪ ﺗﻲ ﻫﻮﭨﻞ آﭘﺎ رﺗﻤﺎن ارڌال ) (Ardehal۾ ﻫﻮ .ﻫﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺑﻠﻜﻞ ان ﻟﻮﻫﻲ ﭘﻞ وٽ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﺧﻴﺎﺑﺎن اراڪ ﺳﺎن ﮘﻨﮃي ﭤﻲ ۽ اﻫﺎ ”ﭘﻞ ﭘﻞ آﻫﻨﭽﻦ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ .۽ ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﭘﮡ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﺳﮇﻳﻦ .ﻫﻲ ﻗﻢ ﺟﻮ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ واﻧﮕﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ .۽ ﻫﻦ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻲ واري ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﮡ ﺳﺎن اﻫﻮ ﻓﺎﺋﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﺑﻪ ﻛﻨﮉ ۾ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ ﻫﻠﻴﺎ وﭸﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ رﺳﺘﻮ ﭜﻠﺠﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮ ﺟﻮ ﻫﺮ ﺑﺲ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ وﭨﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ ﭤﻲ ،ﺟﺘﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺳﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﭴﮡ ﺗﻪ ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎﺋﻮ .ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻛﻬﮍو ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﻧﻪ ڏﭠﻮ ﻫﺠﻲ ،اﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ آﺋﻮن اﻛﻴﻠﻮ ﺋﻲ اﻛﻴﻠﻮ ﺑﻲ ڊﭘﻮ ﭤﻲ ﻣﺸﻬﺪ واﻧﮕﺮ ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ ﮐﺎن ﭔﻲ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ وﭸﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪو ﻫﻮس ۽ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﭘﻮﻧﺪو ﻫﻮس ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺗﻪ اﭼﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪو ﻫﻮس .اﻳﺮان ﺟﻲ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﺑﺲ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﺗﻪ ﭴﮡ ﻣﻔﺖ ۾ آﻫﻲ .اﻳﺘﺮي ﺳﺴﺘﻲ ﭨﻜﻴﭧ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ، ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﺗﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻲ آﻫﻲ .ﺟﻮ ﭘﻴﭩﺮول ﺗﻤﺎم ﺳﺴﺘﻮ آﻫﻲ ۽ اﭸﺎن ﺑﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﺳﺴﺘﻮ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ ان ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﭼﮍﻫﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﭼﺎر ﭼﺎر ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﮣﻲ ﭤﻲ ۽ ﭜﺎڙي ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﺣﺼﻮ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ﻫﺘﻲ اﻫﺎ دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ آﺋﻮن ﻗﻢ ﺟﻲ وڏي ﻣﺪرﺳﻲ ﺑﻠﻜﻪ اﺋﻴﻦ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺳﭛ ۾ وڏي ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ درﺳﮕﺎﻫﻪ ﻣﺪرﺳﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺲ .ﻛﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺗﺎن ﻓﻼﮢﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺟﻮن ﺑﺴﻮن ﺟﻨﻬﻦ روٽ ﺗﻲ ﻫﻠﻦ ﭤﻴﻮن ،ان ﺗﻲ اﻫﻮ ﻣﺪرﺳﻮ اﭼﻲ ﭤﻮ .ﺑﺲ ۾ وﻳﻬﮡ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري ﺳﻴﭧ ﺗﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ اﮀﻲ ﻋﻤﺎﻣﺎ ۽ ﻧﺎﺳﻲ ﻋﺒﺎﻳﺎ ۾ اﭼﻲ وﻳﭡﻮ ،ﻣﻮن ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﭼﻲ ﭤﻲ؟
”ﺑﻠﻜﻞ اﭼﻲ ﭤﻲ“ ﻫﻦ ﻓﺮﺳﭧ ﻛﻼس اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ“ ،ڏاڍي ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ .ﻣﻮن ﺑﻪ اﻫﺎ ﭘﺌﻲ دﻋﺎ ﮔﻬﺮي ﺗﻪ اﻫﮍو اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﻠﻲ وﭸﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮐﺎن واﻗﻒ ﻫﺠﻲ ۽ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ وﭠﻲ ﻫﻠﻲ “.ﻣﻮن ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ۽ ﻫﻦ ﻣﺮﻛﻨﺪي ﭔﮅاﻳﻮ ”آﺋﻮن ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ آﻫﻴﺎن ان ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ ﻫﺘﻲ اٺ ﺳﺎل رﻫﮡ ﻛﺮي ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻪ ﭴﺎﮢﺎن ﭤﻮ ۽ آﺋﻮن ان ﺋﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ڏي وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﺟﺘﻲ ﻣﻌﻠﻢ آﻫﻴﺎن ،ﻳﻌﻨﻲ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎن ﭤﻮ “.ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ ﺑﺲ ﺟﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﺟﻮ ﭘﺌﻜﻴﭧ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺑﺲ ۾ روز ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ وارا روز روز ﭨﻜﻴﭧ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﻳﻜﻮ وﭠﻲ رﮐﻦ ﭤﺎ .ان ﻣﺎن ﻫﻦ ﻫﻚ ﭨﻜﻴﭧ ﻣﻮن ﻻ ﺑﻪ ڏﻧﻲ ۽ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﺪرﺳﻲ اﻧﺪر وﭠﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ اﻧﺪران آﻓﻴﺸﻞ اﺟﺎزت وﭠﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﭵﻮ ﻣﺪرﺳﻮ ﮔﻬﻤﺎﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻫﺌﺎ ۽ ﺟﻦ ﺟﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﺌﺎ ،اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﺗﻪ ﺗﻤﺎم وڏو ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ،ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۽ ان ۾ ﻣﻠﻴﻞ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﺳﺎن ﭤﻴﻞ ﺧﺒﺮﭼﺎر ﺟﻮ اﺣﻮال ﻛﭥﻲ ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﻛﺒﻮ .آﺋﻮن ﻫﻦ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﻴﺪ ﺳﺠﺎد ﺣﺴﻦ ﮐﺎن ﻣﻮﻛﻼﺋﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺘﺲ ۽ روڊ ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪڙ ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺳﻮارﻳﻮن ﮐﮣﮡ وارﻳﻦ ﭨﺌﻜﺴﻦ ﮐﻲ ﻫﭣ ﺟﻮ اﺷﺎرو ﻛﺮي ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﻫﻠﮡ ﻻ رڙ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﺲ .ﭔﻪ ﭨﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﮔﺬرڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﻛﺠﻬﻪ اﮘﻴﺎن وﭸﻲ Reverseﭤﻲ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﭘﻮﺋﻴﻦ ﺳﻴﭧ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﺳﺌﻮٽ ﻛﻮٽ ۾ ﻫﻚ آﻓﺮﻳﻜﻦ در ﮐﻮﻟﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ وﻳﻬﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ. ”اوه ! آﺋﻲ اﻳﻢ ﺳﺎري ،ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻫﻲ ﭼﺌﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن واري ﭨﺌﻜﺴﻲ آﻫﻲ“ ﻣﻮن وﻳﻬﮡ ﺳﺎن ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ،
”ﺗﻮﻫﺎن ﺑﻠﻜﻞ ﺻﺤﻴﺢ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ وﻳﭡﺎ آﻫﻴﻮ ،ﻫﻲ ﭼﺌﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن واري ﺋﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ روڊ ﺗﺎن ﺳﭛ اﻫﻲ ﺋﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻫﻠﻦ ﭤﻴﻮن “،ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ۽ آﺋﻮن ﻣﻄﻤﺌﻦ ﭤﻲ وﻳﺲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﺧﺎﻟﻲ وﻳﻨﺪڙ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻧﻪ وﻳﻬﺎرﻳﻮ.
”ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﺘﻲ ﻧﻮان ﻧﻮان آﻳﺎ آﻫﻴﻮ “،ﭤﻮرو اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻴﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ آﻓﺮﻳﻜﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ ذواﻟﻘﻌﺪ ﻧﺼﺮا� ﭔﮅاﻳﻮ ۽ ﻫﻮ ﻛﺎﻧﮕﻮ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﻣﻮن ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ.
”ﺻﺤﻴﺢ ﭤﺎ ﭼﺌﻮ ،آﺋﻮن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ۾ ﻛﺎﻟﻬﻪ ﺋﻲ ﭘﻬﺘﻮ آﻫﻴﺎن“ ﻣﻮن ﭔﮅاﻳﻮ ﻣﺎﻧﺲ ۽ ﻳﻜﺪم ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻛﻴﺌﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﻫﺘﻲ ﻧﺌﻮن آﻳﻞ آﻫﻴﺎن. ”ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ واري ﮐﻲ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﭼﻮڻ ﺑﺪران ﻣﻘﺒﺮه ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﭘﺌﻲ ﭼﻴﻮ ان ﻛﺮي ﭨﺌﻜﺴﻲ وارو ﻣﻨﺠﻬﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ﺳﻮاري ﮐﮣﮡ ﺑﺪران اﮘﻴﺎن وڌي وﻳﻮ ،ﭘﻮ ﻣﻮن ﭘﭡﻴﺎن ﻫﻠﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ“
اﻫﻮ ﭔﮅي ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﮐﺎن اڳ وارﻳﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﮀﻮ ﻧﻪ ﮐﻨﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ آﺋﻮن ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﭤﻮ وﭸﺎن ،ﺧﺎص ﻛﺮي ان ﻫﻨﮅ ﺗﻲ ﺟﺘﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﻋﺒﺎدت ﻛﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ درﮔﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭔﻲ ﻛﻨﮉ ۾ آﻫﻲ ۽ ”ﻋﺒﺎدت ﮔﺎﻫﻪ ﺣﻀﺮت ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ ۽ اﺳﺎن ﮐﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ اﺗﻲ وﭠﻲ آﺋﻲ ﻫﺌﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﺤﻠﻲ روڊ ﻳﺎ ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﻳﺎد رﮐﺠﻲ ۽ اﺟﺎﻳﻮ ﭨﺌﻜﺴﻲ وارن ﮐﻲ ڏوﻫﺎري ﻧﻪ ﺑﮣﺎﺋﺠﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺟﺘﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﻣﻠﻲ ﻫﺌﻲ ،اﻫﻮ ﭴﺎﻣﺸﻮري ﻳﺎ ﭘﻴﭩﺎرو ﺟﻬﮍو ﻫﻚ ڏوراﻧﻬﻮن ﮘﻮٺ ﻫﻮ ﺟﺘﻲ اﻫﺎ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ ﻫﺌﻲ ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻛﺌﺎﻻ ﺳﻨﮕﺎﺋﻲ ﺑﺎرو آﻫﻲ .اﺳﺎن ﮐﻲ اﺗﻲ ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺂﻣﻴﻪ ﻃﺮﻓﺎن ﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ذرﻳﻌﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻮ ﻣﻼﻛﺎ ﺷﻬﺮ ۾ اﭼﻮن ﺟﺘﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﻛﺌﺎﻻ ﺳﻨﮕﺎﺋﻲ ﺑﺎرو ﭘﻬﭽﻮن .ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻛﻮاﻟﻤﭙﻮر ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ اوﺟﺎﮘﻲ ۽ ﻛﻮاﻟﻤﭙﻮر ﮐﺎن ﻣﻼﻛﺎ ﺑﺎ روڊ ﭘﻬﭽﮡ ﺟﻲ ﭤﻚ ،ﻫﻚ ﻧﺌﻴﻦ ﻣﺎﺣﻮل )ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﺎڻ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل رﻫﮣﻮ ﻫﻮ( ان ﺟﻲ ﺧﻮف ۽ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ۾ ﮘﻮٺ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ وﺳﺮي وﻳﻮ ۽ ﻣﻼﻛﺎ ﻣﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ وﻳﻬﮡ وﻗﺖ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﻛﺌﺎﻻ ﺳﻨﮕﺎﺋﻲ ﭘﻴﺎ ﭼﺌﻮن ﻣﻌﻨﻲ درﻳﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻦ آﻫﻲ ﭘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ڊراﺋﻴﻮر اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ رﻻﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻟ ِﻔﻈﻲ ٰ ﭘﺮﻳﮉ ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﻛﺌﺎﻻ ﺳﻨﮕﺎﺋﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﭨﻨﮉو ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﺟﺴﻴﻦ آﻏﺎ ،ﭴﺎم ،اﻟﻬﻴﺎر ،وﻟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ،ﺟﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﻳﺎ ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﻧﭥﺎ ﻟﮙﺎﻳﻮن ،ﺗﻴﺴﻴﻦ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ ﻛﻬﮍي ﺧﺒﺮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﻬﮍي ﺷﻬﺮ ﻳﺎ ﮘﻮٺ ﻳﺎ ﭘﺎڙي ۾ وﭸﮣﻮ آﻫﻲ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺗﻪ ﻫﺮ رﻳﺎﺳﺖ ۾ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺘﺮا ﻛﺌﺎﻻﺳﻨﮕﺎﺋﻲ )درﻳﺎﻫﻲ ﻣﻨﻬﻦ( ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﮘﻮٺ آﻫﻦ ،ﺑﺎرو )ﻧﺌﻮن( ،ﻻﻣﺎ )ﭘﺮاﮢﻮ( ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺎﻻ ﻧﻮان ۽ ﻫﺎﻻ ﭘﺮاﮢﺎ آﻫﻦ ،ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اڊاﻧﮓ )ﮔﺎﻧﮕﭧ( ،اﻛﺎن )ﻣﮁﻲ( ،ﻟﻤﭙﻮر )ﮔﭗ( ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻴﺘﺮن ﻟﻔﻈﻦ وارا ﻛﺌﺎﻻ ﺳﻨﮕﺎﺋﻲ آﻫﻦ ،ان ﻛﺮي ﭘﺮدﻳﺲ ۾ ﻓﻘﻂ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻳﺎدﮔﻴﺮي ﺗﻲ آﺳﺮو ﻧﻪ ﻛﺠﻲ ﭘﺮ ﭘﻨﻲ ﺗﻲ ﻟﮑﻲ ﺑﻪ ﻫﻠﺠﻲ.
ان ﺳﻠﺴﻠﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻳﺎد ﭤﻲ اﭼﻲ ﺗﻪ اڄ ﮐﺎن ۴۵ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ )ﻫﺎڻ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ( ﻣﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﭘﮍﻫﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺷﭗ ﻳﺎرڊ ۾ وڌﻳﻚ ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ وﭠﮡ ﻻ آﻳﺲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺳﺎل NEDﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻲ ﻣﻴﭡﺎرام ﻫﺎﺳﭩﻞ ۾ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ،ﺟﻴﻜﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭼﻮڪ وٽ آﻫﻲ .اﺗﻲ ﺋﻲ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ دوﺳﺖ ﮐﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻛﺮاﭼﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﺮي ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭼﻮڪ ۽ ﻻﺋﻴﭧ ﻫﺎﺋﻮس ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺿﺮور ﭘﻬﺘﻮ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻣﻮن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﺎﺳﭩﻞ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ ﻫﻮم .ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ آﭼﺮ ﻫﻮ ۽ ﭨﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﻮﻣﺮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺷﭗ ﻳﺎرڊ ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻣﻮن ﺳﺎن ۽ ﭨﺌﻜﺴﻲ واري ﺳﺎن ﺳﺨﺖ ﻧﺎراض ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻳﺎ ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﻏﻠﻂ اﺋﮉرﻳﺲ ڏﻧﻲ ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ وارو ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮔﻬﭩﻲ ۾ رﻻﺋﻲ ﺑﻞ وڌاﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ آﺧﺮ ﻛﺎر ﺻﺪر ۾ ﻫﻚ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﻫﻲ ﭔﻪ راﺗﻴﻮن ﮔﺬارﮢﻴﻮن ﭘﻴﻮن .ﺳﻨﺪس ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭔﮅي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﻪ اﻓﺴﻮس ﭤﻴﻮ ۽ ﺷﭗ ﻳﺎرڊ ﻣﺎن ﻣﻮﻛﻞ ﻣﻬﻞ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻨﺪس ﻫﻮﭨﻞ ﺗﺎن ﺳﺎﻣﺎن ﮐﻨﻴﻮﺳﻴﻦ ۽ ﭘﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ رﮐﻲ ﻣﻮن ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ ﻣﻴﭡﺎرام ﻫﺎﺳﭩﻞ ﺟﻮ ﭼﻴﻮﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﺮم ﮐﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺮڙ ﻛﭩﻴﻨﺪي ﭼﻴﻮ” :ﻳﺎر ﻣﻌﺎف ﻛﺠﺎن ﻏﻠﻄﻲ ﻧﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﺌﻲ ﻧﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺟﻲ ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﺌﻲ“. ”اﻫﻮ ﭜﻼ ﻛﻴﺌﻦ ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮﻣﺎﻧﺲ.
”ﻳﺎر ﻣﻮن ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ ﻣﻴﭡﺎرام ﺑﺪران ﻃﻮﻃﺎ رام ﻫﺎﺳﭩﻞ ﻫﻠﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ﻫﻮ“.
اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺑﻪ ﮐﻠﮡ ﻟﮙﺎ ،اﻫﺎ ۱۹۶۴ع ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ،ان ﺑﻌﺪ اﺳﺎن ﺟﻬﺎز ﻫﻼﻳﺎ ،ﻣﺸﺮﻗﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ اﻫﻮ ﭼﺮﭼﺎﺋﻲ ۽ راﻧﺪﻳﻦ ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ دوﺳﺖ ﻋﺘﻴﻖ اﻟﺮﺣﻤﺎن ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﭤﻴﻮ ،ان ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﺷﭙﻨﮓ ﻛﺎرﭘﻮرﻳﺸﻦ ﺟﻮ ”ﭨﻴﻜﻨﻴﻜﻞ ڊاﺋﺮﻳﻜﭩﺮ“ ﭤﻴﻮ ،ﻫﺎڻ ﭔﻴﻦ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ واﻧﮕﺮ ڏاڏو ﻧﺎﻧﻮ ﺑﮣﺠﻲ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾ رﭨﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬاري رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اڄ ﺑﻪ ﻃﻮﻃﺎ رام واري ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻳﺎد ﻛﺮي ﮐﻠﻨﺪا آﻫﻴﻮن” ،ﺗﻮ ﮐﻲ ﻃﻮﻃﺎ رام ﭜﻼ ﻛﻴﺌﻦ ڌﻳﺎن ۾ آﻳﻮ“ اﺳﺎن ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭘﮁﻴﻮ ﻫﻮ. ”ﻳﺎر ﻣﻮن ﻣﻴﭡﺎرام ﮐﻲ ﻣﭡﻮ رام ﺳﻤﺠﻬﻲ ڌﻳﺎن ۾ ﭼﺘﻮن ﮐﻲ ﺋﻲ رﮐﻴﻮ ۽ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻨﻲ ﺗﻲ ﻧﻮٽ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻛﻴﻢ ۽ ﭘﻮ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ڍاﻛﺎ ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﭡﻮ ﺑﺪران ﻃﻮﻃﻮ ﻳﺎد اﭼﻲ وﻳﻮ.
اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ۽ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻫﻨﮅ ﻳﻌﻨﻲ ﻫﺘﻞ آرﺗﻤﺎن ارڌال ۾ رﻫﮡ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ۾ اﻳﺘﺮا ﮔﻬﮣﺎ ﻛﻤﺮا ،ﺑﻠﻚ ﻓﻠﺌﭧ ﻧﻤﺎ اﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ،ﺧﺎﻟﻲ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ .ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻟﻴﮉر ﺑﺎﻗﻲ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﺑﭽﻴﻠﻦ ۾ ﺟﻦ ۾ آﺋﻮن ﺑﻪ ﻫﻮس ﭜﺮواري ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﻫﻚ ﻫﻮﭨﻞ ﻧﮕﻴﻦ ﻗﻢ ۾ ﻫﻠﻲ رﻫﺎﻳﻮ .ﻟﮙﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻃﻮر ﻫﻠﻨﺪڙ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ وارن ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ وارن ﺳﺎن ﺳﭡﻮ وﻫﻨﻮار ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻮﭨﻞ وارن ان وﻗﺖ ﻋﺮاق ﮐﺎن آﻳﻞ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﮀﮇي اﺳﺎن ﮐﻲ ﺟﻲ ۾ ﺟﺎﻳﻮن ڏﻧﻴﻮن .ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ وارا اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﮔﺬرﻳﻞ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﻣﺎن زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﭨﻮﻻ ﻫﺮ ﻫﻔﺘﻲ ﻫﺘﻲ وﭠﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻮڙي ﻗﻢ ۾ ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﺳﻬﻮﻟﺖ ۽ ﺳﮏ ﭘﻬﭽﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻣﺴﻮاڙ ﺟﻲ rateﺑﻪ ﭔﻴﻦ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ وﭠﻦ ﭤﺎ .ﻣﻮن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﻟﮙﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ ،روزاﻧﻮ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ اﺗﻲ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻳﺎﺳﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ اﭼﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻦ ﺟﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ وارن ﺳﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﭴﺎڻ ﺳﭹﺎڻ آﻫﻲ ۽ ﺟﻦ اﺳﺎن ﻻ ﻫﺘﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ اﮘﻮاٽ ﻛﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻴﻜﻮ ﭤﻜﻞ ﻛﻬﮍﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺧﺎﻟﻲ ﻛﻤﺮي ﭨﭩﻞ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ اﻫﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻲ ﻫﮍ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ رﮐﻲ ﻛﻬﮍن ﻛﻬﮍن رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻛﻬﮍﻳﻦ ِ ﺟﻮ ﭘﮁﺎﺋﻴﻨﺪو وﺗﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻜﻦ ﺳﺎن اﮘﻮاٽ ﭔﻮل ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻣﺴﻮاڙ ﻣﻨﺎﺳﺐ ڏﻳﮣﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ .ﻫﻮن ﺑﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻠﻚ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻛﻤﺮو اﮘﻮاٽ ﺑﻚ ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﺳﺴﺘﻮ ﭘﻮﻧﺪو ﭘﺮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎن ﺑﺌﮓ ﻛﻠﻬﻦ ﺗﻲ رﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ رﺳﭙﺸﻦ ﺗﺎن ﺧﺎﻟﻲ ﻛﻤﺮي ۽ ﻣﺴﻮاڙ ﺟﻮ ﭘﮁﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﻫﻮﭨﻞ وارو ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ اﺑﺘﻲ ﮐﻞ ﻻﻫﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﻨﺪو ،ﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﻨﺪو ﺗﻪ ﻫﻚ ﻧﺌﻮن ﻣﻬﻤﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﭘﻬﺘﻮ آﻫﻲ ،ان ﮐﻲ ﭘﻚ ﭜﺮوارﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﻛﻤﺮو ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﻫﻮ ﭤﻚ ۽ ﻣﺠﺒﻮري ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ڊﺳﻜﺎﺋﻮﻧﭧ ﺑﻨﺎ واري اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﻪ راﺿﻲ ﭤﻲ وﻳﻨﺪو .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﮍا ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻴﻜﻲ ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن اڳ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻧﭥﺎ ﻛﺮي ﭘﻬﭽﻦ ،اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﭽﺎ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﺎن اﭼﮡ ﺳﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﻮﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ .ان ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻮﭨﻞ وارو ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺴﻮاڙ ﻻ ﭼﻮي ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﺠﺒﻮرن رﻫﻲ ﭘﺌﺠﻲ ۽ ﭘﻮ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎزا ﺗﻮاﻧﺎ ﭤﻲ ﻫﭥﻴﻦ ﺧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﭼﻜﺮ ﺑﻪ ﻫﮣﻮ ۽ ﮔﻬﭧ اﮔﻬﻪ واري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاﻧﻮ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﻳﺎ ﮔﻴﺴﭧ ﻫﺎﺋﻮس ﮘﻮﻟﻬﻲ ﺑﺎﻗﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ان ۾ رﻫﻲ ﭘﺌﻮ .ﺳﺴﺘﻲ ﻣﺴﻮاڙ واري ﻫﻮﭨﻞ ﺑﻪ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮي اﻫﮍي ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻳﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺮﻛﺰ ۾ ﻫﺠﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻮﻫﺎن ان ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺑﻨﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﺮڻ ﺟﻲ اﺗﻲ ﺟﻮ اﺗﻲ ﮔﻬﻤﻲ ﺳﮕﻬﻮ .وچ ﺷﻬﺮ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺑﺲ ﺑﻪ ﻫﺮ روٽ ﺟﻲ ﻣﻠﻨﺪي ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ڏي وﭸﮡ ﻻ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﺎ ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺑﻪ اﺗﻲ واﻛﻨﮓ ڊﺳﭩﻨﺲ ﺗﻲ ﻣﻠﻨﺪاﺋﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ ﻳﺎ اﻧﮉﻳﺎ، ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ،ﭤﺎﺋﻠﻴﻨﮉ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺗﻮڙي ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻲ رﻫﮡ ﻻ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ،ﮔﻴﺴﭧ ﻫﺎﺋﻮﺳﻦ ،ﻫﺎﺳﭩﻠﻦ ) ۽ اﻳﺮان ۾ ﺗﻪ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﺎ ۽ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ﻫﻮﭨﻠﻦ( ﺟﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ ان ﺟﻮ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ رﻫﻲ ﻛﺮي اﻧﺪازو ﺋﻲ ﻧﭥﺎ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﺟﺘﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﺗﻮڙي ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ اﻫﻲ ﺋﻲ آﮜﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﮘﮣﮡ ﺟﻴﺘﺮﻳﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن ﭘﻴﺎ ڏﺳﻮن ۽ ﻧﻮاﺑﺸﺎﻫﻪ ،ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ،ﺟﻴﻜﺐ آﺑﺎد ،ﭠﭩﻲ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﺿﻠﻌﺎ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ۾ ﺑﻪ رﻫﺎﺋﺶ ﻻ ﻛﻮ ﺑﺴﺘﻮ ﺑﺴﺘﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻧﺎﻫﻲ PIA ،ﻃﺮﻓﺎن ﺷﺎﻳﺪ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﻤﺒﺎرا ﻳﺎ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري ﻫﻮﭨﻞ ﭜﭩﻮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ۾ ﭠﻬﻲ ﻫﺌﻲ ،ان ﮐﻲ ﺑﻪ اﻫﮍو ﺗﻪ ﺧﻮﻓﻨﺎڪ ۽ ﮐﻨﮉر ﺑﮣﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻮ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻮ دڙو ۽ ان ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﻛﻮ اوﮢﻬﻴﻦ وﻳﻬﻦ ﺟﻮ وﭸﻲ ﻓﺮق ﺑﭽﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻚ دﻓﻌﻲ )ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ( ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﻛﺮاﭼﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺣﺖ ﻳﺎ ﺷﺂﻳﺪ ﻛﻠﭽﺮ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ اﻋﻠﻲ آﻓﻴﺴﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﻪ اﭼﻲ ڊﻧﺮ ﺟﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻨﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻗﻮﻧﺼﻞ ﺧﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ٰ آﻓﻴﺴﺮن ﮐﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ان ۾ ﭔﮅاﻳﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻮ دڙو ،ﻛﻮﭨﮇﻳﺠﻲ، ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ،ﻣﻜﻠﻲ ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺟﻬﮍﻳﻮن ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ اﺳﻼﻣﻲ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭧ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن آﻫﻦ .ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ
ﭨﻮﺋﺮزم ﮐﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﭤﻲ ڏﻳﺎرڻ ﭼﺎﻫﻲ ۽ ﻫﻦ آﻓﻴﺴﺮ ان ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﺮﺋﻨﻚ را وﭠﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ.
ﻣﻮن ﮐﻠﻨﺪي ﮐﻴﺲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻳﺎر ﺧﺪا ﺟﻮﺧﻮف ﻛﺮﻳﻮ ﮀﻮ ﭤﺎ ﺳﻨﮅ ﺳﺮﻛﺎر ﺟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ ﺟﻮ ﺧﺮچ ﻛﺮﻳﻮ ۽ ڊﻧﺮن ﺗﻲ ﭘﺌﺴﻮ وﭸﺎﻳﻮ .ﺗﻮﻫﺎن ﮐﮣﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ڏﻫﻪ ڊﻧﺮون ﮐﺎراﻳﻮ ﭘﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۵۰۰۰ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ ﻣﻮﻫﻦ ﺟﻮ دڙو ڏﺳﮡ ﺑﺪران ﭘﻨﺞ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ ﺟﻮ دﻫﻠﻲ وارو ﻻل ﻗﻠﻌﻮ ڏﺳﮡ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻳﻨﺪا ،ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻮ ﻫﺰار ﺳﺎل اڳ ﺟﻮ ﻗﻠﻌﻮ ڏﺳﮡ ﺑﺪران ﻣﻼﻛﺎ ﺟﻮ ﭨﻲ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ وارو ﻗﻠﻌﻮ ڏﺳﮡ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻨﺪا ﺟﻮ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ،ﭤﺎﺋﻴﻠﻨﮉ ،اﻳﺮان ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ُﺳﮏ ۽ ﺳﻬﻮﻟﺖ آﻫﻲ .اﺗﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ اﻫﮍي ﺻﻮرت آﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ رات ﻣﻨﻲ اﺳﻜﺮﭨﻦ ۾ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺑﺴﻦ ۾ ﭘﻴﻮن ﺳﻔﺮ ﻛﻦ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﺷﻴﻮن ﺗﻪ واﻗﻌﻲ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ ،ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺑﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ اﻣﻦ اﻣﺎن ﻛﭥﻲ آﻫﻲ؟ ﻋﻮرت ذات ﺗﻪ ﭘﺮي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﻫﺘﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ڏﭠﻲ ﺟﻮ ﻧﺮ ﭘﻴﺎ اﻏﻮا ﭤﻴﻦ .آﻫﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺋﻲ ﮐﺎڌي ﺧﻮراڪ ۽ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻮﻧﻪ ،ڌارﻳﺎن اﭼﻲ ﻛﻬﮍي ڌوڙ وﺳﺎﺋﻴﻦ! ﺻﺎﺣﺐ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻳﻞ ﻛﻼرڪ ﺟﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﺗﻲ ﭼﮍ ﻫﺌﻲ ﺗﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ” ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﺘﻲ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ“ ﭘﺮ اڄ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ رﻫﻲ ڏﺳﺎن ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻟﻮي ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺑﻪ آﻫﻦ ﺑﻠﻜﻪ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎ .ﻫﻨﻦ ﺗﻪ ﻣﺎﮘﻬﻴﻦ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﺮ ﻫﻚ ﺳﮏ ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ ﮐﮣﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ڏﻳﻨﻬﻦ رات اﻣﻦ آﻫﻲ ،ﻣﺮد ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻋﻮرﺗﻮن ۽ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮ ن اﻛﻴﻠﻲ ﺳﻔﺮ ﭘﻴﻮن ﻛﻦ، رات ﺟﻮ دﻳﺮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﺧﺮﻳﺪاري ﭘﻴﻮن ﻛﻦ ۽ ﺑﻘﻮل ﻛﺎﻟﻢ ﻧﻮﻳﺲ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺗﺠﺰﻳﻲ ﻧﮕﺎر ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ ﺟﻲ اﻛﻴﻠﻴﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺳﺞ ﻟﭥﻲ ﻣﻬﻞ ﺑﻪ وﻳﺮان ﭘﺎرﻛﻦ ۾ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ﭘﻴﻨﭩﻨﮓ ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن.
اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﺗﻪ ﻓﺎﺋﻮ اﺳﭩﺎر ﮐﺎن ﻓﻮر ۽ ﭤﺮي اﺳﭩﺎر ﭨﺎﺋﻴﭗ ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺣﺮم ۽ وچ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭤﻮرو ﭘﺮي ﺳﺎدﻳﻮن ۽ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮﻳﻮن ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ۽ ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙﻳﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﻬﻦ ﻏﺮﻳﺒﺎﮢﻴﻦ ۽ ﺳﮏ وارﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺧﻮﺷﻲ ﺳﺎن رﻫﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ. ﻛﻬﮍو ﻓﺮق ﭤﻮ ﭘﻮي ﺟﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺣﺮم ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ اڌ ﻣﻴﻞ ﮐﻦ ﭘﻨﮅ ﻛﺮﮢﻮ ﭤﻮ ﭘﻮي .ان ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﭘﻨﮅ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﭘﺎﮢﻲ ﭜﺮڻ ﻻ روزاﻧﻮ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ان ﮐﺎن وڌﻳﻚ وﻗﺖ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﭨﻲ ﻳﺎ ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻟﭗ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮڻ ﻻ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ.
ﻫﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن ”اﭘﺎرﺗﻤﺎن ﻫﻮﭨﻠﻮن“ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﺮ واﻧﮕﺮ آﻫﻦ ﺟﻦ ۾وڏا ﻛﻤﺮا آﻫﻦ ،ﻳﺎ ﭔﻦ ﭔﻦ ﻛﻤﺮن ﺟﺎ اﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ڊراﺋﻨﮓ روم ﻳﺎ ﭨﻲ وي ﻻﺋﻮﻧﺞ ﺑﻪ آﻫﻲ .ﻫﺮ ﻛﻤﺮي ﻳﺎ ﭔﻦ ﻛﻤﺮن ﮐﻲ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو رڌﮢﻮ ﺑﻪ آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻫﻲ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻮ رڌ ﭘﭽﺎ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .دراﺻﻞ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ،اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺗﻪ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺟﻲ اﭼﮡ ﻛﺮي ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮن ﮐﻲ ڊاﻫﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﭠﺎﻫﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻫﻮﭨﻞ ﺑﺰﻧﻴﺲ ﭨﺎپ ﺗﻲ ﭘﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﮀﻮ ﻧﻪ وﭸﻲ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن ﻫﻚ ﻃﺮف آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﻤﺎﻧﺪاري ﭔﺌﻲ ﻃﺮف .ﻫﺘﻲ دﻛﺎﻧﺪارن ﻳﺎ ﻫﻮﭨﻞ وارن ﮐﻲ ﻧﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺗﻨﮓ ﭤﻲ ﻛﺮي ﻧﻪ وري ﻛﻮ ﻣﺤﻠﻲ ﺟﻮ ﻏﻨﮉو ﭜﺘﻮ ﭤﻮ ﮔﻬﺮي .ﻛﻴﺘﺮن ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﮐﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺑﻨﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .اﻧﻬﻲ ﮔﻬﺮ ﮐﻲ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮐﮣﻲ ڏﻧﻮ آﻫﻲ .ﻛﻲ ﺗﻪ ﮔﻬﺮ اﻫﮍا آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن اﻫﮍا ﺋﻲ ﮔﻬﺮ آﻫﻦ -ﺳﺮن ۽ ﻛﭽﻲ ﻣﭩﻲ ﺟﺎ ﺟﻦ ۾ وراﻧﮉو ﺑﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﮜﮡ ﺑﻪ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﺎﻻ ۾ ﺑﻪ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ )ﺟﮇﻫﻦ اﭸﺎ ﻻﺋﻴﭧ ﻧﻪ آﺋﻲ ﻫﺌﻲ( ﺗﻪ اﻫﮍا ﻛﭽﺎ ﮔﻬﺮ ﻫﺌﺎ ،ﺑﻠﻜﻪ ﭨﻨﮉوآﻏﺎ ۽ ﭨﻨﮉي ﭠﻮڙﻫﻲ ۾ اﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺮزاﺋﻦ ۽ ﺳﻴﺪن ﺟﺎ اﻫﮍا ﮔﻬﺮ آﻫﻦ .اﻳﺮان ۾ ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﮔﻬﺮ اﻛﺜﺮ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻦ ﺟﺎ ﻣﺴﻮاڙي ﺑﻪ ﭘﺎ ﻳﺎ اڌ ﺻﺪي ﮐﺎن ﺳﺎﮘﻴﺎ ﺳﺎﮘﻴﺎ اﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ .اﻫﮍن ﮔﻬﺮن ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻦ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻫﻮﭨﻞ وارن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻫﻮ ﻣﻠﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻦ ۾ ﺳﺎﮘﻲ ﻓﻴﻤﻠﻲ ﺟﻲ وﻳﻬﻪ ﭨﻬﻪ ﭜﺎﺗﻴﻦ ﺟﻮ ،ﻳﺎ ﺳﺎﮘﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ﺟﻮ ﭨﻮﻟﻮ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﻫﻮ ﮘﻮٺ واﻧﮕﺮ اﺗﻲ ﭘﺎڻ رڌ ﭘﭽﺎ ﻛﻦ .ﻛﭙﮍا ڌوﺋﻦ ،ﺳﻜﺎﺋﻴﻦ ،اﺳﺘﺮي ﻛﻦ ،ﭔﺎر اﻫﮍي ﺋﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻃﺎﻫﺮي اﮜﮡ ﺗﻲ راﻧﺪﻳﻮ ﻛﻦ ،دري ﺗﻲ رﮐﻴﻞ ﭨﻴﭗ رﻛﺎرڊ ﺳﭵﻮ ﮔﻬﺮ ﭔﮅي .ﻫﻚ ِ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻮ آﻫﻲ ،ڏﺳﮡ ﻻ اﻧﺪر ﮔﻬﮍﻳﺲ ﺗﻪ ان ﺟﺎ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺮﺟﺎ ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﺎ ﺳﭹﺎﮢﺎ ﻧﻜﺘﺎ .ﻣﻬﻤﺎن ﺧﺎﻧﻲ ﻻ ﻫﺘﻲ ﻋﺎم ﻟﻔﻆ ”ﻣﻬﻤﺎن ﭘﺬﻳﺮ“ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﻣﻬﻤﺎن ﭘﺬﻳﺮ ﻃﺎﻫﺮي ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﭔﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﭥﮡ ﻗﻤﻴﺺ ۾ ڏﭠﻢ ﺗﻪ ﭘﻚ ﭤﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻫﻮﻧﺪا ﺟﻮ اﻧﮉﻳﺎ ،ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ،ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺗﻮڙي ﺗﺮﻛﻲ ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﺎ زاﺋﺮﻳﻦ اﻳﺮان ﻳﺎ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﭘﺘﻠﻮن ۾ ﺋﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ
ﻋﻠﻲ ڏﻧﻮ وﮔﻬﻴﻮ ﺷﻬﺪادﭘﻮر ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺳﻮل ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﭧ ۾ آﻫﻲ ۽ ﭔﺌﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻏﻼم ﺣﻴﺪر ﻋﻤﺮاﮢﻲ ﭔﮅاﻳﻮ. اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﺳﭹﺎﮢﮡ ۾ دﻳﺮ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ .ﻫﻮ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻧﺪر ﻫﻠﮡ ﻻ ﭼﻮڻ ﻟﮙﺎ ۽ ﻣﻮن ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﺧﺒﺮﭼﺎر ﭤﻲ ورﺗﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻛﻴﺌﻦ ﭘﻬﺘﺎ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﻨﺪن ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﺑﺎ روڊ اﭼﮡ ﺟﻮ ﺗﺠﺮﺑﻮ ﻣﻮن ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ۽ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﭘﻴﺎ ﺣﻞ ﻛﻦ. ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﭨﻨﮉي آﻏﺎ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺨﺼﻴﺖ آﻏﺎ ﺳﻴﺪ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻳﺎ آﻫﻦ” .آﻏﺎ ﺻﺎﺣﺐ ﻫﺮ ﺳﺎل ﭔﻪ ﻳﺎ ﭨﻲ دﻓﻌﺎ اﻳﺮان زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ وﭠﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ “،ﻋﻠﻲ ڏﻧﻲ وﮔﻬﺌﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭜﻴﺮي ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻫﭩﻦ ﭘﻮﭨﻦ ۽ ﻧﺎﭠﻲ ﻏﻼم ﻣﻬﺪي ﺷﺎﻫﻪ )ﻋﺒﺪاﻟﺤﺴﻴﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﭧ( ۽ ﭔﻴﻦ ﭘﺎڙي وارن ﮐﻲ ﺑﻪ وﭠﻲ آﻳﻮ آﻫﻲ“.
”ﻣﻬﻤﺎن ﭘﺬﻳﺮ ﻃﺎﻫﺮي ﻫﻚ ﮘﻮﭠﺎﮢﻲ ﮔﻬﺮ واﻧﮕﺮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻲ ﺳﭛ واﻗﻌﻲ ﮔﻬﺮ واﻧﮕﺮ رﻫﻴﺎ ﭘﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻋﻠﻲ ڏﻧﻮ ۽ ﻏﻼم ﺣﻴﺪر ﻋﻤﺮاﮢﻲ ان وﻗﺖ ﮔﻮﺷﺖ ۽ ﭘﭩﺎﭨﺎ وﭠﻲ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ،آﻏﺎ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﻮﭨﻮ وراﻧﮉي ۾ ﺻﻮف ﻛﭩﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﭨﻨﮉي آﻏﺎ ﺟﻮ ﺳﻨﺪن ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﭔﻮڙ ﻻ ﺑﺼﺮ ﮀﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻳﺎد آﻳﺎ ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﺟﻲ ﭜﺎ ﻣﺎﺳﺘﺮ ﻣﺤﻤﺪ ورﻳﻞ ﺳﺎن ﮔﮇ اٺ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ ﭜﭧ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻴﻠﻲ وارا ڏﻳﻨﻬﻦ اﺗﻲ رﻫﻨﺪو ﻫﻮس ،ﺟﺘﻲ ﻣﺎﺳﺘﺮ ﻣﺤﻤﺪ ورﻳﻞ ۽ ان ﺟﺎ دوﺳﺖ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﮔﻬﺮ ﻣﺴﻮاڙ ﺗﻲ وﭠﻲ رڌ ﭘﭽﺎ ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻚ ﭘﻜﻨﻚ ﺟﻮ ﻣﺎﺣﻮل ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ .۽ اﻫﻮﺋﻲ ﻣﺎﺣﻮل ﻫﺘﻲ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﮔﺎﻫﻪ ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻧﻨﮃڙي ۽ ﺑﻨﺪ ﻛﻤﺮي ﮐﺎن ﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻮ وڌﻳﻚ ﮐﻠﻴﻞ ۽ دوﺳﺘﺎﮢﻲ ﻣﺎﺣﻮل ﺟﻮ ﻫﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻛﻮ ﮔﻮڏ ﭔﮅي ڏﻧﺪڻ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺣﺮم ۾ وﭸﮡ ﻳﺎ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﺮڻ ﻻ ﭔﺎﻫﺮ وﭸﮡ ﺟﻲ ﺗﻴﺎري ﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .اﺳﺎن وراﻧﮉو ﻟﺘﺎڙي ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ واري ﻛﻤﺮي ۾ آﻳﺎﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭔﻦ ڏﻫﭩﻦ ﺿﺎﻣﻦ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﻋﻤﺎر ﮐﺎن ﺧﺒﺮﭼﺎر وﭠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﻳﺎ ﮐﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮن ﺧﺒﺮون ﭔﮅاﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ آﻳﻞ ﭤﻲ ﻟﮙﺎ .ﺳﻨﺪن ﻧﺎﻧﻮ ﺳﻴﺪ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن ﺳﻴﻨﺌﺮ ﻣﻮﺳﭧ ذاﻛﺮ آﻫﻲ ،۽ ﻫﻮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻦ ۽ ﻣﺠﻠﺴﻦ ۾ ﻣﺮﺛﻴﻪ ، ﻣﻨﺎﻗﺒﺎت ،ﺳﻼم ﭘﮍﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮون ﻛﺮي ﭤﻮ ﭘﺮ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ ﭘﮡ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﻫﺎﻻ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﺋﭧ ۽ واﻗﻔﻜﺎر ﻣﺎﺳﺘﺮ ﻓﺘﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﻴﺦ ،ڊاﻛﭩﺮ ﻣﻨﻮر ،اﻣﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﻴﺦ ۽ ﭘﻨﻴﻠﮅو ﻋﻤﺮاﮢﻲ ،ﻧﻮاز ۽ ﻣﺤﻤﻮد ﻋﻤﺮاﮢﻲ ۽ ﻳﻌﻘﻮب ﭘﺎﭨﻮﻟﻲ وارا ﮐﻴﻦ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﺳﭹﺎﮢﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن ﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﻪ ﺳﭹﺎﺗﻮ .ﺑﺎﻗﻲ ﻧﻨﮃي ﭨﻬﻲ ﺟﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﻟﮑﮣﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻳﻜﺪم ﺳﭹﺎﮢﻲ ورﺗﻮ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ۱۹۲۹ع ۾ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﭴﺎﺋﻮ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ﻫﻦ وﻗﺖ اﺳﻲ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻣﺎﺷﺎ ا� وڏي ﻫﻤﺖ وارو ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻋﻤﺮ ۾ ﻛﻮﺋﭩﺎ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن ﺑﺎ روڊ ﺳﻔﺮ ﻛﺮي اﭼﮡ ﺋﻲ وڏي ﻫﻤﺖ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻮ اﺳﺎن واري )ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن( ﭘﺎﺳﻲ وارن رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ اﻫﮍي ﺧﺮاب آﻫﻲ ﺟﻮ ﺟﻮان ﺑﻪ ڏﺋﻲ وﭠﻴﻮ وﻫﻴﻮ رﻫﻦ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎن اﻳﺮان اﭼﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻲ ﺳﻨﺪن اﻳﻜﻬﺘﺮﻫﻮن ﭜﻴﺮو آﻫﻲ” ،ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي اﺳﻴﻦ ﻫﻦ ﻃﺎﻫﺮي ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻲ ۾ ﺋﻲ رﻫﻮن “،ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﻫﻲ اﺳﺎن ﻻ ﺳﻬﻮﻟﺖ وارو ﺑﻪ آﻫﻲ ،۽ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﺑﻪ وﻳﺠﻬﻮ ﭤﻮ ﭘﻮي“. ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ڏﻫﭩﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪن ﭘﺎڙي ﺟﺎ ﭔﻪ ﻫﻤﻌﻤﺮ دوﺳﺖ ﻫﻚ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ اﺣﺴﻦ اﻟﻬﺎﺷﻤﻲ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ۽ ﻋﻠﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﭧ ﺳﻌﺎدت ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﭔﻴﻮ ﭨﻨﮉي آﻏﺎ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻋﻠﻲ ڏﻧﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﭘﭧ ﺳﺠﺎد ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﻪ ﻫﻮ .ﻫﻨﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﭨﻨﮉوآﻏﺎ ۾ ﭼﺎر اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻣﺮزا ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺟﻮ ﺳﭛ ۾ وڏو آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﺎ آﻫﻦ اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ ذواﻟﻔﻘﺎر ﺣﺴﻴﻨﻲ ،اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ ﺗﺮاب وﻏﻴﺮه.
ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن وﭠﻲ ﻣﺮﺛﻴﻮ ۽ ﺳﻼم ،ﻗﺼﻴﺪه .ﻣﻨﺎﻗﺒﺎت وﻏﻴﺮه ﺟﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ۽ ﭼﻮڏﻫﻦ ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺷﺎﻋﺮي ﺑﻪ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ،ﺳﻨﺪن ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ﮔﻨﺠﻴﻨﻪ ﻣﻮدت )ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﺧﺰاﻧﻮ( ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ” .ﺗﻮﻫﺎن ﮐﺎن ﭘﻮ ﻛﻴﺮ ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻮﺗﻪ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ۾ ﺳﭡﻮ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻨﺪو؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ. ”ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﮀﻮﻛﺮا ﺳﭡﻮ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ ،ﺳﭡﻮ ﺳﺮ اﭤﻦ ،ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎﮢﻴﺠﻲ ﻣﻨﻈﻮر ﺣﺴﻴﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﭧ اﻃﻬﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﭴﻤﺎر ۳۰ﺳﺎل ﮐﻦ ﭤﻴﻨﺪي“.
”ﭜﻼ اڄ ﺟﻲ ﻫﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﭨﻬﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻳﺎ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻳﺎ ﻧﻪ ؟ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.
”ﻧﻪ ﺑﻨﻬﻪ ﺑﺮاﺑﺮ“ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ وراﮢﻴﻮ” ،وڏا ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻧﻮ ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺳﻬﺮو ﺳﻴﺪ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ“
ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻦ ﺟﺎ وڏا ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﺷﺂﻫﻪ وارا ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ وارن ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ اڳ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ،ﭨﻨﮉو آﻏﺎ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﮔﻬﺮ آﻫﻦ ،اﻫﺎ زﻣﻴﻦ ﭰﻠﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻴﻦ ﻣﻴﺮن ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ .آﻏﺎ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﺳﻨﺪن ﭘﮍ ڏاڏو ﻣﺤﻤﺪ ﺻﺎدق ﺷﺎﻫﻪ ۽ ڏاڏو ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﭼﺘﻲ ﻃﺮح ﻳﺎد آﻫﻲ .ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﭨﻲ ﭘﭧ ﭤﻴﺎ :ﺳﭛ ۾ وڏو ﻏﻼم ﻣﻬﺪي ﺷﺎﻫﻪ ،ﭔﻴﻮ ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻴﻜﻮ ۱۹۴۰ع ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ ۽ ﭨﻴﻮن ﺟﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ )ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻮ واﻟﺪ ﻣﺤﺘﺮم( ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۹۶۵ع آﻫﻲ. ”ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭔﺎﻧﮓ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﺻﺎدق ﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ “،ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ”ﭘﻮ ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﺎﭼﻲ ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻧﭙﺎﻳﻮ” ،ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ“ ﻧﺎﻟﻮرﮐﻴﻮ “.ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﭔﻪ ﭘﭧ :ﻋﺎﺷﻖ ﺣﺴﻴﻦ ۽ ذاﻛﺮ ﺣﺴﻴﻦ آﻫﻦ .ﺳﻴﺪ ﻣﻨﻮر ﻣﻬﺪي ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﻣﺸﺘﺎق ﺣﺴﻴﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﻨﺪن ﻧﻴﺎﮢﺎ آﻫﻦ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪ ﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ اﻧﺠﻤﻦ اﻣﺎﻣﻴﻪ ﺳﻨﮅ ،ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﺎ ﺻﺪر ﺑﻪ رﻫﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ.
ﭤﻮرو ﮐﭩﻴﻮ ،ﮔﻬﮣﻲ ﺑﺮﻛﺖ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻣﺎن اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﻴﻦ روڊ ،ﺧﻴﺎﺑﺎن اراڪ ﺗﻲ ،اﭘﺎرﺗﻤﺎن ارڌال ۾ رﻫﻴﺎ .ﺑﺎﻗﻲ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﺟﻦ ۾ آﺋﻮن ﺑﻪ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﻮس اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭜﺮوار ي ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﻫﻮﭨﻞ ﻧﮕﻴﻦ ﻗﻢ ۾ ﻛﻤﺮا ﻣﻠﻴﺎ .ﻫﺮ ﻛﻤﺮي ۾ ﭔﻪ ﺑﻴﮉ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻮﭨﻞ ﮀﻬﻪ ﻣﺎڙ ۽ ﺑﻠﻜﻞ ﻧﺌﻴﻦ ﻫﻦ ﺳﺎل ﭠﻬﻲ آﻫﻲ .ﺑﻠﻜﻪ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﮐﻲ ڊاﻫﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﭠﺎﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﺎﻟﻚ ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﻮ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺷﺮوع ﮐﺎن ﻫﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺑﻪ رﻫﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .اﺳﻴﻦ ﻧﻮ ﭴﮣﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺟﻦ ۾ ﻫﻚ ﻛﺌﻨﺎڊا ﮐﺎن آﻳﻞ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻮڙو ۽ ﺳﻨﺪن ﭔﻪ ﭔﺎر ﻫﺌﺎ .اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﻛﻤﺮو ﻣﻠﻴﻮ .ﭼﺎر ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﻴﻮن ،اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﭔﻪ ﻛﻤﺮا ﻣﻠﻴﺎ .ﺑﺎﻗﻲ رﻫﺠﻲ وﻳﺲ آﺋﻮن اﻛﻴﻠﻮ ،ﺳﻮ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺷﺮوع ۾ ﺋﻲ Idea ﭤﻲ وﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ Situation۾ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﻚ اﻛﻴﻠﻮ ﻛﻤﺮو ﻣﻠﻨﺪو .ﻫﻬﮍي ﻗﻢ ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﻳﺎ ﻣﻜﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﻳﺎ ﺑﻨﺎرس ﻫﺮدوار ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﺘﻲ ﻫﺰارﻳﻦ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اﭼﮡ ﻛﺮي رﻫﺎﺋﺶ وڏو ﻣﺴﺌﻠﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ،اﺗﻲ ﻫﻬﮍي ﻧﺌﻴﻦ ﻫﻮﭨﻞ ۾ اﻛﻴﻠﻮ ﻛﻤﺮو ﻣﻠﮡ وڏي ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺒﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﭼﺎﭔﻴﻮن ﮐﮣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﻤﺮن ڏي ﻫﻠﻴﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻤﺮو ﺗﻪ ﻣﺎﮘﻬﻴﻦ Basement۾ آﻫﻲ ۽ ﻣﭥﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﻤﺮي اﻧﺪر ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﮡ ﻻ ﭼﻠﻬﻪ ﺑﻪ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﺮي ۾ اﻫﺎ ﺑﻪ ﻧﻪ! آﺧﺮ ﭤﻮري دﻳﺮ ﺑﻌﺪ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ان ﻧﻮﺟﻮان ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﮐﻲ اﭼﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﻴﺴﻤﻴﻨﭧ ﺑﺪران ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﻛﻤﺮو ڏﺋﻲ .ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ اﭼﻲ ﻧﻪ .ﻛﻼڪ ﮐﻦ ﺑﻌﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﻣﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﺧﺒﺮﭼﺎر ﻟﻬﮡ آﻳﻮ ،ﺗﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ”ﻣﭥﻲ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﻛﻤﺮو ﺧﺎﻟﻲ آﻫﻲ ﺋﻲ ﻛﻮﻧﻪ .ﻣﻮن ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺗﻮ ﮐﻲ ﻛﻮ ﻣﭥﻲ ﻛﻤﺮو ڏﻳﺎرﻳﺎن ۽ ﭔﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺗﻮ وارو ڏﻳﺎرﻳﺎن ﭘﺮ ﻫﻴﭟ ﺑﻴﺴﻤﻴﻨﭧ ۾ ﺑﺎﻗﻲ ﭜﺮ وارا ﺟﻴﻜﻲ ﭨﻲ ﻛﻤﺮا آﻫﻦ ،اﻧﻬﻦ ۾ ﻋﺮاق ﮐﺎن آﻳﻞ زاﺋﺮﻳﻦ ﻋﺮب آﻫﻦ .ان ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ ۾ اﻛﻴﻠﻲ ﻛﻤﺮي ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ رﮐﮡ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻢ .ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ .ﻣﻮن ﺳﻨﺪس ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ ورﺗﻲ ﭘﺮ ﭼﺮﭼﻲ ﻃﻮر ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﻋﺮب ﺣﺞ ﻳﺎ زﻳﺎرت ﺗﻲ اﭼﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ان ﺗﻲ ﭜﺮوﺳﻮ ﻧﻪ ﻛﺠﻲ ،اﺋﻴﻦ ﻧﻪ؟ ﻫﻮ ﮐﻠﮡ ﻟﮙﻮ ۽ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻣﺌﻴﻨﺠﺮ ﺟﻲ ﭔﮅاﻳﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﺮي اڙدو ۾ ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭤﻮ ﭼﻮي ﺗﻪ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﻛﻤﺮو ﺧﺎﻟﻲ ﭤﻴﻨﺪو ۽ آﺋﻮن ﻗﻢ ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ان ۾ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﺎن ﭤﻮ.
رات ﺟﻮ ﭤﻜﻞ ﻫﻮس ﺟﻠﺪي ﺳﻤﻬﻲ رﻫﻴﺲ .ﺻﺒﺢ ﺟﻮ اﭤﻲ ڏﺳﺎن ﺗﻪ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﺳﮏ ۾ اﺳﺎن ﻫﻴﭟ ﺑﻴﺴﻤﻴﻨﭧ ۾ رﻫﮡ وارا آﻫﻴﻮن ﺟﻮ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﭼﺌﻦ ﻛﻤﺮن ﻻ ﻫﻚ وڏو ﻛﭽﻦ ،ڊاﺋﻨﻨﮓ روم ۽ ﭨﻲ وي ﻻﺋﻮﻧﺞ آﻫﻲ .ﻛﭽﻦ ۾ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﮡ ﻻ ﭘﻬﺘﺲ ﭜﺮواري ﻛﻤﺮي ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻋﺮاﻗﻲ ﻋﺮب زال ﻣﮍس ﮐﻴﻜﺎرﻳﻮ ۽ ۱۲ﻛﻴﻮﺑﻚ ﻓﭧ ﺟﻲ ﻓﺮوٽ، ﮐﻴﺮ ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﺳﺎ ﭜﺮﻳﻞ ﻓﺮج ﮐﻮﻟﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﭛ اﺳﺎن ﮐﺎن اڳ ﻫﺘﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻋﺮب ﮀﮇي وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ اﻳﻨﺪر ﻳﻌﻨﻲ اﺳﻴﻦ ﮐﺎﺋﻮن .ﻫﻲ ﻋﺮاﻗﻲ ﻋﺮب ﺑﻪ ﻛﻲ اﻣﻴﺮ ﭤﻲ ﻟﮙﺎ ﺟﻮ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ دﻓﻌﻲ ﭔﺎﻫﺮان اﭼﮡ ﻣﻬﻞ ﻫﻨﻦ اﻧﮕﻮرن ۽ ﻛﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﮀﭕﻲ ،ﻣﭡﺎﺋﻲ ۽ ﺑﺴﻜﭧ وﻏﻴﺮه اﭼﻲ ڊاﺋﻨﮓ ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ رﮐﻴﺎ ﭤﻲ ۽ ﻧﻪ رﮘﻮ اﺳﺎن ﻫﻴﭟ رﻫﻨﺪڙن ﮐﻲ ﭘﺮ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ،ﻛﻼرڪ ۽ ﮔﺎرڊ ﮐﻲ ﺑﻪ اﺗﺎن ﮐﮣﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ ﭼﻮﻧﺪا رﻫﻴﺎ ﭤﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻴﭟ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻤﺮن ﭔﺎﻫﺮان ﻛﭙﮍا ڌوﺋﮡ ﻻ واﺷﻨﮓ ﻣﺸﻴﻦ ۽ اﺳﺘﺮي ﭘﮡ رﮐﻴﻞ ﻫﺌﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻣﭥﻴﺎن ﭘﮡ ﻫﻴﭟ اﭼﻲ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻗﻢ ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ان ﺋﻲ ﻛﻤﺮي ۾ رﻫﮣﻮ ﭘﻴﻮ.
ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺮب ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ﺑﻪ ﻫﻮ ،ان ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻓﻘﻂ ﻳﺲ،ﻧﻮ ﻳﺎ اﻳﻜﺴﻜﻴﻮزﻣﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ آﺋﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻮ ﺳﻨﺪس زال ﻃﻮﺑﺎ وﻳﭡﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي آﺋﻲ ﭤﻲ ۽ ﺗﻤﺎم وڏي اﻋﺘﻤﺎد ﺳﺎن اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺳﺎن ،ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﭥﻲ آﺋﻲ ،اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﺘﻲ اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ ذرﻳﻌﻲ ﻣﻮن اﻫﺎ ﺋﻲ ﭴﺎڻ رﮐﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻫﻚ ﺗﺮﻗﻲ ﭘﺬﻳﺮ ۽ﺟﺎﻫﻠﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ،اﺗﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻗﻴﺪﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬارﻳﻦ ﭤﻴﻮن .ﭘﺮ ﻃﻮﺑﺎ ﺟﻬﮍا ﻣﺜﺎل ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن
۾ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﻣﻠﻦ ،ﺟﺘﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻮ اﻳﮇو وڏو ﺗﻌﺪاد ﺳﺮﻛﺎري ﺗﻮڙي ﺧﺎﻧﮕﻲ ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ وري اﺗﻲ ﻋﻮرت ذات اﻳﺘﺮي ﺣﻔﺎﻇﺖ ۾ آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮي اﻳﺮان ۾ .ﺑﻠﻜﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﺟﻴﺘﺮو ﺧﻮش ،آزاد ۽ ﺣﻔﺎﻇﺖ ۾ زﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬارڻ واري ﻣﺎﺣﻮل ۾ رﻫﻲ ﭤﻲ اﻳﺘﺮو ﺗﻪ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻋﻮرت ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﮍﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ۽ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻲ آﮔﺎﻫﻲ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ .ﻃﻮﺑﺎ ڊﻳﻮﭨﻲ ﻣﻬﻞ روﺳﺮي )ﺣﺠﺎب( ﺳﺎن ﻓﻘﻂ ﻣﭥﻮ ڍﻛﻲ وﻳﭡﻲ ﭤﻲ ،اﻟﺒﺖ ﺳﻨﺪس ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﻻ ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ ﺧﺎﻧﻲ ﻣﺎن ﻛﺎري ﭼﺎدر ﻛﮃي ان ﺳﺎن ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﺋﻴﻦ .ﻳﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﺎر ۾ ﮔﻬﺮ وﻳﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭼﺎدر ۾ وﻳﮍﻫﻲ وﻳﺌﻲ ﭤﻲ .آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ اﺻﻞ ﻣﺎﻟﻚ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺮب ﻧﻪ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس زال ﻃﻮﺑﺎ آﻫﻲ .ﻃﻮﺑﺎ ﺟﻮ ﭘﻲ ﻗﻢ ﺟﻲ اﻣﻴﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ .ﺳﻠﻤﺎن اﻫﻮ ﺑﻪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻗﻢ ۾ ﭨﻲ ﭼﺎر ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ .ﻫﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۽ ﭔﺎﻫﺮﻛﻨﮉ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻮﭨﻞ ﭠﻬﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ )آﻏﺎ ﻃﺒﺎﻃﺒﺎﺋﻲ ﺟﻲ( آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻧﮕﻴﻦ ﻗﻢ ﻫﻮﭨﻞ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي ﻃﻮﺑﺎ ﮐﻲ ڏﻳﺞ ۾ ڏﺋﻲ ﮀﮇي آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﺎڻ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺮب ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮي ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺣﻮاﻟﻲ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﻣﻮن ﻣﺤﻤﺪ ﻋﺮب ﮐﺎن ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻛﻤﺮي ﺟﻲ ﻣﺴﻮاڙ ﺟﻮ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ان ﻛﻤﺮي ﺟﻲ ﻣﺴﻮاڙ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻚ ﻫﺰار روﭘﻴﺎ آﻫﻦ ،ﻳﻌﻨﻲ ﭔﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻫﮡ ﺳﺎن ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ ۵۰۰رﭘﻴﺎ ڏﻳﮣﺎ ﭘﻮن ﭤﺎ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ان ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺴﻮاڙ ﺗﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻲ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻛﻤﻮڊ ﺟﻮ ﺷﺌﻨﻚ ۽ اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﺮ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﻢ ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف درن ۽ درﻳﻦ ﺟﻲ ﭘﮍدن ﺳﺎن ﻛﻤﺮن ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ۽ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﺌﺮن ﺳﻨﮕﻬﻮن ۽ ﺑﻮٽ ﺻﺎف ﻛﺮي ﻛﺮي ﮔﺪﻻ ۽ ﺑﺪﺑﻮدار ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎ آﻫﻦ ۽ ﺟﺘﻲ )ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾( ﻛﻤﺮي ﺟﻲ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺗﻲ ﻧﻤﺎز ﭤﻲ ﭘﮍﻫﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﺌﺮي ﭼﻴﻮ ” ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭨﻮال وﮀﺎﺋﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻮ ﭨﻲ ﺳﺎل ﭤﻴﺎ آﻫﻦ ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ ڌﺋﺎرﻳﺎ ﻧﻪ وﻳﺎ آﻫﻦ .ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﭔﺎرن ان ﺗﻲ ﻫﻨﮕﻴﻮ ﻣﭩﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو. اﻳﺮان ۾ ﺟﻬﮍو رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ آﺳﺎن ،ﺻﺎف ﺳﭥﺮو ۽ ﺳﺴﺘﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ ،اﻫﮍو ﺋﻲ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ .اﺳﺎن وٽ ﻧﺨﺮو ۽ ڊراﻣﻲ ﺑﺎزي ﮔﻬﮣﻲ آﻫﻲ .ﻣﻠﻚ ۾ ﭔﺎرﻫﻮ ﺋﻲ ﮔﺮﻣﻲ ﻟﮙﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﮕﺮﻳﺰ ۽ ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن اڳ ﮔﺮم ﮔﺮم ﺳﻮپ Serveﻛﻴﺎ وﻳﻨﺪا آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﻳﺎ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻲ اﻳﺌﺮﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ۽ ﺳﮙﻨﮅ واري ﻣﺎﺣﻮل ۾ اﺳﺎن ﭼﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﭘﺴﻨﺪ اﻳﻨﺪا آﻫﻦ .ﭘﺮ آﺋﻮن ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﺧﺪا ﺟﺎ ﺑﻨﺪو ذرا ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﭘﭡﺌﻴﻦ در ﮐﺎن ﻟﻜﻲ وﭸﻲ ان ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ ﺑﻮرﭼﻴﺨﺎﻧﻮ ﺑﻪ ﺗﻪ ڏﺳﻮ ﺟﺘﻲ ﮔﺮﻣﻲ ۽ ﮔﻬﭧ واري ﻣﺎﺣﻮل ۾ ﮔﻨﺠﻲ ۽ ﺳﺨﺖ ﻣﻴﺮي ﺳﭥﮡ ۾ ﻣﻠﺒﻮس ﭘﮕﻬﺮ ۾ ﺷﻞ ﺑﻮرﭼﻲ ﺟﻨﻬﻦ Unhugenicﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻛﻜﮍﻳﻦ ﺟﺎ آﻧﮉا ﮔﺠﻴﻮن وﺟﻬﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻻ ﺳﻮپ ﻳﺎ ﻛﻮ ﭔﻴﻮ ﭔﻮڙ ﭘﻴﻮ رڌي ،ڏﺳﻲ وﭠﻮ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ﮐﺎﺋﻮ .ﺗﻮﻫﺎن رﮘﻮ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﻮرﭼﻴﻦ ۽ ﺑﺌﺮن ﺟﻮ ﺑﺎٿ روم وﭸﻲ ڏﺳﻮ ،ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﻪ ﺻﺎﺑﮡ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪو ۽ ﻧﻪ ﭨﻮال! ﺑﺎٿ روم ﺟﻲ در وﭨﺎن اﮘﭟ ﭔﮅﻧﺪا اﭼﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺳﻼد ﻻ ﭨﻤﺎﭨﺎ ۽ وﻧﮕﻴﻮن ﻛﭩﻴﻨﺪا .اﻧﻬﻦ ﻫﭥﻦ ﺳﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﻻ ﻣﺎﻧﻲ ﭘﭽﺎﺋﻴﻨﺪا ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﺣﻘﻴﻘﺖ ۽ ﺻﺤﺖ ﺟﻲ اﺻﻮﻟﻦ ﮐﺎن اڻ واﻗﻒ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﺴﺎب ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺧﻮش ﭘﻴﺎ ﭤﻴﻮ .ﻣﺮﻏﻲ ﺟﻲ ﮔﻮﺷﺖ ﺟﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺌﻨﮉوﭼﻮن ۽ ﺷﺎﺷﻠﻚ ﮐﺎﺋﻲ ﮔﺪ ﮔﺪ ﭤﻴﻮ ﭤﺎ اﻫﻮ ﮔﻮﺷﺖ ﺑﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﺎزي ﻛﭡﻞ ﻛﻜﮍ ﺟﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﺎروﭤﻮ آﻫﻲ ،ﻳﺎ ﻣﺎﮘﻬﻴﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻴﻤﺎر ۽ ﻣﺌﻞ ﻛﻜﮍ ﺟﻮ آﻫﻲ! ﭘﺎڻ وٽ وﻻﻳﺖ واﻧﮕﺮ ﻫﻮﭨﻞ ﺑﻨﺪ ﻛﺮڻ وﻗﺖ ﺑﭽﻴﻞ ﭔﻮڙ ۽ ﭜﺎﭴﻴﻮن ﻧﻪ اﮀﻼﻳﺎ ﭤﺎ وﭸﻦ .۽ ﻧﻪ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻧﻴﻜﺎل ﻛﻴﺎ ﭤﺎ وﭸﻦ .ﻓﺮج ۾ رﮐﻲ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻼﻳﺎ ﭤﺎ وﭸﻦ ۽ اﻫﺎ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻫﮍي ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻓﺮج ﻫﻚ ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻮ ﻛﭕﭧ آﻫﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﺎ ﻛﻼڪ ﻻﺋﻴﭧ ﺋﻲ ﻛﺎﻧﻬﻲِ ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺷﺎم ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭔﻮڙ رﮐﮡ ﺳﺎن ان ۾ زﻫﺮﻳﺎت ۽ ﺑﺪﺑﻮ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮ ﭘﻮي .ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ وڏو ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﺷﻮق ۾ ﻛﭥﻲ آﻫﻲ اﻫﻮ ﻫﻮش ﺗﻪ اﻫﮍي ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﺮ ۾ دال ﭜﺖ رڌي ﮐﺎﺋﻲ ﮀﮇﺟﻲ ﻳﺎ ﭘﻜﻮڙي ﺳﺎن ﻧﺎن ﮐﺎﺋﻲ ﮀﮇﺟﻲ ﺗﻪ ﺳﭡﻮ آﻫﻲ .اﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﻛﻮ ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺗﻪ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺑﻪ ﭘﻴﭧ وﭠﻴﻮ وﻳﻬﻴﻮ رﻫﻲ .ﭘﺮ اﻳﺮان ،ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ اﺳﻴﻦ ڌارﻳﺎن ﺗﻪ ﮀﺎ Scandinavianﻣﻠﻜﻦ )ﺳﺌﻴﮉن ،ﻧﺎروي ،ڊﺋﻨﻤﺎرڪ( ﺟﺎ ﮔﻮرا ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﻳﻮ وﭸﻦ ﺗﻪ ﺑﻪ ﺑﻴﻤﺎر ﻧﭥﺎ ﭤﻴﻦ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ڏﺳﺎن ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺷﻮﺷﺎ ﻳﺎ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺑﺎزي ﮔﻬﭧ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺷﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮي ۽ ﺻﺤﺖ ﺟﻲ اﺻﻮل ﻣﻄﺎﺑﻖ آﻫﻲ ۽ ﻫﺮ ﺷﻲ اﮐﻴﻦ اﮘﻴﺎن ﭠﻬﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ .ﭘﺮ ﺟﻲ ﭔﻲ ﻛﻤﺮي ۾ ﭠﻬﻲ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﺮ ﻛﻮ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﻣﻮن ﺷﺮوع ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺋﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﺎ رڌﮢﺎ ڏﭠﺎ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺗﻮڙي ان ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﺑﻮرﭼﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮا ﻧﻈﺮ آﻳﺎ .ﭼﻠﻮ ﻛﻮاب ﮔﻬﺮاﺋﮡ ﺳﺎن ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺧﺎﻟﻲ ﭘﻠﻴﭩﻦ ﺟﻮ ڍﻳﺮ رﮐﮡ ﺑﺪران ﻫﻚ
ﺋﻲ ﭘﻠﻴﭧ ۾ ﭼﺎﻧﻮرن ﻣﭥﺎن ﻛﻮاب رﮐﻲ ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﺮ ﺷﻲ ﻣﻨﺎﺳﺐ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ۽ ﺳﻮادي ڏﻧﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﺑﻘﻮل ﻫﻚ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﺟﻲ اﺳﻴﻦ ﭤﻮرو ﮐﭩﻴﻮ ﮔﻬﮣﻲ ﺑﺮﻛﺖ ۾ ﻳﻘﻴﻦ رﮐﻮن ﭤﺎ.
اﻳﺮان ﺟﻮ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ۽ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮن زاﻟﻮن اﻳﺮان ۾ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﺑﻴﺤﺪ ﻋﺎم ڊش آﻫﻲ .اﻳﺮان ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻳﻮرپ ﺗﻮڙي آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﺟﺘﻲ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ،اﺗﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﮐﭙﺖ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﺟﻲ ﭤﻲ ﭤﺌﻲ .ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ واري ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ )ﻧﻴﻮ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ( ۾ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ واﺷﻨﮕﭩﻦ ۾ رﻫﻨﺪڙ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﻴﭩﺎري ﺟﻲ دوﺳﺖ ﺧﺎﻟﺪ ﻫﺎﺷﻤﺎﮢﻲ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﮐﺎراﺋﮡ ﻻ ورﺟﻴﻨﻴﺎ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮﭨﻞ ”ﺷﻤﺸﻴﺮ“ ۾ وﭠﻲ آﻳﻮ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﮐﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺒﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮا اﻫﻮ ﭘﮁﻨﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ﮀﺎ ﺳﺎن ﮐﺎﺋﺒﻮ آﻫﻲ .اﺳﺎن وٽ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺒﺎﺑﻦ ﺟﺎ ﻗﺴﻢ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺳﻴﺦ ﻛﺒﺎب ،ﭘﺸﺎور ﭘﺎﺳﻲ وارو ﭼﭙﻠﻲ ﻛﺒﺎب ،ﺷﺎﻣﻲ ﻛﺒﺎب وﻏﻴﺮه ﺟﻴﻜﻲ ﭜﺖ ،ﻣﺎﻧﻲ ،ﻧﺎن ﺳﺎن ﮐﺎﺋﺠﻦ ﭤﺎ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ڊش ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﻛﻨﻬﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻛﺒﺎب ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻧﺎﻫﻲ ،اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻴﺦ ﻛﺒﺎب ﺟﻬﮍو ﻛﺒﺎب آﻫﻲ ۽ ﻫﻮن ﺑﻪ ﻛﺒﺎب ﻣﻌﻨﻲ ﭜﺖ ﻛﺒﺎب .ﺟﻴﺌﻦ ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻞ ﻟﻔﻆ ﭼﻠﻮ ﻫﻦ ﻛﺒﺎب ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻧﺎﻫﻲ ،ﭘﺮ ﭜﺖ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ۽ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ٰ ﭘﺎڻ وٽ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ﮐﻴﺮ ﭜﺖ ،ڌورو ﭜﺖ ﻳﺎ ﭜﺖ ﭘﭩﺎﭨﺎ ﻳﺎ ﭜﺖ ﭘﻜﻮڙا ﮐﺎڌاﺳﻴﻦ. اﻳﺮان ۾ ﻋﺎم ﮐﺎڌو ) (Staple Foodﭼﺎﻧﻮر ) ﺑﺮﻧﺞ( آﻫﻦ .ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب )ﭜﺖ ﻛﺒﺎب( ﺑﻌﺪ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭼﻠﻮ ﻣﺮغ )ﭜﺖ ﻛﻜﮍ( آﻫﻲ .ﻫﻮن ﻛﺒﺎب ﭜﺖ ﺗﻪ اﺳﺎن وٽ ﻳﺎ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ اﻧﮉﻳﺎ ،ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ۽ ﻧﻴﭙﺎل ۾ ﺑﻪ ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭜﺖ ﻛﺒﺎب )ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب( ﺟﻮ ﺳﻮاد ﺋﻲ ﭔﻴﻮ آﻫﻲ .ان ﺟﻮ وڏو ﺳﺒﺐ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﺒﺎب ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﮔﻮﺷﺖ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ اﻫﻮ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ۽ ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ﺟﻲ ﺟﺎﻧﻮر ﺟﻮ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﺒﺎب ﻻ ﻗﻴﻤﻮ ﺑﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ان ۾ وﮐﻮ ﻳﺎ ﻫﮇو ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﻳﻨﺪو ۽ ﭼﻠﻮ )ﭜﺖ( ڊﮔﻬﻦ ۽ ﺧﻮﺷﺒﻮدار ﺟﻨﺴﻦ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﻮرن ﻣﺎن ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ زﻋﻔﺮان )ﺟﻴﻜﺎ اﻳﺮان ۾ ﺳﺴﺘﻲ آﻫﻲ( ﺑﻪ وڌي وﭸﻲ ﭤﻲ.
اﻳﺮان ۾ ﻳﺎ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻣﻮﺟﻮد اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﭼﺎﻧﻮرن ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻢ ﭠﺎﻫﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻮﻟﻮ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ -اﺳﺎن وارو ﭘﻼ ﻟﻔﻆ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﭘﻮﻟﻮ ۾ ﻧﻜﺘﻮ ﻫﺠﻲ .ﻫﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮدار ﭼﺎﻧﻮر ،ﭘﻮﻟﻮ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻗﺴﻢ آﻫﻦ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺷﻴﺮﻳﻦ ﭘﻮﻟﻮ ،ﺑﻘﻠﻲ ﭘﻮﻟﻮ ،ﺳﺒﺰي ﭘﻮﻟﻮ ،وﻏﻴﺮه .ﺷﻴﺮﻳﻦ ﭘﻮﻟﻮ ۾ ﻫﺌﮉي رﻧﮓ ﺟﻮ ﺧﻤﻴﺮ ،ڏوﻧﮕﻬﻲ ،ﮐﻨﮉ ﻣﭡﺎ ﭘﺘﺎﺋﻲ ﮔﺠﺮ ۽ ﭘﺴﺘﺎ وڌا وﭸﻦ ﭤﺎ .ﻳﻌﻨﻲ ﭘﺎڻ واري ﭼﺎﺷﻨﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻴﺮﻳﻦ ﭘﻮﻟﻮ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻣﭡﻮ ﭜﺖ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﺳﺒﺰي ﭘﻮﻟﻮ ۾ ﭜﺎﭴﻴﻮن ،اﺟﻮاﺋﻦ ۽ ﺟﻮﻫﺮ ) (Mintوڌو وﭸﻲ ﭤﻮ.
ﻛﺒﺎب ﭔﺎﻛﺮي ﻣﺎن ﺑﻪ ﭠﺎﻫﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﮘﺎﺋﻲ ﻣﺎن ﺑﻪ .ﻛﭥﻲ ﻛﺒﺎب ﺟﻲ ﮔﻮﺷﺖ ﮐﻲ ﻟﻴﻤﻲ ﺟﻲ رس ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻴﻦ ۾ Marinateﻛﺮي ﭘﻮ ان ﮐﻲ ﻛﺒﺎب ﭠﺎﻫﮡ ﻻ ﻗﻴﻤﻮن ﺑﻨﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﻛﺒﺎﺑﻦ ﺟﺎ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻻ آﻫﻦ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﺒﺎب ﻛﻮﺑﻴﺪه ،ﻛﺒﺎب ﺑﺮگ ،ﺟﻮﺟﻪ ﻛﺒﺎب ،ﻛﺒﺎب ﺑﺨﺘﻴﺎري وﻏﻴﺮه .اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ اﻋﻠﻲ ڊاﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﻣﺴﭩﺮ ﺑﻬﺰاد ﺳﻴﻒ اﻻﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺟﭙﺎن ۾ ﺑﻪ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﺌﻴﮉن ۾ ﺑﻪ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ٰ اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ،اﻫﻮ ﺟﭙﺎن ۾ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮﺗﻪ ﺟﭙﺎن ﺟﻲ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ ﻛﻮﺑﻲ اﺳﭩﻴﻚ واﻧﮕﺮ ﺟﻴﻜﺎ ٰ ﮘﺎﺋﻲ ﮔﻮﺷﺖ ﻣﺎن ﭠﺎﻫﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ،اﻳﺮان ۾ ﻛﺒﺎب ﭠﻬﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺒﺎب ﻣﺨﺼﻮص ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ.
ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﮔﻬﺮ ۾ ﭼﺎﻧﻮر ﮐﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﭼﺎﺋﻴﻨﺰ واﻧﮕﺮ رڌل ﻫﺌﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﺮﻏﻲ ﺟﻲ ﭔﻮڙ ﺑﺪران ﮘﺎﺋﻲ ﮔﻮﺷﺖ ﺟﻮ Stewﻫﻮ .ﻣﻴﺰﺑﺎﻧﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺧﺎص ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﭼﺎﻧﻮرن ﺟﻮ ڊش آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺧﻮرﺷﺖ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﭼﺎﻧﻮرن ﺟﺎ ﭔﻪ ﭔﻴﺎ ﻗﺴﻢ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ وڏﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﻨﻮ ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ،اﻟﺒﺎﻟﻮ ﭘﻮﻟﻮ ۽ زرﺷﻚ ﭘﻮﻟﻮ .ﻫﻮن رڌل ﭼﺎﻧﻮرن ﻳﻌﻨﻲ ﭜﺖ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﭘﻮﻟﻮ ﻳﺎ ﭼﻠﻮ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﭽﻦ ﭼﺎﻧﻮرن ﻳﻌﻨﻲ اﻧﺎج ﮐﻲ ﺑﻴﺮﻧﺞ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎڻ وٽ ﭼﺎﻧﻮرن ﺟﻮن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺟﻨﺴﻮن ﺳﮙﺪاﺳﻲ ،اري ،ﺑﺎﺳﻤﺘﻲ وﻏﻴﺮه آﻫﻦ ،ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﭼﻤﭙﺎ ،رﺳﻤﻲ ،اﻧﺒﺎرﺑﻮ ،ﻣﻮﻻﺋﻲ ،ﺳﺎدري ،ﺧﺎﻧﺠﺎري ،ﺷﻜﺎري ،دودي ۽ ﭔﻴﺎ آﻫﻦ .اﺳﺎن وٽ اﺗﺮاﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ ﭘﻨﺠﺎب ۽ ﺳﺮﺣﺪ ۾ ﻣﺎﻧﻲ )ﻛﮣﻚ( ﮔﻬﮣﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ۽ ڏﮐﮡ ۾ )ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻠﺘﺎن ۽ ﺳﻨﮅ ﭘﺎﺳﻲ( ﭼﺎﻧﻮر .ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ
۾ ﻳﻌﻨﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ،ﺳﻴﻤﻨﺎن ،ﻣﺰﻧﺪران ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ،ﺟﻴﻜﻲ ﺗﺮﻛﻲ ۽ ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﺳﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ،اﺗﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﭼﺎﻧﻮر ﺷﻮق ﺳﺎن ﮐﺎﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺗﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻫﺌﻤﺒﺮﮔﺮ ۽ ﭘﻴﺰا ﺟﻮ ﻛﻠﭽﺮ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن اﻳﺮان ﺑﻪ ﺟﺎن ﻧﻪ ﮀﮇاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻫﺌﻤﺒﺮﮔﺮ ،ﭘﻴﺘﺰا ۽ ﻛﻮﻛﺎ ﻛﻮﻻ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﺎ اﺷﺘﻬﺎر ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا ،ﭘﺮ ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﺳﭵﻲ ﻣﮉل اﻳﺴﭧ ۾ اﻳﺮان اﻛﻴﻠﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﻧﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎن اڄ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻠﻲ ﭤﻮ .ﺳﺴﺘﻮ ،ﺳﻮادي ۽ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ Availableﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻏﺮﻳﺐ ﺗﻮڙي اﻣﻴﺮ وﭠﻲ ﭤﻮ .ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻧﺎن ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻲ .اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭨﻲ دﻓﻌﺎ ﺗﺎزا ﺗﺎزا ﭘﭽﻦ ﺟﻦ ﻻ ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻴﻜﺮﻳﻮن آﻫﻦ .ﻧﺎﻧﻦ ﺟﺎ ﭼﺎر ﻗﺴﻢ ﻋﺎم آﻫﻦ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ:
ﻧﺎن ﺑﺮﺑﺮي .ﺑﻴﻀﻮي ﺷﻜﻞ ﺟﻮ ﻫﻲ ﭤﻠﻬﻮ ﻧﺎن اﻳﺮان ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻠﻲ ﭤﻮ .ﻫﻲ ﻧﺎن ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻦ ﻧﺎن ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺳﺎن ﻛﻮ واﺳﻄﻮ ﻫﺠﻲ.
ﻧﺎن ﻻواش :ﻫﻲ ﻧﺎن ﺳﻨﻬﻮ ۽ ﺧﺴﺘﻪ ) (Crispyﭤﺌﻲ ﭤﻮ .ﺷﻜﻞ ۾ ﮔﻮل ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﺑﻴﻀﻮي ﺑﻪ .ﻫﻲ ﻧﺎن وچ اﻳﺸﻴﺎ ۽ ﻣﮉل اﻳﺴﭧ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪو اﭼﻲ.
ﻧﺎن ﺳﻨﮕﺎڪ :ﻫﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﭨﻜﻨﮉي ﺷﻜﻞ ﺟﻮ ﮔﺮم ﭘﭥﺮن ﺗﻲ ﭘﭽﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﻣﻨﺠﻬﺲ آﮜﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﭼﮕﻬﻪ ) (Dimplesﺑﻪ ﭠﺎﻫﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﻧﺎن ﻃﺎﻓﺘﻮن :ﻫﻲ ﻧﺎن ﺳﻨﻬﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻧﺎن ﻻواش ﮐﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﭤﻠﻬﻮ ﭤﺌﻲ.
اﻧﻬﻦ ﭰﻜﻦ ۽ ﻋﺎم ﻧﺎﻧﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻧﺎن ﺧﺎص ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ ۽ دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎڻ وٽ ﺷﻴﺮ ﻣﺎل ،ﻃﺎﻓﺘﺎن ۽ آﻟﻮ ﭘﺮاﭠﺎ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ،ﺗﺌﻴﻦ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﭨﻲ ﭔﻴﺎ ﻧﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﺎ.
ﻧﺎن ﺷﻴﺮﻣﺎل :ﻫﻲ ﺑﺎرﺑﺮي ﻧﺎن واﻧﮕﺮ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻓﺮق ﻓﻘﻂ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻ اﭨﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﺪران ﮐﻴﺮ ۾ • ﮘﻮﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﭤﻮري ﮐﻨﮉ ﺑﻪ ﻣﻼﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.
ﻣﻌﻨﻲ ﺋﻲ ﻣﭡﺎڻ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﮔﻞ ﻗﻨﺪ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎن ﻗﻨﺪي :ﻫﻲ ﻧﺎن ﻃﺎﻓﺘﻮن واﻧﮕﺮ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻗﻨﺪي ﻟﻔﻆ ﺟﻲ • ٰ ﭘﺎڻ وٽ ﭘﺎن ۾ وﺟﻬﺒﻮ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻧﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻧﻴﺮن ﺗﻲ ﮐﺎڌو وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻧﺎن ﮔﺴﻮ؛ ﻫﻲ ﻧﺎن آرﻣﻴﻨﻴﺎ ﺟﻲ اﻳﺠﺎد ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮ .ﻫﻲ ﻧﺎن ﭘﮡ ﻣﭡﻮ • ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ڏﻫﻴﻦ ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري آﻓﻴﺴﻦ ۽ ﭼﺎ ﺧﺎﻧﻦ ۾ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮐﺎڌو وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭴﮡ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﻗﻮﻣﻲ ﻣﺸﺮوب آﻫﻲ ۽ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺑﻨﺎ ﮐﻴﺮ ﺟﻲ ﻛﮍڪ ﭠﺎﻫﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ۽ ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻴﻮب ﺳﺎن Serveﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. اﻫﻮ ﮐﻨﮉ ﺟﻮ ﻛﻴﻮب ﻗﻨﺪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ڏﻧﺪن ۾ ﺟﻬﻠﻲ اﻫﮍي ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻲ ﺳﺮڪ ﭜﺮﻳﻨﺪا آﻫﻦ، ﺟﻮ ﺣﺴﺎب ﻣﻮﺟﺐ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﭡﺎڻ وﭸﻲ .ان ﻻ ﭘﺮﺋﻜﭩﺲ ﺟﻲ ﺿﺮورت آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ ،اﻫﻲ ﺑﻪ اﻫﮍي ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻴﺌﻦ.
