Char darvaish

Page 1

‫چار درويش‪:‬ڪتاب‬ ‫امام بخش ”خادم“‬

‫ڇپائيندڙ پاران‬ ‫ڪنهن به سماج‪ /‬قوم جي مهان ۽ معتبر ٿيڻ ال ِء ضروري آهي‪ ،‬ته اهو سماج‪ /‬قوم علمي ڪمن ۽ مطالعاتي سرگرمين ۾‬ ‫اڳڀري هجي‪ .‬ڇاڪاڻ جو اهڙيون سرگرميون ئي ڪنهن به معاشري کي بُري ۽ ڀلي جي وچ ۾ تميز سيکارين ٿيون‪ ....‬۽‬ ‫اهڙي تميز ئي قومن کي عظمت بخشي ٿي‪ .‬اجتماعي سطح تي علمي ۽ مطالعاتي ذوق کي سگهاري بنائڻ ال ِء پڻ ضروري‬ ‫آهي‪ ،‬ته قوم جي نئين نسل کي انهي َء ڏس ۾ متحرڪ ۽ متوجهه ڪجي‪ .‬ظاهر آهي ته نئين ٽهي َء ۾ پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جي عادت‬ ‫وجهندي‪ ،‬کيس ابتدائي مرحلي ۾ ڏکين ۽ گهرين تحريرن سان متعارؾ ته ڪو نه ڪرائبو! بلڪه کيس شروعاتي دور ۾ اهڙين‬ ‫آسان پرسبق آموز لکڻين کان واقؾ ڪبو‪ ،‬جيڪي پنهنجي سادي پر سحر انگيز اسلوب سان دلين تي نقش ٿينديون وينديون ۽‬ ‫اجتماعي سطح تي اخالقي تربيت سان گڏ‪ ،‬مطالعي ال ِء پڻ اُتساهه پيدا ڪنديون‪.‬‬ ‫ٰ‬ ‫اعلي ڪارج پيدا ڪرڻ ۾ جتي ٻين داستانن‪ ،‬قصن‪ ،‬ڪهاڻين‪ ،‬ناولن ۽ تحريرن مڃتا ماڻي‬ ‫گذريل صدي َء جي‪ ،‬سنڌ ۾ اهڙي‬ ‫آهي‪ ،‬اُتي زير مطالعه تصنيؾ ”چار درويش“ جي اهميت کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي‪ .‬هن ڪتاب ۾ سموئيل اخالقي‬ ‫تربيت جا گوهر‪ ،‬قصه خواني َء جا جوهر ۽ مقصديت جا موتي اهڙي دلفريب انداز ۾ پوئيل آهن‪ ،‬جو ڪو به نئون پڙهندڙ‬ ‫گهڻي قدر ”چار درويش“ کي هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پرو ڪرڻ جي خواهش رکندو‪ .‬اهڙي َء طرح هي َء تحرير ڪنهن به‬ ‫سيکڙاٽ کي وڌيڪ مطالعي تي اُتساهيندي‪ ،‬منجهس آخرڪار سنجيده ۽ گهري فڪر سان سلهاڙيل بامقصد ڪتاب پڙهڻ جي‬ ‫عادت وجهي ٿي‪.‬‬ ‫ُ‬ ‫”چار درويش“ جيتوڻيڪ بنيادي طرح فارسي َء ۾ لکيل ڪتاب آهي‪ ،‬پر ان جي لکندڙ بابت محققن ۾ اختالؾ آهي‪.‬‬ ‫مختلؾ محققن گهٽ ۾ گهٽ چئن مختلؾ صاحبن کي هن تحرير جو ليکڪ ڳڻايو آهي‪ ،‬پر اوهان جي مطالعي هيٺ هي ڪتاب‬ ‫اردو َء ۾ نامياري ليکڪ ”مير امن“ جي اردو ترجمي تان سنڌي ٻولي َء ۾ آندو ويو آهي‪ .‬اها حقيقت آهي ته ”چار درويش“‬ ‫ترجمي جو به ترجمو آهي‪ ،‬پر جيئن ته اهو ترجمو حاجي امام بخش ”خادم“ جهڙي علمي شخصيت جي هٿن کي ڇُهي‬ ‫پڙهندڙن تائين پهتو آهي‪ ،‬تنهن ڪري اهو ترجمو لڳي ئي نٿو‪ .‬حاجي صاحب شڪارپور جي انهي َء بدوي خاندان جو بزرگ‬ ‫آهي‪ ،‬جنهن سنڌي ٻولي َء ۽ ادب کي لطؾ هللا بدوي َء جهڙا معلم‪ ،‬محقق ۽ مترجم ڏنا‪ .‬شايد اسان منجهان گهٽ ماڻهن کي پتو‬ ‫اهل دل هجڻ سان گڏوگڏ لطؾ هللا بدوي جهڙي نامياري شخصيت جا والد‬ ‫اهل علم ۽ ِ‬ ‫هوندو ته حاجي اام بخش ”خادم“ صاحب ِ‬ ‫بزرگوار پڻ هئا‪.‬‬ ‫هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ‪1895‬ع ۾ شڪارپور جي مشهور پبلشر پوڪرداس ڇپرايو‪ ،‬پر بعد ۾ ٻين ڪيترن ادارن ۽‬ ‫شخصن بنا احتياط اُن کي بار بار ڇپرائي اصل متن کي اڻ وڻندڙ اضافن سان گدلو ڪري ڇڏيو‪1960 .‬ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ‬ ‫جي تڏهوڪي سيڪريٽري جناب محمد ابراهيم جويي صاحب جن هن ڪتاب کي نئين سر سنواري سُڌاري بورڊ طرفان ان‬ ‫جو مستند متن تيار ڪرائي ڇپائي پڌرو ڪيو‪ .‬ڇپجڻ کان پو ِء ڪتاب ٿوري ئي عرصي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ۽ سنڌ جا ڪئين‬ ‫ٻالڪ هن دلپذير تحرير مان الڀ پرائي‪ ،‬نه رڳو جوان ٿيا پر عالم‪ ،‬اُستاد ۽ سياستڪار پڻ بڻيا‪ .‬ڪتاب جي اهڙي اهميت‬ ‫هوندي به اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ابتدائي مطالعاتي ذوق ۾ مدد ڏيندڙ هن ڪتاب جو گذريل ‪ 45‬سالن ۾ بورڊ طرفان ٻيو‬ ‫ڇاپو پڌرو نه ٿي سگهيو آهي‪.‬‬ ‫”چار درويش“ جي قصي جي پراڻي مقبوليت ۽ انهي َء جي اهميت کي نظر ۾ رکندي‪ ،‬مئنيجر ڪتاب گهر سنڌي ادبي‬ ‫بورڊ جي سفارش تحت‪ ،‬هن ڪتاب کي ٻيهر پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو‪ .‬اُميد اٿئون ته نئين دور جي پڙهندڙن‬ ‫خصوصا ً ثانوي درجن جي ٻارڙن ال ِء هي ُء ڪتاب نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو‪.‬‬ ‫ڄام شورو‪ ،‬سنڌ‬ ‫انعام هللا شيخ‬ ‫‪ 10‬جنوري ‪ 2005‬ع‬ ‫سيڪريٽري‬ ‫بمطابق‬ ‫سنڌي ادبي بورڊ‬ ‫‪ 28‬ذوالقعد ‪ 1425‬هجري‬

‫*‬


Turn static files into dynamic content formats.

Create a flipbook
Issuu converts static files into: digital portfolios, online yearbooks, online catalogs, digital photo albums and more. Sign up and create your flipbook.