ﭼﺎﻧﻬﻪ ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان ۾ ﻛﺎﻓﻲ ﺑﻪ ﭘﻴﺘﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻮ ﻗﻬﻮه ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ﻛﺎﻓﻲ ﻫﺎﺋﻮس ”ﻗﻬﻮه ﺧﺎﻧﻮ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻣﻴﻮي ﺟﻲ ﺗﺎزي رس آب ﻣﻴﻮه ﺑﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﺷﺮﺑﺖ آﻟﺒﺎﻟﻮ )ﭼﻴﺮي ڊرﻧﻚ( ۽ ﺷﻴﺮ ﻣﻮز )ﺑﻨﺎﻧﺎ ﻣﻠﻚ ﺷﻴﻚ( اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻮق ﺳﺎن ﭘﻴﻦ ﭤﺎ .ﮔﻬﺮن ﻳﺎ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ڏڌ )ﮐﺎري ﮀﮃي ﻟﺴﻲ( ﻋﺎم آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ دوغ ﺳﮇﻳﻦ .ﺳﺎﻓﭧ ڊرﻧﻚ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﻨﮃن ﺗﻮڙي وڏن ﺷﻬﺮن ۾ ﻋﺎم ﺟﺎم وﻛﺎﻣﻦ ﭤﻴﻮن .آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﮡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﭘﺮ ﻛﻮﻛﺎ ﻛﻮﻻ ،ﭘﻴﭙﺴﻲ ،ﺳﻴﻮن اپ ،اﺳﭙﺮاﺋﻴﭧ ۽ ﻓﺎﻧﭩﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﺸﺮوﺑﺎت ﺟﻲ ﺑﺎﺋﻴﻜﺎٽ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﺮﮢﻲ! ﻧﻨﮃو وڏو ،ﻣﺮد ﺗﻮڙي ﻋﻮرﺗﻮن ﺷﻮق ﺳﺎن ﭘﻴﺌﻦ ﭤﻴﻮن .اﻧﻬﻦ ڌارﻳﻦ ﺷﺮﺑﺘﻦ ) (Soft Drinksﮐﺎن ﻋﻼوه ﻟﻮﻛﻞ ڊرﻧﻚ زم زم ﻛﻮﻻ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﻟﮙﻲ .ان ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ڊرﻧﻚ ﭘﺎرﺳﻲ ﻛﻮﻻ ﭘﮡ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ.
ﺗﻬﺮان ،ﻣﺸﻬﺪ ،اﺻﻔﻬﺎن ،ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﺑﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ اﻫﮍﻳﻮن رﻳﺴﭩﻮرﻧﭩﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻦ ۾ رﮘﻮ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب Serveﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭔﺎﻫﺮ وﻻﻳﺖ ۾ ﺑﻪ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ،اﻧﻬﻦ ۾ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ڊش ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﺿﺮور ﻫﻮﻧﺪو .ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﺳﻠﻄﺎﻧﻪ ﺻﺪﻳﻘﻲ ﺟﻮ ﻣﺼﺎﻟﺤﻪ ﭼﺌﻨﻞ ڏﺳﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ رڌ ﭘﭽﺎ
ﻣﻌﻨﻲ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ۽ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ڏﻳﮑﺎرڻ واري ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺎﻫﺮ ۽ ﻟﻴﮑﻜﺎ ﻛﻮﻛﺐ ﺧﻮاﺟﻪ ﭔﮅاﺋﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ٰ ﻣﻌﻨﻲ اﻳﺮان .ﻣﻮن ﺑﻪ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﻧﮕﻴﻦ ﻗﻢ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﺎﻟﻜﮡ ۽ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ٰ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ ﻣﺴﺰ ﻃﻮﺑﺎ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺣﻘﻴﻘﺖ اﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ .ﮔﺬرﻳﻞ ﺻﺪي ﮐﺎن ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ڊش اﻳﺮان ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﺿﺮور ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﺟﻮ Originﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﻲ ڊش وچ اﻳﺸ ِﻴﺎ ۽ ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ وارن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن اﻳﺮان ۾ آﻳﻮ ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮ. ”اﻳﺮان ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ﻳﻌﻨﻲ ۱۵۰۰ﮐﺎن ۱۷۳۶ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ اﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن ﻳﺎدﮔﻴﺮﻳﻮن ۽ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﺎ “،ﻃﻮﺑﺎ ﭔﮅاﻳﻮ ،ﻫﻨﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﮐﺎڌن ،ﭼﻠﻮ )ﭜﺖ ( ۽ ﭘﻼ ﮐﺎن آﭼﺎر ﭼﭩﮣﻴﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ۾ ”ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب“ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻧﺎﻫﻲ“ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺑﻌﺪ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اﻓﺸﺮي ۽ زﻧﺪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ان ﺑﻌﺪ ۱۷۹۴ ﮐﺎن ۱۹۲۵ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺎﭼﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ راڄ رﻫﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﺠﻮن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ وڏو ﺷﻮﻗﻴﻦ ﻣﮍس ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻋﺮﺻﻮ ) ۱۸۴۸ﮐﺎن ۱۸۹۶ﺗﺎﺋﻴﻦ( ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ،ﻫﻦ ﻻ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ روس ،ﻛﺎﻛﻴﺸﺎﺋﻲ )ﻗﻔﻘﺎزي( ۽ ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻜﻦ ڏي وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺗﻲ ﺟﻲ ﭨﻦ ﺷﻴﻦ ﻣﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﮔﻬﮣﻮ ﻟﻄﻒ اﻧﺪوز ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ :روﺳﻲ ﻛﺰاﻛﻦ ﺟﺎ ﭠﺎﻫﻮﻛﺎ وﻳﺲ وﮘﺎ ،ﺳﻴﻨﭧ ﭘﻴﭩﺮس ﺑﺮگ ۽ ﻣﺎﺳﻜﻮ وارن ﺟﻮن ﭘﺘﻠﻮﻧﻮن ۽ ﻛﺎﻛﻴﺸﺎﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﮐﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻮ .ﻫﻮ اﻫﮍا ﻛﺒﺎب ﻫﺮڻ ،ﭔﻜﺮي ۽ ﺷﻜﺎر ﻛﻴﻞ ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﻮﺷﺖ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﻲ ﻣﺎن ﭠﺎﻫﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ.
ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻫﻚ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭜﺮواري ﺷﻬﺮ ري Ray۾ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ان ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﺑﺎزار ﺟﻮ اﺣﻮال ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﺗﻲ اﺳﺎن ﻫﻦ ﺑﺎزار ﻣﺎن ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﮔﻬﺮاﺋﻲ ﮐﺎڌو ﻫﻮ .ﻣﭥﻴﻦ ﻗﺎﭼﺎري ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﻻ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ۸۷زاﻟﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﭼﺎر ﭘﻜﻴﻮن ،ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻜﺎح ﻫﻴﭟ ﻫﻴﻮن ،ﺑﺎﻗﻲ اﺋﻴﻦ ﻋﺎرﺿﻲ ﻫﻴﻮن .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ۳۰۰ﻏﻼم ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺟﻴﻜﻲ ﻛﻨﻴﺰاﺋﻮن )ﭔﺎﻧﻬﻴﻮن( ﺳﮇﻳﻮن وﻳﻮن ﭤﻲ .اﻫﻲ ﺳﭛ ۽ ﻧﻮﻛﺮ ﻧﻮﻛﺮﻳﺎﮢﻴﻮن ﻣﻼﺋﻲ ﻫﻚ ﻫﺰار ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﭥﻮ ﭠﻬﻴﻮ ﭤﻲ .ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ دوﺳﺖ ﻋﻠﻲ ﺧﺎن ،ﺷﺎﻫﻪ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺟﻤﻌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﺟﭥﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺷﻬﺮ ري ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻄﻴﻢ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ ﭘﻬﭽﻨﺪو ﻫﻮ .اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺷﻬﺮ ري ﻫﻚ ﮘﻮٺ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ .ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﺟﺎ ﻧﻮﻛﺮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ري ﺷﻬﺮ ﭘﻬﭽﻲ ﻫﻚ ﻫﺰار ﮐﺎن ﭔﻦ ﻫﺰارن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺒﺎب ﺗﻴﺎر ﻛﺮڻ ﺟﻮآرڊر ڏﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب اﻫﮍو ڊش ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﺎﻫﻲ ﻣﺤﻞ ﺟﻲ ﻣﻴﻨﻮ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻫﻮ .ري ﺷﻬﺮ ﭘﻬﭽﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮن زاﻟﻮن ۽ ﭔﺎﻧﻬﻴﻮن ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب وڏي ﺷﻮق ﺳﺎن ﮐﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﮀﺎ ﺗﻪ ﺳﻜﻮن ﭜﺮﻳﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ! ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﻻ ﻧﻪ آﺋﻴﻨﻲ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎري ﺟﺎ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرا ﻫﺌﺎ ۽ ﻧﻪ ﻟﻮڊ ﺷﻴﮉﻧﮓ ۽ اﭨﻲ ۽ ﭘﻴﭩﺮول ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺘﻦ وڌڻ ﺟﺎ ﻣﺴﺌﻼ ﻫﺌﺎ .ﻫﻮ رﮘﻮ ﻫﺘﺎن ﻫﺘﺎن رﻧﻮن ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ ﺣﺮم ﮐﻲ وڌاﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﭘﻴﺮن ﻓﻘﻴﺮن ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ڏﻳﺌﻲ زاﻟﻦ ،ﭔﺎﻧﻬﻴﻦ ۽ ﻧﻮﻛﺮﻳﺎﺋﻴﻦ ﮐﻲ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ﮐﺎراﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭘﻜﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺳﮇراﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ڏﻧﮉو ﮐﻨﻴﻮ ۽ ﺳﺎدﮔﻲ ﺟﻮ ﭘﺎڻ ﻣﺜﺎل ﻗﺎﺋﻢ ﻛﻴﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻧﺼﻴﺮاﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﮍن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺳﺎن اﻳﺮان ،ﺗﺮﻛﻲ ۽ ﻋﺮب دﻧﻴﺎ ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﺳﻨﮅي وڏﻳﺮي واﻧﮕﺮ ﭘﻮڙﻫﺎ ﭤﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ ،ﻫﻠﮡ ﻣﻬﻞ ﭤﺎﭔﮍﺑﺎ ﭘﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﮐﺎﻧﺌﻦ ﺳﮅو ﭤﻲ ﻧﻪ ﺑﻴﭡﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ،ڏﻧﺪ ﭘﻴﺎ اﻟﮍﻧﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺟﻮان ۽ ﻏﻴﺮﺗﻤﻨﺪ ﺳﮇاﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺛﺒﻮت ۾ ﻣﺮڻ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ،ﭔﻴﻦ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ اﻧﮅﻳﺮ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﻫﻮن ﺟﻲ ﻫﻬﮍن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﭤﻠﻬﻲ ﻟﻴﮑﻲ ﺣﺴﺎب ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﺟﻦ وٽ ﻫﻤﺒﺴﺘﺮي ﺟﻲ ﺧﻮاﻫﺶ ﻻ ﻫﻚ ﺋﻲ وﻗﺖ ۴۰۰ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺣﺎﺿﺮ رﻫﻴﻮن ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﺸﺘﺎ ۽ ﻣﻌﺠﻮﻧﻮن ﮐﺎﺋﻲ ﺑﻪ ﻫﺮ رات ﻫﻚ ﮐﻲ وارو ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎ ﭤﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ان Calculationﺳﺎن ﺣﺮم ﺟﻲ ﻫﺮ ﻋﻮرت ﺟﻮ ﺳﺎل ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وارو ﻣﺲ ﭤﻲ آﻳﻮ ،ﭘﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﮀﻮرﻳﻮن ﮀﺘﻴﻮن ﭤﻲ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ واﺟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮن ﻳﺎ ﻧﻪ -ﭜﻠﻲ ﮐﮣﻲ ﺳﻨﺪن ﻣﭥﺎن ﻧﺮ ﭘﮑﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎر ﭘﺌﻲ ﭤﻴﻨﺪي ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ اﻫﻮﺋﻲ ﺣﺸﺮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﺎوﺟﻮد ﭘﻮش ﭘﻮش ﺟﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﭔﺎﻧﻬﻴﻦ ﺳﺎن ﭤﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻟﮑﮡ ﻣﻬﻞ ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﮐﻲ ﺑﻪ ﺗﭙﺎﺋﻲ رﮐﻴﻮ ۱۳۶۹ﮐﺎن ۱۴۰۵ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۱۴۰۵ﮐﺎن ۱۴۴۷ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ راڄ ﻛﻴﻮ .ﺳﻨﺪس زاﻟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر راﮢﻲ ﭤﻲ ﮔﺬري آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﭠﻬﺮاﺋﮡ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻛﻤﻦ ﺟﻮ وڏو ﺷﻮق ﻫﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺑﻪ ﻫﻦ راﮢﻲ ﺻﺎﺣﺒﻪ ﭠﻬﺮاﺋﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭘﺎڻ ﻫﺮات ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﺪرﺳﻮ ﻣﺴﺠﺪ ﭠﻬﺮاﺋﻴﻦ .ﻫﺮات اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﺮات اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺋﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﺎ ﻛﻦ ﺗﻪ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ اﻧﺴﭙﻴﻜﺸﻦ ﻛﺮڻ ﻻ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺣﺮم ﺟﻮن ۲۰۰ﭔﺎﻧﻬﻴﻮن ﺳﺎڻ وﭠﻲ ﻫﻠﻲ ۽ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺮد ﻣﻌﻠﻤﻦ ۽ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﮐﻲ ان ﻣﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ﭘﺮ ﻫﻚ ﺧﭥﺎﺑﻲ ﮐﻲ ﻛﺎ ﻧﻨﮉ اﭼﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺣﺮم ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺎﻧﻬﻲ ﺟﻲ وﭸﻲ ﻧﻈﺮ ﭘﺌﻲ ﻫﻮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻟﻜﭽﻮري ﻫﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭘﺮ ﻫﻤﺒﺴﺘﺮي ﺑﻪ ﻛﺌﻲ .راﮢﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد وڏي ﻫﻮﺷﻴﺎر ۽ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ ﺗﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ان ﺧﭥﺎﺑﻲ ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭔﺎﻧﻬﻲ ﮐﻲ ﻛﺎروﻛﺎري ﻛﺮي ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﺳﭝﻨﻲ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﭔﻦ ﺳﺌﻮ ﭔﺎﻧﻬﻴﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮي ﮀﮇي.
راﮢﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد اﻳﮇو وڏو ﻗﺪم ﻛﻴﺌﻦ ﮐﻨﻴﻮ ،اﻫﻮ ﭘﮡ ﻣﻌﻤﻮ آﻫﻲ .ﭘﺮ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻻڏﻟﻲ ۽ ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ﺟﻲ زال ﻫﺌﻲ ﭘﺮ وڏي ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ۽ ڊﭘﻠﻮﻣﻴﭧ ﻋﻮرت ﭘﮡ ﻫﺌﻲ .دراﺻﻞ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﻛﺎروﺑﺎر ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ڏاڏي ﭘﻮﭨﻲ زاﻟﻦ ﺑﺪران ﻫﻲ ﺳﻨﭝﺎﻟﻲ وﻳﭡﻲ ﻫﺌﻲ .ان ﻛﺮي ﺳﻨﺪس ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻫﻦ ﺟﻲ ان ﻗﺪم ﺗﻲ ﻧﺎراض ﻧﻪ ﭤﻴﻮ -ﻳﺎ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺮي ﺗﻲ رﺣﻢ ﮐﺎﺋﻲ ﺧﺎﻣﻮش ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻮ ان ﻋﻤﺮ ۾ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺟﻮان ﺑﻠﻜﻪ ﭰﻮه ﺟﻮان ﭔﺎﻧﻬﻴﻦ ﮐﻲ ﺳﻮا ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎراﺋﮡ ۽ ﺳﻮﻧﺎ ﮘﻬﻪ ﭠﻬﺮاﺋﻲ ڏﻳﮡ ﺟﻲ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﻛﻢ ﻛﺎر ﻛﺮڻ ﺟﻬﮍو رﻫﻴﻮ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻮ .اﺟﺎﺋﻲ ﺧﻮاري ۽ ﻧﺎﺟﺎﺋﺰ ﭔﺎرن ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد وڌي ﻫﺎ ،ان ﮐﺎن ﺳﭡﻮ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﻠﻬﻲ ﭼﮍﻫﻲ وﻳﻮن.
اﻳﺮاﻧﻴﻦ ۽ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﺎ ﺗﻌﻠﻘﺎت ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺟﺘﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻣﺒﺎرڪ آﻫﻲ ،اﺗﻲ ﺻﺤﻦ ﻛﻮﺛﺮ واري ﭘﺎﺳﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺟﻬﻮﻧﻴﻦ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻮزه )ﻣﻴﻮزﻳﻢ( آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ۽ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺟﻮن ﺑﻨﺪوﻗﻮن ﭘﮡ رﮐﻴﻞ آﻫﻦ .ﻫﻲ ﻣﻴﺮ ۱۷۸۳ع ۾ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺳﺎن ﻫﺎﻻﮢﻲ ﻟﮍاﺋﻲ وڙﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﺳﻨﮅ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ اﺗﺮ واري ﭘﺮﮘﮣﻲ )ﺧﻴﺮﭘﻮر( ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد واري ﺣﺼﻲ ﺟﻮ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎن ﭤﻴﻮ .ﻫﻨﻦ ﻣﻴﺮن ﺑﺎﺑﺖ اﺣﻮال اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ڌار ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﻛﺒﻮ.
اﻳﺮان ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﻣﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐ ِﻨﮉ -وﻳﻨﺪي ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﺣﺎﻛﻢ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻫﺌﺎ .ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﭤﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﺗﻴﺌﻦ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ وڏو درﺟﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ”ﻓﺎرﺳﻲ ﮔﻬﻮڙي ﭼﺎڙﻫﺴﻲ“ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮن ۽ درﭔﺎرن ۾ ﺳﻨﮅي ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺑﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ .ﻫﻮ اﻫﻞ ﺷﻴﻌﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻮن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﭩﻴﻮن ﻣﺎﺋﭩﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﻮ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ ﻫﺌﺎ ۽ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﭘﺮﺷﻦ )اﻳﺮاﻧﻲ( ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﻣﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺴﻠﻤﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﻢ ﺟﮇا ﻫﺌﺎ ،ﻳﺎ ﺳﺴﺖ ﻛﺎﻫﻞ ﻫﺌﺎ .ﻋﻮام ﻻ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮڻ ﻧﭥﻲ ﭘﮙﻴﻦ، ﺑﺎﻗﻲ ﻋﻮام ﺗﻲ رﮘﻮ اﻫﻮ زور ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻫﻨﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﮐﻲ وڏن ﻟﻘﺒﻦ ۽ ﺧﻄﺎﺑﻦ ﺳﺎن ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﺌﻲ .ان ﺟﻲ ﻣﺜﺎل ۾ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﻗﺎﭼﺎري ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻛﺎﭼﺎري )ﺟﻨﻬﻦ ۱۷۹۷ﮐﺎن ۱۸۳۴ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ﻻ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﺷﺎﻫﻪ ﻳﺎ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﭼﻮڻ ﺑﺪران ”ﺟﺎم ﺟﺎﻫﻪ ﻓﺮﻳﺪون ﻓﺮﻛﺴﺮيٰ ،ﺷﻮﻛﺖ اﺳﻼم ،ﭘﻨﺎﻫﻪ ﺷﺮﻳﻌﺖ ،ﭘﻨﺎﻫﻪ ﺣﺎﻓﻆ ﻣﻠﻚ اﻋﻈﻢ ،ﺳﻠﻄﺎن اﺑﻦ ﺳﻠﻄﺎن “....۽ ﭔﻴﺎ ﻟﻘﺐ ﭼﺌﻲ ﭘﻮ ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺎﭼﺎري ﮐﻨﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .دﻫﻠﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺑﻪ ﺷﺎﻳﺪ اﻧﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻟﻘﺐ ۽ ﺧﻄﺎب وڌاﻳﺎ ۽ ﺟﻨﺮل اﻳﻮب ﺧﺎن واﻧﮕﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ ﺟﻨﺮل ﻣﺎن ﻓﻴﻠﮉ ﻣﺎرﺷﻞ ﺑﮣﺎﺋﻴﻨﺪا .ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﺎ ﻣﻴﺮ ”ﻋﺎﻟﻲ ﺟﺎه ،ﺣﻀﻮر ﭘﺮﻧﻮر ،ﺳﺮﻛﺎر ﺧﻴﺮﭘﻮر ،واﻟﻲ ﻣﻠﻚ ﺧﺪا داد ،رﺋﻴﺲ اﻻﻣﺮا ﺳﻨﮅ “.....ﺟﻬﮍن ﺧﻄﺎﺑﻦ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﺎ وﻳﺎ ﭤﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﮅ ۽ ﻋﺮﺑﺴﺘﺎن ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن اچ وڃ ﻟﮙﻲ رﻫﻲ ،ﺗﻴﺌﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﻫﺌﮡ ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اوڏاﻧﻬﻦ ﭘﮡ ﻫﺌﻲ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ .ﻧﻪ رﮘﻮ اﺳﺎن ﺟﺎ ﺳﻨﮅي اﻳﺮان ۾ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺑﻪ اﭼﻲ Settleﭤﻴﺎ ﭤﻲ .ﻫﻚ ﭔﺌﻲ وﭨﺎن ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻴﺎﺋﻮن ﭤﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺳﻬﮣﻴﻮن ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻋﺮب ۽ اﻓﻐﺎﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻧﻲ ﭤﻲ. اﻳﺮان ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ واﭘﺎر وڙي ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺧﺎﻃﺮ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ رﻫﻲ ﭘﻴﺎ ﭤﻲ .اﻫﮍن ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮ ﭜﭩﻮ ﺟﻮ ﻧﺎﻧﻮ ﻣﺴﭩﺮ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اﺻﻞ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺮدﺳﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﺗﻤﺎم وڏو اﻣﻴﺮ ﺑﺰﻧﺲ ﻣﻴﻦ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﮔﺬرﻳﻞ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوع وارن ﺳﺎﻟﻦ ۾ اﻳﺮان ﻣﺎن ﻟﮇي ﻛﺮاﭼﻲ ۾ رﻫﻴﻮ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ڌي ﺑﻴﮕﻢ ﻧﺼﺮت ﭜﭩﻮ ﺟﻲ ۸ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۱۹۵۱ع ﺗﻲ ﻣﺮﺣﻮم ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ﭜﭩﻮ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﮐﻴﺲ ﭼﺎر ﭔﺎر ﭤﻴﺎ.
اﻫﮍو ﺋﻲ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮزا ﻋﺒﺪاﻟﻜﺮﻳﻢ ﺑﻴﮓ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎﺋﺮن ﺳﺎن رﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ۽ ﭔﻦ ﻧﻨﮃڙﻳﻦ ڌﻳﺌﻦ ﻋﺸﺮت ۽ ﺷﻮﻛﺖ ﺳﺎن ﺷﻴﺮاز ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ۾ اﭼﻲ Settleﭤﻴﻮ .ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن رﻳﻠﻮي ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ۾ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ. ﺳﻨﺪس ڌﻳﺌﻮن وڏﻳﻮن ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺎﻋﺰت ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺣﻴﺪر ﻗﻠﻲ ﺑﻴﮓ )ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ وڏي ﭜﺎ ﻣﺮزا ﺻﺎدق ﻗﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ( ﻫﻨﻦ ﺟﻮ رﺷﺘﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ زﻣﻴﻨﺪار ﭘﭩﻦ ﻣﺮزا ﻣﻨﻈﻮر ﺑﻴﮓ ۽ ﻣﺮزا واﺟﺪ ﻋﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﻻ ﮔﻬﺮﻳﻮ .ﻣﺮزا واﺟﺪ ﻋﻠﻲ ﺑﻴﮓ وﻛﻴﻞ ﭘﮡ ﻫﻮ۱۹۵۹ .ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﻴﻦ ﭘﻴﭩﺎرو ۾ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﻛﻼس ۾ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﺮزا ﻣﻨﻈﻮر ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﻢ ﻋﺸﺮت ﺷﻴﺮازي ﺳﺎن ۽ ﺳﻨﺪس وﻛﻴﻞ ﭜﺎ ﻣﺮزا واﺟﺪ ﻋﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﻢ ﺷﻮﻛﺖ
ﺷﻴﺮازي ﺳﺎن ﺷﺂدي وڏي ڌام ڌوم ﺳﺎن ﭤﻲ .اڄ ﭘﻮرن ۴۸ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ اڌي ﺻﺪي ﺑﻌﺪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻈﻮر ﺑﻴﮓ ۽ ﺧﺎﻧﻢ ﻋﺸﺮت ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺎر ڊاﻛﭩﺮ ﻧﺠﻒ ﻗﻠﻲ ﻣﺮزا ﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ .ڊاﻛﭩﺮ ﻧﺠﻒ ﻣﺮزا ۸۸۾ ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎن MBBSﻛﺌﻲ ان ﺑﻌﺪ CSSﺟﻮ اﻣﺘﺤﺎن ﭘﺎس ﻛﺮي ﭘﻮﻟﻴﺲ ﮐﺎﺗﻲ ۾ آﻳﻮ ،اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭠﭩﻲ ﺟﻮ DPOآﻫﻲ. ”ڊاﻛﭩﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ۾ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮﻧﺪو ،ﺟﻮ اﻫﺎ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻣﺎدري زﺑﺎن آﻫﻲ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ “، ”ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي واﻟﺪه ۽ ﻧﺎﻧﻲ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﭔﮅﻧﺪو ﻫﻮس ان ﻛﺮي آﺋﻮن ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺗﻪ ﺳﮕﻬﺎن ﭤﻮ ﭘﺮ Fluentlyﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﺎن “،ﻧﺠﻒ ﭔﮅاﻳﻮ.
ﭠﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺳﭙﺮﻧﭩﻴﻨﮉﻧﭧ ﻣﺮزا ﻧﺠﻒ ﻗﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ۾ ﭼﺎر ﭜﺎﺋﺮ ۽ ﭨﻲ ﭜﻴﮣﻴﻮن آﻫﻦ ،وڏو ﺻﺎدق ﻣﺮﺗﻀﻲ ﭔﺌﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ آﻫﻦ .ﻫﻨﻦ ﻣﺼﻄﻔﻲ ۽ﻏﻼم ﻋﻠﻲ ﻣﺮزا ﻧﻮاﺑﺸﺎﻫﻪ ۽ ﺳﺎﻧﮕﻬﮍ ﭘﺎﺳﻲ زﻣﻴﻨﻮن ﺳﻨﭝﺎﻟﻲ ﭤﻮ ،ﻏﻼم ٰ ٰ ﻣﻬﺮاڻ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن B.Eﺳﻮل اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﺎڻ ﻧﺠﻒ ڊاﻛﭩﺮي ﭘﮍﻫﻴﻮ .ﮐﻴﻦ ﭨﻲ ﭜﻴﮣﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن وڏي دﻟﺸﺎد ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮه آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺳﻮﺷﺎﻻﺟﻲ ۾ ﻣﺎﺳﭩﺮس ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﺎﺗﻲ ﺳﺎن واﺑﺴﺘﻪ آﻫﻲ .ﭔﻲ ﭜﻴﮡ ﺷﺎخ رخ PIAﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﻣﺮزا ﺟﻲ ﮔﻬﺮواري آﻫﻲ ۽ ﻧﻨﮃي ﭜﻴﮡ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺰﻧﺲ ﻣﻴﻦ ﺣﻴﺪر رﺿﺎ ﺟﻲ زال آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ اﻳﺮان ۽ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻨﮅ ۾ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن اﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺮڻ ﻻ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﺎ َﭘ َ ﭧ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻴﺎ اﭤﻦ .ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﮍﻫﻪ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎڪ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ دﻓﻦ ﻛﺮاﺋﮡ ۾ ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺒﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭤﻲ ،ﺷﺮوع ۾ اﻫﮍن ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻻش ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮه ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺣﺮم ﭘﺎڪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻧﻮاب آف ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد، اﺳﻜﻨﺪر ﻣﺮزا .اﻫﮍي ﺋﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭜﺮﺳﺎن ﺻﺤﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﺎن ﭨﻨﮉو ﭠﻮڙﻫﻮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺧﺎﺗﻮن ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ۽ ادﻳﺐ دوﺳﺖ ﻧﺼﻴﺮ ﻣﺮزا ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﺛﺮﻳﺎ ﻋﺎﺑﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ۱۹۹۷ع ۾ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﮐﻴﺲ ۶ﻣﻬﻴﻨﺎ ﮐﻦ ﭨﻨﮉو ﭠﻮڙﻫﻮ ﺟﻲ اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ ﻗﺪس ۾ اﻣﺎﻧﺖ ﻃﻮر دﻓﻦ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس وﺻﻴﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﻣﺸﻬﺪ ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.
ﭨﻨﮉي ﭠﻮڙﻫﻲ ﺟﺎ ﻫﻲ ﻣﺮزا ﺳﻨﮅ ﺟﻲ وڏي ادﻳﺐ ۽ ﺳﺮﻛﺎري ﻛﺎﻣﻮرن ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﻣﺎن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﺳﻨﮅ ۾ آﻳﺎ .ﺳﻨﺪن اﺻﻞ وﻃﻦ ﻃﺒﻠﺴﻲ )ﺟﺎرﺟﻴﺎ( ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﮔﺬرﻳﻞ دور ۾ روس ) (USSRﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ وارا ﭘﺎڻ ۾ ﮀﻬﻪ ﭜﺎﺋﺮ ﻫﺌﺎ .ﮐﻴﻦ ﭜﻴﮡ ﻓﻘﻂ ﻫﻜﮍي ﺷﺮﻓﻨﺴﺎ ﻫﺌﻲ .ﻫﻲ ﻣﺤﺘﺮﻣﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ادﻳﺐ ۽ ﺷﺎﻋﺮ دوﺳﺖ ﻧﺼﻴﺮ ﻣﺮزا ۽ ﻣﭥﻲ ذﻛﺮ ﻛﻴﻞ ﺛﺮﻳﺎ ﻋﺎﺑﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ ڏاڏي ﭤﺌﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺮزا ﻧﺎﺻﺮ ﻋﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ اوﻻد آﻫﻦ .ﻣﺮزا ﻧﺎﺻﺮ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ڌي ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺼﻴﺮ ﻣﺮزا ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﺳﻮ ﺳﻦ ﻣﺮزا ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ وﻓﺎت ﻛﺮي وﺋﻲ ،ﺳﻨﮅﺟﻲ وڏي ﺷﺎﻋﺮه ﭤﻲ ﮔﺬري آﻫﻲ ۽ ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻳﺎد ﭤﻮ اﭼﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﻌﺮن ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ ﭘﮡ ﮀﭙﺠﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ.
ﭨﻨﮉي ﭠﻮڙﻫﻲ ﺟﻲ ﻣﺮزاﺋﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻫﻦ ﻓﻴﻤﻠﻲ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺮزاﺋﻦ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﺑﻪ ﻫﻼﻳﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﭨﻦ ﭴﮣﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻤﺎم وﻳﺠﻬﻮ ﺗﻌﻠﻖ رﻫﻴﻮ ۽ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻣﻮن ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﺳﮑﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ .ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺮزا اﻗﺒﺎل ﺳﺎن ﺳﺎﮘﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ۽ ﺳﺎﮘﻴﻦ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ رﻫﮡ ﻛﺮي ﺳﭡﻮ ﺗﺠﺮﺑﻮ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻴﻮ .ﻫﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻬﮍا اﺧﻼق ۾ ﺳﭡﺎ ﻫﺌﺎ اﻫﮍا ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ۾ اﻟﺒﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺳﻨﻲ ﻣﺮزا ﭘﻜﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻫﻮ .ﻣﺮﺣﻮم ﻫﺮ وﻗﺖ ﺷﺮاب ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻫﻮﺷﻦ ۾ رﻫﻨﺪو ﻫﻮ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺳﻨﻲ ﻣﺮزا ،ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ۽ وڏي ﭘﭧ ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﺑﺌﺮﻳﺴﭩﺮ ﻧﺎدر ﺑﻴﮓ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰ زال ﻣﺴﺰ ﮔﺮﻳﺲ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺳﻨﻲ ﻣﺮزا ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﺷﻴﺮﻳﻦ ﺑﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻲ ﺳﭡﻲ ﻟﻴﮑﻜﺎ ﭤﻲ ﮔﺬري آﻫﻲ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ ﺳﺐ ﻣﺌﺮﻳﻦ ﭼﻮڪ وٽ رﻫﻨﺪي ﻫﺌﻲ .ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺎﻫﺮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ اﻧﻴﺘﺎ ﻏﻼم ﻋﻠﻲ ﻫﻦ ﻣﺴﺰ ﺷﻴﺮﻳﻦ ﺟﻲ ڌي آﻫﻲ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺳﻨﻲ ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺮزا ﺿﺎﻣﻦ ﺑﻴﮓ آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﺟﻬﺎزران ﻛﻤﭙﻨﻲ PNSCﺟﻮ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻣﺮزا اﻗﺒﺎل ﺑﻴﮓ ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ
ﺟﻲ ﭔﻲ ﭘﭧ ﻣﻴﺠﺮ ﻣﺮزا اﺧﺘﺮ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ﭘﭧ آﻫﻲ .ﮔﺬرﻳﻞ وﻳﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻮ دﺑﺌﻲ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﺮزا ﻣﻘﺒﻮل ﺑﻴﮓ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻣﺮزا ﻓﻴﻤﻠﻲ ۾ ﺳﭛ ۾ ﺳﻬﮣﻮ آﻫﻲ ،ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﭜﺎ ﻣﺮزا ﻋﻠﻲ ﻗﻠﻲ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ۽ ﻣﺮزا اﻣﺪاد ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﮔﻬﮣﻮ وﻗﺖ ﺟﻬﺎز ﻧﻪ ﻫﻼﺋﻴﻦ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭔﮅو اﭤﻢ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ رﻫﻲ ﺑﺰﻧﺲ ﻛﺮي ﭤﻮ .ﭨﻨﮉي ﭠﻮڙﻫﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺮزاﺋﻦ ﺟﻮ ﺷﻴﻌﺎ ﻓﺮﻗﻲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ، )ﺳﻮا ﻣﺮزا اﻓﻀﻞ ﺑﻴﮓ ۽ ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭜﺎ ﺟﻲ( ۽ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺳﺎن ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﺗﻤﺪن ﺳﺎن ﻣﻴﺮن واﻧﮕﺮ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ.
ﺳﻨﮅ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ اﻫﮍﻳﻮن ﻓﻴﻤﻠﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن ﺟﻦ وٽ اڄ ﺑﻪ ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻧﭥﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺿﺮور وﭸﻲ ﭤﻲ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﻨﮅي ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ادﻳﺐ ۽ ﺷﺎﻋﺮ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺟﺎ ادﺑﻲ ۽ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ .اﻳﺮان وﭸﮡ ﮐﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻔﺘﺎ اڳ اﺳﻼم آﺑﺎد ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ وارن ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ واري ڊﻧﺮ ﺗﻲ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻫﺎ ﻛﻤﺸﻨﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﻴﺮ ﺳﺎن ﻣﻼﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ وٽ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ آﻓﻴﺲ ۾ ﻣﻠﮡ وﻗﺖ ﮐﻴﺲ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ اڙدو ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ڏﻧﺎ ﺗﻪ ﻣﻮٽ ۾ ﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ اﻧﮕﺮﻳﺰي ،اڙدو ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﺘﺎب ڏﻧﺎ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۾ ﻫﻚ اﻫﮍو ﺑﻪ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺧﺎﻧﺪان ﺗﻲ ﻫﻮ .ﻋﻨﻮان ﻫﺌﺲ: ”ﮔﻨﺠﻴﻨﻪ ﺧﻄﻲ وﻫﻨﺮي ﭨﺎﻟﭙﺮان“
ﻫﻲ ﻛﺘﺎب ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﺗﻌﺎون ﺳﺎن دﻛﺘﻮر ﻗﺎﺳﻢ ﺻﺎﻓﻲ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ،
اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ دور ﮔﻬﭩﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ اڙدو ﻋﺎم ﭤﻴﻨﺪي وﭸﻲ -وﻳﻨﺪي ﻛﻴﺘﺮن ﺳﻨﮅي ﮔﻬﺮن ۾ ﺑﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ اڙدو ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ۽ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﮔﻬﺮن ۾ ﭘﻮڙﻫﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ان ۾ ﺷﻌﺮ و ﺷﺎﻋﺮي ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺟﻲ ڏﻫﻲ ۾ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻧﻮر اﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﭨﻨﮉو ﻗﻴﺼﺮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﺻﺎﺣﺐ ﺣﺎﺟﻲ ﺷﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﻨﺪو رﻫﻨﺪو ﻫﻮ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﭜﺎﮢﻴﺠﻮ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ اﺣﻤﺪ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ ﺣﺎﺟﻲ ﺷﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﮐﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﮑﻲ .ﺣﺎﺟﻲ ﺷﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ادﻳﺐ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﭘﮡ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪن ﺗﺨﻠﺺ ﻫﻮ ”ﺷﺎﺋﻖ“ .ﺳﻨﺪن ﻫﻚ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ﻓﺘﺢ ﻧﺎﻣﻪ ﻋﻈﻴﻢ اﻟﺪﻳﻦ ﭠﭩﻮي ﺳﻨﮅي ادﺑﻲ ﺑﻮرڊ اڄ ﮐﺎن ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﮀﭙﺮاﻳﻮ .ﺳﻨﺪن ﺷﺎﻋﺮي ﭔﮅڻ ﻻ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻗﻮﻧﺼﻞ ﺟﻨﺮل ۽ ﭔﻴﻮن اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻮن ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻫﻠﻲ ﻣﻠﻲ ﭨﻨﮉوﻗﻴﺼﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .اﻧﻬﻦ ۾ ﻳﺎد اﭤﻢ ﺗﻪ ﻗﺎﺿﻲ ﻓﺘﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻗﺎﺿﻲ ﻓﺘﺢ رﺳﻮل ﭘﮡ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ .ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﻲ ﭘﭧ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ ﻋﺮﺑﻲ ﺟﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻫﺌﺎ .ﻫﻮ ﭘﻴﺮ ﺟﻬﻨﮉي ﺷﺮﻳﻒ واري ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﭘﮍﻫﻴﺎ ۽ ﭘﻮ اﺗﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻛﻢ ﻛﻴﺎﺋﻮن ،اﺗﻲ ﺋﻲ ﻗﺎﺿﻲ ﻓﺘﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﻼﻗﺎت ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻋﺒﻴﺪا� ﺳﻨﮅي ﺳﺎن ﭤﻲ ﻫﺌﻲ. ﻫﺘﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻻ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻋﺒﻴﺪا :ﺳﻨﮅي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب ۾ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭼﺌﻦ وڏن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﻛﺌﻲ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻗﺎﺿﻲ ﻓﺘﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﻫﻚ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﭜﻴﺮي ﭨﻨﮉو ﻗﻴﺼﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ وﻳﺲ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻗﺎﺿﻲ ﻓﺘﺢ رﺳﻮل ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏاڏي ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﺘﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﻫﻮ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻢ ﻋﻤﺮ ﻫﻮ ،اﻫﻮ ﺑﻪ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﺳﻨﺪس ﻫﻚ ﭘﭧ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻋﺜﻤﺎن ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺟﻴﻜﻮ آرﻣﻲ ۾ ڊاﻛﭩﺮ آﻫﻲ، ان ﺟﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ﻧﻮر اﺣﻤﺪ ﺟﻲ ﭜﺎﺋﭩﻲ ۽ ﻧﻮاز ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺟﻲ ڌي ڊاﻛﭩﺮ ﺷﻬﻨﺎز ﺳﺎن ﺷﺎدي ﭤﻲ آﻫﻲ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻋﺜﻤﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ ﭜﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮار آﻫﻲ ۽ ﻫﻚ ﭜﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ۾ ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﭨﻬﻲ ﺟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ ﺑﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﭘﮍﻫﮡ ﻣﺠﺒﻮري ﺑﻪ آﻫﻲ .ﻧﻪ ﺗﻪ اڄ ﮐﺎن اڌ ﺻﺪي اڳ وڏن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﺎن ﻫﺌﻲ .ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ اﺣﻤﺪ ﭨﺎﻟﭙﺮ وٽ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﻧﻮر اﺣﻤﺪ ﻧﻈﺎﻣﺎﮢﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ وﻳﻮ ﻫﺌﺲ ،ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫﻚ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﺷﻌﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﺎن ﺳﻨﮅي ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ .ان ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ اﺣﻤﺪ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﭘﺎڻ ﻛﻴﻮ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺟﻮ ﻛﻴﻞ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ۽ اﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﻮر اﺣﻤﺪ ۽ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ :ﭼﻴﻮ ”ﺳﻨﮅ
ﺟﻴﻜﻮ
ﺳﻨﺌﻴﻦ
ﮐﮣﻲ
وڻ
ﮐﻠﻮ
ڏﻧﮕﺎ
ﺗﻨﻬﻦ
ﻣﺎﮢﻬﻮ
ﮐﻲ
ﻣﻨﺠﻬﺲ ﻛﻦ
ﺧﺎم
ﺳﻼم
ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ۾ ﻧﻄﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ۾ ﺋﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﭘﺬﻳﺮ آﻫﻦ .دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﺋﻴﻦ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ .ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ۾ ﺳﻨﮅي رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﮀﺎ اﺋﻴﻦ ﻋﺮب ﻋﻮرﺗﻮن ﺳﺎﮢﻦ ﺷﺎدي ﻛﻨﺪﻳﻮن؟ اﻫﮍي ﻃﺮح ﮀﺎ ﻋﺮب ﺑﺰﻧﺲ ﻣﻴﻦ اﺋﻴﻦ اﭼﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ رﻫﻨﺪا ۽ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﺳﮝﺎﺑﻨﺪي ﻛﻨﺪا ،ﺟﻴﺌﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻦ ﭤﺎ؟ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ اﻳﺮان ۾ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن رﻫﻴﻞ آﻫﻦ ،ﻛﻴﺘﺮن ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺋﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .اﻫﮍن ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﺷﺮوع وارن ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻣﻮﻟﻮي ﻣﺠﺎﻫﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻻﺷﺎري ﻣﻠﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ درس ﺧﺎرج ﭘﮍﻫﻲ ﭘﻴﻮ. اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻲ ﻧﻨﮃي ﻟﻴﻮل ﺟﻮ ﻛﻮرس آﻫﻲ .ﻣﺠﺘﻬﺪ ﭤﻴﮡ Highest Achievementﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ٰ ﭘﺮﻫﻴﺰﮔﺎري ﺟﻲ ﺑﻠﻨﺪي ڏي ﺑﻪ ڌﻳﺎن ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻣﻴﺮ ﻣﻨﺼﻮر ﭨﺎﻟﭙﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ،ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮواري اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻮ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻮ ،ﺟﺘﻲ درﺟﻪ اول ۽ درﺟﻪ ﺳﻮم رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻮ ﺑﺎغ ﻧﺎدر ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس اﻳﺮاﻧﻲ زال آرﭨﺴﭧ ﭘﮡ آﻫﻲ ۽ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ آرٽ ﺟﻮ وڏو ﻗﺪر آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﻣﻴﺮ ارﺷﺎد ﭨﺎﻟﭙﺮ ﭘﮡ رﻫﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﭘﮡ ﻫﺘﺎن اﻳﺮان ﻣﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ آﻫﻲ.
ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﺤﺮاب ﭘﻮر )ﺿﻠﻌﻲ ﻧﻮﺷﻬﺮي ﻓﻴﺮوز( ﺟﻮ ﻫﻚ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﻴﺮ ﻧﻴﺎز ﺣﺴﻴﻦ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﻣﻠﻴﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﭴﺎڻ آﻫﻲ ﻫﻮ ﻣﺸﻬﺪ ،ﻗﻢ ۽ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻋﻼوه اﺻﻔﻬﺎن ،ﺷﻴﺮاز ،۽ ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري وارا اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﮔﻬﻤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ وڏا ﮔﻬﺮن ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﺳﻨﺪن اﻳﺮان ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺳﭹﺎﮢﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ وٽ ﻫﻮ اﻳﻨﺪا وﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﺳﻨﺪن ﭘﻲ ﻣﻴﺮ ﻏﻼم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﺳﻮٽ ﻣﻴﺮ ﻛﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ڊاﻛﭩﺮ ﻣﻴﺮ ﻧﻴﺎز ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﭨﻲ ﭜﺎﺋﺮ ﺑﻪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎﻓﺘﻪ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻣﻴﺮ ﻟﻌﻞ ﺣﺴﻴﻦ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺎن ﺳﻮل اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ B.Eﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ ﻟﻨﮉن ﻣﺎن Environmental Science۾ M.Eﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪن ﭔﻴﻮ ﭜﺎ ﻣﻴﺮ ﻓﻴﺾ ﺣﺴﻴﻦ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﻣﺤﺮاﺑﭙﻮر ۾ ﻧﻴﺸﻨﻞ ﺑﺌﻨﻚ ﺟﻮ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ آﻫﻲ ،۽ ﻧﻨﮃو ﻣﻴﺮ اﻣﺪاد ﭨﺎﻟﭙﺮ M.Comﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.
ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ رﮘﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﭥﺎ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ .اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ اڙدو ۽ ﺳﻨﮅي ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﺑﻠﻮﭼﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ وارا ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ آﻫﻦ .ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﭘﻨﺠﺎب ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﺳﭛ ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۽ ﭜﺮوارن ﺻﻮﺑﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋِﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻠﻮﭼﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻟﮑﮡ ﻻ رﺳﻢ اﻟﺨﻂ ﻓﺎرﺳﻲ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﺎ ﺳﮏ ﮔﺮﻣﮑﻲ ۾ ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ﻟﮑﻦ ﭤﺎ.
ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ ﻣﻴﺮ اﻋﺠﺎز ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ ﻫﺮ ﺳﺎل ﻓﻴﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان اﭼﮡ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ،ﺗﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺧﺎدم رﺿﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻴﺦ ﻓﻴﻤﻠﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ وٽ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻮن ﭨﺂﻟﭙﺮ ﻓﻴﻤﻠﻴﻮن ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻲ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن .اﻫﻲ ﺳﻨﮅي ﺻﺎف ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ وڏو آﻏﺎ ﻣﺤﺴﻦ ﺧﺎدم رﺿﺎ ﭼﺎر ﭘﻨﺞ ﺳﺎل اڳ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﮕﻠﻮ ’ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻲ‘ واري ﭘﺎﺳﻲ آﻫﻲ ،ﻣﻴﺮ اﻋﺠﺎز ﻫﻚ ﭔﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻻ ﭔﮅاﻳﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﮅي ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻮ ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻋﻠﻲ اﻛﺒﺮ ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﭘﮡ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻣﺴﺎﻓﺮﺧﺎﻧﻮ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻮ.
اﺳﺎن واري ﻣﻴﺮ اﻋﺠﺎز ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺳﻬﺮاﺑﺎﮢﻲ ﻣﻴﺮن ﺳﺎن آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﺻﺎﺣﺒﺰاده ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ڏﻧﻲ ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺧﻴﺮﭘﻮر رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮﺻﺪر ﺑﻪ رﻫﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﻣﻴﺮ اﻋﺠﺎز ﺟﻮ ڏاڏو ﻣﺮﺣﻮم ﺻﺎﺣﺒﺰاده ﻣﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺮاد ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﻫﺰﻫﺎﺋﻴﻨﺲ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻧﻮاز ﺧﺎن ﻧﺎز ﺟﻮ ﺳﺌﻮٽ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﮘﺎﺋﮣﻲ ﺳﺎن ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﺗﻲ KTNوارن ﺑﺎﻟﻲ ڊراﻣﻮ ﭠﺎﻫﻴﻮ .ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ اﻳﺮان ﺳﺎن ﻟﮗ ﻻﮘﺎﭘﻦ ﺟﻮ ﺗﻔﺼﻴﻞ اﻳﻨﺪڙ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ .ﻣﻴﺮ اﻋﺠﺎز ﺟﻮ ﻫﻚ ﭜﺎ ﻣﻴﺮ ﻏﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺧﺎن MPAﺑﻪ رﻫﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﭘﺎڻ ۾ ﭼﺎر ﭜﺎﺋﺮ آﻫﻦ .ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ آﻫﻦ ،ﻣﻴﺮ ﻣﺮاد ﺧﺎن ۽ ﻣﻴﺮ ﻏﻼم ٰ ﺧﺎن .ﻣﻴﺮ اﻋﺠﺎز ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺟﻮ ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۹۵۳ع آﻫﻲ. ﻣﺤﺮاﺑﭙﻮر ﺟﻲ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﻴﺮ ﻧﻴﺎز ﭨﺎﻟﭙﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ڏاڍي دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﮅاﺋﻲ.
”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﭨﻨﮉو ﻣﻴﺮ ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ وﻳﺎ آﻫﻴﻮ ؟“ ﻫﻦ ﭘﮁﻴﻮ.
”ﻧﻪ“ ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.
”اﻫﻮ ﻟﻄﻴﻒ آﺑﺎد ﻧﻤﺒﺮ ۴ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن آﻫﻲ .اﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﻴﺮن ﺟﺎ ﮔﻬﺮ ۽ ﻣﺤﻞ ڏﺳﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭧ )ﺑﻨﺎوت ۽ ﻧﻤﻮﻧﻮ( ﺑﻠﻜﻞ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ۽ ﻣﺤﻼﺗﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻨﺪو ﺟﻠﻨﺪو ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪو، ﺟﻴﻜﻲ ﺻﻔﻮي دور ﺟﻮن آﻫﻦ ،ﺑﻠﻜﻞ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻋﻠﻲ ﻛﺎﭘﻮ ﻣﺤﻞ ﺟﻬﮍو“
ڊاﻛﭩﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﭨﻨﮉي ﻣﻴﺮ ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ ۾ اﻫﻲ ﮔﻬﺮ ،ﺣﻴﺪرآﺑﺎد وارن ﻣﻴﺮن ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻬﺪاداﮢﻲ ﻣﻴﺮن ﺟﺎ آﻫﻦ” .ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻣﻴﺮ ﺣﻴﺪر ﻋﻠﻲ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺳﺌﻲ ﮔﺌﺲ ۾ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ آﻫﻲ“ ڊاﻛﭩﺮ ﻧﻴﺎز ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﮔﻬﺮن ﺟﻲ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭧ ﺟﻲ ﺳﭵﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﭔﮅاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪو“ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮي ۽ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮي ۾ اﻫﻮ ڏﺳﻲ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺑﻪ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎ آﻫﻦ .ﻣﭥﻴﻦ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮﻳﻦ ۾ ۽ ﻛﻴﺘﺮن اﻳﺮاﻧﻲ ﮔﻬﺮن ۾ ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻫﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺘﺎب ڏﭠﻢ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻮٽ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻴﺎن ،ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ:
•
ﺗﻜﻤﻼ ﻣﻘﺎﻻت ﺷﻌﺮا ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻴﺮ ﺣﺴﺎم اﻟﺪﻳﻦ راﺷﺪي ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ.
•
ﺗﺤﻔﺘﻪ اﻟﻜﺮام – ﻣﻴﺮ ﺷﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻗﺎﻧﻬﻲ
•
ﺑﻴﮕﺎﻻر ﻧﺎﻣﻪ -ادراﻛﻲ ﺑﻴﮕﻼر )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﺼﺤﻴﺢ ڊاﻛﭩﺮ ﻧﺒﻲ ﺑﺨﺶ ﺑﻠﻮچ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ(.
•
ﺗﺎرﻳﺦ ﺗﺎزه ﻧﻮاﺋﻲ ﻣﺎرڪ -ﻣﻨﺸﻲ ﻋﻄﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﻜﺎرﭘﻮري
•
ﻟﺐ ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﻨﮅ -ﺧﺎﻧﺒﻬﺎدر ﺧﺪا داد
•
ﺗﺎرﻳﺦ ﻣﻌﺼﻮﻣﻲ – ﻣﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻌﺼﻮم ﺑﮑﺮي ،وﻏﻴﺮه
اﻧﻬﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ ﻛﺘﺎب رﺑﺎﻋﻴﻮن ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮن ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﭥﻦ ۾ آﻫﻲ ،ان ﺑﺎﺑﺖ ﭔﻪ اﮐﺮ ﻧﻪ ﻟﮑﮡ ﻧﺎاﻧﺼﺎﻓﻲ ﭤﻴﻨﺪي .دادو ﺟﻲ ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ۾ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮن اورﻳﺠﻨﻞ ﻓﺎرﺳﻲ رﺑﺎﻋﻴﻮن ڏﻳﮡ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﭜﮍ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﮐﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻧﻤﺒﺮ ۰۳۰۰-۳۲۵۰۶۰۰ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻬﮍي ﺳﭡﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻛﺌﻲ ﺳﮑﻴﺎﺋﻮ. ”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻪ ﻣﺪرﺳﺎ آﻫﻦ ،اﻧﻬﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﻻزﻣﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺑﻪ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي اﺳﺘﺎدن ﺟﻮن ﻣﺎرون ﮐﺎﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﮑﻴﺎﺳﻴﻦ“
ﻣﻮﺳﻲ ﭜﭩﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن ﺳﻴﺘﺎﮘﻮٺ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺪرﺳﻮ ﻫﻮ اﻫﻮ ﺳﻨﺪن ﻧﺎﻧﻮ ۽ واﻟﺪ ﺻﺎﺣﺐ آﺧﻮﻧﺪ ﻣﺤﻤﺪ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ۾ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﺑﻨﺎﺋﮡ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻬﺮي آﺧﻮﻧﺪ ﻣﺤﻤﺪ داﺋﻮد ﭜﭩﻲ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ” .ﭘﺮ ﺻﺤﻴﺢ ٰ ﻫﭣ آﻫﻲ “.۽ ﻫﻲ ﻛﺘﺎب رﺑﺎﻋﻴﻮن ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮن ﺟﻴﻜﻮ دادو ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻪ آﺑﺎد ﻣﺤﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﺮﺟﮣﻬﺎر ﭘﺒﻠﻴﻜﻴﺸﻦ ﮀﭙﺮاﻳﻮ آﻫﻲ، ﻟﻴﮑﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻬﺮي ﮐﻲ ﻣﻨﺴﻮب ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﻣﺮﺣﻮم ۱۹۷۳ع ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﭘﺎڻ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﺎﻋﺮ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﭼﺎر ﺷﺎﻋﺮي ﺟﺎ ﻣﺠﻤﻮﻋﺎ ﮀﭙﺠﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ. •
ﺳﺞ ﺳﺮﻳﺨﻮ ﺳﭻ
•
ﺟﻬﺮﮢﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻲ۲۰۰۰
•
اداس ﻣﻦ ﺟﻲ اداس ﻣﻮﺳﻢ ۲۰۰۸
•
ڏات ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪي ﻣﺎت ۱۹۹۳
•
اﮐﺮ اﮐﺮ ۾ اﭤﺎه اﻟﻔﺖ ،۽
۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻮﻟﻲ ۾ ﻫﻚ ﻫﻮ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي .ﻫﻲ دراﺻﻞ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎن اﻳﺮان ۾ رﻫﻴﻮ ۽ ﻫﻴﻨﺌﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ اﭤﺲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭩﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﻣﺴﺘﺎن ﻋﻠﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ڏاڍي ﻣﺪد ۽ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ .ﮐﻴﻦ ﺗﻤﺎم ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اڙدو آﺋﻲ ﭤﻲ .ﻣﻮن اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻋﺎﺑﺪ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻮ.
”ﺧﺒﺮ اﭤﺎﻧﻮ ﻋﺎﺑﺪ اﺻﻞ ۾ ﭘﭡﺎڻ آﻫﻲ .ﭔﻦ ﭨﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾رﻫﻴﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻛﺮي اڙدو ﺳﮑﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ“
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻮ رﻧﮓ ﮐﮣﻲ ﭘﭡﺎﮢﻦ ﺟﻬﮍو ﮔﻮرو ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﻗﺪرت ﺳﻨﺪس ﺳﺮ ۾ ﻣﭡﺎس ۽ ﺳﻮز ﭜﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﺘﺎن ﻫﺘﺎن ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ڏي ﻣﻮﭨﻨﺪا آﻫﻴﻮن ﺗﻪ ﻋﺎﺑﺪ ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﮅاﺋﮡ ﻻ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻴﻮن ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﺎﺑﺪ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﺑﺲ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﺎﻣﻮش ﭤﻲ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﻛﻴﺘﺮن ﺟﻲ اﮐﻴﻦ ۾ ﮘﻮڙﻫﺎ ﺗﺮي اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺪس ﻫﻚ ﻣﻨﻘﺒﺖ ﻫﻦ وﻗﺖ ﺑﻪ ﻳﺎد اﭤﻢ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﮐﺎن ﻣﻮﭨﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ .اﺳﻴﻦ ﻣﺸﻬﺪ ڏي اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .رات ﺟﺎ ﻧﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎ .اﮘﻴﺎن وﻳﭡﻠﻦ ﻋﺎﺑﺪ ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﮅاﺋﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ آﺧﺮي ڍڪ ﭜﺮي ﻛﻨﮅ ﻫﻴﭟ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﭡﻲ ﺳﺮ ﺳﺎن آﻻﭘﻴﻮ درﺑﺎر
ﻫﻲ
رﺿﺎ
ﻟﻲ
ﮐﺮ
رﺣﻤﺖ
ﮐﺎ
ﺟﻌﻔﺮ
ﮐﻲ
اﻣﻴﺪ
دل
ﭘﻬﻴﻼ
ﻣﺤﺘﺎج
ﺑﻬﺮ
ﺳﺎﺋﻞ
ﺧﻮش
ﻫﻲ
دي
ﺗﻤﻨﺎ
ﻓﻘﻴﺮ
ﻫﻲ
ﺗﻤﻬﺎري
ﻫﻮﮐﻲ
ﺳﺐ در
ﺧﺰاﻧﻪ
ﺟﻮ
دﻻري
ﺟﻮ
ﭘﻮري
ﻫﺎﺗﻬﻪ
در
ﺟﻮ
آﺋﻲ،
ﻫﻴﻦ
ﮐﻲ
ﮐﻲ
ﮐﺎ
آﺋﻲ
ﮐﻲ
ﺳﻲ
ﻣﺎﻧﮕﻨﺎ
ﭘﺮ
ﻣﻬﻤﺎن
دوﻧﻮن
ره
ﺟﻬﻮﻟﻲ ﻟﻮﮢﻲ
آﺋﻴﻦ
ﺟﻮ
ﻫﻲ
ﺑﻦ
ﮐﺮ
ﻣﺎﻧﮕﻨﺎ
ﻫﻲ
ﺟﺎﺋﻲ
ﺟﻮ
ﮐﻮﺋﻲ
ﻫﻲ
ﻣﺎﻧﮕﻨﺎ
ﻣﺎﻧﮕﻨﺎ
ﺟﻮ
ﻫﻴﻦ
ﻧﺎ ﻏﺮﻳﺐ
ﻣﺎﻧﮕﻨﺎ
ﻣﺎﻧﮕﻨﺎ
ﻣﺎﻧﮕﻮ
ﻫﻲ
اﻣﺎم
ﻫﻲ
ﻫﻲ
ﻣﺎﻧﮕﻮ
آﺋﻲ
ﻣﺎﻧﮕﻮ ادﻫﻮري ﻣﺎﻧﮕﻮ آﺋﻲ
ﻣﺎﻧﮕﻮ
ﻫﺸﺘﻢ ﻣﺎﻧﮕﻮ
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﺟﻲ ﺳﺮ ﺟﻲ واﮐﺎڻ ﺗﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس Messageﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻴﻌﺎ ۽ ﺳﻨﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ اﻋﺘﺮاض ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ﻗﻢ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺟﻲ” ،ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ اﻋﺘﻘﺎدن اﺳﻼم ﮐﻲ ﺑﺪﻧﺎم ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ،ﻧﻔﻌﻮ ﻧﻘﺼﺎن ﺳﭛ رب ﭘﺎڪ ﻃﺮﻓﺎن آﻫﻲ ۽ اﻫﻮﺋﻲ ﻻﻫﻲ ﭤﻮ “.ﻫﻦ ﺳﻮره اﻋﺮاف ﺟﻲ آﻳﺖ ﻧﻤﺒﺮ ۱۸۸ﺟﻮ ﺣﻮاﻟﻮ ڏﻳﻨﺪي ﭔﮅاﻳﻮ)” ،اي ﻧﺒﻲ ﺗﻮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻲ ﺑﻪ( ﭼﺌﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺎل ﺗﻪ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ﺟﻮ ﻧﻔﻌﻮ ﻧﻘﺼﺎن ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﺧﺘﻴﺎر ۾ ﻧﺎﻫﻲ .اﻫﻮﺋﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﺪا ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻏﻴﺐ ﺟﻮ ﻋﻠﻢ ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﺿﺮور اﺋﻴﻦ ﻛﻴﺎن ﻫﺎ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﻧﻔﻌﺎ ۽ ﻓﺎﺋﺪا ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎن ﻫﺎ .۽ )زﻧﺪﮔﻲ ۾( ﻛﻮﺋﻲ اﻳﺬا ﻳﺎ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﻫﺎ“.
۽ اﻫﻮﺋﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻚ ﺳﻨﻲ ﻣﻮﻟﻮي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﺿﺮورت آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﻗﺒﺮ ﮐﻲ ﭼﻤﻨﺪو ۽ دﻋﺎ ﮔﻬﺮﻧﺪو ....ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ در ﺗﺎن ﻛﻮ ﺳﻮاﻟﻲ ﻫﭥﻴﻦ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﻪ ﻣﻮﭨﻴﻮ آﻫﻲ .... .وﻏﻴﺮه ،ﭘﻨﻨﺪو ﭔﮅي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ”ﻫﺮ ﺷﻲ ڏﻳﮡ ﻳﺎ ﻻﻫﮡ وارو رب ﭘﺎڪ آﻫﻲ ۽ اﻫﺎ ﺋﻲ ﺗﻪ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻧﺒﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺻﻠﻌﻢ ،اﺻﺤﺎﺑﻲ ،اﻣﺎم ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻬﮍا دروﻳﺶ ﺻﻔﺖ اﻧﺴﺎن ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺗﻪ..... ﺗﻮن ڏﺋﻴﻦ ﺗﻮن ﻻﻫﻴﻦ ،ڏاﺗﺮ ﮐﻲ ڏﮐﻨﺪن ۽ ﻫﻨﻦ رب ﭘﺎڪ ﺟﻲ ان ﺻﻔﺖ ۾ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﺷﺎﻣﻞ ﻛﺮڻ ڏوﻫﻪ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ
ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﮐﻴﻦ ﻻ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﺟﻲ ﭔﻲ در واﺟﻬﺎﺋﻴﻦ .ﺗﻪ ﻛﮃي ﻛﺎﻧﮕﻦ ﮐﻲ ڏﻳﺎن“.
ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻗﻢ اﻳﻨﺪي اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ﺷﻬﺮ ري ) (Ray۾ ﺗﺮﺳﻲ ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﺟﺒﻞ ﺗﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﭘﮡ وﻳﺎﺳﻴﻦ .ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﺑﻪ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ رواﻳﺖ ﻣﻮﺟﺐ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﭘﺎرﺳﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻳﺰد ﺟﺮد ﺟﻲ ڌي ۽ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ زال ﻫﺌﻲ .ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ رﺿﻪ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻲ دور ۾ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻣﻜﻤﻞ ﻓﺘﺢ ﭤﻲ .ﻳﺰد ﺟﺮد ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﻮ .ﺳﻨﺪس ﭔﻪ ﻧﻴﺎﮢﻴﻮن ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ۽ ﻛﻴﻬﺎن ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن .ﻫﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﻮن ﻫﻴﻮن ۽ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺳﺎن ۽ ﻛﻴﻬﺎن ﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ اﺑﻲ ﺑﻜﺮ ﺳﺎن ﭤﻲ.
ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﺎن ﻣﻮﭨﮡ وﻗﺖ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ﭔﻦ ﻣﻴﺮاﮢﻲ ﺳﺌﻮﭨﻦ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﮅي ۾ ﻣﺮﺛﻴﻮ ﭘﮍﻫﻴﻮ اﻫﻮ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ۽ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي اﺳﺎن ﺑﻪ ﮘﻮٺ ﺟﻲ اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻦ ۽ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻣﺠﻠﺲ ۾ ﭔﮅو ﻫﻮ. ﻫﺌﻪ
ﺷﺎﻫﻪ
آﻫﻮن زﻫﺮا
ﻛﺎﭤﻲ ﻛﮍم
ﻫﺌﻪ
ﻫﺌﻲ
ﻫﺌﻪ
ﺣﺴﻴﻦ
رڻ
داﻧﻬﻮن
ﺑﻲ
ﻫﺌﻪ
ﺳﺲ
ﺟﻲ
ﺑﻲ
آﻫﻴﻦ
۾،
ﻋﺮش ﺟﻲ
ﺳﭝﺌﻲ
آﺋﻮن
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ
ﺑﻴﺒﻲ
ﻻش
ﺗﻲ
رﺳﺎﮢﻴﻮ
ﻧﻬﻦ ﻗﺘﻼم
ﻣﺮﺗﻀﻲ ٰ
ﺷﻬﺰادي
ﻓﺎﻃﻤﻪ
ﺑﺎﻧﻮ
ﺗﻲ
ﺳﺮ
وﻳﭡﻲ
ﭘﻴﺎري
ﻫﻦ
ﭤﻴﻮ
ﺑﻴﺒﻲ
زﻫﺮا
ﻧﻴﮣﻮن ﺳﺎﺋﻴﻦ
ري
ﭘﺮ ﻋﻠﻲ ﻧﻬﻦ
ﺧﺎڪ ﻧﻴﺮ
رڻ
ﺳﻬﺮم
وﺳﺎﺋﻲ وﻫﺎﺋﻲ
ﺳﮣﺎﺋﻲ
ﺣﺎل
ﺷﻴﺮ
آﻫﻴﺎن
ﺻﻔﺪر
ﺳﻴﻼﺋﻲ
ﻣﺎرﻳﻮ
ﭘﻴﻐﻤﺒﺮ ﺷﻴﺮ
ﭤﻲ ﭤﻲ
ﭤﻲ ﭤﻲ
اﻣﻴﺮ
ﺷﺒﻴﺮ ﺟﻲ
ﻋﻠﻲ
ان وﻗﺖ اﺳﺎن ﺳﺎن ان ﺑﺲ ۾ ﺳﻮار ﺳﮑﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ راﭴﭙﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻣﺮﺛﻴﻮ ﺳﻴﺪ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ آﻫﻲ .ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﻣﺮزا ﻧﺼﻴﺮ ﺟﻮ ﺳﻤﺎﻫﻲ ﻣﻬﺮاڻ رﺳﺎﻟﻲ ۾ ﻣﻀﻤﻮن ﭘﮍﻫﻴﻮ ﻫﻮم ﺗﻪ ﺳﻨﮅي ۾ ﻣﺮﺛﺌﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ وڌو .ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺗﻲ اڙدو ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﻣﻴﺮ اﻧﻴﺲ ۽ ﻣﺮزا دﺑﻴﺮ ﺟﻮ اﺛﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ اﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻟﮑﻨﻮ ۾ ۱۸۰۲ ڌاري ﭴﺎوا ۽ اﻧﻬﻲ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺳﺘﺮ واري ڏﻫﻲ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻮن ﭘﺮ ﺳﻴﺪ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ۱۷۴۰۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﻣﻴﺮ اﻧﻴﺲ ۽ ﻣﺮزا دﺑﻴﺮ ان وﻗﺖ ﮀﻬﻪ ﺳﺘﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﺳﻴﺪ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ۱۸۱۰۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪن اﺻﻞ ﺧﺎﻧﺪان ﻣﻠﺘﺎن ﮐﺎن ﺳﻨﮅ ۾ آﻳﻮ ،ﭘﺎڻ ﺳﻴﻮﻫﮡ ۾ ﭴﺎوا ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻮن ۽ ﺳﻨﺪن ﺗﺪﻓﻴﻦ ﺳﻴﻮﻫﮡ ﺟﻲ ﻛﺮﺑﻼ ۾ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ”ﻛﺮﺑﻼ ﺳﻴﺪ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ“ ﺳﮇ ﺟﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻣﺮﺛﻴﺎ ﻟﮑﻴﺎ اﭤﻦ.
ﺳﻨﮅ اﻳﺮان ۽ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ڊﻳﻦ ﻗﺎﺳﻢ ﭔﮕﻬﻴﻮ ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ اﻳﺮان ) ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻮ اﺛﺮ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ اڳ ﺟﻮ رﻫﻴﻮ .ﺳﻨﮅو ﻧﺪي ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻨﮅ ﭘﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ )ﭘﺮﺷﻦ( ﺟﻲ اﺛﺮ ﻛﺮي ﺳﻨﮅو ﻣﺎن ﭰﺮي ﻫﻨﺪو ﭤﻴﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻢ ﭘﻬﻠﻮي )ﻓﺎرﺳﻲ( زﺑﺎن ۾ ”س“ ﺟﻮ اﭼﺎر ﻧﺎﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ۾ ”و“ ﺟﻮ اﭼﺎر ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺳﻨﺪن اﺋﻴﺮ ﻻﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺌﺮ وﻣﺎن ﺑﺪران اﻳﺌﺮ ﺑﻤﺎن آﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ﻓﺎﺗﺢ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ زﺑﺎن ﺟﻲ اﭼﺎرن ﻣﻮﺟﺐ ”ﻫﻨﺪو“ ﮐﻲ اﻧﮉوس“ ﺳﮇڻ ﻟﮙﺎ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن اڄ ﺟﻮ ﻣﺎڊرن ﻟﻔﻆ اﻧﮉس ﺟﮍﻳﻮ.
ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ ﻟﮑﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻜﻨﺪر ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ اڳ اﻳﺮاﻧﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺌﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ دارﻳﻮس اول ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۵۲۱ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﮐﺎن ۴۸۶ﺗﺎﺋﻴﻦ ۳۵ﺳﺎل ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ،ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﻬﮡ ﺑﻌﺪ اٺ ﺳﺎل رﮐﻲ ،ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻮن ﺳﺮﺣﺪون ﺳﻨﮅ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻼﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮن .ﻫﻲ ۵۱۳B.Cﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ.
۷۱۲ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ ﻗﺎﺳﻢ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺳﻨﮅ ۾ ﻗﺪم ﭴﻤﺎﻳﻮ .اﻻدرﻳﺴﻲ ﺗﺎرﻳﺨﺪان ﻣﻮﺟﺐ ﺷﻬﺪادﭘﻮر ﮐﺎن ۶ﻣﻴﻞ ﮐﻦ ﭘﺮي ﺷﻬﺮ ﻣﻨﺼﻮرﻳﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﻨﺼﻮر ﭔﮅراﻳﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ۷۵۴ ﮐﺎن ۷۵۵ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ رﻫﻴﻮ .ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ دور ) (۷۸۶-۸۰۹۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن ﺳﺮﺣﺪون ﺳﻨﮅ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮن ۷۱۲ .۾ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ ﻗﺎﺳﻢ ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﻓﺘﺢ ﻛﻴﻮ ،ان ﺑﻌﺪ ﭘﻮرا ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﺳﻨﮅ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ اﻣﻴﻪ ۽ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻦ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﭤﻲ رﻫﻲ .اﻫﻲ ﻋﺮب ﺧﻠﻴﻔﺎ ﺋﻲ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﻣﻘﺮر ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ اﻫﮍن ۳۷ﮔﻮرﻧﺮن ﺟﻮ رﻛﺎرڊ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ .ان دوران ﻛﻴﺘﺮن ﺳﻨﮅي اﺳﻜﺎﻟﺮن ﻣﺴﻠﻢ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮري ﻣﺎﮢﻲ .اﻳﮕﺮﻳﻜﻠﭽﺮ ۽ ﻛﺎﻣﺮس ۾ ﺗﺮﻗﻲ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺛﺒﻮت ﻣﻨﺼﻮرﻳﺎ ﺟﻲ ﮐﻨﮃﻫﺮن ﻣﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﺎ .ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺑﺪران ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺷﺮوع ﭤﻲ .ﺳﻤﻦ ۽ ﺳﻮﻣﺮن ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ڊﮔﻬﻮ ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﺳﻮﻣﺮن ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺳﻨﮅي ۽ ﻋﺮﺑﻦ ﺳﺎن ﻫﻮ .ﺷﺮوع وارا ﺳﻮﻣﺮا ﺣﺎﻛﻢ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻲ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻮن وﻓﺎدارﻳﻮن ﻗﺎﻫﺮي )ﻣﺼﺮ( ﺟﻲ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺳﺎن رﻫﻴﻮن ،ﺟﻦ ڏي ﻫﻨﻦ وﻗﺖ ﺑﻮﻗﺖ ڏن )ﺗﺤﻔﺎ ۽ ﺳﻮﮐﮍﻳﻮن( ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮن ﭤﻲ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺟﻤﻌﻲ ﺟﻲ ﺧﻄﺒﻲ ۾ ورﺗﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﺳﻮﻣﺮن ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ۱۰۲۶ ﮐﺎن ۱۳۵۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﺳﻮﻣﺮن ﻣﻨﺼﻮرﻳﻪ ﮐﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﭠﺎﻫﻴﻮ .ﻣﺤﻤﻮد ﺑﻦ ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﭠﺮي )ﻣﺎﺗﻠﻲ ﮐﺎن ۸ﻣﻴﻞ ﮐﻦ ﭘﺮي( ﮐﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ ،ان ﺑﻌﺪ ۱۳۵۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ ۹۵ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﭩﻮ رﻫﻴﻮ.
ﺳﻮﻣﺮن ﮐﻲ ﺳﻤﻦ )ﻟﺲ ﭔﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﭴﺎﻣﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻋﺎﻟﻴﺎﮢﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ( ۱۳۵۱۾ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻧﻲ .ﭴﺎم ﻧﻈﺎم دﻳﻦ ﺳﻤﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﻣﻨﺪرا روﻧﺠﺎ ،ﻻﺳﻲ ،اﺑﮍا ﺳﻤﻦ ﺟﻮن ذاﺗﻴﻮن Sub-castesآﻫﻦ .ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن وارو اﮘﻮﮢﻮ وڏو وزﻳﺮ ﭴﺎم ﻳﻮﺳﻒ ﻫﻦ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﺳﺮدار آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﮅ ۾ ﭴﺎم ﺻﺎدق ﻋﻠﻲ ﻣﺮﺣﻮم ﺟﻮ ﭘﭧ ﭴﺎم ﻣﻌﺸﻮق ﻋﻠﻲ ﺳﺮدار آﻫﻲ .ﺳﻤﻦ ۱۳۵۱ﮐﺎن ۱۵۵۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅ ،ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۽ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ. ﺳﻤﻦ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ارﻏﻮن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﺳﻤﺎ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﭴﺎم ﺗﻤﺎﭼﻲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻛﻴﺘﺮا ﺳﻤﺎ ﻧﻮاب ﮔﺠﺮات ﻟﮇي وﻳﺎ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ اوﻻد اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻲ ﭤﻮ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭜﺎ وري ﺳﻨﮅ ﻣﻮﭨﻲ آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﻴﮑﺎٽ ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ .ﻫﺎﻻ ﺟﻲ اﺳﻜﻮل ۾ ﻫﻦ ﺳﻴﮑﺎٽ ﺟﺎ ﭨﻲ ﺳﻤﺎ؛ ﻋﺒﺪاﻟﻐﻔﻮر ،ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻤﺮ ۽ ﺧﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﺑﻪ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ رﻫﻴﺎ ۽ ﺳﻴﮑﺎٽ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ﺳﻤﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﺣﺎﺟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻨﺮل ﻓﺰﻳﺸﻦ آﻫﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﻮ ﭘﺒﻠﺸﺮ ﻋﻠﻲ ﻧﻮاز ﮔﻬﺎﻧﮕﻬﺮو ﺟﻲ ذات ﭘﮡ ﺳﻤﻦ ﺟﻲ Sub-castesآﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ رﺗﻮدﻳﺮو ،ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۽ ﻣﻴﻬﮍ ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ. ﺳﻨﮅ ﻫﻚ وڏي ﻋﺮﺻﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻓﺮاﺗﻔﺮي ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻲ .ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ ان ﺗﻲ دﻫﻠﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻛﺒﺮ ﻣﻐﻞ ﺟﻮ ﻛﻨﭩﺮول رﻫﻴﻮ ۽ ڏﻳﮃ ﺻﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺳﺮدار ۽ ﺣﺎﻛﻢ ﻫﻦ ﮐﻲ ڏن ڏﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﭘﻮ
ﻛﻠﻬﻮڙا ﺧﺎﻧﺪان ،ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ اوﻻد ﭤﺎ ﺳﮇراﺋﻴﻦ ۽ ﺳﻨﮅ ۾ اﭼﻲ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ﻫﺌﺎﺋﻮن اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻟﻴﮉر ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻣﻴﺎن آدم ﺷﺎﻫﻪ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻠﮙﻦ ۽ ﻣﻌﺘﻘﺪن ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد اﻳﮇو ﺗﻪ وڌي وﻳﻮ ﺟﻮ ﻣﻴﺎن ﻧﺼﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺟﻲ اﮘﻮاﮢﻲ ۾ ﻫﻨﻦ ﺳﺘﺮﻫﻦ ﺻﺪي ۾ اﺗﺮ اوﻟﻬﻪ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ ﻃﺮح ﻗﺒﻀﻮ ﻛﺮي ورﺗﻮ ۽ ﻣﻴﺎن ﻳﺎر ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ اﮘﻮاﮢﻲ ۾ ﺳﻨﮅ ﻣﻜﻤﻞ ﻃﻮر ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ اﭼﻲ وﺋﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻫﻴﭡﻴﻮن ﺣﺼﻮ ﺑﻪ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﻛﻨﭩﺮول ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭠﭩﻮ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ رﻫﻴﻮ .ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ۱۷۸۴ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﻛﻠﻬﻮڙن ۾ ﻏﻼم ﺷﺎﻫﻪ ﻛﻠﻬﻮڙو ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۱۷۷۲ع ۾ وﻓﺎت ﭤﻲ ،ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺑﻴﺤﺪ ﻧﺎﻣﻴﺎرو ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻛﻠﻬﻮڙو ﺣﺎﻛﻢ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﻧﻴﺮون ﻛﻮٽ واري ڊﭠﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻴﭧ ﺗﻲ اڄ وارو ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺷﻬﺮ ﭔﮅراﻳﻮ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﭨﻦ ﭨﻜﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺗﻲ ۱۷۶۶۾ ﭘﻜﻮ ﻗﻠﻌﻮ ﭠﻬﺮاﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﺳﺎﻧﺪه ﭔﻪ ﺳﺎل ﻫﻠﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ﻏﻼم ﺷﺎﻫﻪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﮐﻴﻮ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺣﻴﺪر ﺟﻲ ﻟﻘﺐ ﺳﺎن ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻣﻴﺮ )ﭨﺎﻟﭙﺮ( اڄ ﺟﻲ اﻳﺮان واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۽ ﺳﻴﺴﺘﺎن واري ﺻﻮﺑﻲ ﮐﺎن اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۽ ﺳﻨﮅ واري ﺻﻮﺑﻲ ۾ آﻳﺎ ،ﺟﻦ ﮐﻲ وﻗﺖ ﺟﻲ ﻛﻠﻬﻮڙا ﺣﺎﻛﻤﻦ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺑﺎﻏﻲ ﺑﻠﻮﭼﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮡ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻮج ۾ ﻛﻤﺎﻧﮉرن ۽ ﻛﻮرٽ ۾ وزﻳﺮن ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ رﮐﻴﻮ .ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ آﺧﺮي دور ۾ ﻫﻨﻦ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ وڌﻧﺪڙ ﻃﺎﻗﺖ ڏﺳﻲ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻚ ﺷﺒﻬﻲ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎد ﺗﻲ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﺧﻮﻧﺮﻳﺰي ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ۱۷۷۵ .۾ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﺮدار ﻣﻴﺮ ﺑﻬﺮام ﺧﺎن ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺗﻲ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﻗﺒﻴﻠﻦ ۾ ﺳﺨﺖ ﺑﻴﭽﻴﻨﻲ وڌي وﺋﻲ ۽ ﺳﺖ اٺ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ وﻳﮍﻫﺎﻧﺪ ﺑﻌﺪ آﺧﺮ ﻛﻠﻬﻮڙن ﮐﻲ ﻛﮃﻳﻮ ۽ ۱۷۸۳۾ اﭘﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻛﻨﭩﺮول ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺧﺎن ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮ ۽ ﺑﺮﻫﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺎدي ﻣﻘﺮر ﻛﺌﻲ ۽ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﺪﻻﺋﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮر رﮐﻴﻮ ﻳﻌﻨﻲ ﺧﻴﺮ ﺟﻲ زﻣﻴﻦ .
ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺧﺎن اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎن ﺗﮍي ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﺰﻳﺰ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ﮐﻲ اﺗﻲ ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﺑﻨﺎﻳﻮ. ﭘﺎڻ ۱۸۱۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﭨﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﻲ ان ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﭘﭩﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ اﺣﻤﺪ آﺑﺎد ﻗﻠﻌﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺑﻌﺪ ۾ ﻛﻮﭨﮇﻳﺠﻲ ﻗﻠﻌﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ،ﻧﺌﻴﻦ زال ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮي رﭨﺎﺋﺮڊ زﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬارڻ ﻟﮙﻮ .ﮐﻴﺲ ﻫﻦ زال ﻣﺎن ۱۸۱۵۾ ﻫﻦ ﻗﻠﻌﻲ ۾ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮاد ﭴﺎﺋﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪس وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ۱۸۴۲۾ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻮ واﻟﻲ ﻣﻠﻚ ﺧﺪاد داد ﭤﻴﻮ. ﮐﻴﺲ ۱۸۷۶۾ ﭘﺮﻧﺲ آف وﻳﻠﺲ ﺟﻮ ۽ ۱۸۷۷۾ ﻗﻴﺼﺮ ﻫﻨﺪ ﺟﻮ ﻣﻴﮉل ﻣﻠﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ زاﻟﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﮐﻴﺲ ﮀﻬﻪ ﭘﭧ ﭤﻴﺎ ۱۸۹۴ .۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺑﺎﮢﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﺷﺎﻫﺪاداﮢﻲ ﻣﻴﺮن ﺟﻮ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ آﻫﻲ ،۽ ”ﻣﻴﺮن ﺟﺎ ﻗﺒﺎ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ،ﺗﻴﺌﻦ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ ﺳﻬﺮاﺑﺎﮢﻲ ﻣﻴﺮن ﺟﻮ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﻗﺎدر ﺑﺨﺶ ﺟﺎ ﻗﺒﺎ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮاد ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ) (۱۸۴۲-۱۸۹۴ﺑﻌﺪ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺗﻲ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ:
•
ﻣﻴﺮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ۱۸۹۴ I -ﮐﺎن ۱۹۰۹ﺗﺎﺋﻴﻦ
•
ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻧﻮاز ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ۱۹۲۱ -ﮐﺎن ۱۹۳۶ﺗﺎﺋﻴﻦ
•
ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮاد ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ) - IIﺟﺎرج( ۱۹۵۱ﮐﺎن ۱۹۵۴ﺗﺎﺋﻴﻦ
•
ﻣﻴﺮ اﻣﺎم ﺑﺨﺶ ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ۱۹۰۹ -ﮐﺎن ۱۹۲۱ﺗﺎﺋﻴﻦ
•
ﻣﻴﺮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ۱۹۳۶ - IIﮐﺎن ۱۹۴۷ﺗﺎﺋﻴﻦ
)ﺧﻴﺮﭘﻮر رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ آﺧﺮي واﻟﻲ(
۱۸۳۸ع ۾ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻲ اﭼﮡ ﺑﻌﺪ ﭨﺎﻟﭙﺮن ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ رٽ ) (Writﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﻛﻤﺰور ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻲ ،ﭘﺮ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﺎ ﻣﻴﺮ اﺟﺎﻳﻮ ﻣﻬﺎڏو ) (Confrontationﻛﺮڻ ﺑﺪران ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن واﮘﻮن ﻫﻚ ﮐﺎن ﭔﻲ ﻣﻴﺮ وارث ڏي ﭨﺮاﻧﺴﻔﺮ ﭤﻴﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن .ﻣﻴﺮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﭨﺎﻟﭙﺮ دوم) (۱۹۳۶-۱۹۴۷واﺣﺪ ﺣﺎﻛﻢ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﻻﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﺻﻐﻴﺮ ۽ اﻛﻴﻠﻲ ﭘﭧ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮاد ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ دوم )ﺟﺎرج( ﺟﻲ ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﮐﻴﺲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ
اﺳﻜﻮﻟﻦ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻳﺎري .ﺗﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺧﻴﺮﭘﻮر رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ .ﭘﺎڻ ﻣﻴﺮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ ﭔﻲ زال دﻟﻬﻦ ﭘﺎﺷﺎ ﺑﻴﮕﻢ ﻣﺎن ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﺎ ﺧﺎﺗﻮن ﻛﺌﻤﺒﺮج ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ ﻫﺌﻲ.
ﺧﻴﺮﭘﻮر رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﻫﻲ آﺧﺮي واﻟﻲ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮاد ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ IIاﻧﮕﺮﻳﺰي ﻧﺎﻟﻲ ﺟﺎرج ﺳﺎن ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ۽ آرﻣﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﻔﭩﻴﻨﻨﭧ ﻛﺮﻧﻞ ﺟﻮ ﻋﻬﺪو ﭘﮡ ﺣﺎﺻﻞ ﻫﻮس ،ﭘﺎڻ ﻧﻮن ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﭘﻲ ﻣﻴﺮ ﻓﻴﺾ ﻣﺤﻤﺪ ﭨﺎﻟﭙﺮ )دوم( ﮐﺎن ﺣﺎدﺛﺎﺗﻲ ﻃﻮر ﺑﻨﺪوق ﮀﭩﻲ وﺋﻲ ۽ ﮔﻮﻟﻲ ﻫﻦ ﻧﻮن ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺟﻲ ﭔﺎر ﺟﻲ ﭘﻴﭧ ۽ ﺳﺎﭴﻲ ﭰﭱﮍ ﻣﺎن ﭤﻴﻨﺪي ﭘﭟ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮي وﺋﻲ .ﺣﻴﺎﺗﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﺑﭽﻲ وﻳﻮ .ﭘﺎڻ )ﻋﻠﻲ ﻣﺮاد ﭨﺎﻟﭙﺮ( ﭔﻪ ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﺑﻬﺎوﻟﭙﻮر ﺟﻲ اﻣﻴﺮ ﻧﻮاب ﺳﺮ ﺻﺎدق ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺟﻲ ڌي ﺳﺎن ۽ ﭔﻲ ﻋﻼﻣﻪ رﺷﻴﺪ ﺗﺮاﺑﻲ ﺟﻲ ڌي ﺳﺎن .ﮐﻴﺲ ﭨﻲ ﭔﺎر ﭤﻴﺎ: ﻣﻴﺮ ﻋﺒﺎس ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل (۱۹۶۵اﻧﮕﻠﻨﮉ ﻣﺎن ﭘﮍﻫﻴﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭔﻴﻮ ﭘﭧ ﻣﻴﺮ ﻣﻬﺪي رﺿﺎ ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ )وﻻدت (۱۹۶۷آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﺧﻴﺮﭘﻮر ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﻣﻴﺮس ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﻛﻠﭽﺮل ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﺟﻮ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ۽ ﻣﻬﺮاﮢﻮ ﺟﻨﮕﻠﻲ ﺟﻴﻮت ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎرڪ ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺧﺎن ۱۷۹۰ع ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻮ ،ﺟﻮ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﭘﮡ آﻫﻲ ۽ ﭨﻴﻮن ڌي ﭔﺎر ﺻﺎﺣﺒﺰادي زﻫﺮا آﻫﻲ.
اڄ ﺟﻮ ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ﻧﻮﺟﻮان ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺳﻬﺮاﺑﺎﮢﻲ ﻣﻴﺮ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﻣﺎن ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻧﻮاز ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ،۱۸۸۴وﻓﺎت ۱۹۳۷۽ ﮔﺎدي ﺗﻲ وﻳﻬﮡ ﺟﻮ ﺳﺎل (۱۹۲۱ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻲ ،ﺟﻮ ﺳﻨﺪس ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﺎﺋﮣﻲ ﺑﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻋﺸﻖ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر داﺳﺘﺎن وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ KTNﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻞ ﺗﺎن ڊراﻣﻲ ﺟﻲ اﻧﺪاز ۾ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﻐﻞ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻬﺮي ﺗﻲ دﺷﻤﻨﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﺗﻴﺰاب ﻫﺎرﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻧﻮاز ﺟﻮ ﭘﺎرٽ ادا ﻛﻴﻮ ۽ ﺑﺎﻟﻲ ﺟﻮ ﭘﺎرٽ ﺳﺒﺮﻳﻦ ﻫﻴﺴﺒﺎﮢﻲ )ﻣﺸﻬﺮو راﮘﻲ ﻣﺎرﻳﺎ ﺑﻠﻮچ ﺟﻲ ڌي (ادا ﻛﻴﻮ .ﻣﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ اﻳﮁﻴﺴﻦ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎن ﭘﮍﻫﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻓﻘﻂ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﺎ ﭔﺎر ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻧﻮاﺑﻦ ۽ راﺟﺎﺋﻦ ﺟﺎ ﭔﺎر ﭘﮍﻫﻴﺎ ﭤﻲ ،ان ﺑﻌﺪ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﭩﺮي ﻛﺎﻟﻴﺞ دﻳﺮادون ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻲ ﻓﻮﺟﻲ ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ﺟﻮ ﻣﻌﻴﺎر اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ ﺳﺌﻨﮉﻫﺮﺳﭧ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻴﺎن ﺳﺨﺖ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻣﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﻲ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ اﻫﮍي ﭼﭙﻴﭧ ﻟﮙﻲ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺣﺎل اﻓﻌﺎل وﭸﺎﺋﻲ وﻳﭡﻮ .ﻣﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﻋﺸﻖ ﺟﻮ ﻧﻈﺎرو ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ راﺷﺪي ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻫﻲ ﺷﻴﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ رﻳﺖ ﭼﭩﻴﻮ آﻫﻲ. .......ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻧﻮاز ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻮ ۽ ﺗﻨﻬﻦ ﻛﺮ ﻋﺎﺷﻖ ﻣﺰاج ﭘﮡ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﻋﺸﻖ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺎﺋﻲ ﺳﺎن ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﻋﺸﻖ ﺑﻪ اﻫﮍو ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ واﻗﻌﻲ ﻋﺸﻖ ﭼﺌﺠﻲ .ﻻﻫﻮر ﻫﻠﻲ وﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ وﻳﻬﻲ ڏﺳﻲ ﻣﻴﺮ ﻣﻬﺠﻮر ﺟﻮ ﺣﺎل! ﻧﻴﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻧﻮ ۾ ﻧﻮڙت ﭜﺮﻳﺎ ﻧﻮ ﺳﺌﻮ ﻧﻴﺎﭘﺎ ،ﺳﻮز ۽ ﮔﺪاز ﺟﺎ دﻟﺪوز ﺛﺒﻮت ،ﻫﺠﺮ ﺟﻲ رات ﺟﻮن ﻛﺎرﻳﻮن ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن، ﺷﺎم ﻏﻢ ۽ ﺻﺒﺢ ﻓﺮاق ﺟﺎ ﻗﻬﺮي ﻗﺼﺎ ،آزﻳﻮن ،ﻧﻴﺰارﻳﻮن ،ﻣﻴﮍﻳﻮن ﻣﻨﭥﻮن ۽ ان اﭘﺮاﻧﮅرﭘﻴﻦ ﺟﻮن ﻫﻤﻴﺎﮢﻴﻮن.....
وڏي ﻣﺤﻨﺖ ۽ ﻣﺸﻘﺖ ﺑﻌﺪ آﺧﺮ ﻣﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺑﺎﻟﻲ ﺳﺎن ۱۹۲۳ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ۱۹۲۴۾ ﺷﺎدي رﭼﺎﺋﻲ وﺋﻲ .ﭴﮡ ﻣﺌﻲ ﻣﮍﻫﻪ ۾ ﺳﺎﻫﻪ ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻮ ،ﻣﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ دل ﮐﻮﻟﻲ ﺧﺮچ ﻛﻴﻮ .ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﻻ ﻛﺌﻤﭙﻮن ﮐﻠﻲ وﻳﻮن .اﭨﻜﻞ اﺳﻲ ﮐﻦ ﻃﺎﺋﻔﺎ ﻻﻫﻮر، اﻣﺮﺗﺴﺮ ،دﻫﻠﻲ ۽ ﺑﻤﺒﺌﻲ ﻣﻨﺠﻬﺎن اﭼﻲ وﻳﺎ .ﺟﺘﺎن ﻛﭥﺎن ﻃﺒﻠﻲ ﺟﻲ ﭤﺎڦ ۽ ﺳﺎرﻧﮕﻲ ﺟﻲ رون رون ﭔﮅڻ ۾ ﭘﺌﻲ آﻳﺎ. ﻣﺨﺘﺎر ﺑﻴﮕﻢ اﻣﺮﺗﺴﺮي ،ﺟﻨﻬﻦ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ وڏو ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻴﺪا ﻛﻴﻮ .اﭸﺎ ﺳﻨﺪس اواﺋﻠﻲ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس ﺣﺴﻦ ۽ ﺟﻮاﻧﻲ واري ﭔﻮﭨﻲ ﮐﻲ اﭸﺎن ﻛﻮﺳﻮ وا ﻧﻪ ﻟﮙﻮ ﻫﻮ .ﻫﻚ ﭠﻤﺮي ﺧﺎص ﻣﺰي ﺳﺎن ﮘﺎﻳﺎﺋﻴﻦ. ﻣﻴﻦ ﺗﻮ ﺳﻲ ﻧﺎﻫﻴﻦ ﺑﻮﻟﻮن ري!
ﺑﻤﺒﺌﻲ ﻣﺎن ﻫﻴﺮا ﭔﺎﺋﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻃﻮاﺋﻒ آﻳﻞ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ وار اﻳﮇا ڊﮔﻬﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻮ وارن ﺟﻮ ﻣﭽﻮ ﮐﮍﻳﻦ ﻫﻴﭡﺎن ڏﻳﺌﻲ ﮀﮇﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ .ﻣﺠﻠﺲ ﻫﻠﻨﺪي ﺧﺰاﻧﻮ ﺧﺎﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻛﻴﺘﺮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﻓﻴﻦ وﺻﻮل ﻛﺮڻ ﺧﺎﻃﺮ ﻃﻮاﺋﻔﻦ ﮐﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮر ۾ رﻫﻲ ڌﻛﺎ ﮐﺎﺋﮣﺎ ﭘﻴﺎ.
ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺷﺮوع ﭤﻴﮡ وﻗﺖ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻮ آﺧﺮي ﺣﺎﻛﻢ ﻣﻴﺎن ﻋﺒﺪاﻟﻨﺒﻲ ﻛﻠﻬﻮڙو ﻫﻮ .ﻫﻚ ﭔﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﻫﺎﻻﮢﻲ ﺟﻲ ﭨﻦ ﻟﮍاﺋﻴﻦ ﺑﻌﺪ ﻛﻠﻬﻮڙن ﮐﻲ ﻣﻜﻤﻞ ﻃﻮر ﺷﻜﺴﺖ اﭼﻲ وﺋﻲ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻮ ﭘﻜﻮ ﻗﻠﻌﻮ ﭨﺎﻟﭙﺮن ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ۾ آﻳﻮ .ﻫﻲ ﺳﺎل ۱۷۸۳ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ .ﻫﺎﻻﮢﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﻟﮍاﺋﻴﻦ ۾ ﺑﻠﻮﭼﻦ ﺟﻲ ﻛﻤﺎﻧﮉ ﻫﻨﻦ ﻣﻴﺮ ﺳﺮدارن وٽ
ﻫﺌﻲ.
ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎن ﺷﺎﻫﺪادﮢﻲ
ﻣﻴﺮ ﭠﺎرو ﺧﺎن وﻟﺪ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﺧﺎن ﻣﺎﻧﻜﺎﮢﻲ ﻣﻴﺮ اﻟﻬﻪ ﻳﺎر ﺧﺎن ﻣﺎﻧﻜﺎﮢﻲ ۽
ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺧﺎن
ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﻻﻟﭻ ۽ ﺣﺮص واري ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﻲ ﺧﻮد ﻏﺮض ﻫﺌﺎ .ﻫﻨﻦ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻦ ﻻ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﻣﺰاج ﺷﺎﻋﺮاﮢﺎ ۽ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺑﺨﻤﻞ ﺟﻴﺎن ﻧﻔﻴﺲ ﻫﺌﻲُ .ﭘﺮ اﺛﺮ ﻟﻬﺠﻮ ۽ رﻋﺒﺪار آواز ﺳﻨﺪن ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻫﺌﻲ .ﻫﻨﻦ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ اﻣﻦ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ .ﮔﻬﮣﻲ اﻧﺪروﻧﻲ وﻳﮍﻫﻪ ﮐﺎن ﺑﭽﮡ ﻻ ﺳﻨﮅ ۾ ﭨﻲ ﭘﺮﮘﮣﺎ ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺮي ﭨﻲ ﮔﮇﻳﻞ ﺣﻜﻮﻣﺘﻮن ﻗﺎﺋﻢ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭘﺮﮘﮣﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺣﻮاﻟﻲ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻲ ﺷﺎﻫﺪاداﮢﻲ ﻣﻴﺮ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﭔﻴﻮ ﭤﺮ ۽ ﻣﻴﺮﭘﻮرﺧﺎص وارو ﻣﻴﺮ ﭠﺎري ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اوﻻد ﻣﺎﻧﻜﺎﮢﻲ ﻣﻴﺮ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ۽ ﭨﻴﻮن ﺧﻴﺮﭘﻮر وارو ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺣﻮاﻟﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻬﺮاﺑﺎﮢﻲ ﻣﻴﺮ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ.
اﻟﻮﺣﻴﺪ اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺮاﮢﻲ ﭘﺮﭼﻲ ﺟﻲ ﻛﭩﻨﮓ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن آﻫﻲ ﻣﻴﺮﭘﻮرﺧﺎص ﺟﻲ ﭨﺎﻟﭙﺮن ﻻ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ:
”ﺳﻨﮅ ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ وﻗﺖ ﻣﻴﺮﭘﻮرﺧﺎص ﺟﻲ ﭨﺎﻟﭙﺮن ﻣﺎن ﻣﻴﺮ ﭠﺎري ﺧﺎن ﺟﻮ وڏو ﻫﭣ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭤﺮﭘﺎرﻛﺮ وارو ﻣﻠﻚ ﺣﺼﻲ ۾ ڏﻧﻮ وﻳﻮ .ﻣﻴﺮ ﭠﺎري ﺧﺎن ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺳﻨﺪس ﻓﺮزﻧﺪ ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﻣﺮاد ﺧﺎن ﻣﻴﺮﭘﻮرﺧﺎص ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۱۸۳۸ع ۾ ﭔﻪ ﭘﭧ ﮀﮇي وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .ﻫﻚ ﻣﻴﺮ ﺷﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ۽ ﭔﻴﻮ ﻣﻴﺮ ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن .ﻣﻴﺮ ﺷﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻦ ۾ ”ﺷﻴﺮ ﺳﻨﮅ“ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ۱۸۲۸ .۾ ﻛﻤﺸﻨﺮ ﻣﺎﻧﺴﻔﻴﻠﮉ اﻣﺮﻛﻮٽ ۾ ﻫﻚ درﭔﺎر ﻛﺌﻲ ،ﺟﺘﻲ ﻣﻴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﻣﺮﺣﻮم ﮐﻲ ﺳﺘﺎره ﻫﻨﺪ ﺗﻤﻐﻪ ﻟﻘﺐ ﺳﻤﻴﺖ ڏﻧﻮ وﻳﻮ .ﭘﺎڻ ۱۸۸۸۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻣﻴﺮ ﺷﻴﺮ ﻣﺤﻤﺪ ۲۴ﻣﺎرچ ۱۸۴۳ﺗﻲ ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﺳﻤﻴﺖ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﭜﺮﺳﺎن دﭔﻲ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ﺟﻨﮓ ﺗﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻮ دﻟﻴﺮي ﺳﺎن ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﭘﺮ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﮐﭩﻲ وﻳﺎ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ آزاد رﻳﺎﺳﺖ ﺑﺮﭨﺶ اﻧﮉﻳﺎ ﺳﺎن ﻣﻼﺋﻲ وﺋﻲ. ﻫﻦ دﭔﻲ ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻲ ﮐﺎن اڳ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﻣﻴﺮن ﺳﺎن ۱۶ﻓﻴﺒﺮري ۱۸۴۳ﺗﻲ ﻣﻴﺎﮢﻲ وٽ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻴﺮو ﻫﻮش ﻣﺤﻤﺪ ﺷﻴﺪي ﻣﻴﺮن ﻃﺮﻓﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺳﺎن وڙﻫﻨﺪي ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ.
ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎن ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺧﺪا آﺑﺎد ۾ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﻛﻠﻬﻮڙن ﮐﺎن ﺳﻨﮅ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺧﺪا آﺑﺎد ﮀﮇي ۱۷۸۹۾ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﮐﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ .ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺧﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد واري ﭘﺮﮘﮣﻲ ﺗﻲ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭨﻦ ﭜﺎﺋﺮن ﮐﻲ ﺷﺎﻣﻞ ﻛﻴﻮ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﭼﻮﻳﺎري ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ .ﺣﻴﺪرآﺑﺎد اﻳﻨﺪڙ اڌ ﺻﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ ) ۱۸۴۳۾ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻲ ﻓﺘﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ( ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ رﻫﻴﻮ .ﻫﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد وارو ﻣﻴﺮ ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﭨﺎﻟﭙﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۽ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﻣﻴﺮس واري ﻣﻴﺮ ﺳﻬﺮاب ﺧﺎن ﺟﻲ ﺑﻨﺪوق ،ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭜﺮﺳﺎن ﻫﭥﻴﺎرن ﺟﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ رﮐﻴﻞ آﻫﻲ.
اﺳﻼم ﺑﺬات ﺧﻮد ﻧﺪارد ﻋﻴﺒﻲ رات ﺟﻮ ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮڻ وارن ﺟﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻮ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ۽ ﺳﻨﺪن دوﺳﺖ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﺋﻲ وﻳﺎ ﺗﻪ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﻧﻴﺮن ﻛﺮي ﻫﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ رﺳﻴﭙﺸﻦ ﻫﺎل ۾ اﭼﻲ وﻳﻬﻮن ﺟﻮ ﭘﻮري اﭠﻴﻦ ﺑﺠﻠﻲ ﺑﺲ اﻳﻨﺪي ۽ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ۽ ان ﺟﻲ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪا .ﻫﻨﻦ ﺑﺎر ﺑﺎر اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﺎﻛﻴﺪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻃﺮﻓﺎن دﻳﺮ ﻧﻪ ﭤﻴﮡ ﮐﭙﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ اﻫﻢ ۽ ﻣﺸﻐﻮل رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﺑﺲ ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﮔﻬﮣﻲ دﻳﺮ ﺑﻴﻬﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻲ.
ﻧﻴﺮن ﻻ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﺑﻴﻀﺎ ،ﺑﺮﻳﮉ ،ﺟﺌﻢ ،ﻣﮑﮡ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻤﺮن ﺟﻮن ﻓﺮﺟﻮن ﭜﺮي ﮀﮇﻳﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺳﻮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﻛﻤﺮي ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﻛﭽﻦ ۾ ﻧﻴﺮن ﺗﻴﺎر ﻛﺮي ﺳﺎڍي ﺳﺘﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺋﻲ آﺋﻮن اﭼﻲ رﺳﻴﭙﺸﻦ ۾ وﻳﭡﺲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻚ ﭤﻲ اﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﻫﺎل ﺟﻲ ﺗﻜﮍي ﭜﺮﺟﮡ ﺳﺎن اﺋﻴﻦ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اڄ ﺳﭛ ﻣﻘﺮر وﻗﺖ ﺗﻲ ﺑﺲ ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻨﺪاﺳﻴﻦ ﭘﺮ اﭠﻦ ۾ ﻛﻲ ﭘﻨﺞ ﻣﻨﭧ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻬﺮن ﺗﻲ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ۽ اﻓﺮاﺗﻔﺮي ﻣﺎن ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺿﺮور ﭤﻲ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ اﭸﺎ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ ﻧﻪ ﭘﻴﺎ ﻛﻦ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ اﺳﭩﻴﭧ اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ذﻛﺮﻳﺎ )ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ واﻟﺪه ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻲ ﭼﻮﭤﻮن دﻓﻌﻮ اﻳﺮان آﻳﻮ ﻫﻮ( ﺗﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻓﻴﻤﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﮀﻬﻪ ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ ،ﻣﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻨﮃي ﭘﭧ ﺳﺎن ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﭸﺎن ﻧﻪ ﻣﻮﭨﻲ آﻫﻲ .آﺋﻮن اﺗﺎن اﭤﻲ ﻛﻤﺮي ۾ آﻳﺲ -ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ۱۵ﻣﻨﭧ ﺗﻪ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮﮢﻮ ﺋﻲ ﭘﻮﻧﺪو ،ﺗﻴﺴﻴﻦ آﺋﻮن ﻛﺎﻓﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﭔﺎﻫﺮ اﭼﻲ ﭘﻴﺎن. اﻟﻴﻜﭩﺮﻳﻜﻞ ﻛﻴﭩﻞ ﮐﻲ آن ﻛﺮي ﭘﺎﮢﻲ ﮔﺮم ﻛﻴﻢ ۽ ﻛﺎﻓﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﻫﻚ ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻲ ڊﺳﭙﻮزل ﮔﻼس ۾ وﺟﻬﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ ﭔﺎﻫﺮ ﮐﮣﻲ آﻳﺲ .ﻫﺎڻ اﭠﻦ ﺑﺪران ﺳﻮا اٺ ﭤﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ ،اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ وارا ﺳﺨﺖ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻛﻮﺑﻪ ﭨﺮﻳﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻮ آﻓﻴﺴﺮ ﭔﺎﻫﺮ روڊ ﺗﻲ اﺳﺎن ﻻ ﺑﻴﭡﻞ ﺑﺲ ﺗﻲ ڏﻧﮉ ﻫﮣﻲ وﻳﻨﺪو .ﻣﻮن ﻛﺎﻓﻲ ﭘﻲ ﺑﺲ ﻛﺌﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري ﻛﻨﮉ ۾ رﮐﻴﻞ ﻛﭽﺮي ﺟﻲ دﭔﻲ ۾ ﺧﺎﻟﻲ ﮔﻼس اﮀﻠﮡ وﻳﺲ ﺗﻪ ڏﺳﺎن ﺗﻪ اﺗﻲ ان ﻓﻴﻤﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺎ ۽ ﻧﻨﮃو ﭘﭧ ﺗﻪ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﺗﻲ وﻳﭡﺎ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻛﭽﻬﺮي ﻛﻦ! ڏاڍي ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ۽ ﮐﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﭼﻮڻ ﺑﺪران واﭘﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ وٽ وﻳﭡﻞ ذﻛﺮﻳﺎ ﮐﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺎ ﭘﭧ ﺗﻪ وﻳﭡﺎ آﻫﻦ ،ﭘﻮ ﻫﻠﻮن ﮀﻮ ﻧﭥﺎ؟ ﻫﻦ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻟﻄﺎف ﺻﺎﺣﺐ اﻫﻮﺋﻲ ﺗﻪ ﻣﺴﺌﻠﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺗﻪ اﭼﻲ وﻳﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن ﭘﻨﺞ ﻣﻨﭧ اڳ ان ﻓﻴﻤﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وڏي ﭘﭧ ﮐﻲ ﮘﻮﻟﮡ ﻻ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺷﻚ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺘﺎن ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي ﺑﺎزار ﻗﻢ ۾ ﺷﺎﭘﻨﮓ ۾ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ وﻳﺎ ﻫﺠﻦ .ﺳﻮ اﻫﻮ اﭸﺎ ﻧﻪ ﻣﻮﭨﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﺳﭛ ان ﺟﻮ وﻳﭡﺎ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﻦ“ ”۽ ﺑﺲ وارو؟ “ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ.
”اﻫﻮ ﺑﻪ وﻳﭡﻮ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮي“ ذﻛﺮﻳﺎ ﭼﻴﻮ ”۽ ﭘﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻨﻬﻦ ﻣﭥﻮ ﭘﭩﻴﻨﺪو ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻛﻬﮍا ﭼﺮﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ واﺳﻄﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ“ ” ﻧﻪ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ “،ﻣﻮن ذﻛﺮﻳﺎ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ”اﻫﻮ ﺗﮇﻫﻦ ﭼﻮي ﺟﮇﻫﻦ ﭔﻴﺎ وري اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻳﺎ ﺟﭙﺎﻧﻲ ﻫﺠﻦ ،ﻳﺎ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ وﻗﺖ ﺟﺎ ﻗﺪردان ،وﻗﺖ ﺟﺎ ﭘﺎﺑﻨﺪ ۽ ڊﺳﻴﭙﻠﻴﻨﮉ ﻫﺠﻦ .ﻫﺘﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﻓﺎرﻳﻨﺮ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻴﻮن ﻳﺎ وري ﭘﺎڙي واري ﻣﻠﻚ ﻋﺮاق ﺟﺎ ﻋﺮب آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﭼﭧ آﻫﻦ“.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮا ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭛ ﺣﺎﺿﺮ ﭤﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ ۽ ﺑﺲ رواﻧﻲ ﭤﻲ .اﺳﺎن ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺰارن، درﮔﺎﻫﻦ ،ﻗﺒﺮﺳﺘﺎﻧﻦ ۾ وﻳﺎﺳﻴﻦ -ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ﺟﻲ ﻛﻢ ،ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ،ﻛﺎﺷﻲ ۽ ووڊ ورڪ ۽ ﻛﭧ ورڪ ﺟﻲ ﻛﻢ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﻮﻫﻲ رﮐﻴﻮ ۽ ﺑﻮر ﭤﻴﮡ ﮐﺎن ﺑﭽﺎﻳﻮ .دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﺎ دوﺳﺖ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ،ﺟﻦ ﮐﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﺎن ﻛﺎوڙ وﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻛﻬﮍا ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻴﻮن ﺟﻮ وﺗﻮن ﻗﺒﺮن ۽ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ دل ﺟﻮن ﻣﺮادون ﭘﻮري ﭤﻴﮡ ﺟﻮن دﻋﺎﺋﻮن ﮔﻬﺮﻧﺪا .ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﻗﻠﻨﺪر
ﺷﻬﺒﺎز ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪاﻟﻠﻄﻴﻒ ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﻲ وﭠﻲ وﻳﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺮت ۾ ﭘﺌﺠﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺑﺰرﮔﻦ ﻛﻬﮍي ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻛﺌﻲ ۽ ﺗﻮﻫﺎن وﻳﭡﺎ ﺷﺮڪ ﻛﺮﻳﻮ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺗﻮﻫﺎن داﺗﺎ ۽ ﮔﻨﺞ ﺑﺨﺶ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ .ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ آﺋﻮن ﮐﻴﻦ ﻏﺎزي ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﺰار ۽ ﻣﻨﮕﻬﻮ ﭘﻴﺮ ﺑﻪ ﻧﻪ وﭠﻲ وﻳﺲ ۽ ﻫﺎڻ ﺟﻲ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻫﻲ ﺣﺎل ڏﺳﻦ ﺗﻪ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ اﭼﺮج ﮐﺎﺋﻴﻦ ،ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﭘﻴﺮن ،ﻓﻘﻴﺮن ،ﺑﺰرﮔﻦ ۽ اوﻟﻴﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﺮن ﺗﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﺑﻪ اﺳﺎن وٽ ﺷﺎﻳﺪ اﻳﺮان ﮐﺎن آﻳﻮ ﻫﺠﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮن ﻧﻮٽ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن وٽ ﭼﺎﻫﻲ ﻋﺒﺪا� ﻏﺎزي ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﻫﻠﻴﺎ وﭸﻮ ﻳﺎ ﻣﺎرﻳﭙﻮر روڊ واري ﭘﻴﺮ ﺟﻲ ﻣﺰار ﺗﻲ -ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ آﻟﻲ ﻣﻮاﻟﻲ ۽ ﭼﺮﺳﻲ ﻧﺸﺌﻲ ﺟﺎم ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا .ﭔﺎﻧﮓ ﭘﺌﻲ اﻳﻨﺪي اﭤﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﮡ ﺑﺪران ﻛﻨﮉ ۾ ﻣﻨﻬﻦ ﻫﮣﻲ ﺳﻠﻔﻲ ﺟﺎ ﺳﻮﭨﺎ ﭘﻴﺎ ﻫﮣﻨﺪا .ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻗﻢ ۾ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ،ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ اﻣﺎم ﻣﺤﺮوق ﺟﻮ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﺷﻬﺮ ري ﺗﻬﺮان ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ -ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﻣﺮد ﺗﻮڙي ﻋﻮرﺗﻮن ،ﭘﻮڙﻫﺎ ﻣﺮد ﺗﻮڙي ﻧﻮﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺻﻔﻦ ﺟﻮن ﺻﻔﻮن ﭠﺎﻫﻲ ﻧﻤﺎزون ﭘﮍﻫﮡ ۾ ﻣﺸﻐﻮل ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺎن ﭘﮍﻫﮡ اﻳﺮان ۾ ﻋﺎم آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ان ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن ﻳﺎ ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ﭘﮍﻫﮡ ۾ ﻣﺸﻐﻮل ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن .۽ ﻗﺮآن ﺑﻪ ٰ ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ .ﻫﻮ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺳﺎن ﺳﭡﻲ اﺧﻼق ﺳﺎن ﭘﻴﺶ اﭼﻦ ﭤﺎ .ڌارﻳﻮن ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﺳﻨﺪن اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﻦ ﭤﺎ .ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ذاﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭨﻨﺒﻴﻦ ﻧﭥﺎ .آﺋﻮن ۽ ﻣﻮن ﺟﻬﮍا ﭔﻴﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﻨﻲ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻧﻤﺎزون ﭘﮍﻫﻨﺪا رﻫﻮن ﭤﺎ ﭘﺮ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻧﻪ ﭨﻮﻛﻴﻮ ۽ ﻧﻪ اﻫﻮ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻏﻠﻂ آﻫﻴﻮ ۽ اﺳﺎن ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻴﻮن .اﻳﺮان ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺳﺌﻮ ﺳﻴﻜﮍو ﺷﻴﻌﺎ رﻫﻦ ﭤﺎ ،ﭘﺮ اﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﺮ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺳﻨﻲ وﻳﻨﺪي ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ،ﭘﺎرﺳﻲ ۽ ﻳﻬﻮدي ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﺳﭛ ﭘﻴﺎر ﻣﺤﺒﺖ ﺳﺎن رﻫﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﻗﻠﻴﺖ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺧﻴﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻋﺰت ﻛﻦ ﭤﺎ ،اڄ ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺘﻦ ۽ ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻠﻬﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﻛﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﻳﺎ دﻛﺎن ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﻧﭥﻮ ڏﺋﻲ .اﺳﻼم ﺑﻪ اﻫﻮﺋﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻛﮃي وﭸﻲ ﭼﻮي ﭤﻮ .اﺳﺎن وٽ ،ﺧﺎص ﻛﺮي ﮘﻮﭠﻦ ۾ اﻫﻲ ﺟﺎﻫﻠﻴﺖ ﻛﺮي ﻧﻔﺮﺗﻮن آﻫﻦ ۽ اﺳﻼم ﺟﻲ ﻏﻠﻂ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ﻧﻤﺎز روزو ﻳﺎ ﭘﺎڙي ﭤﻲ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﺷﻴﻌﺎ ﺗﻮڙي ﺳﻨﻲ اﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﺳﻼم ٰ واري ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﮡ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ اﺳﻼم ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ان ۾ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ در ﺗﻲ ﻟﮑﺠﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﮔﻬﺮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ ،ﻳﺎ ﺳﻨﻴﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ ۽ اﻫﻲ دوزخ ۾ وﻳﻨﺪا .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭨﺎڪ ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻮ ﭔﺎرن ﮐﻲ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻣﺎرﻛﺮ ﭘﻴﻦ ﺳﺎن ﻟﮑﻨﺪو ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮان ﭤﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭔﺎر ﺗﻪ وڏا ﭤﻲ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﺧﺮاب ﺷﻬﺮي ﭤﻴﻨﺪا ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ﻛﭽﮍي ﻋﻤﺮ ۾ ﺋﻲ ﻧﻔﺮت ﺟﻮ ﺳﺒﻖ ڏﻧﻮ ﭘﻴﻮ وﭸﻲ .ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ﺟﻲ ﺋﻲ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﻫﻚ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ اﻓﺘﺨﺎر اﺣﻤﺪ ﮔﻬﻤﺮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺑﺪﻋﺖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺗﻲ ﻟﻌﻨﺖ وﺟﻬﻮن ﭤﺎ .ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺳﺨﺘﻲ ﺳﺎن ﻣﻨﻊ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،ﻛﻨﻬﻦ ﺟﺎﻧﻮر ﺗﻲ ﻟﻌﻨﺖ وﺟﻬﮡ ﺗﻲ ﺑﻪ Straight Awayﺟﻴﻞ آﻫﻲ.
ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻳﻮرپ ۾ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺷﻬﺮﻳﺎر ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ اﻓﺴﻮس ﻛﻨﺪي ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺟﺎﻫﻠﻴﺖ ﻛﺮي ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن اﻫﮍﻳﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن اﺳﻼم ﺟﻲ ﺑﺪﻧﺎﻣﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ -ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭼﻴﻮ: ”اﺳﻼم ﻫﺮ
ﻋﻴﺐ
ﺑﺬات
ﮐﻲ
ﺧﻮد
ﻫﻤﺖ
از
ﻧﺪارد
ﻣﺴﻠﻤﺎن
ﻋﻴﺒﻲ
ﻣﺎﺳﺖ“
ﻳﻌﻨﻲ اﺳﻼم ۾ ﻛﻮ ﻋﻴﺐ ﻧﺎﻫﻲ ،اﻫﻲ ﻏﻠﻂ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ۾ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻛﻮر ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ ﺳﻬﺎرو وﭠﻮن ﭤﺎ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﻫﻚ ﻗﻮم ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﻫﻚ ﺑﻬﺎدر ،ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ،ﭔﺌﻲ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﮡ واري ۽ ﮔﻬﮣﻲ Toleranceواري ﻗﻮم آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ وٽ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻧﻔﺮﺗﻮن ﻧﻪ آﻫﻦ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڻ ۾ ﭔﮅي آﻫﻲ ،ﮔﻬﮣﻮ ﺣﺮص ۽ ﻻﻟﭻ ﻧﻪ اﭤﻦ ،ﻏﺮﺑﺖ ۾ ﺑﻪ ﺧﻮش ﮔﺬارﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌرﺗﻲ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ ﻫﻮ ﺟﺎن ﺟﻲ ﺑﺎزي ﻟﮙﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺑﻪ رﮘﻮ ﭘﺮي ﮐﺎن وﻳﭡﻮ ﮔﺪڙن وارﻳﻮن ﭜﭝﻜﻴﻮن ڏﺋﻲ -ﻛﺮي ﻛﺠﻬﻪ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ.
As a Nationاﺳﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﮑﮡ ﮐﭙﻲ ،ﻫﺘﻲ دادو ﺟﻲ ادﻳﺐ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﻮن ڏي
ﻟﮑﻴﻞ ﺧﻂ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭨﻜﺮو Quoteﻛﻨﺪس ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﻣﺎن ﭤﻲ آﻳﻮ آﻫﻲ:
”.....اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ روﻧﻖ ۽ ﺻﻔﺎﺋﻲ ،ﻧﻈﻢ ۽ ﻧﺴﻖ ،ﭨﺮﻳﻔﻚ ﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ اﻧﺘﻈﺎم ،اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﻔﺎﺳﺖ ﭘﺴﻨﺪي، ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺑﻮدو ﺑﺎش ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ،ﭔﻮﻟﻲ ادب ۽ ﻛﻠﭽﺮ ﺳﺎن ﻟﮙﺎ ،ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﺟﻮ اﻧﺪاز ۽ آڌر ﭜﺎ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺑﺎﻏﻦ، ﭘﺎرﻛﻦ ۽ ﮔﻠﻦ ﺳﺎن ﭘﻴﺎر ،ﻣﺰارن ﺟﻮ ﺗﻘﺪس ،ﺗﻔﺮﻳﺤﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻫﻨﮅن ﺟﻲ ﺻﻔﺎﺋﻲ ۽ ﺳﺠﺎوٽ ،ﺳﻴﺎﺣﻦ ﻻ وﻧﺪر ۽ ﺳﻬﻮﻟﺘﻮن ،ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮن ﺧﺎﻟﺺ ﺷﻴﻮن ،ﺑﻲ اﻧﺪاز ﭰﻞ ﻓﺮوٽ ،روﻧﻘﻮن ۽ راﺣﺘﻮن ،ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ڏاڍو ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻛﻴﻮ .ﻫﺘﻲ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﺑﻪ آﺑﺎد آﻫﻦ ،ﻋﻠﻢ ﺟﻮ دور دورو آﻫﻲ ،اﻳﺮاﻧﻲ ادب ﺗﻪ ڏاڍو ﺷﺎﻫﻮﻛﺎر آﻫﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺳﺎن ﺑﻲ اﻧﺪاز ﻣﺤﺒﺖ رﮐﻦ ﭤﺎ ،ﻣﺮد ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻛﺎرن ﺑﺮﻗﻌﻦ ۾ ﻣﻠﺒﻮس اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﻮن رات ﺟﻮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﭜﺎري ﭜﺮﻛﻢ ﻛﺘﺎب وﭠﻨﺪي ڏﭠﺎ .ﻣﻮن ﮐﻲ اﺋﻴﻦ ﭘﺌﻲ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻫﺘﺎن ﺟﻲ ﻋﻮرت ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺤﺒﻮب ،ﺧﺎوﻧﺪ ،ﮔﻬﺮ ﭔﺎر ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺷﺎﻳﺪ ”ﻛﺘﺎب“ ﮐﻲ ﺋﻲ ﻣﺤﺒﻮب ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭤﻲ .ﻣﻤﻜﻦ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ اﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺴﻦ ﻇﻦ آﻫﻲ ﮀﻮ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ رﮘﻮ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﺎ دﻟﺪاده آﻫﻴﻮن ،ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ وﮢﻨﺪي آﻫﻲ ۽ اﺗﻲ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﻮ ﻣﻴﻠﻮ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ ﭘﺎڻ وﭸﺎﺋﻲ ﭘﺌﻲ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ”.....
ﻗﻢ ﺟﻮن زﻳﺎرﺗﻮن اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ﻣﺪرﺳﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﭼﻮڌاري ﺳﻮﻳﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺪرﺳﺎ آﻫﻦ ،ﺟﺘﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ﺟﺎ ﭘﺮ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻗﻢ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ اﻳﺘﺮا ﺗﻪ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﺷﺎﮔﺮد رواﻳﺘﻲ ڊرﻳﺲ ﭼﻮﻏﻲ )ﻋﺒﺎﻳﺎ( ۽ اﮀﻲ ﻳﺎ ﻛﺎري ﻋﻤﺎﻣﻲ )ﭘﮗ( ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﺋﻴﻦ ﭤﻮ ﻟﮙﻲ ﭴﮡ ﻛﻮرٽ ۾ ﻫﺠﻮن ،ﺟﺘﻲ رﮘﻮ ﻛﺎرن ﻛﻮﭨﻦ وارا وﻛﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻧﻴﻮي ﺟﻲ اداري ۾ ﻫﺠﻮن ﺟﺘﻲ رﮘﻮ ﺳﻔﻴﺪ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ﻧﻴﻮل آﻓﻴﺴﺮ ۽ ﺳﻴﻠﺮز ) (Sailorsﻧﻈﺮ اﭼﻦ.
ﻣﺸﻬﺪ ﺑﻌﺪ ﻗﻢ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﻣﻘﺪس ﺷﻬﺮ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺟﻮ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺣﺮم واﻧﮕﺮ ﻫﻲ روﺿﻮ ﺑﻪ ﻋﻤﺎرت ﺳﺎزي ﺟﻲ ﻫﻨﺮ ،ﻛﺎﺷﻲ ۽ Fine Artsﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﻫﻚ ﺷﺎﻫﻜﺎر آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺑﻪ اﭼﻦ ﭤﺎ .اﻧﺪر ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺳﺎن ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ ﻣﻨﻊ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ﭘﺮ آﺋﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻨﺪو رﻫﺎن ﭤﻮ ان ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﻻ اﭸﺎن ﻧﻪ روﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮن ﻣﻮن ﺟﻬﮍن ﻓﻮﭨﻮﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﻻ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺑﺪران ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻓﻮن ﮐﮣﻲ اﭼﻦ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﻟﮙﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻓﻮﻧﻦ ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻴﻮن ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻛﺌﻤﻴﺮاﺋﻮن ﻓﭧ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ وارﻳﻦ ﻛﺌﻤﻴﺮاﺋﻦ ﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۽ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﺟﺎﺑﻪ ﻓﻮﭨﺎ ﻛﮃي ﺳﮕﻬﺠﻦ ﭤﺎ.
ﻗﻢ ۾ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ﻣﺪرﺳﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭨﻲ اﻫﻢ ﺷﻲ ﺟﻤﻌﻜﺮن ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ۹۷ ﻣﻴﻞ ﮐﻦ ڏﮐﮡ اوﻟﻬﻪ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﺪي ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﻗﻢ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ان ﻧﺪي ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻪ ﻗﻢ ﻧﺪي آﻫﻲ .ﻗﻢ ۾ ﻣﺪرﺳﻦ ﺟﻲ ﺗﻪ ﻛﺎ ﮘﮣﭗ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ۽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺑﻪ ﮐﻮڙ آﻫﻦ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﻔﻴﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،ﻗﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ،ﻗﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ،ﻓﺎﻃﻤﻪ اﺳﻜﻮل آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ وﻏﻴﺮه .ﭘﺮ ﭨﻮﺋﺮ اﻳﺠﻨﺴﻴﻮن ﻳﺎ ﻗﺎﻓﻠﻦ ﺟﺎ ﻟﻴﮉر ﻫﻨﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺗﻮڙي ﻣﺪرﺳﻦ ڏي ﻧﭥﺎ وﭠﻴﻮ وﭸﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺗﻪ وﻗﺖ ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﺑﺠﻴﭧ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﮔﻬﻤﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ،ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ﺟﺎ ﻣﺪرﺳﺎ ،ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ۽ ﭔﻴﺎ ﭘﺎرڪ ۽ ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﮔﻬﻤﻨﺪو رﻫﺎن ﭤﻮ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻮﺋﺮ ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ وارا اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﺟﮙﻬﻴﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﺎ ان ﺗﻲ ﺑﻪ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻟﮙﻲ وﻳﻮ .ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺟﺎ ﻧﻜﺘﻞ رات ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﻣﻮﭨﻴﺎﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ زﻳﺎرﺗﻮن ﺟﻬﮍوڪ ﺟﻤﻌﻜﺮان ﻣﺴﺠﺪ وﻏﻴﺮه ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﻛﺎﻓﻲ ﭘﺮي آﻫﻦ ،ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻴﭡﻴﻦ ﻣﻘﺒﺮن ۽ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﻫﻠﻴﺎﺳﻴﻦ ﺟﻴﻜﻲ ڏﺳﮡ ﻻ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺑﻨﺎ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﻫﻚ ﭨﻮﻟﻮ ﭠﺎﻫﻲ ﭜﺎڙي ﺟﻲ ﺑﺴﻦ ۾ ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﮔﻬﻤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. •
اﻣﺎﻣﺰاده ﺳﻴﺪ ﺟﻤﺎل اﻟﺪﻳﻦ
•
ﭼﻬﺎر اﻣﺎﻣﺰاده
•
ﻋﺒﺎدﺗﮕﺎﻫﻪ ﺣﻀﺮت ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮم
•
اﻣﺎﻣﺰاده اﺑﺮاﻫﻴﻢ
•
ﻣﻮﺳﻲ ﻣﺒﺮوق )ﻓﺮزﻧﺪ ﺑﻼ ﻓﺼﻞ اﻣﺎم ﺟﻮاد( اﻣﺎﻣﺰاده ٰ
ﻣﻮﺳﻲ ﻣﺒﺮوق ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن آﻫﻲ ،۽ ۲۵۶ﻫﺠﺮي ۾ ﻫﺘﻲ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ اﭼﻲ اﻣﺎﻣﺰاده ٰ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻮن ﭔﻪ ﭜﻴﮣﻮن ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﻟﮇي آﻳﻮن ﻫﻴﻮن ۽ ﺳﻨﺪن ﻫﺘﻲ ﺋﻲ وﻓﺎت ﭤﻲ .ﺳﻨﺪن ﻗﺒﺮون ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن آﻫﻦ.
ﻣﻮﺳﻲ ﻣﺒﺮوق ۲۹۶ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ آرٽ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻜﺎر ﭼﻴﻮ اﻣﺎﻣﺰاده ٰ وﭸﻲ ﭤﻮ .آﺋﻮن اﻫﻮ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﻧﻮٽ ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﺟﻨﻬﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ آﻫﻲ ،ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮀﺎ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ اﻳﮇو ﺗﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻮﺑﻪ ﺑﺲ وارو ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ وارو ﻧﺎﻟﻮ ﮐﮣﮡ ﺳﺎن ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.
ﻗﻢ ﮐﺎن ۲۴ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي اﻣﺎﻣﺰاده ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس اڄ ﺟﻲ ﻋﻤﺎرت ﻻ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﭔﮅاﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺻﻔﻮي دور ﺟﻲ آﻫﻲ ،ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ اوﭼﺎﺋﻲ ۷ﻣﻴﭩﺮ ﭤﻴﻨﺪي ،ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻴﺮي ،ﻓﻴﺮوزي ۽ آﺳﻤﺎﻧﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ.
اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻮ ﮔﺎﺋﻴﮉ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ اﻫﮍي ﺑﻪ درﮔﺎﻫﻪ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ وﭠﻲ آﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﺟﻲ ڌي ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ وﻳﻬﻲ ﻋﺒﺎدت ﻛﻨﺪي ﻫﺌﻲ .ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ٰ ۽ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﻫﺌﻲ .ﭘﺎڻ ﭘﻬﺮﻳﻦ ذواﻟﻘﻌﺪ ۱۷۳ﻫﺠﺮي ۾ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﻣﻨﻮره ۾ ﭴﺎﺋﻲ .ﺳﻨﺪس ﭘﻮرو ﻧﺎﻟﻮ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻛﺒﺮيٰ ﻫﻮ ،ﺟﻮ ﭘﺎڻ ﭼﺌﻦ ﭜﻴﮣﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﻫﺌﻲ ۽ ﺑﺎﻗﻲ ﭜﻴﮣﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻦ ۾ ﺑﻪ ﻟﻔﻆ ﻓﺎﻃﻤﻪ آﻳﻮ ﭤﻲ .ﭘﺎڻ ﺑﻴﺤﺪ ﻧﻴﻚ ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ ۽ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻋﺒﺎدت ۾ رﻫﻲ ﭤﻲ .ان ﻛﺮي ﮐﻴﺲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻮ ﻟﻘﺐ ﻣﻠﻴﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻮ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﻗﻢ ﭘﻬﭽﮡ ﺳﺎن اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ وﭠﻲ آﻳﻮ .ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻚ ﻋﺎﻟﻢ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ ﻛﺠﻬﻪ اﻣﺎﻣﻦ ﺟﺎ ﻗﻮل ﭔﮅاﺋﮡ ﻟﮙﻮ .ان ﺟﻲ ﺗﺼﺪﻳﻖ ﻻ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻫﻲ ﻛﭥﺎن quoteﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﻫﻮ اﻫﻮ ﻧﻪ ﭔﮅاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺎﻗﺮ ﺟﻦ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻪ ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ ﻗﻢ اﻳﻨﺪو ان ﮐﻲ ان ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﺟﻨﺖ ۾ ﺟﺎﻳﻮن ﻣﻠﻨﺪﻳﻮن. ﻫﻦ وڌﻳﻚ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق ﺟﻦ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻨﺖ ۾ ﻣﻜﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻗﻢ ﺟﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﺿﺮور زﻳﺎرت ﻛﺮﻳﻮ ۽ اﻫﻮﺋﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺑﻪ ﭼﻴﻮ. ان وﻗﺖ ﺑﻪ ۽ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺿﺮور ﻣﻨﺠﻬﺎﺋﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺗﻪ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺟﻮ ڏاڏو ﭤﻴﻮ ۽ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ ﮐﺎﻧﺌﺲ اڳ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﺮ ﭘﮍ ڏاڏو ﭤﻴﻮ ،وﻳﻨﺪي ﺑﻲ ﺑﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻮ واﻟﺪ اﻣﺎم ٰ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﮔﺬاري وﻳﻮ ﻫﻮ.
ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ ﺟﻲ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ﺟﻴﻞ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ۽ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻣﺎ ﺟﻮ اوﻻد ﻫﺌﺎ ۷۹۹ .۾ اﻣﺎم ٰ ۾ ﺷﻬﺎدت ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﭤﻴﮡ ﺟﻮن ﺟﻮاﺑﺪارﻳﻮن ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮن ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ۽ ﭘﻮ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﺳﮏ ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ ﭘﭩﮡ ﻧﻪ ڏﻧﻮ.
ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﻣﺪﻳﻨﻮ ﮀﮇي ﺧﺮاﺳﺎن اﭼﮡ ﻻ ﻣﺠﺒﻮر ﻛﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﺷﺮوع ﺟﻲ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﭜﺎ ﺟﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﮀﮇڻ ﺗﻲ ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺑﺎﻗﻲ ﭘﻨﺠﻦ ﭜﺎﺋﺮن ﻓﻀﻞ ،ﺟﻌﻔﺮ، ﻫﺎدي ،ﻗﺎﺳﻢ ۽ زﻳﺪ ۽ ﭜﺎﺋﭩﻴﻦ ۽ ﻧﻮﻛﺮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺧﺮاﺳﺎن ﻻ ﻧﻜﺘﻲ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻫﻦ ﺧﺎﻧﺪان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ۲۳ﭴﮣﺎ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ .ﻫﻦ ﺻﺪﻣﻲ ﺑﻌﺪ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺳﺨﺖ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻲ ﭘﺌﻲ .ﻗﻢ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﻮﺳﻲ اﺑﻦ ﺧﺰراج ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﻮﻛﻠﻲ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ٰ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﺟﻲ ﻋﺰت ﭤﻲ ﻛﺌﻲ .ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻲ ﺑﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺟﻮ ﻗﺎﻓﻠﻮ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ اﻧﺪر ﮔﻬﮍﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﻛﺎري وﮘﻲ ۾ ﻫﻮ .ﭼﻮڌاري ﻛﺎرا ﺟﻬﻨﮉا ﻫﺌﺎ .ﻫﻦ ان ڏک ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﭘﮁﻴﻮ ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﺳﻨﺪس ﻗﺎﻓﻠﻮ ﻣﻨﺰل ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﺳﻲ اﺑﻦ ﺧﺰراج ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎڻ ﻫﻠﻲ آڌر ﭜﺎ ﻻ آﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺗﻨﻬﻦ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻇﺎﻟﻤﻦ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ اﻣﺎم ٰ ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﮔﺬرﻳﻞ رات اﻧﮕﻮرن ۾ زﻫﺮ وﺟﻬﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ .ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﮐﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ اﻫﮍو ﺗﻪ ﺻﺪﻣﻮ ﭘﻬﺘﻮ ﺟﻮ ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﻓﻘﻂ ۱۷ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﻦ ﺟﻴﺌﺮي رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﮐﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ ﻣﻮﺳﻲ اﺑﻦ ﺧﺰراج ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن دﻓﻦ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﻫﺘﻲ ﻗﻢ درﻳﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ان وﻗﺖ ٰ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﻫﻚ ﻛﻨﻮاس ﺟﻮ ﻛﭙﮍو ﮀﺎﻧﻮ ﻛﺮڻ ﻻ ﻟﮙﺮاﻳﻮ ،ان ﮐﺎﻧﭙﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ ﭜﺎ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ) اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ ﺟﻲ ڌي (زﻳﻨﺐ ﻫﻦ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﻣﻘﺒﺮو ﭠﻬﺮاﻳﻮ ۴۱۳ .ﻫﺠﺮي ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ رﻧﮓ روﻏﻦ ﻛﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ۵۲۹ .ﻫﺠﺮي ۾ ﻧﺌﻮن ﻣﻘﺒﺮو ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﻴﻜﻮ ۵۹۲۾ وري ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ ۱۲۰۳ .ﻫﺠﺮي ۾ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري زﻣﻴﻦ ﮐﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺳﺎن ﺷﺎﻣﻞ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ ۱۲۱۸ .۾ ﮔﻨﺒﺬ ﮐﻲ ﺳﻮن ﺳﺎن ﺳﺠﺎﻳﻮ وﻳﻮ ۽ ۱۲۷۵ﻫﺠﺮي ۾
ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭼﺎﻧﺪي ﺟﻲ زري )ﭴﺎري( ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ.
ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ڏﻫﻴﻦ رﺑﻴﻊ اﻟﺜﺎﻧﻲ ۲۰۱ﻫﺠﺮي ﭔﮅاﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.
ﻗﻢ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﺎن ﺑﻪ اﻫﻢ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻫﺘﺎن ﺗﻌﻴﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ،۽ ﺟﻮن ۱۹۶۳ع ۾ ﻫﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﻼف ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺟﻮ آﻏﺎز ﻫﺘﺎن ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ ۽ وري ۱۹۷۸ع ۾ ﺑﻪ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ وﻛﻮڙي ورﺗﻮ ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻮن اﻫﮍﻳﻮن ﺗﻪ واﻳﻮن ﺑﺘﺎل ﭤﻴﻮن ﺟﻮ ﻫﻦ ۲۵۰۰ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻲ ﺗﺎج ۽ ﺗﺨﺖ ﺟﻲ ﭘﭽﺮ ﮀﮇي ﻣﻠﻚ ﻋﻮام ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺮي ﭜﭵﻲ وﻳﻮ. ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن ﻗﻢ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻤﻌﻜﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﺑﻪ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﺘﻲ اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ﺿﺮورو ﮔﻬﻤﻲ ﭤﻮ.
ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭤﻮرو ﭔﺎﻫﺮ ﭜﺮي آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻋﻘﻴﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﺎرﻫﻮن اﻣﺎم ﻫﺘﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﮡ ﺑﻌﺪ دﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﻋﺎﻟﻤﻲ اﻣﻦ ڏي وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪو .ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﻫﻚ ﮐﻮﻫﻪ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺮادون ﭘﻮرﻳﻮن ﭤﻴﮡ وارو ﮐﻮﻫﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﺿﺮورﺗﻤﻨﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن ﺿﺮورﺗﻮن ﭘﻨﻲ ﺗﻲ ﻟﮑﻲ ﻫﻦ ﮐﻮﻫﻪ ۾ ان اﻣﻴﺪ ﺗﻲ ﭰﭩﻴﻮن ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻲ اﻣﺎم ﻣﻬﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻮن .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻣﻠﺘﺎن ﻣﺎن آﻳﻞ ﻫﻚ ﻗﺎﻓﻠﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ آﺋﻮن ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس، ان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮن .ﺑﻘﻮل ﻫﻨﻦ ﺟﻲ اﻣﺎم ﻣﻬﺪي ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﻏﺎﺋﺐ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ۾ ﺿﺮورﺗﻤﻨﺪ ۽ ﺳﺘﺎﻳﻠﻦ ﺟﺎ ڏک درد دور ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ. ﻫﺮ اﮜﺎري ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﺘﻲ وڏو ﻟﻨﮕﺮ ﻫﻠﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎراﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.
ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻤﻌﻜﺮان ﺟﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﺟﻮ اﻧﺪازو ان ﻣﺎن ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮﺗﻪ ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺳﺮﻛﺎري ﻛﻢ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﻧﻮ اﻫﻮ ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ ﭼﻨﺪي ۾ ڏﻫﻪ ﻣﻠﻴﻦ ﺑﺮﭨﺶ ﭘﺎﺋﻮﻧﮉ ڏﻳﮡ ﻫﻮ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ وڏو ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻛﻢ ﺟﺎري رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻲ.
ﻗﻢ دراﺻﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﭘﮡ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎڻ وٽ ﺧﻴﺮﭘﻮر رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻲ وڏي ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﭘﮡ .ﻫﻮن ﺗﻪ ﻗﻢ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺻﻮﺑﻲ)اوﺳﺘﺎن( ۾ ﺋﻲ آﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﺑﻬﺘﺮ اﻧﺘﻈﺎم ﻛﺎرڻ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻗﻢ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن اوﺳﻮ ﭘﺎﺳﻮ ﻣﻼﺋﻲ ﻗﻢ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﺻﻮﺑﻮ ﭠﺎﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﻫﺎڻ ﻗﻢ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ .ﻧﻨﮃڙو ان ﻛﺮي آﻫﻲ ﺟﻮ ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻓﻲ ﺳﻴﻜﮍو ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ .ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ اﭨﻜﻞ ﺳﺎڍا ﺳﻮرﻫﻦ ﻟﮏ ) (۱۶۴۸۱۹۵ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ﺳﭵﻲ ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ آﻫﻲ ۱۱۲۳۷ ،ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ اﻧﻬﻦ اﻧﮕﻦ اﮐﺮن ﮐﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﭜﻴﭩﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﺿﻲ ۾ اﻳﺮان ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﭔﻴﮣﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ اٺ ﻟﮏ ﮐﻦ ) (۸۰۴۰۰۰ﭼﻮرس ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ﻗﻢ ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﺎﻧﮕﻬﮍ ﻳﺎ دادو ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻴﮇو ﻣﺲ ﭤﻴﻨﺪو .ﻫﻲ ﻓﻘﻂ ان ﻛﺮي ﻟﮑﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﻗﻢ ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﭼﮡ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﭔﻪ ﭼﺎر ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﺎﺋﺶ ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﻫﻮ ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﺑﻪ ﺷﻲ ﺑﺲ ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ آرام ﺳﺎن ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .ﻣﺜﺎل ﻃﻮر ﻗﻢ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮن ﭔﻪ ڍﻧﮃون ﺣﻮض ﺳﻠﻄﺎن ۽ ﻧﻤﻚ ) (Salt lakeڍﻧﮃ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر ۽ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻣﻨﮁﺮ ۽ ﻛﻴﻨﺠﻬﺮ ڍﻧﮃون آﻫﻦ .اﻫﻲ ڍﻧﮃون ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۳۶۽ ۸۰ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮن ﺗﻲ آﻫﻦ .روڊ اﻳﮇا ﺳﭡﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻮ ﻛﻠﻔﭩﻦ ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ۾ ﺑﻪ دﻳﺮ ﭤﻲ ﻟﮙﻲ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻧﻪ.
ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻻ ﻗﻢ ۾ ﻛﻬﻚ ۽ واﺷﻨﻮه ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ﻏﺎرون ﺑﻪ آﻫﻦ .ﻫﻚ ﺗﻤﺎم وڏو ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ آﺳﺘﺎن ﻣﻘﺪس ﻣﻴﻮزﻳﻢ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻬﺮ اﻧﺪر ﺋﻲ آﻫﻲ ،ﻟﮑﮡ ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﻻ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺮاﺷﻲ ﻧﺠﻔﻲ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮي ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۽ ﻛﺎﭘﻴﻦ ﺟﺎ ﻗﻠﻤﻲ ﻧﺴﺨﺎ رﮐﻴﻞ آﻫﻦ .ﺟﻤﻌﻜﺮان ﻣﺴﺠﺪ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻗﻢ ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ ،ﻗﻢ ﻋﺘﻴﻖ ﻣﺴﺠﺪ ،اﻋﻈﻢ ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﭔﻴﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ۽ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻛﻤﻦ ﮐﺎن ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ .ﻫﻲ اﻫﻲ ﺟﺎﻳﻮن آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﻳﺎ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ وﭠﻲ ﻧﻪ ﻫﻠﻨﺪا ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎڻ ﺋﻲ ﺑﺴﻴﻦ ۾ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﺟﻲ وﻗﺖ ﭤﻮرو ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﭨﻲ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭴﮣﺎ ﮔﮇ ﭤﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﮐﻲ ﭜﺎڙي ﺗﻲ رﮐﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .اﻧﮉﻳﺎ واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﺑﻪ ﺑﺴﻮن
۽ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ ۽ ڊراﺋﻴﻮر ﺑﻪ ﻓﻀﻴﻠﺖ وارا ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻮ اﺣﺘﺮام ﻛﺮڻ وارا آﻫﻦ .ﻗﻢ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺪرﺳﻦ ۽ ﻣﺴﺠﺪن ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ وڏن ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﺬﻫﺐ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻨﺪڙ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺳﺎن ﺳﻮﻻﺋﻲ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ .ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻫﻲ ﺑﻴﺤﺪ Humble۽ ﻗﺮﺑﺎﺋﺘﺎ آﻫﻦ ،ﭨﻴﮍي ۽ وڏاﺋﻲ ﺗﻪ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ اﭤﻦ .ﻣﺪرﺳﻪ ﺧﻤﻴﻨﻲ ۾ ﻫﻚ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﻴﺪ ﺳﺠﺎد ﺣﺴﻴﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ وڏي ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﺎن ﻣﻼﻳﻮ .ﻫﻮ ان وﻗﺖ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺗﻲ وﻳﻬﺎري ﻗﺮآن ۽ ان ﺟﻮ ﺗﻔﺴﻴﺮ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﻬﺎري ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﻮﻛﻼﺋﮡ وﻗﺖ ﻫﻮ ﻣﻮن ﮐﺎن ﻣﻌﺎﻓﻲ وﭠﮡ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ،اﻧﻚ ري ﺗﻮ ﮐﺎن ﻣﻮﻛﻼﺋﮡ ﻻ اﭤﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﺎن .ﻣﻮن ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ﻋﺎﻟﻢ )ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭔﮅاﺋﻲ رﻫﻴﻮ( ذرﻳﻌﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻫﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻛﺮﻳﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﻗﻢ ﺟﺎ ﻫﻴﮇا وڏا ﻋﺎﻟﻢ آﻫﻴﻮ ۽ آﺋﻮن ﻫﻚ ﮔﻨﺎﻫﮕﺎر اﻧﺴﺎن آﻫﻴﺎن“.
ﻫﻦ ﻳﻜﺪم ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﻪ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ” .اﺳﺎن ﻻ ﻣﻬﻤﺎن ﺑﺎﻋﺚ رﺣﻤﺖ آﻫﻲ ۽ ﻣﻬﻤﺎن ﺟﻮ درﺟﻮ ﺗﻤﺎم اﺗﺎﻫﻮن آﻫﻲ “.اﻳﺮان ۾ اﻳﻨﺪڙ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﮐﻲ اﻫﮍﻳﻮن ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻴﻮن ﻧﭥﻴﻮن ﭤﻴﻦ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻋﺎم آﻫﻦ.
ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ رﮐﻨﺪڙن ﻻ ﺳﻨﮅ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻻﮘﺎﭘﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﺑﻪ ﻫﻚ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﻛﺎﻓﻲ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻠﻜﻲ ﭰﻠﻜﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻮن ﺟﻬﮍي ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ۽ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﮐﺎن Expectﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻦ ﭤﻴﻮن. اوﻧﻬﻴﻮن ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺣﻘﻴﻘﺘﻮن ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮي ادﺑﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ ﺳﻨﮅي ﻋﺎﻟﻤﻦ ،ڏاﻫﻦ ،ﺗﺎرﻳﺨﺪاﻧﻦ ۽ ﻣﺤﻘﻘﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ ﺳﻨﮅي ۾ ﻟﮑﻲ ﮀﮇﻳﻮن آﻫﻦ .ﺳﻨﮅي ادﺑﻲ ﺑﻮرڊ ﺟﻲ ﺳﻤﺎﻫﻲ ﻣﻬﺮاڻ ﺟﺎ رﮘﻮ ﭘﺮاﮢﺎ ﭘﺮﭼﺎ ڏﺳﺒﺎ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ۾ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮوﺋﻲ ﻣﻮاد ﻣﻠﻨﺪو ،ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻬﻴﻨﺎ اڳ ﻣﻬﺮاڻ ﺟﻲ ﮔﻮﻟﮉن ﺟﺒﻠﻲ واري ﭘﺮﭼﻲ ۾ ان ﺑﺎﺑﺖ ﺳﻴﺪ ﺣﺴﺎم اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ راﺷﺪي ﺑﻪ ﻫﻚ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﻀﻤﻮن ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ،ﻫﺘﻲ رﮘﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻻﺋﻴﭧ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ان ﻣﻀﻤﻮن ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻋﺎم ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻻ ﻟﮑﺎن ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن اﻧﺪازو ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﻪ ﺑﻨﮕﺎل ﺳﺎن ﻧﻪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﻧﻴﭙﺎل ﺳﺎن ،ﻧﻪ ﺑﺮﻣﺎ ﺳﺎن ﻧﻪ ﻣﻼﻳﺎ ۽ ﺳﻴﺎم ﺳﺎن -وﻳﻨﺪي ﮔﺠﺮات ۽ ﻋﺮﺑﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﺑﻪ اﻳﺘﺮو وﻳﺠﻬﻮ ﺗﻌﻠﻖ ۽ واﺳﻄﻮ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺟﻴﺘﺮو اﻳﺮان ﺳﺎن رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ،ادﺑﻲ ،ﻓﻨﻲ واﭘﺎري -ﻛﻨﻬﻦ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ روپ ۾ اﻳﺮان ﺳﺎن راﺑﻄﺎ ﻫﺮ ﺳﻤﻲ ۾ ﻗﺎﺋﻢ ۽ ﻣﺴﺘﺤﻜﻢ ﭘﺌﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ. ﺳﻨﮅ ۾ اﺳﻼم اﻳﺮان رﺳﺘﻲ ﭘﻬﺘﻮ .اﻳﺮان ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ وچ ۾ واﭘﺎري آﻣﺪرﻓﺖ ﺗﻪ آﮘﺎﭨﻲ ﻫﺌﻲ .ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ ﻗﺎﺳﻢ ﺷﻴﺮاز ﮐﺎن ﺳﻨﮅ ﭘﻬﺘﻮ ،ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﺸﻜﺮ ﺑﻪ ﻫﻮ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ ﺳﻨﮅ ۾ آﺑﺎد ﭤﻴﺎ.
ارﻏﻮن ۽ ﺗﺮﺧﺎن ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﺳﺎل ۱۰۰۰ﻫﺠﺮي ڌاري ،ﺳﻨﮅ ﻫﻨﺪي ﻣﻐﻠﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﺑﮣﺠﻲ وﺋﻲ ،ﺟﻦ اﻳﻨﺪڙ ڏﻳﮃ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﺘﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﺴﻠﻂ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮ .ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ اﺑﺘﺪا ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻔﻴﺮ اﻳﺮاﻧﻲ درﭔﺎر ۾ ﭘﻬﺘﻮ ،ﺳﻮ ﻫﻚ ﺳﻨﮅي ﻫﻮ ،ﻳﻌﻨﻲ اﻛﺒﺮ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر اﻣﻴﺮ ،ﻣﻮرخ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﻣﻴﺮ ﻣﻌﺼﻮم ﺑﮑﺮي ”ﻧﺎﻣﻲ“ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪس ﭘﺎران ) ۱۰۱۳-۱۱ﻫﻪ( ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﻛﺒﻴﺮ ﺻﻔﻮي ۱۰۳۸-۹۸۵) ﻫﻪ( ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ ﭘﻬﺘﻮ .ﻫﻦ ﻧﻪ رﮘﻮ ﺳﻔﺎرﺗﻲ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﺑﻠﻜﻪ ذاﺗﻲ ﻃﻮر ﺗﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺴﺘﻘﻞ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ادﺑﻲ ﻳﺎدﮔﺎر ﮀﮇﻳﺎ .اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ”ﻣﺴﺠﺪ ﻋﻠﻲ“ ﺟﻮ ﻛﺘﺒﻮ ،ﻛﺎﺷﺎن ۽ ﻣﻮرﭼﻪ ﺧﻮرت ﺟﻲ وچ ۾ ﻛﺎروان ﺳﺮا ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺟﻮ ﻛﺘﺒﻮ ،ﻳﺎ اﺣﻤﺪ ﺟﺎم زﻧﺪه ﭘﻴﺮ ﺟﻲ ﻣﺰار ﺟﻮ ﻛﺘﺒﻮ ،ﻫﻲ ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻲ ﻛﺘﺒﺎ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻴﺮ ﻣﻌﺼﻮم اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻫﻨﻴﺎ ،ﺳﻲ اڄ ﺑﻪ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ .ﻣﻴﺮ ﻣﻌﺼﻮم )وﻓﺎت ۱۰۱۴ﻫﻪ( ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺷﺎﻋﺮ ،ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﻨﮅ ) ۱۰۰۹ﻫﻪ( ﺟﻮ ﻣﺆﻟﻒ ،ﺻﺎﺣﺐ دﻳﻮان ۽ ﻫﻚ ﺧﻤﺴﻬﻪ ﺟﻮ ﻣﺼﻨﻒ آﻫﻲ. ﺳﻨﮅ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻻﮘﺎﭘﻦ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﮡ وارو ﭔﻴﻮ ﺳﻨﮅي اﻣﻴﺮ ﺗﺮﺧﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺣﺎﻛﻢ ﻣﻴﺮزا ﻏﺰي ”وﻗﺎري“ ﻫﻮ ،ﺟﮇﻫﻦ ) (۱۰۲۱-۱۰۱۷ﻫﻮ ﻗﻨﮅار ۾ ﻣﻐﻠﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﺋﺐ ﻫﻮ ،ان وﻗﺖ ﺳﻨﺪس ذاﺗﻲ درﭔﺎر اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﻫﺌﻲ .ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن اڳ ﺳﻨﮅ ۾ ﭨﻜﻴﺎ ،ﻣﺜﺎل ﻃﻮر ﺻﺎﺋﺐ ﺗﺒﺮﻳﺰي ۽ ﺳﻨﺪس ﺷﺎﮔﺮد ﻣﻠﻚ ﺗﻌﻈﻴﻤﺎ ﻗﻤﻲ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﭘﻮ ﭘﻬﺘﺎ ،ﺳﻨﮅ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺮﺳﻴﺎ .اﻫﮍا ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺜﺎل ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ادﺑﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ .ﺳﺮﻣﺪ ﻛﺎﺷﻲ ﺷﻬﻴﺪ ) ۱۰۷۰ﻫﻪ( اﻳﺮان ﮐﺎن ﭠﭩﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ ،ﺳﻮ ﻛﺎﻓﻲ وﻗﺖ ﻫﺘﻲ ﭨﻜﻴﻮ .ﭠﭩﻲ ﺟﻲ ﺋﻲ ﻫﻚ ﺳﻨﮅي ﻓﺮزﻧﺪ ﮐﻴﺲ ﭘﺎڻ ﭘﮣﻲ ﺟﻲ ﺣﺪ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃي ،ﻣﻌﺮﻓﺖ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ ﻫﻮ .اﻫﻮ ﺗﺮڪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻫﻨﺪو ﭔﭽﻮ ”اﺑﻲ ﭼﻨﺪ“ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﺳﺮﻣﺪ ﭼﻴﻮ ﻫﻮ. ﺧﺪاﺋﻲ ﻧﻤﻲ
ﮐﻴﺴﺖ
داﻧﻢ
اي
اﺑﻲ
ﭼﻨﺪ
ﺳﺮﻣﺪ:
اﺳﺖ،
درﻳﻦ ﻳﺎ
دﻳﺮ! ﻏﻴﺮ
ﺗﻮڙ ي ادب ﺟﻮ اﺛﺮ ﺻﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻧﮃاﭘﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﺳﻨﮅ ۾ ان ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ داﺧﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ۽ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ِ ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ رﺿﺎﺋﻲ ﭠﭩﻮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﺌﻲ ،ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎدري زﺑﺎن ﺳﻨﮅي ﮐﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ۽ ﺷﻴﺮﻳﻦ ﺳﮇي ﭤﻮ.
زﺑﺎن
ﺑﺠﺎﺋﻲ ﻧﻤﻲ
ﻧﻴﺎم
ﺳﻨﺪه
ﺧﻮﻳﺶ ﺳﺎزم
از
رﻧﮕﻴﻦ ﺑﻴﺎن
ﺷﻴﺮﻳﻦ
زﺑﺎن
اﺳﺖ
را
ﺳﻨﺪه
ﺷﻴﺮﻳﻦ
اﺳﺖ
رﻧﮕﻴﻦ
ﺳﻨﺪﻫﻲ
آﻣﻴﺰ!
ﭘﺮﻫﻴﺰ!
ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ۾ ﺳﻨﮅ ﻣﺎن ﻣﻐﻞ ﺗﺴﻠﻂ ﺟﻲ ﭘﭵﺎﮢﻲ ﭤﻲ ۽ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺳﻨﮅي ﻧﺴﻞ ﮔﻬﺮاﮢﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻲ ﺧﺎﻟﺺ ﺳﻨﮅي ﻫﺌﺎ ۽ ﺳﻨﺪن دور ﺳﻨﮅي زﺑﺎن ۽ ادب ﺟﻮ ﺳﻮﻧﻬﺮي دور ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﮔﻮ ﻣﻐﻠﻦ ﮐﺎن ﺗﺎزو ﮀﻮﭨﻜﺎرو ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ﻫﺌﺎﺋﻮن ،ان ﻛﺮي ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۽ ادب ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﺳﺎﻧﮃي رﮐﻴﻮ .اﻧﻜﺮي ان دور ۾ ﺳﻨﮅ ۾ ﻧﻪ ﺻﺮف ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﺳﭝﻨﻲ ﻋﻠﻤﻦ ﺗﻲ ﻗﺎﺑﻞ ﻗﺪر ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎ وﻳﺎ ،ﺑﻠﻜﻪ ﻛﻴﺌﻲ ﺻﺎﺣﺐ دﻳﻮان ﺷﺎﻋﺮ اﻫﮍا ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ ،ﺟﻦ ﺟﻮ درﺟﻮ ان دور ۾ ﻫﻨﺪ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﺷﺎﻋﺮن ﮐﺎن ﻛﻨﻬﻦ رﻳﺖ ﺑﻪ ﮔﻬﭧ ﻧﻪ ﻫﻮ” .ﺗﺤﻔﻪ اﻟﻜﺮام“ ۽ ”ﻣﻘﺎﻻت اﻟﺸﻌﺮا“ وﻏﻴﺮه ﻫﻦ دور ﺟﻮن اﻫﻢ ﺗﺮﻳﻦ ﻋﻠﻤﻲ ﻧﺸﺎﻧﻴﻮن آﻫﻦ.
ﺳﻨﮅ ۾ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ آﻣﺪ ﻣﺴﺘﻘﻞ ﻋﻠﻤﻲ ۽ ادﺑﻲ آﺛﺎر ﮀﮇﻳﺎ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻣﻴﺮ ،ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻨﮅ ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎن ﻋﺎﺷﻖ ﺻﻔﺎﻫﺎﻧﻲ ،ﻣﺮزا ﺟﻌﻔﺮ ﺷﻴﺮازي ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻴﺌﻲ ﺷﺎﻋﺮ آﻳﺎ ،ﺟﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻣﻘﺎﻻت اﻟﺸﻌﺮا ۽ ﺗﺤﻔﺔ اﻟﻜﺮام ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ .ﻋﺎﺷﻖ ﻫﺘﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﻓﻮت ﭤﻴﻮ ،ﻣﻜﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎم ۾ ﺳﻨﺪس ﻗﺒﺮ اﭸﺎن ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ .ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ۱۱ ﻣﺤﺮم ۱۱۵۳ﻫﻪ ﺗﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎن اﻳﺮان ﻻ ﻣﻮﭨﻨﺪي ﻣﻴﺎن ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ”ﺷﺎﻫﻪ ﻗﻠﻲ ﺧﺎن“ ﺟﻮ ﺧﻄﺎب ڏﻧﻮ.
ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻴﺴﻴﻦ ﺟﻴﺌﺮو ﻫﻮ ،اﻳﺮان ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﺎ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻻﮘﺎﭘﺎ ﺑﺮاﺑﺮ ﻗﺎﺋﻢ رﻫﻴﺎ .ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺳﻔﻴﺮ ۽ ﺧﻮد ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﺎﻛﻢ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭘﭧ ﻣﺴﺘﻘﻞ ﻃﻮر ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ۱۱۶۰ﻫﻪ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ۾ رﻫﻴﺎ.
ﺗﻴﺮﻫﻦ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ۾ ﺳﻨﮅ ۾ ﭨﺎﻟﭙﺮ ) ۱۲۵۸-۱۱۹۸ﻫﻪ( ﺣﻜﻤﺮان رﻫﻴﺎ .ﭨﺎﻟﭙﺮن اﻳﺮان ﺟﻲ دوﺳﺘﻲ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻴﻮ ﺑﻠﻜﻪ ﺳﻨﺪن ﻃﻮر ﻃﺮﻳﻘﺎ ،ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ ﺟﺎ ﻗﺎﻋﺪا ۽ ﺿﺎﺑﻄﺎ رﻫﮡ ﺳﻬﮡ ،ﻟﺒﺎس ۽ ﮐﺎﺋﮡ ﭘﻴﺌﮡ ﺗﻮڙي ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ﺗﻲ اﻳﺮاﻧﻲ اﺛﺮ ﻏﺎﻟﺐ ڏﺳﺠﻲ ﭤﻮ .ﻗﺎﭼﺎري ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﺪن ﮔﻬﺮا ﻻﮘﺎﭘﺎ ﻫﺌﺎ .ﻣﺮزا ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺮﺛﻴﻪ ﮔﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻴﺪ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻛﺮﺑﻼﺋﻲ ﺳﻨﮅ ﮐﺎن ﺳﻔﻴﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ اﻳﺮان وﻳﺎ. ﭨﺎﻟﭙﺮ ﺣﺎﻛﻢ ﭘﺎڻ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻣﺼﻨﻒ ۽ ﺻﺎﺣﺐ دﻳﻮان ﺷﺎﻋﺮ ﻫﺌﺎ .ﺳﻨﺪن درﭔﺎر ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮن ۽ ﺧﺎص ﻃﺮح اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ رﻫﻨﺪي ﻫﺌﻲ. ﭨﺎﻟﭙﺮن ﮐﺎن اڳ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ اﻳﺎﻣﻜﺎري ) ۱۷۰۰ﮐﺎن (۱۷۸۳۾ ﺑﻪ ﭘﺎرﺳﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ درﭔﺎري ﻳﺎ ﺳﺮﻛﺎري ﻟﮑﭙﮍﻫﻪ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﮔﻬﺮن ۾ ﭘﮡ ﻋﺎم ﺟﺎم ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ۽ ﻟﮑﻲ وﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻛﻴﺘﺮن ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻮ ﺷﺠﺮو ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺳﺎن ﻣﻠﻴﻮ ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ واﺳﻄﻮ ﻋﺮﺑﻲ ﺳﺎن ﻫﺠﮡ ﮐﺘﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ دور ۾ ﮔﻬﮣﺎ ﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﭘﺎرﺳﻲ ۽ ﺳﻨﮅي ﻳﻌﻨﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﭔﻮﻟﻴﻦ ۾ ﺷﻌﺮ ﭼﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ .ﺟﻦ ﻣﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ،ﻣﻴﺎن ﺳﺮﻓﺮاز ﺧﺎن ﻛﻠﻬﻮڙو )ﻗﺘﻞ (۱۷۷۷ﺟﻨﻬﻦ ﭘﺎرﺳﻲ )ﻓﺎرﺳﻲ( ﻏﺰﻟﻦ ﮐﺎﻧﺴﻮا ﺳﻨﮅي ۾ ﻣﺪح ﭼﺌﻲ آﻫﻲ .ﺳﭽﻞ ﺳﺮﻣﺴﺖ ) ۱۷۳۹ﮐﺎن ۱۸۲۸ع( ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ دﻳﻮان آﺷﻜﺎر ﺷﺎﻳﻊ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،۽ ﺳﻴﺪ ﺛﺎﺑﺖ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ) ۱۷۴۰ﮐﺎ ۱۸۱۰ع( ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺳﻨﮅي ﻣﺮﺛﻴﻮ ”ﻫﺌﻪ ﻫﺌﻪ رڻ ۾ ﺑﻴﺒﻲ ﺑﺎﻧﻮ ﺳﺮ ﺗﻲ ﺧﺎڪ وﺳﺎﺋﻲ ﭤﻲ“ ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .ﺳﻨﺪن ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﻌﺮ ۾ ”زوار“ ﺗﺨﻠﺺ ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﮅي ﻋﺮوﺿﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻣﺮﺛﻴﻦ ۽ ﻗﺼﻴﺪن ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ﻟﻴﮑﺒﻮ آﻫﻲ.
ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ وارو زﻣﺎﻧﻮ ﺳﻨﮅ اﻧﺪر ﻓﺎرﺳﻲ ﻋﻠﻢ ،ادب ۽ ﺗﺼﻮف ﺟﻲ ﻋﺮوج ﺟﻮ دور ﻫﻮ ،ﻋﻼﻣﻪ ﻣﺨﺪوم ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻌﻴﻦ” ﺗﺴﻠﻴﻢ“ )وﻓﺎت ۱۷۴۸ع( ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺴﻦ ﭠﭩﻮي )وﻓﺎت ۱۷۵۰ع( ،ﻣﻴﺮ ﻋﻠﻲ ﺷﻴﺮ ﻗﺎﻧﻊ )وﻓﺎت ۱۷۸۹ع( ،ﺳﻴﺪ ﺟﺎن ﻣﺤﻤﺪ ”ﻣﻴﺮ“ )وﻓﺎت ۱۷۵۴ع( ۽ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﻨﺎﻳﺖ ا� )ﺷﻬﺎدت ۱۷۱۸ع( اﻧﻬﻲ وﻗﺖ ﺟﻮن
ﻣﻤﺘﺎز ﺷﺨﺼﻴﺘﻮن آﻫﻦ .اﻫﮍي دور ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ درﭔﺎري ﭔﻮﻟﻲ ﻫﺌﻲ ،ﭘﺮ ﻋﺎم ﺟﺎم ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ۽ ﻟﮑﻲ وﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ .ان ۾ ﻣﺸﺎﻋﺮا ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﺷﻌﺮ ﻟﮑﮡ ۾ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﮡ ﻃﺒﻊ آزﻣﺎﺋﻲ ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن. ﻛﻬﮍو ﻋﺠﺐ ﺟﻲ ﻛﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ دروﻳﺶ دل ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻲ اﻧﺘﺨﺎب ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ﺗﻮﺣﻴﺪ ۽ ﺗﺼﻮف ﺟﻲ ﺑﻲ ﭘﺎﻳﺎن ﺑﺤﺮ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ )وﻓﺎت ۶۷۲ﻫﻪ۱۲۷۳/ع( ﺟﻲ ﻣﺜﻨﻮي ﻣﻌﻨﻮي ﺗﻲ ﭘﻴﺌﻲ ۽ اﻧﻬﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﻐﺎم ﺟﻮ ﺳﺮ ﭼﺸﻤﻮ ﺑﻨﺎﻳﺎﺋﻴﻦ .ﺑﻘﻮل ڊاﻛﭩﺮ ﻫﺮو ﻣﻞ ﺳﺪا رﻧﮕﺎﮢﻲ ﺟﻲ اﻧﻬﻲ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻧﺎﻣﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻬﮍوڪ ﺳﻨﺎﺋﻲ ) ۵۴۵ﻫﻪ ۱۱۵۰/ع( ،ﻋﻄﺎر ) ۶۲۷ﻫﻪ۱۲۳۰/ع( ،ﺳﻌﺪي )۶۹۱ ﻫﻪ۱۲۹۱/ع( ،ﺷﺒﺴﺘﺮي )۷۲۰ﻫﻪ۱۳۲۰/ع( ﺣﺎﻓﻆ ) ۷۹۱ﻫﻪ ۱۳۸۹/ع( ،ﺟﺎﻣﻲ ) ۷۹۸ﻫﻪ ۱۴۹۳/ع( ۽ ﻫﻨﺪ ﺟﻲ اﻣﻴﺮ ﺧﺴﺮو ) ۷۲۵ﻫﻪ ۱۳۲۴/ع( ،ﻋﺮﻓﻲ ) ۹۹۹ﻫﻪ ۱۵۹۲/ع( وﻏﻴﺮه ﮐﺎن ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ،ﻟﻴﻜﻦ اﻫﻮ ﻣﺸﺮق ﺟﻮ اول ﻧﻤﺒﺮ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ روﻣﻲ ﺋﻲ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﻼم ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺜﻨﻮي ﺟﻮ ﮔﻬﺎﭨﻮ اﺛﺮ رﺳﺎﻟﻲ ﻣﺎن ﻧﻤﺎﻳﺎن آﻫﻲ .ان ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺜﺎل ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ڏﻳﺌﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮﭠﺎﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻤﺪان ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻋﺒﺪاﻟﺤﻤﻴﺪ ﻣﺘﻘﻲ )ﺣﻤﻴﺪ ﺷﻬﻴﺪ( ﭔﮅاﻳﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ ﻣﺜﺎل ڊاﻛﭩﺮ ﻫﺮوﻣﻞ ﺳﺪار ﻧﮕﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﻬﺮاڻ ۾ ﮀﭙﻴﻞ ﻫﻚ ﻣﻀﻤﻮن ﻣﺎن ڏﻳﺌﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن.
اﻧﺴﺎﻧﻲ ﻋﻴﺒﻦ ﺟﻮ وﻳﭽﺎر ﻛﻨﺪي ﻧﻤﺎﮢﻮ ﻟﻄﻴﻒ ﻧﻨﮕﻲ ﻧﻨﮕﭙﺎل ﮐﻲ ﻋﺮض ﭤﻮ ﻛﺮي:
م
ﻛﻮﻧﻬﻲ
ﻛﺮ
ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ
ﻛﻤﻴﮣﻲ
ڍول!
ﻧﺎن
ڍﻟﻮ،
ﻧﻠﻮ،
ﺟﻮ،
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ روﻣﻲ ﺑﻪ ڌﮢﻲ در اﻫﺎﺋﻲ اﻟﺘﺠﺎ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ: اي
ﺧﺪا
اﻳﻦ
ﺟﺰ
ﺗﻮ
ﭘﻴﺶ
ﮔﺮ
ﻫﻢ
ﺑﺪم
ﻫﻦ
دﻋﺎ
ﺳﺘﺮ
ﻛﻪ
وﻫﻢ
)اي ﺧﺪا ﺑﻨﺪي ﮐﻲ رﺳﻮا ﻧﻪ ﻛﺮ
ﻧﺎﺗﻮ
وﭠﻴﻮ ﺑﻨﺪه ﺑﺮ
ﺑﮕﺮ
ﻣﻦ
اﺟﺎﺑﺖ
ﻧﻤﺎﮢﻲ ﺗﻮ
وﻳﭡﻲ را آرد
ﭘﻴﺪا
از
ﺳﻴﻦ ﺑﻠﻮ
آﻫﻴﺎن
رﺳﻮا
ﻣﮑﻦ
ﺑﻨﺪه
دﺳﺖ
ﺗﻮ
ﻣﮑﻦ
ﻫﺴﺖ
ﺗﻮﮢﻲ ﺑﮁﮍو آﻫﻴﺎن ،ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮘﺠﻬﻪ ﻇﺎﻫﺮ ﻧﻪ ﻛﺮ، ﺗﻮ ﺑﻨﺎ ﺑﻨﺪو ﭔﺌﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﮘﻴﺎن ﻫﭣ ﮐﮣﻲ ؟
ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺋﻲ دﻋﺎ ۽ ﻣﻨﻈﻮري درﻛﺎر آﻫﻲ(.
ﭘﻴﺎر ﺳﺪاﺋﻴﻦ ﭔﻪ ﻃﺮﻓﻮ ﭤﻴﻨﺪو آﻫﻲ ،ﺳﺮ آﺑﺮي ۾ آﻳﻞ
”ﺗﻮ ﺟﻨﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﺎت ،ﺗﻦ ﭘﮡ آﻫﻲ ﺗﻬﺠﻲ“
وارو ﻟﻄﻴﻔﻲ ﺧﻴﺎل
اﻧﺪر ﺟﻨﻴﻦ اڃ ﭘﺎﮢﻲ اﭸﺌﻮ ان ﮐﻲ
ڏﺳﻮﺗﻪ ﻣﺜﻨﻮي ﺟﻲ ﻫﻴﭟ ڏﻧﻞ ﺑﻴﺖ ڏاﻧﻬﻦ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻮ رﺟﻮع ﻛﺮاﺋﻲ:
ﺗﺸﻨﮕﺎن
آب
ﻫﻢ
ﮔﺮ
)ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اﭸﺎﻳﻞ ﺟﻬﺎن ۾ ﭘﺎﮢﻲ ﭤﺎ ﮘﻮﻟﻴﻦ
ﺟﻮ
آب
ﻳﺪ
ﺟﻮﻳﻨﺪ
ﺑﻌﺎﻟﻢ
از
ﺟﻬﺎن
ﺗﺸﻨﮕﺎن
ﺗﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﮡ دﻧﻴﺎ ۾ اﭸﺎﻳﻞ ﭤﻮ ﮘﻮﻟﻲ(
ﺳﺮ ﺳﻬﮣﻲ ۾ درﻳﺎ ﺟﻲ دﻫﺸﺖ ۽ ﻛﻨﻦ ﺟﻲ ﻗﻬﺮ ﺟﻮ ﻫﻮﻟﻨﺎڪ ﻣﮕﺮ ﺟﺎدو ﭜﺮﻳﻮ ﻣﻨﻈﺮ اﮐﻴﻦ آڏو آﮢﻴﻨﺪي ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻮ: ﺳﭵﺎ
ﭘﺮزو
ﭔﺎر
ﭔﻴﮍا
ﭘﻴﺪا
ﭤﺌﻲ
ﻧﻪ
ﻫﻠﻴﺎ
۾،
ﺗﺨﺘﻮ
ﻫﻴﭟ
ﻣﻨﺠﻬﺎن
وﭸﻦ، ﺗﻦ
ﺑﻘﻮل ڊاﻛﭩﺮ ﻫﺮو ﻣﻞ ﺳﺪا رﻧﮕﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻛﻴﺮ ﭼﻮﻧﺪو ﺗﻪ اﻫﻲ ﺳﭩﻮن ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻲ ” ﺑﻮﺳﺘﺎن “ ۾ آﻳﻞ ﻫﻦ ﺑﻴﺖ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻞ داد ﺗﺮﺟﻤﺎﻧﻲ ﻧﭥﻴﻮن ﻛﻦ :
در
ﮐﻪ
اﻳﻦ
ورﻃﻪ
ﭘﻴﺪا
ﻛﺸﺘﻲ
ﻧﻪ
ﺷﺪ
)ﻫﻦ ﻛﻦ ۾ ﻫﺰارﻳﻦ ﭔﻴﮍا ﻫﻴﭟ ﻫﻠﻴﺎ وﻳﺎ
ﺗﺨﺘﻪ
ﻓﺮو
اﺷﺪ
ﻫﺰار
ﺷﺪ
ﺑﺮﻛﻨﺎر
ﺟﻦ ﺟﻮ ﻫﻜﮍو ﺗﺨﺘﻮ ﭘﮡ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﭘﻴﺪا ﻧﻪ ﭤﻴﻮ )ﻧﻪ ﻣﻠﻴﻮ(
ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻮن ﻫﻴﭡﻴﻮن ﺳﭩﻮن:
-۱ﭘﭿ ﭘﺘﻨﮕﻦ ﮐﺎن ﺳﻨﺪﻳﻮن ﮐﺎﻣﮡ ﺧﺒﺮون ُ -۲ﻟﮁﮡ ﻟﻨﻮ ﻟﻄﻴﻒ ﭼﻲ ،ﭘﮅر ﻫﮇم ﭘﺎ
ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺷﻴﺮازي ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﺳﭩﻦ ﺟﻮن ﺳﻜﻮن ﭤﻴﻮن ﻻﻫﻴﻦ. اي
ﻛﺎن
ﻣﺮغ
ﺳﻮﺧﺘﻪ
ﺳﺤﺮ!
ﺟﺎن
را
ﻋﺶ
ﺷﺪ
ز
ﭘﺮواﻧﻪ
و
ﺑﻴﺎ
آواز
)ﺗﺮﺟﻤﻮ :اي ﺑﻠﺒﻞ! ﻋﺸﻖ ﻛﺮڻ ﭘﺮواﻧﻲ ﮐﺎن ﺳﮏ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﮍﻧﺪي ﺳﺎﻫﻪ ڏﻧﻮ ﭘﺮ ﭔﮍڪ ﺑﻪ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻪ ﻛﮃي( ﺳﺎﮘﻲ رﻳﺖ:
ﻣﻮز
ﻧﻴﺎﻣﺪ
”ﺟﻲ وﺻﻞ ﭤﻴﺎ وﺻﺎل ۾ ،ﺳﻲ ذرو ﻇﺎﻫﺮ ﻧﻪ ﻛﻦ“
ﭘﮡ ﻣﭥﺌﻴﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻌﺪي ﺷﻴﺮازي ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﺳﭧ ڏي ڌﻳﺎن ﮀﻜﺎﺋﻲ ﭤﻮ.
ان راﮐﻪ ﺧﺒﺮ ﺷﺪ ﺧﺒﺮي ﺑﺎز ﻧﻴﺎﻣﺪ
)ﺗﺮﺟﻤﻮ :ﺟﻨﻬﻦ ﭴﺎﺗﻮ ﺗﻨﻬﻦ ﺣﺎل ﻇﺎﻫﺮ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ(
ﻳﺎ ﺟﻴﺌﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ:
ﻫﺮ
ﻣﻬﺮ
ﮐﻪ
ﮐﺮدﻧﺪ
را
ﺣﻖ
اﺳﺮار و
)ﺗﺮﺟﻤﻮ :ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﻖ ﺟﺎ راز ڏﻳﮑﺎرﻳﺎﺋﻮن )ﺳﻴﮑﺎرﻳﺎﺋﻮن(
دﻫﺎﻧﺶ
آ
ﻣﻮﺧﺘﻨﺪ دوﺧﺘﻨﺪ
ان ﮐﻲ ﻣﻬﺮ ﭤﺎ ﻛﻦ ۽ ان ﺟﻮ وات ﺳﺒﻦ (
ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ: ”اﻧﺪر
آﺋﻴﻨﻮ
ﻛﺮي.
ﭘﺮ
۾
ﺳﻮ
ﭘﺴﻴﺞ
راﻫﻪ
اﻧﻬﻢ
۽ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﭤﻮ ﻓﺮﻣﺎﺋﻲ: ﺳﻌﺪي!
زﻧﮕﺎر
ﺗﻪ
رﻣﻴﺞ، ﺣﺠﺎب
ﭼﻮن
ﺧﻮرده
ﻣﺸﺎﻫﺪو
ﻧﻴﺴﺖ
ﻣﺎﮢﻴﻦ“ آﺋﻴﻨﻪ
ﺗﻮ
ﺑﻨﻤﺎﻳﺪ
)ﺗﺮﺟﻤﻮ :اي ﺳﻌﺪي! ﻛﻮﺋﻲ ﭘﺮدو ﻛﻮﻧﻬﻲ ،ﺗﻮن آﺋﻴﻨﻮ ﺻﺎف رک
ﭘﺎڪ
ﺟﻤﺎل
دار
دوﺳﺖ
ﻛﭧ ﭼﮍﻫﻴﻞ آﺋﻴﻨﻮ ﻳﺎر ﺟﻮ ﺟﻤﺎل ﻛﺌﻦ ﭘﺴﺎﺋﻴﻨﺪو .
ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﭼﻮي ﭤﻮ:
ﻋﺰازﻳﻞ،
ﻋﺎﺷﻖ
ﻣﻨﺠﻬﺎن
ﺳﺒﻴﻞ
ﺳﻚ
ﭔﻴﺎ
ﻣﮍﺋﻲ
ﻟﻌﻨﺘﻲ
ﺳﮅرﻳﺎ
ﭤﺌﻮ.
ﻻل
ڊاﻛﭩﺮ ﺳﺪا رﻧﮕﺎﮢﻲ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺳﺎوه )ﻗﺰوﻳﻦ( ﺟﻮ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻌﻔﺮ ،اﻫﺎﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻚ رﺑﺎﻋﻲ اﻧﺪر ﻫﻦ رﻳﺖ ﻗﻠﻤﺒﻨﺪ ﻛﺮي وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺟﻌﻔﺮ در
رو،
ﻳﻚ
ﺳﺨﻦ
از
وادي
ﺷﻴﻮه
ﻛﻌﺒﻪ
ﺑﻨﺪﮔﻲ
ﻗﺒﻠﻪ
و
ﺷﻚ
ﮔﺰﻳﻦ
)ﺗﺮﺟﻤﻮ :اي ﺟﻌﻔﺮ! ﻛﻌﺒﻲ ۽ ﻣﻨﺪر ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻛﺮ
از
ﭼﻮ
ز
و
دﻳﺮ
ﮔﻤﺮﻫﺎن
ﻣﻜﻦ ﻣﻜﻦ
ﺳﻴﺮ
ﺷﻴﻄﺎﻧﻲ
ﺳﺠﺪه
آﻣﻮز
ﻣﻜﻦ
ﭜﭩﻜﻴﻠﻦ واﻧﮕﺮ ﺷﻚ ﺟﻲ وادي ۾ ﺳﺌﺮ ﻧﻪ ﻛﺮ وڃ ،ﺑﻨﺪﮔﻲ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﺷﻴﻄﺎن ﮐﺎن ﺳﮏ
ﻫﻜﮍو ﻗﺒﻠﻮ ﭼﻮﻧﮉ ۽ ﻏﻴﺮ اﮘﻴﺎن ﺳﺠﺪو ﻧﻪ ﻛﺮ(
ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺷﻌﺮ: ”ﻣﻮن ُاﭜﺎ
ﮐﻲ
ﻣﻮن
اﻳﻦ
ﺟﻮ ﻫﻢ ﺧﻴﺎل ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻮ ﺷﻌﺮ درﻣﻴﺎن
ﺑﺎز
ﻗﻌﺮ
ﻣﻴﮕﻮﺋﻲ
ﻛﻪ
ﭘﺮﻳﻦ،
ﭼﻮن،
درﻳﺎ
داﻣﻦ
ﺗﺨﺘﻪ
ﻣﺘﺎن
ﭔﮅي
وڌو
ﭘﺎﻧﺪ
ﺑﻨﺪم
ﺗﺮ
ﭔﺎر
ﻛﺮده
ﻫﺸﻴﺎر
ﻣﻜﻦ
۾
ﭘﺴﺎﺋﻴﻦ“ اي
ﺑﺎش
ﺷﺮوع واري ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ ﻫﺎﮢﻲ ڊاﻛﭩﺮ ﺳﺪا ﻧﮕﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﻟﻲ ﻣﺎن ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ اﭤﻢ ﺗﻪ ان ﻣﻌﻨﻲ ﺷﻌﺮ ﺣﺎﻓﻆ ﺟﻮ ﺑﻪ ﭼﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ. ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻫﻢ ٰ
آﺷﻨﺎﻳﺎن ﻏﺮق
ره
ﮔﺸﺘﻨﺪو
ﻋﺸﻖ
ﻧﮓ
ﺷﺘﻨﺪ
درﻳﻦ
ﺑﻪ
)ﺗﺮﺟﻤﻮ :ﻋﺸﻖ ﺟﻲ راﻫﻪ ﮐﺎن واﻗﻒ ،ﻫﻦ اوﻧﻬﻲ ﺳﻤﻨﮉ ۾ ﻏﺮق ﭤﻴﺎ ،ﭘﺮ ﭘﺎﮢﻲ ۾ ﻧﻪ ﭘﺴﻴﺎ(
ﺑﺤﺮ
آب
ﻋﻤﻴﻖ
آﻟﻮده
ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﻲ ﻣﭥﻴﻮن ﺳﭛ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ڌﻳﺎن ۾ ﺟﻲ رﮐﺠﻦ ﺗﻪ ﻣﻌﻠﻮم ٿ ﻳﻨﺪو ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ وﻃﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ان ۾ ﺷﻌﺮ و ﺷﺎﻋﺮي ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪي ﻫﺌﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻻﮐﻴﮣﻲ ﻟﻄﻴﻒ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ۽ روﻣﻲ ﺟﻲ ﻣﺜﻨﻮي رﻫﻨﺪي ﻫﺌﻲ ،۽ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۽ ﭼﻮراﻫﻦ ﺗﺎن اڄ ﻛﻠﻬﻪ آﺋﻮن ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ،ان ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ وﻃﻦ ﺟﻲ رﻫﮣﻲ ﻛﻬﮣﻲ ،ﺗﻬﺬﻳﺐ ،ﺛﻘﺎﻓﺖ ،وﮢﺞ واﭘﺎر ،ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ۽ رﺳﻢ و راج ﺗﻲ وڏو اﺛﺮ ﻫﻮ ،ﻫﻚ ﻋﺠﻴﺐ ﻣﺴﺮت ۽ ﺣﻴﺮت ﺟﻮ ﺗﺎﺛﺮ ڏﺋﻲ ﭤﻮ.
ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ وري آﺋﻲ ﻳﺎد..... ﻛﻼس ﻣﻴﭧ اﺳﻼم ٰ ﮔﺬرﻳﻞ ﺻﺪي ﺟﻲ آﺧﺮي ڏﻫﻲ ﮐﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﻮن ﺗﻴﺰي ﺳﺎن ﺑﺪﻟﺠﻨﺪڙ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﻛﺮي ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺴﺘﻲ آﺋﻲ آﻫﻲ، ﻧﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن اﻳﺘﺮو ﺗﻪ وﻳﺠﻬﺎ ﺗﻌﻠﻘﺎت ﭘﺌﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﻫﺠﻦ ،ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺑﻪ اﺳﺎن ﻻ ﻫﻚ ﻣﺴﻠﻤﺎن ۽ دوﺳﺖ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ ﻧﻪ اﻳﺮان واﻧﮕﺮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ وري ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻃﺮح اﺗﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻳﺎ ﻋﻮام اﺳﺎن ﮐﻲ اﻫﮍي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ ،اﺋﻴﻦ دل ۾ ﺟﺎﻳﻮن ڏﻧﻴﻮن ﻫﺠﻦ ۽ اﻳﺮاﻧﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﻛﻮ ﻋﺮب اﭼﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ رﻫﻲ ﭘﻮي ۽ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺳﮇاﺋﻲ- ان ﺟﺎ ﻣﺜﺎل ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﻲ ﻣﻠﻨﺪا ﻫﺠﻦ .ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ۽ اﺳﺎن ﺟﺎ اﻳﺮان ۾ ،ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ،ﺷﺎدﻳﻮن ﻣﺮادﻳﻮن ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ آﻫﻦ -ﺟﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺜﺎل ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ وارن ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ڏﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .اﻫﮍن ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ ﭔﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺑﻪ اﭼﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻦ اﻳﺮان ﻣﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﻴﺎﺋﻮن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ﺗﻮڙي ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺳﻴﻜﻨﮉ ﻛﻼس ﺷﻬﺮي ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺑﺪران ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﭩﻴﻠﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺷﻬﺮي ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻟﮏ ﻋﺰﺗﻮن ڏﻳﻨﺪي رﻫﻲ آﻫﻲ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﮉٽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﭘﻴﭩﺎرو ﺟﻮ دوﺳﺖ ﺧﺎﻟﺪ ﻫﺎﺷﻤﺎﮢﻲ آﻫﻲ .ﻣﺤﻤﺪ ﺻﺎﻟﺢ ﻣﻴﻤﮡ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺧﺎﻟﺪ ﺟﻮ اﺻﻞ ﮘﻮٺ ﻣﭩﻴﺎري آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﭴﺎﺋﻮ ۽ وڏو ﺣﻴﺪرآاﺑﺪ ﺟﻲ ﮔﺎڏي ﮐﺎﺗﻲ ۾ ﭤﻴﻮ .ﻛﺌﮉٽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎن اﻧﭩﺮ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻣﻬﺮاڻ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن B.Eﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﻮ اﻳﺮان ۾ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ﺷﺎدي ﻛﺮي رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﻮ واﺷﻨﮕﭩﻦ ڊي ﺳﻲ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ. ﺳﻨﺪس ۽ ﺳﻨﺪس ﭜﻴﮣﻮﺋﻲ اﻧﻜﻢ ﭨﺌﻜﺲ ﻛﻤﺸﻨﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﻗﺒﺎل ﺟﻤﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﺗﻔﺼﻴﻠﻲ اﺣﻮال آﻣﺮﻳﻜﺎ واري ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ”ﻧﻴﻮﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ“ ۾ ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ان ﻛﺮي ﻫﺘﻲ ان ﮐﻲ ورﺟﺎﺋﮡ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﻬﺎن.
ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭔﻴﻮ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﻣﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ ۽ اﺗﻲ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ اﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭼﻨﮕﺎﻧﮓ ﺟﻲ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ )ﻫﺎڻ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ( ۾ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻣﺼﻄﻔﻲ آﻫﻲ .اﺳﻼم ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻮ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ اﺳﻼم ٰ ٰ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻮ ﻛﻴﮉٽ ﻫﻮ ۽ اﺳﺎن ﻫﺎﺳﭩﻞ ۾ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﻼﻛﻦ ۾ رﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ )ﻫﻮ ﻣﻴﺰن ﭨﺎپ ۾ آﺋﻮن ﻣﻴﻦ ﭨﺎپ ۾( ﭘﺮ ﻛﻼس روم ۾ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﺎﮘﻴﻦ ﺑﻴﻨﭽﻦ ﺗﻲ وﻳﻬﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﻫﻮ اﮘﺌﻴﻦ ﺑﻴﻨﭻ ﺗﻲ ۽ ان ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن واري ﺑﻴﻨﭻ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ .ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﺞ ﺳﺎل آﺋﻮن ﻛﻴﮉٽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ رﻫﻲ ﻣﻴﭩﺮڪ ۽ اﻧﭩﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﻣﺼﻄﻔﻲ اﻫﻲ ﺳﺎل PAFﭘﺒﻠﻚ اﺳﻜﻮل ،ﺳﺮﮔﻮڌا ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻮ .ﺳﻨﺪن اﻧﮕﺮﻳﺰ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎل ﻛﺌﭽﭙﻮل ۽ اﺳﺎن ﺗﻪ اﺳﻼم ٰ ﺟﻮ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎل ﻛﻮﻣﺒﺲ دوﺳﺖ ﻫﺌﺎ ۽ ﻧﻪ رﮘﻮ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ اﻳﻨﺪا وﻳﻨﺪا رﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ ،ﭘﺮ ﭨﻮرﻧﺎﻣﻴﻨﭩﻦ ۾ ﺣﺼﻮ وﭠﮡ ﻻ اﺳﺎن اﺳﺎن ﮐﻲ ﺑﻪ وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﭘﻴﭩﺎرو وارن ﺟﻲ ﺳﺮﮔﻮڌا ۽ ﺣﺴﻦ ﻋﺒﺪال ﻛﺌﮉٽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻲ ﻛﺌﮉﭨﻦ ﺳﺎن ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾ ﺳﭡﻲ دوﺳﺘﻲ ۽ Understandingرﻫﻲ .ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺑﻌﺪ ﭨﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ورﻛﺸﺎپ ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ۾ ﺑﻪ ﮔﮇ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ .ان ﺑﻌﺪ اﺳﺎن ﭔﻨﻬﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﻳﺎﺳﻴﻦ .ﺳﺘﺮ واري ڏﻫﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﭗ ﻳﺎرڊ ۾ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﭠﻬﻨﺪڙ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﻧﻈﺮ رﮐﮡ ﻻ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﻣﺼﻄﻔﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﻃﺮﻓﺎن ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻴﻞ ﻧﻮن ﺟﻬﺎزن ۽ ﺳﭡﻲ ﭘﮕﻬﺎر ﺟﻲ آﻓﺮ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ اﺳﻼم ٰ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮀﮇي ﺗﻬﺮان ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ان وﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﻴﻦ ﭔﺌﻲ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﺗﻮڙي ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﻨﺎري ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﭤﻲ.
ﻣﺼﻄﻔﻲ اﻳﺮان ۾ ﻓﺮﺧﻨﺪه ﻧﺎﻟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﮀﻮﻛﺮي ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﺳﻼم ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻫﻴﮉ آﻓﻴﺲ ﻫﺌﻲ ۱۹۸۰ ،ﮐﺎﻧﭙﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﺳﻼم ۾ ﭘﮍﻫﻲ ﭤﻲ ،ﺟﺘﻲ اﺳﻼم ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺳﺎن وري ﻣﻼﻗﺎت ﻧﻪ ﭤﻲ .اﺳﺎن ﺟﺎ ﭔﺎر وڏا ۽ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﻻﺋﻖ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﮀﮇي ﻛﻨﺎري ﺟﻲ ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﺟﻬﺎزن ﺟﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺗﻬﺮان ۾ آﻓﻴﺲ ۾ رﮐﻴﻮ ،آﺋﻮن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﻧﻮﻛﺮي اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ .اﺳﻼم ٰ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﺲ .ﻧﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ اﭼﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﻧﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻳﺮان وﭸﮡ ﺟﻮ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﺳﻴﻤﻴﻨﺎرن ۽ ﻛﺎﻧﻔﺮﻧﺴﻦ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ،ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ ﭤﻴﻮن ﭤﻲ ۽
ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺑﺪران ﻛﻮ ﭔﻴﻮ آﻳﻮ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﺪﻋﻮ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻤﻴﺸﻪ اﺳﻼم اﺳﻼم ٰ ٰ ﭤﻲ .اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔ ٰﻲ ﭘﻨﮉي ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻮ ،ﺳﻨﺪس واﻟﺪه ﻣﻴﮉم رﻗﻴﻪ ﺟﻨﻬﻦ راوﻟﭙﻨﮉي ﺟﻲ ﻛﺎﻧﻮﻳﻨﭧ اﺳﻜﻮل ۾ ۳۶ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻮن ﭔﻪ ﭜﻴﮣﻮن دل ﺟﻲ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﺳﺮﺟﻦ ﻣﻴﺠﺮ ﺳﺎل ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ ،ان ﺟﻮ اﻧﺘﻘﺎل ﭤﻲ ﭼﻜﻮ ﻫﻮ ،ﭘﺮ اﺳﻼم ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻨﺮل ﻧﺎﺻﺮ اﺳﻼم ﺟﻲ زال ﻧﺮﺟﺲ ۽ ﻧﻘﻲ ﺣﺴﻦ ﺟﻲ زال ﻋﺬار ﭘﻨﮉي ۾ ﺋﻲ رﻫﻴﻮن ﭤﻲ .ان ﻛﺮي اﺳﻼم ٰ ﺳﺎل ﭔﻦ ۾ ﻫﻚ ﭼﻜﺮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺿﺮور ﻟﮙﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ .ﺳﺎل ۲۰۰۱ع ﻫﻮ ،آﺋﻮن ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻫﻮس ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﺌﻴﻦ ﻣﺼﻄﻔﻲ اﺟﺘﺒﻲ ﺣﺴﻴﻦ زﻳﺪي ﺟﻮ ﻓﻮن آﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ اﻫﺎ ڏک ﭜﺮي ﺧﺒﺮ ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ اﺳﻼم ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ٰ ٰ ﮔﺬاري وﻳﻮ آﻫﻲ .رات ﮐﻴﺲ ﻫﺎرٽ اﭨﺌﻚ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮه ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ اڄ ﺳﻨﺪس ﻗﺒﺮ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﺑﻴﻬﻲ آﺋﻮن ﺳﻨﺪس ﻻ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ دﻋﺎ ﮔﻬﺮان ﭤﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻗﺒﺮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﻛﺘﺒﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﻨﺪس ﺗﺼﻮﻳﺮ ۽ ﭴﻢ ۽ وﻓﺎت ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ،ان ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻛﮃان ﭤﻮ .ﺳﻨﺪس ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ ڌي ﻋﺎﻟﻴﻪ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﭼﻮان ﭤﻮ ﺗﻪ ﻋﺎﻟﻴﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ واﻟﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﺮ ﺟﻮ ﻫﻮ ۽ اﺳﺎن ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾ ﭘﮍﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ﺑﻠﻜﻞ ﺗﻮ ﺟﻬﮍي ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ .ﺳﻨﺪس وڏي ﭜﻴﮡ ﻋﻄﻴﻪ ۽ واﻟﺪه )ﭜﺎﭜﻲ ﻓﺮﺧﻨﺪه( ﺟﻲ اﮐﻴﻦ ۾ ﮘﻮڙﻫﺎ ﺗﺮي آﻳﺎ .ﺳﻨﺪس ﻧﻨﮃي ڌي ﻋﺎﺗﻴﻔﻪ ﭼﻴﻮ اﺳﺎن ﺟﻮ ﺑﺎﺑﺎ ڏاڍو ﺳﭡﻮ ﻫﻮ ،ﻫﺮ وﻗﺖ ﮐﻠﻨﺪو رﻫﻨﺪو ﻫﻮ. ”ﺑﻠﻜﻞ ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻲ ﭼﻮﻳﻦ ﺟﻬﮍو ﻫﻮ ﺻﻮرت ۾ ﻣﻮﭼﺎرو ﻫﻮ ﺗﻬﮍو ﺳﻴﺮت ۾“ ،ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﭔﮅاﻳﻮ ” ﻫﺮ ﻫﻚ ﺳﺎن ﭘﻴﺎر ﻣﺤﺒﺖ ﺳﺎن ﻣﻠﻨﺪو ﻫﻮ .ﻏﺮﺑﺖ ۾ رﻫﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ وڏي ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺌﻲ .ﻫﻮ ﻫﻚ ﻗﺎﺑﻞ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻫﻮ ،وڏو دﻟﻴﺮ ۽ وڏي ﻫﻤﺖ وارو “.
ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻬﮍا ﻧﻴﻚ ،ﻣﺪدﮔﺎر ۽ ﭔﻴﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل ﻛﺮڻ وارا ﺗﻤﺎم ﮔﻬﭧ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﻠﻨﺪا .ﻫﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺌﭻ ﺟﻲ اﺳﻼم ٰ ﻣﭥﺎﻫﻦ ﺷﺂﮔﺮدن ﻣﺎن ﻫﻮ .ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ۽ راﻧﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺗﻘﺮﻳﺮن ۽ ڊﺑﻴﭩﻦ ۾ ﺑﻪ ﻧﻤﺒﺮ ﮐﮣﻨﺪو ﻫﻮ .ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭔﻪ ﺳﺎل ﻧﻨﮃي ﭜﻴﮡ ﻧﺮﺟﺲ )ﻣﺴﺰ ﺟﻨﺮل ﻧﺎﺻﺮ( ﮐﻲ ﺑﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﮐﻲ ﻫﺮ ﭜﻴﺮي ﺗﻘﺮﻳﺮ ۾ اﻧﻌﺎم ﻣﻠﮡ ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻼس ﺟﻮ ﻣﭥﺎﻧﻬﻮن ﻣﺎن ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ واﺋﮍي ﭤﻲ ٰ وﺋﻲ. ﻣﺼﻄﻔﻲ ﮐﻲ اﻳﮇي ﺳﭡﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ ڏﻳﮡ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﭣ ﻫﻮ“ ﻣﻮن ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭘﮁﻴﻮ ﻫﻮ ”ﺿﺮور ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ واﻟﺪه ”اﺳﻼم ٰ ﺟﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻴﻜﺎ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﭨﻴﭽﺮ ﻫﺌﻲ“
ﻣﻌﻨﻲ ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻫﮍو ﺳﭡﻮ groomﻛﺮڻ ۾ وڏو ﻫﭣ ﺳﻨﺪس ”ان ﺟﻮ ﺑﻪ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ “ﻧﺮﺟﺲ ﭔﮅاﻳﻮ“ ﭘﺮ ﺻﺤﻴﺢ ٰ ﺳﺮﮔﻮڌا واري ﭘﺮﻧﺴﭙﺎل ﻛﺌﭽﭙﻮل ﺟﻮ ﻫﻮ“.
ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻮ واﻟﺪ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮔﺬاري وﻳﻮ ﻫﻮ .ﺳﻨﺪس واﻟﺪه ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮي ﮐﻴﺲ ۽ ﺳﻨﺪس ﭔﻦ ﭜﻴﮣﻦ ﮐﻲ ﻧﭙﺎﻳﻮ. اﺳﻼم ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﮐﻲ ﭼﺎر ﭔﺎر آﻫﻦ -ﭨﻲ ڌﻳﺌﺮون ،ﻋﻄﻴﻪ ،ﻋﺎﻟﻴﻪ ۽ ﻋﺎﺗﻔﻪ ۽ ﻫﻚ ﭘﭧ ﻋﻠﻲ .ﻋﻄﻴﻪ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۾ اﺳﻼم ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﭧ آﻫﻲ ۽ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮي ﭤﻲ ،ﺑﺎﻗﻲ ﺳﻨﺪس ﭜﻴﮣﻮن ۽ ﭜﺎ ﺗﻬﺮان ۾ ﺋﻲ ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .اﺳﻼم ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ وﻓﺎت وﻗﺖ ۵۶ﺳﺎل ﻋﻤﺮ ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ۱۵ﺟﻮن ۱۹۴۴ﺗﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻳﻮﭘﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﻴﺮٽ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ٰ ﮔﻬﺮ ﺟﻨﻢ ورﺗﻮ ﻫﻮ .ورﻫﺎﮜﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻨﻦ راوﻟﭙﻨﮉي ۾ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ.
ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻼس روم ۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ ﭔﮅڻ ۽ ﻣﻴﺲ ۾ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﮐﺎن وﭠﻲ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ اﺳﻼم ٰ ﮔﻬﻤﮡ ۽ ﻃﻮﻓﺎﻧﻲ راﺗﻴﻦ ۾ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﻴﻚ ﻳﺎدون واﺑﺴﺘﻪ آﻫﻦ .ﻫﺎﺳﭩﻞ ﺟﻲ راﻧﺪﻳﻦ ۾ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ،ﭘﺮ ) Rowingﭼﭙﻦ ذرﻳﻌﻲ ﭔﻴﮍي ﻫﻼﺋﮡ()Sailing ،ﺳﮍﻫﻦ رﺳﺘﻲ ﭔﻴﮍي ﻫﻼﺋﮡ( ﺟﻬﮍن ﻛﻤﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﮔﮇ ﮔﮇ ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ اﺗﻲ ﺳﺰاﺋﻮن ﺑﻪ ﮔﮇ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ -ﺧﺎص ﻛﺮي اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎل ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺟﻮﻧﻴﺌﺮ ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﭔﺌﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﭨﻴﻤﻦ ﺟﺎ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ اﺗﻲ PTﭘﺮﻳﮉ ﮐﺎن ﻟﻨﻮاﺋﻴﻨﺪا ﭘﮡ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﺮ ﻫﻔﺘﻲ ڏﻳﮃ ﺑﻴﻤﺎري ﺟﻮ ﺑﻬﺎﻧﻮ ﻛﺮي Sick Parade۾ داﺧﻞ ﭤﻲ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻲ ) Sick bayاﺳﭙﺘﺎل( ۾ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ،ﺟﺘﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺗﻪ ڊاﻛﭩﺮ دواﺋﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ ﻳﺎ ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ Rest ﻟﮑﻲ ڏﻳﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ Malingering )ﺑﻬﺎﻧﻲ ﺑﺎزي( ﻟﮑﮡ ﻛﺮي ﺳﺰا ﮐﺎﺋﮣﻲ ﭘﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ .ﭘﺮ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺻﺒﺢ ﺟﻮ PTﻣﻬﻞ ﻫﻔﺘﻲ ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﮀﻨﮁﺮ ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﺰا ﭘﻜﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﮇﻫﻦ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻚ ﻣﻴﻞ ﺟﻲ ڊوڙ ۾ اﺳﺎن آﺧﺮي ﭘﻨﺠﻦ ﻛﺌﮉﭨﻦ ۾ ﻫﻮﻧﺪا
ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ .اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﮑﻮ ڊوڙڻ ﻻ اﻫﻮ ﭼﺘﺎ ڏﻧﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ آﺧﺮي ﭘﻨﺠﻦ ﭴﮣﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ اڌ ﻣﻴﻞ ڊوڙﮢﻮ ﭘﻮﻧﺪو .ﭔﻦ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﺎﺋﺰو ﻟﮙﺎﺋﻲ ورﺗﻮ ۽ اﻫﺎ ﺳﻬﮣﻲ ﺻﻼح ﻣﻮن ﮐﻲ ﺑﻪ ڏﻧﻲ ﺗﻪ: ﭨﻦ ﻫﻔﺘﻦ اﻧﺪر اﺳﻼم ٰ ”ﻋﻘﻠﻤﺒﻨﺪي ان ۾ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﮑﻮ ڊوڙڻ ﺑﺪران آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ڊوڙﺟﻲ“
”واﻫﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ واه!“ ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ“ ۽ اڌ ﻣﻴﻞ وڌﻳﻚ ڊوڙڻ ﺟﻲ ﺳﺰا ﮐﺎﺋﺠﻲ؟“ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﭼﻴﻮ. ”اﻫﺎ ﺳﺰا ﮐﺎﺋﮡ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ“ ،اﺳﻼم ٰ
ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ﻫﻮ ﭘﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻫﻮ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ آﻳﻮ. ”ﮀﻮ ﭜﻼ ؟“ ﻫﻮن ﺗﻪ اﺳﻼم ٰ
”ڏس ﻧﻪ ﭘﺎڻ ﭨﻴﻬﻦ ﭴﮣﻦ ۾ آﺧﺮ ﻛﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ آﺧﺮ ۾ ﺑﻪ اﭼﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو ،ﭼﺎﻫﻲ ﮐﮣﻲ ﻛﻴﮇو ﺑﻪ ﺗﮑﻲ ﮐﺎن ﺗﮑﻮ ڊوڙﺟﻲ“ اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ Reasoningﻛﺌﻲ“ ،اﻧﻬﻦ ﭘﻨﺠﻦ ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﭘﺎڻ ﺑﻪ اﭼﻮن ﭤﺎ“ ٰ ”ﭘﻮ ﭜﻼ ﮀﺎ ﻛﺠﻲ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.
ﻣﺼﻄﻔﻲ ”ﺗﮑﻮ ڊوڙڻ ﺑﺪران آﻫﺴﺘﻲ ڊوڙﺟﻲ ۽ اڌ ﻣﻴﻞ ﺳﺰا ﺧﺎﻃﺮ وڌﻳﻚ ڊوڙڻ ﺑﻪ ﺧﻮﺷﻲ ﺳﺎن ﻗﺒﻮل ﻛﺠﻲ“ اﺳﻼم ٰ ﭼﻴﻮ ”ﮀﻮ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﻴﻞ ﺗﮑﻮ ڊوڙڻ ﮐﺎن ڏﻳﮃ ﻣﻴﻞ آﻫﺴﺘﻲ ڊوڙڻ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ آﺳﺎن آﻫﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ﺗﻲ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭤﻮرو ﭤﻴﻨﺪو“
اﻛﻴﮉﻣﻲ وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ واﻗﻌﻮ ﻳﺎد ﭤﻮ اﭼﻲ .اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ وارن ۾ ﻫﻚ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻮ ﭘﻮڙﻫﻮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻛﺌﭙﭩﻦ واﭨﻜﻨﺴﻦ ﺑﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ وڏي ﻋﻤﺮ ۽ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺗﺠﺮﺑﻲ ﻛﺮي ﻫﺮ ﻫﻚ ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ، اﺳﺎن ﺧﻮﺷﻨﺼﻴﺐ ﭼﺌﺒﺎﺳﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻛﺌﭙﭩﻦ واﭨﻜﻨﺴﻦ ﺟﻬﮍي ﺷﺨﺼﻴﺖ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻧﻴﻮﻳﮕﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎب اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻴﻦ ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.
ﻫﻚ دﻓﻌﻲ UNOﻃﺮﻓﺎن ﻛﻮ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪو اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﭠﻬﻴﻞ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻨﻈﻮرﻳﻮن ڏﻳﮡ ﻻ اﭼﮣﻮ ﭤﻴﻮ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ﮐﺎن ڏﻫﻪ ﻣﻴﻞ ﮐﻦ ﭘﺮي ﺳﻤﻨﮉ ۾ ”ﺟﻠﺪﻳﺎ“ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﭔﻴﭧ ﺗﻲ ﻫﺌﻲ ﺳﻮ ﻫﻦ اوﭼﺘﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﻻ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﻣﻌﺰز ﻣﻬﻤﺎن ﮔﻬﺮاﺋﮡ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﭤﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ .ﺟﻠﺪي ﺟﻠﺪي اﻫﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻛﺌﮉﭨﻦ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻗﺪ ﺟﺎ ڊﮔﻬﺎ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ﺑﺪران ﻣﻬﻤﺎن ﻃﻮر ﺳﻮل ڊرﻳﺲ ﻣﺼﻄﻔﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ .اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻓﻘﻂ اﻫﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ۾ وﻳﻬﺎرﻳﻮ وﭸﻲ .ان ﻛﻢ ﻻ اﺳﻼم ٰ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ﺑﺪران Civilianڊرﻳﺲ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻮٽ ﻛﻮٽ ﭘﺎﺋﻲ اﭼﻮن ﭘﺮ اﺳﻼم ٰ ﻣﻮن ﮐﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﺌﻴﻦ دوﺳﺖ ﻗﻤﺮ اﻋﻈﻢ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻄﻤﺌﻦ ﻛﻴﻮ .اﺳﺎن واﻗﻌﻲ ﭔﺎﻫﺮان آﻳﻞ ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻣﻜﻤﻞ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺳﻮٽ ﭘﺎﺗﻮ ۽ ﻫﻚ ﻫﭣ ۾ ﻫﺌﭧ ۽ اﺋﻜﭩﻨﮓ ﺧﺎﻃﺮ ﻧﻪ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﭘﻲ ﭨﻲ ﻛﺌﺴﻴﻦ ﻧﻪ ﭘﺮﻳﮉ ،ﻧﻴﺮن ﺑﻌﺪ اﺳﻼم ٰ ﭔﺌﻲ ۾ ﭘﺎﺋﻴﭗ ،ﻗﻤﺮا ﻋﻈﻢ ﻛﮍ ﺗﻲ ﭘﺠﺎﻣﻲ ۾ ۽ آﺋﻮن وري ﻛﺎرو ﭼﺸﻤﻮ ﭘﺎﺋﻲ آڊﻳﭩﻮرﻳﻢ ڏي وڌڻ ﻟﮙﺎﺳﻴﻦ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻮ اﻳﺠﻮﻛﻴﺸﻦ آﻓﻴﺴﺮ ﻛﻤﺎﻧﮉر اﺳﺮار ا� ﻣﻠﻲ وﻳﻮ )ﻫﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﺌﮉٽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﭘﻴﭩﺎرو ۾ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ ﻫﻮ( .ان ﮐﻲ ان Planﺟﻲ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اڄ اﻳﻨﺪڙ ﻣﻬﻤﺎن ﺟﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺌﮉﭨﻦ ﮐﻲ ﺑﻨﺎ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ اﭼﮣﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﮐﻲ ﭘﺎﺋﻴﭗ )ﺳﻠﻔﻲ( ﮀﻜﻴﻨﺪو ﻫﻦ ﮐﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻲ ﻓﺌﻨﺴﻲ ڊرﻳﺲ ڏﺳﻲ ﺑﺎﻫﻪ وﭠﻲ وﺋﻲ -ﺧﺎص ﻛﺮي اﺳﻼم ٰ ڏﺳﻲ .ﭘﺮي ﮐﺎن ﺋﻲ رڙ ﻛﺮي ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ.
”“You jokers! Come here
۽ ﭘﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﻪ ان ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺳﺰا ﺧﺎﻃﺮ ﭘﺮﻳﮉ ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭼﻜﺮ ﻫﮣﺎﺋﻲ ﭔﻴﻦ ﻛﺌﮉﭨﻦ ﺟﻲ ﻧﻈﺮن ۾ ذﻟﻴﻞ ﻛﻴﻮ ،ان ﺑﻌﺪ ﭼﻴﻮ ”ﻫﺎڻ ﻓﻀﻴﻠﺖ ﺳﺎن ﺳﻮٽ ۽ ﭨﺎﺋﻲ ﭘﺎﺋﻲ اﭼﻲ وﻳﻬﻮ“
اﺳﺎن ﺳﺌﻮٽ ﭨﺎﺋﻲ ۾ اﮘﻴﻦ ﻗﻄﺎر ۾ وﻳﭡﻞ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻌﺰز ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ اﭼﻲ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ .ﭤﻮري دﻳﺮ ﺑﻌﺪ ﻛﺌﭙﭩﻦ واﭨﻜﻨﺴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻢ وﻃﻨﻲ ﮔﻮري اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻣﻬﻤﺎن ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن وﭠﻲ ﻫﺎل ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻮ ۽ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮن ۽ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ﮐﺎن آﻳﻞ ﻣﻌﺰز ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﺳﺎن ﺗﻌﺎرف ﻛﺮاﺋﮡ ﻟﮙﻮ .ﻫﻦ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ﻛﺎ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﺋﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد وڌاﺋﮡ ﻻ اﺳﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺌﮉﭨﺲ ﮐﻲ ﺑﻨﺎ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ﮔﻬﺮاﻳﻮ آﻫﻲ .ﻛﺌﭙﭩﻦ
واﭨﻜﻨﺴﻦ اﺳﭩﻴﺞ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮن ﺳﺎن UNOﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪي ﮐﻲ ﻣﻼﺋﮡ ﺑﻌﺪ ﺟﻬﮍو اﺳﺎن ڏي وڌﻳﻮ ۽ اﺳﺎن ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﭘﻴﺲ ﺗﻪ واﺋﮍو ﭤﻲ وﻳﻮ .ﻫﻦ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ اﺳﺎن ﻛﻮ Sick parade۾ آﻫﻴﻮن ،۽ ﻫﻦ ﻣﻬﻤﺎن ﮐﻲ اﺳﺎن ﺳﺎن ﻣﻼﺋﮡ ﺑﺪران اﺳﺎن ﮐﻲ ﭨﻮﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ؛
!You lazy bombs
Always in sick parade.
۽ اﺳﺎن ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﺎن ﺟﻲ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻲ ﻛﻤﺎﻧﮉﻧﭧ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻦ ﻟﻬﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ UNOﻃﺮﻓﺎن آﻳﻞ ﮔﻮرو ﮀﺎ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو ﺗﻪ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻫﻲ ﺑﻴﻤﺎرن ﺟﻲ ﻟﺴﭧ وارا ﻛﺌﮉٽ آﻫﻦ ﺗﻪ ﭘﻮ ﺳﻨﺪس ﺷﺎن ۾ آڌر ﭜﺎ ﻛﺮڻ وارا ﻛﻬﮍا ﻣﻬﻤﺎن ﺑﭽﻴﺎ .اﺳﻼم ٰ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﭤﻲ ﭘﻬﺎڄ ﻋﻮرت واﻧﮕﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻦ ۾ ﭼﻴﻮ؛ ”ﭼﮝﻮ ﭤﻴﻦ .ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﻤﭙﻠﻴﭧ ﺳﺌﻮٽ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ڊوڙاﺋﻲ ﺗﻴﻞ ﻛﮃﻳﺎﺋﻮن ان ﺟﻮ ﺑﺪﻟﻮ ﻣﻠﻴﻦ“.
اﻳﺮان ﻫﻚ ﻧﻈﺮ ۾ •
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﻴﻦ ﺗﻬﺬﻳﺒﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ.
ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺗﻪ اﻳﺮان اﭸﺎ ﺑﻪ وڏو ﻣﻠﻚ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ﻋﺮاق ،اڄ واري ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ،آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ • ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﺎ اﭼﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ.
اڄ ﺑﻪ اﻳﺮان ﻛﺎﻓﻲ وڏو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ .ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﺎ ،ﻓﺮاﻧﺲ ،اﺳﭙﻴﻦ ۽ ﭼﻮﭤﻮن ﺟﺮﻣﻨﻲ ﻣﻼﺋﺠﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻴﮇي • اﻳﺮاﺿﻲ ﭤﻴﻨﺪي .اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻤﻠﻲ ﭘﮑﻴﮍ ﺳﺎڍا ﺳﻮرﻫﻦ ﻟﮏ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ .ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن اﻳﺮان دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺳﺘﺮﻫﻮن ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.
ﭔﺎﻫﺮن ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن اﻳﺮان ﭨﻴﻠﻔﻮن ﻛﺮڻ ﻻ ۰۰۹۸ ﻛﻮڊ ﻣﻼﺋﺠﻲ ۽ ان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻛﻮڊ ﻧﻤﺒﺮ ﻣﻼﺋﺠﻲ. • ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﻛﻮڊ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: ﺗﻬﺮان
۰۰۹۸ ۵۱
اﺻﻔﻬﺎن
۰۰۹۸ ۳۱
ﺷﻴﺮاز
۰۰۹۸ ۷۱
ﺗﺒﺮﻳﺰ
اﻫﻮاز
۰۰۹۸ ۴۱ ۰۰۹۸ ۶۱
۰۰۹۸ ۲۵۱
ﻗﻢ
زاﻫﺪان
ﻫﻤﺪان
•
۰۰۹۸ ۵۴۱ ۰۰۹۸ ۸۱۱
اﻳﺮان ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ اﻣﺮﺟﻨﺴﻲ ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ:
ﭘﻮﻟﻴﺲ۱۱۰ :
اﺋﻤﺒﻮﻟﻴﻨﺲ۱۱۵ :
ﻓﺎﺋﺮ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ۱۲۵ :
•
اﻳﺮان ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺳﮇﺑﻮ آﻳﻮ ﭤﻲ.
۱۹۳۵۾ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻧﺎﻟﻮ ”ﭘﺮﺷﻴﺎ“ ﺑﺪران ”اﻳﺮان“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ.
۱۹۷۹۾ ﺷﻬﻨﺸﺎه اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر ﭤﻴﮡ ۽ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺟﻤﻬﻮري اﺳﻼﻣﻲ اﻳﺮان“ ) (Islamic Republic of Iranرﮐﻴﻮ وﻳﻮ. •
۱۹۸۰ﮐﺎن ۱۹۸۸ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪي رﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﻳﻌﻨﻲ Boundariesﺟﻲ ﻣﺎپ ورﺗﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ۵۴۴۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭤﻴﻨﺪي ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎڙي وارن • ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن ﻫﻦ رﻳﺖ ﻛﺎﻣﻦ ﺑﺎرڊر ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻮ :اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۹۳۶ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ،آرﻣﻴﻨﻴﺎ ۳۵ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ،آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۶۱۱ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ،ﻋﺮاق ۱۴۵۸ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۹۰۹ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ،ﺗﺮﻛﻲ ۴۹۹ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ۽ ﺗﺮﻛﻤﺴﺘﺎن ۹۹۲ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ.
اﻳﺮان ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ اوﻣﺎﻧﻲ ﻧﺎر ﭘﺎﺳﻲ واري ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻮ ۲۴۴۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﻛﻨﺎرو آﻫﻲ ۽ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ۾ ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ • ﺳﻤﻨﮉ ﭘﺎﺳﻲ ۷۴۰ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﻛﻨﺎرو آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﭘﻴﭩﺮوﻟﻴﻢ ،ﻗﺪرﺗﻲ ﮔﺌﺲ ،ﻛﻮﺋﻠﻲ ،ﻛﺮوﻣﻴﻢ ،ﭨﺎﻣﻲ ،ﻟﻮه ،ﺷﻴﻬﻲ ،ﺟﺴﺖ ۽ ﺳﻠﻔﺮ ﺟﻬﮍي ﻣﻌﺪﻧﻲ ﺷﻴﻦ • ﮐﺎن ﻣﺎﻻ ﻣﺎل آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺟﻲ آدﻣﺸﻤﺎري ﺳﺖ ﻛﺮوڙ ﮐﻦ آﻫﻲ .ﺟﻦ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻓﺎرﺳﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( ﻧﺴﻞ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻫﻦ۲۴ ، • ﺳﻴﻜﮍو آذري آﻫﻦ ۸ ،ﺳﻴﻜﮍو ﮔﻴﻼﻛﻲ ۽ ﻣﺰﻧﺪاراﻧﻲ آﻫﻦ ۷ ،ﺳﻴﻜﮍو ﻛﺮد ۳ ،ﺳﻴﻜﮍو ﻋﺮب ۲ ،ﺳﻴﻜﮍو ﻟﻮر )(Lur اﻫﮍا ۲ﺳﻴﻜﮍو ﺑﻠﻮچ ۲ ،ﺳﻴﻜﮍو ﺗﺮڪ ۽ ﺑﺎﻗﻲ ﻫﻚ ﺳﻴﻜﮍو ﭔﻴﺎ آﻫﻦ. ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ۹۰ﺳﻴﻜﮍو ﺷﻴﻌﺎ آﻫﻦ ۽ ۱۰ﺳﻴﻜﮍو ﺳﻨﻲ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﺠﻬﻪ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ،ﻳﻬﻮدي، • ﺑﻬﺎﺋﻲ ۽ ﭘﺎرﺳﻲ ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﺎ. •
ﻫﻤﮫ
ﺧﺠﻞ
اﻳﺮان ﮐﻲ ﻧﻈﺎﻣﻲ ﺟﻬﮍن ﺷﺎﻋﺮن ﺳﭵﻲ ﻋﺎﻟﻢ ) (Universeﺟﻲ دل ﺳﮇﻳﻮ آﻫﻲ .ﭼﻲ: ﻋﺎﻟﻢ
ﻧﻴﺴﺖ
ﺗﻦ
ﮔﻮ
اﺳﺖ
ﻳﻨﺪه
و
زﻳﻦ
اﻳﺮان
دل
ﻗﻴﺎس
اﻳﺮان ﻻ ﮔﻬﭧ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .ﭼﻲ ﻛﻮ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺟﻨﺖ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻳﺎ ﺑﺎغ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ دوﺳﺖ • ﻣﺎن ﻣﺸﻚ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ اﭼﻲ ﭤﻲ. ﺑﻮﺳﺘﺎن ﻫﻤﻲ
ﺑﻮي
ﻛﮫ
ﻣﺸﻚ
اﻳﺮان
آﻳﺪ
ﺑﻬﺸﺖ
از
اﺳﺖ
ﻳﺎ
دوﺳﺘﺎن
اﻳﺮان ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ آﻧﺪل اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎه ،آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ • ﺣﻜﻮﻣﺘﻦ ﺟﻮ ﭼﻤﭽﻮﭤﻴﻮ ﭘﺌﻲ ﻫﻠﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ واه واه ﭘﺌﻲ ﭤﻲ .آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن ﺟﻤﻬﻮرﻳﺖ ۽ ﻋﻮام ﻻ اﻧﺼﺎف ﺟﻬﮍﻳﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺋﻲ وﺳﺮي وﻳﻮن ﻫﻴﻮن ،ﺟﻴﺌﻦ ﺿﻴﺎء ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻻ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻫﻮ .ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻃﺎﻗﺘﻦ ﮐﻲ وٺ ﻧﭥﻲ ڏﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ ﺧﺮاب ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻳﺮان ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ .ﮔﺬرﻳﻞ ﭘﺎ ﺻﺪي ﮐﺎن آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ ذرﻳﻌﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻫﻮ ﭼﺘﺎ ڏﻧﻮ ﭘﻴﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺟﻬﻮ ﭤﻮ اﻳﺮان ﭨﭩﻲ .ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ﺳﺎن ﻳﻜﺪم اﺣﺴﺎس ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﮍي ﻛﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ ،ﭜﻠﻲ ﮐﮣﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻲ رﻳﭙﺒﻠﻚ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻋﺪم اﺳﺘﺤﻜﺎم ﺟﻲ دﻋﻮا ﻛﻨﺪا رﻫﻦ .ﺳﭻ ﺗﻪ ﻫﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن ﭘﺎڙو ﻋﻮام ۾ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺋﻲ اﻋﻠﻲ درﺟﻲ ﺟﻮ ﻣﻌﺎﺷﺮﺗﻲ اﻧﺼﺎف آﻫﻲ .اڄ ﻧﻪ رﮘﻮ ﻫﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﮐﻲ روز ﻣﺮه ﺟﻲ اوﻧﻬﻴﻮن آﻫﻦ .ان ﺟﻮ اﻫﻢ ﺳﺒﺐ ٰ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﺟﻲ ﺷﻴﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﺑﺮاﺑﺮ رﻋﺎﻳﺖ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺑﻠﻜﻪ اﻧﻬﻦ ﻏﺮﻳﺐ ۽ ﮘﻮﭠﺎﮢﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺻﺤﺖ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﺳﻬﻮﻟﺖ ﺑﻨﺎ ﻓﺮق رﮐﮡ ﺟﻲ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺷﺎه ﺟﻲ دؤر ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﮁﻴﻮ ﺑﻪ ﻛﻮﻧﻪ ﭤﻲ .اﻳﺮان ۾ اڄ ﻫﺮ ﻫﻚ ﮔﺎڏي رﮐﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﺷﺎه ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻫﺎ اﺟﺎزت ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﺧﺎص ﻃﺒﻘﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﺪود ﻫﺌﻲ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺎڻ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﺎ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺗﻪ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻮ ﻫﺠﻮم ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻮ آﻫﻲ .ﭘﺮ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﺳﻬﻮﻟﺖ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻌﺒﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎﺋﺪو رﺳﻴﻮ آﻫﻲ. ۲۸ﺳﺎل ﮔﺬري وﻳﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ اﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ۾ ﻛﺎﺑﻪ اﻫﮍي ﺗﺤﺮﻳﻚ ﭘﻴﺪا ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ • ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮام ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ اﺳﻼﻣﻲ ۽ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻣﺎن ﺑﺪ دل ﻧﺎﻫﻲ. ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﻼف ﻫﺠﻲ .ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٰ ﻛﻴﺘﺮن ﺗﺠﺰﻳﻪ ﻧﮕﺎرن ﺟﻲ اﻫﺎ را ﺿﺮور آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺎﻓﻲ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ آﻣﺮاﻧﻪ آﻫﻲ ﭘﺮ ان ﮐﻲ اﻋﻠﻲ ﻧﻈﺎم ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ ،ﺑﻠﻜﻪ اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﻟﭽﻚ رﮐﻲ ڊﻛﭩﻴﭩﺮﺷﭗ ﻧﭥﻮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ،ﮀﻮﺗﻪ ﻫﻦ ۾ ﻣﺸﺎورت ﺟﻮ ٰ وﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻫﻮ ﭨﭩﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ. ڊﮔﻬﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻴﻞ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺘﻦ ۾ واڌ اﭼﮡ ﻛﺮي اﻳﺮاﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﺰاﻧﻮ ﻛﺎﻓﻲ ﭜﺮﺟﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽ • ﻫﻦ ﺟﻲ ﻏﻴﺮ ﻣﻠﻜﻲ زرﻣﺒﺎدﻟﻲ ﺟﻮ ذﺧﻴﺮو ﺑﻪ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻣﻌﻘﻮل ﻣﻘﺪار ۾ آﻫﻲ .ﭘﺎڙي وارﻳﻦ ﮔﻠﻒ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﻨﻬﻦ
اﭔﻬﺮاﺋﻲ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻴﻞ ﻛﮃي ان ﮐﻲ وﻛﮣﻲ ﭘﺌﺴﻲ ﮐﻲ اﺟﺎﻳﻦ ﺳﺠﺎﻳﻦ ﺷﻴﻦ ۾ ﺿﺎﻳﻊ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ -اﻳﺮان ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﮫ ﭘﺎﺳﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮان وارن ﻫﺮ ﺳﺎل ”آﺋﻞ اﺳﭩﻴﺒﻼﺋﺰﻳﺸﻦ ﻓﻨﮉ“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ارﺑﻬﺎ ڊاﻟﺮ ﺑﭽﺎﻳﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻦ ﺑﭽﺖ ﺟﻮ ﻣﻘﺼﺪ اﻫﮍن ڏﮐﻴﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮡ آﻫﻲ. اﻳﺮان ادب ۽ ﺷﻌﺮ و ﺷﺎﻋﺮي ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﺷﺮوع ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﻬﺎﻛﺎ ﻟﮑﻴﺎ اﭤﻢ .ﻫﻦ وﻗﺖ • ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ ﻳﺎد اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻻ ﻫﻴﭟ ڏﻳﺎن ﭤﻮ: •
ﭜﮙﻞ ﻫﭣ وري ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻢ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﭨﭩﻞ دل ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ.
•
ﺻﺤﻴﺢ وﻗﺖ ﺗﻲ اﮀﻼﻳﻞ ﭘﭥﺮ ان ﺳﻮن ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻏﻠﻂ وﻗﺖ ﺗﻲ ڏﺟﻲ.
•
ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﺮ اﻧﺴﺎن ﻫﭥﻦ ۾ اﻫﻮ ﮐﮣﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ڏﻧﻮ آﻫﻲ.
•
ﺳﻜﻮن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻮ اﻧﮅو ،ﮔﻮﻧﮕﻮ ۽ ﭔﻮڙو ﻫﺠﮡ ﺿﺮوري آﻫﻲ.
•
ﻛﻮﺑﻪ ڏﻳﺌﻮ ﺻﺒﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﭥﻮ ﭔﺮي.
•
ﻧﺎﻧﮓ ﺟﻬﻠﮡ ﻻ دﺷﻤﻦ ﺟﻮ ﻫﭣ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺠﻲ.
•
ﺧﺮاب ﭰﭧ ﮀﭩﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﮔﭥﻮ ﻟﻔﻆ ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ.
•
ﻫﺮ ﭼﻮر ﺑﺎدﺷﺎه آﻫﻲ ﺟﻴﺴﻴﻦ ﺟﻬﻠﺠﻲ ﻧﭥﻮ.
•
ﮔﻼب ﺳﺎن ﭘﻴﺎر ﻛﺮڻ واري ﮐﻲ ﻛﻨﮉن ﺟﻲ ﺑﻪ ﻋﺰت ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ.
•
ﺟﮇﻫﻦ ﺑﺪﺑﺨﺘﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﻛﮃي ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻠﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﺳﺎن ﺑﻪ ڏﻧﺪ ﭜﭵﻴﻮ ﭘﻮن.
•
اﻧﮅو ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭠﻮڙﻫﻲ ﺗﺎن ﭘﻴﻮ ﭠﭡﻮﻟﻴﻮن ﻛﺮي.
•
ﭔﻠﻲ ۽ ﻛﻮﺋﻲ ﺟﻮ ﺻﻠﺢ دﻛﺎﻧﺪار ﺟﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ.
اﻣﺎم ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ۽ ﭘﺎرﺳﻲ: ﺗﻬﺮان ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ۾ آﺋﻮن رﻫﻴﻞ ﻫﻮس ان ﺟﻲ ﭜﺮواري ﻛﻤﺮي ۾ ﭔﻪ ﺗﺮڪ دوﺳﺖ رﻫﻴﻞ ﻫﺌﺎ .ﻫﻮ اﻧﻘﺮه ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻳﺎ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻫﺌﺎ .ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﺎﺋﻮن ﭤﻲ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﺷﻴﻌﮫ ﻣﻜﺘﺐ ﻓﻜﺮ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ۾ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﺘﻲ ﺗﻬﺮان آﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﺎن ﻗﻢ ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮن ڏي وﭸﮡ ﺑﺪران ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ )ﺑﺤﺮ ﻗﺰوﻳﻦ( ﺟﻲ ﻛﻨﺎري وارا ﺷﻬﺮ ﺑﺎﺑﻮﻟﺴﺮ ،ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ،ﻧﻮﺷﻬﺮ ۽ ﺧﻀﺮآﺑﺎد ﮔﻬﻤﮡ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﻛﺎﻓﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺌﻲ .ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﻧﻴﺮن ﻛﻨﺪي اﻣﺎم ﻟﻔﻆ ﺟﻲ Definitionﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻜﺘﻲ .ﺳﻨﺪن ﺟﻮاب ﻛﺎﻓﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺗﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ۽ ﻫﺘﻲ اﻧﻬﻦ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻻ ﻟﮑﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ اڻ ﭴﺎڻ آﻫﻦ ۽ اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ اﭼﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎري ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. اﺳﻼم ۾ ”اﻣﺎم“ ان ﺷﺨﺺ ﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ دﻳﻦ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻢ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺠﻲ .ﻫﻲ ﻟﻔﻆ ﻋﺪد واﺣﺪ ) (Singularﻃﻮر ﻗﺮآن ۾ ﺳﺖ دﻓﻌﺎ آﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﺟﻤﻊ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ”ﻋﺎﺋﻤﮫ“ ﭘﻨﺞ دﻓﻌﺎ آﻳﻮ آﻫﻲ .اڄ ﺟﻲ دؤر ۾ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻮﺑﻬﻮ ﻗﺮآن واري ﻧﭥﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭘﺮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻜﺘﺐ ﻓﻜﺮن ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻦ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ردو ﺑﺪل اﻣﺎم ﺟﻲ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ﭤﻴﻨﺪي رﻫﻲ آﻫﻲ ﺟﻦ ﻣﺎن ﭘﻨﺞ ﻣﻌﻨﺎﺋﻮن اﻫﻢ آﻫﻦ ...ﻫﻨﻦ اﻳﻨﺪي رﻫﻲ آﻫﻲ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ اﻣﺎم ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ٰ ﺗﺮڪ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮن ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼم ۾ اﻣﺎم ﺑﻨﻴﺎدي ۽ اﻫﻢ ﺷﻲ آﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺳﻨﻴﻦ وٽ اﻣﺎم ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ﻛﺎ اﻫﮍي وڏي اﻫﻤﻴﺖ ﻧﺎﻫﻲ .۽ اﻣﺎم ﻟﻔﻆ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻟﻘﺐ ﻃﻮر اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻨﻦ ﻟﻔﻆ اﻣﺎم ﺟﻮن ﻫﻴﭡﻴﻮن ﭘﻨﺞ وﺻﻔﻮن ﭔﮅاﻳﻮن:
-۱ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ اﻣﺎم:
ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﺟﻴﻜﻮ اﮘﻴﺎن اﭼﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺟﻮ ﻟﻴﮉر ﭤﺌﻲ ﭤﻮ اﻫﻮ اﻣﺎم ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻫﻮن ﻋﺎم ﻃﻮر اﻣﺎم ﻛﻮ ﻋﻬﺪو ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ Qualificationآﻫﻲ .ﻛﻮﺑﻪ ﻋﺰت وارو ،ﻧﻤﺎز ﮐﺎن ﭴﺎﮢﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اﮘﻴﺎن اﭼﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ اﻫﻮ اﻣﺎم ﭤﻴﻮ .ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻫﺮ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﭴﺎڻ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ واﻗﻒ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ان ﮐﻲ ﺟﻤﺎﻋﺘﻲ ﻋﺰت ﺑﺨﺸﮡ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ﻻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻟﻴﮉر ﻳﻌﻨﻲ اﻣﺎم ﺑﻨﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﭘﺮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻣﺎڊرن دور ۾ ﺧﺎص ﻛﺮي وڏن ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪن ۾ اﻣﺎم ﻋﻬﺪي ﻃﻮر ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﻛﻢ ﻛﺎر ﺗﻲ ﻧﻈﺮ رﮐﮡ ۽ ﭘﻨﺞ وﻗﺖ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﮕﻬﺎر ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﻤﻮرو وﻗﺖ ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ.
اﻋﻠﻲ اﮘﻮاڻ: -۲ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻮ ٰ
ﺷﻴﻌﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮ اﮘﻮاڻ ۽ ﺳﺮﺑﺮاه آﻫﻲ .اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﺷﻴﻌﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﻓﻘﻂ ﺷﺮوع ﺟﻲ ﺻﺪﻳﻦ ۾ ،ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺘﻴﻦ ﮐﺎن ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﺎ .ﻫﻨﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﻫﺠﮡ ﻻ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﻫﺠﮡ ﺿﺮوري آﻫﻲ .ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﻫﺠﮡ ﺿﺮوري آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﻫﺠﻲ .اﻣﺎم ﻻ اﻫﻮ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ رب ﺳﺎن ڊاﺋﺮﻳﻜﭧ ﮘﺎﻧﮃاﭘﻮ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻮ ﺧﻠﻖ ﺧﺪا ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻦ ۾ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ ،ﻫﻮ ﻗﺮآن ۽ ﺣﺪﻳﺚ ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﺷﻴﻌﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻚ وﻗﺖ ۾ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ اﻣﺎم ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺳﻮچ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﭔﻦ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ ﻫﻜﮍا ﺣﻘﺪار ۽ ﺳﭽﺎ ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻮڙا .اﻣﻴﮫ ۽ ﻋﺒﺎﺳﻴﮫ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻦ ﮐﻲ ﻛﻮڙو ﻳﺎ ﻧﻘﻠﻲ اﻣﺎم ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ۽ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ) (۶۵۶ -۶۶۱۽ اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ) (۶۶۱ -۶۶۹ﮐﺎن وﭠﻲ اﻣﺎم ﺣﺴﻦ اﻟﻌﺴﻜﺮي ) (۸۶۸ -۸۷۳۽ آﺧﺮي ۽
ﭔﺎرﻫﻮن اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ اﻟﻤﻬﺪي ) (۸۷۳ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭽﺎ اﻣﺎم ﻫﺌﺎ .ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮن ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻴﻌﻦ ۾ ﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﺮوپ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ زﻳﺪي ﮔﺮوپ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭼﺌﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﮐﻲ -ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ )-۷۱۳ (۶۸۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺣﻀﺮت زﻳﺪ ﮐﻲ ﺻﺤﻴﺢ اﻣﺎم ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ان ﻛﺮي ﻫﻮ زﻳﺪي ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ. ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ اﻫﮍو ﮔﺮوپ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ) (Twelversوارن ﭔﺎرﻫﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﻣﺎن ﮀﻬﻴﻦ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ) (۷۴۳ -۷۶۵ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺳﺘﻮن اﻣﺎم اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﮐﻲ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ .اﻫﻲ اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎﻣﺖ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ آﻏﺎ ﺧﺎن ﺣﺎﺿﺮ اﻣﺎم آﻫﻲ .ﻫﻮ آﻏﺎ ﺧﺎﻧﻲ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ.
-۳اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ دؤر ۾:
اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ دور ۾ آﻳﺖ ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻬﮍا ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﻧﻴﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ دﻧﻴﺎﺋﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ﻗﺎﺑﻞ ﻟﻴﮉرآﻫﻦ ،اﻣﺎم ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ.
-۴ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺧﻴﻠﻔﺎ:
ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﺎ ﺣﺎﻛﻢ ﻳﺎ ﻟﻴﮉر ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﻧﺎﺗﻲ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﺧﻠﻴﻔﺎ اﻣﺎم ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻧﻪ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ان ﻛﺮي ان ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ان ) Termاﻣﺎم( ﺟﻮ واﻫﭙﻮ ﮔﻬﭩﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ.
-۵اﻫﻢ ﺳﻨﻲ ﻋﺎﻟﻢ:
ﻛﻴﺘﺮا دﻳﻦ ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ،ﺟﻦ اﺳﻼم ﺟﻲ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻛﺌﻲ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن اﻣﺎم ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺣﻨﺒﻠﻲ، اﻣﺎم ﻏﺰاﻟﻲ ،اﻣﺎم ﺷﺎﻓﻌﻲ وﻏﻴﺮه.
اﻣﺎم ﺟﻲ ﭘﺌﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻲ ﺳﻴﻦ .ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﭔﺎرﻫﻦ اﻣﺎﻣﻦ -اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ،اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق ،اﻣﺎم • ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ وﻏﻴﺮه .ﺟﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ۽ ﻛﻠﻴﮓ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ ﺣﺴﻴﻦ زﻳﺪي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ٰ ﻋﻘﻴﺪي ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﻫﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﻓﻴﺼﻠﻮ ڏﻳﮡ ﺟﻲ اﻫﻠﻴﺖ رﮐﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﻧﻘﻄﻲ ﻧﮕﺎه ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﮫ ﺻﺤﻴﺢ رﻫﻲ ﭤﻮ.
رواﻳﺖ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ ﭼﺎﭼﻮ ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ ﻫﻚ وڏي ﻣﻌﺘﺒﺮ ۽ ﭴﺎﮢﻮ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ .ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻳﺎ ﺟﺘﻲ ﺑﻪ ﻫﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ وراﺋﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ ۽ دﻳﻨﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﻮال ﻛﻴﺎ ﭤﻲ .ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ )اﻟﺠﻮاد( ﻧﺎﺋﻮن اﻣﺎم ) (۸۱۰ -۸۳۵ﻣﺴﺠﺪ ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻮ .ﭔﻴﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ )ﻳﻌﻨﻲ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪاﻟﺘﻘﻲ ﺟﻲ ڏاڏي ﺟﻮ ﭜﺎ (اﭤﻲ ﺑﻴﭡﻮ ۽ اﻣﺎم ﺟﻮ ﻫﭣ ﭼﻤﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺑﻴﭡﻮ رﻫﻴﻮ .اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ﭼﻴﺲ ﺗﻪ ”ﭼﺎﭼﺎ! ﺗﻮﻫﺎن وﻳﻬﻲ رﻫﻮ “.ان ﺗﻲ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ” ،آﺋﻮن ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻮ وﻳﻬﻲ ﺳﮕﻬﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻮن ﺑﻴﭡﻮ آﻫﻴﻦ“.
ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮐﺎن ﻣﻮﭨﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس دوﺳﺘﻦ ﺳﻨﺪس ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﺎن ﭨﻮﻛﻴﻮ” :ﺗﻮﻫﺎن وڏي ﻋﻤﺮ ﺟﺎ آﻫﻴﻮ ۽ اﻣﺎم ﺻﺎﺣﺐ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻮ اوﻻد آﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﮇي ﻋﺰت ﮀﻮ ﺑﺨﺸﻲ؟“ ﻫﻦ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ” :ان ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺧﺎﻣﻮش رﻫﮡ ﮐﭙﻲ .اﻣﺎﻣﺖ ﻫﻚ ﻋﻬﺪو آﻫﻲ ،ﻫﻚ رﺗﺒﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻗﺪرت ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ .ﺧﺪا ﻣﻮن ﺟﻬﮍي ﭘﻮڙﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ان ﺟﻲ ﻻﺋﻖ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن اﻣﺖ ﺟﻲ اﮘﻮاﮢﻲ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺎن ﭘﺮ ُﻫﻦ ﻫِﻦ ﭔﺎر ﮐﻲ ان ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻞ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ .۽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ا� ﺟﻲ رﺿﺎ ۾ راﺿﻲ رﻫﮡ ﮐﭙﻲ“. •
ﺗﻮري ﻛﻴﺌﻴﻠﻴﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻧﺎروﻳﺠﻴﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ۽
ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻟﻴﮕﺰڪ اورﻳﻨﭧ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ وﻳﺐ ﺳﺎﺋﻴﭧ ﭠﺎﻫﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ اﺳﻼم ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ڏﻧﻲ آﻫﻲ:
Http. // lexicorient. com/e.o/index.htm.
ﻣﺴﭩﺮ ﺗﻮي ۱۹۶۸۾ ﻧﺎروي ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ اوﺳﻠﻮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﻧﺎروي ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺑﺮﮔﻦ ﻣﺎن ”ﺳﺎﺋﻨﺲ آف رﻟﻴﺠﻦ“ ۾ آﻧﺮس ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ﺗﻌﻠﻴﻢ دوران ﺳﻨﺪس ﭔﻴﺎ ﺳﺠﺒﻴﻜﭧ ﻋﺮﺑﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ ﻫﺌﺎ” .ﻣﻮن ﻣﺎڊرن اﺳﻼم ۾ Specializeﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ”ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭤﻴﺴﺰ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ۱۹۹۴ Tunis- Islamﻫﻮ ۽ ﻣﻮن اڍاﺋﻲ ﺳﺎل آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻴﻮ آﻫﻲ“.
ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻟﮑﻨﻮ ﺟﻲ ﻫﻚ ڊاﻛﭩﺮ ﻗﺎﺳﻢ ﻋﻠﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ دوران ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏاﻫﻲ ۽ • ﺷﺎﻋﺮ ﺑﺎﻳﺰﻳﺪ ﺑﺴﻄﺎﻣﻲ ﺟﻲ وﻻدت ﻫﻚ اﻫﮍي ﺧﺎﻧﺪان ۾ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ زرﺗﺸﺖ Zoroastrianﻫﺌﺎ .ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎه ﮐﻲ ﭘﻮﭴﮡ وارا ﭘﺎرﺳﻲ ﻫﺌﺎ .اﻫﻮ ﭔﮅي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ .ڊاﻛﭩﺮ ﻗﺎﺳﻢ ان ﮐﻲ ﻳﻜﺪم ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺑﺎﻳﺰﻳﺪ ﺑﺴﻄﺎﻣﻲ ﺗﻪ ﮀﺎ اﺳﻼم ﮐﺎن اڳ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﻫﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻨﺪو ﻳﺎ ﭔﮅ ﻫﺌﺎ .ﭜﻼري اﺻﺤﺎﺑﻲ ﺳﻠﻤﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻣﺎ ﭘﻲ ﺑﻪ ﺗﻪ زرﺗﺸﺖ )ﺑﺎه ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري( ﻫﺌﺎ .وﻳﻨﺪي اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ زال ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺰار ﺗﻬﺮان ﭜﺮﺳﺎن ﺷﻬﺮ ري ﺟﻲ ﻫﻚ ﺟﺒﻞ ﺗﻲ آﻫﻲ ،ﻛﻴﺮ ﻫﺌﻲ .آﺗﺸﭙﺮﺳﺖ ﺗﻪ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ آﺧﺮي اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﻫﻮ. ڊاﻛﭩﺮ ﻗﺎﺳﻢ ﻋﻠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﮀﮇڻ وﻗﺖ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭨﻲ ﮀﭙﻴﻞ ﻛﺘﺎب ڏﻧﺎ ﺟﻦ ۾ ﻫﻚ رام ﭘﻮﺟﻦ ﺗﻮاري ﺟﻮ ”ﺻﻮﻓﻲ ﻣﺖ ،ﺳﺎڌﻧﺎ اور ﺳﺎﻫﺘﻴﮫ“ ﺑﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺻﻔﺤﻲ ۱۸۶ﺗﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺷﻴﺦ ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب ”ﺗﺬﻛﺮه اوﻟﻴﺎء“ ۾ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﺎﻳﺰﻳﺪ ﺑﺴﻄﺎﻣﻲ ﮐﻲ ﭜﺎرﺗﻴﮫ ﻳﻮگ ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﺎﻳﺎم ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻛﺮﻳﺎﺋﻮن اﻳﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﻮ ﭜﺎرت ۾ اﭼﻲ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ ﻣﻘﻴﻢ ﭘﮡ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻦ رﻫﺴﻴﻮاد ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ﺑﺎﻳﺰﻳﺪ، رﻫﺴﻴﻮادي دروﻳﺸﻦ ۾ ﺷﻤﺎر ﭤﻴﮡ ﻻ ﺳﻨﮅ ۾ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺷﺪ ،اﺑﻮ ﻋﻠﻲ اﻟﺴﻨﺪي ﮐﺎن ’ﻣﻌﺮﻓﺖ‘ ۽ ’ﻓﻨﺎ‘ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ.
ﭘﺎڻ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﻗﺪﻳﻢ آرﻳﺎﺋﻲ ﻣﺬﻫﺐ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻇﻬﻮر • ۲۵۰۰ﺳﺎل ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﻓﺎرس ۾ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ ﭘﻮﺋﻠﮗ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﭧ آﻫﻦ .ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻚ ﻟﮏ ﭨﻴﻬﻪ ﻫﺰار ﭘﺎرﺳﻲ ﻣﺲ ﭤﻴﻨﺪا ﭘﺮ ﻫﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻢ ﻣﺬﻫﺒﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ .ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﻴﻐﻤﺒﺮ زرﺗﺸﺖ ﭘﺎرﺳﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﻣﺬﻫﺐ ﮐﻲ زرﺗﺸﺘﻲ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺪس ﻛﺘﺎب ۾ وﺳﺎﺗﻴﺮ ۽ آوﺳﺘﺎ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ. ﭘﺎرﺳﻲ ﻣﺬﻫﺐ ۾ ﺧﺪا ﺟﻲ ﻻ’ اﻫﻮر ﻣﺰدا‘ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻳﻮ آﻫﻲ .اﻫﻮر ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ آﻫﻲ ’آﻗﺎ‘ ۽ ﻣﺰدا ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ’ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ‘ﻳﻌﻨﻲ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ آﻗﺎ ﻳﺎ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ﻣﺎﻟﻚ .ﺑﻘﻮل ﻣﻤﺒﺌﻲ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ڊاﻛﭩﺮ ذاﻛﺮ ﻧﺎﺋﻚ ﺟﻲ ،اﻫﻮر ﻣﺰدا ﺟﻲ ٰ ﺗﺼﻮر ۾ ﺑﻪ ﻫﻚ ﺧﺪا ﺟﻲ ﺗﺼﻮر ﺟﻮ وڏو دﺧﻞ آﻫﻲ .ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺘﺎب وﺳﺎﺗﻴﺮ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺧﺪا ﺟﻮن ﻫﻴﭡﻴﻮن ﺻﻔﺘﻮن ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮن وﻳﻮن آﻫﻦ. ﻫﻮ ﻫﻚ آﻫﻲ ،ﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﻮ ﻫﻤﺴﺮ ﻧﺎﻫﻲ .ﻧﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ اﺑﺘﺪا آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ اﻧﺘﻬﺎ .ﻧﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﻮ ﭘﻲ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺋﻲ ﭘﭧ ،ﻧﻪ زال آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ اوﻻد .ﻫﻮ ﺑﻲ ﺟﺴﻢ ۽ ﺑﻲ ﺷﻜﻞ آﻫﻲ .ﻧﻪ اک ﻫﻦ ﺟﻮ اﺣﺎﻃﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ،ﻧﻪ ﻓﻜﺮي ﻗﻮت ﺳﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﺼﻮر ۾ آﮢﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ .ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﺎن ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ.
ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎڪ ﻛﺘﺎب آوﺳﺘﺎ ﻣﻄﺎﺑﻖ ا� ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﺻﻔﺘﻮن ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ :ﻫﻮ ﺧﺎﻟﻖ آﻫﻲ ،وڏي ﻗﻮت وارو وڏي ﻋﻈﻤﺖ وارو آﻫﻲ .داﺗﺎ آﻫﻲ .ﺳﺨﻲ آﻫﻲ.
اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﺮب ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ،ﺣﻀﻮر ﻛﺮﻳﻢ ﷺ ﺟﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﺑﻌﺪ ۶۵۱۾ • ﭤﻲ .ان ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺗﻲ ۲۲۴ﮐﺎن ۶۵۰ﺗﺎﺋﻴﻦ -ﺳﻮا ﭼﺎر ﺻﺪﻳﻮن ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ .ﻫﻮ زرﺗﺸﺖ ) (Zoroastrianﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري ﻫﺌﺎ .ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺷﻬﺸﺎه ﻳﺰد ﺳﻮم ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ۽ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﻓﺘﺢ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺎﮢﻬﻲ ،ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﮐﺎن ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ .ﻫﻨﻦ
ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﮔﺮوه ﺟﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرس ﺻﻮﺑﻲ ﺳﺎن ﻫﻮ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ﮀﮇي ﭔﺎﻫﺮ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ڏي ﻧﻜﺘﺎ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﮔﺠﺮات ﮐﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺎ ،ﺟﺘﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺐ ۽ واﭘﺎر وڙي ﺟﻲ آزادي ڏﻧﻲ وﺋﻲ .ﭘﺎرس ﺟﺎ ﻫﻲ رﻫﺎﻛﻮ ﭘﺎرﺳﻲ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ ۽ اڄ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ زرﺗﺸﺘﻦ ﮐﻲ ﭔﺌﻲ ﻧﺎﻟﻲ ”ﭘﺎرﺳﻲ“ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﮔﺠﺮات ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻮ ﭜﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن :ﻣﻤﺒﺌﻲ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺑﻪ رﻫﻴﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ۾ ﻫﻨﻦ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻮ اﻫﻢ رول آﻫﻲ .ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ ﻣﺎﻣﺎ ﭘﺎرﺳﻲ اﺳﻜﻮل NED ،ﻛﺎﻟﻴﺞ )ﻫﺎڻ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ( وﻏﻴﺮه ﻫﻨﻦ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﺎ ﺋﻲ ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا آﻫﻦ .ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﺌﻠﻴﻨﮉر آﻫﻲ .ﺟﻴﻜﻮ ان ﺳﺎل ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻮ آﺧﺮي ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻳﺰدﮔﺮد ﺳﻮم ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ۶۳۲ﮐﺎن .۽ ﻫﻲ ﻳﺰد ﮔﺮد ﺑﺎدﺷﺎه ﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﭘﻮ ﺳﻨﺪس ڌﻳﺌﺮون ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ۽ ﻛﻴﻬﺎن ﺟﻨﮕﻲ ﻗﻴﺪﻳﻦ ﻃﻮر ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن ﻫﻴﻮن ۽ رواﻳﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﺳﺎن اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ ﻧﻜﺎح ﻛﻴﻮ.
اﻳﺮان ۾ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻮن ﺷﺎدﻳﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻜﺮڻ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮا اﺳﺎن ﺟﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﻣﺘﻌﮫ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺟﻲ ﺑﻪ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﮃي وﻳﻬﻨﺪا آﻫﻦ ۽ ان ﺟﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ﺑﺪران ان ﮐﻲ ﻏﻠﻂ رﻧﮓ ۾ ﭘﺮﮐﻴﻨﺪا آﻫﻦ .ﻣﺘﻌﮫ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻫﻚ ﻋﺎرﺿﻲ ﺷﺎدي ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﻣﻘﺮر وﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﻣﺮد ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻴﻮاه ﻋﻮرت ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ دوران ﻣﺮد ﮐﻲ ﻋﻮرت ﺟﻲ ﺟﻮاﺑﺪاري ﮐﮣﮣﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ ۽ ﭔﺎر ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ان ﺟﻲ ﮐﺎڌ ﺧﻮراڪ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ .ان ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ آﺋﻮن اﺟﺘﺒﻲ ﺣﺴﻴﻦ ﺟﺎ وﻳﭽﺎر ڏﻳﻨﺪس ﺗﻪ اﺳﻼم ۾ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺷﺎدي ”وڏي ﺑﺮاﺋﻲ“ ﻳﻌﻨﻲ زﻧﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ ﺷﻴﻌﮫ دوﺳﺖ ٰ ﮐﺎن ﺑﭽﮡ ﻻ آﻫﻲ ۽ ان ﭘﻮﻳﺎن ﻧﻴﺖ ﺟﻮ ﻣﺪار آﻫﻲ .ﻛﻮ ان ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ زﻧﺎ ﮐﻲ ﻓﺮوغ ﭤﻮ ڏﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻏﻠﻂ ﭤﻮ ﻛﺮي .۽ اﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻮ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرﺗﻮن اﻧﺘﻈﺎر ۾ وﻳﭡﻴﻮن آﻫﻦ ۽ ﻫﺮ ﻫﻚ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻳﺎ ڌارﻳﻮن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺘﻌﮫ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻛﻨﺪو وﺗﻲ. ﻫﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺗﺎن ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﮐﻠﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭼﺎر ﭼﺎر ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻴﻮن ﭤﺎ. ﺑﻠﻜﻪ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺳﻼم ﺋﻲ ﻫﻚ واﺣﺪ ﻣﺬﻫﺐ آﻫﻲ ،ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﺎدي ﺟﻲ ﺗﻠﻘﻴﻦ ﭤﻮ ﻛﺮي .ﭘﺮ ﻛﻮ ﻛﻦ ﺳﺒﺒﻦ ﻛﺮي ﻣﺠﺒﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ زﻧﺎ ﺟﻬﮍي ﺳﺨﺖ ﮔﻨﺎه ۾ ﭰﺎﺳﮡ ﺑﺪران ﭔﻲ ،ﭨﻲ ۽ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺑﻪ ﺷﺎدي ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ان ﻻ ﻛﻴﮇو ﺳﺨﺖ ﻗﺎﻧﻮن آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺮد ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭝﻨﻲ زاﻟﻦ ﺳﺎن ﻫﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ ۾ ﺑﺮاﺑﺮ ﺟﻮ اﻧﺼﺎف ﻛﺮﮢﻮ آﻫﻲ.
ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ۾ ﻫﻮس ﺗﻪ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻓﻨﻜﺸﻦ ۾ ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ وڏي ﻋﻴﺎﺷﻲ آﻫﻲ ،ﭼﺎر ﭼﺎر ﺷﺎدﻳﻮن ﭤﺎ ﻛﺮﻳﻮ .ان ﺗﻲ ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ رﮘﻮ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﺟﻲ ﻫﻦ ﭔﻴﭧ ﻣﺌﻦ ﻫﭩﻦ ﺗﻲ ﻫﻚ ﻟﮏ ﮐﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻦ ،ﻣﻮن ﮐﻲ ﭔﮅا اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﻮ ﻫﻚ ﺑﻪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮن ﭼﺎر ﺗﻪ ﮀﺎ ﭔﻪ زاﻟﻮن ﺑﻪ ﻫﺠﻦ. ﺳﻮ اﻫﮍي ﻃﺮح ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﭘﺮ اﻳﺮان ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ رﻫﻨﺪڙ ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺑﻪ اﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺷﺎﻳﺪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ۽ ﻫﺮ ﻛﻮ وﺗﻲ ﻣﺘﻌﻮ ﻛﻨﺪو.
ﻣﺠﺘﺒﻲ ﻣﻮﺳﻮي ﻻري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب Western Civili, zation through اﻋﻠﻲ ﭘﺎﻳﮫ ﺟﻮ اﺳﻜﺎﻟﺮ ﺳﻴﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ٰ ٰ Muslim Eyes۾ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﺳﻼم ۾ ﻛﻲ ﺷﻴﻮن ﻣﻜﺮوه ﺳﮇﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺒﺎح ۽ ﺣﺮام ﺟﻲ وچ ۾ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .ﻣﺘﻌﮫ ﺑﻪ ان ۾ اﭼﻲ ﭤﻮ .اﺳﻼم ﻫﻚ ﺑﺎﻟﻎ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺷﺎدي ﺟﻲ ﺗﻠﻘﻴﻦ ﻛﺮي ﭤﻮ ۽ ﺷﺎدي ﻫﻚ ﻧﻴﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ اﻫﺎ اﻧﺴﺎن ﮐﻲ ﺑﺮاﻳﻦ )زﻧﺎ( ﮐﺎن ﺑﭽﺎﺋﻲ ﭤﻲ .ﻫﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻣﺘﻌﮫ اﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ڌﻧﮅي ڌاڙي ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺳﺒﺒﻦ ﻛﺮي ﮔﻬﺮ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ ﭘﺮي رﻫﻦ ﭤﺎ.
ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي )ﻳﻌﻨﻲ ﻋﺎرﺿﻲ ﺷﺎدي ﻳﺎ ﻣﻘﺮر وﻗﺖ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺷﺎدي( ۽ ﻧﻜﺎح )ﻫﻤﻴﺸﮫ ﺟﻲ ﺷﺎدي( ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺳﺎﮘﻴﻮن ﭘﮡ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﺘﻌﻲ واري ﭘﻴﺮڊ ۾ ﺷﺎدي ﺷﺪه ﺟﻮڙو زال ﻣﮍس ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻣﻘﺮر ﻣﺪو ﭘﻮرو ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻣﺘﻌﻲ واري ﺷﺎدي ﭘﺎﮢﻤﺮادو ﺧﺘﻢ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ۽ ان ۾ ﻃﻼق ڏﻳﮡ ﺟﻲ ﺿﺮروت ﻧﭥﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ .ﻫﻤﺒﺴﺘﺮي ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻣﺘﻌﻲ واري ﺷﺎدي ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ۽ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻋﺪت وارو ﻋﺮﺻﻮ ﮔﺬارڻ ﺿﺮوري آﻫﻲ .ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺟﻮ ﻣﺪو وڌاﺋﮡ ۽ ﻧﻜﺎح )ﻫﻤﻴﺸﮫ ﺟﻲ ﺷﺎدي( اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺮڻ ﮐﻲ ﻣﺴﺘﺤﺐ ) (Recommendedﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ۾ ﻋﻮرت ﻳﺎ ﻣﺮد ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ وراﺛﺖ ۾ ﺣﺼﻲ دار ﭤﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ .ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ۾ ﭔﺎر ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻣﺮد ﺟﻲ ڊﻳﻮﭨﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺧﺮچ ﭘﮑﻮ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮي .ان ﻻ ﻋﻮرت ﺗﻲ ﺑﺎر ﻧﻪ آﻫﻲ .ﻣﺪو ﭘﻮرو ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮي ﭤﻲ ﻳﺎ ﭘﺌﺴﻮ ﻛﻤﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺿﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺧﺮﭼﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ. * ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ۾ ﻋﻮرت ﻛﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﺑﻪ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﮍس ﺟﻲ ﻣﺮﺿﻲ ﺧﻼف ﮔﻬﺮ ﮀﮇي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ان ﺻﻮرت ۾ ﻣﮍس ﻻ ﺿﺮوري ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺧﺮچ ﭘﮑﻮ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮي.
* ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدﻳﻦ ۾ ﭼﺌﻦ زاﻟﻦ ﺟﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻣﮍس ﺗﻲ اﻫﺎ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ زال ﺟﻮ ﺑﺎر ﮐﮣﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻫﻚ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻋﺎرﺿﻲ ﺷﺎدي آﻫﻲ .ﭘﺮ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻲ را ﻣﺨﺘﻠﻒ آﻫﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻛﻮﺑﻪ ﻣﺮد ﻫﻚ ﺋﻲ وﻗﺖ ﭼﺌﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻮن ﺷﺎدﻳﻮن ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ. * اﻫﮍي ﻃﺮح ﺷﺎدي ﻻ ﻋﻮرت ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻟﻲ )ﭘﻲ ﻳﺎ ﮔﺎرﺟﻴﻦ( ﮐﺎن اﺟﺎزت وﭠﮡ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ راﻳﻮن آﻫﻦ .ﻋﻠﻲ ﺳﻴﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻬﮍا ﺷﻴﻌﮫ ﻋﺎﻟﻢ اﻫﻮ ﺿﺮوري ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﺗﻪ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﮐﺎن ﺷﺎدي ﺟﻲ اﺟﺎزت وﭠﮡ ﮐﭙﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺻﺤﻴﺢ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۽ ﻛﻮﺑﻪ ﻣﺮد ﻛﻨﻬﻦ ﻧﺎﺗﺠﺮﺑﻴﻜﺎر ﻋﻮرت ﮐﻲ دوﮐﻮ ﻧﻪ ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﭘﺮ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺎﻟﻢ ،ﺻﺎدق روﺣﺎﻧﻲ ،ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﺮودي ۽ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﺟﻨﺎﺗﻲ ﺟﻬﮍا ان ﮐﻲ ﺿﺮوري ﻧﭥﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻛﺎﻓﻲ Controversialﭨﺎﭘﻚ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﺷﻴﻌﺎ ان ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ﮐﻲ رب ﭘﺎڪ ﻃﺮﻓﺎن رﺣﻤﺖ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن اﻧﺴﺎن زﻧﺎ ﺟﻬﮍي ﮔﻨﺎه ﮐﺎن ﺑﭽﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ )ﻣﺮد ۽ ﺑﻴﻮاه ﻋﻮرت( ﺟﻲ روزﻣﺮه ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﮔﺬري ﭤﻲ .ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ۽ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻓﺮﻗﺎ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﮐﻲ ﻏﻠﻂ ﻗﺮار ﭤﺎ ڏﻳﻦ.
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ اڄ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻮن ﺷﺎدﻳﻮن ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﻧﻴﻚ ﻧﻴﺘﻲ ﺳﺎن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻧﺴﺎن ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮي آﻫﻲ ۽ ﻋﻮرت ﺗﻮڙي ﻣﺮد ﮐﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﺑﺮاﺋﻲ ۽ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ﮐﺎن ﺑﭽﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮنSex . اﻧﺴﺎن ﻻ ﻗﺪرﺗﻲ ﺿﺮورت آﻫﻲ .ﻣﺘﻌﻲ واري ﺷﺎدي ﻫﻚ ﻣﺮد ﮐﻲ ﻋﺎم ﻧﻜﺎح واﻧﮕﺮ ﭘﺎﺑﻨﺪ ﭤﻲ ﻛﺮي ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ زال ۽ ان ﻣﺎن ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻨﺪڙ ﭔﺎرن ﺟﻲ ﺟﻮاﺑﺪاري ﮐﮣﮣﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ ۽ ﻫﻮ ﺳﭵﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮي ﮐﻲ ﺧﺮاب ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﮔﺮﻳﺰ ﻛﺮي ﭤﻮ. ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﻫﻚ ﺑﻴﻮاه ۽ ﻏﺮﻳﺐ ﻋﻮرت ﮐﻲ Supportﻛﺮڻ ﻻ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻲ. ”ﭘﺮ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ اﻫﻮ ﺑﻪ آﻫﻲ “.ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ”ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ان ﮐﻲ ﻏﻠﻂ رﻧﮓ ڏﻳﺌﻲ ﭘﺲ ﭘﮍدي ۾ ﮔﻨﺎه ﺟﻮ ﻛﺎروﺑﺎر ﺑﻪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ اﮐﻴﻮن ﭘﻮرﻳﻮ ﮀﮇي“.
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ اﻫﻮﺋﻲ ﺧﻴﺎل ﻫﺠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر آﺋﻮن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﻮ ﻋﻼج ﻣﺎﻟﺶ ذرﻳﻌﻲ ﻫﻚ Traditionalﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ .ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﻋﻴﺎﺷﻲ ﺟﻲ اڏن ﺗﻲ ﺑﻨﺪش آﻫﻲ ۽ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻛﭥﻲ ﺑﻪ Prostitutionﻧﺎﻫﻲ .ان ﺟﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﻣﺎﻟﺶ ﺟﺎ ”ﻣﺴﺎج ﭘﺎﻟﺮ“ ﺟﺎم آﻫﻦ ﺟﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﻮڙﻫﺎ ۽ ﺑﻴﻤﺎر ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺳﻮرن ۽ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﻲ ﻋﻼج ﻻ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺎﻟﺶ ﻛﺮاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺣﻘﻴﻘﺖ آﻫﻲ ﺗﻪ ”ﻣﺎﻟﺶ“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﭡﻴﺎن اﻫﻲ ﻣﺴﺎج ﮔﻬﺮ ﭼﻜﻼ ﭤﻲ ﻫﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻛﺎ ﮀﻮﻛﺮي ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻧﻪ ﻛﺮي اﻋﻠﻲ ﻋﻠﻤﺪار ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ Opinionﭘﮁﻴﻮ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺑﻪ اﮐﻴﻮن ﭔﻮﭨﻲ ﭤﻲ .ﻣﻮن ان ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻚ ٰ ﺗﻪ ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮي ۾ ﺑﮕﺎڙ اﭼﻲ وﻳﻨﺪو” .ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﺗﻪ ﻋﻴﺎﺷﻲ ﺟﻲ اڏن ﺗﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﺳﺎن ﺑﻨﺪش آﻫﻲ “.ﻣﻮن ﭼﻴﻮ ﻫﻴﻮﻣﺎﻧﺲ. ﺟﻮاب ۾ ﻫﻦ ﭨﻮڪ ﻃﻮر ﻣﺮﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ”ﻛﻬﮍي ﺑﻨﺪش ﭤﻲ آﻫﻲ؟ اﻫﻮ ﻏﻠﻂ ﻛﻢ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻘﻂ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ ﭘﺎﺳﻲ ۾ ﻫﻠﻨﺪو ﻫﻮ اﻫﻮ ﻫﺎڻ ﺗﻮﻫﺎن وٽ ﮔﻬﭩﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﭘﮑﮍي وﻳﻮ آﻫﻲ“.
ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ -ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﻨﺪن ذاﺗﻲ ﻏﻠﻂ ﻛﻤﻦ ﻛﺮي اﺳﻼم ﮐﻲ ﺑﺪﻧﺎم ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻨﺪو ﺳﻨﮅي ﺑﺰﻧﺲ ﻣﺌﻦ ﻫﺮﻛﺸﻦ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻫﻨﺪو ﻋﻴﺎﺷﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﻦ ﭤﺎ” .ﻛﻴﺌﻦ ﭜﻼ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ. ”اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻣﺴﻠﻢ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻚ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ ﻫﻚ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺷﺎدي ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﻨﺪو ﻧﻪ “،ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ”ﭘﻮ ﻛﻴﺘﺮا ﻫﻨﺪو اﻣﻴﺮ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭼﻨﺒﻲ ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن ﭘﺎڻ ﺑﭽﺎﺋﮡ ﻻ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ اﺳﻼﻣﻲ ﻛﻢ ﻛﻦ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻫﻚ ﮐﺎن وڌﻳﻚ زاﻟﻮن رﮐﻦ ﭤﺎ“. ﻣﻮن ﮐﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي اﻫﻞ ﺷﻴﻌﮫ دوﺳﺖ ﮐﻲ ان وﻗﺖ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺎﻟﺪﻳﭗ ۾ ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻨﻲ آﻫﻦ ،۽ ﻫﻮ ﭔﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ ﺷﻴﻌﻦ ﺗﻲ ﻧﻜﺘﻪ ﭼﻴﻨﻲ ﻛﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ،اﻫﻲ ﻋﺎم ﻃﻮر ﻋﻴﺎﺷﻲ ﺟﺎ اڏا ﻫﻼﺋﮡ ﻻ اﻳﻨﺪڙ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺳﺎن ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﺑﺰﻧﺲ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻮ ان ﮐﻠﻲ ﻋﺎم زﻧﺎ ﮐﻲ اﻫﻮ ﭼﺌﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﻗﺎﻧﻮن ﮐﺎن ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺑﭽﺎﺋﻲ
رﮐﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻣﺎﻟﺪﻳﭗ اﺳﻼﻣﻲ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ۽ ﻫﻲ ﻛﻢ ﻣﺘﻌﻮ ﻳﻌﻨﻲ Contractﺟﻲ ﺷﺎدي آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﺗﻪ ﭤﺌﻲ ﭘﺌﻲ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺳﺎ اﺋﻴﻦ ﻧﻪ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ان ﭘﭡﻴﺎن اﻫﺎ ﻧﻴﺖ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺎﻟﺪﻳﭗ ۾ ﭤﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ.
اﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ راوي اﻳﺮان ﻻ ﺳﭛ ﺻﺤﻴﺢ ۽ ﭼﻴﻦ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ .ﭘﻨﺞ آﮜﺮﻳﻮن ﺑﺮاﺑﺮ ﻧﻪ آﻫﻦ .اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ اﻫﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻚ ﻧﻴﻚ ﻛﻢ ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﻏﻠﻂ ﻛﺎروﺑﺎر ﻛﻦ ﭤﺎ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﺷﻬﻨﺸﺎه ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻋﺮوج ﺗﻲ ﻫﻮ .۽ ﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﭼﻜﻼ ﻫﺌﺎ ۽ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ ﮔﻮرن ۽ ﻣﻜﺎﻧﻲ اﻣﻴﺮن ﮐﻲ ﻋﻴﺶ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮڻ ﻻ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮉو ،ﺗﺎج ﻫﻮﭨﻞ ،ﻳﺎ ﻣﻠﻴﺮ ﺟﻲ ﮔﺮاﻧﮉ ﻫﻮﭨﻞ ۽ ﭔﻴﻦ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ اﮔﻬﺎڙا ﻧﺎچ ) (Strip Teaseﻫﻠﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ۾ ﮔﻬﮣﻲ ﺗﻌﺪاد ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺣﺼﻮ وﭠﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﺟﻦ ﺳﻤﺎﺟﻲ اوﮢﺎﻳﻦ ﺟﻮ آﺋﻴﻨﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ادﻳﺒﻦ اﻣﺮ ﺟﻠﻴﻞ، ﻧﺴﻴﻢ ﮐﺮل ،ﻏﻼم ﻧﺒﻲ ﻣﻐﻞ ۽ ﭔﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ اﻓﺴﺎﻧﻦ ۽ ﻧﺎوﻟﻦ ۾ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ” .ﻛﺎ ﻣﻠﻴﺎ اﻧﺘﺨﺎﺑﻲ ﻓﺮد“ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﺟﻴﻜﺎ ۱۹۷۳۾ ﺗﻬﺮان ۾ ﭴﺎﺋﻲ ۽ ﺷﺮوع ۾ ﻫﻦ ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻣﺼﻮري ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﺳﺎن ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ روزﻧﺎﻣﮫ اﺧﺒﺎر ”زن“ ﺟﻲ ﺟﺮﻧﻠﺴﭧ ﭤﻲ رﻫﻲ ،ان ۱۹۹۹۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ۾ ﺟﺘﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﻣﺪرﺳﺎ ۽ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﺘﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ زوار زﻳﺎرت ﻻ اﭼﻦ ﭤﺎ ،رﻳﺴﺮچ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﻮرﺗﻮن ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ زاﺋﺮن ﺳﺎن ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺑﻬﺎﻧﻲ ﭘﺌﺴﻮ ﻛﻤﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ .اﻧﺘﺨﺎﺑﻲ ان ﮐﻲ ﭘﮍدي ﭘﭡﻴﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﻓﺤﺎﺷﻲ ) (Prostitutionﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ڏﻧﻮ .ﺳﻮ اﻫﮍي ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻚ ﺳﻬﻮﻟﺖ ۽ ﻣﻌﺎﺷﺮي ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻪ ﺟﻮڙ ﺑﺪران ﻣﻠﻚ ۽ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﺑﺪﻧﺎﻣﻲ ﺟﻮ ﻛﺎرڻ ﺑﮣﺠﻦ ﭤﺎ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻧﺘﺨﺎﺑﻲ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻟﻴﮏ ﮐﻲ وﻗﺖ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ ۽ ﮐﻴﺲ ﺗﻮﺣﻴﺪ ﺟﻴﻞ ۾ ﻳﺎرﻫﻦ ﻫﻔﺘﺎ ﻗﻴﺪ ﺟﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﺳﻬﮣﻲ ﭘﺌﻲ .ﺑﻌﺪ ۾ ﻫﻦ ۲۰۰۱۾ اﻳﺮان ﮀﮇي آﻣﺮﻳﻜﺎ وﭸﻲ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي رﺳﺎﻟﻲ Village Voice۽ رﻳﻮﭨﺮ ﺧﺒﺮ رﺳﺎن اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ رﭘﻮرﭨﺮ آﻫﻲ .ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎن ) (۲۰۰۷ﺳﻨﺪس ﻫﻚ ﻛﺘﺎب ﺑﻪ ﮀﭙﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻋﻨﻮان آﻫﻲ:
Canelia: Save Yourself by Telling the Truth A Memair of Iran.
ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﮐﻲ وﻗﺖ ﮔﺬاري ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ .ﺷﻬﻼ ﭘﺎﺋﺮي ﺟﻮ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﻣﻀﻤﻮن وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ .ﺷﻬﻼ ﭘﺎﺋﺮي اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر آﻳﺖ ا� ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ آﻫﻲ .ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻣﻼﻗﺎﺗﻦ ۽ اﻧﭩﺮوﻳﻮز دوران ﺳﺎﮢﺲ ﮔﮇ آﻳﺖ ا� ﻧﺠﻔﻲ رﻋﺸﻲ ۽ آﻳﺖ ا� ﺷﺮﻳﻌﺖ ﻣﺪاري ﺑﻪ ﺳﺎﮢﺲ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ .ﻫﺘﻲ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻣﺘﻌﻲ ﺑﺎﺑﺖ Viewsڏﻳﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﻦ رخ ﺑﺎﺑﺖ ﺑﻪ Ideaﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ اﺳﻼم ﮐﺎن اڳ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪو اﭼﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﺷﻴﻌﮫ ﻓﺮﻗﻲ ﺑﻪ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺮي ورﺗﻮ. ﻣﺘﻌﮫ ﻫﻚ اﻫﮍو ﻋﻘﺪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﻣﺮد ۽ ﻫﻚ ﻏﻴﺮ ﺷﺎدي ﺷﺪه ﻋﻮرت ﻏﻴﺮ ﻣﻌﻴﻨﮫ ﻣﺪت ﻻ ﺷﺎدي ﺟﻮ ﻣﻌﺎﻫﺪو ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻦ ۾ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻃﻲ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻋﺎرﺿﻲ زال ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮي رﻗﻢ ڏﻧﻲ وﻳﻨﺪي .ﺳﺘﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻋﻤﺮ اﺑﻦ ﺧﻄﺎب ﻣﺘﻌﮫ ﮐﻲ ﻣﻤﻨﻮع ﻗﺮار ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ ،ﭘﺮ ﺷﻴﻌﮫ ﻓﺮﻗﻲ ان ﭘﺎﺑﻨﺪي ﮐﻲ ﻗﺒﻮل ﻧﻪ ﻛﻴﻮ ۽ ان ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻃﻮر ﺟﺎري رﮐﻴﻮ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺑﻴﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺘﻌﮫ ﺗﻲ ﺷﺮوع ۾ ﭤﻮري ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻨﻲ ﻓﺮﻗﻦ ۾ ﺑﻪ ان ﺟﻮ رواج رﻫﻴﻮ .ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن اﻟﺮﺷﻴﺪ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻣﺘﻌﻲ ﮐﻲ ﺟﺎﺋﺰ ﻗﺮار ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﺟﮇﻫﻦ ان ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﻜﻢ واﭘﺲ وﭠﻲ ﮀﮇﻳﻮ. ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻋﻮرت ﻻ ﻋﺪت ۾ وﻳﻬﮡ ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﭘﻴﭧ ﺳﺎن ﭤﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﺎر ﺟﻲ ﭘﻲ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ .ﻣﺘﻌﻲ واري ﺷﺎدي ۾ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻞ ﭔﺎر ﺟﺎﺋﺰ ﻗﺮار ڏﻧﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ،۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻋﺎم ﻧﻜﺎح واري ﺷﺎدي ﻣﺎن ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻨﺪڙ ﭔﺎرن ﺑﺮاﺑﺮ ﺗﺼﻮر ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻲ ﺋﻲ اﻫﻮ اﺻﻮل آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺘﻌﻲ ﮐﻲ ﻋﺼﻤﺖ ﻓﺮوﺷﻲ ﮐﺎن ڌار ﻛﺮي ﭤﻮ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﭔﻨﻬﻲ ۾ ﻛﺎﻓﻲ ﻣﺸﺎﺑﻬﺖ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﺌﻲ ﭤﻲ -ﭘﺮ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﺎ ۽ ﭔﺎر ﺟﻮ ﺗﺤﻔﻆ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮي ﭤﻮ” .ﻣﺘﻌﮫ“ ﺷﺎدي ﺟﻮ ﻫﻚ اﻫﮍو ﻃﺮﻳﻘﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺮد ﻋﻮرت ﺟﺎ ﺗﻌﻠﻘﺎت ،ﺷﺎدي ،ﺟﻨﺲ ،اﺧﻼﻗﻴﺎت، ﻣﺬﻫﺒﻲ اﺻﻮل ،دﻧﻴﻮي ﻗﺎﻧﻮن ۽ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ رﺳﻢ و رواج ﺳﭛ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﮔﮇ رﻫﻦ ﭤﺎ.
ﻫﻮن ﻋﺎم ﻃﺮح ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﻋﺎم ﻧﻜﺎح واري ﺷﺎدي ۽ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ۾ ﻓﺮق ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮁﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻓﻘﻂ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ زور ڏﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﺷﺎدﻳﻦ ۾ ﻓﻘﻂ اﻳﺘﺮو ﻓﺮق آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ ۾ ﭨﺎﺋﻴﻢ ﭘﻴﺮڊ )ﻣﺪت( ﻣﻘﺮر ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ۽ ﭔﻲ ۾ ﻛﻮ ﻓﻜﺴﮉ ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ.
ﻋﺼﻤﺖ ﻓﺮوﺷﻲ زﻧﺎ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﺮآن ۾ ﺣﺮام ﻗﺮار ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻋﺼﻤﺖ ﻓﺮوﺷﻲ ﺳﺨﺖ ﮔﻨﺎه آﻫﻲ ۽ ﻏﻴﺮ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﺟﻨﺴﻲ ﻋﻤﻞ آﻫﻲ .ان ﮐﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮي ﺟﻲ ﻋﺎم ﻣﺰاج ۽ ﻣﻌﻴﺎر ﺟﻲ ﺧﻼف ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ان ﺟﻲ ﺑﺮﻋﻜﺲ ﻣﺘﻌﮫ ﺟﻲ ﺑﺎري ۾ ﺷﻴﻌﮫ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ ان ۾ ﻓﺮد ﺟﻨﺴﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮري ﻛﻨﺪي ﻣﻌﺎﺷﺮي ﺟﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻦ ﺟﻮ اﺣﺘﺮام ﻛﺮي ﭤﻮ ۽ ان ﺳﺎن ﺳﻤﺎﺟﻲ ڍاﻧﭽﻲ ﮐﻲ ﻛﻮ ﻧﻘﺼﺎن ﻧﭥﻮ ﭘﻬﭽﻲ .ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺘﻌﮫ ﻛﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﭴﮡ ﺗﻪ اﺳﻼﻣﻲ اﺻﻮﻟﻦ ﺟﻮ اﺣﺘﺮام ﻛﻨﺪي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮري ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺑﺎري ۾ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺷﺎدي ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺧﻼﻗﻲ ۽ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ اﻋﺘﺒﺎر ﮐﺎن ﺟﺎﺋﺰ آﻫﻲ ﭘﺮ ان ﺳﺎن ﺑﻲ اﻋﺘﺪاﻟﻲ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﻨﭩﺮول ﻛﺮڻ ۾ ﻣﺪد ﻣﻠﻲ ﭤﻲ.
ﻣﺸﻬﺪ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ ،۽ ان ﮐﻲ ﺣﻼل ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭘﺮ ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ان ﮐﻲ ۱۹۷۹واري اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﻮاﻣﻲ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ .ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﻤﺎﻋﺘﻦ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﮐﻲ ﺳﭡﻮ ﻧﭥﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﻮ .اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﮐﻠﻴﻞ ﺣﻤﺎﻳﺖ ﻛﺌﻲ ۽ ان ﮐﻲ اﻧﺴﺎن ﺟﻲ ﺟﻨﺴﻲ ﻋﻤﻞ ﻻ ﺿﺮوري ﻗﺮار ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻫﻚ اﻫﮍو ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮐﺎن ﻧﻪ ﭘﮁﺠﻲ ﺗﻪ ﺳﭡﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﺎص ﻛﺮي ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﺟﮇﻫﻦ ان ﺑﺎﺑﺖ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻧﻴﻚ ﻧﻴﺘﻲ ﺳﺎن ﻛﺎ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻧﻪ ﭘﺮ ،ﭼﭥﺮ ﻃﻮر ﭘﮁﻦ ﭤﺎ .ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ دل آزاري ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .ﻧﻮﻛﺮي دوران ﻳﻮرپ ﻳﺎ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﻮن ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ ﮔﻬﮣﻴﻮن زاﻟﻮن آﻫﻦ ۽ ﺟﻮاب ۾ آﺋﻮن ﻫﻚ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮس ،ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮا ﭼﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ” :ﮀﻮ ﭜﻼ؟ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ ﭼﺎر زاﻟﻮن رﮐﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ “.اﻫﻮ ﭔﮅي ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﺎوڙ ﺑﻪ اﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﭜﺎﺋﻲ اﺳﻼم ﺟﻲ ﻣﺮد ﮐﻲ ﭼﺌﻦ ﺷﺎدﻳﻦ ﺟﻲ اﺟﺎزت ڏﻧﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﭘﻮﻳﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺎرڻ ﺑﻪ آﻫﻦ .اﻫﻲ ﺑﻪ ﺗﻪ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮﻳﻮ .۽ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻚ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺷﺎدي ﻛﻦ ﭤﺎ؟ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻚ ﭔﻦ وڏﻳﺮن ﻳﺎ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﻲ ﭔﻦ زاﻟﻦ ﺳﺎن ڏﺳﻲ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭼﺎر ﭼﺎر زاﻟﻮن وﭠﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻲ ﮀﺎ؟ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﺎن اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺰار )ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا( ﺗﻲ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ .ﻣﻮن ﻫﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺑﺎﺑﺖ ﺧﻴﺎل ﭘﮁﻴﻮ.
”ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻫﺎ ﻫﻚ ﻣﺠﺒﻮري ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ“ ﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ”ﻫﻚ ﻋﻮرت ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﮍس ﻣﺮي وﭸﻲ ﻳﺎ ﻫﻦ ﮐﻲ ﮀﮇي ڏﺋﻲ .ﺳﻨﺪس ﻛﻮ ﻣﺎﺋﭧ ﻣﭧ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ ﻫﻮ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﭸﻲ .ﻛﻴﺌﻦ ﮔﺬر ﺳﻔﺮ ﻛﺮي ،ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻌﺎﺷﺮي ﺟﻮن ﻧﻈﺮون ﻫﻦ ﺗﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﮐﺘﻞ رﻫﻦ .ﭘﺒﻠﻚ ﭘﺮاﭘﺮﭨﻲ ﺑﮣﺠﮡ ﮐﺎن ﺗﻪ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﻫﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻧﻜﺎح ﻛﺮي -ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻘﺮر ﻣﺪت ﻻ ﺋﻲ ﺳﻬﻲ .۽ اﻫﻮ ﻣﺮد ﺟﻴﻜﻮ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮري ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﻌﺎﺷﺮي ﮐﻲ ﺧﺮاب ﻛﺮي ان ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺘﻌﻮ ﻛﺮي ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻮ زال ۽ ﭔﺎر ﺟﻲ ﺟﻮاﺑﺪاري ﮐﮣﻲ ﭤﻮ “.۽ ﭘﻮ ﻛﺠﻬﻪ دﻳﺮ ﺗﺮﺳﻲ ﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺗﻪ ﻛﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﺎﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﺳﻨﮅ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ وﭸﻮ ۽ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮﻳﻮ ﺗﻪ ﮀﺎ ﮀﺎ ﻣﺴﺌﻼ اﺳﺎن ﮐﻲ درﭘﻴﺶ آﻫﻦ :ﻛﺎروﻛﺎري ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ،ﺳﮛ ﭼﭩﻲ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ،ﻗﺮآن ﺳﺎن ﺷﺎدي ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ -ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻮﺟﺐ اﺳﺎن ﺟﻮ ﭘﻴﺮ ،وڏﻳﺮو ،ﭜﻮﺗﺎر ،ﺳﺮدار ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﻳﮇو اﺗﻢ اﺗﺎﻫﻮن ﭤﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﮡ ﮔﺎر ﭤﻲ ﻟﮙﻲ .ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮﻳﺎﮢﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﭥﻮ ﮀﮇي ،ﭘﺮ ڌي ﺟﻲ ﻻ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﭤﻮ ﻣﮍﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﻲ ﺳﭛ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻏﻴﺮ اﺳﻼﻣﻲ آﻫﻦ .اﻧﻬﻦ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﻣﺎن وري ﭔﻴﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺴﺌﻼ اﭜﺮن ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﻫﻢ ﺟﻨﺴﻲ ،AIDS ،Lesbianismﻧﺎاﻧﺼﺎﻓﻲ ،ﻧﻔﺮت وﻏﻴﺮه اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﺮي ﮐﻲ ﺗﺒﺎه ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ....ان ﻛﺮي ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻮ ....ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﮐﻲ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﮇي اﻫﻤﻴﺖ ﮀﻮ ﭤﺎ ڏﻳﻦ ....ان ﮐﻲ ﺷﻚ ﺟﻲ ﻧﮕﺎه ﺳﺎن ﮀﻮ ﭤﺎ ڏﺳﻦ....؟“ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻲ ﺳﻨﮅي ﺷﻴﻌﻮ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﭻ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻮ ﭘﻬﻠﻮ ﻫﻮ.
ﻣﻲ ﺷﻮد و ﻣﻲ ﺗﻮاﻧﻴﻢ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﻣﻌﺼﻮﻣﮫ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي اﮘﻴﺎن ﺧﻴﺎﺑﺎن اراڪ )روڊ( ﺗﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭘﻞ ”ﭘﻞ آﻫﻨﭽﻲ“ وٽ ﻫﻚ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﭜﺮواري ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ ﭨﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻋﻤﺎﻣﮫ )ﭘﭩﻜﻲ( ۽ ﻫﻠﻜﻲ ﻧﺎﺳﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﻳﺎ )ﮔﺎﺋﻮن( ۾ اﭼﻲ وﻳﭡﺎ .ﻋﻤﺮ ۾ ﭘﻨﺠﭩﻴﻬﻪ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﭤﻴﻨﺪا .ﻫﻜﮍي ﺟﻮ رﻧﮓ ﺻﺎف ۽ ﮔﻮل ﭼﻬﺮو ﻫﻮ ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻦ ﺟﻮ ﭘﻜﻮ رﻧﮓ ۽ ﺳﻨﮅڙي اﻧﺐ واﻧﮕﺮ ﻛﺠﻬﻪ Ovalﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺗﻪ ﻧﭥﻲ ﻟﮙﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﺌﺮي ﮐﻲ ﺗﻤﺎم Fluentﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ آﮢﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﻫﻨﻦ ﺑﻪ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻧﻴﺮن ﻛﺮڻ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻲ .آﺋﻮن ﮐﻴﻦ ،۽ ﭔﺎﻫﺮ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ،ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻬﮍا ﻋﺎﻟﻢ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ رواﻳﺘﻲ ﭘﭩﻜﻲ ۽ ﺟﺒﻲ )ﮔﺎﺋﻮن( ۾ ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ڏﺳﮡ ﻟﮙﺲ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻟﺒﺎس ۾ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﭘﺮ ﺟﻴﺘﺮا ﻗﻢ ۾ ﻫﻦ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم )اﮀﻲ ﻳﺎ ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻲ ﭘﮙﻦ( ۾ رﺳﺘﻦ ،ﺑﺴﻴﻦ ،دﻛﺎﻧﻦ ،ﻫﻮﭨﻠﻦ ،ﻣﺴﺠﺪن ۽ ﻣﻘﺒﺮن ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ،اوﺗﺮا ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﺎ اﭼﻦ .ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ”ﻗﻢ ﻣﻠﻦ ۽ ﻣﺪرﺳﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ “.ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ واري ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻫﻨﻦ ﭨﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﭘﻮ ارادو ﺗﺮڪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ۽ ﻣﺴﺠﺪن ۾ اﻳﺘﺮن ﺗﻪ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻛﮃﻳﻮن آﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﻳﺎ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ ﺟﺎﭘﺎن ﭘﻬﭽﻲ اﺗﻲ ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ڏﻳﮑﺎرڻ ﻻ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻦ .۽ ﻣﺰي ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﺟﻴﺘﺮو ﻣﻮن ﮐﻲ ڊپ ﻳﺎ وﻫﻢ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ ﺳﺨﺖ ﻛﭩﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ اﺗﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻲ ،ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃاﺋﮡ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺟﻴﺘﺮو اﻳﺮاﻧﻲ Co Operativeآﻫﻦ اوﺗﺮو دﻧﻴﺎ ۾ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﺎ ﻗﻮم ﻳﺎ ﻣﻠﻚ ﻫﺠﻲ .ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﻠﻦ ۽ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃاﺋﮡ ﻻ ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﻋﻤﺮ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ،ﻋﻮرﺗﻦ ۽ ﻧﻮﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺑﻪ ﺧﻮﺷﻲ ﺳﺎن ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﻳﺎ ﭤﻲ .ﭘﺮ ﻓﻮﭨﻮ ﻣﻬﻞ ﻫﻨﻦ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﺣﺠﺎب )روﺳﺮي( ۽ ﭼﺎدر اوڍڻ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭤﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻴﺘﺮن اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ۽ ﺳﭹﺎﮢﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮن ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ اﻫﮍا ﺑﻪ ﻓﻮﭨﻮ اﭼﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ۾ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﭼﺎدر اوڍﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ روﺳﺮي .اﻧﻬﻦ ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻌﺪ ۾ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻨﻬﻦ اﺧﺒﺎر ﻳﺎ ﻛﺘﺎب ۾ ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﺎن ﭤﻮ؟ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻨﻦ اﻧﻜﺎر ﻧﻪ ﻛﻴﻮ .ﭘﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ ان ﻻ اﭸﺎ ﺑﻪ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ ﺳﻮﭼﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو ﺗﻪ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﮀﭙﺠﻦ ﻳﺎ ﻧﻪ ،ﮀﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ اﻫﻮ ﺗﻪ ڏﺳﺎن ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻋﻮرت ﭘﺒﻠﻚ ۾ ﻣﭥﻮ ڍﻛﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ اﻫﻮ ﺑﻪ ڏﺳﺎن ﭘﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﭘﺮﻳﺲ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ دﻧﻴﺎ ﮐﻲ اﻣﻴﺞ ڏﺋﻲ ﭤﻲ ،اﻫﻮ ﻛﻴﮇو ﺗﻪ ﻏﻠﻂ آﻫﻲ .ﺣﻘﻴﻘﺖ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺘﺮو آزادي ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺷﻬﺮن ،ﺑﺎزارﻳﻦ ،ﭘﺎرﻛﻦ ۽ ﻣﺰارن ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ ﮔﻬﻤﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن -۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺗﻪ اﻛﻴﻠﻴﻮن ۽ رات ﺟﻲ وﻗﺖ ﺟﻮ اﻳﺘﺮو آزادي ﺳﺎن ﺗﻪ ﻫﻚ ﻣﺮد ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ ڏﻳﻨﻬﻦ ڏﭠﻲ ﺟﻮ ﻧﭥﻮ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ وﻗﺖ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻮ ارادو ﻻﻫﻲ ،وﻗﺖ ﮔﺬاري ﻻ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ اﻫﮍا ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺟﻬﭩﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺲ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅي ،اردو ،ﻳﺎ ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ۾ ﻋﺎم اﺳﺘﻌﻤﺎل ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﺑﻠﻜﻪ ﻫﺎڻ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ وﻃﻨﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ اﻳﺘﺮا ﺗﻪ ﻟﻔﻆ وڌﻧﺎ وﭸﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ اﻫﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ .اﻫﻮ ﺟﻤﻠﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻫﺮ ﻫﻚ PTVﺗﺎن ﻣﻮﺳﻢ ﺟﻲ ﺧﺒﺮن م ﭔﮅو ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ....آج ﻣﻄﻠﻊ اﺑﺮ آﻟﻮد رﻫﻲ ﮔﺎ !.....۽ اﻫﮍا ﺟﻤﻼ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ اﺳﺎن ﺟﻲ دﻳﺴﻲ ۽ ﺳﺎدﻳﻦ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﻛﺎﻫﻲ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ ....ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻣﻮن ﺟﮇﻫﻦ ﭜﺮ واري ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﭨﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ ﻏﻮر ﺳﺎن ﭔﮅو ﺗﻪ آﺋﻮن واﺋﮍو ﭤﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍي ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﻮن ﺟﻬﮍي ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﺎن اڻ واﻗﻒ ﻫﻤﺮاه ﮐﻲ ﺑﻪ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﭘﺌﻲ اﭼﻲ! ”آپ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻴﻦ؟“ آﺧﺮ ﻣﻮن ﻫﻮش ﺳﻨﭝﺎﻟﻲ ﮐﺎﻧﺌﻦ ﭘﮁﻴﻮ. ”ﺟﻲ ﻫﺎ “.ﻫﻨﻦ وراﮢﻴﻮ.
“ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﭔﮅي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺷﻚ ﭤﻴﻮ “.ﻣﻮن ﭼﻴﻮ ﻣﺎن. ”اﺳﺎن ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ۾ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺳﺮاﺋﻜﻲ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ“.
ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭔﮅاﻳﻮ” ،اﺳﺎن ﻣﻠﺘﺎن ﺷﻬﺮ ۽ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ آﻫﻴﻮن“.
ﺧﻮش ﺧﻴﺮ ﻋﺎﻓﻴﺖ ﺑﻌﺪ ﻫﻨﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ وﻳﻬﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ ۽ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ ﻛﻮپ ﮐﮣﻲ ﻫﻨﻦ ﺳﺎن وﭸﻲ وﻳﭡﺲ .ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺪرﺳﻦ ۾ ﭘﮍﻫﻨﺪي ﭘﻨﺞ ﺳﺎل ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻮ اﭸﺎ ﺷﺎﮔﺮد آﻫﻦ- ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭔﻬﺮاڙي ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ﺑﻪ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .وﻃﻦ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ رﻫﮡ ﻛﺮي ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻚ ﭤﻲ ﺳﺘﺎﺋﻲ ۽ ﭘﺮدﻳﺲ ۾ رﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭔﮅي ﺧﻮش ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ،۽ ﺧﺮاب ﺧﺒﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ ڏک ﭤﻲ ﭘﻬﭽﺎﺋﻲ .ﻫﻲ ﻫﻤﺮاه ﻣﻠﻚ ۽ وڌﻧﺪڙ ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ۽ ڏوﻫﻦ ۾ واڌاري ﺟﻮن ﺧﺒﺮون ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ اﺧﺒﺎرن ۾ ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻠﻦ ﺗﺎن ﭔﮅي ﺑﻴﺤﺪ ﻏﻤﮕﻴﻦ ۽ ﻣﺎﻳﻮس ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ.
”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان آﻫﻲ “.ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﻴﻮ” ،اﻣﻴﺮ ﺗﻮڙي ﻏﺮﻳﺐ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن آﻫﻲ .اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ .زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺑﻨﻴﺎدي ﺷﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ،دوا درﻣﻞ ،ﭘﺎﮢﻲ ،ﺑﺠﻠﻲ ،روزﮔﺎر ﻏﺮﻳﺐ ﮐﺎن ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻲ .اﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﮔﻬﮣﻦ ﮐﺎن اﮘﭝﺮو ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ وﭸﻲ ﭘﭡﺘﻲ ﭘﻮﻧﺪو .آﺧﺮ ﮀﻮ؟“
”ﺗﻮﻫﺎن ﭔﮅاﻳﻮ ان ﺟﻮ ﻛﻬﮍو ﺳﺒﺐ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ؟“ ﻣﻮن ﺟﻮاب ڏﻳﮡ ﺑﺪران ﺳﻨﺪن راﻳﻮ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﻮ .ان ﮐﺎن ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻧﻜﺎر ﻧﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ،ﻣﻴﻮي ،ﭜﺎﭴﻲ ﮐﺎن ﮔﺌﺲ ،ﻛﻮﺋﻠﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ .ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ۽ ﭘﻮرﻫﻴﺖ آﻫﻦ ۽ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﺎ. ”ﺳﺎﺋﻴﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻛﺎرڻ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻧﺎﻛﺎره ۽ ﻧﻜﻤﺎ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ۽ ﻛﺮﭘﭧ ﺑﻴﻮرو ﻛﺮﻳﭧ آﻫﻦ“. ﻫﻨﻦ وراﮢﻴﻮ
”ﻛﻴﺌﻦ ﭜﻼ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.
”ﺳﺎﺋﻴﻦ ڏﺳﻮ ﻧﭥﺎ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺳﭵﻮ ﻣﻠﻚ وﻛﮣﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪن ﻋﻴﺎﺷﻴﻦ ﻋﻮام ﮐﻲ ﻓﻘﻴﺮ ۽ ﺑﮑﻴﻮ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ “.ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻮ ﺳﺎﮘﻴﻮ راﻳﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ،روﭘﺌﻲ ﺟﻲ ﻛﺮﻧﺪڙ ﺳﺎک ۽ وڌﻧﺪڙ ﺑﺪاﻣﻨﻲ ﮐﺎن ﺳﺨﺖ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ ﻟﮙﺎ ،ﺟﻴﻜﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭘﺮدﻳﺲ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﻲ ﺣﺴﺎس ﺑﻨﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﮐﻲ ان ڌارﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﺟﻨﻬﻦ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ Compare ،ﻛﺮي ﻳﻜﺪم ﭴﺎڻ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮﻳﻮ وﭠﻲ.
”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻛﺎ اي ﻣﻴﻞ اﺋﮉرﻳﺲ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ڏﺟﻮ“ ،ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﻴﻮ” ،اﺳﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﮇي ﺳﺎدي ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﻴﮇي ﺳﺎدي ﮔﻬﺮ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﻫﻚ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﺻﺪر ۽ وزﻳﺮاﻋﻈﻢ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﭨﻮﺋﺮ ۽ ﻣﺤﻞ ﺟﻬﮍن ﮔﻬﺮن ﭘﻮﻳﺎن ﮀﺎ ﮀﺎ ﺗﻪ ﺧﺮچ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ“.
ﺟﻨﻬﻦ Emailﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ اﻫﺎ آﺋﻮن ﺑﻪ ڏﺳﻲ ﭼﻜﻮ ﻫﻮس ﺟﻮ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﭔﻪ اڳ اﻫﺎ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر اي ﻣﻴﻞ ﻫﺌﻲ ۽ ﻫﺮ ﻫﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ دوﺳﺘﻦ ۽ ﻣﺎﺋﭩﻦ ﮐﻲ Forwardﭘﺌﻲ ﻛﺌﻲ .ان ۾ ڏﻧﻞ ﻓﻮﭨﻦ ۾ ڏﻳﮑﺎرﻳﻞ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد ﻛﻴﺌﻦ ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺗﻲ ﭘﭧ ﺗﻲ ﺳﺘﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .آﻓﻴﺲ ۾ ﻟﻨﭻ ﭨﺎﺋﻴﻢ ﺗﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ ﻫﻮ اﺳﻜﻮل ﺟﻲ ﭔﺎرن واﻧﮕﺮ ﮔﻬﺮان ﻟﻨﭻ ﺑﺎﻛﺲ ۾ ﻣﺎﻧﻲ وﺟﻬﻲ ﮐﮣﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺳﺎن ﮔﮇ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻲ ﺟﺎ ﺧﺮﭼﻦ ۽ ﻋﻴﺎﺷﻴﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ڏﻧﻞ ﻫﻴﻮن .ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻲ ﭼﻴﻒ ﻣﻨﺴﭩﺮ ﻫﺎﺋﻮس ﺟﻮن ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻛﺮوڙﻫﺎ روﭘﻴﺎ ﻓﻘﻂ ﺳﺎﻟﻴﺎﻧﻲ Maintenanceﺗﻲ ﺧﺮچ اﭼﻲ ﭤﻮ.
ﻫﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺎﮢﻮﻛﻲ ﻫﻦ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺑﺎﺑﺖ ﭔﻪ ﭼﺎر ﺳﭩﻮن ﻟﮑﮡ ﺑﻲ ﻣﺤﻞ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو .ﭘﺎڻ اﺳﻼﻣﻲ ﺟﻤﻬﻮرﻳﮧ اﻳﺮان ﺟﻮ ﮀﻬﻮن ﺻﺪر آﻫﻲ ۽ ۶اﮔﺴﭧ ۲۰۰۵ﮐﺎن آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭜﺮواري ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮔﺮﻣﺴﺎر ۾ ۲۸ آﻛﭩﻮﺑﺮ ۱۶۵۶۾ ﻫﻚ ﻟﻮﻫﺎر ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ۾ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻫﻮ ۱۹۷۶ .۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۾
داﺧﻼ ﻻ اﻧﭩﺮي ﭨﻴﺴﭧ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﭼﺎر ﻟﮏ اﻣﻴﺪوارن ۾ ۱۳۲ﻫﻮن ﻧﻤﺒﺮ آﻳﻮ ۽ ﮐﻴﺲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ) IUSTاﻳﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺳﺎﺋﻨﺲ اﺋﻨﮉ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ( ۾ ﺳﻮل اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﭘﮍﻫﮡ ﻻ داﺧﻼ ﻣﻠﻲ وﺋﻲ .اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ۱۹۸۴۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﺎﺳﭩﺮس ﺟﻲ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ داﺧﻼ ﻣﻠﻲ ۱۹۸۹ .۾ ان ﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻫﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻓﺌﻜﻠﭩﻲ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﭤﻴﻮ ۱۹۹۷ .۾ ﻫﻦ ”ﺳﺎﺋﻨﺲ اﻳﻨﮉ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ“ ﻣﺎن ﭘﻲ اﻳﭻ ڊي ﻛﺌﻲ .ﺳﻨﺪس ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﻫﻮ ”ﭨﺮاﻧﺴﭙﻮرﭨﻴﺸﻦ اﻧﺠﻨﻴﺮﻧﮓ“.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺟﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻳﺮان ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻴﮇي ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ان ﺳﺎﮘﻲ ﻧﻨﮃري ﻓﻠﻴﭧ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻮ اﻟﻴﻜﺸﻦ ﮐﺎن اڳ رﻫﻨﺪو ﻫﻮ .۽ ﻫﻮ آﻓﻴﺲ ۾ ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮان ﻟﻨﭻ ﺑﺎﻛﺲ ۾ ﮐﮣﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ.
اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﮐﻲ ﭨﻲ ﭔﺎر آﻫﻦ :ﭔﻪ ﭘﭧ ۽ ﻫﻚ ڌي .وڏو ﭘﭧ ”اﻣﻴﺮ ﻛﺒﻴﺮ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ“ ﻣﺎن ﺋﻲ ﭘﮍﻫﻴﻮ آﻫﻲ .دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﻠﻢ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪڙ اوﻟﻴﻮر اﺳﭩﻮن اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺗﻲ ﻓﻠﻢ ﭠﺎﻫﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ اﺟﺎزت ڏﻧﻲ آﻫﻲ.
اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ۲۰۰۵۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ ۲۰۰۳ ﮐﺎن ۲۰۰۵ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﻣﻴﺌﺮ ﻫﻮ .۽ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ۱۹۹۷ﮐﺎن ۲۰۰۳ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻬﺮان ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﭼﺌﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ ۱۹۹۳ ﮐﺎن ۱۹۹۷ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﺻﻮﺑﻲ ارداﺑﻴﻞ )ﺟﻴﻜﻮ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ( ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻨﺮل ۽ ﻫﻚ ﺳﺎل ﻻ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻲ وزﻳﺮ ﺟﻮ ﺻﻼﺣﻜﺎر ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ۲۰۰ .۾ ﺟﻴﻜﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ۶۵ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﻴﺌﺮ ﭼﻮﻧﮉﻳﺎ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ۾ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﺎ ﻧﻮ ) (۹ﻫﺌﺎ ۽ اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ذواﻟﻔﻘﺎر ﭜﭩﻲ ﺟﻮ اﻟﻴﻜﺸﻦ وﻗﺖ ﻧﻌﺮو ”روﭨﻲ ،ﻛﭙﮍا ۽ ﻣﻜﺎن“ ﻫﻮ ﺗﻴﺌﻦ ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺟﻮ ﻣﻌﻨﻲ اﻫﻮ ﻣﻤﻜﻦ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮن ۲۰۰۵ﺟﻲ ﺻﺪارﺗﻲ اﻟﻴﻜﺸﻦ ۾ ﻧﻌﺮو ﻫﻮ” :ﻣﻲ ﺷﻮد و ﻣﻲ ﺗﻮ اﻧﻴﻢ“ ٰ ﭤﺎ.(It is Possible and we can do it) . اﺣﻤﺪي ﻧﺜﺎد ﺟﻮ ﻫﻚ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻣﻘﺼﺪ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﻧﻜﺮﻧﺪڙ ﭘﻴﭩﺮول ﺟﻮ ﭘﺌﺴﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﭙﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﻋﻮام ﺟﻮ ﭜﻠﻮ ﭤﻴﮡ ﮐﭙﻲ .اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻴﺮو ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ رﻫﻨﻤﺎ آﻳﺖ ا� ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ ﻣﺼﺒﺎح ﻳﺰدي آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻗﻢ ﺟﻲ وڏن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ .ﺗﻘﻲ ﻣﺼﺒﺎح اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻘﺎﻧﻲ ﻣﻜﺘﺐ ﻓﻜﺮ ﺟﻮ ﭘﮡ ﺑﺎﻧﻲ آﻫﻲ .ﻫﻦ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﮐﻲ ﺻﺪارﺗﻲ ﭼﻮﻧﮉ ﮐﭩﮡ ۾ وڏي ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺌﻲ ۽ Supportﻛﻴﻮ. ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺻﺪارت ﺟﻮ ﭨﺮم آﮔﺴﭧ ۲۰۰۹۾ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﻨﺪو ﭘﺮ ﻫﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﻴﻮ دﻓﻌﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﮡ ﻻ ۲۰۰۹ ۾ ﭤﻴﻨﺪڙ اﻟﻴﻜﺸﻦ ۾ ﺣﺼﻮ وﭠﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.
ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ۽ ﺧﺎﺗﻤﻲ اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻮ اﭼﻲ ﭤﻮ ﻳﺎ اﻳﺮان ﮐﺎن ﺟﻴﻜﻮ واﻗﻒ آﻫﻲ اﻫﻮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ )آﻳﺖ ا� روح ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ( ﮐﺎن ﺑﻪ ﺿﺮور واﻗﻒ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎه ۽ ان ﺟﻲ ﻏﻴﺮ ﻣﺤﺐ وﻃﻦ ۽ ﻋﻮام دﺷﻤﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺳﺎن ﭨﻜﺮ ﮐﺎﺋﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﻧﻘﻼب آﻧﺪو ۽ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﭤﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﺳﺎدﮔﻲ واري زﻧﺪﮔﻲ ۾ رﻫﻴﻮ ان ﺟﻮ اڄ ﺟﻲ دؤر ۾ ﺟﻮاب ﻧﺎﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﻮﺟﻮده ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺑﻪ اﺻﻮﻟﻦ ﺗﻲ اﭨﻞ ،ﺳﺎدﮔﻲ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ،اﻳﺮان ۽ ان ﺟﻲ ﻋﻮام ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮي اﻳﺮان ۽ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍي ﺳﭙﺮ ﭘﺎور ﺟﻲ ﭘﺮواه ﻧﻪ ﻛﻨﺪي ﻫﻦ ﻧﻴﻮﻛﻠﻴﺌﺮ ﭘﺎور ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﮐﺘﺎ ﺟﻮاب ۽ ﻳﻬﻮدي ﻻﺑﻲ ﺧﻼف ﺑﻲ ڊﭘﺎ ﺑﻴﺎن ڏﻳﮡ ﻛﺮي ﻣﻐﺮب ۾ ﺑﻪ ﭴﺎﺗﻮ ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ۽ ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﺑﻴﺎن ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .اﻳﺮان ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮن ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺷﺨﺼﻴﺘﻮن ﺟﻦ ﺟﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ اﻛﺜﺮ ﭘﻮﺳﭩﺮ )وڏﻳﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون( ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ واﺗﺎن اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅﺟﻦ ﭤﻴﻮن اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻦ ﭨﻦ ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ذﻛﺮ ﻛﺮڻ ﺿﺮوري ﭤﻮ ﺳﻤﺠﻬﺎن ،ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﻳﻨﺪڙ ﻛﻴﺘﺮن ﮐﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو ﭤﻮ رﻫﻲ ﺗﻪ ﺧﻤﻴﻨﻲ ،ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ۽ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻦ ،ﺳﺎﮘﻴﻮ ﻟﻘﺐ آﻫﻲ ﻳﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮ .ﻣﻠﻚ ﺟﻮ وڏو ﻛﻴﺮ آﻫﻲ ......وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه.
ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ -ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻳﺖ ا� ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ۽ ﻣﻮﺟﻮده ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر )رﻫﺒﺮ ﻣﻌﻈﻢ (۲۳۷ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ۱۹۸۱ﮐﺎن ۱۹۸۹ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﺪر ﺑﻪ رﻫﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ ۽ ﺷﺮوع وارا ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ”وزﻳﺮاﻋﻈﻢ“ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻋﻬﺪو ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺌﻴﻦ آﺋﻴﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺧﺘﻢ ﻛﺮي وزﻳﺮاﻋﻈﻢ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺟﻮاﺑﺪارﻳﻮن ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺻﺪر ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن آﻫﻦ ۽ ﺻﺪر ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻘﻂ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺎﺗﺮ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﻳﻌﻨﻲ Figure Headﻃﻮر ۽ ﺳﻨﺪس ﻛﻲ ﺧﺎص اﺧﺘﻴﺎر ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﻫﺎڻ Executive۽ Head of Stateآﻫﻲ .ﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﭛ ۾ وڏو ﭼﻮﻧﮉﻳﻞ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪو آﻫﻲ.
ﺻﺪر ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺳﺮﺑﺮاه ”رﻫﺒﺮ ﻣﻌﻈﻢ “ ﻳﻌﻨﻲ Supreme Leadevﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ اﭤﺎرﭨﻲ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺟﻤﻬﻮرﻳﮧ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﻫﻮ ۽ ۱۹۸۹۾ ﺳﻨﺪس وﻓﺎت ﮐﺎن ﭘﻮ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﺗﺼﻮﻳﺮون اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﻳﺎ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن .ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي اﻫﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ﻫﺠﻲ.
ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ،اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ۱۹۸۱ﮐﺎن ۱۹۸۹ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﮀﻬﻪ ﺻﺪر ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ ﺑﻨﻲ ﺻﺪر-ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺟﺎﺋﻲ
ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ )ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ(اﻛﺒﺮ ﻫﺎﺷﻤﻲ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ-ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺘﺎﻣﻲ ،۽
-ﻫﺎﮢﻮﻛﻮ ﺻﺪر :ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد
اﻳﺮان ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺟﺎﺋﻲ ﻛﻮ ۱۴ڏﻳﻨﻬﻦ ﺻﺪر ﻣﺲ رﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻢ ذرﻳﻌﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻲ اڄ وارو ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ۱۹۳۹۾ ﻣﺸﻬﺪ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻚ آذري
ﻓﺌﻤﻠﻲ ۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ اﭠﻦ ﭜﺎﺋﺮن ﭜﻴﻨﺮن ۾ ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﭔﺎر آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭔﻴﺎ ﭜﺎﺋﺮ ﺑﻪ ﻫﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ﺟﺎ وڏا ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻢ آﻫﻦ .ﺳﻨﺪس ﻧﻨﮃو ﭜﺎ ﻫﺎدي ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ اﺧﺒﺎر ﺟﻮ ﻗﺎﺑﻞ اﻳﮉﻳﭩﺮ ۽ ﻣﻮﻟﻮي آﻫﻲ.
ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ اﭸﺎ ﭘﺮاﺋﻤﺮي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺑﻪ ﭘﻮري ﻧﻪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪﻳﻦ ﮐﻴﺲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﻣﻮﻛﻠﮡ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ .ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺨﺼﻴﺘﻮن ﺣﺎﺟﻲ ﺷﻴﺦ ﻫﺎﺷﻢ ﻗﺎﺿﻴﻮﻳﻨﻲ ۽ آﻳﺖ ا� ﻣﻴﻼﻧﻲ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻣﻌﻠﻢ رﻫﻴﺎ ۱۹۵۷ .۾ ﻫﻮ ﻧﺠﻒ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻚ ﺳﺎل ﺟﻮ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻋﺮﺻﻮ ﮔﺬارڻ ﺑﻌﺪ ﻗﻢ ۾ اﭼﻲ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ .ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺣﺴﻴﻦ ﺑﻮرﺟﺮدي ۽ روح ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻬﮍن آﻳﺖ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﻼس اﭨﻴﻨﮉ ﻛﻴﺎ .ان ﺑﻌﺪ ۱۹۶۳ﮐﺎن ﻫﻦ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺤﺮﻳﻜﻦ ۾ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ .ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﺴﻨﺪ ﻧﻪ ﻫﻴﻮن ۽ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮا دﻓﻌﺎ ﺟﻴﻞ ﺑﻪ وﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ. ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻮ اﻫﻢ ﻛﺮدار رﻫﻴﻮ ۽ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻦ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻮ .ﺗﻬﺮان ۾ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎز ﺟﻲ اﻣﺎم آﻳﺖ ا� ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻲ ﻣﻨﺘﻈﺮي ﺟﻲ ۱۹۷۹۾ اﺳﺘﻴﻔﺎ ڏﻳﮡ ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﮐﻲ ﻟﻴﮉر ﺑﻨﺎﻳﻮ .ﻋﺮاق اﻳﺮان ﺟﻨﮓ ۾ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ۾ ﺑﻪ رﻫﻴﻮ ۽ ﻫﻚ ﺑﻢ ﭰﺎﭨﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺷﺪﻳﺪ زﺧﻤﻲ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ اڄ ﺑﻪ ”زﻧﺪه ﺷﻬﻴﺪ“ ﺟﻲ ﻟﻘﺐ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۽ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﺟﻲ ﻓﻴﻠﮉ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﮐﻲ ﻛﺎﻓﻲ اﮘﻴﺎن آﻧﺪو آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ زﻣﻴﻦ ﻫﻴﭟ دﭔﻴﻞ ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﻮ ذﺧﻴﺮو آﺧﺮ ﺗﻪ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﻨﺪو .ان ﻛﺮي ﻫﻴﻨﺌﺮ ﮐﺎن ﺋﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻧﻴﻮﻛﻠﻴﺌﺮ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﺟﻮ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ ۽ ان ﻣﺎن ﻓﺎﺋﺪا ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻦ. ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب ۽ ﻣﻀﻤﻮن ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ .ﺳﻨﺪس ﺗﻘﺮﻳﺮن ۽ ﭘﻴﻐﺎﻣﻦ ﺟﺎ ﻧﻮ واﻟﻴﻮم ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ ﺑﻪ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﻋﺮب ﻟﻴﮑﻜﻦ ﺳﻴﺪ ﻗﻄﺐ ،رﺿﻲ اﻟﻴﺎﺳﻴﻦ ۽ ﻋﺒﺪاﻟﻤﻨﻴﻢ ﻧﺎﺻﺮي ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺘﺎب ﻋﻠﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﻋﺮﺑﻲ ﻣﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭘﮡ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﺎ آﻫﻦ.
ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻨﻲ ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ۽ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﭘﮡ اﻳﺮان ۾ اﻳﻨﺪڙ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﮐﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن.
ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺟﻤﻬﻮرﻳﮧ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻨﺠﻮن ﺻﺪر ﻫﻮ .ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ،اﺳﻜﺎﻟﺮ ۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﻳﺰد ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ارڌاﻛﺎن ۾ ۱۹۴۳۾ ﭴﺎﺋﻮ .ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﻣﺮﺣﻮم آﻳﺖ ا� روح ا� ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ وڏن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﻣﺎن ﻫﻮ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺷﺮوع وارن ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﻳﺰد ﺷﻬﺮ ﺟﻲ وڏي ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﺧﻄﻴﺐ ﻫﻮ .ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎز ﺗﻲ ﺧﻄﺒﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪو ﻫﻮ.
ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﭔﻪ دﻓﻌﻪ ﺻﺪر ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻮ .ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ۱۹۹۷۾ ۷۰ﺳﻴﻜﮍو ووٽ ﮐﮣﻲ اﻟﻴﻜﺸﻦ ﮐﭩﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭔﻲ ﭨﺮم ۾ ۲۰۰۱۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ان ﮐﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ) ۷۸ﺳﻴﻜﮍو( ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻲ .ﮐﻴﺲ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ووٽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ۽ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ڏﻧﺎ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻮ درﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮ ﻛﺮڻ ۽ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﺟﻮن ﮔﻬﺮﺟﻮن ﭘﻮرﻳﻮن ﻛﺮڻ ﺟﻮ وﻋﺪو ﻛﻴﻮ .ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭘﻮ اڄ وارو ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﺻﺪر ﭤﻴﻮ .ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ۱۹۸۰ﮐﺎن ۱۹۹۰ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ وزﻳﺮ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ. ﭘﺎڻ ﭘﺮاﺋﻤﺮي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮘﻮٺ ﺟﻲ اﺳﻜﻮل ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ۱۹۶۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﻢ ۾ رﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ اﺻﻔﻬﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ”وﻳﺴﭩﺮن ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ“ ۾ B.A.ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻮ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ”اﻳﮉﻳﻮﻛﻴﺸﻨﻞ اﻋﻠﻲ ﻟﻴﻮل ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ“ ۾ M.Aﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ رﻫﻴﻞ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻ ﺳﺖ ﺳﺎل ﻗﻢ ۾ اﭼﻲ ﭘﮍﻫﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ٰ )اﺟﺘﻬﺎد( ﺟﺎ ﻛﻮرس ﻣﻜﻤﻞ ﻛﻴﺎ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﺌﻤﺒﺮگ ۾ آﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻚ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﺟﻮ ﻫﻮ اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ.
اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻛﻴﻬﺎن اﺧﺒﺎر واري اداري ﻛﻴﻬﺎن اﻧﺴﭩﻴﭩﻴﻮٽ ﺟﻮ ﺳﭙﺮواﺋﻴﺰر ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻟﺌﺒﺮري ﺟﻮ ۱۹۹۲ﮐﺎن ۱۹۹۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻴﮉ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ۽ ۱۹۹۲ﮐﺎن ۱۹۹۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻗﻮﻧﺼﻞ آف ﻛﻠﭽﺮل رواﻟﻮﺷﻦ ،ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﮐﻴﺲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن Reformistﺻﺪر ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺻﺪارت وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺎرﺟﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻲ Confrontation
واري ﻓﻴﺰ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي Conciliation۾ داﺧﻞ ﭤﻲ.
ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﻫﻚ وڏو اﺳﻜﺎﻟﺮ ﺑﻪ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺟﻲ رﻳﺴﺮچ ﻓﻴﻠﮉ ﺟﻮ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ Political Philosophyرﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺟﻮاد ﻃﺎﺑﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﺟﻬﮍا ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻓﻼﺳﻔﺮ ﺳﻨﺪس ﭨﻴﭽﺮ ﭤﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﺧﺎﺗﻤﻲ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﻣﺪارس ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﻮﻟﻴﭩﻴﻜﻞ ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ۽ ان ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﺗﻲ ۱۹۹۹۾ ﺳﻨﺪس ﻛﺘﺎب ﺑﻪ ﮀﭙﻴﻮ .ﭘﺎڻ ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻋﺮﺑﻲ، اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﺟﺮﻣﻦ زﺑﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﭘﮡ ﭴﺎﮢﻮ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﺨﺘﻠﻒ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب ﮀﭙﺠﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻛﺘﺎبIslam, Liberty and Development : ۽ ﻋﺮﺑﻲ ۾” :ﻣﻄﺎﻟﻌﺎت ﻓﻲ اﻟﺪﻳﻦ واﻻﺳﻼم واﻟﻌﺼﺮ“.
۽ ”ﻣﺪﻳﻨﺔ اﻟﺴﻴﺎﺳﺔ“ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺘﺎب آﻫﻦ .ﺳﻨﺪس ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ۾ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ: * ﺑﻴﻢ ﻣﻮج )ﻟﻬﺮ ﺟﻮ ﺧﻮف(
*دﻧﻴﺎ از دﻧﻴﺎ ﺷﻬﺮ ﺗﺎ ﺷﻬﺮ )دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ( *ﻣﺮدم ﺳﺎﻻري )ڊﻳﻤﻮﻛﺮﻳﺴﻲ(
*ﮔﻔﺘﮕﻮي ﺗﻤﺪﻧﻬﺎ Dialogue amoing Civi lizations * ﻧﺎﻣﮫ اي ﺑﺮاي ﻓﺮدا )ﺳﭝﺎﮢﻲ ﻻ ﺧﻂ(
* زﻧﺎن و ﺟﻮاﻧﺎن )ﻋﻮرﺗﻮن ۽ ﻧﻮﺟﻮان( وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه
ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺳﺎن ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﮔﮇﺟﺎﮢﻲ واري واﻗﻌﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ۾ ﻛﺎﻓﻲ ﻣﺸﻬﻮري ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰر ۽ اﻧﺎﺋﻮﻧﺴﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﻠﻢ اﺋﻜﭩﺮﻳﺲ ”ﭘﻴﮕﺎه آﻫﻦ ﮔﺮاﻧﻲ“ ﻫﺌﻲ .ﻫﻲ ﻓﻨﻜﺸﻦ ۲۲ڊﺳﻤﺒﺮ ۲۰۰۵۾ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﮐﻲ ﺻﺪارت ﺟﻲ ﻛﺮﺳﻲ ﮀﮇي ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻬﻴﻨﺎ ﭤﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﻫﻮار ﻣﺌﮕﺰﻳﻦ ”ﭼﻴﻠﭽﺮاغ“ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان آرﭨﺴﭩﻦ ﺳﺎﺑﻖ ﺻﺪر ﺟﻲ ﻣﺎن ۾ ﻫﻦ ﻓﻨﻜﺸﻦ ﺟﻮ ﺗﻬﺮان ۾ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ﻫﻲ ﻓﻨﻜﺸﻦ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ Concertﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺧﺘﺎﻣﻲ ﻫﻚ ﭘﺎپ اﺳﭩﺎر ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮIRNA, . BBC۽ ﭔﻴﻦ ﻧﻴﻮز اﻳﺠﻨﺴﻴﻦ ﻫﻦ ﮔﮇﺟﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ) The Man With the Chocolate Robeﻓﺎرﺳﻲ ۾ :ﻣﺮدي ﺑﺎﻋﺒﺎي ﺷﻜﻼﺗﻲ (،ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻲ ۽ ﻏﻴﺮ ﻣﻠﻜﻲ رﺳﺎﻟﻦ ۾ ﻫﻦ ﻓﻨﻜﺸﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻓﻮﭨﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺎﺳﻲ ”ﭘﻴﮕﺎه آﻫﻦ ﮔﺮاﻧﻲ“ ﺑﻴﭡﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ”ﺑﺎران ﻛﻮﺳﺎري“ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ.
ﻣﻮﺳﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺟﻲ ﺷﺎدي ۳۱ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۱۹۷۴۾ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺟﻲ ڌي ۽ ٰ اﻟﺼﺪر ﺟﻲ ﭜﺎﮢﻴﺠﻲ زﻫﺮا ﺻﺎدﻗﻲ ﺳﺎن ﭤﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ ڌﻳﺌﺮون ۽ ﻫﻚ ﭘﭧ آﻫﻲ .وڏي ﻟﻴﻼ ﺟﻴﻜﺎ ۱۹۷۵۾ ﭴﺎﺋﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻣﺌﭥﺲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ ،ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ ﻧﺮﮔﺲ )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل (۱۹۸۲۽ ﭘﭧ ﻋﻤﺎد )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل (۱۹۸۸ آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ ﻫﻚ ﭔﺎر ﻣﻬﺪي ﻧﺎﻟﻲ ﻧﭙﺎﻳﻮ ﭘﮡ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪاﻧﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻮٽ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺌﭩﺮڪ ﻓﻴﻞ ﻳﺎ ﭠﮗ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﺎ ﻛﻮڙا ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ ﻧﻪ آﻫﻦ .ﮔﻬﮣﻮ اڳ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻣﺮﺣﻮم ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ( ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻴﻮ ﻫﻮم ﺗﻪ ﻫﻮ ﮀﺎ ﭘﮍﻫﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭨﻬﻚ ڏﻳﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻫﻮ” :ﻣﺌﭩﺮڪ ﻓﻴﻞ ﺑﻲ اي ﭘﺎس آﻫﻴﺎن“. ”اﻫﻮ ﭜﻼ ﻛﻴﺌﻦ؟“ ﻣﻮن ﺣﻴﺮت ﻣﺎن ﭘﮁﻴﻮﻣﺎﻧﺲ.
”اﻫﻮ ﻫﻦ رﻳﺖ“ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ ”ﻣﺌﭩﺮڪ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻛﺌﻲ ﻫﻴﻢ .اﻣﺘﺤﺎﻧﻦ ۾ ﺳﺨﺘﻲ ﻫﺌﻲ .ﻛﺎﭘﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻧﻪ ﻫﻮ .ﻓﻴﻞ ﭤﻲ ﭘﻴﺲ B. A .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻛﻴﻢ“.
اﻋﻠﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻲ وزﻳﺮن ۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪاﻧﻦ ﮐﻲ ﭤﻮ ڏﺳﺎن ﺗﻪ ﻫﻮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ﻣﺎن ٰ
ﻛﻴﻞ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﺎ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ ﭘﮡ آﻫﻦ .ﻧﻪ رﮘﻮ ﭘﺎڻ ﭘﺮ ﺳﻨﺪن ﭜﺎﺋﺮ ﭜﻴﻨﺮون ۽ اوﻻد ﭘﮡ. اﻓﺴﻮس ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ وڏﻳﺮا ﭨﺎﺋﻴﭗ وزﻳﺮن ۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪاﻧﻦ ﺟﺎ ﭔﺎر ﻟﻮﻓﺮ ﭤﻴﻮ ﭘﻴﺎ ﻫﻠﻦ. ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﻳﺎ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ۾ داﺧﻼ ﺿﺮور وﭠﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻧﻪ ﭘﺎڻ ﭤﺎ ﭘﮍﻫﻦ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ﭤﺎ ﭘﮍﻫﮡ ڏﻳﻦ.اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﺎﺑﻖ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﮐﻲ ﺋﻲ ڏﺳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اڌ ﻋﻤﺮ ﻗﻢ ﺟﻲ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﺰ ﻣﺎن ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ۾ وﻗﻒ ﻛﺮي ﮀﮇي .ﺳﻨﺪس ﻫﻚ ﭜﺎ ﻋﻠﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﺰﻧﺲ ﻣﺌﻦ آﻫﻲ ،ان ﺑﺮوﻛﻠﻦ )ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ( ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن اﻧﮉﺳﭩﺮﻳﻞ اﻧﺠﻨﻴﺮﻧﮓ ۾ M. Eﻛﺌﻲ .ﭔﻴﻮ ﭜﺎ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ ڊاﻛﭩﺮ رﺿﺎ ﺧﺎﺗﻤﻲ ڊﭘﭩﻲ اﺳﭙﻴﻜﺮ رﻫﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ڊاﻛﭩﺮ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﺎدي اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺑﺎﻧﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ڏﻫﭩﻲ زﻫﺮا اﺷﺮاﻗﻲ ﺳﺎن ﭤﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺣﻘﻦ ﻻ ﺟﺎﮐﻮڙﻳﻨﺪڙ ) (Activistآﻫﻲ. ﺻﺪر ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ارڌاﻛﺎن ﺳﭩﻲ ﻛﺎﺋﻮﻧﺴﻞ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻋﻮرت ﻧﻤﺎﺋﻨﺪه ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ۱۹۹۹واري اﻟﻴﻜﺸﻦ ۾ ﮐﭩﻴﻮ ﻫﻮ.
ﺑﻨﻲ ﺻﺪر ،رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ۽ ﻣﻨﺘﻈﺮي ﻫﺘﻲ ﭔﻦ ﭨﻦ ﭔﻴﻦ اﻫﻢ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺨﺘﺼﺮ ذﻛﺮ ﻛﺮڻ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ اﻳﺮان ۾ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﺿﺮور ﭔﮅڻ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺗﻪ اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ ﺑﻨﻲ ﺻﺪر آﻫﻲ.
اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ ﺑﻨﻲ ﺻﺪر ۱۹۳۳۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ۽ ﭘﻬﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺻﺪر ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻮ ۱۹۶۰ .۾ ﺟﻴﻜﺎ ﺷﺎه ﺟﻲ ﺧﻼف ﺗﺤﺮﻳﻚ ﻫﻠﻲ ﻫﺌﻲ ان ۾ ﺑﻨﻲ ﺻﺪر ﺑﻪ ﺣﺼﻮ ورﺗﻮ ﻫﻮ ۽ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ ﺟﻴﻞ ۾ ﺑﻪ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻓﺮاﻧﺲ ﭜﭵﻲ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ آﻳﺖ ا� روح ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺳﺎن وﭸﻲ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻴﻮ ۱۹۷۹ .۾ اﻧﻘﻼب دوران ﺟﮇﻫﻦ ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺮان ﻣﻮﭨﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻳﻮ .ﺑﻨﻲ ﺻﺪر ﻓﺎﺋﻨﺎﻧﺲ ۽ اﻳﻜﺎﻧﺎﻣﻜﺲ ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮد رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ B A۽ MBAڊﮔﺮﻳﻮن ﻫﺌﺲ ان ﻛﺮي ﮐﻴﺲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﺷﺮوع وارو ﺳﺎل ڏﻳﮃ وزﻳﺮ ﺧﺰاﻧﻪ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ۱۹۸۰ .وارﻳﻦ ﺻﺪارﺗﻲ ﭼﻮﻧﮉن ۾ ﻫﻮ ۸۰ﺳﻴﻜﮍو ووٽ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ،ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺻﺪر ﭤﻴﻮ. ﺑﻨﻲ ﺻﺪر اﺳﻼﻣﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﻧﻪ ﻫﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﻼﺋﻦ ﺳﺎن اﺧﺘﻼف ﭤﻴﻮ ۽ ڏﻳﮃ ﺳﺎل ﮐﻦ ﺻﺪر رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ Impeachmentﭤﻲ وﺋﻲ .ﻫﻦ وﻗﺖ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۷۵ﺳﺎل ﮐﻦ آﻫﻲ ۽ ﮔﺬرﻳﻞ وﻳﻬﺎرو ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﭘﺌﺮس ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﮘﻮٺ Versailles۾ رﻫﻲ ﭤﻮ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ۽ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺻﺪر آﻳﺖ ا� اﻛﺒﺮ ﻫﺎﺷﻤﻲ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﺻﺪر ﭤﻴﻮ ۽ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ ۱۹۸۹ﮐﺎن ۱۹۹۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮ .ﻫﻮ ﭨﻴﻮن دﻓﻌﻮ ﺻﺪر ﭤﻴﮡ ﻻ ۲۰۰۵ واري اﻟﻴﻜﺸﻦ ۾ ﺑﻴﭡﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﻣﺨﺎﻟﻒ ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺰاد ﮐﭩﻲ وﻳﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﺑﻪ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻫﻢ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ آﻫﻲ ۽ ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ۲۰۰۷ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ”اﺳﻴﻤﺒﻠﻲ آف اﻳﻜﺴﭙﺮﭨﺲ“ ۽ Expediency Councilﺟﻮ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ آﻫﻲ.
اﻛﺒﺮ ﻫﺎﺷﻤﻲ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﻛﺮﻣﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ رﻓﺴﻨﺠﺎن ۾ ۱۹۳۴۾ ﻫﻚ اﻣﻴﺮ ﻓﺌﻤﻠﻲ ۾ ﺟﻨﻢ ورﺗﻮ .ﺳﻨﺪس ﭘﻲ ﭘﺴﺘﻦ ﺟﻲ ﭘﻮک ﺟﻮ وڏو زﻣﻴﻨﺪار ﻫﻮ .اﻛﺒﺮ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﮐﻴﺲ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﺳﺖ ﭔﺎر ﻫﺌﺎ ۱۹۴۸ .۾ ﺟﮇﻫﻦ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ۱۴ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﺳﻨﺪس واﻟﺪﻳﻦ ﻗﻢ ﺟﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ وٽ ﻫﻦ اﺳﻼﻣﻲ ﻗﺎﻧﻮن ،اﺧﻼﻗﻴﺎت ۽ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﭘﮍﻫﻲ .ان وﻗﺖ ﮐﺎن وﭠﻲ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﭘﻮﺋﻠﮗ ۽ ﻣﻌﺘﻘﺪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ان وﻗﺖ ﮐﺎن ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺳﻮچ ﺳﺎن ﺳﻬﻤﺖ رﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﻼﻣﻲ ﻧﻈﺎم اﭼﮡ ﮐﭙﻲ ۽ ان ۾ ﺋﻲ ﻏﺮﻳﺐ ﻋﻮام ﺟﻲ ﭜﻼﺋﻲ آﻫﻲ .ﺷﻬﻨﺸﺎه اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﻼف ﻫﻼﻳﻞ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۾ ﺣﺼﻮ وﭠﮡ ﺟﻲ ﺳﺰا ۾ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﺞ دﻓﻌﺎ ﺟﻴﻞ ﺟﻮن ﺗﻜﻠﻴﻔﻮن ﺳﻬﮣﻴﻮن ﭘﻴﻮن. ﻣﺮﺗﻀﻲ ﻣﻮﺗﺎﻫﺮي ۽ ﻋﺒﺪاﻟﻜﺮﻳﻢ ﻣﻮﺳﻮي اردﻳﺒﻴﻠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﻫﻢ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ،ﺟﻮاد ﺑﺎﻫﻮﻧﺮ ،ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ، ٰ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻛﺒﺮ ﻫﺎﺷﻤﻲ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﺑﻪ ”اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﻛﺎﺋﻮﻧﺴﻞ“ ﺟﻮ ﺧﺎص ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻫﻮ ۽ ﻧﺌﻴﻦ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ )ﻣﺠﻠﺲ آف اﻳﺮان( ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﺳﭙﻴﻜﺮ ﭤﻴﻮ.
۱۹۵۸۾ اﻛﺒﺮ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻋﻔﺖ ﻣﺎرآﺷﻲ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﮐﻴﺲ ﭘﻨﺞ ﭔﺎر آﻫﻦ .ﭨﻲ ﭘﭧ :ﻣﺤﺴﻦ ،ﻣﻬﺪي ۽ ﻳﺎﺳﺮ ۽ ﭔﻪ ڌﻳﺌﺮون :ﻓﺎﻃﻤﮧ ،۽ ﻓﺎﺋﺰه .ﻓﻘﻂ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﺳﻴﺎﺳﻲ زﻧﺪﮔﻲ ۾ آﺋﻲ ۽ ﻣﺠﻠﺲ )ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ( ﺟﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺑﻪ ﭤﻲ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ اﺧﺒﺎر ”زن“ ﺟﻲ اﻳﮉﻳﭩﺮ آﻫﻲ .ﺑﺎﻗﻲ ﭜﺎﺋﺮ ﭜﻴﻨﺮون ﺑﺰﻧﻴﺲ ۾ آﻫﻦ .رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻣﻴﺮ ﺗﺮﻳﻦ ﻓﺌﻤﻠﻲ آﻫﻲ .ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻣﺌﮕﺰﻳﻦ Forbesﺟﻴﻜﺎ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ اﻣﻴﺮ ﺗﺮﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﺴﭧ ﺟﺎري ﻛﺮي ﭤﻲ ان ۾ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ .رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺘﺎب ﺑﻪ ﻟﮑﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﺳﭛ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ”اﻣﻴﺮ ﻛﺒﻴﺮ“ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭨﺎﺋﭩﻞ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ:
Amirkabir : Hero of Fighting against Imperialism
رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻳﺎدﮔﻴﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺟﻠﺪن ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ آﻫﻲ .ان ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ:
.Towards Destinyان ﺟﺎ اٺ ﮐﻦ واﻟﻴﻮم ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ.
ﻫﺘﻲ ﻫﻚ اﻫﮍي ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن ﻟﮑﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻫﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺟﺎ ﻧﺸﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﻫﻲ ﭤﻴﻨﺪو .ﭘﺮ ﻫﻲ ﻧﻪ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﭤﻴﻮ ۽ ﻧﻪ ﺻﺪر! ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﺟﻮ ﺳﻴﺎﺳﻲ اﺛﺮ رﺳﻮخ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﮔﺮاﻧﮉ آﻳﺖ ا� ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻲ ﻣﻨﺘﻈﺮي .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻮ ﻗﻢ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ.
ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻲ ﻣﻨﺘﻈﺮي ۱۹۲۲۾ اﺻﻔﻬﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﻧﺠﻒ آﺑﺎد ۾ ﻫﻚ ﮘﻮﭠﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﮔﺬر ﺳﻔﺮ ﻫﺎرﭘﻲ ﻣﺎن ﻫﻮ .ﻣﺎﺋﭩﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻗﻢ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﻦ اﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺳﮇ ﺗﻲ ﺷﺎه ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ﺧﻼف ۱۹۶۳۾ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۾ ﺣﺼﻮ ورﺗﻮ .ﺟﮇﻫﻦ ﺷﺎه ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻫﻦ ﺟﻲ اﭜﺎرﻳﻞ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﮐﻲ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻨﺘﻈﺮي ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﮐﻴﺲ ۱۹۷۴۾ ﺟﻴﻞ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﮐﻴﺲ ۱۹۷۸۾ آزاد ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ وري ﺗﺤﺮﻳﻚ ﮐﻲ اﭜﺎرﻳﻮ ۽ آﺧﺮ ۾ اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب آﻳﻮ .ﻣﻨﺘﻈﺮي ﻫﻚ وڏو ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻗﺎﻧﻮﻧﺪان آﻫﻲ .ﺳﻨﺪس ﻫﻚ ﻛﺘﺎب دراﺳﺖ ﻓﻲ وﻻﻳﮫ اﻟﻔﻘﮫ ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ ﺗﻤﺎم اﺳﻜﺎﻟﺮي ﻛﺘﺎب آﻫﻲ .اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﻫﻮ Assembly of ) Expertsﻣﺠﻠﺲ ﺧﻮﺑﺮﮔﺎن( ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ۽ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ آﺋﻴﻦ ﭠﺎﻫﮡ ۾ ﻫﻦ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ .ﭘﺎڻ وڏو ﻋﺮﺻﻮ ﻗﻢ ۾ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﺎﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ .اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻫﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻦ ﺳﺎن اﺧﺘﻼف ﻛﻴﻮ ۽ ﮐﻴﺲ ﺳﻨﺪس ﮔﻬﺮ ۾ ﻧﻈﺮ ﺑﻨﺪ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻻ ﻃﻮس رواﻧﮕﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﻓﺮدوﺳﻲ اﻫﻮ ﺷﺎﻋﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺳﺎن ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭔﮅو ۽ ﺗﻤﺎم ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ۾! اﺳﻴﻦ ﺳﺖ اٺ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﻫﻮﻧﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭨﺌﻴﻦ ﻛﻼس ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻛﻼس ﭨﻴﭽﺮ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﺷﻴﺦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﻼس ۾ ﭔﮅاﻳﻮ .ان دؤر ﺟﺎ اﺳﺘﺎد ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺳﻜﻮﻟﻲ ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﺎﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ﺑﻪ ﻛﻼس ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ .ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮ اﺧﻼﻗﻴﺎت ۽ ﻋﺎم ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﮡ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﺷﻴﺦ ﮐﻲ ادﺑﻲ ۽ ﺷﻌﺮ وﺷﺎﻋﺮي ﺟﺎ ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻮ ﺷﻮق ﻫﻮ ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺘﺎب ۾ ﻛﺎ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭘﮍﻫﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺑﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ .ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻨﮃﭘﮡ ۾ ﭔﮅل ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻫﻤﻴﺸﮫ ﻳﺎد ﺑﻴﻬﻦ ﭤﻴﻮن .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻦ رﻳﺖ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﮐﻲ وﻗﺖ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ۾ ﺷﻌﺮ ﻟﮑﻲ اچ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﺑﺎدﺷﺎه ﺳﻼﻣﺖ ﻓﺮدوﺳﻲ ﮐﻲ ﻫﺮ ﺷﻌﺮ ﻻ ﻫﻚ ﺳﻮﻧﻲ ﮔﻨﻲ ڏﻳﮡ ﺟﻲ آڇ ﻛﺌﻲ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل ﺑﺎدﺷﺎه ﺳﻼﻣﺖ ۽ ان ﺟﻲ ﻛﺎرﻧﺎﻣﻦ ﺟﺎ ﻗﺼﻴﺪا ﻟﮑﻨﺪو رﻫﻴﻮ ،ﻟﮑﻨﺪو رﻫﻴﻮ..... ﺗﺎﻧﺠﻮ ﻫﻦ اﻳﺘﺮا ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﺎدﺷﺎه وﭨﺎن ﺳﻮﻧﻴﻦ ﮔﻨﻴﻦ ﺟﺎ ﭨﻴﻬﻪ اٺ ﻣﻠﮣﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺎدﺷﺎه وٽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﺟﻮ اﺟﻮرو وﭠﮡ ﻻ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻗﺪر ﻧﻪ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻓﺮدوﺳﻲ ﮘﻮٺ اﭼﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﺟﻲ ﺧﻼف ﺷﻌﺮ ﻟﮑﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ڏي ﻣﻮﻛﻠﻴﺎ .ﺑﺎدﺷﺎه ﮐﻲ اﻫﻲ ﭘﮍﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻏﻠﻄﻲ ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ان ﺋﻲ وﻗﺖ ﺳﻮﻧﻴﻦ ﮔﻨﻴﻦ ﺟﺎ ﭨﻴﻬﻪ اٺ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﻣﻮﻛﻠﻴﺎ“.... اﻫﻮ ﭔﮅي اﺳﺎن ﭔﮅﻧﺪڙ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ﺟﻲ اﮐﻴﻦ ۾ ﭼﻤﻚ آﺋﻲ ۽ ﺧﻮﺷﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻲ ﺗﻪ ﺣﻖ ﺟﻲ ﺳﻮڀ ﭤﻲ ۽ ﻏﺮﻳﺐ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻲ اﻳﮇي دوﻟﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ وڏي ﻟﺌﻪ ﭤﻲ وﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪي .اﺳﺎن ﺟﻲ دل ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﮐﺎن اﻫﻮ ﭘﮁﮡ ﺟﻲ ﻫﻤﺖ ﻛﺠﻲ ﺗﻪ ﻓﺮدوﺳﻲ ان ﻣﻠﻜﻴﺖ ﺟﻮ ﮀﺎ ﻛﻴﻮ ...؟ .ﻛﻠﻔﻲ ﺟﻮ دﻛﺎن ﮐﻮﻟﻴﻮ ﻳﺎ ﮔﻮﻟﻦ ﮘﻨﮃن ﺟﻮ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻮ؟
ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﺷﻴﺦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭔﮅاﺋﮡ ﺟﻮ آرٽ آﻳﻮ ﭤﻲ .ﻫﻦ ﭴﺎﮢﻲ واﮢﻲ اﻳﺘﺮو ﭔﮅاﺋﻲ اﺗﻲ ﺳﺎﻫﻪ ﭘﭩﻴﻮ ۽ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﮔﻼس آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ﻛﺮي ﭨﻦ ﺳﺎﻫﻴﻦ ۾ ﭘﻴﺘﻮ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺑﻪ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﺳﻴﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮن ۽ ﺗﺠﺴﺲ ۾ رﻫﻮن. ”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﭘﻮ؟“ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﺷﺎﮔﺮد ﺗﺎج ﻣﺤﻤﺪ ﻃﺎﻟﺒﺎﮢﻲ) ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﺳﭽﻞ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﭤﻴﻮ ۽ ﺑﻌﺪ ۾ رﭨﺎﺋﺮﻣﻨﭧ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﺎﻻ ﺟﻲ ﺳﺮوري ڊﮔﺮي ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻮ ﭘﺮﻧﺴﭙﺎل ﭤﻴﻮ( ﭘﮁﻴﻮ.
”ﻗﺪرت ﺧﺪا ﺟﻲ“ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﭼﻴﻮ ”ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﺳﻮﻧﻴﻦ ﮔﻨﻴﻦ ﺟﺎ اٺ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﭘﻬﺘﺎ ۽ ﻫﺎڻ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ اوﻃﺎق ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻴﻦ در ﮐﺎن اﻧﺪر ﮔﻬﮍي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ اﮘﻴﻦ در ﮐﺎن ،ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﻻش ﻧﻜﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ.
اﺳﺎن ﺳﭝﻨﻲ ﭔﺎرن ﭤﮅو ﺷﻮﻛﺎرو ﭜﺮﻳﻮ ۽ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﺟﻲ ﭼﭙﻦ ﺗﻲ ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻲ ﻣﺮڪ آﺋﻲ .ﺧﻮﺷﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﭡﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن اﺳﺎن ﮐﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ”اﺳﭩﻮري“ ﭔﮅاﺋﻲ ۽ اﺳﺎن ڌﻳﺎن ﺳﺎن ﭔﮅي .ﻫﻮن اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﮐﻲ ﭘﭧ ﭔﺎر ﻧﻪ ﻫﻮ ،ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ڌي ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﮍس ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻓﺘﺢ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﻴﺦ ﭘﮡ ﻫﻚ ﺳﭡﻮ ﭨﻴﭽﺮ ﭤﻴﻮ ۽ آﺧﺮ ۾ ﻫﺎﻻ ﺟﻲ ﻣﺨﺪوم ﻏﻼم ﺣﻴﺪر ﻫﺎ اﺳﻜﻮل ﺟﻮ ﻫﻴﮉﻣﺎﺳﭩﺮ ﭤﻲ رﭨﺎﺋﺮڊ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ.ﭘﺎڻ ﻫﺮ ﺳﺎل اﻳﺮان زﻳﺎرت ﺗﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻮ ﭘﮡ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻳﺮان ﮔﻬﻤﮣﻦ ۽ ان ﺗﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻮ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ ﻫﻤﺖ اﻓﺰاﺋﻲ ﻛﺌﻲ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺣﻜﻴﻢ اﺑﻮاﻟﻘﺎﺳﻢ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺗﻮﺳﻲ“ ﻫﻮ” .ﻓﺮدوﺳﻲ“ ﺳﻨﺪس ﻟﻘﺐ ﻫﻮ ۽ ”ﺗﻮس“ ﺳﻨﺪس ﮘﻮٺ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ .ﭘﺎڻ ﺗﻮس ۾ ۹۳۵۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۰۲۰۾ اﺗﻲ ﺋﻲ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﺗﻮس اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۴۰ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺗﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ۸۱۸۾ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ اﭠﻮن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﮐﺎن ﭘﻬﺘﻮ ۽ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺑﻌﺪ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ وڌﻧﺪو رﻫﻴﻮ ،ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﮐﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻣﺎم ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺗﻲ ﻣﺸﻬﺪ اﭼﮡ ﻟﮙﺎ .اڄ ﻫﻦ ﭘﻮري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﺑﻠﻜﻪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﺗﻬﺮان ﺑﻌﺪ ﻣﺸﻬﺪ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ۽ ﺗﻮس ﺟﻲ اﻫﺎ ﭘﺮاﮢﻲ
اﻫﻤﻴﺖ ﻧﻪ رﻫﻲ آﻫﻲ .ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ۽ ﻧﺎدر ﺷﺎه ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺗﺒﺎه ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﻳﺎرﻫﻦ اﻣﺎم ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ اﻟﻌﺴﻜﺮي ﺟﻲ وﻓﺎت ) (۸۷۴ﮐﺎن ﭘﻮرن ﺳﭟ ﺳﺎل ﺑﻌﺪ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ”ﺳﺎﻣﺎن ﺧﺪا“ ﻣﺠﻮﺳﻲ )ﺑﺎه ﺟﻮ ﭘﻮﭴﺎري( ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﻮ .ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﻧﻮ ﮐﻦ ﺑﺎدﺷﺎه ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن آﺧﺮي ﺳﺘﻦ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ۾ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ .ﻫﻨﻦ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ۾ آرٽ ،ﺳﺎﺋﻨﺲ ۽ ادب ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﭤﻲ. روداﻋﻲ ۽ اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ ﺟﻬﮍا اﺳﻜﺎﻟﺮ ﻫﺘﻲ رﻫﻴﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺨﺎرا ﺑﻐﺪاد ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﭤﻲ ﻛﻴﻮ .ﻫﻨﻦ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۽ ﭘﺮﺷﻦ ﻛﻠﭽﺮ ﮐﻲ وڌاﻳﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﻲ اﺳﻼم ﮐﻲ ﺑﻪ ﭘﮑﻴﮍﻳﻮ .ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﺎن ﺟﻲ دؤر ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﻛﺎﺷﻲ ۽ Potteryﺑﻪ ﻋﺮوج ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﺜﺎل اڄ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﮔﻬﺮن ،ﻣﺤﻼﺗﻦ ۽ ﻣﻘﺒﺮن ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ۹۹۹ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻠﻲ .ﺳﻨﺪن آﺧﺮي ﺷﻬﻨﺸﺎه اﺑﻮاﻟﻔﺎرس )اﺑﻮاﻟﻤﺎﻟﻚ اﺑﻦ ﻧﻮح( ﻫﻮ ﺟﻦ ﮐﺎن ﻏﺰﻧﻮﻳﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﭣ ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎه ﭤﻴﻮ .ان وﻗﺖ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۶۴ﺳﺎل ﻫﺌﻲ ۽ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ۾ ﻓﺮدوﺳﻲ ۱۰۲۰ ۾ وﻓﺎﺋﻲ ﻛﺌﻲ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﭘﻲ ﻫﻚ اﻣﻴﺮ ۽ زﻣﻴﻨﺪار ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﻧﻴﻚ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻫﻮ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﺷﻴﻌﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪس ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻲ ﻛﺘﺎب ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﻣﺎن ﻣﻌﻠﻮم ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﻳﮇو ﻛﻮ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻧﻪ ﻫﻮ.
ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ ﺳﺎن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺗﻮس ﺗﻪ ﻫﺘﺎن اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻧﻮاب ﺷﺎه ﺗﻪ ﻣﻮن ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو ﻛﻴﻮ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻨﺪو رﻫﻴﺲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻪ ﻫﻠﻨﺪا ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ دﻟﭽﭙﺴﻲ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ڏﻳﮑﺎري .ﮐﻴﻦ ﻫﺮ ﻫﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ اﻫﻢ ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻲ ”ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ“ ﻟﮑﮡ ﺟﻬﮍي ﻛﺎرﻧﺎﻣﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﺲ ﭘﺮ ﺳﭛ ﻣﺎٺ ۾ ﻫﺌﺎ .آﺧﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ اﮘﻮاڻ ۽ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺮ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻠﻨﺪ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺳﭛ ﻣﺬﻫﺒﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ ذﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﻴﺎر ﻛﺮي آﻳﺎ آﻫﻦ ،ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ڏس ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﺑﻪ اﻫﻲ اﻣﺎﻣﺰاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺗﻪ ﻫﻠﻴﺎ ﭘﺮ روڊ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ دﻟﭙﺴﻨﺪ ﺷﺮاﺑﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎه ﻧﻪ ڏﭠﺎﺋﻮن .ﺳﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﻮﮐﻲ اﻛﻴﻠﻮ وﭸﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو. ”ﭘﺮ ﻛﻴﺌﻦ وﭸﺎن؟“ ﻣﻮن ﻫﻦ ﮐﺎن رﺳﺘﻲ ﺟﻮ ﭘﮁﻴﻮ.
”ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺑﻪ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻴﻦ ﭤﻮ “.اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان واري آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﭔﮅاﻳﻮ” ،ﭘﺮ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﺲ ۾ ﻫﻠﻴﻮ وڃ“.
ﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﺘﺎن ﺣﺮم وﭨﺎن )اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ وﭨﺎن( ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ”ﻣﻴﺪان ﺷﻬﺪا) “ﺷﻬﻴﺪن ﺟﻲ ﭼﻮﻧﻚ( ﺗﺎﺋﻴﻦ وڃ .اﺗﺎن ﭘﻮ اﮘﻴﺎن وارو ﭼﻮﻧﻚ ”ﻓﺮدوﺳﻲ ﭼﻮﻧﻚ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﺎن ﻓﻼﮢﻮ ﻓﻼﮢﻮ ﻧﻤﺒﺮ ﺑﺴﻦ ﺗﻮس ڏي وﭸﻲ ﭤﻲ ،ﺟﺘﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ .آﺋﻮن ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺷﻮﻟﮉر ﺑﻴﮓ ۾ ﻛﺌﻤﻴﺮا، ﻛﺎﭘﻲ ۽ ﭘﻴﻦ وﺟﻬﻲ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﻧﻜﺘﺲ .ﺣﺮم واري ﻣﻴﺪان ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺑﺴﻴﻮن ﺑﻴﭡﻴﻮن ﻫﻴﻮن ،اﻧﻬﻦ ۾ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻠﮡ واري ﻫﺌﻲ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﮘﻴﻮن در ﺑﻨﺪ ﭤﻴﮡ وارو ﻫﻮ ان ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﭘﻴﺲ .ﺑﺲ ﭼﺮڻ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﻏﻠﻄﻲ ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺑﻨﺎ ﭘﻚ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﭘﻴﻮ آﻫﻴﺎن .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﭸﺎ وﻗﺖ وﻳﻮ ﻛﻮﻧﻪ ﻫﻮ .ﻛﻨﮉﻛﭩﺮ ﺗﻪ ان ﺑﺲ ۾ ﻧﻪ ﻫﻮ. آﺋﻮن ڊراﺋﻴﻮر ﺟﻲ ﺳﻴﭧ وٽ ﺑﻴﭡﻮ ﻫﻮس .ﺳﻮ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ ۽ ان ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺑﻴﭡﻞ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺑﺲ ﺷﻬﺪا ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺗﻲ وﭸﻲ ﭘﺌﻲ؟ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﮐﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﺮاﻳﻞ ﭘﻨﻮ ﺑﻪ ڏﻳﮑﺎرﻳﻢ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ ﺗﻪ ”ﻫﻦ ﻫﻤﺮاه ﮐﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ڏي وﭸﮡ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻛﺠﻮ “.ڊراﺋﻴﻮر ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﻮاب ﻧﻪ ڏﻧﻮ .ڊراﺋﻴﻮر ﮐﺎن ﭔﻴﻮ دﻓﻌﻮ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻫﭣ ﺟﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﺎٺ ﻛﺮي ﺑﻴﻬﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﻫﻚ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻧﻪ ﭘﺌﻲ آﺋﻲ ۽ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ڊراﺋﻴﻮر ﻣﻮن ﻣﺎن ﺑﻴﺰار آﻫﻲ ،ﺟﻮ ﻫﻚ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﻮن ﻻ ﺑﺲ ﺑﻴﻬﺎري در ﮐﻮﻟﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﺲ ۾ ﭼﺎڙﻫﻴﻮ ۽ ﻫﺎڻ ﮐﻴﺲ ڊﺳﭩﺮب ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻫﺎ ﻏﻠﻂ ﻓﻬﻤﻲ ﻟﮙﻲ ۽ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ ﭘﺮدﻳﺴﻲ ﺳﺎن ﺳﭡﻮ ﻫﻠﮡ ﺟﻮ اﺧﻼق آﻫﻲ .ﭘﺮ ان وﻗﺖ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﮡ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺗﺠﺮﺑﻮ ﻫﻮ ،ﺳﻮ ڊراﺋﻴﻮر ۽ ﭜﺮ ۾ ﺑﻴﭡﻞ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﺮد ﻣﻬﺮي ﻣﺎن ﻣﻮن ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ ان وﻗﺖ ڏک ﭤﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﻮرن ۽ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺗﻪ
ﻋﺰت ﻧﺎﻫﻲ ،ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ .۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﻮٽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﭥﻦ ۾ آﻫﻲ ،۽ ﭨﻜﻴﭧ ورﺗﻢ ﺋﻲ ﻛﺎﻧﻪ .ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﻛﻨﮉﻛﭩﺮ ﺑﻨﺎ ﺑﺲ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻮ ،ان ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﭨﻜﻴﭧ ﭼﺎرﺟﺮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﻼٽ )ﺳﻮراخ( ۾ ﭘﺌﺴﺎ وﺟﻬﮡ ﺳﺎن ﭨﻜﻴﭧ ۽ ﺑﺎﻗﻲ ﭘﺌﺴﺎ ﻧﻜﺮﻳﻮ اﭼﻦ .ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ڊراﺋﻴﻮر اﮘﻴﺎن ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﺎﺑﻪ اﻫﮍي ﭘﻴﺘﻲ ﻳﺎ ﻣﺸﻴﻦ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﺋﻲ .ﭘﺮ اﻫﻮ ﺿﺮور ڏﭠﻢ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﻴﺮن وٽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﭨﻜﻴﭩﻦ ﺟﺎ ﭰﺎﭨﻞ ﭨﻜﺮا ﻫﺌﺎ. ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺑﺲ ۾ ﭨﻜﻴﭧ ﺳﺴﭩﻢ آﻫﻲ .ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﮍﻫﮡ ﮐﺎن اڳ ﺳﭝﻨﻲ ﭨﻜﻴﭧ وﭠﻲ ﮀﮇي ﻫﺠﻲ ۽ ٰ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﻧﻪ وﭠﮡ ﻛﺮي ڊراﺋﻴﻮر ﻧﺎراض ﻫﺠﻲ .ﻣﻮن ﻫﭣ ۾ ﺟﻬﻠﻴﻞ ﻧﻮٽ ﭜﺮ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ڏﻳﮑﺎري وات ﺳﺎن ”ﭨﻜﻴﭧ“ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ دﻫﺮاﻳﻮ .اﮘﻴﻦ ﺳﻴﭧ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻫﭣ ﺟﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﻣﺎٺ ﻛﺮي ﺑﻴﻬﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ڊراﺋﻴﻮر ۽ ﭔﻴﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﭣ ۾ ﺟﻬﻠﻴﻞ ﭘﻨﻲ ﻣﺎن ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺷﻬﺪا ﭼﻮڪ ﺗﻲ ﻟﻬﻲ ﭘﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﭼﻮڪ ﺗﻲ وﭸﮣﻮ آﻫﻲ ،ﺟﺘﺎن ﺗﻮس ﻻ ﺑﺲ وﭠﮣﻲ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭼﻮراﻫﻲ ﺗﻲ ﺑﺲ ﭘﻬﺘﻲ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻟﭥﺎ ﺗﻪ ﻣﻮن ﭘﻚ ﻛﺮڻ ﻻ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺷﻬﺪا ﭼﻮڪ آﻫﻲ ﺗﻪ ڊراﺋﻴﻮر ﭔﻴﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺳﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ اﭸﺎ ﺗﺮﺳﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻮ ﭼﻮراﻫﻮ آﻳﻮ ﺗﻪ ڊراﺋﻴﻮر ﻣﻮن ﮐﻲ اﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﻣﻮن ﭨﻜﻴﭧ ﻻ ﻧﻮٽ وڌاﻳﻮ ﺗﻪ ڊراﺋﻴﻮر اﻧﻜﺎر ﻛﻴﻮ .ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻻ اﻧﻜﺎر ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ وٽ ﮐﻠﻴﺎ ﭘﺌﺴﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﻳﺎ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭨﻜﻴﭧ وﭠﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ .اﻳﺘﺮي ۾ اﮘﻴﺎن وﻳﭡﻞ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮐﻴﺴﻲ ﻣﺎن ﭨﻜﻴﭩﻦ ﺟﻮ ﭘﺌﻜﻴﭧ ﻛﮃي ،ﻫﻚ ﭨﻜﻴﭧ ﭰﺎڙي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻫﻦ ﭘﺌﺴﺎ ﺑﻪ ﻧﻪ ورﺗﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل آﺋﻮن ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ ﻣﭹﻴﻨﺪو ﻫﻴﭟ ﻟﭥﺲ .رﺳﺘﻲ ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪڙن ﮐﺎن ﭘﻚ ﻻ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﻴﺪان ﺷﻬﺪا آﻫﻲ .ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻬﺪا ﭼﻮڪ آﻫﻲ .ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭘﭡﻴﺎن اﺷﺎرو ﻛﺮي ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﺪا ﭼﻮڪ ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﭡﻴﺎن ﮀﮇي آﺋﻴﻦ” .ڏس ﺗﻪ ﺳﻬﻲ ﻫﻴﮇي ﺗﺎﻛﻴﺪ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ڊراﺋﻴﻮر ﻣﻮن ﮐﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻫﻨﮅ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻻﭤﻮ “.ﻣﻮن دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻮ ۽ ﭘﭡﻴﺎن ﭘﻴﺮ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺲ .ﭼﻨﺪ وﮐﻦ ﺑﻌﺪ ﭔﻪ ﭨﻲ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻣﻠﻲ وﻳﺎ ﺟﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭤﻮري ﮔﻬﮣﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﭼﻲ ﭤﻲ .۽ ﻫﻨﻦ ﺧﺎﻃﺮي ڏﻳﺎري ﺗﻪ ﺷﻬﺪا ﭼﻮڪ ﻻ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﭡﻴﺎن وﭸﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو .اﺗﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ اوﭼﺘﻮ ﺧﻴﺎل آﻳﻮ ۽ ﻫﻚ ﺷﺎﮔﺮد ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﭜﻼ ﻫﻦ ﭼﻮڪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮀﺎ آﻫﻲ؟
”ﻓﺮدوﺳﻲ ﭼﻮڪ“ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ .اﻫﻮ ﭔﮅي ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ڊراﺋﻴﻮر ﻣﻮن ﮐﻲ ﺷﻬﺪا ﭼﻮڪ ﺗﻲ ﻻﻫﮡ ﺑﺪران ﻫﻦ ﭼﻮڪ ﺗﻲ ﻻﭤﻮ ﺟﺘﺎن ﻣﻮن ﮐﻲ ﺗﻮس ﻻ ﺑﺲ وﭠﮣﻲ ﻫﺌﻲ .ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﺎ ﻫﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻣﻮن ﮐﻲ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﺎﺋﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ واري ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺗﻲ وﭠﻲ آﻳﺎ ﺟﺘﻲ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺗﻮس وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺎر ۾ ﻫﺌﺎ.
اﻫﮍﻳﻮن ﭼﺮﻳﻮن ۽ ﻛﻮﭨﻦ ۾ ﻗﻴﺪ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻦ: ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي واري ﺷﻬﺮ ﺗﻮس ڏي وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺎر ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮن ۾ ﻫﻚ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﮐﺎن آﻳﻞ داﺋﻮد ﻧﺎﻟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ۽ اﭠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻴﭩﺮوﻟﻴﻢ ﻛﻤﭙﻨﻲ ۾ آﻓﻴﺴﺮ ﻫﻮ ۽ ﭤﻮري ﮔﻬﮣﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮐﺎن واﻗﻒ ﻫﻮ .ﭔﻦ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻮﻛﻞ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﮔﻬﻤﮡ آﻳﻮ ﻫﻮ .ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﮔﺬرﻳﻞ ﺻﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺗﻤﺎم وڏو ﻫﻮ ۽ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﻬﺮ اﭼﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﻪ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﻫﺎڻ اﻳﺮان واري ﺧﺮاﺳﺎن ﮐﻲ ﺑﻪ ﭨﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ،ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﺗﻮس ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻮ ﺧﺮاﺳﺎن رﺿﻮي ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .داﺋﻮد ﺗﺒﺮﻳﺰي ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺑﻴﭡﻞ ﻛﺎﻟﻴﺠﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻲ ﻓﻜﺮ رﻫﻦ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ڏي وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺳﻮ ﻫﻮ ﻣﻮن ﮐﻲ اوﺳﺘﺎﺋﻴﻦ وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪو .اﺳﺎن اڌ ﻛﻼڪ اﻧﺪر ﺗﻮس ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ داﺋﻮد ﭜﮙﻞ ﺳﮙﻞ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ﺧﺒﺮون ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ دري ﻣﺎن آﺋﻮن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ،اﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ۽ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﺑﻮرڊ ﭘﮍﻫﻨﺪو رﻫﻴﺲ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﺎ دﻛﺎن ۽ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ .ﻫﻚ اﺳﭙﺘﺎل ﺑﻪ آﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺷﺎﻳﺪ رﺿﻮي ﻫﺠﻲ ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان وڏي ﺑﻮرڊ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ” :ﺑﻴﻤﺎرﺳﺘﺎن رﺿﻮي “.ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﺑﻮرڊ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ ”ﻳﺨﺴﺎري“ ﺷﺎﻳﺪ ﺑﺮف ﺟﻮ ﻣﻌﻨﻲ ﭤﮅ ﻳﺎ ﺑﺮف آﻫﻲ .ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺑﺮف ﺟﻮ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ”ﻛﻮﻟﮉ اﺳﭩﻮرﻳﺞ“ ﻫﺠﻲ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻮ ﻫﺠﻲ ﺟﻮ ﻳﺦ ﺟﻲ ٰ ﺟﺘﻲ ﺑﺎﻏﺎﺋﻲ ﺻﻮف ﻧﺎرﻧﮕﻴﻮن ،ﻛﻴﻼ ۽ ﭔﻴﻮ ﻓﺮوٽ رﮐﻦ ﭤﺎ .ﻛﺎﺷﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﭘﭥﺮ ﺟﻲ ﻛﭩﺎﺋﻲ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ﺑﻪ ﺟﺎم ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﮔﺎرڊن ﮐﺎن ﺷﻴﺮ ﺷﺎه وﻳﻨﺪي رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ”ﭘﺎڪ ﻛﺎﻟﻮﻧﻲ“ ۾ ﭘﭥﺮن ﺟﺎ دﻛﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﻛﺠﻬﻪ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻛﺎﭘﻲ ﺗﻲ ﻧﻮٽ ﺑﻪ ﻛﻴﻢ: ﺳﻨﮕﺒﺮي ﺗﻮﻟﻴﺪي
ﺳﻨﮕﻴﻦ ﺗﺮاش ﺧﺮاﺳﺎن
ﻣﺎﺷﻴﻦ ﺳﺎزي ﻣﻮﺟﺪ
ﺳﻨﮓ ﻣﻐﻨﺎﺗﻴﺶ .....وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه
ﭠﻬﻴﻮ! ﻣﻮن دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻮ .ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺗﺮاش ،ﻓﺮوش ،ﺷﻜﻦ ،وﻳﻨﺪي” ،ﺗﻴﺶ“ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻟﻔﻆ ”ﺗﻴﺸﻲ“ ﭠﻬﻴﻮ آﻫﻲ ،اﻫﻲ ﺳﭛ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅي ،اردو ،ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ۽ ﭘﺸﺘﻮ ۾ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن اﻫﮍو ﺗﻪ ﻣﻠﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﭴﮡ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ .ﻫﺘﻲ اﻳﺮان اﭼﻲ ﻫﺎڻ آﺋﻮن ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻴﻦ ۾ ﺑﺎﻗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ اﺻﻞ ﺑﭽﻴﺎ ﺋﻲ ﻛﻬﮍا ﻟﻔﻆ؟ ﻣﻠﺌﻲﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن ﻻ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻓﻘﻂ ﭼﺎر ﻟﻔﻆ آﻫﻦ: )ﺳﻮﺋﺮ( ،ﺑﻴﺴﻲ )ﻟﻮه( ......۽ ﭔﻪ ﭔﻴﺎ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻳﺎد ﻧﻪ ﭘﻴﺎ اﭼﻦ .رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ رﮐﻲ رﮐﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ان ﻟﻔﻆ ﺟﻲ؟ ﺳﺮﻋﺖ ﺟﻮ ﺑﻮرڊ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ” :ﺳﺮﻋﺖ ﮔﻴﺮ “.ﮀﺎ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ﮀﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ؟ ﺗﻮس ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ اﻧﺪازو ﻟﻔﻆ اﺳﺎن ﭼﺮﭘﺮ ﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻨﺪا آﻫﻴﻮن ۽ ﮔﻴﺮ ﺟﻲ ٰ ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻪ اﻫﮍو ﺑﻮرڊ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺑﺲ ﺟﻮ ڊراﺋﻴﻮر رﻓﺘﺎر ﺑﻨﻬﻪ ﮔﻬﭩﺎﻳﻮ ﮀﮇي ﺟﻮ اﮘﻴﺎن Speed Breakerاﭼﻴﻮ وﭸﻲ. ﻣﻌﻨﻲ اﺳﭙﻴﺪ ﺑﺮﻳﻜﺮ .ﻳﻌﻨﻲ رﻓﺘﺎر روﻛﮡ وارو ،رﻓﺘﺎر ﺟﻬﻠﮡ وارو ،۽ ﺿﺮور دﻟﮕﻴﺮ ۽ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻪ ﺳﺮﻋﺖ ﮔﻴﺮ ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٰ ٰ دﺳﺘﮕﻴﺮﺟﻬﮍا ﻟﻔﻆ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪا. داﺋﻮد ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺗﻮس ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﮡ ﺟﻮ ﺑﺲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎران ﭜﺮﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ واﭘﺲ وﭸﮡ ﻻ ﺑﻪ ﭔﻪ ﭨﻜﻴﭩﻮن ڏﻧﻴﻮن .ﻫﻦ وٽ ﺑﻪ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ واﻧﮕﺮ ﭨﻜﻴﭩﻦ ﺟﻮ ﻳﻜﻮ ﭘﺌﻜﻴﭧ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ وﻳﻬﻪ ﮐﻦ ﭨﻜﻴﭩﻮن ﻫﻴﻮن .ﻣﻮن ﺳﻨﺪس ﭤﻮرو ﻣﭹﻴﻮ ،ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺑﺲ ﺟﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﻛﺎ ﭘﻨﺠﺎه ﺗﻮﻣﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﭧ آﻫﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭨﻲ روﭘﻴﺎ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭤﻴﺎ .ﻫﻴﮇو وڏو ﺳﻔﺮ ﻫﻬﮍي ﻋﻤﺪه ﺑﺲ ۽ رﺳﺘﺎ ،۽ ﻫﻬﮍي ﺳﺴﺘﻲ ﭨﻜﻴﭧ- اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ اﻫﻮ وڏو ﺳﮏ ڏﻧﻮ آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ﺳﺴﺘﻦ ﻧﺎﻧﻦ ﺟﻮ! اﺳﺎن وٽ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﻧﺎن
وﭸﻲ ﻧﻨﮃو ۽ ﺳﻨﻬﻮ ﭤﻴﻨﺪو ۽ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﻧﺎن اﻳﮇو ﭤﻠﻬﻮ ،ﻧﺮم ۽ ڊﮔﻬﻮ آﻫﻲ ﺟﻬﮍو ﭔﺎر ﺳﻤﻬﺎرڻ ﺟﻮ رﻟﻜﻮ .ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺗﻌﻠﻴﻢ ،روزﮔﺎر ۽ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻏﺮﻳﺐ ﻋﻮام ﻻ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .۽ اﻫﺎ ﻫﻦ ﻗﻮم ﺟﻲ وڏي ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺒﻲ آﻫﻲ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺗﻤﺎم وڏو ﭘﺎرڪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺑﻪ آﻫﻲ .ﭘﺎرڪ ﺟﻲ وچ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﻗﺪ ﮐﺎن ﭔﻴﮣﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ڌاﺗﻮ ﻣﺎن ﭠﻬﻴﻞ ) Statueﺑﻮﺗﻮ( آﻫﻲ .ﭘﺎرڪ ۾ ﭼﻮڌاري ﺗﻮڙي ﭰﻮﻫﺎري اﮘﻴﺎن ڏاﻛﮣﻴﻦ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻛﻴﻼ ۽ ﭨﻮﻟﻦ ۾ ﮀﻮﻛﺮا ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ،ﻓﺌﻤﻠﻴﻮن ۽ اﺳﻜﻮﻟﻦ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ﺟﺎ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرﻣﻦ ۾ ﺷﺎﮔﺮد ۽ ﺷﺎﮔﺮدﻳﺎﮢﻴﻮن ﭘﺴﺎر ﻛﺮي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﻫﻬﮍن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن اﻳﮇي ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ۾ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻴﻮن اﭼﻦ ،ﺟﻴﺘﺮو ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﻳﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻦ ۽ ﻣﺴﺠﺪن ۾ .ﺧﻴﺮ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﻮ اﻫﮍو ﺳﺨﺖ ﭘﮍدو ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو اﻳﺮان ﺧﻼف دﻧﻴﺎ ۾ ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا ﻫﻠﻲ ﭤﻲ .اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﻠﺌﻲ ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﮐﻦ ﭤﻴﻮن ،ﻓﻘﻂ ﻣﭥﻲ ﮐﻲ ﭨﻜﻨﮉي روﻣﺎل ﺳﺎن ڍﻛﻴﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ”روﺳﺮي“ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ﻣﻠﺌﻲ ”ﺗﻮدوﻧﮓ“ )۽ ﻋﺮب ”ﺣﺠﺎب“( .ﻣﻠﺌﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﭼﺎدر ﻳﺎ ﮔﺎﺋﻮن ﻧﭥﻴﻮن ﭘﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﮔﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮڻ ﻣﻬﻞ ﭼﺎدر وﻳﮍﻫﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ﭘﺮ ﻫﻬﮍن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ،ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﻳﺎ ﻫﻦ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ،ﻳﺎ ﺷﺎﻧﺪﻟﻴﺰ ﺟﻬﮍن ﭘﻜﻨﻚ Spotsﺗﻲ ﻫﻮ ﭼﺎدر ﻧﭥﻴﻮن اوڍﻳﻦ ،ان ﺑﺪران ﮔﺎﺋﻮن ﭘﺎﺋﻲ ﻧﻜﺮن ۽ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭔﮅل روﻣﺎل )روﺳﺮي( ﺑﻪ اﻫﮍو ڍرو ڍارو ﭔﮅﻳﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻮن رﮐﻲ رﮐﻲ ﺳﻨﺪن ﻣﭥﻲ ﺟﻲ وارن ﺟﻮن ﭼﮙﻮن ﭘﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ .۽ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻧﻮٽ ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮا اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮا ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﻫﭣ ﻫﭣ ۾ ڏﻳﺌﻲ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻮرﺗﻮن اﻳﻨﺪڙ وﻳﻨﺪڙ ڌارﻳﻦ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮاﺋﻮن ﻫﭥﻦ ۾ ﻫﻴﻮن ،۽ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن .اﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻓﺌﻤﻠﻴﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﻮﻟﻬﻪ ﭤﻲ .اﺗﻔﺎق ﺳﺎن ﭔﻦ اﻫﮍن ﻧﻮﺟﻮان ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻣﮍس ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺮ آﻫﻦ ۽ ﻫﻨﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺘﻦ :ﺳﻴﺪ اﺳﺘﺮي ۽ ﺳﻴﻒ اﻻﻫﻲ ﮐﻲ ﺳﭹﺎﺗﻮ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ۾ ﻫﻨﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﻣﮍﺳﻦ ﺟﺎ ﺑﺎس آﻫﻦ .ﻫﻦ ﻣﻮن ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ Emailاﺋﮉرﻳﺲ ﺑﻪ Exchangeﻛﺌﻲ ،۽ ﭔﮅاﻳﺎﺋﻮن ﺗﻪ ﻫﻮ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮن ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ آﻫﻦ .ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﮍﺳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪن ﭘﺎﮢﻲ واري ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﻳﻮرپ ﭘﺎﺳﻲ Sailﺑﻪ ﻛﺮي ﭼﻜﻴﻮن آﻫﻦ ،ﭘﺮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﭔﺎرن ﺟﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﻛﺮي ﻫﻮ ﺗﻬﺮان ۾ رﻫﻴﻞ آﻫﻦ ۽ ﺳﻨﺪن ﻣﮍس اﻛﻴﻠﻮ Sailﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﻫﻲ ﺳﭛ ﭔﮅاﺋﮡ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﻛﻲ اﻫﮍﻳﻮن ﭼﺮﻳﻮن ۽ ﻛﻮﭨﻦ ۾ ﻗﻴﺪ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻦ ﺟﻬﮍو ﮐﮣﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ اﻋﻠﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﻮن ﭘﮍﻫﻴﻞ آﻫﻦ ،ﻣﮍﺳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻃﻮﻓﺎﻧﻲ راﺗﻴﻦ ۽ ﭘﺮﻳﺲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﺪﻧﺎم ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ٰ ﻣﮁﺮﻳﻞ ﺳﻤﻨﮉن ﺗﻲ ﺟﻬﺎزن ۾ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺟﺎ ﻣﻬﻴﻨﺎ ﺳﻔﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﻮن آﻫﻦ ،ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۽ اﻧﭩﺮﻧﻴﭧ ﺟﻮن ﭴﺎﮢﻮ آﻫﻦ ،ﭔﺎرن ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻔﺮﻳﺢ ﻻ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﺗﻮس ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮن .ﺟﻴﻜﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﭤﻮرو ﭤﻮرو ﺗﻪ ﺑﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺳﮑﺮ ﻳﺎ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﺗﻪ ﭤﻴﻨﺪو ،ﻫﻮ ڌارﻳﻦ ﻣﺮدن ﺳﺎن اﺧﻼق ﺟﻲ ﺣﺪن ۾ رﻫﻲ ،ﻓﻀﻴﻠﺖ ۽ ﭴﺎڻ ﭜﺮﻳﻮ ﮔﻔﺘﮕﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭼﻬﺮن ﺗﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۽ ﻣﻬﺎﻧﮉي ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻠﻜﻲ ۽ ﭠﻬﻜﻨﺪڙ ﻣﻴﻚ اپ ڏﺳﻲ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻮڙي ﺗﻬﺮان ﺟﻬﮍن اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻬﮍا ﺑﻴﻮﭨﻲ ﭘﺎرﻟﺮ ﻧﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺻﺤﻴﺢ ﻣﻴﻚ اپ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﭴﺎڻ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﻴﻮن ﺗﻪ اڄ ﺟﻲ دؤر ۾ ﺳﻬﮣﻮ ۽ ﺗﻨﺪرﺳﺖ رﻫﮡ ﻻ ﮔﻬﭧ ﮐﺎﺋﺠﻲ ،واڪ ﻛﺠﻲ ۽ ﭤﻮﻟﻬﻪ ﮐﺎن ﻧﺠﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺠﻲ.
ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻓﺮودﺳﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﭔﻦ ﻣﺎﺳﺘﺮﻳﺎﮢﻴﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ ﺷﺎﮔﺮدﻳﺎﮢﻴﻮن ﻧﻈﺮ آﻳﻮن .ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃاﺋﮡ ﻻ ﺗﻴﺎر ﭤﻲ وﻳﻮن ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻢ ﺗﻪ آﺋﻮن ﻟﻴﮑﻚ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وچ ۾ ﺑﻴﻬﺎري ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﻛﺌﻤﻴﺮاﺋﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃﻳﺎ ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ Emailاﺋﮉرﻳﺲ ﻟﮑﺎﺋﮡ ﻟﮙﻴﻮن .اﻧﮉﻳﺎ ،ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ،ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺣﻴﺮت ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ ﻫﺎ ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ،ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎﻫﻞ ،ﭴﭧ ۽ دﻗﻴﺎﻧﻮﺳﻲ ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ۽ ﺳﭻ ﺗﻪ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺑﻪ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ۽ ﭨﺎﺋﻴﻢ ،ﻧﻴﻮز وﻳﻚ ﺟﻬﮍا رﺳﺎﻻ ۽ CNN۽ Sky Newsﺟﻬﮍا ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻞ ڏﺳﻲ آﺋﻮن ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا ﺟﻮ ﻗﺎﺋﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮس ،ﭘﺮﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ را ﺑﺪﻻﺋﮣﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ. ﻫﻴﭟ ﺑﻴﺴﻤﻴﻨﭧ ۾ ﺟﺘﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ آﻫﻲ ان ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﻌﺮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻛﺮدارن رﺳﺘﻢ ،ﺳﻬﺮاب وﻏﻴﺮه ﺟﻲ ﻛﺎرﻧﺎﻣﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون اﻛﺮﻳﻞ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾
Captionsڏﻧﻞ آﻫﻦ .ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ :رﺳﺘﻢ ﺟﻨﮕﻞ ﻣﺎن ﭔﻦ ﻣﻨﻬﻦ وارو ﺗﻴﺮ آﮢﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .رﺳﺘﻢ ۽ اﺳﻔﻨﺪار وچ ۾ ﻟﮍاﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻮڀ رﺳﺘﻢ ﺟﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .رﺳﺘﻢ ﻣﺰﻧﺪاران ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎه ﺟﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﻻ ﭘﻬﺘﻞ..... وﻏﻴﺮه .اﻧﻬﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻓﻮن وارﻳﻦ ﻛﺌﻤﻴﺮاﺋﻦ ﺳﺎن ﻛﮃي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺑﻴﭡﻞ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ڏي اﺷﺎرو ﻛﺮي اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃي ﺳﮕﻬﺎن ﭤﻮ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﻓﺎرﺳﻲ آﺋﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺎ ،۽ ﺟﻨﻬﻦ ﭨﻮن ۽ اﺷﺎرن ﺳﺎن ﻫﻨﻦ ﻣﻮن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ان ﻣﺎن اﻫﻮﺋﻲ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ ،ﭘﺮ ﭜﻠﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃ .آﺋﻮن اﭸﺎ ﭔﮇﺗﺮ ۾ ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاه ﻣﻮن ﮐﺎن ﻛﺌﻤﻴﺮا وﭠﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺟﺎ ﭼﮝﺎ ﻓﻮﭨﺎ ﻛﮃي ﻛﺌﻤﻴﺮا واﭘﺲ ﻛﺌﻲ .ﻣﻮن ﺳﻨﺪس ﭤﻮرو ﻣﭹﻴﻨﺪي دل ۾ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﻢ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﻴﺌﻲ .اﺳﻴﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﮘﻬﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻧﭥﺎ وﮢﻮن وﻳﺘﺮ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﺑﻪ ﻏﻠﻂ ﻛﻢ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺑﺪﻧﺎم ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو ،ان ﻛﺮي آﺋﻮن ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻛﻮﺑﻪ اﻫﮍو ﻗﺪم ﮐﮣﮡ ﻧﭥﻮ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻋﺘﺮاض ﻫﺠﻲ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮن اڄ ﮐﺎن ﻫﻚ ﻫﺰار ﮐﻦ ﺳﺎل اڳ ۱۰۲۰۾ وﻓﺎت ﻛﺮي وﻳﻞ اﻳﺮان ﺟﻲ وڏي ﺷﺎﻋﺮ ﺣﻜﻴﻢ اﺑﻮاﻟﻘﺎﺳﻢ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ ﺷﻌﺮن ﺟﻮ ﺑﻴﺎض ”ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﮫ“ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺋﻲ آﻫﻲ ”ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﻃﻮﻳﻞ داﺳﺘﺎﻧﻲ ﻧﻈﻢ “.ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻞ اﭨﻜﻞ ۶۰ﻫﺰار ﻣﺼﺮاﻋﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﺟﻲ ﻟﻔﻈﻲ ٰ ڊﮔﻬﻮ ﺷﻌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﻬﺎدري ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ﭠﻬﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﮐﺎن وﭠﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﻓﺘﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ڏﻧﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ڏﻧﺪ ﻛﭥﺎﺋﻦ ) (Mythﺗﻲ آﻫﻲ .ﺟﻴﺌﻦ رﺳﺘﻢ ۽ ﺳﻬﺮاب ﺟﻮ ﻗﺼﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ آﺋﻮن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻛﺎ ﺻﺤﻴﺢ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﭘﻮ اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭵﻲ ﺗﻮارﻳﺦ ﭘﮍﻫﻴﻢ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﺎ ﺗﺼﻮراﺗﻲ ﻛﺮدار آﻫﻦ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﮐﻲ ﻟﮑﮡ ۾ ﻓﺮدوﺳﻲ ﮐﻲ ۳۵ﺳﺎل ﻟﮙﻲ وﻳﺎ .ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ اﻫﻮ ﻃﻮﻳﻞ ﻧﻈﻢ ۹۸۰ڌاري ﮐﺎن ﻟﮑﮡ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ،ﺟﮇﻫﻦ ﭘﺎڻ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﭘﻨﺠﻴﺘﺎﻟﻴﻬﻪ ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ﺟﻮ ﻫﻮ .ان وﻗﺖ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﮀﻬﻴﻦ ﺑﺎدﺷﺎه ﻣﻌﻴﺪ ﺟﻲ ۹۷۶۾ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﺘﻮن ﺑﺎدﺷﺎه رﺿﻲ اﺑﻮااﻟﻘﺎﺳﻢ اﺑﻦ ﻧﻮح ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ اﭨﻜﻞ ۲۰ﺳﺎل ﮐﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎه رﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ آﺧﺮي ﭔﻪ ﺷﻬﻨﺸﺎه اﺑﻮاﻟﺤﺎرث ۽ اﺑﻮاﻟﻔﺎرس ﻛﻮ ﺳﺎل ڏﻳﮃ ﻣﺲ ﺑﺎدﺷﺎه ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎدﺷﺎه ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ۹۹۸۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﻴﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﻓﺮدوﺳﻲ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻮس ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ اڄ وارو ﻣﻘﺒﺮو ﺷﻬﻨﺸﺎه رﺿﺎﺷﺎه ﭘﻬﻠﻮي ﭠﻬﺮاﻳﻮ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﻫﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮن ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎه ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻟﮑﮡ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ ۽ ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ دؤر ﺣﻜﻮﻣﺖ ) (۹۹۸ -۱۰۳۰۾ ﻣﻜﻤﻞ ﻛﻴﻮ .ﭔﻦ ﻳﺎ ﭨﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﻓﺮدوﺳﻲ اﻫﻮ ﺷﻌﺮن ﺟﻮ ﺑﻴﺎض )ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ( ﮐﮣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺗﻮس )ﺧﺮاﺳﺎن( ﮐﺎن ﻏﺰﻧﻲ رواﻧﻮ ﭤﻴﻮ .ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻏﺰﻧﻲ ﻫﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﻓﺮودﺳﻲ ۽ ان ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﻛﺎﺑﻪ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﻪ ڏﻳﮑﺎري .ﻛﺠﻬﻪ ﺗﺎرﻳﺦ دان اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﻓﺮدوﺳﻲ ﺳﺎن ﻫﺮ ﻣﺼﺮع ﻻ ﻫﻚ دﻳﻨﺎر اﻧﻌﺎم ﺟﻲ آڇ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ ،ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ۰۰۰،۶۰دﻳﻨﺎر ﭤﻲ ﭤﻴﺎ ،ﭘﺮ ﻫﻦ ﻓﺮدوﺳﻲ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ۰۰۰،۲۰درﻫﻢ ڏﻧﺎ ﺟﻴﻜﻲ ان وﻗﺖ ۲۰۰دﻳﻨﺎرن ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻲ ﭤﻴﺎ .ﻛﻦ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ درﭔﺎر ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﺎﻋﺮن ﺳﺎڙ ﺟﻲ ﻛﺮي ﺑﺎدﺷﺎه ﺟﺎ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺧﻼف ﻛﻦ ﭜﺮﻳﺎ .ﻓﺮدوﺳﻲ اﻫﻮ ﭤﻮرو اﻧﻌﺎم وﭠﮡ ﮐﺎن اﻧﻜﺎر ﻛﻴﻮ .ﻛﻦ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ اﻫﻲ ﭘﺌﺴﺎ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﺮاب ﺟﻮ دﻛﺎن ﭤﻲ ﻫﻼﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻓﺮدوﺳﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻔﺘﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﻣﺰﻧﺪران ۾ ﭰﺮﻧﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﮘﻮﭠﺎن )ﺗﻮس ﮐﺎن( اﭼﻲ ﻧﻜﺘﻮ .ﻫﻦ ﮐﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﺳﺨﺖ ﻏﻢ ۽ ﻏﺼﻮ دل ۾ رﻫﻴﻮ ۽ ﻏﺰﻧﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﻛﻤﺮي ۾ ﺑﺎدﺷﺎه ﺟﻮ ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ،ان ﺟﻲ ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﺟﻲ ﺧﻼف ﻛﺎوڙ ۽ ﭘﭩﻦ ﭘﺎراﺗﻦ ﺟﺎ ﺷﻌﺮ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ .ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن ڌﻳﺎن ﻧﻪ ﻣﻠﮡ ﻛﺮي ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﺎ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﺨﺖ ﻏﺮﺑﺖ ۾ ﮔﺬرﻳﺎ.
ﻛﺠﻬﻪ راوي اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﻳﻜﺪم ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻏﻠﻄﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي وﻋﺪي واري رﻗﻢ ﺳﺎن اٺ ﭘﻼڙي ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﺗﻮس رواﻧﺎ ﻛﻴﺎ .ﭘﺮ اﻧﻌﺎم ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻼڪ اڳ ﻓﺮدوﺳﻲ وﻓﺎت ﻛﺮي وﻳﻮ .اﻫﻮ اﻧﻌﺎم ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ڌي ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ وﻓﺎت ﻛﺮي ﭼﻜﻮ ﻫﻮ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ڌي ﻫﻲ ﺳﭛ ڌن دوﻟﺖ ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﺑﺎدﺷﺎه ڏي واﭘﺲ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﻴﺎض ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﮐﻲ اﻣﺮ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ.
ان ﮐﺎن ﭘﻮ ﺑﺎدﺷﺎه ان رﻗﻢ ﻣﺎن َ ﻣﺮو ) (Mervﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﺗﻮس واري روڊ ﺗﻲ ”رﺑﺎت ﭼﺎﻫﻴﮫ“ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻳﺎد ۾ ﻣﺮﻣﺖ ﻛﺮاﺋﻲ .ﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻮ اڄ ﺑﻪ ﺗﻮس ڏي اﻳﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺑﻨﮫ ڊﭠﻞ ﺣﺎﻟﺖ ۾ آﻫﻲ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮن ﻧﺞ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﻫﻦ ﺷﻌﺮن ذرﻳﻌﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ،اﻳﺮان ﺟﺎ ﻫﻴﺮو ۽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ) Mythicalﺧﻴﺎﻟﻲ( ﻛﺮدار ﭘﻴﺶ ﻛﻴﺎ آﻫﻦ .ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ادﺑﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﻛﺮي ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن اڄ ﺑﻪ ان ﺣﺎﻟﺖ ۾ زﻧﺪه آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻫﺎ اڄ ﮐﺎن ﻫﻚ ﻫﺰار ﺳﺎل اڳ ﻫﺌﻲ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﻛﻞ ۶۲ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن آﻫﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ۹۹۰
ﺑﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﭘﮑﮍﻳﻞ آﻫﻦ ۽ ۰۰۰،۶۰ﻣﺼﺮاﻋﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ آﻫﻦ .دﻧﻴﺎ ۾ ﻓﻘﻂ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮن ﻃﻮﻳﻞ داﺳﺘﺎﻧﻲ ﻧﻈﻢ ﻧﻪ آﻫﻲ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ آﻫﻦ ،ﺟﻬﮍوﻛﻪ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ ﻫﻮﻣﺮ ﺟﺎ ﭔﻪ ﻃﻮﻳﻞ ﻧﻈﻢ ”اﻟﻴﺎد“ (Ihe Iliad۽ اوڊﻳﺴﻲ )(Odyssey ﻋﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﺎن ﺑﻪ اٺ ﻧﻮ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ اﭠﻴﻦ ۽ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﻗﺒﻞ ﻣﺴﻴﺢ ﺟﻲ وچ ڌاري ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ .ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﺮت ٰ ﺻﺪﻳﻮن اڳ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ .ﻫﻮﻣﺮﺟﻮ اﻟﻴﺎد ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﺳﺘﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻣﺲ ﭤﻴﻨﺪو .اﻫﮍي ﻃﺮح ﺟﺮﻣﻦ زﺑﺎن ﺟﻮ ﻃﻮﻳﻞ داﺳﺘﺎﻧﻲ ﻧﻈﻢ (Epic) Nibelungenliedآﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ ﺑﻪ اﻳﮇو وڏو ﻧﺎﻫﻲ .ان ﺟﻬﮍا ﭔﺎرﻫﻦ ﮔﮇ ﻛﺠﻦ ﺗﻪ ﭘﻮ ڊﻳﮕﻬﻪ ۾ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﻨﺪو .ﻫﻮن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﻫﻨﺪن ﺟﻮ ڌرﻣﻲ ﻛﺘﺎب ﻣﻬﺎﭜﺎرت ،ﺟﻴﻜﻮ اﺻﻞ ۾ ﺳﻨﺴﻜﺮت زﺑﺎن ۾ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ،اﻫﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ وڏي ۾ وڏو ) Epicﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻃﻮﻳﻞ داﺳﺘﺎن( ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ .ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۷۴۰۰۰ﺷﻌﺮ آﻫﻦ .اﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻨﺪن ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ڌرﻣﻲ ﻛﺘﺎب راﻣﺎﺋﻦ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ. ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺗﺮﺟﻤﺎ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻃﻮر ) (Abridgedآﻫﻦ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﻜﻤﻞ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭔﻦ ﭜﺎﺋﺮن آرﭤﺮ ۽ اﻳﮉﻣﻨﮉ وارﻧﺮ ۱۹۲۵۾ ﮀﭙﺮاﻳﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻮن ﺟﻠﺪن ) (Volumes۾ آﻫﻲ ،۽ ﻫﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﻧﺎﻟﻮ ” “The Shahnama of Firdausiآﻫﻲ .ﻫﻮن ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﭥﻲ اﭼﻲ ۽ ﻧﻪ وري ﻫﻨﻦ وٽ اﻳﮇو ﭨﺎﺋﻴﻢ آﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭘﮍﻫﻲ ﺳﮕﻬﻦ ،اﻧﻬﻦ ﻻ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ۽ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺗﺮﺟﻤﻮ آﻫﻲ.
“”The Epic of kings: Shahnama, the National Epic of kings
ﻫﻲ روﺑﻴﻦ ﻟﻴﻮي ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺰدا ﭘﺒﻠﻴﻜﻴﺸﻦ وارن ۱۹۹۶۾ ﮀﭙﺮاﻳﻮ .ﻫﻲ ﻧﺜﺮ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺑﻌﺪ ﻣﺨﺘﻠﻒ دورن ۾ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮن ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ڊﮔﻬﺎ ﻧﻈﻢ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻛﻮﺑﻪ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﺑﺮاﺑﺮي ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻲ .ادب ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﭴﺎﮢﻮ اﻫﻮ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اڄ ﺟﻲ ﻣﺎڊرن ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن اﻫﺎﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ اڄ ﮐﺎن ﻫﻚ ﻫﺰار ﺳﺎل اڳ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﭤﻲ ۽ ان ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ زﺑﺎن اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻞ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ اﺻﻞ زﺑﺎن ﮐﻲ ﺟﻴﺎري رﮐﻴﻮ آﻫﻲ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ٰ آﻫﻲ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﮐﻲ ،ﭼﺎﻫﻲ ﻫﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﻗﻮﻣﻴﺖ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ڏﺋﻲ ﭤﻮ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﻻ ﻛﻨﻬﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻋﺎﻟﻢ ﺟﺎ ﭘﮍﻫﻴﻞ رﻣﺎرڪ ﻳﺎد اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ:
”No History has been so eagerly read, so profoundly believed, and so ardently treasured in Iran, as has the Shahnameh.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻧﻈﻢ ”ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ“ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ اﻣﺮ ﺑﮣﺠﮡ ﺑﺎﺑﺖ اﻳﮇو ﭘﺮ اﻋﺘﻤﺎد ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ان ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﺋﻲ ﭘﺎڻ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﺷﻌﺮن ﺟﻮ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ﻣﺤﻞ اڏﻳﻮ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﻫﻦ زﺑﺎن )ﻓﺎرﺳﻲ( ﺟﻮ ﭼﻮڌاري ﭔﺞ ﮀﭩﻴﻮ آﻫﻲ. ﻫﻲ
ﺑﻨﺎ
زﺑﺎران
ﭘﻲ
اﻓﮑﻨﺪم
ﮐﮫ
از
ﻧﻤﻴﺮم
از
ﭘﺮاﮐﻨﺪه
ام
آﺑﺎد
و
ﮔﺮدد
از
ﺑﺎد اﻳﻦ
ﺗﺮﺟﻤﻮ :اوﭼﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﺑﻪ اﭼﻴﻮ ﭰﻬﻜﻮ ﻛﻦ
از
ﮐﮫ
و ﭘﺲ
ﺧﺮاب
ﺗﺎﺑﺶ ﻧﻈﻢ
ﮐﺎﺧﻲ
ﺑﺎران
ﮐﮫ
ﺗﺨﻢ
آﻓﺘﺎب ﺑﻠﻨﺪ
ﻧﻴﺎﺑﺪ
ﻣﻦ
ﺳﺨﻦ
ﮔﺰﻧﺪ زﻧﺪه
ام را
ﺑﺎرش ﺟﻲ ﭰﮍي ﻳﺎ ﺳﺞ ﺟﻲ ﻛﺮﮢﻦ ﺳﺎن ﻣﻮن ﺷﻌﺮن ﺟﻮ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ﻣﺤﻞ ﺟﻮڙﻳﻮ آﻫﻲ
ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻫﻮا ﻧﻪ ﻣﻴﻨﻬﻦ اﺛﺮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ آﺋﻮن ﻫﺎڻ زﻧﺪه رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻣﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪس
ﮀﻮﺗﻪ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن )ﻓﺎرﺳﻲ( ﺟﺎ ﭔﺞ ﮀﭩﻴﺎ آﻫﻦ.
ﻓﺮدوﺳﻲ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڊﮔﻬﻲ داﺳﺘﺎﻧﻲ ﻧﻈﻢ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺧﻴﺎﻟﻲ ) (Mythicalﻛﺮدار اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅي ﭔﮅي اﺋﻴﻦ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﭴﮡ اﻫﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﺠﻦ .اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭔﺎرن ﺗﻲ اﻫﻲ ﻧﺎﻻ رﮐﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ رﺳﺘﻢ ،ﺳﻬﺮاب ،اﺳﻔﻨﺪ ﻳﺎر ،ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ....۽ ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻧﺎﻻ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺑﻪ رﮐﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻫﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻧﻪ ﭘﺮ ﻣﺠﻮﺳﻲ )زوروﺳﭩﺮ( ﻫﺌﺎ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ ﻛﺮدار ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻧﺎﻻ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ۾ ﻋﺎم آﻫﻦ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ :اﻓﺮاﺳﻴﺎب ،ﻓﺮﻳﺪون ،ﺟﻤﺸﻴﺪ ،ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ ،ﺳﻴﻤﺒﺮغ ،راﺧﺶ، ﻫﺸﺎﻧﮓ ،ﮔﺪراز ،زاﻫﻚ ،روﻫﺎم وﻏﻴﺮه.
ﻫﻮن ﺑﻪ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮن دﻧﻴﺎ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﭔﻪ اڍاﺋﻲ ﻟﮏ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ) (Zoroastriansﺟﻲ ﻻ ﺑﻴﺤﺪ اﻫﻢ ﻛﺘﺎب آﻫﻲ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ اﺻﻞ ﻧﺴﻞ ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﻨﺪن آﺧﺮي ﭘﺎرﺳﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎه ﻳﺰدﮔﺮم ﺳﻮم ﺟﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﺎن ﻫﺎر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال آﻫﻲ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻬﺎﮢﻲ رﺳﺘﻢ ﺟﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻟﮍاﺋﻲ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ ﺳﻬﺮاب ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﭤﻮ ﻛﺮي وﺟﻬﻲ .ﭔﺌﻲ ﭘﻲ ﭘﭧ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﺎن اڻ واﻗﻒ آﻫﻦ .ﺳﻬﺮاب زﺧﻤﻲ ﭤﻴﮡ وﻗﺖ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺎﺗﻞ ﮐﻲ ﭼﻮي ﭤﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﺎرڻ ﺟﻮ ﺑﺪﻟﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﻲ رﺳﺘﻢ ﺗﻮﮐﺎن ﺿﺮور وﭠﻨﺪو ان وﻗﺖ رﺳﺘﻢ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻮ ﻛﺮي ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﻨﺪس زال ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ﻣﺎن ﭘﭧ ﺳﻬﺮاب آﻫﻲ.
رﺳﺘﻢ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ڏﻧﺪ ﻛﭥﺎﺋﻲ ) (Mythicalﻫﻴﺮو ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ذال ﻫﻮ ۽ ﻣﺎ ﺟﻮ ُرداﺑﺎ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ رﺳﺘﻢ ﭴﻤﮡ وﻗﺖ ﺋﻲ وڏو ﭘﻬﻠﻮان ۽ وڏي ﺳﺎﺋﻴﺰ ﺟﻮ ﭔﺎر ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﺎ ﮐﻲ ڊﻟﻴﻮري وﻗﺖ ﺳﺨﺖ ﺗﻜﻴﻠﻒ آﺋﻲ ﻫﺌﻲ .ذال ﺟﻴﻜﻮ رداﺑﺎ ﺟﻮ ﻣﮍس ﺑﻪ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻋﺎﺷﻖ ﺑﻪ ،ﮐﻲ ﭘﻚ ﭤﻲ وﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﻮرن وﮔﻬﻲ ﻣﺮي وﻳﻨﺪي ﭘﺮ ﭘﻮ آﺧﺮي وﻗﺖ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺳﻴﻤﺮغ )اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻟﻲ ﭘﮑﻲ( ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ذال ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﺟﻮ ﭘﻴﭧ ﻛﭙﻲ ﭔﺎر ﻛﮃڻ ﺟﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ ﭔﮅاﻳﻮ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﺳﻴﺰﻳﺮﻳﻦ آﭘﺮﻳﺸﻦ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ،ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ان ﮐﻲ ”رﺳﺘﻢ زاد“ ﺳﮇﻳﻦ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ رﺳﺘﻢ اﭸﺎ ﭔﺎر ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫﻚ ﺋﻲ ڌڪ ﺳﺎن ﺑﺎدﺷﺎه ﻣﻨﻮ ﭼﻴﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺴﺖ ﻫﺎﭤﻲ ﮐﻲ ﻣﺎري ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ ﻫﻮ .رﺳﺘﻢ ﺟﻲ ڏاڏي ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﺎم ۽ ﭘﮍڏاڏي ﺟﻮ ﻧﺮﻳﻤﺎن ﻫﻮ .ﻧﺮﻳﻤﺎن ﺑﻪ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ. ﻧﺮﻳﻤﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﭘﺎرﺳﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺨﺼﻴﺖ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﻤﺒﺌﻲ ﺟﻲ ﭘﺮاﻧﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﻓﻮرٽ ۾ ﮔﻬﭩﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ .۽ ﻣﻤﺒﺌﻲ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ڏاﮐﮣﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ )ﺟﺘﻲ ﭘﺎرﺳﻲ رﻫﻦ ﭤﺎ( ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ ﻧﺮﻳﻤﺎن ﭘﺌﺎﻧﭧ آﻫﻲ.
رﺳﺘﻢ ،ﺳﻬﺮاب ،ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ۽ زرﻳﻨﺎ وﻏﻴﺮه اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻃﻮﻳﻞ ﻧﻈﻢ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﭘﺮاﮢﻴﻦ رواﻳﺘﻦ ﻣﻮﺟﺐ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻗﻠﻤﺒﻨﺪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ان ۾ ﺳﻨﺪس ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺑﻠﻨﺪي ﺟﻮ ﭘﮡ ﺣﺼﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ اﻫﮍو رﻧﮕﻴﻦ ۽ ﻣﺒﺎﻟﻐﻲ ﺳﺎن ﺳﺠﺎﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﭘﺮاﮢﻴﻦ رواﻳﺘﻦ ۽ ﺣﻜﺎﻳﺘﻦ ۾ ﭴﮡ ﺟﺎن وﺟﻬﻲ ﮀﮇي آﻫﻲ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﻳﺎﻓﺘﮫ ﺷﺨﺺ ﺟﻨﻬﻦ آﺋﻴﻦ ڏﻧﻮ اﻫﻮ ﻛﻴﻮﻣﺮس ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺷﻬﺮ ﺳﺎزي ﻗﺎﺋﻢ ﭤﻲ ۽ ﻫﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۽ ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﮡ ﺳﻴﮑﺎرﻳﻮ .دﻣﺎﺋﻮﻧﺪ ۽ ﺑﻠﺦ ﺷﻬﺮ ﻫﻦ ﺟﺎ ﺋﻲ آﺑﺎد ﻛﻴﻞ آﻫﻦ .ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎه ﻛﻴﻮﻣﺮس ﺟﻮ ﻟﻘﺐ ”ﭘﻴﺶ دادا“ ﻫﻮ ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭘﻴﺶ دادﻳﺎن ﺳﮇراﻳﻮ. ﻛﻴﻮﻣﺮس ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻫﻮﺷﻨﮓ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﻫﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﻋﺪل ۽ اﻧﺼﺎف ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻟﻮه ﺟﻲ ﭨﻜﺮن ﮐﻲ ﻣﻬﭩﮡ ﺳﺎن ﺑﺎه اﻳﺠﺎد ﻛﺌﻲ .ﻫﻮﺷﻨﮓ ﺑﺎدﺷﺎه ﺷﻬﺮ ”ﺳﻮﺳﺎ“ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر )ﺧﻠﻴﺞ ﻓﺎرس( ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ آﺑﺎد ﺳﭝﻨﻲ ﻗﻮﻣﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻢ ﻫﻴﭟ آﻧﺪو ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ وڌاﻳﻮ.
ﻫﻮﺷﻨﮓ ﮐﺎن ﭘﻮ ﺗﻬﻤﻮر ﻫﻦ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺟﻤﺸﻴﺪ ﺷﻬﺮ اﺻﻄﺨﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ”ﭘﺮﺳﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ“ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺷﻴﺮاز ﮐﺎن ۳۵ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻮ )ﺳﺮا (ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﺟﻴﻜﺎ ”ﺗﺨﺖ ﺟﻤﺸﻴﺪ“ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻲ .ﻫﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻲ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻨﻴﺎد اﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻦ .اﻳﺮان ۾ ﺷﺮاب ۽ ﻣﻮﺳﻴﻘﻲ ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎه ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺠﺎد ﭤﻲ .ﺟﺎم ﺟﻢ ﺟﺎ داﺳﺘﺎن ﭘﮡ ﻫﻦ ﺳﺎن واﺑﺴﺘﮫ آﻫﻦ. ﺳﺎل ﺷﻤﺴﻲ ﭘﮡ ﺟﻤﺸﻴﺪ ﺑﺎدﺷﺎه اﻳﺠﺎد ﻛﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﻧﻮروز ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ۾ ﭘﭥﺮ ۽ ﻟﭡﻴﻮن اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻮن ﭤﻲ ﺟﻤﺸﻴﺪ ﺗﻠﻮار ۽ ﺗﻴﺮ اﻳﺠﺎد ﻛﻴﺎ .ﮐﻴﺘﻲ ﭔﺎري ،ﺳﭧ ﻛﺘﮡ ۽ ﻛﭙﮍو اﮢﮡ ﻫﻦ ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻮن اﻳﺠﺎدون آﻫﻦ.
ﺟﻤﺸﻴﺪ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﺿﺤﺎڪ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﻫﻲ ﺷﺨﺺ ﺗﻤﺎم ﻇﺎﻟﻢ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻛﺎوه ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاه ﺟﻲ ﭔﻦ ﭘﭩﻦ ﮐﻲ ﭰﺎﺳﻲ ڏﻧﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻛﺎوه ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﮔﮇ ﻛﺮي ﺿﺤﺎڪ ﺧﻼف ﺑﻐﺎوت ﻛﺌﻲ ۽ ﻓﻮج ﮔﮇ ﻛﺮي ﺿﺤﺎڪ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﺋﻲ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۾ ﻗﻴﺪ ﻛﺮي ﺳﻨﺪس ﭘﻮﭨﻲ ﻓﺮﻳﺪون ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﺎرﻳﻮ.
ﻓﺮﻳﺪون ﻧﻬﺎﻳﺖ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ۽ ﻋﻈﻴﻢ اﻟﺸﺎن ﺑﺎدﺷﺎه رﻫﻴﻮ .ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺳﭡﺎﻳﻮن آﻧﺪﻳﻮن .ﻣﺮڻ وﻗﺖ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏﻫﭩﻲ ”ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ“ ﮐﻲ ﻧﺼﻴﺤﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﺮ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ ورق آﻫﻲ .ﺧﺒﺮدار ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ورﻗﻦ ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ورق ﺗﻲ ﻛﺎ اﻫﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻟﮑﻲ وﭸﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﻳﻨﺪڙ ﻧﺴﻞ ﺧﺮاب ﻧﮕﺎه ﺳﺎن ڏﺳﻦ. ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺟﻨﮕﻞ ﺻﺎف ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﺮﺳﺒﺰ ﺑﺎغ ۽ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﺎ ﻋﻼﺋﻘﺎ ﭠﻬﺮاﻳﺎ.
ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺗﻮران ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎه اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﺧﺮاﺳﺎن ڏي ﻓﻮج ﻣﻮﻛﻠﻲ ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮاﻳﻮ ﭘﺮ ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ ﺟﻲ وزﻳﺮ ”ﺳﺎم“ اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﺟﻲ ﻓﻮج ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺧﺮاب ﻛﺮي ﮀﮇي.
ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ ﺟﻲ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻲ ﺟﻮ وڏو ﺳﺒﺐ ﻫﻦ ﺟﻮ وزﻳﺮ ﺳﺎم ﻫﻮ .ﻫﻲ ﺷﺨﺺ )ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺎم( اﻳﺮان ﺟﻲ اڄ واري ﺻﻮﺑﻲ ﺳﻴﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺰادو ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ذال“ ۽ ﭘﻮﭨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”رﺳﺘﻢ“ ﻫﻮ .ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻧﻮذر اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .ﺳﺎم ﺟﻲ ﭘﭧ ذال ﻫﻦ ﻏﺎﺻﺐ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﻟﻮڌي ﻛﮃﻳﻮ ۽ ﻧﻮذر ﺟﻮ ﭘﭧ زاب ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﺎرﻳﻮ .زاب ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ ﮔﺮﺷﺎﺳﭗ ﺗﺨﺖ اﻳﺮان ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﻫﻲ ﻫﻦ ﺧﺎﻧﺪان )ﭘﻴﺶ دادﻳﺎن( ﺟﻮ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎه ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ۽ ﮔﺮﺷﺎﺳﭗ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي وڌو.
ﮔﺮﺷﺎﺳﭗ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ .ان ﻋﺮﺻﻲ دوران ”ذال“ ﻫﻚ وڏي ﻓﻮج
ﮔﮇ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ رﺳﺘﻢ ﮐﻲ ان ﺟﻮ ﺳﭙﮫ ﺳﺎﻻر ﭠﺎﻫﻲ اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮڻ ﻻ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ .اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﮐﻲ ﺳﺨﺖ ﺷﻜﺴﺖ ﻣﻠﻲ .ﻣﻨﻮﭼﻬﺮ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻛﻴﻘﺒﺎد ﺟﻴﻜﻮ ”ﻛﻴﺎن“ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺑﺎدﺷﺎه ﻫﻮ ،ان ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎه ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ﻛﻴﻘﺒﺎد ﺗﻤﺎم اﻧﺼﺎف ﭘﺴﻨﺪ ۽ ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺟﻮ ﻫﮇ ڏوﮐﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻮ .ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻤﺪان ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو ۽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺳﺘﻦ رﻧﮕﻦ ﺟﻮن ﺳﺖ ﭜﺘﻴﻮن ﭠﻬﺮاﻳﺎﺋﻴﻦ.
ﻛﻴﻘﺒﺎد ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻛﻴﻜﺎﺋﻮس اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ،۽ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﻣﺎزﻧﺪران ﺟﻲ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﮐﻲ ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ﻻ ﺗﻴﺎر ﭤﻴﻮ .ﻧﺘﻴﺠﻮ اﻫﻮ ﻧﻜﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ دﻳﻮ ﺳﻔﻴﺪ ﺟﻲ ﭼﻨﮕﻞ ۾ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﭤﻲ وﻳﻮ .ﭘﺮاﮢﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻣﺎزﻧﺪران ﺟﻲ ﺟﻨﮕﻠﻲ ۽ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ دﻳﻮ ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ.
ذال ﺟﻮ ﭘﭧ رﺳﺘﻢ ﻫﻦ ﮐﻲ ﮀﮇاﺋﮡ ﻻ رواﻧﻮ ﭤﻴﻮ ۽ ﺳﺖ ڏﮐﻴﻮن ﻣﻨﺰﻟﻮن )ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ” ﻫﻔﺘﺨﻮان رﺳﺘﻢ“ ﺳﺎن ﺗﻌﺒﻴﺮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ( ﻣﺎرﻳﻨﺪو اﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ ۽ ﻛﻴﻜﺎﺋﻮس ﮐﻲ دﻳﻮ ﺳﻔﻴﺪ ﺟﻲ ﭼﻨﺒﻲ ﻣﺎن آزاد ﻛﺮاﻳﻮ .ﻫﻲ اﻫﻲ ﻣﻨﺰﻟﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻧﻘﺶ ﻛﺎري ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺟﻮ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺳﺎن ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻴﻤﺮا ﺳﺎن ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﻮن ﻻ ﻛﮃي ورﺗﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل رﺳﺘﻢ ﻫﻦ ﻣﺼﻴﺒﺖ ﻣﺎن ﻛﻴﻜﺎﺋﻮس ﮐﻲ آزاد ﻛﺮاﺋﻲ آﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺑﺪﺑﺨﺖ ﺑﺎدﺷﺎه ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ”ﺷﺎه ﺑﺎﻣﺎوران“ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ وڌو .رﺳﺘﻢ ﺟﻲ ﻣﺪد ﺟﻲ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﮔﻬﺮ ﭤﻲ .ﻫﻦ ﺟﻨﮓ ۾ ﻫﻚ ﻋﺠﻴﺐ واﻗﻌﻮ روﻧﻤﺎ ﭤﻴﻮ .ﺟﻮاﻧﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ رﺳﺘﻢ ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ .ﻫﻦ ﮐﺎن ﺟﺪا ﭤﻴﮡ وﻗﺖ رﺳﺘﻢ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ڏﻳﻨﺪي ﻫﺪاﻳﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﭘﭧ ﭴﻤﻲ ﺗﻪ ان ﺟﻲ ﭔﺎﻧﻬﻦ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻳﺎدﮔﻴﺮي ﺧﺎﻃﺮ ﭔﮅي ﮀﮇﺟﺎﻧﺲ .ﻫﺎڻ ﻫﻴﺌﻦ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﭧ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻧﻬﻦ ۾ اﻫﺎ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﻃﻮر ﻣﻠﻴﻞ ﻣﻬﺮ ﭔﮅي ﺑﻪ ﮀﮇي ﭘﺮ ﻫﻦ ان ڊپ ﮐﺎن ﺗﻪ ﻣﺘﺎن ﻛﮇﻫﻦ رﺳﺘﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ ﮐﻲ ﭘﺎڻ وٽ ﻧﻪ ﮔﻬﺮاﺋﻲ وﭠﻲ ،ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻮراﺋﻲ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ ڌي ﭴﺎﺋﻲ آﻫﻲ .ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ﻣﺎن رﺳﺘﻢ ﮐﻲ ﭴﺎول ﭘﭧ ﺳﻬﺮاب ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎه اﻓﺮاﺳﻴﺎب وٽ ﻧﻮﻛﺮي اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ۽ اﺗﻔﺎق اﻫﮍو ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﺟﮇﻫﻦ اﻓﺮاﺳﻴﺎب ﺟﻲ ﻓﻮج ﺟﻮ رﺳﺘﻢ ﺟﻲ ﻓﻮج ﺳﺎن ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﭘﻲ ﭘﭧ )ﻳﻌﻨﻲ رﺳﺘﻢ ۽ ﺳﻬﺮاب( دو ﺑﺪو اﭼﻲ وﻳﺎ .ﻧﻪ ﭘﻲ ﮐﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ﭘﭧ ﮐﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﻨﺪس ﭘﻲ آﻫﻲ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﻫﻦ داﺳﺘﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﻃﺮح ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ آﻫﻲ: ﻳﻜﻲ دل
داﺳﺘﺎن
ﻧﺎزڪ
از
اﺳﺖ
رﺳﺘﻢ
آب
ﭘﺮ
آﻳﺪ
ﭼﺸﻢ
ﺑﺨﺸﻢ!
ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﭔﻨﻬﻲ ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻲ ﺷﺮوع ﭤﻲ .ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺳﻬﺮاب رﺳﺘﻢ ﮐﺎن ﻃﺎﻗﺖ ۾ ﻛﻮ ﮔﻬﭧ ﻧﻪ ﻫﻮ ﭘﺮ آﺧﺮ ﭘﻲ وڏو ﺗﺠﺮﺑﻴﻜﺎر ۽ ﻫﻤﺖ وارو ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺳﻬﺮاب ﮐﻲ اﻫﮍو زﺧﻤﻲ ﻛﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﭽﮡ ﺟﻲ ﻛﺎ اﻣﻴﺪ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ رﻫﻲ .ان وﻗﺖ ﺳﻬﺮاب ﺟﻲ زﺑﺎن ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ ﺗﻪ ”ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﻲ رﺳﺘﻢ ﺗﻮﮐﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮن ﺟﻮ ﺑﺪﻟﻮ وﭠﻨﺪو “.ﺟﮇﻫﻦ رﺳﺘﻢ اﻫﻮ ﭔﮅو ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ دﻣﺎغ ﮔﻬﻮﻣﺎﭨﺠﻲ وﻳﻮ ۽ ﺳﻬﺮاب ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮ وٽ ان ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﻧﺸﺎﻧﻲ آﻫﻲ؟ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺎﻧﻬﻦ ڏي اﺷﺎرو ﻛﺮي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ رﺳﺘﻢ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ آﻫﻲ .رﺳﺘﻢ ان ﮐﻲ ﮐﻮﻟﻲ ڏﭠﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺋﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﻫﺌﻲ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ رﺳﺘﻢ ﻣﻨﻬﻦ ﻣﭥﻮ ﭘﭩﻴﻨﺪي ڏاڍﻳﻮن رڙﻳﻮن ﻛﻴﻮن ﭘﺮ ﺟﻴﻜﻲ ﭤﻴﮣﻮ ﻫﻮ ﺳﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ.
ﻛﻴﻜﺎﺋﻮس ﮐﺎن ﭘﻮ ﻛﻴﺨﺴﺮو اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﻫﻦ ﻣﺼﺮ ،ﺷﺎم ۽ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﻛﻴﻮ .ﺳﭟ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺗﺨﺖ ۽ ﺗﺎج ﮀﮇي وﭸﻲ ﻛﻨﮉ ﭘﺎﺳﻮ وﺳﺎﻳﻮ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن واﮘﻮن ﻟﻬﺮاﺳﭗ ﮐﻲ ﺳﻮﻧﭙﻴﻮن وﻳﻮن.
ﻟﻬﺮاﺳﭗ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ﮔﺸﺘﺎﺷﭗ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ .ﮔﺸﺘﺎﺷﭗ ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ زرﺗﺸﺖ ) (Zoroastarﺟﻲ ﭘﻴﻐﻤﺒﺮي ﺟﻮ ﻗﺼﻮ ﻋﺎم ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﺑﺎدﺷﺎه ﺳﻼﻣﺖ وٽ آﻳﻮ .ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ: ﺑﻪ
ﺗﺮا
ﺷﺎه
ﺳﻮﺋﻲ
ﻳﺰدان
ﺟﻬﺎن
ﻫﻤﻲ
ﮔﻔﺖ
ﻣﻲ
ﭘﻴﻐﻤﺒﺮم ﺑﺮم
ﮔﺸﺘﺎﺷﭗ ﺟﻲ ان وﻗﺖ ﺑﻠﺦ ۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ .ﻫﻦ ﻫﻲ ﻧﺌﻮن ﻣﺬﻫﺐ ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﻫﻦ ﭘﭡﻴﺎن ﻋﻮام ﺑﻪ ﻫﻦ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ داﺋﺮي ۾ اﭼﻲ وﺋﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺑﺎدﺷﺎه ﺳﻼﻣﺖ )ﮔﺸﺘﺎﺷﭗ( زرﺗﺸﺘﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڪ ﻛﺘﺎب ”اوﺳﺘﺎ“ ﺟﺎ ﭼﻤﮍي )ﺟﺎﻧﻮرن ﺟﻲ ﮐﻠﻦ( ﺗﻲ ﭔﺎرﻫﻦ ﻫﺰار ﻧﺴﺨﺎ ﻟﮑﺮاﺋﻲ ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ورﻫﺎﻳﺎ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ آﺗﺸﻜﺪه ﺑﻪ ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎه ﭠﻬﺮاﻳﺎ.
ﮔﺸﺘﺎﺷﭗ ﺟﻲ ﭘﭧ اﺳﻔﻨﺪﻳﺎر ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻛﺎﻓﻲ ﻣﻠﻚ ﻓﺘﺢ ﻛﻴﺎ .ان ﺑﻌﺪ رﺳﺘﻢ ﺳﺎن وڙﻫﮡ ﻻ ﻫﻦ ﺳﻴﺴﺘﺎن ﺟﻮ رخ ﻛﻴﻮ .اﺳﻔﻨﺪﻳﺎر رﺳﺘﻢ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ ۽ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ اﺳﻔﻨﺪﻳﺎر ﺟﻮ ﭘﭧ ”ﺑﻬﻤﻦ“ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎه ﭤﻴﻮ.
ﺑﻬﻤﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﮔﺸﺘﺎﺷﭗ واﻧﮕﺮ ﻋﺎدل ۽ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﺎﺑﻞ ۾ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻤﺪان ۾. ﺑﻬﻤﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ ڌي ﻫﻤﺎ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻲ .ﻫﻤﺎ ﮐﺎن ﭘﻮ دراب ،۽ دراب ﮐﺎن ﭘﻮ دارا ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ﻫﻲ اﻫﻮﺋﻲ دارا آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ راڳ ﭔﮅﻧﺪا آﻫﻴﻮن ﺗﻪ: ﭤﻴﺎ
وﻳﺎ
ﻫﺰار
ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ
ﺳﻜﻨﺪر وﭴﺎﺋﻲ
ﻫﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎه دارا ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻜﻨﺪر اﻳﺮان ﺗﻲ ﻓﻮﺟﻲ ﻛﺎﻫﻪ ﻛﺌﻲ ۽ ﻛﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﻛﻴﻮ.
دارا
وارا.
دارا ﺟﻲ ﻣﺎرﺟﻲ وﭸﮡ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺳﻜﻨﺪر ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ آﺋﻲ .ﺳﻜﻨﺪر ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ اﻫﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ ﺳﻜﻨﺪر ﺟﻲ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ ﻧﺎﺋﺒﻦ ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ رﻫﻲ.
ﺑﻬﺮﺣﺎل ان ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺗﺎرﻳﺨﻲ Mythical ،۽ ﭘﻬﻠﻮاﻧﻲ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ آﻫﻦ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﺎڻ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ وﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪي ﺗﻪ رﺳﺘﻢ ،ﺳﻬﺮاب ،اﺳﻨﻔﺪﻳﺎر ،دارا ﺳﻜﻨﺪر ﻛﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻧﻪ ﻫﺌﺎ .ان وﻗﺖ اﺳﻼم اﭸﺎ آﻳﻮ ﻛﭥﻲ ﻫﻮ .ان وﻗﺖ ﺗﻪ اﻳﺮان ۽ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ۾ رﻫﻨﺪڙ زرﺗﺸﺖ )آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ( ﻫﺌﺎ ﻳﺎ وري اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎﺳﻲ -ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ،ﭼﻴﻦ ،ﺟﺎﭘﺎن ڏي ﻫﻨﺪو ڌرم ﻫﻮ ﻳﺎ ﭔﮅ ڌرم .ﺟﻴﺌﻦ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ زرﻳﻨﺎ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ روس ﺟﻲ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ زار ﺟﻲ زال ﻫﺌﻲ.
ﺗﺒﺮﻳﺰ -ﺟﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ دﻟﺒﺮ آ ﻣﻮﻻﻧﺎ روم )ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ( ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻲ وچ ۾ وﻳﻬﻲ ﮐﻴﻦ وﻋﻆ ۽ ﻧﺼﻴﺤﺘﻮن ﭔﮅاﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. َ ﮀﺎﻧﻮ ۾ ﻟﮙﻨﺪڙ ﭤﮅي ﭤﮅي ﻫﻦ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﻫﻦ ﺟﺎ ﺳﻤﻮرا ﻗﻠﻤﻲ ﻧﺴﺨﺎ رﮐﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﭜﺮ ۾ ﻫﻚ ﺣﻮض ﺑﻪ ﻫﻮ .ڊﮔﻬﻦ وﮢﻦ ﺟﻲ ﻫﻮا ۾ ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﺟﻮ دل ﺗﻲ اﺛﺮ ﻛﻨﺪڙ آواز ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ واﻋﻆ روح ﮐﻲ ﻋﺠﻴﺐ راﺣﺖ ﺑﺨﺸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ .اﺗﻲ ،ان وﻗﺖ ﻫﻚ ﭘﻴﺮﺳﻦ ﭤﻜﻞ ﺣﺎل ۾ ،ﻣﭩﻲ ۽ ڌوڙ ۾ ﭜﭝﻮت ﻣﻨﻬﻦ ﺳﺎن اﭼﻲ ﺣﺎﺿﺮ ﭤﻴﻮ ۽ ﺟﺘﻲ ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ اﺗﻲ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﻮ. ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻫﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ واﻋﻆ ﺑﻨﺪ ﻛﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﭘﻴﺮ ﻣﺮد ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ” ،اي ﭘﻴﺮﺳﻦ اﻧﺴﺎن! ﻛﭥﺎن ﮐﺎن اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ .ﮀﺎ ﮔﻬﺮﺟﻲ ۽ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﺎ؟“
ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺟﻲ ﺳﻮال ﺟﻮ ﺟﻮاب ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﻴﺮﺳﻦ ﻧﻪ ڏﻧﻮ وﻳﺘﺮ ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﮐﺎن ﺳﻮال ﻛﻴﻮ .ﻫﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۽ ﻫﭣ ﺟﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﺴﺨﻦ ڏي اﺷﺎرو ﻛﺮي ﭘﮁﻴﻮ” ،ﻫﻲ ﻛﻬﮍﻳﻮن ﺷﻴﻮن آﻫﻦ؟“
ﻣﻮﻻﻧﺎ وراﮢﻴﻮ” ،اي ﭘﻴﺮ ﻣﺮد! ﻫﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻢ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن ﻧﻪ آﻫﻦ ،ﻫﻲ ﻋﻠﻢ وارن ﺟﻮن ﺷﻴﻮن آﻫﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﮐﺎن ﻋﻠﻢ واراﺋﻲ واﻗﻒ آﻫﻦ“.
اﻫﻮ ﭔﮅي ﭘﻴﺮ ﻣﺮد ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﭣ اﮘﻴﺎن وڌاﻳﻮ ۽ ﻫﻚ ﺋﻲ ﺟﻬﭩﻜﻲ ﺳﺎن ﺳﭛ ﻛﺘﺎب ﮐﮣﻲ ﺣﻮض ۾ اﮀﻼﻳﺎ .اﻫﻮ ڏﺳﻲ ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﮐﻲ ڏاڍي ﻛﺎوڙ ﻟﮙﻲ ۽ ﭼﻴﻮ” ،اي ﺑﻲ ﻋﻠﻢ ﭴﭧ اﻧﺴﺎن! ﺗﻮ ﻫﻲ ﻛﻬﮍو ﻇﻠﻢ ﻛﻴﻮ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﭘﻮرﻫﻴﻮ ﺗﻮ ﻫﻚ ﭘﻞ ۾ ﺑﺮﺑﺎد ﻛﺮي وڌو .ﺗﻮن ﺳﻮﭼﻲ ﺑﻪ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻴﻦ ﺗﻪ ﺗﻮ ﻛﻴﮇو وڏو ﻧﻘﺼﺎن ﻛﺮي وڌو .ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﺣﺮﻛﺖ ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺎڻ ﻋﻠﻢ ﮐﺎن ﻣﺤﺮوم ﭤﻲ وﻳﻨﺪا“.
ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﺟﻲ ڏک ۽ ﻛﺎوڙ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻫﻲ ﭘﻴﺮﺳﻦ ﭔﮅﻧﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻮ ﻣﺮﻛﻨﺪي ﻫﻦ ﺣﻮض اﻧﺪر ﻫﭣ وڌو ۽ ﺳﭛ ﻛﺘﺎب ﻛﮃي ﭔﺎﻫﺮ رﮐﻴﺎ .۽ ﺣﻴﺮت ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻛﻮﺑﻪ ﻛﺘﺎب ﻧﻪ آﻟﻮ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺲ ﺧﺮاب ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .ﻣﻄﻠﺐ ﺗﻪ ﻛﺘﺎب ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺻﻮرت ۾ ﺟﻬﮍا ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﺌﺎ اﻫﮍا ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﺌﺎ .ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﻫﻦ ﭘﻴﺮ ﻣﺮد ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﻤﺎل ﺗﻲ ﺣﻴﺮت ۾ ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻮ ۽ ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ” ،اي ﭘﻴﺮ ﻣﺮد! ﻫﻲ ﺳﭛ ﻛﺠﻬﻪ ﮀﺎ آﻫﻲ؟“
ﺻﺎﺣﺐ ﻛﻤﺎل ۽ ﻣﻌﺮﻓﺖ وارا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺻﺎﺣﺐ ﻋﻠﻢ، ﭘﻴﺮ ﻣﺮد وراﮢﻴﻮ” ،ﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﮐﻲ ِ ِ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .ﺗﻮن ان ﺑﺎﺑﺖ اﺟﺎﺋﻲ ﭘﮁﺎ ﻧﻪ ﻛﺮ .ﺗﻮﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﺘﺎب ﮐﺘﺎ ﭤﻲ اﻫﻲ ﺗﻮﮐﻲ واﭘﺲ ﻣﻠﻲ وﻳﺎ “.اﻫﻮ ﭼﺌﻲ ﻫﻲ ﭘﻴﺮ ﻣﺮد اﺗﺎن رواﻧﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ .ﭘﭡﻴﺎن ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﮐﻲ ﻓﻜﺮ وراﺋﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭘﻮڙﻫﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻮ ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻛﺎ ﻧﺒﻲ ﻛﺮاﻣﺖ وارو ۽ ﺑﻠﻨﺪ ﭘﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﺑﺰرگ آﻫﻲ .ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﭘﭡﻴﺎن ڊوڙﻳﻮ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﭣ ﮘﻜﺮي ﻫﻦ ﮐﺎن ﻣﻌﺎﻓﻲ ﮔﻬﺮي ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﺮض ﻛﻴﻮ” ،اي ﺑﺰرگ اﻧﺴﺎن! ﻣﻮن ﮐﻲ ﺗﻮن ﭘﺎڻ وٽ رک ﻳﺎ ﻣﻮن وٽ ﻫﻠﻲ رﻫﻪ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﻓﺮﻣﺎ“. ﻫﻲ دروﻳﺶ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻫﻮ .اﻫﻮ ﺋﻲ ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﺟﻮ ﭘﻴﺮ و ﻣﺮﺷﺪ ﻫﻮ .۽ ﻫﻦ ﺳﺎن ﺋﻲ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﻋﺸﻖ رﻫﻴﻮ. ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﺟﻲ ﺳﭵﻲ ﻛﻼم ﺗﻲ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺟﻮ اﺛﺮ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺟﻲ وﻓﺎت ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻴﻮ ۽ ﻟﻤﺤﻲ ﻻ ﺑﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﺟﺪاﺋﻲ ﺑﺮداﺷﺖ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ.
ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﺟﮇﻫﻦ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ اﻫﺎ ﻣﭥﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﻣﺤﺒﻮﺑﻲ ﻳﺎد اﭼﻲ وﻳﻮ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﺤﺒﻮﺑﻲ ﺑﻪ ﺗﻌﻠﻴﻢ دوران ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ دوﺳﺖ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ .ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻦ آزري ۽ ﭤﻮري ﮔﻬﮣﻲ ﺗﺮﻛﻲ زﺑﺎن ﺑﻪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ .ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ اوﭜﺮ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن روس واري رﻳﺎﺳﺖ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺗﻲ آﻫﻲ .ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻫﻲ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ۽ اﻳﺮان ﺟﺎ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن وارا ﭔﺌﻲ ﺻﻮﺑﺎ ﻫﻚ ﺋﻲ وڏو ﺣﺼﻮ ﻫﻮ ۽ ﺧﺮاﺳﺎن واﻧﮕﺮ اﻫﻮ ﺳﭵﻮ ﺣﺼﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ آﻳﻮ ﭤﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺎڻ
اﻳﺮان ۾ رﻫﻴﻞ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﺎ ﭔﻪ اڌ ﻛﺮي ﻫﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺸﺮﻗﻲ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ ﭔﺌﻲ ﺟﻮ ﻣﻐﺮﺑﻲ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ﻣﺤﺒﻮﺑﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺸﺮﻗﻲ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ. ﻣﺤﺒﻮﺑﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ ﺑﻪ ڏاڍو ﻟﮑﻴﻮ ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻓﻲ اﻟﺤﺎل اوڏاﻧﻬﻦ وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﭤﻴﻮ .ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﮅي ﻣﺤﺒﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻳﺎد اﭼﻲ وﻳﻮ. ”آﻏﺎ اﻫﻮ ﭔﮅا ﺗﻪ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻫﺘﺎن ﻛﻴﺘﺮو ﭘﺮي ﭤﻴﻨﺪو؟ ﻣﻮن ﻣﭥﻴﻮن ﻗﺼﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪڙ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ.
”ﺳﺮ ﻫﺘﺎن ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﺗﻪ ﺗﻤﺎم وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ .ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﺟﻴﺘﺮو زاﻫﺪان ﭘﺮي آﻫﻲ ان ﺟﻲ اڌ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﭧ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﻫﺘﺎن ﮐﺎن ﺗﺒﺮﻳﺰ آﻫﻲ .ﺑﺲ ۾ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﭼﮍﻫﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﺷﺎم ڌاري ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻣﺎن وﭸﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪاﺋﻮ .وچ ۾ ﻓﻘﻂ ﻓﺎزون ۽ زﻧﺠﺎن ﺟﺎ ﺗﻪ ﻧﻨﮃڙا ﺻﻮﺑﺎ آﻫﻦ“.
۽ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﭩﺮﻳﭧ ﺟﻲ ﭤﺮي اﺳﭩﺎر ﻫﻮﭨﻞ درﻳﺎ ﺟﻲ ﻛﻤﺮي ﻣﺎن ﻫﻲ ﻟﮑﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن .ﭼﻮڌاري ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮن اوﭼﻴﻦ ﻋﻤﺎرﺗﻦ وارﻳﻮن ﻓﺎﺋﻮ اﺳﭩﺎر ۽ ﻓﻮر اﺳﭩﺎر ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻮن اوﭼﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﻫﻦ .ﻫﻮﭨﻞ ﭘﺎرس )ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻮﭨﻞ ال ﻗﻮﻟﻲ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ( ،ﺷﻬﺮﻳﺎر اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ ﻫﻮﭨﻞ ،ﮔﻮﺷﺘﺮﻳﺶ ﻫﻮﭨﻞ ،ﺗﺒﺮﻳﺰ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ ﻫﻮﭨﻞ ،ﺷﻬﻨﺎز اﺳﭩﺮﻳﭧ ﺗﻲ ﻫﻮﭨﻞ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ ﻫﻮﭨﻞ ارڪ .ﻣﻮن واري ﻫﻮﭨﻞ واري ﮔﻬﭩﻲ ۾ اﮘﻴﺎن ﻫﻮﭨﻞ ﭘﺎرڪ ۽ ﻫﻮﭨﻞ ﻧﮕﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺑﻮرڊ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ” .ﺗﺒﺮﻳﺰ“ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﻪ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺗﻪ وچ ﺷﻬﺮ ۾ ﺋﻲ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﺎ ﺑﻮرڊ اﻳﻨﺪي وﻳﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن: -
ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺗﺒﺮﻳﺰ
-
ﺗﺒﺮﻳﺰ آرﭨﺲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
-
ﭘﻴﺎم ﻧﻮر ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
-
اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
-
ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
-
اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
-
ﺧﺎﺟﺎ رﺷﻴﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ
-
اﻟﻈﻬﺮا ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﻛﺎﻟﻴﺞ ،وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه
ﻫﻮن ﺗﻪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﺮاﺋﻤﺮي ﮐﺎن ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ ﻟﻴﻮل ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ڏﻧﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ،ﭘﺮ ﻛﻦ ﻛﻦ ﺷﻬﺮن ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن زﺑﺎون ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ وارا ﺟﺎم ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ﺟﻴﺌﻦ زاﻫﺪان ﭘﺎﺳﻲ ﺑﻠﻮﭼﻲ ۽ ﺑﺮوﻫﻲ زﺑﺎﻧﻮن ﺑﻪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ اذري ۽ ﺗﺮﻛﻲ زﺑﺎﻧﻮن ﭘﮡ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ،ﺟﻮ ﺗﺮﻛﻲ ۽ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻣﻠﻚ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﮐﺎن ﺳﮇ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻣﺎﺿﻲ ۾ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺗﻲ وڏو اﺛﺮ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت location۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻴﺎﺋﻲ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﻛﺮي اﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ رﮐﻲ رﮐﻲ ﺗﺮﻛﻲ ۽ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺟﻲ ﺗﻪ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﭘﺌﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﭘﺮ روس ﺟﻲ ﺑﻪ ﻗﺒﻀﻲ ۾ رﻫﻴﻮ! ان ﻛﺮي ﻫﻲ ﺷﻬﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﻧﺮاﻟﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﮐﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﺻﻼح آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﺑﻌﺪ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻛﻮ ﭘﺮي ﻧﺎﻫﻲ .ﺑﺴﻴﻦ ۽ رﻳﻞ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﻧﺎﻫﻲ، رﻫﺎﺋﺶ ﺑﻪ اﻣﻴﺮن ﺗﻮڙي ﻏﺮﻳﺒﻦ ﻻ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮﭨﻠﻦ ۽ ﻣﻬﻤﺎﻧﺨﺎﻧﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻲ ﻓﺮدوﺳﻲ اﺳﭩﺮﻳﭧ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮔﻬﭧ اﮔﻬﻪ وارﻳﻮن ﻫﺎﺳﭩﻠﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ۽ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻲ ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﻻ اﻳﺮان ۾ ُرﮐﺎ ﻧﺎن ﺑﻪ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﻮادي آﻫﻦ. آﺋﻮن ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ ﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺟﺌﻢ ذرو ﻫﮣﻲ ﮐﺎﻧﻮان ﭤﻮ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻮاب وﺟﻬﻲ رول ﭠﺎﻫﻲ ﻫﻠﻨﺪي ﭼﻠﻨﺪي، ﮔﻬﻤﻨﺪي ﭰﺮﻧﺪي ﮐﺎﺋﻴﻨﺪو رﻫﺎن ﭤﻮ .اﻧﮕﺮﻳﺰ ۽ ﻳﻮﻳﺮﭘﻲ ﺑﻪ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﺋﻴﻦ ﻛﻨﺪا وﺗﻦ.
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ اﺗﺮ اوﻟﻬﻪ واري ﺣﺼﻲ ۾ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺳﭛ ۾ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﻫﻮن ﺗﻬﺮان ،ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺑﻌﺪ ﺗﺒﺮﻳﺰ اﻳﺮان
ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .آدﻣﺸﻤﺎري وﻳﻬﻪ ﻟﮏ ﮐﻦ -ﻳﻌﻨﻲ روﻫﮍي ۽ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﭧ اﭤﺲ .ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ڏﮐﮡ ﭘﺎﺳﻲ ﺳﻬﻨﺪ ﺟﺎ آﺗﺶ ﻓﺸﺎن ) (volcanicﺟﺒﻞ اﭤﺲ ۽ اﺗﺮ ۾ اﻳﻨﺎﻟﻲ ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﻄﺎر آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮن ﭔﻪ ﻧﺪﻳﻮن ﻛﻮﻣﻮر )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻬﺮاڻ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ( ۽ َاﭼﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن ،اﺗﻲ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ واﻗﻊ آﻫﻲ ،ان ﻛﺮي ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻴﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻟﻮﻛﻴﺸﻦ ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺑﺼﻮرت آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺗﻲ ﻫﻲ ﻧﺎﻟﻮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻛﻴﺌﻦ ﭘﻴﻮ ان ﻻ ﮔﻬﮣﻦ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﮔﺮم ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﭼﺸﻤﺎ آﻫﻦ ،ﺟﻦ ﺗﺎن ﻫﻲ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﺻﻞ ﻟﻔﻆ ”ﺗﭗ رﻳﺰ“ آﻫﻲ ،ﻳﻌﻨﻲ ﮔﺮﻣﺎﺋﺶ )(temperature وڌاﺋﻴﻨﺪڙ .اﻫﻮ ﭔﮅي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ۽ ﭘﻚ ﺗﻮﻫﺎن ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﺑﺨﺎر )ﻳﻌﻨﻲ ﮔﺮﻣﺎﺋﺶ( ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺳﻨﮅي feverﮐﻲ ”ﺗﭗ“ ﭤﺎ ﺳﮇﻳﻮن اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ .ﻫﻮن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﺷﺎﻫﺴﺘﺎن ﻫﻮ ،ﭘﻮ ﺳﻦ ۲۴۶ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ آرﻣﻴﻨﻴﺎ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺗﺮﻳﺪﺗﺲ ﺳﻮم ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﮐﻲ آرﻣﻴﻨﻴﺎ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﺑﻪ ﺑﻨﺎﻳﻮ. ﺟﻴﺌﻦ ۱۹۳۰ع ﺟﻲ زﻟﺰﻟﻲ ۾ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ،ﺗﻴﺌﻦ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ )ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ۸۵۸ع۱۰۴۱ ،ع ۽ ۱۷۲۱ع ۾( اﻫﮍا ﺗﻪ ﺳﺨﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ زﻟﺰﻻ آﻳﺎ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﺮﭘﭧ ﭤﻲ وﻳﻮ .۽ ﻫﻚ ان ﮐﺎن ﺑﻪ اڳ اﭠﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ زﻟﺰﻟﻮ آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ڊﭠﻞ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ۷۹۱۾ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ زال زﺑﻴﺪه ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﻨﺌﻴﻦ ﺟﻮڙاﻳﻮ ﭘﺮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺑﻪ ﺑﻨﺎﻳﻮ ،اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮا اﻫﻮﺋﻲ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻲ ﺑﺎﻧﻲ ) (founderزﺑﻴﺪه آﻫﻲ.
ﺻﻔﻮي دور ۾ ”ﺗﺒﺮﻳﺰ“ ﺷﺎﻫﻪ اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ اول ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ )۱۵۰۱ع( ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﺑﻪ رﻫﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﻃﻬﻤﺎ ﺷﭗ اول ۱۵۴۸ع ۾ ﭜﺮ واري ﺻﻮﺑﻲ ﻗﺎزون ۾ ﺷﻔﭧ ﻛﻴﻮ .ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﺎن اڳ ۽ ﭘﻮ ﺑﻪ رﮐﻲ رﮐﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺗﺮﻛﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻋﺜﻤﺎﻧﻴﻪ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﭤﻲ۱۸۲۸ .ع ۾ ﺗﻪ روس ﺣﻮاﻟﻲ ﺑﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ.
اﻋﻠﻲ ﻣﻘﺎم آﻫﻲ .ﻫﻲ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ۱۹۰۶ع ۾ ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻮ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ٰ اﻳﺮان ﺟﻮ آﺋﻴﻨﻲ اﻧﻘﻼب ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﺟﺘﺎن ﺳﺘﺎر ﺧﺎن ۽ ﺑﺎﻗﺮ ﺧﺎن ﺟﻬﮍا ﻟﻴﮉر آﻳﺎ .ﻫﻦ اﻧﻘﻼب ۾ ﻫﺎورڊ ﺑﺎﺳﻜﺮواﺋﻞ ﻧﺎﻟﻲ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ڏﻧﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ .ﺗﺒﺮﻳﺰ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ۱۸۱۱۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﮀﺎﭘﺨﺎﻧﻮ ﻟﮙﻮ ،اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﮔﻮﻧﮕﻦ ﻻ۱۹۲۴) ع ۾( ۽ اﻧﮅن ﺷﺎﮔﺮدن ﻻ۱۹۲۶ ع ۾ اﺳﻜﻮل ﮐﻠﻴﻮ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻛﻨﮉر-ﮔﺎرﭨﻦ اﺳﻜﻮل ،ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﺎﻟﭩﻲ ۽ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻟﺌﺒﺮري ﭘﮡ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ﮐﻠﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ﻫﺎل )۱۹۰۰ع ۾( ﭘﮡ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ﮐﻠﻴﻮ ۽ ﺗﺒﺮﻳﺰ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ۾ ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ۱۹۰۰ع ۾ ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﻟﮙﻮ .....اﻧﻬﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻛﺮي ﺗﺒﺮﻳﺰ ﮐﻲ اوﻟﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ) (city of firstsﭘﮡ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﺗﺒﺮﻳﺰ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ادب ۽ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﭘﮡ ﺳﺎراﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ: ﺳﺎر
ﺷﻬﺮ
ﺑﺎر
ﺑﺎﻧﺎ
ﺗﺒﺮﻳﺰ
ﺑﮕﺸﺎز
اﺳﺖ
)او ﺳﺎرﺑﺎن! ﮀﺎ اﭠﻦ ﺗﺎن ﺑﺎر ﻟﻬﻲ ﭼﻜﻮ
اﺷﺘﺮان
دﻟﺒﺮان.
وﻛﻮي
ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ دﻟﺒﺮ آ(
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺗﻲ ”ﺑﻮﺳﺘﺎن ﺳﻌﺪي“ ۾ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ: اﻗﺼﺎي ﻛﮫ
ﻫﻤﻮاره
ﺗﺒﺮﻳﺰ
ﺑﻴﺪار
ﻛﻨﻬﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻫﻦ ﺟﻮ واﻫﻪ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.
ﺑﻮد
و
ﻋﺰﻳﺰي
ﺷﺒﺨﻴﺰ
در
ﺑﻮد
A beloved lived in Tabriz away from Sight
اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺧﺎﻗﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺑﺎﺑﺖ ارﺳﻲ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ: ﺗﺎﺑﮫ رود
و
ﺗﺒﺮﻳﺰم
ﺑﺲ
دو
ﻧﻴﻢ
ﭼﻴﺰم
ﻧﺎن
)ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ آﺋﻮن ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ آﻫﻴﺎن ،ﻣﻮن ﮐﻲ ﭔﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﻮ ﻓﻜﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﮡ ﮐﭙﻲ.
Who was always alert and awake at night.
و
ﺣﺎﺻﻞ
آب
اﺳﺖ
ﻣﻬﺮان
ﻧﺎن ﺟﻮ اڌ ۽ ﻣﻬﺮاڻ ﻧﺪي ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﻣﻮن ﻻ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ( ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻣﻬﺮاڻ )ﻛﻮﻣﻮر( ﻧﺪي ۽ َاﺟﻲ ﻧﺪي ﺟﻲ ﺳﻨﮕﻢ ﺗﻲ آﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﺗﺒﺮﻳﺰ ﮐﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺮو ﺗﻪ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ واري ﮔﻬﭩﻲ وٽَ ،اﺟﻲ ﻧﺪي ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﺟﻬﻮﻧﻲ ﭘﻞ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ .ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻫﻚ ﺟﻬﻮﻧﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ
۾ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﺬﻫﺒﻦ ،زﺑﺎﻧﻦ ۽ ﻛﻠﭽﺮن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻫﻨﺪا ﭘﺌﻲ آﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻳﺎدﮔﺎر ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ، ﺟﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﭔﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺿﺮور رﻫﮡ ﮐﭙﻦ ،ان ﺑﻌﺪ ﭜﻠﻲ ﺗﻬﺮان ﻣﻮﭨﻲ وﭸﻮ ﻳﺎ اﮘﺘﻲ ﺗﺮﻛﻲ ﻫﻠﻴﺎ وﭸﻮ .اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ Secutityﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ وڌﻧﺪو وﭸﻲ ۽ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ ﻫﻴﻜﺎﻧﺪو ﺷﻚ ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ،ﻧﻪ ﺗﻪ ﺳﺘﺮ ﺟﻲ ڏﻫﺎﻛﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﮕﻠﻨﮉ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻛﻴﺘﺮا اﺳﺎن ﺟﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ وﻃﻦ ورڻ ﺑﺪران ﺑﺎ روڊ ﻛﺎر ۾ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﻓﻴﺮي رﺳﺘﻲ اﻧﮕﻠﺶ ﭼﺌﻨﻞ ﭨﭙﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﺒﻮ ﻫﻮ ۽ ﭘﻮ ﺗﻪ روڊ ﺋﻲ روڊ آﻫﻲ .ﻓﺮاﻧﺲ ﭨﭙﻲ اﭨﻠﻲ ۾ اﭼﺒﻮ ﻫﻮ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ آﺳﭩﺮﻳﺎ ۽ ﻫﻨﮕﺮي ﻣﻠﻚ اﭼﻦ ﭤﺎ ،ﺟﺘﺎن ﭘﻮ ﻳﻮﮔﻮﺳﻼوﻳﺎ ﻣﺎن ﭤﻲ ﻳﻮﻧﺎن اﭼﺒﻮ ﻫﻮ .ﺗﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ ﺗﺮﻛﻲ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺳﭵﻮ ﺗﺮﻛﻲ ﻟﺘﺎڙڻ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎرڊر واري ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ﭤﻮ اﭼﺠﻲ ۽ ﭘﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن وﭸﮡ ﻻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان ﺟﻮ رخ ﻛﺒﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر وٽ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﭨﭙﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۾ اﭼﺒﻮ ﻫﻮ .ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ -ﺳﭟ وارو ﺳﭵﻮ ڏﻫﻮ اﻳﺮان ،ﺗﺮﻛﻲ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ RCDﻣﻌﺎﻫﺪ ﻫﻴﭟ ﭨﻨﻬﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻨﺎ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﭘﻴﺎ اﻳﻨﺪا وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﭸﺎن ﺑﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﻻ اﻳﺮان ۾ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﻳﺎ زﻳﺎرت ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻚ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ ﻛﺠﻬﻪ ﺟﺎﻳﻮن Suggestﻛﺮي ﺳﮕﻬﺎن ﭤﻮ .ﻣﭥﻲ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻞ اﺟﻲ ﻧﺪي واري ﭘﻞ ڏﺳﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن ﺷﻴﻮن ﻫﻨﺮﻳﺖ آﻫﻦ: -
آرﻣﻴﻨﻴﻦ ﭼﺮچ )ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ(
-
آﺷﻮرن ﭼﺮچ
-
ﺑﻘﻼر ﺑﺎﻗﻲ ﭘﺎرڪ
-
ﺑﺎغِ اﻣﺎﻣﺰاده اﺑﺮاﻫﻴﻢ
-
ﻣﻘﺒﺮة اﻟﺸﻌﺮا )ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو(
-
ارڪِ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻮ ﻗﻠﻌﻮ
-
ﺑﺎغِ ﮔﻠﺴﺘﺎن ﭘﺎرڪ
-
ﺑﻠﻮ ﻣﺴﺠﺪ
-
ﻛﺌﭥﻮﻟﻚ ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﭼﺮچ
ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪاﻧﻦ ،ﺷﺎﻋﺮن ،ادﻳﺒﻦ ،ﺳﺎﺋﻨﺴﺪاﻧﻦ ،ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ آرﭨﺴﭩﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ﻛﺮي ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن ﭤﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﻧﻴﺸﺎﭘﻮري ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ آﻫﻲ ﻳﺎ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺷﻴﺮازي ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺷﻴﺮاز ۾ آﻫﻲ ،ﺗﻴﺌﻦ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ﻧﺎﻫﻲ .ﻫﻮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺷﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﺿﺮور ﻫﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس وﻓﺎت ۱۲۴۸ع ۾ ﺧﻮي ﺷﻬﺮ ۾
ﭤﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﺧﻮي ﺷﻬﺮ ﻣﺨﺘﻠﻒ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺳﭙﻴﻠﻨﮕﻦ ۾ ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ Khvoy, Khuy, Khoi :۽ .Xoyﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺧﻮي ۾ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﭘﺎڻ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ۽ ﻛﻮﻧﻴﺎ ۾ ﮔﺬارﻳﺎﺋﻮن ،ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ،ﭘﺮ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺣﺼﻮ اﻳﺮان ۾ آﻳﻮ ﭤﻲ .ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ ﺑﻪ اﺗﻲ ﺋﻲ ﻛﻮﻧﻴﺎ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺳﺘﺎد ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .روﻣﻲ ﮐﻲ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺳﺎن وڏي ﻋﻘﻴﺪت ﻫﺌﻲ ،اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ﮐﻲ ﻣﻨﺴﻮب ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺎﺳﭩﺮﻳﺲ دﻳﻮان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺋﻲ ”دﻳﻮان ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي“ رﮐﻴﺎﺋﻴﻦ -ﺟﻨﻬﻦ ۾ روﻣﻲ ﺟﻲ ﺷﻤﺲ ﻣﻘﺎﻻت ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻫﺰار ﺷﻌﺮن ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ آﻫﻲ .ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺟﻮ ﺳﻨﺪس ﻟﮑﻴﻞ ﻧﺜﺮ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ” ِ ِ ﺗﺒﺮﻳﺰي“ ﻓﺎرﺳﻲ ادب ۾ وڏي اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ.
اﻳﺎز ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺻﻠﻴﺖ ﻧﻪ وﺳﺎر ..... ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﻌﺸﻮق ﮀﻮﻛﺮي اﻳﺎز ﮐﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻫﺮ ﻫﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ واﻗﻒ آﻫﻲ .اﻳﺎز ”ﺷﻬﻨﺸﺎه ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي“ ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ ﻏﻼم ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻲ ،ﭘﺮ ﻫﻦ ﺗﻲ ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر ﺗﻲ ﻛﺎﻫﻮن ﻛﺮڻ وارو ﻫﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ اﻫﮍو ﺗﻪ ﻋﺎﺷﻖ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ﺟﻮ ﮀﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺠﻲ! ﺑﻘﻮل ﻫﻚ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﺟﻲ:
”“Their story depicts the power of love of a man for a youth, where the king becomes a slave to his slave..
ﻫﻦ ﭠﺎﻫﻮﻛﻲ ﺗﺮڪ ﻧﺴﻞ ﺟﻲ ﮀﻮﻛﺮي ”ﻣﻠﻚ اﻳﺎز“ ﺟﻲ ﻋﺸﻖ ﺟﻲ ﭼﻜﺮ ۾ ﻫﻚ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻏﻼم ﺟﻮ ﻏﻼم ﺑﮣﺠﻲ وﻳﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺎﻧﻬﻲ اﻳﺎز ﮐﻲ ﻏﻼم ﻣﺎن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ .اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ۱۰۲۱۾ ﻫﻦ ﻻﻫﻮر اﻳﺎز ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ .اﻳﺎز ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻻ ﻣﻮﺗﻴﻦ ﺟﻮن ﻟﮍﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﻣﺤﻤﻮد ۽ اﻳﺎز ﺟﻲ ﻗﺼﻦ ﮐﻲ ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ،روﻣﻲ ،۽ ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﮐﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﻗﺒﺎل ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ۽ ﺷﻌﺮن ۾ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.
ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ﺣﻜﺎﻳﺎت روﻣﻲ ۾ ﻣﺤﻤﻮد ۽ اﻳﺎز ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ،ﺟﻴﻜﻮ ﻛﺘﺎب ﻳﻮﻧﻴﺴﻜﻮ وارن ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل )۲۰۰۷ع ﮐﻲ( ﻣﻮﻻﻧﺎ روﻣﻲ ﺟﻮ ﺳﺎل ﻗﺮار ڏﻳﮡ ﺗﻲ ﮀﭙﺮاﻳﻮ آﻫﻲ .اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ ۱۲۰۷۾ ﭴﺎﺋﻮ .ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ﭘﻮرﻳﻮن اٺ ﺻﺪﻳﻮن ﭤﻴﻮن .ﻫﻮن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۹۷۱آﻫﻲ -ﻳﻌﻨﻲ روﻣﻲ ۲۳۶ﺳﺎل ﮐﻦ ﭘﻮ ﭴﺎﺋﻮ.
ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﺎ ﻛﻦ ﺗﻪ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﮐﻲ ﺳﭡﻲ ﻣﻮڊ ۾ ڏﺳﻲ ﺳﻨﺪس دوﺳﺘﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺎز ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﮇو ﻣﺤﺒﻮب ﮀﻮ آﻫﻲ؟ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺣﺮﻛﺖ ﭔﺎراﮢﻲ آﻫﻲ ،ﻫﻦ ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﻮﺑﻪ ﻫﻨﺮ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ، ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﺳﭛ اﻣﻴﺮ ،وزﻳﺮ ۽ ﻓﻮج ﺟﺎ اﮘﻮاڻ ﻫﻦ ﻣﺎن ﺑﻴﺰار آﻫﻦ..... ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭼﻴﻮ ان ﺟﻮ ﺟﻮاب آﺋﻮن ﭜﺮﻳﻞ درﭔﺎر ۾ ڏﻳﻨﺪس ۽ ﭘﻮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﭜﺮﻳﻞ درﭔﺎر ۾ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺮﺧﻮاﻫﻲ ﺟﻮ ﺛﺒﻮت ڏﻳﮡ ﻻ ﭼﻴﻮ .ﻫﻦ وٽ ﻫﻚ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻣﻮﺗﻲ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ دﭔﻠﻲ ﻣﺎن ﻛﮃي ﺳﺎﻣﻬﻮن رﮐﻴﻮ ۽ ﻫﻚ ﻟﻮﻫﻲ ﻣﺘﺮﻛﻮ ﮔﻬﺮاﻳﻮ .ﻫﻦ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ۾ اﻫﻮ ﻧﺎﻳﺎب ﻫﻴﺮو ڏﻳﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﻟﮙﺎ .ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ﻫﻚ ﻟﮏ ﮐﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ .ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭼﻴﺲ ”ان ﻗﻴﻤﺖ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل ﻧﻪ ﻛﺮ .ﻫﻲ ﻣﺘﺮﻛﻮ ﻫﮣﻲ ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﮐﻲ ﭜﻮر ﭜﻮر ﻛﺮي ﮀﮇ“.
اﻫﻮ ﺣﻜﻢ ﭔﮅي وزﻳﺮ ﺣﻴﺮان ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دل ﻧﭥﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻫﻦ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻫﻴﺮي ﮐﻲ ﭜﭹﻲ ﮀﮇﻳﺎن. ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﺎل ﺟﻮ اﻳﺌﻦ زﻳﺎن ﻛﻨﺪس ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺧﻴﺮﺧﻮاﻫﻪ ﻛﻴﺮ ﭼﻮﻧﺪو؟ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﺤﻔﻲ ۾ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﺧﻠﻌﺖ ڏﺋﻲ رواﻧﻮ ﻛﻴﻮ.
اﻫﮍي ﻃﺮح درﭔﺎر ﺟﻮ ﻫﺮ ﻫﻚ وزﻳﺮ اﻳﻨﺪو وﻳﻮ ۽ ﺳﺎﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﻨﺪو وﻳﻮ ۽ اﻧﻌﺎم ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻨﺪو وﻳﻮ .آﺧﺮ ۾ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد اﻳﺎز ﮐﻲ ﺳﮇاﻳﻮ .ﻫﻴﺮو ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ۾ ڏﻧﻮ ۽ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﮀﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ. ”ﻫﻲ ﻫﻚ ﺑﻴﺤﺪ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻫﻴﺮو آﻫﻲ“ ،اﻳﺎز ﭼﻴﻮ” ،ﻗﺎرون ﺟﻮ ﺧﺰاﻧﻮ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ادا ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ“.
ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﻮد ﭼﻴﻮ” :اي اﻳﺎز! ﺗﻮن ﻫﻦ ﻣﺘﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ڌڪ ﺳﺎن ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﮐﻲ ﮀﻴﺘﻴﻮن ﮀﻴﺘﻴﻮن ﻛﺮي ﮀﮇ“.
ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﻣﻠﮡ ﺳﺎن ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﺟﺎ ﭨﻜﺮا ﭨﻜﺮا ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ .ﻫﻲ ﻧﻈﺎرو ڏﺳﻲ درﭔﺎر ۾ ﻣﺎٺ ﮀﺎﻧﺌﺠﻲ وﺋﻲ ۽ ﭘﻮ درﭔﺎرﻳﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ُﺳﺲ ُﭘﺲ ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ اﺣﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﺑﺪﻟﻮ اﻳﺎز واﻫﻪ ﺟﻮ ادا ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. اﻳﺎز ﭼﻴﻮ” :اي ﺑﺰرﮔﻮ! اﻫﻮ ﺗﻪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ وڌﻳﻚ ﻗﻴﻤﺘﻲ آﻫﻲ ﻳﺎ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو؟ اﻓﺴﻮس ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻚ ﻫﻴﺮي ﺧﺎﻃﺮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎن وﻓﺎداري ﮀﮇي ڏﻧﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ آﻫﻲ .ﻫﻴﺮو ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﭘﭥﺮ آﻫﻲ .آﺋﻮن ﻣﺸﺮڪ ﻧﻪ آﻫﻴﺎن ﺟﻮ ﺣﺠﺮ ﭘﺮﺳﺘﻲ ﻛﺮﻳﺎن ۽ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﻧﻪ ﻣﭹﻴﺎن .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮن ۾ ﻫﻚ ﻣﻮﺗﻲ
ﮐﺎن ﺳﻠﻄﺎن ﺟﻮ ﺣﻜﻢ وڌﻳﻚ ﻗﻴﻤﺘﻲ آﻫﻲ.
ﻣﺤﻤﻮد ﮐﻲ اﻳﺎز ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڏاڍي وﮢﻲ .ﻫﻮ وزﻳﺮن ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﻛﺎوڙﺟﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ وزارﺗﻦ ﺟﺎ ﻻﺋﻖ ﻧﻪ آﻫﻴﻮ .اي ﺟﻼد ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اچ ۽ ﻫﻨﻦ ﻛﻤﻴﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﮐﻴﻦ ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ ﻏﺎﺋﺐ ﻛﺮ.
اﻳﻦ
ﻛﺰ
ﭼﻪ
ﺧﺴﺎن
ﭘﺌﻲ
ﺳﻨﮓ
ﻻﺋﻖ
اﻣﺮ
ﺻﺪر
ﻣﺎ
ﻣﻦ
اﻧﺪر
اﺑﺸﻜﺘﺪ
اﻫﻮ ﭔﮅي اﻳﺎز وڌﻳﻮ ۽ ﻏﻼﻣﺎﻧﺎ آداب ﺑﺠﺎ آﮢﻲ ﻋﺮض ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﺗﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﺨﺶ ﻛﺮي ﮀﮇ .ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ُﭜﻞ ﭤﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. ﻏﻔﻠﺖ
از
وﻓﻮر
و
ﻋﻔﻮ
ﮔﺴﺘﺎﺧﻲ
ﺗﺴﺖ
اﻳﻦ
اي
ﻣﺠﺮﻣﺎن
ﻋﻔﻮران
ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﻫﻲ ﮔﺴﺘﺎﺧﻲ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻌﺎﻓﻲ ﺟﻲ آﺳﺮي ﺗﻲ ﭤﻲ آﻫﻲ .ﺗﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﮐﺎن ﭘﺮي ﻧﻪ ﻛﺮ .ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻏﻠﻄﻲ ﻣﻌﺎف ﻛﺮي ﮀﮇ .ﺷﺎﻫﻲ وزﻳﺮن ﺑﻪ آزﻳﻮن ﻧﻴﺰارﻳﻮن ﻛﺮي ﺑﺨﺸﺶ ﻻ ﻋﺮض ﻛﻴﻮ ۽ ﺳﻠﻄﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻋﺮض ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ۽ ﻣﻌﺎف ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ.
)ﻫﺎڻ ان ﻣﭥﻴﻦ ﻗﺼﻲ ﺗﻲ ﻛﻬﮍا وﻳﻬﻲ Commentsﻟﮑﺠﻦ! اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ۽ وزﻳﺮن ﺟﺎ ﺷﺎﻳﺪ اﻫﻲ ﺋﻲ ﻛﻢ ﻫﺌﺎ( ﺑﻬﺮﺣﺎل.
ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ۹۷۱۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۲۶ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۹۹۷ﮐﺎن وﻓﺎت ﺗﺎﺋﻴﻦ ،ﻳﻌﻨﻲ ۱۰۳۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ،ﻏﺰﻧﻮي ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ .ﺳﻨﺪس ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ اﻳﺮان ﮐﺎن ﻋﻼوه اڄ واري اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ،ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻮ ﻛﺎﻓﻲ ﺣﺼﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ .ﭘﺎڻ ﻛﻮ ﺧﺎﻧﺪاﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﻪ ﻫﻮ .ﮐﻴﺲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ۽ ﻧﺎﻧﻲ اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ ﮐﺎن ﻣﻠﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ ﭔﺌﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ وﻗﺖ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن وٽ زر ﺧﺮﻳﺪ ﭔﺎﻧﻬﺎ )ﻏﻼم( ﻫﺌﺎ ۽ ﮔﺎرڊ ﻳﻌﻨﻲ ﭼﻮﻛﻴﺪاري ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ .ﭘﺮ ﺗﺎرﻳﺦ اﻫﮍن ﻣﺜﺎﻟﻦ ﺳﺎن ﭜﺮي ﭘﺌﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺣﺎﻛﻢ ﻋﻴﺎش ،ﻛﺎﻫﻞ ،ﺳﺴﺖ ﭤﻴﺎ ﺗﮇﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﭼﻮﻛﻴﺪار )ﮔﺎرڊ( ﮐﻴﻦ ﺗﮍي ﭘﺎڻ ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻲ وﻳﭡﺎ. اﻳﺮان ﺗﻲ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ۲۲۴ﮐﺎن ۶۵۱ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ان ﺑﻌﺪ ﻋﺮب ﺧﻠﻴﻔﻦ ﺟﻮ راڄ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ. ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﺣﺎﻛﻢ ۸۶۷ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﺎ .ان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣﺼﻦ ﺗﻲ ﻋﺮب ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﻃﺎﻫﺮي ،ﻋﻠﻮي ،زﻳﺎري وﻏﻴﺮه ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ راڄ رﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ۸۹۲ﮐﺎن ۹۹۸ﺗﺎﺋﻴﻦ- ﻳﻌﻨﻲ ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﻋﺪﻳﻞ ،ﺷﻬﻴﺪ ،ﺳﻌﻴﺪ ،ﺣﻤﻴﺪ ،رﺷﻴﺪ ،ﻣﻌﻴﺪ ،رﺿﻲ وﻏﻴﺮه ﺟﻮ راڄ رﻫﻴﻮ .ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ )ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن( ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻨﻢ ورﺗﻮ ۽ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ ﻟﮑﻴﻮ .ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ :رﺿﻲ ،اﺑﻮاﻟﺤﺎرث ۽ اﺑﻮاﻟﻔﺎرس ﺟﻦ وٽ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻮ ﻧﺎﻧﻮ اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ )ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺮڪ ﻧﺴﻞ ﺟﻮ ﻏﻼم ﻫﻮ( ﮔﺎرڊ ﻫﻮ ۽ ﺑﻠﺦ ۾رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﻫﻦ ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﺎ ﻫﻴﮣﺎ ﺣﺎل ڏﺳﻲ ﭘﺎڻ دﻳﺮو ﭴﻤﺎﺋﻲ وﻳﻬﻲ رﻫﻴﻮ ۽ ﻏﺰﻧﻮي ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﺑﻨﺎﻳﻮ .اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس دﻟﭙﺴﻨﺪ ﺗﺮڪ ﻏﻼم ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﻲ ﻫﺌﻲ ،ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي )ﺟﻴﻜﻮ ﻏﺰﻧﻲ ﺟﻮ ﻣﺤﻤﻮد ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ .اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﻮد اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﺳﺮدارن ،ﻧﻮاﺑﻦ ،راﺟﺎﺋﻦ ﺳﺎن ﺧﻮب ﺟﻨﮕﻴﻮن ﻛﻴﻮن ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن ﺣﺪون ﺑﻠﺦ ،ﻗﻨﮅار ﺗﻪ ﮀﺎ ﺳﻨﮅو ﻧﺪي ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮀﻜﻲ آﻳﻮ .ﺧﻮب ﻣﺎر ﻣﺎرا ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ،ﭰﺮﻟﭧ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ،ﻣﻨﺪر ﭜﮙﺎﺋﻴﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ۾ رﮐﻴﻞ ﺳﻮﻧﺎ ﺑﺖ ﭜﭹﻲ ،دوﻟﺖ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﻨﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﭘﺎڻ ﮐﻲ وڏو ﻣﺴﻠﻤﺎن ۽ ﺑﺖ ﺷﻜﻦ ﺳﮇراﻳﺎﺋﻴﻦ -ﻧﻤﺎز ﺑﻪ اﻻﺋﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪو ﻫﻮ ﻳﺎ ﻧﻪ! ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﺟﻲ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾ ﻫﻮ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻴﺮو ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﻫِﺘﺎن ﻫﺘﺎن ﺟﻲ ﭰﺮﻟﭧ ﺟﻮ ﻣﺎل ﻏﺰﻧﻲ ﭘﺌﻲ آﻳﻮ ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﻫﻮ ﺳﻮﭜﺎرو ﻫﻴﺮو ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻫﻮ ﻫﻚ ﭰﻮرو ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﻣﻦ ۽ ﺷﺎﻧﺘﻲ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻨﺪو ﻋﻮام ﺟﻮ ﺳﻜﻮن ﭼﭧ ﻛﻴﻮ .اﻳﺮان وارن ﻻ ﻫﻮ ﻗﺪاﻣﺖ ﭘﺮﺳﺖ ﺳﻨﻲ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ درﭔﺎر ۾ اﻳﺮاﻧﻲ وزﻳﺮ ،ﻓﻮﺟﻲ ﺟﻨﺮل ،ﻣﻨﺘﻈﻢ ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻤﺪار ﻛﮍا رﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ
ﺗﻬﺬﻳﺐ ﮐﻲ ﺟﻴﺎرﻳﻮ ۽ اﺟﺎﮔﺮ ﻛﻴﻮ .ﻫﻦ درﭔﺎري زﺑﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎدري زﺑﺎن ﺗﺮﻛﻲ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﻓﺎرﺳﻲ رﮐﻲ .ﻫﻦ ﻓﺮدوﺳﻲ ،اﻟﺒﻴﺮوﻧﻲ ،ﻓﺮﺷﺘﺎ ﺟﻬﮍن ﺷﺎﻋﺮن ،ادﻳﺒﻦ ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮن ﺟﻮ ﻣﺎن وڌاﻳﻮ ،ان ﻛﺮي اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﻣﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮش آﻫﻦ .ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻮ ﺷﻴﻨﻬﻦ ۽ ﺳﺞ وارو ﺟﻬﻨﮉو اڄ ﺑﻪ ﻣﺎڊرن اﻳﺮان ﺟﻮ ﻗﻮﻣﻲ ﻧﺸﺎن آﻫﻲ .ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﺟﻲ دﻟﭙﺴﻨﺪ ﺗﺮڪ ﻏﻼم ﮀﻮﻛﺮي اﻳﺎز ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﻣﻠﻚ اﻳﺎز“ ﻫﻮ .ﻫﻮ ﻏﻼم ﻣﺎن ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي آﻓﻴﺴﺮ ﭤﻴﻮ ۽ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ﻓﻮج ﺟﻮ ﺟﻨﺮل ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ۱۰۲۱ .۾ ﺳﻠﻄﺎن ﻫﻦ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻻﻫﻮر ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ، ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﺤﻤﻮد وڏي وﻳﮍﻫﻪ ﮐﺎﻧﭙﻮ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻓﺘﺢ ﺑﻌﺪ ﻣﺤﻤﻮد ﺳﭵﻲ ﻻﻫﻮر ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ڏﻳﺎري اﻳﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﺎڙﻳﺎ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ آدم ﺷﻤﺎري ﺋﻲ ﮔﻬﭩﺠﻲ وﺋﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن اﻳﺎز ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ وري ﺑﻬﺘﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ .ڊﻫﻲ وﻳﻞ ﻗﻠﻌﻲ ﮐﻲ ۱۰۳۷ﮐﺎن ۱۰۴۰ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﻬﺮاﺋﻲ راس ﻛﻴﻮ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮڙﻫﺎﺋﭗ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻳﺎز وٽ ﮔﺬارﻳﺎ ۽ ﻫﻦ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻛﺎروﺑﺎر ﮐﺎن ﺑﻠﻜﻞ ﭘﺎﺳﻴﺮو ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ .اﻳﺎز ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو رﻧﮓ ﻣﺤﻞ ،ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺗﺠﺎرﺗﻲ ﻣﺮﻛﺰ ۾ آﻫﻲ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮔﺠﺮ ﺧﺎن ۾ ﻫﻚ رﺳﺘﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺎز ﺗﺎن ﭘﮡ آﻫﻲ .ﮔﺠﺮ ﺧﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ زﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﻧﮉ ﺑﻪ اﻳﺎز ﺟﻲ آﻫﻲ .ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ راﺟﭙﻮﺗﻦ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﻻ اﻳﺎز ﮐﻲ ﻛﺎ زﻣﻴﻦ ﭼﻮﻧﮉڻ ﻻ ﭼﻴﻮ. اﻳﺎز ﺟﻨﻬﻦ زﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﻧﮉ ﻛﺌﻲ اﻫﻮ اڄ ﮔﺠﺮ ﺧﺎن ﺷﻬﺮ آﻫﻲ.
ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ وڏي ﺷﺎﻋﺮ ﻣﺮﺣﻮم ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻌﺮ ۾ اﻳﺎز ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ: ﺁﻓﭘﺈ
ﭬﺒڵێ ﺇﭘڥ ڷێ
ڠﭘڷ
ڎۆ ێۑ ڥﯚﯾۑ
ڵڏﺇﯾۑ
ێﯚڥۑ ڜڢ
ڶﭘڼ
ڐڶﭘڷ ڶﭘڼ
ﺑڷﮉﻩ
ﺑﯚښ ﭰێڏڌ
ڎێﺈ
ﺞ ۆﭬ ٴ
ێﯚﯾۑ ێﯚﻓﻴﮅ
ڷێ
ڷڶﺈڐ ڶ ﭬﯚ ٴ
ڶﻘڶﯚڈ ڥﯚﯾۑ
ﻗﻀﺈڐ ۆ
ﺑڷﮉﻩ
ﺇﭘﺈڐ ڷﯚﺇڐ.
اﻳﺎز ﺑﺎﺑﺖ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻟﻮڪ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ۽ ﺳﭽﺎ ﻛﻮڙا اﻓﺴﺎﻧﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺑﻪ ﭔﮅا ﻫﻮﻧﺪا ۽ آﺋﻮن ﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ دورن ۾ ﭔﮅوﻧﺪو اﭼﺎن .ﻫﻦ وﻗﺖ ﻫﺘﻲ ﻫﻚ ﭔﻪ ﻟﮑﮡ ﺑﻲ ﻣﺤﻞ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو.
ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﻫﻴﮇي وڏي ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﻫﻮ .اﻳﺎز ﮀﻮﻛﺮو ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ ﻋﺸﻖ ﻫﻮ ﻫﻚ ﻏﻼم ﻫﻮ .ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺳﻠﻄﺎن ﺟﻮ ﻋﻘﻞ ﻳﺎ دﻣﺎغ ﮐﻴﺲ اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪو ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ دل ﺟﻲ ﻫﭥﺎن ﻣﺠﺒﻮر ﻫﻮ .ﻫﻦ دل ﺟﻮ ﺋﻲ ﭼﻮڻ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ .ﺳﻨﺪس ﻣﭥﺎن دل ﺟﻮ راڄ ﻫﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ )ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ ﺗﻪ ﮘﺎﻟﻬﻪ( ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ ﺗﻪ ،ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻏﻼم اﻳﺎز ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ اﻫﮍي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭔﮅو آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ )ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد( ﮐﺎن وڏو ۽ وڌﻳﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻫﺠﻲ.
اﻳﺎز ﺟﻮاب ڏﻧﻮ” :ﻫﺎﺋﻮ .اﻫﻮ آﺋﻮن آﻫﻴﺎن .آﺋﻮن ﺗﻮﻫﺎن ﮐﺎن وڏو ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﻫﻴﺎن“. ”اﻫﻮ ﭜﻼ ﻛﻴﺌﻦ؟ ان ﺟﻮ ﻛﻮ ﺛﺒﻮت ﻳﺎ ﺛﺎﺑﺘﻲ؟“ ﺳﻠﻄﺎن ﭘﮁﻴﻮ.
”ﮀﻮ ﺟﻮ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﻫﻴﻮ “،اﻳﺎز وراﮢﻴﺲ” ،ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ دل ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﻫﻠﻲ ﭤﻮ ،۽ ﻫﻲ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻮ ﺧﺎدم ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ دل ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ“. اﻳﺮان ۾ ﻫﻤﺎ ﭘﮑﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﺮوع وارن ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻚ ﺧﻴﺎﻟﻲ ﭘﮑﻲ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ڏﻧﺪ ﻛﭥﺎﺋﻦ ﻣﻮﺟﺐ ﻫﻦ ﭘﮑﻲ ﺟﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﺎﮀﻮ ﭘﻮﻧﺪو آﻫﻲ اﻫﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻨﺪو آﻫﻲ .اﻳﺎز ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﺣﻜﺎﻳﺖ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﭔﻴﺎ ﺗﺮڪ ﻏﻼم ﻫﻦ ﭘﮑﻲ ﺟﻲ ﭘﺎﮀﻲ ﭘﭡﻴﺎن ڊوڙي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ اﻳﺎز ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺋﻲ ﭘﺎﮀﻲ ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ۾ رﻫﻴﻮ!
اﻳﺎز ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﭔﻲ ﺳﺒﻖ آﻣﻮز ﻛﻬﺎﮢﻲ:
ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﺎ ﻛﻦ ﺗﻪ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ۽ اﻳﺎز ﻣﺎﻧﻲ ﭘﺌﻲ ﮐﺎڌي .ﺳﻠﻄﺎن وﻧﮕﻲ ﺟﻲ ﭰﺎر ﻛﭩﻲ اﻳﺎز ﮐﻲ ڏﻧﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻮ ﭼﺸﻜﺎ ڏﻳﺌﻲ ﻣﺰي ﻣﺰي ﺳﺎن ﮐﺎﺋﮡ ﻟﮙﻮ .ﭤﻮري دﻳﺮ ﺑﻌﺪ ﻣﺤﻤﻮد ان وﻧﮕﻲ ﻣﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ ﭰﺎر ﻛﭩﻲ ﭘﺮ ﺟﻬﮍو ﺋﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻚ ﻫﻨﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻫﮍي ﺗﻪ ﻛﮍي ﻟﮙﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻳﻜﺪم ﭤﻮﻛﺎري ﮀﮇي .ﻫﻦ اﻳﺎز ڏي ﮔﻬﻮري ڏﭠﻮ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮن ﻫﻦ ﻛﮍي ۽ ﻛﺴﺎري وﻧﮕﻲ ﮐﻲ اﻳﺌﻦ ﻣﺰي ﻣﺰي ﺳﺎن ﮐﺎڌو ﭴﮡ ﺑﻴﺤﺪ ﻟﺬﻳﺬ ﻫﺠﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺑﻴﻮﻗﻮف ﺑﻨﺠﻲ آﺋﻮن ﺑﻪ ان ﮐﻲ ﮐﺎوان. ”ﻧﻪ ﺟﻬﺎن ﭘﻨﺎﻫﻪ!“ اﻳﺎز ﺟﻮاب ڏﻧﻮ” ،اﻫﺎ ﻣﻮن ﻻ ﺑﻴﺤﺪ ﻟﺬﻳﺬ ﻫﺌﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻃﺮﻓﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻣﺰﻳﺪار ﺷﻴﻮن ﻣﻠﻨﺪﻳﻮن رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ﻫﺮ اﻫﺎ ﺷﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﮐﻲ ﮀﻬﻲ ﻣﻮن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻲ اﻫﺎ ﻣﻮن ﻻ ﻣﺎﮐﻲ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﭡﻲ آﻫﻲ“. اﻳﺎز ﺟﻲ ﻧﻴﺎز ۽ ﻧﺌﮍت ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﮍﻫﮡ ۾ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .اﻳﺎز ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﻏﻼم ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن اﻋﻠﻲ ﺷﺎن ۽ رﺗﺒﻲ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ ان ﻻ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺮ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ ﭘﻬﺘﻮ ۽ ڏﺳﻨﺪي ﺋﻲ ڏﺳﻨﺪي ﻫﻮ وﭸﻲ ٰ روز ﻫﻚ ﮘﺠﻬﻲ ﻛﻤﺮي ۾ اﻛﻴﻠﻮ وﭸﻲ ،اﻫﻲ ﭼﺘﻴﻮن ﻟﮙﻞ ۽ ﭰﺎﭨﻞ ﻛﭙﮍا ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﺗﮇﻫﻦ ﭘﺎﺗﺎ ﻫﺌﺎ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﻏﻼم ﻗﺪر ﺧﻮد ﭤﻲ آﻳﻮ ﻫﻮ ،اﻫﻲ ﻛﭙﮍا ﭘﺎﺋﻲ آرﺳﻲ اﮘﻴﺎن ﭤﻲ ﺑﻴﻬﻨﺪو ﻫﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﻲ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ”اﻳﺎز! ِ ﺑﻴﺸﻨﺎس “.ﻳﻌﻨﻲ اﻳﺎز! ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺻﻠﻴﺖ ﮐﻲ ﻧﻪ وﺳﺎرﺟﺎن.
رﻫﺠﻲ وﻳﻞ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن..... ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﺌﮉٽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﭘﻴﭩﺎرو ﺟﻮ ﻫﻚ دوﺳﺖ ﻋﺒﺪاﻟﻨﺒﻲ ﭤﻬﻴﻢ ﺗﻬﺮان ۾ ﻣﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ڌﻳﺎن ﻫﻚ دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڏي ﮀﻜﺎﻳﻮ .اﻫﺎ ﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺴﺮ ،آﻓﻴﺲ ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺮﻛﺎري ﮔﺎڏي ﮐﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻃﻮر ﻫﻼﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﺿﺮورﺗﻦ ﮐﻲ ﭘﻮرو ﻛﺮڻ ﻻ ﺣﻖ ﺣﻼل ﺟﻲ آﻣﺪﻧﻲ ﭘﺌﺪا ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ. ﺳﻮ آﺋﻨﺪي ﻛﻨﻬﻦ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻮ وﻫﮡ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ان ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان، اﺻﻔﻬﺎن ،ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ اﺳﺴﭩﻨﭧ ﻛﻤﺸﻨﺮ ﻫﺠﻲ ،ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻮ DSPﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ﺟﻮ ﻫﻴﮉ ﻫﺠﻲ!
ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﻛﮡ ﺗﻲ ﻋﺒﺪاﻟﻨﺒﻲ ﭼﻴﻮ ”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ آﻫﻲ .اﺳﺎن وٽ ﻛﻴﺘﺮا ﺳﺮﻛﺎري ﻛﺎﻣﻮرا ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺟﻮ رت ﭼﻮﺳﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻮن ﻛﺎرون ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﻨﺪن زاﻟﻮن ڊوڙاﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن .ان رﺷﻮت ۽ ﺑﻴﺠﺎ ﺧﺮچ ﮐﺎن ﺗﻪ ﺻﺎﺣﺐ ﺑﻬﺎدر ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺤﻨﺖ ﻣﺰوري ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭔﺌﻲ ﺟﻬﺎن ﺳﮅارﻳﻦ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺳﭡﻮ آﻫﻲ“.
ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان واﻧﮕﺮ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ ﻫﺮ ﻧﻨﮃو وڏو آﻓﻴﺴﺮ وﻗﺖ ﺗﻲ ڊﻳﻮﭨﻲ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﻘﺮر • ﻛﻴﻞ ڊﻳﻮﭨﻲ ﺟﺎ ﻛﻼڪ ﭘﻮرا ﻛﺮي ﭘﻮ ﺷﺎم ﺟﻮ ﮐﻴﺘﻲ ﭔﺎري ،ﻛﻜﮍﻳﻮن ﭘﺎﻟﮡ -وﻳﻨﺪي واڍﻛﻮ ﻛﻢ ﻛﺮي وڌﻳﻚ ﺣﻖ ﺣﻼل ﺟﻮ روزﮔﺎر ﻛﻤﺎﺋﻲ ﭤﻮ .ﻛﻴﺘﺮن وڏن آﻓﻴﺴﺮن ﺟﻮن زاﻟﻮن ﻧﺮﺳﻮن ﻳﺎ ﻛﻼرڪ ﭤﻲ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن .ڊﺑﻞ روﭨﻴﻮن ۽ ﺑﺴﻜﻴﭧ ﭠﺎﻫﻲ وﻛﮣﻦ ﭤﻴﻮن .ان ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﺷﺎﻣﻮن اﺟﺎﻳﻮ ﺳﺠﺎﻳﻮ ﮔﻬﻤﮡ ،دﻋﻮﺗﻦ ۽ ﺷﺎﭘﻨﮓ ۾ ﻧﭥﻴﻮن ﮔﺬرن -ﺟﻦ ﺷﻴﻦ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻗﻮم ﮐﻲ ﭨﻴﻨﺸﻦ ڏﺋﻲ ﮀﮇي آﻫﻲ.
ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺳﺎن ﺟﮇﻫﻦ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻴﻢ ﺗﻪ اﻳﺮان • اﭼﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ -ﺧﺎص ﻛﺮي اڙدو ۽ ﺳﻨﮅي ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ آﺋﻮن ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اڙدو ﺟﺎ ﭠﻴﭟ ﻟﻔﻆ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس.ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي اﺳﻜﻮل ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﭘﮍﻫﻲ ۽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﻳﺎ ﺗﻨﻬﻦ ﭨﻬﻚ ڏﻳﻨﺪي ﭼﻴﻮ ”ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اڄ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ آﻫﻲ؟ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺗﺮاﻧﻲ ۾ ﺗﻪ ﻗﻮﻣﻲ زﺑﺎن اڙدو ﺟﻮ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﻟﻔﻆ ”ﻛﺎ“ آﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺳﭛ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ آﻫﻦ. ﭔﻪ اﮐﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ۽ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﺘﻲ ﻟﮑﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﻗﺎﺑﻞ ۽ ذﻫﻴﻦ ﻛﺌﭙﭩﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ وڏو ﻋﺮﺻﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺳﻤﻨﮉن ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﻳﺎ .ﻋﺎم ﻛﺎرﮔﻮ )ﻣﺎل ﺑﺮدار( ﺟﻬﺎزن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻦ رﻳﻔﺮ ) ،(Reeferﺑﻠﻚ ) ،(Bulkﻛﺌﺮﻳﺮﺋﺮ ،ﻛﻨﭩﻴﻨﺮ ۽ ﭨﺌﻨﻜﺮ ﺟﻬﺎز ﭘﮡ ﻫﻼﻳﺎ .رﻳﻔﺮ ﺟﻬﺎزن ﺟﺎ ﻫﺌﭽﺰ ) (Hatchesﻳﻌﻨﻲ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﮡ ﺟﺎ ﮔﺪام، رﻳﻔﺮﻳﺠﺮﻳﭩﺮ واﻧﮕﺮ ﭤﮅا رﮐﮣﺎ ﭘﻮن ﭤﺎ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﺎﻧﻮر ڍوﺋﮡ واري ﺟﻬﺎز ) (Cattle Shipﺗﻲ ﻫﺰارن ﺟﻲ ﺗﻌﺪاد ۾ ﺟﻴﺌﺮا ﺟﺎﻧﻮر )رڍون ،ﭔﻜﺮﻳﻮن ،ڍﮘﻴﻮن( ڍوﺋﮣﻴﻮن ﭘﻮن ﭤﻴﻮن ﺗﻴﺌﻦ ﻫﻨﻦ ﺟﻬﺎزن ۾ ﻛﭡﻞ ﺟﺎﻧﻮر ،ﻣﮁﻴﻮن ۽ ﮔﺎﻧﮕﭧ ﮐﮣﮣﺎ ﭘﻮن ﭤﺎ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻓﺎﻃﻤﻲ )ﺳﻨﺪس اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ َﺣﺴﻨﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺳﻨﺪس دوﺳﺖ ۽ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﮐﻴﺲ ﭘﻴﺎر ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ( ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﭼﻨﺪ ﺟﻬﺎزي ﻛﺌﭙﭩﻨﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ۾ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ۽ ﺟﻠﺪي ﺟﻠﺪي Sea Timeﻣﻜﻤﻞ ﻛﺮڻ ۽ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ اﻣﺘﺤﺎن ﭘﺎس ﻛﺮڻ ﻛﺮي ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ )ﭘﻨﺠﻮﻳﻬﻦ ﮀﻬﻮﻳﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر( ۾ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ.
ﻋﻄﺮ ﭠﻬﮡ واري اﻧﮉﻳﺎ U.Pﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻗﻨﻮج ۾ ۱۹۴۷۾ ﺟﻨﻢ وﭠﻨﺪڙ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن ﻧﻔﻴﺲ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻲ .ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ﭜﭩﻲ ﻻ ﭼﻴﻮوﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ Well Dressed manرﻫﻴﻮ ﭘﺮ اﺳﺎن ﻻ ﺷﺮوع ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن ان ﺧﻄﺎب ﺟﻮ ﻻﺋﻖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﭘﺌﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺮﻳﮉ ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ ﺗﻲ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ﺑﻪ well dressed ﻟﮙﻨﺪو ﻫﻮ اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺳﻨﺪس ﭜﺮ ۾ ﺑﻴﻬﻨﺪڙ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ راﺷﺪ ﻛﺎﻇﻤﻲ ۽ آﺋﻮن ﻣﭥﺲ ﻛﺎوڙ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻮﭨﻦ ﮐﻲ اﻳﮇي ﺳﭡﻲ ﭘﺎﻟﺶ ﻛﺮي ﭼﻤﻜﺎﺋﻲ ﻧﻪ اچ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ اﺳﺎن ﺟﺎ ﺑﻮٽ ڊرل ﺣﻮاﻟﺪار ﮐﻲ
Dullﭤﺎ ﻟﮙﻦ ۽ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭨﻮﻛﻲ ﭤﻮ .ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﮍي ﻛﭙﮍي ﭘﻮﺷﺎڪ ۽ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﭔﻮﻟﻬﺎﺋﮡ ۾ ﻧﻔﺎﺳﺖ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ،اﻫﮍي ﻧﻔﺎﺳﺖ ﺳﺎن ﻫﻦ ﺳﭵﻲ زﻧﺪﮔﻲ آﻓﺖ ﺟﻬﮍا ﭨﺌﻨﻜﺮ ،ﻛﻨﭩﻴﻨﺮ ۽ ﭔﻴﺎ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﻳﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﻃﻮﻓﺎﻧﻦ ۽ ﺣﺎدﺛﻦ ﮐﺎن ﺑﭽﺎﻳﻮ .اڄ ﺑﻪ ﺳﻨﺪس ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ۽ ﻣﻠﮡ ﺟﻠﮡ ﺟﻮ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ اﻫﻮ ﺳﺎﮘﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ۱۹۶۳۾ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ )ﻫﺎڻ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ( ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ داﺧﻼ وﻗﺖ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻮ ﻫﻮ. -----
ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﺰار ڏي وﻳﻨﺪي ﻳﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭜﺮ وارن رﺳﺘﻦ ﺗﺎن ﻣﮍڻ وﻗﺖ ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻧﻨﮃا ﻧﻨﮃا ﻛﺎٺ ﺟﻲ ﺗﺨﺘﻴﻦ ﺟﺎ ﺑﻮرڊ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ”ﮔﻮﺳﻔﻨﺪ“ ﻟﻔﻆ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﺎن واﻗﻒ ﻣﻌﻨﻲ دﻧﺒﻮ )رڍ( آﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺻﺪﻗﻮ ﻳﺎ ﻗﺮﺑﺎﻧﻲ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻲ ٰ اﺗﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭘﺌﺴﻦ ﺗﻲ دﻧﺒﻮ ﻣﻠﻲ وﻳﻨﺪو. -----
ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ”ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮه“ ۾ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﭘﺮي آﻫﻲ .ﻛﻴﺘﺮن ﺟﻮ ارادو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﭘﺴﻨﺪﻳﺪه ﺷﺨﺼﻴﺖ ﮐﻲ ﺷﻬﺮ اﻧﺪر دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ .اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﭔﮅاﻳﻮﺗﻪ ﺧﻴﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ دﻓﻦ ﻛﻔﻦ ﺗﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺻﺪر ﻏﻼم اﺳﺤﺎق ﺧﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان آﻳﻮ ﻫﻮ .ﺟﻨﺎزي ﮐﻲ دﻓﻦ ﻛﺮڻ وﻗﺖ اﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ اﻋﻠﻲ آﻓﻴﺴﺮ ﭼﻴﻮ ”ڵﯚ! ﺇښ بڋێڌ ڦۆ ڛێﮇ ښڌ ڈۆڎ ڈڢڷ ڦڎڈۑﺇ -ﺇب ڦۆڷ ڢﺇﺟﻖ ﺳﻔﺎرﺗﺨﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ٰ ﺻﮇێڷڌ آیڌ ڧﺇ؟“ ”ﭘﺮ اڄ ڏﺳﺎن ﭘﻴﻮ“ ،ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ” ،ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﺟﻬﮍو ﺷﻬﺮ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺘﻲ ﻫﻚ ﻋﺪد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺑﻪ ﭠﻬﺮاﺋﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ اﻧﺒﻮﻫﻪ ﺻﺒﺢ و ﺷﺎم اﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ. -----
اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﻛﺮاﭼﻲ -ﺟﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ -اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﻋﺎرف ﺣﺴﻴﻨﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻮ ﭘﮡ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺣﺮم اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻮ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ وارن اﻫﮍن زاﺋﺮﻳﻦ ﻻ ﭠﻬﺮاﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﮡ ﺟﻮ وڏو ﺧﺮچ ﺑﺮداﺷﺖ ﻧﭥﺎ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ .ﭘﺮ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ اﻳﮇو ﺻﺎف ﺳﭥﺮو ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ واري ﻣﺎﺣﻮل ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺌﺴﻲ وارا ﭘﮡ ﻫﻦ ۾ رﻫﮡ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻳﻦ ﭤﺎ .ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ آﻏﺎ ﺧﺎن اﺳﭙﺘﺎل ﺟﻮ ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ اﺧﺘﺮ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﭘﮡ ﻫﺘﻲ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ .ﻫﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻮ )ﺣﺴﻴﻨﻴﻪ و ﻣﻬﻤﺎﻧﭙﺬﻳﺮ( ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ ﺧﻴﺎﺑﺎن ﺧﺴﺮوي ﻧﻮ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻮ ﺑﺎزار ﺑﺰرگ ۾ ﮔﻬﮍﺟﻲ ﺟﺘﻲ ”ﻛﻮﭼﻪ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﺎﻇﻢ ﺧﻴﺎﺋﻲ“ وٽ ﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺧﺎﻧﻮ آﻫﻲ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﺟﻬﺎز ﻟﻬﮡ وﻗﺖ دري ﻣﺎن ﻫﻴﭟ ﻧﻬﺎر ﻛﻴﻢ .ﻧﻪ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﻳﺎ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﺟﻬﮍﻳﻮن اوﭼﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﻧﻈﺮ آﻳﻮن ۽ ﻧﻪ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﻳﺎ ﺟﻜﺎرﺗﺎ ﺟﻬﮍي ﺳﺎوڪ ﻧﻈﺮ آﺋﻲ .ﭼﻮڌاري ﻣﭩﻲ، ﻣﻴﺪان ۽ ﭨﻜﺮﻳﻮن ﻫﻴﻮن .ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﻛﻲ ﺳﺎوا ﭔﺎرا ﻫﺌﺎ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﻮﺑﻬﻮ ﺳﮑﺮ ۽ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﺟﻮ ڏﻳﮏ ﻟﮙﻮ ﭤﻲ .ﺑﻠﻚ ﺳﺎل ﺟﻲ ﻛﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ ۾ ﻧﻮاب ﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﭘﺎﺳﻲ وڌﻳﻚ ﺳﺎوڪ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. ----
اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺎل ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻧﻮروز وڏي ﺟﻮش ﺧﺮوش ﺳﺎن ﻣﻠﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ ﻋﻴﺪ واﻧﮕﺮ ﻣﻠﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻣﺬﻫﺒﻲ اﻋﺘﺒﺎر ﺳﺎن ﻧﻪ ﭘﺮ رواج ۽ ﻛﻠﭽﺮ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن .ﻫﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﺎرﺳﻲ ،ﻣﺴﻠﻤﺎن ،ﺑﻬﺎﺋﻲ ﺗﻮڙي ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ۽ ﻳﻬﻮدي ﺑﻪ ﺧﻮﺷﻲ ﻣﻠﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ اﻫﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻣﻮﻛﻞ ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ .۽ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻣﻀﺎن واري ﻋﻴﺪ )ﻋﻴﺪاﻟﻔﻄﺮ( ﺗﻲ ﺳﻮﻳﻮن ﭠﺎﻫﻴﻮن )۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻗﺴﻤﻴﻦ ﻗﺴﻤﻴﻦ ﺑﺴﻜﻴﭧ ﭠﺎﻫﻴﻦ( ﺗﻴﺌﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭨﻴﺒﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮐﺎڌن ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻦ ﺟﻦ ۾ ﺳﺖ اﻫﻲ ﺷﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻓﺎرﺳﻲ اﮐﺮ ”س“ ﺳﺎن ﺷﺮوع ﭤﻴﻮن ﭤﻴﻮن اﻧﻬﻦ ﺟﻮ رﮐﮡ ﺳﭡﻮ ﺳﻮڻ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .اﻫﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: ﺳﺒﺰه )ﻛﮣﻚَ ،ﺟﻮن ۽ دال ﺟﻮ ڊش -ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻫﻲ ﭰﻮﭨﺎڙي ) (Sproutsواري ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﺠﻦ .ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ .1 ﭰﻮﭨﺎڙي واري ﺷﻲ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺗﻮڙي ﻛﻴﺘﺮن ڏور اوﭜﺮ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻧﺌﻴﻦ ﺟﻨﻢ ) (Re-birthﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
ﺳﻤﻨﻮ -ﻫﻲ ﻫﻚ ﭘﮉﻧﮓ ﭤﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻮﺟﻲ ۽ ﻣﻴﺪو ﺑﻪ وڌو وﭸﻲ ﭤﻮ -ﺟﻴﻜﺎ ﻫﺘﻲ اﻣﻴﺮي )ﺷﺎﻫﻮﻛﺎري( ﺟﻲ .2 ﻋﻼﻣﺖ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﺟﻴﺌﻦ ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺬﻫﺐ )ﺧﺎص ﻛﺮي اﺳﻼم( ﺳﺎن ﻛﻮ واﺳﻄﻮ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ َﭘﺮﺷﻦ رﺳﻤﻮن رواج ۽ ﺳﻮﭼﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ۾ اﭸﺎن ﻫﻠﻨﺪﻳﻮن اﭼﻦ ،ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ آﮘﺎﭨﻴﻮن رﺳﻤﻮن رواج ﻫﻠﻨﺪا اﭼﻦ ﺟﻴﻜﻲ ان وﻗﺖ ﺟﺎ آﻫﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ ﻫﻨﺪو ڌرم ﻫﻮ ﻳﺎ ﭔﮅ ڌرم ﻫﻮ .ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺎدي رات ﮔﻬﻮٽ ﻛﻨﻮار ﺟﻮ ﻻﻧﺌﻮن ﻟﻬﮡ ،ﻳﺎ ﭼﺎﻧﻮر َﻣﻴﮡ ،ﺟﻴﻜﻲ رﺳﻤﻮن ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪﻳﻮن اﭼﻦ ۽ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻣﺬﻫﺐ ﺳﺎن ﻛﻮ واﺳﻄﻮ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻪ رﮘﻮ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻫﻨﺪن ،ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ،ﺳﮑﻦ ۾ اﻫﮍا رواج ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻨﺪو ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻛﻠﻴﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺟﻲ )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻨﺪو ڌرم ﮀﮇي ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ( ﺷﺎدي ﻧﻴﻮ ﺟﺮﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﮀﻮﻛﺮي ﺳﺎن ﭤﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﻻﻧﺌﻮن ڏﻳﺎرﻳﺎﺋﻮن ،ﻛﭙﻬﻪ ﭘﻮراﻳﺎﺋﻮن ۽ اﺳﺎن ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﺟﺎ ﺟﻮﺗﺎ ﻟﻜﺎﺋﻲ ﺧﺮﭼﻲ ورﺗﺎﺋﻮن .ﻣﻮن ﭘﺎڻ اﻋﺘﺮاض ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍي ﻣﺴﺨﺮي آﻫﻲ ﺗﻪ ﮔﻬﻮٽ ﺻﺎﺣﺐ ﻣﻮن ﮐﻲ Convinceﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ”اﻧﻜﻞ اﻧﻬﻦ ﺳﺎٽ ﺳﻮﮢﻦ ﺑﻨﺎ ﺷﺎدي ﺟﻮ ﻛﻬﮍو ﻣﺰو؟“ ﺳﻮ اﻫﮍي رﻳﺖ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ آﮘﺎﭨﻴﻮن رﻳﺘﻮن رﺳﻤﻮن ۽ ﺳﺎٽ ﺳﻮڻ ﻫﻠﻨﺪا اﭼﻦ. .3
ﺳﻨﺠﻨﺪ -ﺧﺸﻚ ﻣﻴﻮو .ﻫﻲ ڊش ﭘﻴﺎر ،ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.
.5
ﺳﻴﺐ -ﻫﻚ ﭘﻠﻴﭧ ۾ ﺻﻮف ﺑﻪ رﮐﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﺻﺤﺖ ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.
.4 .6
.7 آﻫﻲ.
ِﺳﻴﺮ -اﻳﺮاﻧﻲ ﭤﻮم ﮐﻲ ﺳﻴﺮ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ .اﻫﺎ ﺷﻲ دوا ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.
ﺳﻤﺎق -ﻫﻲ ﮘﺎڙﻫﻲ رﻧﮓ ﺟﺎ ﭔﻴﺮ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺞ ﺟﻲ اﭜﺮڻ ﺟﻲ ﻻﻻﺋﻲ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.
ﺳﺮﻛﻮ -ﻫﻚ ﭘﻴﺎﻟﻲ ۾ ﭤﻮرو ﺳﺮﻛﻮ ) (Vinegarﺑﻪ رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ڊﮔﻬﻲ ﻋﻤﺮ ۽ ﺻﺒﺮ ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ
ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻣﭥﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﻣﺎن ﻛﺎ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ ان ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ﭔﻲ ﻛﺎ ﺷﻲ رﮐﻲ وﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﭘﺮ ﺷﺮط اﻫﻮ ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻪ ﺳﻴﻦ )س( ﺳﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ -ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ: ﺳﻨﺒﻞ -ﺳﻨﺒﻞ )ﺳﻮﺳﻦ( ﮔﻠﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ ﺳﻜﮫ – ﻛﻮﺑﻪ ﺳﻜﻮ )(Coin
اﻧﻬﻦ ﻣﭥﻴﻦ ’ﻫﻔﺖ ﺳﻴﻦ‘ ﺳﺘﻦ ”س“ ﺳﺎن ﺷﺮوع ﭤﻴﻨﺪڙ ﺷﻴﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﺷﻴﻮن ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ ﺳﺠﺎﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ﻧﺎن ﻧﺨﻮدچ ،آﺟﻴﻞ )ﺳﻜﻞ ﻣﻴﻮو ،ﻛﺸﻤﺶ وﻏﻴﺮه( ،ﻣﻴﮡ ﺑﺘﻴﻮن ،آرﺳﻲ ،ﺑﻴﻀﺎ )ﺟﻴﻜﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﺎﻗﻠﻮا )اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﭡﺎﺋﻲ(ِ ، ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ وﻳﻢ ۽ وﻳﺠﻬﻪ Fertilityﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ( .ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ،ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۽ ﭤﺎﺋﻠﻴﻨﮉ ۾ ﭘﮡ ﭼﻴﻨﻴﻦ ،اﻧﮉﻳﻦ ﻳﺎ ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ ﺷﺎدي ﺗﻲ آﻳﻞ ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﺗﺤﻔﻲ ۾ ﺑﻴﻀﺎ ڏﻧﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ .اﺗﻲ ﺑﻴﻀﺎ اوﻻد ﭤﻴﮡ fertilityﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻛﻨﻮار ﺟﻠﺪ ﺟﻠﺪ ﭘﻴﭧ ﺳﺎن ﭤﺌﻲ ۽ ﭔﺎر ﭴﮣﻴﻨﺪي وﭸﻲ- وﭸﻦ ﭤﺎ .ﮔﻬﻮﭨﻴﺘﻦ آﻳﻞ ﻣﻬﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﺑﻴﻀﺎ ڏﻧﺎ ٰ
ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ آدﻣﺸﻤﺎري ﮔﻬﭧ آﻫﻲ ،اڄ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ اوﻻد ﻻ دﻋﺎﺋﻮن ڏﻧﻴﻮن ۽ ورﺗﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﻚ ﻣﻮﻟﻮي ﭨﺎﺋﻴﭗ ﻣﻠﺌﻲ دوﺳﺖ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺗﻲ ﺑﻴﻀﺎ ڏﻳﮡ وﻗﺖ ﭨﻮﻛﻴﻨﺪي ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻳﺎر ﺗﻮ ﺟﻬﮍو ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ ﻳﻘﻴﻦ رﮐﻲ ﭤﻮ .ﮐﻠﻨﺪي وراﮢﻴﺎﺋﻴﻦ ”ﻳﺎر ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن اﻫﻮ رواج ﻫﻠﻨﺪو اﭼﻲ .ﺑﻴﻀﺎ ﻧﻪ ورﻫﺎﺋﻴﻨﺪاﺳﻴﻦ ۽ اﺗﻔﺎق ﺳﺎن ﭔﺎرﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻮارﻳﺘﺎ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﭩﻴﻨﺪا “.ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ رﺳﻤﻮن اﺋﻴﻦ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ﻫﻨﺪو ۽ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻻﻧﺌﻦ ﻣﻬﻞ اﻳﻨﺪڙ ﮔﻬﻮٽ ﮐﻲ ﮐﻴﺮ ﭘﻴﺎرﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻴﻞ ﮐﻴﺮ اﻧﻬﻦ ﮀﻮﻛﺮن ﮐﻲ ﭘﻴﺎرﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻦ ﺟﻲ اﭸﺎن ﺷﺎدي ﭤﻴﮡ ۾ رﻧﮉڪ ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ. ”ﻫﻔﺖ ﺳﻴﻦ“ ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻞ ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺷﻴﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﮔﻼب ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ،ﻗﻮﻣﻲ رﻧﮓ ،ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ۽ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ دﻳﻮان ﺣﺎﻓﻆ رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ان ﻣﺎن ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ ﻣﻮﺟﻮد ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ِ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﺟﻮ اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺗﻮڙي ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﻻ ﻫﻚ اﺗﻢ اﺗﺎﻫﻮن ﻛﺘﺎب ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ -ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﮅ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ رﺳﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﺪو ﺗﻮڙي ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺰت ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ. -----
ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﭴﺎول ۽ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮي ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺮم دل ﻫﺌﺎ ۽ ﻋﺮب ﺳﺨﻲ دل ﻫﺌﺎ. اﻧﻜﺮي ﻋﺮب اﻳﺮان ۾ آﻳﺎ ﭤﻲ ،ﻫﻨﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻴﻮن ﭤﻲ ۽ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺑﻪ ﮐﻴﻦ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ. ------
اﻳﺮان ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ڊرﻳﺲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ آﻫﻦ .ﺟﻴﻨﺰ ﺟﻮن ﭘﺘﻠﻮﻧﻮن ﭘﺎﻳﻮ ﭘﻴﻮن ﻫﻠﻦ .ﭼﻮڌاري ﭼﺎدري اوڍڻ ﺳﺎن ﺳﻨﺪن ﻛﭙﮍا ﻣﻴﺮا ﭤﻴﮡ ﮐﺎن ﺑﭽﻴﻮ وﭸﻦ .اﻫﮍي ﻃﺮح ﻣﭥﻮ ڍﻛﻲ ﻫﻠﮡ ﺳﺎن ﺳﻨﺪن وار اس ،ڌوڙ ۽ ﻫﻮا ۾ ﺧﺮاب ﻧﭥﺎ ﭤﻴﻦ .ﻛﺎري ﭼﺎدر ۽ روﺳﺮي )ﺣﺠﺎب( ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﭽﺎﻳﻮ وﻳﭡﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺑﺮﻗﺮار رﮐﻲ ﺧﻮﺷﻲ ۾ ﭘﻴﻮن ﭔﻬﻜﻦ ۽ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﻔﻜﺮ ۽ ﺟﺮﻧﻠﺴﭧ وﻳﭡﺎ ﻣﻨﻬﻦ ﻣﭥﻮ ﭘﭩﻴﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﻇﻠﻢ آﻫﻲ ،ﻗﻴﺲ آﻫﻲ! ﭼﻮڌاري ﻧﻈﺮ ﭤﻲ ﻛﺠﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ رات ﺟﻮ دﻳﺮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺧﻮش ﺧﻮش ﭘﻴﻮن ﮔﻬﻤﻦ ،ﺧﺮﻳﺪاري ﭘﻴﻮن ﻛﻦ ،ﻧﻮﻛﺮﻳﻮن ﭘﻴﻮن ﻛﻦ -۽ ﻫﺎڻ ﺗﻪ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﺑﻪ ﭘﻴﻮن ﻫﻼﺋﻴﻦ -ﻣﺠﺎل آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻮ ﻟﻮﻓﺮ ﻟﮍو ﺳﻨﺪن ﻧﺎﻟﻮ وﭠﻲ .ان ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻋﻮرت ﺗﻪ ﺳﺨﺖ ﺳﻮرن ۾ آﻫﻲ. -----
ﮔﺮاﻧﮉ آﻳﺖ ا� ﻳﻮﺳﻒ ﺳﻨﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ وڏو اﺳﻜﺎﻟﺮ ،ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻢ ۽ اﺳﻼﻣﻲ ﻓﻼﺳﻔﺮ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﻓﺘﻮاﺋﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ دﻫﺸﺘﮕﺮدن ۽ ﺧﻮدﻛﺶ ﺣﻤﻠﻲ ﻛﺮڻ وارن ﺟﻲ ﺧﻼف ڏﻧﻞ ﻓﺘﻮا ﺑﺎﺑﺖ ﺷﺮوع ﺟﻲ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ اﺣﻮال ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ .ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ Statusﺑﺎﺑﺖ ﻫﻦ ﻓﺘﻮا ڏﻧﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﻼم ۾ ﻋﻮرت ﺟﻮ ﻣﻘﺎم ﻣﺮد ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن ﺟﺞ ،ﺻﺪر وﻳﻨﺪي ﻣﺮﺟﺎ )ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻢ( ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن. ﺳﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرت ﺟﻮ Statusﮔﻬﭧ ﻧﻪ ﭘﺮ اﺗﺎﻫﻮن آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻜﻮن ۽ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ اﻫﮍو دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﻫﺠﻲ.
ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺑﻪ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ؟ ﺗﻮﺑﻪ ﺗﻮﺑﻪ! اﻫﻮ ﺳﻮال ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﺎن ﻛﻴﻮ وﭸﻲ .ﺟﻦ ﮐﺎﺋﻲ وﻳﻨﺪڙ ﻧﻈﺮن ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﺎ ﻋﺮب -اڄ ﺟﺎ ﻋﺮب ،ﭘﺮاﻳﻦ زاﻟﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻦ ﭤﺎ ،اﻫﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﺎن ﺋﻲ ﭘﮁﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﻮﻳﺖ ،ﺟﺪي ،دﻣﺎم ۽ رﻳﺎض ﺟﻬﮍن ﻋﺮب ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﻲ آﻳﻮن ﻫﺠﻦ.
۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺧﺎص ﻛﺮي ﮘﻮﭠﺎﮢﻴﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻪ ڊان ﺟﻲ اﮘﻮﮢﻲ رﭘﻮرﭨﺮ ۽ ﻫﺎڻ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻧﻔﻴﺴﻪ ﻫﻮد ﭜﺎﺋﻲ ۱۹۸۵واري ”ﻛﻤﻴﺸﻦ آن اﺳﭩﺌﭩﺲ آف ووﻣﻴﻦ“ ۾ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ:
The average rural woman of Pakistan is born in near slavery, leades a life of drudgery and dies invariably in oblivion. ----
”آﻳﺖ ا�“ اﻳﺮان ۾ وڏي ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﮐﻲ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ اﭸﺎن ﺑﻪ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﮔﺮاﻧﮉ اﻟﻌﻈﻤﻲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﭥﻲ ﻫﻚ اﻫﮍي ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻳﻮﺳﻒ ﺳﻨﺎﺋﻲ ﻻ ﻟﮑﻴﻮ اﭤﻢ.ا ﻫﻲ ﺷﻴﻌﺎ آﻳﺖ ا� ﻳﻌﻨﻲ آﻳﺖ ا� ٰ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﻓﻴﺼﻼ ۽ ﻓﺘﻮاﺋﻮن ڏﻳﮡ ﺟﻮ درﺟﻮ رﮐﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﻗﺎﻧﻮن ۾ ﺑﻪ ٰ ﻣﺮﺟﻊ )ﻣﺮﺟﺎ( ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺳﻨﻴﻦ ۾ ﻓﺘﻮا ڏﻳﮡ وارا ﻣﻔﺘﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ .ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي آﻳﺖ ا� ﺟﻮ ﺧﻄﺎب ان ﮐﻲ ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺮﺟﻊ آﻫﻦ .اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي )ﭔﺎرﻫﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﮐﻲ ﻣﭹﮡ وارن( ﺷﻴﻌﻦ وٽ ﻗﺮآن ،ﺣﺪﻳﺚ ۽ اﻣﺎﻣﻦ ﺑﻌﺪ ﻋﻈﻤﻲ ﭤﻴﻦ ﻣﺮﺟﻌﻦ ﺟﺎ ﻓﻴﺼﻼ ۽ ﻓﺘﻮاﺋﻮن وڏو درﺟﻮ رﮐﻦ ﭤﻴﻮن .ﻫﺮ ﻣﺬﻫﺒﻲ اداري )ﺣﻮزه( ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺮاﮢﺎ آﻳﺖ ا� ٰ ﭤﺎ ﺟﺘﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﺷﺎﮔﺮد ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ۽ وڏا ﺣﻮزه )ﻣﺪرﺳﺎ( ﻗﻢ ۽ ﻧﺠﻒ ۾ آﻫﻦ ان ﺑﻌﺪ ﻛﺮﺑﻼ ،ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ۾ آﻫﻦ. ------
ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرت ﮐﻲ آزادي ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ آزادي ﺳﺎن ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻨﻦ وٽ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﺑﻜﻨﻴﻦ ۾ ﭘﻴﻮن ﻫﻠﻦ ،ﭜﺮﻳﻞ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﭼﻮﻣﺎ ﭼﭩﻲ ﭘﻴﻮن ﻛﻦ، ﻣﺮد ﻣﺮدن ﺳﺎن ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﭘﻴﻮن ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻦ .اﻓﺴﻮس ﺟﻮ اﻫﮍي آزادي ﻧﻪ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ اڄ ﺟﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ واري اﻳﺮان ۾ آﻫﻲ .ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي واري اﻳﺮان ﮐﻲ اﻧﺘﻘﺎل ﭤﺌﻲ ﭨﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﺳﺎل ﮔﺬري وﻳﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ۾ ﻋﻴﺎﺷﻲ ﻻ آﻳﺎ ﭤﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻨﻦ ﻻ اﻳﺮان ۾ ﺷﺮاب ﻛﺒﺎب ۽ ﺷﺒﺎب ﺟﻮن ﺑﺎزارﻳﻮن ﮐﻠﻴﻞ ﻫﻴﻮن .ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺧﺎﻧﺪاﻧﻦ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﺳﮏ ۽ ﺳﻬﻮﻟﺘﻮن ﻣﺎﮢﻴﻮن ﭤﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﻮام ﻏﺮﺑﺖ ۾ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺻﺤﺖ ،ﺗﻌﻠﻴﻢ ،ﺳﻔﺮ ۽ اﭨﻲ ﻟﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﺎ ﺳﻬﻮﻟﺖ ﻣﻬﻴﺎ ﻧﭥﻲ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻋﻮام ﺧﻮﺷﺤﺎل آﻫﻲ ،ﻋﻮرت ذات اﻣﻦ اﻣﺎن ۽ ﺑﺎﻋﺰت ﻣﺎﺣﻮل ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ،ﺟﻦ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭰﺮي ﻟﭩﻲ ڏﭠﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻦ اﻳﺮان ۾ ﻋﻴﺶ ﻋﺸﺮت ﻛﺮي ڏﭠﻮ ﻫﻮ ،اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﮏ ﭰﭩﻲ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻣﺰو ﺧﺮاب ﭤﻲ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﭔﻪ ﭼﺎر ﺳﭩﻮن ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻲ ﭴﺎﮢﻮ ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﺧﻂ ﺟﻮ ڏﻳﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ .ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دورا ﻛﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻦ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ۽ روﻣﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .ﻫﻮ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ آزادي ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻂ ۾ ﻣﻮن ڏي ﻟﮑﻲ ﭤﻮ:
” .....ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﮐﻲ ’ﻟﺒﺮل‘ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ۽ ﮐﻴﺲ ﻛﺎﻓﻲ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ آزادي ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻨﮑﻲ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎﻧﭙﻮ آزادي ﻧﻪ ﭘﺮ ﮀﮍواﮘﻲ ﺗﺼﻮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﻋﻮرت ﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ اﻗﺪار ﺟﻮ ﭘﺎﺑﻨﺪ ﺑﮣﺎﻳﻮ وﻳﻮ .ان ﭘﺎﺑﻨﺪي ﮐﻲ اڄ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت دل ﺳﺎن ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ رﺳﻤﺎً ،ﺳﻮ ﭼﺌﻲ ﻧﻪ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﮀﻮ ﺗﻪ ان َڏ َ س ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﺎﺋﺰو ۽ ﻋﻠﻢ ﻣﺤﺪود آﻫﻲ ،۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺳﻔﺮن دوران ان ﻣﻮﺿﻮع ﺗﻲ ﻋﻤﻠﻲ ﮐﻮﺟﻨﺎ ﻛﺮڻ ﺟﻮ وﻗﺖ ﺑﻪ ﻛﻮﻧﻪ ﻣﻠﻴﻮ .ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ اﻳﺮان ۾ ﻣﺘﻌﻪ Temporary Marriageﺑﻪ ﺟﺎﺋﺰ ﭠﻬﺮاﻳﻞ آﻫﻲ .ﻣﻤﻜﻦ آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﻣﻮﺿﻮع ﺗﻲ اوﻫﺎن ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ زﻳﺎده ﺗﻔﺼﻴﻠﻲ ﺑﺤﺚ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ ۽ ﻣﺰﻳﺪ ﭴﺎڻ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻋﻠﻢ ان ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﭼﻨﺪ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﺪود آﻫﻲ. اي
ﻛﺎش!
اﻣﻴ ِﺪ
دل ِ
ﻧﺎﻛﺎم
ﺑﺮ
آﻳﺪ
آن
ﺷﻮخ
ﺑﻤﻦ
وﻫﻢ
آﻳﺪ -----
زود
ﺗﺮ
آﻳﺪ
)ﻋﺒﺪاﻟﺠﻤﻴﻞ ُﺟﻨﻮن(
آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺗﻲ ﮀﻮﻫﻪ ﮀﻨﮉﻳﻨﺪي ﻫﻚ دﻓﻌﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭼﻴﻮ ﻫﻮ” :آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﺳﻮڀ ﻻ ﮐﭵﻨﺪڙ ﻫﺮ ﻫﭣ ﮐﻲ • وڍي ﮀﮇﻳﻮ“......
اﺣﻤﺪ رﺷﺪي واري ﻛﻴﺲ ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭼﻴﻮ ﻫﻮ” :اﺳﻼم ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻲ ﺗﻲ ﻗﺮﺑﺎن ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ. • اﺳﻼم ﺗﻲ ﻫﺮ ﺷﻲ ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ“. -----
ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﻣﺪرﺳﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ۽ ’ﻣﺪرﺳﻮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‘ ﺳﭛ ۾ وڏو ﻣﺪرﺳﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ درﺟﻲ ﺟﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻧﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ وڌﻳﻚ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ .ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺿﺮور ﺳﺎل اڌ ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ وﻳﻨﺪي ﻫﻮﻧﺪي ﺟﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻣﻠﻴﺲ ﭤﻲ ﺗﻪ ان ﭰﺮ ﭰﺮ ) (fluentlyﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺸﻲ ۽ آﻓﺮﻳﻜﻦ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺟﻮ اﺣﻮال ﺷﺮوع ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن .ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﺎﺳﭩﻞ اﮘﻴﺎن ﭔﻪ ﭨﻲ ﻻﻫﻮر ﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ ﻋﺎﻟﻢ اﮀﻲ ﻋﻤﺎﻣﻪ )ﭘﮗ( ۽ ﻧﺎﺳﻲ ۽ ﺳﻠﻴﭩﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﻳﺎ ۾ ﺑﻴﭡﺎ ﻫﺌﺎ. ”ﺗﻮﻫﺎن ﻣﺮﺟﻊ آﻫﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﮐﺎﻧﺌﻦ اڙدو ۾ ﭘﮁﻴﻮ.
”ﻧﻪ ﻧﻪ .ﻣﺮﺟﻊ ﭤﻴﮡ ﻻ ﺗﻪ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﭘﮍﻫﮣﻮ ﭤﻮ ﭘﻮي ۽ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺮﮢﻲ ﭤﻲ ﭘﻮي “.ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.
”ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻫﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﺎﮔﺮد ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺗﻪ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺑﻪ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﭜﻼ ﻛﻮ ﻣﺸﻬﻮر آﻳﺖ ا� ﺑﻪ ﭤﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ .ﺟﻮاب ۾ ﻫﻨﻦ ﭔﻦ ﭨﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭔﮅاﻳﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن آﻳﺖ ا� ﺣﺴﻦ رﺿﺎ ﻗﺎدري ﭘﮡ ﻫﻚ آﻫﻲ.
آﻳﺖ ا� ﺣﺴﻦ ﻗﺎدري ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﻻﻫﻮر ،ﻣﻠﺘﺎن ۽ ﻋﻠﻲ ﭘﻮر وﻏﻴﺮه ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ .ﻫﻦ ﺟﻲ واﻟﺪ ﻣﻔﺘﻲ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﻣﺰﻣﻞ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺴﻤﻲ ﻻ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﻔﺘﻲ ﻫﻮ .ﺣﺴﻦ رﺿﺎ ﺻﺎﺣﺐ ﺑﻌﺪ ۾ ٰ ﻛﺮڻ ﻻ اﻳﺮان وﻳﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﻛﻮرﭨﻦ ﺟﻮ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﺟﺞ ﭤﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﻫﻠﻴﻮوﻳﻮ ۽ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻟﻨﮉن ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ زﺑﺎﻧﻦ :اڙدو ،ﻋﺮﺑﻲ ،ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﻨﻮاﻧﻦ ﺗﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﮐﻦ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن اڙدو ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: -
ﺗﺎرﻳ ِﺦ ﺟﻨﺖ اﻟﺒﻘﺎ
-
ﺗﺤﻔﺘﻪ اﻟﻤﺆﻣﻨﻴﻦ
-
ﻣﻜﺘﺒﻪ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ،وﻏﻴﺮه
-
ﺻﺤﻴﻔ ِﻪ ﻋﻠﻲ
-
ﺟﻬﺎد اور دﻫﺸﺘﮕﺮدي
ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ) (۲۰۰۷آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ”ورﻟﮉ ﻓﻴﮉرﻳﺸﻦ آف ﭘﻴﺲ“ ﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺷﻴﻌﺎ آﻳﺖ ا� ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ” “Ambassador of Peaceﺟﻮ ﺧﻄﺎب ڏﻧﻮ وﻳﻮ .ﻫﻲ Ceremony ڏﮐﮡ ﻛﻮرﻳﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﻴﻮل ۾ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .ﭘﺎڻ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼﻣﻚ ﻛﺎﺋﻮﻧﺴﻞ ﺟﺎ ﭼﻴﺌﺮﻣﺌﻦ ۽ ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻌﻔﺮﻳﻪ ﭨﺮﺳﭧ ﺟﺎ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ﭘﮡ آﻫﻦ.
آﻳﺖ ا� ﺣﺴﻦ رﺿﺎ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻓﺮزﻧﺪ ﻋﻼﻣﺎ ﻫﺎﺷﻢ رﺿﺎ ﻗﺎدري ﭘﮡ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼم ﺟﻮ وڏو ﭴﺎﮢﻮ ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮ آﻫﻲ ﭘﺎڻ ۱۹۸۴۾ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﻻﻫﻮر ۾ ﺋﻲ رﻫﻲ ﭤﻮ.
ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻋﺎﻟﻢ ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮ آﻳﺖ ا� ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﻧﻘﻲ ﻧﻘﻮي ﭘﮡ اﻳﺮان ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻘﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺑﻪ ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﭘﺎڻ ۱۹۰۵۾ ﻟﮑﻨﻮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۱۹۸۸۾ اﻳﺮان ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﺠﻒ ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻣﺠﺘﻬﺪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ اﻧﮉﻳﺎ ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ دﻳﻦ ﺟﻲ ٰ ﺟﻴﻜﻮ وڏي درﺟﻲ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺟﻮ رﺗﺒﻮ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ”ﺷﻬﻴ ِﺪ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ“ ۽ ”ﺗﺎرﻳ ِﺦ اﺳﻼم“ اڙدو ﺟﺎ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺘﺎب آﻫﻦ.
ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ ﻧﻘﻮي ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻮ آﻳﺖ ا� ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺮﺟﻌﻴﺖ ﺟﻮ درﺟﻮ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ اﻫﻮ ﺷﻴﺦ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻧﺠﻔﻲ آﻫﻲ .ﻫﻲ ﺷﻴﻌﻮ ﻋﺎﻟﻢ ۱۹۳۲۾ ﺳﺮﮔﻮڌا ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮٺ ﺟﻬﺎﻧﻴﺎن ﺷﺎﻫﻪ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻮ )ﺣﻮزه( ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻮ .ﮐﻴﺲ اﻟﻌﻈﻤﻲ( ﺟﻮ ﺧﻄﺎب ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ. ﮔﺮاﻧﮉ آﻳﺖ ا� ) ٰ
ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﺎ ﻃﺮﻓﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن آﻳﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ وﻳﻠﻮ )ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ( آﺳﺘﺎن ﻗﺪس رﺿﻮي ﻃﺮﻓﺎن ﮐﺎراﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﻫﻲ ﻟﻨﮕﺮ روز ﻫﻠﻲ ﭤﻮ ۽ اﭨﻜﻞ ۵۰۰۰ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ زﻣﻴﻦ ﺗﻲ دﺳﺘﺮﺧﻮان وﮀﺎﻳﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ،ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﭨﻴﺒﻞ ﻛﺮﺳﻴﻮن ۽ ﭼﻤﭽﺎ ﻛﺎﻧﭩﺎ رﮐﻲ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ﺑﺌﺮا اﺋﻴﻦ Serve ﻛﻦ ﭤﺎ ﭴﮡ ﻓﺎﺋﻮ اﺳﭩﺎر ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ڊاﺋﻨﻨﮓ ﻫﺎل ۾ ﻣﺎﻧﻲ ﻫﻠﻲ .ﻧﺎن ﻛﻮاب ،ﭜﺖ ۽ ﭔﻮڙ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭘﻴﭙﺴﻲ ۽ ڌورو ﺑﻪ ڏﻧﻮ وﻳﻮ .ﻫﻜﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺎﺋﻲ ﭘﻲ وﻳﺎ ﭤﺌﻲ ۽ ﭔﻴﺎ آﻳﺎ ﭘﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﺮ ﻫﻚ ﻻ اﻫﮍو ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ رﮐﻴﻞ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﺘﻈﺎر ﻧﭥﻲ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻴﻮ .ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﺑﻌﺪ اﻫﻲ ﭨﻴﺒﻞ ﻳﻜﺪم ﺻﺎف ﭤﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ ۽ ﻳﻜﺪم ﻧﻴﻮن ﭘﻠﻴﭩﻮن ،ﭼﻤﭽﺎ ،ﻛﺎﻧﭩﺎ ۽ ﮔﻼس ،ﻧﺌﭙﻜﻦ رﮐﻴﺎ وﻳﺎ ﭤﻲ .ﻫﻠﮡ ﻣﻬﻞ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﺎن ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮ ﭼﻮﭤﻮ ﺗﺒﺮڪ ﻃﻮر ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻧﻜﺘﺎ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻮﺳﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻋﻘﻴﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻟﻨﮕﺮ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ۾ ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ وﻳﭡﻞ ﻣﺴﺰ رﺑﺎب ٰ ﻗﺪرت ﺷﻔﺎ رﮐﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﻲ ﻧﺎن ذرو ﻳﺎ ﭤﻮري ﻣﺎﻧﻲ اﺳﺎن ﺷﻔﺎ ﻃﻮر ﻣﺮﻳﻀﻦ ﻻ ﮐﮣﻲ ﭤﺎ ﻫﻠﻮن.
ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮدن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻮ ﻫﺠﻮم ﮔﻴﭧ وٽ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﺟﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﺬر وارا ﭔﺎر ۽ ﻣﺤﺘﺎج ﭘﻮڙﻫﺎ ﭘﮡ ﻫﺌﺎ .ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﺎن ان ﺗﺒﺮڪ ﻃﻮر ﮐﻨﻴﻞ ﻣﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ﮔﻬﺮڻ ﻟﮙﺎ .اﺳﺎن ﻣﺎن ﺟﻦ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﻨﺌﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ڏﻧﻲ. -----
ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ اﻣﺎﻣﺰاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺑﻌﺪ اﺳﺎن رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ” ﻗﺼﺮ آرﻳﺎ“ ﻧﺎﻟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ڏي رواﻧﺎ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ .رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻓﻴﺮوزه ۽ ﭔﻴﻦ ﭘﭥﺮن ﺟﺎ دﻛﺎن ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ دﻛﺎن ۾ اﻧﺪر ﻟﻴﺌﻮ ﭘﺎﺗﻢ ﺟﺘﻲ ﻓﻴﺮوزه ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻋﻘﻴﻘﻲ ،ﻳﻤﻨﻲ ِ۽ ﭔﻴﺎ ﭘﭥﺮ ﭘﮡ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻻ ان دﻛﺎن ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ”ﺳﻨﮏ ﻫﺎﺋﻲ ﻣﻌﺪﻧﻲ“ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ.
رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪي ﻻﺋﻴﭧ ﻫﻠﻲ وﺋﻲ .اوﻧﺪاﻫﻪ ﻛﺎﻧﭝﺎر ﭤﻲ وﺋﻲ .اﺳﺎن ﺟﺘﻲ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ اﺗﻲ ﻫﻮ ) (Homelyﻣﻠﻲ ﺑﻪ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻮﺳﻴﻦ .ﭴﮡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﭔﺎﮢﻲ وﻃﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎ ﻫﺠﻮن ﺟﺘﻲ روزاﻧﻮ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺘﺮا دﻓﻌﺎ ۽ ﻛﻴﺘﺮا ﻛﻼڪ ﺑﺠﻠﻲ وﻳﻨﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ .ﻛﻨﻬﻦ ﻻﺋﻴﭩﺮ ﭔﺎرﻳﻮ ،ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮن آن ﻛﻴﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﭣ ﻫﭣ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻲ .اﺳﺎن ﮐﻲ ﺣﻴﺮت ﺑﻪ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﻲ دوﻟﺖ ﺳﺎن ﻣﺎﻻ ﻣﺎل آﻫﻲ اﺗﻲ ﺑﻪ ﺑﺠﻠﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﻫﻮﭨﻞ وارا ﺑﻪ ﺳﺨﺖ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ آﻳﻦ ﺗﻪ ﮀﺎ ﻛﺠﻲ .ﻫﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺗﮑﻮ ﺗﮑﻮ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .آﺧﺮ ﻫﻜﮍو ﺑﺌﺮو ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ ﺗﻲ وﻳﻮ ﺳﻮ ﻛﻨﻬﻦ دﻛﺎن ﺗﺎن ﭔﺎرن ﺟﻲ ﺑﺮٿ ڊي ﺗﻲ ﻛﻴﻚ ﻣﭥﺎن رﮐﻴﻮن وﻳﻨﺪڙ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻴﮡ ﺑﺘﻴﻮن وﭠﻲ آﻳﻮ ۽ ﻫﻚ ﻫﻚ ﻛﺮي ﻫﺮﻫﻚ ﭨﻴﺒﻞ ﺗﻲ ﭔﺎرڻ ﭤﻲ ﺷﺮوع ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﺗﻲ ﻻﺋﻴﭧ اﭼﻲ وﺋﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮواري ﻛﺮﺳﻲ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻧﺌﺸﻨﻞ ﺑﺌﻨﻚ ﺟﻲ آﻓﻴﺴﺮﻳﺎﮢﻲ ﺑﻴﮕﻢ
ﺷﻤﻴﻢ رﺿﻮي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ اﻳﻨﺪي ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ ﻛﺮي ﻫﻮ ﺑﺌﺮي ﮐﺎن ﭘﮁﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺑﻪ ﻻﺋﻴﭧ وﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﮀﺎ؟
”ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﭘﮁﮡ اﺟﺎﻳﻮ آﻫﻲ“ ،ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ،ﺟﻲ اﻫﻮ روز ﺟﻮ ﻣﻌﻤﻮل ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻓﺮاﺗﻔﺮي ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻧﻪ اﭼﻦ ﻫﺎ .ﻫﻨﻦ وٽ ﺿﺮور ﺟﻨﺮﻳﭩﺮ ،UPS ،اﻣﺮﺟﻨﺴﻲ ﭨﺎرﭼﻮن ﻳﺎ ﻣﻮم )ﻣﻴﮡ( ﺑﺘﻴﻮن ﻫﺠﻦ ﻫﺎ .ﻫﻲ ﻛﺎ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ وﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﺑﺮٿ ڊي ﭘﺎرﭨﻲ وارﻳﻮن ﭘﻨﺴﻞ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﺳﻨﻬﻴﻮن ﻣﻮم ﺑﺘﻴﻮن وﭠﻲ آﻳﺎ. -----
ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر وﻳﻨﺪي رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ”ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ“ اﭼﻲ ﭤﻮ ،ﺟﺘﻲ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ ﺟﺎ ﻧﺸﺎن آﻫﻦ .اﺗﻲ ﺋﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭼﺸﻤﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻗﺪرﺗﻲ ﻃﺮح ﻛﻴﻤﻴﻜﻞ ﻣﻠﻴﻞ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ان ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﻻ ﺷﻔﺎﻣﻨﺪ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﻫﻦ ﭼﺸﻤﻲ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺟﻬﻮﻧﻦ وﮢﻦ ﺟﻮ ﺑﺎغ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس رﮐﺮاﻳﻮ ﻫﻮ .اﻧﻬﻦ وﮢﻦ ۾ ﻫﻚ ﺗﻤﺎم ﺟﻬﻮﻧﻮ وڻ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ اﻫﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻪ وﻳﺠﻬﻮ اﻳﻨﺪو ان ﮐﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ اﻧﺪر ﭔﺎر ﭤﻴﻨﺪو .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ،ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﮀﻬﻪ ﭔﺎر آﻫﻦ، ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ رات ﺟﮇﻫﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﮐﻲ ﻓﻮن ﺗﻲ اڄ ﺟﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻮ ﭔﮅاﻳﻢ ﺗﻪ ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ ﺑﻪ وﻳﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻳﻜﺪم رڙ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺧﺒﺮدار ﻣﺘﺎن ان وڻ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ وﻳﻮ آﻫﻴﻦ .۽ ﭘﻮ ﭨﻬﻚ ڏﻳﻨﺪي ﻫﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺋﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ۾ ﭘﻴﺮي ﻣﺮﻳﺪي ۽ ﺷﺮڪ ﺟﻲ ِﭘﭧ آﻫﻲ .ﻫﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻦ وڻ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭔﮅل ﭴﺎري ڏﻳﮑﺎرﻳﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻦ وڻ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ان ﻛﺮي اﻫﺎ ﭴﺎري ڏﻳﺎري آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ان ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﻧﻪ وﭸﻦ ۽ ﻫﻮ ان ۾ ڌاﮘﺎ ،ﺳﮙﻴﻮن ﭔﮅي ﺷﺮڪ ﺟﻬﮍو ﻛﺒﻴﺮ ﮔﻨﺎﻫﻪ ﻧﻪ ﻛﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻴﻮﻗﻮف ﻧﻪ ﺑﻨﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻚ ﺟﻬﻮﻧﻲ وڻ ﺟﻮ ﺳﻜﻞ ڏار ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اوﻻد ﭤﻮ ڏﺋﻲ! ----
ﺧﻮاﺟﻪ اﺑﺎ ﺻﻠﺖ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭔﺎﻫﺮان ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭜﺮﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ُاٺ ،ﮔﻬﻮڙا ۽ ﻧﻨﮃي ﻗﺪ ﺟﺎ ﺧﭽﺮ ﺳﻴﻨﮕﺎري وﭠﻲ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ،ﺟﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﭔﻴﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ۽ ﭘﺮڏﻳﻬﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﭘﺌﺴﺎ ڏﻳﺌﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ وڏن ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﺎﻧﻮر ﮔﻬﭧ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .ان ﻛﺮي ﻫﻬﮍن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﭔﺎر ﺗﻮڙي وڏا ﻫﻬﮍن ﺟﺎﻧﻮرن ﮐﻲ ڏﺳﻲ ۽ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﺋﻲ ﺧﻮش ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. ----
ﻫﺎ وي ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺧﭽﺮ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﺟﻦ ﺗﻲ ﭘﻮڙﻫﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻚ ﮘﻮٺ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﮘﻮٺ ڏي ﺳﻔﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ -ﻳﺎ ﻫﺎري ﮔﻮﺑﻴﻦ ﻳﺎ ﮀﺎﻧﻬﻴﻦ ﺟﻬﮍي ﻛﺎ ﺷﻲ اﻧﻬﻦ ﺧﭽﺮن ﺗﻲ رﮐﻲ ﺷﻬﺮ ڏي وﻛﺮو ﻛﺮڻ ﻻ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ .اﻳﺮان ﺟﺎ ﺧﭽﺮ ﺳﭵﻲ اﻳﺸﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﺧﭽﺮ ﺟﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﺎن آﻫﻲ .ﭘﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺣﺼﻲ ﺳﺎن اﻧﻬﻦ ﺧﺎص ﺧﭽﺮن ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ آﻫﻲ اﻫﻮ اڄ اﻳﺮان ﺑﺪران اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺣﺼﻮ آﻫﻲ .ﻛﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ اﻫﻮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن وارو ﺧﺮاﺳﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۽ ازﺑﻜﺴﺘﺎن وارو ﺧﺮاﺳﺎن ﻳﻜﻮ ﻫﻜﮍو ﺧﺮاﺳﺎن )ﮔﺮﻳﭩﺮ ﺧﺮاﺳﺎن( ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ راڄ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ .ﻫﺎڻ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﻮ ﺧﺮاﺳﺎن اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ ﭤﻮ ان ﮐﻲ ﺑﻪ ﭨﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﻲ ﭨﻲ ﺻﻮﺑﺎ ﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ ڏﮐﮡ ﺧﺮاﺳﺎن ،اﺗﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ وارو ﺣﺼﻮ ”رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن“ -ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺸﻬﺪ ،ﻃﻮس ۽ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍا ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺷﻬﺮ اﭼﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ. ----
ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ،ﭘﺸﺎور ﺟﻮ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ﺷﻴﻌﺎ ﺷﺎﮔﺮد ۽ آﺋﻮن ،ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻻﺋﻮﻧﺞ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ڊب ﭤﻴﻞ اﻣﻴﺘﺎڀ ﺑﭽﻦ ﭨﻲ وي ﺗﻲ ﺟﻲ ﻓﻠﻢ ﺑﻪ ڏﺳﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﺧﺒﺮون ﺑﻪ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ .ﺑﻠﻚ ﻫﻮ ﺋﻲ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻ ﭔﮅاﺋﮡ وارو ﻫﻮ -ﻣﻮن رﮘﻮ ﭘﮁﮡ ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﻲ ﻛﻴﻮ .ﻫﻮ ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﺸﺎور ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﻫﺎڻ ٰ ﻫﺘﻲ آﻳﻞ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ڊاﻛﭩﺮ اﺳﺮار ﻃﺎﻟﺒﺎن ﮐﻲ ﻣﻬﺪي ﺟﻮ ﻟﺸﻜﺮ ﭤﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن واري ﭘﺮاﮢﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﻣﺎن ﻣﺸﻬﺪ اﻳﻨﺪو .ﭘﺮ اﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ ﻣﻬﺪي ۽ ان ﺟﻮ ﻟﺸﻜﺮ ﻫﻦ اﻳﺮان واري ﺧﺮاﺳﺎن ﻣﺎن اﻳﻨﺪو ۽ ﻫﺘﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ ﭜﺮ واري ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﺎﺋﻴﻨﺪو“. -----
ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻟﺒﺮل ﻟﮙﻲ ﭤﻮ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﺳﻨﺪن ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﭤﻲ ورﺗﻢ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ اﻧﻜﺎر ﻧﭥﻲ ﻛﻴﻮ -ﺑﻠﻚ ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻲ ﻻ ﻳﻜﺪم ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ﭤﻲ .ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﻲ ﮐﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﻏﻠﻂ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﭥﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ اﻣﺎﻣﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون -ﺧﺎص ﻛﺮي اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ۽ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن .اﻧﻬﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﺟﺎ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻧﻨﮃا وڏا ﭘﻮﺳﭩﺮ ﭘﺮ ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ ﺑﻪ وﻛﺎﻣﻦ ﭤﺎ .ﺗﻌﺠﺐ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ Displayﻻ ﭘﭧ ﺗﻲ رﮐﻴﺎ آﻫﻦ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻓﻮﭨﻮﮔﺮاﻓﺮن ﺟﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ وڏي ﺗﺼﻮﻳﺮ ﭘﮍدي ﺗﻲ ﻳﺎ ﭜﺖ ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﭘﻮزن ۾ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﺮﺳﻲ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﺋﻴﻦ ﭤﺎ .ﻗﻢ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﻧﮕﻴﻨﻪ ۾ ﺟﺘﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﭤﻲ اﺗﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻛﻤﺮن ۾ رﮐﻴﻞ ﻣﺼﻠﻲ ﺗﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ ﭔﻜﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭰﺮ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﮡ ڏﻳﮑﺎرﻳﻞ آﻫﻲ -ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﻮن ﭔﮅو آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻳﺎ ﺟﺎﻧﻮرن ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﻳﺎ ﻣﺼﻠﻲ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﮐﭙﻦ. ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻴﻜﻮ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺳﺨﺖ آﻫﻲ ان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ”ﺷﺎه ﻋﺎﻟﻢ“ ﺟﻲ وڏي ﻣﺴﺠﺪ ۾ اﻣﺎم ﺟﻲ ﺣﺠﺮي ۾ ﻣﻮر ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﮔﻬﮍﻳﺎل ﺿﺮور آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻋﺘﺮاض آﻫﻲ ﭘﺮ ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺟﻲ ﺗﻪ ﮀﺎ ﻛﺠﻲ اﻫﻮ ﺳﻠﻴﻨﮕﻮر رﻳﺎﺳﺖ )ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻬﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ( ﺟﻲ ﺳﻠﻄﺎن ﺗﺤﻔﻲ ۾ ڏﻧﻮ آﻫﻲ. ﻻﻫﻴﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻧﺎراض ﭤﻴﻨﺪو.
اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ ﭘﮍدي ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪي آﻫﻲ ﻣﺎن ﻛﻮ اﻫﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻴﺪن ﭘﻴﺮن ۽ وڏﻳﺮن ﺳﺮدارن ﺟﻲ زاﻟﻦ واﻧﮕﺮ ﻛﺎرن ﺟﻲ ﺷﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﭼﺎدرون وﻳﮍﻫﻲ اﮀﻦ ﺑﺮﻗﻌﻦ ۾ ﭤﻴﻮن وﻫﻦ .ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ .ﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﮍﺳﻦ ﻳﺎ ﭜﺎﺋﺮن ،ﭘﭩﻦ ﺳﺎن ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ ﺗﻲ ﺑﻪ ﭘﻴﻮن ﻫﻠﻦ .ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮍدو آﻫﻲ اﻫﻮ ﻣﭥﻮ ڍﻛﮡ ۽ ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭼﺎدر اوڍڻ آﻫﻲ .۽ اﻫﻮ ﭘﮍدو ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم آﻫﻲ -ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﺟﻬﮍو آﻫﻲ .ﺷﻬﺮي ﺗﻮڙي ﭔﻬﺮاڙي ﺟﻲ ،ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻧﻮﺟﻮان ﻋﻮرت ﺗﻮڙي ﮘﻮﭠﺎﮢﻲ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻋﻮرت ،ﺳﺮﻛﺎري اداري ﺟﻲ آﻓﻴﺴﺮﻳﺎﮢﻲ ﺗﻮڙي ﻫﺎﺋﻮس واﺋﻴﻒ -ﮔﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮي ﭤﻲ ﺗﻪ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﭘﮍدو ﻛﺮي ﭤﻲ ﭘﺮ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﺎ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﺿﺮورت وﻗﺖ ﻣﺮد ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﭤﻴﻮن .اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ،اﻣﺎم رﺿﺎ ﻳﺎ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ ﻓﺎﺗﺢ ﭘﮍﻫﮡ ﻻ ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭜﺘﻴﻮن ﻳﺎ آڏون ڏﻳﺌﻲ ،ﻋﻮرﺗﻦ ۽ ﻣﺮدن ﺟﻲ ﺑﻴﻬﮡ ﻻ ڌار ڌار ﺳﻴﻜﺸﻦ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﻓﺮدوﺳﻲ ،ﻋﻄﺎر ﺟﻬﮍن ﺷﺎﻋﺮن ادﻳﺒﻦ ﻳﺎ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﮍن ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻮڙي ﭘﺎرﻛﻦ ۽ ﭘﻜﻨﻚ Pointsﺗﻲ ﻣﻮن ﮀﻮﻛﺮن ۽ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻫﭣ ﻫﭣ ۾ ﺑﻪ ڏﻳﺌﻲ ﻫﻠﻨﺪو ڏﭠﻮ .ﺑﺎﻗﻲ ان ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﻣﻌﺎﺷﺮو ﺗﻮڙي ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻗﺎﻧﻮن ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻳﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﻠﻜﻲ ﮐﻲ ﻏﻴﺮ اﺧﻼﻗﻲ ﺣﺮﻛﺖ ﻛﺮڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﭥﻮ ڏﺋﻲ ۽ اﻫﻮ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ ﻧﻪ رﮘﻮ ﺳﺨﺖ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ادارا ان ﺗﻲ ﻋﻮام ﮐﻲ ﻋﻤﻞ ﺑﻪ ﻛﺮاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﭜﭹﻜﮍي ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻛﻮﺑﻪ ﺑﭽﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ .ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻋﻮرت ﺟﻲ داﻧﻬﻦ ڏﻳﮡ ﺗﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﻣﺮد ﻣﺼﻴﺒﺖ ۾ اﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭘﻮ ﭜﻠﻲ ﻫﻮ ﮐﮣﻲ اﺳﭩﻮڊﻧﭧ ﻟﻴﮉر ﻫﺠﻲ ،ﭘﻴﺮ وزﻳﺮ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭜﻮﺗﺎر ﺟﻮ ﺧﺎص ﻣﺎﮢﻬﻮ .ﭼﻮڌاري ورﻟﻲ ﻛﻮ ﭘﻮﻟﻴﺲ وارو ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻫﺮ ﻟﻮﻓﺮ ۽ دادا ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻏﻠﻂ ﺣﺮﻛﺖ ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﺳﭵﻮ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻓﻮرس ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﻟﮙﻲ وﻳﻨﺪو .اﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ اﻣﻦ اﻣﺎن
آﻫﻲ .ﻫﺮ ﻋﻮرت ﺟﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﻜﻮن ۽ ﺧﻮﺷﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﮐﮣﻲ ﻛﻤﺰور آﻫﻲ ﭘﺮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻗﺎﻧﻮن ﻃﺎﻗﺘﻮر آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﻫﺮ ﻣﺮد ﺟﻴﻜﻮ آﻓﻴﺲ ،ﻛﺎرﺧﺎﻧﻲ ﻳﺎ ﭔﻨﻲ ﭔﺎري ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻜﻮن ۾ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻲ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮڻ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ زال ،ﻣﺎ ،ﭜﻴﮡ ﻳﺎ ڌي اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﺑﻪ ﺑﺎزار ،اﺳﭙﺘﺎل ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺲ ۾ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ڊپ ڊا ﺟﻲ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ.
ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﻐﺮﺑﻲ دوﺳﺘﻮ ﻳﺎ اﻳﺮان ﮐﺎن اڻ واﻗﻔﻮ )ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ آﺋﻮن ﺑﻪ ﻫﻚ ﻫﻮس( اﻳﺮان ﮔﻬﻤﮡ ﺑﻨﺎ اﻳﺮان ﺗﻲ وﻳﭡﺎ ﮀﻮﻫﻪ ﮀﻨﮉﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ُﻣﻠﻦ ﻋﻮام ﺳﺎن ﻇﻠﻢ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﮔﻬﺮ ۾ ﻗﻴﺪ آﻫﻲ ،اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت آزادي ﻻِ ﺳﻜﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻓﻘﻂ اﻳﺘﺮو ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﻫﻲ ﻛﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ اﻫﮍو ﺷﻬﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺎرﻛﻴﭩﻦ، ﺑﺎزارﻳﻦ ،دﻛﺎﻧﻦ ۽ -Tourists Spotsﭘﻮ ﭜﻠﻲ اﻫﻲ ﻛﻨﻬﻦ وﻟﻲ ،اوﻟﻴﺎء ﻳﺎ اﻣﺎم ﺟﻮ آﺳﺘﺎن ﻣﻘﺪس ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻛﻮ ﺑﺎغ ﺑﺎﻏﻴﭽﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﺠﻦ؟ اﻫﻮ اﻳﺮان ﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭔﭽﻦ ﺳﺎن ﻳﺎ ﺳﺎﻫﻴﮍﻳﻦ ﻫﻤﺠﻴﮇﻳﻦ ﺳﺎن ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ڊپ ڊاء ۽ ﻓﻜﺮ ﺟﻲ ﮔﻬﻤﻲ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ .ﺑﺎزار ﻗﻢ ﻳﺎ ﺑﺎزار ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻬﮍن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﺳﭵﻲ رات ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﭼﻬﻞ ﭘﻬﻞ ﻟﮙﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ .اﻫﻮ ﻓﻘﻂ ان ﻛﺮي ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرت Safeﭤﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ،اﻫﻮ ﻓﻘﻂ ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ آزادي آﻫﻲ ،اﻫﻮ ﻓﻘﻂ ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻋﻮرت ﺳﺎن ﻫﺘﻲ ﻛﻮ ﻫﭣ ﭼﺮاﻧﺪ ﺗﻪ ﮀﺎ زﺑﺎن ﺳﺎن ﮔﭥﺎ ﻟﻔﻆ ﺑﻪ ﻧﭥﻮ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ......ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻣﻐﺮب اﻳﺮان ﺧﻼف اﻫﺎ ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا ﻛﻨﺪو وﺗﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ آزادي ﻧﺎﻫﻲ .اﺳﻼم ﻋﻮرﺗﻦ ﺗﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﭤﻮ ﻛﺮي ......اﺳﻼم ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺑﺎﻧﺪي ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ......وﻏﻴﺮه .دراﺻﻞ اﺳﻼم ﺗﻪ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺳﻼﻣﺘﻲ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺜﺎل اﻳﺮان ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ.
ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ۾ وري ﻧﻈﺮ ڊوڙاﺋﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺳﭛ ﮐﺎن اﮘﻴﺎن اﮘﻴﺎن آﻫﻲ -ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻋﻮرت ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺧﻮش ۽ ُﭘﺮﺳﻜﻮن آﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﺑﻪ وڌﻳﻚ آﻫﻲ .ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻗﺎﻋﺪو ﻗﺎﻧﻮن اﻫﮍو آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرت ﺑﻪ Safe ۽ آزاد ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﺣﻮل ﮐﻲ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻲ روزﻣﺮه ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺳﺎن ﭜﻴﭧ ﻛﺮﻳﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ اڳ ﻧﻜﺮي وﻳﻮ آﻫﻲ .ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﻋﺮﺑﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮاب و ﺧﻴﺎل ۾ ﺑﻪ ﮔﻼ ﻧﻪ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ .آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻬﮍا ) Myopicﮔﻬﭧ ﻧﻈﺮ( ذﻫﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ۾ رﻫﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﺟﻮ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﺟﺎﺋﺰووﭠﮡ ﺑﻨﺎ رﮘﻮ اﻧﻬﻦ اﻳﺮﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺗﻲ ﮘﻨﮃ ﭤﺎ ﭔﮅن ﺟﻴﻜﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻳﺎ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻧﺌﺸﻨﻠﭩﻲ )ﻗﻮﻣﻴﺖ( ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارن ﮐﻲ اﻫﻮﺋﻲ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﮀﮇي ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ،ﺳﺌﻴﮉن ،ﺟﺮﻣﻨﻲ ﻳﺎ USA۾ ان ﻛﺮي رﻫﮡ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼم آﻫﻲ ۽ اﺳﻼم ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻗﻴﺪﻳﺎﮢﻲ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ......وﻏﻴﺮه .ﮀﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ﻓﻘﻂ ۽ ﻓﻘﻂ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﺎن ﺧﻮش ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻮ اﺳﻼم ﺧﻼف ﮔﻬﭧ وڌ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻮ .اﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ رﺷﺪي ﻛﻬﮍو وڏو ادﻳﺐ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﺪان آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﻦ رات اﻧﺪر ﭘﻴﺮ ﻣﺮﺷﺪ ﺑﻨﺎﺋﻲ SIRﺟﻮ ﺧﻄﺎب ﮐﮣﻲ ڏﻧﻮ آﻫﻲ. ----
اﻳﺮان اﻫﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ رﮘﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ .ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ،ﺳﻌﻮدي ﻋﺮﺑﻲ ،دﺑﺌﻲ ۽ ﻛﻮﻳﺖ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ زﺑﺎﻧﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺑﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ،ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﻨﺪن زﺑﺎن ﻫﻠﻲ ﭤﻲ .ﭼﻴﻦ ،ﺟﭙﺎن ،ﻛﻴﻮﺑﺎ، ﺑﺮازﻳﻞ ۽ ﺑﺮﻣﻮدا ،ﺑﻬﺎﻣﺎ ۽ ﺑﺎﻟﻲ ﺟﻬﮍن ﭔﻴﭩﻦ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻫﻚ ڌارﻳﻮن ﻣﺴﺎﻓﺮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻣﺎن ﻛﻢ ﻫﻼﺋﻲ وﻳﻨﺪو ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﭴﺎﮢﻮ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻳﺎ ﺗﺮﺟﻤﻲ ﻛﻨﺪڙ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ۽ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﺧﺒﺮﭼﺎر ﻛﺮڻ ﻣﺸﻜﻞ آﻫﻲ .ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺗﻜﻠﻴﻒ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ۾ Penetrateﭤﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن اﻳﺮان ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﮔﻼ ﻛﺮي ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻦ .ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﻛﻮڙا ﺳﭽﺎ ڏک ڏاﮐﮍا ﭔﮅي ان ﮐﻲ Inflateﻛﺮي اﻳﺮان ﮐﻲ اﺋﻴﻦ ﺧﻮار ﻧﭥﺎ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ وﻳﭩﻨﺎم ﮐﺎن ﭤﺎﺋﻠﻴﻨﮉ ،روس ﮐﺎن ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﺳﺌﻴﮉن ۾ ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻳﻤﻨﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﭨﺎﺋﻴﻤﺲ اﺧﺒﺎر ﺟﻮ ﻫﻚ ﺟﻬﻮﻧﻮ ﭘﺮﭼﻮ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻨﺪو ﻫﻮ ،ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻮ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪن ﺗﻌﺼﺐ ﭘﺮﺳﺘﻲ ) (Prejudiceﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﻣﺜﺎل ۾ ڏﻳﮑﺎرﻳﻨﺪو ﻫﻮ -ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺻﻔﺤﻲ ﺗﻲ ﭤﻠﻬﻦ اﮐﺮن ۾ ﭔﻦ ﻛﺎﻟﻤﻦ واري
ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ۾ ﻫﻚ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻋﺮب ارڙﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﮀﻮﻛﺮي ﺳﺎن ﭨﻲ ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ آﻫﻲ.ان ﺋﻲ اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﭘﭡﺌﻴﻦ )آﺧﺮي( ﺻﻔﺤﻲ ﺗﻲ ﻫﻴﭟ ﻛﻨﮉ ۾ ﻫﻚ ﻛﺎﻟﻤﻲ ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻓﻠﻮرﻳﮉا رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﭟ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﭨﻴﭽﺮ ﻳﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدﻳﺎﮢﻲ ﮐﻲ رﻳﭗ ﻛﻴﻮ آﻫﻲُ ” .ﻟﻚ ﺑﺮادر!“ ﻳﻤﻦ ﺟﻮ ﻣﺒﺎرڪ ﻳﻮرﭘﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ” ،ﻛﻴﺮ وڌﻳﻚ ﻛﻤﻴﻨﻮ ﭤﻴﻮ؟ ﭘﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﮐﻲ ذﻟﻴﻞ ﻛﺮڻ ﻻ اﮘﺌﻴﻦ ﺻﻔﺤﻲ ﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﮀﭙﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻧﺎﺑﺎﻟﻎ ﮀﻮﻛﺮي ﮐﻲ زوري زﻧﺎ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭴﮡ ﻛﺎ اﻫﻤﻴﺖ ﺋﻲ ﻧﭥﻲ رﮐﻲ ،ان ﮐﻲ ﭘﭡﺌﻴﻦ ﺻﻔﺤﻲ ﺗﻲ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ “.ﺳﻮ ان واﻧﮕﺮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ وارا اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن اﭼﻲ ﻟﮙﺎ آﻫﻦَ .ﻣﮏ واﻧﮕﺮ ﮔﻬﮣﻮ ﺋﻲ ﻣﭥﻮ ﭘﻴﺎ ﻫﮣﻦ ﭘﺮ ﺑﻘﻮل ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﭘﻴﺎم ﻧﻮر ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ازﺑﻚ ﺷﺎﮔﺮد ﺟﻲ ،اﻳﺮان ﻛﻮ ﻋﺮاق ،اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ دڙﻛﻦ ۾ اﭼﻲ وﭸﻲ...... .
ﻣﻮن ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان وارن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮ آﻫﻲ .اﺳﻜﻮﻟﻦ ،ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻲ وﭸﻲ ......ان ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﮢﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻬﺎدري ،ﻗﻮم ﭘﺮﺳﺘﻲ، اﻳﻤﺎﻧﺪاري ڏي راﻏﺐ ﻛﺮڻ ﺑﺪران رﮘﻮ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﺳﻨﺪرو ﭔﮅي ﺑﻴﻬﻮن ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﭤﻲ ﻫﻠﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﻳﺎ ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺑﻪ اڙدو/ﺳﻨﮅي ﻫﺠﮡ ﮐﭙﻲ! اﻫﻲ ﺷﻮق ﺟﭙﺎن ۽ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﺎ آﻫﻦ ،ﮀﻮ ﺟﻮ ﺣﻘﻴﻘﺖ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭔﻮﻟﻴﻦ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻬﮍي ﻃﺎﻗﺖ ﻧﻪ آﻫﻲ .ﺟﭙﺎن ۽ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ڏي واﭘﺲ اﭼﻲ وﻳﺎ .ﻫﺎ اﻳﺮان ﻫﻚ اﻫﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ .ﻫﻨﻦ وٽ ﻫﺮ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ .اﺳﺎﻧﺠﻮ اﻫﻮ ﺣﺎل آﻫﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ زﺑﺎﻧﻦ ﻣﺎن ﻋﺮﺑﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﻛﮃي ﮀﮇﺟﻦ ﺗﻪ ﺷﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ۽ ٰ اﻫﻲ وﭸﻲ ﮔﻮڏن ﭜﺮ ﭰﻬﻜﻮ ﻛﻦ .اﺟﺎﻳﻮ اڙدو اﻛﻴﮉﻣﻲ ﻳﺎ ﺳﻨﮅي ادﺑﻲ ﺑﻮرڊ ﺟﻬﮍا ادارا ڊﻛﺸﻨﺮﻳﻮن ﮀﭙﮡ ﺗﻲ ﺧﺮچ ﭘﻴﺎ ﻣﻌﻨﻲ ﭔﮅاﺋﮡ ﺑﺪران اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ ﻻ ﻟﮑﻴﻞ ﻣﻠﻨﺪو” ......ﻓﻼﮢﻲ ﺷﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ “.ﻟﻔﻆ ﻛﻦ ،ﺟﻴﻜﻲ ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ٰ ﻣﻌﻨﻲ ڏﺳﺒﻲ ﺗﻪ ان ﺟﻲ ﺳﻨﮅي ﻣﻌﻨﻲ ڏﺳﺒﻲ ﺗﻪ ﻟﮑﻴﻞ ﻣﻠﻨﺪو :ﻣﻴﻮي ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ Rheumatism .ﺟﻲ ﻟﻴﭽﻲ ﻳﺎ Oliveﺟﻲ ٰ ٰ ﻣﻌﻨﻲ واري ﻟﻔﻆ ﺑﺪران ﻟﮑﻴﻞ ﻣﻠﻨﺪو” :ﺑﻴﻤﺎري ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ “.اﻫﮍي ﻃﺮح Flemingoﻳﺎ Sea Gullﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﻳﺎ اڙدو ٰ ﻣﻌﻨﻲ ڏﺳﺒﻲ ﺗﻪ ﻟﮑﻴﻞ ﻣﻠﻨﺪو ”ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ “.ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﭘﮑﻴﻦ ،ﻣﻴﻮن .ڌاﺗﻦ ،ﭜﺎﭴﻴﻦ، ٰ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﻋﻀﻮن ۽ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﺎ ﺳﻨﮅي ۽ اڙدو ۾ ﻧﺎﻻ ﻫﻮﻧﺪا ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﺎ اڻ ﭴﺎڻ ۽ ﭤﻜﻞ ﻟﻴﮑﻚ ۽ ”ﻋﺎﻟﻢ“ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺮي ﮘﻮﻟﻬﮡ ﻳﺎ ﭘﮁﺎ ﮘﺎﮀﺎ ﻛﺮي ﻟﮑﮡ ﺑﺪران ،اﻧﻬﻦ ﻟﻔﻈﻦ ﻻ ﺑﻪ ﻟﮑﻲ ﮀﮇﻳﻨﺪا ﺗﻪ ﺑﻴﻤﺎري ﺟﻮ ﻗﺴﻢ آﻫﻲ ،ﮔﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻗﺴﻢ آﻫﻲ، ﻣﮁﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ......ﭘﺮ ﻓﺎرﺳﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﻲ ڊﻛﺸﻨﺮﻳﻦ ۾ اﺋﻴﻦ ﻧﺎﻫﻲ .ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﻟﻔﻈﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﻣﻴﺮ زﺑﺎن آﻫﻲ .اﻳﺮان ﭜﻠﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻟﻴﻮل ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﺮ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﭘﻬﻠﻮاﻧﻲ ﻛﺮي .اﺳﺎن ﺟﻲ اﻫﮍا ﺗﺠﺮﺑﺎ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺟﻦ وٽ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻛﻼس ﺟﻲ ﻣﺌﭥﺲ ﻻ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ ﻋﺮﺑﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺿﺮب ،ﺟﻤﻊ ،ﺗﻘﺴﻴﻢ ......وﻏﻴﺮه ﭤﺎ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺑﭽﻴﻞ ﺣﺎل اﻓﻌﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻫﻠﻴﺎ وﻳﻨﺪاﺳﻴﻦ .ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﺑﺮﻣﺎ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻜﻦ ﻗﻮﻣﻲ زﺑﺎن ۾ ﻣﻜﻤﻞ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻛﺮي وري ﭘﻮﻳﺎن ﭘﻴﺮ ﻛﺮي وﻳﺎ .ﺟﭙﺎن ۽ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮ ۾ ﻓﺨﺮ ﭤﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ .ﻫﻮن اﺳﺎن ﮐﻲ ﺟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺑﻌﺪ ﭔﻲ زﺑﺎن ۾ وﭸﮡ ﺟﻮ ﺷﻮق آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﻻ ﻋﺮﺑﻲ ﺟﻲ ﭼﻮﻧﮉ ﺑﻬﺘﺮ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ .ﺟﻴﻜﺎ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ زﺑﺎن ﻫﺠﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ .ﺑﺎﻗﻲ اڙدو ،ﺳﻨﮅي ،ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ وﻏﻴﺮه ﺗﻪ ﭴﮡ اﺳﺎن ﺟﻮن ﻣﺎدري زﺑﺎﻧﻮن آﻫﻦ .ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻛﻮ اﺳﻜﻮل ۾ ﻓﻘﻂ ﭼﺎر ﻛﻼس ﭘﮍﻫﻨﺪو ﺗﻪ ﺑﻪ ﻛﺎﻟﻢ ۽ ﻛﺘﺎب وﻳﭡﻮ ﻟﮑﻨﺪو .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ ﺳﭛ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺧﻴﺎل ۽ راﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻚ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ )ﺑﺤﺮي ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ( ﺟﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻫﻚ ان ﭨﻴﭽﺮ ﺟﺎ آﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﭔﻪ ڏﻫﺎﺋﻴﻮن ﮐﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ آﻫﻲ ۽ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ وزﭨﻨﮓ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ،اﻧﮉﻳﺎ ،ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ڊﻛﺸﻨﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﮔﻼﺋﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﻫﺎ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﭘﮡ ﻇﺎﻫﺮ ﻛﻨﺪس ﺗﻪ ﺳﻨﮅي ،اڙدو ۽ ﻣﻠﺌﻲ ڊﻛﺸﻨﺮﻳﻮن ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ واﺳﻄﻮ ﻫﻠﻨﺪو اﭼﻲ اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ڊﻛﺸﻨﺮي اﻟﺒﺖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ۽ اﻫﺎ آﻫﻲ ۲۳۵۶ :ﺻﻔﺤﻦ ﺟﻲ ”ﻗﻮﻣﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي اڙدو ﻟﻐﺖ“ ﺟﻴﻜﺎ ڊاﻛﭩﺮ ﺟﻤﻴﻞ ﺟﺎﻟﺒﻲ ﺻﺎﺣﺐ editﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﻣﻘﺘﺪره ﻗﻮﻣﻲ زﺑﺎن ،اﺳﻼم آﺑﺎد وارن ﮀﭙﺮاﺋﻲ آﻫﻲ .ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﺎ ﺳﺮوس ﺑﻚ ﻛﻠﺐ ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻠﻲ ﻫﺌﻲ .ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ رﺋﻚ ﺗﻲ رﮐﻴﻞ ڏﻫﻪ ﭔﺎرﻫﻦ اڙدو ،ﺳﻨﮅي ۽ ﻣﻠﺌﻲ ڊﻛﺸﻨﺮﻳﻦ ﻣﺎن اﻫﺎﺋﻲ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ آﺋﻮن ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮﻳﺎن ﭤﻮ ۽ ان ﮐﻲ ﻛﻢ ﺟﻲ ﺷﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﺎ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذاﺗﻲ را آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﺳﻬﻤﺖ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻧﻪ ﺑﻪ ﻫﺠﻲ.
----ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان آب ﻫﻮا ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ .ان ﻛﺮي ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻲ ﺻﺤﺖ ﺑﻪ ﺳﭡﻲ رﻫﻲ ﭤﻲ .زﻣﻴﻦ ﭜﻠﻲ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﺎغ ﺑﺎﻏﻴﭽﺎ ۽ ﮔﻠﻜﺎرﻳﻮن ﻟﮙﻴﻮن ﭘﻴﻮن آﻫﻦ .اﺋﻴﻦ ﺳﺎوڪ ﺗﻪ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ ڏاڍي آﻫﻲ ﭘﺮ ﮔِﻬﻢُ ، ﮔﻬﭧ Humidity ،۽ ﻣﻴﻨﻬﻮﮘﻲ ﻛﺮي ﻧﺎﻧﮓ ﺑﻼﺋﻮن ،ڏﻳﻨﭝﻮ ﻣﺎﻛﻮڙا ۽ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﺟﻴﺖ ﺟﮣﻴﺎ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ آﻫﻦ ۽ ﻣﭥﻴﻮن ﻣﻮﺳﻤﻲ ﺣﺎﻟﺘﻮن ﻫﻨﻦ ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﮔﻬﮣﻲ وﻳﺠﻬﻪ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮن ﻛﻦ .اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﭤﮅي ۽ ﺧﺸﻚ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ وارو ﻣﭥﻴﻮن آزار ﻧﺎﻫﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﺌﻴﮉن ۽ ﻧﺎروي واﻧﮕﺮ -ﺟﺘﻲ ﭤﮅﻛﺎر ﻣﻨﻔﻲ ﭨﻴﻬﻪ ڊﮔﺮﻳﻮن وﭸﻴﻮ ﭤﺌﻲ ۽ ﻣﮁﺮ ﻣﮑﻴﻮن ﺻﻔﺎ ﻧﺎﻫﻦ ۽ ﻫﺮ ﺷﻲ ﭴﮡ رﻳﻔﺮﻳﺠﺮﻳﭩﺮ ۾ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺧﺮاب ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ .ﺗﻬﺮان اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺿﺮور ڏﺳﺠﻲ .ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﺮ زوار اﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ .اﻧﻬﻦ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان ﺟﻲ اﭸﺎن ﺑﻪ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﻮﭜﻴﺎ ڏﺳﮣﻲ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺿﺮور وﭸﺠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﺻﻔﻮي دور ۾ ﻟﻨﮉن ۽ ﭘﺌﺮس ﺑﻪ اﻫﮍو ﺳﻬﮣﻮ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺟﻬﮍو اﺻﻔﻬﺎن .ﻳﻮرپ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎ ﺑﺎﻏﻴﭽﺎ ۽ روڊ رﺳﺘﺎ ڏﺳﮡ ﻻ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ان ﻛﺮي ﺗﻪ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن اڌ ﺟﻬﺎن! اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻫﺮ ﺳﻴﺎح )ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ( ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻦ ﻫﻴﻜﺎﻧﺪي ﮔﻬﮣﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﺴﺎن ﺟﻮ ﻋﻘﻞ ﻧﭥﻮ ﻣﭹﻲ .ﻋﻼﻣﻪ ﺣﻤﻮي رﺣﻪ ﺻﻔﻬﺎن ﻻ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ” :اﺻﻔﻬﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻔﻴﺲ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ آب ﻫﻮا ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ .ﻫﺘﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻛﻴﻨﺌﺎن ۽ ﻣﺎﻛﻮڙا ﻧﭥﺎ ﭤﻴﻦ ﭘﺮ ﮐﺎڌو ﺑﻪ ﺟﻠﺪي ﻧﭥﻮ ﺳﮍي ۽ ﻧﻪ وري ﻣﻴﻮو ﭜﺎﭴﻲ ﻛﻮ ﺟﻠﺪي ﺧﺮاب ﭤﺌﻲ ﭤﻲ “.ﻫﻦ ﺻﺎﺣﺐ ﻫﻲ رواﻳﺘﻮن ﺑﻪ ﻧﻘﻞ ﻛﻴﻮن آﻫﻦ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻗﺒﺮن ۾ ﻣﺮدن ﺟﻮ ﺟﺴﻢ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻼﻣﺖ ۽ ﺻﺤﻴﺢ رﻫﻲ ﭤﻮ. -----
دور ﺧﻼﻓﺖ ۾ )ﺳﻦ ۱۹ﻫﺠﺮي ۾( ﻓﺘﺢ ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ .ان وﻗﺖ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﻓﺎروق رﺿﻪ ﺟﻲ ِ َﻗﺎذوﺳﻘﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ .ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪا� ﺑﻦ ﻋﺘﺒﺎن رﺿﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﮔﻬﻴﺮو ﻛﻴﻮ ،۽ ﺟﮇﻫﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﻃﺮﻓﻦ ﺟﻮن ﻓﻮﺟﻮن ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ آﻣﻬﻮن ﺳﺎﻣﻬﻮن ﭤﻴﻮن ﺗﻪ ﻗﺎذو ﺳﻘﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪا� ﺑﻦ ﻋﺘﺒﺎن رﺿﻪ ڏي ﻧﻴﺎﭘﻮ ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺗﻪ ”ﭔﻨﻬﻲ ﻓﻮﺟﻦ ﺟﻲ وﻳﮍﻫﻪ ﺳﺎن ﺧﻮﻧﺮﻳﺰي ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﻮ ﻓﺎﺋﺪو ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو ،ان ﻛﺮي اﭼﻮ ﺗﻪ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮﻳﻮن .ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﺗﻮﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ورﺗﻮ ﺗﻪ ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ ﻟﺸﻜﺮ واﭘﺲ ﻣﻮﭨﻲ وﻳﻨﺪو ،۽ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ورﺗﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﺳﺎﭤﻲ ﺗﻮﺳﺎن ﺻﻠﺢ ﻛﺮي وﭠﻨﺪا “.ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪا� ﺑﻦ ﻋﺘﺒﺎن رﺿﻪ اﻫﺎ رٿ ﻣﻨﻈﻮر ﻛﺌﻲ .ﭔﻨﻬﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﭤﻴﻮ .ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪا� ﺑﻦ ﻋﺘﺒﺎن رﺿﻪ ﻗﺎذو ﺳﻘﺎن ﮐﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻮ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي. ﻗﺎذو ﺳﻘﺎن ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪا� ﺑﻦ ﻋﺘﺒﺎن رﺿﻪ ﺟﻲ ﮔﻬﻮڙي ﺟﻮ ﻟﻐﺎم ﻛﭩﺠﻲ وﻳﻮ ،ﭘﺮ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﺳﻼﻣﺖ ۽ ﺛﺎﺑﺖ ﻗﺪم ﺑﻴﭡﻮ رﻫﻴﻮ .ان ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪا� ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻫﺎڻ آﺋﻮن ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻨﺪس ،ﺗﻮن ﺗﻴﺎر ﭤﻲ وڃ “.ﭘﺮ ﻗﺎذو ﺳﻘﺎن ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺛﺎﺑﺖ ﻗﺪﻣﻲ ۽ دﻟﻴﺮي ڏﺳﻲ ورﺗﻲ .ﻫﺎڻ آﺋﻮن ﺗﻮﺳﺎن ﺻﻠﺢ ﻛﺮي ﻫﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺮڻ ﻻ ﺗﻴﺎر آﻫﻴﺎن .ان ﺑﻌﺪ ﺻﻠﺢ ﻧﺎﻣﻮ ﻟﮑﻴﻮ وﻳﻮ .ﺳﭵﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﭽﺎ ڏﻧﻮ وﻳﻮ ۽ ﺷﻬﺮ ﺗﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻗﺎﺋﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ.
اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت درﻳﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﻛﻨﺎرن ﺗﻲ آﺑﺎد آﻫﻲ ۽ درﻳﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﻛﻨﺎرن ﮐﻲ ﻣﻼﺋﮡ ﻻ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﭘﻠﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭘﻞ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺳﻲ وﺳﻪ ﭘﻞ“ آﻫﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﭨﻴﭩﻴﻬﻦ درن واري ﭘﻞ .ﻫﻚ ﭔﻲ ﭘﻞ ”ﺧﻮاﺟﻮ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ .ﻫﻨﻦ ﭘﻠﻴﻦ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ درﻳﺎﻫﻪ ۽ ﭔﻨﻬﻲ ﻛﭙﺮن ﺗﻲ ﭘﮑﮍﻳﻞ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﻣﻨﻈﺮ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ. -----
آﺋﻮن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻪ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻗﻢ ُﻣﻠﻦ ۽ َﻣﺪرﺳﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻣﺪرﺳﺎ ۽ اﮀﻴﻦ ۽ ﻛﺎرﻳﻦ ﭘﮙﻦ )ﻋﻤﺎﻣﺎﺋﻦ( ۾ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﺷﺎﮔﺮد ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد وڌﻧﺪو وﻳﻨﺪو ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﭤﻴﻨﺪا وﻳﻨﺪاﺋﻮ .آﺋﻮن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﺟﺎﮔﺮ ﺟﻮﺗﺎ ﭘﺎﺋﻲ واڪ ﻛﻴﺎن ﭤﻮ .ﭔﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺎن ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻣﻔﺘﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ ﻋﺜﻤﺎﻧﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ”اﻳﻚ ﻫﻔﺘﻪ اﻳﺮان ۾“ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ .ان ۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ُﻗﻢ ﻻ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ”ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﻓﺎروق رﺿﻪ ﺟﻲ دور ﻣﻮﺳﻲ اﺷﻌﺮي رﺿﻪ ﻓﺘﺢ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ .ﻳﻌﻨﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ﺧﻼﻓﺖ ۾ ﺳﻦ ۲۳ﻫﺠﺮي ۾ ﺣﻀﺮت اﺑﻮ ٰ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﻮرن ﭼﺌﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﭘﻮُ ﻗﻢ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ .ان وﻗﺖ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ﻛﻮ وڏو ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻫﻮ ،ﭘﺮ ﺳﺘﻦ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻧﻨﮃﻳﻦ وﺳﺘﻴﻦ ﺟﻮ ﺟﻬﮙﭩﻮ ﻫﻮ ،ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ” ُ ﻛﻤﻨﺪان“ ﻫﻮ .ﺳﻦ ۸۳ﻫﺠﺮي ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﺒﺪاﻟﺮﺣﻤﺎن اﺑﻦ اﻻﺷﻌﺖ ﺣﺠﺎج ﺑﻦ ﻳﻮﺳﻒ ﺳﺎن ﺑﻐﺎوت ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻟﺸﻜﺮ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ Settleﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﻫﻨﻦ ﺳﺘﻦ وﺳﺘﻴﻦ ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ آﺑﺎد ﻛﻴﻮ ۽ اﻫﻲ ﺳﺘﺌﻲ وﺳﺘﻴﻮن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻣﺤﻼ ﭠﻬﻲ وﻳﺎ ۽ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ُ ﻛﻤﺪان ﻣﺎن ﻣﺨﺘﺼﺮ ﭤﻲ ُﻗﻢ ﺑﻨﺠﻲ وﻳﻮ .ﺟﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ آﺑﺎد ﻛﻴﻮ ﻫﻮ ،اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﺳﭛ ﻣﺎن ﻧﻤﺎﻳﺎن ﺷﺨﺼﻴﺖ ﻋﺒﺪا� ﺑﻦ ﺳﻌﺪ ﻫﻮ .ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﭧ ﻛﻮﻓﻲ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ اﻫﻞ ﺗﺸﻴﻊ ﺟﻲ ﻣﺎﺣﻮل ۾ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ .ﻗﻢ ﺟﻲ آﺑﺎد ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻛﻮﻓﻲ ﮐﺎن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻗﻢ ﻟﮇي آﻳﻮ ۽ ﻫﻦ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﺷﻴﻌﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﮐﻲ وڌاﻳﻮ ،اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺷﻴﻌﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ“. اﻋﻠﻲ درﺟﻲ ﺟﻮ ادﻳﺐ ﺑﻪ( ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ُﻗﻢ ﻻ ﭼﺮﭼﻮ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﺻﺎﺣﺐ ﺑﻦ ﻋﺒﺎد )ﺟﻴﻜﻮ وزﻳﺮ ﺑﻪ ﻫﻮ ﺗﻪ ٰ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻗﺎﺿﻲ ﮐﻲ ﺧﻄﺎب ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ:
اﻳﻬﺎ اﻟﻘﺎﺿﻲ ّ ﺑﻘﻢ ،ﻗﺪ ﻋﺰﻟﻨﺎڪ َﻓ ُﻘﻢ
ﻣﻌﻨﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ”اﭤﻲ ﺑﻴﻬﻪ“ ﺳﻮ ﻣﭥﻴﻦ ﺟﻤﻠﻲ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﭤﻴﻮ ”اي ﻗﻢ ﺟﺎ ﻗﺎﺿﻲ! اﺳﺎن ﺗﻮﮐﻲ ُﻗﻢ ﺟﻲ ﻋﺮﺑﻲ زﺑﺎن ۾ ٰ �ِ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ )ﻧﻮﻛﺮي( ﺗﺎن ﻻﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ،ﺳﻮ اﭤﻲ ﺑﻴﻬﻪ “.ان ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻗﺎﺿﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﻣﺎن ﮀﻮ ﻻﭤﻮ وﻳﻮ؟ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ ﭤﻲ.
”اﻧﺎ ﻣﻌﺰول اﻟﺴﺠﻊ ﻣﻦ ﻏﻴﺮ ﺟﺮم وﻻ ﺳﺒﺐ“.
ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻨﻬﻦ ڏوه ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺳﺒﺐ ﮐﺎن ﻧﻪ ﭘﺮ ﻓﻘﻂ ردﻳﻒ ﻗﺎﺿﻴﻪ ﮐﻲ ﭘﻮرو ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﺷﻮق ۾ ﻧﻮﻛﺮي ﻣﺎن ﻓﺎرغ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.
ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺷﺎﻋﺮ روﻣﻲ ،ﺳﻌﺪي ،ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ،ﻋﻄﺎر وﻏﻴﺮه ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﺗﻴﺌﻦ اﻳﺮان ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ �ِ ۾ ﺷﺎﻋﺮي ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﺟﺎ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﺷﺎﻋﺮ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﻗﺒﺎل ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ اڙدو ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﻛﺘﺎﺑﻦ ﺟﻲ دﻛﺎﻧﻦ ۽ ﻟﺌﺒﺮرﻳﻦ ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ دﻟﻴﻦ ۾ ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﻻ وڏي ﻋﻘﻴﺪت ۽ ﻣﺤﺒﺖ آﻫﻲ .ﺑﻘﻮل ڊاﻛﭩﺮ اﺳﺮار اﺣﻤﺪ ﺟﻲ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ داﻧﺸﻮر ۽ ﻋﺎﻟﻢ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﻮچ ۽ وﻳﭽﺎر ﺳﺎن ﻣﺘﻔﻖ ۽ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ .اﻗﺒﺎل ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ”اﻗﺒﺎل ﻻﻫﻮري“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻳﺎد ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻌﺪي ﮐﻲ اﺳﻴﻦ ”ﺳﻌﺪي ﺷﻴﺮازي“ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ اﻳﺮاﻧﻲ اﻗﺒﺎل ﮐﻲ ”اﻗﺒﺎل ﻻﻫﻮري“ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﭘﻴﻐﺎم ﮐﻲ دل ﺳﺎن ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ. -----
اڄ ﮐﺎن ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل اڳ ڊاﻛﭩﺮ اﺳﺮار اﺣﻤﺪ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﻔﺘﻮ ﮐﻦ رﻫﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻫﻦ اڙدو ڊاﺋﺠﺴﭧ ﺟﻲ ﺟﻮن ۱۹۹۸واري ﭘﺮﭼﻲ ۾ ”ڶﭘڼ ڷڌ ﺇﭘﮇﺇڷ ڶﭘڼ ڦۑﺇ ڈۑڦێﺇ؟“ ﺟﻲ ﻋﻨﻮان ﺳﺎن ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ان ۾ ﻫﻦ اﻫﻮ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ”اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ ﺟﻮش ﺟﺬﺑﻮ ،اﻣﻨﮓ ۽ وﻟﻮﻟﻮ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ ۽ ﻋﺎم ﻃﻮر ﺗﻲ ﭘﻮري ﻣﺎﺣﻮل ﺗﻲ اﻓﺴﺮدﮔﻲ ۽ ﭜﻮ ۽ ڊپ ﺟﻲ ﻛﻴﻔﻴﺖ ﻃﺎري آﻫﻲ “.ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﺻﺤﻴﺢ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ اڄ
ﺟﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺎﺣﻮل ﻣﻮن ﮐﻲ ان ﺟﻲ اﺑﺘﮍ ﻟﮙﻮ .اﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ ﺗﻲ ﺗﻪ اﻫﻞ ﺗﺸﻴﻊ ﺟﻲ ﻧﺰدﻳﻚ ﺣﻀﺮت ﻓﺎﻃﻤﮧ اﻟﺰﻫﺮا رﺿﻪ ﮐﻲ ﺟﻦ ﻣﺸﻜﻼﺗﻦ ۽ اوﮐﺎﻳﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻴﻮ ،ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ رﺿﻪ ﺳﺎن ﻫﻨﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺨﺘﻴﻮن ﭤﻴﻮن ۽ ﻣﻘﺎم ﻛﺮﺑﻼ ۾ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ رﺿﻪ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺟﻮ واﻗﻌﻮ ﭤﻴﻮ ،اﻫﮍن ڏﮐﻦ ﺟﻲ اﺛﺮ ﻫﻴﭟ رﻫﻲ اﻫﻞ ﺗﺸﻴﻊ ﺟﻮ اﻓﺴﺮده ﻣﺰاج ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﻋﺎم ﻃﺮح اﻳﺮاﻧﻴﻦ ۾ ﻣﺤﻨﺖ ،ﻋﻠﻢ ﻻ ﭼﺎﻫﺖ ،اﻳﻤﺎﻧﺪاري ﺳﺎن ڊﻳﻮﭨﻲ ڏﻳﮡ ،ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ﻗﻮم ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮي ﻻ ﺟﺪوﺟﻬﺪ ،دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮڻ ﻻ اﮘﺘﻲ وڌڻ ﺟﻮ ﺟﻮش ۽ ﺟﺬﺑﻮ ﺻﺎف ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ. ڊاﻛﭩﺮ اﺳﺮار ﺟﻮن اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻗﺎﺑﻞ ﻏﻮر آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﺸﺎﻫﺪي ﺟﻲ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن:
اﻳﺮان ۾ وﭸﻲ ﺻﺎف ﺻﺎف ﻣﺤﺴﻮس ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ وﻗﺎر ۽ ﻋﺰت • ً آﻫﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻌﺎﻣﻠﻮ ان ﺟﻲ اﺑﺘﮍ آﻫﻲ .ﺷﻬﺮن ۾ ﻳﻘﻴﻨﺎ اﺳﺎن وٽ ﻛﺠﻬﻪ دﺑﻨﮓ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻋﻠﻤﺎء اﻫﮍا ﺿﺮور آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭠﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻋﺰت ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﭔﻬﺮاڙي ۾ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ .اﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ”ﻛﻤﻲ ﻛﺎرﻳﻦ“ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻧﺎﻫﻲ.
ﺟﻤﻌﻲ ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻻ ﻋﻴﺪ واﻧﮕﺮ آﻫﻲ ،ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ”اﻟﺠﻤﻌﻪ • ﻋﻴﺪاﻟﻤﺴﻠﻤﻴﻦ“ -ﺟﻤﻌﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻻ ﻋﻴﺪ آﻫﻲ .ان ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن ﺟﻤﻌﻲ ﺟﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻨﻈﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ڏﺳﮡ ۾ اﭼﻲ ﭤﻮ اﻫﻮ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﭥﻲ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﭼﻲ .ﻓﻘﻂ ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﻣﻄﺎﺑﻖ ڏﻫﻪ ﻟﮏ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻤﻌﻲ ﺟﻲ ﻧﻤﺎز ادا ﻛﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان ۾ ﺻﺎف ﺻﺎف ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﺮﺟﻴﺤﺎت ۾ ﻋﻠﻢ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ اﻫﻤﻴﺖ • ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ .ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۽ ﻻﺋﺒﺮﻳﺮﻳﻦ ﻻ وڏو ﭘﺌﺴﻮ ﺧﺮچ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ .ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻧﻮان ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ۽ ﺗﺤﻘﻴﻘﻲ ﻣﺮﻛﺰ ﮐﻠﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ .ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﻫﻚ ﺗﻤﺎم وڏو اﻧﺴﺎﺋﻴﻜﻠﻮ ﭘﻴﮉﻳﺎ ”داﺋﺮه اﻟﻤﻌﺎرف اﻻﺳﻼﻣﻴﻪ اﻟﻜﺒﺮيٰ “ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﮀﭙﺠﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ اﻟﮗ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﺑﻪ ﮐﻮﻟﻴﻮن ﭘﻴﻮن وﭸﻦ .ﻓﻘﻂ ﺗﻬﺮان واري ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﻨﺞ ﻫﺰار ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻦ ﻻ اڍاﺋﻲ ﺳﺆ ﮐﻦ ﻟﻴﻜﭽﺮار ۽ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻋﻮرﺗﻮن آﻫﻦ. ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺑﻌﺪ ﻗﺮآن ﺣﻜﻴﻢ ۽ ان ﺟﻲ ﺗﻔﺴﻴﺮ ﺟﻲ ﻋﻤﺪي ﮀﭙﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ اﻳﺮان ۾ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ،ان ﺟﻮ • ﻣﺜﺎل ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻧﭥﻮ ﻣﻠﻲ.
اﺳﺎن ﮐﻲ اﻧﺪﻳﺸﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ آﻳﺖ ا� ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺰار ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺰارن ﺗﻲ ﭤﻴﻨﺪڙ ﺑﺪﻋﺘﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ • ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن ﭘﺮ اﺳﺎن اﺗﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻛﺎ ﺑِﺪﻋﺖ ﻳﺎ ﺷﺮڪ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﻳﻮ .ﻣﻮن اﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﺴﻨﻮن ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن ﺳﻼم ﻛﻴﻮ” :اﻟﺴﻼم اﻋﻠﻴﮑﻢ ﻳﺎ اﻫﻞ اﻟﻘﺒﻮر ﻣﻦ اﻟﻤﻮﻣﻨﻴﻦ واﻟﻤﺴﻠﻤﻴﻦ ،ﻳﻐﻔﺮا� ﻟﻨﺎ وﻟﻜﻢ ،اﻧﺘﻢ ﺳﻠﻔﻨﺎ و ﻧﺤﻦ اﺑﺎاﻟﺜﺮ“ ﭘﻮ ﻣﺰار ڏي ﭘﭟ ﻛﺮي ﻗﺒﻠﻲ ڏي ﻣﻨﻬﻦ ﻛﺮي دﻋﺎ ﮔﻬﺮﻳﻢ .ان ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻮ اﻋﺘﺮاض ﻧﻪ ﻛﻴﻮ. اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ دﺳﺘﻮر )ﻗﺎﻧﻮن( ﺟﻮ ﻣﻌﺎﻣﻠﻮ آﻫﻲ اﻫﻮ ﻓﻘﻪ ﺟﻌﻔﺮﻳﻪ ﺗﻲ ﭔﮅل آﻫﻲ ۽ اﻫﻮ ﺋﻲ ’ﭘﺒﻠﻚ ﻻ‘ آﻫﻲ، • اﻟﺒﺖ دﺳﺘﻮر ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻘﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻋﻤﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ آزادي ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ ۽ آﺋﻮن )ﻳﻌﻨﻲ ڊاﻛﭩﺮ اﺳﺮار( ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ان ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .اﺳﺎن ﭘﺎڻ ﺷﻴﻌﻪ ﺣﻀﺮات ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﮇ ﻫﭣ ﭔﮅي ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ ۽ ﺳﺠﺪي واري ﺟﺎ ﺗﻲ ﺧﺎڪ ﻛﺮﺑﻼ ﺟﻮن ﭨﻜﻴﻮن ﺑﻪ ﻧﻪ رﮐﻴﻮن ،ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ان ﺗﻲ ﻛﻮ اﻋﺘﺮاض ﻧﻪ ﻛﻴﻮ.
اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻌﻴﺸﺖ ﮐﻲ ﻣﻀﺒﻮط ﺑﻨﻴﺎدن ﺗﻲ ﺗﻌﻤﻴﺮ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻻ ﺟﺎن ﺟﻲ ﺑﺎزي ﻟﮙﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ .ﺻﻨﻌﺘﻦ • ﮐﻲ وڌاﺋﮡ ﺟﻮن ﻛﻮﺷﺸﻮن ﺟﺎري آﻫﻦ .ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻃﺎﻗﺘﻮن ﻫﻦ ﻻ ﺟﻴﺌﮡ ﺟﻨﺠﺎل ﻛﻴﻮ وﻳﭡﻴﻮن آﻫﻦ ۽ ﺳﻨﺪن اﻳﺮان ﺳﺎن ﺑﺎﺋﻜﺎٽ ۽ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ وﻳﺘﺮ اﻳﺮان ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺳﮕﻬﺎرو ۽ ﻫﻤﺖ وارو ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ .اﻫﮍﻳﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻧﮉﺳﭩﺮي ۽ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ۽ ﻫﻨﺮ ۾ ﻣﻐﺮب ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي .اﻫﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ اﻗﺒﺎل ﭼﻮاﮢﻲ
اﻳﺮان ﺟﻲ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻲ ﻋﻠﻤﺒﺮدار وﻛﻴﻞ ﻋﻮرت ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ﺗﻬﺮان وﭸﮡ ﻻ ﭘﺌﺮس اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ • رﺳﺘﻲ ۾ ﻫﺌﻲ ،ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ رﻳﮉﻳﻮ ﺗﻲ اﻫﻮ ﭔﮅو ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﻋﺎﻟﻤﻲ اﻣﻦ ﺟﻮ ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ .ﻫﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﻓﺮاﻧﺲ
۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ۽ ﻣﺬاﻛﺮن ۾ ﺷﺮﻛﺖ ﻻ آﺋﻲ ﻫﺌﻲ ،ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﺎن ان اﻋﻼن ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﺣﻴﺮت ۾ ﭘﺌﺠﻲ وﺋﻲ. اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﻻ ﭘﺘﻮڙﻳﻨﺪڙ ،ﻣﺤﺪود ﺳﺮﻛﻠﺰ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﭧ ﺳﭹﺎﺗﻲ وﻳﻨﺪڙ ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ﺟﻲ ﭼﻮﻧﮉ ﻻ ﭘﻮپ ﺟﺎن ﭘﺎل ﮐﻲ ﺑﻪ ﭘﻮﺋﺘﻲ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ .ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻮ اﻳﺮان ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﺻﻮرﺗﺤﺎل ۽ ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم ﺟﻲ ﻣﺪد وﺳﻴﻠﻲ ان ۾ ﺗﺒﺪﻳﻠﻲ آﮢﮡ ﺑﺎﺑﺖ ﻧﻴﻮزوﻳﻚ ﮐﻲ اﻧﭩﺮوﻳﻮ ڏﻧﻮ .ﺳﻨﺪس ﻫﻚ ﭔﻦ ﺳﻮاﻟﻦ ﺟﺎ ﺟﻮاب ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ:
ﺳﻮال :ﮀﺎ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﻣﻠﻨﺪڙ اﻧﻌﺎم اﻳﺮان ۾ ﺟﻤﻬﻮرﻳﺖ ﻻ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ آﺟﻴﺎن آﻫﻲ؟
ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي :آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻲ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ داﺋﺮي ۾ رﻫﻲ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﻛﻮﺑﻪ ﻏﻴﺮ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﻗﺪم ﻧﻪ ﮐﻨﻴﻮ آﻫﻲ .ﻣﻮن ُﭘﺮاﻣﻦ ﻣﻈﺎﻫﺮن ﺟﻲ ﺣﻤﺎﻳﺖ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ .ﭘﺮ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﻏﻠﻂ ﭤﻴﻨﺪو آﻫﻲ ،آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺆﻛﻠﻦ ﺟﻲ ﺑﭽﺎ ۽ آزادي ﻻ ﻣﻮﺟﻮد رﻫﻨﺪي آﻫﻴﺎن .ﺟﮇﻫﻦ ۱۹۹۹۾ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻲ ﻫﺎﺳﭩﻠﻦ ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﭤﻴﺎ ،ﺗﻪ ﻣﻮن ان ﺟﻲ ﺷﻜﺎر ﺑﮣﻴﻞ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ﺟﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻮ ﺑﭽﺎ ﻛﻴﻮ ،ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ ﺟﻴﻞ ﺑﻪ وﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ .ان ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ اﻣﻴﺪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻣﻠﻨﺪڙ ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم اﻳﺮان ۾ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﻻ ﭘﺘﻮڙﻳﻨﺪڙن ﻻ ﻫﻤﺖ ۽ ﻧﺌﻴﻦ ﺟﻮش ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﺒﻮ .ﻫﻦ اﻧﻌﺎم ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻓﺎﺋﺪو آﻫﻲ .آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻲ ﺗﻪ ان وﺳﻴﻠﻲ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ رﻫﻲ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﻻ ﭘﺘﻮڙي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﺪوﺟﻬﺪ اﮘﺘﻲ وڌي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ. ﺳﻮال :ﮀﺎ اﺳﻼﻣﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻮ وﺟﻮد آﻫﻲ؟
ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي :اﺳﻼﻣﻲ ﻣﻠﻚ ،اﺳﻼم ۽ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ وچ ۾ ﻛﻮ ﺑﻪ ﺗﻀﺎد ﻧﻪ آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻲ ﻟﺘﺎڙ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﻏﻠﻂ ﺗﺸﺮﻳﺢ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎد ﺗﻲ ﺋﻲ آﻫﻲ .ﻣﻮن ﮔﺬرﻳﻞ ۲۰ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﺗﺸﺮﻳﺢ ﺛﺎﺑﺖ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺟﻤﻬﻮرﻳﺖ ﻣﺘﻌﺎرف ﻛﺮاﺋﮡ ۾ ﻣﺪد ﻣﻠﻨﺪي .اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ اﻫﮍي ﺗﺸﺮﻳﺢ ﺟﻲ ﮔﻬﺮج آﻫﻲ ،ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﺟﺎ وڌﻳﻚ ﻣﻮﻗﻌﺎ ﻣﻠﻦ .اﺳﺎن ﮐﻲ ان ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﺿﺮورت آﻫﻲ ،ﺟﻴﻜﻮ ﺟﻤﻬﻮرﻳﺖ ﺳﺎن ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ ﻫﺠﻲ ۽ ان ۾ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻴﻮ وﭸﻲ.
ﺳﻮال :ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺮﻳﺲ ﻛﺎﻧﻔﺮﻧﺲ وﻗﺖ ﻣﭥﻲ ﮐﻲ ﭼﺎدر ﻳﺎ ﺑﺮﻗﻌﻲ ﺳﺎن ﻧﻪ ڍﻛﻴﻮ ،ﮀﺎ ﺗﻮﻫﺎن ان ﺑﺎري ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﭼﻮڻ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪاﺋﻮ؟
ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي :اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرت ﺟﻮ ﭼﺎدر اوڍڻ ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ ﮔﻬﺮج آﻫﻲ ،ان ﻛﺮي اﺗﻲ آﺋﻮن اوڍﻳﻨﺪي آﻫﻴﺎن ،ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ اڳ ﭼﺌﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ آﺋﻮن ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﺗﺸﺮﻳﺢ ۾ ﻳﻘﻴﻦ رﮐﺎن ﭤﻲ ۽ اﺳﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﺗﺸﺮﻳﺢ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻠﻲ آﮢﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ .آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻲ ﺗﻪ ﭼﺎدر ﻳﺎ ﺣﺠﺎب اوڍڻ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻫﺮ ﻋﻮرت ﺗﻲ ﮀﮇڻ ﮔﻬﺮﺟﻲ.
ﺳﻮال :ﺗﻮﻫﺎن ﮀﺎ ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن اﻳﺮان ﭘﻬﭽﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﭼﺎدر وري ﺳﺎﮘﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ اوڍﻳﻨﺪاﺋﻮ ،ﮀﺎ ﺗﻮﻫﺎن ڊﻧﻞ آﻫﻴﻮ؟
ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي :آﺋﻮن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺧﻮف ۾ ورﺗﻞ ﻧﻪ آﻫﻴﺎن ،ﻧﻪ ﺋﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ آﻫﻲ .آﺋﻮن اﻳﺮان واﭘﺲ وﻳﻨﺪﻳﺲ .ﮀﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن اﻳﺮان ﭴﺎﺋﻲ آﻫﻴﺎن ۽ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﺋﻲ آﺧﺮي ﭘﺴﺎﻫﻪ ﮐﮣﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻲ .ﺗﻮﻫﺎن اﻫﻮ ﺧﻴﺎل ﻛﺮﻳﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ۾ آﻫﻴﻮ ،ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭘﻮڙﻫﻲ ﺑﻴﻤﺎر ﻣﺎ ﺑﻪ آﻫﻲ ،ﺗﻮﻫﺎن ﻳﻘﻴﻨﻦ ان ﺑﻴﻤﺎر ﻣﺎ ڏاﻧﻬﻦ ﺋﻲ وﻳﻨﺪاﺋﻮ ۽ ان ﺳﺎن ﺋﻲ وﻗﺖ ﮔﺬارﻳﻨﺪؤ ،ﮀﻮ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻣﺎ آﻫﻲ .ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ وﻗﺖ آﺋﻮن ﭘﺌﺮس ۾ آﻫﻴﺎن ،ﺟﺘﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﭛ ﺣﻖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻦ .ﺑﻴﺸﻚ ﻣﻮن ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻟﻄﻒ اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ آﺋﻮن ﺧﻮش آﻫﻴﺎن ،ﭘﺮ ﻫﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﻬﺮ ﻧﻪ آﻫﻲ. ﺳﻮال :ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ۾ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻛﻬﮍي اﻣﻴﺪ آﻫﻲ؟
ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي :ﻣﻮن ﮐﻲ اﻣﻴﺪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﻮن ﮐﺎن ﺑﻪ اﮘﺘﻲ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ .اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﺴﻞ وٽ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺑﺎﺧﺒﺮ رﮐﮡ ﻻ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﭧ ﻣﻮﻗﻌﺎ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﺌﺎ .ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﺟﻮان ﻫﻴﺲ ،ان وﻗﺖ ﻧﻪ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﻫﻮ ﻧﻪ اﻧﭩﺮﻧﻴﭧ ﻫﺌﻲ. اﺳﺎن وٽ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﻻ ﺻﺮف ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻧﻨﮃڙي ﻻﺋﺒﺮﻳﺮي ﻫﺌﻲ .ان ﻛﺮي ﻣﻮن ﮐﻲ اﻣﻴﺪ آﻫﻲ ﺗﻪ اڄ ﺟﻮ
ﻧﻮﺟﻮان ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﻮن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺧﺬﻣﺖ ﻛﻨﺪو. -----
اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﺞ ،وﻛﻴﻞ ،اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻲ ﺟﺎﮐﻮڙي ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ،ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﻮرت ۽ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرت آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ۱۰آﻛﭩﻮﺑﺮ ۲۰۰۳ﺗﻲ ﻧﻮﺑﻞ اﻣﻦ اﻧﻌﺎم ﻣﻠﻴﻮ .ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ۱۹۴۷۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻤﺪان ۾ ﭴﺎﺋﻲ .ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﻋﺒﺎدي ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﭼﻴﻒ ﻧﻮﭨﺮي ﭘﺒﻠﻚ ﻛﻤﺮﺷﻞ ﻻ )ﺗﺠﺎرﺗﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ( ﺟﻮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻫﻮ. ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ۱۹۶۹ ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺗﻬﺮان ﻣﺎن ﻗﺎﻧﻮن ۾ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﭼﻮﻧﮉ ﺟﺎ اﻣﺘﺤﺎن ڏﺋﻲ ﺟﺞ ﭤﻲ ۱۹۷۹ .۾ اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎدي ﮐﻲ ان ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ ﭘﻮﺳﭧ ﺗﺎن ﻻﭤﻮ وﻳﻮ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺧﻴﺎل ﻫﻮ ﺗﻪ اﺳﻼم ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺟﺞ ﭤﻴﮡ ﻻ روﻛﻲ ﭤﻮ .ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ رﺳﺎﻟﻦ ﻻ ﻣﻀﻤﻮن ۽ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ: History and Documentation of Human Rights in Iran.
1.
Iran Awakening- A Memoir of Revolution and Hope.
3.
The Rights of the Child.
2.
اڄ ﮐﺎن ﭘﻨﺞ ﺳﺎل اڳ ۲۰۰۳۾ اﻳﺮان ﺟﻲ وﻛﻴﻞ ﻋﻮرت ﻋﺒﺎدي ﺷﻴﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺳﺌﻴﮉن وارن دﻧﻴﺎ ﺟﻮ وڏي ۾ وڏو اوارڊ Noble Peace Prizeڏﻧﻮ ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ -ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﺑﻴﻨﻈﻴﺮ ﭜﭩﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ﭤﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﻋﺒﺎدي ﺷﻴﺮﻳﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ اوارڊ ﻣﻠﻴﻮ .ﻫﻮن ﻋﺒﺎدي ﺷﻴﺮﻳﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ اﻋﺰاز ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻋﻮرت آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﺟﺞ ﭤﻲ .ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻋﺒﺎدي ﺷﻴﺮﻳﻦ ﺑﻌﺪ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭔﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻧﻮﺑﻞ ﭘﻴﺲ ﭘﺮاﺋﻴﺰ ﻧﻪ ﻣﻠﻴﻮ آﻫﻲ .ﻫﺎ اﻟﺒﺖ ﻫﻚ ﻋﻮرت ۱۹۹۷۾ ان اوارڊ ﻻ nominate ﺿﺮور ﭤﻲ ﻫﺌﻲ ۽ اﻫﺎ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮي ﻣﺌﮉم ﺳﻴﻤﻴﻦ ﭜﭝﺎﻧﻲ ﻫﺌﻲ.
ﺳﻴﻤﻴﻦ ﻣﺎڊرن ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ ﺟﻲ وڏي اﻫﻢ ادﺑﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺳﺮاج ﻣﻴﻤﮡ ،آﻏﺎ ﺳﻠﻴﻢ ،اﺣﻤﺪ ﻓﺮاز ۽ ﺷﻴﺦ اﻳﺎز ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻦ .ﭘﺎڻ ۱۹۲۷۾ ﺗﻬﺮان ۾ ﭴﺎﺋﻲ ۽ اﭸﺎن ﺣﻴﺎت آﻫﻲ .ادﻳﺐ ﻫﺠﮡ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮ ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮه ﭘﮡ آﻫﻲ .ﭘﺎڻ ﻋﺮﺑﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ وڏي ﺷﺎﻋﺮ ﻋﺒﺎس ﺧﻠﻴﻠﻲ ﺟﻲ ڌي آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﺎ ۱۱۰۰ ﺷﻌﺮ ﻋﺮﺑﻲ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﺎ ۽ ۱۹۷۱۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ .ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۸۹۳ﻫﻮ. ﺳﻴﻤﻴﻦ ﭜﭝﺎﻧﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﻤﻴﻦ ﺧﻠﻴﻠﻲ ﻫﻮ” ،اﻳﺮاﻧﻴﻦ راﺋﻴﭩﺮس اﺋﺴﻮﺳﻴﺌﻴﺸﻦ“ ﺟﻲ ﺻﺪر ﭘﮡ آﻫﻲ .ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ادﻳﺒﻦ ۽ ﺷﺎﻋﺮن ﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﮡ ﺟﻮ ﺷﻮق آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان ۾ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔﻪ رﻫﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ۽ ﺳﻴﻤﻴﻦ ﭜﭝﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﻓﻮن ذرﻳﻌﻲ ﭨﺎﺋﻴﻢ ﭘﮁﻲ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ -ﻳﺎ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ اﺧﺒﺎر ﺟﻲ آﻓﻴﺲ ۾ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻮ. ﻫﻮ اﻫﮍن ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﮔﺎﻫﻦ ۽ ﻓﻮن ﻧﻤﺒﺮن ﺑﺎﺑﺖ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ.
ﺳﻴﻤﻴﻦ ﭜﺎﭜﺎﻧﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ .ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﻮﻟﻴﭩﻴﻜﻞ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ۾ ﻻﻫﻮر ۾ ﺟﻨﻢ وﭠﻨﺪڙ ﻋﻠﻲ اﻣﺎم رﺿﻮي ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﺳﭩﻮڊﻧﭧ ﺳﻨﺪن ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ﺟﻲ ﻟﺌﺒﺮري ۾ ﺳﻴﻤﻴﻦ ﭜﭝﺎﻧﻲ ﺟﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ ﻛﺘﺎب ڏﻳﮑﺎرﻳﺎ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺳﺎن آﻫﻲ .اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺘﺎب ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: -
ﺗﺎر ﺷﻜﺴﺘﻪ‘ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ۱۹۵۱۾ ﻟﮑﻴﻮ( ’) The Broken Luteﺳﻴ ِ ﮫ ِ
ﺧﻂ ﺻﻮرت و آﺗﺶ‘ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ(. ) A Line of Speed and Fireﻓﺎرﺳﻲ ﻛﺘﺎب ’ ِ
آﻫﻲ(.
) Paper Dressﻛﺎﻏﺬي ﺟﺎﻣﻪ(
) A Window of Freedomﻓﺎرﺳﻲ ﻛﺘﺎب ’ﻳﻚ درﻳﭽﻪ آزادي‘ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ .ﻫﻲ ﻛﺘﺎب ﺳﻨﺪس ۱۹۹۵ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ
اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻦ اﻫﻢ ﭘﺮ وڏي ﻋﻤﺮ ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ :ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ۽ ﺳﻴﻤﻴﻦ ﭜﺎﭜﺎﻧﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ ﺑﻌﺪ ﭔﻪ ﭨﻲ ﺳﭩﻮن ﻣﺮﻳﻢ ﻣﺮزا ﺧﺎﻧﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ،ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﺑﻴﺤﺪ ذﻫﻴﻦ ۽ ﻣﻮﺟﺪ ) (Inventorاﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرت ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﭤﻮ ﺳﻤﺠﻬﺎن -ﺧﺎص ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﺷﺎﮔﺮدن ﻻ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺌﭥﻤﺌﭩﻜﺲ ۾ ﻣﭥﺎﻫﻴﻦ درﺟﻲ ﺟﻮن ڊﮔﺮﻳﻮن ) M.Sc۽ (Ph.Dﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ. ﻣﺮﻳﻢ ﻣﺮزا ﺧﺎﻧﻲ ﻻ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭴﻤﻨﺪي ﺋﻲ ﻣﺌﭥﻴﻤﻴﭩﻴﺸﻦ رﻫﻲ آﻫﻲ .ﻣﺮﻳﻢ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ آﻫﻲ. ﻫﻮ ۱۹۷۷ ۾ ﺗﻬﺮان ۾ ﭴﺎﺋﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻮ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﭘﺮﻧﺴﭩﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ .ﻣﺮﻳﻢ ﻣﺮزاﺧﺎﻧﻲ ﺟﺎ رﻳﺴﺮچ ﺟﺎ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ: Symplectic Geometry Teichmuller theory
Hyperbolic geometry
Ergodic theory
• •
• •
ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺮﻳﻒ ”ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ“ ﻣﺎن ۱۹۹۹۾ ﻣﺌﭥﺲ ۾ B.Sc۽ ان ﺑﻌﺪ M.ScﻛﻴﺎﺋﻴﻦPh.D . ڊﮔﺮي ۲۰۰۴۾ ﻫﺎرورڊ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ .ﭘﺎڻ ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۾ ۱۹۹۴۾ ۽ ﻛﺌﻨﺎڊا ۾ ۱۹۹۵۾ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ Mathematical Olympiad۾ ﮔﻮﻟﮉن ﻣﻴﮉل ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎ.
ﻣﺪدي ﻛﺘﺎب -ﺗﺎرﻳﺦ اﻳﺮان ﻗﺪﻳﻢ
ﻣﺤﻤﺪ ﺣﻴﺎت
Temporary Marriages in Isamie law
By Sachiko
-اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب
ﮔﻠﺴﺘﺎن ﺳﻌﺪي-ﺑﻮﺳﺘﺎن ﺳﻌﺪي
ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻣﻨﻈﻮر ﻧﻌﻤﺎﻧﻲ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﻗﺎﺳﻢ ﺳﻮﻣﺮو
= =
=
=
-ﭘﻨﺪ ﻧﺎﻣﻮ ﻋﻄﺎر -ﺳﻨﮅي
ﻣﺤﻤﺪ ادرﻳﺲ اﻟﺴﻨﮅي
-ﺗﺸﺒﻴﻬﺎت روﻣﻲ -ﺳﻨﮅي
ﻣﺨﺪوم ﻋﺒﺪاﻟﺠﺒﺎر ﺻﺪﻳﻘﻲ
-ﻛﻮه ﻣﺎوﻧﺪ
ﻗﺮة اﻟﻌﻴﻦ ﺣﻴﺪر
ﺣﻜﺎﻳﺎت روﻣﻲ -اردوﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﮫ اﻳﺮان-اﻳﺮان ﻳﺎﺗﺮا
رﺋﻴﺲ اﺣﻤﺪ
ﺳﻴﺪ اﺳﻌﺪ ﮔﻴﻼﻧﻲ ﻋﻠﻲ ﺳﻔﻴﺎن آﻓﺎﻗﻲ
-اﻳﺮان ۱۸۴۵اﻳﺮان ۱۸۸۵
ﺟﻲ ﭘﻲ ﻓﺮﻳﺌﺮ /ﻫﻴﮉن
-ﻣﻴﺮا ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﮫ
ﺣﺎﻓﻆ ﺗﻘﻲ اﻟﺪﻳﻦ
-دﻳﮑﻬﻪ ﻟﻴﺎ اﻳﺮان
-ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﮫ اﻳﺮان آﺟﻴﻞ
اﻓﻀﻞ ﻋﻠﻮي
ﻛﻮﻛﺐ ﺧﻮاﺟﮫ
-ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺳﻲ دﻳﺎر ﺣﺮم ﺗﻚ
ﻧﺴﻴﻢ ﺣﺠﺎزي
ﻋﻮرت -زﺑﺎن ﺧﻠﻖ ِﺳﻲ زﺑﺎن ﺣﺎل
ﻛﺸﻮر ﻧﺎﻫﻴﺪ
Journey through Iran
ﻧﻮرﻳﻦ ﻧﺠﻴﺐ
Western Civilization by Muslim Eye
ﻣﺠﺘﺒﻲ ﻣﻮﺳﻮي ﻻري ﺳﻴﺪ ٰ
-ﺷﻜﺴﺖ ﺷﺐ
ﺳﻴﺪ اﻧﻮار اﺣﻤﺪ ﺑﻠﮕﺮاﻣﻲ
-ﻣﻨﺘﺨﺐ ﺣﻜﺎﻳﺎت -ﻣﺜﻨﻮي
رﺑﺎﻋﻴﻮن ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻮن-ﻣﺰدڪ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾
ﻣﺮﺗﺐ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﻴﺎس ﻋﺎدل ﺑﺸﻴﺮ ﺳﻴﺘﺎﺋﻲ
آﻓﺘﺎب ﺳﻮﻣﺮو